ھن ڪتاب ۾ سنڌو درياءَ، سنڌ جي ڊيلٽا، سنڌ جي جر جي پاڻيءَ ۽ ايشيا کنڊ جي مٺي پاڻيءَ جي سڀ کان وڏي ڍنڍ منڇر سميت سنڌ جي پاڻيءَ جو ڪيس پيش ڪيل آھي. منظور ٿھيم جا لکيل ھي نوٽس رڳو تحريرون ناھن، پر اصل ۾ احتجاج، دانھون ۽ آھون آھن. ھن سڀني نوٽس ۾ سنڌ ۽ سنڌوءَ جو ڪيس لڙيو آھي. ھن دليلن سان لکيو آھي. اسان سڀني کي نہ رڳو ھي ڪتاب پڙھڻ گهرجي، پر سنڌ جي پاڻيءَ تي لڳل ڌاڙي، درياءَ ۽ منڇر سان زھريلي پاڻيءَ جي ڪيل ظلم خلاف آواز اٿارڻ گهرجي.
مختلف موضوع
درياءُ: منھنجو مُرشد (نوٽس)
- 4.5/5.0
- 303
- 51
- آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
- ڇاپو 1
درياءُ، منھنجو مرشد-2
درياءُ، منھنجو مرشد-3
درياءُ، منھنجو مرشد-4
ترني پئي گئي کھال ني مائي (افضل حسن رنڌاوا)
امان او امان! مان تہ دريائن ۾ ترڻ جو عادي ھئس پر مونکي ننڍن ننڍن دُٻن ۾ ترڻ پئجي ويو.
درياءُ پنھنجو رخ تبديل ڪندا آھن، اھو انھن جو اتفاق نہ پر درياءُ پنھنجن پراڻن وھڪرن کي ڪڏھن بہ وساريندا ناھن، پر سنڌو درياءَ سان ائين ضرور ٿيو آھي، ھاڻوڪن زمانن ۾ بہ ان جو رخ موڙڻ لاءِ ھٿرادو بند ۽ ڊيم تعمير ڪري انجي قدرتي لنگهہ يا وھڪرن کي موڙڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي، جنھن سان درياءُ پنھنجي قدرتي لنگهن کان محروم ٿيو آھي ۽ سنڌ جي زمين لکين ٽن سلٽ جيڪا ڪنھن بہ زمين جي جان ھجي ٿي کان محروم ٿي آھي. جنھن سان ائين ٿيو تہ سنڌ جا اھم مرڪزي شھر غير محفوظ ٿي ويا بلڪہ پاڻي ھيٺ اچي ويا، ھزارين ماڻھو لڏپلاڻ تي مجبور ٿيا ماڻھو پنھنجي مال ملڪيت ۽ گهرن کان محروم ٿيا.
سنڌو درياءُ کي ٻيو وڏو کاٽ 19 سيپٽمبر 1960 ۾ ان وقت لڳو جڏھن پاڪستان جي ڊڪٽيٽر ايوب ۽ انڊيا جي وزير اعظم جواھر لعل نھروءَ جي وچ ۾ پاڪستان جي مين اسٽريم جي ٽن دريائن بياس، راوي ۽ ستلج کي انڊيا جي ڪنٽرول ۾ ڏنو جتان پاڪستان کي تقريبن 33 ملين ايڪڙ فٽ پاڻي حاصل ٿيندو ھو، پاڪستان انھن جي بدلي انڊيا کان انڊس بيسن ڊولپمينٽ فنڊ جي نالي تي پئسا جيڪي لڳ ڀڳ 62،060،000 اسٽرلنگ پائونڊ ورتا. جنھن سان جھلم ۽ چناب کان پوءِ پاڻيءَ جو سمورو بار سنڌو درياءَ تي اچي پيو. پنجاب، جھلم ۽ چناب درياءَ کانپوءِ سنڌو درياءَ تان پاڻي کڻڻ لڳو ۽ انڊس مٿان نوان ڊيم اڏڻ جون ڪوششون ڪرڻ لڳو، ان سان سنڌ جو اھو نقصان ٿيو جو سنڌ جي حصي جو پاڻي گهٽجڻ ڪري سنڌ جي وڏي زمينداريءَ ۽ جاگيرداريءَ جي ڀيٽ ۾ ننڍو آبادگار ڪمزور ٿيڻ لڳو آھي ڇاڪاڻ تہ ان کي ھاڻ پورو سال پاڻي ملڻ جي بجاءِ صرف ربيع (ڪڻڪ جي پوک) لاءِ پاڻي ملي ٿو جڏھن تہ وڏا زميندار پنھنجي انتظامي طاقت ۽ رياستي پُٺ ڪري وڌيڪ پاڻي کڻڻ لڳا ۽ وڌيڪ سگهارا ٿيندا وڃن ٿا، سنڌ ۾ بنيادي صنعت نہ ھجڻ ڪري معاشي اعتبار کان سنڌ جو ماڻھو اسري نہ سگهيو آھي، جنھن جو نقصان اھو ٿيو آھي تہ سنڌي پنھنجن حقن تي ردعمل ڏيڻ جي بجاءِ خود ظالم، وڏيرن جا ڳيجهو، ڏوھاري ۽ مفت جي ذريعن تي انحصار ڪرڻ واري قوم جي صورت وٺي رھي آھي، اھو سڀ اتفاق ناھي پر ان پويان آمريت جو طويل سلسلو آھي جنھن جو ھڪ روپ اسانجي درياءُ کي آلودہ ڪرڻ آھي.
درياءُ، منھنجو مرشد-5
اي سنڌو! تون تکي تيز شان سان گڏجڻ لاءِ
پھرين ترشٽما ندي سان گڏجين ٿي
ان کانپوءِگڏجين ٿي سسرتواس ۽ شويمتي (ندين جا قديمي نالا) ندين سان. ڪپا ۽ مھنيو ندين جي وھڪرن سان گڏجي
تون اڳيان وڌين ٿي،
ڇا تہ تنھنجي شان آھي (رگ ويد جو اشلوڪ)
ھي ائين آھي جيئن ڪا امڙ پنھنجن سمورن ٻارن جو خيال رکندي انھن کي نفاست ۽ شائستگيءَ سان پنھنجي منزل تائين رسائي. سنڌو درياءُ امڙ ابو آھي ۽ مرشد پڻ. سنڌو درياءَ جو ھڪ ٻيو رخ بہ آھي،جيڪو ناگزير آھي، پارٽيشن کان اڳ سنڌو درياءَ جي ڪناري جيڪي بہ قومون قبيلا آباد ھيون انھن جو معاشي ۽ ثقافتي رشتو ھن درياءَ سان ھجڻ ڪري انھن جي وچ ۾ ڪي گهڻيون وڇوٽيون ڪو نہ ھيون، ھي سموريون قومون ۽ قبيلا درياءَ جو پاڻي پيئن ۽ انجي سخا جا قصا ۽ گيت دھرائيندا موج مستين ۾ رھندا ھئا، . سنڌ جو اھو چھرو انجي تھذيبي روايتن کي قائم رکڻ ۾ مدد گار ثابت ٿيو. پارٽيشن کانپوءِ ھڪ پاسي پاڪستان جو فيوڊل ڪلاس ھو جن کي انگريزن وفاداري عيوض انعام ۾ زمينون ۽ جاگيرون ڏنيون، مسلم جاگيردار ھاڻ ھن ملڪ ۾ ھڪ نئون ڪلاس ٿي اڀريو، انگريز سنڌو درياءُ مٿان اھڙيون موثر مضبوط ۽ وسيع پليون ۽ ريلوي جي نظام ترتيب ڏيڻ ۾ جنھن طرح جي ڪوشش ڪئي ان ۾ مقامي جاگيردار جو مفاد تہ ھو پر انگريزن جو بہ اھو مفاد ۽ دلچسپي ھئي تہ جيترو جلد ممڪن ٿي سگهي سنڌ جي دولت انگلينڊ منتقل ڪن. انگريزن کي ڪنھن مزاحمت جو بہ خوف نہ ھو؟ ڇاڪاڻ تہ ھنن خاموشيءَ سان پنھنجو ڪم ڪري ورتو ھو، يعني غلاميءَ جي ھڪ ٻي صورت، (جديد ٻيٺڪيت وارو راڄ) جنھن سان پاڪستان جي لڳ ڀڳ پنجاھ سالن تائين ملڪ ۾ مسلم فيوڊل ڪلاس جي ڀيٽ ۾ بورجوا ڪلاس جو ناپيد ٿيڻ ھو، ھن سموري وچين دور ۾ بورجوا جو مڪمل رستو روڪي جاگيرداريءَ کي آھستي آھستي منظم ڪيو ويو، پارٽيشن کانپوءِ سنڌ جي شڪل صورت ڪجهہ ھن طرح ٺھي ٿي تہ ھندو طبقو جيڪو ميٿيميٽڪ ۽ مارڪيٽ ايڪانومي جو ماھر ھو ان کي آھستي آھستي لڏڻ تي مجبور ڪيو ويو. ھن وقت ڪشمور، ڪنڌڪوٽ، شڪارپور، جي سموري پٽي ڏوھاري قسم جي وڏيرن ۽ سردارن جي ڪنٽرول ۾ آھي. جيڪي سياست ۾ ڏوھہ کي پروموٽ ڪرڻ جو ڪم ڄاڻن ٿا، اسان کي گڏجي ھن ڏوھاري سياست کان پاڻ کي محفوظ ڪرڻ گهرجي.
