ضميري نشانيون
ضميري نشانيون ٻه آهن.
1- ضمير منفصل:
اهي ضميري نشانيون، جيڪي اسم سان چھٽڻ بدران، ان کان پري بيٺل هجن.
مثال:
		 مٿو سور ٿو ڪريمَ.
جيئنس ڌڻي، مرنس چور.
هنن جملن ۾ مَ-سَ-ضمير، منفصل جون نشانيون آهن.
2- ضمير متصل:
متصل جي معنى آهي چھٽيل. اهي ضميري نشانيون، جيڪي اسم سان چھٽيل هجن.
مثال:
پٽم		=	منهنجو پُٽ
پٽئي		=	تنهنجو پُٽ
پٽھين	=	تنهنجو پُٽ
پٽوَ		=	اوهان جا پُٽ
پُٽس		=	هنجو پٽ
پُٽن		=	هنن جا پُٽ
هنن جملن ۾ مَ-ئي-هين-ئو-س، نَ، ضمير متصل جون نشانيون آهن.
