ڊاڪٽر ايس آر رائو

مشھور محقق ۽ آثار قديمہ جو ماھر، ڊاڪٽر ايس آر رائو جو پورو نالو شڪاريپورا رنگناٿ رائو (Shikaripura Ranganath Rao) ھو. ھن پھرين جولاءِ 1922ع تي رياست ميسور (هاڻي ڪرناٽڪ) جي ڳوٺ ’آنند پورم‘، ضلعي شِموگا جي ھڪ برهمڻ خاندان ۾ جنم ورتو. پنھنجي تعليم ميسور يونيورسٽيءَ مان مڪمل ڪئي. کيس قديم آثارن سان وڏي دلچسپي ھئي. ھن بڙودا رياست جي آثارِ قديمه واري کاتي ۾ ملازمت ڪئي ۽ گڏوگڏ آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا ۾ مختلف عھدن تي رهي ڪم ڪيو. ھن رنگپور (Rangpur)، امريلي (Amreli)، ڀڳتراو (Bhagtrav)، دوارڪا (Dwarka)، ھانر (Hanur)، آھولي (Aihole)، ڪويري پتنام (Kaveri Pattinam) ۽ ٻين ماڳن جي کوٽاين ۾ حصو ورتو. سندس اھم ڪم لوٿل جي ماڳ تي تحقيق ۽ ان جي کوٽائي آھي. لوٿل، تاريخ جي اوائلي بندر ۽ ھندستان ۾ سنڌو تهذيب جو ھڪ اھم ماڳ آھي. ڊاڪٽر رائو، جواھرلال نهرو فيلوشپ سان گڏ ميسور يونيورسٽيءَ مان ادب ۾ پي ايڇ ڊي ڪئي. ھن ڀارت ۽ ڀارت کان ٻاھر اولهه ۽ ڏکڻ جي ڪيترن ملڪن جي اھم ماڳن جي کوٽائيءَ ۾ حصو ورتو. ان سان گڏوگڏ تاج محل ۽ ٻين ڪيترن تاريخي قلعن جي تحفظ ۽ بحاليءَ سان بہ لاڳاپيل رهيو. ھن ڪرناٽڪ (ميسور) جي قديم تصويرن تي پڻ معياري تحقيق ڪئي. 1980ع ۾ سرڪاري طرح رٽائرڊ ٿيڻ جي باوجود ڊاڪٽر رائو کي، انڊيا ۾ آثار قديمه جي اھم رٿائن ۾ ڊائريڪٽر جنرل طور ڪم ڪرڻ جي گذارش ڪئي وئي. ڊاڪٽر رائو جي ڪوششن سان 1981ع ۾، اڳوڻي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر سيد ظھور قاسم (Dr. S. Z. Qasim) جي سربراھيءَ ۾، مئرين آرڪيالاجيڪل ريسرچ سينٽر قائم ڪيو ويو، جيڪو دنيا جو مڃيل ادارو آھي. ھي انڊيا ۾ ’سوسائٽي آف مئرين آرڪيالاجي‘ جو باني رهيو. ڊاڪٽر رائو ھندستان جي قديم آثارن جي ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين سربراھي ڪئي. ھي ھندستان جي قديم ۽ ڏندڪٿائي ماضيءَ تي، خاص ڪري ’ڪورون ۽ پانڊون جي جنگ‘ بابت ’سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب‘ وارن ماڳن جي روشنيءَ ۾ تحقيق ڪئي. ايس آر رائو، سنڌو لکت جي ڀاڃ تي وڏو ڪم ڪيو. ان ڏس ۾ ھن ھڪ اھم ڪتاب Dawn & Devolution of Indus Script لکي، 1991ع ۾ دھليءَ مان شايع ڪرايو. ھن سنڌو لکت جي ھڪجهڙائيءَ ۽ اُن جي ٻين اولهه ايشيائي زبانن جي لکتن ۽ آوازي اگهن (Sound Values) تي بہ اھميت جوڳو ڪم ڪيو. ھن سنڌو