ارپنا
حسين سرور جي شريڪ حيات
۽ سندس ٻارڙن
آدرش ۽ سنڌيا جي نالي
حسين سرور خوبصورت احساسن ۽ جذبن جو شاعر ھيو جيڪو جوانيءَ ۾ ئي اسان کان وڇڙي ويو. اسان جڏهن هن جي شاعري پڙهون ٿا تہ هوُ اسان جي اکين ۾ زندهه آهي. سندس شاعري پڙهندي محسوس ٿيندو تہ هي انھن نوجوان شاعرن مان آهي جن ڪڏهن بہ سياسي جدوجھد ۾ هلندي، سنڌ جي سونھن ورونھن ۽ آزادي لاءِ خواب ڏسندي عام نعرن جو سھارو نہ ورتو. حسين سرور پنھنجي شاعريءَ ۾ سماجي حقيقت نگاري ۾ رنگ ڀرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
ھيءُ ڊمي مواد آھي توھان ھِي ڏٺو آھي؟؟
حسين سرور جي شريڪ حيات
۽ سندس ٻارڙن
آدرش ۽ سنڌيا جي نالي
ھي ٺڪر جون ٻه ڪونڊيون جيڪي گذريل ڪيترن ئي سالن کان مون کي آڪاش ۾ اڏرندڙ آزاد پکين سان الاءِ ته ڪهڙي رشتي ۾ ڳنڍيون ويٺيون آھن، هڪ ۾ سادو پاڻي ۽ ٻيءَ ۾ فقط ماني ڀوري.
جڏھن ٻئي ڪونڊيون صبح ويل پنهنجي گهر جي ديوار تي رکندو آھيان ته گهر جو اڳنڌ پکين جي مختلف ٻولين سان گونجي اٿندو آ.
ڪنهن نبيءَ جيان پکين جي ٻولي سمجهڻ جهڙي ڪا دعوى ته نٿو ڪريان پر ايتري پڪ اٿم ته هاڻي هنن پکين لاءِ آئون اوپرو ناهيان رهيو، منهنجي گهر جي اڳنڌ کي هي پکي هاڻ پاڻ لاءِ محفوظ سمجهڻ لڳا آھن.
گرميءَ جي موسم آ سو اوهان سڄڻن کي به اهوئي عرض ڪندس ته اوهان جتي به وسو ٿا پنهنجي آس پاس ۾ هنن پکين لاءِ گهٽ ۾ گهٽ پاڻي جو بندو بست ڪندا رهو ته جيئن اوهان جي گهرن جا اڳنڌ به پکين جي مٺڙين ٻولين سان گونجندا رهن.
26 سيپٽمبر 2021 تي صبح سمي فيس بوڪ ياد ڏياريو تہ اڄ پياري حسين سرور جو جنم ڏينھن آھي. اھو اطلاع پڙھي ڪري پھرئين تہ من اداس ٿي ويو، ڇاڪاڻ تہ ھو 8 جنوري 2021 تي ڀرپور جواني ۾ ئي اسان کان طبعي طور وڇڙي ويو ھو. پر وري مون کي جويو صاحب جا پير حسام الدين راشدي جي حوالي سان لکيل لفظ ياد آيا تہ اھا اداسي گھٽجي ويئي. جويو صاحب لکيو آھي تہ ”آئون ائين ٿو ڀانيان تہ جيسين ساڻن ٿيل اھي ڳالھيون ۽ ڪچھريون مون کي ياد آھن ۽ منھنجو حافطو مون ساڻ آھي، تيسين ذاتي طور، حسام الدين مون لاءِ جيئرو آھي. ۽ ائين منھنجا ٻيا بہ ڪيئي دوست ۽ بزرگ، جيڪي منھنجي سانڀر ۾ گذاري ويا آھن، ۽ پڻ اھي بيشمار اڻ ڏٺل، اڻ واقف انسان، جن سان آئون سندن ڪتابن ۽ ڪمن ذريعي واقف آھيان، اھي بہ مون لاءِ اھڙا ئي جيئرا آھن. ائين جيسين ڪن جي ياد جيئري آھي، تيسين جيئرن لاءِ اھي جيئرا ئي رھن ٿا.“
