نالي (ارپنا)
پنهنجي سوٽ
مرحوم مير عبدالڪريم سارنگ زئي
رٽائرڊ خزانه آفيسر
جنهن پيءُ وارو پيار ڏئي
منهنجي تعليم ۽ تربيت
ڪئي!
بيدار
***
پنهنجي قابل احترام ڀاءُ اديب ۽ شاعر
عبدالڪبير اختر بروهي
جي نالي
بيدار صاحب جو هي سفر نامو براهوئي ادب جي تاريخ ۾ رڳو هڪ ڪتاب ناهي. بلڪ بلوچستان جي پراڻي تاريخ، سنڌ جي پراڻي تاريخ ۽ براهوئي / سنڌي ادب جي پراڻي ۽ نئين ادب جو ڪل احوال هن ڪتاب ۾ ملي ٿو. بيدار صاحب جنھن علائقي يا جنھن ماڳ تي جيڪي ڪجهہ ڏٺو.ان کي سطحي نظر سان نہ ڏٺو. ان جي باريڪ بينيءَ سان جاچ ۽ تحقيق کان پوءِ ان جو پس منظر ۽ تاريخي حيثيت سھڻي نموني بيان ڪئي.
ھيءُ ڊمي مواد آھي توھان ھِي ڏٺو آھي؟؟
پنهنجي سوٽ
مرحوم مير عبدالڪريم سارنگ زئي
رٽائرڊ خزانه آفيسر
جنهن پيءُ وارو پيار ڏئي
منهنجي تعليم ۽ تربيت
ڪئي!
بيدار
***
پنهنجي قابل احترام ڀاءُ اديب ۽ شاعر
عبدالڪبير اختر بروهي
جي نالي
ننڍپڻ کان سير ۽ سفر جو شوق آهي.ان شوق جي ڪري هر سال سياري ۾ سنڌ يا پنجاب ويندو آهيان. انڪري سيلاني آهيان. ۽ ڪتاب جو نالو به سيلاني رکيم.
ڪيئي ڀيرا سنڌ ويو آهيان جو براهوئي ادبي سيمينار فريدآباد جي پهرين ڏينهن کان اڄ تائين جي سيمينارن ۾ حصو ورتم. ان کان سواءِ پنجاب، سرحد، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پنهنجي طرفان يا سرڪاري ڪمن جي سلسلي ۾ ويس. مهينن جا مهينا رهيس. مگر سفرنامي لکڻ جو خيال ڪونه آيو.
هن سال نائين براهوئي ادبي سيمينار فريدآباد وقت خيال ٿيو ته هن ڀيري ڇو نه تاريخي ۽ تحقيقي سفر ڪجي؟. هن سفر ۾ منهنجو پڳ مٽ دوست براهوئي يونيورسٽي آف بلوچستان ۾ قائم براهوئي شعبه جوسرواڻ ڊاڪٽر عبدالرزاق صاحب( هاڻ تربت يونيورسٽي بلوچستان جو وائس چانسلر) به گڏ هو. ان ڪري هن سفر جي روئداد لکڻ جو حوصلو مليو.
پهريون هي خيال هو ته قسطون لکي هفت روزه “ايلم” مستونگ ۾ ڇپائجن جڏهن لکيل سفرنامي کي دوستن ڏٺو ته مشورو ڏنو ته هي سفرنامو ڪتاب جي صورت ۾ ڇپائجي. جو براهوئي ادب يا زبان کي هن جي ضرورت آهي. ڇو ته براهوئي ۾ ڪو سٺو سفرنامو ڇپيو ناهي.
دوستن جو پيار خصوصي ڏسي حوصلو پاتم. ڪافي مصروفيت مان وقت ڪڍي هي لکيو اٿم.
مان پنهنجي ڪوشش ۾ ڪيتري قدر ڪاميابي ماڻي . ان جو فيصلو اوهان کي ڪرڻو آهي.
عبدالقيوم بيدار
بيدار منزل هده
ڪوئٽه بلوچستان
حال احوال ڏيڻ يا وٺڻ اسان جي لوڪ حياتي ۾ وڏي اهميت رکي ٿو. اڄ به اسان جا ڳوٺاڻا ۽ ڌڻ ڌاريندڙ زندگي گذاريندڙ ماڻهو جيسيتائين مهمان کان احوال نه ورتو. تيسيتائين انهن کي قرار نه ٿو اچي.
ان ريت هو پاڻ جڏهن ڪنهن هنڌ وڃن. ڪنهن احوال نه ورتا ته ان کي پنهنجي گهٽتائي سمجهن ٿا.
احوال ڏيڻ وٺڻ وارو اسان جو ماحول؛ آس پاس جي ماحول کان ڌار آهي.
احوال جو پهريون مقصد ته دل جي ڳالهه آڏو واري ماڻهو وٽ ظاهر ڪجي. احوال ڏيندي هر ڳالهه صاف صاف ڪبي آهي. ڳالهه لڪائڻ يا ڪوڙ هڻڻ احوال جي شان وٽان ناهي.
اسان جو ڌنارن وارو جيون آهي ۽ رهيو آهي. ان ڪري سفر، مسافري ۽ منزل جي اسان جي ادب ۾ خاص اهميت آهي.
