رضوان جا ٻيا ڪيترائي اهڙا شعر آهن، جيڪي ڪشش ڪن ٿا. مان جڏهن به رضوان سان ملندو ۽ سندس شاعري ٻڌندو هيس ته اچرج لڳندو هُيم، ته رضوان شاعر به آهي! ڇاڪاڻ ته مونکي سندس انداز شاعراڻو محسوس نه ٿيندو هيو. پر، بعد ۾ جڏهن هن جون ڪوتائون ٻڌيون ته هُو واقعي به هڪ حساس شاعر لڳو. سندس احساس ۽ جذبا، سندس اُمنگون ۽ ارمانَ، سندس سوچون ۽ سپنا، سندس ڌڙڪنون ۽ نظرون، ۽ سندس اتساهَه ۽ چاهَه سڀئي اهڙو اظهار ڪندي نظر اچن ٿا ته هُو سچُ به شاعريءَ جي راهَه جو اهو پانڌيئڙو آهي جنهن جي وجود ۾ هڳاءَ ۽ هِيرون آهن ۽ جيڪو فطرت کي چاهيندڙ آهي.
رضوان جي شاعري مختلف صنفن ۾ آهي، جن مان موجوه ڪتاب ۾ غزلَ، آزاد نظمَ، نثري نظمَ، هائيڪا، وايون ۽ تروينيون شامل ڪيون اٿائين. مون سندس سموري شاعريءَ جو مطالعو ڪيو آهي ۽ منهنجي ذاتي راءِ ۾ هُن سهڻا غزل به سرجيا آهن، پر سندس نثري نظمن ۾ وڌيڪ سگھ آهي:
جيئن خزان جي موسم ۾
وڻن جا سڪل پن
رستن تي وکري
ڀُري پوندا آهن،
وڇوڙا به
ائين ئي انسان کي
سڪل پنن جيان
ڀورا ڀورا ڪري وجھندا آهن. (“وڇوڙا”)
ان کان سواءِ هُن جا نثري نظم “عشق جو اظهار”، “رانديڪا”، “ڪُوڙِي شانتي”، “دل جون اکيون” ۽ ٻيا پڻ وڻندڙ آهن. “پيار جي پهرين بارش” واقعي به رضوان جي پيار جي پهرين برسات آهي، جنهن جون ڪَڻيون پنهنجي وجود تي ان احساس وانگر وَسن ٿيون، جن کان پوءِ اُجري فطرت کي پَسڻ ۽ انڊلٺ جي نظاري ڪرڻ جي آس ڪَر موڙڻ لڳندي آهي.
ڪاش! تون اچي وڃين
ته ڪي محبتن جا مينهن وسن
۽ منهنجي من کي اجرو ڪري
منهنجا سڀئي غم به ائين ئي ڌوئي ڇڏن
جيئن سڄي رات برسات وسڻ کان پوءِ
شهر جا سڀ رستا
وڻ ٽڻ ۽ وليون
ڌوپجي اڇا اجرا ٿي پيا آهن. (“برسات وسڻ کان پوءِ”)
آس اٿم ته رضوان گل جي پيار جي هن پهرين بارش / پهرين شعري مجموعي کي به اوهان سندس اڳ واري ادبي پورهيي وانگر دل کولي قبول ڪندا.
رياضت ٻرڙو
14 مارچ 2012، لاڙڪاڻو
گل بڻجي پئو خار ڇو ٿا ٿيو (مهاڳ) ــــ سعيد ميمڻ
منهنجي خيال ۾ زندگيءَ جي هر عمل ۾ هر منظر ۾ جيڪو معنائن ڀريو تصور لڪل آهي ان کي ڀرپور نموني ظاهر ڪرڻ جو نالو فن آهي. پنهنجي خوبصورت پيشڪش ۽ نرالي ڏانءَ سان ئي فنڪار ۾ انفراديت پيدا ٿيندي آهي. جيڪا سندس تخليقن کي ٻين کان ڌار ڪري بيهاريندي آهي. سنڌي شاعرن جي هيڏي وڏي آدم شماريءَ ۾ مون کي تمام ٿورا شاعر نظر اچن ٿا جن جي شاعري ٻين کان منفرد هئڻ جو احساس ڏياري ٿي. رضوان گل جي شاعري شاعرن جي ان وڏي آدم شماريءَ جي وچ ۾ پنهنجي نرالي شناخت قائم ڪرڻ جي جستجو ۾ مصروف آهي ۽ اهو احساس ڏياري ٿي ته ڪائنات جون ڪيتريون ئي نيون ڏسائون ۽ وسعتون سندس نيڻن آڏو آهن. اسان جو هي سندر شاعر، شاعريءَ جي شاهراهه تي هڪ عزم سان روانو ٿي چڪو آهي مون کي اميد آهي ته سندس هي شاعراڻو سفر ضرور اعلى منزل ماڻيندو.
اها حقيقت آهي ته اهو شاعر ئي آهي جيڪو هن ڪائنات جي معمولي منظرن کي پنهنجي لفظن سان غير معمولي حسن عطا ڪري ٿو. معمولي ڳالهه ۾ غير معمولي معنى ڳولهي لهي ٿو. جنهن شيءِ تي نظر پويس ته اها کيس حيرتن جي وچ ۾ بيهاري ڇڏي ٿي. شاعر گٺل پيٺل لفظن ۾ نئون روح ڦوڪي ڇڏي ٿو. ۽ ها، انهن انوکن شاعرن جي سنڌ ۾ کوٽ ناهي. سڀني وٽ ڏات جي پنهنجي الڳ دنيا آهي، پنهنجا رنگ ۽ روپ ۽ پنهنجون سندرتائون آهن. ڪنهن کي ڪنهن تي فوقيت ڏيڻ جي ضرورت ئي ناهي. پر اهو ضرور ڏسڻو آهي ته؛
ڪنهن جي شاعراڻي ڪائنات ڪيتري وسيع آهي؟ منجھس موضوعن جو ڪيترو ڦهلاءُ آهي؟ ڇا اها شاعري انسان سان لاڳو ازلي سوالن جا جواب ڏئي ٿي؟ ڇا ان شاعريءَ ۾ انسان جي بنيادي مسئلن جو ذڪر آهي؟ ڇا ان شاعريءَ ۾ سمنڊ جيڏي گھرائي آهي؟ ڇا ان شاعريءَ ۾ ڪنهن ٻار جھڙي معصوميت ۽ سادگي آهي؟ ڇا ان شاعريءَ جي سٽ سٽ پڙهڻ سان لونءَ لونءَ ڪانڊارجي وڃي ٿي ۽ من کي روحاني خوشي نصيب ٿئي ٿي؟ ۽ اها آخري ڳالهه ته، اهو ڏسڻ گھرجي ته ڇا هن شاعر جي شاعري، ساحريءَ ۾ تبديل ٿي وئي آهي؟ يا نه؟ ان قسم جو فيصلو ڪو مون جھڙو ماڻهو يا نقاد ته نه ٿو ڪري سگھي. ڇو ته، شاعريءَ جو صرف اهو ئي نقاد ٿي سگھي ٿو، جيڪو تخليقي سطح تي ان شاعر کان به مٿي بيٺو هجي، جنهن جي شاعريءَ تي هو تنقيد لکي رهيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو اسان وٽ تنقيد جي کوٽ آهي. شايد اسان وٽ ڪو نقاد اهڙو نه بچيو آهي جيڪو تخليقي سطح تي به مٿاهون بيٺل هجي.
پر مان ڀانيان ٿو منهنجي اها سوچ درست نه آهي. سنڌ ۾ اڃا ڪجهه اهڙا ماڻهو آهن جيڪي تنقيد جي سِرَ تي تاج پارائي سگھن ٿا. جتي پٽڪو لاهڻ وارا ڪيترائي ماڻهو موجود هجن، اتي ڪجهه حقيقي قدردان موجود هوندا آهن.
