ايڇ ٽي لئمبرڪ
سنڌ جي تاريخ، جاگرافي ۽ آثار قديمہ تي مھارت رکندڙ ۽ سنڌ جي اڳوڻي انگريز عملدار ايڇ. ٽي لئمبرڪ 20 اپريل (Hugh Trivor Lamberic) 1904ع ۾ برطانيا ۾ جنم ورتو. ھن آڪسفورڊ جي اورينٽيئل ڪاليج ۾ تعليم ورتي ۽ جديد تاريخ ۾ نمايان پوزيشن حاصل ڪئي. ھن جو ھڪ اھڙي انگريز خاندان سان واسطو ھو، جن جي فردن سنڌ ۾ انگريزن جي آمد کان اڳ ۽ 1843ع ۾ سنڌ جي فتح کان پوءِ ملازمت ڪئي ھئي. ھن جو نانو 1889ع ۾ سنڌ جو ڪمشنر رهي چڪو ھو. ايڇ. ٽي. لئمبرڪ 1927ع ۾ انڊين سول سروسز ۾ شامل ٿيو ۽ آءِ.سي.ايس (I.C.S) جي کليل چٽاڀيٽيءَ واري امتحان ۾ پھريون نمبر آيو ۽ آءِ.سي.ايس جي بمبئيءَ ڪيڊر ۾ شامل ٿيو. اھڙيءَ طرح ھو 1927ع کان 1946ع تائين سنڌ ۾ ڪيترن ئي انتظامي عھدن تي رهيو. لئمبرڪ 1933ع ۾ سنڌ ايڊمنسٽريٽو ڪميٽيءَ جو سيڪريٽري رهيو، جنھن ڪميٽيءَ جي ميمبرن ۾ سر عبدالله ھارون ۽ ايوب کھڙو شامل ھئا، جن کي 1935ع جي گورنمينٽ آف انڊيا ائڪٽ ھيٺ بمبئي پرڳڻي کان ڌار ٿيندڙ خودمختيار سنڌ صوبي جي سموري انتظامي جوڙجڪ تيار ڪرڻ جي ذميواري سونپي وئي ھئي. 1940ع واري ڏھاڪي ۾ ھو حُرن جي ڪاررواين ۾ ملوث ٿيو، جنھن دوران سڄي اڀرندي سنڌ تي مارشل لا مڙهي وئي ھئي ۽ ھن مارشل لا ائڊمنسٽريٽر جي حيثيت ۾ حُرن تي سختيون ڪيون. مرحوم آغا عبدالنبي سندس ھٿ ھيٺ نائب نائب ائڊمنسٽريٽر طور ڪم ڪيو. حُر تحريڪ جي پسمنظر ۾ ناول جي انداز ۾ لکيل سندس ڪتاب ”The Terrorist“ مشھور آھي، جنھن ۾ 1940ع واري ڏھاڪي جي حُر تحريڪ تي روشني وڌل آھي. ھن ڪتاب ۾ ڪيتريون اعتراض جوڳيون ڳالهيون بہ لکيل آھن، جن سان حُر تحريڪ سان لاڳاپيل ماڻهن ۽ سنڌ جي تاريخدانن کي سخت اختلاف آھن. ھن ڪتاب جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ”حُر گوريلا جنگ“ جي نالي سان مشھور اديب عطا محمد ڀنڀري 2002ع ۾ ڪيو آھي. لئمبرڪ 1934ع کان 1935ع تائين جيڪب آباد ضلعي جو ڊپٽي ڪليڪٽر رهيو، ٿوري عرصي تائين بدلي ٿيڻ بعد وري ھڪ سال ھن ئي ضلعي جو ڊپٽي ڪليڪٽر رهيو. سنڌ ۾ نوڪريءَ دوران لئمبرڪ سنڌي زبان تي چڱي مھارت حاصل ڪئي. ھن واندڪائيءَ وارو وقت سنڌ جي قديم تاريخ، جاگرافي، آرڪيالاجي، قومن ۽ قبيلن جي ڄاڻ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي اڀياس لاءِ وقف ڪري ڇڏيو ھو. انهن موضوعن تي ھن ”سنڌ ھسٽاريڪل سوسائٽيءَ“ جي جرنل ۾ ڪيترائي مضمون لکيا ۽ خود ھن سوسائٽيءَ جو 1940ع کان 1943ع تائين صدر پڻ رهيو. 1947ع ۾ لئمبرڪ انڊين سول سروس تان رٽائرمينٽ کان پوءِ سنڌ ڇڏي انگلينڊ ھليو ويو، جتي کيس اورينٽيئل ڪاليج آڪسفورڊ ۾ ”هندستاني تاريخ“ ۾ سينيئر ريسرچ فيلو مقرر ڪيو ويو، جتي ھن 1971ع تائين ڪم ڪيو. ھن کي 1971ع ۾ آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ مان ڊي.