ڪالم / مضمون

هيءَ سَئن نہ ڏيندي چين

نياز پنھور لکي ٿو ”هي ڪتاب رڳو 47 ڪالمن يا مضمونن جو نہ پر اسان جي اڄ جي سماج جي لينگهو پاتل چھري جو ڏيک آهي، هي ڪتاب اڄ جي حالتن ۽ زندگيءَ جي حقيقتن تي ٻڌل اهڙو نوحو آهي، جنھن ۾ هر طرف ڳوڙها آهن، سڏڪا آهن. هي ڪتاب اڄ جي سماج جو هڪ اهڙو آئينو آهي جنھن کي پڙهندي اسان پنھنجي چؤطرف موجود ماحول جو چھرو چِٽائيءَ سان ڏسي ۽ پسي سگهون ٿا، اسان جي آڏو اسان جون بي وسيون، سماج جون ناانصافيون، حڪومتن جون بي رحميون الائي ڇا ڇا اڀري ۽ تري اچي ٿو. 

  • 4.5/5.0
  • 200
  • 40
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book Hi Se’en Na Dindi Chain

حق ۽ واسطا

ڪتاب نمبر : 15
ڪتاب جا حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ آھن.

هيءَ سَئن نه ڏيندي چين
)ڪالم/مضمون)
ليکڪا: ڊاڪٽر حسين مسرت
ڇاپو: پھريون
سال: ڊسمبر، 2024ع
ڳاڻيٽو: 500
ٽائيٽل: نعيم ديسوالي
لي آئوٽ: عدنان سومرو

ڇپائيندڙ:
ديبل پبلشرز

ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
books. sindhsalamat. com
2025ع

Book: Hi Se’en Na Dindi Chain
Writer: Dr: Haseen Musarat
Non-Fiction: Articles – 240p.
ISBN: 978-627-7729-14-1

Debal Publishers, Behind United Hotel, Hyder Chowk, Hyderabad, Sindh
WhatsApp: +92 312 3467550 * Website: www. debalpublishers. com
Facebook: /debalpublishers * Twitter: debalpublishers
Instagram: debalpublishers * YouTube: debalpublishers.

ارپنا

پنھنجي سنڌ ڌرتيءَ جي نانءِ،
جنھن جا سور سک سان سمھڻ نٿا ڏين.
عورت جدوجھد جي نانءِ
۽
وومين ايڪشن فور م ۽ ان جي جاکوڙي عورتن جي نانءِ.

ــ ڊاڪٽر حسين مسرت

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران ڊاڪٽر حسين مسرت جي لکيل ڪالمن/مضمونن جو مجموعو ”ھيءَ سئن نہ ڏيندي چين“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون.
نياز پنھور لکي ٿو ”هي ڪتاب رڳو 47 ڪالمن يا مضمونن جو نہ پر اسان جي اڄ جي سماج جي لينگهو پاتل چھري جو ڏيک آهي، هي ڪتاب اڄ جي حالتن ۽ زندگيءَ جي حقيقتن تي ٻڌل اهڙو نوحو آهي، جنھن ۾ هر طرف ڳوڙها آهن، سڏڪا آهن. هي ڪتاب اڄ جي سماج جو هڪ اهڙو آئينو آهي جنھن کي پڙهندي اسان پنھنجي چؤطرف موجود ماحول جو چھرو چِٽائيءَ سان ڏسي ۽ پسي سگهون ٿا، اسان جي آڏو اسان جون بي وسيون، سماج جون ناانصافيون، حڪومتن جون بي رحميون الائي ڇا ڇا اڀري ۽ تري اچي ٿو.
ھي ڪتاب 2024ع ۾ ديبل پبلشرز پاران ڇپايو ويو آھي. ٿورائتا آھيون ڊاڪٽر حسين مسرت جا جنھن ھي ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail. com
sindhsalamat. com
books. sindhsalamat. com

ھيءَ سَئنَ نہ ڏيندي چَين، اٿي ڏِس! ڪوئي آيو آ پيارا!

غزل

ھيءَ سَئنَ نہ ڏيندي چَين، اٿي ڏِس! ڪوئي آيو آ پيارا!
ھي شايد ساڳيو رمتو آ، اڳ جيئن اڃايو آ پيارا!

جنھن وقت چراغِ شام ٻري ۽ ميخاني ۾ جام ٻري،
تنھن وقت اسان جو پنڌ پري، پنھنجو بہ پرايو آ پيارا،

جنھن وقت اسان جي تند تپي، ۽ ساز تپي آواز جهپي،
تنھن وقت ڀلي ڪو ڪنڌ ڪپي، جو آيو ڳايو آ پيارا،

ڏس ڏس ماڻھوءَ جي مٽيءَ کي مون ڳوڙھي ڳوڙھي سان ڳوھي،
ڪھڙو نہ لسايو آ پيارا، ڇا جام بڻايو آ پيارا،

آ چوڌاري مھراڻ متو، جنھن جو نہ پھِي، جنھن جو نہ پتو،
ھي روح جزيرو حيرت جو، جنھن منجهہ سمايو آ پيارا،

ڪنھن ڪاريءَ چڳ تي رات کُٽي ڪنھن ڳاڙھي ڳل تي باک ڦُٽي،
اِئن وقت ڪٽيو، اِئن عمر لٽي، سڀ سانگ سجايو آ پيارا،

ھي ڪارو ڪارونڀار تہ ڏس، ھُو ڏورانھون ڏھڪار تہ ڏس،
مون ڪيڏيءَ جر جي جهاڳ مٿان ھي ديپ جلايو آ پيارا،

ھيرا تہ ڏسو ڪنڪر نہ ھڻو، ايندو نہ وري ھي وڻجارو،
ڪجهہ ڏات ڏسو پو بات ڪريو، ھي شور اجايو آ پيارا،

ھي پنھنجي ڪرڻي ڀرڻي آ، پر سنڌ اياز نہ مرڻي آ،
آخر ھيءَ رات گذرڻي آ، تو ڇو گهٻرايو آ پيارا،

شيخ اياز

مھاڳ: نوڻ مڙوئي نينھن کي!

اسان جي پياريءَ ڀيڻ ڊاڪٽر حسين مسرت مون کي پنھنجي ڪالمن جي ڪتاب ”هيءَ سَئن نہ ڏيندي چين“ جو مھاڳ لکي ڏيڻ جو حڪم ڪيو تہ مان پريشان ٿي ويس، منھنجي خوشنصيبي چئبي يا بدنصيبي جو مون اڄ تائين ڪنھن بہ ڪتاب جو مھاڳ ناهي لکيو، مان سمجهندو رهيو آهيان تہ مھاڳ لکڻ وارن جي دنيا ئي الڳ هوندي آهي، مون کي دوستن اهو ٻڌايو هو تہ جيڪي ماڻھو ڪو ٻيو ڪم ڪري نہ سگهندا سگهندا آهن سي رڳو مھاڳ لکڻ جو ڪم ڪندا آهن . مون کي دوستن اها بہ خبر ڏني تہ انھن مھاڳ نويس برادري جي ڪريڊٽ تي ڀلي پنھنجا رڳو ٽي ڪتاب ئي هجن پر انھن پاران ٽيھہ ڪتابن جا مھاڳ ضرور لکيل هوندا، ان دوران ناليج ۾ ان ڳالھہ جو بہ اضافو ٿيو تہ انھن پاران اهي مھاڳ لاڳاپيل ڪتابن ۾ تہ ضرور هوندا آهن پر اهي مھاڳ نويس حضرات وري پنھنجن سمورن لکيل مھاڳن جو هڪ يا هڪ کان وڌيڪ ڪتاب ڇپرائي ٻوليءَ جي ”مھاڳائي ادب “ ۾ بہ اضافو ڪندا رهندا آهن، ان حوالي مون پنھنجي پاڻ کي سدائين بيڪار، جاهل ۽ نااهل سمجهي انھن مھاڳ نويسن واري لسٽ کان ٻاهر ويٺل ڏٺو آهي. مون کي اهڙي عدم مساوات واري روئي باوجود ڪڏهن بہ محرومي جو احساس نہ ٿيو آهي، مان سمجهندو رهيو آهيان تہ اهو هڪڙو اهڙو خاص گڻ آهي جيڪو رب سائين جڏهن بہ چاهي ڪنھن کي بہ ڏئي سگهي ٿو. اڄ ادي حسين مسرت مون کي مھاڳ لکڻ لاءِ حڪم ڪري، اهڙي لسٽ ۾ شامل پئي ڪري، جنھن ۾ آئون صفا نئون آهيان، اهو ڊپ بہ اٿم تہ هاڻي منھنجو ڇا ٿيندو، ڇا اهي مھاڳ نويس مون پنھنجي برادريءَ ۾ شامل ڪندا يانه؟ جيڪڏهن شامل ڪيائون تہ سندن ٿورا، نہ ڪيائون تہ سندن لک لک احسان.
مون مھاڳ لکڻ کان اڳ اهو بہ سوچيو تہ ڀلا اهي مھاڳ نويس رڳو مھاڳ ئي ڇو ٿا لکن؟ ڪجهہ ٻيو ڇو نٿا لکن، پوءِ منھنجي ذهن تي ڊاڪٽر اسحاق سميجو، ڊاڪٽر شير مھراڻي، ڊاڪٽر مخمور بخاري، ڊاڪٽر عنايت حسين لغاري ۽ ڊاڪٽر فياض لطيف جا نالا تري. آيا تہ انھن کي گذارش ڪندس تہ پنھنجي شاگردن مان ڪنھن کان ريسرچ ڪرائين تہ جيئن سببن جي صحيح خبر پئجي سگهي.
هي ڪتاب ڇاڪاڻ تہ ڪالمن تي مشتمل آهي ان ڪري اهو سوال بہ ذهن جي اسڪرين تي اڀري آيو تہ اهي ڪالم آهن ڇا؟ ڪالمن جا قسم گهڻا آهن، ڪھڙا ڪالم ماڻھن کي وزيرن، ڪبيرن ۽ ڪامورن جي ويجهو ڪندا آهن ۽ ڪھڙا ڪالم ماڻھن جون نوڪريون ۽ سر وڃائيندا آهن، ؟ اڄ ڪلھہ ڪھڙن ڪالمن جي مارڪيٽ تيز آهي ۽ ڪھڙن ڪالم نويسن جي گهرن ۾ ماتم برپا آهي، ڪالمن جي ڳالھہ نڪتي تہ ڪالم نويسن جو ذڪر ڪرڻ تي بہ دل چوي ٿي، سوچيان ٿو تہ تہ اها ڪالم نويس مخلوق ڇا ٿيندي آهي؟ انھن جا قسم ڪيترا آهن؟ اهي لکن ڇو پيا؟ هڪڙا ڪالم نويس اهڙا بہ ٻڌا اٿئون جيڪي ڪالمن جا موضوع ۽ مواد بہ ”صاحبان“ جي رضا ۽ مرضي سان لکندا آهن، انھن مان ڪن جي مصروفيتن جو مسئلو حل ٿيندو آهي تہ ڪن جي ضرورتن جو، ڪي معاملا ٺاهي هلندا تہ ڪي وري معاملا ٺاهڻ لاءِ ڊاهيندا آهن تہ جيئن معاملا ٺاهڻ لاءِ ڊاهڻ وارو خرچ بہ وٺي سگهجي. بھرحال ڪالمن۽ ڪالم نويسن بابت ريسرچ جي ڪم لاءِ پياري ايوب شيخ، اعجاز مھر، اقبال ملاح، سھيل سانگي سان رابطي ۾ آهيان، ان سلسلي ۾ پنھنجي پاران تحقيق لاءِ جڏهن پياري نصير مرزا کان ڪتابن جي پڇا ڪيم تہ هو پريشان ٿي ويو، تاج جوئي کي فون ڪيم تہ هن لاچاري ڏيکاري، ڊاڪٽر امداد چانڊئي ۽ ڊاڪٽر عبدالمجيد چانڊئي ڏانھن نياپو موڪليم تہ انھن نياپي ڏيڻ واري کي ئي پاڻ وٽ ويھاري ڇڏيو.
بھرحال منھنجي لاءِ اهو سڀاڳ آهي تہ مان پنھنجي پياري ڀيڻ ڊاڪٽر حسين مسرت جي هن ڪتاب تي ڪجهہ لکي رهيو آهيان، اهو مھاڳ آهي يا ٻيو ڪجهہ، اهو ڇڏيون ٿا وڏن مھاڳ نويسن جي سوچڻ لاءِ تہ ڀلي ويھي سوچين. ڊاڪٽر حسين مسرت جي هن ڪتاب ”هيءَ سَئن نہ ڏيندي چين“ جي ٽائيٽل تي اهو ڄاڻايو ويو آهي تہ هي ڪتاب ڪالمن ۽ مضمونن تي مشتمل آهي پر مون هن ۾ ڪتاب ۾ جيڪو ڪجهہ بہ پڙهيو آهي تہ مان اهو چوڻ ۾ حق بجانب آهيان تہ هي ڪتاب رڳو ڪالمن يا مضمونن جو نہ پر اسان جي اڄ جي سماج جي لينگهو پاتل چھري جو ڏيک آهي، هي ڪتاب اڄ جي حالتن ۽ زندگي جي حقيقتن تي ٻڌل اهڙو نوحو آهي، جنھن ۾ هر طرف ڳوڙها آهن سڏڪا آهن، آهي، هي ڪتاب اڄ جي سماج جو هڪ اهڙو آئينو آهي جنھن کي پڙهندي اسان پنھنجي چؤطرف موجود ماحول جو چھرو چٽائي سان ڏسي ۽ پسي سگهون ٿا، اسان جي آڏو اسان جون بي وسيون، سماج جون ناانصافيون، حڪومتن جون بي رحميون الائي ڇا ڇا اڀري ۽ تري اڄي ٿو.
هن ڪتاب جا موضوع ڪنھن ڏورانھن ڏيھہ يا تصوراتي دنيا سان سلھاڙيل نہ پر اسان جي آس پاس منجهان ئي کنيا ويا آهن، حسين مسرت اسان جي سماج جي ڪنھن اهڙي موضوع کي ناهي ڇڏيو، جيڪو ڪنھن ڪنڊي جيان اسان جي پيرن ۾ چڀي ناهي رهيو . هوءَ ڪنھن بہ موضوع کي هڪ سطحي انداز، روايتي اک ۽ من پسند اينگل بدران گھرائيءَ سان ڏسي، محسوس ڪري يا ائين چوان تہ ان ئي پيڙا مان گذري، حال ماضي کي ڏسندي مستقبل ۾ ڇا ٿيندو واري دنيا سان ڳنڍيندي اڳيان وڌي ٿي،
ڊاڪٽر حسين مسرت کي پنھنجي پڙهندڙ سان ڳالھائڻ، گفتگو ڪرڻ ۽ ان کي پنھنجي پاڻ سان گڏائي هلڻ جو ڏانو اچي ٿو، توهان سندس ڪوبہ ڪالم/مضمون کڻي پڙهو، سندس انداز ۽ ٻولي اوهان کي شروعات کان ئي ائين جڪڙي وٺندي جو توهان ان کي ان جي پڄاڻيءَ تائين ڇڏي نہ سگهندؤ، سندس لکڻي مان ائين نہ لڳندو تہ ڪو اوهان سندس ڪو ڪالم پيا پڙهو پر لڳندو تہ تہ ڪھاڻين يا درد ڪھاڻين جو ڪو ڪتاب کنيو آهي. مان ان ان دليل جي حوالي سان ڪجهہ شاهديون هتي رکان ٿو،
”مون کي خبر آهي تہ هو ڇو آيو آهي، هو ڄاڻڻ چاهي ٿو تہ منھنجي بيماري ڪيتري شديد آهي ۽ آئون ڪيترو وقت زنده رهندس. “ (مضمون: خودمختيار رياست وارو خواب، صفحو 11)
”مون کي خبر آهي نہ آهي جڏهن منھنجي پرواز پاڪستان ۾ لھندي تہ مون سان ذاتي ۽ سياسي طور ڪھڙو سلوڪ ڪيو ويندو، بھتر حالتن لاءِ دعا ئي ٿي ڪريان ۽ خراب حالتن لاءِ تيار آهيان“ (مضمون :ستل قوم جي سجاڳ ليڊر، صفحو 16)
”هٿين گل مھندي، پيرين گل مھندي،
لُڏي لُڏي ٿو ليمن جي لامن منجهہ،
وني ايندو وٺڻ اڄ ڍولڻو،
لاڏا تنھنجا سھرا ويٺي ڳايان، خوشيون پئي ملھائيان“
اڃا گهر جي ديوارن ۾ لاڏن، سھرن، ڇيرن جي ڇمڪار، دهلن شرنائن جي گونج ئي ختم نہ ٿي هجي، ماءُ جي هٿن مان ڌيءَ جي هٿن پيرن لڳايل مھندي جو هڳاءُ ۽ واس هن جي هردي کي مھڪائيندو هجي، اڃا ڌءَ جي شاديءَ تي ٿيندڙ خرچ جو حساب ڪتاب چڪتو نہ ٿيو هجي، اڃا ڏاج ۾ ملندڙ ڪجهہ شيون ڌئ گهران نہ کنيون هجن، اڃا واڌايون ڏيڻ لاءِ ايندڙ مٽن مائٽن جي اچ وڃ بند نہ ٿي هجي، ان گهما گهمي ۽ خوشين ڀرئي ماحول کي اونداهو ڪندڙ، ڳاڙهي جوڙي ۾ رخصت ٿيندڙ ڌئ جو لاش ماڻھن جي ڪلھن تي کڄي اچي يا ٽڪرن جي صورت ۾ در تي اڇلايو وڃي يا وري ڌيءَ زنده لاش جي صورت ۾ گهر واپس اچي تہ مائٽن جي اندر ۾ ٻرندڙ نفرت جو دوزخ مجرمن جي رت کان سواءِ ڪير بہ اجهائي ڪين سگهندو”( مضمون؛عورتن تي ٿيندڙ تشدد ۽ قانون ساز، صفحو 90)
”هوءَ تمام گهڻي خوش هئي، پنھنجي گهر ۾ راڄ ڪندي هئي، هن جو سڄو ڏينھن پنھنجي ننڍڙي بادشاهت کي صاف ڪرڻ، سجائڻ سنوارڻ ۾ گذرندو هو، هن جي بادشاهت ۾ سندس ٻہ ٻار بہ رهندا هئا جن کي کارائڻ پيارڻ ۾ هوءَ پنھنجي غذا ۽ آرام بہ وساري ويھندي هئي، هن کي سندس گهر واري جي پيار تي ايمان جي حد تائين يقين هو، سندس آرام جو ڏاڍو خيال رکندي هئي، ننڍڙي رياست ۾ سندس حڪومت هئي، هوءَ ڪنھن فاتح جيان ان ۾ رهندي هئي، ڄڻ تہ هن کان وڌيڪ ڪا خوشنصيب عورت هن ڌرتي تي نہ هئي، پر هڪ ڏينھن هن کي پنھنجي بادشاهت کسجندي محسوس ٿي، جنھن ڏينھن هن جي وَرَ هن کي خاندان جي اهم مسئلي تي ڳالھائڻ کان روڪيو ۽ هن کي ڪمري کان ٻاهر وڃڻ لاءِ چيو، جنھن ۾ خاندان جا ڪجهہ مرد ويھي فيصلو ڪرڻ وارا هئا، (مضمون: اسان وٽ عورت جي خودمختياري جو ڪھڙو تصور آهي، صفحو 179) هن جھڙا انيڪ مثال هن ڪتاب جي صفحي صفحي تي موجود آهن، منھنجي نظر ۾ ادي حسين مسرت صرف ڪالم نويس ناهي پر سماج جي نبض تي هٿ رکي محسوس ڪندڙ هڪ اهڙو وجود آهي، جنھن کي بيماري جي بہ خبر آهي، بيماري جي سببن جي بہ ڄاڻ آهي ۽ ان جي علاج کان بہ ڀلي ڀت آگاھہ آهي، هوءَ عورت ھئڻ جي ناتي عورتن جي دردن، احساسن کي تہ سمجهي ٿي پر عورتن جي تنظمين ۾ سڌو سنئون منسلڪ هئڻ سبب بوٽس فرسٽ هينڊ انفارميشن هئڻ ڪري ھو گهڻن کان بہ وڌيڪ گهڻو ڪجهہ ڄاڻي ٿي، مٿان مٿس خدا جي اهڙي خاص مھرباني ٿيل آهي تہ هو سڀ ڪجهہ چوڻ، لکڻ ۽ سمجهڻ سمجهائڻ تي بہ قدرت رکي ٿي،
مون کيس ڪيئي ڀيرا اهڙن واقعن جي رپورٽ لاءِ اهڙن اهڙن مشڪل هنڌن ۽ مرحلن ۾ بہ ڪم ڪندي ڏٺو آهي جنھن جي پويان اسان جا مرد بہ ويندي گهٻرائندا آهن، هوءَ سنڌ جي دردن، عورتن سان ٿيندڙ ناانصافين خلاف جاکوڙيندي پنھنجي جند بہ جوکي ۾ وجهڻ کان ناهي مڙندي، مون کيس سدائين ٻين عورتن جي حقن لاءِ وڙهڻ سان گڏوگڏ پنھنجي حقن تي ڪو ڪمپرومائيز ڪندي ناهي ڏٺو، مون هن کي همٿن جو ڪو سمبل يا اهڃاڻ نہ پر جبل جيان مضبوط ۽ ارڏي وجود طور بہ آبزروِ ڪيو آهي، حسين مسرت ۽ ان جھڙيون ٻيون ڀينرون، انھن جون همتون ۽ ارڏايون ايندڙ سڄي نسل ۽ خاص طور گهڻ پاسائين ڏچن ۾ گهريل نياڻين لاءِ موٽيويشن، انسپائيريشن ۽ ڊائريڪشن جو سبب آهن ۽ انھن جي ضرورت آهي!

نياز پنھور
27 نومبر 2024

تاثر: مظلوم ماڻھن جي پيڙائن جي ڪٿا

”جنھن شخص جي دل ۾ بُرائيءَ کان نفرت جنم وٺي، اُهو ئي اصل انسان آهي. “ هومر جي انھيءَ ڳالھہ سان آئون سئو سيڪڙو متفق آهيان. ڇاڪاڻ تہ هر انسان دوست ۽ حساس ماڻھوءَ جو براين کان نفرت ڪرڻ فطري ڳالھہ آھي، ليکڪا تہ عام ماڻھوءَ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ حساس ٿئي ٿو ان ڪري هو مظلوم، پيڙهيل ۽ زندگيءَ جي بنيادي سھولتن کان پري بيٺل ماڻھن جي دردن ۽ پيڙائن کان نا آشنا هجي اهو ممڪن ناهي.
سچي فنڪار ۽ ليکڪ جي بنيادي ذميواري بہ اها ئي آهي تہ هو پنھنجِي ڌرتي، سماج ۽ ماڻھن سان نہ رڳو سلھاڙيل هجي پر ساڳئي وقت انھن جي دردن کي محسوس بہ ڪري ۽ انھن دردن جي درمان لاءِ پنھنجو ڪردار بہ ادا ڪري.
سٺو ڪالم اهو آهي جنھن ۾ بنھہ سادي ۽ سَوَلِي ٻوليءَ سان گڏ گرامر جو بہ تمام گهڻو خيال رکيو ويو هجي ۽ ان ۾ جنھن مسئلي جي نشاندهي ڪرڻي آهي ان تي ائين روشني وِڌل هجي جيئن اسپاٽ لائيٽ ڪنھن آبجيڪٽ کي نمايان ڪندي آهي.
ڊاڪٽر حَسين مُسرت جڏهن پنھنجي ڪتاب ”هيءَ سين نہ ڏيندي چين. “ تي ٻہ اکر لکڻ لاءِ چيو ۽ ڪتاب جو مواد موڪليو تہ فوري طور فيصلو نہ پئي ڪري سگهيس تہ ڪتاب تي ٻہ اکر لکان يا معذرت ڪري ڇڏيان. حقيقت اها آهي تہ آئون پنھنجين لکيل شين مان آخر تائين مطمعن ناهيان ٿي سگهندو، ويتر جڏهن ڪو لکي ڏيڻ لاءِ پابند ڪندو آهي تہ مون لاءِ اهو ڪم ويتر ڏکيو ٿي ويندو آهي. جڏهن ليکڪا پاران پي ڊي ايف ۾ موڪليل ڪتاب کولي ان ۾ شامل ڪالمن ۽ مضمونن جا عنوان پڙهيم تہ ٻہ اکر لاءِ آمادہ ٿي ويس.
هن ڪتاب ۾ شامل ڪالم ۽ مضمون پڙھڻ کان پوءِ سڀ کان پهرين جيڪا راءِ جُڙي اُها هِي هُئي تہ حَسين مسرت جن موضوعن جي چونڊ ڪئي آهي اُهي اهم ۽ وقتائتا تہ آهن ئي پر ساڳئي وقت هن ڪالم رائيٽنگ جي بنيادي گهرجن جو پورائو بہ نھايت سھڻي نموني ڪيو آهي.
ڪالم جو بنيادي مقصد ڪنھن بہ مسئلي کي مڪمل چٽائيءَ، لاڳاپيل معلومات، مضبوط دليلن، مسئلي جي حل لاءِ گهربل تجويزن سان گڏ نھايت سادي ۽ عام فهم ٻوليءَ ۾ پڙهندڙن تائين پھچائڻ آهي. حسين مسرت جي ڪالمن ۾ بہ سماج ۾ موجود اڻ برابري، ناانصافي، مٿڀيد وارن روين، لاقانونيت، عام ماڻھو جي پيڙائن، انسان دشمن روايتن، سنڌ جي شھرن جي تيزيءَ سان بگڙجندڙ حالتن، سنڌ جي غلاميءَ جي ڪارڻن، روح کي زخمي ڪندڙ روين، اظھار جي آزاديءَ وارين رڪاوٽن، عورتن سان ٿيندڙ وارتائن، ٻھراڙين ۾ عورتن جي صورتحال ۽ اهڙن ٻين لاتعداد مسئلن بابت نھايت چٽائي ۽ اثرائتي انداز ۾ بنا ڪنھن غير ضروري وڌاءُ جي نھايت سادي ٻوليءَ ۾ قلم کنيو ويو آهي.
حسين مسرت جا ڪجهہ ڪالم پڙهندي ائين لڳو ڄڻ اُهي منھنجي سوچ ۽ جذبن جي عڪاسي آهن، سندس ڪالم پڙهندي ان ڪري بہ سٺو لڳو جو هن هر موضوع سان ائين ئي نڀايو آهي جيئن هڪ ذميوار ڪالم نگار کي نڀائڻ گهرجي. ڪتاب ۾ شامل ڪجهہ ڪالمن ۽ مضمونن جا عنوان ضرورت کان وڌيڪ ڊگها آهن جڏهن تہ عنوان يا هيڊنگ مختصر ۽ ڌيان ڇڪائيندڙ هئڻ گهرجي. ضروري ناهي تہ عنوان ۾ ڪالم يا مضمون جو تت هجي. مثال طور ”نازڪ سمجهي ويندڙ عورت طوفانن کي منھن ڏيڻ جي سگھہ رکي ٿي. “ انھي کي مختصر لفظن ۾ لکجي ها تہ وڌيڪ بھتر هجي ها، جيئن ”اڄ جي عورت نازڪ ۽ ڪمزور ناهي“ اهڙيءَ طرح ”اظھار جي آزاديءَ لاءِ محدود اسپيس ۾ سوڙهو ٿيل نسل“ واري عنوان کي ”اظھار جي آزادي، نئون نسل ۽ رڪاوٽون“ يا وري ان کان بہ وڌيڪ اثرائتو عنوان ڏيئي سگهجي پيو.
ڪالم نگار جي حيثيت ۾ ليکڪا ان معاملي ۾ ڪليئر نظر اچي ٿي تہ هُوءَ جيڪو ڪجهہ چوڻ چاهي ٿي اهو ڪيترو اهم ۽ ضروري آهي، ساڳئي وقت هُن پنھنجن ڪالمن ۽ مضمونن ۾ پڙهندڙن جي دلچسپيءَ جو بہ هڪ تجربيڪار ليکڪ جيان خيال رکيو آهي. ڪٿي ڪٿي جملن جو سٽاءُ يا جوڙ جڪ ۾ ٿورو جهول ضرور محسوس ٿيو پر اهو اهڙو ناهي جيڪو پڙهندڙ لاءِ مونجهاري جو سبب بڻجي.
مون کي پوري اميد آهي تہ حسين مسرت جي هن ڪتاب کي پڙهندڙن پاران سٺي موٽ ملندي ۽ هوءَ پنھنجي انھيءَ سفر کي وڌيڪ اثرائتي نموني جاري رکندي.

مرتضيٰ سيال
ڄامشورو، سنڌ
17 جولاءِ 2024

ليکڪا پاران: مُسافر جو پنڌ اڻ کُٽ!

ڪٺن، ڪٺن سفر، پير پٿون، منزل گم، مسافر جو پنڌ اڻ کٽ!
لفظن جي گودڙيءَ جي نڙيءَ ۾ ڦاٿل اڃايل سَئن، در در واڪا، سوچون روح ۾ اٽڪيل خنجر، جنھن کي جيترو ڪڍڻ جا جتن، ڪجن اوترو اونھو چيريندو وڃي.
ھنن لفظن ۽ سوچن سک ڪرڻ ئي نہ ڏنو، ازل کان ڪيل ويڙھچن جي وچن جيان جنم کان لوھار جي ڪڙيءَ منجهہ ڪڙيءَ جيان سگهارو، نہ ڇڏڻ جھڙو ساٿ، ڏات جي بات ڪرڻ کان ڳوري سلڻ کان مٿي، دل جي بي چيني سماج جا دکدائڪ منظر، رڙندڙ روح، ڪُسجندڙ ڳچيون، وڍجندڙ سسيون، فريبي پنجوڙ ۾ ڦاٿل عوام، آزاديءَ جي اميد ۾ ڳرندڙ قوم ڪيترا سور بي انت پيڙائون!
شايد درد جو ساگر اڃا بہ وشال آھي!
ھي منھنجا لفظ نہ پر سنڌ جي گهايل تاريخ آھن، نسوري سچي تاريخ جيڪا پولارن ۾ انصاف جي اوسيئڙي ۾ رھندي.
ھر ڪالم ڪنھن نہ ڪنھن حادثي جي پس منظر ۾ لکيل آھي ۽ ڪنھن نہ ڪنھن سياسي منظر نامي کي پڌرو ڪندڙ آھي. وڌيڪ ڇا لکجي ڪٺن آھي، پنھنجي لکيل تي وري لکڻ
پنھنجو پورھيو سنڌ کي ارپيم… شل! منھنجي سنڌڙي سدا آباد ۽ قائم رھي ۽ بقا جي جنگ ۾ سوڀاري ٿئي .

ڊاڪٽر حسين مسرت
حيدرآباد، سنڌ.
ڊسمبر 2024ع
Email: haseenmusarat@yahoo.com

خودمختيار رياست وارو خواب

”توکي خبر آهي تہ هُو ڇو آيو آهي، هُو ڄاڻڻ چاهي ٿو تہ منھنجي بيماري ڪيتري شديد آهي ۽ آئون ڪيترو وقت زنده رھندس!؟“
اهي لفظ قائداعظم، ان وقت محترمه فاطمہ جناح کي چيا هئا، جڏھن شديد بيماريءَ جي عالم ۾ هُو زيارت مقيم هو ۽ هڪ سياستدان سندن عيادت لاءِ آيو هو. قائداعظم جي وفات جا منتظر اهي ئي هئا، جن کي سندن وفات کانپوءِ اقتدار ۽ طاقت جي حصول جي خواهش هئي. ملڪ کي آزاد خودمختيار ۽ سيڪيولر رياست بڻائڻ ۽ ملڪ کي مضبوط آئين ڏيڻ وارو قائداعظم جو خواب اڌورو ئي رهجي ويو.
اها اسان جي بدقسمتي هئي جو پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ وقت ئي پاڪستان کي ڪمزور ڪرڻ جون سازشون شروع ٿي ويون ۽ پاڪستان جي نظرين تي منفي قوتون قابض ٿيون، جن ڪابہ واضح پاليسي مرتب ٿيڻ نہ ڏني ۽ 1956ع تائين ملڪ آئين بہ نہ ٺاهي سگهيو هو.
ملڪ ۾ صوبائي خودمختياري ۽ مذهب جو رياست کان ڌار هجڻ شروعات کان ئي هڪ سوال رهيو آهي. قائداعظم نئين رياست لاءِ واضح نظريو پيش ڪيو هو، پر اقتدار جي حصول جي ڊوڙ ۾ ان نظريي تي مختلف نظريا ۽ نالا مڙهي ان جي شڪل مسخ ڪئي وئي. اهي سياسي جماعتون جيڪي قيامِ پاڪستان جون مخالف هيون، مذهبي پناھہ حاصل ڪري اقتدار تائين پھتيون ۽ اهي محافظ جن جو پاڪستان جي حصول جي تحريڪ ۾ ڪوبہ حصو ڪونہ هو، عوام کي حفاظت جا سبز باغ ڏيکاري طاقت جو سمبل بڻجي عوام تي حڪومت ڪرڻ لڳا. جڏھن تہ قائداعظم پنھنجي تحريرن ۽ تقريرن وسيلي واضح طور چيو هو تہ نئين رياست آزاد خودمختيار ۽ جمھوري هوندي.
هڪ انٽرويوءَ ۾ قائداعظم چيو هو تہ: ”نئين رياست جديد جمھوري رياست هوندي، جنھن ۾ اقتدار اعليٰ عوام وٽ هوندو ۽ نئين قوم جي رڪنن کي برابر شھري حق حاصل هوندا ۽ مذهب، ذات پات ۽ عقيدي جي بنياد تي ڪوبہ فرق ڪونہ هوندو. “ ان کان علاوہ 11 آگسٽ 1947ع تي دستور ساز اسيمبليءَ کي خطاب ڪندي چيو هو تہ: ”توهان پنھنجي مندرن ۾ وڃڻ لاءِ آزاد آهيو. توهان ھن رياست ۾ پنھنجن مسجدن يا عبادت گاھن ۾ وڃڻ لاءِ آزاد آهيو. توهان جو تعلق ڪھڙي بہ مذهب ۽ عقيدي سان هجي. مملڪت جو ان سان ڪوبہ واسطو ڪونھي. آئون سمجهان ٿو تہ هاڻ اسان کي ان ڳالھہ کي نصب العين طور پنھنجي پيش نظر رکڻ گهرجي، پوءِ توهان ڏسندؤ تہ جيئن جيئن زمانو گذرندو نہ ھندو ھندو، رھندو، نہ مسلمان، مسلمان. مذهبي اعتبار کان نه، ڇو تہ اهو انھن جو ذاتي معاملو آهي، پر سياسي ۽ مملڪت جي شھريءَ جي حيثيت سان سڃاتا ويندا. “
قائد جي ان خواب کي ساڀيان ٿيڻ نہ ڏنو ويو، عوام کي هر ان ڳالھہ کي سمجهڻ کان محروم رکيو ويو، جيڪا سندن شعور جي بيداريءَ جو باعث بڻجي. آزاديءَ جي جدوجھد کان آمريت جي اونداهيءَ تائين ۽ آمريت جي اونداهيءَ کان جمھوريت جي روشن سويري تائين، هر گهڙيءَ هر لمحي عوام پنھنجيءَ اميد جي ڏيئن کي اجهامڻ نہ ڏنو آهي. رياست جو اقتدار بيورو ڪريسيءَ کان محافظن تائين منتقل ٿيندي ٿيندي جڏھن عوام جي هٿن ۾ آيو تہ اهو عوام جي خواهشن جي عين مطابق سندن بنيادي ضرورتن ۽ خواهشن جي پورائي جو عزم کڻي آيو. عوامي حڪومت عوام جي سوچ سمجهہ ۾ بيداري آندي، پنھنجن حقن جي حاصلات جو شعور ڏنو. ذوالفقار علي ڀٽي 1973ع ۾ رياست کي آئين ڏنو ۽ مضبوط جمھوريت جي پاڙ پڪي ڪئي. 1973ع جي آئين ۾ عوام ۽ ملڪ جي مفاد کي نظر ۾ رکندي وقت بہ وقت ترميمون ٿينديون رهيون. آئين ۾ پھرين ترميم 4 مئي 1974ع ۾ ڪئي وئي. ٻيءَ ترميم 7 سيپٽمبر 1974ع ۾ ڪئي وئي. مختلف وقتن تي مختلف حڪومتن پنھنجن مفادن ۽ پنھنجي اقتدار جي مضبوطيءَ لاءِ آئين ۾ ترميمون ڪيون، پر 18هين ترميم ان لحاظ کان اهميت جوڳي آهي جو ان ۾ عوام جي جائز حقن جي اپٽار آهي ۽ جمھوريت جي مضبوطيءَ لاءِ ترميمون ڪيل آھن. 18هين ترميم جو بل 19 اپريل 2010ع ۾ منظور ڪيو ويو ۽ 20 اپريل تي نافذ ڪيو ويو، ڏٺو وڃي تہ 18هين ترميم جو بل پارليامينٽ مان منظور ڪرائڻ پيپلز پارٽيءَ جو ساراھہ جوڳو عمل آهي، جنھن جي ذريعي سالن کان متنازعہ صوبائي خودمختياريءَ جي مسئلي کي عوام آڏو آڻي ان تي عمل ڪرائڻ لاءِ ڪوششون ورتيون ويون.
هيگل جي بقول تہ: ”اختيار ذات جي اعلان کان علاوہ ڪجهہ بہ ڪونھي. “ گيارگي پليخانوف پنھنجي هڪ ڪتاب ۾ لکيو هو تہ ”اختيار جبر جو شعوري اظھار آهي. “
جبر وارا رويا اختيار جي حدن جي نشاندهي ڪندڙ هجن ٿا ۽ اختيار جي اهميت کي بہ واضح ڪندڙ هجن ٿا. پنھنجي وجود تي اختيار فرد جو بنيادي حق آهي. ساڳيءَ طرح رياست کي پنھنجن جاگرافيائي حدن ۾ رھندي رياست ۾ موجود وسيلن مان لاڀ پرائڻ جو اختيار آهي. مطلب تہ پنھنجن وسيلن کي پنھنجي پاڻ تي خرچ ڪرڻ ۽ خطي جي ترقيءَ لاءِ وسيلن کي استعمال ڪرڻ جو اختيار رکي ٿي. جيڪڏھن انتظامي لحاظ کان رياست ننڍن يونٽس ۾ ورهايل هوندي تہ هر يونٽ کي پنھنجن معدني ذخيرن ۽ ٻين وسيلن کي پنھنجي خطي ۽ خطي جي عوام لاءِ استعمال ڪرڻ جو اختيار هجڻ ضروري آهي. هتي اها ڳالھہ غور ڪرڻ جوڳي آهي تہ پاڪستان جو قيام واعدن ۽ اميدن تي وجود ۾ آيو هو. 23 مارچ 1940ع ۾ لاهور ۾ آل انڊيا مسلم ليگ جي جنرل ڪائونسل طرفان جيڪا قرارداد منظور ٿي، ان ۾ اها ڳالھہ واضح طور تي شامل هئي تہ پاڪستان سان الحاق ڪندڙ رياستون خودمختيار ۽ خود حڪمران هونديون، مرڪز وٽ صرف دفاع ۽ خارجہ پاليسيءَ جا محڪمه رھندا. ٻين صوبن وانگر سنڌ آزاد رياست جي حيثيت سان پاڪستان ۾ شامل ٿي هئي. اسان جي ملڪ جو وڏي ۾ وڏو مسئلو اهو رهيو آهي تہ هُو ڪڏھن بہ مضبوط وفاق جي طور تي ڪم نہ ڪري سگهيو آهي. ننڍن صوبن جي مسئلن کان نظراندازي ۽ انھن جي استحصال وارن روين جو نتيجو عدم اعتماد جي ۽ انتشار جي صورت ۾ ظاهر ٿيو ۽ 1971ع ۾ اوڀر پاڪستان ملڪ کان الڳ ٿي ويو. رياستيءَ سطح تي حڪومتن جا رويا صوبن سان بالادستي ۽ حاڪميت وارا رهيا آھن. صوبن پاران حقن لاءِ اٿاريل آوازن تي قومپرستيءَ جو ليبل مھڻي جيان مڙهيو ويندو آهي. سنڌ جي 6 هزار سال پراڻيءَ تاريخ سان سنڌ جي خوشحالي ۽ ذرخيزي ظاهر آهي. سنڌ معدني وسيلن سان مالامال آهي. جاگرافيائي لحاظ کان اهم سمنڊ ۽ بندرگاھہ سنڌ وٽ آهي، جنھن جي اهميت جي تاريخ بہ شاهد آهي، ان جي باوجود بہ اسان جي صوبي جو عوام غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذارڻ تي مجبور آهي. ھن وقت هر انتظامي اداري ۾ بجيٽ جا مسئلا آھن، بک آهي، بيروزگاري آهي، جرم آھن، لاقانونيت آهي، اها ڪھڙي مسئلن جي باھہ آهي جيڪا صوبي کي نہ ساڙيندي هجي. اها جدوجھد بہ عجيب جدوجھد آهي، جيڪا پنھنجي حاصل ٿيل شين جي حاصلات لاءِ ڪئي وڃي، پنھنجين شين جي مالڪيءَ لاءِ ٻين جي در تي ٻاڏايو وڃي ۽ حقن جي خيرات گهري وڃي. 64 سالن کان انتظار جي سوليءَ تي ٽنگيل صوبن کي 18هين ترميم جي صورت ۾ پنھنجن اختيارن جي حصول جي اميد نظر آئي آهي.
18هين ترميم ذريعي صوبن کي پنھنجن قدرتي وسيلن جي استعمال ۽ انتظام جا جائز حق ڏنا ويا آھن. ڪرمنل تي قانون سازي ڪرڻ جي اختيار جو بہ ذڪر آهي. اعليٰ تعليمي ادارن ۾ معيار تعليم سان گڏوگڏ سائنسي ۽ فني ادارن جي باري ۾ ۽ صوبن جي وچ ۾ مختلف معاملن جي پاليسي بہ واضح طور تي بيان ڪيل آهي. پنھنجن مسئلن جي باھہ ۾ سڙندڙ پڄرندڙ ۽ استحصال کي برداشت ڪندڙ صوبن هڪ راءِ ٿي صوبائي خودمختياريءَ جي حق ۾ فيصلو ڏنو آهي. 5 ۽ 6 مئي 2011ع تي حيدرآباد ۾ وومين ايڪشن فورم پاران ڪوٺايل سيمينارن ۾ سنڌ جي سول سوسائٽي ۽ 52 کان مٿي سماجي تنظيمن پنھنجي راءِ جو اظھار ڪيو. صوبائي خودمختياريءَ جي حوالي سان ڪجهہ مطالبا پيش ڪيا. اها حقيقت آهي تہ انسان تڏھن پنڌ سکندو آهي، جڏھن سھارن کان هٿ ڇڏائيندو آهي. ساڳيءَ طرح سان اسان جا صوبا تڏھن مسئلن جي ڪُنن مان نڪرندا، جڏھن پنھنجي پيرن تي بيھندا ۽ پنھنجي نفعي نقصان جا پاڻ ذميوار بڻجندا. ظاهر ۾ آزاد ۽ اندر ۾ هزارين زنجيرون پھريل شخص شايد اهو ئي چوندو تہ غلامي ۽ قيد جي سختين واري زندگي ان زندگي کان بھتر آهي، جيڪا آزاديءَ جي ليبل هيٺان تڙپي تڙپي قيدي وجود تي گهاءُ سھندي گذارجي.
درياھہ ڪناري اڃ وگهي موت قبول ڪجي. دسترخوان تي قسمين قسمين کاڌا هجن ۽ خوراڪ جي ڪميءَ جو شڪار ٿي اجل کي قبول ڪجي. پنھنجي ڪمائيءَ تي ٻين کي عيش آرام واري زندگي گذاريندي ڏسجي ۽ پاڻ ستل زمين تي پيرين پيادو هلجي ۽ آخرڪار آزمائشن وقت ڪيستائين آزاد خودمختيار زندگيءَ جي اُميد جي ڏيئن کي بچائجي؟ فيصلو رياست جي هٿن ۾ آهي تہ ٽڙيل پکڙيل طاقت ۽ اختيار کي هڪ جاءِ تي ڪٺو ڪري صوبائي خودمختياريءَ ذريعي معاشي مضبوطي ۽ ترقيءَ ڏي سفر شروع ڪجي يا بي وس بي اختيار صوبن سان گڏ هڪ ڪمزور وفاق کي کڻي بي منزل سفر ڏانھن هلجي.

15 مئي 2011ع

ستل قوم جي سجاڳ ليڊر

”مون کي خبر نہ آهي، جڏھن منھنجي پرواز پاڪستان ۾ لھندي تہ مون سان ذاتي ۽ سياسيءَ طور ڪھڙو سلوڪ ڪيو ويندو. بھتر حالتن لاءِ دعا ٿي ڪريان ۽ خراب حالتن لاءِ تيار آهيان. “
اِهي لفظ اسان جي اڳواڻ بينظير جا آھن. هوءَ ستل قوم جي سڄاڻ ليڊر، سالن کان دانھيندي رهي، ٻڌائيندي رهي. اسين سمجهي نہ سگهياسين پر دشمن سمجهي ويا. دشمن جي گوليءَ تي پھرين اسين سجاڳ نہ ٿي سگهياسين! هر جنم ڏينھن تي، هر ورسيءَ تي رت جي ڀيٽا ڏيئي جانثارن ۽ جيالن جي دفتر ۾ تہ نالو لکرائيندا آهيون پر ھن جي سوچ، فڪر ۽ تحريرن کي نظرانداز ڪرڻ وارن جي لسٽ ۾ بہ سرفھرست اچي ويندا آهيون. اسان جي بينظير شايد دنيا جي واحد اڳواڻ هوندي جنھن جي شخصيت تي گهڻي کان گهڻو لکيو ويو آهي ۽ مسلسل اهو عمل جاري آهي. ھن جي زندگيءَ جو هر پھلوءَ مثال آهي، جدوجھد ڪندڙ اڳواڻ، آئيڊيل ماءُ، آئيڊيل زال، آئيڊيل ڌيءُ ۽ ڀيڻ، قوم کي پنھنجي اڳواڻ هر روپ ۾ مڪمل نظر ٿي اچي.
عوام سان بي انتھا محبت، ھن کي دلين ۾ زنده رکندي اچي، پنھنجي عوام جي محبت کي مان ڏيندي، ھن جڏھن ”پورب ڄائي“ لکيو تہ، زندگيءَ جو هر ڏک سک عوام سان ونڊيائين، پنھنجون تڪليفون، مشڪلاتون، ڏکن سورن جا داستان عوام آڏو بيان ڪيائين. زندگيءَ جي سکن، آرامن ۽ آسائشن کان وٺي جيل جي سختين تائين، تعليمي سفر کان سياسي سفر تائين، سياسي دوستن، سياسي دشمنن جي روين کان بين الاقوامي مسئلن تائين ھن پنھنجي عوام کان ڪجهہ بہ نہ لڪايو، ڪڏھن بہ عوام جي اکين تي سوچ تي، بي فڪريءَ جا پردا نہ چاڙهيا، هُوءَ هر ڳالھہ ظاهر ڪندي رهي آهي، سمجهائيندي رهي آهي. زندگيءَ هجي يا سياسي ميدان، هوءَ لاھن چاڙھن کان عوام کي خبردار ڪندي رهي. هر عمل هر تحرير ۾ عوام لاءِ پيغام لڪل آهي.
پنھنجي هڪ مضمون ۾ هوءَ لکي ٿي:
”آئون ڏکين منزلن جي مسافر آهيان. “
ھن سچ لکيو هو، ھن جي منزل بہ ڏکي هئي تہ سفر بہ اڙانگو هو.
”آئون واپس اينديس، تبديلي آڻينديس. “
واپسيءَ جي خواهش تہ پوري ٿي پر تبديليءَ جو خواب ساڀيان کان دور رهجي ويو، ڇو تہ ھن عوام کي سجاڳ ڪرڻ چاهيو پئي پر عوام ستل رهجي ويو ۽ دشمن سجاڳ ٿي ويا. ھن جيڪي لفظ لکيا ۽ چيا صرف صرف سچ ثابت ٿيندا ويا. ھن جنھن خوفناڪ، تباھہ ڪن صورتحال کان ملڪ کي بچائڻ پئي چاهيو اها اسين ڀوڳي رهيا آهيون.
تاريخ جي ھن اهم موڙ تي بقا جي جنگ وڙھندي، آخري پساھہ کڻندڙ قوم جيان، نہ حاصلات، نہ مڃتا جي سگهہ ۽ نہ ھن جي نقشِ قدم تي هلڻ جي همٿ ساري ٿا سگهون پر صرف ۽ صرف بند ٿيندڙ اکين ۾ ڪجهہ يادون زنده آھن ڪجهہ لفظ يادگيرين ۾ اڀري ٿا اچن!
ھن هڪ جاءِ تي لکيو هو:
”مسلمانن جي غالب اڪثريت آمريت جي پاڇي هيٺ رهي آهي، انھن کي مجبوريءَ جي صورت ۾ مذهبي آمريت يا فوجي آمريت مان ڪنھن هڪ جي چونڊ ڪرڻي پوي ٿي. اهم ڳالھہ اها آهي تہ عوام کي آزاد سماج جي ٽِين چوائس ڏيڻ گهرجي، جنھن جو بنياد انساني حق ۽ قانون جي حڪمراني هجي. “
اسان جي بينظير عوام تي هر قسم جي جبر جي خلاف هئي. ھن جي جدوجھد عوام جي ذھني آزاديءَ لاءِ هئي، هُوءَ جبر، ڏاڍ ۽ استحصالي روين جي انڪاري هئي، اهي رويا جيڪي عوام کي ڪُن ۾ بند ڪري گهمائيندا رھن يا زنجيرن ۾ جڪڙي قيد ۾ رکن، هُوءَ انھن جي مخالف هئي.
ھن عوام کي ٻڌايو هو تہ سياسي جماعتن کي ڪمزور ڪرڻ ۾ ڪنھن جو مفاد آهي اهي قوتون جيڪي ملڪي انتظام پنھنجي هٿ ۾ رکڻ چاهِن ٿيون، سياسي جماعتن کي ڪمزور ڪري طاقت حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿين ٿيون.
اسان جي بينظير، ظاهري دشمنن سان گڏوگڏ لڪل دشمنن کان بہ واقف هئي ۽ عوام کي بہ ٻڌائيندي رهي، هڪ جاءِ تي لکي ٿي تہ:
”القاعدہ ۽ طالبان جا دوست جيڪي اسان جي وچ ۾ موجود هئا ۽ پاڻ کي لڪائڻ لاءِ ڏاڙهيون بہ نہ رکندا هئا، انھن پاڪستان ۾ طالبانائيزيشن کي فروغ ڏني هئي. “
ساڳئي مضمون ۾ انتھاپسندن جي طريقہ ڪار کي واضح ڪندي آخر ۾ لکي ٿي تہ،
”انھن طالبان کان اهي ڪاروايون ڪرايون ٿيون وڃن جن سان شھرين جي جان، مال، انھن جي سلامتي ۽ استحڪام علائقائي ۽ عالمي امن کي خطرا لاحق ٿين ٿا، اهي طالبان آتش فشان آھن جيڪو ڦاٽڻ لاءِ تيار آهي ۽ ان جي ڦاٽڻ سان پاڪستان جي رستن تي افراتفري پکڙجي ويندي. “
اها افراتفري، بي ترتيبي، لاقانونيت، بدامني اڄ اسين ڏسي رهيا آهيون، جن لاءِ گهڻا سال پھرين، اسان جي بينظير لکيو هو.
اسين شايد بدنصيب قوم آهيون جيڪا شخصيت جي سحر ۾ گم ٿي ھن جي لکڻين کان بي خبر رهي ۽ جڏھن هڪ نہ کٽندڙ جنگ جي ور چڙهي چڪا آهيون تہ هاڻ ان جنگ مان نڪرڻ جو ڪو گس نظر نہ پيو اچي، مسلط ٿيل موت آهي جيڪو نہ چاهيندي بہ قبول ڪري چڪا آهيون. هُوءَ ماضيءَ مان سبق سکي مختلف قومن جي غلطين کي نظر ۾ رکندي پنھنجي ملڪ جي مستقبل جو احوال لکندي رهي.
ھن کي عوام جي قوت تي ڀروسو هو، هوءَ تبديليءَ جو مرڪز عوام کي سمجهندي هئي ھن کي خبر هئي تہ انقلاب عوامي شعور سان ايندو آهي فوجي طاقت سان تبديلي ممڪن نہ آهي. ھن مضمون ۾ لکيو هو تہ،
”افسوس قومي مفاد جو تعين اهي ماڻھو ڪري رهيا آھن، جيڪي پاڻ سان گڏ شڪست کڻي پيا هلن. “
ھن قوم جي اڳيان ڪجهہ سوال رکيا هئا:
• 1971ع ۾ مشرقي پاڪستان ۾ قومي مفاد جي نالي تي ڇا ڪيو ويو؟
• 1979ع ۾ چونڊيل وزيراعظم کي ڦاسي ڇو ڏني وئي؟
• 1988ع ۾ سياچين ويو.
• 1999ع ۾ ڪارگل جي فتح کي شڪست ۾ بدلايو ويو.
• مستقبل کان بي پرواھہ ٿي طالبان جي سرپرستي ڪئي وئي .
اهي سڀ ڳالھيون اڳيان رکي اسان جي بينظير اهو سمجهائڻ پئي چاهي تہ عوام قومي مفاد جي حقيقت کي پرکڻ جو شعور پاڻ آڻي پاڻ فيصلو ڪن تہ ملڪ قوم جو مفاد ڪھڙين ڳالھين ۾ آهي. ملڪ جي سياسي مستقبل جا وارث ان کي ڪھڙي طرف وٺي وڃڻ پيا چاهِن؟ ان بند گليءَ ۾ عوام جو پنھنجو جياپو ڪھڙيءَ صورت اختيار ڪندو.
ھن جي تحريرن جي سچائيءَ کان انڪار بہ ممڪن ڪونھي ۽ اهو بہ ممڪن نہ آهي تہ ھن جي تحريرن کي صرف ۽ صرف مخصوص خطي تائين محدود سمجهجي. ھن هڪ مضمون ۾ لکيو هو تہ: ”جنوبي ايشيا ۾ امن قائم ٿئي تہ اقتصادي ترقي جا درواز اکلي سگهن ٿا. “
ھن پاڪستان جي امن کي ڏکڻ ايشيا جي امن امان جي صورتحال سان سلھاڙيل پئي محسوس ڪيو ۽ انھن ملڪن ۾ موجود غربت جي مسئلي جو حل امن امان جي بھتريءَ ۾ تلاش ڪرڻ جون تجويزون پئي ڏنيون.
هڪ جاءِ تي لکي ٿي: ”افسوس اهڙو ملڪ جنھن کي بک ۽ غربت جي خاتمي ۽ ماڻھن جي حالت بھتر بڻائڻ پنھنجي نوجوانن کي ايڪويھين صديءَ جي چئلينجز جو مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار رهڻ گهرجي، اهو اقتدار جي ڪشمڪش جي حصول لاءِ پنھنجون توانائيون ضايع ڪري رهيو آهي. هاڻ دنيا جو مقابلو علم ۽ ٽيڪنالاجي سان ڪري سگهي ٿو. “
ھن جو خواب امن امان کان اڳتي ملڪ جي خوشحاليءَ جو بہ هو ۽ اهو بہ هو تہ اڄ جو نوجوان ڪنھن بہ طرح ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ پوئتي نہ رهجي وڃي. ھن چيو هو تہ: ”دهشتگرديءَ جي خلاف جنگ ۾ سڀ کان طاقتور هٿيار گولي يا بم نہ پر عالمي آزادي آهي. “
پاڪستان جي اهم مسئلن بابت ذڪر ڪندي پنھنجي هڪ مضمون ۾ لکي ٿي تہ: ”پاڪستان ۾ مرڪزي مسئلو اعتدال پسندي ۽ انتھاپسنديءَ جي وچ ۾ آهي. ان مسئلي جي حل سان دنيا، خاص طور تي ڏکڻ ايشيا ۽ وچ ايشيا ۽ مسلمان قومن تي اثر پوندو. انتھاپسندي اُتي وڌندي آهي، جتي سماجي ذميدارين کي حڪومت نظرانداز ڪندي آهي. سياسي آمريت ۽ سماجي بددلي تمام گهڻي مايوسيءَ کي جنم ڏيندي آهي جيڪا مذهبي انتھاپسندي کي قوت فراهم ڪندي آهي. “
اهي چند لفظ اسان جي ان اڳواڻ جي تحريرن مان ورتل آهي جنھن جي نالي پٺيان اسين جان قربان ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويندا آهيون. اسين جانثار، اسين جيالا اسين ورڪر، اسين سياستدان، اسين سياسي اڳواڻ پنھنجن مسئلن جو حل انھن لفظن ۾ ڳولي سگهون ٿا. سوالن جا جواب حاصل ڪري سگهون ٿا. ٿيل غلطين جو ازالو خبر نہ آهي تہ ممڪن آهي يا نہ؟ پر اها ڳالھہ ضرور آهي تہ انسان جو جسماني موت ان جي فڪر کي نٿو ماري پر جسماني موت فڪر ۽ فلسفي کي زنده ڪندڙ هجي ٿو.
لفظ ۽ آواز ڪڏھن بہ ناھن مرندا آواز جو موت ٿيڻو ناهي. هوءَ آواز جيان گونجندي رھندي. ابد تائين، انت تائين! ھن جا لفظ زنده سچ جيان ٻرندا رھندا، ٽانڊن جيان ساڙي رک ڪندا رھندا ۽ ان رک مان اهي سوال ٿا اڀرن تہ اسان ڇا سکيو؟ اسان ڇا وڃايو؟ اسان ڇا حاصل ڪيو؟ اسان کي ڪرڻو ڇا آهي؟ اسان جو مستقبل ڪنھن جي هٿ ۾ آهي؟ اسان جي واٽ اها ئي آهي جيڪا اسان جي اڳواڻ جي هئي؟ يا اسين راھہ گم ڪري چڪا آهيون؟
هوءَ چوندي هئي: ”ووٽر سدائين حق تي هوندو آهي. “ ڇا اسين حق تي آهيون؟ ڇا اسين ووٽر کي حق تي سمجهون ٿا؟ ڇا اسين ھن جي ٻڌايل ٽن آمريتن جي ڄار مان ووٽر کي ڪڍي سگهنداسين؟

24 جُون 2011ع

گهر ۽ ٽارچر سيل جو فرق ٿيڻ کپي!

سيل فون جي اسڪرين تي اڀرندڙ لفظ متوجھہ ڪندڙ هئا پر ان کانپوءِ لڳاتار ايندڙ مئسجز ۾ ڪو درد جو لڪل دريا روسندڙ هو جنھن مون کي ڪال ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. ھن جي عمر 21 سال هئي. هوءَ عام ڇوڪري هئي. ھن جو مسئلو بہ صفا عام هو، بنا ڪنھن قانوني داؤ پيچ جي، ھن پسند جي شادي ڪرڻ ٿي چاهي. مائٽن جي مخالفت جي باوجود، موت جي ڌمڪين ملڻ جي باوجود بہ هوءَ پنھنجي مؤقف تان هٽڻ لاءِ تيار نہ هئي.
جدوجھد ۽ عورت هڪ ٻئي سان سلھاڙيل لفظ آھن جن کي الڳ نٿو ڪري سگهجي پر کٽيل جنگ وري وڙهڻ حاصلات کي حاصل ڪرڻ لاءِ جاکوڙ ڪرڻ بہ ڪنھن امتحان کان گهٽ ڪونھي.
قانوني ۽ مذهبي آزاديءَ جي باوجود بہ پسند جي شادي ڪندڙ عورت اسان جي سماج ۾ مجرم آهي ۽ ان سان مجرمن جھڙو سلوڪ بہ ڪيو وڃي ٿو. گهر جي پناھہ گاھہ کي قيد سمجهي فرار حاصل ڪندڙ ۽ قانوني قيدخانن کي نجات جو ذريعو سمجهندڙ عورت جي ڀوڳنائن جو سفر سڄي حياتي نہ کٽندو آهي. پل پل آزمائش، وک وک تي امتحان، قدم قدم تي رڪاوٽون هونديون اٿس ڪڏھن ڪڏھن تہ رفيق سفر بہ اڌ ۾ ڇڏي ويندو اٿس پر پوءِ بہ هوءَ جوٽيل جنگ بند ناهي ڪندي.
عورت جي مزاحمت نہ گهر جي خلاف هجي ٿي نہ رشتن جي خلاف ۽ نہ وري سماج جي خلاف. هوءَ پنھنجي وجود جي نفي ڪندڙ روين خلاف جنگ جوٽي ٿي ۽ بغاوت جو اعلان ڪري ٿي. ان ڪري ئي تہ سالن کان تعمير ٿيل حفاظتي ديوارن کي ٽوڙي هوءَ پيار جي ڪوڙن سچن ٻن گفتن جي ڄار ۾ ڦاسيو ٿي وڃي. پوءِ سموري عمر گوليون ۽ ڪھاڙيون ھن جو پيڇو ٿيون ڪن! هوءَ نہ محفوظ نہ ٿي رهي پر سندس پيٽ ۾ پلجندڙ ٻار بہ نفرت جي روين جي ٻَليءَ تي چڙهيو وڃي! اسان جا گهر ننڍا ننڍا ٽارچر سيل بڻجي ويا آھن جن کان هر عورت انڪاري ٿي ٿئي. هوءَ جياپي لاءِ موت جو رستو منتخب ڪري ٿي پر نفي ڪندڙ روين کي مڃتا ڏيڻ لاءِ تيار نٿي ٿئي.
شائستہ عالماڻيءَ کان وٺي پروين مھر تائين لاتعداد ڇوڪريون آھن جن ڏاڍ جي روين کان انڪار ڪندي پنھنجو قانوني حق استعمال ڪرڻ جي همت ڪئي ۽ سڄي زندگي امتحانن مان گذرنديون رهيون. پروين مھر کي دوکي سان، ڪوڙ سان، غلط بيانيءَ سان، طاقت سان، پنھنجي ساٿيءَ کان پري ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون ويون ميڊيا تي اچي ھن على اعلان پنھنجي گهر وسائڻ جو اقرار ڪيو. سندس حياتي تہ بچي وئي پر سندس ٻار انھيءَ نفرت ۽ طاقت جي روين جو شڪار ٿي ويو. ماءُ جي ھنج مان تہ ڪنھن وحشي جانور جي بہ همٿ نہ ٿيندي آهي جو ڪنھن ٻار کي کڻي سگهي!
وحشي جانورن کان بہ وحشت ۽ نفرت جون بازيون کٽيندڙ انسانن جي قاتل هٿن کان پروين جي جسم ۾ پلجندڙ ٻار پنھنجي حياتي نہ بچائي سگهيو! پروين اڄ بہ انھن قاتلن کي معاف ڪرڻ لاءِ تيار نہ آهي. اها نفرتن جي ڀڙڪندڙ باھہ هڪ نسل تائين محدود نہ ٿي رهي پر اها ڀڙڪندڙ باھہ هڪ نسل کان ٻئي نسل کي بہ جلائي ٿي ۽ قبائلي جهڳڙن ۾ تبديل ٿي راڄن کي بہ وڪوڙي ٿي وڃي.
حفاظت جي نالي تي استحصال، پيار جي نالي تي دوکو، غيرت جي نالي تي موت! عورت جو مقدر بڻايو ويو آهي.
وک وک تي ساھہ قربان ڪندڙ رشتا، ساھہ ساھہ جا ويري بڻجي ٿا وڃن صرف ان ڏوھہ جي سزا ۾ تہ هوءَ پنھنجو قانوني حق استعمال ڪري پسند جو جيون ساٿي چونڊي ٿي. پسند جي شاديءَ جي عمل ۾ ڀاڱي ڀائيوار تہ مرد عورت ٻئي هوندا آھن پر سزا صرف عورت جو مقدر بڻجي ٿي. ميڊيا تي عورت جو نالو ٿو اچي، ڏوهارڻ عورت ٿي بڻجي! جدوجھد عورت ٿي ڪري! پيءُ جي ڪھاڙي سان ڳڀا ڳڀا ڌيءَ ٿي ٿئي. ڀاءُ جي گولين جو کاڄ پڻ ٿي بڻجي! سماج جي تشدد جو نشانو بہ عورت ٿي بڻجي، غيرت جي نالي تي قتل بہ عورت ٿي ٿئي! مرد جو نالو ڪنھن مقدس شيءِ جيان لڪل رهي ٿو هو صرف پيار جي ٻن گفتن سان عورت کي موهي نہ ختم ٿيندڙ جدوجھد جي حوالي ڪري ٿو ڇڏي. هو الزام کان پري هر سزا کان مُڪت، هر آزمائش کان ڇُٽيل ٿو رهي صرف هڪ اخباري بيان ۾ هڪ ننڍڙي فوٽوءَ جي صورت ۾ ساٿ نڀائيندڙ حياتيءَ جي سمنڊ ۾ عورت کي اڪيلو مقابلي ڪرڻ لاءِ ڇڏي گم ٿي ٿو وڃي.
پوليس جي هڪ رپورٽ مطابق، جيڪڏھن سڄي دنيا ۾، سال ۾ 5000 عورتون غيرت جي نالي تي قتل ٿين ٿيون تہ ان مان 1000 پاڪستان ۾ هونديون آھن. پسند جي شادي اهڙو ڏوھہ آهي جيڪو هڪ ٻہ سال تہ ڇا پر سڄي عمر معاف نٿو ڪيو وڃي، عورتون 20 سالن کانپوءِ بہ مارجي ٿيون وڃن. هزارين لکين عورتن جي مارجي وڃڻ جي باوجود بہ اڃا تائين اسين ان مسئلي جوحل نہ ڳولي سگهيا آهيون. قانون جي موجودگي ۾ ان قتل جي ظالماڻي رويي کي گهٽ نہ پئي ڪري سگهي. اسين اهڙي سماج ۾ رهون ٿا جنھن ۾ انساني حق، انساني آزادي، ضابطئه اخلاق ۽ قانون ڪا بہ معنى نٿا رکن، جتي سولي ۾ سولو ڪم قانون جي خلاف ورزي آهي رياست جي قانون جي ڀڃڪڙيءَ کان وڌيڪ سماجي رسمون رواج ٽوڙڻ ڏوھہ آهي. قانون نہ پر سماجي رويا طاقتور آھن، جتي زندگي نہ پر موت جي حڪومت آهي. روزانہ ميڊيا تي هڪ ٻہ رپورٽ پسند جي شاديءَ جي حوالي سان هوندي آهي ۽ پناھہ ۽ تحفظ لاءِ اپيل جي هوندي آهي ۽ روزانو 3 يا 4 رپورٽس غيرت جي نالي تي ٿيندڙ قتل جون بہ هونديون آھن. قتل جا سبب ڪھڙا بہ هجن پر سزا گهٽ ملڻ يا ڪيس داخل نہ ٿيڻ جي ڪري لاتعداد قتل غيرت جي چادر ۾ لڪايا ويندا آھن. جڏھن پروين مھر سماجي رسمن کان انڪاري ٿي، رياض مھر ۽ پروين مھر ميڊيا تي شاديءَ جو اعلان ڪيو ۽ تحفظ لاءِ اپيل ڪيائون، پوءِ هو ٻئي شھر شھر لڪندا رهيا پر گهڻو وقت جبري روين کان پاڻ بچائي نہ سگهيا. ھنن کان زندگي تہ نہ کسي وئي پر گڏ رهڻ جو حق کسيو ويو. پروين کي جعلي طلاق نامو ڏيکاري رياض کان پري ڪيو ويو ۽ رياض تي الزام لڳايو ويو تہ هُو طلاق کانپوءِ بہ پروين سان گڏ رھندو هو. ان جنگ ۾ پروين جي ٻار کي دنيا ۾ اچڻ کان اڳ قتل ڪيو ويو. پروين اڃا تائين بہ عدالتن جا چڪر لڳائيندي ٿي رهي، ڪڏھن وڪيلن سان ڳالھائي ٿي. ڪڏھن عورتن جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ عورتن سان رابطا ٿي ڪري ھن جي خواهش صرف رياض سان گڏ رهڻ آهي. هڪ عورت جيڪا پنھنجي گهر واري سان گڏ رهڻ ٿي چاهي ان لاءِ زندگيءَ جو هر پل هڪ آزمائش بڻجندو پيو وڃي. سوين مشڪلاتون ۽ رڪاوٽون ھن جي اڳيان جبل بڻجي ٿيون اچن پر جيڪڏھن ڪنھن عورت کي غيرت جي نالي تي قربان ڪيو وڃي تہ اهو صرف هڪ منٽ جو کيل ٿو ٿئي. انساني زندگي نہ اڄڪلھہ ارزان ئي آهي پر جنھن ڏوھہ جي ڪا بہ تعزير ڪانھي ڪا سزا ڪانھي، جنھن ڏوھہ جو ڏوهاري مجرم نہ پر فاتح سڏرائي ٿو، اهو آهي عورت جو قتل ۽ استحصال. . . !
حفاظت جي نالي تي استحصال ۽ غيرت جي نالي تي قتل نہ ڪو جرم آهي ۽ نہ ان جي ڪا سزا مقرر ٿي سگهي ٿي، جيڪڏھن سزا آهي بہ تہ اها نافذ العمل نٿي ٿئي. لاتعداد ڇوڪريون اڄڪلھہ گهران نڪرن ٿيون پسند جي شاديءَ جو اعلان ڪن ٿيون ۽ مجرم قرار ڏنيون ٿيون وڃن پر پس منظر ۾ موجود تشدد ۽ استحصال واري جرم جي پردہ پوشي ڪئي ٿي وڃي. ڪو وقت هو جڏھن گهرن ۾ ٿيندڙ تشدد ظاهر ڪو نہ ٿيندو هو، عورت ان کي قبول بہ ڪندي هئي ۽ پاڻ کي ان سلوڪ جو مستحق سمجهندي هئي پر هاڻ هوءَ ان ظلم ۽ استحصال کي مڃڻ کان انڪاري ٿي ٿئي. اسان جي هر گهر ۾ ڇوڪرين سان امتيازي سلوڪ عام آهي. مادرانہ، پدرانہ شفقت کان محرومي، بنيادي حقن کان محرومي، ذات جي نفي، جنس جي آڌار تي ٿيندڙ استحصالي روين کي منھن ڏيندي ڏيندي ڇوڪرين جي اندر ۾ بغاوت جنم ٿي وٺي، جنھن جي اظھار جو ھنن کي هڪ ئي ذريعو، گهران فرار نظر ايندو آهي. حياتي بچائڻ لاءِ موت ڏانھن سفر ڪندڙ عورت سدائين تحفظ لاءِ واجهائيندي ٿي رهي، قانون ھنن جي حقن جي مڃتا جي باوجود بہ مجبور ئي ٿو رهي.
آخر ڪيستائين بي موت ناريون ڪسجنديون رھنديون ۽ استحصالي روين خلاف بغاوت جو جهنڊو بلند ڪندڙ عورت هاڻ پنھنجي ذات جي نفي کي ڏوھہ ٿي سمجهي، پنھنجي پسند جي اظھار کي ڏوھہ نٿي سمجهي! عورت جي جنگ رشتن جي خلاف نہ پر روين جي خلاف آهي. ان ڪري تہ شايد پروين مھر پنھنجي ٻار جي قاتلن کي معاف ڪرڻ لاءِ تيار نہ ٿيندي ڇو تہ هو رشتن جي مقدس چادر ۾ لڪل نفرتن جا پرچارڪ رويا هئا جن سندس ٻار کي قتل ڪيو. جدوجھد جي سفر ۾ اڪيلايون ئي هم سفر هونديون آھن. سو عورت جي جدوجھد ۾ بہ ھن جون همسفر اڪيلايون آھن پر شايد سماج ۾ حق گهرندڙ هوءَ اڪيلي مخلوق آهي جنھن جي جنگ سماجي نظام ۽ رسمن رواجن سان آهي.
پسند جي شادي ڪرڻ ۽ غيرت جي نالي تي عورت جو قتل ڪنھن هڪ خطي يا علائقي سان واسطو رکندڙ مسئلو نہ آهي اهو سڄي ملڪ بلڪه سڄيءَ دنيا ۾ عام آهي. اها ڳالھہ ناممڪن تہ ڪونھي ايم پي اي، ايم اين اي ۽ منسٽرز پاران جيڪڏھن اسيمبليءَ ۾ ان اشوءَ تي ڳالھايو وڃي ڪا واضح پاليسي مرتب ڪئي وڃي. ڪو حفاظتي بل پاس ڪرائجي جيڪو ان قانوني حق کي تسليم ڪندڙ هجي، جيڪو گهر ۽ ٽارچر سيل جي فرق کي واضح ڪري. پناھہ ۽ حفاظت، محبت ۽ شفقت ۽ مرده ٿيندڙ روين کي زنده ڪري سگهي.