مان پنهنجي اگھائيءَ سبب رضوان گل جي شاعريءَ تي تفصيلي ته نه ٿو لکي سگھان پر مختصر لفظن ۾ اهو چوندس ته کيس مون هڪ بي چين روح رکندڙ شخص وانگر ڏٺو آهي جيڪو ڪڏهن ڪنهن ڳوڙهي موضوع تي تحقيق ڪندي نظر آيو اٿم ته ڪڏهن ڪهاڻيون لکندي نظر آيو آهي، ڪڏهن ڪالم لکندي نظر آيو آهي ته ڪڏهن ترجما ڪندي ۽ ڪڏهن خوبصورت ۽ دل کي ڇهندڙ شاعري ڪندي. سندس من جو رجحان ڀلي مختلف پاسن ڏي ورهايل هجي پر الائي ڇو مون کي شدت سان محسوس ٿيندو آهي ته مون جيان سندس اصل شناخت صرف Poetry ئي آهي. جنهن سان جنون جي حد تائين سندس وابستگي محسوس ٿيندي آهي. مون رضوان جي من ۾ سدائين اظهار جي لاءِ آنڌ مانڌ ڏٺي آهي. پر ڳالهه رڳو اظهار ڪرڻ جي ئي نه آهي. اهميت ان ڳالهه جي آهي ته ان اظهار ۾ اثر هجي، سحرڪاري هجي، منجھس فن جي پختگي هجي ۽ اها من جي ڳالهه تخليقي ۽ آرٽسٽڪ هجي ۽ رضوان جي شاعريءَ ۾ اهي مٿيون خوبيون گھڻي حد تائين موجود آهن، ان حوالي سان سندس ڪجهه شاعري مان اوهان سان شيئر ضرور ڪندس:
ڪنهن کي آٿت ڏين ٿا روئارن به ٿا
لفظ مرهم جي آهن ته گھائن به ٿا
__ __
آخري ڀيرو پرنم اکين سان جڏهن
اک ملايئي ته لڙڪن جون لارون هيون
__ __
نيڻ تو جو کڻي نهاريو آ
ساري محفل جي ڌيان ۾ آهيون
__ __
اندر جون موسمون پن ڇڻ
ته ڪهڙيون رونقون آهن
__ __
اسان سر اڏيءَ تي رکي ٿا ڇڏيون،
زبان ڪوڙ تي جو، وري ڪونه ٿي.
__ __
آدم جو اولاد سمورو
ڇا لئه هيڏيون ذاتيون آهن
سادن ماڻهن سان هت اڪثر
ٿينديون ويسهه گھاتيون آهن
هڪڙي ڳالهه مون رضوان جي غزلن ۾ خاص طور محسوس ڪئي آهي ته سندس غزلن ۾ قافيي ۽ رديف جو دلڪش رچاءُ ملي ٿو. شاعر جيڪڏهن رديف جو خوبصورت استعمال ڄاڻي ٿو ته اهو غزل سونهن کي چوڏنهن چنڊ لڳائي ٿو ڇڏي. غزل جي هڪ رديف جي حوالي سان مون کي نارائڻ شيام جو هڪ شعر ياد اچي ٿو، جنهن مان رديف جي اهميت جي خبر پوي ٿي ته اهو غزل لاءِ ڪيترو اهم آهي؛
آکيرو جيئن پکيءَ لئه، غزل لئه رديف آ
هي ڇيهه بيت بيت جو، هُو هَر اڏار جو.
آءٌ اوهان سان رضوان جا ڪجهه خوبصورت شعر شيئر ڪري رهيو هوس؛
سڀئي ڇوڪريون مينهن جون ڄڻ ڪڻيون
تون منهنجي حصي جي ڪڻي ڇوڪري
__ __
ڪنهن جو آنچل هوا اڏاريو هو
ويڪرا روڊ ويڪريون ڇاتيون
ڄامشوري يونيورسٽي جي حوالي سان سندس ٻه پيارا هائيڪا آهن: رستا ڪشادا
يونيوسٽي جي روڊ تي
جوڙا هن پيادا
__ __
ڄامشوري جو سج
ڪئمپس ۾ ڇٽي ويو
محبت جو آ ٻج
مان ڀانيان ٿو شاعر جنهن ماحول ۾ پاڻ رهيو آهي ان ماحول جي سهڻي عڪاسي ڪري سگھي ٿو ۽ ٻي ڳالهه ته ذاتي مشاهدي کي جڏهن اسين بيان ڪريون ٿا ته ان ۾ هڪڙي ياد يا خواب جھڙي ڪيفيت پيدا ٿيو وڃي. رضوان سنڌ يونيورسٽي ۾ پڙهيو آهي جتان جو مشاهدو سندس شاعريءَ ۾ پڻ موجود آهي.
مون رضوان جي شاعريءَ تي تفصيلي لکڻ پئي چاهيو پر طبعيت جي ناچاڪيءَ سبب اڄ ڪلهه گھڻو نه ٿو لکي سگھان. باقي سندس ڪتاب “پيار جي پهرين بارش” جي شاعري پڙهي اٿم. جھڙو هن جو غزل سهڻو آهي تهڙو سندس هائيڪن ۽ نثري نظمن ۾ حسن آهي. هن ڪتاب ۾ غزلن، هائيڪن ۽ نثري نظمن سان گڏ آزاد نظم، وايون ۽ تروينيون پڻ شامل آهن. رضوان جي شاعريءَ ۾ ٽڪ جي رلهيءَ جھڙو تناسب رکندڙ رچاءُ به آهي ته سنڌ ڌرتيءَ جي ڪلچر جي خوشبو ۽ رنگيني به موجود آهي.
سنڌ ڌرتيءَ کي خوشبو سان واسي ڇڏيو
گل بڻجي پئو، خار ڇو ٿا ٿيو!؟
سعيد ميمڻ
عاقل _ 15.01.2012
شاعري ئي رضوان جي بنيادي سڃاڻپ آهي ـــ ساجد سنڌي
من ڇڙواڳ جون مڙئي چلولايون ڪڏهن ڪڏهن مٺي مرڪ جي مٺاس ۾ ايترو ته تاثير ڀرين ٿيون جو چاهيندي به ان کان پاڻ پري نه ٿا ڪري سگهون. هينئر منهنجون اکيون ماضيءَ جي ڌنڌ ۾ ٽڪ ٻڌي بيٺل آهن. هڪ معصوم چهرو دنياوي الجهنن کان بي نياز مون سان گڏ اسڪول جي پارڪ ۾ ٽهڪ شيئر ڪري رهيو آهي، سندس ساڄي هٿ جون آڱريون “سامي جا سلوڪ” ڪتاب جي وچ ۾ وچڙيل آهن، هو مون جيان شاعري جي سٽن کي سمجهڻ ۽ سلجهائڻ بنا خوب رٽي رهيو آهي. اسان ٻنهي شاهه، سچل ۽ سامي سميت ٻين ڪيترن ئي شاعرن جي چونڊ شعرن کي حفظ ڪيو هو، ان وقت سوين شعر اَن ميچوئر ذهن جي ڪئنواس تي نقش ٿي چڪا هئا. بيت بازي جي مقابلي ۾ پاڻ اڳ کان اڳرا رهيا سين، ان معصوم احساسن سان متل مانڊاڻ جي مهڪ شايد پنهنجي وجود کي ايترو واسي ڇڏيو جو پاڻ ٻئي اڄ به شاهه، سچل ۽ سامي جي سٽن جي گهرائي ماپڻ لاءِ ڪوشان آهيون.
ان معصوم دنيا کان شروع ڪيل سفر اڃان به روان دوان آهي، جنهن جي منزل جو پري پري تائين ڪو نانءُ نشان ناهي. ان وچ ۾ پاڻ ڪيترا پنا ڪارا ڪيا ۽ ڪيترن ڪتابن جو ورد ڪيو. ان جو ڪو ڪاٿو ڪونهي.
اڄ هن جي اکين اڳيان اڇي عينڪ چڙهيل آهي، ڪتاب اڄ به سندس دوست آهن ۽ دوستي دلبرين سان ڀرپور ساڳي محبت ۽ معصوميت سان سرشار آهي. هو ڀل بهشت جو داروغو رضوان نه هجي پر کيس محبت ۽ معصوميت جو داروغو رضوان سڏڻ لاءِ دل سٽون ٿي کائي. ڇاڪاڻ ته رضوان جي ڪوتائن ۾ به ايتري ئي معصوميت ڀريل آهي جيتري سندس چهري تي نمايان نظر اچي ٿي. سندس اکين تان چشمو هٽائي ڏسڻ جي به ضرورت ناهي، رضوان گل ته ڪوَتا ڪاڪ جو اهو گل آهي جنهن جي مهڪ مومل جي طلسماتي تجربن کي به تاراج ڪري ڇڏي. ڀل ان کي ڪو منهنجي انفرادي سوچ سڏي پر پنهنجو ڪنهن به سوچ سان ڪو سروڪار ڪانهي:
پيو وقت ٿو وار چاندي ڪري
جواني ڪڏهن ڀي، وري ڪونه ٿي
اسان سر اڏيءَ تي رکي ٿا ڇڏيون
زبان ڪوڙ تي جو وري ڪونه ٿي.