هڪ ٻيواسان جو پراڻو رواج آهي. جيڪو اڄ به مالوندن ۾ آهي ته اسان وٽ مند ۾ڪڇي کان لڏي خراسان(جابلو علائقي ۾)وڃڻ کان اڳ وڏي مال وارا اڳ ۾ هڪ ماڻهو جنهن کي “ڳولائو” چئبو هيو، موڪليندا هيا ته خراسان وڃي گهمي ڏسي ته ڪهڙن علائقن ۾ وس پئي ۽ اتي آبادي ٿي؟
ڳولائو خراسان جو جُوءِ گهمي موٽي اچي؛ سربستو احوال پنهنجن ماڻهن کي ڏيندو هيو. ان احوال مطابق مالوند پنهنجو مال يا وڳ ڪاهي ان جُوءِ ڏانهن روانا ٿيندا هيا. ڄڻ ته ڳولائو جو احوال ڏيڻ، ان دور جو هڪ “سفرنامو” هيو.
سفرنامي جي هڪ ٻي صورت جيڪا ڪجهه ترقي يافته زبانن جهڙوڪ عربي ۽ فارسي ۾ آهي. شاعرن پنهنجا سفرناما شاعري ۾ بيان ڪيا آهن.
براهوئي زبان ۾ سفرناما لکڻ وارو رواج گهڻو پراڻو ناهي. وچولي دور جي عالمن، اسلامي دور جا ڪجهه واقعا شعر جي صورت ۾ بيان ڪيا آهن جهڙوڪ معراج نامو، امام حنيفه جو قصو، حضرت علي جا قصا وغيره. اهي سڀ نثر بدران نظم ٿيل آهن. نثر ۾ باقاعده سفرنامي لکڻ جو رواج جديد دور جي اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجڻ کان پوءِ پيو. اهي سفرناما قسط وار اخبار ۽ رسالن ۾ ڇپيا. سفرنامي جي صنف ۾ ڪو براهوئي ڪتاب ڪنهن ڪونه لکيو آهي.
عبدالقيوم بيدار جو هي ڪتاب “سيلاني” براهوئي ادبي تاريخ ۾ سفرنامي جو پهريون ڪتاب آهي. هن ڪتاب ۽ هن سفرنامي بابت ڪجهه لکڻ کان اڳ، مان چوان ٿو ته هن سفر ۾ بيدار صاحب سان مان گڏ هيس. ڇو ته عبدالقيوم بيدار ۽ منهنجي دوستي هاڻي دوستي ناهي رهي پر ڀائپي بڻجي وئي آهي. ويهه سالن کان اسان هڪ ٻئي جا سنگتي آهيون.
ويهن سالن جي ان دور ۾ مون بيدار صاحب ڪيئي سفر گڏ ڪيا. پر انهن سڀن سفرن ۾ هي سفر دلچسپ آهي. جنهن جو “سفرنامو” اوهان جي هٿن ۾ آهي. جيئن ته هن سفر جو هڪ حصو مان پاڻ به آهيان. ان ڪري منهنجو حق بڻجي ٿو ته مان ڪي چار ڳالهيون لکان!
سفرنامو دور جديد جي هڪ مقبول صنف آهي، ٻين صنفن کان وڌيڪ کيس پڙهندڙ آهن. اصل ۾ هر ماڻهو جي تمنا هوندي آهي ته ڏيهه مان پاڻ ڏسان! جيڪڏهن ڏيهه ڏوري ڏسڻ جو وسيلو ڪونهي ته اهو چاهيندو آهي ته ان علائقي جي ڪا ڄاڻ رکان! متان قسمت سانگي انهن ماڳن کي ڪڏهن ڏسڻو پئجي وڃي! ٻين زبانن ۾ سفرنامن جا ڪيئي ڪتاب آهن.
سفرنامو لکڻ، ٻولي جي نثري ادب جو اوکو ۽ نازڪ فن آهي. جنهن ۾ ليکڪ پنهنجي سفر جي واقعن کي تمام سهڻي ۽ گهري اندازسان لکي ٿو. ڪامياب سفرنامو ان کي چئجي جو ليکڪ پنهنجي فني ڪمال سان پنهنجي پڙهندڙ کي پاڻ سان گڏ گهمائي. سفرنامي جي دلچسپي برقرار رکڻ لاءِ ليکڪ پنهنجي تحرير ۾ اهڙي معلومات ڏئي جو پڙهندڙ کي لطف ڏئي.
جناب بيدار صاحب براهوئي زبان ۽ ادب جي هلندڙ دور ۾ شاعري ۽ تحقيق جي حوالي سان هڪ سٺو نالو آهي. ان جي سڃاڻپ به ان موضوع بابت آهي. پر ڪتاب“سيلاني” ۾ هُن اِن فن ۾ پهريون ڀيرو قلم کنيو آهي. هن کان اڳ هِن صنف ۾ پورو ڪتاب ڪنهن به نه لکيو آهي.
يقينا هي سندس ڪامياب ڪوشش آهي. جو براهوئي ادب ۾ سفرنامي بابت پهريون ليکڪ ڄاتو ويندو. جنهن جو ڪتاب آيو آهي.
عبدالقيوم بيدار پنهنجي موضوع ۾ ڪيترو ڪامياب ٿيو آهي ان جو فيصلو ته پڙهندڙ پاڻ ڪندا. مون جڏهن هي سفرنامو اول کان آخرتائين پڙهيو. جنهن جو هڪ ڪردار مان به آهيان ته وري پاڻ کي ان علائقي ان ماڳ تي موجود محسوس ڪيم. جتي مان ۽ بيدار صاحب گڏ وياهياسين.
