ڪھاڻيڪار ۽ محقق
مُرڪي وراڻيم، ”مان تخليقي ليکڪ آهيان محقق صاحب. مون کي تنھنجي تحقيق سان ڪا بہ دلچسپي ناهي!“
مُنھن ۾ گُهنڊ وجهي چيائين،”توکي تحقيق جي اهميت جو اندازو ئي ناهي!“
وراڻيم، ”تخليق لاءِ تحقيق لازم ناهي پر تحقيق لاءِ تخليق جو هجڻ ضروري آهي!“
ھن مجموعي ۾ انتھائي ڇرڪائيندڙ ۽ معنيٰ سان ڀرپور قصن کي مختصر لفظن ۾ بيان ڪيو ويو آهي. هن ڪتاب ۾ شامل مختصر ۽ دلچسپ ڪھاڻين ۾ سماجي حقيقت نگاريءَ وسيلي بيان ڪيل اسان جي سماج اندر ٿيندڙ واقعن جا عڪس بہ چِٽا نظر اچن ٿا، تہ ساڳئي وقت فينٽسي، سائنس فڪشن ۽ علامتي انداز واريون ڪھاڻيون بہ موجود آهن. موضوعن جي حوالي سان هي افسانوي ادب تي گهڻ رخو ڪتاب آهي.
بٽڻن کي دٻائيندي فونٽ سائيز مٽايو