رضوان شاعري جي مختلف صنفن ۾ پنهنجي احساس جي اپٽار سان اندر جي اڃ اجهائيندو رهيو آهي، هن جا نفيس احساس ڄڻ پاڻ مرادو پنن تي پکڙجي ويا آهن، شايد ان ڪري ئي سندس غزلن ۾ هرڻيءَ جا ٽپا مختلف روپن ۾ پاڻ وڻائڻ لاءِ اتاولا آهن. هو سادن ۽ سلوڻن لفظن ۾ داخلي ۽ خارجي احساسن کي پنهنجي منفرد ڍنگ سان پنن تي پٿاريندو رهيو آهي ۽ لفاظيءَ جي ڄار کان پاڻ بچائيندي پنهنجو هڪ الڳ رستو جوڙيو آهي. رضوان گل هڪ ڀلوڙ نثر نويس طور ٻه عدد ڪتاب ڏئي ادبي کيتر ۾ پنهنجي هڪ الڳ سڃاڻپ ٺاهي آهي. سندس شاعري جو هي پهريون شعري مجموعو “پيار جي پهرين بارش” به يقينن مڃتا جا موتي ميڙي کيس هڪ الڳ سڃاڻپ بخشيندو، توڙي جو اها ادب دوستن کي گهٽ خبر آهي ته شاعري ئي رضوان جي بنيادي سڃاڻپ آهي، شايد هو لکڻ جا اصل محرڪ نظم کان وڌيڪ پختگيءَ سان بيان ڪرڻ ۾ آساني محسوس ڪري ٿو. جڏهن ته شاعري جنهن لاءِ ارسطو پنهنجي ڪتاب (Poetics & Rhetoric) ۾ لکيو ته “شاعري فلسفي کان وڌيڪ فڪر انگيز ۽ تاريخ کان وڌيڪ سبق آموز ٿئي ٿي” جنهن مان پروڙ پوي ٿي ته شاعر وقت جا تاريخدان آهن، جيڪي پنهنجي دور جي سمورين وارتائن کي لفظن جي مالهائن ۾ پوئي هڪ اهڙي تاريخ رقم ڪن ٿا، جيڪا گهڻي وقت تائين مختلف دورن مٿان اثر انداز ٿيندي رهي ٿي. موجوده وقت ۾ شاعرن جي ڊگهي کيپ ۾ رضوان گل جون ڪوتائون به معاشرتي وارتائن جي ترجماني ڪندي نظر اچن ٿيون ته رومانس سان ڀرپور جذبن جون عڪاس به آهن.
ڪنهن کي آٿت ڏين ٿا روئارن به ٿا
لفظ مرهم جي آهن ته گهائن به ٿا
__
هي شعر منهنجي اندر جا اڌما
هي لفظ منهنجي زبان آهن
ڏسون ٿا ته دونهاٽيل دنيا جي پوتر ڌرتي بيگناهن جي رت سان ريٽيل ۽ عظيم گناهن سان داغدار ٿيل آهي. چوندا آهن ته هر دور ۾ تاريخ پاڻ کي ورجائيندي رهي آهي. موجوده حالتن پٽاندر رضوان گل جا ڪافي شعر غزلن توڙي ٻين صنفن ۾ وقت بوقت ٿيندڙ وارتائن جو آئينو بڻجي پاڻ طرف متوجه ڪندي پنهنجي ڪاهلي ۽ ڪانئرتا مٿان ٺٺوليون به ڪن ٿا.
هر طرف وحشتون، نفرتون، ڪوڙ آ
ڪنڌ ورائي سڄي هيءَ صدي ٿا ڏسون
__
گل کي گولين سان اڏايو ويو
فرش تي پکڙيل هر پتي ٿا ڏسون
__
اسان جي حياتي پراڻو وڳو
ائين وقت جيون کي چوڙي وڌو
ڏس شيشي جا گھر آهن
ماڻهو پر پٿر آهن
ٽهڪن وڇڙي سال ٿيا
لڙڪن جا لشڪر آهن
__
آهي تاريخ شاهد رڳو
سنڌ کي ڪربلائون مليو
رضوان گهڻن شعرن جيان ڪيترن ئي شعرن ۾ دنياوي دهشتن ۽ وحشتن جي دل ڏاريندڙ منظرن کي پنهنجي احساسن سان اڀارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اهڙيون ڪيتريون ئي سٽون هن ڪتاب جي مختلف ورقن ۾ سندس حساس پڻي جي جهلڪ طور موجود آهن، پر سندس شاعري جو گهڻو تڻو حصو رومانيت ۽ جماليات جو ڀرپور اظهار آهي، جنهن ۾ حسن، محبت، وصل، وصال، انتظار، تڙپ ۽ شڪوه شڪايت سميت اهي تمام داخلي ڪيفيتون غم جانان سان سرشار آهن، جن کي پڙهندي دل بار بار پڙهڻ چاهيندي آهي ۽ اها ئي هڪ سهڻي شاعري جي وڏي ۾ وڏي خوبي ۽ ڪاميابي آهي جو هر پڙهندڙ سندس سٽن اندر پنهنجي پناهه ڳولي ۽ پنهنجي احساسن کي ان شاعر جي لفظن سان بيان ڪري. يقين نه اچي ته سندس هن ئي ڪتاب مان کنيل ڪجهه هيٺيان شعر پڙهو ۽ سونهن جي پر ڪيف وادين ۾ محبتن جي لذت ماڻيو.
ڪنهن جو آنچل هوا اڏاريو هو
ويڪرا روڊ، ويڪريون ڇاتيون
__
ٺهي اُڀ تي ڪري واڪا وسي جي اوچتو پيئون
نه ٿيون وسرن اسان کان سي گهٽائون ڄامشوري جون
رات سموري تنهنجي يادن
مون سان ڀاڪيون پاتيون آهن
__
تلخ لهجن سان معصوم دل جي مٿان
زهر جملن سندا وارَ ڇو ٿا ٿيو!
مرڪ ريکا ٿيو، دردوَندن جي لئه،
ڪنهن جي نيڻن سندا نار ڇو ٿا ٿيو!
__
تنهنجون اکيون
سونهن جي پهرين منزل
۽ تنهنجا چپ
ان منزل جي پڄاڻي
__
ورق يادگيرين جا ڇو ٿو ورائين
سڀئي ياد ايندئي اهي پنڌ پوڙها
اڙي ڄامشورا، اڙي ڄامشورا.
اهڙا ٻيا کوڙ سارا شعر رضوان جي ڪتاب “پيار جي پهرين بارش” جي وسڪار ۾ وڏي ڦڙي جيان پنهنجي وجود جي گهرائي ۾ لهندي محسوس ٿيندا.
[b]
[i]ساجد سنڌي
حيدرآباد[/i][/b]
هي شعر منهنجي اندر جا اڌما (شاعر پاران)
شاعريءَ سان منهنجو تمام گھرو سٻنڌ آهي، شاعري منهنجي روح ۾ ائين سمايل آهي جيئن رڳن ۾ گردش ڪندڙ لهو. جيڪو جيستائين گردش ڪندو تيستائين ساهه هلندو پر جڏهن اها گردش رڪجي ويندي تڏهن ساهه نڪري ويندو. بلڪل ائين ئي شاعريءَ مون کي هر پل هر لمحي جيون جي مونجھارن ۾ آڪسيجن ۽ اتساهه بخشيو آهي. ڀٽائيءَ جو رسالو هجي، شيخ اياز جي شاعري هجي يا استاد ۽ وفا جا غزل، بيت، نظم ۽ وايون هجن، مون جيون جي نٽهڻ اس ۾ سدائين انهن مان ڇانورو حاصل ڪيو آهي. جڏهن به من ۾ مونجھ محسوس ٿيندي آهي ته مان شاعريءَ ۾ ئي پناهه وٺندو آهيان. جيتوڻيڪ منهنجا ادبي دوست مون کي هڪ نثر نگار جي حوالي سان وڌيڪ سڃاڻن پر مان پاڻ کي بنيادي طور شاعر ئي سمجھان ٿو ڇالاءِ ته مان لکڻ جي شروعات ئي شاعريءَ سان ڪئي هئي. اها ڳالهه درست آهي ته مون شاعريءَ جي ڀيٽ ۾ نثر ۾ وڌيڪ لکيو آهي اهو ئي سبب آهي جو منهنجا هن کان اڳ آيل ٻه ڪتاب نثر جا ئي آهن. ان حوالي سان مان هتي اهو اعتراف به ڪرڻ چاهيان ٿو ته منهنجي شاعري منهنجي نثري لکڻين جي ڀيٽ ۾ اڃا معصوم ٻار جيان آهي جنهن کي اڃا وڌڻو ويجھڻو ۽ جوان جماڻ ٿيڻو آهي.