بيدار صاحب جو هي سفر نامو براهوئي ادب جي تاريخ ۾ رڳو هڪ ڪتاب ناهي. بلڪ بلوچستان جي پراڻي تاريخ، سنڌ جي پراڻي تاريخ ۽ براهوئي / سنڌي ادب جي پراڻي ۽ نئين ادب جو ڪل احوال هن ڪتاب ۾ ملي ٿو. بيدار صاحب جنهن علائقي يا جنهن ماڳ تي جيڪي ڪجهه ڏٺو.ان کي سطحي نظر سان نه ڏٺو. ان جي باريڪ بيني سان جاچ ۽ تحقيق کان پوءِ ان جو پس منظر ۽ تاريخي حيثيت سهڻي نموني بيان ڪئي جيئن اسان بولان جي ڍاڍر جي ويجهو پهچون ٿا ته ان کان اڳ “مهر ڳڙهه” جو ماڳ اچي ٿو.
بيدار صاحب ايترو چئي اڳتي نه ٿو گذري ته مهر ڳڙهه هڪ تاريخي ماڳ آهي پر هو پنهنجي بيان ۾ مهر ڳڙهه جي اصل اوائلي تاريخ کان پنهنجي پڙهندڙ کي ڄاڻ ڏئي ٿو.
جڏهن اسان ڍاڍر کان لنگهون ٿا ته دُر خان نالي شهر ٿو اچي. ته اتي بيدار صاحب مدرسه اسلاميه دُرخان جي پوري تاريخ ۽ (دُرخان جي باني) حضرت مولانا محمد فاضل درخاني جو پورو تعارف ڏئي ٿو.
سنڌ ۾ حضرت سيد عبداللطيف ڀٽائي سائين جي درگاهه جو زيارتي ٿئي ٿو ته سنڌي ادب ۾ حضرت ڀٽائي سائين جي مان ۽ مرتبي کي کولي بيان ڪري ٿو. ڀٽائي سائين جي دور کان پڙهندڙ کي ڄاڻ ڏئي ٿو.
ان ريت جنهن سيمينار ۾ شريڪ ٿياسين، ان جي مڪمل روئداد ۽ فيصلن کي بيدار صاحب پنهنجي سفرنامي ۾ پاٻوهه سان پيش ڪري ٿو.
جڏهن گل بروهي جي دعوت تي “موهن دڙي” سير لاءِ وڃون ٿا. ته سرسري نظر سان موهن دڙي کي بيدار صاحب نه ٿو ڏسي. مگر نهايت توجه سان هڪ هڪ سِرَ ڏسي، پنهنجي پڙهندڙ کي ان دور ۾ پهچائي ٿو. جڏهن “موهن دڙو” دنيا ۾ ترقي يافته ۽ آباد، سڌريل شهر هيو. اهڙو تفصيل بيدار صاحب جي سفرنامي کي ڪافي دلچسپ بڻايو آهي. ۽ اسان اڄوڪي دور جو پراڻي دور سان موازنو ڪري سگهون ٿا.
جيئن حيدرآباد ۾ اسان جي گاڏي گپ ۾ ڦاسڻ ۽ اسان جا ڌڪا ڏيڻ يا فريدآباد ۾ برسات جي ڪري گپ ۾ گاڏي جو ترڪڻ. اهڙا واقعا بيان نه ڪجن ها ته به سفرنامي جي بيان ۾ رخنو نه اچي ها. مگر بيدار صاحب جي انداز بيان هنن ڳالهين کي خوبصورت ترتيب ڏني آهي. سفرنامي ۾ هر ڳالهه کليل ڏني وئي آهي. ڪا ڳالهه لڪائي نه وئي آهي، پوءِ اجائي ڊيگهه به ڪيل ناهي انڪري هن سفرنامي ۾ ادبي ڏانوَ سان گڏ حقيقت جو مٺاڻ به شامل آهي.
منهنجي خيال ۾ هي سفرنامو براهوئي ادب ۾ جدا مانُ ماڻيندو. ڇو ته هن ۾ ٻن صوبن (بلوچستان ۽ سنڌ) جي پراڻي تاريخي ۽ ثقافتي وابستگي اڄوڪي جديد دور وانگر جاري رهي آهي. هي سفرنامو نه رڳو بلوچستان جي ماڻهن لاءِ بلڪ سنڌ واسين لاءِ يقينا دلچسپي جو سبب ٿيندو. ڇو ته سفرنامي ۾ اهڙا واقعا بيان ٿيا آهن. جيڪي سنڌين لاءِ به دلچسپ هوندا جهڙوڪ قلندر لال شهباز جي مزار تي ڪوئٽه بلوچستان وان جو اچڻ وڃڻ، سنڌ واسين کان ٻي طرح هوندو.
مختصر ته هي سفر نامو پنهنجي نوعيت جو سهڻو ادبي شهپارو آهي. جو هر طرح براهوئي ادب جي تاريخ ۾ تاريخي حيثيت رکي ٿو. ان سان گڏ پڙهندڙ لاءِ هر اها دلچسپي موجود آهي. جيڪا ليکڪ ۾ اميد رکي ٿو. هن تحرير ۾ سوال جي گنجائش تمام گهٽ آهي. هر سوال جو جواب موجود رکي ٿو. اميد ته هن کان پوءِ ڪافي سفرناما براهوئي ۾ لکيا ويندا. پوءِ به هن سفرنامي جي تاريخي ۽ بنيادي حيثيت تي ڪو فرق نه ايندو.
پروفيسر عبدالرزاق صابر
صدر براهوئي شعبه
جامعه بلوچستان ڪوئٽه.
(حال وائيس چانسلرتربت يونيورسٽي بلوچستان)
مشهور پهاڪو آهي ته “زندگي هڪ سفر آهي.” هن جملي ۾ جملي جي جوڙيندڙ سو ڪيفيتون رکيون آهن. منهنجي خيال ۾ هي جملو عام ماڻهو جي زندگي سان تعلق رکي ٿو. هڪ عالم اديب جو سفر پاڻ هڪ زندگي آهي.