درياءُ، منھنجو مرشد-6
اوھان کي ائين نظر نہ ٿو اچي تہ سنڌ جي ڳوٺاڻي زندگيءَ جو زوال، مايوسي، ويراني ۽ ڪسمپرسي جو سبب درياءَ جي سُڪڻ يا ڇوڙ وارن علائقن تائين پاڻيءَ جو غائب ھجڻ آھي. ڊاڪٽر حسن عباس جي مطابق سمنڊ روزانو95 ايڪڙ زمين پائي رھيو آھي. اھا ڳالھہ تہ واقعي بہ پريشان ڪندڙ آھي. سنڌوءَ ڪناري تي اھڙا خوشحال واپاري مرڪز ۽ شھر آباد ھئا جتي رڳو زراعت نہ پر قيمتي پٿر، گهوڙا، اٺ، مصالا، ھٿ جا برتن ۽ رنگدار نير جو ڪاروبار ٿيندو ھو. انھن شھرن ۾ مانجهند، سن، رني ڪوٽ، موھن جو دڙو، سيوھڻ، آمري، روپا ماڙي، ٺٽو، جيڪي سنڌو درياءَ جي خاص اھميت وارا ڪاروباري شھر ھئا جنھن جو واپار صورت، مدراس، بنگال، عراق، قابل، ايران، مليشيا، ۽ يورپ تائين ڦھليل ھو، پوءِ انھن شھرن مان اڪثريت جو ڇا ٿيو؟ ڪيڏانھن گم ۽ ويران ٿي ويا. سنڌو درياءُ انھن شھرن لاءِ سھڪاري دريائن مان ھڪ ھو جنھن جو ڪوبہ نعمل بدل نہ ھجڻ ڪري انھن مان اڪثر شھر ويران ٿي ويا، کنڊر جو ڍير بنيا. سنڌو درياءُ پاڪستان اندر باقي دريائن مٿان فوڪيت رکندڙ درياءُ آھي، جنھن کي جيڪڏھن ھي سکر تائين محدود ڪرڻ چاھيندا تہ انجا ڪھڙا نتيجا نڪرندا اھا ڳالھہ بيحد ڇرڪائيندڙ آھي. برطانوي غلبي کان اڳ سنڌ پنھنجي آڳاٽن پاڻيءَ جي وھڪرن ڪري، انتھائي زرخيز رھي آھي. اھو ئي سبب ھو جو دنيا جي سمورن ڦورو حڪمرانن جي اک ۾ اٽڪندي رھي، ھن وقت سنڌ جي عوام جي بدحاليءَ جو ھڪ ڪارڻ درياءَ جي وھڪرن کي روڪڻ، ان مٿان ڊيم اڏڻ درياءَ جا قديمي لنگهہ بند ڪرڻ، آبپاشيءَ جو غير منصفاڻو نظام ۽ ڇوڙ وارن علائقن خاص طرح سمنڊ کي گهربل پاڻيءَ کان محروم رکڻ، ارسا، واپڊا جي مرڪزيت پسندي (سينٽرلزم) جھڙي خطرناڪ نفسيات جھڙا بنيادي ڪارڻ آھن. سنڌو درياءَ جي آسودگيءَ مان جيڪو سنڌين لاءِ سماجي ۽ معاشي انقلاب اچڻ گهرجي ھا ان کان محروم تہ ٿيا آھيون پر ھاڻ درياءَ جي زندگيءَ جي سوال تي ڪڏھن سنجيدہ ٿيڻو آھي اھا ڳالھہ مونکي اوھان کان سمجهڻي آھي.
درياءُ، منھنجو مرشد-7
اعتزاز احسن جو ڪتاب آھي سنڌو ساگر ۽ قيام پاڪستان جنھن انڊس کي دراصل پاڪستان جو قديمي حصو سمجهندي فرمائي ٿو تہ انڊس تھذيب جيڪا دراصل پاڪستان جو حصو ھئي تنھن کي 1947 ۾ واپس ورتو ويو. ھي دانشور جھڙي طرح پاڪستانيت جھڙي بيماريءَ ۾ ورتل آھن ان سان سنڌ جي بربادي ئي ٿي آھي، ھن ڪتاب جي اصل جڳھہ رديءَ جي ٽوڪري آھي. اڪثر نام نھاد پاڪستاني تاريخدان ۽ دانشور سنڌو ماٿري ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ھڪ لاڳاپو جوڙڻ چاھيندا آھن. ھي ان ڳالھہ جو اندازو ناھن ڪري سگهندا تہ انڊس جون پاڙون 6 کان ست ڪروڙ سالن تائين ڦھليل آھن. ايستائين جو نھروءَ پنھنجي ڪتاب (دي ڊسڪوري آف انڊيا) ۾ ان ڳالھہ جو انڪشاف ڪيو تہ سنڌو ماٿري شايد ئي ھندوستان جو حصو رھي ھجي اھا ھندوستان کان بہ آڳاٽي تھذيب آھي. پاڪستان پوءِ ھن تھذيب سان ڇا ڪيو؟ 1991 کان 2000 تائين سخت ڏڪار واري صورتحال ۾ 1991 معاھدي جي باوجود سنڌ کي ڏڪار واري حالت ۾ رکيو ويو. پاڪستان جي ڪري سنڌ پڇڙ ۾ ھجڻ ڪري پاڻيءَ جي کوٽ جي سزا ڀوڳي ٿي جنھن سان سنڌ جي ٻھراڙيءَ واري زرعي معيشت تباھہ ٿي آھي، سنڌ ۾ بنيادي صنعت نہ ھجڻ ڪري سنڌي شھري ۽ ٻھراڙيءَ جي زندگيءَ مان ڪنھن بہ ھڪ طرف جو نہ ٿيڻ ڪري ثقافتي معاشي ۽ اخلاقي ڏيوالپڻي جو شڪار ٿيو آھي، ايم اين وي ڊرين جيڪو منڇر ۽ درياءُ لاءِ موت جو دروازو آھي ھاڻ تائين قائم آھي. ھتي مان ان ڳالھہ کي واضع ڪندو ھلان تہ انڊس جنھن جي سڃاڻپ سنڌو درياءُ آھي اھو سنڌو درياءُ پاڪستان نہ پر سنڌ جو متحرڪ زندھ درياءُ بلڪہ ھستي آھي جنھن کي پاڪستان جي نالي تي ڪڏھن بہ قربان نہ ٿو ڪري سگهجي.
درياءُ، منھنجو مرشد-8
درياءُ، منھنجو مرشد-9
يقينن خدا ان ماڻھو لاءِ سٺو، مٺو ۽ ٻاجهارو آھي
جيڪو ڳائيندي کلندي ٽھڪ ڏيندي مري ٿو،
گيدي، ڪانئر ۽ بزدل ھميشہ روئيندو رھي ٿو.
۽ غلام ٿي پورھيو ڪري ٿو.
بيشڪ بھادر ۽ ويڙھاڪ بھشت ڏانھن ويندا. (پشتو شاعر) .
درياءُ، منھنجو مرشد-10
سنڌ پنھنجي سنڌو درياءَ ڪارڻ قائم آھي، سنڌين جي سگهہ درياءَ سان آھي ڇاڪاڻ تہ سنڌ جي معيشت جو بنياد زراعت آھي، سنڌين کي اھو فيصلو ڪرڻو آھي تہ سنڌو درياءُ ھڪ قومي اثاثو نہ بلڪہ سنڌين جي وجود جو حصو آھي، پاڪستاني قوميت يا ان نالي ڪنھن شي جي شناخت يا ڪو وجود آھي؟ ھي دوکو آھي. بھتر ائين ٿيندو تہ قومن جي شناخت کي تسليم ڪيو وڃي، سنڌو درياءَ تي ڇوڙ وارن جي پھرين حق کي تسليم ڪيو وڃي، سنڌوءَ مٿان ڊيم اڏڻ جو سلسلو بند ٿيڻ گهرجي.
درياءُ، منھنجو مرشد-11
جڏھن اوھين تھذيب آھيو تہ انجو مطلب آھي جيڪو ڪجهہ ماضيءَ ۾ ھئاسين ان کان بھتر ھجون، اسين جيڪو ڪجهہ ڪرڻ چاھيون ۽ چوڻ چاھيون آزاد ھجون، قومن لاءِ جيڪا يونيورسل وصف آھي، ان تي پورا لھون، پر ھي ملڪ تہ 77 سالن ۾ سنڌين کي قوم ۽ انھن جي ٻوليءَ کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناھي، ھن وقت سنڌ آڏو بنيادي سوال اھو آھي تہ درياءَ جي پنھنجي زندگيءَ جيڪا سخت خطري ۾ آھي، ان کي محفوظ ڪيون. انڊس سولائيزيشن کي بچائڻ جو واحد اھو ئي رستو آھي.