هي منهنجي شاعريءَ جو پهريون ڪتاب “پيار جي پهرين بارش” مون جيئن جو تيئن پنهنجي روح جي سمورين سچائين ۽ سادگين سميت اوهان جي هٿن تائين پهچايو آهي. هي بارش، پيار جي بارش آهي جنهن ۾ مان ڪيترائي ڀيرا پُسيو آهيان، پوءِ اهي سنڌ يونيورسٽي جا ڪشادا روڊ هجن، ڄامشوري جون سوڙهيون گھٽيون هجن يا لاڙڪاڻي جا اهي رستا هجن جتان جي چپي چپي سان منهنجو ننڍپڻ وابسته آهي. منهنجي انهن شعرن ۾ ڄامشوري جون هوائون به موجود آهن ته اهي پٿريلا رستا به جتي پيار جا ڪيترائي وچن ۽ واعدا به ٿين ٿا ته نيڻن ۾ لڙڪ جون لارون وهائيندي ڪيترائي وڇوڙا پڻ ٿيندي نظر اچن ٿا. اکين ئي اکين ۾ شرارتون به ٿين ٿيون ته نظرن ئي نظرن ۾ موڪلاڻيون به ٿين ٿيون. جڏهن مان سنڌ يونيورسٽي ۾ پڙهندو هوس ته صبح جي وقت هاسٽل کان جاگرافي ڊپارٽمينٽ تائين ايندي هر روز ڪيترائي منظر اکين جي آسمان تي اڀرندا هئا جيڪي ڊائريءَ تي ڪوتائن جي صورت ۾ جيئن جو تيئن چٽجي ويندا هئا. خوبصورت اکيون، گلابي ڳل، ريشمي وار، قاتل ادائون ۽ ٻيا ڪيترائي منظر شعر لکڻ تي مجبور ڪندا هئا، اها شاعري جيڪا ان ماحول ۾ ڪيل آهي سا منهنجي جيون جي انهن ڏينهَن جي جھڙوڪ ڊائري به آهي. اهي ڏينهن اڄ به ياد ڪجن ٿا ته من مهڪي پوي ٿو، رابيل جي خوشبو سان پورو وجود واسجي ٿو وڃي، اندر جي جهانَ ۾ هلڪي بوندا باندي به ٿيڻ لڳي ٿي ۽ دل جي ڌرتيءَ تي خوبصورت گلاب ٽڙي پون ٿا.
مان سنڌي ٻوليءَ جي سيبتي شاعر ۽ پنهنجي پياري دوست سعيد ميمڻ جو ٿورائتو آهيان جنهن طبعيت جي ناسازيءَ باوجود به هن ڪتاب لاءِ پيار جا ٻه لفظ لکيا. مان سائين اياز گل، سائين ادل سومري، سائين محمد علي پٺاڻ، پياري ساجد سنڌي، پياري بابا ڊاڪٽر بشير احمد شاد، پياري احسان دانش ۽ پياري رياضت ٻرڙي جو پڻ ٿورائتو آهيان جن هن ڪتاب آڻڻ ۾ مون سان سهڪار ڪيو ۽ پيار جا ٻه اکر لکيا.
رضوان گل
هيڊ آف جاگرافي ڊپارٽمينٽ
گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو
Cell # 03337553823
, Email: rizwangul46@yahoo.com
غزل
---
اسان کي هئي سا وڻي ڇوڪري
اسان کي هئي سا وڻي ڇوڪري
جا چاهت اسان جي بڻي ڇوڪري
جڏهن عروج تي ها سين هزارين يار هئا،
اڄ اهي جو نه آهيون ته سڀ رٺل آهن.
آزاد نظم
---
بدلجي وئي آن ..
نه ساڳي رهي آن، بدلجي وئي آن
اهي پنهنجا سپنا، سموريو ڪهاڻيون
هيون جيڪي گڏجي گذاريون گھڙيون سي
وساري ڇڏيون ٿئي!
نه ساڳي رهي آن، بدلجي وئي آن
ڪٿي پيار جون سي نهارون رهيون هن
نه سي زندگيءَ جون بهارون رهيون هن
نه ئي سي هوائون گھٽائون رهيون هن
وچن واعدا سڀ
نه سي شوخ چنچل ادائون رهيون هن
نه سي پيار جھاتيون
نه ئي ٽهڪ ساڳيا
وساري ڇڏيو ٿئي، نه ساڳي رهي آن
نه ساڳي رهي آن، بدلجي وئي آن
وري هاڻي گڏجي
ويهڻ جي نه ٿو ٿئي
ته ٿورو پري کان ئي نظرون ملائي
اکين ئي اکين ۾ نه ڪو حال منهنجو
پڇين ٿي پياري !
جيئين اڳ نيڻن ۾ نياپا ڏنئي ٿي
نه هاڻي تيئين آ
نه سي گھاءَ گھورن ۾ هاڻي رهيا ٿي
لڳي ٿو مٺي!
جا مٺي مون کي ڏاڍي مٺي هئي
سا مٺي ڪا نه ساڳي رهي آ مٺي
چپ ساڳيا اٿئي، مرڪ ساڳي نه آ
جا وڇوڙي پڄاڻان
اندر کي اڌو اڌ وئي هئي ڪري
اڄ اها تنهنجي من ۾ ٿو محسوس ڪيان
تڙپ ساڳي نه آ !!
لڳي ٿو ته دل بي چَئِي کي
مڃائي وڌو ٿئي...
وساري ڇڏيو ٿئي، بدلجي وئي آن
نه ساڳي رهي آن، بدلجي وئي آن...!
وقت واريءَ جيان...
يونيورسٽيءَ جي ان مست ماحول ۾
تنهنجو سرتين سان گڏجي گھمڻ ۽ کلڻ
ڏاڪڻيون چڙهندي لهندي
وڏا ٽهڪ ڏيندي
ڏسي مونکي هڪ دم صفا چپ ٿيڻ...
منهنجي گذري وڃڻ کانپو سنجيده ٿيڻ...
سمجھ ۾ ڪونه ايندو هيو اڳُ پر.....
هاڻي سالن پڄاڻان
مون تنهنجي لکيل هڪ ڪهاڻي پڙهي ..
سا ڪهاڻي نه هئي
جو اهو ئي قصو تو لکي هو ڇڏيو
جنهن کي من منهنجو ڪڏهين نه سمجھي سگھيو.
۽ تڏهن هڪ جڳهه تي ويس مان ڄمي
جيئن ڪو پٿر هجي
يا وري ڪوئي درياهه يڪدم ڄمي برف ٿي.
اڄ ... خبر پئي ته تو
مون کي چاهيو هيو
مون هو سمجھيو ته مان
تنهنجي لئه غير هان!
پر ! الائي ته ڇو تو ڀي ڪجهه هو نه چيو
مان به پنهنجي محبت کي سانڍي رکيو
۽ ٻنهي ٻڙڪ ٻاهر نه ڪڏهين ڪڍي..
وقت واريءَ جيان مٺ مان ويو وهي.....
هاڻي سوچيان پيو
منهنجو ماضي ته ڪائي ڪهاڻي هيو!!
منهنجو ماضي ته ڪائي ڪهاڻي هيو!!
ماڻهپو ۽ محبت
آءُ ڳوليون ٻئي.....
