ملندي آزادي، ملندي آزادي، سيّد سوچي ٿو. ٿيندي پنهنجي ڀونءِ جي، سُک سان شادي. سيّد سوچي ٿو. ڪيسين رهندي ماٺ ۾، هيڏي آبادي؟! سيّد سوچي ٿو. پنهنجي دشمن جي اجها، ٿيندي بربادي. سيّد سوچي ٿو. آهي سنڌ اتهاس ۾، آدي جُڳادي. سيّد سوچي ٿو.