01 جُولاءِ 2011ع

ڪراچيءَ ۾ کيڏي ويندڙ راند

”مون وٽ ڪو بٽڻ نہ آهي جيڪو دٻائڻ سان امن ٿي وڃي، ڪراچيءَ ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ جا واقعا ڪا نئين ڳالھہ نہ آهي. “
بلڪل سچ چيو آهي آءِ جي سنڌ واجد دراني، واقعي اهڙو ڪو بہ بٽڻ نہ آهي جنھن کي دٻائڻ سان امن بحال ٿي وڃي، ها! پر اهڙو بٽڻ ضرور آهي جنھن کي دٻائڻ سان حالتون خراب ٿيڻ ۽ لاش ڪرڻ سان امن امان جي صورتحال خراب ٿئي.
پنھنجن پيرن تي گهران نڪرڻ ۽ چئن ماڻھن جي ڪلھن تي واپس اچڻ تہ هاڻ عام دستور ۾ شامل ٿي ويو آهي. روز پندرھن، ٻه، چار کان انگ وڌي هاڻ سون تائين پھچي ويو آهي. گذريل ٽن ڏينھن دوران مرندڙ ماڻھن ۾ ٻہ ٻار بہ شامل آھن. شھر توڻي ٻھراڙيءَ جا ماڻھو بہ شامل آھن گولي انھن کان اهو ڪونہ ٿي پڇي تہ انھن کي پينٽ شرٽ پاتل آهي يا شلوار قميص پاتل آهي. اسان وٽ هر مسئلي جو حل گولي آهي. ھن وقت ڪراچيءَ ۾ ڳالھائجندڙ ٻولي نہ اردو، نہ سنڌي، نہ پشتو، نہ پنجابي آهي صرف ۽ صرف گوليءَ جي ٻولي سمجهي ۽ ڳالھائي ٿي وڃي. ڪراچيءَ جو هر رهواسي اُن جو شڪار آهي. ظلم، خوف، دهشت، عدم برداشت، قتل و غارت، لساني منافرت، ٽارچر سيل، ٻورين ۾ بند لاشن جا تحفا هاڻ معمول بڻجي چڪو آهي. ٻارڙن کي تہ ميدانِ جنگ ۾ بہ امن امان سان حفاظت سان محفوظ جاين تي پھچايو ويندو آهي پر هيءُ شھر عجيب شھر آهي جيڪو ھن وقت ميدانِ جنگ کان بہ ڪا وڌيڪ ڪربناڪ صورتحال ڀوڳي رهيو آهي. ٻارڙن جا لاش ڏسڻ ۾ هلڪا پر کڻڻ ۾ ڏاڍ ڳرا ٿا ٿين. . . پوپٽ جي پرن جيان نازڪ ٻارن جا مرده جسم، ڪنڊي جيان سڄي عمر دل ۾ چڀندا ٿا رھن، گوليءَ کي تہ بيشڪ ان وزن جي خبر نہ ٿي پوي مائٽ ۽ عزيز انھن ننڍڙن هلڪن هٿن جو وزن سڄي عمر محسوس ڪندا رھندا آھن. حڪومت پاران بہ دهشتگردن کي ڏسندي ئي گولي هڻڻ جي حڪم مليل آهي. دهشتگردن کي عام ماڻھوءَ کي مارڻ جو لائسنس مليل آهي. ڳوٺن مان روزگار سانگي آيل نوجوان بہ ان گوليءَ جو شڪار ٿي رهيا آھن. روزگار ۽ خوشحاليءَ جي گهر ڪندڙ عوام سڀ ڪجهہ وساري هاڻ صرف امن ٿو گهري. سوال اهو نہ آهي تہ انھن واقعن جا سبب ڪھڙا آھن سوال اهو آهي تہ انساني رت تي ٿيندڙ سوديبازي ڪيستائين هلندي؟ مسئلو سياسي هجي يا انتظاميہ جي ڪوتاهي هجي هر پاسي کان ردعمل جو شڪار عوام ئي هجي ٿو. بلڪل ائين جيئن هاڪي، ڪرڪيٽ، ٽيبل ٽينس، اسڪوائش ۾ هر راند جي ميدان ۾ کٽڻ هارائڻ جو انحصار بال تي هوندو آهي. رانديگر تيز تاڙين، سيٽين ۽ نعرن جي گونج ۾ ميدان ۾ لھندا آھن. هاڪيءَ ميچ جا رانديگر گول ڪرڻ لاءِ بال کي ڊي طرف وٺي وڃڻ جي ڪوشش ڪندا آھن، مخالف روڪڻ لاءِ بال کي هاڪيءَ سان ڌڪ هڻندا آھن ۽ گول ڪيپر پوري خبرداريءَ سان ڊي جي حفاظت لاءِ چوڪس رھندو آهي. ڪجهہ چالاڪي ڪجهہ ڦڙتيءَ سان رانديگر ڊاج ڏيئي گول ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندا آھن. بال رانديگرن جي هاڪين جا ڌڪ نہ کائيندو آهي پر ھن کي اها خبر نہ هوندي آهي تہ ھن کي ڪيڏيءَ مھل ڪھڙي رانديگر جي حڪمت عمليءَ جو شڪار ٿي ڪھڙي پاسي ڌڪيو ٿو وڃي. هو ڪنھن جي شڪست ۽ڪنھن جي فتح جو باعث ٿو بڻجي؟
اسان جو عوام بہ بال جيان پنھنجي مستقبل کان بي خبر ٻين جي فتح جو سبب بڻجندڙ! سرخرو فاتح رانديگر تمغا، شيلڊز ۽ انعام حاصل ڪندا آھن پر بال؟ بال ڪٿي آهي؟ نہ ميڊل نہ تمغو نہ سرٽيفيڪٽ، نہ مڃتا، نہ تاڙيون نہ تعريف جا چند لفظ ملن ٿا. عوام جي سھپ لاءِ صرف لوھہ ۽ بارود جا ٽڪر بچيا آھن جيڪي جسمن کي ڇيھون ڇيھون ڪندا ٿا رھن. اسان جو عوام ڪنھن پراڻي اڇلايل بال کان گهٽ ڪونھي. نئين بال جي اهميت صرف ميچ جي شروع ٿيڻ تائين هجي ٿي. پراڻو بال اڇلائڻ جي لائق بڻجي ٿو وڃي.
پاڪستان جي مستقبل جا فيصلا پاڪستان کان ٻاهر ئي طئي ٿيندا آھن. اسامه جي موت، پاڪستان جي ساٿين کي پنھنجون پاليسيون مٽائڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. ان کانپوءِ ٿيندڙ مسلسل واقعن اهو سوچڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو تہ پاڪستان جا دشمن سندس شھہ رڳ کي ويجها آھن يا دوست بہ شھہ رڳ جي ويجهو رسي چڪا آھن ۽ سدائين لاجواب سوال گهڻن سوالن کي جنم ڏيڻ جو باعث بڻجندا آھن. اهو بہ سمجهہ ۾ نٿو اچي تہ ملڪي سلامتيءَ تي سوديبازي ڪرڻ سولي آهي يا عوام جي رت تي سودا سولائيءَ سان ٿا طئي ٿين؟ پاڪستان سدائين ڪشمير کي پنھنجي شھہ رڳ چوندو آهي شايد ان ڪري ئي ڪشمير واري شھہ رڳ بچائيندي بچائيندي باقي جسم تي قيامت گذرندي ٿي رهي.
صرف ڪشمير جي اليڪشن جي ملتوي ٿيڻ کي جواز بڻائي ايم ڪيو ايم اسيمبليءَ جي اجلاس جو بائيڪاٽ ڪيو هو ۽ حڪومتي نمائندن جي هر ڳالھہ ٻڌڻ کان انڪار ڪندي. ڪنھن فاتح جٿي جيان سنڌ اسيمبليءَ جي هال مان ٻاهر هليا ويا ان کانپوءِ مسلسل مفاهمت جي طريقي کان انڪار، حڪومت کان عليحدگي، نوان اتحاد جوڙڻ، اهي سڀ اوچتو ظھور پذير واقعا نٿا لڳن پر ڪجهہ پاليسين جي تبديلي ۽ ڪجهہ دوستين جي ٽٽڻ جو ردعمل ٿو محسوس ٿئي. سياسي ميدان ۾ جمھوري سوچ رکندڙ عوام جي حقن جو نعرو هڻندو اڪيلي سياسي جماعت پ پ پ ھن وقت عوام دشمن ثابت ٿيندي پئي وڃي پر اهاڳالھہ تہ مخالف بہ ڄاڻن ٿا، اهي سياسي لاها چاڙها ۽ حالتن جون تبديليون ڪنھن عوامي جماعت لاءِ چيلينج ضرور هجن ٿيون پر ان جي بنياد کي ختم نٿيون ڪري سگهن. پ پ پ جي طاقت سدائين عوام ئي رهيو آهي. عوامي محبت ۽ جنون ھن جي سگهہ رهيو آهي. سياسي اتحاد تہ ٽٽندا ۽ جڙندا ٿا رھن جيڪي اقتدار جي حصول جو ذريعو ضرور هجن ٿا پر دلين جو اقتدار ڪنھن بہ اتحاد جو محتاج نہ آهي. دلين تي حڪومت محبت سان ممڪن آهي ڪنھن سياسي اتحاد سان نه!
راند جي ميدان ۾ بہ ڪيپٽن راند جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي نوان تازه دم رانديگر ميدان ۾ آڻيندو آهي جيڪي همت سان راند کٽڻ جو سبب بڻجندا آھن. پاڪستان جو ڪرڪيٽ جي ميدان ۾ ورلڊ چيمپئن بڻجڻ ڪنھن کي بہ پسند ڪونہ آيو هو. پاڪستان فتح جي ضرورت ھن کي پنھنجي پوزيشن تي قائم رهڻ نہ ڏنو. رانديگرن تي لڳل ڪوڙن سچن الزامن مان آخرڪار ھن کان اهو اعزاز ڦري ورتو پر ڪرڪيٽ جي رانديگرن جي محبت ماڻھن جي دلين ۾ قائم رهي ۽ انھن جي واپس پنھنجي پوزيشن ماڻڻ جي خواهش بہ برقرار رهي هئي. عوام جنھن سان محبت ڪندو آهي ان کي سدائين ڪامياب ۽ سرخرو ڏسڻ چاهيندو آهي پوءِ اهي سياسي رانديگر هجن يا ڪرڪيٽ جا رانديگر هجن.
پاڪستان جي سياست ھن وقت ڪرڪيٽ جو ميدان بڻيل آهي جنھن ۾ حڪمران جماعت مخالفن جي الزامن، نعرن، هوٽنگ جي باوجود بہ ڪامياب انجام طرف وڌي رهي آهي.
ڳالھہ اها آهي تہ آخري رانديگر ۽ آخري اننگ ۽ هر بال تي هڪ زوردار ڇڪي جي ضرورت آهي. هيءَ ميچ يقينن تہ دلچسپ هئي جنھن ۾ ڪيپٽن سان متفق نہ هوندي بہ ھن جي حڪمت عمليءَ کي سڀ مڃيندا رهيا. حڪومت ھن راند ۾ گهڻا چوڪا ڇڪا ھنيا پر جن ۾ مختلف قانونن جو اسيمبليءَ مان پاس ٿيڻ، ارڙهين ترميم تحت صوبائي خودمختياريءَ وارو عمل ۽ ڪمشنري نظام جي بحاليءَ وارو عمل شامل آهي.
انتظاميہ جي درستگيءَ پ پ جي ڪاميابي جي علامت آهي. ڪمشنري نظام جي بحاليءَ وارو عمل، يقينن عوامي اعتماد ۽ ساک جي بحاليءَ طرف مثبت قدم آهي. رانديگرن جي حوصلي ۽ همت وڌائڻ لاءِ عوام جي ڀرپور موٽ جي اشد ضرورت هوندي آهي. خاموش تماشبين رانديگرن جي ناڪاميءَ جو سبب هجن ٿا. ها! شايد ڪراچيءَ ۾ روڄ راڙو ۽ ماتم جي خاموشيءَ کي ٽوڙڻ لاءِ ڪجهہ تاڙين ۽ خوشين جي نعرن جي ضرورت هئي پر صرف اهو هڪ ڇڪو نہ پر اڃا بہ راند کٽڻ لاءِ وڌيڪ اسپورٽس مئن اِسپرٽ جي ضرورت بہ آهي ۽ عوام کي بہ تحفظ جي ضرورت آهي ڇو تہ عوام نہ بال آهي ۽ نہ وري صرف تاڙين وڄائڻ وارو تماشبين!
ڀلي تہ عوام کي نظرانداز ڪيو وڃي ۽ موقعن تي استعمال ڪيو وڃي پر ڪا بہ فتح عوام جي شموليت کانسواءِ ممڪن آهي، اهو بٽڻ جنھن جي دٻائڻ سان عوام تي موت نازل ٿو ٿئي، لاتعداد گهر اجڙن ٿا، بيشمار گهرن ۾ انڌيرو ٿو ٿئي ان بٽڻ جي ڳولا ۽ برباديءَ ۾ ئي عوام جي آبادي ۽ خوشحالي لڪل آهي. برباديءَ جي بٽڻ ”Of“ ڪرڻ سان ئي امن جو بٽڻ ”On“ ٿيندو!

12 جُولاءِ 2011ع

سنڌ ۾ عورت جي سماجي ۽ معاشي حيثيت

”سماج ۾ عورت جي حالت ڪنھن بہ معاشرتي نظام ۽ رياستي ڪردار جو سڀ کان واضح ۽ ٺوس اظاهر هوندو آهي. “ ليون ٽراٽسڪيءَ جا 1920ع ۾ چيل لفظ اڄ بہ ساڳي سچائي رکن ٿا. سماج جي پرک لاءِ عورت جي حالت ۽ حيثيت کي آئينو بڻائي سگهجي ٿو، پر سماج کي سمجهڻ لاءِ سماجي نظام کي بہ سمجهڻ جي ضرورت محسوس ٿئي ٿي. سماج جي بيھڪ ۽ سماج جي بنيادي جوڙجڪ ۾ موجود مختلف عملن کي سمجهڻ کان سواءِ عورت جي حيثيت واضح نہ ٿي سگهندي. سماج ۽ رياست بہ هڪ ٻئي سان سلھاڙيل هجن ٿا. رياستي ڍانچو سماج جي پيداوار آهي. اينگلس جي مطابق رياست اُها طاقت آهي، جيڪا سماج مان پيدا ٿئي ٿي، پر پاڻ کي سماج کان مٿڀرو ٿي سمجهي. طبقاتي رياست پنھنجي ادارن جي ذريعي سماج ۾ طبقاتي فرق کي، مصلحت جي نالي ۾ دوام بخشي ٿي.
برطانوي مفڪر جان اسٽورٽ جي مطابق تہ سماج ۾ رھندڙ هر فرد حقن سان گڏ فرض بہ رکي ٿو، فرضن جو تعلق پنھنجيءَ ذات سان گڏوگڏ ٻين سان بہ هجي ٿو. فردن جي ڪنھن بہ عمل سان ڪنھن کي نقصان پھچي تہ اهو رياست ۽ قانون جو مسئلو بڻجي ٿو، ڇو تہ جديد رياست قانوني نقطه نگاھہ کان (سماجي معاشي نقطه نگاھہ کان نه) ئي صحيح پرسمورن شھرين جا برابر حق تسليم ڪري ٿي. رياست ۽ سماجي جوڙجڪ جي سموري ڍانچي ۾، اسان کي اهو ڏسڻو پوندو تہ عورت جي فرد جي حيثيت سان ڪھڙي حيثيت آهي، اسان جي سماجي ڍانچي عورت جا ڪھڙا فرض مقرر ڪيا آھن؟ ۽ ھن کي ڪھڙا حق حاصل آھن؟

طبقاتي سماج ۽ عورت
مارڪس جي نظريي مطابق عورتن تي ٿيندڙ ظلمن جو سبب سماج جي طبقاتي ورهاست آهي. طبقاتي سماج جو سڄو نظام ان جون ريتون ۽ رسمون ۽ ان جا نظريا عورت جي فرد جي حيثيت جي نفي ڪندڙ هجن ٿا. طبقاتي سماج مرد ۽ عورت جي حيثيت ۾ فرق پيدا ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. اسان جو طبقاتي سماجي نظام، پدر شاهي ڍانچي جي زير اثر پروان چڙھندڙ آهي، اهو پدر شاهي نظام جيڪو عورت جي فرد جي حيثيت جي نفي ٿو ڪري، عورت جو استحصال ھن پدرشاهي نظام لاءِ قوت ۽ طاقت آهي، جنھن جي بنياد تي عورتجو استحصال پدر شاهي سماج ۾ ٿيندو آهي. طبقاتي سماج جي تقسيم تمام پراڻي آهي، اها تقسيم هزارين سال آڳاٽي آهي. جڏھن مادري سماج جو خاتمو ٿيو ۽ زرعي انقلاب آيو تہ عورت جي حيثيت ۾گهٽتائي اچي وئي، جڏھن پيدوار مرد جي هٿ ۾ آئي تہ عورت ملڪيت جي حيثيت اختيار ڪري وئي . فريڊرڪ اينگلس جو چوڻ آهي تہ، ”سماجي پيداوار جي دائري مان الڳ ڪرڻ کان پوءِزال گهر جي پھرين نوڪرياڻي ٿي. “ عورت جي آزادي سلب ٿي ۽ سندس گهريلو ڪمن جي اهميت ختم ٿيندي وئي، ڇو تہ گهريلو ڪم پيداوار جو ذريعو نٿا ٿين. ان پدرشاهي سماجي ڍانچي سان جهيڙيندي عورت کي صديون گذري ويون آھن. پدرشاهي سماجي ڍانچي ۾ عورت جواستحصال جنس جي بنياد تي ٿئي ٿو. قديم دستور کان جديد دستور تائين جيتوڻيڪ گهڻيون تبديليون اچي چڪيون آھن. رياست بہ جديد ٿي آهي تہ رياستي نظام بہ تبديل ٿي چڪوآهي، پر ڏٺو وڃي تہ رياست ۽ سماج تي پدرشاهي قدرن جي حڪمراني آهي. فرد جي حيثيت سان عورت جي حقن جي نفي ۽ سندس سماجي ۽ معاشي حيثيت جو استحصال اڄ بہ جاري آهي. عورت جي استحصال جي اهم ڪارڻن تي غور ڪجي تہ خبر پوي ٿي تہ، پدر شاهي سماج کي هٿي ڏيندڙ ادارا ئي جنس جي بنياد تي استحصال ڪندڙ آھن.
جيڪڏھن ماضيءَ جي مختلف دورن تي نظر وجهجي تہ خبر پوندي تہ هزارين سال پھرين، اسان کي عورت ديويءَ جي درجي تي نظر اچي ٿي، سماجي ارتقا جي اُندور ۾ پيداوار جا ذريعا عورت جي هٿ ۾ هئا. ٻنين تي ڪم ڪرڻ، اولاد پيدا ڪرڻ، خوراڪ جو بندوبست ڪرڻ عورت جي وس ۾ هو ۽ مالڪ بہ عورت هئي. مرد جڏھن زراعت تي قابض ٿيو تہ عورت جي حيثيت مالڪ مان ڦري محڪوم واري بڻجي وئي . ان کان پھرين اولاد عورت جو ليکيو ويندو هو ۽ هوءَ مرد جي انتخاب ۾ بہ آزاد هئي، پر پوءِ عورت اولاد جي مالڪياڻي نہ رهي، اولاد جو مالڪ مرد بڻجي ويو، مرد عورت جي پيداواري صلاحيت تي بہ قابض بڻجي ويو. اها پدر شاهي سماج جي شروعات هئي، مالڪيت واري سوچ آهستي آهستي هر شيءِ تي غالب پئجي وئي . پدر شاهي سماج ۾ مرد هر اختيار پنھنجي هٿ ۾ رکندو ويو، ھن عورت جو استحصال جنس جي بنياد تي ڪيو ۽ پيداواري ذريعن تي قابض ٿي عورت کي ان عمل مان خارج ڪري صرف ۽ صرف گهر ۾ محدود ڪندو ويو، عورت جي زندگيءَ جو مقصد صرف مرد کي خوش ڪرڻ ۽ ان جي آرام آسائش جو خيال رکڻ بڻجي ويو. پدرشاهي نظام، سماج جي هر اداري تي حڪومت ڪرڻ لڳو، جنھن جوبنياد عورت جي جنسي استحصال تي رکيو ويو. تحقيق جي نظر سان ڇنڊڇاڻ ڪجي تہ خبرپوندي تہ ڪھڙن طريقن سان عورت جو استحصال ٿي رهيو آهي.

عورت ۽ خاندان
هڪ عورت جي زندگيءَ ۾ گهر ۽ خانداني مرڪز جي حيثيت رکندا آھن ۽ عورت تي جبر ۽ استحصال جي شروعات بہ گهرمان ئي ٿيندي آهي. سنڌي سماج ۾ مشھور آهي تہ عورت جي ڪري گهڻا جهيڙا ختم ٿي ويندا آھن، ڪا عورت گهر ۾ هلي اچي تہ ان کي مان ڏنو ويندو آهي، پر حقيقت ۾ اها عزت سماجي رشتن جي هجي ٿي هڪ فرد جي حيثيت سان عورت جو وجود ڪا معنيٰ نٿو رکي. گهرسان وابستہ هر رشتو ھن جي سماجي سڃاڻپ جو ڪارڻ بڻجي ٿو. فلاڻي جي ڌيءَ، فلاڻي جي ڀيڻ، فلاڻي جي زال ۽ آخر ۾ فلاڻي جي ماءُ، انھن رشتن جي دائرن کان ٻاهر نہ عورت جي ذاتي شخصيت جي مڃتا آهي نہ سندس حيثيت آهي، نہ ئي وري ذاتي سماجي سڃاڻپ هجي ٿي، عورت جي احترام ۾ ئي استحصال لڪل هجي ٿو، جيستائين عورت پنھنجيءَ ذات جي نفي ڪري پنھنجي گهر خاندان جي فردن جي خدمت ۾ مصروف رهي، انھن جي آرام ۽ آسائش جو خيال رکي ٿي تيستائين اُها عزت جي قابل رهي ٿي، پر اها عارضي عزت ان کي پنھنجي پورهئي جي عيوض ملي ٿي. تاريخ ٻڌائي ٿي تہ عورت تي جبر سان گڏوگڏ ان جي پورهئي جو بہ استحصال ڪيو ويو. خاندان ۾ عورت جي جسماني حيثيت ان وکر وانگر آهي، جنھن کي مرد پنھنجي تحفظ لاءِ استعمال ڪري ٿو. طبقاتي سماج جو اهم مثال جاگيرداراڻو سماج آهي، جنھن ۾صرف سردار ڪيترن ئي زندگين جو مالڪ بڻجي ويٺو هوندو آهي، علائقائي سطح تي ٿيندڙ مسئلا اڪثر عورتن جي ڏي وٺ تي حل ڪيا ويندا آھن، خونن جي معافيءَ جي بدلي ۾ سڱ چٽيءَ طور عورت ڏني ويندي آهي ۽ ادلي بدلي جي شادي، ننڍيءَ عمر جي شادي بہ ان ئي سماج جون رسمون آھن. جاگيرداري نظام مطابق عورت جو قتل ڏوھہ نہ آهي، جيڪڏھن مرد عورت کي ڪاري ڪري ماري تہ اهو ڏوھہ نہ پر حق آهي. خاندان ۽ گهر ۾ اهو مرد سوڀارو سمجهيو ويندو آهي. خاندان جو ادارو بيواھہ ٿيندڙ عورت کي بہ ڪا سماجي عزت نہ ڏيندو آهي. بيواھہ عورتون گهر جي هڪ ڪنڊ ۾ تنھائيءَ جي زندگي گذارينديون آھن. بيواھہ عورت ڪنھن بہ خوشيءَ جي محفل ۾ شريڪ نہ ٿي سگهندي آهي، نہ وري ان کي سٺو لباس ۽ زيورپائڻ جي اجازت هوندي آهي، عورت جي هار سنگار ۽ ٺاھہ جوڙ کي مرد جي ذات سان وابستہ ڪيو ويندو آهي، ان ڪري سنڌي سماج ۾ بيواھہ عورت جيئري ئي مُردن جيان زندگي گذارڻ تي مجبور هوندي آهي. عورت جيڪڏھن ڀيڻ آهي تہ ڀاءُ جي بدلي ۾ زبردستي پرڻائي وڃي ٿي. ڌيءَ آهي تہ زبردستي چپ چاپ مائٽن جي مرضيءَ مٿان قربان ٿي وڃي ٿي. پيءُ کي اختيار آهي تہ هو پنھنجي ننڍي نيٽي ڌيءَ جي شادي پنھنجي ذاتي مفاد خاطر ڪنھن بہ وڏيءَ عمر جي مرد سان ڪرائي سگهي ٿو. جڏھن تہ ڇوڪريءَ کي پنھنجي شاديءَ جي باري ۾ ڳالھائڻ جو ڪوبہ حق نہ ڏنو ويندو آهي. پيءُ ۽ ڀاءُ کي اختيار هوندو آهي تہ هو پنھنجي ڌيءَ ۽ ڀيڻ جي سڱ ڏيڻ لاءِ ڪيتري بہ قيمت مقرر ڪن، جتي وڻي اُتي فروخت ڪري ڇڏين. انساني ڪاروبار قانونن غلط بہ هجي پر اهو ڏوھہ جيڪو پنھنجن هٿان ٿئي ٿو، اهو ڏوھہ نہ پر حق سمجهيو وڃي ٿو. ڪڏھن بہ ائين نہ ٿيندو آهي تہ ڌيءَ جي شاديءَ لاءِ پٽ کي مجبورا بدلي ۾ شادي ڪرائي وڃي، سدائين ڀيڻ کي ڀاءُ جي خوشين لاءِ قربان ڪيو ويندو آهي. ڏٺو وڃي تہ معاشي عمل ۾ شريڪ عورتن جي سماجي حيثيت گهر ۾ ساڳي ٿي رهي، تعليم يافتہ عورت بہ پنھنجي گهر جي مردن جي اڳيان پنھنجا فيصلا ٻڌائڻ جي مجازنہ ٿي رهي. معاشي عمل مرد جي سماجي رتبي ۾ اضافو آڻي ٿو، پر عورت کي ان کان محروم رکيو ويندو آهي.
جڏھن پورهئي جي جنسي تقسيم ڪئي وئي تہ عورت جي پورهئي جي اهميت ۽ قدر کي گهٽايو ويو. گهڻي محنت ۽ گهٽ اجرت وارا ڪم عورت جي حصي ۾ آيا. گهرجو مرد گهر جي سربراھہ طور حڪمران جي حيثيت رکي ٿو، هو صرف هڪ ڪم ڪري ٿو، جڏھن تہ عورت جي ڪم جو نہ وقت مقرر آهي نہ وري اجورو مقرر آهي. ٻارن جي پرورش، گهر جا مختلف ڪم ڪرڻ جو ھن کي اجورو نہ ملندو آهي. اهي ڪم ھن جي ذميوارين ۾ شامل ڪيل آھن. ان طريقي سان عورت جي پورهئي جي قيمت بہ گهٽائي وئي ۽ عورت جي پنھنجيءَ ذات جي نفي بہ ڪئي وئي . گهر جي اداري کي ٺاهڻ واري هلائڻ واري عورت ئي هجي ٿي پر گهر مرد جي ملڪيت هوندو آهي، ان کي صاف رکڻ سنوارڻ عورت جو فرض هوندو آهي. مرد جو تشدد ۽ جبر معمول جو حصو آهي، ان کي ڏوھہ تسليم نہ ٿو ڪيو وڃي، هر قتل هڪ رسم آهي ۽ هر ڏوھہ رواج ۾ شامل سمجهيو ٿو وڃي، ان پدر شاهي سماج جا نظريا عورت جي جنسي استحصال کي هٿي ڏيندڙ هجن ٿا.

عورت جو سماجي استحصال
اينگلز جي مطابق، ”پيداواري اوزارن جي ايجاد سان اهڙو طبقاتي سماج وجود ۾ آيو، جنھن ۾ عورت جي معاشياتي اهميت گهٽ ٿيندي وئي، جڏھن طبقاتي سماج پورهئي جي تقسيم ڪئي تہ اهي ڪم جيڪي مرد پاران سرانجام ڏنا ويندا هئا، اهي محترم ۽ مٿانھان سمجهيا ويا ۽ عورت سان لاڳاپيل پورهئي کي اوتري اهميت نہ ڏني وئي، تاريخ تي نظر وجهڻ سان معلوم ٿيندو، تہ تاريخ ۾ بہ انھن عورتن جو ذڪر ملندو، جن اهڙا ڪم ڪيا، جيڪي مردن لاءِ مخصوص سمجهيا ويندا آھن. تاريخ ۾ حڪمران عورتن جوذڪر ملي ٿو، قلوپطره، رضيه سلطانه، جهانسي جي راڻي، بادشاھن جون ڀينرون، بادشاھن جون زالون، بادشاھن جون مائرون تہ تاريخ ۾ موجود آھن، پر اهي مردن جي حوالي ۽سڃاڻپ سان موجود آھن، انھن جي ذاتي محنت کي مڃتا نہ ڏني وئي آهي.
لرنر مطابق، ”جڏھن بہ عورتون گهڻي تعداد ۾ ڪنھن پيشي سان منسلڪ ٿيون تہ ان پيشي کي ڪمتر سمجهيو وڃڻ لڳو ۽ انھن جو اجورو بہ گهٽجندو ويو. “
لرنر اهو بہ لکيو آهي، تہ عورتن جي پورهئي جي اها تفريق نہ صرف ھنرمنديءَ ۾ پر تخليقي ۽ شعوري قابليت وارن ڪمن ۾ بہ رکي وئي، تخليقي ڪمن جواجورو گهٽ مقرر ڪيو ويو. تاريخ تي نظر وجهڻ سان محسوس ٿيندو تہ عورت جنگين ۾ تمام گهڻو متاٿر ٿيندي آهي، جنگي ۽ قبائلي جهيڙا عورت جي سڄي سماجي ۽ معاشي زندگي برباد ڪندڙ هجن ٿا، پنھنجي جياپي لاءِ جدوجھد ڪندڙ عورت تاريخ ۾ گم ڪئي ويندي آهي، ٻيءَ جنگ عظيم ۾ تباھہ ٿيندڙ عورت جي حالت ڪنھن کان لڪيل ناهي، مردن جيان ذميواريون سنڀاليندڙ عورت ميدانِ جنگ ۽ ٻاهر زندگيءَ جي ميدان ۾ تمام گهڻي مشقت وارن مرحلن مان گذري جنگ دوران گهر جون ذميواريون سنڀالڻ کان وٺي جنگ وڙھندڙن جي خاندان جي ڪفالت تائين عورت هر مرحلي تي سخت محنت ڪئي پر تاريخ جي فاتحن ۾ سندس نالو شامل نہ ڪيو ويو. طبقاتي سماج ۾ عورت سان ٿيندڙ زيادتين جو ڪو شمار ئي ڪونھي. طبقاتي سماج ۾حاڪميت جا دائرا تمام وسيع آھن. عورت کي مخصوص نطام اندر قيد ڪرڻ، ان جي سماجي ۽ معاشي حيثيت کي گهٽائڻ وارو عمل صدين کان جاري رھندو اچي، ٻنين ۾ ڪم ڪرڻ، اَنُ پيھڻ، چرخو هلائي ڪپھہ مان ڌاڳا ٺاهڻ کان وٺي تعميرات جي سخت ڪمن ۾ عورت جو حصو موجود آهي، سخت جسماني مشقت جا اهي ڪم جيڪي عورتن ڪيا، ان پورهئي جو اجورو گهٽ مقرر ڪيو ويو، ساڳيو ڪم مرد پاران انجام ڏيڻ تي اجورو وڌيڪ مقرر ڪيل هوندو هو. پورهئي جي استحصال بہ عورت جي معاشي حيثيت کي گهٽائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. سماج ۾ انھيءَ پورهئي ڪم کيتر سمجهيو ويندو آهي، جيڪو عورت جي جنس سان وابستہ هجي.
پروفيسر عرفان حبيب پنھنجي مضمون، ’قرونِ وسطيٰ ڪي صنعتي تاريخ ڪي تلاش‘ ۾ لکي ٿو تہ، ”علاؤ الدين خلجي (1316ع-1296ع) جي دور ۾ قيمتن جي ضابطي مطابق، ڪارڪن مرد غلامن جي قيمت ڏھہ کان پندرھن ٽڪا ۽ ڪارڪن عورت غلامن جي قيمت صرف پنج کان ٻارھن ٽڪا تائين هئي. “
عورت جي پورهئي جي استحصال سان استعمال ٿيندڙ شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي نٿي ٿئي، ڏٺو وڃي تہ زندگيءَ جي هر شعبي ۾ عورتون معاشي عمل ۾ شامل آھن، پر انھن کي مردن جي برابر سماجي مڃتا نہ ٿي ملي، گهر ۾ ڪمائيندڙ مرد کي جيتري اهميت ۽ عزت ڏني ويندي آهي، عورت کي اوتري نہ ملندي آهي.
پدر شاهي سماج جي باري ۾ اينگلز لکي ٿو تہ، ”سماج ۾ پيداوار جي قدر ۽ مردن جي ان تي اجاراداريءَ مرد ۽ عورت جي تعلق کي تبديل ڪيو، ذاتي ملڪيت عورت کي برابر ساٿيءَ جي حيثيت مان ڦيرائي زيردست زال بڻائي ڇڏيو، طبقاتي استحصال ۽ جنسي خواهشن گڏجي صاحبِ ملڪيت ماڻھن جي طاقت ۾ اضافو ڪيو. “
سماج ۾ خاندان جي ارتقا عورت جي استحصال سان شروع ٿئي ٿي. ڊاڪٽر مبارڪ پنھنجي ڪتاب تاريخ ۽ عورت ۾ لکي ٿو تہ، ”فيمنسٽ نقطئه نظر سان پدرشاهي سماج جو قيام تاريخي سلسلي جو نتيجو آهي. پدر شاهي سماج ۾ مرد ۽ عورت جي تعلق ۾ ان وقت تبديلي آئي، جڏھن عورت ٻار کي جنم ڏنو ۽ ان جي پرورش ڪئي. “
حياتياتي فرق کي عورت جي غلاميءَ جو سبب بڻايو ويو. پدر شاهي سماج عورت جي پيداواري صلاحيت جي نگراني ڪرڻ لڳو. سماجي، ثقافتي ۽ مذهبي روايتن ذريعي ثابت ڪيو ويو تہ عورت محڪوم آهي، جسمانيءَ طور ڪمزورآهي، ان لاءِ عورت جي جسم جو هر اختيار مرد جي حوالي ڪيو ويو، پدر شاهي سماج ۾ نہ صرف عورت جو جسم پر عورت جي سوچ ۽ شعور بہ پابند بڻيل هجي ٿو. سماجي پابنديون رسمون ۽ رواج ھن جي ذھن ۽ سوچ کي غلامي قبول ڪرڻ تي مجبور ڪن ٿيون. سماجي ۽ ثقافتي رسمون انسانن جي عادتن ۽ سماجي ماحول مان ئي ٺھنديون آھن. اسان جي سنڌي سماج ۾ سڀ خدمتن ۽ ڪاميابين جون رسمون مردن سان سلھاڙيل هجن ٿيون. مثال طور پٽ جي ڄمڻ تي گهڻي خوشي ڪرڻ، پٽ جي ڄمڻ تي سڄي ڳوٺ يا خاندان ۾ مٺايون ورهائڻ خوشي ملھائڻ ۽ نچڻ ڳالھائڻ جون محفلون منعقد ڪرڻ، پٽ جي ڇٺي ڌام ڌوم سان ڪرڻ کان علاوہ شاديءَ جي سلسلي ۾ ڪيل سڀ رسمون ۽ گيت بہ مرد جي شان ۽ حاڪميت لاءِ ڳايا ويندا آھن، انھن سڀني رسمن ۾ عورت جي حيثيت صرف مرد جي نسبت سان هوندي آهي، باقي هوءَ هر رسم مان خارج ٿيل ٿي نظر اچي. قانون ۾ تبديلي ٿي سگهي ٿي، پر اسين صدين کان رائج تفريقي رسمن کي ايترو جلدي ختم نٿا ڪري سگهون. عورت لاءِ رسمن ۽ رواجن جي پابندي مذهبي حڪمن جيان مقدس هجي ٿي.

رياستي استحصال
عورت جي سماجي ۽ معاشي حيثيت کي سماجي ۽ خانداني نقطئه نظرسان ڏسڻ کان پوءِ هڪ نظر رياست تي وجهڻ ضروري آهي. رياست هر فرد جي حقن ۽ فرضن جي حفاظت جي پابند هجي ٿي، رياستي ذميوارين ۾ هر فرد لاءِ برابر قانون سازي ڪرڻ برابرتعليم ڏيڻ، برابر تحفظ، برابر صحت جون سھولتون ڏيڻ، برابر روزگار جا موقعا ڏيڻ شامل هجي ٿو. ٿورو غور سان ڏسجي تہ، هڪ سيڪيولر رياست جي نسبت مذهبي پابندين ۾جڪڙيل رياست عورت کي برابر حق ڏيڻ ۾ ناڪام ٿي رهي، جتي بہ حڪومتي نظام ۾ جاگيرداراڻو نظام ۽ انتھاپسند قوتون دخل انداز ٿين ٿيون، ان سماج ۾ عورت لاءِ معاشي ترقيءَ جا موقعا ختم ٿي وڃن ٿا. جڏھن پاڪستان ۾ ضياءُ جو دور آيو تہ اُن ۾ آئين کي معطل ڪيو ۽ بنيادي انساني حقن کي سلب ڪيو ويو، ضياءُ نہ صرف آمر هو پر هو تمام گهڻو بنياد پرست بہ هو، جنھن مذهب جي آڙ ۾ ڪيترائي ڪارا قانون نافذ ڪيا، جن جو سڌو سنئون نشانو عورت بڻي. زاهده حنا پنھنجي ڪتاب، ”عورت، زندگي ڪا زندان“ ۾ لکي ٿي تہ: ” 979ع ۾ڪوڙا هڻڻ جي اسلامي سزا جو آرڊيننس جاري ٿيو، جنھن جي آرٽيڪل (1) 5 ۾ لکيل هو تہ مرد کي بيھاري ۽ عورت کي ويھاري ڪوڙا ھنيا وڃن ۽ ان ئي آرڊيننس جي آرٽيڪل (5) D ۾ لکيل هو تہ قيدي عورت ڳورهاري هجي تہ سزا ٻار جي پيدائش يا استقاطِ حمل جي ٻن مھينن تائين ملتوي ڪئي ويندي. ان آرڊيننس تحت روزنامه جنگ 25 جولاءِ 1981ع ۾ ڇپجندڙ هڪ خبر مطابق ڪنھن عورت کي ڪوڙن جي سزا ٻڌائي وئي . “ ان واقعي جي رد عمل ۾ وومن ايڪشن فورم جو بنياد پيو ۽عورتن روڊ تي نڪري احتجاج ڪيو. ضياءُ جي ڪارن قانونن خلاف وومن ايڪشن فورم جي ميمبر عورتن لاهور جي مال روڊ تي احتجاج ڪيو ۽ رياستي جبر کي منھن ڏنائون. پوليس انھن عورتن تي لاٺي چارج ڪيو ۽ ڳوڙها گئس سان انھن کي منتشر ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون ويون، ڪيتريون ئي عورتون زخمي ٿيون ۽ جيل حوالي ڪيون ويون. آمريت سدائين شعور کان خوفزده ٿيندي آهي ۽ انتھا پسندي روشن خياليءَ کان پري ڀڄندي آهي. آمريت جي جبر واري دور ۾ هر مڪتبہ فڪر جي ماڻھن تشدد کي منھن ڏنو، وڪيلن، مزدورن، ڊاڪٽرن، اديبن، شاگردن سڀني کي اذيتون ڏنيون ويون. عورتن کي بہ رستن روڊن تي ماريو ويو، جن صرف پنھنجن حقن جي ڳالھہ ٿي ڪئي، ڏٺو وڃي تہ ان پرتشدد اونداھہ واري دور ۾ طاري ٿيل انتھاپسندي ۽ مذهبي جنونيت مان رياست اڃا تائين نہ نڪري سگهي آهي، عورت لاءِ ٿيل قانون سازي ان انتھاپسنديءَ هيٺ آهي. جڏھن جاگيرداري سماج جي هڪ سردار جي فيصلي مطابق مختاران مائيءَ سان جنسي ڏاڍائي ڪئي وئي تہ ملڪي قانون بي وس بڻجي ويو، سالن گذرڻ کان پوءِ بہ ان کي انصاف نہ ملي سگهيو. پدر شاهي سماج جي نظام جو اسان جي رياست تي بہ حاوي هجڻ عورت جي استحصال جو اهم ڪارڻ آهي. جون 2010ع ۾ ذڪيه وساڻ جو قتل ٿيو، جنھن ۾ سندس مڙس کي جوابدار ڄاڻايو ويو ذڪيه کي بيدردي سان قتل ڪيو ويو هو، ڪھاڙين سان ڳڀا ٿيل لاش کڻي مائٽن ايف آئي آر درج ڪرائي پر سالن گذرڻ کان پوءِ بہ قاتل آزاد ٿو گهمي، رياستي قانون عورت کي تحفظ ڏيڻ ۾ ناڪام ٿو نظر اچي.
عورت جي ذات سان لاڳاپيل جيترا بہ ڪيس سامھون اچن ٿا، اهي ڀلي جنسي ڏاڍائيءَ جا هجن، قتل جا هجن، اغوا جا هجن، زبردستي شاديءَ جا هجن، ائين محسوس ٿيندو آهي تہ اسين ڪنھن ترقي يافتہ، تھذيب يافتہ دور ۾ نہ پر صديون پراڻي قبائلي دور ۾ زندگي گذاري رهيا آهيون. اِنھيءَ حقيقت جو اندازو اِتان بہ لڳائي سگهجي ٿو تہ ھن ايڪيھين صديءَ ۾ ڪنھن عورت سان ٿيل جنسي ڏاڍائيءَ جي مامري ۾ پاڪستان جي نظرياتي ڪائونسل ڊي اين اي جي ثبوت کي رد ڪندي صرف چار اکين ڏٺي شاهدن جي موجودگيءَ واري ثبوت تي ئي زور ڏئي ٿي.
جديد دور جي اها مھرباني آهي تہ صدين جي جدوجھد کانپوءِ بہ طبقاتي سماج، جاگيردار طبقو ۽ مذهبي انتھاپسند قوتون، عورت جي سماجي توڙي معاشي حيثيت کي تسليم ڪرڻ لاءِ تيار ناھن. ڏٺووڃي تہ ٻھراڙيءَ سان گڏوگڏ اسان جون شھري عورتون بہ اوتري ئي جبر ڀوڳي رهيون آھن. اسان جي سماج ۾ عورتن کي اڄ تائين بہ تعليم، صحت ۽ روزگار جي حصول ۾ مردن جي برابر آئيني حق حاصل ڪونہ آھن. بنيادي انساني حقن کان محروم عورتون پنھنجي حقن لاءِ آواز اٿارڻ وقت بہ سؤ دفعا سوچين ٿيون، ڇوتہ رياستي آئين انھن جي تحفظ ۾ بہ ناڪام ٿو نظر اچي، اڄ عدالتن ۾ بہ عورتن جا قتل ٿين ٿا. پسند جي شاديءَ لاءِ آيل هڪ ڇوڪريءَ کي حيدرآباد جي ڪورٽ ۾ قتل ڪيو ويو هو. ۽ اهڙا کوڙ سارا واقعا روزانو اخبارن جون سرخيون بڻجن ٿا.
ھن وقت اسان جي سماج لاءِ عورت جي سماجي ۽ معاشي حيثيت هڪ سوال بڻيل آهي. عورت پنھنجي وجود ۽ ذات کي فرد جي حيثيت سان مڃايو آهي، عورت جي ذھني قابليت ۽ صلاحيتون هاڻ لڪل ناھن، پر انھن جي سماجي مڃتا نظر نٿي اچي.
مس ٽراٽسڪي پنھنجي 1925ع ۾ ڇپيل آرٽيڪل ۾ لکي ٿو تہ، ”عورت جي ان خراب حالت کي پاڙ کان پٽي ڪڍڻ صرف ان صورت ۾ ممڪن آهي، جڏھن سماجي، خانداني ۽ گهريلو حالتن کي بدلايو وڃي. “
عورت جي استحصال جي خاتمي کان سواءِ ڪوبہ انقلاب اچڻ ممڪن نہ آهي. بھتري ۽ روشن خيالي هر اداري ۾ اچڻ کان پوءِ ئي ان تشدد جبر ۽ استحصال جي ڄارن کي ڪٽي سگهبو. اسان جا مذهبي قدر، اسان جو سماج اسان جو خاندان تہ عورت کي فرد جي حيثيت ڏيڻ لاءِ تيار ناهي، پر اڄ جي عورت بہ انھن نظرين کي مڃڻ کان انڪار ٿي ڪري. ھن جو انڪار ئي ھن جي ڪاميابي آهي، ايندڙ تاريخ شايد، زاهده حنا جو ٺاهيل اصطلاح استعمال ڪري پر عورت هي ”ڪوک مزدور“ واري اصطلاح مٽائڻ لاءِ جدوجھد جاري رکندي ايندي.
24 نومبر 2016ع

شھري عورت لاءِ رول ماڊل بڻيل مائي جوري جمالي

جڏھن بلوچستان جي علائقي جعفرآباد مان ٽن ٽن عورتن جي زنده دفن ٿيڻ جو دل ڏاريندڙ واقعو رپورٽ ٿيو تہ سڄي ملڪ جي عوام ۽ پوريءَ دنيا جي ميڊيا جو ڌيان ان پاسي ڇڪجي ويو. قديم قبائلي نظام جي ڄار ۾ بلوچستان، جيڪو معدني وسيلن سان مالا مال هجڻ جي باوجود پنھنجي عوام لاءِ ريگستان بڻيل آهي، جتي عورت کي قتل ڪرڻ تہ معمول جي ڳالھہ آهي پر قبائلي جهيڙن ۾ بيگناھن جو مارجڻ بہ ڪنھن ليکي ۾ نہ ايندو آهي. هتان جا سردار تمام طاقتور آھن هتان جي ماڻھن جو مرڻ، جيئڻ ۽ سڀ خوشيون خواهشون سردارن جي اشاري جون محتاج آھن هتي بنيادي انساني حقن جو ڪو بہ تصور ۽ ڄاڻ موجود نہ آهي. ان ساڳئي علائقي ۾ هڪ دفعو وري دنيا جو ڌيان پاڻ ڏانھن ڇڪرايو.
”موت ملاقات آهي. “
”اليڪشن ۾ بيھڻ منھنجو جمھوري حق آهي. “
ائين چوندڙ عورت نہ ڪائي ليڊر هئي نہ ڪنھن وڏي سياسي خاندان سان تعلق رکندڙ هئي نہ ڪا سماجي اڳواڻ هئي. هيءَ تہ بلوچستان جي پوئتي پيل ڳوٺ غلام محمد جيڪو بنيادي سھولتن پاڻي، گئس تعليم کان محروم آهي ان ڳوٺ سان تعلق رکندڙ غريب هارياڻي، مائي جوري جمالي جي ان جرئت سڄيءَ دنيا جو ڌيان پاڻ ڏانھن ڇڪرائي ڇڏيو. 70ع واري ڏهاڪي ۾ جڏھن زرعي سڌارا آيا تہ ھن ڳوٺ جي غريب ۽ بي زمين هارين کي پٽ فيڊر ڪئنال تي زمينون مليون جڏھن عوامي حڪومت کي ختم ڪيو ويو تہ عوام کان اهو آسرو بہ کسيو ويو. آمر عدالتن کان فيصلو ڪرايو تہ هارين کي زمين ڏيارڻ وارو فيصلو غير شرعي هو، ان فيصلي تحت غريب طبقي کان زمينون کسڻ جون ڪوششون ڪيون ويون. بلوچستان جي پيڙهيل عوام پنھنجي جياپي جي جنگ جوٽي ۽ پٽ فيڊر هاري تحريڪ جو بنياد پيو.
ننڍڙو ڳوٺ غلام محمد ان تحريڪ جو مرڪز ۽ محور هيو، جيترو هيءُ ڳوٺ نظرانداز ٿيل هو اوترا هتي جا ماڻھو پنھنجن حقن جي سجاڳي رکندڙ هئا. ھن ڳوٺ جا مرد توڙي عورتون پنھنجي علائقي جي ترقي ۽ سھولتن لاءِ اٿي کڙا ٿيا. پٽ فيڊر تحريڪ جي سلسلي ۾ ٿيندڙ گڏجاڻين جو مرڪز ڳوٺ غلام محمد جي هارياڻي نصيبان جو گهر هوندو هو. ڳوٺ جا عام مرد عورتون گڏجاڻيون ڪندا هئا جن جو ڪو بہ سياسي پس منظر نہ هو هيءَ خالص عوامي تحريڪ هئي.
اڄ کان چار سال اڳ جڏھن عوامي پارٽي رجسٽرڊ ٿي تہ ان جي اڳواڻن ان پٺتي پيل ڳوٺ جي ماڻھن کي سياسي ميدان ۾ لاهڻ جو فيصلو ڪيو، ھن علائقي ۾ سالن صدين کان سرداري نظام رائج آهي. اهڙي نظام ۾ ڪنھن غريب هاريءَ جو سردار جي مقابلي ۾ بيھڻ هڪ اڻ ٿيڻي ڳالھہ هئي. جڏھن عوامي پارٽيءَ جون گڏجاڻيون ٿيون تہ گڏيل نموني اها راءِ سامھون آئي تہ ھن علائقي مان ڪنھن عورت کي اليڪشن ۾ بيھارجي. هيءُ اهو علائقو آهي جتي عورتون زنده دفن بہ ٿين ٿيون ۽ ڪاريون ڪري ماريون بہ وڃن ٿيون، اهڙي ماحول ۾ ڪنھن عورت کي اليڪشن ۾ بيھارڻ جو فيصلو همت وارو قدم هو. اها همت پارٽيءَ جي بہ هئي تہ ان سان گڏوگڏ انھن عورتن جي بہ بي ڊپائيءَ جو شاندار مثال هو، جن سردارن سان مھاڏو اٽڪائڻ جو فيصلو ڪيو هو. اُميدوار لاءِ جيڪو معيار مقرر ڪيو ويو اهو هي هو تہ اها ڪنھن بہ حالت ۾ with draw نہ ڪري. مقابلي جي سگهہ رکندڙ هجي، ڪنھن بہ موقعي تي ڊڄي نه. سڄي ڳوٺ مان هڪ غريب هارياڻيءَ اڳيان آئي جنھن چيو تہ: ”موت ملاقات آهي. “
موت کان نہ ڊڄڻ گهرجي. ان جو نالو جوري جمالي آهي. جوريءَ کي خبر هئي تہ غربت ڇا آهي؟ دوا کان علاج بنا موت جي اذيت ڪيتري قدر ھنيانءُ ڏاريندڙ هوندي آهي. جوريءَ کي اها بہ خبر هئي تہ عورتون پيرين پنڌ ڪري پاڻي ڀري اچي ڪيئن گهر ۽ ٻارن جون ضرورتون پوريون ڪن ٿيون. مائِي جوريءَ جو ڪو بہ سياسي پس منظر ڪونھي ھن جي نظر صرف عوام جي مسئلن تي آهي ھن ڳوٺ جي ماڻھن سدائين پنھنجي مدد پاڻ تحت زندگي گذاري آهي هتي جو عوام پڙهيل لکيل نہ هئڻ جي باوجود بہ پنھنجي حقن جو شعور رکي ٿو. سماج ۾ انسان جا انسانن تي جيڪي حق ۽ فرض لاڳو ٿين ٿا، انھن جي ڄاڻ رکي ٿو. ھن ڳوٺ جا ماڻھو غريب هئڻ جي باوجود هر مشڪل ۽ ڏکئي وقت ۾ چندو جمع ڪري هڪ ٻئي جي مدد ڪندا آھن. انھيءَ ۾ گهٽ ٻوسٽ واري ماحول ۾ مائِي جوريءَ جو پنھنجي بينادي حقن جي حاصلات لاءِ اُٿي بيھڻ تمام وڏي تبديليءَ جو اهڃاڻ آهي. يقينن مائي جوريءَ جھڙيون بااعتماد ۽ باشعور عورتون ئي سماج کي تبديل ڪرڻ جي سگهہ رکن ٿيون ۽ اهي ئي عورتون، آخري اُميد آھن ڪاميابيءَ جي. مائي جورِي هڪ عام گهريلو عورت آهي پر ھن ميڊيا کي عوام کي تمام اعتماد سان Face ڪيو آهي مائي جوري جماليءَ جون ڪافي ڳالھيون ميڊيا تي اچي چڪيون آھن. ھن ۾ ليڊر ٿيڻ جون سڀئي خوبيون موجود آھن هوءَ پنھنجي عوام سان دلي محبت ۽ انھن جي ڏکن، سورن، دردن، مسئلن، تڪليفن جو شعور رکي ٿي ۽ انھن کي حل ڪرڻ جو عزم بہ رکي ٿي.
مائي جوري جمالي هڪ شام جون ڪجهہ گهڙيون وومين ايڪشن فورم جي ميمبرز سان گڏ گذاريون ۽ انھن جي ننڍن ننڍن سوالن جا مختصر پر مدلل جواب ڏنا. مائي جوري جمالي اها غريب اڻ پڙهيل هارياڻي آهي جيڪا اڄ جي پڙهيل لکيل باشعور عورت لاءِ اتساھہ جو باعث بڻيل آهي. مائي جوري جماليءَ جي شخصيت هڪ سوال بڻيل آهي تہ ھن ۾ ايتري همت ۽ ايترو اعتماد ڪيئن آيو؟ مائي جوري جمالي، اليڪشن ۾ بيھڻ جي باري ۾ ڪيل سوالن جي جواب ۾ چيو تہ ھن کي ڄاڻ هئي تہ امير، غريبن کي حق ڪونہ ڏيندا ان ڪري اليڪشن ۾ پاڻ بيھڻ جو فيصلو ڪيو. مائي جوريءَ جي اليڪشن ۾ بيھڻ واري فيصلي کي انھن بہ ساراهيو آهي جيڪي سدائين سردارن کي ووٽ ڏيندا آھن، اهي جوريءَ کي ووٽ نٿا ڏين پر ان قدم کڻڻ تي خراج تحسين ضرور پيش ڪن ٿا.
اها ڪھڙي ڳالھہ آهي جنھن هڪ عورت کي مڃتا جو سرٽيفڪيٽ ڏياريو آهي تہ هڪ هارياڻي پنھنجي عوام جا مسئلا سمجهي بہ سگهي ٿي ۽ حل بہ ڪري سگهي ٿي. هڪ سوال جي جواب ۾ مائي جوريءَ چيو تہ اسان کي خبر هئي تہ هو ڊيڄاريندا، ڌمڪيون ڏيندا، مردن کي روڪيندا، ان ڪري اسين عورتون اٿيون سين. مائي جوري جماليءَ جي شخصيت، سماج ۾ موجود ان صدين کان رائج تصور کي ختم ڪيو آهي تہ ”عورت ڪمزور آهي. “ جتي مردن جي طاقت ختم ٿئي ٿي اُتان عورت جدوجھد جو آغاز ڪري ٿي، جتي مرد زندگي بچائي ويھي ٿا رھن اتي هوءَ عورت، پنھنجي شھيد راڻيءَ جو مثال پيش ڪري موت اڳيان سينہ سپر ٿئي ٿي تہ جيئن اسان جي ڀيڻ شھيد ٿي وئي آهي جيڪڏھن مان مري ويس تہ پرواھہ ناهي.
جمھوريت ۾ ويساھہ رکندڙ جوري يقينن نہ ڪنھن ابراهم لنڪن کي پڙهيو هوندو، نہ ھن کي فرينچ انقلاب جي ڪا سڌ هوندي، نہ ھن لينن ۽ گورڪيءَ جا ڪتاب پڙهيا هوندا، نہ ھن چائينز جي جدوجھد جي تاريخ پڙهي هوندي، نہ ھن کي عورت جدوجھد جي تحريڪن جي ڪا ڄاڻ هوندي پر ان لاءِ پنھنجي عوام جي ساٿ ڏيڻ جو شعور آهي پنھنجي ڌرتي، پنھنجي مٽيءَ سان ذھني ڪمٽمينٽ جي سگهہ بہ آهي ۽ هوءَ دنيا جي اڳيان پنھنجا نظريا پيش ڪرڻ جي همت بہ رکي ٿي. بھادري، همت، شجاعت، مردانہ وار مقابلو شينھن وانگر بھادر، سياست جا داءَ پيچ ڄاڻڻ وارو، اهي سڀ تشبيھون جيڪي سماج پاران صرف ۽ صرف مردن لاءِ هيون سي اڄ غلط ثابت ٿي ويون آھن. جوريءَ کي پنھنجي اليڪشن ۾ کٽڻ جو پورو ڀروسو آهي. ھن جي جلوس ۾ عوام جو هجوم ھن سان گڏ هو. ھن سان گڏ گاڏيون نہ هيون نہ هٿيار هئا ھن جي جلوس ۾ گڏھن گاڏن وارا شامل هئا ۽ عوام جي سچائي ۽ همت گڏ هئي.
مائي جوريءَ ۾ ڪا خاص ڳالھہ آهي جو هوءَ شھر جي پڙهيل باشعور عورتن جي توجه جو مرڪز بڻجي وئي آهي ھن جو پيغام سڄيءَ دنيا جي عورتن لاءِ اهو آهي تہ اٿو، پنھنجا حق وٺو موت تہ فرض آهي موت کان ڊڄڻ اجايو هي. مائي جوري جمالي بي خوف قيادت جو اهڃاڻ آهي. ھن جي خوداعتمادي ھن جي ڪاميابي آهي. جمھوريت ۾ ويساھہ رکندڙ جوريءَ جو هيءُ سفر صرف ايوانن تائين رسائيءَ لاءِ نہ آهي ھن جي منزل سندس عوام جي خوشحالي آهي.

26 آڪٽوبر 2012ع

لياري، جتي صرف خوف جي حڪمراني آهي!

هتي هر خوشيءَ ۽ ڪاميابيءَ جي قيمت چڪائڻي پوندي آهي، خوشين جا لمحا خريد ڪرڻا پوندا آھن ۽ زندگيءَ جي پلن جي بہ قيمت ڏيڻي پوندي آهي. هو پنھنجيءَ محنت سان ڪمايل آمدنيءَ تي ڀتي ڏيڻ جا عادي بڻجي چڪا آھن. دوڪان وڏو هجي يا ننڍو، ان جي هلڻ جي ضمانت ڀتو آهي. پڪوڙي وارو، مڇي يا برگر جو ننڍڙو دوڪان بہ بنا ڀتو ڏيڻ جي ڪمائڻ جو تصور بہ نٿو ڪري سگهي. اُتي شادي ڪارڊ ۾ گوليءَ سان گڏ پرچيءَ بہ ملندي آهي. شاديءَ لاءِ ڄڃ جي زنده سلامت روانگي ۽ واپسي قيمت ڏيڻ کان سواءِ ممڪن ئي ناهي. بدين ۽ تلھار جي وچ ۾ رھندڙ، لياري ڇڏي ايندڙ سوين دربدر ماڻھو پنھنجا گهر ڇڏڻ جا سبب ٻڌائِن ٿا، جن ۾ سرفھرست خوف آهي. لياريءَ جي علائقي ۾ رھندڙ مختلف ذاتيون، جيڪي گهڻي عرصي کان حالت جنگ ۾ آھن، انھن جي زندگيءَ جي ڪربناڪين تان هاڻ پردو کڄڻ شروع ٿيو آهي. لياريءَ مان نڪري مختلف علائقن ۾ پناھہ وٺندڙ سوين خاندانن جي دربدريءَ جا سبب ساڳيا ئي آھن.
اهم جاگرافيائي بيھڪ رکندڙ علائقو، پنھنجي اهميت، افاديت هٿان گهڻو ڀوڳيندو رهيو آهي. جانورن کي ذبح ڪري انھن جي عضون جا ٽڪر ۽ کلون، وچ چوراھن تي لڪڙن ذريعي لڳائي، علامتي دهشت پکيڙن جي طريقن کان وٺي ٻورين ۾ بند ٽڪرن جي صورت ۾ انساني وجود ڪڇي ماڻھن جي زندگي عذاب ڪرڻ لاءِ ڪافي هئا، پر هاڻ تہ کلي عام فائرنگ، گهرن تي حملا، راڪيٽ سان گهر تباھہ ڪرڻ بہ شروع ڪيا ويا آھن.
چند ڦاٽل خيمن ۾ پناھہ وٺندڙ ڪڇي عورتون پنھنجي علائقي جي امن لاءِ هٿيار کڻڻ لاءِ تيار آھن. ھنن پنھنجن گهرن مان لڏپلاڻ امن خاطر ڪئي آهي، اهي چون ٿيون تہ گينگ وار وارن علائقي جو امن برباد ڪيو آهي. ٻن وڏين سياسي تنظيمن ٻہ وڏا گروھہ تشڪيل ڏنا، هر ڪنھن پنھنجي گروھہ کي مضبوط ڪيو ۽ دهشت ذريعي لياريءَ جي مختلف علائقن تي پنھنجو پنھنجو اثر ڄمائڻ شروع ڪيو. دهشت ۽ خوف جون علامتون الڳ الڳ، پر نشانو اهي ساڳيا لياريءَ جي رهواسين ۾دهشت پکيڙي وئي ۽ ڌاڙيل پاليا ويا. سالن کان گڏ رهڻ وارا بلوچ ۽ ڪڇي سياسي ڌرين جي پاليسين جي ڪري ورهائجي ويا. لياري ھن وقت ڏوھن جو ڳڙھہ بڻجي چڪو آهي. صدين کان ڌارين جي ڪاھن جو سبب سنڌ جو تجارتي مرڪز هونئن تہ رھندو اچي. سنڌ جي زرخيز زمين ۽ اهم بندرگاھہ صدين کان ڌارين جي تجارتي ۽ جنگي مفادن لاءِ ڪشش رکندڙ رهي آهي. لياري واسين جو ڏوھہ بہ ايترو آهي، جو هو بندرگاھہ کان شھر جي مرڪز طرف ويندڙ رستن جي اهم خوشقسمت علائقن جا بدنصيب رهواسي آھن. سياست جي نالي تي ڏوھن ۽ دهشت جو ڪاروبار ڪندڙ ڪڏھن امن پسند رهواسين جو وجود برداشت نٿا ڪري سگهن. ڪيترين ئي مافيائن ۽ سياسي سرپرستيءَ هيٺ لياريءَ ۾ وڳوڙ پکيڙيندڙ ڌرين جا سرپرست ڪڏھن بہ اتي جي رهواسين کان ڳجها نہ رهيا آھن. اِهي اُهي قوتون آھن، جيڪي هاڻ پنھنجن ٺاهيندڙن جي ڪنٽرول کان ٻاهر نڪري چڪيون آھن. ڪنھن بدمست هاٿيءَ جيان سامھون ايندڙ هر شيءِ کي برباد ڪرڻ ٿا چاهِن. لياري ايڪسپريس وي انھن کي ڪڏھن بہ پنھنجي فائدي جوڳو نہ نظر آيو آهي. ڇو تہ چند لمحن ۾ ڪراچي شھر کي مفلوج ۽ ساڪت بڻائڻ جي خواهشمندن کي ائين محسوس ٿيو تہ ڄڻ شھر جو ريموٽ ڪنٽرول ھنن جي هٿن مان ڇڏائجي ويو هجي. خوف کان سواءِ عوام وٽ ھن وقت ڪوبہ هٿيار ناهي، ھنن سدائين خوف ۽ دهشت پکيڙي عام ماڻھن ۽ ٻين سياسي توڙي حڪومتي ڌرين کي پنھنجي اڳيان گوڏا کوڙڻ تي مجبور ڪيو آهي. اها حڪومتي ڪمزوري هئي، جنھن مفاهمتي پاليسيءَ جي نالي تي هر شرط قبول ڪري شھر کي مافيائن وٽ گروي رکي ڇڏيو. هاڻ تہ بين الاقوامي سطح تي بہ ھنن جي ڏوھن جا داستان پڌرا ٿي رهيا آھن، جڏھن قيادت پاڻ ڏوھن ۾ ملوث هجي تہ پوءِ باقي ڪارڪنن کي ڇا ٿو چئي سگهجي. ان جي باوجود بہ حڪومتي ڌريون انھن تنظيمن لاءِ حڪومت ۾ شامل ٿيڻ جا دروازا کليل رکي ويٺيون آھن. جڏھن تہ هو هاڻ پي پي پي کي صرف ٻھراڙيءَ جي جماعت تسليم ٿا ڪن، شھري علائقن تي پنھنجي قبضي جا بيان ڏيندا رھندا آھن.
لياريءَ جي ٻرندڙ علائقي ۾ قتل عام بہ لڪل ناهي. ڪڇين جي گهرن تي حملا، انھن جا قتل، لياريءَ جي بلوچن جي اغوا جون وارداتون، منشيات جو عام استعمال ۽ هٿيارن جي موجودگي ڪابہ ڳالھہ هاڻي ڳجهي ناهي، لياريءَ ۾ بہ 10 کان 15 سالن جي ٻار جي هٿ ۾ بندوق ۽ منشيات آساني سان ڏسي سگهجي ٿي. پر جيڪا شيءِ نظر نٿي اچي، سا مسئلن جي حل لاءِ ڪوشش آهي. لياري گهڻي عرصي کان بحث جو موضوع بڻيل آهي. پر هتي حڪومتي ۽ سياسي ڌرين جي مفادن ۽ منصوبن جو جهيڙو آهي. اهم علائقي تي طاقت ۽ ڪنٽرول جو جهيڙو آهي، هٿ سان علائقي جو امن برباد ڪري اهڙي صورتحال تخليق ڪئي وئي آهي، جنھن ۾ عام ماڻھو جيئڻ جي سگهہ نٿو ساري سگهي.
قانون نافذ ڪندڙ ادارا بي خبر تہ ناھن، پر اهي بہ انھن قوتن جو حصو بڻجي چڪا آھن. لياريءَ واسين جو چوڻ آهي تہ سيڪيورٽي ادارن جي گاڏين مان نقاب پوش لھن ٿا ۽ تخريب ڪاري ڪن ٿا، عورتن سان اخلاق کان ڪريل ٻولي ڳالھائِن ٿا. تشدد، لاقانونيت ۽ خوف جي سھاري تي علائقي کي فتح ڪرڻ لاءِ ٿيندڙ منصوبہ ايترا لڪيل ناھن، پر حل ڪرڻ لاءِ ڪوشش نٿي ورتي وڃي. لياريءَ جا ڪڇي اهو سمجهن ٿا تہ اهو سڀ ڪجهہ علائقا خالي ڪرائڻ لاءِ ڪيو پيو وڃي. لياريءَ جي ماڻھن جي اڳيان نئين نسل جو ڪوبہ واضح مستقبل ناهي. منشيات ۽ هٿيارن جي موجودگيءَ ۾ تعليم جو ڪوبہ تصور ناهي، هتي زندگيءَ جي ڪابہ ضمانت ناهي. سياسي ۽ سماجي ڌرين پاران کڄندڙ قدم ساراھہ جوڳا آھن، بلوچن ۽ ڪڇين جا اختلاف ختم ٿي سگهن ٿا، پر جرائم پيشہ گروھہ، جن جو ٽارگيٽ صرف خون ريزي، دهشت ۽ مافيائن جي سرپرستي آهي، انھن سان مقابلو ڪير ڪندو؟ ڀتہ مافيا، قبضہ مافيا، ٽرانسپورٽ مافيا، منشيات مافيا، هٿيارن جي اسملنگ ۽ غيرقانوني ڪاروبار جو عروج، انھن بوتل مان نڪتل ”جنن“ کي قابو ڪير ڪندو؟
جيڪي سياسي ڌريون عام ماڻھن کي هڪ ووٽ کان وڌيڪ اهميت ڏيڻ لاءِ تيار ئي ناھن، اهي منصف ڪيئن ٿينديون؟ لياريءَ جي امن جو سوال سولو نٿو لڳي، هتي سڀ کان وڏو سوال ڏوھن جي سرپرستي ڪندڙ ڌرين جا مفاد آھن. عام ماڻھو صرف امن ٿو چاهي، پر سياسي ڌريون مفادن جي راند ڪنديون آھن. هو پاڻ لاءِ جن بہ شرطن تي ٺاھہ ڪنديون، اهي شايد عوامي مفادن جي ڀيٽ ۾ سندن سياسي مفادن کي وڌيڪ فائدو رسائيندڙ هوندا. خراب ٿيندڙ حالتون ڪنھن چڱي اتحاد طرف نہ پر ڪنھن وڏي ورهاڱي طرف وينديون ٿيون نظر اچن. سنڌ جي امن جي خراب صورتحال جون فڪرمند سڏائيندڙ ڌريون ان مسئلي کي چڱيءَ طرح سمجهي سگهن ٿيون. ھن وقت سنڌ جي سالميت، بقا ۽ شھرن جي امن دشمنن کي سڃاڻن ۾ آهي. ڏوهارين جي ڪامياب منصوبہ بندي جي باوجود بہ حڪومت پاران سنجيدگي ۽ عوامي مفادن کي نظر ۾ رکي کڄندڙ قدم پنھنجي طرف آڻي سگهن ٿا. پر دشمن کي دشمن چوڻ جي سگهہ ۽ ڏوهاري کي ڏوهاري مڃڻ جي ضرورت آهي.