سي هوائون گھٽائون
۽ پنهنجون صدائون
جي ٻُرنديون هيون پاهڻي پنڌ تي
پنهنجا پيرا هيا
ڇا سويرا هيا
پيار جي رند تي
۽ جھڙاليون هوائون
جي تنهنجي بدن جي سڳنڌن کي
ميڙي سهيڙي کڻي مون ڏي اينديون هيون
سرمئي شام ۾ گڏ گذاريل گھڙيون
آءُ ڳوليون ٻئي...... آءُ ڳوليون ٻئي......
سارا منظر اهي جيڪي موهيندا ها
پيار جا سي پهر ڪاڏي گم ٿي ويا!
ڇا ته شامون هيون هن شهر جون ڪڏهن
پيار ڳالهيون هيون
مڌ ماٽيون هيون
روشنيون روشنيون سارا رستا هئا
پوءِ ڇا ٿي ويو هن شهر کي پرين!
ڪنهن ندوري جي هن کي نظر وئي لڳي
ڪاڏي وکري ويا ٽهڪ هن شهر جا
ماڻهپو نيٺ ڪاڏي هليو ويو پرين
دهشتن دنگ آهن جھليا هلي ڳلي
ماڻهو سارا ڏڪن ٿا پيا ڊپ ۾
پيار وارا هيا جيڪي انسان سڀ
ڪاڏي گم ٿي ويا
آءُ ڳوليون ٻئي........ آءُ ڳوليون ٻئي......
ڪالھ جيڪي هوائون ٿي چنچل لڳيون
ساھ کي ٿيون گھٽن اڄ الائي ته ڇو
ها ڏسان ٿو پيو سو سڃو پيچرو
جيڪو تنهنجا قدم روز چمندو هيو
تون نه آهين مگر تنهنجون يادون اڃان
منهنجي دل ۾ ڏياٽين جيان ٿيون ٻرن
نيڻ منهنجا ٺرن
جي وڃايل گھڙيون مونکي موٽي ملن
شهر جون رونقون مونکي موٽي ملن
امن جا ڪي ڪبوتر اچن ڀونءِ تي
رت جون هوليون هي ختم ٿي وڃن
وڇوڙا جدايون ۽ تنهائيون
تو پڄاڻا او پرين
اسان جي اندر ۾ ڪري گھر ويون...
نه ڪوئي اوهان جو پتو
۽ نه هيرن ٿڌين ۾ اهو ئي مزو
جيڪو اڳ ڄامشوري ۾ هوندو هيو!
ڪيترا ورههَ گذري ويا
وقت سيلاب جيان
سڀ کڻي آ ويو!
بس فقط
چند لمحن جون ڪي يادگيريون
ذهن جي ڊسڪ ۾ مون سنڀالي رکيون هن
توکي ارپڻ ٿو چاهيان
اهي سڀ پرين...!!
يادون
برسات رُت ۾ جيئن ڪوئي طوفان
بنان ڪنهن به دستڪ
درين ۽ دوارن مان ڌوڪي
اچي ويندو ڪمري ۾ آهي ڪڏهن
ائين ئي او پرين تنهنجون يادون به
اندر جا سڀ در دريون کولي
دل جي محل ۾ اچي وينديون آهن
سندم روح ۾ جي رچي وينديون آهن
سي يادون، سي واعدا
سي پن ڇڻ جي موسم ۾
ڇڻيل پنن جون ڪي سرگوشيون
اڄ ڀي منهنجي ڪنن ۾ ٻُرن ٿيون پيون
تنهنجي لهجي جي ساري اداسي
اها شام ناسي
جا تنهنجي اکين ۾ ڪيئي پل اٽڪي پئي هئي
اڃا منهنجي اندر ۾ ترسي پئي آ
اهي پل سارا ها ڪيڏا پيارا
جي توسان گذاريا هئا او پرين
سي سڀئي پل منهنجي ذهن تان اڃان ڀي مٽيا ڪونه آهن
۽ ها تنهنجون يادون به ڄڻ ڪوئي طوفان بڻجي
اڏاري وڃن ٿيون سڃين ماٿرين ڏي
نه چاهيندي ڀي ڇو اهي تنهنجون يادون
اندر منجھ ڌوڪي اچن ٿيون
برسات رت ۾ جيئن ڪوئي طوفان
بنان ڪنهن به دستڪ
درين ۽ دروازن مان ڌوڪي
اچي ويندو ڪمري ۾ آهي ڪڏهن.........
خواهشون
زندگي گذري وڃي ٿي
خواب سڀ وکري وڃن ٿا
هر دفعي ڪيئي نوان هت سال ايندا ئي رهن ٿا
شال هاڻي آئيندي جا سال آڻن
پنهنجي وستين واهڻن ۾
پنهنجي ڌرتي پنهنجي سرتيءَ لاءِ
دردن جي گھڙين بدران
سکن جون ساعتون ڪي
ديس واسين لاءِ خوشين جا ترانا
شادمانا
ڀونءِ جي بخمل بدن تي
اڻ ڳڻيا هن زخم جيڪي
سي وري گلَ ٿي پون شل
خواب جيڪي ديس جي مارن جي نيڻن منجھ
ساڀيائن جي لئه
صدين کان هن ترسيل اُهي
پورا ٿين شل
پر نه ڄاڻان ڪيترن ورهين کان
منهنجي خواهشن جو هت ڳلو ڪپجي رهيو آ
پل پکي اڏندا وڃن ٿا
مُٺ مان واري وهي ٿي
زندگي گذري وڃي ٿي
خواب سڀ وکري وڃن ٿا .........
ٽهڪ ۽ سڏڪا
چيائين اکين ۾ ڇو آلاڻ ٿئي
چيم ڪوئي ڪک آ پيو اک ۾
چيائين هي ڳوڙها ڳلن تائين ڇو؟!
چيم بس طبيعيت ۾ ناهي مزو
چيائين ڇو خاموش آهين ڀلا؟!
چيم بس گھڻو ڪم ٿڪاوٽ به آ
چيائين ته ڏس ڪجهه لڪائين پيو!
چيم تو کان ڪجهه ڀي لڪايو نه آ
چيائين ته مون تي ڀروسو نه ٿئي؟
چيم تو سوا ڪوبه ساٿي نه آ
چيائين اکين ۾ ميارون ائين ڇو؟
چيم مونکي ڪائي شڪايت نه آ
چيائين اُداسي ته لڪندي نه آ
چيم ڇڏ کڻي ٻي ڪيون ڳالهه ڪا
چيائين وڏو ڪوئي فنڪار آن
ائين، ٽهڪ سڏڪن ۾ وچڙي ويا
اظهار
اڄ وري مان سالن پڄاڻان
اتي ئي اچي بيٺو آهيان
جتان پاڻ وڇڙيا هئا سين
ڪيترائي اکين ئي اکين ۾
نياپا مُڪا سين
پر اظهار اندر ۾ ئي رهجي ويو
تيز طوفان سيني ۾ کڻي
اڏري ويا سين
هوائن جي رخ تي
وکري ويا سين
نه مون ئي سميٽيو
نه تو ئي پرين!
بي رحم وقت ۾ بس هلندا رهيا سين
۽ ٽٽندا رهيا سين
ڪوئي خط نه ڪا فون
نه ئي ڪو ايس ايم ايس
وقت واريءَ جيان
مٺ مان نڪري ويو
هڪڙو اظهار
سيني جي پربت ۾ رهجي ويو
جيڪو آتش فشان ڪونه بڻجي سگھيو..!!
جيڪو آتش فشان ڪونه بڻجي سگھيو..!!
ڊسمبر
هلي آ جو ڊسمبر آ وري آيو
هوائون سرد ٿي ويون هن
پهاڙن تي برف باري وڌي وئي آ
سمورا روڊ ۽ رستا
ويا ٿي کير جھڙا هن
ڊگھا وڻ ڀي اڇي چادر
سان ڍڪجي
سيءَ ۾ ٿڙڪي رهيا هن
نه تنهنجو ڪو پتو آهي
ڪٿي آهين ڪٿي آهين
اسان جو روح ٿو تڙپي
هي تنهائي وجھي ٿي وڍ اندر ۾
هي سردي ۽ ڊسمبر جي اڪيلائي
سڏي ٿي هرگھڙي توکي
چوي ٿي ڇو نه آن آيو
هلي آ جو ڊسمبر آ وري آيو
هلي آ جو ڊسمبر آ وري آيو
پوپٽ ۽ ڇوڪريون
ڇوڪريون پوپٽن جي پرن جھڙيون
ڪومل ۽ نازڪ...
