انتساب_
دنيا ۾ ڪي اهڙا عظيم ماڻھو بہ آهن جن سان ويجهڙائي، رفاقت ۽ دوستي خوشنصيبي سمجهي وڃي ٿي. آئون بہ پاڻ کي خوش نصيب سمجهان ٿو جو مون کي حڪيم صاحب سان ڪافي عرصي لاءِ ويجهڙائي نصيب رهي. منھنجي ساڻس پھرين ملاقات 1965ع ۾ سندن مطب ۾ ٿي. اسان چٽگانگ (مشرقي پاڪستان) مان مئرين انجنيئرنگ جي تعليم وٺي ڪراچي آيا هئاسين. چٽگانگ ۾ هئاسين تہ اسان جا ڪراچيءَ جا دوست حڪيم سعيد جي ڏاڍي تعريف ڪندا هئا تہ هن جي هٿ ۾ شفا آهي ۽ هو بنا پئسن جي مريضن کي ڏسي ٿو، سو ڪراچيءَ ۾ ڪجهہ ڏينھن رهڻ بعد آئون ۽ منھنجو هڪ ٻيو جهازي دوست حڪيم سعيد جي آرام باغ واري مطب ۾ فجر نماز مھل پھتاسين. پاڻ شروع کان فجر پڙهي اسپتال ۾ اچي ويھندو هو ۽ جيڪو مريض پھرين ايندو هو، ان کي پھرين ڏسندو هو. اسان ٻنھي جو ڪھڙو مرض هو؟ اڄ پورن پنجٽيھن سالن بعد سوچجي ٿو تہ کل ٿي اچي ۽ حڪيم سعيد کان بہ ٽهڪ نڪري ويو. جڏهن اسان چيو:” اسان جا وار ڪري رهيا آهن ۽ عنقريب گنجا ٿي وينداسين. توهان جي هٿ ۾ شفا آهي ڪا اهڙي دوا ڏيو جو اسان جا وار نہ ڪِرن (ٻين لفظن ۾ فلمي هيرو ديو آنند، دليپ ڪمار، سڌير، سنتوش ٿي رهون- انھن ڏينھن ۾ اهي ٽاپ جا هيرو هئا.)“
حڪيم سعيد اسان جي غلط فھمي دور ڪندي چيو: ”شفا پنھنجي جاءِ تي، پر ڪي ڳالھيون لاعلاج ٿين ٿيون. ٿي سگهي ٿو توهان جي فئملي ۾ هجي يا پريشاني ڪري يا سمنڊ جي کاري هوا ڪري اوهان جا وار ڪرندا هجن. وار هڪ دفعو ڪريو تہ وري نہ ايندو ۽ ٻي ڳالھہ تہ وارن جي آڌار تي نہ پر عقل ۽ محنت جي آڌار تي پنھنجو نالو پيدا ڪريو.“
حڪيم سعيد جون ڳالھيون ٻڌڻ بعد چپڙي ڪري سندس دواخاني مان نڪتاسين. پر آئون هن شخص مان ڏاڍو متاثر ٿيس. ڪراچيءَ ۾ باقي ڏينھن رهڻ دوران ڪنھن فنڪشن يا دعوت ۾ حڪيم محمد سعيد کي ڏسندو هوس تہ وڏي عزت سان وڃي ساڻس ملندو هوس ۽ هو خبرچار پڇي مرڪندو هو. جهاز تي چڙهڻ بعد بہ عيد براد جي موقعي تي کين ياد ڪري ڪارڊ موڪليندو رهندو هوس يا جهاز جي ڪراچي اچڻ تي ساڻن ملاقات لاءِ ويندو هوس. اڳتي هلي ادبي ۽ تعليمي محفلن ۾ مون کي خاص طور گهرائيندو هو ۽ اهي محفلون گهٽ پر سوچ ويچار جون گڏجاڻيون وڌيڪ هونديون هيون. کين ادب سان لڳاءُ هو ۽ مون کي هر وقت گهڻي کان گهڻو لکڻ لاءِ چوندو هو. خاص ڪري جپان ۽ جپان جي ادب، ڪلچر ۽ ماڻھن جي سٺين ڳالھين بابت- جن مان حڪيم صاحب جن پاڻ بہ متاثر هئا. هڪ اهو بہ سبب آهي جو اڄ هي جپاني ادب جو ڪتاب ”جپان رس“ سندن ياد ۾ منسوب ڪري خوشي محسوس ڪريان ٿو.