24 نومبر 2016ع

خيرات، خالي جهولي ۽ نيڪين جو ڪاروبار

قطار اندر قطار، لڳي ٿو تہ هاڻي قطارن کان ٻاهر قوم جي ڪا زندگي ئي ناهي، ڊگهيون قطارون سي اين جي اسٽيشن اڳيان هجن يا ڪنھن خيراتي اداري جي اڳيان هجن، اهي قوم جي لاءِ صبر آزما ضرور هجن ٿيون. اقتدار جون واڳون سنڀاليندي ئي قوم کان قربانيءَ جي گهر ڪندڙ وزيراعظم جون اليڪشن کان پھرين ڪيل دعوائون تہ ڪجهہ مھينن اندر پڌريون ٿي ويون. هاڻ عوام ڄاڻي عوام جا مسئلا ڄاڻن. اقتدار جي حصول جي جنگ جي خاتمي کانپوءِ هاڻ عوام اڪيلو قطارن ۾ پيڙجي رهيو آهي. بجليءَ جي ڪمي ۽ لوڊشيڊنگ جي آزار مان آزاد ٿيڻ ممڪن ئي نٿو لڳي. ڇو تہ ان لاءِ ڪي ٽيڪنيڪل مسئلا ٻڌايا ٿا وڃن. چيو وڃي ٿو تہ قصور وار اهو طبقو آهي، جيڪو بجليءَ جا بل جمع ڪرائڻ جي زحمت گوارا نہ ٿو ڪري، پر ڏٺو وڃي تہ اهي علائقا، جيڪي اهم ماڻھن ۽ با اثر ماڻھن لاءِ مختص هجن ٿا، انھن جي بنسبت غريب آبادين ۾ لوڊشيڊنگ وڌيڪ ڪئي ٿي وڃي. پر ھن وقت جيڪا صورتحال آهي، ان مطابق، سرمايوحڪومت وٽ بہ ناهي ۽ پئسو غريب ماڻھن وٽ بہ ناهي. آئي، ايم ايف جا قرض ۽ ٻين قرضن وٺڻ کان پوءِ هڪ اخباري رپورٽ مطابق هر پاڪستاني شھري 86000 رپين جو قرضدار ٿي چُڪو آهي ۽ هر پيدا ٿيندڙ ٻار قرضي پيدا ٿو ٿئي.
حڪومتي فيصلا، ملڪي معيشت کي ڪيترو فائدو رسائيندڙ ثابت ٿا ٿين، اها الڳ ڳالھہ آهي. ان تي يقيناً معاشيات جي ماهرن جي گهري نظر هوندي، پر اهڙن فيصلن جو سڌو سنئون اثر غريب طبقي ۽ پورهيت طبقي تي گهڻو منفي طريقي سان ٿئي ٿو. ڪڏھن اهڙي منصوبہ بندي سامھون نہ آئي آهي، جيڪا تباھہ ٿيندڙ معاشي نظام جي بنيادن کي مضبوط ڪري سگهي ۽ غربت جي آزار ۾ ڪا ڪمي آڻي سگهي. ڏٺو وڃي تہ اسان جو سماج صدين کان طبقاتي فرق جو شڪار رهيو آهي. ڪلاس سسٽم اسان وٽ مروج رهيو آهي. سڀ معاشي وسيلا هڪ مخصوص طبقي جي هٿ وس هجن ٿا. اهو فرق سدائين صاف ظاهر نظر ايندو آهي، پرڪجهہ مخصوص ڏينھن ۽ ڪجهہ مھينا اهڙا ايندا آھن، جن ۾ اهو فرق وڌيڪ واضح نظر ايندو آهي. مخصوص بابرڪت مھينن ۾ سرمائيدار طبقي کي پنھنجي بئنڪ اڪائونٽ سان گڏوگڏ نيڪين جي اڪائونٽ ۾ بہ واڌ جو شوق ٿيندو آهي. هو جڏھن چاهين، سنڌ جي هزارين ضرورتمندن کي پنھنجي در تي گهرائي پنھنجي نيڪين جي اڪائونٽ ۾ واڌ آڻي سگهن ٿا. جنھن مھل چاهين در تان سوالي خالي موٽائڻ جو اختيار رکن ٿا. ڪجهہ ڏينھن پھرين ڪراچيءَ ۾ اهڙي ئي هڪ اجتماع ۾ جتي نيڪين جي حصول لاءِ وڏي پيماني تي ڪنھن شادي هال ۾ راشن ورهائڻ جو بندوبست ڪيو ويو هو، 3000 کان 4000 عورتن مان صرف 200 خوش نصيب عورتن کي ٿيلھا ملي سگهيا، باقي ٻين کي ڌڪا ۽ موت مليو. ٻہ عورتون چيڀاٽجي زندگي وڃائي ويٺيون. جيڪي مستحق عورتون پنھنجن ٻار لاءِ کاڌ خوراڪ وٺڻ آيون، انھن جي قتل جي ذميواري ڪير قبول ڪندو؟ شايد نيڪين جو وڌندڙ اڪائونٽ ان ڏوھہ کي بہ ڌوئڻ جي سگهہ رکي ٿو. جنھن وٽ پئسو آهي، اهو موت بہ خريد ڪري سگهي ٿو، حياتيءَ جي قيمت بہ ڏيئي سگهي ٿو. دولت مند ماڻھن وٽ قتل جو لائسنس هجي ٿو، ان ڪري انھن تي ڪا بہ ميار نہ ٿي ڏيئي سگهجي. ڪالھہ بہ ڪنھن مشھور اداڪار جي گهر نيڪين جو ڪاروبار جاري هو، جنھن ۾ ڪافي عورتن جي زخمي ٿيڻ جي خبر ملي هئي. خيراتي ادارن جي اڳيان سخت گرميءَ ۾ روڊن رستن تي هڪ وقت جي ماني لاءِ ماڻھن جا هجوم ۽ قطارون، قومن جي بي حسيءَ تي علامت ٿا لڳن. اهي ڪھڙيون نيڪيون آھن، جيڪي انسان جي عزت نفس کي مجروح ٿيون ڪن. هڪ ٻن وقتن جي ماني، ڪنھن غريب جي غربت تہ ختم نہ ٿي ڪري سگهي، پر ھن جي عزت نفس کي مجروح ڪري ھن مان پاڻ ڪمائڻ واري خواهش ۽ خود انحصاريءَ جي حقيقت جو خاتمو آڻيندڙ ضرور ثابت ٿئي ٿي. ڪجهہ ماڻھو چند رپين جي آڌار تي دين ۽ دنيا سڀئي خريد ڪري ٿا وٺن ۽ ڪجهہ ماڻھو سدائين معاشي اڻ برابريءَ جي ڪُن ۾ ڦاٿل ٿا رھن. محسوس ائين ٿو ٿئي تہ آسمان جون رحمتون ۽ برڪتون صرف امير طبقي تي نازل ٿيون ٿين، غريب سدائين گناهگار ۽ آزمائشن جي ور چڙهيل هجن ٿا. غريب وٽ تہ ڇوٽڪاري جو ذريعو نظر ئي نٿو اچي. جيڪي ڏيڻ چاهين ٿا، انھن جومقصد صرف چند نيڪيون حاصل ڪرڻ هجي ٿو. حالانڪہ قومي شعور جي تقاضا اها آهي تہ، مناسب منصوبہ بنديءَ سان مستحق ماڻھن جي مدد ڪئي وڃي، هڪ وقت جي ماني 100 ماڻھن کي کارائڻ جي بجاءِ جيڪڏھن ڪنھن مستحق گهر ۾ هڪ مھيني جو راشن پھچائجي، ڪنھن هڪ ٻارجي تعليم جو خرچ کڻجي، ڪنھن بيمار فرد جو علاج ڪرائي ڇڏجي تہ، بھتر نہ ٿيندو؟ پر اسان وٽ اهي طريقا شايد رائج نٿا ٿي سگهن، ڇو تہ انھن طريقن سان نہ خبر ٺھندي نہ فوٽو لڳندو نہ وري مشھوري ٿيندي. جيڪي خيراتي ادارا صرف شھرت جي سھاري هلي رهيا آھن، انھن ماڻھن کي فقير بڻائي ڇڏيو آهي. ڪنھن راھہ ڀٽڪيل کي منزل جو پتو ٻڌائڻ جو رواج هاڻ رهيو ئي ناهي. غربت نہ ختم ٿيڻ جي اهم وجه اها ئي آهي تہ، مدد غريب جي ڪئي ٿي وڃي، پرغربت جي خاتمي لاءِ ڪو لائحہ عمل مرتب نٿو ڪيو وڃي. عام استعمال جون شيون باقاعده منصوبہ بندي جي تحت مارڪيٽ مان گم ڪيون وينديون آھن، تہ جيئن ھن وقت برڪتن جي مھيني جي شروع ٿيڻ کان اڳ ۾ ڪڻڪ مارڪيٽ مان گم ٿي وئي. ذخيرو ڪري وڪڻندڙ سدائين کان ائين ئي ڪندا آھن، عام ماڻھو وڌندڙ اگهن جي شڪايت ڪندو ئي رهجي ويندو آهي.
هر قسم جو منفي ڪاروبار يڪدم عروج کي رسي ٿو وڃي، وڌندڙ قيمتن تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ڪابہ حڪمت عملي واضع نہ ڪئي ويندي آهي. برڪتن مان مستفيض ٿيڻ جو حق هر ڪنھن کي حاصل هجي ٿو. انھن ئي ڏينھن ۾ شھرن ۾ فقيرن جو آزار بہ وڌي ويندو آهي. هو گهرڻ کان وڌيڪ ڦرلٽ جي موڊ ۾ هوندا آھن. زبردستي پنھنجون ضرورتون ٻڌائيندا آھن. هو مارڪيٽ ۾، روڊن تي ۽ هر طرف پڪڙي بيھندا آھن، انھن کان نہ پيدل ماڻھو ٿو بچي ۽ نہ وري گاڏين وارا محفوظ ٿا رھن، هو فقير گهٽ پر ڌاڙيل وڌيڪ لڳندا آھن، گهڻيون دعائون ڏيندا، پر ڪجهہ نہ ملڻ جي صورت ۾ دردناڪ عذاب جي پيش گوئي بہ ڪندي نظرايندا آھن. ڪجهہ وري ننڍا ننڍا ڪتاب ۽ بابرڪت فريم کڻي بہ ڊيڄاريندا نظر ايندا آھن. عام ماڻھوءَ جو انھن کان بچڻ تمام محال هجي ٿو. اهي سڀ ڳالھيون نيون نہ آھن، پر سوال اهو آهي تہ اهو سڀ ڪجهہ ختم ڪرڻ لاءِ اپاءُ ڪڏھن ورتا ويندا. گاھہ کائي ائٽم بم ٺاهيندڙن جي نصيب ۾ پيٽ ڀري ماني کائڻ ڪڏھن لکجندو؟ قوم کان قرباني تہ هر ڪوئي ٿو گهري، پر قوم لاءِ قربان ٿيڻ وارا ڪڏھن منظر تي ايندا؟ هي قطارن جا سلسلا، هي فقير بڻجندڙ قوم جا پکڙيل هٿ، ڪڏھن معاشي عمل ۾ شامل ٿيندا؟

24 نومبر 2016ع

انسان دشمن روايتن جي پوئلڳي

سِڌين ڪھاڙين سان ڳڀا ڪجن، يا گولين جي وسڪارن سان جسم پروڻ ٿين، اڪيلو مرد هٿيار کڻي، عورت کان جيئڻ جو حق کسي يا چند نالي جا عزت وارا، غيرت ۽ انسانيت جا ليڪا لتاڙي، ڪٺ ڪري معصوم حياتين کي ختم ڪرڻ جون فتوائون ڏين، بھرحال موت تہ عورت جو ئي مقدر ٿو بڻجي. پسند جي شادي ۽ موت، ڪارنھن الزام، جرڳا ۽ نتيجو موت. . . اهي ڳالھيون ڄڻ تہ هاڻ سنڌ جي ڪلچر جو حصو بڻجي ويون آھن. اهو ڪلچر قانون نافذ ڪندڙ ادارن جي غفلت ۽ سياسي پٺڀراين جي ڪري روز بروز مضبوط ٿيندو پيو وڃي. ذاتي ”عدالتن“ ۾ هٿ جي ٺاهيل ريتن رسمن تحت فيصلا ڪيا ٿا وڃن، جيڪي وري ملڪي عدالتن ۾ چئلينج بہ نٿا ڪيا وڃن. سنڌ جي وزير اعلى جي ضلعي خيرپور جي شھناز جاگيراڻي، زاهد ابڙي جو دردناڪ قتل ان ئي سلسلي جي ڪڙي آهي. خيرپور مان نڪري حيدرآباد جي ڪورٽ ۾ 23 آگسٽ تي پسند جي شاديءَ کانپوءِ انھن کي اغوا ڪري واپس خيرپور آندو ويو. جرڳي تحت، شھناز جاگيراڻي ۽ زاهد ابڙي جو گڏ زندگي گهارڻ وارو فيصلو منسوخ ڪندي کين گوليون هڻي ماريو ويو.
ڪارنھن الزام تحت قتل فخريہ طور تي قاتل اهو ڏوھہ قبول ڪيو، ان يقين سان تہ کيس ڪابہ سزا نہ ملندي. کجين ۾ اڇلايل لاش پوليس برآمد ڪيا، ايف آءِ آر بہ رياست پاران درج ڪئي وئي، ڇو تہ، بي گناھہ قتل ٿيندڙ شھناز ۽ زاهد جي پاران ڪير بہ انصاف جو طلبگار ٿيڻ لاءِ تيار نہ هو، ڇو تہ ھنن پسند جي شادي ڪري ”ناقابل معافي ڏوھہ“ ڪيو هو، جنھن جي سزا انھن کي سماجي رسمن مطابق ڏني وئي، جيئن آئينده ٻين نوجوانن لاءِ اهو مثال بڻجي وڃي. 24 ماڻھو ايف آءِ آر ۾ نامزد ڪيا ويا آھن، جن ۾ جرڳي ۾ شريڪ ٿيندڙ، فتويٰ ڏيندڙ ۽ قتل ۾ ملوث ماڻھو شامل آھن. ان وقت تہ ضلعي جو ايس ايس پي تمام پراميد هو، چند ڏينھن ۾ سڀني مجرمن کي عبرت ناڪ سزا ڏيارڻ لاءِ تيار هو، پر ھن وقت تائين ڪابہ گرفتاري عمل ۾ نہ اچي سگهي آهي.
هتي قبيلائي نظام صدين کان رائج آهي، جنھن جو بنياد انساني رت تي رکيل آهي. ھن نظام تحت خون وڪرو ٿين ٿا ۽ سرن جا سودا ٿين ٿا. هزارين ماڻھو مارجي ٿا وڃن، پر گهڻو ڪري اهڙن جهيڙن ۾ عورت کي ئي نشانو بڻايو ٿو وڃي. اڄ ڪلھہ هر ڏينھن سراسريءَ طرح ٻہ کان ٽي اهڙا واقعا ٿين ٿا، جن ۾ نياڻين کي پسند جي شادي ڪرڻ جي ”جرم“ ۾ ماريو ٿو وڃي. اهڙن فيصلن ۾ قانون نافذ ڪندڙ ادارن جا اهلڪار بہ شامل هجن ٿا. ڪڏھن بہ اهو ناهي ٻڌو تہ علائقي جي چونڊيل نمائندن اهڙن غيرقانوني جرڳن جو ڪو نوٽيس ورتو هجي. نا انصافي ۽ قتلن تي مشتمل ان نظام کي هٿ سان پاليو پيو وڃي. ان نظام تحت عوام جي ذھنن کي مفلوج ڪري روشن خياليءَ کان پري رکيو ٿو وڃي، سنڌ جا سياستدان پنھنجي اقتداري ڪرسي بچائڻ خاطر عام ماڻھن کي قبيلائي نظام جي رحم ڪرم ٿي ڇڏيندا پيا اچن. جيڪو با اثر آهي، اهو قانون کي بہ قيد ٿو ڪري، جيڪو با اثر آهي اهو عام ماڻھوءَ تي حڪومت ٿو ڪري، اسان جي علائقن مان آهستي آهستي قانون جي بالادستي ختم ٿيندي ٿي نظر اچي. وڏين برادرين سان تعلق رکندڙ ماڻھو جڏھن اعلى عھدن تي رسن ٿا، تڏھن بہ هو پنھنجي ان نظام جي خلاف ڪجهہ بہ نٿا ڪن، بلڪه اسيمبلين ۾ ۽ اعلى اختياراتي ادارن ۾ سينواريل قبيلائيءَ سوچ ۽ جرڳن جي نظام جا نمائندا ٿي، انھن جي ترجماني ٿا ڪن. اها پڻ هڪ حقيقت آهي تہ، عام ماڻھو پنھنجن چونڊيل نمائندن جي بنسبت تر جي وڏيرن تي وڌيڪ ٿا ڀاڙين ۽ نتيجي ۾ اهڙيون قھري وارداتون ٿينديون ٿيون رھن. ڳجهہ ڳوھہ ۾ ڪيتريون ئي عورتون مارجي ٿيون وڃن، جن لاءِ ڪوبہ آواز نٿو اٿاريو وڃي. راڄوڻي فيصلا ڪڏھن بہ گهرن کي آباد ڪرڻ لاءِ ناھن ڪيا ويندا، گهرن جي برباديءَ لاءِ تمام تڪڙا “راڄ” گڏ ٿيندا آھن، سو مھينو کن اڳ پسند جي شادي ڪندڙ ستارہ چانڊيو ۽ عبدالوحيد ڪلوئي لاءِ بہ زندگي جون راهون بند ڪرڻ لاءِ ڪٺ ٿيو ۽ فيصلي جي نتيجي ۾ ڪراچيءَ مان ستارہ ۽ عبدالوحيد کي کنڀي، حياتي بخش ڪرڻ جو ڪوڙو واعدو ڪري قاضي احمد جي ڳوٺ انور چانڊيو ۾ آندو ويو، جتي ڀائرن بي رحميءَ سان ٻنھي کي الڳ ڪيو ۽ ستارہ چانڊيي جي زبردستي شادي ڪرائي. ٻئي ڏينھن ڀائرن پنھنجي ڀيڻ ستارہ ۽ پنھنجي جيجل ماءُ کي ڌيءَ جي ساٿ ڏيڻ جي ”ڏوھہ“ ۾ علي الاعلان گوليون هڻي ماري ڇڏيو، ۽ کين ڪوبہ پڇتاءُ نہ ٿيو. ماءُ ۽ ڀيڻ جا رت ۾ وھنتل لاش ھنن جي ”غيرت“ لاءِ انعامي تمغا هئا. ستارہ چانڊيي ۽ عبدالوحيد ڪلوئيءَ کي تحفظ جا دلاسا ڏيئي واپس آڻڻ، راڄوڻي فيصلا ڪرائڻ، ستارہ جي شادي ڪرڻ جي باوجود ان جي زبردستي ٻيھر شادي منٺار چانڊيي سان ڪرائڻ ۽ ستارہ کي گولين سان مارڻ ان سان گڏ ان جي ماءُ کي قتل ڪرڻ. . . انھن سڀني وحشياڻن عملن دوران ڪٿي بہ رحم، انصاف، انسانيت ۽ قانون پري پري تائين نظر نٿو اچي. ھنن کي ڪنھن حيوانيت واري هڪ بہ عمل ۾ دشواري پيش نہ آئي آهي. تمام سولائيءَ سان سڀ مرحلا طئہ ٿي ويا، ناحق خون لڙهي ويا ۽ يقيناً چانڊيا ۽ ڪلوئي برادريون جيڪي مورچابند ٿي هڪ ٻئي تي آمھون سامھون بيٺيون هيون، سي ڌريون کير کنڊ ٿي ويون هونديون. قبيلائي نظام ڪنھن آدم خور جيان روز ڪيترن ئي انسانن جو رت پِيئِي ٿو وڃي، هو طاقتور ٿيندو ٿو وڃي ۽ انسانيت مرندي ٿي وڃي. انسانيت جا ويري پنھنجين رسمن رواجن ۽ قبيلن جي طور طريقن سان، انسانن کي قربان ڪندا ٿا رھن. افسوس تہ قبيلائي جرڳائي نظام تہ موجود آهي پر اسان وٽ تحفظ جو ڪوبہ نظام موجود نہ آهي. پسند جي شادي ڪندڙ ڪورٽ ۾ پھچن تہ بہ مارجي ٿا وڃن ۽ جي درالامان ٿا پھچن تہ جدا ڪيا ٿا وڃن. موت ۽ جدائي وچ ۾ ڪا ئي جاءِ پناھہ ناهي!
ڏٺو وڃي تہ اهي علائقا، جتي قبيلائي جهيڙا گهڻا ٿا ٿين ۽ سوين ماڻھو ڪجهہ گهڙين اندر مارجي ٿا وڃن، سوين گهر اجڙن ٿا، انھن خلاف ڀرپور آواز نٿو اٿاريو وڃي. شايد اها شيءِ هاڻ تسليم ڪرڻي پوندي تہ اهو نظام هاڻ اسان جي سياست ۾ بہ شامل ٿي چڪو آهي. جن علائقن ۾ کُلي عام قتل ٿين، بي ڏوهي معصوم عورتون، مائرون ڀائرن ۽ پٽن هٿان زندگيون وڃائينديون رھن، قاتل ٿاڻن تي اچي فخريہ قتل جو اقرار بہ ڪن، پوءِ بہ انھن کي ڪابہ سزا نہ ڏني وڃي. وڌ ۾ وڌ پوليس جاچ جو دائرو وڌائڻ جي دعوى ڪري ۽ چند ڏينھن کان پوءِ فائيل هزارن فائيلن اندر گم ٿي وڃي ۽ جوابدار، ضمانت تي آزاد گهمڻ شروع ڪن تہ پوءِ، ڇا ٿو چئي سگهجي تہ اهڙا نمائندا عوام جا نمائندا آھن يا ان ظالم سماج جا، جنھن جو ڪم صرف موت پکيڙڻ آهي. وڌندڙ لاقانونيت ٻڌائي ٿي تہ ايندڙ وقت قانون ۽ انصاف جو نہ پر، ظلم ۽ جبر جو ئي آهي. هت تہ ڏوھن جو ڊگهو سلسلو ٿو هجي، جنھن ۾ هر ڪڙي ٻي ڪڙيءَ سان مضبوطيءَ سان جڙيل آهي. با اثر ماڻھو، پوليس. سڀئي گڏجي انسانيت دشمن سماجي نظام کي هٿي ڏيندا ٿا رھن. عام ماڻھو انھن سڀني جي وچ ۾ اهڙي ”شيءِ“ آھن، جن جو ڪم برداشت ڪرڻ ۽ سھڻ آهي، ان جو ردِ عمل ڪا معنى نٿو رکي. انساني طبقن جو شعور انھن جي ڳٺ جوڙ کي ٽوڙي نہ پيو سگهي، نہ سھڻيون ٻڏڻ ٿيون ڇڏين، نہ ڪچا گهڙا پڪا ٿا ٿين ۽ نہ ئي وري واڳن جا پيٽ ٿا ڀرجن.

24 نومبر 2016ع

سنڌ حڪمرانن جي ايجنڊا تي ڇو ناهي؟

سياسي مھرن اڃا سياسي ميدان ۾ پنھنجيون جايون سنڀاليون ئي نہ هيون تہ، صدارتي انتخاب متوقع اتحادن کي ٽوڙي ڇڏيو، ھن دفعي مضبوط ڌريون گڏجي ويون ۽ پيپلز پارٽي سنڌ جيان اڪيلي رهجي وئي. سياست جي ميدان ۾ اها ڪا نئين ڳالھہ ناهي، پر موجودہ وقت ۾ جڙندڙ اتحاد عجيب آھن. اهڙيون تبديليون پيون اچن، جيڪي اڳ ڪڏھن نظر نہ آيون آھن. اليڪشن 2013ع جي تيارين کان وٺي اليڪشن جي نتيجن اچڻ تائين اهڙو سياسي انتشار شروع ٿيو، جيڪو اڃا تائين اختتام پذير نہ پيو ٿي سگهي. اليڪشن جي دوران جيڪي اتحاد ٺھيا، انھن جي ڪاميابي ۽ ناڪاميءَ جا نتيجا عوام جي سامھون اچي ويا. وري اقتداري اپوزيشن تائين پھچڻ جي جيڪا رسه ڪشي شروع ٿي، تنھن جو دنگ صدارتي انتخاب تائين بہ ختم نہ ٿي سگهيو. اليڪشن ڪميشن جي ڏنل وقت تي ٿيندڙ صدارتي انتخاب جو پ پ پ بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو هو. پر مضبوط سياسي اتحادن پنھنجي مرضيءَ مطابق اليڪشن ۾ حصو ورتو ۽ پنھنجو صدر منتخب ڪري ڇڏيائون. اهو ڏينھن سڀني کي ياد هوندو، جڏھن 5 سال پھرين، گذريل حڪومت ۾ پ پ پ اڪثريت سان مرڪز ۾ حڪومت ٺاهي رهي هئي تہ ايم ڪيو ايم غير مشروط اتحاد ڪيو هو ۽ صدارتي انتخاب ۾ صدر آصف علي زرداريءَ جي حمايت جو بہ غير مشروط اعلان ڪيو ويو هو، ان غير مشروط اتحاد ۾ لڪل شرطن کان تہ حڪومتي پارٽي چڱي نموني آگاھہ هوندي، پر ان اتحاد جا جيڪي نتيجا پڌرا ٿيا، ان کي سنڌي عوام دل سان محسوس ڪيو. حڪومت جي پھرئين ڏينھن کان اڄ ڏينھن تائين جي وقت گذرڻ دوران ڏينھون ڏينھن سنڌي عوام پنھنجي حڪومت تان ويساھہ ختم ڪندو ٿو نظر اچي. اليڪشن 2013ع دوران بہ سنڌي عوام ۾ روايتي جوش و خروش نہ هو. سنڌي عوام خبر ناهي تہ ڇو سياسي عمل مان پنھنجو پاڻ کي خارج سمجهندو ٿو وڃي. ھن انتشاري سياسي دور ۾ سنڌ نظر انداز ٿيندي ٿي محسوس ٿئي. سنڌ جا بنيادي مسئلا اڳ بہ حل ٿيڻ جوڳا نہ سمجهيا ويا هئا، پر هاڻ نئين حڪومت مان اميدون رکڻ شروع ڪيون هيون، پر اڃا تائين ڪابہ مثبت پيش رفت نظر نٿي اچي. ھن وقت ايم ڪيو ايم مرڪز ۾ پنھنجا پير پختا ڪرڻ جي ڪوششن ۾ مصروف آهي. هي جماعت آمريت جي دور ۾ وجود ۾ آئي ۽ منفي قوتن کي مضبوط ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي رهي، پر ھن جي ڪاميابيءَ جو صرف هڪ ئي راز آهي تہ ھن ”لغڙ“ جي ڏور ڪٿان ٻاهران ٿي ڪنٽرول ٿئي. اهميت ٻاهريُن قوتن جي آهي ۽ ايجنڊا انھن جو ئي آهي، انھن جي مرضي تہ لغڙ کي ڍر ڏين يا ڪاٽا ڪري ڇڏينس.
ھن وقت بہ سياسي اتحاد جنھن طرف وڃي رهيا آھن، ان ۾ سنڌ انھن جي ايجنڊا ۾ شامل ئي ناهي. گذريل حڪومت ۾ ٻہ وڏيون تحريڪون هليون، جنھن ۾ سنڌ جي هر ماڻھوءَ حصو ورتو. سنڌي سول سوسائٽي، اديب، دانشور، استاد، شاگرد، وڪيل، ڊاڪٽر، عام ماڻھن هر ڪنھن شعبي سان تعلق رکندڙ سنڌ دوست ڌرين انھن تحريڪن ۾ ڀرپور حصو ورتو. انھن مان هڪ هئي سنڌ يونيورسٽيءَ جي استادن پاران هلايل تحريڪ، جيڪا هڪ پروفيسر بشير چنڙ جي قتل کان پوءِ شروع ٿي. انتظاميہ جي ڪرپشن ۽ وي سيءَ جي نااهليءَ جي خلاف سنڌ يونيورسٽيءَ جا استاد ۽ ملازم سڄو سال دانھيندا رهيا ۽ لانگ مارچ بہ ڪيا ويا. گورنر هائوس تائين احتجاج پيش ڪيو ويو، پر اڃا تائين بہ اهو نظام صحيح نہ ٿي سگهيو آهي. سنڌي شاگرد پنھنجي تعليمي ادارن ۾ محفوظ تصور نٿو ڪيو وڃي. انتطاميہ جي نااهليءَ جي ڪري اڄ HEC جي رينڪنگ ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جو گراف گهٽجندو ٿو وڃي. عالميءَ طور مڃيل سنڌ يونيورسٽي اڄ پنھنجي اها اهميت برقرار نہ پئي رکي سگهي. HEC جي رپورٽ مطابق سنڌ يونيورسٽيءَ جا 3 پروفيسر بہ بليڪ لسٽ ٿي چڪا آھن. اڄ تائين بہ انتظاميہ ۽ ملازمن جا اختلاف برقرار آھن تہ انتظاميہ ۽ استاد بہ هڪ ٻئي سان متفق نٿا نظر اچن، سنڌ جو گورنر جيڪو سنڌ جي يونيورسٽيز جو نگران آهي، ان کي سنڌ جي ڪرندڙ تعليمي معيار سان ڪابہ دلچسپي نٿي نظر اچي. ان تحريڪ ۾ سڄيءَ سنڌ هڪ طرف، پ پ پ پنھنجي اتحادي ڌر سان گڏ الڳ بيٺي هئي. ٻي وڏي تحريڪ سنڌ جي مڪاني نظام متعلق هئي، جنھن ۾ بہ ڏات ڌڻين کان وٺي عام ماڻھن تائين، سنڌ جي هر شھر ۽ هر ڳوٺ ۾ سنڌين دانھون ڪيون، احتجاج ڪيا ۽ سنڌ جو انتظامي ورهاڱو نامنظور ڪيو هو. اهي چئلينج اڄ بہ موجود آھن ۽ اسان جي حڪمران جماعت کي ياد هوندو تہ انھن تحريڪن جي نتيجي ۾ سنڌي عوام مان سندس مقبوليت جو گراف ڪيترو تيزيءَ سان گهٽ ٿيو هو. سنڌ يونيورسٽيءَ جي ويراني سوال پڇندي ٿي نظر اچي. تعليمي سرگرميون ۽ شاگردن جون رونقون هاڻ موجود ئي ناھن، صرف خوف جي فضا طاري ٿي نظر اچي. سنڌ جو نئون مڪاني نظام بہ سنڌي عوام لاءِ چئلينج بڻيل آهي.
سنڌ جي انتظاميہ جا بنيادي ڍانچا ڪمزور ٿي چڪا آھن، هر ادارو ڀڃ ڊاھہ جو شڪار آهي. سنڌ بس منتظر آهي. سياستدانن جا روايتي اتحاد پنھنجي پڄاڻيءَ کي پھچن تہ هو ڪجهہ عوام جي مفادن لاءِ بہ سوچِن، في الحال تہ هر ڪو پنھنجي پوزيشن مضبوط ڪرڻ جي چڪر ۾ آهي. اڄ پنجاب جو گورنر اعلى تعليم يافتہ ۽ قابل ماڻھو ٻاهران گهرايو ٿو وڃي، پر سنڌ جي گورنري ان کي ڏني وئي هئي. جيڪو گهڻن ڏوھن ۾ ملوث ڄاڻايل هو. اڄ سنڌ جو سياسي ميدان تہ اڳواڻن کان خالي آهي، اسان جا ادارا انتظامي هجن يا تعليمي هجن اهي بہ اهل اڳواڻن جا منتظر ئي رهجي ويا آھن. اڄ جا سياستدان پنھنجن اتحادن کي رشتا طئي ڪرڻ ۽ شادين سان تشبيھہ ڏيئي رهيا آھن. اهڙو حال رهيو تہ پوءِ انھن جي طلاق ۽ خلع ۾ بہ دير ڪانہ لڳندي. سياسي عدم استحڪام جو شڪار ملڪ پنھنجن مسئلن جي وچ ۾ اڪيلو بيٺل ٿو محسوس ٿئي. اسان جا سياستدان اڃا هڪ ٻئي کي پرکڻ ۽ سمجهڻ جي مرحلن ۾ آھن. ان کان پوءِ هو هڪ ٻئي سان گڏ هلڻ جا فيصلا ڪندا، تنھن کانپوءِ هو سوچيندا تہ ملڪ کي درپيش خطرن کي ڪھڙي طريقي سان منھن ڏيڻو آهي. ها! شايد اهو فيصلو وڌيڪ آسان ٿيندو تہ ڪھڙي طريقي سان انھن خطرن کي گهٽ نقصان رسائيندڙ بڻائجي ۽ عوام کي انتظار ۽ خواب جي ڪيفيتن ۾ رکندي، هڪ ٻئي جي مفادن ۽ خوشين جو بچاءُ ڪيئن ڪجي؟ خبر ناهي تہ افطار پارٽين ۾ ٿيندڙ فيصلا ملڪ جي مفاد ۾ هوندا يا ٻين ڌرين جي مفادن جي ور چڙهيل رھندا!

24 نومبر 2016ع

بي گهر جمنا!

اهو ڪو گهڻو پراڻو دور نہ هو، جڏھن جھانگير جي زنجير عدل جو آواز سڌو سنئون بادشاھہ تائين پھچندو هو ۽ قانون مطابق تڪڙو انصاف فراهم ڪيو ويندو هو. هي اُهو دور هو، جڏھن جديد سھولتون نہ هيون. سواريءَ لاءِ جانور استعمال ٿيندا هئا ۽ خبر پھچائڻ ۽ پيغام جي رسائيءَ لاءِ بہ جانور ۽ ڪبوتر ڪم ايندا هئا. مھينن جا مھينا سفر ڪري ماڻھو هڪ شھر کان ٻئي شھر تائين رسندا هئا. پر بادشاھن جي پيغام رسائيءَ جو سرشتو فعال هو. تاريخ چوي ٿي تہ عام ماڻھو ننڍن مسئلن لاءِ نہ تہ بہ ڪجهہ ضروري ڪمن، انصاف ۽ مدد لاءِ آڌيءَ رات جو بہ زنجير عدل کي لوڏي، بادشاھہ کي سڏي وٺندا هئا ۽ بادشاھہ پاڻ انھن جون شڪايتون ٻڌندو هو. شايد ان دور ۾ بادشاھہ گهڻو معروف نہ هئا. انڪري عوام انھن لاءِ اهميت رکندڙ هو. يا تہ وري انھن کي ان ڳالھہ جو بہ احساس هو تہ عوام ۾ مقبوليت وڌائڻ لاءِ عوام جون دليون کٽڻ ۽ انھن کي ڪجهہ انصاف ڏيڻ ضروري بڻجي ٿو. اڄ جي تيز رفتار دور جي ڀيٽ ۾ اهي بادشاھہ عوام بابت گهڻا باخبر هئا. اڄ جڏھن پيغام رسائيءَ جا تيز ترين ذريعا اسان وٽ موجود آھن، پر ڪو غريب پنھنجو آواز وقت جي حڪمرانن تائين پھچائي نٿو سگهي. هڪ غريب عورت جيڪا 90 سالن جي ڄمار ۾ پريس ڪلب حيدرآباد اڳيان احتجاج ڪري ٿي، پر ان جو احتجاج ۽ آواز رڳو اخبار جي پنن ۾ لڪيل رهجي ٿو وڃي. واڳ ڌڻين تائين پھچي ئي نٿو. هڪ پيرسن عورت، جيڪا مھيني کان دربدر رلي ٿي، رستن تي دانھي ٿي. هوءَ ماءُ جنھن کي پيرسنيءَ سبب پٽ گهر مان ڪڍي ٿا ڇڏين، هوءَ ميڊيا کي ٻڌائي ٿي تہ پٽ گهر ۾ رهڻ نٿا ڏين. هوءَ ڊي آءِ جي ۽ ڪمشنر حيدرآباد تائين پنھنجو آواز پھچائڻ ٿي چاهي، پر سندس آواز بلند ٿئي ٿو ۽ پولارن ۾ گردش ڪندو رهجي ٿو وڃي. ھن جو ڪمزور آواز تيز ترين اطلاعات جي سھولتن کان پوءِ بہ حڪومت تائين نہ ٿو پھچي سگهي.
زندگيءَ جي ڊرامي ۾ ماءُ جو ڪردار رڳو ايترو ئي هجي ٿو، جو هوءَ پنھنجي زندگيءَ جون سڀ سھولتون اولاد کي ارپي، پيدا ڪري، پرورش ڪري، تعليم ڏياري، اولاد خاص طور پٽ، جڏھن ڪنھن مقام تي پھچن ٿا تہ کين جيڪا شيءِ گهر ۾ سڀ کان وڌيڪ فالتو ٿي نظر اچي، اها ماءُ هجي ٿي. گهر جي فالتو سامان کي اڇلائڻ کان پھرين ماءُ کي اڇلايو ٿو وڃي. جمنا، جيڪا ھن وقت پنھنجي گهر کان بي دخل ڪئي وئي آهي. ان جھڙيون گهڻيون عورتون آھن، جيڪي اکيون کولين ٿيون پيءُ جي گهر ۾، اکيون بند ٿيڻ تائين پنھنجي ڇت ۽ پنھنجي زمين ڏسڻ کان محروم ٿيون رھن. عورت جيڪا گهر جو سڀ ڪم ڪندي، گهر جي ڪنڊ ڪنڊ کي چمڪائڻ کان پو بہ ڪڏھن بہ گهر جي مالڪ نٿي بڻجي سگهي. ھن جي نصيب ۾ نہ هڪ ڪمرو آهي نہ ئي هڪ گهر آهي. سڄي عمر مسافرن جيان گذري ٿي ۽ پنھنجي پوري توانائي، محنت ۽ صلاحيت ان گهر کي سنوارڻ ۽ سينگارڻ ۾ ٿي گذري ۽ گهر جي مالڪ سڏرائڻ جو حق نٿي رکي. گهر جو مالڪ سدائين مرد ئي هجي ٿو. طاقت جي ورهاست رشتن جي نالي ڪئي وئي آهي. رڳو نالا تبديل ٿيندا آھن. حڪمرانيءَ جا اختيار سدائين مرد وٽ ئي ٿا رھن. رشتن جي جوڙجڪ ۾ عورت پنھنجي محبت ۽ محنت ٻئي ورهائي ٿي، پر بدلي ۾ ڪجهہ بہ نٿو ملي.
90 سالن جي جمنا تہ اپيلون ڪري رهي آهي، جنھن کي خبر نہ آهي تہ اعليٰ اختيارين تائين پھچڻ لا گس ڪھڙو آهي. عام ماڻھو ميڊيا جو سھارو وٺن ٿا، جنھن کي اڄوڪي دور ۾ تڪڙو پيغام جي رسائيءَ جو طريقو سمجهيو وڃي ٿو. پر اعليٰ اختيار رکڻ وارا روز ٿيندڙ احتجاجن، بک هڙتالن ۽ اپيلن تي ڌيان ڌرڻ لاءِ تيار ئي ناھن. احتجاج بس هڪ رسم جي حيثيت اختيار ڪري چڪا آھن، جن کان اعليٰ اختيارين وارا بہ واقف هوندا آھن، پر انھن کي ڌيان ڏيڻ جي لائق نٿو سمجهيو وڃي. حقيقت کان اکيون پورڻ، سچائيءَ کي نظرانداز ڪرڻ انھن جو آخري هٿيار بڻجي چڪو آهي. هڪ فرد جيڪي حق رکي ٿو، اهي ھن وقت واضح ناھن. ڏوھہ ۽ گهر جو مسئلو پاڻ ۾ گڏ وچڙ سمجهيا ٿا وڃن. عورت سان واسطو رکندڙ ڏوھہ گهڻو ڪري ”گهر جو مسئلو“ ”گهريلو معاملو“ جي ليبل هيٺ ڏوھن واري خاني مان خارج ڪيا ٿا وڃن. عورت تي تشدد ڪيو وڃي، ماريو وڃي، ڀلي روڊن رستن تي، گهرن ۾ يا ڪورٽن جي سامھون ماريو وڃي، پر اهڙا ڏوهاري سزا کان بچي ٿا وڃن.
رشتن جي خوبصورت ڄار ۾ ڦاٿل عورت، جڏھن ظلم خلاف احتجاج ڪري ٿي تہ هوءَ يڪدم سماج ۽ خاندان مان فارغ سمجهي وڃي ٿي. پنھنجن پيارن هٿان استحصال جو شڪار ٿيندڙ عورت، جڏھن بيوس بڻجي قانون طرف نظر ڦيرائي ٿي تہ قانون بہ ان کي تحفظ ۽ انصاف ڏيڻ ۾ ناڪام ٿو نظر اچي. پنھنجي پاڻ تي ظلم برداشت نہ ڪندڙ، يڪدم گهر کان محروم بڻجي ٿي وڃي. اسان وٽ حڪومت پاران اهڙي ڪابہ پناهگاھہ ناهي، جتي عورت قانون جي رسائي ۽ انصاف ملڻ تائين پنھنجي جان بچائي رهي سگهي. حيدرآباد جھڙي وڏي شھر ۾ بہ عورتن لاءِ ڪابہ پناھہ ناهي، ”ش“ کي سندس مڙس تشدد ڪري گهر مان ڪڍي ڇڏيو، ٻارن کي ماريائين. ”ش“ صبح کان رات تائين رستن تي ڌڪا کائيندي رهي. شام تائين پوليس، ٿاڻن جون حدون جاچيندي ۽ ماپيندي رهي تہ ھن عورت جو ڪيس ڪھڙي ٿاڻي جي حد ۾ درج ٿيندو، نيٺ نتيجو اهو نڪتو، جو کيس چيو ويو تہ هي گهر جو جهيڙو آهي. ان ۾ قانون جو ڪوبہ عمل دخل ناهي. “ش” کي گهر نہ مليو، نہ ھن کي مڙس گهر ۾ اچڻ ڏنو، نہ وري مائٽن ۾ سک سان رهي سگهي.
دارالامان ننڍا جيل خانا آھن، جن ۾ عورتن جي ڪابہ سماجي زندگي نٿي هجي. پڙهيل لکيل عورت جنھن ۾ ڪم ڪرڻ جي صلاحيت بہ هوندي آهي، اها بہ ڪنھن مجرم ۽ قيديءَ جيان زندگي ٿي گذاري. معاشي طرح پاڻڀرو ٿيڻ يا پنھنجي زندگي پنھنجي مرضيءَ سان گذارڻ جو اختيار عورت وٽ ناهي هوندو. اهڙا ادارا جتي عورت پناھہ حاصل ڪري ۽ معاشي، سماجي سرگرميون جاري رکي سگهي، فعال ناھن. ويھہ سالن جي ”راحيلا“ چوي ٿي تہ، ”بابا مون کي اسڪول نٿو موڪلي، آئون اسڪول وينديس، پڙھنديس، بابا منھنجو ڪمرو ٺھرائيندو، پوءِ گهر وينديس. “
راحيلا اهي جملا ڪنھن آزاد فضا ۾ رھندي نہ پئي چوي، هوءَ تہ ڪنھن نفسياتي اسپتال جي سلاخن پويان ڳالھائي رهي آهي. راحيلا چوي ٿي تہ ”بابا چوي ٿو تہ ڇوڪرين کي اسڪول وڃڻ جي ضرورت ناهي، کين رڳو مذهبي ڪتاب پڙهڻ گهرجن. “
ڊاڪٽر مطابق راحيلا نفسياتي مريضہ آهي، گهر ۾ ھن کي صبر ۽ چپ جو سبق پڙهايو پئي ويو. راحيلا کي ننڍا ڀائر ڀينرون تنگ ڪندا هئا ۽ هوءَ انھن تي ڪاوڙ ڪندي هئي. راحيلا شاعري بہ ڪري ٿي، هوءَ رڳو پنجين ڪلاس تائين تعليم حاصل ڪري سگهي. روايتي چپ چاپ ڇوڪرين کان مختلف، پنھنجي گهر ۾ پنھنجو ڪمرو گهرندڙ کي چريائپ جو سرٽيفڪيٽ ملي چڪو آهي. هوءَ اڄ بہ منتظر آهي تہ ”بابا سندس ڪمرو ٺھرائيندو تہ پوءِ هوءَ گهر ويندي. “
بي خبريءَ جي دنيا ۾ خبر رکندڙ مجرم بڻجي ٿو وڃي. اڻ ڄاڻ ماڻھن ۾ ڄاڻ رکندڙ ڏوهاري آهي. پنھنجو گهر، پنھنجو اجهو گهرندڙ عورت بہ اڄ يا ڏوهاري بڻجي جيل ٿي وڃي، يا پاڳل بڻجي سلاخن جي پويان ٿي وڃي. راحيلا جي ان حالت جي ذميواري ڇا سندس گهر ۾ رھندڙ مائٽن جي ناهي؟ سندس والد پاران مڙهيل حد کان وڌيڪ پابندين ھن کي پاڳل پڻي جي دائري ۾ قيد ڪري ڇڏيو. شايد گهڻيون راحيلائون آھن، جن جون اکيون خواب ڏسن ٿيون، ارمان پالين ٿيون، پر اهي پورا نٿا ٿين. اڻپورين خواهشن ۽ ارمانن جي بار هيٺان هوءَ پنھنجي دعا جي سگهہ ۽ سوچڻ سمجهڻ جي صلاحيت بہ وڃائي ٿيون ويھن. انساني دماغ ڪيترو ٻوجهہ برداشت ڪري سگهي ٿو؟ شايد انڌن ٻوڙن جي سماج ۾ آواز رکندڙ ماڻھن جو انجام سقراط جھڙو ئي ٿئي ٿو. اڻ ڄاڻ ۽ ڄاڻ رکندڙن جو گڏجي رهڻ ممڪن ئي نٿو هجي، سقراط جيان زهر جا پيالا پيڻ سولو آهي، پر ڄاڻ رکندي اڻ ڄاڻ بڻجڻ ۽ خبر هوندي بہ بي خبر ٿي زندگي گذارڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. سماج ۾ اڀرندڙ احتجاجن جو آواز ۽ اپيلون آخر ڪير واڳ ڌڻين تائين پھچائيندو. گهر ۾ عورت جي هجڻ وارو تصور رڳو پرڪشش جملي کان سواءِ ڪابہ حيثيت نٿو رکي. مرد جي مرضي آهي تہ هو ڪنھن بہ وقت عورت کي گهر کان بي گهر بڻائي ڇڏي، هو هر رشتي ۾ اختيار جون واڳون پاڻ وٽ ٿو رکي. پيءُ، ڀاءُ، مڙس، پٽ جو هر روپ حڪمراني ۽ اختيار جو اهڃاڻ هوندو آهي ۽ حڪومت ۽ رياست بہ اهڙو ئي ذھن رکي ٿي. هڪ صديءَ جي ويجهو ڄمار گذارڻ کان پوءِ بہ اڄ جي جمنا رستن تي بي پھچ روئيندي ٿي رهي. رات جي اونداهيءَ ۾، سندس گهر ۾ ڪجهہ پھر گذاري ٿي، جتان صبح اڀرڻ شرط ھن جا بااختيار مالڪ پٽ، کيس ڌڪا ڏيئي ڪڍي ٿا ڇڏين، پوءِ هوءَ آهي ۽ پريس ڪلب جا آباد رستا ۽ بي ڪوڪ آواز ۽ بي پھچ احتجاج آھن.

24 نومبر 2016ع

آزاد ذھن خاموش ڇو آھن!؟

آواز هڪ ڌر جو ۽ انداز ٻين جو، سوچ هڪ ڌر جي ۽ پيش ڪندڙ ٻي ڌر، ان جو اثر ٽِين ڌر تي ٿئي ۽ فائدو وري چوٿِين ڌر حاصل ڪري. اهو سڀ ڪجهہ ٿيندو آهي پتلي تماشي ۾. پتلي تماشي ۾ بي جان بتن کي عوام آڏو پيش ڪيو ويندو آهي بي جان بت اڻ ڏٺل ڏور سان ٻڌل هوندا آھن. ھنن جو هر لفظ پرائيءَ سوچ جي عڪاسي ڪندڙ ۽ سندن چرپر جو انداز، ڏور هلائيندڙ جو محتاج هوندو آهي. ڏور هلائيندڙ، بي جان بتن وسيلي مجسمي جي جذبن سان کيڏندا آھن. انھن جو کلڻ، روئڻ انھن جي ڪنٽرول ۾ هوندو آهي. ان پتلي تماشي مان فائدو حاصل ڪندڙ، ڏور هلائڻ وارن، پتلن ۽ مجسمي جي مفادن سان ڪا دلچسپي رکڻ ضروري ڪونہ سمجهندا آھن. ان تفريحي کيڏ ۾ هر ڌر بي خبر هوندي آهي. ساڳيءَ صورتحال جڏھن انسانن تي مڙهي ويندي آهي تہ هو بہ اڻ ڄاڻائيءَ ۾ ٻين جي مفادن جي جنگ وڙھندو آهي، جدوجھد ڪندو آهي، فائدو ٻيا حاصل ڪندا آھن. ڪجهہ قوتون انسان جي آزاد سوچ ۽ فڪر کي ناپسند ڪنديون آھن، اهي سدائين آزاد ذھن ۽ فڪر رکندڙ طبقي تي اثر انداز ٿيڻ جي ڪوشش ۾ مصروف رھنديون آھن. بنياد پرست قوتون هر ترقيءَ پسند سوچ کي قابوءَ ۾ ڪرڻ جي ڪوشش ۾ مصروف رھنديون آھن. ترقيءَ پسندي ۽ روشن خياليءَ جو موت سندن جياپي جو آسرو هوندو آهي.
دنيا جي تاريخ اهڙن مثالن سان ڀري پئي آهي. 1979ع ۾ آيل ايران جو انقلاب جمھوريت پسند ماڻھن جي جدوجھد جو نتيجو هو، پر بنيادپرست قوتون ان تي حاوي ٿي ويون. انڊونيشيا ۽ يوڪرين ۾ انقلاب کان پوءِ عرب ملڪن تيونس ۽ مصر ۾ انقلاب تبديلي آڻيندڙ نظر اچي رهيو آهي. مصر ۾ آيل پرامن انقلاب کان پوءِ سياسي صورتحال اڃا واضح نہ پئي ٿئي تہ ان انقلاب جو کٽيو ڪھڙي ڌر کائيندي، بظاهر تہ عوام جي آزاديءَ ۽ جمھوريت لاءِ وڙهيل جنگ اقتدار جي حصول جي جنگ ۾ تبديل ٿيندي ٿي نظر اچي. مصر اهو قديم تاريخي ملڪ آهي، جنھن ۾ ايندڙ هر تبديلي سڄي عرب دنيا ۽ ايشيا جي ملڪن تي اثرانداز ٿئي ٿي. تيونس ۽ مصر کان ايندڙ انقلاب جي لھر جي اثراندازي تي غور ڪرڻ کان پھرين هڪ نظر عرب ملڪن مان آيل بنياد پرستيءَ جي اڀار تي وجهڻ بھتر ٿيندي ۽ انقلاب ۽ جدوجھد جي ضرورت بہ واضح ٿيندي.
انتھاپسندي ڪنھن خطرناڪ بيماريءَ جيان قومن جي سوچ، فڪر ۽ سمجهہ تي اثرانداز ٿي ترقيءَ جي هر راھہ کي محدود ڪندڙ هجي ٿي. انتھاپسندي سياسي هجي يا مذهبي، روشن خياليءَ جي قاتل ثابت ٿيندي آهي. بنيادپرستيءَ کي هڪ تحريڪ سمجهي سگهجي ٿو، جيڪا انسانن جي معاشي ذريعن ۽ سماجي ڪاروھنوار تي قابض ٿي سماجي روين ۽ شعور جي بالادستيءَ کي رد ڪري مدي خارج روايتون ۽ اصول مڙهي ٿي. بنيادپرستي انساني حقن کي رد ڪندڙ هجي ٿي. ھن وقت پاڪستان بنيادپرستيءَ جي ڄار ۾ ڦاٿل انھن ملڪن مان هڪ آهي، جيڪي ان ڄار مان نڪرڻ لاءِ جدوجھد ۾ مصروف آھن، سياسي بنيادپرستيءَ جي بنسبت مذهبي بنيادپرستي وڌيڪ خوف ۾ مبتلا ڪندڙ هجي ٿي. مذهبي بنيادپرستيءَ جو تعلق ڪنھن بہ هڪ مذهب سان نہ هوندو آهي. دنيا جي سڀني مذهبن ۾ اهي تحريڪون قديم دورن کان موجود رهيون آھن. بنيادپرست قوتن جو پسنديدہ شڪار پڙهيل طبقا هجن ٿا، جن ۾ سرفھرست عورتون هونديون آھن. مذهبي بنيادپرستيءَ جا 80 سيڪڙو کان مٿي حڪم عورتن جي حقن جي خلاف هوندا آھن، عورتن کي ڏائڻيون جادوگرياڻيون چوڻ ۽ هزارين عورتن کي مارائڻ جا قصه تاريخ مان وسريل نہ ناھن. بنيادپرست قدامت پسند هوندا آھن. هو پراڻن دورن جا مثال ڏيئي انھن روايتن ۽ حڪمن کي جديد دور ۾ لاڳو ڪرڻ لاءِ ڪوشان رھندا آھن ۽ مذهبي حڪمن جي لفظي تشريح ڪندا آھن، ان جي مفھوم ۽ مقصد کي سمجهڻ کان قاصر هوندا آھن. ھنن لاءِ سائنس جون ايجادون ۽ ترقيءَ جو هر ذريعو ناقابل قبول هوندو آهي. ھنن لاءِ انساني تفريح ۽ خوشين جو هر موقعو قابل مذمت هوندو آهي، جنھن جي هو مخالفت ڪندا رھندا آھن. هو سماج ۾ قبرستان جھڙي ماٺ، خاموشي ۽ خوف جي فضا تشڪيل ڏيندا آھن، خوف جي ذريعي هو عام انساني زندگيءَ کي مردہ بنائڻ چاهيندا آھن. زندگيءَ جي هر خوشي، رونق، وندر، موسيقي، آرام ۽ سڪون کي گناھہ جي زمري ۾ آڻيندا آھن. انساني زندگيءَ کي مشڪل ۽ تڪليفده بڻائيندڙ هر عمل انھن لاءِ پسنديدہ هوندو آهي.
اسٽيفن زويگ پنھنجي ڪتاب ”The right to heresy“ ۾ 16 صدي عيسويءَ ۾ ڪليسا پاران مقرر ڪيل لڱ ڪانڊاريندڙ سزائن جو ذڪر ڪيو آهي. ان مذهبي ڪٽرپڻي کي يورپ جي تاريخ ۾ ”مذهبي آمريت“ جي نالي سان ياد ڪيو ويو آهي. ان دور ۾ انسانن کي دردناڪ سزائون ڏنيون وينديون هيون. مثال طور ٿڪ سبب ديول ۾ واعظ هلندي ڪنھن کي سزا جي ننڊ اچي وئي. ڪنھن مٺيءَ شيءِ کاڌي تہ سزا ۾ ٽي ڏينھن رُکي ماني. . . ڪنھن راند ڪئي سزا جيل. ڪنھن موسيقي ٻڌي يا ڪو ساز وڄايو سزا شھر نيڪالي، ڪنھن نظرياتي اختلاف ڪيو تہ ڦٽڪا ۽ جيڪڏھن ڪنھن ان مذهبي ڪٽر پڻي خلاف ڳالھايو تہ زبان ۾ ڳاڙهي تتل لوهي سيخ سان سوراخ ڪيو ويندو هو. انسانن کي ٽڪر ٽڪر ڪرڻ جون سزائون بہ روا هيون. سروينس برونو کي بہ انھن ئي مذهبي ڪٽر پڻي جي قانونن تحت زنده ساڙي ڪوئلو ڪيو ويو هو. اهڙيون انسانيت سوز سزائون سرِعام ڏنيون وينديون هيون تہ جيئن ٻيا ماڻھو ان کي ڏسي عبرت حاصل ڪن. بنياد پرستيءَ جي انھن ظالماڻي سزائن جو ان کان وڌيڪ ڪوبہ مقصد نہ هوندو آهي تہ ماڻھن مان همت، اعتماد، شعور ۽ خوشيءَ جو خاتمو ڪيو وڃي. بنياد پرستي ٻاٽ اونداهي آهي، جيڪا انساني برابري، عقل، شعور، دانائي، غرور ۽ فڪر کي وڪوڙي وڃي ٿي ۽ انسانيت کي هڪ محدود دائري ۾ قيد ڪري ساھہ گهٽيندڙ ماحول فراهم ٿي ڪري. غير مستحڪم معاشي صورتحال، سماجي انتشار، حڪومتن جي ڪمزوري ۽ زوال بنيادپرست تحريڪن کي هٿي ڏيندڙ هوندو آهي.
ويھين صديءَ جي شروعات ۾ ڪجهہ بنيادپرست مذهبي تحريڪون هليون، جيڪي سڄي دنيا تي اثرانداز ٿيون. ’آرگن‘ صيھونيت جي حامي پھرين تنظيم انتھاپسند تنظيم هئي، جنھن فلسطين جي مسلمانن خلاف ڪارروايون ڪيون ۽ ردعمل طور مصر ۾ 1928ع ۾ ’اخوان المسلمين‘ وجود ۾ آئي. ھن تنظيم عرب اسرائيل جنگ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. پابندين لڳڻ جي باوجود ھن جون سرگرميون جاري رهيون. ننڍي کنڊ ۾ انگريزن جي اچڻ سان ھندو مسلم تعصب جي شروعات ٿي. ڪجهہ مذهبي عالمن جون تعليمات زور شور سان شروع ٿي ويون، جن ۾ سر سيد احمد خان، شاھہ ولي الله ۽ سيد احمد نمايان هئا. جڏھن تحريڪ پاڪستان شروع ٿي 1906ع ۾ مسلم ليگ جو بنياد پيو تہ ان تنظيم جي ذريعي مذهب کي اقتدار جي حصول جو ذريعو بنايو ويو. پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ عبدالجلال ودودي اسلامي جماعت جو پايو وڌو ۽ پاڪستان جي سياست تي حاوي ٿيڻ جي لاءِ ھن جماعت اسلامي رياست جو تصور ڏنو. ان کان پھرين ڪنھن بہ مذهبي تحريڪ جا نظريا قانون تي اثرانداز نہ هئا، پر پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ انتھاپسنديءَ وارا نظريا رياست جي قانونن کي مٽائڻ لاءِ استعمال ٿيڻ لڳا. ان جو ثبوت ضياءُ الحق جي دور جا قانون آھن. ضياءَ پنھنجي حڪومت بچائڻ لاءِ سخت بنيادپرست قانونن جو سھارو ورتو ۽ ماڻھن کي سخت سزائن جي خوف ۾ مبتلا ڪري حڪومت ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.
انفرادي مذهبيت سماج کي نقصان ۾ پھچائيندي آهي، پر اجتماعي سوچ هاڃيڪار ثابت ٿيندي آهي، ڇو تہ بنيادپرست جمھوريت پسند نہ هوندا آھن، هو اقليت ۾ هوندا آھن، پر حڪومتن تي قابض بڻجي ويندا آھن، هو پنھنجي سوچ ۽ سمجهہ کي صحيح ثابت ڪري اڪثريت مٿان مڙهيندا آھن ۽ عوام جي فيصلي سازي واري حق جي نفي ڪندڙ هوندا آھن. بنيادپرستن جو مقابلو ڪرڻ ان ڪري بہ ڏکيو آهي تہ هو نظرياتي اختلاف جا انڪاري هوندا آھن. ھنن وٽ اختلاف راءِ بغاوت جي زمري ۾ اچي ٿي. انتھاپسنديءَ جو ڪوبہ نظريو عوام جي معاشي ۽ سماجي ترقيءَ کي هٿي ڏيندڙ نہ هوندو آهي. ھن وقت پاڪستان کي درپيش مسئلن کي وڌائيندڙ بنيادپرست ئي آھن، جيڪي ھن رياست کي بين الاقوامي سطح تي پاڻ ڀرو ٿيڻ ۾ رڪاوٽون پيدا ڪري رهيا آھن. سائنس ۽ جديديت جا مخالف بنيادپرست پنھنجي مفاد لاءِ انھن شين جو استعمال ڪن ٿا. هو پنھنجا نظريا ڦهلائڻ لاءِ اليڪٽرانڪ ميڊيا جو سھارو بہ وٺي رهيا آھن، پرنٽ ميڊيا تي بہ حاوي ٿي رهيا آھن. ھنن صديون پھرين جيڪو ٻج ڇٽيو سو هاڻ لڻي رهيا آھن.
عرب ملڪن ۾ ايندڙ تبديلي ان ڪري خوش آئين ٿي لڳي تہ انھن ملڪن مان جڏھن بنيادپرستيءَ جو خاتمو ٿي رهيو آهي تہ انھن جا اثر اسان جي ملڪ تي پوڻ فطري ڳالھہ آهي. لبرل قوتن جو گڏيل لائحہ عمل ۽ جدوجھد رياست کي انھن بنيادپرستن قوتن کان بچائڻ لاءِ ڪارگر ثابت ٿي سگهي ٿي.
ھن وقت صورتحال اها آهي تہ انتھاپسند قوتون اسان جي رياست تي حاوي آھن. اسان جا تعليمي ادارا بہ انھن جي ور چڙهيل آھن، اسان جو نئون نسل ھنن جي زير اثر ٿي چڪو آهي.
بھتر روشن مستقبل جا خواب ڏسندڙ ڌرين کي هڪ ڊگهي جدوجھد شروع ڪرڻ کان پھرين نئين نسل کي تعليم ذريعي روشن خيال ۽ جمھوريت ڏانھن راغب ڪرڻ لاءِ لائحہ عمل ٺاهڻو پوندو ۽ اسان کي پنھنجي نالي ماتر لبرل آزاد ميڊيا کي بہ گهري ننڊ مان جاڳائڻو پوندو. اڄ جي دور ۾ سلمان تاثير جي قاتل ممتاز قادريءَ کي هيرو بڻائي ان تي فلمون ٺاهيون پيون وڃن تہ لبرل قوتن جي خاموشيءَ تي حيرت ٿي ٿئي. ان خاموشيءَ جي مجرماڻي ماٺ جو ٽٽڻ ڪاميابيءَ جي پھرين سيڙهي ثابت ٿيندو! آزاد چپ ۽ آزاد ذھن جيستائين پنھنجيءَ راءِ جو اظھار نہ ڪندا، تيستائين گهٽ ٻوسٽ واري فضا جو خاتمو ناممڪن آهي. ڪاميابي سدائين نااميديءَ جي اٿاھہ گهراين مان جنم وٺندي آهي ۽ دائمي هوندي آهي.

24 نومبر 2016ع

روشنين کان اونداهيءَ طرف ويندڙ سنڌ جا شھر

روشنين جي شھر کي اسين شايد موت جو شھر تسليم ڪري چڪا آهيون پر هي هوائن جي شھر کي ڇا ويو آهي؟ مافيائن جي راڪاس جي چنبي ۾ ڦاٿل ڪراچي شھر تہ پنھنجا آخري پساھہ کڻي رهيو آهي، پر هاڻ لڳي تہ مافيائن جا ٻج شھر حيدرآباد ۾ بہ ڇٽجي چڪا آھن، مھڪندڙ شامن ۽ تڌڙين هيرن جي شھر حيدرآباد جي فضائن ۾ بہ هاڻ بارود ۽ خوف قدم ڄمائڻ شروع ڪري ڇڏيا آھن.
بدامني، ڦرون، چوريون، ڀنگ لاءِ اغوا، قتل، برادري جهيڙا احتجاج ڪندڙ ريلين تي حملا، ڪارو ڪاري، ھن وقت اهڙو ڪو ڏوھہ ناهي، جيڪو ھن شھر ۾ نہ ٿي رهيو آهي. ائين محسوس ٿو ٿئي تہ انتظاميہ ۽ قانون نالي جون شيون پنھنجي سڃاڻپ وڃائي چڪيون آھن. گذريل مھيني ۾ وجدان نالي نوجوان اغوا ٿيو ۽ ڀنگ نہ ڀرڻ جي ڏوھہ ۾ لاش جي صورت ۾ مائٽن کي وصول ٿيو. پريٽ آباد ۾ 3 قتل ٿيا، حسين آباد ۾ برادري جهيڙي ۾ 5 سولنگي ڀائر مارجي ويا. ڦليليءَ جي ڇوڪريءَ ريما کي مائٽن قتل ڪري ڇڏيو. فضل ٽائون ۾ هڪ ماڻھو مارجي ويو. شميم اختر ۽ تسليم اختر ٻہ ڀينرون قتل ڪيون ويون، هڪ ڀيڻ شميم پنھنجي گهر واري هٿان قتل ٿي، ان قتل ۾ هڪ پوليس اهلڪار جو نالو بہ شامل هو. ڪجهہ ڏينھن کانپوءِ شميم جي قتل جي ڪيس جي شنوائيءَ تان واپس ايندڙ تسليم اختر آرائين کي بہ وچ شر ۾ گوليون هڻي قتل ڪيو ويو.
21 جون تي لطيف آباد اين اي ڊي جو شاگرد شيراز مغل ڦر دوران مزاحمت ڪندي قتل ڪيو ويو ۽ ساڳئي ڏينھن تي سنڌ يونيورسٽيءَ جو شاگرد عرفان نانگراج قتل ڪيو ويو. نامعلوم ماڻھو گوليون هلائِن ٿا ۽ مرڻ وارن جو انگ وڌندو ٿو وڃي، پر مجرم سدائين قانون جي دائرن کان ٻاهر ئي رھندا آھن. بند پيل دڪانن جا تالا ٽوڙي چوريون ڪرڻ تہ روز جي معمول ۾ شامل ٿي چڪو آهي، ائين بہ ناهي تہ قانون نافذ ڪرڻ وارا ادارا ايترا بي خبر هجن، هر ڏوھہ تي نظر رکندڙ ادارا ئي آھن، جيڪي ھن وقت ڏوھن کي هٿي ڏيئي رهيا آھن. چيو ويندو آهي تہ سنڌ کي پير ۽ وڏيرا کائي ويا آھن. پر ڏٺو وڃي تہ ھن وقت رياستي مشينري بہ ڏوھن جي پٺ ڀرائي ٿي ڪري. ڪنھن بي گناھہ کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ تہ تمام سولو آهي، پر مجرم کي ڪيفر ڪردار تائين پھچائڻ نامڪن ٿو نظر اچي. رياستي دهشتگرديءَ جو اهم مثال حيدرآباد جي شاگردياڻي صبا جي خودڪشي بہ آهي. پوليس اهلڪار گهران کيس کنڀي کڻن ٿا، سڄيءَ رات روڊن رستن تي رلائِن ٿا. معصوم 17 سالن جي صبا دلبرداشتہ ٿي خودڪشي ٿي ڪري. حيدرآباد پوليس ۽ ميرپورخاص پوليس جا اهڪار اغوا جي ايف آءِ آر جي بنياد تي صبا کي رات جو گهران کڻي ٿا وٺن، پر وري جڏھن صبا جو والد صبا جي قتل جي ايف آءِ آر درج ٿو ڪرائي تہ ان تحت ڪوبہ عمل نٿو ڪيو وڃي. سڄي مشينري ساڪت ٿيو ٿي وڃي، پوليس اهلڪار ضمانت ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي ٿا وڃن. سنڌ جو سياسي نظام بہ وڏيرا شاهي ۽ پير پرستيءَ جي ور چڙهيل آهي. علائقي جو با اثر ماڻھو عام ماڻھوءَ تي حڪومت ٿو ڪري، وري جڏھن ھن کي سياسي طاقت بہ حاصل ٿئي، تہ هو سڄي مشينريءَ تي قابض ٿي ان کي هلائي ٿو. قانون نافذ ڪندڙ ادارن ۾ سياسي ڀرتيون تہ عام ڳالھہ آهي، پر سياسي تقرريون بہ عام آھن. علائقي جا با اثر ماڻھو پنھنجن حدن ۾ ايس ايڇ او کان وٺي ايس ايس پيءَ تائين ۽ پنھنجي مرضيءَ جا آفيسر رکندا آھن، جيڪي انھن جي حڪم کان سواءِ ڪجهہ نہ ڪري سگهندا آھن. فرض شناس آفيسر ڪڏھن بہ پنھنجي سيٽ تي سک سان نہ وهي سگهندا آھن، ٽرانسفر جي تلوار سدائين انھن مٿان لٽڪيل هجي ٿي. بااثر ماڻھو ڪڏھن بہ اهو ڪونہ چاهيندا تہ ڪو عام ماڻھو انھن جي اڳيان بيھڻ جي همت ڪري سگهي. ڪيس ڪورٽ تائين پھتو تہ عدالت مان ضمانت نہ ٿي سگهي. هڪ بااثر ماڻھو سڄي رياستي مشينريءَ کي مفلوج ڪري سگهي ٿو، انصاف ۽ قانون کي بہ خريد ڪري سگهي ٿو، پر حقدار کي حق ڏيارڻ لاءِ هو ڪڏھن بہ پنھنجا اثر رسوخ استعال نہ ٿو ڪري سگهي. جن تي قتل جي ايف آءِ آر هجي ٿي، اهي تہ ضمانت ڪرائي سگهن ٿا. ريپ ڪندڙ جي بہ ضمانت ٿي ٿي وڃي، پر جيڪڏھن ڪو عام ماڻھو وڏن ماڻھن جي زير عتاب اچي تہ ان لاءِ جاءِ پناھہ ڪابہ نہ آهي. سياسي ڀرتين، طاقتور من پسند ماڻھن جي وچ ۾ عام ماڻھن جو آجپو تہ پري پر جياپو بہ مشڪل ٿو نظر اچي. سنڌ جي روڊن ۽ رستن تي اڄ ڪلھہ ڦرون ۽ اغوا عام ٿي ويا آھن، هر پاٿاريدار کي ڪنھن نہ ڪنھن وڏي جو آشير واد حاصل هجي ٿو. عام ماڻھو مري ٿو، خوف ۾ زندگي گذاري ٿو ۽ انھن جو ڪاروبار بنا ڪنھن روڪ ٽوڪ جي جاري و ساري آهي. ٻھراڙين واري لاقانونيت هاڻ اسان جي شھرن ۾ بہ ڪاهي پئي آهي. بدامني هٿ سان پيدا ڪئي ٿي وڃي. شھرن کي مفلوج بڻائيندڙ ڌريون بہ مافيا جي صورت اختيار ڪنديون ٿيون وڃن.
جڏھن انجنيئر اعجاز ملاح اليڪشن ۾ بيٺو تہ ان همت ڪرڻ جي سزا ان کي اهڙيءَ طرح ڏني وئي، جو وري ڪوبہ پڙهيل لکيل ماڻھو سياسي ڌارا ۾ شامل ٿيڻ جي باري ۾ سوچي نہ سگهندو. جڏھن قانون جا محافظ ئي قانون ٽوڙين تہ پوءِ دانھن ڪنھن کي ڏجي. رات جي انڌيري ۾ 100 کان مٿي پوليس جا ماڻھو بنا وارنٽ جي گهر جي اندر داخل ٿين ٿا ۽ اعجاز ملاح کي معمولي ڪيس ۾ نامزد ڄاڻائي گرفتار ڪري ٿا وٺن. حيدرآباد جي مختلف ٿاڻن تي گشت ڪرائڻ کانپوءِ جيل منتقل ڪيو ٿو وڃي. اهو تيز رفتار عمل پوليس جي فرض شناسيءَ جو مثال ناهي، پر ڪنھن بااثر طاقتور جي اشاري تي ڦڙتيءَ ڏيکارڻ آهي. ڏوھن جو بہ طريقہ ڪار طئي ٿيل ٿو هجي. ڪٿي ڪٿي بااثر ماڻھن پاران ٿيندڙ ڏوھن تي پوليس چشم پوشي اختيار ڪندي آهي، ڇو تہ جنھن بااثر جي چوڻ تي ھن کي سيٽ مليل هوندي، هو ان جي خلاف ڪيئن ٿو وڃي سگهي؟ ڏوھن جي دنيا ڏاڍي سگهاري آهي. عام ماڻھوءَ جو جياپو سواءِ خاموشيءَ جي ٻيو ڪجهہ بچيو ئي ناهي. تعليم، روشن خيالي، قانون، انصاف ڄڻ تہ اسان جي سماج سان ڪو تعلق ئي نٿا رکن. شھر جا محافظ ۽ رکوالا جڏھن شھر کان لاتعلق ٿي وڃن تہ پوءِ ڪيڏانھن وڃجي؟ آهستي آهستي اسان جا شھر جنگ ۾ تبديل ٿيندا ٿا وڃن، جت ڪوبہ قانون نہ هوندو آهي، صرف طاقت ۽ وحشت جي حڪمراني هجي ٿي. هتي وڌندڙ جهنگن جي صورتحال تي عدليہ پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ شايد ضروري نٿي سمجهي. روشنين کان اونداهيءَ طرف ويندڙ اسان جي سماج کي آجپو ڪير ڏياريندو؟
حيدرآباد ۾ وڌندڙ بدامنيءَ خلاف واپاري ماڻھن بہ احتجاج ۽ اعلى آفيسرن سان ملاقاتون ڪيون، پر محسوس ٿئي ٿو تہ شھر جي امن امان سان پوليس جو واسطو ئي ناهي. ڪاروباري ماڻھو رڙيون ڪندا رهيا، جڏھن انھن کي اعلى آفيسرن ملاقات جو مختصر ٽائيم ڏنو تہ هو پنھنجا مسئلا تفصيل سان ٻڌائي نہ سگهيا. واپاري ماڻھن جو چوڻ هو تہ آءِ جي ۽ ڊي ايس پي پنھنجين آفيسن ۾ تمام مختصر ٽائيم لاءِ ٿا ويھن. اهي اعلى آفيسر، جن لاءِ عام ماڻھوءَ جي شڪايت ٻڌڻ کان ڪنھن سياسي شخصيت جي حاضريءَ ۾ ويھڻ وڌيڪ ضروري هجي ٿو، انھن جو فرض وڏن ماڻھن کي سياسي ۽ سرڪاري پروٽوڪول ڏيڻ هوندو آهي. شھر ۾ امن هجي يا نه، ان سان اعلى آفيسرن تي ڪوبہ فرق ناهي پوندو، ڇو تہ انھن جا پنھنجا گهر شھر کان ٻاهر هوندا آھن. انھن جي ٻارن جي تعليم بہ ٻاهرين ملڪن ۾ مڪمل ٿيندي آهي. ھنن جي سماجي زندگي مڪمل طرح محفوظ هجي ٿي تہ پوءِ هو فڪرمند ڇو ٿيندا؟ فڪر انھن کي ٿيندو، جيڪي شھر جا رکوالا هوندا. شھر جي ٿڌين هوائن ۾ ساھہ کڻندڙن لاءِ جڏھن ساھہ کڻڻ جيتري بہ هوا نٿي بچي، تہ هو گهٽ ۽ ٻوسٽ واري ماحول جي خاتمي لاءِ ٿا سوچين. لاقانونيت، بغاوت ۽ بيچينيءَ جي فضا کي تخليق ٿي ڪري. شايد هيءُ منظم ڏوھن جو نظام، جيڪو طاقت ۽ سياسي اثر رسوخ جي سھاري تي هلي رهيو آهي، ان جو خاتمو سوچ جي تبديليءَ سان ممڪن هجي. اها سوچ، جيڪا غلط کي غلط چوڻ جي سگهہ رکندڙ هجي، ڏوھہ کي ڏوھہ ثابت ڪري سگهي، ۽ ڏوهاريءَ کي ڏوهاري چوڻ جي همت ڪري سگهي.

24 نومبر 2016ع

نازڪ سمجهي ويندڙ عورت طوفانن کي منھن ڏيڻ جي سگهہ رکي ٿي!