خيالن ۾ جن جي
اڏامڻ جون ڳالهيون
اکين ۾ حياء ۽ لبن تي ڪهاڻيون
ها مرڪن جا ٽولا ڦرن ٿا ائين
جيئين ڪي ڀنورا سندن آس پاس
گھمن ٿيون هوائن سان گڏجي
جيئين پوپٽن جون اڏارون...
اداسي ڇائنجي وئي آ
جي تون ناهين ته هر پاسي
اداسي ڇائنجي وئي آ
چمن ويران ٿو ڀاسي
سمورو شهر ڄڻ کائڻ اچي ٿو،
هوا ڀي ساز ڪوئي ڪونه ڇيڙيو آ !!
نه ئي ڪا وڻ تي ڪوئل جي ڪوڪو آ
سمورو لوڪ ڀي مايوس پيو ڏسجي
بنا تنهنجي منهنجي سانئڻ
قسم تنهنجو
اداسي ڇائنجي وئي آ... اداسي ڇائنجي وئي آ...
تون منهنجي آن...
مان ڄاڻان ٿو تون منهنجي آن
تون منهنجي آن، تون منهنجي آن
مون کي ساهه کان وڌ تون پياري آن
هر سوچ کان وڌ تون نياري آن
تنهنجي نظرن سان مان گھايل هان
تنهنجي راهن منجهه رلايل هان
تنهنجي پيرن جي مان پايل هان
مان ڄاڻان ٿو تون منهنجي آن
تون منهنجي آن، تون منهنجي آن
مون کي ايئن وسارين ڇو ٿي تون
ائين مرڪي مارين ڇو ٿي تون
مون سان گڏجي سال گذار اچي
ايئن لمحا گھارين ڇو ٿي تون
هڪ پل ۾ ايئن رساما ڇو
ايڏي ڪاوڙ ڌارين ڇو ٿي تون
تون مون کان پل ڀي دور نه ٿي
مان ڄاڻان ٿو تون منهنجي آن
تون منهنجي آن، تون منهنجي آن
هن ڌرتيءَ جيڏو پيار اٿم
توسان ناتو ازلي يار اٿم
هر ساهه ۾ تنهنجي سار اٿم
ايئن دور نه ڪر ايڏو مون کي
تنهنجي دل جي پهتل پار اٿم
احساس اندر ۾ جاڳي پيا
تون منهنجي نيٺ ته ٿيڻي آن
سڀ جيت جا گيت اندر ۾ هن
ها دل ۾ ڪا به نه هار اٿم
مان ڄاڻان ٿو تون منهنجي آن
تون منهنجي آن، تون منهنجي آن
پنهنجي اک ڇو مون کان ڦيري ٿئي
هي سڀئي پيار جا ويري ٿئي
توڏانهن نظر تن ميري ٿئي
تون ساڻُ رقيبن سان ٽهڪين
تون مرڪين ٿي ڇو غيرن سان
اڄ مون کي ايئن لڳو آهي
تلوار اندر ۾ گھيري ٿئي
مان ڄاڻان ٿو تون منهنجي آن
تون منهنجي آن تون منهنجي آن
تون هاڻ نه وڃ تون هاڻ نه وڃ
تون منهنجي ٿوري ڳالهه ته مڃ
مان توکي پنهنجي جان ڏيان، ايمان ڏيان
۽ تنهنجي در دربان ٿيان
سڀ سپنن ـــ شيشا ايئن نه ڀڃ
تون ٿورو سوچ مٺي مون کان
ايئن دور نه وڃ، ائين دور نه وڃ
مان ڄاڻان ٿو تون منهنجي آن
تون منهنجي آن، تون منهنجي آن.
نثري نظم
---
برف باري
برف باري جي موسم ۾
ڪوهه مري جي
ڪشمير پوائنٽ تي
تون جڏهن منهنجي هٿ ۾
پنهنجو نفيس هٿ ڏنو هو
ته ان پل ٻاهر وارو سڄو سيءُ
گرمي ۾ تبديل ٿي ويو هو
منهنجو جسم تنور بڻجي ويو هو
ان وقت مون آسمان کي به
پاڻ کان هيٺ محسوس ڪيو هو..!
چنڊ ۽ تون
تون جڏهن
هاسٽل تان ڪارو لباس پائي
ٻاهر نڪرندي هئينءَ
ته تنهنجو قسم
چنڊ ان وقت ڪوجھو لڳندو هو..
اکين کي نينهن جا نشا چڙهي ويندا هئا
دل جي ڌڙڪن تيز ٿي ويندي هئي
۽ پوءِ ائين ٿيندو هو جو
وقت جا ڪانٽا توکي منهنجي نظرن کان
دور ڪري ڇڏيندا هئا !!
عشق جو اظهار!
تنهنجون اکيون
عشق جي پهرئين منزل
۽ تنهنجا چپ
ان منزل جي پڄاڻي ..
اکيون جن کان
عشق جي ابتدا
ٿئي ٿي
۽ چپ جن سان
ان عشق جو اظهار ڪجي ٿو..!!
تون ائين پنبڻيون نه ڇنڀ،
ڇو ته ان سان منهنجو روح
توڏي ائين ٿو مائل ٿي
جيئن پوپٽ جو من
گلڙن ڏي مائل ٿيندو آهي.
روح جا رشتا
عام ماڻهو ته کِلي ملي
۽ موڪلائي هليا ويندا آهن
جي ڏک به ڏيندا آهن
ته ليکي ۾ نه ايندو آهي
ڇا لاءِ ته ڏک
پنهنجن جو ئي ٿيندو آهي
جن سان روح جا رشتا هوندا آهن!
ٿر جي ڌرتيءَ تي...
او سانئڻ!
تنهنجي مرڪڻ سان
وسن ٿا مينهن نگريءَ تي
هلي اچ هيل ٿورو مرڪ
ٿر جي ٺوٺ ڌرتيءَ تي.....!!
دل جون اکيون
زندگيءَ جي صبح شامن ۾
اهڙا حادثا به ٿيندا آهن
جن کي اکيون نه ڏسنديون آهن
ها! ۽ ڪي سورَ وري
اندر ۾ موجود هوندا آهن
جن کي ظاهري اکيون
پسي ناهن سگھنديون
پر! دل ڳوڙها ڳاڙي سڏڪا ڀريندي رهندي آهي
جيڪي فقط دل جي اکين سان ئي
ڏسي سگھبا آهن
ها! دل جي اکين سان
پر دل جون اکيون
هر ڪنهن وٽ ڪٿي ٿيون هجن!
ڪاري لباس ۾
توکي ڪاري لباس ۾ ڏسي
ايئن لڳندو آهي
ڄڻ تو
خوشيءَ جي جوتيءَ کي
درد جي لباس ۾
ويڙهي ڇڏيو هجي...
برسات وسڻ کان پوءِ
سڄي رات برسات وسڻ کان پوءِ
شهر جا سڀ رستا
وڻ ٽڻ ۽ وليون
ڌوپجي اڇا اجرا ٿي پيا آهن
سڀ پکي ٽارين تي ويهي
پنهنجا پر ڇنڊيندي
ٻوليون ٻولي رهيا آهن
هر طرف کان
ٿڌڙيون هوائون گھلي رهيون آهن
چون ٿا موسم تبديل ٿي رهي آهي
پر منهنجي اندر جي موسم ۾
اڃا ڪابه تبديلي اچي ناهي سگھي
ڪاش! تون اچي وڃين
ته ڪي محبتن جا مينهن وسن
۽ منهنجي من کي اجرو ڪري
منهنجا سڀئي غم به ائين ئي ڌوئي ڇڏن
جيئن سڄي رات برسات وسڻ کانپوءِ
شهر جا سڀ رستا
وڻ ٽڻ ۽ وليون
ڌوپجي اڇا اجرا ٿي پيا آهن.
نالي جي ريکا
تنهنجي نالي جي ڪا ريکا
ڪونهي شايد
منهنجي هٿ ۾
تنهنڪري ئي مون کان
ڪالهه ائين تو
هٿ ڇڏايو هو
۽ چئي ڏنو هو مون کي:
“هاڻي پنهنجي راهه
الڳ آ...
رستو ڌار...
۽ منزل ٻي آ...!!”