حڪيم صاحب جي آخري ڏينھن ۾ کين سڀ کان گهڻو اونو قوم جي ڪرندڙ معيار ۽ تعليم جو هو. هو هر مھيني هوٽل آواري ٽاور ۾ پڙهيل ڳڙهيل ماڻھن کي چانھہ پاڻيءَ جي دعوت ڏئي گهرائيندو هو، جنھن ۾ ڪيترائي تعليم يافتہ، تعليم جا ماهر ۽ استاد صاحبان اچي گڏ ٿيندا هئا. جن ۾ يونيورسٽين جا موجوده ۽ سابق وائيس چانسلر پڻ ايندا هئا ۽ اهم مسئلن تي سوچ ويچار ڪيو ويندو هو. پاڻ بنا ڪنھن گروهي، سياسي ۽ فرقي وارانہ اثر جي ملڪ ۽ قوم جي ڀلي لاءِ، هر ڳالھہ فراخدليءَ سان سوچيندو هو. سندن ڳالھائڻ فضيلت ۽ تحمل وارو هو ۽ ڪنھن بہ شيءِ ۾ بناوٽ ۽ ڏيکاءُ جو پھلو نظر نٿي آيو. هر هڪ جي ڳالھہ ۽ صلاح ٻڌندو هو ۽ وڏي توڙي ننڍي جي عزت ڪندو هو. آئون تہ هونءَ بہ کانئن عمر ۽ علم ۾ تہ هيٺاهين درجي تي هوس پر ٻيا جيڪي محفل جا مور هوندا هئا، انھن ۾ بہ گهٽ تعليم يافتہ هوس. ايتري قدر جو هڪ اهڙي محفل ۾ منھنجي ڀر ۾ ويٺل سائين ڪريم بخش خالد صاحب ۽ اسان جي ڪئڊٽ ڪاليج جي استاد ڪمانڊراسرار اللھ کي چيم: توڻي کڻي آئون گذريل پندرهن سالن کان تدريسي ڪم ڪري رهيو آهيان، پر بنيادي طور تہ هڪ جهازي (Sailor) آهيان. ٻين لفظن ۾ ماڇي، مھاڻو، ساٽي آهيان ۽ ملڪ جي ههڙن مشھور وائيس چانسلرن ۽ قابل تعليمي ماهرن جي وچ ۾ آئون بنھہ هيٺين ڏاڪي تي آهيان.“
ان ئي محفل ۾ بدقسمتيءَ سان ڪجهہ بدمزدگي ٿي پئي. اسان کي بحث مباحثي- بلڪہ اسان کي قومي زبان اڙدوءَ جي ترقيءَ بابت راءِ ڏيڻي هئي، پر مون ڏٺو تہ ان محفل کان اڳ دستور موجب چانھہ بسڪٽ جو دور هلڻ مھل حڪيم صاحب پنھنجي راءِ کان سڀني کي آگاھہ ڪري ڇڏيو ۽ پوءِ بعد ۾ محفل شروع ٿيڻ تي پنھنجي راءِ جو پختگي سان اظهار ڪيو تہ: ”حڪومت کي کپي تہ اڙدوءَ کي اڃا بہ ترقي ڏياري. اڙدوءَ ۾ اڃا بہ بھتر ڊڪشنريون ٺھڻ کپن. حڪومت کي اهڙو ادارو جلد از جلد قائم ڪرڻ کپي، جنھن جو ڪم انگريزي ۽ ٻين زبانن جا ڪتاب- خاص ڪري ميڊيڪل ۽ انجنيئرنگ جا ڪتاب اڙدوءَ ۾ ترجمو ڪري، هر ڪاليج ۽ يونيورسٽيءَ ۾ پڙهايا وڃن.“ حڪيم صاحب جي تقرير بعد ٻين عالمن ۽ دانشورن پنھنجي راءِ ڏني پر سڀني جو هڪ ئي لب و لباب هو. مون کي سمورو وقت لڳو تہ معزز مقررين پنھنجي دل جي صحيح راءِ ڏيڻ بدران حڪيم صاحب کي خوش ڪرڻ لاءِ انھيءَ ئي طرز تي ڳالھائي رهيا آهن يا تہ سچ پچ کين بين الاقوامي زبان انگريزيءَ بدران اڙدوءَ ۾ هر ڪتاب شايع ڪرڻ جي سٺاين جي تہ خبر آهي پر ڪمزورين کان اڻ ڄاڻ آهن.