درياءُ، منھنجو مرشد-12
درياءُ، منھنجو مرشد-13
ھي اھي سوال آھن جيڪي مرشد لفظ جي استعمال ڪرڻ سان اوھانجي ذھن ۾ ايندا ھوندا. مون لاءِ ھن لفظ جي معنيٰٰ بلڪل مختلف آھي، مون لاءِ ھي رشتو جامد يا ٺوس نہ پر تخليقي آھي، مان ھتي ڪنھن پير مريد جي ڳولا يا ان مان ڪنھن عقيدي جي ترجماني نہ پيو ڪيان ۽ نہ مان ڪنھن علم معرفت جي دعوا ڪيان ٿو، ھي بلڪل ھڪ علحدہ رشتو آھي، مريد اھو ٿي ئي نہ ٿو سگهي جيڪو مرشد جي ھر ڳالھہ سان متفق يا سھمت ھجي ۽ مرشد بہ مريد لاءِ نون رستن ۽ نون خيالن جي ڳولا ۾ مدد ڪري، گوتم ٻڌ پنھنجن مريدن کي چوندو ھو (منھنجي نقش قدم تي نہ ھلجو مان جيڪو چوان ائين نہ ڪجو، اوھان پنھنجي سمجهہ سان فيصلو ڪجو.) لفظ مرشد جي معنيٰ آھي استاد يا رھنما جنھن جي معنيٰ اھا آھي تہ ڪنھن جي پرواھ ڪرڻ کانسواءِ رھنمائي ڪرڻ، ھڪ استاد جيان، سچ اھو آھي تہ اسان مان ھر ماڻھوءَ کي ھڪ لمحي تي استاد گهرجي ٿو جيڪو غير معمولي ھجي، ٻاجهارو ھجي، جنھن کي دل سان قبول ڪيو ويو ھجي، جيڪو جاڳيل ۽ سجاڳ ھجي، اھڙو ھجي جنھن مان مرشد ۽ مريد ختم ٿيندي نظر اچي، لفظ مريد بنيادي طور سِکڻ ۽ نظم ضبط مان نڪتل آھي، اھڙو محور جيڪو ھر وقت پنھنجي اندر کان پاڻ کي سِکڻ لاءِ تيار ڪري. مريد ۽ پيروڪار ۾ اھو ئي تہ فرق ھوندو آھي. پيرو ڪار پاڻ کي پنھنجي اندر کان بند ڪري ٿو، پنھنجي اندر کي روشني ۽ تازي ھوا کان بند ڪري ٿو، پيروڪار ھر طرح سان متفق ھجي ٿو، جڏھن مرشد ۽ مريد جي وچ ۾ متفق ھجڻ جو سوال نہ پر سمجهن جو رشتو ھجي ٿو، متفق ٿيڻ جو مطلب ھاڻ اڳتي ڪجهہ بہ ناھي ڪرڻو، ان کان اڳتي ڪجهہ بہ ناھي، جيڪا ڳالھہ انساني جستجو ۽ تبديل ٿيندڙ پورھئي ۽ صلاحيت جي خلاف آھي، ھڪ مرشد ۽ مريد پنھنجي انا ختم ڪري ٿو، مرشد تہ ھڪ رستو آھي مريد ان جو مسافر، منھنجو مرشد منھنجو سنڌو درياءُ آھي. اوھان سوچيندا ھوندا تہ درياءُ مرشد ٿيندو آھي ڇا؟ اھو ختم بہ ٿي سگهي ٿو. اھا ڳالھہ اوھان کي سمجهايان ٿو. ھي ڪنھن کي حقير نہ ٿو سمجهي، سڀ انسان ھن جي اولاد آھن، جيڪو ٻاجهارو آھي ۽ سچار بہ. جنھن جي رواني ۾ ڪلام آھي، سُر آھي، راڳ آھي، ھن جي پيرن ۾ ناچ آھي، پنڌ آھي سفر آھي، ھن جي خيالن ۾ وسعت آھي، گَھرائي آھي، ھن جو ڪو ڌرم ڪونھي، ڪو نسل ڪونھي، ھي ڏئي ٿو ڪو حساب نہ ٿو رکي، ھن جي خاموشيءَ جا سوين رنگ آھن. ھن جي پڙلاءَ ۾ آزاديءَ جو ترنم آھي، جيڪو زمين، آسمان ۽ انسان جي رڳن ۾ ھڪ ئي وقت روان رھي ٿو، ھي سخا جو در آھي جيڪو دوست آھي، گَھرو ۽ مٺو آھي، ھي زمين مٿان راڄ ڪري ٿو ۽ پنھنجي اولاد جي حفاظت ڪري ٿو، سندس عظمت جا قصا سمورين تھذيبن جي ڪتابن ۾ درج آھن، جيڪوتعليم يافتہ نہ ھجڻ جي باوجود عظيم استاد آھي، ھيءَ ئي وصف آھي جنھن مونکي اندر کان ٺھراءَ ڏنو ۽ وچ درياءَ جو ڪنارو ڏنو. ھي منھنجو مرشد آھي. جنھن کي مون دل سان قبول ڪيو، ھي آھن اھي سموريون خوبيون جيڪي منھنجي استاد ۾ آھن، ڇاڪاڻ تہ مان ھڪ فرد نہ پر سنڌ آھيان. مان جڏھن ائين سوچيان ٿو تڏھن ھن جي آڏو گوڏن ڀر جهڪي وڃان ٿو، انجي سريلي آواز ۾ جذب ٿي وڃان ٿو، ھن جي مٺيالي پاڻيءَ مان پاڻ کي تخليق ٿيندي ڏسان ٿو، جيڪو منھنجي روح کي سانت ۾ رکي ٿو، مون لاءِ ميوا، فصل، ٻيلا اپائي ٿو ۽ پکين جي سرن کي جاوداني ڏئي ٿو تہ جيئن مان بھتر ۽ آزاد انسان ٿي سگهان. مون لاءِ ھن جي اھميت ائين آھي تہ مان ھن کانسواءِ ڪجهہ بہ ناھيان، ھن جي ڪارڻ آھيان جي ھي ناھي تہ مان ناھيان.
درياءُ، منھنجو مرشد-14
درياءُ، منھنجو مرشد-15
درياءُ، منھنجو مرشد-16
1. ماحولياتي تبديليءَ جي ڪارڻ جنھن لاءِ پاڪستان بلڪل بہ تيار ناھي.
2. گرمي پد جي وڌڻ ڪري
3. انڊس ڊيلٽا جي ختم ٿيڻ ڪري.
انڊس ڊيلٽا دنيا جو پنجون نمبر ڊيلٽا آھي، جنھن جي نشونما درياءَ جي پاڻي ۽ لٽ ڪري ٿئي ٿي. انڊس ڊيلٽا سنڌوتھذيب کي سمنڊ کان بچاءُ لاءِ قدرتي ديوار وارو ڪم ڪري ٿي تہ جيئن سمنڊ جي پاڻيءَ کي اڳتي وڌڻ کان روڪي سگهجي. ھي ڊيلٽا تقريبن 1500.000 ايڪڙن ۾ ڦھليل آھي. سنڌ جو ھي آسودو ڊيلٽا ڪيترن ماڻھن جي گذرسفر کان علاوہ جهينگي ۽ مڇين جي ڪيترن قسمن جي نرسري ۽ پالنا وارو فرض نڀائي ٿو، پاڻيءَ جي ورڇ جي ماھر سائين اوڀايو خشڪ پنھنجي ڪتاب ”سنڌوءَ جو رستو نہ روڪيو“ (جيڪو پاڻيءَ جي ورھاست جي حوالي سان اھم ڪتاب آھي) ۾ انگ اکر شيئر ڪيا آھن 1991ع واري ٺاھہ ۾ سمنڊ کي اڳتي وڌڻ کان روڪڻ لاءِ 10 ملين ايڪڙ فوٽ جي ڳالھہ ٿيل آھي، حقيقت ۾ اھو مقدار ڊيلٽا جي بچاءَ ۽ ماحولياتي وھڪرن لاءِ اڻپورو آھي، جڏھن سفارش 30 ملين ايڪڙ جي ڪئي وئي آھي، جڏھن تہ عمل ٻنھي تي نہ پيو ٿئي، (ڪتاب سنڌوءَ جو رستو نہ روڪيو) ھن وقت انڊس ڊيلٽا ۾ درياءَ جو ڇوڙ زيرو آھي (زيرو سيڪڙو) دريائي لٽ ڪنھن بہ زمين ۽ خود مينگروز فاريسٽ لاءِ زرخيزي وارو ڪم ڪري ٿي. جيڪا پاڻ سان جابلو ۽ زميني معدنيات جو ڀنڊار کڻي ھلي ٿو،1931ع کان 1947ع واري عرصي ۾ سنڌو درياءُ سراسري طور 73 ملين ايڪڙ پاڻيءَ سان گڏ 225 ملين ٽن لٽ کڻي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو ھو، جيڪا ھن وقت زيرو آھي، جنھن سان انڊس ڊيلٽا جو پورو مينگروز فاريسٽ 500 ڪلوميٽرن کان بہ وڌيڪ متاثر ٿيو آھي. تازو عالمي بئنڪ جي ھڪ رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آھي تہ انڊس ڊيلٽا ۾ پاڻي نہ ڇڏڻ ڪري پاڪستان سرڪار کي ھر سال 2 ارب ڊالر جو نقصان ٿي رھيو آھي، ان مالي نقصان کانسواءِ اڳتي ھلي سنڌ جا وڏا شھر انساني آباديءَ جي سخت دٻاءَ ھيٺ اچي ويندا. ماڻھن جي اڪثريت سخت سماجي، معاشي ۽ ثقافتي بحران سان گڏ ذھني بيمارين جو شڪار ٿيندي. فشر فوڪ فورم جي چيئرمن مرحوم سائين محمد علي شاھہ پنھنجي حياتيءَ ۾ انڊس ڊيلٽا جي تباھيءَ جو ذڪر ائين ڪيو آھي، 1956ع کان ھن وقت سمنڊ تقريبن 3.5 ملين زرعي زمين پائي چڪو آھي جيڪا اسان سڀني لاءِ ڇرڪائيندڙ ڳالھہ آھي. (محمد علي شاھہ)
سنڌو درياءَ جي لٽ روزانو جي بنياد تي شھرن جي رھائشي ڪالونيز بحريا، ڊي ايڇ اي، پلازائن ۽ ھوٽلن جي بنياد ڀرڻ لاءِ منتقل ٿي رھي آھي اھا محض لٽ ناھي اھا ڊيلٽا جي حياتي آھي. وفاقي سرڪار آخر انڊس ڊيلٽا تي سنجيدہ ڇو ناھي؟ ھي ائين ڇو ٿي سمجهي تہ 30 ملين ايڪڙ فوٽ سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪرڻ پاڻيءَ کي ظايع ڪرڻ جي برابر آھي. اسان کي اھا ڳالھہ نہ وسارڻ گهرجي تہ وفاق جي ان قسم جي بي حسي جي قيمت سنڌ کي پنھنجا شھر ٻوڙي ادا ڪرڻي پوندي، جيڪا بلاشبہ وڏي قيمت آھي.