سفر هڪ زندگي جي حوالي سان، نامياري عالم. اديب ۽ شاعر سائين عبدالقيوم بيدار شال (ڪوئٽه) کان موهن جو دڙو تائين پکڙيل آهي. ست هزار سال واري تهذيب ۽ تاريخ جي صحرا ۾ سفر ڪندي. ڇا ڏٺو! ڇا ٻڌو! هن ڪتاب ۾ انهن احساسن کي ترتيب مليل آهي.
چئي يا سمجهي سگهجي ٿو ته تاريخ ترتيب ڏبي آهي. يعني ڪالهه جي ڳالهه اڄ جي تاريخ آهي. ۽ اڄ جي ڳالهه سڀاڻي جي تاريخ آهي.
اسلامي دانشور جناب ڊاڪٽر محمود احمد غازي اسلام آباد ۾ هڪ ليڪچر ۾ چيو ته عملي زندگي ۾ زمانا فقط ٻه آهن. هڪ اڄ ۽ ٻيو سڀاڻي. ڪالهوڪي ڳالهه ڪالهوڪي ڳالهه آهي. ڪالهوڪي ڳالهه ڳالهائيندڙ جي پسند مطابق اسان تائين پهچي ٿي.
ان تجزئي جي روشني ۾ سائين بيدار صاحب پنهنجي دور جي ڳالهه قلمبند ڪئي آهي. جو سندس سوچ مطابق ڪالهوڪي جڙيل تاريخ لاءِ نئين مشاهدي ۽ تجزئي جي ضرورت آهي. سنڌ ۽ بلوچستان تاريخي /تهذيبي ۽ جاگرافي جي اصولن مطابق هڪ ٻئي کي ڪيترا ويجها آهن. هي ڪتاب ان تاثر جو مجموعو آهي.
عبدالقيوم بيدار جي لکڻي ۾ جا تيزي آهي. سندس غزلن کان وٺي عام جملي تائين ان جي جذبي کي محسوس ڪري سگهجي ٿو.
جڏهن سماج بارود جي اوٽ ۾ اچي ٿو ته حساس فطرت جو مالڪ قلمڪار نه رڳو غزل بلڪ پنهنجي هر جملي ذريعي بارود جي بدبو کان نفرت ڪري ٿو. هو پنهنجي گهر ڀاتين، سماج ۽ ڌرتي لاءِ گلابن جي سرهاڻ چاهي ٿو. هي ڪتاب به گلابن جي سرهاڻ رکي ٿو. جنهن سرهاڻ جي اسان جي سماج ۽ ڌرتي کي ضرورت آهي. ڪتاب ۾ عام مشاهدو قلمبند آهي ۽ بيان جون ڪل گهرجون پوريون ڪيون ويون. براهوئي ادب ۾ سفرناما لکجن پيا. پر ڪنهن به سفرنامي کي ڪتابي شڪل نه ملي. هي پهريون ڪتاب به آهي جيڪو براهوئي ادب جو سفرنامو آهي.
عام رواج هي آهي ته ملڪ کان ٻاهر سفرناما لکيا وڃن ٿا. منهنجي نظر ۾ ٻاهريان سفرناما پڙهندڙن لاءِ فقط دلچسپي رکن ٿا. پر پنهنجي ملڪ يا ڌرتي جو سفرڪرڻو پوي ته هي ڪتاب رهنمائي به ڪندو. ڪتاب هڪ رهنما ۽ استاد آهي. هن ڪتاب ذريعي براهوئي ادب ۾ هڪ نئين صنف جو بنياد پيو.
جوهر بروهي
ڪوئٽه
مشاهدو ليکڪ جي فن جو مددگار رهي ٿو. سفرنامو ماڻهو جي مشاهدي جو بيان آهي. سفرنامو دنيا جي هر ادب جو سرمايو آهي. ان ريت براهوئي ادب ۾ سفرنامن ڇپائڻ ۽ لکڻ جو رواج آهي، جڏهن ته هن کان اڳ سفرناما رڳو اخبار ۽ رسالن ۾ ڇپيا. سائين عبدالقيوم بيدار جو هي سفرنامو براهوئي ادب ۾ ڪتابي صورت ۾ پهريون ڀيرو آيو آهي.
بيدار سفر وقت جاتي ويو؟ جيڪي ڏٺو؟ ڇا ڇا مشاهدو ڪيو؟ سو توهان هن ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ سمجهي سگهو ٿا. ڄڻ ته بيدار صاحب پنهنجي سفر۾ اوهان کي پاڻ سان گڏ رکي ٿو. سندس لکڻ جو هڪ منفرد انداز هن جو پنهنجو آهي. جيڪو دل موهيندڙ آهي.
1995ع سال براهوئي ادب ۾ ڪتاب ڇپائڻ جو سال آهي ۽ براهوئي ادبي سوسائٽي،پنهنجي وسيلن آهر ڪتابن ڇپائڻ جي ڪافي ڪوشش ڪئي آهي. هي ڪتاب به ان ڪوشش جي ڪڙي ملي. اميد ته ابن بطوطه جي رندن تي عبدالقيوم بيدار جو سفر جاري رهندو.