مون هڪ جونيئر جي حيثيت ۾ ڪجهہ چوڻ نٿي چاهيو پر پوءِ کڻي مٿي کُٽي اٿي خلاف ڳالھايم. جيتوڻيڪ ان ڳالھہ جو بہ اظهار ڪيم تہ اهو نہ سمجهيو وڃي تہ آئون هڪ سنڌي آهيان ان ڪري اڙدوءَ جي خلاف ڳالھائي رهيو آهيان ۽ تمھيد ۾ اهو بہ چيم تہ اڙدو پنھنجي جاءِ تي هڪ اهم زبان آهي. جيتوڻيڪ آئون اسڪول ۾ اڙدو نہ پڙهيس، پر مون کي والدين اهو چئي گهر ۾ اڙدو پڙهائي تہ اڙدو ۾ تمام گهڻيون اخبارون رسالا نڪرن ٿا ۽ اڙدوءَ ۾ تمام گهڻا مذهبي ڪتاب آهن ۽ ان جي فائدي جو احساس اڄ بہ اٿم پر اڙدو، بنگالي، تامل يا ڪنھن ٻيءَ علائقائي زبان کي ايڏي اهميت ڏيڻ سان اسان بين الاقوامي زبان انگريزيءَ ۾ ڪمزور ٿي وينداسين ۽ اسان اڄ جيڪي هن وقت دنيا جي هر هڪ ملڪ ۾ رهي سگهون ٿا، تن جو حال انڊونيشين جيان هالئنڊ تائين محدود ٿي پوندو. اهو تجربو/ عمل ٻين بہ ڪيترن ئي ملڪن ۾ ٿيو آهي، پر شاگردن کي اوريجنل انگريزي زبان جي آلجبرا، ڪيمسٽري، ميٽلرجي، ائناٽامي يا فارماڪالاجي بدران پنھنجي زبان ۾ پڙهڻ سان ويتر مونجهارو ٿئي ٿو ۽ پوءِ ان سلسلي ۾ برما، ملائيشيا جهڙن ملڪن جي ناڪام تجربن جا مثال ڏنم ۽ اهو پڻ ٻڌايم تہ ائين فائديمند هجي ها تہ اڄ جپان ۽ سعودي عرب وارا انگريزيءَ کي ڇڏي ڏين ها. جيتوڻيڪ جپان ٽيڪنالاجي ۾ اڳيان آهي ۽ عربي دنيا جي پنجن اهم زبانن مان هڪ آهي.
چوڻ کي تہ آئون چئي ويٺس، پر ڏٺم تہ ڳالھہ مزو نہ ڪيو. منھنجي خيال کي ردڪد ڏيڻ لاءِ ٻين ڳالھايو ۽ حڪيم محمد سعيد کي بہ منھنجي اها تقرير نہ وڻي، جيڪا ٻين جي اميد جي خلاف هئي. مون کي ڪجهہ افسوس، ڪجهہ ڏک ٿيو- خاص ڪري حڪيم سعيد طرفان تہ هو ڇا سوچيندو. پر اهو ڏک گهڻي دير نہ هليو جڏهن رات جو نائين ڏهين بجي حڪيم صاحب جو فون آيو تہ پاڻ ”ساري“ ڪندي چيائون تہ هنن طرفان نہ ٿيڻ کتو ٿي. (يعني منھنجي ڳالھہ کي هڪدم نہ مڃڻ صحيح نہ هو) ۽ ”هاڻ محسوس ٿو ڪريان تہ تنھنجي ڳالھہ ۾ ڪافيSense هو ۽ هونءَ بہ غلط يا صحيح توکي پڻ ٻين وانگر پنھنجي راءِ ڏيڻ جو پورو پورو حق هو ۽ آئون تنھنجيون ڪيتريون ڳالھيون Appreciate ڪري رهيو آهيان.“
منھنجي خيال ۾ حڪيم محمد سعيد صاحب جي اها عظمت(Greatness) هئي جنھن مون جھڙي معمولي ماڻھوءَ کي فون ڪري احساس ڏياريو تہ منھنجي راءِ بہ اهميت رکي ٿي، توڙي کڻي اها ان وقت قبول نہ ڪئي وئي هئي.