درياءُ، منھنجو مرشد-17
مان ھيءَ ڳالھہ واضع ڪندو ھلان تہ درياءَ جا حق تڏھن بحال ٿيندا جڏھن عوام جي وسيع شرڪت ممڪن ٿي سگهندي ۽ جيستائين درياءَ جي بنيادي حق لاءِ شدت سان مزاحمت نہ ٿي ٿئي تيستائين درياءَ جا حق بحال ٿيڻ ممڪن ناھن.
درياءُ، منھنجو مرشد-18
درياءُ، منھنجو مرشد-19
درياءُ، منھنجو مرشد-20
درياءُ، منھنجو مرشد-21
اسين سمورا انسان درياءَ جي مٽي مان تراشيل آھيون (ماس ۽ مٽي). ان قديم رومي قصي جو مفھوم ڪجهہ ائين ٿو بيھي، جي ڏسجي تہ انسان ازل کان پنھنجي زندگيءَ جي شروعات درياءَ جي ڪنارن کان شروع ڪئي آھي، ان ئي ڪناري ھن پنھنجي شناخت ڳولي لڌي. لکڻ ۽ پڙھڻ سکيو، ڪچا پڪا گهر اڏيا، شھر تعمير ڪيا، تھذيبون کڙيون ڪيون، زراعت ۽ چوپائي مال ۾ نوان تجربا ڪيا ۽ وڌيڪ تلاش جي جستجو ۾ دنيا جي ھڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين ويو. اُن قديم رومي قصي کي جي اڄ جي انسان سان ڀيٽ ڪجي تہ يقينن ھڪ ڏک ۽ پڇتاءُ واري ڪيفيت پيدا ٿئي ٿي تہ روبا اھڙي غلطي ڪيئن ڪئي. ھن کي مٽيءَ مان انسان کي تخليق ڪرڻ جو خيال ڇو آيو ۽ ٻيو جرم جيوپيٽر ان ۾روح ڦوڪي ڪيو. جي ڏسجي تہ انسان پنھنجي لاءِ جيڪي بہ شيون تخليق ايجاد يا دريافت ڪري ٿو يا جن جي وچ ۾ رھي ٿو اھي سندس زندگيءَ کي ھڪ ھمہ گير معنيٰ، سڃاڻپ ۽ جياپو ڏين ٿيون، پر ھاڻ ھي مخلوق انھن جي پرواھہ ڪرڻ کانسواءِ اڳتي وڌندو وڃي ٿو. ھي تمام اڳتي وڃڻ چاھي ٿو، زندگي ۽ قدرت جي سمورين شين کي لتاڙيندو بي معنيٰ ڪندو، ھي جنھن درياءَ جي مٽيءَ مان ٺاھيو ويو، ھن ان کي برباد ڪيو، ھن پنھنجي مٽيءَ خلاف ڪيترا محاذ کولي ڇڏيا آھن. روبا تي ڪاوڙ اچي ٿي تہ ھن ڇا ڪيو؟ شايد روبا کي ان ڳالھہ جو ادراڪ نہ ھو تہ ھي صورت جيڪا انسان سان مشابھت رکي ٿي، زمين تي ڪيئن نہ فساد برپا ڪندو ۽ زمين جي سموري مخلوق جانورن، پکين، ٻيلن، پھاڙن، سمنڊ، درياءَ ۽ ڍنڍن کي ختم ڪندو ويندو. اڄ جي انسان جي حقيقت بيحد تلخ ۽ بي رحم آھي. ھي انسان ئي آھي جنھن (آر بي او ڊي) جي زھريلي پاڻيءَ کي منڇر ۾ ڇوڙ ڪرڻ مھل ھڪ لمحي لاءِ بہ ائين نہ سوچيو تہ ان قدرتي حيات جو ۽ انسانن جو ڇا ٿيندو جيڪي صدين کان منڇر کي پنھنجو گهر سمجهي رھندا اچن ٿا. شايد روبا اھڙي مٽيءَ کي تراشيو ھو جيڪا صاف شفاف ھئي جنھن ۾ درياءُ ھو، درياءَ جي رواني ھئي، انجي ھستي ۽ مستي ھئي، ان ۾ مٺاس ھو ۽ زندگي ھئي. ھاڻ جي درياءَ ۾ سائنائيڊ، سلفيورڪ ايسڊ، زرعي دوائن جو زھر، شھرن جي گٽرن جو آلودہ پاڻي ۽ انسانن جي بيحسي آھي. اڄ جي انسان شايد روبا جو بہ خون ڪري ڇڏيو ھجي.
درياءُ، منھنجو مرشد-22
(انڊس رور) سنڌو درياءُ ڪيلاش جبل جي سلسلي بوکار چو کان ھيٺ لھي ٿو جتي ھي پھرين تبت سان ھم ڪلام ٿئي ٿو، ھن رستي تي ڪنھن کي جرعت ناھي جو ھن کي روڪي سگهي، ان کانپوءِ ھي ليھہ پھچي ٿو جتان ٻہ واھہ ڪڍيا ويا آھن، تڏھن بہ ھن جي سخا ۾ ڪو فرق نہ ٿو پوي. ھي پنھنجي ھستيءَ ۽ مستيءَ سان گلگت پھچي ٿو، جتي ھن جو شاندار آڌرڀاءُ ٿئي ٿو. ھي پنھنجي ديا ۽ سخا ورھائيندو سوھان ويلي جيڪا ضلعي جھلم جي تحصيل آھي اتان پنھنجو پاڻ کي ٻن حصن ۾ ورھائي ٿو، ھڪ حصو سوات ۽ ڪابل ڏانھن ۽ ٻيو حصو سنڌ ڏانھن. سنڌو درياءُ سنڌ ۾ پھچڻ کان اڳ چناب ۾ پڙاءُ ڪري ٿو. ھي اھا حد آھي جتي سنڌو درياءُ پنھنجي مستي وڃائي ٿو، ڇاڪاڻ تہ چناب مان لڳ ڀڳ 10 کان 15 ننڍا وڏا ڊيم ڪيئنال ۽ واھ ڪڍيا ويا آھن جيڪي سمورو سال تار وھن ٿا، جنھن مان پورو پنجاب آباد ٿئي ٿو، ھتان کان انڊس رور پنھنجو سڀڪجهہ پنھنجي مستي پنھنجي تھذيب، پنھنجي موج، پنھنجي مڪڙي، پنھنجو پن ۽ پکي ۽ سمنڊ وڃائي ٿو. تاريخي طور سنڌو سڀيتا جا ڪجهہ علائقا جيڪي ھن وقت پنجاب، بلوچستان ۽ افغانستان جي حدن ۾ آھن سنڌ جو قديم حصو ھئا، اھو ئي سبب ھو جو سنڌو درياءُ کي انڊس رور جو نالو ڏنو ويو ھو، ھن کي سنڌ مھا ساگر بہ سڏيو ويندو آھي ڇاڪاڻ تہ ھن جي پکيڙ سمنڊ جو ڏيک ڏيندي ھئي، چناب کان ھيٺ ھن مھاساگر پنھنجي لافاني حيثيت وڃائي پر ھاڻ تہ ھن جي باقي ھجڻ جو سوال ستائي ٿو. موجودہ سنڌ جي حڪمرانن پراڻي انگريزن ۽ ميرن جي اريگيشن سسٽم کان وڌيڪ ھڪ انچ بہ نئون ناھي ڪيو، سنڌ ۾ يا تہ انگريزن جا واھہ ۽ برج جوڙايل آھن يا ميرن ڪلھوڙن جا، جي ڏسجي تہ سنڌ جا حڪمران سنڌو درياءَ لاءِ ڪجهہ نئون ڪرڻ جي بجاءِ رائيٽ بئنڪ ۽ ليفٽ بئنڪ آئوٽ فال ڊرين جي نالي تي درياءَ سان نيڪي ڪرڻ جي بجاءِ دشمنيءَ تي لھي آيا آھن. ماحوليات ۽ پاڻيءَ جي ڪجهہ عوام دوست ماھرن ان وقت بہ ھن منصوبي کي ماحوليات دشمن ۽ عوام دشمن قرار ڏنو ھو پر ھڪ فوجي جنرل آڏو عوام ۽ انھن جا بنيادي حق بي معنيٰ ھجن ٿا. رائيٽ بئنڪ آئوٽ فال ڊرين (سم نالو) جنھن کي منڇر ۾ ڇوڙ ڪيو ويو جنھن سان منڇر جي پوري قدرتي حيات برباد ٿي، 25 ھزار کان وڌيڪ مھاڻا لڏپلاڻ تي مجبور ٿيا، تقريبن 60 ھزار ايڪڙ زمين غير آباد ٿي، بوبڪ اسٽيشن ويران ٿي، ھزارين مھاڻن جو روزگار ختم ٿيو. پنجاب ۽ بلوچستان جي سم ۽ جيت مار دوائن جو پاڻي منڇر تائين پھچڻ تي لاڳت ھئي 14 بلين . جڏھن تہ ان منصوبي تي سنڌ جي 60 ھزار ايڪڙ زمين کي ڊرين ڪيو ويو، سنڌ ھاڻ تائين انجي قيمت چڪائي رھي آھي. انجي باوجود منصوبو اڌورو رھيو، جنھن لاءِ منڇر کي قربان ڪيو ويو، ھاڻ رائيٽ بئنڪ آئوٽ فال ڊرين (سم نالو_ 2) جي کوٽائي ڪئي پئي وڃي، منڇر کان گهارو