عارف ضيا
چئرمين
براهوئي ادبي سوسائٽي پاڪستان
ڪوئٽه
علم هڪ اعزاز آهي. ۽ تخليق ڪائنات جي سونهن آهي. ۽ مان هڪ ادنيٰ شاگرد آهيان. پر ننڍپڻ کان مان ادبي ماحول ڏسي رهيو آهيان. جو ٻالجتيءَ کان منهنجو تعلق فريدآباد ميهڙ سان آهي. جتي، ماستر مولچند، ورند مل، حاجي رسول بخش، سائين جوهر بروهي ۽ سائين علي دوست عاجز جهڙا برک ۽ سنڌي ادب جا نالي وارا عالم رهن ٿا. ساڳي وقت حاجي رسول بخش ڏيرو مرحوم جي زماني ۾ ٿيندڙ لطيفي ڪچهري، جنهن ۾ شاهه ڪريم جي درگاهه جا وائي جا راڳي فقير، سرائي فقير امداد علي، فقير عبدالله مسڻ، فقير محمد رمضان جت، خميسو خان، فقيرڪريم ڏنو ملاح، مولانا در محمد خاڪ ڪانڌڙو پارا ايندا هيا ۽ هڪ ننڍي جي حيثيت ۾ سندن خدمت ۾ مان هوندو هيس. جڏهن فريدآباد ۾ براهوئي ادبي سيمينار جو ساليانو سلسلو هليو ته خدمت جي سموري ذميواري منهنجي ذمي هئي. هن وقت به سائين جوهر بروهي جي خدمت ۾ آهيان.
محترم عبدالقيوم بيدار صاحب براهوئي زبان ۽ ادب جو انتهائي قابل احترام عالم آهي. ان 1995ع ۾ سنڌ جو دورو ڪري، پنهنجي احساسن کي قلمبند ڪيو ۽ ڇپايو. سو ڪافي مقبول ويو. دوستن مون تي بار رکيو ته “سيلاني” ڪتاب جو تعلق سنڌ سان آهي. ان ڪري سنڌي ۾ ترجمو ٿيڻ گهرجي. اها صلاح سائين جوهر بروهي کي به پسند آئي. هن ڏس ۾ مون رنڊا روڙيا. جيڪڏهن پسند پوي ته حوصله افزائي ٿيندي ۽ اصولي طور هن ڪتاب جو ترجمو اڳ ٿيڻ گهرجي ها. ته وڌيڪ مناسب رهي ها. پر هاڻ به هن محنت کي قبول ڪري منهنجي حوصله افزائي ڪئي ويندي.
سرمد بروهي
فريد آباد
22 مارچ 2017ع
احمد خان سرمد بروهي، سنڌي، براهوئي ٻولين جو نوجوان ليکڪ ۽ شاعر آهي. هن شاعري سان گڏ مضمون ۽ مقالا به لکيا آهن. هو گذريل ٻن ڏهاڪن کان سنڌي براهوئي ٻولين ۾ پنهنجي تخليقي پورهئي جي ڪري مقبوليت ماڻي آهي. تخليقي پورهئي سان گڏ هن علمي، ادبي تنظيمن سان به خوب نڀايو آهي. جهڙوڪ سنڌي ادبي سنگت شاخ ميهڙ جو ميمبر، براهوئي اڪيڊمي سنڌ جو پريس ترجمان، بزم ايلم ميهڙ جو صدر ۽ براهوئي پبليڪيشن فريدآباد جو ٻانهن ٻيلي آهي. ان سان گڏ سنڌ بلوچستان ۾ ٿيندڙ براهوئي ادبي سيمينار جو هڪ ذميدار ڪارڪن به آهي.
ترجمو هڪ ڏکيو فن آهي. هڪ ٻولي کان ٻي ٻولي ۾ ڪنهن تحرير، مضمون، شعر يا ڪتاب جو ترجمو ايڏو سولو ڪونهي. سرمد براهوئيءَ ۾ لکيل سفرنامو “سيلاني” سنڌي پڙهندڙن لاءِترجمو ڪري کيرون لهڻيون.
هن سفر نامي جو ليکڪ عبدالقيوم بيدار صاحب براهوئي ادب جو هڪ وڏو نالو آهي. هن کي براهوئي سان گڏ اردو ؛ بلوچي ۽ پشتو تي خاص عبور آهي. ادبي پروگرامن ۾ شرڪت ڪندڙ ۽ سرپرستي ڪندڙ هي تخليقڪار براهوئي ادبي سيمينار فريد آباد سنڌ 1995ع ڌاران شرڪت ڪئي. ۽ ان کان پوءِ سنڌ جو هڪ تفصيلي دورو ڪيو. ان دوري ۾ سائين پروفيسر ڊاڪٽر عبدالرزاق صابر صاحب ، تربت يونيورسٽي بلوچستان جو هن وقت وائيس چانسلر گڏ هيو. هن پنهنجي سنڌ جي مشاهدي کي قلمبند ڪيو. سفرنامي کي “سيلاني” جي عنوان سان ڇپائي پڌرو ڪيو. ڪتاب سنڌ ۽ سنڌ جي اهم ماڳن ۽ ادارن جو تعارف براهوئي پڙهندڙن لاءِ “ جديد سنڌ نامو” ٿي سگهي ٿو. ان سان گڏ سنڌ ڌرتي سان چاهت ۽ پنهنجائپ جو هڪ اڻ مٽ ثٻوت آهي. هي هڪ دلچسپ ۽ خوبصورت اضافو آهي. ان ريت مرزا قليچ بيگ، محمد ابراهيم جويو، محترم ن م محزون،ولي رام ولڀ،منور ٻٽ، جوهر بروهي، زيب سنڌي، محبت ٻرڙو ۽ ٻين ترجمي نگارن جو تسلسل برقرار رکيو آهي. 1995ع ۾ لکيل هن ڪتاب کي 22 سال کن گذري چڪا آهن. ان عرصي ۾ سنڌ اندر يا سنڌي ادب ۽ ادبي ادارن ۾ ڪافي تبديلي اچي چڪي آهي پوءِ به هن ترجمي کي ساراهي سگهجي ٿو. اميد ته اسان جو نوجوان ليکڪ آئنده به اهڙا ترجما لکي منظر عام تي آڻيندو.
