شاعري

پيار جي پهرين بارش

ڪتاب “پيار جي پهرين بارش” لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙ بهترين شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ مضمون نگار رضوان گُل جي شاعريءَ تي مشتمل آهي.
  • 4.5/5.0
  • 2760
  • 916
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رضوان گل
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book پيار جي پهرين بارش

تروينيون

دوست آهي دور ڪيڏو
سال ٿيا ناهيون مليا

هو سدائين دل ۾ آ

•
درد جي شدت منجھان
لڙڪ ٽمندا ئي رهيا

سامهون آئينو هيو

•
ڊوڙندو هو رهيو
نفرتن کي کڻي

ڌوڙ ئي پيس پلئه

•
زماني کان مليا آهن
اسان کي لڙڪ ۽ سڏڪا

اڃا ڀي درد جاڳن ٿا


•
مرڪي ٿي هوءَ باغ ۾
پوپٽ ٿا جھومن پيا

منظر ڪيڏو موهيندڙ

•
ڏيئا ٽمڪن ٿا
يادن جا دل ۾ سوين

توڙي اوندهه آ

•
منهنجي ديد هلي وئي هئي
تو سان گڏجي ٽرين ۾

هاڻي نيڻ ڪيان ڪاڏي؟!

•
زلزلو آيو وڏو
پٽ پيون جايون سڀئي

دک پٽِ پوندا ڪڏهن!؟


•
ڊائريءَ تي ڳڙيل لڙڪ
ڪجهه اکر ڌنڌلا هيا

تو پڙهيو هو منهنجو غزل

•
خاموشيءَ کان ڊپ ٿيو
ديوارن سان ڳالهايو

سڏ ڪٿي گم ٿي ويا!

•
تو ڏني مون کي مٺي
تيز دل ڌڙڪي پئي

خواب ساڀيان ڇو نه ٿيو

•
يادگيريون ساڻ هن
ڄامشوري جون اڃان

پر نه هوءَ آ ساڻ ڇو


•
ڪيترا رستا هيا
دور سانجھيءَ ڏي ويا

تنهنجي گھر ڪوئي نه ويو

•
چيم دل کي ڪيان پرزا
مگر ناڪام ٿي سوچيو

اتي تون ڀي ته ڌڙڪين ٿي

•
ساري ٿو ملاح
سڪل سنڌوءَ ڪپ تي

ڇولين جا جوڀن

•
تون جڏهن ساٿ ڇنو
ايئن لڳو تنهن پل

ڄڻ ڪِريُس آڪاش تان


•
نيڻ مون توڏي مُڪا
خط ۾ آهن وجھي

تنهنجو من درشن ٿئي

•
لڙڪ سُڪي ويا هن
منهنجي ڪوتا ۾ شايد

هوندو ڪو سڏڪو

•
ڊائري کولي ڏٺي
شعر پيا جاڳن اتي

تون ڪڏهن پڙهندينءَ اچي!؟

•
دروازو آهي کليل
ورهين کان تنهنجي پرين

آهي دل اوسيئڙي ۾