باوجود انھي جي تہ ھاڻي ھو پنھنجي ٽائيم لائين تي ڪا پوسٽ نہ پڙھي سگھندو، پوءِ بہ يادگيري واري نوٽيفڪيش تي ڪلڪ ڪري ھن جي ٽائيم لائين تي وڃي لکيم تہ ”پيارا ھينئر تنھنجو بسيروعالم ارواح ۾ آھي، پر فيسبوڪ ياد ڏياريو تہ اڄ اوھانجو جنم ڏينھن آھي. مون پڇا ڪرائي ھئي تہ اوھان جي شاعري ڪٿي آھي تہ جيئن ان کي ڪمپوز ڪرائي ڪنھن ويب سائيٽ تي رکجي، پر خبر پيئي تہ اوھان پنھنجي شاعري کي ڪنھن مخصوص بياض ۾ لکيو ئي ڪونہ ھو. اللہ پاڪ اوھان جي مغفرت فرمائي.“
اصل ۾ سندس تڏي تي سندس ويجهي عزيز کان جڏھن مون حسين جي شاعري جي بياض يا رجسٽر وغيرھ جي پڇا ڪئي ھئي تہ ھن مون کي ائين ٻڌايو ھو ۽ مون ھن تي اعتبار ڪيو ھو. بھرحال منھنجي انھي تازي پوسٽ تي پياري جان خاصخيلي رايو ڏيندي لکيو تہ ”سائين ھن جي خاندان ۽ دوستن سان ملي ڪري سندس شاعري جي ڳولا جي امڪان کي ڏسو.“ ٿوري دير کان پوءِ آخوند محمد عباس، جيڪو حسين سرور جي ڪافي ويجهو رھيو ھو، تنھن لکيو تہ ”حسين جي شاعري ھٿيڪي آھي. ان معاملي ۾ ويھڪ ڪبي بابا.“ ائين منھنجي پوسٽ جي نتيجي ۾ جان صاحب مون کي اتساھيو ۽ ٻئي پاسي آخوند عباس خوش خبري ٻڌائي.
ڪلاڪ ڏيڍ کان پوءِ وري آخوند عباس فون تي ٻڌايو تہ آخري وقت ۾ حسين سرور کيس گھر گھرائي شاعريءَ جو اڌو گابرو مسودو ۽ درخواست ڏني ھئي ۽ چيو ھو تہ فلاڻي ماڻھو کي پھچاءِ. منھنجي گذارش تي آخوند صاحب ان مذڪورہ صاحب سان رابطو ڪيو، پر اھو ان وقت حيدرآباد ويل ھو، ۽ چيائين تہ ٻن ٽن ڏينھن کان پوءِ واپس اچي پنھنجي گھر ۾ اھي ڪاغذ ڳوليندو. بھرحال اھي ڪاڳر ان صاحب وٽان اڄ ڏينھن تائين نہ مليا.
پر آخوند صاحب حسين سرور جي پارٽنر اسٽيمپ وينڊر شھباز رنگ صاحب کان پڇا ڪئي تنھن کيس ٻڌايو تہ سندس آفيس ۾ ھڪ ڊائري ۾ ھن جي شاعري لکيل آھي. آخوند صاحب جي ڪوشش سان اھا ڊائري ھٿ ڪئي ويئي. مون فوري طور ان کي فيض علي مڱريو جي حوالي ڪيو، جنھن ھڪ اڌ ڏينھن ۾ اھو مواد ڪمپوز ڪري ڏنو. ان مواد ۾ ھن جا 17 کن غزل، 40 کن چوسٽا ۽ 20 کن دوھا يا ٻہ سٽا ھئا.
ان کان پوءِ مون سندس ٽائيم لائين تي رکيل شاعري کي ڪاپي ڪري ھڪ فائيل جوڙڻ شروع ڪيو. چند ڏينھن کان آخوند صاحب ٻڌايو تہ ھن جو رابطو حسين سرور جي مائٽ آڪاش ميمڻ سان ٿيو آھي، جنھن کيس ٻڌايو آھي تہ حسين سرور وٽس روز شام جو اچي ڪافي مواد ڪمپوز ڪرايو ھو. نہ صرف مواد پر، ان ڪتاب جو نالو طيءِ ڪري ڇڏيو ھو ۽ ساڳئي وقت ٽائيٽل لاءِ تصوير بہ ڳولي رکي ھئي. آخوند جڏھن اھو مواد وارو فائيل مون کي ڏنو تہ مون کيس فيض وارو مواد توڙي فيس بڪ وارو مواد ڏنو. ھن ھفتي کان پوءِ مون کي ھڪ فائيل ۾ مواد اسم وار ورھاست ڪري مون کي ايميل ڪيو.