17-3-2017ع
آزاد انور ڪانڌڙو
سيڪريٽري
سنڌي ادبي سنگت شاخ ميهڙ.
براهوئي زبان ۽ ادب جو مقبول عالم، اديب ۽ شاعر محترم عبدالقيوم بيدار 15 مئي 1956ع هده منوجان ڪوئٽه ۾ ڄائو. پاڪستان ٺهڻ کان اڳ سندس والد عبدالوهاب پنهنجي ڀاءُ عبدالحڪيم ۽ پيءُ خواجه داد سارنگ زئي سان گڏ مستونگ کان ڪوئٽه لڏي آيو. ابتدائي تعليم محله جي مسجد کان شروع ڪئي. ۽ پرائمري اسڪول هده ۾ داخل ٿيو. پنج درجا پاس ڪرڻ کان پوءِ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ريلوي ڪالوني ڪوئٽه ۾ داخل ٿيو ۽ 1975ع ۾ ميٽرڪ پاس ڪئي. ايف، ايس سي سائنس ڪاليج ڪوئٽه ۾ پڙهي، پنهنجي سوٽ عبدالڪريم سان لورالائي وڃي ڊگري ڪاليج لورالائي ۾ ايف اي جو امتحان ڏنو. ان سال بلوچستان يونيورسٽي م عالم، فاضل ۽ اديب جا ڪلاس شروع ٿيا ، داخلا وٺي اتي استاد ڊاڪٽر عبدالرحمان براهوئي ۽ پروفيسر نادر قمبراني وٽ براهوئي پڙهيو. براهوئي فاضل ڪرڻ کان پوءِ براهوئي ادب ۾ وک پاتي. بي اي ڪرڻ کانپوءِ ايم اي اردو ڪئي. ان ريت ايم اي براهوئي به ڪئي ۽ ان دور ۾ بزم ادب يونيورسٽي آف بلوچستان جو صدر چونڊيو ويو. ايم اي هسٽري ڪرڻ کان پوءِ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي اسلام آباد مان ايم فل جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ هاڻي پي ايڇ ڊي اسڪالر آهي.
1975ع ۾ براهوئي ادبي سوسائٽي پاڪستان جو بنياد رکي، براهوئي ادب لاءِ ڪم شروع ڪيو. هن وقت براهوئي ادبي سوسائٽي پاڪستان جو صدر آهي.
سندس ڇپيل ڪتابن جو وچور هن ريت آهي:
1983ع کان پاڪستان ٽيليويزن ڪوئٽه ۾ پروڊيوسر جي حيثيت ۾ ڪم شروع ڪيو. شعبه حالات حاضره جو پروڊيوسر هن کان پوءِ ڪنٽرولر پي ٽي وي نيوز اسلام آباد کان رٽائرڊ ٿيو. پي ٽي وي بولان ۾ پروگرام مينيجر جي حيثيت ۾ براهوئي پروگرامن جي ڪاميابي لاءِ وڏو ڪم ڪيو. براهوئي ادبي ادارن جي ٿيندڙ سيمينارن ۽ مجلسن کي ذاتي دلچسپي جي ڪري پي ٽي وي تي نشر ڪندو رهيو. مڪتب درخان ڍاڍر، براهوئي ادبي سيمينار فريدآباد، براهوئي ادبي سيمينار خضدار،مستونگ، ڪراچي ۽ ڪوئٽه کي فل ڪوريج ڏني.
ان کان سوا ناميارن اديبن عالمن ۽ شاعرن جي جيون ڪٿا پي ٽي وي تان نشرڪئي وئي.، جهڙوڪ براهوئي نور محمد پروانه، پير محمد زبيراڻي، پروفسر نادر قمبراڻي،مير عبدالرحمان ڪُرد، عبدالله جمال ديني، امير الملڪ مينگل، جوهر براهوي، عادل قلندراڻي، ڊاڪٽر عبدالرزاق صابر، وحيد زهير، عارف ضيا،نور خان حسني، افضل مراد، حسين بخش ساجد، سوسن براهوئي ۽ ٻيون ادبي شخصيتون.
براهوئي ادبي سيمينار فريدآباد جي پهرين سيمينار کان آخر تائين نه رڳو پابندي سان شرڪت ڪئي پر سيمينار جي علمي ادبي بلندي لاءِ به پوري ڪوشش ڪئي.
براهوئي ادبي سوسائٽي طرفان سيمينار،ڊراما، مشاعرا ان سان گڏ ڪتاب شايع ڪرڻ ۽ خاص طور ٽماهي “ د ی ٽڪ” ڪوئٽه جاري رکڻ لاءِ وڏو ڪم ڪري رهيو آهي. هن وقت براهوئي ڪتابن کي عام لوڪ تائين پهچائڻ لاءِ “براهوئي ڪتاب مرڪز” کوليو آهي. جتي براهوئي جا سڀ ڪتاب ملن ٿا.