ڪريڪ تائين جتي ھن جو ڊرين ڏيکاريل آھي، جنھن جي معنيٰ وڌيڪ 60 ھزار زمين جو غير آباد ٿيڻ. زمين غير آباد ٿيڻ جا ٻہ سبب ھوندا آھن ھڪ آھي زھريلي پاڻيءَ جو رسڻ (سيپيج)، ٻيو آھي جنھن زمين کي کوٽي سم نالي جو نالو ڏنو وڃي ٿو جنھن جي ھن وقت پکيڙ 11 ھزار ايڪڙن تي مشتمل آھي، اھا سموري زمين سم جي پاڻيءَ کان متاثر ٿيندي. ھي منصوبو فوجي اداري فرنٽيئر ورڪس کي ڏنو ويو، جيڪا سنڌ جي ڪيترن ميگا پروجيڪٽ جي ناقص مٽيريل سبب بدنام آھي، رائيٽ بئنڪ آئوٽ فال ڊرين تي لاڳت 29.274 بلين کان مٿي ڏيکاري وئي آھي، ھتي مان اوھان سان ھڪ ٻي خوفناڪ صورتحال شيئر ڪرڻ چاھيان ٿو جيڪا ھيءَ آھي تہ رائيٽ بئنڪ سم نالو سنڌو درياءَ جي لڳو لڳ ٺاھيو پيو وڃي، جنھن جا گهڻا امڪان آھن تہ اھو اڳتي ھلي درياءَ ۾ سيپيج ڪندو يا فلڊ وارن حالتن ۾ ٽٽي درياءَ ۾ ڇوڙ ڪري سگهي ٿو. جيڪا ڳالھہ سنڌ ۽ درياءُ لاءِ ڪنھن وڏي حادثي کان گهٽ نہ ھوندي. سوال ھي آھي تہ انڊس رور باقي صوبن جي زھريلي ۽ سم واري پاڻيءَ لاءِ ڪو گٽر نالو تہ ناھي جو سموري ڊرين جو رخ سنڌ ۽ سنڌ جي مٺي پاڻيءَ جي ذخيرن ڏانھن ڪيو ويو آھي. اڳتي ھلي ھاليجي ڍنڍ بہ ھن مان متاثر ٿيندي. اسان مان ھر ڪنھن کي ان حقيقت کي سمجهڻو پوندو تہ سنڌ تاريخي طور پنھنجن پراڻن پرڳڻن جي دعوا ڪڏھن نہ ڪندي پر پنھنجي درياءُ سنڌو مھا ساگر تي ڪو سمجهوتو بہ نہ ڪندي. (انڊس رور) سنڌو درياءُ تاريخي طور سنڌ ۽ سنڌين جو ورثو آھي.
درياءُ، منھنجو مرشد-23
درياءُ، منھنجو مرشد-24
درياءُ، منھنجو مرشد-25
درياءُ، منھنجو مرشد-26
Left bank out fall drain (LBOD) 1987
ھي ھڪ قسم جو سم نالو آھي، جنھن جو مقصد بظاھر اھو ھو تہ سنڌو درياءَ جي کاٻي ڪنڌيءَ جي ڪجهہ اھم ضلعن شھيد بينظير آباد، سانگهڙ، ميرپرخاص ۽ بدين جي لڳ ڀڳ 2 ملين ھيڪٽر زمين جي اندر موجود سم ۽ ڪلر کي موٽر پمپ ذريعي (سم نالي) ۾ ڊرين ڪري شڪور ڍنڍ ۾ ڇوڙ ڪرڻ ھو تہ جيئن انھن ضلعن جي جاگيردارن ۽ رئيسن جي زمين ٻيھر پوکي لائق ٿي سگهي، گهوٽڪيءَ کان شروع ٿيندڙ ان منصوبي تي مقامي ماڻھن ۽ پاڻيءَ جي ڪجهہ ماھرن جي اعتراضات جي باوجود ان کي جاري رکيو ويو، ھتي جيڪا بنيادي ڳالھہ اوھان سان شيئر ڪرڻ چاھيان ٿو اھا ھيءَ تہ جڏھن انڊيا کي ان پراجيڪٽ جي سڌ پئي تہ ان سخت اعتراض واريو تہ اھو ڪيئن ممڪن آھي تہ سم ۽ زھر واري پاڻيءَ کي مٺي پاڻيءَ جي ڍنڍ شڪور ۾ ڇوڙ ڪيو وڃي، اوھان کي ٻڌايان تہ شڪور ڍنڍ 300 اسڪوائر ڪلو ميٽرن تي مشتمل مٺي پاڻيءَ جي ڍنڍ آھي جنھن جو 90 اسڪوائر ڪلوميٽر حصو پاڪستان ۾ آھي ۽ 210 اسڪوائر ڪلو ميٽر انڊيا جي شھر گجرات ۾ آھي جيڪو پاڪستان جي سرحد سان لڳي ٿو، انڊيا نہ صرف ان تي احتجاج ڪيو پر ان ڪيس کي انٽرنيشنل فورم تي بہ کڻي ويو. انڊيا ان مسئلي کي سڌو سنئون ماحول دشمن عمل قرار ڏيندي منصوبي کي ھڪدم بند ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. پاڪستان اھو پروجيڪٽ بند تہ نہ ڪيو ڇاڪاڻ تہ ان مان فوجي ادارن جي ڪنسٽرڪشن ڪمپنين خاص طرح فنٽيئر ورڪس (ايف ڊبليو او) کي ڪروڙين ڊالرس ملڻا ھئا، ان سان ائين ٿيو جو پروجيڪٽ ۾ ڪجهہ تبديليون آڻي، سم نالي کي شڪور ڍنڍ بجاءِ گهاري ڪريڪ کان سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪيو، ھندوستان جي مخالفت سان شڪور ڍنڍ جو فطرتي ماحول تہ محفوظ رھيو پر پوءِ وقت بہ وقت سم نالي سجاول ۽ جاتيءَ جي ھزارين ايڪڙ زرخيز زمين کي برباد ڪري ڇڏيو، ڪيترا ڳوٺ پاڻي ھيٺ آھن يا سمنڊ جي ويرن ڪري ٻڏڻ جي خطري ۾ آھن. پر ڇاڪاڻ تہ منڇر انڊيا جي بجاءِ سنڌ ۾ آھي ان سان ھن ملڪ ڇا ڪيو اوھان سان شيئر ڪيان ٿو.
Right Bank Out Fall Drain (RBOD) 1990
ھي بہ ھڪ قسم جو سم نالو آھي جيڪو بہ بظاھر سنڌو درياءَ جي ساڄي ڪنڌيءَ کان ان مقصد لاءِ شروع ٿيو تہ لاڙڪاڻو، قمبر شھدادڪوٽ ۽ دادوءَ جي زمينن ۾ موجود سم ۽ ڪلر جي زھريلي پاڻيءَ کي پمپ ذريعي سم نالي ۾ ڊرين ڪري سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪيو ويندو، پر ٿيو ائين جو ڪرپشن، بي ايماني، مالي ۽ ذاتي فائدن ڪري زھريلي پاڻيءَ کي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪرڻ بجاءِ منڇر ۾ ڇوڙيو ويو. دراصل ھي منڇر جي آسودي زندگي سان حادثو ھو ۽ ان لاءِ دوزخ جا در کولڻ جي برابر ھو، ھي سلوڪ تہ سنڌ جي مٺي پاڻيءَ جي وسيلن سان دشمني ڪرڻ جي برابر آھي، سمورن اعتراضن احتجاجن جي باوجود سم ۽ ڪلر وارو پاڻي جنھن ۾ ھاڻ پنجاب ۽ بلوچستان جو زھريلو پاڻي، انڊسٽريل ويسٽ، جيت مار دوائن جو زھر بہ شامل ھو منڇر ۾ ڇوڙ ڪيو ويو. پاڪستان جي سرڪار قدرت جي ھن خوبصورت تخليق کي برباد ڪرڻ مھل ھڪ لمحي لاءِ مھاڻن، مڇي، پکين جي زندگيءَ متعلق نہ سوچيو، ھي تہ سنڌ سان دشمني آھي، ھي محض واپڊا ۽ ورلڊ بئنڪ جي پروجيڪٽ جو معاملو نہ ھو پر ھڪ آسودي زندگي ۽ لکين ماڻھن جي روزگار جو سوال ھو، انھن ھزارين مھاڻن کي لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور ڪيو ويو جن کي ھڪ ئي ھنر آيو ٿي (ٻيڙي ھلائڻ ۽ مڇي پڪڙڻ ) . حقيقت ھيءَ آھي دوستو! فطرتي ماحول ۽ سنڌ جي مٺي پاڻيءَ جي ذخيرن خلاف ھي ھڪ قسم جي دھشتگردي آھي. ھي اسان جا وسيلا آھن، ھي زمين، ھي آسمان، ھي پھاڙ، ھي درياءُ، سمنڊ اسانجا آھن، ھي ڪي گٽر نالا ناھن جو باقي صوبن جو ويسٽ (ڪچرو) اسانجن ڍنڍن ۽ درياءَ ۾ ڇوڙيو وڃي.