ان فائيل جي جانچ ڪندي ڏٺو ويو تہ جيڪو مواد فيس بڪ تان ڪاپي ڪيو ويو، ان مان ڪافي اڳ ۾ ئي آڪاش واري مواد يا ڊائري واري مواد ۾ موجود ھو. بھرحال اطمنيان جوڳي ڳالھ اھا آھي تہ ھاڻي حسين سرور جو ڪافي مواد حاصل ٿي ويو آھي، جنھن کي ڪتابي صورت ۾ مون ۽ آخوند عباس سھيڙيو آھي، جنھن کي پيش ڪندي سرھائي ٿي رھي آھي.
ھن ڪتاب ۾ حسين جا سو کن غزل شامل آھن، جن مان پنج کن طرحي غزل آھن. آخوند عباس صاحب جي چواڻي تہ حسين محترم ناز لطيفي پاران ھر سال عيد جي ٻئي يا ٽئين ڏينھن تي منعقد ٿيندڙ طرحي مشاعري جو ريگولر شاعر ھو. ياد رھي تہ ان مشاعري ۾ سوز ھالائي، آخوند زخمي ھالائي توڙي امداد حسيني صاحب بہ رونق افروز ٿيندا رھيا آھن. ھالا ۽ ڀر پاسي ۾ طرحي مشاعرن جي روايت 90 جي ڏھاڪي تائين سرگرم رھي، پر ھاڻي رڳو ناز لطيفي صاحب سال ۾ ھڪ ٻہ ڀيرا مشاعرا ڪرائي ٿو.
ھن ڪتاب ۾ غزلن کان علاوھ، ڏھاڪو کن نظم يا نثري نظم آھن، ان کان علاوھ ڪافي تعداد ۾ چوسٽا ۽ ٻہ سٽا يا دوھا آھن. ڪتاب لاءِ سندس شاعري کي پڙھندي مون کي ڪافي لطف آيو ۽ سندس ڪافي شعر منفرد لڳا. تنھنڪري ان حساب سان آئون سمجھان ٿو تہ حسين سرور جي شاعري ڪا ڀرتي واري شاعري نہ آھي. پڪ تہ سندس ھي ڪتاب فاضل پڙھندڙن کي پسند ايندو.
1 نومبر، 2021
محمد حبيب سنائي
توڙي جو مون فيس بوڪ تي حسين سرور جي ٿوري شاعري پڙهي هئي پر هن سان ڪا روبرو ملاقات ۽ ساڻس مڪمل تعارف نه ٿي سگهيو هو. منهنجي خواهش هئي ته هالا جي هن شاعر سان ملاقات ضرور ٿيندي ۽ اسان هن کان زباني سندس شاعري ٻڌنداسين ۽ سندس انداز کي ڏسنداسين ته هن پنهنجي شاعريءَ ۾ سماج جي ڪهڙن داستانن تي گلڪاري ڪئي آهي. هالا شهر جي جنڊي، ڪاشي ۽ اجرڪ جي ڦلڙين سميت دستڪاري واري ڪم کي هن ڪيئن ڏٺو ۽ ان ۾ هن پنهنجي لفظن جا رنگ ڀريا آهن. پر اها خواهش پوري نه ٿي سگهي.
گذريل سال سندس وئي پڄاڻا دوستن هن شاعر جو مختصر تعارف ڪرايو هو. ڪجهه ڏينهن اڳ منهنجي دوست حبيب سنائي مونکي سندس پاران سهيڙيل هن جي شاعريءَ جو ڪتاب موڪليو ته آئون هن جي خوبصورت شاعري ۾ جماليات، محبت، سماج ۽ مصوري واري تصور کي محسوس ڪري سگهان. مونکي لڳو ته هن جي شاعري به ائين آهي جيئن جهنگ ۾ مينهن مُند کان پوءِ پاڻمرادو ڦٽل گل ڦل هوندا آهن جيڪي هر ماڻهوءَ کي ڏاڍو وڻندا آهن. ڪجهه غزلن ۽ نظمن ۾ لڳو ته اهي اهڙا مٽيءَ جا رانديڪا آهن جن تي شاعر کي اڃا محنت ڪرڻي هئي.
هن وٽ به خيال آهن جيڪي جماليات، منظرڪشي، ماحوليات ۽ مصوري واري تصوير جوڙين ٿا.
” تو ڪڏھن پکين جا ٽھڪ ٻڌا آهن
يا وڻن جي اڪيلائي
محسوس ڪئي اٿئي؟
۽ ڪڏھن
بارش ۾ ڪچن گهرن جا لڙڪ
ڏٺا اٿئي؟
بارش ۾ ڪچن گهرن جي لڙڪن کي محسوس ڪرڻ به ڄڻ ته هڪڙي مصوري آهي جنهن کي هن سيکڙاٽ مصور پنهنجي ليکي رنگ ڀريا آهن جنهن کي محسوس ڪري سگهجي ٿو.