سرمد بروهي
﷽
خميس ڏينهن سياري جي ٿڌي صبح ويلي 12 جنوري 1995ع تي ٻانگ مهل اٿيس. وضو ۽ نماز پڙهيم ۽ سنڌ جي شهر فريدآباد وڃڻ جي تياري ڪيم. هونئن ته ساري رات بدران صبح مهل گهري ننڊ ايندي آهي. صبح جي نماز به هلي ويندي آهي. سُستي جي ڪري ساڍا اٺ يا نائين بجي جاڳ ٿئي ٿي. پر اڄ سنڌ وڃڻ جي ڪري سوير جاڳي پيس. سفر جون ضروري شيون سوٽ ڪيس ۾ سهيڙي، چانهه جي پيالي پي، سوٽ ڪيس گاڏي ۾ رکيم. جناب پروفيسر عبدالرزاق صابر جي در تي ڪار آندم. جو هن کي ۽ هن جي وڏي پٽ حميد اختر کي به هلڻو هيو. حميد اختر ايف ايس سي جو امتحان ڏنو هو. ۽ کيس سنڌ ايگريڪلچر زرعي يونيورسٽي ۾ داخلا جي خواهش هئي جناب صابر صاحب جو تعلق زميندار گهراڻي سان آهي. ڪرد گاپ ۾ سندن زمينون آهن. پاڻ هارپو به ڪن ٿا. جيرو، بصر، پٽاٽا يا ڪڻڪ پوکن ٿا. اهو علائقو ڪافي سرسبز هيو. پر پاڻي جي گهٽتائي جي ڪري “ڪاريز” (1) سڪي ويا ۽ ٽيوب ويل جي ذريعي پاڻي مهيا ڪيو ويو. ان ڪري اباڻي پورهيي کي نئين دور ۾ وڌائڻ لاءِ حميد اختر همت ڪئي ان کان سواءِ حميد اختر کي شاعري جو به شوق آهي. پر هو پنهنجي پيءُ کان لڪائي شاعري ڪري ٿو.
حميد اختر جواني جي عمر ۾ آهي. ان عمر ۾ شاعر عشقيه غزل لکندو آهي. ۽ اهو هڪ فطري عمل آهي. حميد اختر پنهنجي پيءُ کان اصلاح نه ٿو وٺي. جو صابر صاحب پنهنجي پٽ کي دوست واري حيثيت ناهي ڏني. حميد اختر هڪ تابعدار پٽ جي حيثيت ۾ شرم وچان پنهنجي پيءُ سان ڪا حجت نه ٿو ڪري. پر پوءِ به پروفيسر صابر صاحب کي ڪجهه دير سان خبر پئي ته سندس پٽ شاعري به ڪري ٿو.
عبدالجبار يار جي پٽ عرفان حسن به شاعري شروع ڪئي کيس پروڙ لڳي ته شاعري سندس وِتُ کان مٿي آهي. شاعر جو پٽ هوندي به هن شاعري کان توبه ڪندي چيو:
(براهوئي کان في البديهه منظوم سنڌي ترجمو)
مونکي شاعري جو شغل ناپسند
قسم تي هي ڌنڌو اصل ناپسند
هي ڳالهيون ڊگهيون ڪهڙو مقصد رکن!
توهان کان ڪيان مان نقل ناپسند
چڱو ڪم ڪندس! پاڻ هن قوم لئه
جو سهڻن جو ڀاڪر بغل ناپسند
جتي ڳالهه هر دم هلي حسن جي،
ته ان قسم وارو غزل ناپسند
سڀن کي سنيهو اي عرفان ڏي!
مونکي بي عمل جو عمل ناپسند
عبدالجبار يار جي پٽ شاعري کان توبه ڪئي پر محترم صابر صاحب جي پٽ پيءُ وارو پنڌ ورتو ۽ اڃا تائين شاعري پيو ڪري. رب ڪريم کيس ڪامياب ڪري!
سيءُ ڪافي هيو اسان ڊگها ڪوٽ پاتا. ٿڌ جي ڪري موٽر جي وک به هلڪي رهي مگر جوش جذبي سان منزل ماڻيندا، بولان جي ور وڪڙن مان گذرون پيا.
دره بولان
بولان جو لڪ
بولان لَڪ بلوچستان جو تاريخي لَڪُ آهي ۽ قديم زماني کان قافلا ايندا ويندا هيا. انگريزن اچي هتي رستو، ريلوي لائن جوڙي،ريل رستي لاءِ سرنگهون ٺاهيون جبل ٽُڪي تقريبا چوويهه سرنگهون جوڙيون. بولان لڪ جي ڊيگهه ڪولپور کان رندعلي تائين 54 ميل آهي. بولان ۾ ريل جو سفر هجي يا گاڏي جو ڪافي سهڻو نظارو پيش پيو ڪري. جڏهن اسان جي گاڏي بولان جي وروڪڙن مان گذري پئي ڌڻ ڌنارن جا خيما نظراچن پيا. جتان ڪک ڪانن ۽ ٻين ٻوٽن جي ٻرندڙ باهه جو دونهون ماحول کي وڌيڪ سهڻو بڻائي پيو.
اڄ ڪالهه ترقي جو زمانو آهي. سنڌ بلوچستان، ڪڇي ۽ خراسان لڏ پلاڻ يا اچ وڃ جو اهو سلسلو ڪونهي. جيڪو اڳ هيو. اڄ ته ماڻهو ٽرڪ ريل، ڪوچ ۽ جهاز وسيلي سفر ڪن ٿا. پوءِ به ڪجهه ماڻهو اهڙا آهن جيڪي پنهنجي ماڳ کان بولان جي وروڪڙن مان اٺن جي وڳ يا ماڻهو اٺ گڏهه مٿان گِدان ( ڏاس مان جڙيل خيمو) گِندار ( خيمي جي وچ ۾ ونگ واري ڪاٺي) ڪاٺين ۽ بسترن ۽ ضروري سامان مٿان ڪجهه ڪڪڙن سميت پنڌ ڪن ٿا. ڪڪڙن جو ٽراڪڻ يا موٽر کان اٺ جي گوري جو ٽهڻ، پانڌيئڙن لاءِ ويل ۽ موٽر مالڪن لاءِ خوشي جو سبب آهي. هنن ماڻهن جا بکارا ڪتا جيڪي جهنگلي جانورن کي به منهن ڏين ٿا، سي گهر ڌڻين جي پويان تابعداري سان منهن هيٺ ڪري هلن پيا. کين ڪو هڏو يا سڪل ماني جي عيوض مالڪ، مال مڏي ڌڻ وغيره جي حفاظت لاءِ پنهجو ساهه گهوري رکن ٿا ڪتي جي وفاداري اڄوڪي ماڻهن لاءِ مثال آهي.