وجود کي ساڙيندڙ باھہ تہ اڏول جبل بہ برداشت نٿا ڪن، جبلن جي گهٽ ۽ ٻوسٽ انتھا کي پھچي ٿي تہ هو ٻرندڙ باھہ کي لاوي جي صورت ۾ اوڳاڇي ڇڏي ٿو، اهي ٻرندڙ پٿر پنھنجي رستي ۾ ايندڙ هر شيءِ کي ساڙي خاڪ ڪري ڇڏيندا آھن. ڌرتيءَ جي گهٽ، زلزلي جي صورت ۾ ظاهر ٿيندي آهي ۽ اها پڻ بي انتھا تباهي آڻيندڙ هوندي آهي، ساڳيءَ طرح سمنڊ ۾ ايندڙ طوفان بہ ڪناري تي موجود هر شيءِ کي ختم ڪري ڇڏيندا آھن، هوائن جي بي اختياري بہ زماني جا خدوخال مٽائڻ جي سگهہ رکي ٿي. ڪائنات جي مضبوط ۾ مضبوط شيءِ هڪ حد اندر برداشت ڪرڻ کانپوءِ ردعمل ظاهر ڪري ٿي. صرف عورت آهي جيڪا نازڪ ۾ نازڪ سمجهي ويندي آهي پر اندر ۾ جبلن کان مضبوط ۽ سمنڊ کان گهري هوندي آهي، عورت جيتري قدر ڀوڳي ٿي اوترو ظاهر نٿي ڪري، انساني حقن جي ڀڃڪڙين ۾ تشدد بدترين ڀڃڪڙي هئڻ باوجود بہ سماج ۾ هر سطح تي رائج آهي ۽ ان جو گهڻو تڻو شڪار عورت ئي ٿئي ٿي. عورت تي تشدد اسان جي سماج جي بنياد ۾ موجود آهي، تشدد جسماني هجي، ذھني هجي ۽ نفسياتي هجي يا جنسي هجي اهو سماج ۾ عورت جو مقدر سمجهي ڪيو ويندو آهي ۽ توقع رکي ويندي آهي تہ ان جو ذڪر نہ ٿئي، سماج ۾ انتشار جڏھن ٽھڪڻ پد کان مٿي چڙهي ويندو آهي تہ انقلاب جي صورت ۾ ظاهر ٿيندو آهي، اڄڪلھہ جون اخبارون ان ڳالھہ جو ثبوت آھن تہ اسان جي سماج ۾ گهريلو تشدد انتھا کي پھتل آهي، اهي عورتون جيڪي جسماني تشدد برداشت ڪندي ڪندي قبرن ۾ دفن ٿي وينديون هيون. ڪٽيل نڪ، چپ مجرمن وانگر سماج کان لڪائي گهرن ۾ قيد واري زندگي گذارينديون هيون، اهي ڪيس هاڻ رپورٽ ٿيڻ شروع ٿيا آھن. اپريل 2010ع جي سڄي مھيني ۾ “ڪاوش” اخبار ۾ وڌ ۾ وڌ گهريلو تشدد جا ڪيس رپورٽ ٿيا آھن. 18 اپريل 2010ع آچر جي ”ڪاوش“ اخبار ۾ هڪ ڪيس رپورٽ ٿيو آهي، جنھن مطابق ”ر“ تي مڙس تشدد ڪري سندس مٿي جا وار ڪتري ڇڏيا آھن، اها ڇوڪري تذليل جي احساس کان ڪمري کان ٻاهر نٿي نڪري. 19 اپريل 2010ع جي روزاني ”ڪاوش“ اخبار مطابق ماستر پيرسن ماءُ پيءُ کي ڏنڊا هڻي زخمي ڪري ڇڏيو. 18 اپريل 2010ع تي 10 ورهين جي نينگري وڪرو ڪري نوجوان سان نڪاح ڪرايو ويو. 19 اپريل 2010 تي ٻن نارين کي ڪارنھن الزام ۾ مارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، وڏيري کي سام طور ڏنيون ويون. 28-27 اپريل 2010 تي ويڳي ماءُ پيءُ جي عتاب جو شڪار 2 ٻارڙيون پوليس کي هٿ آيون. 26 اپريل تي عورت سان لڄالٽ جي ڪوشش ٿي، جوابدارن سندس مٿي جا وار ڪتري ڇڏيا. 29-28-27 اپريل تي ظالم ڀاءُ ملڪيت خاطر بيواھہ ڀيڻ کي 6 سال تائين قيد ڪري ڇڏيو. انھن کان علاوہ ٻيا بہ کوڙ سارا ڪيس آھن، جيڪي رپورٽ ٿين ٿا ۽ جوابدارن کي سزا بہ ملي ٿي پر ان سڄي پروسيس ۾ هڪ عورت جي جيڪا تذليل ٿئي ٿي، ان جو ڪٿي بہ ذڪر نٿو ملي. ھن جي شخصيت ڪيتري قدر تباھہ ٿي ٿئي، عزت نفس مجروح ٿي ٿئي، هڪ تہ توهين آميز سلوڪ برداشت ڪري ٿي، ٻيو وري ٿاڻن جا چڪر، سماج طرفان اٿاريل منفي سوال ماري ٿا ڇڏين، هڪ انسان ان سڄي غم ۾ ڪيترا ڀيرا مري ٿو ۽ ڪيتري اذيت مان گذري ٿو، ان جو ڪو ئي ڪاٿو ڪري نٿو سگهي. سماج ۾ ڪجهہ فرد جيڪي گڏ رھندا آھن، انھن جا هڪ ٻئي تي ڪجهہ حق ۽ فرض عائد ٿيندا آھن، سماج جي ڳانڍاپي لاءِ ضروري آهي تہ فرد هڪ ٻئي جي آزادي ۽ خوشي جو احترام ڪن، ڪنھن مفڪر جو قول آهي تہ: ”هڪ فرد جي آزادي ۽ خوشي جو مفھوم اهو آهي تہ هو سڀني فردن جي آزادي ۽ خوشي کي سلب نہ ڪري. ” هڪ ٻئي جي آزادي ۽ خوشي جو خيال رکڻ ۽ هڪ ٻئي جي عزت نفس جو احترام ڪرڻ رشتن ناتن جي ڳانڍاپي لاءِ بہ ضروري جزا آھن ۽ سماج جي جوڙجڪ بہ انھن جزن جي ڳانڍاپي سان ٿئي ٿي. اهو لمحو ڪيڏو نہ دل ڏاريندڙ هوندو آهي، هڪ ماءُ لاءِ جنھن کي پٽ ڏنڊا مٿي ۾ هڻي ۽ هُوءَ بزرگ عورت پوليس ۽ سماج اڳيان پٽ کي پڌرو ڪري. اهي ننڍڙيون ٻارڙيون جن جي مٿان پيءُ ويڳي ماءُ مسلط ڪري ڇڏي آهي، اهي روز تشدد جو شڪار ٿين ٿيون، توهين برداشت ڪن ٿيون، اها مظلوم عورت، جنھن کي سڳي ڀاءُ پئسن جي لالچ ۾ قيد ۾ رکيو ۽ هُوءَ قيد ۽ اڪيلائيءَ ۾ ذھني مريضہ ٿي وئي آهي، اهي انسان ڪڏھن بہ ڪنھن رشتي تي ڀروسو نہ ڪندا، پيءُ، ڀاءُ، پٽ اهي احترام وارا رشتا اڄ ڪلھہ پنھنجي ويليو وڃائي چڪا آھن، ان سڄي انتشار ۽ ٽٽل رشتن جو اثر سماجي جوڙجڪ تي پوي ٿو، جيڪو اسان جو ايندڙ سماج آهي، اهو ڪيتري قدر ظالم هوندو، ان جو اندازو لڳائڻ مشڪل بہ ڪونھي، اسان وٽ تہ رشتن ناتن جو احترام ان حد تي پھچي چڪو آهي جو انساني حقن جي عالمي منشور مطابق غلاميءَ تي پابندي آهي ۽ جبري مشقت تي بہ پابندي آهي، اها رياست جي ذميواري آهي تہ سماج ۾ موجود ذاتي قيد خانن جي جاچ ڪرائي انھن ذاتي قيد خانن مان جيڪي آزاد ٿين ٿا، انھن جي آخري پناهگاھہ دارالامان آهي يا وري مينٽل هاسپٽل، اهي فرد ايترا تہ ڀڳل ٽٽل ۽ تباھہ ٿيل هوندا آھن جو سماج جي ڪنھن بہ ڪاروھنوار ۾ حصو وٺڻ جي لائق نٿا رھن تہ انھن کي پنھنجيءَ ذات سان همدردي ۽ محبت رھندي آهي، نہ وري انھن کي رشتن ناتن تي ڪو ڀروسو هوندو آهي، ھنن لاءِ محبت، احترام، همدردي، عزت سڀ جذبا ڪوڙا ٿي ٿا وڃن، اهڙن ذھنيءَ طرح پريشان فردن سان ڪڏھن مثبت سماج تخليق نٿو ٿي سگهي، نہ ئي وري اجتماعيءَ طرح سان سماج ترقي ڪري ٿو سگهي. ڀاءُ ڀينرن کي دير سان ماني ڏيڻ تان بہ قتل ڪريو ڇڏين. ڪاوش جي 26-27 اپريل تي هڪ ڪيس رپورٽ ٿيو جنھن ۾ ڀاءُ پئسن جي لالچ ۾ اچي ڀيڻ کي گهر ۾ قيد ڪري ڇڏيو، سوال اهو آهي تہ ميڊيا تي ڪيس رپورٽ ٿيڻ کانپوءِ يقينن ڏوهاري خلاف ڪجهہ نہ ڪجهہ ڪارروائي ضرور ٿيندي پر ھن ٻڍڙيءَ عورت جيڪو وقت قيد تنھائيءَ ۾ گذاريو ان جو حساب ڪير ڏيندو؟

10 مئي 2010ع

عورت سماجي رويا ۽ عورت

”ٻہ ليڪا ڪڍي
صليب ٺاهي
پنھنجو پاڻ کي
ٽنگي ڇڏيان
جي ڏک سمورا
لکي نہ سگهان. “

نورالھديٰ شاھہ جا اهي چند لفظ سچ محسوس ٿيندا اٿم، جنھن مھل پدرشاهي سماج جي ڍانچي ۾ پيڙهجندڙ ۽ مزاحمت ڪندڙ نياڻين کي ڏسندي آهيان. پنھنجي وجود کي مڃرائڻ لاءِ پنھنجي هستيءَ جي زنده هجڻ جو اعلان ڪندڙ عورت يوناني ڏند ڪٿائي ڪردار سسيفس (Sysphus) آهي، جنھن کي زيوس ديوتا پاران مسلسل سزا ڏني وئي هئي.
سسيفس کي جھنم جي پاتال ۾ اڇلايو ويو هو، جتان هو تمام ڳرو پٿر کڻي پھاڙ تي چڙھندو هو ۽ چوٽيءَ تائين پھچڻ مھل ھن کي واپس ڌڪو ڏيئي پاتال ۾ ڪيرايو ويندو هو. اها ڏاڍ پاران ڏنل مسلسل سزا هئي، جيڪا کُٽڻ جي نہ هئي. ووٽ جو حق حاصل ڪرڻ کان وٺي Harassment Bill تائين جو سفر بہ اهڙو ئي اڙانگو هو. جنھن ۾ عورت، لطيف سائين چواڻي ”جيئڻ ڪاڻ جيڏيون مُون وڏا وس ڪيا“ وانگر سماج جي جهنگ ۾ ڊنل جهرڪيءَ جيان پنھنجي بچاءُ لاءِ پناهون ڳوليندي رهي آهي. زندگي تہ هر انسان کي هڪ دفعو ئي ملندي آهي پر ان زندگيءَ کي آسان بڻائڻ سھي طريقي سان گذارڻ جا لاتعداد موقعا هر ڪنھن کي ملندا آھن پر صرف عورت لاءِ هڪ موقعو هوندو آهي. ھن وٽ زندگيءَ جي سفر ۾ غلطيءَ جي ڪا بہ گنجائش نہ آهي. سماج ۾ مزاحمت سدائين پيڙهيل طبقن ۾ جنم وٺندي آهي. مزاحمت کان سواءِ زندگيءَ جو تصور واضح نٿو ٿئي. مزاحمت پنھنجي وجود جي مڃتا لاءِ هجي، سماج جي منفي رسمن رواجن خلاف هجي، سياسي يا قومي هجي، هر سطح تي مزاحمت زندگيءَ جي علامت آهي. بيٺل زندگي جبل وانگي آهي، جيڪو مضبوطي تہ رکي ٿو پر چرپر نہ هئڻ جي ڪري زنده وجودن ۾ شمار نٿو ٿئي. سگهارو انڪار تبديليءَ ڏانھن پھريون قدم هوندو آهي.
حياتيءَ جي سمنڊ ۾ زندگي بچائڻ لاءِ هر ڪو هٿ هڻندو آهي، پر عورت سماج ۾ هر سطح تي وڙهي رهي آهي. ان جنگ ۾ ھن جو وجود هر امتحان ۽ آزمائش مان گذري ٿو. هو جبر ۽ ڏاڍ برداشت ڪري ٿي. ھن کي مختلف طريقن سان پنھنجي مقصد کان هٽائڻ لاءِ، بي همٿ ڪيو ويندو آهي، پر ھن جي جدوجھد ڪڏھن بہ جامد ناهي ٿي ۽ نہ وري ختم ٿي آهي. ايتري قدر جوا سان جي سماج ۾ جيڪڏھن عورت تي ظلم يا ناانصافي ٿئي تہ ڏوهاري جرم ڪرڻ وارا لڪي ويندا آھن يا انھن کي ظاهر نہ ڪيو ويندو آهي پر جيڪو ڏاڍ جو شڪار ٿيندو آهي ان کي ظاهر ڪيو ويندو آهي. اسان جي پدر شاهي سماجي نظام ۾، دعوائون تہ گهڻيون ئي ڪيون وينديون آھن، عورت جي مقام، منصب، مان مريادا ۽ حفاظت جا اعلان ڪيا ويندا آھن پر اها خوفناڪ حقيقت آهي تہ ڪنھن بہ قسم جي جهڳڙي، جهيڙي، جنگ ۽ ڪاوڙ ۽ چڙ جو ردعمل عورت تي ئي ڪيو ويندو آهي. اسان وٽ هر قسم جي آزادي ۽ پناھہ جرم ڪندڙ کي حاصل آهي. بدمعاش لوفر آزاد آھن تہ هو جنھن مھل چاهين، هٿيارن جي زور تي ڪنھن غريب جي چانئٺ ٽپي، سندس معصوم نياڻيءَ کي اغوا ڪري ان جي بي حرمتي ڪن. چند مھينن اندر اجتماعي آبرو ريزيءَ جا ڪافي ڪيس رپورٽ ٿيا آھن. آئون انھن نياڻين جا نالا تہ ظاهر نٿي ڪرڻ چاهيان پر سوال اِهو آهي تہ جرم کي هٿي ڏيندڙ سياسي ڌريون ۽ اسان جي انتظاميا اهڙن واقعن تي خاموش تماشائي ڇو بڻجي ٿي وڃي. جرم لڪائڻ لاءِ هر قسم جون قانوني باريڪيون استعمال ڪيون وينديون آھن. پر مجرم کي سزا ڏيارڻ مھل سڀ مجبور بڻجي ويندا آھن. مردن جي جهڳڙن ۾ ان معصوم 12 سالن جي نياڻيءَ کي سزا ملي آهي. هوءَ ظلم ۽ وحشت جو سڪار ٿي آهي. 20 مئي تي هڪ مشھور روزنامي ۾ 16 سالن جي نياڻيءَ جو ڪيس رپورٽ ٿيو آهي. اها بہ اجتماعي آبرو ريزيءَ جو شڪار ٿي آهي.
سنڌ، امن ۽ محبت جي سرزمين طور مشھور هئي. سنڌي ماڻھو، سٻاجها، پُرامن ۽ محبت وارا مشھور هئا. پر اڄ تہ اهي ماڻھو ڳوليا نٿا ملن. سمجهہ ۾ نٿو اچي تہ ڪنھن ديو يا راڪاس انھن کي قيد ۾ ڪيو آهي يا ڪنھن جابر حڪمران انھن کي جلاوطن ڪري ڇڏيو آهي. وحشت ۽ بربريت جو راڄ آهي ۽ اسين خاموش تماشائي بڻجي چڪا آهيون.
خوبصورتي ۽ محبت جا سڀ استعارا ۽ تشبيھون اڄ مٽجي چڪا آھن. شاعريءَ ۾ موجود سونھن جا سڀ تصور مردہ ٿي چڪا آھن. نازڪ گڏين جا عضوا ڀڳل ٽٽل آھن، انڊلٺي لباس تار تار آهي. چنڊ جھڙا چھرا تيزاب ۾ سڙي رک ٿي ويا آھن. ڪَڪرن کي شرمائيندڙ وار ۽ نانگ کي شرمائيندڙ چوٽيون بہ نہ رهيون آھن.
ھن وقت جيڪا سنڌ جي تاريخ رقم ٿي رهي آهي، ايندڙ نسل شايد سنڌ جي اصلي تصوير ڪڏھن بہ ڏسي ڪونہ سگهندو.
انساني حقن جي لتاڙ جو ڪو ڪاٿو ئي نہ رهيو آهي. انساني حقن جو اِهو ڪھڙو اشو آهي جنھن تي اڄ سنڌ فخريہ طور چئي سگهي تہ اسان وٽ قانون جي پاسداري ٿي رهي آهي. وڌندڙ غربت انسانيت جا سڀ معيار ختم ڪري ڇڏيا آھن. اسان وٽ چائلڊ ليبر تي ڪا بہ پابندي ڪونھي. ننڍڙا ننڍڙا معصوم ٻارڙا نٽهڻ اُس ۾ رستن روڊن تي ڪم ڪندي نظر پيا ايندا آھن. گاڏين جي شيشن صاف ڪرڻ کان وٺي، پٿر ڪٽڻ ۽ پنڻ تائين هر ڪم ڪندا رھندا آھن.
Child Marriage جو قانون اسان وٽ لاڳو ڪونھي. معصوم ٻارڙيون جن جي عمر اڃا کيڏڻ کائڻ جي آهي، پيئر انھن کي سڱ چٽيءَ ۾ ڏيئي ٿا ڇڏين يا وري پئساوٺي نڪاح ڪرائي ٿا ڇڏين. سنڌ ترقي يافتہ سماج جو حصو آهي. سنڌ جهنگ تہ ڪونھي. انھن سڀني مسئلن جا حل بہ موجود آھن. قانون بہ ٺھيل آھن اسان جا حڪمران بين الاقوامي پليٽ فارم تي ڪنڌ مٿي کڻي اهڙن قانونن تي عملدرآمد ڪرائڻ لاءِ يقين ڏياريندا آھن. عھدنامن تي صحيحون بہ ڪري ايندا آھن. پوءِ انھن تي عملدرآمد ڇو نہ ٿو ٿئي؟ اهڙو ڪھڙو لڪيل راڪاس آهي، جنھن جادوءَ جي زور تي دلين کي پٿر ڪري ڇڏيو آهي؟ ان ڳالھہ جي ڪا بہ وجھہ ڪانھي، سواءِ ان جي تہ اسين ڪنھن اڻ ڏٺل خوف ۽ دهشت جو شڪار آهيون. ناممڪن جو هڪ تصور ذھنن ۾ گهر ڪري ويو آهي. جتي بہ ڪا خلافِ قانون ڳالھہ ٿيندي نظر ايندي آهي تہ اسين اهوئي سوچيندا آهيون تہ ان جو صحيح ٿيڻ ناممڪن آهي. جنھن مسئلي ۾ سياسي ڌريون ملوث هونديون آھن. انھن تي ڪير بہ آڱر کڻڻ لاءِ تيار ڪونہ ٿيندو آهي. ڇاڪاڻ تہ انھن سياسي ڌرين کي قانون جي دائري ۾ آڻڻ ناممڪن سمجهيو ويندو آهي.
سنڌ جي موجودہ صورتحال تي اخباري خبرن جي آڌار تي غور ڪجي تہ ان نتيجي تي پھچجي ٿو تہ عوام ۾ ڪنھن حد تائين پنھنجي مسئلن کي سمجهڻ ۽ حل ڪرڻ جو شعور موجود آهي، پر لاپرواهي انتظاميءَ سطح تي آهي. 24 مئي جي هڪ انگريزي اخبار ۾ دادو ڊسٽرڪٽ جي ماڻھن جي احتجاج جي رپورٽ شايع ٿي آهي. اتي جي ماڻھن ڏوهارين جي هڪ گروھہ جي نشاندهي ڪئي آهي، جنھن جي مجرمانہ سرگرمين سبب 2 درجن اسڪول بند ٿي ويا آھن. علائقي جي مختلف ڳوٺن جون ڇوڪريون ۽ ڇوڪرا اسڪول نٿا وڃي سگهن. استادن ۽ شاگردن کي اسڪول وڃڻ کان روڪيو ٿو وڃي. هارين ۽ دڪاندارن کي بہ ڪم تي وڃڻ کان روڪيو ٿو وڃي. اهو ڀتاخور گروھہ آهي جنھن جو علائقي تي راڄ آهي. انھن جي پسمنظر کان علائقي جو عوام آگاھہ آهي، باخبر آهي، عوام ڄاڻي ٿو تہ اهي ڪنھن جي ٽيڪ تي ڦريون ۽ ڌاڙا هڻي رهيا آھن. عام ماڻھن کي هيسائي رهيا آھن، پر انتظاميا بي خبر آهي. ڦورو بدمعاش من ماني ڪندا رھندا آھن، هو پنھنجي مالڪن جي طاقت کان واقف هوندا آھن. ھنن لاءِ تمام آسان آهي راھہ هلندي ڪنھن عورت تي تيزاب هارڻ، اسڪولن ۽ ڪاليجن جي اڳيان معصوم نياڻين کي اغوا ڪرڻ، نياڻين جي بي حرمتي ڪرڻ، گهرن ۾ بند ڪري باھہ ڏيئي ساڙي ڇڏڻ، سڀ ڪجهہ آسان آهي، پر مشڪل صرف هڪڙي آهي تہ ڏوهارين کي پڌرو ڪرڻ ۽ ظاهر ڪري سزا ڏيڻ.
Domestic Violence ۾ عورت ڪيتري قدر بہ ظلم ۽ جبر برداشت ڪري، پيڙا مان گذري پر ان کي ”ذاتي“ ۽ ”گهريلو“ لفظن جي نالي ۾ بند ڪيو ويندو آهي.
هتي مون کي ريٽا شھاڻيءَ جو هڪ نظم ”صدين کان“ ياد پيو اچي:
صدين کان شانت هئي جا وائي
اها ٿي ڳالھائي
صدين کان لڪل هئي جا طاقت
ٻاهر نڪرڻ چاهي
صدين کان دٻيل هئي جا قوت
مون کي ٿي ڊيڄاري
صدين کان ٻيٺل ڪٽيل ڪلڪ
تيزيءَ سان لکائي
صدين کان ٿميل آنسن جي ڌارا
تن من ٿي پسائي
صدين کان ميل هئي جا بجلي
ڪٿي ٿي پھچائي!
رات وياڪل ڏينھن گهايل
بيچيني ڏهڪائي
ڪٿان آئي ڇا لئہ پيڙا
آهي ڪو سمجهائي؟
آهي ڪو سمجهائي؟
ھن وقت جيڪو لاقانونيت جو راڄ آهي، اهو اسان کي پٿر جي دؤر ۾ ڌڪي رهيو آهي. ڇو تہ اسان جو شعور ۽ سوچ تہ پٿرجي دؤر واري ٿي چڪي آهي. اسين ڪو بہ قانون مڃڻ لاءِ تيار ناهيون. ڪا بہ پابندي برداشت نٿا ڪريون. ڏاڍي جي لٺ کي ٻہ مٿا وارو حال آهي.
جيئن تہ ان سڄي نظام جي خرابيءَ جي ذميواري صرف غربت نہ آهي، اسان وٽ مجموعيءَ طرح هر جرم جي محرڪ جي طور تي غربت کي اڳيان Toll بڻائي پيش ڪيو ويندو آهي. پر آئون سمجهان ٿي تہ ان سڄي لاقانونيت جي ذميواري انتظاميا جي آهي. پوءِ ان کي نااهلي چئجي، لاپرواهي چئجي يا اڻ ڄاڻائي چئجي. اسان جا انتظامي ادارا پنھنجا فرض پورا ڪرڻ ۾ ناڪام آھن. هو شعوريءَ طرح سان اهو محسوس نٿا پيا ڪن تہ سندن اها اک پور اسان جي سنڌ کي ڪٿي وڃي بيھاريندي. ھن وقت عوام ۾ شعور آهي. عوام پنھنجن حقن کان واقف آهي. پر عوام جي غلطي اها آهي تہ هو اهي نمائندا نٿا چونڊين جيڪي سندن حقن جي حفاظت لاءِ ٻانھن ٻيلي ٿي بيھن. ليڊرشپ يا اڳوڻي عوام جي لاءِ پاڻ پتوڙڻ ۽ انھن جي همدرديءَ سان لاڳاپيل هوندي آهي نہ جاگيرداريءَ سان، نہ رشتيداريءَ سان نہ وري پئسي سان سلھاڙيل هوندي آهي.
هاڻ اهو وقت اچي ويو آهي تہ جهنگ جي قانون جھڙو دماغ رکندڙ نمائندن کي ايوانن تائين پھچڻ نہ ڏنو وڃي. ووٽ انھن کي ڏنو وڃي جيڪي تعليم يافتہ هئڻ سان گڏوگڏ عوامي مسئلن کي سمجهڻ جو شعور رکندڙ هجن پر تعليم يافتہ هجڻ جي ڊگري ڪافي نہ آهي. عوامي نمائندا عوام مان ئي چونڊجي اڳيان اچن. اهو غريب جيڪو درخواست کڻي ”بااثر“ ۽ ”بااختيار“ جي در تي چڪر ٿو ڏئي، اهوئي مستقبل جو ليڊر آهي. اهوئي سنڌ جو اڳواڻ آهي، جيڪو ھن ٻڏل ٻيڙيءَ کي تاريندو.
اهو ئي آهي جيڪو سنڌ جي نياڻين جي وڃايل سونھن واپس ورائيندو. . . اهوئي آهي جيڪو جهنگ جي بگهڙن کي قيد ڪندو. . . اهو ضرور سماج کي ٻڌائيندو تہ نياڻي جي عزت ڇا آهي؟ فتوائن جا اهي سڀ پٿر جيڪي معصوم نياڻين جي بدن کي زخمي ڪندا هئا اهي پٿر ڏوهارين کي سرِعام لڳندا. . . !
جھنم جي پاتال مان هي ڳرا پٿر کڻي جبل جي چوٽيءَ تائين پھچائيندڙ سسيفس وانگر عورت جي سز ابہ ضرور ختم ٿيندي. ڪو تہ هوندو جيڪو ”هيھز“ کي ان مھل کان باز رکندو!

05 جُون 2010ع

سنڌ جي غلاميءَ جا تاريخي ڪارڻ ۽ اڄ جي سنڌ

ڌارين جون ڪاهون، ظلم جبر، راتاها، قتلِ عام سنڌ لاءِ، اهي رويا نوان ڪونہ آھن. سڄي تاريخ جا، خون سان رنگين ٿيل پنا، انھن حڪمرانن جي غلطين جا ساکي آھن، جن جا نتيجا عوام ڀوڳيا آھن. 1556ع ۾ پورچوگيزن پاران ٿيل قتل عام کان پوءِ جيڪي ڏاڍ ۽ جبر جا ڪڪر سنڌ تي ڇانئجي ويا تن صدين تائين، امن جا ڪرڻا ڌرتيءَ تائين پھچڻ نہ ڏنا. ارغونن جي دؤرِ حڪومت ۾ سنڌي ماڻھن جي سِرن سان ڀريل ٻيڙا بہ سنڌ کي ياد هوندا ۽ رستن تي لتاڙجندڙ ڌڙ بہ وسريا نہ هوندا. انھن دردناڪ واقعن جو تفصيلي ذڪر ڀلي تاريخ جي ڪتابن ۾ ظاهر ظھور لکيل نہ هجي پر سنڌي ادب ۾ اهي درد جا منظر ڪھاڻين، ناولن ۽ شاعريءَ جي صورت ۾ محفوظ آھن. تاريخ ٻڌائي ٿي تہ انسان جي معمولي معمولي غلطين جي ڪري ڌرتيءَ تي ڏکيا ڏينھن اچي ويندا آھن. هڪ انسان جي لغزش کي سڄي قوم ڀوڳيندي آهي. اسان جي تاريخ اهڙن سانحن سان ڀري پئي آهي، جنھن ۾ انفرادي فيصلن کي سڄي قوم ڀوڳيو آهي. قومن جي تقدير جا فيصلا اجتماعي هئڻ گهرجن، جيڪي بہ فيصلا عوام جي راءِ جي خلاف ڪيا ويندا آھن، نقصان رسائيندا آھن.
جڏھن انگريزن سڀ کان پھرين ننڍي کنڊ ۾ قدم رکيو تہ ان وقت ڪنھن کي بہ خبر نہ هئي تہ مغل درٻار ۾ ايندڙ هڪ ڊاڪٽر جيڪو ڪنھن پردہ نشين جي علاج لاءِ گهرايو ويو هو، اهو ننڍي کنڊ جي تقدير ليلائڻ جو باعث بڻجي ويندو.
انگريزن جڏھن مغلن کان 1717ع Export trade permit حاصل ڪيو تہ ان جي ذريعي هو ايشيا ۾ پکڙجي ويا. اهو ڪو اتفاق يا حادثو نہ هو. ملڪن ۽ قومن تي قبضو ڪرڻ لاءِ صدين جي حڪمت عملي تيار ڪئي ويندي آهي. ھنن بہ ائين ئي ڪيو. ايشيا جي خوشحالي ۽ ماڻھن جي سادگي انھن کي هتي پنھنجا پير کوڙڻ لاءِ آساني ڪري ڏني. ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ پنھنجو واپار وڌايو. ان وقت جا حڪمران اندروني طرح ڪمزور هئا. هڪ ٻئي کي پوئتي ڪرڻ، اقتدار تي قبضو ڪرڻ لاءِ ڀاءُ ڀاءُ جي خلاف سازشن ۾ مصروف هئا. اخلاقيءَ طرح سان بہ ھنن ۾ ڪيتريون ئي خاميون هيون. جهاندار شاھہ ۽ محمد شاھہ رنگيلي جھڙن عياش بادشاھن جي ڪري مغل سلطنت جو زوال شروع ٿي چڪو هو. انگريزن اها صورتحال پنھنجي لاءِ سازگار محسوس ڪئي ۽ مڪاري چالبازين جي ذريعي مغل حڪومت ختم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. آخري بادشاھہ بھادر شاھہ ظفر گرفتار ٿي ويو.
جنھن وقت انگريزن بنگال تي قبضو ڪرڻ لاءِ سراج الدولہ سان جنگ ڪئي اهو وقت فرانس ۾ انقلاب جو دؤر هو. دنيا هڪ بھتر سوچ ڏانھن وڌي رهي هئي. انسان پنھنجو شعور ۽ سمجهہ استعمال ڪري پنھنجا حق حاصل ڪري رهيو هو ۽ ايشيا پنھنجي آزادي وڃائي پنھنجي شعور جا دروازا بند ڪري رهيو هو. فرانس ان وقت سراج الدولہ جو ساٿ ڏنو هو. سراج الدولہ جڏھن جون 1756ع ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني جي قائم هيڊ ڪوارٽر فورٽ وليم تي قبضو ڪيو تنھن رابرٽ ڪلائيو يورپي فوج جي اڳواڻي ڪندي سراج الدولہ کي جنوري 1757ع ۾ ڪلڪتي مان ڪڍي ڇڏيو.
سراج الدولہ کي سندس ناني علي وردي خان جي وفات کان پوءِ 23 سالن جي عمر ۾ هڪ مضبوط حڪومت، تربيت يافتہ فوج ۽ دولت ملي وئي . ان ڪري سندس مخالفت سندس گهر کان شروع ٿي وئي . سراج الدولہ عوام ۾ ايترو مقبول نہ هو. سندس پڦي ۽ سپھہ سالار مير جعفر سندس حڪومت ختم ڪرڻ لاءِ سازشن ۾ پيش پيش رهيا. ذاتي اختلاف وڌندي وڌندي ملڪي سطح تي اچي ويا. ھنن انگريزن سان ڳجها واسطا رکيا. اقتدار جي لالچ ۾ سراج الدولہ جي حڪومت ختم ڪرڻ لاءِ رٿائون ڪرڻ لڳا.
سراج الدولہ جي فوج تمام گهڻي هئي ۽ ڳرا هٿيار هلائڻ لاءِ فرانس بہ ان کي سپاهي فراهم ڪيا هئا. پر اندروني سازشن ھن کي ڪمزور ڪري ڇڏيو هو. جنگ ٿي تہ مير جعفر پنھنجن فوجي دستن سميت جنگ ۾ حصو ڪونہ ورتو. سراج الدولہ اڪيلو وڙھندو رهيو ۽ آخرڪار جنگ هارائي ويٺو. بنگال جي بي پناھہ دولت مان ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ کي ڪاروبار وڌائڻ جو موقعو ملي ويو.
ڊاڪٽر محمد لائق زرداري، پنھنجي ڪتاب ”سنڌ جي سياسي جدوجھد“ ۾ لکي ٿو تہ: ”انگريزن سورهين صدي عيسويءَ ۾ سنڌ ساڻ واپاري تعلقات قائم ڪيا، مگر، واپار ڪامياب ٿي نہ سگهيو، انگريزن ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي نالي واپاري ڪوٺي ٺٽي ۾ قائم ڪئي، جنھن کي سرفراز ڪلھوڙي جي سختيءَ سبب بند ڪيو ويو. “
انگريز جيئن تہ سازشي دماغ رکندڙ ۽ پري تائين نگاھہ رکڻ واري قوم هئا. سنڌ ۾ پير ڄمائڻ لاءِ بہ ھنن ساڳي پاليسي ۽ حڪمت عمليءَ تي عمل ڪيو. ھنن سڀ کان پھرين فرينچن ۽ مينور جي حاڪم فتح علي ٽيپو کي سنڌ جي درٻار کان پري رکڻ جون ڪوششون ڪيون، ڇو تہ ان وقت فرانس ۾ وڏو انقلاب اچي چڪو هو ۽ انقلابين جو سپھہ سالار نپولين بونا پارٽ مصر فتح ڪري ھندستان تي حملي جي تيارين ۾ هو. مسٽر سمٿ، جڏھن ميرن سان دوستيءَ جو معاهدو ڪيو تہ ان ۾ اهم شرط فرينچن کان پري رهڻ هو.
محمد دائود بلوچ پنھنجي مضمون ”مياڻيءَ جي جنگ“ ڇپيل ”نئين زندگي 1969ع“ ۾ لکي ٿو تہ:
”انگريزن جي سرپرستيءَ ۾ ان وقت جيڪي بہ تاريخون ۽ ڪتاب لکيا ويا آھن، تن ۾ جنگ جو سبب ميرن جي انگريزن سان بہ عمدي ڏيکاريو ويو آهي. حالانڪہ انگريز سنڌ تي قبضي ڪرڻ جو خواب ڪيتري عرصي کان ڏسي رهيا هئا. ۽ ان ڏس ۾ رٿيل سازش تي عملدرآمد شروع ڪري چڪا هئا. “
واپار جي بھاني انگريزن جو اچڻ وڃڻ سنڌ ۾ وڌڻ لڳو. عام ماڻھو ان کي سٺو ڪونہ سمجهندا هئا. پر ان وقت جي حڪمرانن پنھنجو مفاد ۽ ذاتي فائدا نظر ۾ رکيا. انگريز جڏھن بہ ايندا هئا تہ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ تي غور ڪندا هئا. ھنن ماڻھن جي نفسيات جو بہ مطالعو ڪيو ۽ حڪمرانن جي ڪمزورين کي بہ نظر ۾ رکيو.
1828ع ۾ ڊاڪٽر برنس سنڌ ۾ آيو. ھن برطانيہ سرڪار کي خط لکيو تہ، ”سنڌ دولت سان ڀرپور آهي ۽ نھايت زرخيز علائقو آهي، جنھن تي جاهلن جو راڄ آهي. انھيءَ ملڪ جي وڌيڪ جانچ پڙتال ڪرڻ ۽ ان ۾ پنھنجا پير کوڙڻ نھايت ڪارآمد ٿيندو. ميجر آٽو ٽرام پنھنجي ڊائريءَ ۾ لکي ٿو تہ، ”مون حيدرآباد، ان جي پسگردائيءَ ۾ قلعي جو فوجي نقطہ نظر کان چڱيءَ طرح مطالعو ڪيو ۽ ضرورت پوڻ تي قلعي تي حملي جو خاڪو تيار ڪبو. “
ميجر جيمس آٽوٽرام، وليم نيپئر جي ڪتاب ”فتح سنڌ“ تي ڪيل تبصري ۾ لکيو آهي تہ: ”ميرن ۾ عام نااتفاقي هئي، ان ڪري هو اسان لاءِ ڪنھن بہ طرح خطري جو باعث نہ هئا، ھنن جي خلاف سازشن جا لڳايل الزام بي بنياد بي معنيٰ آھن. تاريخ ۾ اهڙا کوڙ سارا مثال ۽ حوالا موجود آھن، جن مان ثابت ٿئي ٿو تہ انگريزن چالاڪي، حڪمت عملي ۽ سازشن وسيلي ايشيا تي قبضو ڪيو. هو سڀ کان پھرين حڪمرانن جي ڪمزورين تي غور ڪري پوءِ ان مان فائدو حاصل ڪندا ويا. ھنن ميرن جي خاص خاص ماڻھن کي بہ خريد ڪيو. اقتدار جي لالچ بہ ڏنائون پر ماڻھن جي دلين ۾ انگريزن لاءِ نفرت هئي. ميجر آٽوٽرام جو هڪ خط جيڪو ھن چارلس نيپئر ڏانھن لکيو هو ان ۾ آهي تہ:
”ڪالھہ درٻار ۾ ۽ اتان موٽندي، مون ماڻھن جي جذبات جي جيڪا حالت ڏٺي، ان مان ظاهر آهي تہ حڪمران ميرن جي بزدلاڻي نموني ۾ اسان جي اڳيان پيش پوڻ واري روش تي عام بلوچ سخت لعنت ملامت وجهي رهيا آھن. ڇاڪاڻ جو هو مير حاڪمن جي انھيءَ روش کي ڌاڙيلن اڳيان پيش پوڻ جي برابر سمجهن ٿا. سنڌ ۾ منھنجي مقرريءَ بعد پھريون دفعو، گذريل رات درٻار مان نڪرڻ تي مون کي ماڻھن جو غير معمولي انبوھہ ڏسڻ ۾ آيو. اهي ماڻھو نعرا هڻي رهيا هئا، جن ۾ انگريزن خلاف نفرت ۽ حقار جي جذبن جو اظھار ڪيو پئي ويو. “
ان وقت انگريز وڙهڻ جون تياريون ڪري رهيا هئا. عوام وڙهڻ لاءِ تيار هو. حڪمران ڊڄي رهيا هئا ۽ صلح ۽ معاهدن ڪرڻ لاءِ تيار هئا. چيو ويندو آهي تہ انگريزن جو لشڪر 2800 هو، پر مرزا قليچ بيگ ”تاريخِ سنڌ“ ۾ لکي ٿو تہ نيپئر وٽ پنج هزار فوج هئي. ان وقت ماڻھن ۾ ايتري قدر جوش ۽ جذبو هو جو هو بندوقن، تلوارن، ڪي ڪھاڙين ۽ لٺين سان مسلح هئا تہ ڪي خالي هٿين بہ وڙهڻ لاءِ تيار هئا. اهي سڀ انگريزن جي پيش قدميءَ کي روڪڻ لاءِ مياڻيءَ جي ميدان وٽ اچي گڏ ٿيا. انھن سرفروشن ۾ هوش محمد قمبراڻيءَ جو نالو اهم آهي. سنڌ کي غلاميءَ کان بچائڻ لاءِ ماڻھن آخري دم تائين دشمنن جي وڏن هٿيارن رائيفلن ۽ توپن اڳيان شھيد ٿيندا رهيا.
اهي جنگيون، اهي مھاڏا اهي قربانيون ڇا صرف هڪ زمين جي ٽڪري لاءِ ڏنيون وينديون آھن؟ هر قوم جي فطرت ۾ پنھنجي خطي لاءِ محبت انسيت هوندي آهي. قوميت جو احساس هر جذبي ۽ احساس کان مضبوط هوندو آهي تہ ڇا اهو صرف هڪ بي جان پٿر جي ٽڪري لاءِ هوندو آهي؟
هر ذي شعور ان جو جواب ”نہ“ ۾ ئي ڏيندو. ڇو تہ جڏھن بہ ڌاريا ڪنھن ڌرتيءَ تي حاوي ٿيندا آھن تہ هو نہ صرف زمين تي قابض ٿيندا آھن، پر هو ڌرتيءَ واسين جي سوچ، فڪر، شخصي آزاديءَ تي بہ قابض ٿي ويندا آھن. ڌارين سان گڏ انھن جي ثقافت، ڪلچر، سوچ، مذهب، هر شيءِ ان خطي مٿان مڙهجي ويندي آهي. انسان جا بنيادي حق سلب ٿي ويندا آھن. انسان جي هر جنگ اٽي، لٽي ۽ اجهي کان علاوہ امن لاءِ ۽ پنھنجي بچاءَ لاءِ بہ هوندي آهي.
امن ۽ حفاظت انسان جا بنيادي حق آھن. هر قوم جو پھريون خواب پنھنجي ڌرتيءَ تي امن سان زندگي گذارڻ هوندو آهي.
سماج ۾ مروج قاعدا، قانون، مذهب، ملڪي سرحدون، اهي سڀ انسان، پنھنجي امن جي خواب کي ساڀيان ڏيڻ لاءِ ٺاهيا هئا. مذهب ۽ سماجي قانون اهي سڀ انسان جا مددگار هوندا آھن، جن جي ذريعي انسان سماجي ڪاروھنوار هلائيندو آهي.
انسان ۽ قومن جي تاريخ ٻڌائي ٿي تہ جن قومن مٿان ڌاريا نظريا ۽ قانون مڙهيا ٿا وڃن، اهي پنھنجي سڃاڻپ جي بچاءَ لاءِ جدوجھد ڪن ٿيون. جيڪڏھن انسان جا بنيادي حق سلب ڪيا وڃن ٿا تہ پوءِ سماج ۾ انتشار ۽ بي ترتيبي پکڙجي وڃي ٿي. دنيا جي هر مذهب جو پيغام امن ۽ سلامتي جو آهي. مذهب انسان ۽ سماج کي مثبت لاڙا ۽ فڪر ڏي ٿو پر جيڪڏھن ان امن جي پيغام کي انسانن جو رت وهائڻ لاءِ ڪم آندو وڃي تہ ان جو سماجي ڪارج ختم ٿي ٿو وڃي.
انتھاپسنديءَ جا لاڙا قوم کي پستيءَ ڏانھن وٺي ويندا آھن. سماج ۾ مذهبي انتھاپسنديءَ جي موجودہ لھر سماج کي انتشار، خوف ڏانھن ڌڪي رهي آهي. مذهب خوف ۽ خون جي علامت بڻجي ويو آهي. مذهب جا اصل پرچارڪ اهي هئا جن جي آخري آرامگاھن تي اڄ بہ ميلا لڳن ٿا. اڄ بہ انسان مذهبي مت ڀيد کان الڳ ٿي انھن جي آستانن تي حاضري ڏين ٿا. امن ۽ اتحاد جا مثال اسان کي اتي نظر اچن ٿا. ”ٽوڙيو ۽ حڪومت ڪريو“ واري نظريي تحت ڪم ڪندڙ طاقتن، سرحدون ٽوڙائڻ لاءِ سازشون ڪيون پر گڏوگڏ انسانن جي سوچ ۽ فڪر کي انتشار ڏيڻ لاءِ بہ منصوبا رٿيا ويا.
انتھاپسنديءَ جي تاريخ گهڻي پراڻي ناهي پر ان تمام تيزيءَ سان سماجي روين تي اثر وڌا آھن. ڪنھن اڏوهيءَ جيان سماج کي کائي رهيا آھن. جيڪي جايون هر انسان لاءِ مقدس هيون ۽ حفاظت ۽ امن جون علامتون هيون، اهي اڄ ڪوس گهرن ۾ تبديل ٿي ويون آھن.
اهو سڀ ان ڪري پيو ٿئي تہ مذهب جي امن ۽ انسانيت جي پيغام کي نظرانداز ڪري، اقتدار جي حصول لاءِ، مذهب کي استعمال ڪيو ٿو وڃي. جڏھن تہ مذهب جو سماجي ڪارج اقتدار جو حصول نہ پر انسان ذات جي ڀلائي ۽ امن جو قيام آهي. مذهب جون عبادتگاهون مقدس هونديون آھن ۽ عبادتگاھن ۾ انسانن جو قتل عام ڪنھن بہ ملڪ، قوم، سماج ۾ ساراھہ جوڳو نہ سمجهيو ويندو آهي.
انتھاپسند گروپ شايد سماج ۾ پنھنجي طاقت جي اظھار لاءِ انسانن جو رت وهائِن ٿا. ڪڏھن بم ڌماڪن جي صورت ۾ ڪڏھن ڦٽڪن جي صورت ۾ ڪڏھن گولين جي وسڪارن جي صورت ۾ ۽ انتظاميا جي بيوسي ضرور انھن کي خوش ڪندي هوندي پر عوامي ردعمل انھن جي ذھنن ۾، سندن لاءِ موجود ڌڪار جي جذبن کي ضرور واضح ڪندو هوندو.
سنڌ جي فضائن ۾ قمبراڻيءَ جي رڙ اڃا تائين گونجي رهي آهي، جيڪا هر ڌارئين فوج توڙي نظريي کي اڄ بہ للڪاري ٿي، امن ۽ محبت جي ڌرتيءَ جا رهواسي ڌرتيءَ سان گڏ پنھنجن نظرين سوچن ۽ فڪرن جي حفاظت ڪرڻ بہ ڄاڻن ٿا.

12 جُون 2010ع

اسلامي نظرياتي ڪائونسل اعتدال پسند ماڻھوءَ جي هٿ ۾ هئڻ گهرجي!

ڪو وقت هو جو وطن جا محافظ خوف جي علامت هئا، آمريت جي ٻاٽ اونداهيءَ ۾ خاڪي ورديءَ ۽ ڀاري بُوٽن جي ڀونءِ کان عوام زبان بند ڪري ۽ چپ سبي ڇڏيا هئا. ضياءَ جي آمريت پاڪستاني عوام کي ڪلاشنڪوف، انتھاپسندي، هيروئن ۽ طالبان ڏنا، ھن پنھنجي دور حڪمرانيءَ کي وڌائڻ لاءِ جن شيُن جو سھارو ورتو، اهي سماج مان ختم نہ ٿيون آھن، اهي اڄ بہ ڪنھن ڀٽڪيل روح جيان پنھنجو ماڳ ڇڏڻ لاءِ تيار نہ آھن. عوام کي هيسائڻ لاءِ اهي خوف ۽ جبر جون علامتون اڄ بہ اڇي سائي رنگ جي سرخ دهشت ۽ خودڪش بم ڌماڪن جي صورت ۾ موجود آھن.
اها حقيقت آهي تہ حڪومتي مفاد وارا فيصلا، جيڪي عوامي مفاد ۾ نہ هوندا آھن، عوام انھن فيصلن جا انجام صدين تائين ڀوڳيندو آهي. آمريت خوف، جبر ۽ استحصال واري طرز حڪمراني آهي، جنھن ۾ هڪ ماڻھوءَ جي سوچ ۽ مفاد سڄي عوام مٿان مڙهجي ويندا آھن، ان جي برعڪس جمھوريت امن، انصاف ۽ برابري جو نظريو رکي ٿي، پر جمھوريت ان وقت تائين جمھوريت رهي ٿي، جيستائين اها عوامي نمائندن جي وسيلي سماج ۾ رائج هجي، جيڪڏھن جمھوريت، آمريت واري سوچ هٿان يرغمال بڻجي وڃي تہ پوءِ هو پنھنجو وجود ۽ سڃاڻپ وڃائي ٿي ويھي. جيئن هينئر تازو هفتو اڳ عوامي حڪومت جو ڪيل غير جمھوري فيصلو، جنھن عوام کي بُريءَ طرح ڀرڪائي ڇڏيو. مولانا محمد خان شيراڻيءَ جو (CII) ڪائونسل آف اسلامڪ آئيڊيالاجيءَ جو چيئرمين مقرر ٿيڻ، شعور رکندڙ عوام کي مايوس ڪري ڇڏيو.
سول سوسائٽيءَ طرفان اٿاريل اعتراض ان لاءِ غور طلب اهي تہ مولانا شيراني JUI-F سان تعلق رکي ٿو. ھن جماعت جا ۽ مولانا شيرانيءَ جا ذاتيءَ طرح سان شدت پسند ماڻھن سان رابطا ڪنھن کان ڳجها ڪونہ آھن. اسلامي نظرياتي ڪائونسل حساس ادارو آهي. ڪائونسل جا منظور ٿيل قانون سڄي ملڪ تي لاڳو ٿيندا، پاڪستان صرف هڪ مذهب ۽ هڪ فرقي جي پوئلڳن جو ملڪ نہ آهي، ھن ملڪ ۾ رھندڙ سڀ ماڻھو پاڪستان جا شھري آھن ۽ برابر حق رکن ٿا.
International covenant on civil and political rights (ICCPR) 16 Dec1966.
مطابق جيڪو اقوام متحده جي جنرل اسيمبليءَ مان منظور ٿيل، انساني حقن جي بل ۽UDHR)) Universal Declaration of Human Rights جو هڪ حصو آهي، تہ رياست جي سڀني شھرين کي سماجي ۽ سياسي حق حاصل هوندا، سڀني شھرين کي مذهبي آزادي، زندگي گذارڻ جي آزادي، اسيمبليءَ لاءِ چونڊڻ جي آزادي هوندي.
وومين ايڪشن فورم ۽ ٻين سماجي تنظيمن جا اعتراض حقيقت تي مبني ٿا لڳن، ڇو تہ هڪ ليبل سوچ نہ رکندڙ ماڻھو ۽ ڪرمنل ماڻھن لاءِ همدردي رکندڙ ماڻھو، ڪنھن ذميدار اداريءَ جي سربراھہ جي حيثيت ۾ فائدو ڏيندي نظر نہ ٿو اچي، اسان طبقاتي سماج ۾ جيئون ٿا، جنھن ۾ هر قسم جي قانوني توڙي سماجي سختيءَ جو شڪار ڪمزور طبقو ٿيندو آهي. ان ۾ عورتون ۽ اقليتون سرفھرست نظر ٿيون اچن. اسان جي سماج ۾ عورتن ۽ اقليتن کي فرد جي حيثيت سان مڃتا نہ ڏني ويندي آهي. قانون سازي ڪرڻ وقت اقليتن ۽ عورتن جي حقن جي تحفظ کي نظرانداز ڪيو ويندو آهي.
’Domestic violence Bill‘ کي حڪومت طرفان نظرانداز ڪرڻ بہ ان سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي. اهو ان ڳالھہ جو ثبوت آهي تہ اسان جي سينيٽ ۾ بہ انتھاپسند سوچ رکندڙ ماڻھو موجود آھن، جيڪي سماج ۾ امن قائم ٿيندي نٿا ڏسي سگهن. حڪومتي ادارا تڏھن ڪاميابيءَ سان ڪم ڪندا آھن جڏھن صحيح ماڻھن جي انتظام هيٺ هوندا آھن. ڪنھن شاعر چيو آهي:
”زندگي ڪيا هي؟ عناصر ۾ ظھور ترتيب
موت ڪيا هي؟ انھي اجزا ڪا پريشان هونا. “
اهو موت هجي يا انتشار ان جو ڪارڻ بي تربيتي آهي. ائٽم کان وٺي انسان تائين، هر شيءِ جي تخليق ۾ جزن جي تربيت جو عمل دخل آهي. جنھن مھل جزن جي بي ترتيبي ايندي آهي تہ صحيح شيءِ وجود ۾ نہ اچي سگهندي آهي. ساڳيءَ طرح سماجي جوڙجڪ ۽ حڪومتي ادارن جي نظام ۾ بہ جيڪڏھن صحيح جاءِ تي صحيح جزا نہ ڪم ڪندا تہ انتشار پکڙجندو. اسان جي سماج جو اڄڪلھہ جو وڏي ۾ وڏو مسئلو اهو آهي تہ هر اداري ۾ ڪم ڪندڙ ماڻھو پنھنجن ذميوارين کان ناواقف آھن، جيڪو ماڻھو جنھن جاءِ لاءِ مناسب آهي اهو اتي موجود ڪونہ آهي. سڀ حڪومتي ادارا انتشار جو شڪار آھن Mismanagement جتي ڪٿي نظر ٿي اچي. اسان جا ادارا انفراديءَ سوچ رکندڙ ٿي ويا آھن. اجتماعي قومي شعور ختم ٿي چڪو آهي، ٻيا ادارا تہ ٺھيو پر خود حڪومت، صرف پنھنجي حڪومت بچائڻ ۾ مصروف ٿي وئي آهي. عوامي مسئلن تان عوامي نمائندن جو ڌيان هٽي چڪو آهي. عوام پنھنجي چونڊيل نمائندن تائين پنھنجا مسئلا پھچائي نٿو سگهي، ڀلا جي پھچائي بہ کڻي تہ هو مختلف مجبورين جي قيد خانن جا قيدي بڻيا ويٺا هوندا آھن. اها ڪا گهڻي پراڻي ڳالھہ ڪونھي، جڏھن ضياءَ عوامي ليڊر ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاسي ڏياري تہ نہ صرف ملڪ ۾ پر بين الاقواميءَ سطح تي بہ ھن کي تنقيد جو منھن ڏسڻو پيو هو. ان بين الاقوامي نفرت کي ختم ڪرڻ لاءِ ھن فوجي قوت کان سھارو ورتو، افغانستان جي عوام ۽ ملڪي فوجي ادارن جي مذهبي جذبات کي ڀڙڪائي، ضياءَ هڪ ڊگهي گوريلا جنگ کي جهاد جي پرڪشش نعري ۾ لڪائي پنھنجي حڪومت جي وقت کي ڊگهو ڪيو هو. ان تاريخي دور جي پڄاڻيءَ تي، عوام جمھوريت جو استقبال تمام جوش خروش، امن ۽ انصاف جي اميدن سان گڏ ڪيو هو. پر عوام جا خواب شايد خواب ئي رهجي ويا. عوام اهو ڄاڻي نہ سگهيو تہ، چھرا مٽجي ويا، پر ڪردار نہ مٽجي سگهيا، ڪجهہ زهريلا عنصر سماج جي رڳن ۾ رت بڻجي داخل ٿي ويا آھن، جن کي ڪڍڻ ممڪن نہ رهيو آهي، پر مقابلو جاري رھندو.
اسان جي خفيہ حساس فوجي ادارن جون انتھاپسند تنظيمن کي ڏنل تربيتون ۽ جنگي ساز و سامان ڏيڻ جا واقعا عوام اڳيان روشن سج وانگر عيان ٿي چڪا آھن.
اڄ جڏھن حڪومتي پاليسيون عوام جي اڳيان واضح ٿين ٿيون تہ عوام عدم تحفظ جو شڪار ٿي ٿو وڃي. جيڪڏھن عوامي مفاد سان ٽڪرائجڻ وارا حڪومتي فيصلا جاري رهيا تہ پوءِ حڪومت عوامي ويساھہ وڃائي ويھندي. ھن وقت ملڪي بجيٽ جو وڏو حصو فوجي ادارن ڏانھن وڃي ٿو ۽ پاڪستان جو اڌ کان وڌيڪ عوام بکئي پيٽ کليل آسمان هيٺ ڌرتيءَ مٿان ٿو سمھي ۽ جيڪي ماڻھو گهرن جي اندر آھن، اهي بہ بنيادي شھري سھولتن کان سواءِ ٿا زندگي گذارين. اهڙيءَ صورتحال ۾، عوام جي رت ۽ پگهر جي ڪمائي کي بارود جي صورت ۾ اڏائي بيروني خطرن کان اکيون ٻوٽي، پنھنجي ئي وطن جي ڌرتيءَ کي ڌارين جي قبضي مان ڇڏائڻ لاءِ نہ کٽندڙ جنگ وڙهي رهيا آهيون. انتھاپسنديءَ جو پاتال تائين پکڙجي ويندڙ جڙون ختم ڪرڻ واري جنگ تمام ڊگهي ۽ صبر آزما آهي، ان نازڪ دور ۾ اهڙا حڪومتي فيصلا دور انديشي وارا نٿا لڳن. قانوني مشورا ڏيڻ وارا ادارا تعميري سوچ رکندڙ ماڻھن جي زير انتظام هجن، جيڪي عوامي مفاد جي باري ۾ سوچين.
عوامي ليڊر ڪڏھن بہ ڏاڍ ۽ جبر اڳيان جهڪندا ناھن، ڀلي تہ سينا گولين سان پروڻ ٿين پر گوڏا ناھن ٽيڪندا، هو ڪنڌ مٿي کڻي عوام جي حقن جي ڳالھہ ڪندا آھن. جمھوريت جو روح عوام جو ويساھہ ۽ پيار آهي، باقي سياسي نعريبازي ۽ سياسي داءُ پيچ ۽ مخالفن کي راضي ڪرڻ وارا قدم حڪومتي وقت تہ وڌائي سگهن ٿا پر عوامي ويساھہ ۽ پيار جا قاتل بڻجي سگهن ٿا. حڪومت جو فرض آهي تہ نہ صرف اسلامي نظرياتي ڪائونسل پر حڪومت جي هر حساس اداري مان انتھاپسند قوتن کي هٽايو وڃي، جيڪڏھن مدت جي ويجهو پھچندڙ جمھوريت کي بچائڻو آهي ۽ سماج ۾ امن ۽ انصاف قائم ڪرڻ، حڪومت جي پروگرام ۾ شامل آهي تہ پوءِ هڪ جنگ تہ سرحدي علائقن ۾ وڙهي پئي وڃي، ٻي نظرياتي جنگ ملڪ اندر بہ وڙهڻي پوندي.
اسلامي نظرياتيءَ جو ڪائونسلر چيئرمين محمد خالد، جيڪو ذهين، دانشور، پڙهيل لکيل ۽ بين الاقوامي شھرت رکندڙ ماڻھو آهي، ان جو نعم البدل هڪ انتھاپسند ۽ تنگ نظر ماڻھو هرگز نٿو ٿي سگهي. اهڙن غير جمھوري فيصلن جو ورجاءُ عوام جي دلين کي هيسائي ٿو ڇڏي ۽ ھنن کي ڀاري فوجي بوٽن جي ڌمڪ ويجهو ايندي ٿي نظر اچي.
اسلامي نظرياتي ڪائونسل اعتدال پسند ماڻھوءَ جي هٿ ۾ هئڻ گهرجي.

23 جُون 2010ع

عورتن تي ٿيندڙ تشدد ۽ قانون سازي

هٿين گل مھندي، پيرين گل مھندي
لُڏي لُڏي ٿو ليمن جي لامن منجهہ
وني ايندو وٺڻ اڄ ڍولڻو.
لاڏا تنھنجا سحرا ويٺي ڳائيان،
خوشيون پئي ملھائيان

اڃا گهرجي ديوارن ۾ اڏن، سھرن، ڇيرن جي ڇمڪار، دهلن شرنائين جي گونج ختم ئي نہ ٿي هجي، ماءُ جي هٿن مان ڌيءَ کي جي هٿن پيرن کي لڳايل مھنديءَ جو هڳاءُ ۽ واس، ھن جي هردي کي مھڪائيندو هجي. اڃا ڌيءَ جي شاديءَ تي ٿيندڙ خرچ جو حساب ڪتاب چڪتو نہ ٿيو هجي، اڃا ڏاج ۾ ملندڙ ڪجهہ شيون ڌيءَ گهران نہ کنيون هجن، اڃا واڌايون ڏيڻ لاءِ ايندڙ مٽن مائٽن جي اچ وڃ بند نہ ٿي هجي، ان گھما گهمي خوشين ڀرئي ماحول کي اونداهو ڪندڙ، ڳاڙهي جوڙي ۾ رخصت ٿيندڙ ڌيءَ جو لاش ماڻھن جي ڪلھن تي کڄي اچي يا ٽڪرن جي صورت ۾ در تي اڇلايو وڃي، يا وري ڌيءَ زنده لاش جي صورت ۾ گهر واپس اچي، تہ مائٽن جي اندر ۾ ٻرندڙ نفرت جو دوزخ مجرمن جي رت کان سواءِ ڪير بہ اجهائي ڪين سگهندو.
شاديءَ جو تصور هر ڇوڪري ۽ انھن جي مائٽن لاءِ هڪ بھتر تبديليءَ جو تصور آهي. هڪ اهڙو سماجي معاهدو جيڪو ٻن اجنبي زندگين کي هڪ ٻئي سان جوڙي ٿو ڇڏي. اهڙو ٻنڌڻ جنھن وسيلي مرد عورتن هڪٻئي جي جذبن، خواهشن ۽ عزت جا امانتدار ٿين ٿا. ڪجهہ لفظن جي بدلي، هو هڪ ٻئي جي سچائپ جا حوالا بڻجن ٿا.

گلن جيان نازڪ
خوشبوءِ ۽ ڪڪرن جيان اڻ چميل
ماڪ ڀنل
چانڊوڪيءَ جيان مھربان
نينگرين جي، پوپٽ
جھڙن سپن ۾،
جاڳندڙ انڊلٺي
خواب،
ابدي پيار ماڻڻ
جا ئي تہ هوندا آھن
اهڙو پيار
جيڪو روح ۽ وجود
لاءِ سڪون بڻجڻ
سان گڏوگڏ
زماني جي سرد و گرم
کان محفوظ رکڻ
جي سگهہ رکندو هجي.
لاڏو، بنرو، راڻل، سھڻل،

پنھل، ڍولڻ، پرين پريتم جھڙن سھڻن نالن سان سڄي لوڪ شادي ڀري پئي آهي. سڀ نالا جيون ساٿيءَ لاءِ پيار ۽ حفاظت جا خوبصورت حوالا آھن. عورت پنھنجي جسم و جان جذبن ۽ عزت جي امانتدار کان پيار ۽ حفاظت جي گهرجائو رھندي آهي. پر اسان جي سماج ۾ امانتدارن جا مٽ امين نہ رهيا آھن، جنھن هڪ سڱ جي آسري تي عورت سوَ سڱ توڙي گهران نڪري ٿي. هو سڱ هينئر ھن جو جيون سان سڱ بہ ٽوڙي ٿو ڇڏي. اسان جي سماج ۾ عورت جو قتل صرف هڪ خبر کان وڌيڪ ڪجهہ نہ آهي. هڪ ڏينھن يا ٻن ڏينھن جي خبر هوندي آهي. عورت يا تہ ڪاري هوندي آهي، يا وري خودڪشي ڪندي آهي. خودڪشي ڪرڻ جي صورت ۾ خانداني، بدناميءَ ٿيڻ جي آڙ ۾ ڪيس نہ هلايو ويندو آهي ۽ ڪاريءَ جي الزام تحت جرڳو ڪرايو ويندو آهي. ھن وقت بيگناھہ قتل ٿيندڙ عورتُن جو تہ ڪو ڪاٿو ئي نہ آهي، پر صرف جون 2010ع ۾ ئي کوڙ ڪيس پڌرا ٿيا آھن، جن ۾ شاديءَ کان پوءِ جلد ئي مڙسن، زالن کي بيدرديءَ سان قتل ڪري ڇڏيو آهي.
ڇنڇر 19 جون 2010ع تي، آفتاب جماليءَ جي 25 سالن جي زال سبحانہ جو پکي ۾ ٽنگيل لاش هٿ اچڻ جي خبر اخبارن ۾ ڇپيل هئي. اخباري اطلاعن مطابق ڪافي عرصي کان آفتاب جمالي ۽ سندس زال جي اڻبڻت هلندڙ هئي، آخرڪار زال خودڪشي ڪري ڇڏي، پاڙيوارن قتل جو شڪ ڏيکاريو.
11 جون 2010ع تي جھانبخت سومري جي زال صبا سومري جي قتل جي خبر رپورٽ ٿي آهي، ان ڪيس ۾ بہ مڙس تي قتل جو شڪ ڏيکاريو ويو هو.
28 جون 2010ع تي جان محمد وساڻ جي زال ذڪيہ جي دردناڪ قتل جي رپورٽ ٿي آهي، ان 25 سالن جي ذڪيہ لاءِ چيو وڃي ٿو تہ مڙس پاران تشدد جو شڪار ٿيندي هئي، مڙس ھن کي دوستن جي مدد سان قتل ڪري ڳڀا ڳڀا ڪري ڇڏيو هو.
آچر 27 جون 2010ع جي اخبارن ۾ گدا لغاريِ جي حرا لغاريءَ جي قتل جي رپورٽ آهي. گدا لغاري پيار جا پرڪشش خواب ڏيکاري شادي ڪئي ۽ پوءِ زال جي جسم تي گرم استريءَ سان پنھنجي ”اڻ مٽ پيار“ جا نشان چٽيندو هو ۽ آخرڪار ڏنڀ ڏيئي ڏيئي زال کي هڪ ڏينھن ساھہ گهٽي ماري ڇڏيائين.
هيءَ جيڪا عورتن لاءِ سماج ۾ شامِ غريبان ڇانيل آهي، ان ۾ نيزي نروار تہ عورت جو ئي نالو هوندو آهي ۽ يزيدي ٽولي ۾ لڪل قاتلن جا هٿ ظاهري پيار ۽ شفقت جا دستانہ پائي زماني جي نظرن کان الوپ ٿي ويندا آھن. پيءُ، ڀاءُ، مڙس کان ۽ عزت وارا رشتا، حفاظت جون علامتون، انھن تي آڱر کڻڻ ۽ انھن کي، ڪنھن عدلت جي ڪٽھڙي ۾ آڻڻ ناممڪن نہ سھي، پر مشڪل ضرور آهي. اڄ جي ڪرائم سان ڀرپور سماج ۾ عورت گهر کان ٻاهر نڪري، ڊنل، هيسيل هجڻ جي باوجود سياسي، سماجي ۽ معاشي سرگرمين ۾ حصو وٺي ٿي تہ ان ۾ عورتن جي سماجي تنظيمن جو وڏو هٿ آهي، جن 52 سيڪڙو پاڪستاني آباديءَ کي فالتو پرزي جي حيثيت مان ڪڍي ملڪي معيشت لاءِ فعال ۽ سرگرم بڻايو آهي. انھن تنظيمن جي ڪوششن سان ”سيڪشوئل هراسمنٽ بل“ منظور ٿيو، جنھن تي صدر پاڪستان صحيح ڪري ملڪ ۾ رائج ڪرڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو. سنڌ جي سطح تي وومن ايڪشن فورم ۽ سٽيزن ايڪشن ڪميٽيءَ ان بل جي باري ۾ سجاڳي ۽ ان کي مختلف انتظامي ادارن ۾ رائج ڪرائڻ لاءِ عمليءَ طرح ڪوششون ورتيون آھن. ان قانون پاس ٿيڻ سان (ڀلي ان قانون تي تنقيد ڪئي وڃي) پر اهو ضرور ٿيو آهي، تہ هي ماڻھو جيڪي اڪيليءَ عورت تي حملا ڪرڻ ۽ آفيسن ۾ ڪم ڪندڙ عورت لاءِ عرصئه حيات تنگ ڪرڻ کي پنھنجي لاءِ وندر سمجهندا هئا، تفريح طبع جو سامان هاڻ انھن لاءِ سزا جو سامان بڻجي ويو آهي، ڀل تہ ڪا سماج جي نظر ۾ ڪمزور عورت، ڪنھن مرد کي ان قانون تحت ڪا ڳري سزا نہ ڏياري سگهي پر ملڪي قانون مطابق، ان جو نالو مجرمن جي لسٽ ۾ ضرور لکرائي ڇڏيندي.
ساڳيءَ طرح سان جڏھن عورتن جي سماجي تنظيمن ”گهريلو تشدد“ جي بل تي ڪم ڪيو تہ اهو بہ هڪ اخلاقي طرز عمل هو، جنھن تحت ننڍا ننڍا گهريلو جهيڙا يا مسئلا، جيڪي وڌي وڏي قتل جھڙي سنگين جرم ۾ تبديل ٿا ٿين، حل ٿي، نٿي سگهيا.
25 سالن جي ذڪيہ جيڪا پنھنجي آبرو بچائڻ جي دعويٰ ۾ بي حرم جان محمد وساڻ هٿان ڳڀا ڳڀا ٿي مارجي وئي، ان ضرور تہ، قتل ٿيڻ کان اڳ پنھنجي بچاءَ لاءِ واجهايو هوندو، پر مارڻ وارا هٿ جيئن تہ محافظ جا هئا، ان ڪري ڌاريان هٿ ھن کي جيئدان ڏيڻ لاءِ اڳيان اچڻ جو سھاس نہ جهلي سگهيا.
ساڳيءَ طرح جنھن ويل گدا لغاري پنھنجي پياريءَ زال کي استريءَ سان ڏنڀ ڏيندو هو تہ ان اذيت مان گذرڻ ويل يقينن ھن ڪنھن در دانھن ڏيڻ لاءِ واجهايو هوندو، پر اسان وٽ عورت کي چيچلائي مارڻ ڪو قابل ذڪر جرم ڪونھي، پر ڪنھن جي ذاتي جهيڙي ۾ مداخلت ڪرڻ ڏوھہ ضرور سمجهيو ويندو آهي. ”گهريلو تشدد“ جيڪو جسماني بہ ٿئي ٿو ۽ ذھني بہ ٿئي ٿو، اهو انھن پيارن رشتن ۽ سڱن پاران ٿئي ٿو، جيڪي ڪنھن جي زندگيءَ جا سھارا ۽ سچائپ جا حوالا هوندا آھن، جن ڏانھن آڱر کڻڻ کان اڳ عورت کي يقينن باھہ جو سمنڊ پار ڪرڻو ٿو پوي، جذبن ۽ احساسن کي وجود جي جياپي لاءِ مارڻو ٿو پوي. عورتن جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ تنظيمن پاران ڪيل ڪوششن تحت جڏھن “گهريلو تشدد جو بل” قومي اسيمبليءَ مان پاس ٿي ويو تہ وري، اسان جي سينيٽ ۾ ويٺل ڪجهہ انتھاپسند سوچ رکندڙ، جي يو آءِ سان تعلق رکندڙ ميمبرن جي اعتراضن جي سببان اهو بل منظور نہ ٿي سگهيو، هيءُ بل تہ ساھہ گهٽي، چيچلائي، چيڀائي مارجندڙ، بي ڏوھہ قتل ٿيندڙ عورتن جي آخري پناھہ گاھہ هو، جنھن کي ”گهريلو تقدس“ کي ختم ڪندڙ ۽ نقصان پھچائيندڙ جو نالو ڏيئي رد ڪيو ويو. هر قانون شھرين جي حقن جي حفاظت لاءِ ئي ٺھندو آهي. سواءِ مجرمن جي ٻيو ڪوبہ قانون کان ناهي ڊڄندو. اهي مجرم ئي هوندا آھن، جيڪي پنھنجي بچاءَ لاءِ قانون کي ڪمزور ثابت ڪرڻ لاءِ سياسي هٿ ڪنڊا استعمال ڪند آھن ۽ سياسي پناهون ڳوليندا آھن ۽ انھن کي بچائڻ وارا، سماج ۽ ضمير ٻنھي جا مجرم هوندا آھن. جان محمد وساڻ بہ معصوم زال کي بيدرديءَ سان قتل ڪرڻ کان پوءِ ڪجهہ وزيرن ۽ بااثر ماڻھن جي، سياسي اثرن جي پناھن ۾ اچي بي ڏوھہ ڪٺل زال جي عيوض، ڪجهہ نقد رقم ڏيئي پنھنجي حياتي بچائڻ جي ڪوشش ۾ مصروف آهي.
زندگي تہ هر ڪنھن کي مٺي آهي، پنھنجي زندگي بچائڻ جو حق تہ هر ذي روح کي حاصل آهي، پر صرف عورت کي نہ زندگي گذارڻ جو ڪو اختيار آهي، نہ زندگيءَ بچائڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻ جو حق ڏنو ٿو وڃي، پر جنھن وقت گهريلو تشدد ۾ سڙي ڀسم ٿيندڙ نارين جون خواهشون، اڻ پوريون تمنائون، گهرن اندر گهٽجي گهٽجي هڪ لاوي جيان ڦاٽنديون آھن ۽ بي موت ڪٺل نارين جو رت ريلا ڏيئي گهرن مان وهي ٻاهر نڪرندو آهي تہ اهو سماج جي ٺيڪيدار کان گهريلو تقدس جي باري ۾ سوال ضرور پڇندو تہ ڇا تقدس صرف ظلم سھڻ آهي؟ مقدس رشتن جي حفاظت جي بجاءِ انھن کي پئمال ڪرڻ گهرجي، اهو تقدس آهي؟ گهر ۽ رشتن جي تقدس ۽ احترام کي ذڪيہ وساڻ ضرور ڳوليو هوندو، جنھن ويل سندس جيون ساٿيءَ چئن دوستن سان گڏجي، جنسي ڏاڍائيءَ بعد کيس، ڪاساين وارن اوزارن سان ذبح ڪيو. سندس دردناڪ دانھن کي ڊيڪ جي تيز آواز ۾ دٻايو ويو. پنجن پٽن جي ماءُ ذڪيہ جنھن جو چئن مھينن جو پٽ ٿڃ پياڪ هو، ان وقت جي سھڻيءَ کي زماني جي مانگر مڇن اڳيان اڇلائيندي، سندس جيون ساٿيءَ کي ذرو بہ ڪھل نہ آيو. انھن مانگر مڇن ھن جي عضوي عضوي کي جسم کان ڌار ڪيو، پير، هٿ، ڪرايون، ڇاتيون، سسي ڌڙ کان ڌار ڪيائون. اهو دردناڪ قتل يقينن تہ انھن ڪاساين لاءِ پھرين نہ هوندو، انھن جي هٿن مان گهڻن بي گناھن جو رت ٽمندو هوندو. انساني آواز تيز ميوزڪ جي آواز ۾ دٻجي ويو هوندو، پر گهر ۾ وھندڙ رت ضرور تہ گهر جي ٻين ڀاتين کي قتل جي خبر ڏني هوندي، پر لڳي ٿو تہ ان گهر جي واسين لاءِ بہ اهو پھريون قتل نہ هو، ان لاءِ سڀ خاموش تماشائي هئا. رات جو ٻئين وڳي، قاتلن جي ٽولي فائرنگ ڪري فتح جو اعلان ڪيو. ذڪيہ جي مائٽن کي ڌيءَ جي قتل جو اطلاع ڏنو ويو. ذڪيہ جي شادي ٿيڻ شرط ئي مائٽن لاءِ آزمائش ۽ پيڙائن جا ڏينھن تہ شروع ٿي ويا هئا، معصوم ذڪيہ کي جڏھن تشدد ڪري ڪڌي ڪم لاءِ مجبور ڪيو ويندو هو تہ هوءَ پناھہ وٺڻ لاءِ مائٽن ۾ هلي ايندي هئي ۽ هو ھن کي پرچائي واپس وٺي ويندا هئا. گهر وارو ھن کي قتل جون ڌمڪيون ڏيندو هو، ڌيءَ جي برباد زندگي مائٽن کي جيئري ئي ماري ٿي ڇڏي، پر اهو پيءُ گهڻا دفعا موت جي اذيت کي ڇُھي واپس ٿيو هوندو، جيڪو جوان اولاد جو، ڇيھون ڇيھون ٿيل بدن کڻي گهر ۾ آيو هوندو.
سدائين جيان ڪمزور ۽ مظلوم جي آواز کي دٻائڻ لاءِ ڏاڍ ۽ جبر جون ڪوششون تيز ٿي ويون، ڪيس کي لئہ مٽي ڪرڻ لاءِ پئسو ۽ طاقت ٻنھي جو استعمال شروع ٿي ويو. پوسٽ مارٽم کي روڪيو ويو. جيتوڻيڪ، قاتل پوليس وٽ آهي، پر اهو پوليس جي قيد ۾ نہ پر، پوليس جي شفقت جي زير سايہ آرام پيو ڪري. ٻيا قاتل اڄ آزاد گهمي انسانيت جي موت تي، فتح جو جشن ملھائي رهيا آھن. اهي اهڙا قاتل آھن، جن جا دامن گهڻن بي گناھہ انسانن جي رت سان رڱيل آھن. ذڪيہ جي مائٽن کي شايد خبر آهي تہ سندن ڌيءَ جو خون رائيگان ويندو. سندن آواز ڪنھن عدالت تائين پھچڻ نہ ڏنو ويندو، هو غريب اڪيلا ئي شامِ غريبان جي ماتم ۾ مصروف هوندا، ڇو تہ اسان جا انتطامي ادارا ۽ عدالتون آزاد نہ آھن، اهي ڪنھن نہ ڪنھن مجبوريءَ ۾ وڪوڙيل آھن. جن جو ڪم صرف شايد خاموش تماشو ڏسڻ وڃي بچيو آهي. پر آخرڪار انھن قاتلن کي سزا ڏجي بہ تہ ڪھڙي؟ هڪ دفعي جو موت، ڦاسي، عمر قيد تہ انھن لاءِ ناڪافي آهي، اهڙا هاڃا ٻڌي دل مان صرف انڪار جي صدائي بلند ٿئي.