لِٽ جي ڊگري ڏني وئي ۽ اورينٽيئل ڪاليج جو فيلو ايمريٽس (Fellow Ameratus) چونڊيو ويو. ايڇ.ٽي لئمبرڪ انگلينڊ واپسيءَ واري وقت شادي ڪئي، سندس گهر واري گئبلري وقت کان اڳ 1968ع ۾ گذاري وئي. کيس ٻہ پٽ، رچرڊ ۽ وليم ٿيا. ايڇ.ٽي لئمبرڪ خود ھڪ ڊگهي بيماريءَ کان پوءِ 31 آگسٽ 1982ع تي وفات ڪئي. وفات کانپوءِ سندس وصيت موجب سندس ٻئي پٽ، ھن جي سموري لائبريري لنڊن کڻائي آڻي، سنڌالاجي کي تحفي طور ڏني ھئي. ايڇ. ٽي. لئمبرڪ کي سنڌ، سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌي لباس سان پيار ھو. ھو بوسڪيءَ جي جوڙي ۽ پٽڪي ۾ ملبوس رهندو ھو. سنڌ ڇڏڻ کان پوءِ جڏهن لنڊن جي آڪسفورڊ شھر ٻاھران بُوئر جي ٽڪريءَ تي رهائش پذير ھو، تڏهن سنڌ جو ڪو ماڻهو ساڻس گهر تي ملڻ ويندو ھو تہ ان کي سنڌ جي تاريخ ۽ ثقافت جا رنگين قصا ٻڌائي خوش ٿيندو ھو، ھن سنڌ بابت ڪيترائي ڪتاب لکيا آھن، جن ۾ ھيٺيان مشھور آھن: (i) Sir Charles Napier and Sindh (1952). (ii) John Jacob of Jacobabad (1966). (iii) Sindh: A General Introduction Vol:I. (iv) Sindh Before Muslim Conquest Vol:II. ھن پويان ٻئي ڪتاب، سنڌي ادبي بورڊ جي گذارش تي لکيا ھئا، جن مان پھريون ڪتاب 1964ع ۾ ۽ ٻيو ڪتاب 1973ع ۾ شايع ٿيو ھو، جنھن جا ان کان پوءِ بہ ٻہ ٻہ ڇاپا اچي چڪا آھن. ھنن ٻنهي ڪتابن جو سنڌيءَ ۾ ترجمو: ”سنڌ: ھڪ عام جائزو“ ۽ ”سنڌ: مسلمانن جي فتح کان اڳ“ عنوان سان سنڌي ادبي بورڊ پاران، ترتيبوار 1982ع ۽ 1984ع ۾ ڇپيا ۽ ٻنهي ڪتابن جا ھن وقت تائين ٽن کان وڌيڪ ڇاپا ڇپجي چڪا آھن. پھرين ڪتاب جو ترجمو سليم احمد ۽ ٻئي جو سومار علي سومري ڪيو ھو. کيس سنڌ جي تاريخ تي ڪم ڪرڻ جي صلي ۾ ”سنڌ: صدين کان سيمينار“ جي موقعي تي 1975ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ پاران اعزازي ڊاڪٽوريٽ جي ڊگري ڏني وئي. ”ليمبرڪ پيپرس“ انگلينڊ ۾ پڌرا ڪيا ويا، جن ۾ انگريزي دور ۾ حُرن بابت ايڇ. ٽي. لئمبرڪ جي سموري لکپڙهه شامل آھي. ان مواد کي ”سي.ڊي“ جي صورت ۾ محترم خادم حسين سومري سنڌ آندو ھو، ۽ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي ھال ۾ اٿارٽيءَ ۽ سنڌ ايڊيوڪيشن ٽرسٽ جي سھڪار سان 25 جنوري 2009ع تي جناب ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ان پروگرام جي رونمائي ڪئي ھئي. ان موقعي تي اديبن ۽ عالمن ان مواد تي روشني وجهندي چيو ھو تہ ھي مواد اختلافي آھي، جنھن ۾ حرن خلاف انگريزن جو ھڪ طرفو موقف پيش ڪيل آھي، بھرحال ان جي روشنيءَ ۾ سنڌ جي تاريخ جي اھم رخن جو نئين سر جائزو وٺي سگهجي ٿو.
- جنم: 1904-04-20
- ورسي: 1982-08-31
1
ڪُل ڪتاب
0
پسند ڪيل