درياءُ، منھنجو مرشد-27
درياءُ، منھنجو مرشد-28
درياءُ، منھنجو مرشد-29
درياءُ، منھنجو مرشد-30
درياءُ، منھنجو مرشد-31
درياءُ، منھنجو مرشد-32
درياءُ منھنجو مرشد-33
We, the members of the Fellows of the Indus River (FIR), are reaching out to you with a grave concern regarding the dire state of the Indus River, a vital source of sweet water and the lifeline of Sindh. It is imperative that we collectively address the urgent threat posed by the continuous release of wastewater and effluent into its waters.
The Indus River, a symbol of life and civilization, is facing unprecedented peril. Despite legal provisions prohibiting the discharge of waste into freshwater bodies like lakes, canals, and rivers, this harmful practice persists across Sindh. Of particular concern is the situation at the old Phulile Canal, where conditions have worsened alarmingly.
Furthermore, the Indus River is facing an environmental catastrophe that urban and industrial waste follow into Indus River, which is extremely toxic. Recently, the irrigation department released water from Muncher Lake with a total dissolved solids (TDS) level as high as 30%. Before this Manchur lake was a storage for sweet water hub which was contemned through MNV drain. The project was funded by WAPDA and world bank. This contamination, coupled with water shortages, poses a grave threat to the mangrove forests, livestock, human health, bird and wildlife, domestic insects, agriculture, and the surface soil.
We, the fellows of Indus River (FIR), urge all to join us in raising our collective voice to save the Indus River. It is not just a body of water; it is the very essence of our civilization.
Together, let us take a stand to safeguard this precious resource and ensure a sustainable future for generations to come.
Thank you
Kind regards,
Manzoor Thaheem
Fellows of Indus River
Hyderabad
Sindh.
نوٽ
Fellows Of Indus River سنڌو درياءَ جا دوست ۽ ساٿي
سنڌو درياءَ جي وجود، انجي تاريخي ۽ ماحولياتي زندگي بچائڻ لاءِ ملڪي ۽ بين الاقوامي ماحولاتي ادارن خاص طرح يونائٽيڊ انوائرمينٽ اسيمبلي کي اي ميل ڪري درياءَ جي موجودہ آلودہ حيثيت کان واقف ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي، جنھن جو متن اوھان سان شيئر ڪجي ٿو.
unep- westasia.
unep- execut
unep- envoirment
Irtiqa Institute of Social Sciences
Environmental Defense Fund
Environmental Action
Greenpeace International
Indus Valley Civilization
United Nations
United Nations Human Rights
Sindh Chief Minister House
Chief Justice Of Pakistan
درياءُ، منھنجو مرشد-34
درياءُ، منھنجو مرشد-35
درياءُ، منھنجو مرشد-36
درياءُ، منھنجو مرشد-37
درياءُ، منھنجو مرشد-38
درياءُ، منھنجو مرشد-39
اقوام متحدہ طرفان دنيا ۾ ترقيءَ جي لاءِ سترنھن پائيدار ترقيءَ جا هدف مقرر ڪيل آهن. انھن ۾ ڇھون هدف پاڻيءَ جو آهي. انھيءَ هدف هيٺ دنيا جي هر ماڻھوءَ کي 2030ع تائين صاف ۽ سٿرو پاڻي مھيا ڪرڻ جو چيو ويو آهي. اسان جي ملڪ ۾ خاص ڪري سنڌ ۾ تہ صاف ۽ سٿرو پيئڻ جو پاڻي تہ پري جي ڳالھہ، پر پيئڻ جو پاڻي بہ ميسر نہ آهي. هڪ تحقيق مطابق سنڌ ۾ جر جو پاڻي پيئڻ جي لائق نہ آهي. انھيءِ ڪري سنڌ جي ماڻھن جو پيئڻ جي پاڻيءَ جو دارومدار سنڌو درياءُ ۽ ان مان نڪرندڙ واهن ۽ شاخن تي آهي. انھيءِ پاڻي ۾ گدلاڻ ايتري وڌي وئي آهي جو اهو پڻ استعمال جي لائق نہ رهيو آهي. انھيءَ جو تازو مثال حيدرآباد جي ميئر طرفان آبپاشي کاتي کي لکيل خط آهي. هڪ طرف پيئڻ جي پاڻيءَ جا وسيلا محدود ٿيندا ٿا وڃن تہ ٻئي طرف وري ملڪي آباديءَ ۾ تيزيءَ سان واڌارو ٿي رهيو آهي. انھيءِ ڪري پيئڻ جو پاڻي اهم ۽ وڏو مسئلو ٿي ويو آهي. سنڌ جي گاديءَ واري هنڌ ڪراچيءَ ۾ تہ اهو مسئلو نھايت ڳنڀير صورتحال اختيار ڪري ويو آهي. تازو اخبارن ۾ ڪراچيءَ کي پاڻي پھچائڻ لاءِ حڪومت طرفان اعلانيل ڪي فور منصوبي متعلق حڪومت تي سست روي جو مظاهرو ڪرڻ جو بھتان هنيو ويو آهي. (ڊان ڪراچي، بزنس ۽ فائننس 15 کان 20 اپريل 2024). اچو تہ ڏسون ڪي فور منصوبو ڇا آهي. ڪي فور منصوبو 2012 ۾ ڪراچي واٽر بورڊ طرفان پيش ڪيو ويو هو. انھيءَ منصوبي تحت 1200 ڪيوسڪ پاڻي وڌيڪ گهريو ويو هو. جيڪو 650 ملين گيلن روزانو پاڻي ٿئي ٿو. اهو منصوبو رولڙي جو شڪار رهيو ۽ هاڻي وري هڪ دفعو ٻيھر اهميت اختيار ڪري ويو آهي. ڪوٽڙي بئراج ٺھڻ وقت ڪراچيءَ لاءِ 500 ڪيوسڪ پاڻي مقرر ڪيو ويو هو. 1988 ۾ جنرل ضياع الحق طرفان ڪراچيءَ لاءِ وڌيڪ 700 ڪيوسڪ پاڻي منظور ڪيو ويو. ڪراچيءَ کي پاڻي ڪوٽڙي بئراج مان نڪرندڙ واھہ ڪلري بگهاڙ فيڊر ذريعي ڏنو ويندو آهي. انھيءَ واھہ جي وڌ ۾ وڌ پاڻيءَ جي کڻڻ جي سگهہ 9100 ڪيوسڪ آهي ۽ 700 ڪيوسڪ ڪراچيءَ لاءِ منظور ٿيڻ کانپوءِ اها حد 9800 ڪيوسڪ ٿي وئي. جيئن تہ مذڪورہ واھہ ڪڏهن بہ 7500 ڪيوسڪ کان وڌيڪ پاڻي نہ کنيو هو، انھيءَ ڪري ان جي پاڻي کڻڻ جي سگهہ وڌائڻ لاءِ 1988 ۾ ميڪڊونالڊ ۽ پاٽنرس کان اڀياس ڪرايو ويو. انھيءَ اڀياس جي روشنيءَ ۾ کاتي طرفان 2005 کان 2007 تائين ڪلري بگهاڙ فيڊر ۽ ڪينجهر ڍنڍ تي ٻہ ارب روپين جي لاڳت سان مختلف ڪم ڪرايا ويا. ايڏي وڏي رقم خرچ ڪرڻ باوجود مذڪورہ واھہ جي پاڻي کڻڻ جي سگهہ اها ساڳي رهي. هڪ طرف ڪلري بگهاڙ فيڊر واھہ ۾ پاڻي کڻڻ جي سگهہ نہ وڌي تہ ٻي طرف ڪينجهر مان 1200 ڪيوسڪ جو واھہ ڪڍي، ڪراچيءَ کي پاڻي ڏنو پيو وڃي. اهو پاڻي ٺٽي ضلعي جي زرعي زمين جو پاڻي آهي. پاڻيءَ جي کوٽ ڪري ٺٽو ضلعو جيڪو ڪيلي جي پوک جو بادشاھہ سمجهيو ويندو هو، انھيءَ جي بادشاهت ختم ٿي وئي. شاخن جي پوڇڙين ۾ پاڻي نہ اچڻ ڪري جر جو پاڻي سمنڊ جي پاڻيءَ جي اثر هيٺ کارو ٿي ويو آهي ۽ ساڳئي وقت سم ۽ ڪلر جو آزار پڻ وڌڻ لڳو آهي.