06 جُولاءِ 2010ع

عورتن جي آزاديءَ لاءِ اظھار راءِ جي آزادي

خيال ۽ فڪر جي قوت کان سواءِ ٻي ڪابہ شيءِ بھتر تبديلي نٿي آڻي سگهي، اها تبديلي جيڪا آزادي ماڻڻ جي جاکوڙ ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪندي آهي.
قومن جون تقديرون ڪنھن هڪ ماڻھوءَ جي ئي ذھني سجاڳيءَ ڪارڻ مٽجنديون آھن، جاکوڙ، ڀلي قومن جي آزاديءَ لاءِ هجي، ملڪن جي آزاديءَ لاءِ هجي يا فردن جي حقن جي حاصلات لاءِ هجي، اهو لفظ ڪشش بہ رکي ٿو ۽ وسيع معنيٰ بہ رکي ٿو. انساني حقن جي عالمي پڌرنامي ۾ تہ فردن جي آزاديءَ لاءِ اهو لکيل آهي تہ: هر فرد کي پنھنجي آزادي، جان ۽ ذاتي تحفظ جو حق آهي، هر فرد کي پنھنجي خيال ۽ راءِ جي اظھار جو حق آهي. اظھار راءِ جي قوت پنھنجي حقن جي حاصلات جو پھريون ڏاڪو آهي، جيڪو شعور جي سجاڳيءَ کي ظاهر ڪري ٿو ۽ سياسي ۽ سماجي مسئلن جي حل جو سبب بڻجندو آهي. جڏھن مسئلن جو ذڪر ٿئي ٿو تہ سنڌ جي مسئلن ڏانھن ذھن منتقل ٿي ٿو وڃي. سنڌ جي مسئلي کي هڪ واقعي سان بھتر طرح واضح ڪري سگهجي ٿو تہ، جڏھن سنگ تراش جي پٽ سقراط پنھنجي پيءُ کان پڇيو تہ، ”توهان کي اهو اندازو ڪيئن ٿيندو آهي تہ تيشي کي ڪٿي رکي ڪيترو زورائتو ڌڪ ھنيو وڃي؟“
سنگ تراش جواب ڏنو تہ، ”شينھن ٺاهڻ لاءِ پٿر ۾ شينھن ڏسڻو پوندو آهي، ائين سمجهہ تہ پٿر ۾ شينھن قيد آهي، جيترو چڱيءَ طرح تون شينھن کي ڏسي سگهندين اوتري يقين سان توکي خبر پوندي تہ تيشي ڪيئن استعمال ڪئي وڃي ۽ ڪٿي ڪيترو ڌڪ ھنيو وڃي. “
سنڌ جي حقن جي حاصلات جا دفتر خالي ان ڪري ئي نظر ٿا اچن جو تيشي، ڪنھن ماهر سنگ تراش جي هٿ ۾ نہ آهي، ڳالھہ طاقت جي نہ آهي، ڇو تہ طاقت جي هڪ ئي وار سان پٿر ڀور ڀور ٿي سگهي ٿو. ڳالھہ آهي مناسب ۽ سڌائتي ڌڪ جي جنھن ۾ ترتيب بہ هجي.
جيترو عوام اڄ روڊن رستن تي نظر ٿو اچي اهو گذريل ٻن ٽن ڏهاڪن ۾ نظر نہ آيو. سنڌ جي عوام ۾ مسئلن جي باري ۾ ذھني سجاڳي آهي. پر اها هڪ نظر جيڪا پٿر ۾ شينھن پسي ۽ پٿر ۾ نقش چٽي ان جي ڪمي ٿي محسوس ٿئي. مسئلو پاڻيءَ جي ورهاست جو هجي، بجيٽ جو هجي، انتظامي ادارن جي انتظامي بي ترتيبي هجي، تعليم جو مسئلو هجي يا صحت جو مسئلو هجي. ٻيون بہ کوڙ ساريون شيون آھن، جن جي باري ۾ سنڌي عوام روز آواز بلند ڪري ٿو، پر مناسب موٽ نہ ٿي ملي. سجاڳ ۽ باشعور قوم، جيڪا قدرتي خزانن سان مالامال آهي، اها اڄ غربت جي لڪير کان بہ هيٺ زندگي گذاري رهي آهي، صرف ۽ صرف ان ڪري تہ ان عوام جي ڪُن ۾ ڦاسجندڙ ٻيڙي کي ڪڍڻ وارو ڪو ناکئو نہ آهي، ھن جو آواز ٻڌي، سمجهڻ وارو ڪو سڄاڻ ذھن موجود نہ آهي. مثبت ۽ لاڀائتي تبديلي تڏھن ايندي آهي. جڏھن رياست ۽ عوام ۾ سهڪار هجي.
ڪڏھن ڪڏھن ائين بہ محسوس ٿيندو آهي تہ ڪجهہ معاملن ۾ جڏھن رياست مناسب قدم کڻندي آهي تہ وري عواميءَ سطح تي مناسب موٽ نہ ملندي آهي، مون جيڪا شروعات ۾ ڳالھہ ڪئي پئي، حقن جي حاصلات ۽ اظھار راءِ جي آزادي جي. سوال اهو ٿو اٿي سدائين عورت جي آزاديءَ اظھار تي آڱر گهڻي کڄندي آهي ۽ عورت جي حقن جي حاصلات لاءِ ٿيندڙ جاکوڙ کي مڃتا نہ ڏني ويندي آهي ۽ عورت جي آزادي ۽ خودمختياري جي وصف بيان ڪرڻ کي مشڪل سمجهيو ويندو آهي ۽ اڄ ڪلھہ جي پڙهيل لکيل عورت جي پاڻ ڀرو هجڻ کي بہ منفي رنگ ڏنو ويندو آهي. پر ان ڳالھہ کي عطيه دائود تمام مختصر لفظن ۾ واقع ڪندي نظر ٿي اچي.
”منھنجو هٿ پڪڙي مون کي اتي وٺي وڃجان جتي مان پنھنجي مرضيءَ سان زندگي ڀريل ساھہ کڻان تو جھڙو هڪ آزاد ٽھڪ ڏيان. “
اها جاءِ سنڌي سماج ۾ ڪٿي بہ نظر ٿي اچي، جتي عورت هڪ آزاد ٽھڪ ڏي ۽ اعتراض جي پڙن سان لھو لھان نہ ٿئي. اسان جي سماج ۾ پنھنجي راءِ ۽ مرضيءَ جي اظھار کي ڪيتري قدر ننديو ٿو وڃي، ان جو مثال حفيظان ڀٽو جو واقعو آهي، ان هانوَ ڏاريندڙ واقعي سڄي سنڌ جي ماڻھن کي حفيظان ڀٽو ڏانھن متوجھہ ڪري ڇڏيو. ميڊيا تي ھن جا بيان ۽ فوٽو دل ڏاريندڙ هئا، ھن کي پاڻ سان ٿيندڙ ظالماڻي رويي جو تمام گهڻو ڏک هو. پر چند ڏينھن اندر ھن جي حق لاءِ بلند ٿيندڙ آواز کي گلي ۾ گهٽي بند ڪيو ويو. جنھن عدالت ۾ رڙيون ڪري ڀاءُ ۽ مڙس جي تذليل آميز رويي جي شڪايت ڪئي، گهر پھچڻ شرط بيان مٽائي انھن ڏوهين کي معاف ڪري ڇڏيائين، جيترو تشدد ۽ تذليل حفيظان ماڻھن آڏو برداشت ڪئي هئي، يقينن تہ گهر ۾ اندر ٿيندڙ تشدد ان کان گهڻو ۽ ناقابل برداشت هوندو، جنھن جي ردعمل ۾ هو چپ ڪري ويھي رهي. سماج ۾ ٿيندڙ تشدد جي واقعن جو پس منظر گهڻو ڪري اظھار راءِ جي آزادي جو نہ هئڻ آهي. ڪاروڪاري، گهران ڀڄڻ، قتل، جرڳا، فيصلا، عورتن تي تشدد، تيزاب هارڻ، کوڙ سارا جرم آھن، جن جي پسمنظر ۾ پسند جي شادي نہ هئڻ ٿو نظر اچي. جيڪڏھن عورت ۽ مرد جي ان حق کي سماج ۾ مڃتا ڏني وڃي تہ اڌ کان وڌيڪ تشدد جا واقعا بند ٿي ويندا.
هر انسان جي سوچ فڪر زندگيءَ کي سمجهڻ جو طريقہ ڪار Point of view، مختلف ٿيندو آهي. سوچ کي ٻئي تي مڙهڻ تمام مشڪل عمل آهي، پر فرد هڪٻئي کي قتل ڪري سگهن ٿا. هڪ ٻئي جي سوچ مان اثر وٺي سگهن ٿا. عورت کي خاندان سان ايتري قدر سلھاڙي رکيو ويو آهي، جو هوءَ پنھنجي راءِ خاندان جي فردن کان الڳ نٿي رکي سگهي، ايتري قدر جو جيڪڏھن ھن کي ووٽ ڏيڻ جي ”اجازت“ بہ ملندي آهي تہ اها خاندان جي مرضيءَ سان مشروط هوندي آهي. سوچ جي آزاديءَ کي هر سطح تي مڃتا جي ضرورت آهي، اڄ جي دور ۾ صرف مرد ۽ عورتون پراين ننڍڙي ٻار جي راءِ کي بہ نظرانداز نٿا ڪري سگهون، ٻار بہ پنھنجيءَ راءِ جو اظھار ڪن ٿا.
سوچ جي آزادي، شعور جا در کولي، نوان گس ۽ پيچرا ٿي ڏيکاري، جيڪي قومن کي اوج تي رسائڻ ۾ مددگار ثابت ٿين ٿا. پنھنجي سوچ ۽ سچ جي اظھار جي همت تمام گهٽ ماڻھن ۾ هوندي آهي، جيڪي ڪوڙ جي اکين ۾ اکيون وجهي پنھنجيءَ سوچ سان، محسوس ٿيندڙ سچ کي زماني اڳيان بيان ڪن، سورهين صدي ۾ جڏھن جينيوا رياست ۾ مذهبي ڪٽر پڻو پنھنجي اوج تي هو، جھانڪال ون جي حڪم تي معصوم شھرين کي حيواني سزائون ڏنيون وينديون هيون، ماڻھن جون سسيون لاهڻ، زنده جلائڻ، عضوا ٽڪر ٽڪر ڪرڻ، زبان لوهي سيخن سان ساڙڻ اهي سزائون معمولي معمولي ڳالھين تي ڏنيون وينديون هيون. ڪنھن کي ديول ۾ واعظ دوران ننڊ اچي وڃي، ڪنھن دل وندرائڻ لاءِ ڪو گيت جهونگاريو، ڪنھن راند ڪئي، ڪنھن ماني سٺي کاڌي، ڪنھن ڪال ون جي سخت قانونن خلاف ڳالھايو، انھن کي سخت اذيتناڪ سزائون ملنديون هيون. ايتريقدر جو انھن اذيتن کان بچڻ لاءِ جيل جا قيدي آپ گهات ڪري ڇڏيندا هئا. ان دور ۾ هڪ آواز بلند ٿيو، جنھن اهو چئي للڪاريو تہ ”فڪر جي آزادي انسان جي مقدس نعمت آهي.“ اهوڪيائين تہ، پنھنجي سوچ ۽ فڪر جو اظھار ڪرڻ هر انسان جو حق آهي.
اسٽيفن زويگ هڪ جاءِ تي لکي ٿو تہ: ”روحاني آزادي ڪڏھن بہ آمريت جي پاڇي ۾ سُک سھي نہ سگهندي ۽ نہ جي سگهندي آهي ۽ نہ وري ڪا آمريت ئي پنھنجي دائري ۾ ڪنھن هڪڙي آزاد روح جي موجود هوندي بہ ڪو بي اونائي ۽ خوداعتماديءَ جو ساھہ کڻي ٿي سگهي. “
دور ڪيترو بہ ظالمانہ هجي پر سچ جي لاءِ ڪا ٿورڙي وٿي ڇڏيل هجي ٿي، اها رياست جي ذميواري هجي ٿي تہ راءِ جو اظھار ڪندڙ آدرشي عوام جي تحفظ جو جوڳو بندوبست ڪري ۽ ان کي مناسب مڃتا ڏئي. عوامي راءِ اهڙي سگهہ آهي، جيڪا حڪومت ٺاهي بہ ٿي ۽ ڊاهي بہ ٿي. اها عوامي راءِ هجي ٿي، جيڪا رياست کي قانون ٺاهڻ ۾ بہ مدد ڏئي ٿي ۽ حڪومتي انتظام هلائڻ لاءِ بہ راھہ هموار ڪري ٿي. ڪجهہ منفي روين لاءِ ڏڪار جا جذبا هوندا آھن، جيڪي اڳيان هلي قانون جي شڪل اختيار ڪندا آھن. مرد عورت ٻار، پوڙها سڀ فرد آھن، انھن جي راءِ جي اظھار جو تحفظ، رياست جي مضبوطيءَ جو سبب بڻجي سگهي ٿو. باشعور، ذھني سجاڳي رکندڙ فرد رياست جي طاقت آھن، انھن جي آوازن کي گهٽڻ، بند ڪرڻ، انھن کي هيسائڻ يا انھن جي احتجاجن کي نظرانداز ڪرڻ رياست کي ڪمزور ڪندڙ فعل آهي. ھن وقت سنڌ جو عوام جن بہ اشوز تي سراپا احتجاج بڻيل آهي، اهي سنڌ ۽ سنڌي عوام جي بقا جو سوال بڻيل آھن. سنڌي عوام جو شعور ان ڳالھہ جي تقاضا ٿو ڪري تہ ان ماهر سنگ تراش کي پنھنجي وچ مان ڳولھي سامھون اُٿجي، جيڪو طاقت جي استعمال سان پٿر کي ڀور ڀور نہ ڪري پر، ترتيب ۽ ھنر سان پٿر مان نقش چٽي، واضح ڪري. سنڌي عوام کي اهو اڻ وڪاڻل ۽ بي خوف ذھن تلاش ڪرڻو پوندو، جنھن ۾ عوامي راءِ ٻڌڻ جي بہ سگهہ هجي. ان کي مڃتا ڏيڻ جي همت بہ هجي. بي خوف قيادت هوندي تہ عوام پراعتماد هوندو ۽ عوام جو اعتماد ان ۾ مسئلن جي پروڙڻ جي صلاحيت پيدا ڪندو ۽ ا آواز، هڪ غريب ماستر، سيباستيان ڪاسٽيلو جو هو، جيڪو پنھنجي ٻارن جي پرورش لاءِ مزدوري بہ ڪندو هو ۽ ڪتابن جا ترجما بہ ڪندو هو. ان ظالم کي للڪاريو ۽ واضح
ها صلاحيت رياست جي مضبوطيءَ جو باعث بڻجندي.

26 جُولاءِ 2010ع

سماجي ۽ سياسي اذيت گاھہ

موت جي موسم سنڌ لاءِ ڪا نئين تہ نہ آهي، روزانہ ڪجهہ ڏوهي، ڪجهہ بي ڏوهي لاش کڄندا رھندا آھن. جڏھن بم ڌماڪن، روڊ حادثن، هوائي حادثي ۽ ٻوڏ وگهي مارجي ويل ۽ بي گهر ٿيل لکين ماڻھن جي ڏک ۾ هر دل غمگين هجي، هر اک اشڪبار ۽ هر هٿ ماتم ڪنان هجي؛ ان ماتما جي شور ۾ هڪ خبر تہ ”رمضان ۾ اٽو 20 رپيا ڪلو ملندو، “ کي ڇا چئجي؟ هڪ دلنشين نعرو؟ يا ساڀيان حاصل نہ ڪندڙ خواب. . . ! جيڪو اهو ماڻھو ڏسندو آهي جنھن جي رات فٽ پاٿ تي گذري ۽ ڏينھن جي نٽهڻ اُس ۾ هو گاڏين جي پاڇي ۾ ڪنھن ديوار جي ڀرسان، ڪنھن وڻ جي ڇانوَ ۾ وقت ٿو گذاري. اسان جو اِهو عوام جنھن لاءِ ٻہ ويلا ماني کائڻ بہ وڏي عياشيءَ ۾ شامل آهي، ان وٽ جڏھن 7، 8 رپيا کيسي ۾ هوندا تہ هو يقينن اخبار ڪونہ وٺندو، ماني وٺي کائيندو. ان ڪري اهو انگ اگهاڙو ۽ پيٽ بکيو انسان تہ ان تاريخي خبر کان بي خبر ٿي رهيو هوندو، پر خوشي تہ انھن ماڻھن کي بہ ڪا خاص نہ ٿي هوندي جن گذريل سالن ۾ يوٽيلٽي اسٽورن جا ڌڪا کائي اٽو ۽ کنڊ حاصل ڪرڻ لاءِ قطارن ۾ بيھي پنھنجي صبر کي آزمايو هوندو.
قدرتي آفتن تي تہ ڪو بہ وس نٿو هلي. ازل کان انسان قدرتي آفتن کان ڊنل رهيو آهي ۽ انسان جي ترقيءَ جو راز بہ ان ڊپ ۾ لڪل آهي. هوا، پاڻي ۽ باھہ تي ڪنھن جو بہ وس نٿو هلي. اهي زندگيءَ جا بنيادي جزا، حياتي بخشيندڙ بہ آھن تہ ڦريندڙ بہ آھن. انسان ارتقا جي عمل مان گذري، جڏھن خوف تي قابو پائڻ ۽ نقصان ڏيندڙ شيءِ مان فائدو حاصل ڪرڻ سکيو تڏھن تھذيب يافتہ ڪوٺائڻ جو حقدار بڻيو. ھن وقت جڏھن ملڪ بيروني خطرن ۽ حڪومتي انتشار ۽ قدرتي آفتن جي وچ ۾ پيڙهجي رهيو آهي تہ عوام اهو سوچڻ ۽ سمجهڻ کان قاصر آهي تہ دانھن ڪنھن کي ڏجي؟ هڪ تہ محڪمه موسميات جون مھربانيون آھن، جيڪو وقت تي تبديل ٿيندڙ موسم جي نامھربانين کان، وقت تي آگاھہ ڪري ٿو ڇڏي ۽ عوام جي اکين ۾ اکيون وجهي بيھڻ لاءِ پاڻ کي تيار ڪري ٿو وٺي. اسان جو عوام باشعور آهي پر ھن ووٽ جي ذريعي پنھنجي تحفظ کي گروي رکي ڇڏيو آهي. جڏھن بہ عملي ڪم ڪرڻ جو وقت ايندو آهي تہ اسان جي حڪومت ڪمزور ٿي ويندي آهي. گڊ گورننس جا مسئلا تہ ختم ٿيڻ جا آھن ئي ڪونہ پر اها ڳالھہ سمجهہ ۾ نہ ٿي اچي تہ هر اهو عمل مشڪل ۽ ناممڪن ڇو هوندو آهي، جنھن سان عوام کي رليف ملڻ جي اميد هوندي آهي ۽ عوام کي پريشاني ۽ تڪليف ۾ مبتلا ڪندڙ عمل آسان ڇو بڻجي ويندو آهي. جڏھن بہ انتظاميا ڪو فيصلو ڪندي آهي تہ ان جي لاڳو ڪرڻ کان پھرين، ان جي منفي ۽ مثبت ٻنھي پھلوئن جو جائزو وٺندي آهي. جڏھن تہ عوام کي بجليءَ جي بحران مان ڪڍڻ لاءِ دڪان اٺين وڳي بند ڪرڻ وارو حڪومتي فيصلو عوام تي لاڳو ٿيو تہ تاجر برادريءَ جي بيچيني ڪنھن کان بہ ڳجهي ڪونہ رهي. بجلي بچائڻ وارو اهو طريقو ڪارگر ثابت ٿيو يا نہ اهو تہ واپڊا جا انگ اکر ڏسڻ وارا بھتر ٻڌائي سگهندا يا وري اسان جو بجليءَ جو محڪمو ٻڌائي سگهندو. يقينن تہ محڪمي، حڪومتي تعاون سان جيڪا بجلي بچائي هوندي، ان جي رپورٽ ضرور تيار ڪئي هوندائين، اها الڳ ڳالھہ آهي تہ گرمي وگهي مرندڙ، سڙندڙ پچندڙ، روڊن، رستن تي راتيون گذاريندڙ عوام کي ان ڪاميابيءَ ۾ شريڪ ٿيڻ جي لائق نہ سمجهيو ويو هوندو. پر ان فيصلي جا جيڪي منفي اثر عوام تي ٿيا آھن ان جي شاهدي سنڌ جو عوام ضرور ڏيندو. خاص طور تي حيدرآباد شھر جو عوام ان ڳالھہ جو ساکي هوندو تہ شھر جا رستا، روڊ شام جو ستين بجي کان افراتفري جو شڪار هوندا آھن. هر ماڻھو پريشان ۽ ڊوڙندو ڀڄندو رھندو آهي. ٽريفڪ جام، روڊ بلاڪ، حادثا تہ روز جو معمول بڻجي ويا آھن. هر ماڻھو اهو سوچيندو آهي تہ ڪنھن بہ ڪم سانگي شھر ۾ نہ نڪرجي تہ سٺو ٿيندو. هڪ تہ دڪان بند ٿيڻ جي اون هوندي آهي تہ ٻيو وري ٽريفڪ جام جي مصيبت. انتظاميا جا اهلڪار، انھن علائقن ۾ دڪان بند ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندا آھن، جيڪي عام ماڻھوءَ جي دسترس ۾ هوندا آھن، جنھن ويل سڄي شھر جي لائيٽ بند ڪئي ويندي آهي تہ متاثر اهي علائقا نہ ٿيندا آھن، جتي consumer گاڏين ۾ اچڻ ۽ investment ڪندڙ جنريٽر هلائي پنھنجن دڪانن کي روشن رکي ٿا ويھن.
متاثر اهي ٿا ٿين، جن جا ڏينھن، پنھنجن ريڙھن، گاڏين تي ڀاڄيون فروٽ ۽ ٻيا ننڍا ننڍا سامان وڪڻندي ۽ راتيون گهڻو ڪري انھن ئي ريڙھن جي هيٺان گذرن ٿيون، جيڪو ڏهاڙي ڪمائي ٿو. جيڪو سائيڪل هلائي ٿو، موٽر سائيڪل هلائي ٿو، آٽو رڪشا ۾ سفر ڪري ٿو، پيادل ٿو هلي. اڪثريت سان جن جي گهرن ۾ بجليءَ جي سھولت ڪونہ بہ هوندي آهي، شام ٿيندي ئي ڄڻ تہ زندگيءَ جي هر بنيادي ضروري شين تائين انھن جي رسائي ناممڪن بڻجي ٿي وڃي. اسان جا انتظامي ادارا ان معاملي ۾ ڪامياب ٿي ٿا وڃن. فيصلا غريب، پيڙهجندڙ عوام تي لاڳو ڪرڻ تمام سولو آهي. اتي حڪومتي ادارا بااختيار هوندا آھن پر جنھن ويل اهو عوام پنھنجي حقن لاءِ آواز اٿاريندو آهي تہ حڪومت بي وس ۽ بي اختيار بڻجي ويندي آهي. جيئن ھن وقت ڊرون حملن وگهي مرندڙ بي گهر ٿيندڙ عوام امن لاءِ واجهائي ٿو ۽ پُراميد نظرن سان حڪومت ڏانھن نھاري ٿو پر ڪنھن جادوئي ڇڙيءَ جي زيرِ اثر پنڊ پھڻ ٿيل حڪمرانن کي نہ ٽُڪرن ۽ ڳڀن ۾ تبديل ٿيندڙ انسان ٿا نظر اچن ۽ نہ وري فوج جا اهي بيان ٿا نظر اچن جيڪي چون ٿا تہ اسان وٽ ڊرون حملا روڪڻ جي صلاحيت آهي. دنيا محوِ حيرت آهي ۽ باشعور عوام بہ حيرتن جي سمنڊ ۾ نہ ٻڏڻ جي قابل رهيو آهي نہ ترڻ جي قابل رهيو آهي. اها سليماني ٽوپي پاتل قوت ڀل نہ نظر اچي پر محسوس هرڪو ڪري سگهي ٿو. آزادي ۽ اختيار هڪ ٻئي سان لاڳاپيل هجڻ جي باوجود مختلف معنائون رکن ٿيون. ڪڏھن ڪڏھن اختيار هوندي بہ ڪجهہ ڪرڻ جي آزادي نہ هوندي آهي ۽ ڪڏھن ڪڏھن آزاديءَ جي موجودگيءَ ۾ بہ اختيار تي اختيار نہ هوندو آهي. هڪ پراڻي روايت آهي تہ هڪ ملڪ (شايد يونان) علم جي انتھا کي پھتل هو، هڪ ڏينھن هڪ مسافر اُتي آيو ۽ هڪ عام شھريءَ کي چيائين تہ “مون کي هڪ شخص جي تلاش آهي، مون کي پنھنجي علم جي وسيلي ڳولھي ڏي. ” ان شخص چيس تہ “ضرور” ان شخص نالو پڇيو، مسافر جواب ڏنو تہ ”حضرت ميڪائيل فرشتو ھن وقت ڪٿي آهي؟“ ان شخص زمين تي ڪجهہ ليڪا ڪڍيا، ڪجهہ حساب ڪتاب کان پوءِ چيائين تہ: ”فرشتو ميڪائيل نہ آسمان ۾ آهي نہ زمين جي اندر آهي يا آئون آهيان يا تون آهين. “ اهو ٻڌڻ کان پوءِ فرشتي ميڪائيل پنھنجي پرن تي ان ملڪ کي کڻي اونڌو ڪري برباد ڪري ڇڏيو.
روايت جي سچ، ڪوڙ کي هڪ طرف ڪري صرف مثال طور ئي کڻي سمجهجي تہ، طاقت کي پنھنجي برابري ۾ اڀرندڙ طاقت خوفزده ڪندڙ هجي ٿي ۽ هوءَ طاقت کي زير ڪرڻ لاءِ هر حربو هلائڻ لاءِ مجبور هجي ٿي. هڪ مضبوط طاقت اڳيان اڀرندڙ طاقت کي، طاقت جي استعمال ۽ اظھار لاءِ صحيح وقت جو انتظار ڪرڻو پوندو آهي، نہ تہ ڪاميابي جي بجاءِ برباديءَ کي منھن ڏيڻو پوندو آهي. شايد ان ئي ڳالھہ جي ڊپ وچان اسين پنھنجي صلاحيت ۽ شعور کي لڪائڻ ٿا چاهيون، شايد حڪمرانن ۾ اعتماد جي ڪمي ۽ بقا جي خوف انھن کي پاڻ لڪائڻ لاءِ مجبور ڪري ڇڏيو آهي. شايد حيرت ٿي جنھن مھل سول ايوي ايشن پاران، ايئر بليوءَ جي مارگلا پھاڙين سان ٽڪرائجي تباھہ ٿيل جهاز جي بليڪ باڪس ملي وڃڻ جي اعلان سان گڏوگڏ اهو بہ چيو ويو تہ ان کي ڊي ڪوڊ ڪرڻ لاءِ ٻاهرين ملڪن ڏانھن موڪليو ويندو. ڪيئن يقين ڪجي تہ اسان ۾ اها صلاحيت ۽ ذهانت نہ آهي. يا ان ڳالھہ جو يقين ڪجي تہ اعتماد ۽ اعتبار جي ڪمي آهي. جنھن وقت ڀُٽو ائٽم بم ٺاهڻ جو اعلان ڪري عوام کا حمايت گهري هئي تہ لکين ماڻھن پنھنجي survival جي جنگ وڙھندڙ ڀٽو جي آواز سان آواز ملائي، گاھہ کائي بہ ائٽمي توانائي حاصل ڪرڻ جي عزم جو اظھار ڪيو هو. اهو ان لاءِ هو تہ ڀلي پيٽ بکيو هجي پر دنيا جي سمنڊ ۾ مانگر مڇن سان مقابلي لاءِ بچاءَ جي ڍال موجود هجي، فخر ۽ عزت جي ٻيڙي ۾ سوار هجون، ڪنھن بہ قيمت تي آزادي ۽ عزتِ نفس جو سودو نہ ڪريون. ‘ڀلي بُک ڀرم جي، شال مَ وڃي شان’ جي مقولي تي يقين رکندڙ قوم کي اڄ جا حڪمران ڪيڏانھن وٺي وڃي رهيا آھن. گذريل سالن ۾ اٽي جي بحران سان ماڻھن کي جيڪا روحاني تڪليف پھتي زخمن جو ازالو عوام پاڻ پنھنجي محنت سان ڪيو، جنھن جي نتيجي ۾ ھن سال ڪڻڪ جو فصل سنڌ ۾ سٺو ٿيو آهي law of demand and supply اسان کي ٻڌائي ٿو تہ ڪنھن شيءِ جي رسد جي گهڻائي، طلب ۽ قيمت ۾ ڪمي جو باعث بڻجندي آهي.
ان عوامي ڪريڊٽ کي حڪومت ڏاڍي مزي سان پنھنجي کاتي لکرائي ”اٽو 20 رپيا ڪلو ملندو“ جي خوشخبري عوام کي ٻڌائي ٿي ۽ ٻين عملن جي معاملن ۾ مڪمل طور تي خاموشيءَ جي فضا ٿي نظر اچي. ٻہ رستا اڳيان آھن پر، ميتن جا ٻوجهہ ڪلھن تان لاهيون،

تہ سوچيون!
ڪجهہ پيارن جي وڇڙڻ جو غم ملھايون،
تہ سوچيون!
خاڪ ۽ خون جو صحرا اُڪاريون،
تہ سوچيون!
ڪجهہ اگهاڙا انگ ڍڪايون
تہ سوچيون!
ڪجهہ پيٽ بکيا پاريون،
تہ سوچيون!
ڪجهہ عزتون بچايون،
تہ سوچيون!
ڪجهہ خواب ستل جاڳايون،
تہ سوچيون!
ڪجهہ شعلا جاڳرتا جا ڀڙڪايون
تہ سوچيون!
ڇا سدائين لاءِ ڪا شيءِ گڏائي
ڊگهي مٺي بي خبر
ننڊ سمھون؟
يا وجود جي بقا لاءِ
شعور جي زندگي لاءِ
عزتِ نفس جي حاصلات لاءِ
ڊگهي هارائجي ويندڙ جنگ وڙهون؟

عوامي جدوجھد ۽ حاصلات جي ڇت جي هيٺان ڀلي حڪومتون سک جو ساھہ کڻن، بين الاقوامي سطح تي ڳاٽ اوچو ڪري ساراھہ سميٽين پر هڪ نظر، انھن پيڙهجندڙ زندگين ڏانھن وجهڻ بہ انھن جو حق آهي جن جون زندگيون ۽ عزتون، خواهشون وٽ جي بدلي ۾ گروي رکيل آھن.

10 آگسٽ 2010ع

ٻوڏ ۽ سنڌي ماڻھن جا رويا

اميد ڀلي ٽٽي پر خوش فھميءَ جي چادر ۾ لڪي مستقبل جي سفاڪ سچ کان لِڪڻ ڇپڻ اجايو ٿو لڳي. چوندا آھن تہ ”سج ٻہ پاڇا“ هوندو آهي. اهو ساوڻ جو وسڪارو جيڪو ٻن مھينن کان سنڌ تي وسي پيو ٿو، ان هڪ طرف تہ ٿر جي ويران پٽن ۽ وارياسي ڌرتيءَ کي سبز پوشاڪ پارائي ڇڏي آهي. جتي واري اڏامندي هئي، اُتي اڄ ميلا لڳا پيا آھن، جتان مارو ماڻھو قافلا ڪري لڏيندا هئا، اتي اڄ سڄي ملڪ مان ماڻھو خوش ٿي انھن ماڻھن ۽ ڌرتيءَ جي رونق ڏانھن اچي رهيا آھن، اميد جو چمن ان نوجوان جي اکين ۾ ڀلي ڀت پسي سگهجي ٿي، جيڪو ڪارونجهر جي اوٽ ۾ ويھي، ايندڙ مھمانن کي چانھہ وسيلي تفريح ٿو مھيا ڪري. سندس ٻارن ٻچن جو گذران ان چانھہ جي ڪمائيءَ تي آهي. پراميد اهي مقامي گلوڪار ۽ موسيقار بہ آھن، جيڪي ڪارونجهر مان وھندڙ نئين جي ڪنڌيءَ تي ويھي سرن جي ورکا ڪري، نئين ۾ وھندڙ ٿڌي پاڻيءَ ۾ موج مستي ڪندڙ سياحن کي وندرائِن ٿا. خوشي ۽ اميد جو تاثر انھن ٻارڙن جي مک تي نظر اچي ٿو، جيڪي مٺي کان ننگر ويندڙ رستن تي ٻڪرين کي پاڻي پيارڻ، گاھہ کارائڻ سان گڏوگڏ واٽ ويندڙن اڳيان هٿ ڊگهيڙي خرچي ٿا گهرن. ٿر واسي هر ڪوئي، مرد عورت ٻار روزانہ ڪمائيندڙ ”ريسٽ هائوس هلائيندڙ“ ريڙھن تي شيون کپائيندڙ، دوڪاندار، سبزي فروش مقامي ثقافتي شيون وڪڻندڙ، پراميد آھن، هو ٿر جي ان دائمي سُڪار ۽ خوشحاليءَ جا اميدوار آھن، جيڪا هڪ اڻ ٿيڻي حالت آهي، پر ٿر واسي آئينده ايندڙ سُڪار جي خوابن ۾ خوش آهي. پر اسين جيڪي وچ سنڌ جا رهاڪو آهيون، ايندڙ ٻوڏ جي تباهي ۽ برباديءَ کي ڏسي ڪھڙي خوش فھميءَ ۾ مبتلا ٿي، ڪبوتر وانگر اکيون ٻوٽي ايندڙ تباهيءَ کي نظرانداز ڪري رهيا آهيون؟ ان ساوڻ جي انڌي وانگر جنھن کي هر طرف پاڻي نظر ايندو آهي. سنڌي قوم جي ذھنن تي بي خبريءَ جا ڪڪر ايترا تہ ڇانيل آھن جو هو باخبر هوندي بہ بي خبر ٿي سڀ ڪجهہ قسمت جي حوالي ڪري ٿي ڇڏي. اسين مھمان نواز آهيون ۽ گهر ساڙي ڏيئو ڪرڻ ڪير اسان کان سکي، پر جنھن مھل تباهيءَ جي ڪاتيءَ هيٺان اسان جو ڪنڌ ايندو آهي تہ اسين ان کي هٽائڻ لاءِ خود ڪوشش نہ ڪندا آهيون، پر پراميد ٿي انھن ڏانھن نھاريندا آهيون، جن جي گهرن ۾ اسان پنھنجا ڪکاوان گهر ساڙي سمائي ڪئي هوندي آهي، پر اسين سنڌي سدائين انساني روين جي بي رحميءَ کان بي خبر رهڻ پسند ڪندا آهيون. اڄ جڏھن 10 لک کان مٿي ماڻھو بي گهر ٿي چڪا آھن ۽ سڀاڻي جو سج ڪيتري قدر بربادي آڻيندو، ان کان اسين واقف آهيون، اسين تاريخي برباديءَ جي دور مان گذري رهيا آهيون ۽ تباهيءَ جي تاريخ لکي رهيا آهيون، جيئن اسين شايد فوت ٿيلن جا انگ اکر لکنداسين، بي گهر گمشده جا نالا ڳڻنداسين. پر ائين بہ نہ ٿي سگهي ٿو تہ، جيئن ٻاهران ڪاهون ڪندڙ ڌارين اڳيان سينہ سپر ٿيندڙ قوم پنھنجي بچاءَ جي جنگ وڙهڻ لاءِ بہ اهائي همت ۽ جذبو ڏيکاري، جيڪو ميدان جنگ ۾ ڏيکاريندي آهي. هي جنگ اسان جي ملڪي سرحدن جي حفاظت جي ڀل تہ نہ هجي، پر هيءَ جنگ پنھنجي سڃاڻپ جي حفاظت جي آهي. ڪجهہ خوابن جي حفاظت جي آهي، عزت جي حفاظت جي آهي، انسانيت سان محبت جي احساس جي حفاظت جي آهي. دنيا ۾ سرفراز اهي قومون آھن، جن پنھنجي بچاءَ جي جنگ خود وڙهي آهي. ٻيءَ جنگ عظيم جي تباھہ ڪارين کان پوءِ هيرو شيما ۽ ناگاساڪيءَ جي بربادي ڪنھن کان بہ لڪل ڪونھي، پر جاپاني قوم جي Reconstruction ۽ Technology ۾ سڄي دنيا تي ڇائنجي وڃڻ کان سڄي دنيا وقف آهي، چيني ۽ جاپاني قوم پنھنجي مدد پاڻ تحت ڪم ڪندي آهي. اڄ دنيا جي گولي تي پنھنجو الڳ قومي تشخص زنده رکندڙ قومون دنيا کي پنھنجي قومن ۾ جهڪائِن پيون. انسان ارتقا جون منزلون پنھنجي مدد پاڻ تحت ئي طئہ ڪيون هيون. ھن وقت سنڌ ۾ ايندڙ ٻوڏ جي ذميواري ڪنھن تي مڙهڻ کان بھتر اهو ٿيندو تہ پنھنجي بچاءَ لاءِ ذاتي ڪوشش تہ وٺي. پنھنجي قوم جي گهٽ ۾ گهٽ جاني نقصان کي يقيني بنايو وڃي. حڪومت جون ذميواريون پنھنجي جاءِ تي، وزيرن جا فضائي دورا پنھنجي جاءِ تي، انتظامي ادارن جي لاپرواهي پنھنجي جاءِ تي، آبپاشي کاتي جي لاپرواهي ۽ ڊيمن ۽ بندن جي مرمت نہ ڪرڻ پنھنجي جاءِ تي. اسان کي ھن وقت صرف ۽ صرف اسان جو Will Power بچائي سگهي ٿو. اسان کي جان ۽ ملڪيتن جي نقصان سان گڏوگڏ هر خطرناڪ صورتحال کي منھن ڏيڻ لاءِ تيار رهڻو پوندو. ٻوڏ جون تباھہ ڪاريون موت تہ ساڻ آڻينديون آھن، پر موت کان ڪربناڪ صورتحال پنھنجن جي جيئري جدائي، وبائي بيمارين جو پکڙجڻ، افواھہ، عدم تحفظ ۽ وڌندڙ اسٽريٽ ڪرائيم آهي.
ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪرڻ، رليف ڏيڻ اڄ هر فرد جي ذاتي ذميواري آهي. ڀل تہ اسين حڪومتي مشينريءَ جو حصو نہ هجون پر سول سوسائٽيءَ جو رول پنھنجي جاءِ تي اهم آهي. ڇو تہ عوامي مسئلا حڪومت تائين پھچائڻ ۾ سول سوسائٽي جو هٿ هوندو آهي ۽ انھن کي حل ڪرڻ ۾ بہ سول سوسائٽي حڪومت جي ٻانھن ٻيلي هوندي آهي. خيبر پختونخواھہ جي تباهي، پنجاب ۾ آيل سيلاب جي بربادي ۽ محڪمه موسميات جي واويلا تہ اسان کي غفلت جي ننڊ مان جاڳائڻ کان ناڪام رهي پر هاڻ جڏھن اسان جا پنھنجا حواس اسان کي برباديءَ جي ڌٻڻ ۾ ڦاسڻ جي نويد ڏيئي رهيا آھن تہ پوءِ تہ ازلي خوش اميدي کي هڪ طرف رکي جاڳڻو پوندو. اسين غلطي اها ڪندا آهيون جو هڪٻئي کي پنھنجن رشتن کي پاڻ سان سلھاڙي ڇڏيندا آهيون، جڏھن تہ پنھنجي مدد پاڻ جو تصور پکين ۽ جانورن ۾ انسانن کان وڌيڪ سگهارو آهي، ڇو تہ پکي سڀ کان پھرين پنھنجي ٻچي کي پرواز ڪرڻ سيکاري ٿو. جانور غذا ڏيڻ کان پھرين پنھنجي ٻچڙي کي پيرن تي بيھڻ سيکاري ٿو. پاڻيءَ ۾ رھندي جانور، پنھنجي ٻارن کي ترڻ سيکاريندا آھن، پر انسان ائين نہ آهي، هو محبت جي نالي تي هڪ ٻئي جي آزادي ۽ شخصي اعتماد کسي ٿو وٺي. جڏھن بہ قدرتي آفتن کي منھن ڏيڻ جو وقت ايندو آهي، پوءِ ڀل تہ اهو زلزلو هجي، ٻوڏ هجي، سونامي هجي، برسات هجي، طوفان هجي، اهي هر انسان جي انفرادي آزمائشن جا مرحلا هوندا آھن، جن لاءِ ذھني طرح سان تيار رهڻ جي ضرورت آهي، اهي آفتون انسان جي تربيت گاھہ بہ آھن تہ امتحان گاھہ بہ آھن، جن ۾ تربيت ۽ امتحان گڏ گڏ هلندو آهي. ھن وقت اخباري رپورٽن مطابق سنڌ جا ضلعا آفت سٽيل قرار ڏنا ويا آھن. ڪچي جا علائقا پاڻي هيٺ اچي چڪا آھن، جتي هزارين ماڻھو ڦاٿل آھن. قدرتي آفتن اڳيان انسان بيشڪ بيوس آهي، پر حفاظتي قدم تہ کڻي سگهجن ٿا. بدقمستيءَ سان عوام ۽ حڪومت جي وچ ۾ اعتماد ختم ٿي چڪو آهي. ٻوڏ جي خطري جي پيش نظر جڏھن آرمي ماڻھن کي ڳوٺ خالي ڪرڻ لاءِ چيو تہ ڪافي ماڻھن انڪار ڪري ڇڏيو، ڇو تہ ھنن کي گهر ڇڏڻ لاءِ چيو ويو هو، پر اهو ڪونہ ٻڌايو ويو تہ ڪيڏانھن وڃڻو آهي. ڳالھہ اها آهي تہ جيڪي ٻوڏ جي تباھہ ڪاريءَ جو شڪار ٿي چڪا آھن، انھن جي واهر، غذا ۽ رهائش جو بندوبست اسان کي ڪرڻ سان گڏوگڏ اهو بہ سوچڻو آهي تہ جيڪو خطرو اسان جي در تي پھچي چڪو آهي، ان کي منھن ڏيڻ لاءِ همت، حوصلي کي يڪجاءِ ڪري ڪم ڪرڻو آهي. جيڪي علائقا ممڪن ٻوڏ جو شڪار ٿي سگهن ٿا، انھن جي رهاڪن کي محفوظ جاين تائين پھچايو وڃي. اسان جي قوم پنھنجي جان کان وڌيڪ پنھنجن گهرن سان پيار ٿي ڪري، ھنن کي اهو يقين ڪير ڏياريندو تہ واپس اچڻ تي انھن جا گهر ۽ سامان محفوظ هوندا ۽ ٻئي ڳالھہ جيڏانھن انھن کي موڪليو پيو وڃي اها جاءِ سندن حفاظت ڪندي. يقينن تہ انھن ٻنھي ڳالھين جو تسلي بخش جواب ڪير بہ نٿو ڏيئي سگهي. پر ھن وقت سڀ کان وڌيڪ اهم سوال پنھنجي انفرادي قوت جي بچاءُ جو آهي. حالتون سنڌوءَ جي وارثن لاءِ چئلينج بڻيل آھن. پنھنجا لڙڪ لڪائي ٻين لاءِ مرڪ بڻجڻ جو وقت آهي، پنھنجن زخمن تي پھا رکڻا آھن تہ سنڌو جي وارثن لاءِ طبيب بہ بڻجڻو آهي، جي پنھنجا گهر ڇڏڻا بہ پيا تہ ٻين ديس واسين کي اجهو ڳولي ڏيڻ ۽ مددگار ٿيڻو پوندو. هي وقت نہ منھن ۾ لڪڻ جو آهي، نہ حڪومت ۽ انتظاميہ جي نااهلي جي ڪري پاڻ کي مظلوم ۽ مجبور ثابت ڪرڻ جو آهي، هي آزمائش جون گهڙيون اهو ثابت ڪرڻ جون آھن تہ، ’همرچو‘ جي آواز تي گڏ ٿي پوک ڪندڙ قوم، ’هو جمالو‘ جي ڌن تي مست ناچ ڪندڙ قوم يڪجهت ٿي، ديس واسين جي درد جو درمان بڻجڻ جو ھنر ڄاڻي ٿي، ھن کي خبر آهي تہ ھنن تاريخي مشڪل گهڙين ۾ پنھنجي قومي شناخت برقرار رکڻ لاءِ Reconstruction لاءِ تيار ٿيڻو پوندو. ڪجهہ اخلاقي ذميواريون بہ پوريون ڪرڻيون هونديون آھن. اڄڪلھہ تہ ٻوڏ ستايل ماڻھن کان بہ ڦرن جون وارداتون ٿي رهيون آھن، ماڻھو ڪئمپن ۾ عدم تحفظ جي احساس کان رهڻ پسند نہ ڪندا آھن. جڏھن حالت جنگ هوندي آهي تہ ڪابہ صورتحال واضح نہ هوندي آهي ۽ نہ ئي ڪنھن تي ڪو قائدو قانون لاڳو ڪري سگهبو آهي. سو هيءَ بہ هڪڙي تباهيءَ خلاف جنگ آهي، جيڪا يقين حوصلي، صبر، برداشت جون سرحدون اڪري ٽٽي پوندي. ڀروسو آهي تہ اسان جي قوم پنھنجي مدد پاڻ تحت ڪم ڪري، ان مشڪل دور مان سرخرو ٿي نڪرندي. پنھنجي ذاتي صلاحيت، سوچ سمجهہ، پھچ مطابق جيترو ڪري سگهون، پنھنجي ديس واسين لاءِ ڪريون. حڪومت تہ ڀل تہ ڪابہ منصوبابندي نہ ڪري، سيلاب متاثرين کي سامان نہ پھچائي، عالمي مدد جي منتظر رهي. اسين وس آهر ضرورت جون شيون دوائون ماڻھن تائين پھچائڻ جو عزم ڪريون. عالمي مدد جي اميد ڪرڻ ان ڪري بہ فضول آهي تہ اهي شيون گهڻو ڪري وچ ۾ ئي هائيجيڪ ٿي وينديون آھن. 2005ع ۾ آيل زلزلو ان جو مثال آهي، ان وقت دنيا دل کولي پاڪستان جي مدد ڪئي هئي، پر ڪجهہ وقت کان پوءِ اهو امدادي سامان پنڊيءَ جي بازارن ۾ وڪامجندي نظر آيو هو. لطيف چواڻي تہ ”اٿي رائو ريل ويٺلن تان واري وري. “ سو واري وارڻ کان اڳ بچاءَ جي تدبير لاءِ اچو تہ متحد ٿيون.

14 آگسٽ 2010ع

غريب ملڪ، امير عوام

خوف، بي يقيني، بيوسي، غير يقيني صورتحال هڪ مھيني کان ملڪ تي ڇانيل آهي. هر نظر ۾ هڪ ئي سوال ۽ هر ذھن تي هڪ ئي خوف ڇانيل آهي تہ هاڻ ڇا ٿيندو؟ درياھہ جي تيز وهڪري سان گڏ يقين ۽ اُميد بہ لڙھندي ٿي نظر اچي. افواھن ۽ خبرن جي ڊوڙ ۾ سچي ۽ وقتائتي خبر ڳولھڻ ناممڪن ٿيندو ٿو وڃي. عوام، انتظاميا جي بيانن ۽ ميڊيا جي ڪوريج کان هٽي ڪري صرف ۽ صرف پناھہ ۽ جياپي جي طاري ٿيل جنگ سان نبرد آزما آهي. ڪئمپن ۾ بنيادي انساني ضرورتن کان محروم ماڻھو هجن، ٽينٽ سٽي ۾ مينھن ۾ پسندڙ هجن، ٽرڪن ۾ جانورن جيان سٿيل ٻوڏ متاثر ماڻھو هجن، رستن تي، روڊن تي بي يارو مددگار بُک اڃ کان بيحال ماڻھو هجن، هڪ رڙ ۽ آھہ سڀني وٽ ساڳي هجي ٿي تہ حڪومت طرفان رليف ۽ ريسڪيو جي ڪمن ۾ لاپرواهيءَ جو مظاهرو ڪيو پيو وڃي.
درياھہ جي وڌندڙ وهڪري وانگر بي گهر، بي سرو سامان انسانن جا قافلا حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ جو رخ ڪري رهيا آھن ۽ حيدرآباد واسي پنھنجي ايندڙ وقت کان بيخبر ايندڙ مايوس انسانن جو ڀرجهلو ٿيڻ جي ڪوشش ۾ مصروف آھن.
رليف ۽ ريسڪيو جي ڪمن ۾ حوصلو ۽ همت سان گڏوگڏ منصوبا بندي اهم هجي ٿي، جنھن جي طريقيڪار کان انتظاميا وانجهيل آهي. ٻوڏ جا هاڃا پنھنجي جاءِ تي پر ڪجهہ هاڃا ايمرجنسي ۾ بنا سوچڻ سمجهڻ جي لڳايل ڪٽن بہ ڪيا آھن. حالانڪہ جُون مھيني ۾ محڪمه موسميات جا اطلاع ۽ اڳڪٿيون اچڻ شروع ٿي ويون هيون پر اسين قسمت تي ڀروسو رکندڙ قوم اکيون پوري سوچيندا آهيون تہ قسمت اسان تي مھربان ٿيندي. ان قسمت جي آسري تي ميهڙ جي ويجهو ڳوٺ سونا پنڊي جا ماڻھو ڳوٺ ڇڏڻ لاءِ راضي نہ ٿيا. پنھنجا ڪک، پنھنجا اجها، پنھنجا مال متاع عزيز رکندڙ عورتون اڄ تسبيحون هٿ ۾ کڻي اُتي پاڻيءَ ۾ ڦاٿل عزيزن لاءِ گريہ ڪنان، ميڊيا تي اپيلون ڪري، انھن جي حياتين لاءِ دعاگو آھن تہ ان ۾ قصور وار ڪير آهي؟
ريسڪيو جي ڪمن ۾ جتي جتي انتظاميا مجبور آهي، اتي اها ڳالھہ محسوس ڪئي وئي آهي تہ علائقي جا با اثر ماڻھو، پنھنجن سڄاڻ ڌرين جي مدد ڪرڻ وڌيڪ پسند پيا ڪن. جتي انتظاميا وائڙائپ جو شڪار آهي. اسان جي فوج جو گهڻو تعداد خيبرپختون خواھہ ۾ مصروف آهي. اڪيلائپ جي احساس کي سنڀاليندي ٻوڏ وگهي مارجي ويل ماڻھن جا نوحا لکجن، اباڻا ڪک مال متاع ڇڏي ايندڙن جي درد جي ڪٿا لکجي، ڪجهہ عزيزن جي وڇوڙي جي پيڙا لکجي، آس اُميد جون ٻيڙيون ٻوڙي، سر بچائي نڪري ايندڙن جي زخمن جو اپٽار لکجي، ڪئمپن ۾ موجود ڏتڙيل انسانن جون حڪومت جي لاپرواهيءَ جون شڪايتون لکجن تہ ان سان گڏوگڏ ڪجهہ اميدن جا سنگِ ميل قائم ڪندڙ، حيدرآباد جي عورتن جي ذڪر کان سواءِ ھن صديءَ جي وڏي ۾ وڏي ٻوڏ جي تباھہ ڪارين کان پوءِ رليف جي ڪمن جو داستان اڌورو رهجي ويندو. شيخ اياز ڄڻ تہ انھن لاءِ ئي چيو آهي:
اڃا رڻ مان رڙ اچي ٿي اچي ٿي،
متان ائين سمجهين مئا مور سارا.
ٻوڏ جي تباهڪارين کي دل ۾ سانڍيندي، پنھنجين مصروفيتن ۽ حيدرآباد شھر جي ٻوڏ جي زد ۾ اچڻ جي ممڪنہ خطرن جي پرواھہ نہ ڪندي سماجي تنظيمن جون عورتون رليف جي ڪمن ۾ سرگرم نظر آيون. جن ۾ وومن ايڪشن فورم جون عورتون وڌيڪ نمايان ۽ عملي طرح مصروف نظر اچن پيون. اڄوڪو ڪالم لکڻ تائين، حيدرآباد جي رجسٽرڊ ڪئمپن ۾ بہ کاڌ خوراڪ کان علاوہ ٻارڙن ۽ عورتن لاءِ صحت جي حوالي سان حڪومتي سطح تي ڪا بہ نمايان پيش رفت نظر نٿي اچي، ان جي باوجود بہ وومن ايڪشن فورم سان تعلق رکندڙ عورتون پنھنجي هڙان وڙان خرچ ڪري، ذاتي طرح سان فنڊز جمع ڪري، ذاتي گاڏين ۾ وڃي هر ڪئمپ جو حال احوال جمع ڪري ان مطابق، عورتن ۽ ٻارڙن جي ضرورتن جون شيون بہ پچائين پيون تہ وري انتظاميا کي صورتحال کان باخبر ڪري ڪم ڪرڻ لاءِ اتساھہ ڏيارڻ ۽ راھہ ڏسڻ جي ڪم ۾ بہ مصروف ٿيون نظر اچن. ٻوڏ کان بچي آيلن جي، ٻوڏ جي پاڻيءَ ۾ ڦاٿل عزيزن جي واهر لاءِ ميڊيا ۽ انتظاميا کي نشاندهي ڪري ريسڪيو جي ڪمن ۾ بہ مددگار ٿيندي نظر ٿيون اچن، ان کان علاوہ فيض جي ’يه وه سحر تو نھين هي‘ جي ابتڙ، فيض جي ’اميدِ سحر‘ وانگر روشن سحر رضوي جو ذڪر بہ ڪندا هلون، جنھن سڀ کان پھرين ٺل ۽ غوثپور جي ڏتڙيل ماڻھن جي واهر ڪئي. ڀٽائي ٽائون جي اسڪول ۾ پناھہ لاءِ آيل ماڻھن کي ڪنھن بہ حڪومتي اداري نہ پر اسڪول جي ماسترياڻين چندو ڪري ماني کارائي، ان کان پوءِ اڪيلي سِر سحر رضوي 200 ماڻھن کي اسڪول ۾ رهائش ڏني، رجسٽريشن ڪرايائين ۽ اڃا تائين بہ سيلاني ٽرسٽ جي سحر و افطار کان علاوہ ٻنپھرن جو ويلو، ٻارڙن ۽ مسافرن کي هو خود ٿي کارائي. ڇو تہ اها هر مسلمان کي خبر هوندي تہ ٻارڙن، مسافرن ۽ مصيبت جو شڪار ماڻھن تان عبادت معاف هوندي آهي.
بين الاقوامي طرح فنڊز جا اعلان پنھنجيءَ جاءِ تي پر بان ڪي مون جو اهو فيصلو تہ ”پاڪستان جي سيلاب جي صورتحال تي گڏيل قومن جو اجلاس گهرايو ويندو. “ هڪ سٺيءَ خبر هئڻ سان گڏوگڏ اهو بہ احساس ڏياري ٿي تہ ملڪيءَ سطح تي يا صوبائيءَ سطح تي اهڙو ڪو بہ عملي اجلاس نہ ٿيندو آهي، جنھن وسيلي عوام جي ريسڪيو ۽ رليف لاءِ ڪجهہ جوڳا قدم کنيا وڃن، ظاهر آهي تہ هي مصيبت جون گهڙيون ڪجهہ ڏينھن جون نہ آھن، هي جيڪو درياھہ سان گڏ ماڻھن جو سمنڊ اٿلندو اچي، انھن جي سھائتا، اجهي ۽ لٽي جو بندوبست آخرڪار حڪومت جي ئي ذميواري آهي، ان کي منھن ڏيڻ لاءِ ڪا بہ منصوبا بندي پري پري تائين نظر نٿي اچي. ناممڪن ڪم، ترتيب، منصوبہ بندي ۽ حوصلي سان ممڪن ٿي سگهي ٿو. اڄ جو عوام کليل دل سان ٻوڏ ستايلن جي سھائتا لاءِ تيار آهي. ماڻھو رليف جا سامان بہ گڏ ڪن ٿا پر صحيح معلومات نہ هجڻ جي ڪري ۽ ڪئمپ ۾ موجود ماڻھن جي صحيح انگ اکر معلوم نہ هئڻ جي ڪري مناسب طرح سان سامان جي ورهاست بہ هڪ ڏکيو مرحلو ٿي پئي آهي. جتي جنھن شيءِ جي ضرورت آهي، اُتي اها نٿي پئي ملي.
17 ڊسمبر تي سبزي منڊي حيدرآباد ۾ ٻوڏ ستايلن جي ڪئمپ ۾ اها ڳالھہ ثابت ٿي تہ ارادي جي مضبوطي ۽ سچائيءَ سان ڪم ڪرڻ سان مثبت نتيجا ظاهر ٿين ٿا ۽ ٻئي ڳالھہ بہ ثابت ٿئي ٿي تہ عورتن جا مسئلا عورتون ئي سمجهي سگهن پيون. ڇو تہ 17 تاريخ جي شام تي سبزي منڊي جي ڪئمپ ۾ موجود ماڻھن وٽ پاڻيءَ جو ڍڪ بہ نہ هو. ننڍڙا ٻارڙا ۽ عورتون خالي ٿانوَ کڻي وومن ايڪشن فورم جي 12 عورتن جو گهيراؤ ڪري بيھي رهيون، انھن وٽ نہ پاڻي هو نہ وري ڪو ڊاڪٽر هو. عورتن جي خواهش هئي تہ ڳورهاري عورتن لاءِ ڊاڪٽرياڻيءَ جو بندوبست بہ ڪيو وڃي. اتي موجود انتظاميا جي ماڻھن جي يقين ڏيارڻ جي باوجود بہ ۽ محبوب ابڙو ۽ مختيارڪار جي يقين ڏيارڻ جي باوجود بہ عورتن چيو تہ ”هي باجيون وينديون تہ پوءِ هي سڀ بہ هليا ويندا ۽ اسان کي ڪجهہ بہ نہ ملندو. “
جيڏيءَ مھل امر سنڌو چيو تہ: ”جيستائين پاڻي نہ ايندو اسين توهان سان گڏ ويٺا هونداسين. “ پوءِ جيڪب آباد جون عورتون پري ٿيون. مغرب کان پوءِ پاڻيءَ جا ٻہ ٽينڪر آيا، ايمبولينس آئي ۽ اڄ اتي سول اسپتال پاران ميڊيڪل ڪئمپ بہ لڳل آهي ۽ واٽر سپلاءِ جو بندوبست بہ ڪيو پيو وڃي. سو عزم ۽ يقين محڪمي سان آڱرين تي ڳڻڻ جيتريون عورتون پيرن ڀر بيھي عورتن جا مسئلا پڇي انھن جي ضرورتن کي نظر ۾ رکي رليف جو سامان بہ تقسيم ڪن ٿيون ۽ اتي بيٺي بيٺي انھن معصوم ٻارڙن لاءِ پاڻي ۽ صحت جي بنيادي ضرورتن لاءِ ڪامياب ڪوششون وٺن ٿيون تہ پوءِ حڪومت لاءِ منصوبا بنديءَ سان ڪم ڪرڻ ڇو ناممڪن بڻيل آهي؟ هي مڃتا جون چند سٽون ساراھہ يا خوشامد لاءِ نہ آھن پر هڪ احساس اجاگر ڪرڻ ۽ اتساھہ لاءِ آھن تہ اسين بہ ائين ڪم ڪريون بي لوث ٿي ھن آزمائش جي وقت ۾ صرف ۽ صرف انسان بڻجي سوچيون، مصيبت ۾ ڦاٿل انسانن جي سھائتا لاءِ قدم اڳتي وڌايون. حيدرآباد شھر ۾ موجود هر ڪئمپ ۾ ھنڌ بسترن، ڪپڙن، جُتين جي فوري ضرورت آهي. کاڌ خوراڪ پنھنجي جاءِ تي اهميت رکن ٿا پر انسانن سان انسانيت وارو سلوڪ ھنن جي رهائش وارين جاين جي صفائي بہ پنھنجي جاءِ تي اهميت رکي ٿي. گهڻيون بيماريون صرف ۽ صرف صفائيءَ جي ناقص نظام جي ڪارڻ پکڙجن ٿيون. ڪئمپن ۾ ماني پھچائي ٿي وڃي پر کائڻ جا ٿانوَ عورتن وٽ موجود ڪونہ آھن. اٽو، چانور، گيھہ وغيرہ ڏنو ٿو وڃي پر ڪاٺيون، گئس ۽ پچائڻ جا ديڳڙا موجود ڪونہ آھن. ضرورت ان ڳالھہ جي آهي تہ هر ڪئمپ جا انگ اکر گڏ ڪري اتي موجود ماڻھن جون ضرورتون نظر ۾ رکي رليف جو سامان پھچائجي پر ان ڳالھہ جي اميد نہ رکڻ بھتر ان ڪري بہ لڳي ٿو تہ رليف ۽ ريسڪيو جي ڪمن ۾ لاچار اسان جي انتظاميا وٽ حيدرآباد ڏانھن ڌوڪيندي ايندڙ درياھہ جي استقبال لاءِ ڪا بہ مناسب منصوبہ بندي ڪونہ آهي. هر ماڻھو ڪنھن اوچتي اطلاع لاءِ ذھني طرح سان تيار ٿو نظر اچي، پر ان سان گڏوگڏ ناقص انتظام رکندڙ انتظاميا ڏانھن اميد ڀرين نظرن سان نھاري بہ ٿو جن جي ڀرتي ڪيل آبپاشيءَ محڪمي جي آفيسرن جي اهليت، صلاحيت تجربي جا هاڃا اڄ سڄو پاڪستان لوڙهي رهيو آهي. سفارشي ڪلچر ۽ وڏيرا شاهي جي زيرِاثر سياسي ڀرتين جي قيمت لکين قيمتي جانين کان وڌيڪ تہ اسين ادا ڪري بہ نٿا سگهون.

21 آگسٽ 2010ع

عوام جي دلين ۾ محبت جو ٻج ڇٽي تہ ڏسو!

مفاد پرستي، موقعي پرستي، سياست پرستيءَ جي هجوم مان قومپرستيءَ کي ڳولي لھڻ، سمنڊ مان ڪنھن موتيءَ جي ڳولي لھڻ کان گهٽ تہ نہ آهي. ابن خلدون پنھنجي ڪتاب ۾ لکي ٿو تہ قوم اها آهي جنھن جا مفاد ۽ درد ساڳيا هجن. هڪ قوم جي وصف ۾ اها ڳالھہ شامل آهي تہ هڏ پيڙا ۽ مشڪل گهڙين ۾ هڪ ٻئي جي ٻانھن ٻيلي هجي. هڪ قوم جا فرد ترقيءَ ۽ تنزليءَ ۾ ڀاڱي ڀائيوار هوندا آھن.
حضرت علي عه جو قول آهي تہ: ”مشڪل وقت ۾ انسان بي نقاب ٿيندو آهي. مشڪل گهڙيون انسان کي تڪليف ڏيڻ سان گڏوگڏ سيکارڻ جي عمل مان بہ گذارينديون آھن. “
اسان جي قوم جيڪا ھن مھا ٻوڏ کي منھن ڏيئي دردن جي پلصراط پار ڪري جيڪو ڪجهہ سکي رهي آهي، اهو سندس مستقبل جي حاصلات آهي پر اسين وسارڻ جا ماهر آهيون. محبتون ياد رکندا آهيون، بيوفائيون، ڌوڪيبازيون، بي اعتماديون، نظر اندازيون وساري ويھندا آهيون. ڪشمور، شڪارپور، جيڪب آباد، ڪنڌڪوٽ، گهوٽڪي کان سکر، خيرپور، نوشھروفيروز، لاڙڪاڻو، قمبر، شهدادڪوٽ ۽ ڪوٽڙي تائين ٻوڏ تباهيون مچايون آھن. لکين ماڻھن جي ڪيفيت ساڳي آهي پر تجربو هر ڪنھن جو پنھنجو، درد ڪٿا هر ڪنھن جي پنھنجي آهي. ٻيڙين ۾ چڙهي جياپي جي جنگ جاري رکندڙن جو درد پويان رهجي ويندڙن جي اوسيئڙي ۾ اڃا بہ سوايو ٿو ٿيو وڃي. اباڻا ڪک ڇڏڻ، مال متاع، ٻنيون برباد ٿيڻ سان گڏ پنھنجي ڌرتيءَ کان جدائي جي پيڙا اڄ سڄي سنڌ ۾ مشترڪه آهي، هر سنڌ واسي جيڪو ان پيڙا کي اندر ۾ سانڍي پيو، جنھن جو اندر سڙي رک پيو ٿئي، اهو هڪ قوم جي زمري ۾ اچي ٿو. حافظي جي پنن ۾ ۽ تاريخ جي صفحن ۾ اهي 1947ع وارا لڏپلاڻ جا نقش اڃا چٽيل آھن، اهي ئي بي گهر، دربدر انساني قافلا اجهي جي ڳولھا ۾ حيران سرگردان هئا. انسانن سان ڀريل ٽرڪ، ٽريڪٽر ۽ گاڏيون پناھہ جي تلاش ۾ سنڌ طرف روان دوان هيون. ان وقت هر گهر جو در کليل هو، اٽو، لٽو، اجهو ھنن کي مليو، پيڙا جي سفر مان گذري انھن گهڻو ڪجهہ سکيو، جلد ئي پيرن ڀر بيٺا ۽ مضبوط قوم بڻجي اڀريا. انھن وڃائي سکيو، ڌرتيءَ جي جدائيءَ کي ڪمزوري نہ پر آزمائش سمجهي، اهي سمنڊ اُڪري آيا.
ذوالفقار علي ڀُٽي جي سياست ۾ اچڻ سان سنڌي عوام سياست ۾ دلچسپي وٺڻ لڳو، پر سياسي داوَ پيچ سمجهڻ ھن کان ٿورو ڏکيو هو. ياداشت تي ٿورو زور ڏجي تہ دربدريءَ جا اهي نظارا بہ اکين اڳيان تري ٿا اچن جن ۾ 88ع ۾ ماڻھن کي گولين جي وسڪارن ۾ اَجها ڇڏڻ تي مجبور ڪيو. اميرن مان غريب ٿيندڙ ماڻھو، گهروارن مان بي گهر ٿيندڙ ماڻھو، محفوظ گهر ڇڏي، پناھہ جي تلاش ۾ ڀٽڪندڙ ماڻھو ڪنھن کان بہ وسريا نہ آھن. سياسي شطرنج وڇائيندڙ هٿ لڪيل رهيا پر مھرا مار کائيندا رهيا. اعتبار ۽ محبت جون سزائون عوام کي ملنديون رهيون. اهي ئي ڌرتي واسي جن ٻاهران آيلن کي اندر ۾ جايون ڏنيون، وري انھن مالڪ بڻجي سنڌين لاءِ شھري تعليمي ادارن جا در بند ڪيا. ميرٽ جي نالي تي پوئتي پيل علائقن کي وڌيڪ پٺتي ڪرڻ جي سياست اڃا تائين سمجهہ ۾ نٿي اچي. اڄ جڏھن بکايل ماڻھو ٻوڏ جي تباھہ ڪارين کي منھن ڏيندي شھرن جو رُخ ڪرڻ تي مجبور آھن تہ انھن مان گهڻن دردن جون پلصراطون پار ڪيون آھن. بک بيماري، افلاس، پيارن جو وڇوڙو، غير يقيني مستقبل سان گڏوگڏ هو پنھنجائپ جي احساس کان محروم آھن. هڪ قوم هجڻ جو احساس ھنن کي ڪنھن نہ ڏياريو آهي. سياسي ليڊر ۽ عوام ۾ ڪو بہ محبت جو رابطو نٿو پيو نظر اچي. عوام ڪئمپن ۾ شڪايتون ڪن ٿا پر ڪنھن سياسي ليڊر جي نالي جو نعرو نٿو لڳي. ھنن کي خبر آهي تہ جيڪي ميڊيا جي لشڪر سان گڏ اچي اٽي ۽ چانورن جي ٿيلھي ڏيئي ٿا وڃن انھن کي اها بہ خبر ڪونھي تہ برپٽ ۽ جبلن ۾ ويٺلن وٽ گئس، چلھہ، ديڳڙي، ھنڊي ڪونھي. عوام جي بنيادي ضرورتن کان بيخبر ليڊر ڪڏھن بہ دلين ۾ جايون حاصل نہ ڪري سگهندا آھن، جيڪي ڪراچيءَ طرف روانا ٿيا آھن، انھن کي ڪابہ خبر ڪونھي تہ ڪئمپن جي زندگي ڪيتري ڊگهي ڪاٽڻي پوندي؟ ڇا انھن کي هتان بہ زندگيون بچائي نڪرڻو پوندو؟ يا وري ھنن کي بليڪ ميل ڪري وڌيڪ پئسا ڦريا ويندا؟ ڪنھن بہ سياسي ليڊر ان ڏتڙيل عوام کي ڪا واضح صورتحال نہ ٻڌائي آهي. ھن آفت جي وقت ۾ عوام اهو ضرور محسوس ڪري ٿو تہ گهڻا هٿ آليون اکيون اگهڻ لاءِ ٿا اڳيان اچن ۽ گهڻا زخمن کي کرچڻ ۾ مصروف آھن. دوست دشمن جي پرک ڪرڻ وارا سڃاڻن ٿا تہ عوام جو ڀرجهلو ٿيڻ وارو ڪير آهي؟ سياسي دڪان چمڪائڻ وارو ڪير آهي؟ حيرت ان ڳالھہ تي ٿي ٿئي تہ مھا ساگر سنڌوءَ جي ٻوڙان ٻوڙ هڪ طرف ۽ عوام جي دلين ۾ ڇلڪندڙ، شھيد محترمه بينظير جي عشق جو درياھہ ٻئي طرف. عوام جي دلين ۾ اڄ بہ شھيد بينظير لاءِ جيڪا اُڪير، حُبَ آهي اها مست، موج ماريندڙ مھراڻ کي بہ شرمائي ٿي. جنھن وقت درد جو درياھہ اکين مان اُٿلي ٿو تہ زبان تي مرثيا بينظير جا ٿا اچن. ميڊيا تي سڄي دنيا ۾ ڏٺو ويو تہ هڪ ٻڍڙو پنھنجي پيڙا جي داستان ٻڌائي ٿو تہ ”آفت ۾ موٽي آ بينظير– وري آ بينظير“ اهو آلاپ سڄيءَ سنڌ واسين جا هانوَ ڦاڙي ٿو ڇڏي، دليون ٽوڙي ٿو ڇڏي، عام ماڻھن ۾ اها سوچ آهي تہ ”بينظير هجي ها تہ اها ٻوڏ بہ نہ اچي ها“ اها ماڻھن جي محبت ۽ عشق جي انتھا آهي، يقينن ۽ اعتماد جي آخري حد اُڪري، ماڻھو مرڻ تائين بينظير سان ساٿ نڀائڻ جو وچن پارين پيا. هو مرن ٿا، ٻڏن ٿا، عزيزن جا لاشا کڻن پيا، ڀلي هو ماريا وڃن، ساڙيا وڃن، ٻوڙيا وڃن، بارود سان اُڏاريا وڃن، مٿن گولين جا وسڪارا هجن پر محبت جي معجزن درياھہ جي وير چڙھندي پئي وڃي. دلين تي قبضو ڪري خون جي گردش سان گڏ ڊوڙندڙ بينظير جو عشق ٺل واسڻ، سبزي منڊي ۾ رھندڙ زينت جي واتان چوائي ٿو تہ: ”اسين جيئرا آهيون تہ بہ بينظير جا، مري وياسين تہ بہ بينظير جا. . . “ هو ٻوڏ جي ستايل هئي، سڀ حياتيءَ جا آسرا، سھارا، پٺتي ڇڏي آئي هئي، سڄي ڏينھن جي بُک اڃ سَٺي هئائين، گڏ بيمار عزيز بہ هئا پر ھن پنھنجي سورن جي پچار گهٽ ڪئي هئي. زينت چوي ٿي، ”منھنجي ڀيڻ جي پٽ بلاول کي چئو تہ واپس اچي، اسين تنھنجا آهيون، اچ اسان جو حال ٻڌ، اسان سان تعاون ڪر. “
هڪ سوال جي جواب ۾ چيائين تہ: ”بينظير اسان کي سڀ ڪجهہ ڏنو، پيار، محبت ڏنائين هوءَ اسان جي ڀيڻ هئي، اڄ اسان جي ڀيڻ زنده هجي ها تہ اسين ائين رڻ ۾ نہ رُلون ها. اسين الائجي ڪٿي هجون ها. “ سوين ماڻھن جي مجموعي ۾ زينت ڪنھن ليڊر جيان خطاب ڪري رهي هئي. پنھنجا سور وساري ڪجهہ عورتون ڀيڻ کي ساري لڙڪ لاڙي ويٺيون. ڪجهہ جوان پوڙها ۽ ٻار ايندڙ خوش آئند گهڙين جا خواب اکڙين ۾ سميٽي ٽھڪ ڏيئي کلڻ لڳا. رات ڪاري هئي ۽ بتيون نہ پئي ٻريون. ڪجهہ ميرانجھڙا بلب ٻري رهيا هئا. جهيڻا هلي رهيا هئا. اڻ پورو روشنيءَ جو انتظام هو پر ھن سبزي منڊي جي ڪئمپ ۾ انھن ٽھڪن ۽ ڳالھين ڄڻ تہ ڏينھن جھڙو سھائو ڪري ڇڏيو. سچ ڪوڙ تاريخ لکڻ واري جي ذمي چوندا آھن تہ هڪ زندان مان ڪنھن اڪيلي عورت جي مدد لاءِ پڪار ٻڌي محمد بن قاسم سنڌ تي حملو ڪيو هو، پر اڄ تہ سنڌ جي هر گهر مان روزاني دانھون پڪارون ٻڌجن ٿيون. ٻوڏ ستايل ڪئمپ واسي، جيڪي پنھنجن پنھنجن اجهن ۾ محفوظ هئا اڄ برپٽن ۾ پاڻيءَ ڍُڪ لاءِ واجهائِن ٿا. پٿريلي زمين ۽ آسمان جي ڇت هيٺان انتظار ۽ اوسيئڙي ۾ گهڙيون گهارين پيا. هو ڪنھن دردمند دل رکندڙ پنھنجائپ جو احساس ڏياريندڙ ليڊر جا منتظر آھن، ڏک ونڊڻ سياسي ميراث ڪونہ آهي، هڪ دفعو قائداعظم محمد علي جناح تقرير ڪري رهيو هو ۽ هڪ سبزيءَ فروش پنھنجو گاڏو روڪي غور سان ٻڌي رهيو هو، واٽ ويندڙ پڇيس تہ: ”هو ڇا ٿو چئي؟“
وراڻيائين: ”مون کي انگريزي ڪونہ ٿي اچي، پر اهو سمجهان ٿو تہ هو جيڪي ڪجهہ چئي رهيو آهي، اهو منھنجي ڀلائيءَ لاءِ آهي. “ اهو اعتماد جو عجيب انداز هو. ڀروسي جي حد هئي يا سچائيءَ جي حد هئي. ليڊر ۽ عوام جو رشتو اهڙو ئي هوندو آهي. بنا ڏيڻ وٺڻ جي خاموش معاهدا اهڙا ئي هوندا آھن. پاڪستان جي 63 ساله تاريخ ۾ عوام تي فوج جي حڪومت بہ رهي آهي، عوامي چونڊيل حڪومتن بہ راڄ ڪيو آهي. يقينن گهڻائي ”مُلڪي وسيع تر مفاد“ وارا ڪم بہ ٿيا هوندا، ملڪ گهڻن شعبن ۾ ترقي بہ ڪئي هوندي. گهڻي ڀاڱي عوام جا مسئلا حل بہ ٿيا هوندا. روزگار بہ مليو هوندو. ڪارخانا، اسڪول، اسپتالون بہ کليون هونديون. بين الاقوامي سطح تي ڪيئي رابطا ٿيا هوندا پر. . . ! ڇو اڄ تائين ڪنھن بہ زنده يا مردہ ليڊر جي نالي اڳيان “جيئي” جو لفظ نٿو لڳي. ديوانہ وار پتنگن جيان عوام جا ميڙا جن لاءِ لڳندا هئا، جن جي محبت ۾ مست ٿي والھانہ انداز ۾ ماڻھو نعرا هڻن ٿا، انھن ڀل تہ ماڻھن کي ڪجهہ بہ نہ ڏنو هجي، پر ھنن بي لوث محبت ڏني ۽ سدا حيات اعتماد حاصل ڪيائون، تڏھن ھنن دلين کي مسخر ڪيو ۽ دلين ۾ زنده رهيا.
جيڪڏھن سياست ڪرڻي آهي تہ سياسي جوڙ توڙ سياسي داوَ پيچ ڇڏي هڪ ڀيرو دلين ۾ سچائيءَ سان محبت جو سَلو پوکي تہ ڏسو، پوءِ ڀلي آبياري نہ بہ ڪريو، پر اهو سلو پنھنجي رت ست سان پاڻ وڌي وڻ ٿيندو ۽ ڦل بہ ڏيندو. اڄ جي سياستدانن کي جيڪڏھن سياست سکڻي آهي تہ ڀلي هو ڪئمپن ۾ وڃن، انھن انگ اگهاڙن، پيٽ بکين، برباد انسانن جي دلين ۾ محبت جي گهرائيءَ کي پسن، هو مرجهيل انسان ھنن کي سيکاريندا تہ ليڊر ڇا هوندو آهي؟ قيادت ڇاکي چئجي؟ قوميت جو احساس ڇا آهي؟ شايد ان طريقي سان اسين ڪا چڱيءَ قيادت حاصل ڪري سگهون.