مهرن تي بہ وڏو ڪم ڪيو. سندس ڪتاب Dawn & Devolution of Indus Script جي ھڪ باب جو سنڌيءَ ۾ مشھور ليکڪ عطا محمد ڀنڀري ترجمو ڪيو آھي، جيڪو سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ ’سنڌو لکت ۽ ٻولي‘ جي عنوان سان، 1994ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. ايس آر رائو جي راءِ موجب سنڌو لکت، برهمي ۽ سامي لکتن کان آڳاٽي آھي. اھي لکتون، سنڌو لکتن تان ورتيون ويون آھن. ھن کوجنا ڪري ڄاڻايو تہ 17 نشانيون اھڙيون آھن، جيڪي سنڌو ۽ سامي لکت ۾ ھڪجهڙيون آھن ۽ 16 نشانيون وري اھڙيون آھن، جيڪي برهمي لکت سان ھڪجهڙائپ رکن ٿيون. ھن 1000 ق. م واري دؤر جي سنڌو لکت تي بحث ڪندي لکيو آھي ته، ”اسان کي پوئين دؤر جي دوارڪا ٻيٽ ۽ جبلن تي برهمي لپيءَ ۾ اشوڪ جي لکت مان ڄاڻ پوي ٿي تہ برهمي لکت، سنڌي تصويري الف ب تان ورتل آھي ۽ سنڌو لکت ۾ بہ اھڙا مکيه اصول آھن، جن برهمي لکت تي گهرو اثر ڪيو آھي.“ سنڌي ۽ قديم ايراني ٻوليءَ بابت بحث ڪندي ڊاڪٽر ايس. آر. رائو ٻڌايو آھي ته، ”سنڌي ٻوليءَ جو قديم ايرانيءَ سان بہ لاڳاپو ھو.“ سندس دعويٰ آھي تہ سنڌي ٻولي آرين جي ٻوليءَ کان وڌيڪ پراڻي آھي ۽ اُھا دراوڙي ٻوليءَ سان بلڪل واسطو نٿي رکي. ھن سنڌو مهرن (Indus Seals) جي لکتن کي پڙهڻ جي پڻ ڪوشش ڪئي، خاص ڪري انگن جي ڀاڃ ھن ريت ڪئي اٿائين: ٻارهن+دودس، ڏهه/دس (Dvadasa)، ست (Dasa)، پنج (Happta/Sapa)، چار (Panta)، ٽي (Catus)، ايڪ (Aekatra) سؤ (Sata). دوارڪا جي ’ڏندڪٿائي شھر‘ بابت ڊاڪٽر ايس آر رائو جو بيان آھي تہ ھي وشنو جي اٺين اوتار ڪرشن جي جنم ڀومي آھي. رائو جي تحقيق ۽ مهاڀارت موجب ڪرشن، دوارڪا ٻيٽ ۾ دوارڪا قلعي جو بنياد رکيو ھو، جنهن جا کنڊر سمنڊ ھيٺ اچي ويا آھن. ان کان پوءِ ھن گومتي نديءَ جي ڪناري تي ٻيو شھر جوڙايو ھو. دوارڪا ٻيٽ تي ڊاڪٽر رائو ۽ سندس ٽيم 500 ميٽر ڊگهي ھڪ ديوار ڳولي لڌي، جيڪا ڪناري تان ڏسڻ ۾ اچي ٿي. اتان لڌل ٺڪراٺي جي عمر 1528 ق. م آھي. ھتان ڊاڪٽر رائو کي پٿر جي ٽن سوراخن واريون مهرون وڏي تعداد ۾ ھٿ آيون. ھن دوارڪا وٽان سمنڊ مان مليل مهرن کي لوٿل ۽ موهن جي دڙي جي مهرن جو تسلسل سڏيو آھي، جتان ھڪ سوراخ واريون مهرون مليون آھن. آثار قديمه جي ھن ماھر 3 جنوري 2013ع تي، 90 سالن جي عمر ۾ بينگلور ۾ وفات ڪئي.

  • جنم: 1922-07-01
  • ورسي: 2013-01-03
1

ڪُل ڪتاب

0

پسند ڪيل

ليکَڪ جا ڪِتاب

book image