هن جو هڪڙو ٻيو خيال آهي
”ڪنهن کي ويٺو ساري ڪوئي،
نيَر پيو ٿو هاري ڪوئي.
سپنن جون ڪي ٻيڙيون ٺاهي،
نيڻن ۾ پيو تاري ڪوئي.“
هن جي پرورش به شايد اهڙي ماحول ۾ ٿي هئي جتي ٻارن جون اڪثر خواهشون غربت جي بار ۾ دٻجي رهجي وينديون آهن ۽ هو وڏي ٿيڻ واري پنڌ تي هوندو آهي. ان ڪري هن کي به اهڙا موقعا نه مليا جو هوُ ايترو مشاهدو ڪري پنهنجي شاعري ۾ رنگ ڀري سگهي ها. هن پنهنجي چوڌاري نهاريو ته رڳو کيس اڪيلائي ۽ غربت ۾ عشق کي ماڻڻ واري منزل ڏسڻ ۾ آئي، محبوب جي چنچلتا، چوماسي جي برسات ۾ غريب جي جهڳي ٽمڻ جا منظر ۽ ڪيترا سوال نظر آيا.
”محبت جنس آ تو لئه،
بڻيل تون پيار جو تاجر.
اياڻو عشق هو منھنجو،
۽ تنهنجي سونهن آ شاطر“.
محبت کي مارڪيٽ ۾ نيلام ٿيندڙ جنس چوڻ کيس جُڳائي ٿو. هي پنهنجي زندگي جي ان موڙ تي هو جيڪو انساني رشتن ۽ شين کي ائين ئي ڏسي سگهي ٿو. ان ئي تناظر ۾ هي پنهنجي ٻئي غزل ۾ اظهار ڪندي چوي ٿو؛
”اسان آهيون هٿين خالي،
مهانگو تون وکر آهين .
گلن جهڙو سڄو آهين،
رڳي دل جو پٿر آهين“.
اهڙا ڪيترا غزل آهن جن کي پڙهندي لڳو ته هن جي پنهنجي پاڻ سان گفتگو آهي جنهن ۾ هن جي محبت، ڏک ۽ اداسيون محسوس ڪري سگهجن ٿيون.
”منھنجي ننڊ،
سپنن جا ڪچا ٻار،
ڪيرائيندي ٿي رهي،
۽ آئون انهن کي،
دفنائيندو ٿو رهان“
جيڪڏهن اسان سندس شاعري ۾ موجوده سياسي، سماجي ۽ اقتصادي مسئلن، فطرت جي مشاهدي ۽ مصوري کي ڳولڻ جي ڪوشش ڪنداسين ته هن وٽ به پنهنجا خيال رانديڪا آهن، ڪي ڪوجها ته ڪي موچارا، جيڪي هن زندگي جي فرصت ۾ ٺاهيا هئا.
شاعر جي تنھائي
لفظن جا ٻار ڄڻيندي آ،
ڪي ڪوجھا،
ته ڪي موچارا
ڪي ڪجھ وقت الِء جيئرا رھندا آھن،
ته ڪن کي موت ئي ناھي ايندو.
اها الڳ ڳالهه آهي ته هن کي اڃا سندس پنهنجي هنرمندن جي بستي هالا شهر جي ڀرسان درياءَ جي وهڪرن ۽ ترندڙ ٻيڙين وارن منظرن کي پنهنجي شاعري ۾ وڌيڪ سمائڻو هو. سياست جا پنڌ ۽ پيچرا ڪڇڻا هئا. اڃا هن کي موکي جومڌُ پنهنجي شاعري ۾ اوتڻو هو. اڃا هن کي دنيا جي مصوري جي شاهڪارن، شاهه عبد اللطيف ڀٽائي ۽ شيخ اياز کي سمجهڻو هو جن جي شاعري پڙهندي لڳندو آهي ته هنن عظيم شاعرن پنهنجي شاعريءَ ۾ مصوري جا شاهڪار جوڙيا آهن.
شاعر پنهنجي تخليقن ۾ مستقبل جون جهلڪون نقش ڪندا آهن ۽ تاريخ نويس ان جي بنياد تي ان دور جي حالتن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. اسان هن وقت صرف تصور ڪري سگهون ٿا ته اسان جو هي نوجوان شاعر به ان موڙ تي هو جتي کيس پنهنجي اندر مان نڪري فطرت جا رنگ ڀرڻا هئا.