25 آگسٽ 2010ع

مون کي ساھہ کڻڻ ڏيو!

ھن اهو نہ چيو تہ مشڪل گهڙين ۾ توهان سان گڏ آهيون. ھن اهو بہ نہ چيو تہ هي بدترين وقت گذري ويندو. ھن ڪا همت ڏيارڻ واري ڳالھہ بہ نہ ڪئي. ھن ڪجهہ لفظ همدرديءَ جا، زخمن تي مرهم جي طور تي بہ نہ چيا. ھن تہ ڪابہ اُميد آس نہ ڏيکاري. ھن صرف دربدر ٿيل ٻوڏ ستايل ماڻھن کي اهو چيو تہ انھن جي واپسي کي عزت احترام سان يقيني بڻايو ويندو اهي لفظ ڪنھن عام ماڻھوءَ جا نہ هئا، جنھن جي بي خبري کي نظرانداز ڪري ڇڏجي. هو چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو تہ درياھہ ھنن جي گهرن کي نہ صرف ٻوڙيو آهي، پر انھن جو ڪو نشان بہ نہ رهڻ ڏنو آهي. گهڻو ڪري ڪچي جا ماڻھو ٻوڏ کان متاثر ٿيا آھن، جن درياھہ جي گذرگاھن تي جهوپڙا اڏيا هئا، واپس اُتي وڃي آباد ٿيڻ جو مطلب موت کان علاوہ ڪجهہ بہ نہ آهي. هو سرڪار جي، ٻوڏ ستايلن جي سھائتا جي سلسلي ۾ ڪيل جاکوڙ کان بہ واقف هوندو. ھن اها خبر ضرور پڙهي هوندي تہ امدادي سامان جي ٽرڪ پويان ڊڪندي هڪ ٻڍڙو موٽر سائيڪل جي ٽڪر سان مارجي ويو. ھن کي ڪير ٻڌائي تہ حيدرآباد کان ٻاهر گلشن شهباز طرف جابلو علائقي ۾ پٿريلي تپندڙ ڌرتيءَ تي ٻوڏ ستايل ارباب خاتون رهي ٿي، هوءَ ٻڍڙي ڪمزور عورت جنھن جو دنيا ۾ ڪوبہ مٽ مائٽ زندھہ نہ بچيو آهي. سماجي تنظيمن پاران امدادي سامان اچي ٿو تہ هرڪو ھن ٻڍڙيءَ کي ڌڪي پري ٿو ڪري. هوءَ ڌڪا ٿاٻا کائي وري اٿي امداد پھچائڻ وارن جي ڪڍ لڳي ٿي. جبلن تي هلي هلي، پنڌ ڪري ڪري سندس ٽنگون هلڻ کان جواب ڏيئي ٿيون ڇڏين. رات جو نظر نٿو اچي، هوءَ ٿڪجي مٿي تي هٿ رکي روڊ تي ويھي ٿي رهي. جيستائين ڪو دردمند دل رکندڙ امداد جي ڪا ٿيلھي ھن جي هٿ تي رکي. ھن کي ڪير ٻڌائي تہ جبلن تي موجود ڪئمپ ۾ شهدادڪوٽ جي ٻڍڙي ڀاڳُل بہ رهي ٿي، جنھن جو سڄو گهر درياھہ برباد ڪري ڇڏيو. هوءَ صرف هڪ پاڳل پُٽ کي بچائي سگهي هئي. ھن وقت ھن وٽ شناخت جو ڪوبہ ڪارڊ ڪونھي. امداد وٺڻ لاءِ هوءَ عام ماڻھن کي صرف ايلاز ۽ منٿون ئي ڪري سگهي ٿي. ھن جو درد نہ آسمانن جي وسعتن ۾ ٿو سمائجي نہ زمين جي عميق گهرائين ۾ لڪي ٿو. ھن جو درد موتي بڻجي، ھن جي ننڍڙين اکين ۾ ٿو جرڪي. ھن جي ڪمزور ٻڍڙن، گهنجيل ٻڌل هٿن ۾ ظاهر ٿو ٿئي، جنھن ويل هوءَ WAF جي عورتن جي مٿي ۽ منھن تي پنھنجا کھرا محنت ڪندڙ هٿ ڦھلائي امداد گهري ٿي تہ، نہ ڏونگر ٿا ڪنبن نہ ڌرتي ٿي ڌٻي، پر انسانيت جي تذليل تي ڪجهہ دردمند دلين مان وير چڙهي ٿي ۽ اکين مان سنڌو اُٿلي ٿو
ھن کي ڪير ٻڌائي تہ عزت احترام سان واپسي جي ڳالھہ ڪرڻ کان پھرين حيدرآباد اندر حيدرآباد کان ڪراچيءَ تائين روڊن رستن تي جبلن تي ٽڙيل پکڙيل مھمانن کان پڇي تہ ڪنھن ھنن کي کلي کيڪاريو؟ ڪنھن خوش ٿي پاڻيءَ ڍڪ پياريو؟ ڪنھن راضي خوشيءَ مانيءَ ڳڀو کارايو؟ ڪنھن اجها ڏيڻ جي صلاح ڪئي؟ ڪنھن همدرديءَ جا ٻہ ٻول ڳالھايا؟ ڪنھن عورتن جي پردي ۽ تقدس جو خيال رکيو؟
پاڻي تہ صرف اجها لوڙهيا آھن، پر سرڪار جي لاپرواهي ۽ غير ذميواريءَ ماڻھن جي اخلاق ۽ عزت نفس جي ٻوڙان ٻوڙ ڪري ڇڏي آهي. ڄامشورو ڪئمپ ۾ 8، 9 سالن جي ساجدہ، ثمينہ، فضہ بہ رھن ٿيون. فضہ جو پيءُ ڪونہ آهي. ساجدہ جو پيءُ بيمار آهي. ھنن ٽنھي جون مائون بيمار آھن، ٻار ننڍڙا ۽ بيمار آھن. هو هلي نٿيون سگهن. هو خبر نہ آهي تہ گهڻا دفعا پنھنجي عزتِ نفس جو قتل ڪري WAF ميمبرز اڳيان پتڪڙا هٿ ٻڌي، رئا ڇڪي ايلاز ڪري امداد وٺڻ لاءِ منٿون ٿيون ڪن پر هڪ ننڍڙي ڇوڪري اهو بہ ٻڌائي ٿي تہ ھنن جا پيئر امداد وٺڻ واري لائن ۾ موجود آھن. سچ، ڪوڙ ڌوڪي دولاب جو فرق تہ ھن ٻالڪ بہ محسوس نہ ڪيو هو، جيڪو ڪافي وقت هڪ ٻڍڙي جي ڀرسان بيٺو رهيو، امدادي سامان ملڻ کان پوءِ، چيائين تہ هي منھنجي ڏاڏي آهي، آئون ھن کي سامان کڻائي ٿو وڃان. پر شام جي ميرانجھڙي روشنيءَ جي باوجود ھن جي ٻڍڙين بي نور اکين ۾ اها ساڃاھہ هئي جو فريبي رشتن کي سڃاڻي سگهي. ھن غور سان ٻار ڏانھن نھاريو ۽ چيائين، ”منھنجو تہ ڪير بہ ڪونھي“
بک انسان جي مثبت روين جي قاتل آهي، بک انسانيت کي ماري حيوانيت کي جنم ڏي ٿي. انھن بيحال انسانن جي کاڌي خوراڪ لاءِ ڀڄ ڊُڪ، ڌڪ ڌڪان، دانھون ڪوڪون ڪير ھن کي ڏيکاري، بک وگهي مرندڙ ٻڍڙن جون تصويرون بہ ڏيکاري، ٽرڪن ۾ جانورن وانگر ڀريل انسان ۽ انھن ۾ ساھہ گهٽجي مرندڙ معصوم ٻارڙن جون تصويرون بہ ڪير ڏيکاري. سرڪار انھن قافلن کي جيڪي اڃا تہ اچي رهيا آھن، ڪيڏانھن موڪليندي؟ انھن وٽ تہ ڪوبہ نقشو پتو گهر جو موجود نہ آهي. جتي گهر، مال متاع ۽ جان کان پيارا عزيز، مائٽ ۽ ٻار بہ لڙهي ويا، اُتي شناخت جي ڪارڊ سنڀالڻ جي ساڃاھہ ڪنھن کي هوندي؟
ڪئمپن ۾ جتي بہ رجسٽريشن ٿئي ٿي، اُتي ڪارڊ جي گهر ڪئي وڃي ٿي. ڪيتريون ئي اڪيليون دربدر عورتون ڪارڊ نہ هجڻ ڪري امداد کا محروم رهجي ٿيون وڃن. انھن ماڻھن کي ٻہ ويلا ماني ملڻ کي ڪنھن يقيني بنايو آهي؟ ڪئمپن ۾ کليل ويران جاين تي رھندڙ عورتن جي عزت نفس جي تحفظ کي ڪنھن يقيني بنايو آهي؟ امدادي سامان جي آسري تي هر کاڌي پويان پيرين اگهاڙي ڀڄندڙ، ڊڪندڙ ٻارڙن جي لاءِ صرف هڪ وڳي ۽ هڪ جتيءَ جي فراهميءَ کي ڪنھن يقيني بنايو آهي؟
ڳورهاري عورتن جي لاءِ ڊاڪٽر جي سھولت کي ڪنھن يقيني بنايو آهي. مختلف بيمارين وگهي مرندڙ ٻارڙن جي جان بچائڻ کي ڪنھن يقيني بنايو آهي؟ ان کان علاوہ انيڪ ڏک ۽ انيڪ مسئلا هر انسان سان لاڳو آھن، ڪنھن هڪ جي حل ڪرڻ کي ڪنھن يقيني بنايو آهي؟
سوال صرف انھن ٻوڏ ستايل ماڻھن جي واپسيءَ جو ڇو ٿو اُٿي؟ جڏھن تہ اسين هر بي گهر کي گهر ڏيندا آهيون ۽ مھمان نوازيءَ جا مثال قائم ڪري هر ڪنھن جي، هر طرح جي مدد لاءِ تيار رھندا آهيون
اهو سوال ان وقت نہ اٿاريو ويو هو، جڏھن افغاني لکن جي تعداد ۾ سڄي ملڪ ۾ پکڙجي ويا هئا. اها تہ ٻي قوم هئي، اهي جابر هئا، عوام انھن کان ڊڄندو هو. انھن تہ ڪرپشن جو طوفان گڏ آندو. هٿيار ۽ منشيات سڄي ملڪ ۾ انھن جي دم قدم سان پکڙي. انھن تہ اسان جي ڪلچر ۽ تھذيب تي حملا ڪيا، پر انھن کي روزگار بہ مليو پناھہ بہ ملي. تحفظ مليو. گهر بہ مليا. مالڪيءَ جا سرٽيفڪيٽ بہ مليا. انھن جي واپسيءَ کي تہ سالن گذرڻ کان پوءِ بہ يقيني نہ بنايو ويو آهي. اهي تہ هر شھر تي قبضو ڪري ويا آھن. ھنن تہ رياست اندر الڳ رياست ٺاهڻ جا بہ سانباها ڪري ڇڏيا هئا. سرڪار سان مقابلي لاءِ بہ تيار هئا. سڄي ملڪ ۾ پکڙجندڙ بدامني ۽ غير يقيني صورتحال جا ذميوار آھن. اسان جي ملڪ جي هر شھر ۾ ضم ٿي اٽوٽ حصو بڻجي ويا آھن. ڌرتي مھربان آهي، هر ڪنھن کي پناھہ ڏيندي آهي. اهي محافظ ڀائر جن کي اسين خونِ جگر جي ڪمائيءَ جو وڏو حصو ڏيئي ٿا ڇڏيون. اڄ اهي شناسا نٿا ٿين. هو ڀلي ريسڪيو جي ڪجهہ ڪمن ۾ مصروف هجن، پر اهو ڪير، ھن کي ٻڌائي تہ ايتري تعداد ۾ IDPs کي منھن ڏيڻ صرف سماجي تنظيمن ۽ عام ماڻھن جو ڪم نہ آهي. رياست جا سڀ ادارا پنھنجو پنھنجو فرض نڀائڻ جا پابند آھن. ڳالھہ صرف واپسيءَ جي نہ آهي. ھن وقت جيڪي ٻوڏ ستايل ماڻھن جا مسئلا آھن انھن کي حل ڪرڻ جو ۽ ڪم ۾ ترتيب ۽ تنظيم جو وقت آهي. منظم طريقي سان رليف جو سامان ماڻھن تائين پھچائڻ کي يقيني بنائڻ جي ضرورت آهي. ھن کي ڪير ٻڌائي تہ هي دردن جو سفر طئہ ڪندڙ پيشہ ور پينو ڪونہ آهي، هي تہ پنھنجي زمينن وارا، مال متاع وارا، پنھنجن پنھنجن علائقن ۽ گهرن ۾ بادشاهي ڪندڙ مارو ماڻھو آھن، جن کي محڪمه آبپاشي جون غير ذميواريون ۽ نااهلي لوڙهي رهيا آھن. سڀ کان پھرين انھن جي کاڌ خوراڪ، صحت، اجهي، تحفظ کي عزت ۽ احترام سان يقيني بنايو وڃي. اها حقيقت آهي تہ بک، عدم تحفظ جو احساس، ويڳاڻپ، مجبوري، تباھہ ڪُن ڪرپشن، افراتفري ۽ انتشار جي طوفان کي سماج ۾ آڻيندي، جنھن جون تباھہ ڪاريون، ٻوڏ جي تباھہ ڪارين کان سوايون هونديون ۽ انھن جا اثر ڏهاڪن تائين رھندا. هي انتشار چند ڏينھن تي مشتمل آهي. پنھنجن ڪکاون گهرن ۾ عزت ۽ تحفظ سان وقت گهاريندڙ، پنھنجي هستيءَ سان والھاڻي محبت رکندڙ ديس واسي، جڏھن 5 ڪوھہ پنڌ بہ ڳوٺ کان پري رھندا آھن تہ ان کي پرديس چوندا آھن، هو تہ پنھنجي گهر جي ڪنڊ ڪنڊ تان نثار ٿيڻ وارا آھن، هو تہ پنھنجين مينھن، ڍڳين، ٻڪرين تي جان فدا ڪرڻ لاءِ تيار آھن، جتي ھنن پنھنجا ٻچا بچايا آھن، اُتي پنھنجن ڪُڪڙن کي بہ ٻارن جيان ھنج ۾ لڪائي آيا آھن. اهي پڪ سان تذليل جي احساس، محرومي جي احساس، ڌڪار ۽ گولين جي وسڪارن کي گهڻو وقت برداشت ڪونہ ڪندا، نہ وري هڪ ويلو ماني ۽ پاڻي جي ڍُڪ لاءِ سڪڻ هو سھي سگهندا، نہ ئي ٻچن جو بنا دوا علاج جي مارجي وڃڻ ڏسي سگهندا. نہ عورتن جو دربدر ڌڪا کائڻ سھندا. بس ٿورو سفر جو ٿڪ لھڻ ڏيو، ٿورو لٽا سُڪڻ ڏيو،

ٿورا پيرن جا زخم ڀرجڻ ڏيو،
ٿورا انگ اگهاڙا ڍڪڻ ڏيو،
ٿورا ساھہ کڻڻ ڏيو،
وطن ڏانھن ويندڙ،
ٻڏل گس ٺھڻ ڏيو

سنڌين جا هٿ سدائين ڏيڻ لاءِ اڳيان وڌيا آھن، ھنن هٿ ڦھلائي گهرڻ ڪڏھن ناهي سکيو. ھن قوم کي تہ پنھنجو حق گهرڻ بہ نہ ايندو آهي. يقينن سڀ پنھنجا ماڳ وسائيندا، سرسبز خوشحال سنڌ آباد ڪندا.

28 آگسٽ 2010ع

تصويرون ڳالھائِن ٿيو!

ھنن گهرڻ نہ سکيو هو نہ وري هو هٿ هٿ تي رکي کائڻ وارا هئا. ھنن نہ ٿي چاهيو تہ سندن ٻار امداد جي ماني وٺڻ لاءِ رستي تي ٿانوَ جهلي بيھن. ھنن نٿي چاهيو تہ سندن عورتون امدادي سامان وٺڻ لاءِ ڌڪا ٿاٻا کائِن ۽ ڦٽجي ڌڪجي پون، ان ڪري ئي حيدرآباد جي سبزي منڊي ڪئمپ ۾، اوستہ محمد مان آيل جمالين جا 100 گهر بک اڃ برداشت ڪن پيا. ھنن کي ڪئمپ ۾ ايندي 10 ڏينھن ۽ ڪجهہ ماڻھن کي هفتو ٿيو آهي. ھنن کي ڪئمپ جي انتظاميا جي باري ۾ ڪابہ خبر نہ آهي.
ميڊيا ۾ ايندڙ خبرن ۽ تصويرن جي بلڪل ابتڙ نقش سبزي منڊي ڪئمپ ۾ نظر اچن ٿا. نہ پاڻي نہ ماني، نہ روشني نہ امدادي سامان نظر ٿو اچي. پٿريلي ڌرتيءَ جا محنت ڪش رهواسي ڪئمپ ۾ ٺھيل شيلٽر ۾ زرد بلب جي ميرانجھڙي روشنيءَ ۾ رات جو مرچ ۽ ٽماٽا ڪُٽي کائين ٿا
”ادي، ڀيڻ هي ڏسو! هي اسان جي خوراڪ آ. “ هيءَ خان محمد جي تصوير آهي. خان محمد کي اوستہ محمد ۾ پنھنجي سارين جي فصل لڙهي وڃڻ جو ڏک لھي ئي نٿو. ٻئي تصوير رشيدہ جي آهي جيڪا سنھيون سنھيون ڪاٺيون ميڙي باھہ ٻاري ماني ٿي پچائي. ھن وٽ ٻين وانگر مانيءَ سان کائڻ لاءِ مرچ بہ ڪونہ آھن. پنھنجي رُکي مانيءَ کي هوءَ ڪنھن قيمتي خزاني وانگر رئي ۾ لڪائي شيلٽر ۾ کڻي وڃي ٻچن جي اڳيان رکي ٿي.
هڪ تصوير نھالان جي بہ آهي، جيڪا 8 پٽن جي ماءُ آهي، ھن جي گهرواري جي خواهش آهي تہ اٺين ڌيءَ پيدا ٿئي. نھالان ڳوٺ ۾ رونبو، لابارو ڪندي هئي. ڏينھن رات جي محنت ۽ اولاد وانگر ٻنيءَ جي خدمت جي صلي ۾ زميندار صرف ايترو ڏيندو هو جو هو پيٽ گذر ڪن. ٻين ضرورتن لاءِ وري محنت مزدوري الڳ ڪن
”ادي اسان وٽ امداد ڏيڻ ڪير بہ نہ آيو آهي. اسان جا مڙسالا ٻاهر نٿا ڇڏين، هو چون ٿا زال زائفائون روڊ تي ڌڪا کائڻ نہ وڃن“
پنھنجي روزي روٽي کائڻ وارا اڄ اٽي لپ لاءِ حيران پريشان آھن. هڪ تصوير محمد صديق جي بہ آهي، ”ادي اهو ٻڌايو تہ سرڪار اسان جي مدد ڪندو يا نہ اسان کي اجهو ملندو يا نہ؟“ محمد صديق صرف هڪ سوال ڪيو. محمد صديق هڪ عرض بہ ڪيو، ”سرڪار اسان کي رڳو ٻڌائي تہ ڪٿي اجهو ڏيندي، اسين پنھنجا ٻچا وٺي، اُتي ويھون ۽ پنھنجي محنت مزدوري ڪري، پنھنجا ٻچا پاليون. “ کوڙ ساريون تصويرون انھن معصوم ٻارن جون آھن. سليم، حليم، نصير، جانو، نصيران، شاجدہ، سعيدہ، سميرا. هي ٻوڏ جي دهشت کان واقف آھن. ھنن ٻارڙن جي اکين ۾ ٻوڏ دوران پنھنجن ڊٺل گهرن ۽ ٻڏل ٻنين جا منظر قيد هجڻ جي باوجود مستقبل جا خواب زنده آھن. ٻوڏ جي ساڙيندڙ ڄرن مان هو پنھنجن مائٽن سان هم قدم ٿي گذريا آھن. ھنن کي برباديءَ جو يقين بہ آهي. ڀلي تہ ھنن جا پيٽ بکيا، انگ اگهاڙا. . . پير زخمي هجن، ڀلي، ھنن وٽ سمھڻ لاءِ مھربان ڌرتيءَ تي مٽي جو بسترو ۽ اوڍڻ لاءِ آسمان جي چادر هجي. ھنن مٿان قدرت جي ستم ظريفين، قسمت جي نامھربانين سان گڏوگڏ سرڪار ۽ انتظاميا جي لاپرواهين جا تير هلندا هجن، پر ھنن جي اکين ۾ خوابن جا تارا جرڪن ٿا. هو علم جو خواب ٿا ڏسن، هو پڙهڻ ٿا چاهين، هي ٻار جن ۾ ڪيئي مستقبل جا ليڊر لڪل هوندا. ڪيئي ڊاڪٽر، ڪيئي انجنيئر، ڪيئي وڪيل، ڪيئي سياستدان، ڪيئي صحافي لڪل هوندا. هي نہ ڪپڙا ٿا گهرن نہ جتيون ٿا گهرن. ھنن جي خواهش پڙهڻ آهي. ”اسين اسڪول پڙھنداسين، باجي اسڪول کوليو، ادي سڀاڻي توهان اينديون؟ سڀاڻي اسڪول کلندو؟“
خيران ٻڌائي ٿي تہ اوستہ محمد ۾ ڇوڪرين کي اسڪول نہ موڪليو ويندو آهي. ڇوڪريون گهر ۾ ڪم ڪنديون آھن. گهڻين ڇوڪرين کي شوق نہ هو پر ڪئمپ ۾ اچڻ کان پوءِ هو پڙهڻ چاهين ٿيون. نھالان جا 7 پُٽ آھن. هوءَ سردار جي ٻنين ۾ راهڪي ڪري ٿي. پيٽ گذر لاءِ اَنُ ملي ٿو. پر هوءَ ٻارن جي پڙهائيءَ جو خرچ برداشت نٿي ڪري سگهي. ڇو تہ اُتي ڳوٺ ۾ ماستر پرائمري اسڪولن ۾ پئسا ٿا وٺن. هوءَ تہ ان ڳالھہ کان بيخبر آهي تہ سرڪار پرائمري تعليم مفت ڏيندي آهي. هڪ تصوير محمد عيدن ۽ محمد صديق جي بہ آهي، جيڪي سرڪار کان صرف رهائش جي اجازت ٿا گهرن. ھنن کي خبر نہ آهي تہ هو ڪيڏانھن وڃن، هو چون ٿا، “اسان کي صرف ٻڌايو تہ اسين ڪيڏانھن وڃون. پوءِ اسين پاڻھي روزگار ڳولھينداسين، پنھنجي ٻارن کي کارائينداسين. حيدرآباد سبزي منڊي ڪئمپ جيتري وڏي آهي، جيترو امداد جو سامان هتي ملي ٿو، ان حساب سان، ترتيب نظر نٿي اچي. هر ڪو ماڻھو شڪايت ڪري ٿو. هر هٿ خالي، هر پيٽ بکيو، هر انگ اگهاڙو نظر اچي ٿو. جن اين جي اوز ڪئمپون گود ورتيون آھن، اهي هاڻ سڃاڻو نٿيون ٿين يا وڏي هجوم ۾ سامان ورهائڻ ھنن جي وس کان چڙهي ويو آهي. عوام جو ڏک هاڻ چڙ ۽ ڪاوڙ ۾ بدلجندو پيو وڃي. شديد ردعمل طور يقينن تہ هي عوام، گهرن کان تنگ ٿي ڦرڻ شروع ڪندو تر جا ايم اين اي، ايم پي اي، سردار، جاگيردار، وڏيرا، وس وارا، اختيار وارا، اليڪشن جي زماني ۾ ووٽرز لسٽون کڻي پيا ڦرندا آھن، جن ۾ آباديءَ کان ٻيڻا نالا درج هوندا آھن. ٿڃ پياڪ ٻار کي بہ گهر جو فرد ڄاڻايو ويندو آهي. مردہ ماڻھن جا نالا بہ درج ڪيا ويندا آھن. اليڪشن وقت انھن کي پنھنجا علائقا ياد هوندا آھن. پر ھن وقت يقينن تہ اهو ناممڪن آهي تہ ووٽرز لسٽ جي ذريعي علائقي جي ايم پي اي، ايم اين اي کي پابند ڪيو وڃي تہ هو پنھنجي پنھنجي علائقي جي ماڻھن جي نالن جي لسٽ ذريعي، ماڻھن جي رجسٽريشن ڪن. امداد جو ڪجهہ محدود، جيئڻ لاءِ ضروري حصو عوام تائين پھچائين تہ جيئن هو انسانيت جا لڪ اورانگهي حيوانيت جي رستي تي نہ هلن انتظاميا لاءِ اهو بہ ناممڪن هوندو تہ جتي سيلاني ٽرسٽ برياني جون ديڳيون پھچائي ٿو، اُتي ڪجهہ تندور لڳائي ماني پچائڻ جو بندوبست ڪيو وڃي. صرف هڪ ويلو ماني ۽ ڀاڄي ماڻھن کي کارائي وڃي، ڇو تہ مسلسل چانور، غير معياري گيھہ ۽ مصالحي سان ٻار ۽ عورتون گهڻي حد تائين بيمار ٿي پيا آھن. غير معياري گيھہ جي ڪري معصوم ٻارڙن جا گلا خراب پيا ٿين. تيز مرچ مصالحن جي ڪري، انھن غريبن جا پيٽ خراب پيا ٿين.
جتي انتظاميا لاءِ ڪئمپن ۾ پاڻي جي فراهمي بہ ناممڪن ٿي نظر اچي، اُتي ھنن معصوم بي خواب اوجاڳيل اکين ۾ وسندڙ تعليم جو خواب پورو ٿيڻ جي تہ ڪا ڪوڙي اُميد ۽ آس بہ نظر نٿي اچي. اها اڻ ٿيڻي ڳالھہ آهي تہ سبزي منڊي حيدرآباد جي وڏي ڪئمپ ۾ اسڪول کوليو وڃي. ٻارن کي تعليم سان گڏوگڏ، ترتيب سان ڪم از ڪم هڪ ويلو ماني کارائي وڃي. بيمارن جو ميڊيڪل چيڪ اپ ڪرايو وڃي. ناممڪنات جو وڏو اجگر آهي، جيڪو پاڻيءَ جي ٻوڙان ٻوڙ کي بہ ڳھندو وڃي. اڃا تہ درياھہ جون ستم ظريفيون بند ناھن ٿيون، اڃا تہ درياھہ زندگيون ڦرڻ بند نہ ڪيون آھن. اڃا تہ درد جا مسافر، قافلہ در قافلہ زندگيءَ ڏانھن ورڻ جا سانباها ڪن پيا. پر سواءِ موت جي سڀ ڪجهہ ناممڪن آهي
پاڻيءَ جي موت کان بچڻ وارا، رستن تي ايڪسيڊنٽ سبب موت جي ور ٿا چڙھن. اتان بچن ٿا تہ ڪئمپن ۾ بُک وگهي ٿا مرن، بکن کان بچن ٿا تہ بيمارين جي موت جي ور ٿا چڙھن، اتان بچن ٿا تہ امدادي سامان وٺڻ لاءِ ٿيندڙ ڌڪ ڌڪان ۾ پيسجي مرن ٿا. موت ظالم درياھہ وانگر ھنن جو پيڇو ڇڏي ئي نٿو. هر رستي، هر وک، هر قدم تي ھنن جي گهات ۾ ويٺو آهي، پر ان موت جي گهڻائي زندگيءَ سان چاھہ بہ پيدا ڪيو آهي. حياتي بچائڻ جي خواهش بہ ڪَر کڻي ٿي. اهائي خواهش، زندگيءَ کي نئين سر شروع ڪرڻ لاءِ اتساهي ٿي. تڏھن تہ بلوچستان ۽ سنڌ جا ماڻھو اَجهن لاءِ واجهائين ٿا. روزگار جا گس ڳولين ٿا، ننڍڙا ٻار تعليم حاصل ڪرڻ جي تمنا رکن ٿا. ناممڪنات جي ھن طوفان ۾ ڪجهہ بہ نٿو ڪري سگهجي. پر خوش اميديءَ جي چادر اُڻڻ لاءِ تند تند خواب جوڙي سگهجن ٿا. آس جا آکيرا جوڙڻ لاءِ ڪک ڪک ڪري اميدون ميڙي سگهجن ٿيون. زندگيءَ جي درياھہ ۾ جيئڻ لاءِ قطره قطره ٻيڙيون ٺاهي سگهجن ٿيون. اسين ڪنھن جادوئي لڪڻ جا منتظر آهيون، جنھن جي گهمائڻ سان هر شيءِ صاف شفاف ۽ مثبت ٿي وڃي. هر ڀيانڪ منظر خوشيءَ ۾ تبديل ٿي وڃي. موت زندگيءَ جو روپ ڌاري وٺي. سنڌ ۾ اسين اهڙو منظر ڪڏھن بہ نہ ڏسون جو جيڪي محنت ڪش، غيور ماڻھو، اڄ روزگار لاءِ واجهائين پيا. سڀاڻي هٿيار کڻي ڦرون ڪن، چوريون ڪن، قاتل بڻجن. اهي ننڍڙا پتڪڙا هٿ جيڪي ڪتاب کڻڻ ٿا چاهين. اهي ڪڏھن ماڻھن اڳيان، خيرات وٺڻ لاءِ نہ وڌن. اسان جون عورتون پنڻ لاءِ ٻار ھنج ۾ کڻي گاڏين پويان رستن روڊن تي ڌڪا نہ کائين. ڪاش ڪا جادوئي ڇڙي، ڪو جادوئي چراغ هٿ اچي وڃي جيڪو اهي سڀ منظر اکين کان سدائين لاءِ اوجهل ڪري ڇڏي.

02 سيپٽمبر 2010ع
 

ڪئمپون ۽ غفلت جي ننڊَ ستل انتظام

تڪليفون ۽ مصيبتون، انسان کي گهڻو وقت گهيري ۾ آڻي نہ سگهنديون آھن، نہ وري ھن کي هڪ جڳھہ تي قيد ڪري سگهنديون آھن. حياتي بچائڻ لاءِ انسان منفي توڙي مثبت گس ڳولي لھندو آهي. ضرورتن ۽ خواهشن جي گهڻائي ھن کي پريشان ضرور ڪري ٿي پر هو هٿ پير هڻي انھن جي پورائي لاءِ جاکوڙي ٿو ۽ ڪڏھن ڪڏھن ٻين جاندارن جي ضرورتن ۽ حقن جي پائمالي کي بہ نظرانداز ٿو ڪري ڇڏي
اسان جو سماج معاشي طرح طبقن ۾ ورهايل آهي. انسان جي نفسيات ۽ طبقاتي سماج جا انوکا مثال، حيدرآباد جي وسيع شھري آبادي رکندڙ شھر ۾ آباد ٿيندڙ ننڍين ننڍين ڳوٺاڻين آبادين ۾ نظر اچن ٿا. شھري آباديءَ جي اندر ٻوڏ ستايلن جون ڪئمپون ننڍيون ننڍيون وسنديون ٿيون لڳن، جن ۾ هر قوم رنگ، نسل جا ماڻھو گڏجي رهڻ تي مجبور آھن. اهي ڪئمپون حيدرآباد کان ٻاهر ڄامشوري ڏانھن ويندڙ ۽ ڄامشوري ۾ رستن روڊن تي نظر اچن ٿيون.
ھن وقت اهي سڀ درد جي رشتي ۾ ڳنڍيل آھن. ضرورتون سڀني جون ساڳيون آھن، خواهشون سڀني جون ساڳيون آھن، پر رويا مختلف آھن. پنھنجي پاڻ کي پنھنجي ذات کي عزت ڏيڻ وارا رويا گهڻا طاقتور آھن. هرڪو پنھنجي سڃاڻپ کي اهميت ٿو ڏئي ۽ ٻين کي نظرانداز ٿو ڪري. ڪئمپن ۾ برابر جي سطح تي امدادي سامان جي ورهاست ناممڪن عمل سھي، پر قبيلائي بنياد تي ٿيندڙ ورهاست جا هاڃا هيڏي مھل، ڄامشورو جي تپندڙ ڌرتيءَ ۽ آڳ وسائيندڙ آسمان هيٺان، ٻن ڪاٺين مٿان پلاسٽڪ مان ڇت ٺاهي ان هيٺان رھندڙ انورِ ٻڌائي ٿي تہ انسانيت ٻن ڄرن وچ ۾ سڙندي ٿي ڀانئجي. هڪ ڄر ٻوڏ جي ۽ ٻي ڄر انساني روين جي.
ماني ۽ امدادي سامان نہ ملڻ جي رڙ تہ هر ڪئمپ ۾ آهي، پر انورِ ٻڌائي ٿي تہ هتي جيڪي طاقتور قبيلي وارا آھن، اختيار وارن جي واسطي وارا آھن، پنھنجن ماڻھن ۾ سامان جي تقسيم بعد باقي سامان چور دروازن کان ٻاهر ڪڍي ٿا وڃن. اٽي کان وٺي پاڻيءَ تائين شيون ٻاهر وڪرو ٿيون ٿين. اجهي ۽ اَنَ کان پوءِ يقينن پئسو بہ انساني ضرورتن ۾ شامل آهي. پر هوءَ پنھنجي خالي ڪولر کي حسرت سان ڏسي ٿي ۽ ٻڌائي ٿي تہ، “اسان وٽ ھن وقت پئسو ناهي جو پاڻي بہ خريد ڪري سگهون.
ڪجهہ فٽن تي مشتمل جهوپڙين ۾ کوڙ ساريون ڳڙهي خيرو جون انورِ جھڙيون عورتون رھن ٿيون، جيڪي پنھنجا خوشحاليءَ جا ڏينھن ياد ڪري ھنجون هارين ٿيون: ”اَمان! هانءُ سڙي ٿو وڃي جنھن ويل پنھنجي پٽ کي اٽي لپ لاءِ ڌڪا کائيندي ڏسان ٿي. “
اهو ڏک اڪيلي انورِ جو نہ آهي، ”ڀلي بُک ڀرم جي، شالَ مَ وڃي شان“ واري پھاڪي تي عمل ڪرڻ واري هر انسان لاءِ اهو تحقير جو مرحلو اوکو ۽ دل رنجائيندڙ هجي ٿو. اسان وٽ مجبورين جي چادر اوڙهيل منفي روين کي سماجي مڃتا جلدي ملڻ جي ڪري اهي رويا طاقتور بڻجي، مظلومن جي ويساھہ کي ڇيھو رسائڻ ۾ مشغول هجن ٿا. ڪئمپن جي شڪل ۾ وسندين جو هڪ جھانشھرن ۾ آباد ٿي چڪو آهي. سرڪاري انگ اکر ۽ ميڊيا جا انگ اکر لکين رپين جي امدادي سامان جي ڪئمپن ۾ رسائيءَ جي دعويٰ ٿا ڪن پر عوام تہ اهوئي انگ اگهاڙو ۽ پيٽ بکيو آهي. اسان جا ٻچا ٻار تہ اهوئي پيرن اگهاڙا روڊن تي ڊوڙندا ٿا وتن، ڪنھن بہ ڪئمپ تي ڪوبہ مانيٽرنگ جو نظام نظر نٿو اچي. امداد ملي ٿي تہ ڪيڏانھن ٿي وڃي، چور دروازن جا گس ۽ چورن جا پير کڻڻ لاءِ ڪير بہ همت نٿو ساري. منفي روين جي ڄار ۾ غريب عوام وڪوڙجندو ٿو وڃي.
انورِ چيو تہ: ”اسين اکين سان ڏسندا آهيون تہ فلاڻي قبيلي جا ماڻھو اٽي جون ٿيلھيون کڻائي ڪئمپ کان ٻاهر پيا وڃن. “
اهڙن مجبور مجرمن کي نہ ڪير ڏسي ٿو نہ وري روڪي ٿو. اهي خود بہ ڪنھن نہ ڪنھن طرح استحصال جو شڪار ٿي اهڙا قدم کڻن ٿا پر انھن تي نظر رکڻ وارو ڪوبہ نہ آهي، ڳڙهي خيري کان وسندي مينھن ۾، سفر ڪري ڄامشورو ۾ لياقت يونيورسٽي جي سامھون پٿريلي ڌرتيءَ تي رضيه ھن سفر کي انت نہ پر ڏکن جي ابتدا ٿي سمجهي. ڳورهاري رضيه پھرين سيپٽمبر جي رڪارڊ ٽوڙ گرميءَ ۾ پلاسٽڪ جي چادرن جي ڇانوَ ۾ ويھي چانورن جو هڪ گرھہ کائي وري سهڪي رهي هئي. سندس سھري اهڙو عارضي خيمو جوڙيو هو، جنھن جو هڪ ننڍڙو ڪولر ۽ هڪ وڏو ڪولر رکيو هو، پر انھن ۾ پاڻيءَ جو ڍُڪ بہ نہ هو. هو پنھنجي خشڪ لبن تي زبان ڦيرائيندي رهي، چانورن جي هڪ ٻن گرھن کائڻ کان پوءِ ھن کي اُلٽي محسوس ٿيڻ ٿي لڳي.
رضيه جي لفظن ۾ ڪربلا ڇانيل هئي ۽ اکين ۾ ڳوڙھن بجاءِ واري اُڏامي رهي هئي. پھرين رمضان تي ڄامشورو پھچڻ واري رضيه کي 21 تاريخ تائين، بدن تي صرف هڪ جوڙو پاتل هو. ٽرڪ واري کي ڪرايو ڏيڻ لاءِ رضيه جي سَسُ ڪَنَ جون واليون ڏنيون ۽ رضيه نڪ جي ڦُلي لاهي ڏني هئي. نڪ جي ڦُلي لھڻ جو ذڪر ڪندي رضيه ڏڪي رهي هئي. ائين ٿي لڳو ڄڻ ھن پنھنجو سھاڳ گروي رکي ڇڏيو هُجي
“ادي منھنجي تن تي هينئر صرف هڪ جوڙو آهي، پر منھنجي ڏاج جا جوڙا تہ اڃا مون سڀ کولي ڏٺا بہ ڪين آھن. ” رضيه جي لھجي ۾ سوين حسرتن ۽ ارمانن جا نوحا هئا. ھن کي پنھنجي وطن واپسي بہ ناممڪن ٿي نظر اچي. ڇو تہ جيڪي ڏوهاري ڪئمپن ۾ اٽي ۽ لٽي کي مستحق ماڻھن تائين پھچڻ ٿا ڏين، اهڙن ئي ڏوهاري ذھن رکندڙ ماڻھن، ڀريل گهرن کي خالي ڪري ڇڏيو آهي. انھن جون وارداتون اجڙيل گهرن کي بہ نٿيون بخشين، جيڪي ماڻھو ٻوڏ کان سِرُ بچائي، ضروري سامان کڻي ٻيو الھہ تلھہ رب آسري ڇڏي نڪتا، ان جي حفاظت ڪنھن بہ نہ ڪئي. ماڻھن جي گهرن جو سامان، ڪپڙا تہ ويا پر ظالم لٽيرا گهرن جا دروازا ۽ دريون بہ ڪڍي کڻي ٿا وڃن.
ننڍڙو ستن سالن جو نادر، جيڪو تيز اُسَ کان بچڻ لاءِ ڀائرن ڀينرن ۽ ٻين ٻارن کي وٺي پنھنجي “چنگچي” کي راند جو گهر بڻائي ويٺو آهي، چوي ٿو ته”باجي پنھنجي ڳوٺ ۾ ٻٽالو کائيندا هئاسين.
”ڀلا! هتي ڇا کائيندا آهيو؟“
نادر هو تہ ستن سالن جو معصوم ٻار پر ان جو جواب ڪنھن تجربيڪار بزرگ کان گهٽ نہ هو. ”باجي هتي ڪڏھن ڪڏھن چانور ملن ٿا پر ڌپ ساڙي ٿي تہ ڪجهہ بہ ڪونہ ٿو وڻي. “ سخت آزمائش واري وقت ۾ ھنن وٽ تپندڙ ڌرتيءَ ۽ باھہ وسائيندڙ آسمانن هيٺان بک اُڃ ۾ رهڻ کان سواءِ ڪوبہ حل نہ آهي. هو سڀ ڪجهہ لٽائي، کپائي هتي پھتا آھن. هاڻ ھنن وٽ نہ اڳتي وڃڻ لاءِ پئسو آهي نہ وري واپسيءَ جا رستا کليل آھن. ڌاڙيل، چور، بنارس جي ٺڳن جيان روپ مٽائي مٽائي ھنن کي ڦُرين ٿا. ڌاڙن جو سلسلو گهر کان شروع ٿو ٿئي، جنھن جو انت نظر نٿو اچي. ڪرائي جا اضافي پئسا ڀري پھچندڙ قافلن جي حصي جو خيراتي رزق بہ ڌاڙيل وڪڻي ٿا ڇڏين، گهر ۾ ڌاڙا هڻي، واپسيءَ جو گس لٽي ٿا ڇڏين.
انتظاميا جي هڪ نظر ڪرم سان جيڪڏھن ڪئمپن ۾ گهڻو نہ پر صرف چند ماڻھن تي مشتمل مانيٽرنگ ٽيم تشڪيل ڏني وڃي، امدادي سامان جي پھچڻ ۽ ورهائجڻ کي يقيني بنائڻ سان گڏوگڏ انھن مجبور ڏوهارين تي بہ نظر رکي، جيڪو ڏوھن جو ڄار وڇائي غريبن جي رت جو آخري ڦُڙو بہ چوسڻ لاءِ تيار ويٺا آھن. يقينن ٻوڏ پاڻي سان گڏ سوين تڪليفون ۽ مسئلا آندا آھن، جيڪي ڪجهہ ڏينھن ۾ حل ٿيڻ ممڪن نہ آهي. هر باشعور انسان اهو بہ سمجهي سگهي ٿو تہ حالتِ جنگ ۾ ۽ انتشار واري سماج ۾ ڏوھن تي قابو پائڻ تمام مشڪل مرحلو آهي، پر اڻ کٽ مسئلن کي منھن ڏيڻ تہ اڃا پري آهي، صرف ايترو ڪجي جو سوين ننڍڙا ننڍڙا نادر ڇانوَ ۾ ويھي رُکي ماني کائين، جيڪي چون ٿا تہ، هيٺ زمين ٿي ساڙي، مٿي آسمان ٿو ساڙي سوين انور جھڙين عورتن جا پُٽ اَٽي لاءِ ڌڪا نہ کائِن ۽ نہ وري انھن جا ڌڪا مائرن جا هانوَ ٻوڙين. هڪ جوڙي ۾ ملبوس سوين رضيائن جا بدن گرميءَ جي تپش ۽ پاڻيءَ جي اڻ هوند کان نہ سڙن جتي درد ساڳيا، سور ساڳيا، پيڙائون ساڳيون، ارمان ساڳيا، اُتي رويا بہ تہ برابري وارا هجن، ائين نہ هجي تہ ڪجهہ سياسي واسطو رکندڙ وي آءِ پي خيمن ۾ رھن، پاڻي ۽ مانيءَ جي فڪر کان آجا هجن ۽ ڪجهہ وري پنھنجي حصي جو رزق وڪڻجندي ڏسندا رهجي وڃن. سندن اڃايل لبن کان پاڻي ڍڪ بہ پري ڪيو وڃي. اهي خيرات ۾ مليل پاڻي بہ وري خريد ڪري اُڃ اجهائڻ لاءِ مجبور هجن. اخلاقيات جي ڏيوالي نڪرڻ تي بہ حيرت نٿي ٿئي، نہ وري پنھنجن کي نوازڻ واري سياست تي حيرت ٿي ٿئي. جنھن جاءِ تي جبل جي گرم ڌرتيءَ تي ڪجهہ ماڻھو نٽهڻ اُس اڳيان معصوم بنا ڪپڙن جي ٻارڙا وٺيو ويٺا آھن، جن جا خشڪ چپ ۽ زرد چھرا انھن جي اُڃ بک جا ساکي آھن، اُتي ئي ڪجهہ مفاصلي تي خيمن جي قطار ۾ ڪجهہ سياسي واسطا رکندڙ ماڻھو، ويران اجڙيل زندگين کان هڪ ٻہ درجا سُکي زندگي گهارين ٿا، ان تي بہ حيرت نٿي ٿئي. حيرت ٿئي ٿي انتظاميا جي بي خبريءَ تي. اسان جي انتظاميا جنھن ڊگهي غفلت جي ننڊ ۾ ستل آهي، ان کي ڪير جاڳائيندو؟ خوابِ خرگوش مان جاڳائڻ لاءِ تہ پاڻي جي لپ ڪافي هوندي آهي پر جنھن انتظاميا کي، سنڌ کي ٻوڙيندڙ ٻوڏ جو پاڻي بہ نہ جاڳائي سگهيو، ان جي بي خبريءَ واري ننڊ کي ڇا سان ختم ڪجي؟

08 سيپٽمبر 2010ع

ثواب ڪمائڻ لاءِ ڪيل سيڙپڪاري

تڪليفن ۽ پريشانين جو مثبت پھلو انھن جي خاتمي لاءِ ورتل ڪوششن ۾ هجي ٿو، تڪليفون انسان کي ماري نہ ٿيون سگهون، پر انھن جو منفي حل انسان کي رنجائڻ جو باعث هجي ٿو. منفي حل انسانن جي ڏکن ۾ اضافي جو باعث بڻجي ٿو. اُهي اسان جا ٻوڏ متاثرين جن جا روڊ رستن تي ٺھيل اجها، شھرن ۽ ٻھراڙين جو ڏيک ٿا ڏين. تيز رفتار گاڏين ۾ گذرندي، هاڻ اسين صرف هڪ نظر، ڪنڌ ڦيرائي انھن ڏانھن اڇلايون ٿا ۽ انھن جي اکين ۾ موجود درد ۽ انھن جا اگهاڙا پير گاڏين جي رفتار جو مقابلو نٿا ڪري سگهن ۽ نہ وري اسان جي اڇلايل هڪ رحم واري نظر ۾ موجود همدرديءَ جا جذبا اهي پڙهي سگهن ٿا، مھينو پھرين جڏھن درد جا قافلا حيدرآباد ۾ لھڻ شروع ٿيا هئا تہ رليف جي دوران افراتفريءَ ۾ سوين ماڻھن جي زخمي ٿيڻ ۽ ڪجهہ موت جون خبرون ميڊيا تي رپورٽ ٿيون هيون، جيڪو ڪجهہ بہ حڪومت ۽ سماجي تنظيمن پاران رليف ٿيو پئي اهو انھن جي ضرورتن کان تمام گهٽ هو. رليف جي دوران انساني رويا جيڪي ظاهر ٿيا، انھن مان اهو ظاهر ٿيو ڄڻ تہ مھا ساگر ۽ آيل ٻوڏ، سنڌ جي روايتي مھمان نوازي ۽ پيار کي بہ لوڙهڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي هجي. ائين ٿي لڳو تہ مھمان نوازي ۽ پيار جا اهڃاڻ اهي ئي ضلعا ۽ اهي ماڻھو هئا، جيڪي مھا ساگر ٻوڙي ڇڏيا. ڪنھن جو درد ونڊڻ، تڪليف ۾ ڪم اچڻ، ٻڏلن جي سھائتا ڪرڻ، انسانيت لاءِ نہ پر پنھنجي نيڪين جي اڪائونٽ ۾ اضافي جو ڪارڻ هو، ڪجهہ مخصوص ڏينھن ۾ ڪيل نيڪين جي ٻئي فائدي جي حصول لاءِ هو. ڪنھن ڪاروباري نقطہ نظر کان ڪيل سيڙپڪاري جيڪا ڪجهہ عرصي کان پوءِ ٻيڻو ٽيڻو فائدو ڏياريندڙ هجي، اها هر ڪنھن لاءِ باعث ڪشش هجي، مٿي انسان سدائين سوچي سمجهي گهاٽي جو سودو نہ ڪندو آهي، سدائين منافعي تي نظر رکندڙ انسان ھن آفت جي وقت ۾ بہ پوئتي نہ رهيا، هڪ هٿ سان ڏيڻ ۽ ٻن هٿن سان ميڙڻ واري فارمولي تحت، انھن ماڻھن پنھنجي سوچ ۽ سمجهہ مطابق مدد جي انداز کي نيڪين ميڙڻ جو ذريعو بڻائيندي، اهو ڪجهہ بہ گهرڻ سان نہ ڏنو، جنھن کي ھنن پاڻ پنھنجي لاءِ استعمال جي قابل نہ پئي سمجهيو. ھنن سمجهيو تہ اهي ڦاٽل گرم ڪپڙا ۽ سوئيٽر گرمين ۾ سندن نامه اعمال ۾ ڪو سٺو اضافو آڻڻ جو ذريعو ثابت ٿيندا ۽ سندن سرخرو ٿيڻ جو باعث ٿيندا. اسين ايترا تہ مثبت آهيون جو هر شيءِ کي پنھنجي حاصلات جو ذريعو بنائڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون، جيئن ٻوڏ جي متاثر ٿيل ماڻھن لاءِ بہ اسان جا رويا اهڙا ئي رهيا، دلي محبت ۽ همدرديءَ جي جذبن کان خالي ڪجهہ مخصوص ڏينھن ۾، سيڙپ ڪاريءَ جي مھم، سيلاب جي پاڻيءَ وانگر تمام پرجوش رهي، پر ان وقت جي خاتمي ڄڻ تہ ٻوڏ جي پاڻيءَ وانگر جذبن جي اٽل کي بہ سُڪائي ڇڏيو. هاڻ اسان وٽ ھنن کي ڏيڻ لاءِ ڪجهہ بہ نہ بچيو آهي، ڇو تہ هاڻ اسان کي ڪاروبار ۾ فائدي جي اميد گهٽ آهي. هاڻ سماج ۾ ٻوڏ ستايلن لاءِ صرف ڏڪار ۽ انھن جي واپسيءَ جا سوال وڃي بچيا آھن.
ھنن کي اسين صرف ’ٻوڏ ستايل‘ جي ليبل سان سڃاڻون ٿا. ھنن جي خواهشن، دردن، ڀوڳنائن کي نظرانداز ڪري، اسان جي انتظاميہ ۽ سماج اهو سوچي ٿو. رليف جون شيون ڪيتريون ورهايون ويون. هاڻ وڃي خرچ جا حساب ڪتاب ۽ ڪاٿا بچيا آھن، پر دردن جي ڪٿ ڪرڻ لاءِ ڪير بہ تيار نہ آهي تہ انھن جي پيڙائن کي اسين ڪيتريقدر ختم ڪري سگهيا آهيون يا اسان جا رويا انھن جي احساسن کي مجروح ڪرڻ جو باعث بڻجن ٿا. هتي تہ هر شخص هڪ ڪھاڻي آهي، جنھن انسانن جي کٽين مٺين يادن جي راک ڦلورڻ سان هٿ آڱريون سڙي ٿيون وڃن تہ انھن جا پنھنجا وجود ڪيتريقدر ڀسم ٿيل هوندا، ڪنھن جي اڳيان هٿ ڦھلائڻ، پنھنجا سور ٻڌائڻ حاجت بيان ڪرڻ سولو تہ نہ آهي. اهو باھہ جو سمنڊ روز اُڪرن ٿا، پر انھن جي سھپ جي ڪٿ ڪير بہ نٿو لڳائي سگهي. ڏکن ۽ تڪليفن، آزمائش جي گهرائيءَ وانگر سندن سھپ بہ دنياوي ماپن کان مٿاهين آهي. ڀل تہ سماجي رويا، انھن جي بيتابين، بيچينين، بي صبرين کي جرم سمجهن، سندن علائقائي صورتحال کي بہ سندن ڪردار سان سلھاڙي کين مجرم ثابت ڪيو وڃي، پر، اها حقيقت آهي تہ قدرت پاران ڏنل ڏکن جي مرحلن مان پار پوڻ کان پوءِ سرڪار پاران ڏنل تذليل جا مرحلا ۽ ھنن جي نصيب جو حصو بڻيا ويا آھن. هو ڀوڳين ٿا، دانھين ٿا، ڦٽيل اندر جو حال ظاهر ڪن ٿا. ميارن جا دفتر ھنن غريبن جي اعمالن سان ڪارا ٿا ٿين. جيڪڏھن ريسڪيو جي وقت ڪيترائي انسان ٻوڏ ۾ لڙهي ويا تہ بہ انتظاميہ پاڻ تي ڪوبہ الزام برداشت ڪونہ ٿي ڪري، اسان جي انتظاميہ جي ميار آهي، ڇو تہ خبردار ڪرڻ جي باوجود هر ماڻھو پنھنجي ڪکائن جهوپڙن کي ڇڏڻ لاءِ تيار نہ ٿيا هئا. ھنن حڪومت تي بي اعتمادي جو اظھار ڪندي ٻوڏ سان مقابلي جي همت ڪئي هئي. اها الڳ ڳالھہ آهي اُتي بہ سندن اعتماد ٽٽي پيو هو. رليف جي وقت بدانتظاميءَ جي ذميواريءَ بہ ٻوڏ ستايلن جي جھالت جي کاتي ۾ لکي وئي، اڻپوري سامان جي غير معياري تقسيم جا سڀ گناھہ ٻوڏ ستايلن جي نامي اعمال ۾ لکيا ويا. ڪئمپن ۾ موجود 3 سالن کان 5 سالن جا ٻار کير لاءِ واجهائيندا رهيا. بريانيءَ جي ديگن تي ڌڪا ثاٻا، پيھہ پيھان، رليف جي سامان جي تقسيم جي باقاعدگين کي عورتون ڏسنديون رهجي ويون، مرد لٺيون کائيندا رهيا. پر انھن سڀني ڳالھين ۾ انتظاميہ بي معيار رهي ڇو تہ اهي مسئلا انھن ٻوڏ ستايلن جا ئي پيدا ڪيل هئا ۽ انھن کي لوڙهڻ انھن جي تقدير هئي. ٻوڏ ستايلن جي واويلا، ڌرڻا ۽ احتجاج ڪارگر ٿيا تہ بين الاقوامي ادارن بہ سھائتا جي تياري ڪئي. هڪ دفعو وري انتظاميہ ستل سور جاڳائي ڇڏيا، ڦٽن تي لوڻ ٻرڪڻ جا سعيا پوري تياريءَ سان ڪيا ويا. وطن ڪارڊ جي سھڻي مٺي ‘لولي پاپ’ ڏيکاري عوام کي خوشفھميءَ جي نازڪ چادر ڍڪائي وئي، جيڪا جٽادار ثابت نہ ٿي، سُٺي کي خراب ڪرڻ، سولي کي ڏکيو ڪرڻ، حق کي ناحق ڪرڻ، انصاف کي ناانصافي ۾ تبديل ڪرڻ، سچ کي ڪوڙ ڪرڻ ۽ شفاف کي غير شفاف بڻائڻ ڪير اسان کان سکي. سو سڀ ڪجهہ ‘وطن ڪارڊ’ جي تنقيد جي شروعاتي مرحلن ۾ ئي نظر اچي پيو، انتظاميہ جي بي خبريءَ هڪ دفعو وري ٻوڏ متاثرين کي لٺين جا وسڪارا ڪرايا آھن ۽ گهرن ۾ محفوظ ويٺل ماڻھن، ان اسڪيم مان فيض حاصل ڪيو آهي. مڪمل طور تي تباھہ ٿيل ضلعن جا ماڻھو وطن ڪارڊ جي حصول جا طريقا پيا پڇن ۽ مطمئن آسوده گهرن ۾ موجود ماڻھو عزت سان ان اسڪيم مان فائدو حاصل ڪري رهيا آھن. سکر ضلعي ۽ خيرپور ضلعي کي انتظاميہ ٻوڏ کان تہ نہ بچائي سگهي، پر اتي جي بچي ويل ماڻھن لاءِ وطن ڪارڊن جي حصول کي يقيني بڻايو ويو آهي. گهوٽڪي ضلعي جا ماڻھو وطن ڪارڊ جي نالي تي لٺيون پيا کائين. شايد وطن جو نالو عوام لاءِ ڳوريون آزمائشون ۽ آفتون آڻيندڙ هجي ٿو. وطن قربانيون گهرندو آهي ۽ وطن جا مسئلا سر قربان ڪرڻ لاءِ هر وقت تيار هوندا آھن.
پراڻي چوڻي آهي تہ ”مٽياريءَ جو موت ويندي جي ويرم“ سو اها چوڻي ٻوڏ لاءِ بہ ٺيڪ ثابت ٿي، ڪنھن مضبوط قلعي جيان مٽياري ضلعو ناقابل فتح رهيو، جنھن کي بچائڻ لاءِ اُتي جي عوام، انتظاميہ ۽ حڪومت جون ڪوششون ڪارگر ثابت ٿيون، جنھن ۾ اهم ڪردار ماڻھن جي عقيدن جو بہ رهيو تہ، مٽياري ضلعي جا اولياءَ ۽ بزرگ ان جي حفاظت ڪندا، سو اها ڳالھہ ٺيڪ ثابت ٿي تہ، مٽياريءَ جا بزرگ زور نڪتا نہ صرف ٻوڏ کان آباديءَ وارا علائقا محفوظ رهيا، پر ٻوڏ متاثرين لاءِ جاري ڪرايل وطن ڪارڊن جو حصول بہ آسان بڻجي ويو. ڪجهہ ماڻھن جا عقيدا مضبوط ٿيا تہ ڪجهہ ماڻھو انتطاميہ جي بي خبري ۽ نادرا جي قابليت تي ماتم ڪندا رهجي ويا. جتي ڪجهہ دليون اعتماد سان مضبوط ٿيون تہ لاتعداد دليون ناانصافين جي زخمن مان ڇلجي ويون. اجهن وارن جا اجها مضبوط ٿيندا ويا ۽ بي گهر بي ٿي رهيا. اسان وٽ ناانصافي ۽ بي خبريءَ جو ڪو ڪاٿو ئي نہ آهي، شايد اها بي خبري ئي آهي، جيڪا انصافيءَ کي هٿي ڏيندڙ هجي ٿي. ٻوڏ ستايل پيڙهيل طبقو هڪ طرف فنڊ حاصل ڪندڙ طبقو ٻئي طرف وچان هڪ ٻيو مظلوم طبقي جي تشڪيل جون تياريون ٿي رهيون آھن، جيڪو ٻوڏ جو ٽيڪس ڀريندو. هي اهو طبقو آهي، جنھن ٻوڏ ستايلن جي سھائتا ڪئي آهي. هي اهو طبقو آهي، جنھن ٻوڏ جي دوران سڌي ۽ اڻ سڌي طرح ذھني پيڙائن کي بہ ڀوڳيو آهي. اسان جو اپر ڪلاس هر ٽيڪس ۽ هر پيڙا کان سڌي طرح محفوظ رهيو آهي. ھن وقت جيڪو نظام اسان جي سماج ۾ هلي رهيو آهي، اهو ‘انڌير نگري چرٻٽ راجا” کان گهٽ نہ آهي، اهو طريقو منظم سماج کي بي ترتيب سماج ۾ تبديل ڪندو پيو وڃي، آس پاس کان بي خبري ۽ ناانصافي جي ورچڙهيل مظلوم عوام سھائتا لاءِ ڪھڙو در کڙڪائي. . . ؟ قھر تہ اهو آهي تہ جن ضلعن ۾ ٻوڏ آئي آهي، اتي جي ماڻھن کي وطن ڪارڊ جي حصول لاءِ نااهل قرار ڏنو پيو وڃي. اسان جو سماج نظام اهو نظام آهي، جيڪو بنيادي طرح سان ناانصافي تي ٻڌل آهي، هتي هر غير قانوني ڪم ممڪن ۽ آسان هوندو آهي، هتي ڪنھن قتل جي مجرم کي بچائڻ سولو پر ڪنھن بيگناھہ کي بيگناھہ ثابت ڪرڻ مشڪل هجي ٿو. ساڳي طرح حقدار کي حق ڏيارڻ مشڪل ۽ اميرن کي امير بڻائڻ سولو آهي.
اسان جا پٺتي پيل ضلعا جن جي غربت اسين برداشت نہ پيا ڪري سگهون، پنھنجين ڪوتاهين تي پردو وجهڻ لاءِ اسين انھن جا ڏوھہ گناھہ، جھالت سڀ شيون ظاهر پيا ڪريون. جڏھن تہ هر چڱائي جو سماجي ڪارج ھن جي چڱي نموني سان عمل ڪرڻ ۾ هجي ٿو، ڪابہ چڱائي تيستائين فائديمند ثابت نہ ٿي سگهندي، جيستائين اهو مثبت عمل نہ هجي. اهو هڪ ٻرندڙ سچ آهي، جنھن کي منھن ڏيون ٿا تہ ساڙي ڀسم پيو ڪري، جيڪڏھن ڍڪي ٿا ڇڏيون تہ هڪ ڏينھن لائو بڻجي ڦاٽندو ۽ پوءِ شايد ئي ڪا لِڪڻ جي جاءِ انھن ٻرندڙ پٿرن کان اسان کي بچائي سگهي.

13 آڪٽوبر 2010ع

ڪراچيءَ تي دهشت جو راڄ

ڪجهہ رويا جسم ۽ جان ۾ ان حد تائين سرايت ڪري ويندا آھن جو انھن جو خاتمو وجود جي خاتمي سان لاڳاپيل ٿي وڃي ٿو. قديم ڏند ڪٿا جي مطابق جبلن جي وچ ۾ ٻہ مرد عورت رھندا هئا. هڪ ڏينھن مرد شڪار ڪري آيو تہ، شيطان ان جو شڪار کڻي ويو. ٻئي ڏينھن مرد وري شڪار جي تلاش ۾ ويو تہ عورت، واپسيءَ تي شڪايت ڪئي تہ شيطان ڪجهہ ضرورت جون شيون کڻي ويو. شيطان جون شرارتون روز بروز وڌڻ لڳيون تہ تنگ ٿي، ان مردن هڪ ڏينھن مقابلي جو فيصلو ڪيو. شيطان پنھنجين پورين شرارتن سان ھن کان پاڻ بچائيندو رهيو. شيطان کي نہ باھہ ساڙيو، نہ هو پٿرن جي ڌڪن سان مئو، نہ وري ڪاٺين جي ڌڪن سان ختم ٿيو. سڀ تدبيرون ناڪام ٿينديون ڏسي، ان مرد ديوتائن کان مدد گهري، انھن ديوتائن پنھنجي طاقت استعمال ڪري شيطان کي هڪ بيضي جي شڪل ۾ آندو، مرد اهو بيضو آڻي عورت جي اڳيان رکيو، عورت ان کي بچايو ۽ ٻنھي گڏجي ان کي کائي ڇڏيو. جڏھن بيضو کائي ختم ڪيائون تہ انھن جي اندر مان شيطان جو آواز آيو: ”مون کي جتي پھچڻو هو، آئون اتي پھچي چڪو آهيان“ ان قديم ڏند ڪٿا مطابق ان دؤر کان نيڪي، بديءَ جون ٻئي قوتون هڪ جيتري سگهہ سمان انسان جي اندر داخل ٿي ويون ۽ انھن جو جهيڙو شروع ٿي ويو، اهو ئي انساني روين ۽ جذبن جو ٽڪراءُ آهي، جيڪو سماج ۾ افراتفري ڦھلائڻ جو ڪارڻ بڻجڻ سان گڏوگڏ انسان کي انسان جي مقابلي ۾ بيھارڻ جي هٿي ڏيندڙ هجي ٿو.
قديم دور جا جهڳڙا تہ ”جيڪو ڏاڍو سو گابو“ جي تحت حل ٿيندا هئا ۽ خوف ۽ دهشت ڦھلائيندڙ قوتون ٻين تي حاوي ٿيڻ ۾ ڪاميابي ماڻي وٺنديون هيون، پر هي موجودہ دؤر بہ ڪنھن Pre historic دؤر کان گهٽ نظر نٿو اچي، هر ويل عام ماڻھو خوف جو شڪار ٿيندو نظر ٿو اچي. ائين محسوس ٿئي ٿو تہ اسين قديم دور جا انسان آهيون، جيڪي اڃا تائين پنھنجي تحفظ ۽ بچاءَ جا گس ڳولھڻ ۾ ناڪام آهيون. ڪراچيءَ جي فضائن ۾ خوف ۽ دهشت آهي. ساحلي شھر جي سمنڊ جي خوشبو ۾ رچيل هوائن ۾ رت جي بوءِ شامل آهي. . . ! دهشت ساحلي شھر جي ٿڌين هوائن ۾ بارود جي گرمي ڀري ڇڏي آهي.
روشنين جي شھر کي موت جا ڪارا ڪڪر وڪوڙي ويا آھن، رستن تي اونداهين جو راڄ ٿو نظر اچي، موت جا واڳو هر زنده شيءِ کي ڳڙڪائيندا ٿا وڃن، گولين جي برسات وسندي ٿي رهي، جيڪا هر معصوم زندگيءَ کي موت جي گهاٽ لاهيندي ٿي وڃي. بنا ڳڻپ جي گولين جي وسڪارن ۾ لاشا کڄندا ٿا رھن. گاڏيون سڙنديون ٿيون رھن. دهشت جا سوداگر زندگيون خريد ڪري، موت منافعي جي طور تي ورهائين ٿا. هزارين ميل پري کان ڪا ڏور هلائي ٿي وڃي ۽ پنھنجو تماشو هتي ٿو پيش ٿئي. ٽريگر دٻائڻ وارا هڪڙا، بندوق ٻين جي ڪلھن تي ۽ مارجندڙ اهي ئي ساڳيا. مسڪين، اٻوجهہ، غير يقيني ۽ معتبر محفوظ فضائن زندگيءَ جا پل ڳڻندڙ انسان، اهي انسان جيڪي گهران نڪرڻ مھل، جنگ تي ويندڙ انسان جيان ڪفن ٻڌي ٿا نڪرن، ڳڀي جي ڳولا هينئر جنگ جي مثل آهي.
انساني حقن ڪميشن جي مطابق 2007ع جي پھرين ڇھن مھينن ۾ سياسي ڪارڪن ٽارگيٽ ڪلنگ جو نشانو بڻيا. ان کان علاوہ 2006ع 17 جنوري تي 8 ماڻھو، 19 مئي تي فائرنگ ۾ 17 ماڻھو مارجي ويا، ڪاروبار ٺپ ٿي ويو. 20 مئي 23 ماڻھو مارجي ويا، 12 جون تي 16 ماڻھو مارجي ويا. جنوري 2006ع کان جولاءِ تائين 1036 ماڻھو مارجي ويا. 2008ع تائين 1445 ماڻھو مارجي ويا. انساني حقن جي ڪميشن جي انگن اکرن مطابق 6 مھينن اندر مذهبي، سياسي جماعتن جا 260 ڪارڪن فوت ٿيا آھن.
سعيد احمد نعيمي، سھيل انجم، صوبائي ڪارڪن اسيمبلي رضا حيدر، ڊاڪٽر عمران فاروق جي مارجڻ کانپوءِ ڪيترا بي نام نشان لاشا کنيا ويا، جن جي نالن جي بہ خبر نہ پئي. انگ اکر ئي سڃاڻپ جا حوالا بڻجي ٿا وڃن تہ اڄ 5 ماڻھو مارجي ويا، اڄ 10 مارجي ويا، پر انھن جو پتو، نالو نشان قاتل وانگر لڪل رهجي وڃي ٿو. نامعلوم قاتل، نامعلوم مقتول، نہ قاتل مقتول کي ٿا سڃاڻن، نہ مقتول قاتل کي بي نقاب ڪرڻ جي سگهہ ٿا رکن. پتنگن وانگر مختصر زندگي، مختصر هلڪو وجود رکندڙ انسان جيئڻ جي تلاش ۾ نڪرن ٿا ۽ موت جي چنبي ۾ ڦاسجي زندگي تان هٿ کڻي ٿا وڃن.
اسين ان سماج ۾ جيئون ٿا، جنھن ۾ هڪ زندگي سان 10 زندگيون وابستہ هجن ٿيون. هڪ فرد ڏھن فردن جو معاشي ضرورتون پوريون ڪري ٿو. ڏھن فردن جو محافظ هجي ٿو. ڏھن فردن جو جذباتي سھارو هجي ٿو، جنھن ويل گوليون جا وسڪارا ڪنھن بہ هڪ سيني کي پروڻ ڪري رت جا ريلا وهائين ٿا تہ 20 اکيون بہ رت روئينديون هونديون.
هڪ نامعلوم لاش نہ ٿو کڄي، پر 10 معلوم زندگي زنده لاشن ۾ تبديل ٿي ٿيون وڃن، ڏھن سرن تان سائبان کڄي ٿو وڃي، ڏھہ پيٽ بکايل رهجي ٿا وڃن، ڏھہ انسان جذباتي اڪيلائيءَ جو شڪار ٿي ٿا وڃن.
عمل هڪ ھنڌ ٿو ٿئي تہ ردعمل ٻئي جاءِ تي جاري ٿي ٿو وڃي. جنھن ويل ڊاڪٽر عمران فاروق جي لنڊن ۾ قتل جي خبر پاڪستان ۾ پھتي تہ خوف ۽ دهشت وچان شھرن ۾ سناٽو ڇانئجي ويو، اڻ ڏٺا خوف جا ڪڪر شھر کي وڪوڙي ويا. ڪراچيءَ ۾ ڪاروبار بند ٿي ويو، صبح صبح جو ڪجهہ خوف جا بادل حيدرآباد شھر کي وڪوڙڻ جي تيارين ۾ لڳي ويا، پر ڪراچي شھر ڪافي حد تائين ويران بڻجي ويو. انتظاميہ ۽ حڪومت يقينن ان ڳالھہ کان بي خبر آهي تہ اسان جو ڪيترو عوام روز ڪمائي ٿو ۽ روز کائي ٿو. هزارين ميل پري آسائشن جي ھندورن ۾ لڏندڙ، هتي جا نيم ۽ مسئلا وساري چڪا هوندا، پر جيڪي اسان جي سماج ۾ اسان سان گڏ بارودي فضا ۾ جيئن ٿا، انھن کي خبر هجڻ کپي تہ جيڪڏھن هڪ مزدور مزدوري نہ ڪندو تہ، ان ڏينھن ان جي گهر جي چلھہ نہ ٻرندي. سبزي فروشن، ڀاڄين وڪڻڻ لاءِ ريڙهو نہ ڪڍندو تہ سندس گهر جو ڏيو بہ نہ ٻرندو. ڪو رڪشا هلائڻ وارو، رڪشا نہ هلائيندو تہ سندس زندگيءَ جو ڏيئو بہ وساڻيل هوندو. صرف هڪ ڏينھن جي ڪاروھنوار جي بندش زندگيءَ کي متاثر ڪري ٿي، پر هڪ ئي ڌڪ ۾ 10 ڏينھن سوڳ جو اعلان، دل ڏاريندڙ ٿو لڳي. هر قسم جي خوف، دهشت، موت جو اثر اسان جي پيڙهيل طبقي تي ئي ٿئي ٿو.
اسان جو سبزي فروش، اسان جو درزي، اسان جو ڌوٻي اسان جو مزدور، اسان جو ڊرائيور، هر قسم جو ڌنڌو واپار ڪندڙ ماڻھو هڙتال ۽ سوڳ ۾ لڙهي ٿو.
هر گهر ۾ هڪ پوڙهي ماءُ، هڪ انتظار ڪندڙ زال، ڪجهہ ٻار، ڀائر ڀينرون هجن ٿا. انھن زندگين جي پيڙهجڻ کي ڏسي هر اک سوڳ ۾ روئڻ وساري ڪاوڙ ۾ ڳاڙهي ضرور ٿيندي. چڙ، ڪاوڙ ۽ سوڳ انھن تي اثر انداز ڇو نٿا ٿين، جيڪي سڌا سنوان انھن مسئلن ۾ ڀاڱي ڀائيوار هجن ٿا. بک ۽ بيحاليءَ جي موت جي ور بہ عوام ٿو چڙهي تہ جسماني موت بہ ان جو ئي نصيب ٿو بڻجي. ڊاڪٽر عمران جي موت جي ردعمل ۾ مارجي ويندڙ گهڻي حد تائين ڊاڪٽر عمران کي سڃاڻندا ئي ڪونہ هوندا. سوڳ، هڙتالون ۽ ڪاروبار بند ڪرڻ، زنده شھرن کي مردہ ڪرڻ جا اعلان ڪرڻ وارن کان ڪير پڇي تہ ويجهن ساٿين جي موت تي هڪ ويلي ماني کائڻ ڇڏي سگهن ٿا؟ هڪ ڏينھن فٽ پاٿ تي رهي، انھن گرميءَ ۾ سڙندڙ سردين ۾ مرندڙ انسانن جو درد محسوس ڪرڻ جي همٿ رکن ٿا؟ هڪ ڏينھن پرآسائش بسترا ڇڏي، زمين جي بستري تي سمھي سگهن ٿا؟ هڪ ڏينھن ايئر ڪنڊيشنڊ گاڏين مان لھي روڊ تي پنڌ ڪري سگهن ٿا؟ وڏن ماڻھن ۽ سياسي ليڊرن ۽ انقلاب جي شھيدن جو ڏک سياسي ماڻھو ڇو نٿا برداشت ڪن؟ بک ۽ موت کي منھن ڏيڻ صرف ۽ صرف عوام جو ئي مقدر بڻائيندڙ قوتون ان درد مان گذرڻ جي ست ڇو نہ ٿيون ساري سگهن؟
اسان جو عوام تہ موت جو عادي ٿي ويو آهي، هو ڏک ۾ بہ مري ٿو ۽ خوشين ۾ بہ خوشي خوشي موت کي گلي لڳائڻ لاءِ تيار ٿي ٿو وڃي. خوشين ۾ نڪتل ريلين ۽ جلوسن ۾ بہ عوام مرندو آهي، خوشين جي فائرنگ ۾ بہ عوام مرندو آهي ۽ دهشت جي فائرنگ ۾ بہ مرڻ وارو اهو ئي غريب عوام هجي ٿو. سچ پچ تہ بديءَ جي سگهہ وارن روين انسان کي ڪمزور ڪري ڇڏيو آهي، اندر ۾ موجود شيطان، انسان کي انسان رهڻ نہ ڏنو آهي. انسان ازل کان جيئڻ ڪاڻ پاڻ پتوڙيندڙ رهيو آهي. هر ترقي جو بنياد انسان جو بچاءُ رهيو آهي، انسان جو غارن ۾ لڪڻ بہ ان جي علامت هو ۽ غارن ۾ باھہ ٻارڻ بہ ان سلسلي جي ڪڙي هئي، وحشي درندن کي شڪار ڪري ختم ڪرڻ، پاڻ کان طاقتور جانورن کان بچاءَ لاءِ اجها ٺاهڻ، سماج ۽ معاشري جي تشڪيل، قائدن قانون مذهب، هر ڪنھن رويي جو مقصد انسان جو بچاءُ رهيو آهي. انسان ھن ڌرتيءَ جي گولي جو ذهين ترين جاندار مڃيو وڃي ٿو. جنھن ڌرتيءَ کان ٻاهر بہ زندگيءَ جي تلاش تي رستي تي قدم کنيو آهي. تارن جي ڪهڪشائن کي پنھنجي پيرن جي دز سان ميرو ڪندڙ انسان، چنڊ تي جيون گهارن جا سپنا اڻندڙ انسان، مريخ تي زندگي ڳولھيندڙ انسان، پنھنجي نظام شمسي مان نڪرڻ جا سانڀاها ڪندڙ انسان، ڪائنات جي وسعتن جا راز ڳوليندڙ انسان، اڄ 21 صدي ۾ ڌرتيءَ جي گولي تي پنھنجي بچاءَ جي جنگ، ميدان جنگ ۾ موجود آخري بھادر سپاهيءَ واري ويڙھہ وانگر وڙهي رهيو آهي. منفي روين جا واڳو هر پاسي کان ھن کي وڪوڙيندا ٿا وڃن، هو پنھنجي اندر جي سگهاري شيطان کان هارائي رهيو آهي. مثبت رويا ڪٿي پري، ڪنھن وجود جي گهرائيءَ ۾ ٻڏندا ٿا وڃن ۽ شيطاني ٽھڪڙا، انھن مدد لاءِ واجهائيندڙ آوازن کي ٻاهر نڪرڻ نٿا ڏين جيڪڏھن، مذهب، سياست، قانون، قاعدا، هر قسم جا طرز حڪومت، انسان جي بنيادي ضرورتن کي پوري ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ٿا وڃن. ذاتي تحفظ جي احساس کي دل ۾ سانڍي ترقيءَ جون منزلون طئہ ڪري، ترقي يافتہ هجڻ جو اعزاز ماڻڻ کان پوءِ جيڪڏھن انسان موت جي دهشت کان پاڻ بچائڻ ۾ ناڪام ٿي، شھرن جي جهنگ ۾ اڪيلو هجي تہ پوءِ بچاءَ جي آخري آرامگاھہ ڳولھڻ لاءِ ڪھڙو گس اختيار ڪجي؟ جيڪڏھن تباھہ ڪن روين کي تباھہ ڪجي تہ پوءِ ڇا اسان جي زندگيءَ جي بچڻ جي ڪا ضمانت هوندي؟