سالگرهه
تو پنهنجي سالگرهه جو
ڪيڪ هو ٽڙندي ڪٽيو
تنهن پل مون کي ايئن لڳو ڄڻ
منهنجي دل تي تو ڇري ڦيري ڇڏي
۽ منهنجي جذبن جا ڪئين ٽڪرا ڪري
سڀني ۾ ڏاڍو خوش ٿي
ونڊي ورهائي ها ڇڏيا...
ونڊي ورهائي ها ڇڏيا...
ڇڏي وڃ
هلي وڃ
اڪيلو اسان کي ڀلي تون ڪري وڃ
مگر ياد رکجانءِ
اسان کي تون ڪڏهين
وساري نه سگھندينءَ!
وساري نه سگھندينءَ!
خوشبو
جڏهن تون مون کان دور ويندي آهين
ته خبر اٿئي
مان ويتر تنهنجي آس پاس ڇو اچي ويندو آهيان؟
صرف ان ڪري
ته تنهنجي آس پاس واري هوا
توکي ڇهي تنهنجي خوشبو کڻي مون سان
ٽڪرائجندي آهي.
ان پل تنهنجي جسم جي اها خوشبو
منهنجي روح تائين پهچي
منهنجي سڄي وجود کي
سڪون جي ان ماٿريءَ ڏانهن وٺي ويندي آهي
جتي صرف ۽ صرف
تون ۽ مان ئي هوندا آهيون !
موت
اڙي موت!
آخر تون ايڏو رهزن ڇو آهين
تون ايڏا پيارا، سهڻا، کلڻا، ملڻا ۽ محبتي ماڻهو
هر روز اسان کان ڇني ڌار
آخر ڪيستائين ڪندو رهندين!؟
آخر ڪيستائين ائين تون اسان کي
رت جا ڳوڙها روئاريندين
آخر ڪڏهن ايندو اهو ڏينهن
جڏهن توکي به موت ايندو !!
اميدون
اميدون انسان جي لاءِ
تمام وڏي آٿت آهن...
جيڪڏهن همٿ ۽ حوصلا هاري
هٿُ هٿ تي رکي ويهبو ته
يقيناً پريشانيون ئي پلئه پونديون
پر بهتر ٿيڻ جي اميد سان
جستجو کي جاري رکي
زندگيءَ جي سفر ۾ پنڌ ڪرڻ سان
ڪاميابيون پيرن جي خاڪ بڻجي پونديون آهن
ان ڪري اميدن جو سهارو ڪنهن به موڙ تي
ڇڏڻ هر گز نه گھرجي
ڇا لاءِ ته اميدون ئي انسان لاءِ
تمام وڏي آٿت آهن...
اها شام
تون چئي وئي هئينءَ
شام جو ملندا سين
تون ضرور اچجانءِ
۽ ان ڏينهن کان پوءِ
آءٌ هر شام جو
ان ئي واٽ تي
بيهندو آهيان
ان ئي گھاٽي پپل جي وڻ هيٺان
جتي تون چيو هو
شام جو ملندا سين
پر! اها شام نه ڄاڻ
ڪڏهن ايندي !!
ڪيتريون ئي شامون
راتين ۾ گم ٿي ويون
ٿڌڙيون هيرون، گرم جھولا
برساتي موسمون
ڏينهن مهينا ۽ سال
گذرندا رهيا...
۽ اها شام نه آئي
جنهن شام جو
تون چئي وئي هئينءَ..!!
ياد اٿئي !
سنڌ يونيورسٽي جي ڪشادن رستن تي
ياد اٿئي !
ڪيئن تنهنجا وار وکري ويندا ها
۽ تون آڱرين سان
بار بار وارن کي پوئتي ورائي
ڀروون ڇڪي چوندي هئينءَ
“ها ! ته تو ڇا ٿي چيو!؟”
پوءِ آءٌ سونڊ وجھي
توڏانهن ڪاوڙ مان نهاريندو هوس
۽ پوءِ ٻئي ٽهڪ ڏئي کلي پوندا هئا سين...
ڄامشوري جي هوائن جون اهي شرارتون
۽ مون کي چيڙائڻ...
ها ! سڀ ڪجهه ڄڻ ته
ڪالهه جي ڳالهه ٿي لڳي...
پر ! هاڻي سڀ ڪجهه بدلجي چڪو آهي
هاڻي زندگيءَ ۾ نه تون آهين نه ڄامشورو
نه هوائن جون شرارتون ۽ ٽهڪ
بس هاڻي ته زندگي هر روز
پاڻ تي ٽهڪ ڏيندي آهي
مونکي اڄ به سڀ ڪجهه ياد آهي
شايد تون وساري ڇڏيو هجي
سنڌ يونيورسٽي جي ڪشادن رستن تي
ياد ٿئي مست هوائن ۾
ڪيئن تنهنجا وار وکري ويندا ها.... !!
هائيڪا
---
هائيڪا
ڪڪر ٿي اڏريا
پياس هئس ڏاڍي
ٻڪ جھليا صحرا
•
سيءَ جي آ لهر
ڏڪڻي جسمن ۾ وڌي
رات پويان پهر
•
رستا ڪشادا
يونيورسٽيءَ جي روڊ تي
جوڙا هن پيادا
•
چوڌاري ڪڪر
ڏسي ٿر مٿان
هارين ڪاهيا هرَ
•
آس جا ڳوڙها وهيا
سچ سوليءَ تي چڙهيو
ٽياس جا ڳوڙها وهيا
•
ٻوڏ وئي ٻوڙي
نياڻين ڏاج سميت
سڀ ڪجهه وئي لوڙهي
•
مُرڪي ڏٺائون
اکين ئي اکين ۾
نياپا مڪائون
•
ڪويل جي ڪوڪو
مند ملهاري آ
ڳيري جي هو هو
•
درد ڪهاڻي آ
روئندڙ ڇوڪريءَ جي
پيار پڄاڻي آ
•
پياس وڌي وئي آ
دل ٿي چئي بڻجي وڃي
درياهه هي صحرا
•
ميلا مچن ٿا
وسڪاري کانپوءِ سڀ
ٿر ڏي اچن ٿا
•
سياري جي رات
ڪلُ ٻري ٿو ڪمري ۾
۽ چوڌاري سانت
•
امن ڪٿان ڳولهيون
هر پاسي آهن رڳو
بم، بڙڇيون، گوليون
•
ڪينجھر ڪناري
ٿڪي پيس تنهنجون
راهون نهاري
•
ميندي لائن ٿيون
سرتيون تنهنجي چؤطرف
لاڏا ڳائن ٿيون
•
تنهنجي ڳل جو تِرُ
هر هر گھوريان ٿو پيو
ان مٿان مان سِرُ
•
چوڙين جو آواز
ناريءَ کي آ پنهنجي
سُندرتا تي ناز
•
ڪارونجھر جي ڪورَ
سهڻا کنڀ کنڊيڙي
ڪيئن نچن ٿا مورَ
•
اکين ۾ ڳوڙها
پُٽن گھر بدر ڪيو
روئن ٻه پوڙها
•
بندوق جو ٺڪاءُ
پکي تڙپي مري ويو
ماڻهن لئه لقاءُ
•
ڪونجن جي قطار
ڏسن ٿا آڪاس ڏي
هو ڳوٺاڻا ٻار
•
ٻاهر برف باري
سرديءَ ۾ وٺجي وئي
وادي آ ساري
•
اکين ۾ پاڻي
ڀاءُ ڏنس دڙڪا تڏهن
روئي ٿي راڻي
•
گج پهريل ناري
تجلا ڏي ٿي اُسَ تي
ٿر جي ڄڻ واري
•
نيرو آسمان
جبل تان بيٺو تڪي
ڏور نوجوان
•
ڪيڏيون هن ساديون
ناريون اتان جون جتي
برفاني واديون
•
سج جيئن اڀريو
هرڪو پنهنجي ڪم لاءِ
تڪڙو هو سنبريو
•
سوچي ٿي ناري
ٻڪ ۾ مُنهن رکي
لڳي ٿي پياري
•
صبح جي پهر ۾
بد امنيءَ جو ڌنڌ آ پکڙيو
ساري ئي شهر ۾
•
تنهنجا پيارا ٽهڪ
تن مان ٿي اڏري پئي
ڀني ڀني مهڪ
•
پورَ پوندا ٿا رهن
آبشارن جيان اکيون
لڙڪ وهندا ٿا رهن
•
ڌرتي ساري باهه
ساهه بچائڻ جي ڪٿي
ڪانه بچي آ جاءِ
•
يونيورسٽيءَ جا ڏينهن
يارن جون سي ڪچهريون
۽ سانوڻيءَ جا مينهن
•
ميلا مچندا ها
فيڊرل هاسٽل تي
سنگتي نچندا ها
•
ڄامشوري جو سج
ڪئمپس ۾ ڇٽي ويو
محبت جو آ ٻج
•
سامهون آهي ڪڪر
ماڻهو وڻ ڀرسان بيٺل
هيٺان آهي ٽَڪر
•
کجيون لڏن ٿيون
سمنڊ ڪناري تي
ناريون ڪڏن ٿيون
•
ماڻهو لڏيندا ٿا وڃن
دور ڪنهن ٻي ديس ۾
شهر اڏيندا ٿا وڃن
•
پاڻ صفا سادا
ڪي ماڻهو ڄڻ نانگ
ڏنگ گھڻا کاڌا
•
ڪيڏا هن فنڪار
ڌوڪا ڏيئي ٿا چون
پاڻ ته آهيون يار!
