انتساب
امڙ ۽ ڀيڻ عائشہ جي نالي
ھن مجموعي ۾ انتھائي ڇرڪائيندڙ ۽ معنيٰ سان ڀرپور قصن کي مختصر لفظن ۾ بيان ڪيو ويو آهي. هن ڪتاب ۾ شامل مختصر ۽ دلچسپ ڪھاڻين ۾ سماجي حقيقت نگاريءَ وسيلي بيان ڪيل اسان جي سماج اندر ٿيندڙ واقعن جا عڪس بہ چِٽا نظر اچن ٿا، تہ ساڳئي وقت فينٽسي، سائنس فڪشن ۽ علامتي انداز واريون ڪھاڻيون بہ موجود آهن. موضوعن جي حوالي سان هي افسانوي ادب تي گهڻ رخو ڪتاب آهي.
ھيءُ ڊمي مواد آھي توھان ھِي ڏٺو آھي؟؟
زندگي
چيائين، ”گهڻو نہ لِک، ٿڪجي پوندين.“
وراڻيم، ”روز نہ لکندس تہ، ساھ ڪيئن کڻندس!“
O
بک
ڳورهاري عورت
پنھنجي اڻ ڄاول ٻار جا ڪپڙا
وڪرو ڪري ڇڏيا!
O
مصور
چيائين، ”آهين تہ مصور پر ڪم مالھيءَ وارو پيو ڪرين!“
وراڻيم، ”دنيا ۾ مالھيءَ کان وڏو مصور ڪوبہ ناهي.“
O
وقت
چيم، ”تون پراڻي گيت جھڙي خوبصورت آهين.“
ٽھڪ ڏئي چيائين، ”نہ مان گراموفون واري دور جي ناهيان!“
O
لاڪ ڊائون
پيءُ جو آخري سگريٽ پُٽ چورائي ويو.
O
پنھنجي ٻَني
پڇيائين، ”تون سڀ ڪھاڻيون فقط سنڌيءَ ۾ ڇو ٿو لکين؟“
وراڻيم، ”مان پاڻي پنھنجي ٻنيءَ کي ڏيڻ ٿو چاهيان.“