ڪي فور جو پس منظر:
مون مٿي ذڪر ڪيو آهي تہ 2012 ۾ اهو منصوبو ٽن مرحلن ۾ مڪمل ٿيڻو هو. شروعاتي طور ڪينجهر ڍنڍ مان ڪراچيءَ لاءِ ٺھيل واھہ جي آس پاس هڪ نئون واھ ڪڍڻ ۽ ان کي هڏيرو ڍنڍ ۽ هاليجي ڍنڍ سان ملائڻ کانپوءِ اڳتي کڻي وڃي پمپنگ اسٽيشن ذريعي ڪراچيءَ کي پاڻي پھچائڻ شامل هو. هاڻي اهو منصوبو ٻن مرحلن ۾ مڪمل ڪيو ويندو. پھرين مرحلي ۾ 500 ڪيوسڪ پاڻي ڪراچيءَ ۾ بحريا ٽائون ۽ ٻين ٺھندڙ نين رهائشي علائقن کي پھچائڻ لاءِ ڪجهہ سال اڳ ۾ حڪومت طرفان چوويھ ارب روپين جي لاڳت سان ڪينجهر ڍنڍ مان جهمپير ويجهو هڪ واھہ تي ڪم شروع ڪيو ويو. واھہ جو ڪافي حصو ٺھي ويو هو تہ جبلن تي وسندڙ پھرين برسات ۾ ان واھہ جو ڪافي حصو يا تہ لڙهي ويو يا وري لَٽجي ويو. ان وقت تائين سرڪار ان ڪم تي يارهن ارب روپيا خرچ ڪري چڪي هئي. انھي نئين صورت حال ۾ ڪم بند ڪيو ويو. سرڪار اهو منصوبو واپڊا وارن جي حوالي ڪيو. واپڊا وارن ڪم کي نئين سري سان ترتيب ڏئي کليل واھہ جي بجاءِ پائيپن رستي پاڻي کڻڻ جو منصوبو 126 ارب روپين جي لاڳت سان تيار ڪيو آهي. انھي منصوبي تي ايندڙ خرچ جو ويھہ سيڪڙو سنڌ حڪومت، چاليھہ سيڪڙو عالمي بينڪ ۽ چاليھہ سيڪڙو ايشين انفراسٽرڪچر انويسٽمينٽ بئنڪ ڀريندي. اهو منصوبو 2027 تائين مڪمل ڪرڻو آهي. انھيءَ منصوبي تحت حاصل ٿيندڙ پاڻيءَ جي ورهاست لاءِ ڪراچي واٽر ۽ سيوريج بورڊ چوهتر ارب روپين جي لاڳت سان هڪ الڳ منصوبي تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي.
ٻي طرف سنڌ حڪومت پنج سئو ڪيوسڪ پاڻيءَ جو بندوبست ڪرڻ لاءِ ڪلري بگهاڙ فيڊر کي چاليھہ ارب روپين جي لاڳت سان پڪو ڪرڻ جو منصوبو ٺاهيو آهي. انھيءَ منصوبي تي ايندڙ خرچ جو اڌ مرڪزي حڪومت ڀريندي. مرڪزي حڪومت اهو بہ شرط رکيو آهي تہ ڪنھن بہ سبب جي ڪري جيڪڏهن منصوبي جي قيمت ۾ واڌارو ٿيو تہ اها واڌ سنڌ سرڪار ڀريندي. ان سان اهو بہ شرط لاڳو آهي تہ ڪي فور منصوبو مڪمل ٿيڻ تي سنڌ حڪومت پاڻيءَ کي يقيني بنائيندي. ڪي فور جي پھرين مرحلي تي اندازن 240 ارب روپيا خرچ جو ڪاٿو آهي. جيئن تہ سرڪاري منصوبا ڪڏهن بہ شروعاتي ڪاٿي ۽ وقت اندر مڪمل نہ ٿيا آهن. گهڻو ڪري وقت ۾ چاليھہ سيڪڙو ۽ رقم ۾ پنجانوي سيڪڙو واڌ ٿي ويندي آهي. انھيءَ حساب سان هي منصوبو پنجن سالن ۽ اندازن 400 ارب کان مٿي لاڳت سان مڪمل ٿيڻ جو انديشو آهي. ايڏي وڏي لاڳت جي باوجود اهو سوال پنھنجي جاءِ تي اهم آهي تہ ڇا منصوبي لاءِ گهربل واڌو پاڻي، سسٽم مان ملي سگهندو؟ سنڌو درياءَ ۾ پاڻيءَ جي موجودہ صورت حال ۽ ڪوٽڙي بئراج تي گذريل ڪجهہ سالن کان پاڻي آمد جي پيش نظر، اهو ممڪن نٿو لڳي تہ ڪوٽڙي بئراج تي ڪو اضافي پاڻي ايندو، جنھن وسيلي ڪراچيءَ جي پورت ڪئي ويندي. انھيءَ ڪري اهو سڄو بار ڪلري بگهاڙ فيڊر تي پوندو، جيڪو اڳئي گهٽ پاڻيءَ تي هلي رهيو آهي.
ڇا ڪلري بگهاڙ فيڊر کي پڪي ڪرڻ سان اهو پنھنجو منظور ٿيل 9800 ڪيوسڪ پاڻي کڻي سگهندو؟ مون اها ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ ڪافي ڪوشش ڪئي تہ کاتي طرفان ٺاهيل پي سي ون مان ان جو جواب ڳولھجي. پر افسوس اهو ڪتاب نہ ملي سگهيو. اخبار ۾ آيل خبرن مان اهو محسوس ٿئي ٿو تہ چاليھ ارب روپين جي وڏي رقم صرف پنج سو ڪيوسڪ پاڻي بچائڻ لاءِ خرچ ڪئي پئي وڃي.
ڪي فور جي ٻي مرحلي لاءِ وري ڪوٽڙي بئراج جي کاٻي ڪپ تان نڪرندڙ ٻن مک واهن کي پڪو ڪيو ويندو. انھن ٻنھي مک واهن جي پوڇڙ ۾ پاڻيءَ جي سخت کوٽ آھي. اها عجيب منطق آھي جو واهن کي پڪو ڪري پوڇڙ ۾ پاڻي پھچائڻ بجاءِ بچايل پاڻي ڪراچيءَ کي ڏنو ويندو. کاتي جي ڪارڪردگيءَ کي ڏسندي، اهو هڪ معجزو هوندو جو مذڪورہ واھہ پنھنجو منظور پاڻي 9800 ڪيوسڪ کڻي. واهن کي پڪي ڪرڻ جي مقصدن ۾ هڪ مقصد غيرقانوني واٽر ڪورسن جو خاتمو آهي. ٺٽي ضلعي ۾ جيڪي بہ شاخون پڪيون ٿيون آهن، انھن ۾ غيرقانوني واٽر ڪورس گهٽجڻ بجاءِ وڌي ويا آهن. اهو يقين سان چئي سگهجي ٿو ته جلد شاخن جي پوڇڙ ۾ پاڻي کوٽ هڪ ڀيرو ٻيھر ڪر کڻندي. سسٽم مان پاڻي ملي يا نہ، پر هڪ ڳالھہ يقيني آهي تہ ڪي فور جو پھريون مرحلو مڪمل ٿيندو ۽ ڪراچيءَ کي ڪينجهر مان وڌيڪ 500 ڪيوسڪ (270 ملين گيلن روزانو) پاڻي ملندو. اها سڄي کوٽ ٺٽي ضلعي جي آبادگارن /زميندارن کي ڀوڳڻي پوندي. سنڌ آبپاشي کاتي کي انھيءَ ڳالھہ جي وضاحت ڪرڻ گهرجي تہ ڇو ٻہ ارب روپيا خرچ ڪرڻ جي باوجود ڪلري بگهاڙ فيڊر جي پاڻي کڻڻ جي سگهہ نہ وڌي سگهي. منھنجي نظر ۾ ان جو سبب ڪلري بگهاڙ فيڊر جي آر ڊي نوي تي ٺھيل نئين باراڻ سپر پيسيج ۽ آر ڊي 150 کان 189 تائين ڪم نہ ڪرائڻ آهي. نئين باراڻ جي پاڻيءَ کي سنڌو درياءَ ۾ ڇوڙ ڪرڻ لاءِ، ڪي بي فيڊر ۾ ست وڏا بيرل ٺاهي، انھن جي مٿان نئين باراڻ کي رستو ڏنل آهي. وقت گذرڻ سان گڏ انھن بيرلن ۾ لٽ ڄمي وئي آهي ۽ واھہ مان گهربل 9800 ڪيوسڪ پاڻي نٿو گذري. ائين نہ ٿئي جو چاليھہ ارب روپيا خرچ ڪرڻ کانپوءِ بہ صورتحال ساڳي رهي؟ جنھن جي گهڻي اميد آهي.