•
ٿي ويا ڌارئون ڌار
بک وجھي وئي رشتن ۾
هيڏا سارا ڏار
•
سج ٻڏي ٿو پيو
ساگر ۾ ٻيڙو
ڪيئن لُڏي ٿو پيو
•
ڏس بُکايل آ
روئي ماني ٿو گھري
ٻوڏ ستايل آ
•
آهن سڀ مهان
پنهنجي ڌرتيءَ جا
آدرشي انسان
•
ڪڍ اندر مان مرُ
پوءِ ئي سهڻو گذرندئي
جيون جو هي سفر
•
ڪونجن جي قطار
ڪيڏي ٻڌي پاڻ ۾
ڪونهي ڪائي ڌار
•
ڪيئن ٻري پيو
پاڻيءَ لهرن ۾
چنڊ تري پيو
•
سج لهي ويو آ
صبح ملندا سين
ايئن چئي ويو آ
•
ٿورو کُٽل آ
خيال ته آ سهڻو
وزن ٽٽل آ
•
گج پهريل ناريون
چوڙيون ٻانهن ۾
لڳن ٿيون پياريون
•
ڀِٽُن تي وسڪار
ڀِٽُن تي وسڪار
هير گُھلي پئي ٿڌڙي
مٽيءَ جي هٻڪار
•
ڀٽن تي وسڪار
ڪارونجھر جي ڪور تي
ٻڪرين جي ٻيڪار
•
ڀٽن تي وسڪار
دور ٿيندا ڏيهه کان
هي سڀ ڏنڀ ڏڪار
•
ڀٽن تي وسڪار
پاڻياريون ٿيون ڪن پيون
هڪ ٻئي سان کجڪار
•
ڀٽن تي وسڪار
“ڀوڏيسر” جي ڀر ۾
هو ڏس ڪڏندڙ ٻار
•
ڀٽن تي وسڪار
سارنگ ٿا ڳائن پيا
ٿر جا سڀ فنڪار
•
ڀٽن تي وسڪار
هاڻي هلي آءُ تون
ڍولا منهنجا يار
•
ڀٽن تي وسڪار
رنج رساما سڀ ختم
هاڻي ڪوبه نه ڌار
•
ڀٽن تي وسڪار
تجلا کنوڻن جا ٿيا
سرها ٿيا سنگھار
•
ڀٽن تي وسڪار
ڌرتي سائي ٿي وئي
لٿا سڀ ڏڪار
•
ڀٽن تي وسڪار
سهڻا مور نچن پيا
پر پکيڙي يار
_ •_ _
سڀ مئا ها پروانه
رات جو شمع ٻري هئي
گڏ ٿيا ها ديوانه
•
تو ۾ ڪيئي منڊ
هر هر ڇڪجي ٿو اچان
توڏي چوڏهينءَ چنڊ
•
قيمتي هئي ڪار
روڊ تي چيڀاٽي وئي
مسڪينن جو ٻار
•
موسم جھڙالي
اچ ته ٿيون پيارا
حالي احوالي
رضوان گُل، بُنيادي طور تي هڪ آرٽسٽ آهي ۽ سندس اها ئي خوبي، سندس شاعريءَ کي به خوبصورت ۽ آرٽسٽڪ بڻائي ٿي. عام طور تي شاعري پڙهڻ ۽ ٻُڌڻ تي پنهنجا اثر ڇڏيندي آهي، پر رضوان گُل جي سُهڻن رنگن سان ڊزائين ڪيل شاعري ڏِسڻ ۾ به موهي وجھي ٿي. هڪ مڪمل شعر (غزل / نظم) ۾ اگر ڪا هڪ سِٽَ، ڪو استعارو، ڪا تشبيههَ نڪور ۽ ڌيان ڇڪائيندڙ آهي، ته به اهو شعرُ ڪم جو ٿيندو، رضوان گُل جي شاعريءَ ۾ اهڙيون کوڙَ سِٽُون آهن، جيڪي کيس هڪ سُٺي ۽ سُهڻي شاعر طور آڻي سامهون بيهارن ٿيون. شاعريءَ سان گهري دلچسپي، محبت ۽ محنت کيس ضرور هڪ ڏينهن سنڌي شاعريءَ ۾، پنهنجي حيثيت مڃرائڻ ۾ ڪامياب ڪندي.
(اياز گُل) 23.02.2012
--------
رضوان گل پنهنجي شاعريءَ وسيلي ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. سندس شاعريءَ ۾ اهڙا گڻ ضرور موجود آهن جيڪي پڙهندڙ جو ڌيان ڇڪرائين ٿا. رضوان وٽ تجربي هيٺ آيل موضوعن کي پنهنجي انداز سان بيان ڪرڻ جو فن آهي ۽ اهو ئي رستو کيس اڳتي هلي پنهنجي انفرادي سڃاڻپ عطا ڪندو.
رضوان جي اظهار ۾ جتي شعري دلڪشي ۽ نفاست جا رنگ آهن اتي فڪري لحاظ کان اهڙا احساس ۽ جذبا به آهن جيڪي اثر انداز ٿيڻ جي خصوصيت رکن ٿا.
(ادل سومرو)
--------
رضوان! تنهنجي شاعريءَ ۾ تشبيهون ڪمال جون آهن، تشبيهه شعر جو روح هوندي آهي ۽ تنهنجي شعرن ۾ روح موجود آهي. تنهنجا لفظ بي جان نه پر ساهه کڻندڙ آهن. جن کي پڙهي ڪيتريون ئي رنگين تصويرون ذهن جي ڪئنواس تي اڀري اچن ٿيون.
(طارق عالم ابڙو) 18 اپريل 2010
--------
رضوان گل نظم ۽ آزاد نظم به لکيا آهن پر هو پنهنجو ڀرپور اظهار غزل جي صنف ۾ ڪري ٿو، سندس خيالن ۽ محسوسات جي ڀرپور ترجماني غزل ئي ڪري سگھي ٿو. هن جي شاعريءَ ۾ سادگي آهي پر ان ۾ پنهنجو حسن آهي. رضوان گل هڪ باصلاحيت تخليقڪار آهي ۽ هن جي شاعريءَ ۾ پختگي آهي.
(جامي چانڊيو)
--------
منهنجي خيال ۾ جنهن شاعريءَ ۾ وڍيل جون وايون ۽ ڪٺل جون ڪوڪارون شامل ناهن هونديون ان کي وقت جو ديوتا هميشه خاڪ جي ڍير وانگر اڏائي ڇڏيندو آهي. رضوان گل جي شاعري پڙهندي مون درد جي بي انتها شدت سان وڍيل جون وايون ۽ ڪٺل جون ڪوڪارون محسوس ڪيون، تڏهن اهو احساس ٿيو ته وقت رضوان جي ان سورائتي سفر کي ان ماڳ مڪان تي ضرور رسائيندو، جتي شاعري زمان ۽ مڪان کان مڪتي پائي هر دور جي ڏکيو ساهه کڻندڙ انسان جي درد جو دارون بڻجي پوندي آهي. (محمد علي پٺاڻ)
(دوستن جي آ نُهنڊ ڀي گھري، دشمنن جي هزار ڀالن کان) واه يارَ رضوان! تنهنجون اهي ٻه سٽون اڄ ڪلهه جي گھڻي شاعريءَ تي ڀاري آهن!