حڪيم صاحب جون ڪي ڪي بيحد سٺيون ڳالھيون جن جو آئون تمام گهڻو قدر ڪريان ٿو:هو هڪ پڪو مسلمان هو. وقت جو پابند هو. ننڍي هوندي کان وٺي فجر نماز پڙهي اچي پنھنجو مطب کوليندو هو تہ مرڻ گهڙيءَ تائين نہ نماز ڇڏيائين نہ وقت جي پابندي. مون سندن ويجهو رهي ڏٺو تہ هو زبردست محنتي قسم جو ماڻھو هو. آئون بہ گهڻن جپانين ۽ جرمنن سان گڏ رهيو آهيان، جيڪي سخت محنتي ۽ پورهيت چيا وڃن ٿا، پر گهٽ حڪيم صاحب بہ نہ هو. فجر کان بہ گهڻو اڳ اٿندو هو ۽ سڄو ڏينھن هل هلان ۾ گذاريندو هو. مريض ڏسڻ، پنھنجي اداري همدرد دواخاني ۽ يونيورسٽيءَ جي انتظاميا کي منھن ڏيڻ، لکڻ پڙهڻ، ادبي، سماجي، سرڪاري ۽ غيرسرڪاري قسم جا جلسا فنڪشن ۽ سيمينار اٽينڊ ڪرڻ- سچ تہ وڏي Stamina وارو هو هي شخص! ان کان علاوه سادگي پسند، سادو کائڻ وارو ۽ حقيقت پسند، ماني ٽڪي ۽ دعوتن لاءِ هروقت ماڻھن کي نصيحت ڪندو رهندو هو تہ سادو ۽ گهٽ کائو- ان ۾ ئي صحت جو راز اٿانوَ.
ننڍپڻ ۾ اسڪول جي ڪتاب ۾ پڙهيو هوم: هڪ شخص حڪيم صاحب وٽ ويو ۽ عرض ڪيو، ”منھنجي پيٽ ۾ سخت سور آهي.“
حڪيم صاحب پڇيس: ”رات جو ماني ۾ ڇا کاڌو هئي؟“
جواب ڏنائين: ”سڙيل ماني.“
حڪيم صاحب دوا تيار ڪئي ۽ هن کي ڏيندي چيو: ”هن کي اکين ۾ وجهي ڇڏجان.“
هن شخص وائڙو ٿي پڇيو: ”حڪيم صاحب منھنجي پيٽ ۾ سور آهي، اکين ۾ نه.“
حڪيم صاحب ٺھہ پھہ وراڻيس: ”نہ تنھنجون اکيون خراب آهن. جيڪڏهن تنھنجون اکيون صحيح هجن ها تہ تون ڪڏهن بہ سڙيل ماني نہ کائين ها.“
سو اسان جي ملڪ جي نامور طبيب ۽ دانشور حڪيم محمد سعيد بہ پنھنجن مريضن مان اها توقع رکي ٿي تہ هو کاڌي جي معاملي ۾ احتياط رکن. پاڻ هميشہ اهو چوندو هو تہ چوويھن ڪلاڪن ۾ فقط هڪ ويلو (ڪوشش ڪري منجهند جو) ٻوڙ ماني کائو نہ تہ صبح شام Full Meal بدران فقط هلڪي ڦلڪي ڪا سئنڊوچ کائي گذارو ڪري ڇڏيو. پاڻ پنجاھہ لک کن مريضن جو علاج ڪيو هوندائين، جن ۾ ملڪن جي سربراهن کان وٺي غريب غربا شامل آهن. هن ڪڏهن بہ ڪنھن کان تپاس جي في نہ ورتي.
پاڪستان ۾ علاج جي يوناني طريقي کي آڻڻ ۽ وڌائڻ ويجهائڻ لاءِ حڪيم محمد سعيد صاحب 1948ع ۾ ڪراچيءَ جي مشھور علائقي آرام باغ ۾ هڪ ننڍڙي ڪمري واري دواخاني (مطب) جو آغاز ڪيو. پاڻ 1947ع ۾ دهليءَ کان ڪراچيءَ آيو هو. پاڪستان پھچڻ تي هن کي پھريون دفعو غربت ۽ افلاس جو تلخ تجربو ٿيو. سنڌ پنجاب جون اهم شخصيتون دهليءَ وينديون هيون تہ هميشہ سعيد صاحب وٽ مھمان ٿي رهنديون هيون، پر پاڻ پنھنجي خودداري ڪري ڪنھن وٽ بہ مدد لاءِ نہ ويو. ڪراچيءَ ۾ پنھنجي شروع وارن ڏينھن ۾ هو نوڪريءَ جي ڳولا ۾ ڪوتوال بلڊنگ اسڪول پھتو، پر اهو چئي کيس اندر