27 سيپٽمبر 2010ع

انصاف لاءِ واجهائيندڙ زينب

ھن جو ساڪن ۽ زندگيءَ جي جوش کان خالي وجود، سماج لاءِ ڄڻ تہ هڪ چماٽ هو. اهڙي چماٽ جيڪا اڪيلائيءَ ۾ پنھنجو پاڻ کي هڻجي ۽ وري هيڏانھن هوڏانھن نھاري پڪ ڪجي تہ ڪنھن ڏٺو تہ نہ آهي. مجبور ۽ بي سھارا انسان زندگيءَ کان خالي محسوس ٿيڻ لڳندا آھن ۽ جيڪڏھن انھن جون مشڪلاتون حل ٿيندي نظر نہ اچن تہ پوءِ انھن جي موجودگي هڪ چماٽ جيان لڳڻ ٿي لڳي. اسان جي سماج ۾ جرم جي رستن تي لڳل سنگِ ميل سدائين اڪيلي ۽ ڪمزور وجودن ڏانھن نشاندهي ڪندا نظر ايندا آھن پر جيڪڏھن پاڻ تي ٿيندڙ ظلم جي داستان ٻڌائيندڙ عورت هجي تہ پوءِ معاملي کي منجهائيندڙ بڻائي اعتراضن جا سڀ پٿر ھن ڏانھن اڇلائڻ سماج لاءِ تمام سولو ڪم آهي.
ھن نازڪ ننڍڙي ٻار کي بہ ھن وقت اها ئي صورتحال درپيش آهي، جنھن کي ساڻس ٿيندڙ ڏاڍائي جي ڏوھہ ۾، ڪنھن عمر قيد جي قيديءَ جيان قيدِ تنھائي جي اونداهي ڪوٺيءَ ۾ واڙيو ويو آهي. جنھن مھل هوءَ پاڻ تي گذرندڙ دکدائڪ وارتا ٻڌائي ٿي تہ سندس ڪنبندڙ آواز ۽ ڏڪندڙ نازڪ وجود، حساس دلين کي ڪاتيءَ جيان وڍي ٿو ڇڏي. اسان جي سماج ۾ عزت، غيرت جا سڀ حوالا عورت سان سلھاڙيل هجن ٿا. ڪنھن اتفاقي حادثي ۾ ٽنگ ٻانھن ڀڃائيندڙ عورت سان گڏوگڏ جنسي ڏاڍائي جو شڪار ٿيندڙ عورت بہ سماج لاءِ ناقابل قبول هجي ٿي. ان لاءِ بہ ڌڪار جا جذبا محسوس ڪيا وڃن ٿا. ان ڪري ئي ھنن 14 سالن جي اسڪول ۾ پڙھندڙ ٻارڙيءَ کي بہ سماج جي ڪٽھڙي ۾ ۽ ميڊيا کي منھن ڏيڻ لاءِ اڪيلو ڪيو ويو آهي. هوءَ پنھنجي سھيلين جي چوڻ تي، سندن گهر وئي جتي سندس معصوميت مان فائدو ورتو ويو. ھن جا مجرم اهي چار لوفر ڇوڪرا آھن جن جي لاءِ کپرو شھر جا واسي چون ٿا تہ اهي لوفر ڇوڪرا رولو ڪُتن جيان شھر جي واحد گرلز اسڪول جا چڪر ڏيندا رھندا هئا. گرلز اسڪول عام ماڻھن جي گهرن کان فاصلي تي هجڻ جي ڪري اڪثر ڇوڪريون پيدل اسڪول اچن وڃن ٿيون. ڇوڪرن جون ايجنٽ ڇوڪريون، معصوم ڇوڪرين کي ورغلائي انھن جي حوالي ڪري ٿيون ڇڏين. معصوم زينب سان ٿيندڙ اذيتناڪ واقعو انھن رولو ڇوڪرن جي جرمن تي پيل پردا کڻڻ ۾ ڪامياب ٿي سگهي ٿو. ڇو تہ ڇھين آڪٽوبر تي کپرو شھر جون ويران گهٽيون ۽ دڪانن جا بند دروازا شھر واسين جي شعور جي کليل دروازن جا ساکي هئا. انھن بند دروازن اهو اعلان ڪري ڇڏيو تہ هاڻ وڌيڪ جرم جا دروازا کليل نہ رھندا. کپرو شھر جا واسي ان ڏينھن رستن تي ميڙ ڪري احتجاج ڪري رهيا هئا تہ ٻين نياڻين جون لڄون محفوظ رکڻ لاءِ ضروري آهي تہ انھن مجرمن کي قانون جي ڪٽھڙي ۾ آندو وڃي.
زينب جي ڪيس ۾ بہ اهو ئي ڪجهہ ٿي رهيو آهي، جيڪو اسان جي سماج جي سڃاڻپ آهي. اسان وٽ زينب جي عزت جي قيمت پئسن سان لڳائي ويندي آهي. سو جيڪڏھن پئسا ڏيئي زينب جي مائٽن کي خاموش ڪرائڻ جون ڪوششون ورتيون ويون تہ بہ ڪا نئين ڳالھہ نہ ٿيندي. جيڪڏھن سياسي اثر رسوخ رکندڙ مجرمن کي سياسي چادر ۾ لڪائيندا تہ بہ ڪا نئين ڳالھہ نہ ٿيندي.
پوليس ڏاڍ اڳيان هٿ ٻڌي گوڏا کوڙي بيھندي تہ بہ ڪا نئين ڳالھہ نہ ٿيندي. جيڪڏھن زيادتيءَ کي، آمراڻي سوچ رکندڙ ماڻھو، ٽوڙي مروڙي، واقعن ۽ حقيقتن کي گول مول ڪري زينب کي مجرم قرار ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿين ٿا تہ بہ ڪا نئين ڳالھہ نہ ٿيندي. پر جيڪڏھن ھنن ظاهر ظھور بينقاب وحشي درندن کي کليل ڇڏيو ويو تہ باشعور ماڻھن جو شھر کپرو، جھالتن جي اونداهيءَ جي ور ضرور چڙهي ويندو. کپرو واسي چون ٿا تہ انھن رولو ڪُتن جو هڪ گروھہ آهي جن کپرو واسين جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آهي. شھر جا 80 سيڪڙو ماڻھو هاڻ نياڻين کي اسڪول ۾ موڪلڻ کان لنوائين ٿا. هو عزت جي بدلي ۾ ملندڙ تعليم کان ڇوڪرين کي گهرن ۾ بند ڪري ويھارڻ وڌيڪ محفوظ ٿا سمجهن. معصوم زينب جو ڪيس مجرمن لاءِ ‘ٻہ ڌاري’ تلوار بڻجي ويو آهي، جيڪا ھنن جي جسمن کي چيريندي اندر داخل ٿئي ٿي. کيس رتوڇاڻ ڪري، جسمن مان ٻاهر نڪرندي ٿي وڃي. ڇو تہ هي ڪيس ھنن لاءِ پھريون نہ هو. هو پراڻا کلاڙي هئا. ھنن لاءِ هيءَ پھرين ڇوڪري نہ هئي جنھن سان زيادتي ڪري پوءِ ان جي وڊيو ريليز ڪئي وئي هجي. جنھن مھل مائٽن کي پنھنجي نياڻيءَ سان ٿيل ان دردناڪ زيادتيءَ جي خبر پئي تہ ھنن جو ڪنڌ جهڪائي شھر ڇڏڻ يا بليڪ ميلنگ جي ور چڙهڻ جي بجاءِ قانون جو در کڙڪائڻ وارو فيصلو گهڻن مائٽن کي هٿي ڏياريندڙ بڻجي ويو. اهي ماڻھو جيڪي لڪ ڇپ ۾ بليڪ ميل ٿيندا رهيا هئا، جن کي ڌمڪيون ملنديون هيون تہ سندن ڇوڪرين جا فوٽو بہ ريليز ڪيا ويندا اهي پنھنجي منھن روئيندا، تڙپندا، ھنجون هاريندا ھنن بکين ڪتن اڳيان پئسن جون مڏيون اڇلائيندا رهيا، آخرڪار شھر ڇڏڻ تي مجبور ٿي ويا. کپرو واسي انھن اقليتي خاندانن جي ڳالھہ بہ ڪن ٿا، جيڪي پنھنجي عزت بچائڻ خاطر شھر مان لڏپلاڻ تي مجبور ٿي ويا. اسڪول ڏانھن ايندي ويندي نہ ڄاڻ گهڻين ڇوڪرين کي انھن لوفرن جي گند ڀريل نظرن جو مقابلو ڪرڻو پوندو هوندو. . . گهڻين شيشي جيان نفيس وجودن جو وجود انھن پٿر نظرن سان ڀورا ڀورا ٿيندو هوندو. گهڻين انڊلٺ جي رنگن جيان نازڪ جسمن کي انھن ڪارين نظرن، اونداهين ۾ ڌڪيو هوندو.
ڏاڍائيءَ جو لفظ ڪنھن ڇوڪريءَ لاءِ ڪنھن قيامت کان گهٽ تہ نہ آهي. ڇو تہ اسان جي سماجي روين مطابق عورت جي عزت تي لڳل داغ ان جي مرڻ سان بہ نہ لھندو آهي. بدناميءَ جي ڀڙڪندڙ باھہ عورت کي ستن زمينن جي اندر بہ ساڙي ڀسم ڪرڻ لاءِ تيار رھندي آهي. زمانو ان لاءِ دوزخ مثل بڻجي ٿو وڃي، جنھن ۾ هوءَ مسلسل سڙندي پچرندي ٿي رهي. سندس ۽ سندس مٽن مائٽن جا ڳوڙها ۽ رت ۽ ان ڀڙڪندڙ باھہ کي وسائڻ ۾ ناڪام بڻجي ويندا آھن. اسين انھن سماجي روين کان اڻ ڄاڻ تہ ناهيون پر ان جي باوجود بہ درندگيءَ جو شڪار ٿيندڙ معصوم ڇوڪرين جا فوٽو ميڊيا تي ڏيڻ، سياستدانن جو فوٽوسيشنز ۽ ميڊيا جي پڇا ڳاڇا جو گهيرو ان تي تنگ ڪيو ويندو آهي. انھن لوفرن کي ڪير، ڪوبہ ذھني دٻاءُ نٿو وجهي، ميڊيا انھن کان آڏي ابتي پڇا ڳاڇا نہ ٿي ڪري. سندن ڏوھن جو احتساب صرف ۽ صرف عدالت جي ذميواري قرار ڏنو ٿو وڃي. باقي ڪمزور ۽ هيڻي جو احتساب سولو سمجهيو ٿو وڃي. زينب جي اندر ۾ دوستن جي ڌوڪيبازي جا لڳل داغ، ميڊيا جي همدردي، سياستدانن جي فوٽوسيشنز مان نٿا ڌوپجي سگهجن پر انھن ملاقاتن جي بنسبت جيڪڏھن ڪجهہ ملاقاتون مجرمن سان ڪيون وڃن انھن جا فوٽو اخبارن ۾ ڇپرايا وڃن تہ شايد ڪجهہ ستل ضمير جاڳي پون. مجرمن کي بچائيندڙ غيبي هٿن کي بہ ظاهر ڪجي، انھن جي ڏور هلائيندڙ هٿن کي بہ بي نقاب ڪجي تہ سماج ۾ وڌندڙ جرم شايد ڪجهہ وقت لاءِ رڪجي وڃن.
سوال اهو نہ آهي تہ زينب انھن ڇوڪرين جي ڄار ۾ ڪيئن ڦاٿي؟ هوءَ گهر ڪيڏي مھل پھتي؟ مائٽن کي ٻڌايائين يا نہ؟ مائٽن ايف آءِ آر دير سان درج ڇو ڪرائي؟ سوال اهو آهي تہ 7 جوابدار، جن ۾ 3 ڇوڪريون ۽ چار ڇوڪرا ملوث آھن، اهي سڀ سوال انھن کان پڇڻ جو حوصلو اسان ۾ ڇونہ آهي؟ هي طاقتور پٺڀرائي رکندڙ ٽولو ڪيترا جرم ڪري چڪو آهي، گهڻين نياڻين جون عصمتون تار تار ڪري، انھن جون فلمون دنيا اڳيان نروار ڪري چڪو آهي. انھن جي ڪُڌن ڪرتوتن کي دنيا جي اڳيان آڻڻ ۾ ڪوتاهي ڇو ٿي رهي آهي؟
جن جي گهرن ۾ مائون، ڀينرون ۽ نياڻيون موجود آھن اهي پڪ سان ان ڳالھہ کي پسند نہ ڪندا تہ ڪنھن معصوم اسڪول جي شاگردياڻيءَ کي بار بار پاڻ سان ٿيندڙ شرمناڪ حادثي جا تفصيل ٻڌائڻ لاءِ مجبور ڪيو وڃي. ان گذري ويل اذيت کي ورجائي ھن کي وڌيڪ اذيت ۾ مبتلا ڪيو وڃي. اهو سوچيندي بہ شرم ٿو اچي پر حقيقت اها آهي تہ اسين ان سماج ۾ جيئون ٿا جنھن ۾ اسان جي نظر ۾ صرف پنھنجي گهر جي عورت عزت ۽ احترام جي لائق هجي ٿي، ان ڪري ئي اسان جا شھر هاڻ جهنگ جو ڏيک ڏيڻ لڳا آھن، جن ۾ وحشي جانور آزاد ٿا ڦرن. انھن تي ڪوبہ ضابطو ڪابہ حدبندي لاڳو نہ ٿي ٿئي. هو پنھنجي پسند جي شڪار جي ڪڍ ٿا لڳن. حملا ڪن ٿا، انھن جي جسمن کي جبري ڦاڙي کائي ختم ٿا ڪري ڇڏين. انھن کي روڪڻ جو ساهس ڪير نہ ٿو ساري سگهي. انھن معصوم نازڪ گڏڙين جيان نفيس ڇوڪرين جي روح جا عضوا ڀڃندڙ ماڻھن خلاف اهي ماڻھو متحد ڇو نٿا ٿين، جيڪي سنڌي جذباتي عوام کي ثقافت ۽ سياست جي نالي تي ڪٺو ڪري وٺندا آھن. ڪنھن برائيءَ کي ختم ڪرڻ لاءِ عوام کي متحد نٿو ڪري سگهجي؟ ڇا صرف ان ڪري تہ ان ڏوھہ جو شڪار صرف عورتون ٿيون ٿين؟
ان سماج جي پيڙهيل ۽ هيڻي طبقي کي، ملڪي قانون ۾ ڪوبہ تحفظ حاصل ڪرڻ جو حق نہ آهي؟ زينب ۽ ان جي گهر جي ماڻھن جا روح بہ کپرو جي گهٽين جيان سنسان ۽ ويران ٿا لڳن. ھن گهٽ ٻوسٽ واري سماج ۾، پنھنجي نياڻيءَ سان ٿيندڙ زيادتيءَ خلاف اٿي بيھڻ جو ساهس رکندڙ سندس چاچن کي، ان شرمناڪ حادثي جو ڏک ۽ پيڙا ڀوڳڻ سان گڏوگڏ ٻين الزامن کي بہ منھن ڏيڻو پيو پوي. ڪجهہ محدود شعور رکندڙ ماڻھن جو ٽولو ھن واقعي کي لساني جهڳڙو وڌائڻ جي سازش ٿو قرار ڏئي. ڪجهہ سياسي ڌرين ۾ نفرتون پيدا ڪندڙ سازش ٿو قرار ڏي. پر پنھنجو ڏک برداشت ڪري ٻين نياڻين جي عزت بچائڻ واري سوچ جي ساراھہ ڪرڻ وارا ماڻھو اڻ لڀ ٿيندا ٿا وڃن. جنھن ويل ھنن چاچن کي، ان شرمناڪ وڊيو جي خبر پئي تہ ان قيامت خيز خبر سان گڏوگڏ ٻئي وڄ جيان ڪڙڪندڙ خبر اها بہ هئي تہ اها شرمناڪ وڊيو شھر جي اڪثر نوجوانن جي موبائل ۾ بہ Youtube تان upload ڪئي وئي آهي، پوءِ ڪجهہ شھر واسين ان راز تان بہ پردو کنيو تہ ڪجهہ ٻين ڇوڪرين جو وڊيوز بہ upload ڪيون ويون هيون. ان گروھہ جو اهو طريقيڪار ماڻھن کي بليڪ ميل ڪرڻ لاءِ هو. هر واقعو ڪجهہ سوال ذھنن ۾ اڀارڻ جو باعث هجي ٿو. ھن انسانيت سوز شرمناڪ واقعي بہ تمام گهڻا سوال اٿاريا آھن. جن مان اهو بہ آهي تہ اڄ جو ترقي يافتہ انسان جديد ٽيڪنالاجي جي ذريعي نوان نوان جرم ڪرڻ سکيو آهي، ڏوھن جا گس ڳولڻ سکيو آهي. تڪڙو تڪڙو، روز بروز نوان نوان جديد جرم اڳيان اچن ٿا پر جدت ۽ ٽيڪنالاجي انساني سوچ کي مثبت لاڙا ڏيڻ ۾ ناڪام ڇو ٿيندي ٿي وڃي، جرمن خلاف قانون سازي ۽ ان تي عمل ۾ سستي ختم ڇو نٿي ٿئي؟ سيهڙ ۽ ڪُميءَ جي ڊوڙ جيان انصاف سدائين ستل ئي رهجي ٿو وڃي ۽ مظلوم عوام انصاف جي آسري ۾ بي وسيلائيءَ جو شڪار بڻجي ٿو. جرم ڪندڙ پنھنجو وار ڪري ٿو وڃي ۽ انصاف جا طالب قانون جي داوَ پيچ ۽ سياسي پيچيدگين ۾ واپسي جو رستو گم ڪري ٿا ويھن. اسان وٽ سدائين سوچ ۽ سوالن جي گهيري ۾ مظلوم هجي ٿو. مظلوم کي گهيرو ڪري، بند ڪري ويھاري مجرمن کي ڀڄڻ ۽ پاڻ بچائڻ جو موقعو ڏيندڙ سماج، سڀ پابنديون ۽ رڪاوٽون صرف عورت لاءِ ٺاهيندو آهي. پر زينب سان ائين نہ ٿيڻ کپي.

10 آڪٽوبر 2010ع

ٻھراڙيءَ جي عورت جي جيءَ ۾ جهاتي!

جنھن بن ڪانہ سري اي سرتي!
جيءَ جيءَ تي جنھن جو جادو
”ڇا لکي ساجن؟
اون هون، اون هون
اي لکي سنڌو. “

شيخ اياز جون پروليون پڙهي دل چوي ٿي تہ پرولي ان جي نانءِ ڪجي، جيڪا اسم ذات جيان، نالو ۽ صفت رکي ٿي، پر نظر نہ ٿي اچي هو وجود بہ رکي ٿي، پر موجودگيءَ جي مڃتا کان محروم ئي ٿي رهي.

ھن جو اس ۾ سڙڻ ٻين لاءِ ڇانورو بڻجي ٿو!
ھن جي بک ٻين لاءِ ڍؤ ٿي بڻجي!
ھن جو موت ٻين کي زندگي ٿو بخشي!
ھن جو قيد ٻين لاءِ آجپو آهي.
ھن جون ڀوڳنائون ٻين جون حاصلات آھن!

ڳالھہ سماجي اڳواڻ يا ڪنھن سياسي ليڊر جي نہ پئي ڪئي وڃي. ڳالھہ آهي، ان هستيءَ جي جيڪا سماج جي سيني ۾ دل بڻجي ڌڙڪي ٿي، جيڪا سماج جي رڳن ۾ رت جيان ڊوڙي ٿي، جيڪا سماج کي سڌو ڪري بيھارڻ ۾ پٺ جي ڪنڊي جيان اهم آهي. ها ڳالھہ ان هارياڻيءَ جي پيا ڪريون، جيڪا زمين ۾ خواب پوکي ٿي ۽ اوجاڳا لڻي ٿي. هوءَ غريب هارياڻي رونبي کان وٺي ڪٽائي تائين هر مرحلي ۾ پنھنجو رت ست ڏي ٿي. رونبي، گُڏ، دڙاتي، چونڊائي ۽ ڪٽائي دوران ھن جا هٿ، هٿ نہ پر گهيڙا ۽ رنبا بڻجي ٿا وڃن، ھن کي سڄي ڏينھن جي پورهيي جي صلي ۾ راهڪي جي نالي تي چند داڻا اَن جا پيٽ ڀرڻ لاءِ مس ٿا ملن. اقوام متحدہ جي هڪ رپورٽ مطابق اسان جي غذائي جنسن جي پوکائيءَ ۾ 60 سيڪڙو حصو غريب هاري عورتن جو آهي. سماج ۾ ان غريب هاري عورت جو ڪم مڃتا نٿو ماڻي، ڇو تہ جتي عورت جو عورت هجڻ ئي هڪ جرم هجي، اُتي غريب هارياڻي کي مڃتا ڪير ڏيندو؟ پر هي چند سٽون ان مڃتا جي نانءُ آھن، جيڪا 15 آڪٽوبر 2010ع تي اسلام آباد ۾، ٻھراڙيءَ جي عورت کي ڏني وئي هئي، 15 آڪٽوبر اقوام متحدہ پاران ٻھراڙيءَ جي عورتن جو عالمي ڏينھن طور ملھايو ويندو آهي. پاڪستان جي سماجي تنظيمن پاران سالانا ڪانفرنس 15 آڪٽوبر 2010ع تي اسلام آباد ۾ منعقد ڪئي وئي، جنھن ۾ سڄي پاڪستان مان عورتن کي گهرايو ويو هو تہ هو PODA جي پليٽ فارم تان پنھنجا مسئلا ٻڌائين ۽ انھن مسئلن جو سندن نظر ۾ جيڪو حل هجي اهو بہ شيئر ڪن.
سڄي پاڪستان جي رنگا رنگ ثقافت جو مجموعو بڻجندڙ ٻن ڏينھن جي ڪانفرنس جي سڄي سونھن عورتن جي ذھني سجاڳيءَ ۾ هئي. جن عورتن ڪڏھن هڪ گهر کان ٻئي گهر تائين اڪيلي قدم نہ کنيو هو، اُهي عورتون دعوت نامي تي ملڪ جي هر صوبي مان گروپ ٺاهي پھتيون. ھنن جيڪي مشورا ڏنا، اهي ڪن پڙهيل لکيل دانشورن ۽ اقتصاديات جي ماهرن کان گهٽ نہ هئا.
درد استاد آهي، پيڙائون ۽ ڀوڳنائون تربيت ڪندڙ هجن ٿيون. هر انسان وقت جي بٺيءَ ۾ سڙي ڪندن بڻجي ٿو. ڀوڳنائن جعطا ڪيل شعور ڪنھن تعليمي اداري جو محتاج نہ آهي، جيڪا عورت سج جي ساڙيندڙ ڪرڻن کي منھن ڏيئي ٿي، اها يقينن اهو چاهيندي تہ سندس ڌيءَ اهو ڏينھن نہ ڏسي. هوءَ ضرور ڪنھن نہ ڪنھن چانورن جو بندوبست ڪندي؟ ساڳي طرح جن غريب هاري عورتن، غربت ۽ محنت جا ڏينھن گذارڻ جي دوران وري تباھہ ڪن ٻوڏ جا ستم سٺا آھن، انھن جو شعور سڄاڻ ڌرين کي بہ شرمائي ٿو. اڄ خيبر پختونخواھہ جي ٻھراڙيءَ جي عورت اهو سوال ٿي پڇي تہ سياستدانن وڙهي بحث ڪري صوبي جو نالو مٽائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آھن، پر ٻڌايو تہ ان سان خيبر پختونخواھہ جي عورت جي سماجي ۽ معاشرتي ۾ ڪھڙو فرق آهي؟ گلگت، بلتستان جي عورت، جيڪا ڪنھن بہ زرعي يونيورسٽي جي طالب علم نہ رهي آهي، پر اها چوي ٿي تہ گلگت، بلتستان ۽ اسڪردو ۾ پوکجندڙ فروٽ اتي جي فروٽن کان وڌيڪ آهي، ان کي ايڪسپورٽ ڪيو وڃي ۽ ماڻھن کي Food Preservation جي تربيت ڏني وڃي. گلگت بلتستان ۾ پٽاٽن جي پيداوار سٺي ٿي ٿئي، ان ڪري اتي پٽاٽا ۽ چپس ٺاهڻ جا ڪارخانا لڳايا وڃن. اها خواهش بہ خيبر پختونخواھہ جي عورتن جي هئي تہ ھنن کي امداد ڏيئي فقير نہ بنايو وڃي، پر روزگار جا ذريعي ۽ موقعا فراهم ڪيا وڃن.
بلوچستان جي پسمانده علائقن جون عورتون بہ اهو ڄاڻن ٿيون تہ نفسياتي مسئلن جو هجڻ بيمارين کي جنم ٿو ڏيئي. ٻارن جي گهڻائي عورتن جي صحت جي تباهي آهي، ان ڪري ھنن جي خواهش هئي تہ حڪومت عورتن جي صحت لاءِ سنجيدہ قدم کڻي. ٻھراڙيءَ جي جفاڪش عورت، پنھنجي وس کان وڌيڪ محنت ڪري ٿي، ٻنين ۾ پنھنجي همت محنت ۽ پورهيي جا جهنڊا اڀا ڪرڻ بعد بہ هوءَ گهر ۾ چپ ڪري نٿي ويھي. ٻھراڙيءَ جي عورت آرام جي لفظ کان واقف ئي نہ آهي. ھن جي واندڪائيءَ جي وندر بہ پورهيو آهي، هو پنھنجي سوچ جي نفاست ۽ روح جا رنگ ڪپڙي تي مشتمل ٿي ڪري بنا ڪنھن آرٽ جي اسڪول ۾ تربيت وٺڻ جي هو عقل کي حيران ڪندڙ شاھہ پاران تخليق ٿي ڪري، اهو ڀرٿ هجي، رلين جو ڪم هجي، ڪروش جي ڪاريگري هجي، دٻڪيون، وچڻيون ۽ تڏا ٺاهڻ جو فن هجي، هوءَ هر ميدان جي کٽڻھار آهي. ھن جي اندر جو حسن، جنھن ويل انڊلٺي رنگن جو ويس ڍڪي، رلين، گجن، گُلن جو روپ ڌارڻ ڪري سامھون اچي ٿو تہ دنيا لاءِ ان جو ملھہ ڪٽڻ ڪٺن ٿي ٿو وڃي. صرف هوءَ غريب عورت ان ملھہ کان واقف ٿئي ٿي، ان ڪري ئي بلوچستان جون عورتون چون ٿيون تہ عورتن جي هٿ جي ھنرن جي مارڪيٽنگ ڪئي وڃي. حڪومت جي سرپرستي انھن ھنرن کي دنيا ۾ مشھور ڪري سگهي ٿي. بلوچستان جون عورتون اهو ڄاڻن ٿيون تہ پسمانده علائقن ۾ گهريلو صنعت جو فروغ، عورتن جي سماجي ۽ معاشي صورتحال کي تبديل ڪندڙ ثابت ٿيندو. پنھنجي تڪليفن کي ساھہ سان سانڍيندڙ عورت، ٻچن ٻارن لاءِ ڏينھن رات پاڻ پتوڙيندڙ، پاڻ ڌڪا کائي پنھنجن ٻارن لاءِ رستا آسان ڪندڙ، ڦٽين چونڊڻ ويل، رئي جي هڪ پلئہ ۾، پورهيي جا گل رکندڙ ۽ ٻئي پلئہ ۾ پنھنجي ٻار کي لڪائيندڙ، لاباري محل ٻار کي پٺيءَ سان ٻڌندڙ عورت گهر جي پالتو جانورن کي بہ پنھنجي گهر ڀاتيءَ جيان مان ڏيندڙ هجي ٿي. مينھن هجي، ڍڳي هجي، ٻڪري هجي، ھن کي کارائڻ، پيارڻ، وھنجارڻ، گهمائڻ هر ڳالھہ ڄڻ تہ ھن جي زندگيءَ سان وابستہ هجي ٿي. گهر جي فرد وانگيان ھن کي جانورن جي ضرورتن جي بہ پروڙ هجي ٿي. کارائڻ، پيارڻ کان علاوہ ھن جي آرام جو خيال رکڻ بہ ڄڻ تہ ھن جي ذميواري هجي ٿي. انھن سڀني ڳالھين جي باوجود هوءَ مالڪيءَ جي حق کان محروم آهي. هوءَ مينھن ڍڳيءَ جو کير ڏهي سگهي ٿي، وڪڻي سگهي ٿي، صبح جانورن کي چارو ڏيئي، کير ڏهي وري بار مٿي تي کڻي ڳوٺ کان ٻاهر يا اندر وڪڻڻ وڃي سگهي ٿي، پر ان آمدنيءَ تي اختيار کان محروم آهي. پنجاب جي عورت ان منفي اڻ برابري واري رويي خلاف آواز بلند ڪيو آهي. پنجاب جي عورت مالڪي وٺڻ واري رستي تي پھريون قدم کنيو آهي. هو ان ڀوڳنا جي سفر کي مختصر ڪرڻ جي اڇا رکي ٿي. ھن اعلان ڪيو تہ گهر جا مال مويشي، ڍور عورت جي نالي ڪيا وڃن، انھن جي مالڪي عورت کي ڏني وڃي ۽ جتي ضرور محسوس ٿئي، سرڪار گهريلو جانورن جي پرورش لاءِ عورتن کي جديد معلومات ۽ تربيت فراهم ڪري، زماني جا سرد و گرم حالات برداشت ڪري، ڏکن ڏاکڙن جون منزلون اڪري، سماج جا ستم سھي، پنجاب جي عورت جو شعور اها گواهي ٿو ڏي تہ انتظامي ادارن ۾ عورتن جي غير موجودگي مسئلن کي وڌائيندڙ هجي ٿي. بي قرار ٿي، ھن اهو نعرو ھنيو آهي تہ حڪومت جي هر انتظامي ادارن ۾ ۽ ٻوڏ جي تباھہ ڪارين کان پوءِ قائم، ٿيندڙ بحاليءَ جي ادارن ۾ عورتن کي مردن جي برابر شريڪ ڪيو وڃي.
صدين جي پيڙا ڀوڳيندڙ عورت جو شعور صبح جي روشن اڀرندڙ سج جيان شفاف ۽ اجرو آهي، جيڪو سماج تي ڇانيل تعصب جي ڪاراڻ کي ڪٽڻ جي جاکوڙ ٿو ڪري ۽ انھن راھن جي نشاندهي ڪندڙ ثابت ٿيندو، جيڪي غربت ۽ بدحالي جي خاتمي طرف وڃن ٿيون. غربت ۽ بدحاليءَ جو خاتمو تڏھن ممڪن آهي، جڏھن ان جي پاڙن کي ختم ڪيو وڃي ۽ ان غربت جون پاڙون سماج جي منفي اڻ برابريءَ واري رويي ۾ موجود آهي. نفرتن جو خاتمو غربت جو خاتمو ثابت ٿي سگهي ٿو. پشپا ولڀ جون سٽون آھن تہ:

آئون ئي لڪشمي، آئون ئي سرسوتي
آئون ئي ورکا آهيان
جي سچ پڇو تہ
ڏاڍ جي ڀوت کي ناش ڪندڙ
آئون ئي ڪالي آهيان
ٻاهر تہ ڄڻ
راھہ جي ڌوڙ آهيان
رات جي ڪاري چادر
۽ ڏينھن جو چلھہ ۽ چوڪو آهيان!
آئون اڇن ڪپڙن ۽ پٽڪي واري
بوٽ، ڪوٽل پاتل
ماڻھوءَ جي پويان
ٻانڌڻي پڙي ۾
کھنڀي اوڍيلپيرن اڀراڻي
ويندڙ ڪولھڻ آهيان!

ها اها ئي پراچين سمي کان مرد جي پويان پيرن اگهاڙي ڊوڙندڙ ڀڄندڙ ڪولھڻ، جنھن ويل اسٽيج تي بيھي مائيڪ تي ڳالھائي ٿي تہ، چوي ٿي تہ، سڄي پاڪستان جي عورتن لاءِ ڪيٽل فارم ٺاهيا وڃن ۽ بنا پارٽي ۽ منصب جي تفريق جي سڀني کي هڪجھڙا موقعا ڏنا وڃن، ڳوٺن ۾ ڪليڪٽو ايگريڪلچر فارم ٺاهيا وڃن ۽ مالڪاڻا حق عورتن کي ڏنا وڃن. صدين کان پيڙائن جو سفر ڪندڙ سنڌي عورت کي جنھن مھل پنھنجي ڏکن جو ادراڪ ٿئي ٿو تہ ھن جا حواس گواهي ٿا ڏين تہ هوءَ اهڙيءَ سلوڪ جي مستحق نہ آهي تہ پوءِ ذھني سجاڳيءَ جا در ائين کُلن ٿا جو سماج بہ ڪجهہ تبديليءَ بابت سوچڻ تي مجبور ٿي ٿو وڃي. عورتون بہ پنھنجا ڏک دنيا جي آڏو ٻڌائين ٿيون، جن کي ٻوڏ جي هاڃن سان گڏوگڏ تعصب جي روين کي بہ منھن ڏيڻو پيو. ذات پات جي ڄار ۾ ڦاٿل سماج انھن کي مڪليءَ جي قبرستان ۾ بہ پناھہ وٺڻ نہ ڏني ۽ رليف جي شين کان انھن کي محروم رکيو ويو.
اڄ جي سنڌي عورت هر ضلعي ۾ هڪ مثالي شھر اڏڻ جي خواهش رکي ٿي، هوءَ حڪومت کان مطالبو ٿي ڪري تہ اهڙو شھر هجي، جتي بھترين جديد تعليمي سھولتن سان ڀرپور اسڪول هجي. هڪ مثالي جديد اسپتال هجي، جنھن ۾ عورتن جي گائني جي مسئلن ۽ نفسياتي مسئلن کي حل ڪيو وڃي، عورتن جو مناسب علاج ۽ انھن کي صحت ۽ تندرستيءَ بابت مناسب مشورا ڏنا وڃن، لاتعداد ننڍيون ننڍيون، وڏيون وڏيون معنائون رکندڙ خواهشون آھن، جيڪي مضبوط پس منظر رکن ٿيون، ڪابہ خواهش، ڪو بي ربط سوچن تي مشتمل خواب نہ آهي. ڏکن تڪليفن، پيڙائن عورتن کي سيکاريو آهي، ھن جي تربيت ڪئي آهي. ھن جي امتحان گاھہ بہ سماج آهي، تربيت گاھہ بہ سماج آهي ۽ وري هوءَ ان سماج جي بھتري لاءِ قدم کڻڻ جي سوچ بہ رکي ٿي. مڃتا ماڻڻ جي رستي تي قدم رکندڙ جفاڪش ٻھراڙيءَ جي عورت جي سجاڳيءَ زماني جي هر چئلينج کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار آهي. ھن جي خواهش ۽ سوچن کي سماج ۾ رائج ٿيڻ کان ڪوبہ روڪي نٿو سگهي. صرف سماجي شعور جا اها دروا ڪرڻ جي ضرورت آهي، جن تي صنفي اڻ برابريءَ جا تالا لڳل آھن، جيڪي هر مثبت سوچ کي اندر داخل ٿيڻ نٿا ڏين. سامي شايد انھن لاءِ ئي چيو آهي تہ:

پٿر پوڄا ڪن، رام نہ ڏسن روح ۾
پنڊت ڄاڻي پاڻ کي، ڪرمن منجهہ پچن
جهاتي پائي گهر ۾، سامي ڪين ڏس
چريا سي چئجن، جن مرهم نہ رکيو من جو.

28 آڪٽوبر 2010ع


عورت جي پيڙائن جو سفر

بيٺل پاڻيءَ ۾ پٿر اڇلائڻ سان ڪجهہ پلن لاءِ پاڻيءَ ۾ هلچل ٿيندي آهي ۽ پاڻيءَ ۾ ٺھندڙ دائرا پري پري تائين پکڙجي ويندا آھن ۽ پاڻيءَ ۾ نظر ايندڙ منظر ۽ انساني چھرا بہ لڏي ويندا آھن، انھن جا نقش هڪ ٻئي ۾ گڏجي غير واضح شڪل اختيار ڪندا ويندا آھن. کن پل کان پوءِ جڏھن پاڻيءَ ۾ ماٺار ايندي آهي تہ هر منظر پنھنجي اصل روپ ۾ موجود هوندو آهي ۽ هر چھرو پنھنجي اصلوڪي شڪل ۾ واپس اچي ويندو آهي. اسان جي سماج ۾ بہ ائين ئي ٿيندو آهي، ڪوبہ مسئلو ٿيندو آهي تہ ڄڻ سماج ۾ هلچل مچي ويندي آهي. ڪجهہ ڏينھن کان پوءِ ڊگهي ماٺار ڇائنجي ويندي آهي ۽ اهو مسئلو پنھنجي جاءِ تي قائم رھندو آهي. هر دور جي وقت جون پنھنجون ضرورتون ۽ تقاضائون هونديون آھن، هر دور جا انسان، مختلف ضرورتون رکندا آھن. ٻئي جنگ عظيم جي تباهين کان پوءِ انسان ان نتيجي تي پھتو تہ عالمي امن وقت جي اهم ضرورت آهي. اقوام متحدہ جو قيام، جنگ ۾ مارجندڙ تباھہ ٿيندڙ قومن جي پناھہ گاھہ سمجهيو ويو. پيڙهيل طبقن کي ڏاڍ جي ظلم ستم کان بچائڻ لاءِ هڪ پليٽ فارم تخليق ڪيو ويو، جنھن جي ذريعي ملڪن ۽ رياستن پنھنجن حقن ۽ ضرورتن جي تحفظ لاءِ آواز بلند ڪيو ۽ انسان جي انفرادي ضرورتن کي اجتماعي شڪل ڏيئي آخرڪار 16 ڊسمبر 1948ع تي انساني حقن جو عالمي پڌرنامو منظور ڪيو ويو. 17، 18 ۽ 19هين صديءَ ۾ ٿيندڙ گهڻن واقعن انساني حقن جي تحريڪن کي هٿي ڏني.
ساڳيءَ طرح جڏھن انساني حقن جو پڌرنامو عالمي منظرنامي تي اڀريو تہ وري انسانن ۾ موجود پيڙهيل عورتن جي طبقي پنھنجي حقن جي تحفظ لاءِ اقوام عالم آڏو آواز بلند ڪيو، ڇو تہ انساني حقن جو پڌرنامو جنھن جي پسمنظر ۾ بہ عورتن جي جدوجھد ۽ قربانين جو هٿ هو، اهو پوري طرح عورتن جي حقن جي معاملي ۾ واضح نہ هو. 16 آڪٽوبر 1976ع جي اقوام متحدہ جي جنرل اسيمبلي عورتن جي خلاف صنفي امتياز جي خاتمي جو معاهدو منظور ڪيو ويو ۽ 1979ع ۾ لاڳو ٿيو. عورتن کي برابري جا سڀ حق ڏيڻ لاءِ اهي سڀ ملڪ پابند ٿي ويا، جن ان معاهدي تي صحيحون ڪري پنھنجي متفق هجڻ جو ثبوت قلمبند ڪيو. انسان پنھنجي تحفظ لاءِ قانون ٺاهيندو آهي ۽ انھن جي ڀڃڪڙي بہ ان جي ئي طرفان ٿيندي آهي. ان کان پوءِ مجرم کي سزا بہ ضرور ملندي آهي، پر ڪجهہ اهڙا قانون هوندا آھن، جن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ واري کي سزا نہ ملندي آهي. ڏٺو ويو آهي تہ سڄي دنيا جي ملڪن ۾ وڌ ۾ وڌ ڀڃڪڙي انھن قانونن جي ٿئي ٿي، جيڪي عورتن سان واسطو رکندڙ هجن ٿا. اقوام متحدہ جي قراردادن جي باوجود، ملڪي قانون جي باوجود بہ عورتن سان امتيازي سلوڪ جا رويا سماج ۾ لاڳو رھن ٿا.
پڌر شاهي سماج جو هر رويو عورت جي سياسي، سماجي، معاشي ۽ ثقافتي سرگرمين کي محدود ڪرڻ ۽ پنھنجي طاقت صرف ڪندو ٿو رهي. وک وک تي ڄار وڇايل آهي. روين جي شدت سنگين جرمن جي صورت ۾ سماج ۾ رائج ٿي وڃي ٿي، جيئن ھن وقت پدر شاهي سماج جا ڀيانڪ رويا آھن، جيڪي جرمن جي شڪل ۾ عورتن مٿان طاري ٿيل آھن. سڪيوئل هراسمينٽ، گهريلو تشدد، ڪارو ڪاري، غيرت جي نالي تي ٿيندڙ جرم، جنسي تشدد، خودڪشي، انھن روين جا انيڪ روپ آھن، جن کي عورتون ڀوڳي رهيون آھن. پاڪستان ۾ 99 سيڪڙو عورتون گهريلو تشدد جو شڪار آھن، گهريلو تشدد ۾ جسماني ۽ ذھني تشدد شامل آهي.
Pakistan institute of Medical Science جي هڪ رپورٽ مطابق 90 سيڪڙو شادي شدہ عورتون جسماني تشدد کي برداشت ڪن ٿيون.
Human Rights of Pakistan جي رپورٽ مطابق پاڪستان ۾ هرهڪ سيڪنڊ کان پوءِ عورت سان بالواسطہ يا بلا واسطہ تشدد ڪيو وڃي ٿو.
Lawyers of Human Rights and Legal Aid in Karachi جي رپورٽ مطابق سال 2000ع ۾ 736 جسماني تشدد جا ڪيس رپورٽ ٿيا. 600 ڪيس جنسي تشدد جا هئا، 400 ڪيس زنا بالجبر جا هئا. زنا بالجبر تشدد جي بدترين صورت ۾ اسان جي سماج ۾ رائج آهي. هي تشدد جي صورت گهڻي ڀاڱي لڪل ٿي رهي. ھن قسم جي تشدد جا اصلي انگ اکر گڏ ڪرڻ تمام مشڪل آھن. مشھور Human right activist ۽ سپريم ڪورٽ جي وڪيل رشيدہ پٽيل پنھنجي ڪتاب ۾ لکي ٿي تہ ”ملڪي سطح تي ڪابہ حتمي رپورٽ، عورتن تي ڪيل جرمن جي نہ ٿي ملي. “ پر ڪجهہ نجي تنظيمون آھن، جن جا گڏ ڪيل انگ اکر اسان جي اڳيان اسان جي سماج جي مسخ شدہ تصوير پيش ڪن ٿا.
رشيدہ پٽيل پنھنجي ڪتاب ۾ ڄاڻايو آهي تہ 2002ع م 140 گينگ ريپ جا ڪيس ٿيا آھن ۽ 2003ع ۾ 219، 2004ع ۾ 226، 2005ع ۾ 247، 2006 ۾ 259 ڪيس ٿيا آھن. جيئن ريپ ڪيس جا انگ اکر گڏ ڪرڻ مشڪل آھن، ساڳيءَ طرح اهو ٻڌائڻ بہ تمام ڏکيو آهي تہ انھن مان گهڻن مجرمن کي سزا ملي؟ اسان جي سماج ۾ ريپ اهڙو جرم آهي، جنھن جو مجرم ڪابہ شرمندگي محسوس نہ ڪندو آهي، گينگ ريپ جو محرڪ اڪثر ڪري قبيلائي جهڳڙا، خانداني جهڳڙا سمجهيا ويندا آھن. ڏاڍ پاران چڙ، ڪاوڙ ۽ بدلي وٺڻ لاءِ Object جي طور تي پيڙهيل طبقي ۾ (عورت) جو ئي انتخاب ڪيو ويندو آهي جو ان تي ڪيل حملي کي سماجي مڃتا مليل جو هوندي آهي. ڪڏھن ڪڏھن ان چيڀاٽيل طبقي پاران ڪو طاقتور ردعمل ظاهر ٿيندو آهي، جيڪو سماج جي نام نھاد رسمن رواجن جي ديوارن کي لوڏي ڇڏيندو آهي. فزڪس جو هڪ ننڍڙو فورس جو قانون آهي تہ جنھن شيءِ کي طاقت سان ڌڪبو، اها اوترو ئي طاقت سان توهان ڏانھن واپس ايندي. بال کي ڀت تي زور سان اڇلايو تہ هو واپس ساڳي طاقت سان توهان ڏانھن ايندو، جيترا دفعا اڇلائيندا، اوترا ڀيرا بال توهان ڏانھن واپس ايندو. ڪافي سال پھرين جڏھن ڦولن ديوي پاڻ سان ٿيل حادثي جي چڙ ۽ ڪاوڙ جو اظھار هٿيار کڻي ڪيو هو. پاڻ تي ٿيندڙ تشدد جو بدلو. ھنن خود ورتو ۽ ڏاڍ جي ڪيترن ئي علامتن کي لاشن ۾ بدلائي ڇڏيائين.
مختاران مائيءَ جو حادثو اسان جي سماج جي بيٺل پاڻيءَ ۾ هڪ پٿر ثابت ٿيو. مختاران مائي بھادريءَ سان سماج جي مھڻن طعنن کي منھن ڏيڻ جو فيصلو ڪيو. ھن ان حادثي کي پنھنجي لاءِ جرم نہ بڻايو، پر مجرمن جي نشاندهي ڪيائين. مختاران مائيءَ جي ڪيس کي بين الاقوامي شھرت ملي. اڳيان هلي مختاران مائي ٻين مظلوم عورتن جو ڀرجهلو ٿيڻ لاءِ MMWWO جو قيام عمل ۾ آندو. ھن عورتن جي تعليم عام ڪرڻ لاءِ عملي قدم بہ کنيا، سڀني حاصلات جي باوجود انصاف جي باغ ۾ خزان ڇانيل رهي. ان سرءُ جي موسم ڪجهہ ساوا وڻ وڌيڪ سڪايا. جڏھن تہ شازيہ خالد سان زيادتي جو ڪيس رپورٽ ٿيو. شازيہ انصاف لاءِ واجهائيندي ملڪ کان ٻاهر رواني ٿي وئي . ڀلا گهڻو پري پري نہ وڃجي صرف ۽ صرف 2010ع جي ڪجهہ مھينن جي ڳالھہ ڪجي تہ بہ ريپ ڪيس ڳڻي ڳڻي آڱريون ٿڪجي پونديون ڪنڌ شايد بي پناھہ . . . کان کڻي بہ نہ سگهون.
اها معصوم ٻارڙي ڪنھن کان بہ نہ وسري هوندي، جنھن جي عمر اڍائي سال هئي ۽ هو جنسي تشدد جو نشانو بڻجي. ڪئين ڪنڌ کڻي ان ماءُ ڏانھن نھاريون جنھن جي ھنج مان کڻي نياڻيءَ کي ريپ ڪيو ويو!
ڪيئن ان ماءُ سان نظرون ملايون، جنھن جي ستن سالن جي ڌيءَ کي ريپ ڪري گهر جي دروازي جي اڳيان اڇلايو ويو!
ڪھڙو منھن ڏيکارجي زليخان لغاريءَ جي ماءُ کي جيڪا انصاف لاءِ شھر دربدر ٿيندي رهي ٿي، ان 13 سالن جي ڇوڪريءَ جو گينگ ريپ کانپوءِ جسم لاش سمجهي جهنگ ۾ اڇلايو ويو هو؟ ان تي مجرمن جهمريون پائي جشن بہ ملھايو هو. اسين تہ ذڪيہ وساڻ جي ماءُ سان بہ نظرون ملائڻ جي همٿ نٿا رکون، جيڪا ڌيءَ ٽڪرا ٽڪرا ٿيل لاش وصول ڪرڻ کان پوءِ انصاف لاءِ ڦٿڪندي رهي ٿي.
زينب ڀيو جي مائٽن اڳيان ڪيئن ڪنڌ کڻي هلجي، جيڪي مجرم ثبوتن جي موجودگي جي باوجود اڃا سزا کان بچيل آھن!
اهڙن ڪيسن ۾ انصاف جي عدم فراهمي ۽ دير جو اهم سبب اهو ٿو نظر اچي تہ فيصله سازيءَ جو اختيار مردن وٽ آهي. انصاف جا باغ ائين اجڙيل ئي رھندا، اها دائمي خزان قائم رھندي، اهي ساوا وڻ سڪندا ئي رھندا، پن ڇڻندا رھندا، جيستائين اسين سماجي شعور جي ان ڏاڪي تي قدم رکون، جتان اتفاق جي تقاضا کي سمجهون ۽ سزا ۾ دير کي ناانصافي سمجهون. دير جرمن کي هٿي ڏيندڙ هجي ٿي. اها ڏاڍ کي همٿائڻ جو باعث هجي ٿي. دير سان ملندڙ انصاف ڪڏھن ڪڏھن انصاف نہ لڳندو آهي. راڻيءَ کي ريپ ڪرڻ کان پوءِ زهريلي دوا پياري ماريو ويو.
سوال اهو آهي تہ ڇا انھن وحشي درندن کي عدالت جي ڪٽھڙي ۾ آڻي سالن جا سال انصاف لاءِ واجهائيندو رهجي يا فورس جي قانون تحت ڏاڍ جو جواب ڀرپور ڏاڍ جي طريقي سان ڏجي. ڏاڍ جو قانوني جواب جنھن کي سماجي شعور پاران مڃتا ملي، اهو اِهو ٿي سگهي ٿو تہ انتطامي ادارن ۾ عورتن جي موجودگي هجي ۽ سڀ کان اهم ڳالھہ تہ جرم جي سنگينيءَ کي تسليم ڪيو وڃي تڏھن ئي تڪڙو انصاف ملي سگهندو. محسوس اهو ٿو ڪجي تہ عورت تي ٿيندڙ هر ظلم، هر ناانصافي، هر تشدد صرف ۽ صرف هڪ اشوز آهي، جنھن جي ميڊيا تي رپورٽنگ ڪئي وڃي ٿي، اخبارن جي سرڪيوليشن وڌي ٿي، ڪجهہ ڳالھائيندڙن کي ڳالھائڻ لاءِ موضوع ملي ٿو وڃي ۽ بس. . . . ! اِهو صرف ۽ صرف ٻاراڻو تماشو ٿو لڳي، جنھن ۾ رونشو ڪري پاڻيءَ ۾ پٿر اڇلائي لھرن ۾ ٺھندڙ دائرن جو تماشو ڏسجي. ڪجهہ منظرن کي لڏندو ڏسجي، ڪجهہ چھرن جا نقش ٺھندي ڊھندي ڏسجن ۽ پوءِ وري اها ئي ڊگهي ماٺار ۽ ساعت پائي ساحر لڌيانوي جون ڪجهہ سٽون آھن:

ماڻھو عورت کي فقط جسم سمجهي ٿا وٺن
روح بہ هوندو آ، ان ۾ اهو ڪٿي ٿا سوچن
روح ڇا هوندا آ، ان سان انھن جو ڪم ئي ڪونھي
هو تہ بس بدن جي تقاضائن جو ڪن ٿا چوڻ
روح مري وڃي تہ هر جسم آ هلندڙ لاش
ان حقيقت کي نہ سمجهن ٿا نہ ٿا سڃاڻن
گهڻين صدين کان هي جاري آ وحشت جو چلن
گهڻين صدين کان آهي قائم هي گناھن جو رواج
ماڻھو عورت جي هرهڪ رڙ کي گيت سمجهن
اهو قبيلن جو زمانو هجي يا شھرن جو رواج
جبر سان نسل وڏي ظلم سان تن ميلاپ ڪري
هي عمل اسان ۾ آهي بي علم پکين ۾ ڪونھي
اسين جيڪي انسانن جي تھذيب کڻي ٿا گهمون
اسان جھڙو وحشي جهنگ جي درندن ۾ ڪونھي. . . !

قانون ۽ انصاف ماڻڻ لاءِ سڀ کان پھرين انسان هجڻ ضروري آهي، انھن وحشي جانورن کي انسانيت جو سبق سيکارڻ ۾ ۽ هڪ دفعو وري تحفظ عزت ۽ انسان هجڻ جي مڃتا لاءِ صدين جو اڙانگو سفر طئہ ڪرڻ لاءِ عورت کي تيار رهڻو پوندو. ڪک ڪک ميڙي هڪ آکيرو ٺاهڻ ۾ اڃا شايد صديون لڳنديون. اڄ جي انسان کي هڪ دفعو وري غارن ۽ جهنگ جي دؤر مان ڪڍي تھذيب اخلاق جا سبق پڙهائڻ قانون حقن ۽ فرضن جي تعليم ڏيڻ جي ضرورت محسوس ٿي ٿئي. سياست اتحادن جيان، عورتن جي حقن جي حاصلات لاءِ بہ ڪنھن نئين بين الاقوامي اتحاد جي ضرورت محسوس ٿي ٿئي، جتي عورت جي اواز کي ٻڌو بہ وڃي، پر ڪن ٽار تہ ٿئي ۽ اڪيلي ۽ حيران هرڻيءَ جيان تحفظ لاءِ واجهائيندڙ عورت ڪنھن محفوظ پناھہ گاھہ ۾ ڪجهہ ڊگها ساھہ کڻي صدين جي سفر جو ٿڪ لاهي سگهن.

03 نومبر 2010ع




ڪوھہ قاف ۾ قيد انصاف جي شھزادي!

عوامي اڳواڻن کي قيد ۽ پابنديون عوام کان جدا نہ رکي سگهنديون آھن. ھنن جو وجود عوام جي وجود سان سلھاڙيل هوندو آهي، آنگ سان سوچي جي آئينده سياسي حڪمت عملي تي بحث ڪندي جيڪڏھن صرف ھن جي هڪ ئي جملي تي غور ڪجي جيڪو ھن کي عوامي اڳواڻ ثابت ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي. هوءَ چوي ٿي تہ هوءَ عوام جي سوچ ڄاڻڻ ٿي چاهي”، سياسي اڳواڻ تہ بنا ڪنھن حڪمت عمليءَ جي بہ سياسي ميدان ۾ ٽپي پوندا آھن، پر اهڙا اڳواڻ آڱرين تي ڳڻڻ جيترا هوندا، جيڪي عوام جي سوچ مطابق عمل ڪرڻ چاهين. نظريي، سوچ ۽ فڪر جي هڪجھڙائي سماج کي ڳنڍيندڙ هجي ٿي، نظرياتي اختلاف اڳواڻن ۽ عوام جي وچ ۾ ويڇا تخليق ٿو ڪري. عوامي سوچ سان گڏ هلندڙ ليڊر ئي انھن تي حڪومت ڪرڻ جو ڏانءُ حاصل ڪري سگهي ٿو. سماجي جوڙجڪ ۾ بہ سوچ جي طاقت ۽ اثر اندازي کان انڪار نٿو ڪري سگهجي، ڇو تہ برٽرنڊرسل پنھنجي هڪ مضمون ۾ لکي ٿو تہ ”سماج اهڙن ماڻھن جو گروھہ آهي، جيڪي چند مشترڪه مقصدن جي لاءِ هڪ ٻئي سان تعاون ڪن ٿا. “ مشترڪه مقصدن جو حصول سوچ جي هڪجھڙائيءَ سان جلدي ممڪن ٿي سگهي ٿو. عوام جي سوچن، نظرين ۽ مسئلن کان ناواقف اڳواڻ گهڻو وقت انھن تي حاوي نہ رهي سگهندا آھن، اهو رويو، سماج ۽ انتشار ۽ بي ترتيبيءَ جو باعث هجي ٿو ۽ اها بي ترتيبي سماجي ادارن کي بہ ناڪام بڻائي انقلاب جي راھہ هموار ٿي ڪري، اسان جو سماج بہ ھن وقت ان صورتحال کان ڪجهہ مختلف حالت ۾ نہ آهي، عوام جي مسئلن جو حل نہ ٿيڻ انھن جي ليڊر شپ کان مايوسيءَ جو باعث بڻجندو ٿو وڃي، اسان جا انتظامي ادارا سماجي سطح تي بي خبريءَ جي ور چڙهيل ٿا نظر اچن. حڪومت ۽ ادارن جو عوامي مسئلن جي حل ڳولھڻ ۾ ناڪامي جو سبب هڪ ٻئي جي سوچ کان ناواقفيت ۽ حڪمت عمليءَ جي ڪمي ٿي سگهي ٿي. ان جو مثال ائين ڏيئي سگهجي ٿو تہ آئيني ۾ نظر ايندڙ عڪس کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ آئيني کي صاف ڪيو وڃي، پر عڪس جي اصل خاميءَ کي دور ڪرڻ لاءِ ڪوششون نہ ورتيون وڃن، آئيني کي ڪيترو بہ چمڪائجي، پر جيستائين ان ۾ نظر ايندڙ عڪس جي خرابين کي دور نہ ڪيو ويندو آئيني جي شفافيت ڪم جي نہ رھندي. اسان وٽ بہ ائين ئي ٿيندو آهي تہ مسئلن جي اوڙاھہ ۾ سڙندڙ پڄرندڙ عوام جي زخمن تي مرهم رکڻ جي ناڪام ڪوشش جاري رھندي آهي، پر باھہ کي وسائڻ تي غور ڪرڻ لاءِ ڪوبہ تيار نہ ٿيندو آهي. غربت ۽ بيروزگاريءَ کي هر جرم جو ڪارڻ سمجهڻ واري نظريي کي هڪ طرف رکي، جيڪڏھن صرف ان ڳالھہ کي ويچارجي تہ انتظامي ادارن جو عوام جي پھچ کان پري هجڻ بہ مسئلا پيدا ڪندڙ هجي ٿو تہ ائين محسوس ٿيندو ڄڻ تہ ادارن جو عوام جي پھچ ۾ هجڻ مسئلن جي حل جو ڪارڻ بڻجي سگهي ٿو. اسان جو عوام آزاديءَ جي حصول جي اڌ صديءَ کان وڌيڪ وقت گذارڻ کان پوءِ بہ پنھنجي ملڪ نظام ۽ ادارن جي ڪمن کان ناواقف آهي تہ ادارن کي عوام جي سوچ سان ڪو مطلب آهي نہ وري عوام کي اها خبر آهي تہ سندس مسئلن جو حل آهي ڪنھن وٽ؟
عوام سماج جي هجوم ۾ ائين حيران پريشان رلندو ٿو وتي، ڄڻ تہ هو ڪنھن اجنبي شھر ۾ گم ٿيل ٻار هجي، جيڪو پنھنجي مائٽن جا پار پتا بہ وساري چڪو هجي. ٻيو تہ ٺھيو، پر انصاف جي حصول جا ادارا بہ عوام کان ايترو پري آھن ڄڻ تہ انصاف ڪوھہ تاف ۾ قيد ٿيل ڪائي شھزادي هجي، جنھن جي حصول لاءِ 7 مخصوص سوالن جا جواب ڏيڻا هجن ۽ ڪوھہ قاف تي پھچڻ لاءِ جادو تي اڏامندڙ گهوڙي جي بہ ضرورت پوندي هجي ۽ هڪ عدد سليماني ٽوپي بہ ضروري هجي، جيڪا پائي عام نظرن کان گم ٿي وڃجي.
جيئن مومل ۽ سندس چاهيندڙن جي وچ ۾ ناتر بظاهر رابطو هئي، پر اها راھہ ڀلائيندڙ هئي. ساڳئي طرح سماج ۾ موجود ناتر عوام ۽ حڪومت کي ويجهو اچڻ نٿي ڏئي ۽ نہ وري عوام ۽ ادارن ۾ رابطو قائم ٿيڻ تي مطمئن ٿي ٿئي.
جنھن ويل ڪو بي خبريءَ جي ڄار ۾ وڪوڙيل غريب ڪا شڪايت کڻي ٿاڻي تي رسندو آهي تہ ان جي سچ ڪوڙ، ڏوهي بي ڏوهيءَ هجڻ جو دارومدار صرف چند لفظن جو محتاج بڻجي ويندو آهي. ٿاڻي تي جيڪو ڪجهہ درج ڪيو ويندو آهي، اهو ھن جي لاءِ حرف آخر ثابت ٿيندو آهي. جيڪڏھن لفظ طاقتور ۽ لکندڙ تجربيڪار ۽ ايماندار هوندو تہ ڪيس مضبوط ٺھندو نہ تہ انصاف لاحاصل ئي رھندو. فريادي لاڳو ٿيندڙ قلمن ۽ قانونن کان بي خبر هوندو آهي ۽ ٿاڻي تي موجود محافظ انساني حقن جي منشور کان ناواقف هوندا آھن. فرياديءَ جي ذھني پيڙا ڀوڳنا کان بي خبر هو بي تاج بادشاھہ ائين ورتاءُ ڪندا آھن، ڄڻ تہ بنيادي انساني حقن جي پڌرنامي ۾ درج ڪيل انساني حق سندن لاءِ متروڪ ڪيل نصاب جو ڪو باب هجن. ڄڻ تہ بنيادي انساني حقن سان انھن جو ڪو واسطو ئي نہ هجي. هو بي تاج بادشاھہ چاهين تہ لاتعداد قلم لاڳو ڪري ڪنھن بي گناھہ کي گناهگار بہ ثابت ڪري سگهن ٿا ۽ هو چاهين تہ قلمن جي ڦير گير سان انساني قاتل کي ڪنھن جهرڪيءَ جو شڪاري ثابت ڪري آزاد ڪرائي ڇڏين. اسان جي ٿاڻن ۽ ڪورٽن جو منجهائيندڙ ۽ ڊگهو طريقہ ڪار جنھن ۾ عام ماڻھو بيوس بڻجي عاجز اچي ڪيس تان هٿ بہ کڻي ويندا آھن تہ ڪي وري ان ڌٻڻ ۾ ڦاسي حياتيءَ جا ورهين جا ورهيه ڪورٽ ۽ ٿاڻن جي وچ ۾ گهاريندا رھندا آھن. پٽيشن جون تاريخون لکندڙ عام ماڻھوءَ جي ذھني پيڙا ۽ نفسياتي تشدد جي شدت کي نظرانداز ڪري ٿا ڇڏين. ھنن لاءِ فقط جنبشِ قلم ۽ ٻين لاءِ لامتناهي عذاب!
کوڙ سارا ڪيس سالن جا سال هلندا رھندا آھن، ايتري قدر جو ڪيل جرم جي مقرر ڪيل سزا کان وڌيڪ عرصو ڪيس لڳڻ ۽ هلڻ ۾ گذري ويندو آهي. بي پھچ انسان انصاف جي حصول پويان حياتيءَ جا ڏينھن بہ کٽائي ويھندا آھن.
ناانصافيءَ جي نانگن جا ڏنگيل کوڙ سارا مثال دنيا ۾ ملندا، جنھن جي ڪارڻ عوام پنھنجا اڳواڻ بہ وڃائي ويھندا آھن. دلين ۾ ڌڙڪندڙ اڳواڻ بہ ڪوڙن ڪيسن جي ور چڙهي صليب تي لٽڪايا ويندا آھن تہ ڪڏھن عوام جي انبوھہ ۾ ماريا ويندا آھن.
مجرم سامھون موجود هوندا آھن، پر آئينہ در آئينہ عڪس ائين لڪل هوندا آھن جو اصل تائين پھچڻ ممڪن نہ رھندو آهي. انھن سڀني اوڻاين جي سببن کان ڪير بہ بي خبر نہ هوندو آهي. سڄي نظام جي تخليق کان حڪومت بہ بي خبر نہ هوندي آهي ۽ نہ وري ادارا ان جي ڄاڻ کان انڪاري ٿي سگهن ٿا. پر ان نظام کي صاف شفاف بنائڻ ۽ ور وڪڙ ڪڍي سڌو سنئون بنائڻ جو مھا ڏس رکڻ بہ اوکو آهي. اهو ڪم ان ڪري بہ ڏکيو آهي جو عوام جي ڏکن، تڪليفن، پيڙائن، دردن کي پنھنجي دلين ۾ محسوس ڪرڻ وارا اڳواڻ موجود نہ آھن. ذاتي مفاد، اجتماعي مفادن جي اڳيان فاتح جيان پنھنجا جهنڊا کوڙي فتح جا نغارا وڄائيندا ٿا رھن. ستايلن جي سھائتا تڏھن ڪئي ويندي آهي، جڏھن ان جي ضرورت محسوس ڪئي وڃي. جيڪڏھن ادارا پنھنجي جبري ۽ استحصالي روين کي درست سمجهندي عمل ڪندا ۽ عوام ان جبر کي اخلاقي طرح صحيح ۽ ٺيڪ سمجهندو رھندو تہ مسئلو ڪڏھن بہ حل ٿيڻ جوڳو نہ رھندو.
عوام ادارن جي ڪم جي طريقہ ڪار کان ناواقف آهي ۽ ادارا بنيادي انساني حقن کان ناواقفيت وارو رويو اختيار ڪندا آھن. ادارا هر استحصالي رويي جي قانوني ۽ سياسي جوازن ۾ لڪي ويندا آھن، عوام پنھنجي سوچ، پنھنجين ضرورتن، پنھنجن نظرين سميت اڪيلو نہ کُٽندڙ جنگ وڙھندو ٿو رهي. شاھہ لطيف چواڻي:
ڀلي ڪيئي ڀلا پرين، هيئن نہ مناسب هوءِ،
لائي چت چريو ڪري پاڻ ڪڍي وئين پوءِ،
توڻي حب نہ هوءِ تہ بہ هوت نہ ڪجن هيڏيون.
ٽالسٽاءِ جڏھن پنھنجي تحريرن ذريعي انساني ضمير کي جاڳائڻ جي ڪوشش ٿو ڪري تہ ائين چوي ٿو تہ: ”اسان جي سچي زندگي انھيءَ ۾ ئي آهي تہ اسان هر وقت پنھنجي ذھن ۽ ضمير جي مطابق هلون. “
انسان کي ذھن، ضمير ۽ سوچ مطابق هلڻ کان روڪڻ وارين رڪاوٽن کي سڀ کان پھرين دور ڪرڻ جي ضرورت محسوس ٿئي ٿي، جيڪي اسان جي ئي اندر ۾ ڪٿي لڪل هجن ٿيون. ڪجهہ سوچ تي پابنديون، ڪجهہ حدبنديون، ڪجهہ عوام ۽ حڪومت جي مقصدن ۽ سوچ جا اختلاف راھہ کي تڪليف بڻائي ٿا ڇڏين. عوام ان قانوني راند کان بي خبر صرف ۽ صرف انصاف جو منتظر رھندو آهي. اهڙا نہ ڄاڻ ڪيترا پيڙهيل مظلوم صرف انصاف جي ڪٽھڙي تائين پھچڻ لاءِ ۽ سماج جي اگني پرڪشا مان گذرن ٿا. اسين تہ جرم کي جرم ثابت ڪرڻ لاءِ بہ صرف لفظن جي جادوگريءَ جا محتاج بڻجي ويا آهيون. بھتر تہ ائين ٿيندو تہ انصاف جي مومل حاصل ڪرڻ لاءِ ڪاڪ محل جي ناتر جي پويان نہ لڳجي، ڇو تہ ناتر راھہ ۾ رلائڻ جي ماهر آهي، پر ناتر تي فتح حاصل ڪري ھن کي پنھنجي منزل طرف وٺي هلڻ لاءِ مجبور ڪجي. شايد ائين ئي عوام ۽ حڪومت جا ويڇا ختم ٿي سگهن ۽ ٻئي هڪ ٻئي جي سوچ ۽ نظرين مطابق هلڻ جو عزم ڪري سگهڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃن.

22 نومبر 2010ع

ڏھن کان انساني حقن جي صدا بُلند ٿي!