بولان جو اهڙو نظارو اسان کي ڏاڍو وڻي پيو. ڪنهن هوٽل تي بسون ۽ ٽرڪون ، رستي ڪناري بيٺل هيون. ۽ مسافر چانهه ماني ۾ مشغول هيا. ان ريت مَڇ مان گذرياسين. جبلن تي ڪوئلن جو کاڻيون نظر آيون.مَڇُ جو ڪوئلو پوري ملڪ ۾ مشهور آهي. ڪوئلن جي کاڻين ۾ ڪم ڪندڙ گهڻو ڪري سوات ۽ صوبه سرحد (خيبر پختون خواهه) جا مزدور اچن ٿا. هتان جا ماڻهو اها ڏکي مزدوري ڪري نه ٿا سگهن. منهنجي معلومات موجب هي کاڻيون هتان جي براهوئين جون ملڪيت آهن. مَڇ کارڪن، ڪتل ۽ کجين جي ڪري به مشهور آهي. (کجي جي وڻ کي براهوئي ۾ مڇ چئجي ٿو) ان کان سواءِ هتي پاڪستان جي وڏن جيلن منجها هڪ جيل آهي. جتي ڏوهارين کي بند ڪن ٿا. ڪيئي سياسي قيدي به هت بند رهيا. جنهن ۾ بلوچستان جا به مشهور ماڻهو قيد ٿيا جهڙوڪ مير غوث بخش بزنجو، سردار عطاءُ الله مينگل، مير گل خان نصير. مير شير محمد مري، نواب خير بخش مري، امير الملڪ مينگل ۽ عبدالصمد خان اچڪزئي وغيره.
مڇ کان ٽپي اسان جي گاڏي تيزي سان منزل ڏانهن رواني هئي. جڏهن بي بي ناني جي پل گذرياسين ته جبلن جي چشمن مان وهندڙ پاڻي بولان نئين ۾ وهي رهيو هو. ڪٿي ظاهر پيو ٿئي ته ڪٿي گم ٿي ٿيو. ڪٿي ته پاڻي جو بيٺل ڪُنب به هيا. جتي پڪنڪ لاءِ ماڻهو اچي، خوشي ماڻن ٿا.
اسان بولان جي ورن وڪڙن کان نڪتاسين ته رستي جي ڪناري تي مهرڳڙهه جو بورڊ ڏٺوسين ۽ مهر ڳڙهه جا آثار ياد آيا.
جڏهن مهر ڳڙهه جا آثار لڌا ويا ته علائقي جي تاريخي اهميت ۾ وڏو واڌارو آيو. مهر ڳڙهه جي تاريخي حيثيت، اتان هٿ آيل نوادرات مان معلوم تي ۽ ڄاڻايو ويو ته هي شهر ست هزار سال پراڻو آهي. اهو شهر (ڦٽل) بولان لڪ جي اوڀر ۾ تقريبا سورهن ڪلوميٽر پري آهي. هن ماڳ جو تعلق آثار قديمه جي NEOLITHIC PERIOD کان ٻڌائن ٿا. يعني انسان ابتدا کان ترقي ڪري پٿر جي دور ۾ داخل ٿيو. ۽ پوءِ زرعي دور کي پهتو. ان وقت انسان پنهنجي ڪم کي سولو ڪرڻ لاءِ اوزار جوڙيا. اهي اوزار مهر ڳڙهه جي دڙن مان هٿ آيا.
1928ع ۾ فرانسيسي ماهرن جي هڪ گروپ ڊاڪٽر جي ايف جارج جي سرواڻي ۾ ۽ پاڪستان جي آثار قديمه جي ماهرن گڏجي مهر ڳڙهه جي دڙن جي کوجنا ڪئي. هن کوجنا وقت ٿانون جا ٽڪرا، دلن جا ٽڪرا، مٽيءَ مان جڙيل شيون ، ٺڪر جن تي رنگ برنگ چٽ آهن. ان کان سواءِ مٽيءَ مان جڙيل گڏيون ، انسان ۽ جانورن جا بوتا ۽ هڏن مان ٺهيل هٿيار ۽ زيور به لڌا. هنن شين جي تجزيي ۽ تحقيق کان پوءِ اندازو لڳايوويو ته هن شهر جو بنياد 4500(قبل مسيح) رکيو ويو هيو. هي هوشيار مخلوق هئي. جيڪي نه رڳو پوک راهي کان واقف هيا. پر سٺي اٿڻ ويهڻ جي اصولن جا ڄاڻو هيا. جيڪي 2700 سالن قبل مسيح هتي آيا ۽ رهيا.
مهر ڳڙهه کان اڳتي ڇهن ڪلوميٽرن جي فاصلي تي نوشهرو جا دڙا نظر آيا آهن. انهن جو به مهر ڳڙهه تهذيب سان تعلق آهي. اهي دڙا به اندازا 1800 يا 2700 تائين آباد رهيا.
مهر ڳڙهه بابت ڳالهائيندي منزل طئي ڪندي بولان جي مُهڙ يعني شهر ڍاڍر جي حدن ۾ پهتاسين.