اچڻ نہ ڏنو ويو تہ تنھنجا جوتا ڦاٽل آهن. نيٺ اتان مايوس ٿي هو ڪراچيءَ جي پٺتي پيل علائقي کڏي پھتو، جتي هڪ اسڪول ۾ هو هڪ عرصي تائين ٻارن کي قرآن مجيد پڙهائيندو رهيو، ان کان پوءِ آرام باغ روڊ تي اعوان لاج ۾ هن پنجاھہ رپيا مھيني جي مسواڙ تي هڪ ڪمرو ورتو ۽ فرنيچر جا ساڍا ٻارهن رپيا ڏيندو هو. حڪيم صاحب همدرد ٽرسٽ نالي دواساز ادارو، جيڪو پھرين هندستان ۾ کوليو هو، اهو ڪراچيءَ ۾ 19 جون 1948ع ۾ شروع ڪيو، جنھن لاءِ هڪ پارسي مسٽر جمشيد نسروانجيءَ اعوان لاج جي بلڪل سامھون کيس وڏو پلاٽ ڏنو ۽ ان جو افتتاح تن ڏينھن جي وزير تعليم مرحوم پير الاهي بخش ڪيو هو. هن اداري جي دوائن مان ساليانو ڪروڙها رپيا فائدو ٿئي ٿو، جيڪو همدرد فائونڊيشن ذريعي ادبي، تعليمي، سماجي ۽ ٻين خير جي ڪمن ۾ استعمال ٿئي ٿو. بھرحال حڪيم محمد سعيد پاڻ کي قوم ۽ ملڪ جي خذمت لاءِ وقف ڪري ڇڏيو هو. هو هميشہ چوندو هو تہ هن جي دولت جا حقدار غريب ۽ مسڪين آهن، جن جي دعائن سان هن هيڏي عزت ۽ شھرت حاصل ڪئي.
حڪيم صاحب جنوري 1920ع تي دهليءَ ۾ ڄائو. پورن نون سالن جي ڄمار ۾ هن قرآن حڪيم حفظ ڪيو. 1948ع ۾ همدرد مطب قائم ڪيائين ۽ 1950ع ۾ همدرد فئڪٽري ٺاهيائين، جنھن ۾ روح افزا شربت، جوهر جوشاندي، خميره گائوزبان کان وٺي صحت سڌارڻ جون دوائون ۽ شيون ٺھن ٿيون. 1953ع ۾ همدرد وقف ٺھيو ۽ 1954ع ۾ همدرد فائونڊيشن جو بنياد رکيو ويو. 1958ع ۾ همدرد طبيه ڪاليج شروع ڪيو ويو، مطلب تہ ملڪ ۽ قوم جي تعمير ۽ خذمت لاءِ حڪيم صاحب ڪو نہ ڪو ادارو قائم ڪندو رهيو. ايتريقدر جو 1995ع تائين شوريٰ همدرد، همدرد انسٽيٽيوٽ آف ايگريڪلچر، همدرد انسٽيٽيوٽ آف مئنيجمينٽ سائنسز، همدرد يونيورسٽي اسپتال، بيت الحڪمت، همدرد پبلڪ اسڪول، همدرد يونيورسٽي، همدرد انسٽيٽيوٽ آف ايڊيوڪيشن ائنڊ سوشل سائنسز، همدرد ڪاليج آف ميڊيسن، همدرد ڪاليج آف ايسٽرن ميڊيسنز، همدرد انسٽيٽيوٽ آف انفارميشن ٽيڪنالاجي وغيره قائم ڪيائين.
پاڻ سنڌ صوبي جو گورنر پڻ ٿيو ۽ سندن دور ۾ ڪيتريون ئي يونيورسٽيون قائم ٿيون. تاريخ کيس پاڪستان کي ٺاهيندڙ طور ياد ڪندي. پاڻ پاڪستان جي اميد هو. ڇنڇر 17 آڪٽوبر 1998ع صبح جو ڇهين وڳي آرام باغ روڊ تي پنھنجي مطب اڳيان دهشتگردن هٿان شھيد ٿي ويو. ان وقت کين روزو هو ۽ ڏکويل انسانن جي خذمت لاءِ اتي پھتو هو.
حڪيم محمد سعيد ستاره امتياز پاڪستان (1966ع) سميت ڪيترائي ايوارڊ ۽ اعزاز حاصل ڪيا هئا. پاڻ اڙدوءَ ۾ ڇٽيھہ ڪتاب ۽ انگريزيءَ ۾ ستاويھہ ڪتاب لکيا آهن. سائنس، طب، تاريخ ۽ اسلام بابت سندس ٽي سئو کان وڌيڪ مقالا ڇپجي چڪا آهن.
الطاف شيخ
ڪراچي
پھرين جنوري 1999ع