ڇا ڪراچيءَ کي پاڻي پھچائڻ جو واحد ذريعو سنڌو درياءَ آهي؟ حقيقت ۾ پاڻي پھچائڻ جا ٻيا بہ ڪيترائي ذريعا / وسيلا آهن، جن تي عمل ڪرڻ سان سنڌو درياءَ تي دٻاءُ گهٽائي سگهجي ٿو. عرب ملڪ جتي مٺي پاڻيءَ جا درياءَ نہ آهن، انھن ڪيئن اهو مسئلو حل ڪيو آهي، اسان کي اوڏانھن بہ ڏسڻ کپي يعني سمنڊ جي پاڻيءَ کي مٺو ڪرڻ جي عمل تي ڌيان ڏيڻ. ان کانسواءِ ڪراچيءَ جي ٻن مک لياري ۽ ملير ندي ۾ ايندڙ برساتي پاڻيءَ کي استعمال ڪرڻ لاءِ جوڳو بندوبست ڪرڻ گهرجي. ڪراچيءَ ۾ هڪ اندازي مطابق 50 ڪروڙ گندو پاڻي روزاني سمنڊ ۾ نيڪال ڪيو وڃي ٿو. انھيءَ گندي پاڻيءَ کي صاف ڪري پيئڻ جي پاڻيءَ کانسواءِ ٻين مقصدن لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو. سنڌو درياءَ جي ٻنھي طرف بندن جي وچ ۾ ڪچي واري علائقي ۾ جر جي پاڻيءَ جو وڏو ذخيرو موجود آھي. اهو ذخيرو درياءَ ۾ اٿل ۽ برسات جو پاڻي سيمي ذريعي جر ۾ جمع آهي. جيڪڏهن انھي ذخيري کي استعمال ڪرڻ لاء اپاءَ ورتا وڃن تہ ھوند ڪافي مسئلا حل ٿي وڃن. اها بہ حقيقت آهي تہ ڪراچيءَ کي هن وقت ملندڙ پاڻيءَ جو چاليھہ سيڪڙو کان مٿي حصو ضايع ٿي وڃي ٿو. انھيءَ ضايع ٿيندڙ پاڻيءَ تي ضابطي آڻڻ سان پڻ صورتحال ۾ تبديلي اچي سگهي ٿي. جيڪڏهن اهو رستي ۾ ذيان نہ روڪيو ويو تہ پوءِ ڪيترا بہ منصوبا ٺھن، ڪراچي جي پاڻيءَ جو مسئلو حل نہ ٿيندو
(انجنيئر اوڀايو خشڪ)
درياءُ، منھنجو مرشد-40
ڪيلاش پربت واري مٿاھين علائقي جي اولھندي پاسي ھڪ مقدس ڍنڍ آھي جنھن کي مانسرور جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو ھتان جي ماڻھن جو خيال آھي تہ سنڌو ھتان وھي نڪري ٿي، ھيءَ ڍنڍ اتر ھندوستان جي ٻن ٽن وڏين نئين جو آبي ذريعو پڻ آھي، ھتان کان ھي چئن رخن ۾ وھي ھلن ٿيون، ھڪ ڏند ڪٿا آھي تہ چار نديون مختلف مقدس جانورن جي وات مان نڪري چئن مکيہ طرفن ڏانھن وينديون آھن. برھمپترا، گهوڙي جي وات مان نڪري اوڀر ڏانھن رخ ڪري ٿي، گنگا مور، جي وات مان نڪري ڏکڻ طرف وھي ٿي، ستلج، ھاٿيءَ جي وات مان وھي اولھندي رخ ڪري ٿي، جڏھن تہ سنڌو، شينھن جي وات مان نڪري اتر ڏانھن وھي ٿي. (سنڌو شينھن درياءُ. جين فيئرلي) ڪيلاش پربت جي ماڻھن جو خيال آھي تہ ڪيلاش پربت سموري ڪائنات جو مرڪزي نقطو آھي جتي شيو ڀڳوان ڊنبرو وڄائيندو رھي ٿو. مسٽر فيئرلي پنھنجي ڪتاب سنڌو شينھن درياءَ جي ھڪ باب ”شير کي لغام“ ۾ تربيلا ڊيم جو ذڪر ڪندي لکيو آھي تہ تربيلا جتي ڊيم ٺاھڻ جو امڪان ھو اتان جي زمين بيحد زرخيز ھئي، وسيع ايراضي کي قربان ڪرڻ سان حڪومت کي مزاحمت جو منھن ڏسڻو پيو ھو، 1952 ھڪ پاڪستاني انجنيئر لکيو تہ جڏھن اسان سنڌوءَ کان ٽي ميل کن مٿي وياسيون تہ گوليون ڪڙڪاٽ ڪنديون اسان جي سرن مٿان گذري ويون، جيڪي مقامي قبائلين سنڌ جي ٻئي ڪٺار تان اسان تي ھلايون ھيون، اھو اڳتي وڌڻ خلاف چتاءُ ھو. ڊيم جي ان پھلوءَ کي ڪڏھن نظر ۾ ئي ڪو نہ رکيو ويو ھوتہ عام ماڻھوءَ کي ان جي ڪھڙي قيمت چڪائڻي پوندي. ماحوليات جي ماھرن جو چوڻ آھي تہ ڊيم جي تعمير مان ائين سمجهڻ کپي تہ دنيا جي ھڪ حصي ۾ ماحولياتي تبديلي اچي رھي آھي. تربيلا ڊيم لاءِ سنڌوءَ جي پاڻيءَ جو پنجاھہ ميل وڏو تلاءِ تيار ڪرڻ لاءِ چار ملين گز ڪنڪريٽ، 200 ملين فوٽ مٽي ۽ پٿرن جي ضرورت پوي ٿي ۽ يارنھن لک ملين ايڪڙ فوٽ پاڻيءَ جو ذخيرو دنيا جي ھڪ حصي تي بيحد خطرناڪ ماحولياتي اثر ڇڏي ٿو، جنھن سان تربيلا جا ڪيترا ڳوٺ ۽ گهٽ ۾ گهٽ 80 ھزار ماڻھو بي گهر ٿيا ۽ ھڪ لک ڀلي زرعي زمين جي وڏي ايراضي پاڻي ھيٺ اچي وئي، جنھن جي نتيجي ۾ ڊيم جي اوسي پاسي ۾ رھندڙ ماڻھن جي زندگيءَ ۾ ھڪ اچرج جھڙي تبديلي اڻٽر ھئي. جيڪي ماڻھو لڏپلاڻ تي مجبور ٿيا، انھن مان ڪيترا ماڻھو ذھني صلاحيت وڃائي ويٺا. تربيلا ڊيم جو ٺيڪو امپريگو آف ملان اٽالين ۽ فرينچ ڪنسورشيم کي 1.497 بلين ڊالرس جي قيمت تي ڏنو ويو. مان ھتي جيڪا بنيادي ڳالھہ چوڻ چاھيان ٿو اھا آھي تہ سرمائيدارانہ وڏا منصوبا دراصل مقامي ماڻھن سان نفرت جو اظھار ھوندا آھن.
درياءُ، منھنجو مرشد-41
درياءُ، منھنجو مرشد-42
درياءُ، منھنجو مرشد-43
درياءُ، منھنجو مرشد-44
درياءُ، منھنجو مرشد-45
درياءُ، منھنجو مرشد-46
درياءُ، منھنجو مرشد-47
درياءُ، منھنجو مرشد-48
درياءُ، منھنجو مرشد-49
نہ ڊاھہ ھڪ بندي جي دل، دل سھڻي رب جو گهر.
اھو معاملو ايترو سادو نہ ھو. فرقيواراڻي ھم آھنگيءَ واري سوال کي رڳو ننڍي کنڊ جي انگريز حڪمرانن (ورھايو ۽ حڪومت ڪيو) واري نعري کي استعمال نہ ڪيو پر ان کانپوءِ بہ حڪمران سوچيل سمجهيل حڪمت عملي سان استعمال ڪندا رھيا. ھندو مسلم تفريق بحرحال عوامي سطح جي تخليق يا پيداوار نہ ھئي نہ آھي. اھا عوام دشمن حڪومتن جي حڪمت عملي ھئي ۽ آھي. ان فرقيواراڻي ڇڪتاڻ جون پاڙون طبقاتي ڪشمڪش، مذھبي اجاراداري، پيشاواراڻي مذھبي جنونيت ۽ سماجي رتبي ڪارڻ ھيون. روايتي اعتبار کان سنڌو درياءُ سمورن مذھبن ۽ مقامي ماڻھن، پورھيتن ۽ ھنر مند ماڻھن جي گذر سفر جو واحد ذريعو ھو. ھي پوري دنيا جي واپارين جي ڪاروبار جو کليو ميدان ھو جنھن جي ذريعي باقي دنيا جو ھنر ۽ علم سنڌ ڏانھن آيو. اھا ڳالھہ ياد رکڻ گهرجي تہ انگريزن جڏھن سنڌ فتح ڪئي تہ سنڌ ۽ ھندوستان مٿان مسلمانن جو راڄ ھو. جڏھن انگريزن ھندوستان تي قبضو ڪيو تہ ان خلاف تحريڪ ۾ مختلف مذھبن جي سمورن ماڻھن حصو ورتو جيڪا ڳالھہ پاڪستان جي تاريخ جي ڪتابن مان گم آھي. پاڪستان جو تدريسي نظام انتھائي حقارت تي مبني آھي جيڪو غيرمنصفاڻا تہ آھي ئي آھي پر ھڪ قومي مسلمان پورجوا، جاگيردار ۽ پاڪستاني اشرافيا جي حق ۾ پڻ آھي. جي ڏسجي تہ ننڊي کنڊ ۾ مسلمان ۽ ھندن وچ ۾ مذھبي ۽ ثقافتي ھم آھنگي سنڌو درياءَ جي آباد ڪنارن تي مختلف مذھبن وچ ۾ انسان دوستي، درياءُ دوستي ۽ فطرت دوستي جي ڪارڻ قائم رھي. ھندو ۽ مسلم ھي ٻئي مذھب ھن جي ڪناري آباد ھجڻ ڪري فطري طرح ھي ھڪٻئي جو حصو ٿي ويا ھئا ۽ ھڪ صديءَ تائين کير کنڊ ٿي رھيا، سنڌو درياءُ ماڻھن ۽ مذھبن جي وچ ۾ پُل جيان آھي، ھي صدين تائين قائم رھندڙ پنھنجن ٻن ڪنارن جيان ماڻھن کي جوڙي رکي ٿو. ھي مذھبي ھم آھنگيءَ جو شاندار مثال آھي. مونکي ان حقيقت جي ڄاڻ آھي تہ پاڻي سڀ کي جوڙي رکي ٿو ۽ پاڻيءَ جي اڻ ھوند ماڻھن کي ٽوڙي ٿي لڏ پلاڻ تي مجبور ڪري ٿي. سنڌ جي وسيلن کي ھن وقت سڀ کان اھم چيئلنج اھو آھي تہ سنڌ جي درياءَ ۾ پاڻيءَ جي رواني کي ڪيئن جاري رکجي، جيڪو ماڻھن ۽ تھذيبن کي جوڙي رکڻ جو فرض نڀائي ٿو. سنڌو درياءَ جا پراڻا پد ميسارجي چڪا آھن، انجو ڇاڙ ويران ٿيو آھي، جنھن جو نتيجو فرقاپرستي، نفرت، بک ۽ افلاس جي صورت ۾ سامھون اچي رھيو آھي.