سندس تعارف موجب حسين سرور 26 سيپٽمبر 1978 تي هالا نوان شهر ۾ ڄائو ۽ 8 جنوري 2021 تي سندس زندگيءَ جو اڌ ٽڙيل گُل ڪومائجي ڇڻي پيو. يقيني طور تي اها عمر سندس اڏامڻ ۽ پختگي ڏانهن سفر واري هئي جتان هن جي هڪڙي ٻي شروعات ٿيڻي هئي جنهن مان محسوس ڪري سگهجي ها ته هُن جي تخليقي اڏام ڪيتري آهي. هوُ ڪيترو مٿي وڃي سگهيو ٿي.
ڪيترائي شاعر پنهنجي اوائلي زندگيءَ ۾ بلڪل ڦوهه جواني ۾ هن دنيا مان هليا ويا پر اهي سڀ پنهنجي شاعريءَ ۾ زندهه آهن. گهڻو ڪري انهن جي شاعري به عشقيا هئي. ان عمر جي شاعرن لاءِ مشهور آهي ته کين عشق جي بيماري لڳل هوندي آهي.
هن وقت سندس ٽڙ پکڙ شاعري جو ڪتاب به اسان جي هٿن ۾ آهي ۽ اسان جڏهن هن جي شاعري پڙهون ٿا ته هوُ اسان جي اکين ۾ زندهه آهي. مونکي سندس شاعري پڙهندي محسوس ٿيو ته هي انهن نوجوان شاعرن مان آهي جن ڪڏهن به سياسي جدوجهد ۾ هلندي، سنڌ جي سونهن ورونهن ۽ آزادي لاءِ خواب ڏسندي عام نعرن جو سهارو نه ورتو ۽ صرف پاڻ سان گفتگو ڪئي آهي. ڇاڪاڻ ته هن جڏهن شاعريءَ ۾ اڏامڻ چاهيو ته سياسي جدوجهد جا اڪثر مورچا ۽ اهڃاڻ يا ته بلڪل مٽجي چڪا هئا يا تڏا ويڙهه جاري هئي ۽ پوئتي رڳو ڌنڌليون ڪهاڻيون رهجي ويون. بلڪل پراڻين تصويرن وانگر انهن جا اصل رنگ اڏامي ويا هئا.
ان رهجي ويل اهڃاڻن ۾ ائين ٿو لڳي ڄڻ ته سنڌ جي هاڻوڪي شاعري ۾ ان فرق جي سنهي لڪير به مٽجي وئي آهي جيڪا درٻاري ۽ آزاد خيالي کي واضح ڪري ٿي. ڇاڪاڻ ته سماجي حالتون ۽ پيداواري طريقا به تبديل ٿي ويا آهن جن انساني روايتي زندگيءَ تي وڏا اثر ڇڏيا آهن.
حسين سرور پنهنجي شاعري ۾ سماجي حقيقت نگاري ۾ رنگ ڀرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هڪڙو سادو خيال آهي، فطري حسناڪين کان خالي پر هن جو پنهنجو رانديڪو آهي. دل ئي دل ۾ احتجاج آهي.
”او سنڌي تنهنجي حال مٿان،
مان روئان يا حيران ٿيان.
تو پاڻيَء جي هڪ واري تان،
آ پنهنجو سنڌي ڀاُء ڪُٺو“
هن تيز رفتار مواصلات واري دور ۾ غربت ۽ معاشي مسئلن کيس اڪيلو ڪري ڇڏيو هو. کيس مهلت نه ملي ته هوُ انهن مسئلن مان آجو ٿي نڪري ها جتي هن جا همعصر شاعر پهچڻ جي جستجو ڪري رهيا آهن. ان ڪري هن جي شاعري پڙهندي لڳو ته هوُ سياسي جدوجهد واري ميدان بدران پنهنجي اندر جي دريءَ مان دنيا کي ڏسي رهيو هو.
بهرحال، اسان جو هي دوست شاعر به انهن پکين جي وڳر ۾ شامل هو جيڪي شاعراڻي افق تي معمول جي اڏام تي هئا پر اوچتو هن جا پر سندس ساٿ نه ڏئي سگهيا ۽ هي پنهنجي تخليقي اڏام واري رستي تان ٿڙي هوائن ۾ وکري ويو. آئون سندس ئي لفظن ۾ کيس ياد ڪريان ٿو:
”ڪنارن تي بيٺا رهيا سون اسان ۽،
تصور اسان جو پرينءَ ڀر هليو ويو.
جڏهن شهر جانا مٽيو ذوق پنهنجو،
ٻه ٽي لڙڪ هاري سُخنور هليو ويو“.