وڪي ليڪس پاران جاري ڪيل انڪشافن کانپوءِ سچ جي موسم شروع ٿي آهي تہ هرڪو سچ سچ کيڏڻ لڳو آهي. سچ جي پردي مان گهڻيون ئي ڪدورتون ۽ ڪڙيون حقيقتون ظاهر ٿيڻ لڳيون آھن. ٻين جون ظاهر ڪيل سچايون ٻڌي دل چوي ٿي تہ هڪ مختصر جائزو پنھنجي ديس جو ۽ پنھنجي پاڻ جو بہ وٺجي. ڪو معيار ڪا ڪٿ پنھنجي پاڻ لاءِ بہ مقرر ڪجي ۽ ان ڪسوٽيءَ تي پاڻ کي پرکي پوءِ بين الاقوامي سچن تي بہ غور ڪجي.
ائين ٿو لڳي تہ ڄڻ اسان جي قوم کي هڪ ننڍڙي بي سمجهہ ٻار جيان بي خبريءَ جي پينگهي ۾ لوڏي نپايو ويو آهي. ان جي شعور کي زبردستي خوف جي اونداھہ ۾ باندي بنايو ويو تہ جيئن هو ذھني بالغيءَ کان وانجهيل رهي. گهڻو پري نہ وڃجي صرف ضياءَ جو آمريت وارو دور ياد ڪجي تہ خبر پوندي تہ ھن ڪيئن نہ عوام جي دل، ذھن ۽ شعور جا درواز ابند ڪيا. ڏاڍ ۽ جبر جي روين کي ھن قانونن جي شڪل ۾ لاڳو ڪري قوم کي صديون پوئتي ڌڪي ڇڏيو. هر باشعور شھري انھن هٿراڌو مڙهيل قانون لاءِ ڌڪار جا جذبا رکي ٿو. ھن پاڪستان کي اهڙو ملڪ بڻائي ڇڏيو، حفاظت لاءِ جوڙيو ويو هو، اهو اقليتن جي قتلِ عام لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي. اقليتن لاءِ تعصب جي باھہ ملڪ جي گهڻي آباديءَ واري صوبي ۾ تہ سالن کان ٻرندي اچي، جنھن پاڙيسري صوبي کي بہ پنھنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو هو پر سنڌ جي صوفي عوام جي دلين تي اهو اشتھار هڪ وڄ جيان ڪريو، جيڪو هڪ مذهبي جماعت پاران هو. افسوس، ڏک ۽ ڪاوڙ تہ ان ڳالھہ تي ٿي اچي تہ اسان جي سنڌي ميڊيا ان اشتھار جي زهريلي پڻي کان ناواقف آهي. اسين ايتري حد تائين انساني حقن جي اهميت کان ناواقف ٿي چڪا آهيون جو اها بہ خبر نہ ٿي پوي تہ هتي ڪنھن مظلوم کي پنھنجي جان بچائڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻ جو حق بہ حاصل نہ آهي. معصوم ڌيئرون پنھنجي ماءُ جي زندگي بچائڻ لاءِ اپيل ڪرڻ جو حق بہ وڃائي چڪيون آھن.
آسيہ بي بيءَ جي واقعي جي تہ هر ڪنھن کي خبر آهي، ان جي پس منظر جي ڄاڻ بہ ضرور هوندي. ان واقعي جي شروعات معمولي بحث ۽ جهيڙي سان ٿي. آسيہ بي بي هڪ ڪرسچن عورت کي ٻن عورتن پنھنجي ٿانون ۾ پاڻي ڏيڻ کان انڪار ڪيو، آسيہ اڪثر ڳوٺ جي عورتن جي حقارت واري رويي جو شڪار رھندي هئي. حيرت آهي تہ آسيہ کي تنگ ڪرڻ واريون عورتون ڪنھن ٻاهرئين ملڪ مان نہ آيون آھن، اهي ان ئي پاڪستان جون شھري آھن، جنھن ۾ جڏھن انجلينا جولي اچي ٿي تہ سڄي رياستي مشينري ان کي پروٽوڪول ٿي ڏي. انجلينا جي اعزاز ۾ ڏنل دعوتن ۾ اسان جا سڀ سياستدان، ايم اين اي، ايم پي اي، وزير، مشير شريڪ ٿيڻ کي پنھنجي لاءِ فخر ۽ اعزاز ٿا سمجهن پر اهي عورتون ان ڳالھہ کان بي خبر ڇو هيون. آسيہ تي ڪيس انھن عورتن نہ فائل ڪرايو هو، پر ڳوٺ جي هڪ ماڻھوءَ ڪيس داخل ڪرايو جيڪو واقعي واري جاءِ تي موجود بہ نہ هو. لاهور هاءِ ڪورٽ پاران موت جي سزا جو اعلان دل ڏاريندڙ هو پر ان سان گڏوگڏ انتھاپسند تنظيمن جا جلوس ۽ ريلي اڳ لڳايل زخمن تي لوڻ ٻُرڪيندا نظر ٿا اچن.
نيشنل ڪميشن فار جسٽس اينڊ پيسي (NCJP) جي رپورٽ مطابق 1986ع تائين 1058 ماڻھو سيڪشن 295-C جو شڪار ٿيا. وڪي پيڊيا جي مطابق سيڪشن 295-B مقدس جڳهين کي نقصان پھچائڻ لاءِ لاڳو ٿيندو آهي ۽ سيڪشن 295-C قرآني حڪمن جي انحرافي ڪرڻ ۽ انھن کان روڪڻ لاءِ لاڳو ٿيندو آهي. پاڪستاني آئين جي آرٽيڪل 45 مطابق صدر کي اهو اختيار حاصل آهي تہ غلطي ڪندڙ کي معافي ڏيئي ڇڏي. افسوس جو، اسان وٽ قانونن جو ٺھڻ ۽ انھن ۾ ترميمون صرف ۽ صرف اقتدار بچائڻ ۽ ان کي ڊگهو ڪرڻ لاءِ ڪرايون وينديون آھن. ضياءَ جو مقصد بہ پنھنجي اقتدار جي مُدي کي وڌائڻ هو ان ڪري ھن مختلف قانونن جي زنجيرن ۾ عوام جي سمجهہ ۽ سوچ کي سوگهو ڪري ڇڏيو. ھن منصب جي چادر ۾ پاڻ کي لڪايو ۽ اسلامي ملڪن جون همدرديون ۽ فنڊ حاصل ڪرڻ جون ڪوششون ڪندو رهيو، جيڪي هو شھيد ڀُٽو جي سزا کان پوءِ وڃائي چڪو هو.
کوڙ سارا بيگناھہ ماڻھو آھن، جن جي ذڪر سان انٽرنيٽ ڀري پئي آهي. 1986ع کان 2010ع تائين پاڪستان ۾ 1274 ماڻھو بلاسفيمي لا تحت جيلن ۾ موڪليا ويا آھن، جن ۾ سٺ سيڪڙو غير مسلم هئا. ڪيترائي مظلوم جيلن اندر فيصلن جي انتظار ۾ ماريا ويا. ڪي قيدين جي هٿان تہ ڪي پوليس جي هٿان ماريا ويا. 30 جولاءِ 2009ع تي پابندي پيل هڪ تنظيم پاران پنجاب جي شھر گوجر ۾ سوين عيسائين کي ماريو ويو ۽ مسلم عيسائي فساد ڪرايا ويا. 2005ع ۾ هڪ مسيحي جوڙو، جيڪو ڪنھن بزنس مين جي گهر ۾ ڪم ڪندو هو، انھن کي مذهب مٽائڻ لاءِ چيو ويو، انڪار ڪرڻ جي سزا ان جي زال کي رئپ جي صورت ۾ ملي ۽ مرد کي قتل ڪيو ويو. معصوم ٻار ان سزا تي عمل درآمد ٿيندي ڏسندا رهيا.
28 جنوري 2007ع پنجاب پوليس مسيحي شاگردن کي گرفتار ڪيو. اهڙا لاتعداد واقعا آھن جن جي پسمنظر ۾ صرف ۽ صرف اعتقاد وارو تعصب آهي. کوڙ سارا ماڻھو غير انساني سلوڪ کي منھن ٿا ڏين. فيصل آباد جي ٻن عيسائي ڀائرن جو ڪو قصور نہ هو صرف ڪجهہ ڪاغذن تي ڇپيل مواد ۾ سندن فيڪٽري جي ائڊريس لکيل هئي، بنا ڪنھن تفتيش جي 17 ساله راشد ۽ سندس 30 ساله ڀاءُ کي بلاسفيمي قانون جي آڙ ۾ سزا ڏني وئي .
هي رياستي وڳوڙ اسان جي پيغبر صه جي نالي تي ڪيو پيو وڃي، جنھن پنھنجي پياري چاچي جي لاش جي بي حرمتي ڪندڙ عورت کي صرف ايترو چيو تہ ”منھنجي سامھون نہ اچ، مون کي ڏک ٿو ٿئي. “ هو امن جو پيغام پکيڙيندڙ نبي صه جيڪو پاڻ تي گند ڪچرو اڇلائيندڙ عورت جي گهر وڃي خيريت دريافت ٿو ڪري تہ ھن ڪجهہ ڏينھن پنھنجو عمل جاري ڇو نہ رکيو هو.
تاريخ تہ ان ڳالھہ جي بہ گواهي ڏيندي تہ ڪربلا جي ميدان ۾ حسين عہ جي شھادت کان پوءِ جنھن ويل قافلہ حسين شھيد ۽ ٻين اهل بيت جون سسيون نيزن تي کڻي روانا ٿيا تہ رات جي اونداهيءَ ۾ عيسائي راهبن جي هڪ ٽولي بي بي زينب سان حُسين عہ جي شھادت تي سڀ کان پھرين تعزيت ڪئي هئي ۽ يزيد جي درٻار ۾ يزيد جنھن ويل امام حسين عہ جي چھري تي وار ڪري رهيو هو تہ پھريون احتجاج هڪ عيسائيءَ ڪيو هو ۽ ماتم ڪندو درٻار ڇڏي ويو هو.
تعصب جا نظريا سنڌ جي صوفي ازم جي خلاف آھن. ھن محبت جي ڌرتيءَ سدائين هر مذهب کي پاڻ ۾ ضم ڪري برابري جي سطح تي سماج جو ڪارروھنوار هلايو آهي. هي نفرتن جا ٺيڪيدار پنھنجو زهر اسان جي نسن ۾ داخل ڪرڻ جي ڪوششن ۾ مصروف آھن. جيڪو اسان جي تھذيب ۽ ثقافت کي آهستي آهستي موت ڏانھن ڌڪيندو ٿو وڃي. گهٽ ۾ گهٽ اسان جي سنڌي ميڊيا کي ان سلوپوائزن جي سڃاڻپ جي ضرورت آهي. اخبار ۾ ڇپجندڙ هر ڳالھہ عوام جي سوچ شعور ۽ سماجي روين جي آئينہ دار هجڻ سان گڏوگڏ هڪ پيغام بہ رکي ٿي ۽ يقينن مذهبي منافرت نہ اسلام جو پيغام آهي نہ وري سنڌ جي عوام جي دلين جو آواز آهي. تڙپندڙ روحن کي هڪ آواز تسڪين پھچائيندڙ ٿو لڳي، جيڪو مڪي جي فضائن ۾ اڃا تائين بہ گونجيو هوندو تہ، جھالت جون سڀ رسمون اڄ منھنجي پيرن هيٺان آھن، ڪنھن کي بہ ڪنھن تي فوقيت نہ آهي. اهو ابدي انساني حقن جو پيغام هو ۽ هڪجھڙائي، برابري، عزت احترام جو نياپو هو. جنھن جي ڪشش تي سوين ماڻھو هڪ جاءِ تي گڏ ٿيا هئا. عوام صرف اقتدار جي حصول جو ذريعو آهي. اهو عوام جي هٿ ۾ آهي تہ ذريعو بڻجي خاموش رھن يا ناانصافيءَ خلاف آواز بلند ڪرڻ جو اختيار استعمال ڪن.
اڄوڪو ڏينھن انھن حقن کي استعمال ڪرڻ لاءِ ئي ملھايو ويندو آهي تہ انسانيت بہ اڃا زنده آهي ۽ زنده هجڻ جو ثبوت ڏيڻ جي همت رکي ٿي.

10 ڊسمبر 2010ع

خوف جي ڄار ۾ ڦاٿل حياتيون!

مسافر لکيو تہ،

اڪيلائپ، سانت ۽ ويڳاڻپ ۾ وڪوڙيل هي شھر، زنده نٿو لڳي
هي شھر، شھر خموشان ٿو لڳي.
مردہ وسنديون
غير آباد گهٽيون
سنسان رستا
بي احساس دليون
خوف جي ڄار ۾ ڦاٿل حياتيون
تون هي ڇا ٿو لکين؟
ديس واسي مسافر جي هٿن مان ورق ڦري ورتا.

هيءُ تہ ڪوڙ آهي، کلندڙ ڪڏندڙ انسان، هي پُررونق شھر، هي ماڻھن سان ڀريل گهٽيون، گهٽين ۾ کيڏندڙ ٻار، هي انسانن جي آمدرفت، هي خوشين ڀريا ٽھڪڙا، هي سڀ ڪجهہ توکي نظر نٿو اچي؟ تون ھن شھر کي شھر خموشان ڇو ٿو لکين؟
مسافر جي اکين ۽ چھري جي درد جا پکيئڙا، پرڙا سوئي رهيا هئا. . .
دنيا جو قديم ادب، رگ ويد جا طويل نظم ۽ شاستر سنڌوءَ ڪناري تي ئي رچيا ويا هئا، پوءِ آئون ان جاءِ تي ويھي ڪوڙ ڪو نہ ٿو لکي سگهان، اهو سڀ سچ آهي.
مسافر بہ سچو هو ۽ ڪوڙو ديس واسي بہ نہ هو پر حقيقت اها آهي تہ آواز زندگيءَ جي علامت ۽ خاموشي موت مثل هجي ٿي. اهو آواز جيڪو حق ۽ سچائي لاءِ بلند ٿئي ۽ جبر ۽ ناانصافيءَ جي طاري ٿيل موت جھڙي خاموشيءَ کي ٽوڙي اهو زندگيءَ جي زنده هجڻ جي علامت هجي ٿو، بنا احساسن جي دل جي ڌڙڪن صرف سانت کي ٽوڙي سگهي ٿي، پر ويڳاڻپ کي ختم ڪرڻ ھن لاءِ ناممڪن ٿيندو. انسانيت جي تڪميل بہ دردمند دل ۽ باشعور ذھن جي ميلاپ سان ئي ممڪن آهي. انسانن جي پيڙائن ۽ ظلم جي ادراڪ کانسواءِ ڏاڍ ۽ ناانصافي جي درد کي محسوس ڪرڻ بغير انسانيت جي پھرين ڏاڪي تي بہ قدم ڌرڻ مشڪل ٿو نظر اچي.
مسافر ۽ ديس واسيءَ جون سٽون ان ڏينھن دل تي هُري آيون جنھن ڏينھن حيدرآباد جي قديم تاريخي شھر ۾ مسيحائي پيشي سان تعلق رکندڙ بيمارين ۽ دردن مان ماڻھن کي نجات ڏيندڙ، انسانيت کي شفا بخشي زندگيءَ جي ويجهو ڪندڙ انسان کي ماڻھن جي وچ ۾ مارڪُٽ ڪري زنده ساڙڻ جون ڪوششون ڪيون ويون. سچ پچ تہ ان ڏينھن جيئرن جاڳندڙ ماڻھن جو شھر، شھر نہ پر قبرستان ٿي لڳو، جنھن ڏينھن بلاسفيمي جو قانون ان مسيحا تي لاڳو ڪيو ويو، جنھن جو شمار اقليت ۾ ڪيو ٿو وڃي. سوال اهو آهي تہ جيڪڏھن وزٽنگ ڪارڊ جي بي حرمتيءَ تي هڪ انسان سزا جو مستحق آهي تہ پوءِ اهي ماڻھو قانون جي پڪڙ ۾ ڇو نٿا اچن جيڪي روزانہ اخبارون پڙهي اڇلائي ٿا ڇڏين يا رديءَ ۾ وڪڻي ٿا ڇڏين. بلاسفيمي جي قانون تحت اسين سڀ ڦاسيءَ جا مستحق آهيون، جيڪي دعوتي ڪارڊ پڙهي اڇلائي ڇڏيندا آهيون. انھن ڪارڊن تي مقدس تحريرون ۽ مقدس نالا هوندا آھن. جڏھن مذهبي محفلن جي اجتماعن جا ڪارڊ ڇپرايا ويندا آھن تہ انھن تي مقدس جاين ۽ عمارتن جون تصويرون هونديون آھن، جڏھن اجتماعن جا بينر رستن تي لڳايا ويندا آھن، پوسٽر ڀتين تي لڳايا ويندا آھن تہ ڪجهہ ڏينھن کانپوءِ اهي روڊن رستن تي ماڻھن جي پيرن ۾ لتاڙجندا نظر ايندا آھن پر انھن تي ڪو بہ فرياد ڪرڻ وارو، ڪيس ڪرڻ وارو سامھون ڪو نہ ايندو آهي. شايد اڪثريت پاران ڪيل ڏوھہ قابلِ دست اندازي پوليس نہ هوندو آهي. اسان جي سماج جو مسئلو اهو آهي تہ جنھن مسئلي کي ڪجهہ مخصوص قوتون پنھنجي مفادن جي حاصلات لاءِ اٿارينديون آھن تہ عوام بہ ان پاسي ڌيان ڏيندو آهي. اسان جو عوام آزاد دل ۽ دماغ سان ڪڏھن جئي ناهي سگهيو، سدائين ان جون خوشيون، آزاديون، ڏاڍ ۽ جبر جي سنگهرن ۾ قيد رهيون آھن. عوام کي ساھہ کڻڻ لاءِ اوتري بہ هوا نہ ٿي ملي جو دل کولي ساھہ کڻي سگهي. برٽرنڊرسل هڪ جاءِ تي لکيو هو، “جبر يا دٻاءُ ان وقت حق بجانب معلوم ٿيندو آهي جڏھن اهو ماڻھو جنھن تي جبر ڪيو پيو وڃي ان جبر کي اخلاقي طور تي تسليم ڪري ڇڏي. ” سماجي انتشار جو بنياد اها ئي ڳالھہ آهي تہ جبر ۽ دٻاءُ کي چپ چاپ سٺو وڃي، آزاد انسان جي شعور کي، سوچ کي جبر جي ڪفن ۾ ويڙهي ناانصافيءَ جي قبر ۾ لاٿو وڃي. ان ڏينھن بہ عوام خاموش تماشائي هو جنھن ڏينھن آسيہ بي بيءَ جي صدر صاحب کي ڏنل رحم جي درخواست تي اعتراضن جا پھاڙ ٽُٽي پيا هئا. ماڻھن کي رستن تي آڻڻ لاءِ اخبارن ۾ اشتھار ڏنا ويا هئا. پر هڪ بہ اشتھار ان جي رحم جي درخواست جي حمايت ۾ نہ ڇپيو هو. ان ڏينھن بہ عوام جي خاموشي موت مثل هئي، جنھن ڏينھن هڪ مسيحا کي ماريو، ڪٽيو ويو پر اصل مجرم کي ڪجهہ بہ نہ چيو ويو. حق لاءِ آواز تمام گهٽ بلند ٿيا. الميو اهو آهي تہ، قانون انسانن جي حفاظت لاءِ نہ پر انھن تي حڪومت ڪرڻ، انھن کي قيد ڪرڻ لاءِ ٺاهيا ٿا وڃن يا ائين کڻي چئجي تہ انھن جو استعمال منفي طرح ٿو ڪيو وڃي.
قديم دؤر تي نظر وجهڻ سان مذهبن جي آڙ ۾ انسانيت جو استحصال واضح نظر ٿو اچي. سبطِ حسن جي، ٿيوڪريسي جي آغاز ۽ خاتمي جي باري ۾ ورتل جائزي سان اسين مثبت نتيجن تي پھچي ٿا وڃون. سبطِ حسن، پنھنجي ڪتاب نويدِ فڪر ۾ لکي ٿو تہ،
”ٿيوڪريسي مذهبي پيشوائن جي اقتدار ۽ مفادن جو تحفظ ڪندي هئي. ملوڪيت جو فرض بادشاھہ ۽ شاهي خاندان جي اقتدار کي قائم رکڻ هو، بورجوا جمھوريتون سرمائيدار طبقي جون محافظ هونديون آھن. سوشلسٽ رياستون محنت ڪش طبقن جي مفاد جو تحفظ ڪنديون آھن. “
ڳالھہ اها آهي تہ، اهي سڀ طريقہ ڪار رياستي مشينريءَ کي هلائڻ لاءِ ٺاهيا ويا آھن. انھن رياستن کي ڪونہ ٺاهيو آهي. رياست، سماجي ادارو آهي، جيڪو انسانن جو ٺاهيل آهي ۽ ان جو مقصد صرف ۽ صرف تحفظ ۽ امن آهي. انسان ترقيءَ جي ڏاڪي تي قدم رکيو آهي تہ ان جي پس منظر ۾ بہ ھن جي، پنھنجي بقا ۽ امن جي حاصلات جو مقصد رهيو آهي. پر اڄڪلھہ جي دؤر جو الميو اهو آهي تہ امن لاءِ واجهائيندڙ انسان اڃا تائين اڪيلائپ ۽ عدم تحفظ جو شڪار آهي. تحفظ ۽ امن جا خواب ڏيکاري ھن کي غلام بنائڻ جون ڪوششون ورتيون ٿيون وڃن. مختلف پارٽين جي گڏيل اتحاد سان جڙيل حڪومتن جو مطلب حڪومت جي مضبوطيءَ سان گڏوگڏ گڏيل عوامي مفادن لاءِ ڪم ڪرڻ بہ هوندو آهي. جڏھن ايم ڪيو ايم ۽ جي يو آءِ حڪومت ۾ شامل ٿيون تہ حڪومتي پارٽيءَ لاءِ ڪراچيءَ جو امن و امان هڪ سوال بڻيل هو. پنجاب، خيبر پختونخواھہ ۽ ٻين سرحدي علائقن ۾ وڌندڙ دهشتگردي بہ هڪ Challenge هئي. اهو مسئلو اڄ تائين حل نہ ٿي سگهيو آهي. رت جون نديون اڄ بہ ڪراچيءَ ۾ وھن ٿيون ۽ گولين جي بوڇاڙ ٿئي ٿي. پنجاب، سرحد ۾ اڄ بہ انساني جسم ٽڪرا، ٽڪرا ۽ ڳڀا ڳڀا ٿي اڏايا ٿا وڃن. انھن رت ۾ ٻڏل انساني جسمن کي ڏسندي عوام اٽي، لٽي ۽ اجهي کي وساري صرف ۽ صرف امن ۽ تحفظ لاءِ واجهائي ٿو. سوال اهو آهي تہ، انسانن جي ذريعي ٺھندڙ جڙندڙ سماج ۽ رياست جو محور ۽ مرڪز انسان ڇو نہ آهي؟ انسان مري ٿو، ڪسجي ٿو، قربان ٿئي ٿو. استعمال ٿئي ٿو رياست جي بقا لاءِ پر رياست ۽ ان جا قانون انسان جي بچاءَ لاءِ ڇو نٿا استعمال ٿين؟
ڪالھوڪي اونداهي دؤر ۽ اڄ جي ترقي يافتہ دؤر جي انسانن جي بيوسيءَ ۾ فرق ان ڪري بہ نظر نٿو اچي تہ باوجود شعور ۽ ادراڪ جي هو اڻ ڏٺل طاقتن جي هٿن ۾ ڪٺ پتلي بڻيل آهي.
مسئلو اهو نہ آهي تہ مسئلن جو مناسب حل نظر نٿو اچي پر مسئلو اهو آهي تہ جيڪي مسئلا اقتدار جي حصول لاءِ تخليق ڪيل آھن، اهي ڪڏھن بہ حل نہ ٿيندا. ڀل تہ، حڪومتون ٺھنديون ڊھنديون رھن، اتحاد جڙندا ۽ ٽٽندا رھن، انساني جانين تي ٿيندڙ اقتداري ڪاروبار عروج تي رھندا آھن ۽ انساني حياتين جي قيمتن جا گراف ڪرندا رھندا. اسٽاڪ ايڪسچينج جي پوائنٽس جيان ان ڪاروبار ۾ سيڙپڪاري ڪندڙن جون نگاهون صرف ۽ صرف نفعي تي هونديون آھن. عوام جي خوشي، آزادي، سڪون، تحفظ، امن، احترام، مفاد اهي سڀ ڳالھيون نظر انداز ٿي ٿيون وڃن. اقتدار جي مضبوطيءَ لاءِ قانون جو استعمال ۽ عوام جو استحصال ضياءَ جي دؤر ۾ عروج تي هو، ان جا ٺاهيل ڪارا قانون، منوءَ جي ڪارن قانونن کان گهٽ ڪو نہ هئا، جن جي اثر مان اڃا تائين اسين نڪري ڪو نہ سگهيا آهيون. ضياءَ جي دؤر ۾ شروع ٿيل، ڪرپشن، منشيات، دهشتگردي ۽ ڪارا قانون اڃا تائين ڪنھن قدرتي آفت جيان اسان جي سماج تي طاري ٿيل آھن، جيڪي انسان جي تحفظ لاءِ نہ پر انسان جي تذليل لاءِ استعمال ڪيا ٿا وڃن.
دهشتگرديءَ جي خاتمي لاءِ اسان جو ڪو بہ قانون ڪم نٿو ڪري، ايتري قدر جو رياست اندر رياست جي قيام جو تصور طاقتور ٿيندو پيو وڃي. ڪراچي تہ ائين ٿو لڳي ڄڻ مستقبل جو اسرائيل هجي. دهشتگرديءَ جي ور چڙهيل جيترا بہ علائقا آھن اتي موجود مجرمن کي سزا ڏيڻ اسان جي وس ۾ ڪونھي پر اسان جي وس ۾ صرف ايترو آهي تہ ڪنھن عورت کي سزا ڏيارڻ لاءِ ماڻھن جا جذبات ڀڙڪايون ۽ بي بنياد الزامن تي انسانن جي تذليل ڪريون، جيڪڏھن ان نظريي کي مڃيو وڃي تہ ڪائنات جي تخليق هڪ زوردار آواز سان ٿي هئي ۽ ان جو انجام بہ هڪ تيز آواز سان ٿيندو تہ پوءِ يقينن سماج تي ڇانيل موت مثل سانت کي ٽوڙيندڙ بہ آواز هوندو ۽ انسانن جي دلين تي ڇانيل خوف کي فنا ڪندڙ بہ آواز هوندو ۽ احساسن کي مردہ بڻائيندڙ بيحسيءَ جي برف کي ڳاريندڙ بہ آواز ئي هوندو. سچ پچ تہ اهو آواز ڪنھن ٻئي ھنڌان نہ پر انسان جي دلين جي ڌڙڪنن مان ڊگهي ننڊ جي خاتمي سان ۽ زندگيءَ جي علامت بڻجي جاڳندو. . . ! اهو آواز هر جبر جي نفي ڪندو، هر ان رويي جي نفي ڪندو، جيڪو انسان جي شعور ۽ فڪر تي پابنديون عائد ڪري ٿو ۽ ان کي سنگهرون پارائڻ جون ڪوششون ٿو ڪري. هر ان قانون جي نفي ڪندو جيڪو انسانيت جي تذليل جو باعث بڻجي ٿو، جنھن مھل بي حسيءَ، ناانصافي، جبر ۽ ظلم جي سڪون کي ٽوڙيندڙ آواز بلند ٿيندو تہ ان ڏينھن ناانصافيءَ جي ڪرسي ائين ئي خالي رهجي ويندي جيئن اوسلو ۾ نوبل پرائيز حاصل ڪندڙ جي ڪرسي خالي پئي هئي.

21 ڊسمبر 2010ع

عورت ۽ جياپي جي جنگ!

هڪ ڏينھن اهو، هو جڏھن محبت جي اظھار لاءِ عوام جو سمنڊ رستن، گهٽين، گلين ۾ اٿلي پيو هو. رنگ، نسل، مذهب جي امتياز کي ٽوڙي صرف محبت جي ساز تي ”مي رقصم“ جي تصوير بڻيل هو، شناخت جا رنگ محبت جي پيغام کي پکيڙڻ ۾ مصروف عمل هئا. ان محبت ڀريي سڏ تي ماڻھو پنھنجا سڀ مسئلا، پنھنجيون تڪليفون، پيڙائون، درد، اھنج، ناانصافيءَ جا ڌڪ، لاقانونيت جا زخم، سڀ ويڇا، سڀ شڪايتون، سڀ رنجشنون وساري هڪ رنگ ۾ رنگجي، هڪ ڌن تي مست ٿي رقص ڪندا خوشي ۽ يڪجهتي جو مثال بڻجي ويا. اهو خوشيءَ جو ڏينھن نہ ڪنھن قانون پاران ۽ نہ ئي ڪنھن مذهب پاران ملھائڻ جو حڪم مليل هو. اهو ماڻھن جي اندر جو آواز هو. ديس سان ۽ ثقافت سان محبت جو اظھار هو، جنھن کي صرف ڪنھن راھہ جي تلاش هئي، اها راھہ عوام کي ميڊيا ڏيکاري ۽ سنڌ جي عوام جي دلين ۾ صوفي ازم وارو جذبو جاڳائي ڇڏيو. جت رنج و الم دور ٿين، جتي انسانيت جو پرچار هجي، جتي انساني برابريءَ جي ڳالھہ هجي جتي هر مذهب علت جا ماڻھو گڏجي ڏک سور ونڊين، جت نفرت نہ هجي صرف لازوال محبتن جا رشتا ٺھندا ۽ چڙندا هجن، جت امن جا سپنا اُنيا وڃن، بي آسرا ماڻھن کي پناھہ ملي، اجها ڳولھيندڙن کي ڇپر ڇانو ملي، جتي دوئي ختم ٿئي، هيڪڙائي ۽ هڪجھڙائيءَ جو پرچار هجي. اهي آستان صوفي بزرگن جا ئي هوندا آھن. سنڌ جي ماڻھن جي رڳن ۾ رت جيان دوڙندڙ محبت ۽ امن جا جذبا انھن کي اهڙن ماڳن مڪانن ڏانھن ڌڪيندا آھن جتي سک ۽ محبت جا پڙلاءُ هجن.
سنڌ جي ماڻھن سدائين، تشدد، نفرت، اھنسا، جبر، ظلم، ڏاڍ، نفرت جي جذبن کي ڌڪاريو آهي. تشدد جي خلاف سنڌ جي مزاحمت جي تاريخ بہ شاهد آهي. جت جت محبت، پيار ۽ انھن جي روشني پکڙجي ٿئي اُت اُت سنڌي ماڻھو پروانن جيان ديوانہ وار ڦيرا ٿا ڏين. اهو ئي سبب هو جو، عوام ويڇا وساري ثقافتي سڏ کي دل و جان سان قبول ڪيو. اهو ميڊيا جو مثبت رويو هو، بنا ڪنھن لوڀ لالچ ۽ سياسي مقصد جي صرف ۽ صرف عوام جي لاءِ خوشي ۽ اتحاد جو اهڃاڻ هو. ان ڪري ان کي ڀرپور عوامي موٽ ملي. ميڊيا جي، عوام تي اثراندازي روزِ روشن جيان عيان آهي پر ميڊيا جي شھرت ۽ سگهہ جو عوام جي مرهونِ منت هجڻ کان انڪار بہ ممڪن ڪونھي. اها ساڳي مثبت روين واري ميڊيا جڏھن ڪجهہ عرصي اندر پنھنجن نظرين جي پاليسيءَ ۾ تبديلي آڻي محبت جو پرچار ڇڏي تشدد ۽ خوف جي علامتن جو ساٿ ڏيڻ ٿي لڳي تہ عوام جي اندر جي باھہ ڀڙڪي ٿي اٿي ۽ ان جو سبب ڄاڻڻ جي بيچيني ضرور تنگ ڪري ٿي، ڇو تہ ميڊيا جي لبرل ڪردار ۾ ان جي ڪاميابي لڪل هجي ٿي.
وڪاڻل ميڊيا عوام جي دلين مان گهر وڃائي ٿي ڇڏي ۽ جي گهر ميڊيا سماج ۾ پير کوڙڻ ۾ ناڪام رھندي آهي تشدد ۽ دهشتگردي کي فروغ ڏيندڙ قوتون ويس مٽائي حمله آور ٿينديون رھنديون آھن، انھن جي سڀ کان محفوظ پناھہ گاھہ مذهب آهي. مذهب ايترو تہ حساس موضوع آهي جو ان تي آڱر کڻڻ وارو مجرم قرار ڏنو ٿو وڃي. ان ڪري ئي اهي قوتون مذهب جي آڙ ۾ جرم جاري رکنديون آھن، انساني حقن جي لتاڙ جاري رکنديون آھن تہ جيئن ڪو بہ قانون ھنن تي فرد جرم عائد ڪرڻ جو ساهس نہ ساري سگهي. جيڪڏھن تاريخ جا ورق اٿلائجن تہ خبر پوي ٿي تہ، مذهبي جماعتون تہ پاڪستان ٺھڻ جي حق ۾بہ نہ هيون. 1947ع کانپوءِ سڀني کي خبر آهي تہ 9 سال پاڪستان جو آئين نہ ٺھي سگهيو تہ ان جا سبب ڪھڙا هئا.
• پھريون سوال اهو تہ پاڪستان سيڪيولر ملڪ هوندو يا اسلامي ملڪ.
• قائداعظم سدائين سيڪيولر ملڪ جي ڳالھہ ڪئي هئي پر سندس وفات کانپوءِ اها اڌوري رهجي وئي .
• ڪنفيڊريشن تي بحث هليو.
• صوبائي خودمختياري جو مسئلو سامھون آيو.
• ڪشمير جو مسئلو هو.
• بلوچستان رياست ۾ شامل نہ ٿي ٿيڻ چاهيو.
• گهڻن فسادن ۽ بحثن کانپوءِ 1956ع ۾ پھريون آئين ٺھيو ۽ 1958ع ۾ ملڪ ۾ ايوب خان مارشل لا نافذ ڪيو.
• تاريخ ٻڌائي ٿي تہ اقتدار جي هوس رکندڙ قوتن سدائين پاڪستان جي بنيادن کي ڪمزور ڪيو آهي انھن ڪڏھن بہ ڪنھن بہ لبرل ۽ جمھوريت پسند قيادت کي ڪامياب ٿيڻ نہ ڏنو آهي.
انھن انتھاپسند قوتن جي سبب اسان جو ملڪ هڪ نہ کٽندڙ جن وڙهي رهيو آهي. اهي ئي قوتون آھن جيڪي ملڪ ۾ وڳوڙ، افراتفري ۽ انتشار پکيڙي اقتدار جي ڪرسيءَ تائين پھچڻ لاءِ ڪوششون ڪنديون آھن. اهي ئي آھن جيڪي معصوم انسانن کي غلط پروپئگنڊا جي ذريعي موت جي منھن ۾ ڌڪي ٿيون ڇڏين. انھن انتھاپسند قوتن ھن وقت پاڪستان ۽ ان جي قانون تي ڪاري وار ڪيو آهي.
F. S. C جو تازو فيصلو جمھوريت پسند ماڻھن لاءِ قابل قبول نہ آهي جڏھن ضياءَ پنھنجي دور ۾ حدو آرڊيننس نافذ ڪيو هو تہ ان وقت عورتن جي ڊگهي جدوجھد شروع ٿي ۽ ان ۾ ڪجهہ تبديلين ۽ وضاحتن جي گهر ڪئي وئي هئي. 1979ع ۾ جڏھن حدود آرڊيننس نافذ ٿيو تہ ان جي آڙ ۾ بيگناھہ عورتن کي سزائون ڏنيون ويون. وڪي پيڊپا جي رپورٽ مطابق 10 هزار عورتون ان قانون تحت جيل اماڻيون ويون انھن ۾ اهي عورتون بہ شامل هيون جن پسند سان شادي ڪئي هئي. چوريءَ جي سزا ۾ هٿ ڪٽڻ واري عمل خلاف پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيشن بہ بائيڪاٽ ڪيو هو، انھن اهڙي عمل ۾ ملوث ڊاڪٽرن جا لائسنس منسوخ ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو.
ھن وقت اڳوڻي صدر مشرف جي آندل وومن پروٽيڪشن بل 2006ع جي بہ مخالفت ڪئي پئي وڃي. حالانڪہ پاڪستان جي موجودہ آباديءَ ۾ 53 سيڪڙو عورتون آھن ۽ عورتن جي حقن جي تحفظ جي جڏھن بہ ڳالھہ هلي ٿي تہ انتھاپسند قوتون انھن جي مخالفت ۾ بيھي ٿيون رھن. جڏھن 1979ع ۾ چادر ۽ چار ديواريءَ جو نظريو ملڪ مٿان مڙهيو ويو تہ ان وقت هو تحريڪ آزاديءَ ۾ عورتن جي جدوجھد کي وساري ويٺا هئا. اها هڪ ڇوڪري فاطمہ صغرى هئي جنھن سيڪريٽريٽ تان يونين جيڪ لاٿو ۽ پنھنجي مٿي تي اوڍيل پوتي کي ھن پاڪستان جو جهنڊو بڻائي سيڪريٽريٽ جي عمارت مٿان بلند ڪيو هو. 1947ع ۾ وومين والينٽيئر سروس ۾ عورتون ڪم ڪنديون هيون ۽ وومن رزرو فورس سرحدن جي حفاظت جون ذميواريون بہ پوريون ڪيون. عورتن جدوجھد بہ ڪئي ۽ ڀوڳيو بہ گهڻو ڪجهہ. ورهاڱي جي وقت لکين عورتن جو بي گهر ٿيڻ، سفر جون صعوبتون سھڻ، ڪيمپن جي پر آزمائش زندگي گهارڻ کان علاوہ لکين عورتن جا ريپ ڪنھن کان بہ لڪل ڪو نہ آھن. ان جي باوجود بہ عورتن جون جيتريون تحريڪون هليون، جيتريون اين جي اوز ڪم ڪن پيون، شروعات کان وٺي مجموعي طرح سان انھن جو هڪ ئي مطالبو رهيو آهي تحفظ، عزت احترام برابري ۽ انصاف. تحفظ ان لاءِ تہ ملڪي ترقي ۽ حفاظت لاءِ آزاديءَ سان ۽ عزت سان پنھنجون خدمتون پيش ڪري سگهن. اهو وومن پروٽيڪشن بل هجي، سيڪسيوئيل هراسمينٽ بل هجي يا ڊوميسٽڪ والئيولينس بل هجي، عورتن جي تحفظ جي حوالي سان هر قانون سازيءَ جي رستا روڪ ڪرڻ انتھاپسند قوتن جو اهم ڪم آهي. ھنن ڪڏھن بہ ڪو نہ چاهيو هو تہ پاڪستان ۾ ترقي پسند ۽ روشن خيال سوچ کي فروغ ملي. ٿورو پوئتي نظر ڪجي تہ قائداعظم جي ڀيڻ محترمه فاطمہ جناح جون ڀرپور ڪوششون، عورتن کي سياست ۽ تعليم ۾ اڳيان آڻڻ جي سلسلي ۾ نظر ٿيون اچن. نرسنگ جي شعبي ۾ ڇوڪرين کي آڻڻ لاءِ بہ محترمه فاطمہ جناح جون ڪوششون ٿيون نظر اچن پر جنھن وقت هوءَ اليڪشن ۾ هڪ آمر جي مقابلي ۾ بيٺي تہ، ان جي ان عمل خلاف فتوائون جاري ڪيون ويون، عورت جي قيادت کي غير اسلامي قرار ڏيئي، ھن کي بي ايماني سان هارايو ويو. جڏھن بيگم رعنا لياقت علي خان ۽ بيگم شاھنواز مساوي حقن جو مطالبو ڪيو ۽ ڪجهہ عملي قدم کنيا تہ انھن تي بہ الزام لڳايا ويا. ھن وقت بہ اهي ئي قوتون موجود آھن جن جو مقصد صرف ۽ صرف پاڪستان کي ڪمزور بڻائڻ آهي.
اهو ملڪ جتي 53 سيڪڙو آبادي عدم تحفظ جو شڪار هجي، مفلوج هجي، ڪم ڪرڻ جي سگهہ ۽ صلاحيت جي باوجود بہ مڃتا کان محروم هجي اهو ملڪ ڪڏھن دنيا جي ترقي يافتہ ملڪن جي صف ۾ شامل ٿيڻ جي لائق نٿو ٿي سگهي. پاڪستان جي 30 کان مٿي تنظيمن، انساني حقوق اتحاد جي پليٽ فارم تان وفاقي شريعت ڪورٽ جي فيصلي کي رد ڪيو آهي ۽ سول سوسائٽي بہ ملڪ گير تحريڪ هلائڻ جي تجويز پيش ڪئي آهي. اسلام آباد ۾ ٿيل اين جي او جي ڪانفرنس ۾ گڏيل راءِ تحت پارليامينٽ کي صنفي امتياز وارن قانونن تي نظرثاني ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي. پي پي سي جي سيڪشن 298 تحت جيڪي قانون لاڳو ٿين ٿا، انھن تي نظرثانيءَ جو مطالبو انڪري بہ ڪيل آهي جو انھن جي ذريعي گهڻي ڀاڱي عورتن ۽ مذهبي اقليتن جو استحصال ٿئي ٿو. پاڪستان ۾ حقيقي جمھوريت کي هٿي ڏيڻ لاءِ حڪومت عوام ۽ ميڊيا کي انھن انتھاپسند ۽ تشدد پکيڙيندڙ عنصر خلاف اعلان جنگ ڪرڻو پوندو. پاڪستان جي سلامتي ۽ امن لاءِ ڪا راھہ عمل جوڙڻ جو وقت پري ناهي. ملڪ مان رُسي ويل محبت ۽ امن جي موسم کي پرچائڻ لاءِ انھن قوتن جي حوصلہ شڪني ضروري آهي جن جو مقصد صرف عوام جو استحصال ۽ اقتدار جو حصول آهي.

30 ڊسمبر 2010ع

اسان وٽ عورت جي خودمختياريءَ جو ڪھڙو تصور آهي!

هُوءَ تمام خوش هئي، پنھنجي گهر ۾ راڄ ڪندي هئي. ھن جو سڄو ڏينھن پنھنجي ننڍڙي بادشاهت کي صاف ڪرڻ، سجائڻ سنوارڻ ۾ گذرندو هو. ھن جي بادشاهت ۾ سندس ننڍڙا ٻار بہ رھندا هئا، جن کي کارائڻ، پيارڻ ۾ هو پنھنجي غذا ۽ آرام بہ وساري ويھندي هئي. ھن کي سندس گهرواري جي پيار تي ايمان جي حد تائين يقين هو. سندس آرام جو ڏاڍو خيال رکندي هئي. سندس ننڍڙي رياست ۾ سندس حڪومت هئي، هوءَ ڪنھن فاتح جيان ان ۾ رھندي هئي، ڄڻ تہ ان کان وڌيڪ ڪا خوش نصيب عورت ھن ڌرتيءَ تي نہ هئي. ها، پر هڪ ڏينھن ھن کي پنھنجي بادشاهت کسجندي محسوس ٿي هئي، جنھن ڏينھن ھن جي وَرَ ھن کي خاندان جي اهم مسئلي تي ڳالھائڻ کان روڪيو ۽ ھن کي ڪمري مان ٻاهر وڃڻ لاءِ چيو، جنھن ۾ خاندان جا مرد ويھي ڪجهہ اهم فيصلا ڪرڻ وارا هئا.
ان ڏينھن بي وسي، بي وقعتي، تذليل، بي مانائپ جا دل ڏکوئيندڙ احساس ھن کي وڪوڙي ويا هئا، ائين ئي لڳو تہ ڄڻ تہ سندس گهر جون ڀتيون سلامت هجن، نہ ڇت هجي، نہ زمين سندس پيرن هيٺان هجي. ھن جي ڪيفيت ان فقيرياڻيءَ جيان ٿي وئي هئي، جيڪا ڦاٽل ميرا ڪپڙا پاتل، پيرين اگهاڙي، واٽ ويندڙ هر فرد اڳيان خالي هٿ ٽنگي ٿي، پر مليس ڪجهہ بہ ڪونہ ٿو. بادشاهت جون سڀ خوشيون پل کن ۾ پرزا پرزا ٿي ويون. ڇا عورت جو وجود صرف مذمت ڪرڻ لاءِ خلقيل آهي؟ گهر جي ڪمن کان علاوہ ھن جي صلاحيتن جي ڪابہ مڃتا ڪونھي؟ ھن جي اهميت جو صرف هڪ دائرو آهي؟
هوءَ بہ پڙهيل لکيل، پراعتماد عورت هئي، برسرِ روزگار هئي، دنيا ھن کي رشڪ جي نگاھہ سان ڏسندي هئي، هو زماني جي نظر ۾ آزاد ۽ خودمختيار عورت هئي. پر اُن ڏينھن ھن کي قيد ۽ پابنديءَ جو احساس ٿيو، جنھن ڏينھن ھن کي احساس ٿيو تہ ھن جي سوچ آزاد ڪونھي، ھن جي سوچ ۽ فڪر تي گهر جي مردن جا پھرا آھن. هوءَ پڙهيل لکيل هجڻ جي باوجود پنھنجي اولاد جي مستقبل جو فيصلو پاڻ نہ ڪري سگهي ۽ پنھنجي لاءِ بہ ڪو فيصلو ڪرڻ کان پھرين هوءَ گهر جي مردن جي اجازت جي اڳيان هارايل رهي هئي، انھن ڪھاڻين جھڙيون ڪيتريون ڪھاڻيون روزانہ نظرن اڳيان اچن ٿيون، جن ۾ عورت جي خودمختياري ۽ آزاديءَ جي باري ۾ سوين سوال اٿن ٿا. عورت شھر جي هجي، ٻھراڙيءَ جي هجي، پڙهيل لکيل هجي، تعليم کان وانجهيل هجي، دنيا جي ڪنھن بہ ملڪ سان ان جو تعلق هجي. هوءَ پدر شاهي سماج جي گهاڻي جيان پيڙهجندڙ بي ڏوهي مجرم آهي. پيڙهجندڙ طبقي جي حقن لاءِ آواز اٿاريندڙ پروفيسر امر سنڌوءَ جو ڪتاب ”سنڌي ادب ۾ عورت جي خودمختياريءَ جو تصور“ گهڻن سوالن جو جواب ڏيندڙ بہ آهي تہ گهڻا سوال اٿاريندڙ بہ آهي.
ڪتاب جي مھورت واري ڏينھن جڏھن ناميارن ريسرچ اسڪالرز، اديبن، عالمن، سول سائٽيءَ جي نمائندن “سنڌي ادب ۾ عورت جي خودمختياري جو تصور” تي بحث ڪيو تہ اها ڳالھہ سامھون آئي تہ خودمختيار عورت جو عڪس تمام گهٽ چٽيل آهي ۽ ان جي ذميواري اديبن تي عائد ڪئي وئي . سنڌي ادب ۾ عورت جو هر روپ چٽيل آهي، شريف عورت، باغي عورت، رسمن رواجن ۾ ڦاٿل ۽ مزاحمت ڪندڙ عورت، تعليم يافتہ ۽ برسرِ روزگار عورت وغيرہ جا عڪس چٽيل آھن. ادب ۾ موجود ڪردار صنفي امتياز ۽ سماجي رسم و رواج جي نندا ڪندي ٿا نظر اچن ۽ عدم تحفظ جو شڪار ٿي باغي ٿا ٿين. اهي ڪردار حويلين ۽ ڪوٺن جون ظاهري توڙي علامتي زنجيرون ڀڃندا ٿا نظر اچن ۽ گهرن ۾ قيد ڪردار بہ پنھنجي سڃاڻپ جي جنگ جاري رکندا ٿا نظر اچن. ھنن چند ورقن ۾ ادب جو مڪمل جائزو پيش ڪرڻ ناممڪن آهي، پر مختصر طور تي ائين چئجي تہ سنڌي ادب ۾ موجود عورت جا ڪردار، پنھنجي سڃاڻپ لاءِ پتوڙيندا نظر اچن ٿا، حقن جي حاصلات لاءِ منتظر نظر اچن ٿا، سماج ۾ موجود اڻ برابريءَ وارا رويا برداشت ڪن ٿا ۽ عورتن پاران ساڻن ٿيندڙ استحصالي روين کان نفرت جو اظھار بہ ملي ٿو. سوچڻ جھڙي ڳالھہ اها آهي تہ سنڌي ادب ۾ جاکوڙي عورت، پڙهيل لکيل باشعور پنھنجي حقن کان آگاھہ عورت جو ڪو نمايان ڪردار نٿو نظر اچي، جنھن کي مڃتا مليل هجي. جتي مزاحمت آهي تہ ان کي بغاوت جو نالو ڏنو ويو آهي. جتي عورت سماجي حدبندين کان انڪاري آهي تہ ان کي نافرمان چيو ويو آهي. جتي عورت خودمختياريءَ جي ڳالھہ ڪري ٿي، اُتي ڇڙواڳيءَ جي الزامن سان زخمي ڪئي ٿي وڃي. شرافت ۽ پاڪيزگيءَ جا ميڊل، خواهش جو قتل ڪري دلي تمنائن کي زنده دفن ڪري، پڌر شاهي سماجي حدبندين جي باھہ ۾ جلندڙ عورت کي پارايا ويندا آھن. آزاد ۽ خودمختيار ڪردارن کي سماجي مڃتا ملندي تمام گهٽ ڏيکاريو ويو آهي. يقينن ادب سماج مان اسري ٿو، پر ادب جو هڪ پھلو اهو بہ آهي تہ هو سماج تي ڀرپور اثر ڇڏڻ جي سگهہ رکي ٿو. مرزا قليچ بيگ جو مشھور ناول ”زينت“ جيڪو 1888ع ۾ لکيو ويو. ان ناول ڇپجڻ کان پوءِ ماڻھن پنھنجن ڌيئرن جا نالا زينت رکڻ شروع ڪيا ۽ ڌيئرن کي تعليمي ادارن ۾ موڪلڻ شروع ڪيائون. ادب صرف وندر ناهي پر ادب انساني شعور کي ادراڪ بخشي، سماجي ڪمزورين ۽ منفي روين کي ظاهر ڪرڻ سان گڏوگڏ انھن جي درستيءَ لاءِ ويچار ۽ رستا جوڙي ٿو. ادب بي جان ۽ بي اثر ڪونھي، دنيا جي تاريخ پڙهڻ سان حقيقت ظاهر ٿئي ٿي تہ لفظن هٿيارن کان وڌيڪ، قومن جي تقدير مٽائڻ ۾ موثر ڪردار ادا ڪيو آهي.
1513ع ۾ لکيل ميڪاولي جو ڪتاب ”بادشاھہ“ دنيا جي مشھور اڳواڻن جو رهبر رهيو هو. ايڊلف هٽلر ۽ نپولين بونا پارٽ ۽ مسوليني جون سوانح عمريون ان ڳالھہ جو ثبوت آھن تہ هوءَ ميڪاوليءَ جي نظرين کان ڪيتريقدر متاثر ٿيا ۽ انھن نظرين کي ھنن ڪھڙي طريقي سان حڪومتن ۾ رائج ڪيو هو. انگلستان جي بادشاھن بہ انگلستان ۾ جمھوريت رائج ڪرڻ وقت ان ڪتاب جي مدد حاصل ڪئي هئي. 1776ع ۾ ٽاس پين جو ڇپجندڙ ڪتاب Common Sense آمريڪا جي آزاديءَ جو سبب بڻيو.
Adam smith جي ڪتاب ”The wealth of nation“ دنيا جي اقتصادي نظام ۾ انقلاب آڻي ڇڏيو. 1800ع ۾ مالٽس پنھنجي تحريرن وسيلي دنيا تي اثرانداز ٿي رهيو هو. انقلاب فرانس کان پوءِ ڪارل مارڪس جي مشھور ڪتاب ‘Capital’ بين الاقوامي شھرت حاصل ڪئي. ان کان علاوہ ٻيا بہ کوڙ سارا ڪتاب آھن، جن دنيا جي ماڻھن کي نيون سوچيون، نوان نظريا ڏنا ۽ انھن جي طرز زندگي تي اثر انداز ٿيا. هي چند مثال ان ڳالھہ جو ثبوت آھن تہ قلم تلوار کان وڌيڪ طاقتور آهي. جيڪڏھن قلم وسيلي دنيا جي حڪومتن ۾ انقلاب ممڪن آهي تہ پوءِ سماجي سطح تي تبديلي آڻڻ لاءِ ادب ڇو خاموش آهي؟
ادب ۾ موجود مزاحمتي ڪردار ورقن ۾ دفن ڇو ڪيا ويا آھن؟ انھن جون سوچون خواهشون، تڙپندڙ جذبا، جوش، خود آگاهي، زماني ۾ ڪو ٻارڻ، ٻارڻ ۾ ناڪام ڇو ٿيندي ٿي وڃي؟
اديبن جا قلم عورت جي حسن و جمال نزاڪت جسماني خوبصورتيءَ جي قصيدن لکڻ کان علاوہ عورت جي ذهانت، فھم، شعور ۽ روشن خياليءَ جا مثبت روپ پيش ڪرڻ کان قاصر ڇو آھن؟ اسان جي سماج ۾ کوڙ ساريون عورتون آھن، جيڪي عورتن جي حقن لاءِ جاکوڙين ٿيون، هر فورم تان انساني حقن جي سربلنديءَ لاءِ آواز اٿارين ٿيون. عورتن جي حقن لاءِ قانون سازي ڪرائڻ ۾ نمايان ڪوششون وٺي رهيون آھن، انھن جي ڪردارن جي ذڪر کان سواءِ اسان جي ادب ۾ سماجي حقيقت نگاري جو موضوع اڌورو رھندو.
عاصمه جھانگير جھڙي ليڊر، بھادر ۽ عورتن جي حقن لاءِ قانوني جنگ وڙھندڙ عورت جو ڪو زنده ڪردار تخليق نہ ڪري سگهيا آهيون
پنھنجي نالي سان، پنھنجي سڃاڻپ حاصل ڪرڻ لاءِ سماج سان مزاحمت ڪندڙ نگهت سعيد خان جھڙو امر ڪردار نظر نٿو اچي
ها، ڀلي ھنن چند سچائي جي لفظن کي خوشامد جو لباس پارايو وڃي يا دوستيءَ جو ليبل لڳايو وڃي، پر ان سچ کي لکڻ ضروري ٿي سمجهان تہ گذريل ٻن ڏهاڪن کان ادبي منظرنامي تي موجود رھندڙ، هر فورم تان عورتن جي حقن لاءِ آواز اٿاريندڙ، هر مظلوم عورت جي داد رسيءَ لاءِ پھچي ويندڙ ۽ ان جي مسئلي کي ميڊيا تائين پھچائڻ جي سلسلي ۾ عملي قدم کڻندڙ امر سنڌوءَ جھڙو ڪردار، ادب ۾ نظر نٿو اچي. امر سنڌوءَ جھڙين عورتن جا ڪردار ڇو چٽيا نٿا وڃن؟ اهڙا امر ڪردار سماج ۾ انقلاب جو باعث بڻجي سگهن ٿا، جيڪي پنھنجي قول ۽ عمل جي سچائي سان سماج ۾ برابري ۽ انصاف لاءِ جاکوڙيندڙ هجن. زال، ماءُ، ڀيڻ، ڌي کان علاوہ عورت جي سڃاڻپ جو هڪ حوالو انسانيت بہ آهي، جيڪو ھن کي هر سماجي عمل ۾ ڀاڱي ڀائيوار رجڻ جو شعور عطا ڪري ٿو. خودمختياريءَ مان مراد پنھنجي زندگيءَ جو پاڻ مالڪ هجڻ، پنھنجي وجود، پنھنجي سوچ، پنھنجي فڪر تي پنھنجو اختيار هجڻ، پنھنجي بري ۽ ڀلي جو فيصلو پاڻ ڪري ان جي هر نتيجي جو پاڻ ذميوار هجڻ، سماج ۾ هر فرد جيان برابريءَ جي حيثيت سان زندگي گذارڻ. جيئن گلشن لغاري پنھنجي ڪجهہ سٽن ۾ مختصر طور تي پنھنجي خودمختياريءَ جي تصور کي واضح ڪيو آهي:

ڪانہ ٿي گهرجي ٻاجهہ گهڻي،
مڃيو مون کي انسان کڻي
هر هر دلڙي هرکي ٿي
منھنجي دل بہ ڌڙڪي ٿي.

پوپٽي هيرا ننداڻي، عورت بابت لکي ٿي:
”مرد عورت لاءِ ڪجهہ چوي ۽ عورت پنھنجي ذات بابت ڪجهہ ٻڌائي، ان ۾ گهڻو فرق آهي. عورت جي چؤطرف جدا جدا قسم جون زنجيرون آھن. ٻار ڄڻڻ، مڙس جي خدمت ڪرڻ، تعليم کان وانجهيل رهڻ، پنھنجي پيرن تي نہ بيھي سگهڻ، اڳئين زمني جون علامتون هيون، پر هاڻ بہ تعليم پرائڻ ۽ ڪمائڻ بعد بہ هوءَ ڪيترين ئي نوڙين سان ٻڌل آهي. ان ڪري هو پاڻ بابت ڪجهہ چوڻ بہ چاهي تہ چئي نہ ٿي سگهي. “
نارائڻ داس پمڀاڻيءَ جا لفظ پدر شاهي سماج جو عڪس واضح ڪندا ٿا محسوس ٿين. هو لکي ٿو تہ ”اڄ ڪلھہ جو سماج زالن ڏانھن پنھنجيون جوابداريون محسوس نہ ٿو ڪري، ڇاڪاڻ جو ان جا گهڻگهرا ۽ بانيڪار اڪثر مرد ئي آھن. “
ڪتاب، سنڌي ادب ۾ عورت جي خودمختياريءَ جو تصور جي هڪ مضمون ۾ ماڻڪ جي ڪھاڻين مان مثال ڏيئي سماج جي هڪ اهم مسئلي طرف ڌيان ڇڪايو ويو آهي، جيڪو عورت جي مرضيءَ جي شاديءَ جي باري ۾ آهي. ماڻڪ پنھنجي ڪھاڻي ۾ قرآن سان شادي ڪرائي ڇوڪرين جو حق بخشائڻ واري رسم جو ذڪر ڪري ٿو. اها رسم ھن وقت سماج ۾ موجود نہ آهي، پر ائين چئي سگهجي ٿو تہ اها رسم نئون جنم وٺي ڪنھن ٻئي نالي سان سماج ۾ موجود آهي. ڪجهہ قبيلا ڪجهہ خاندان ڇوڪرين جي شادي خاندان کان ٻاهر ڪرڻ پسند ڪونہ ڪندا آھن، انھن جون ڇوڪريون خاندان ۾ شادي نہ ٿيڻ سبب سدائين گهرن ۾ بند رهجي وينديون آھن. حق نہ بخشڻ جي باوجود بہ هو پنھنجي حق کان محروم رکيون وينديون آھن. ها، انھن برباد، تڙپندڙ، لڇندڙ زندگين جو ذڪر منھنجي قلم تي قرض رھندو، جيڪو شايد زندگيءَ جي سج لھڻ کان پھرين لاهي سگهان!

02 فيبروري 2011ع

شال هيءَ بھار زندگيءَ جي پن ڇڻ نہ ٿئي!

شال هيءَ بھار زندگيءَ جي پن ڇڻ نہ ٿئي
جڏھن هوا چپن تي گيت لکي ٿي،
ڌڙڪنون دل جون، روح کي مھڪائين ٿيون.

احساسن جي دنيا ۾ زنده رھندڙن تي هيءَ ڌرتيءَ هونئن بہ تنگ ڪئي ويندي آهي. پيار جي ملھاري مند، درد ۽ پيڙا جا وسڪارا ساڻ آڻيندي آهي، پر اهي وسڪارا عورت جي وجود کي ڪجهہ وڌيڪ آلاڻ بخشيندڙ هوندا آھن، ڇو تہ جذبن جي سفر ۾ هو پيرين اگهاڙي ۽ بنا ڪنھن ڇپر ڇانوَ جي اڻ ڏٺل رستن تي نڪري پوندي آهي. پيار جا خواب ستل اکين ۾ جاڳن تہ ننڊون ڦري وٺندا آھن پر جيڪڏھن جاڳندڙ اکين ۾ لھن تہ زندگي ڦرڻ جو باعث بڻجي ٿا وڃن. پيار جا خواب اڻڻ ڄڻ تہ زندگيءَ جي اڻت کي کولي ڇڏڻ آهي. BBC World جي رپورٽ مطابق هر سال 5 هزار ڇوڪريون غيرت جي نالي قتل ٿي ٿيون وڃن.
ڌرتيءَ جي ھن گولي تي جنم وٺندڙ معصوم ننڍڙي نينگر جي ساھہ جي هر تند ۽ رت جي هر ڦڙي جا حقدار ھن جا ويجها عزيز هجن ٿا، جيڪي کيس جنمڻ جو خراج هر طريقي سان وصول ڪرڻ جا مجاز هجن ٿا. اها ان جي مرضي تہ هو ان ننڍڙي وجود کي زنده دفن ڪري يا کيس پنھنجي ذاتي مفاد جي استعمال لاءِ ڪجهہ زندگي جا ڏينھن خيرات ۾ ڏئي ڇڏي. مرد کي اختيار آهي تہ هو پنھنجي ڌيءَ کي چند ٽڪن عيوض نيلام ڪري يا وري زماني ۾ رسمن رواجن اڳيان سرخرو ٿيڻ لاءِ ھن جي رت سان هٿ رڱي وٺي.
معصوم ڇوڪريون ننڍپڻ کان پنھنجن قاتلن جي آڱر پڪڙي هلڻ سکنديون آھن. پنھنجن معصوم ٻولن سان انھن جي دل وندرائينديون آھن. پيءُ جي سڏ تي ڊوڙي جيءُ چوندڙ هو ڌيءَ ئي هوندي آهي، ڀاءُ جي خدمت لاءِ ڊوڙي، ڊوڙي هر ضرورت جي شيءِ مھيا ڪندڙ ڀيڻ هوندي آهي. ھن کي خبر نہ هوندي آهي تہ هڪ ڏينھن، سڄي دنيا شفقت ۽ محبت جي بدلي ۾ کيس زندگي جي هر خوشيءَ تان دستبردار ٿيڻو پوندو.
دنيا ۾ هر مجرم جو جرم لڪي سگهي ٿو ۽ هو سزا کان بچي سگهي ٿو، پر پيار جي مجرم کي ڪٿي بہ جاءِ پناھہ نٿي ملي، ملندي بہ ڪيئن؟
پيار جو مجرم تہ ڪُٺو ئي محافظن جي هٿان ٿو وڃي. سڄي دنيا ۾ ھن وقت غيرت جي نالي ۾ قتلام جو گراف وڌندو ٿو نظر اچي. يورپ ۾ 2003ع ۾ 1327 عورتون ماريون ويون. شام ۾ هر سال 200، 300 عورتون غيرت جي نالي تي قتل ٿين ٿيون. 2005ع ۾ دنيا ۾ 1015 عورتون ماريون ويون.
سارا حسين پنھنجي ڪتا ‘Honor’ ۾ لکي ٿي تہ يورپين ملڪن، عرب ملڪن ۽ فرانس ۽ اٽلي روم وغيرہ ۾ 1810ع ۾ بہ مرد پاران غيرت جي نالي تي قتل جي تمام گهٽ سزا رکيل هئي. قديم فرانس ۽ رومن قانون مطابق اهڙا مسئلا پيءُ، ڀاءُ ۽ مڙس کي حل ڪرڻ جي مجاز هوندا آھن.
21 سالن جي روشن اکين ۽ خوبصورت چھري واري اٽلي ۾ رھندڙ حنا کي گلو ڪٽي موت جي حوالي ڪندڙ سندس پيءُ ۽ ٻہ ڀيڻويا هئا. سئيڊن جي سارا ۽ اٽلي جي ثنا بہ پيار جي ڏوھہ جون ڏوهاري هيون. ھن وقت هر انسان پنھنجي مفادن جي جنگ وڙھندو ٿو نظر اچي، اهي ماڻھو جيڪي معاشي حالت جي بھتريءَ لاءِ پنھنجو ديس ڇڏي پرديس وسائين ٿا، اهي معاشي سرگرمين ۾ اولاد کي نظرانداز ڪرڻ کي ڏوھہ نہ سمجهندا آھن. جيترو وقت سندن ڪاروبار ۽ ڪم جاري رھندا آھن، هو انھن ۾ مصروف رھندا آھن، پر جڏھن اولاد ان ملڪ جي تھذيب ۽ ڪلچر Own ڪندو آهي تہ اهو انھن لاءِ ناقابل برداشت ٿي ويندو آهي. واپسيءَ جو سفر اولاد لاءِ تمام اوکو ثابت ٿيندو آهي.
21 سالن جي حنا اٽلي ۾ هڪ بار ۾ ڪم ڪندي هئي تہ ان جي پاڪستاني مائٽن کي ڪوبہ اعتراض نہ هو، پر جڏھن ھن اٽليءَ هڪ نوجوان سان زندگي گذارڻ جا خواب ڏٺا تہ پوءِ مائٽن کي پنھنجي تھذيب ياد اچي وئي . مغربي تھذيب اپنائڻ جي ڏوھہ ۾ حنا کي ڪُٺو ويو. اٽليءَ جي ثنا کي مائٽن ان ڪري ماري ڇڏيو جو ھن سندن مرضيءَ سان شادي ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو. 20 سالن جي نوشين بہ مائٽن جي مڙهيل فيصلي کان انڪاري ٿي ۽ سندس ڀاءُ کيس ايترو ٽارچر ڪيو جو هوءَ ٽراما ۾ هلي وئي. هاسپيٽل پھتي تہ سندس ٻانھن ڀڳل هئي. نوشين جي ماءُ بيگم کي ڌي جي بچائڻ جي ڏوھہ ۾ زندگي کان محروم ڪيو ويو.
سئيڊن جي ميڊيا رپورٽ مطابق 70 هزار نوجوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون پنھنجو جيون ساٿي چونڊڻ جي حق کان محروم آھن. زبردستيءَ جي شاديءَ کان بغاوت جو اعلان، افغانستان جي 18 سالن جي شيرين پاڻ کي ساڙي ڪيو. 90 سيڪڙو سڙڻ کان پوءِ هوءَ هاسپيٽل ۾ زندگي هارائي ويٺي.
16 سالن جي زهرا ڀاءُ جي هٿان مارجي وئي. دمشق ۾ پسند جي شادي ڪندڙ حرا کي شاديءَ جي ڪجهہ عرصي کان پوءِ ڀاءُ قتل ڪري ڇڏيو.
United Nations Development fund for Women
محبت ۽ موت جو اهو سنگم آخر صرف عورت لاءِ ڇو؟ عورت ٻين لاءِ جنت جي حصول جو ذريعو آهي، پر اها جنت ھن لاءِ حرام آهي. هوءَ ٻين لاءِ سڪون جو باعث آهي، پر زندگيءَ جو سڪون ھن لاءِ حرام آهي. جيت ھن جي قدمن جي هيٺان ضرور آهي، پر هُو ان جيت جي ٿڌين ڇانون ۾ ويھڻ جو حق نٿي رکي.
پنھنجي ئي زندگي پنھنجي مرضيءَ جي ساٿيءَ سان گڏ گهارڻ جي خواهش ھن لاءِ ناقابل معافي جرم ڇو آهي؟ سرحدن ۽ سماجي حدبندين جو انڪاري جذبو عورت لاءِ دردن ۽ عذابن جو پيغام آڻيندڙ ڇو آهي؟ جيئن سزا ۽ مرڻ مھڻو ڇو آهي؟ ڇا هيل بہ بھار انھن تڙپندڙ روحن کي قرار ڏيڻ کان سواءِ ئي زندگي ويندي. ڇا هيل بہ بھار انھن ٻرندڙ سوالن کي وسائڻ کان سواءِ ئي گذري ويندي؟ ڇا هيل بہ بھار انھن مرجهايل، ڪومايل زندگين کي تازه ڪرڻ ۾ ناڪام رھندي؟
صدين کان جاري رھندڙ قتل عام جو انت ڀلا ڪير ڪندو؟ ڪڏھن ٿيندو؟ U. K ۾ رھندڙ ”ر“ پنھنجي زال تي تشدد ڪندو هو، ھن پنھنجيءَ زال جي 15 سالن جي ڌيءَ کي جوا ۾ هارايو ۽ وڪڻڻ جي ڪوشش ڪيائين، هو، زال ۽ سندس ڌيءَ کي Honor Killing جو ڊپ ڏيئي ٽارچر ۾ رکندو هو. آخرڪار ملڪ ڇڏي فرار ٿي ويو. برلن ۾ 2005ع ۾ چئن مھينن اندر 6 مسلم عورتون پنھنجن عزيزن هٿان ماريون ويون. انھن شھيد عورتن جي گل رنگ داستان جو انت تہ خبر نہ آهي ڪٿي ٿيندو. اسين انھن جا انگ اکر بہ گڏ ڪرڻ کان قاصر آهيون، ڇو تہ لاتعداد ڇوڪريون خاموشيءَ سان دفن ٿي وڃن ٿيون. قاتل سرخروئي جو تاج پائي عزت سان جيئندا ٿا رھن، انھن جا ڪيس رپورٽ ٿين ئي نہ ٿا.
غيرت جي نالي تي ٿيندڙ ڏوھن جا سبب ڳولجن تہ اها ڳالھہ صاف نظر اچي ٿي تہ سماج ۾ عورت جي حيثيت ۽ اهميت معاشرتي، مذهبي ۽ قانوني طرح سان ڪمتر تسليم ٿيل آهي. ھن کي ڪنھن جي زبان جانور جيان ڪنٽرول ۾ رکڻ جون ڪوششون ورتيون ٿيون وڃن. عورت جي سمجهہ سوچ ۽ شعور کي مڃتا مليل ڪونھي. اها صديون پراڻي سوچ آهي، جنھن ۾ تبديلي تمام مشڪل آهي، پر ناممڪن ڪونھي. اهي قديم سماجي اصول، ريتون رسمون، تھذيبي، ثقافتي طور طريقا ۽ ديني تعليم جا اثر آھن، جن مردن کي حاڪميت جو تصور ڏنو ۽ عورت کي ملڪيت جي حيثيت ڏيئي ڇڏي، جيڪا اڄ تائين رائج آهي. جيڪڏھن انھن قديم نظرين کي تبديل ڪرڻ جي ٿوري ڪوشش ڪجي تہ سڀ کان پھرين “ڪارو ڪاري” ۽ “غيرت جي نالي تي قتل” جي اصطلاحن کي مٽائجي. اها سوچ آڻجي تہ پيار تہ مانُ ۽ عزت ڏيندڙ جذبو آهي، ان کي احترام جوڳو عمل سمجهي موت جو سزاوار نہ بڻائجي. محبت دلين کي جوڙيندڙ جذبو آهي. محبت سماج ۾ امن جي علامت آهي ۽ امن جو خاتمو ڪندڙن کي ڪنھن بہ سماج ۾ مڃتا نٿي ملي سگهي.
آخري لفظ تہ زندگي هر فرد لاءِ فطرت پاران پھريون ۽ آخري تحفو هوندي آهي. هر انسان جيان عورتن بہ پنھنجي زندگي پنھنجي مرضيءَ سان گهارڻ جو اختيار رکي ٿي. هر فرد پنھنجي زندگيءَ جو پاڻ مالڪ آهي ۽ پنھنجين خوشين ۽ عزتن جو پاڻ محافظ آهي. گهر ۽ خاندان جي عزت امن ۽ محبت سان سلھاڙيل آهي، رت جي راند ڪڏھن بہ عزت جي علامت نٿي بڻجي سگهي. ڌيءَ ۽ ڀيڻ جو قتل خاندان جي عزت نہ پر بربادي جو باعث هجي ٿو. ڇو تہ ڌيئرن ۽ ڀينرن جا هٿ سدائين پنھنجن ڀينرن ۽ ڀائرن جي سلامتيءَ لاءِ دعا گهرڻ لاءِ کڄندا آھن، انھن جي چپن تي سدائين پنھنجي طويل عمر ۽ گهر جي سلامتيءَ جا ڳيچ سرجندا آھن. جڏھن دعا گهرندڙ هٿ وڍيا وڃن ۽ ڳيچ چوندڙ چپن تي موت جي مھر لڳي وڃي تہ پوءِ ان گهر ۽ گهر ڀاتين جي تحفظ ۽ سلامتيءَ جو ذمو ڪير کڻندو؟
جڏھن بہ اهڙا ڪيس رپورٽ ٿيا هوندا تہ سالن جا سال خاندانن جا فرد ان پيڙا کي ڀوڳيندا رهيا هوندا ۽ جيڪي لڪهجن ٿا، سي دلين ۽ ضميرن کي ڪڏھن بہ سڪون ڪرڻ نہ ٿا ڏين. ڪاش هيل بھار رُت سڀني فردن جيان عورتن جي زندگيءَ جي در تي بہ دستڪ ڏئي تہ ڪا ڪھاڙي نہ کڄي، ڪا گولي نہ هلي بھار رُت جي مست هوا انھن لاءِ زندگيءَ جون خوشيون بخشيندڙ هجي. زندگي کسيندڙ ثابت نہ ٿئي.

15 فيبروري 2011ع

ٻارن جي لاءِ رسڪ بڻجي ويل اسان جو سماج!

سونھن، خوبصورتي، چڱائي، نيڪي، نزاڪت، نفاست، پاڪيزگي، سچائي، اميد ۽ خوشين جا سمورا خوبصورت استعار ٻارن لاءِ استعمال ٿيندا آھن ۽ انھن سڀني لفظن جي تشريح لاءِ لفظ ”ٻار“ ڪافي آهي. ٻارن وانگر معصوم، ٻارن وانگر پاڪ، ٻارن جيان نازڪ، ٻارن جيان نيڪ، ٻارن جيان پوتر، ٻارن جيان خوش ۽ ٻيون بہ انيڪ مثبت تشبيھون استعمال ڪيو وينديون آھن. خوشي، پاڪيزگي، سچائيءَ سان گڏوگڏ ٻار روشن مستقبل جي علامت ۽ اميد بہ آھن. ”ٻ، ا، ر“ ھن ٽه حرفي لفظ ۾ سڄي دنيا جي اميد زنده هوندي آهي. خوشيون انھن حرفن ۾ ساھہ کڻنديون آھن. سونھن ۽ نزاڪت ان جي واکاڻ ڪنديون آھن. پاڪيزگي ۽ سچائي ان جا قسم کڻنديون آھن، اهي ٽي حرف اچارڻ سان دل محبت سان ٽمٽار ٿي وڃي ٿي، روح ۾ سڪون وسي ٿو وڃي، عجيب خوشيءَ جو احساس وجود کي وڪوڙي ٿو وڃي. پر اهي سڀ محبت ۽ سونھن جون تشبيھون ڪربناڪ سوال بڻجي ٿيون وڃن، جنھن مھل وائيس آف امريڪا جي ٻارن کي مارڻ متعلق رپورٽ ظاهر ٿئي ٿي. جيڪڏھن ٻار امن، خوشي، محبت، پاڪيزگي، نزاڪت، سچائي، نيڪي، پيار جي علامت آھن تہ پوءِ ٻارن جو قتل، انھن سڀني چڱاين جو قتل چئجي؟ Child Murder ۽ Child Rape، هڪ ڪربناڪ ۽ دردناڪ موسم جيان سماج تي ڇائنجي رهيا آھن.
ٽالسٽاءِ جي مشھور ڪتاب: ”نيٺ ڇا ڪجي؟“ جيان اهوال سوال بہ تمام ڏکيو آهي. نيٺ ڇا ڪجي؟ ڇو تہ قاتل جڏھن ڌاريان هوندا آھن تہ ڪيس عدالتن ۾ هلندا آھن، ٿاڻن تي درج ٿيندا آھن. مجرم جيلن ۾ قيد ڪيا ويندا آھن، پر جيڪڏھن ڪير پنھنجو پاڻ کي ماري تہ ان کي سزا ڪير ڏيندو؟ تخليق ڪندڙ ئي پنھنجي تخليق کي قتل ڪري تہ ڪيس دنياوي عدالتن ۾ نہ پر ضمير جي عدالت ۾ هلندا آھن. ان ڪري ئي ٽالسٽاءِ پنھنجي پاڻ کان پڇيل سوال جي جواب ۾ چئي ٿو تہ: ”اسان کي گهرجي تہ پاڻ سان ڪوڙ ڳالھائڻ جو گناھہ ڪڏھن بہ نہ ڪريون. “ ان گناھہ جو ارتڪاب هرڪوئي ڪري ٿو. ٻئي ڪنھن فرد لاءِ سچ ڳالھائڻ سولو آهي، پر پنھنجي لاءِ سچ ڳالھائڻ تمام اوکو آهي. تخليقڪار بہ ڳالھائڻ جي همٿ نٿا ساري سگهن، جيڪي پنھنجي تخليق کي موت جي اونداهيءَ ۾ ڌڪي ڇڏڻ تي مجبور ٿي ٿا وڃن. جڏھن ڪو اديب ڪجهہ لفظ پنن تي رقم ڪري ٿو تہ ان کي ساھہ سان سانڍي ٿو. مصور پنھنجي ٺاهيل تصوير کي جان کان وڌيڪ پيار ڪري ٿو، پر آخرڪار اهي ڪھڙيون مجبوريون آھن، جيڪي هڪ انسان کي پنھنجي وجود جي حصي کي پاڻ کان ڌار ڪرڻ لاءِ اتساهين ٿيون؟
زندگيءَ جي تصوير ۾ رنگ ڀرڻ جي بجاءِ ان کي ڦاڙي ٽڪڙ ٽڪر ڪيو ٿو وڃي. ٻارن جي قتل جو سبب غربت بہ آهي، پر اهي ٻار جيڪي مائٽن جي مرضيءَ کان سواءِ دنيا ۾ اچن ٿا، جن جي وجود کي تسليم ڪرڻ لاءِ انھن جا مائٽ بہ تيار نہ هوندا آھن، انھن کي پنھنجي قدرن ۽ سماج جي خوف کان بيدرديءَ سان قتل ڪيو ويندو آهي. وائيس آف امريڪا مطابق قتل ٿيندڙ ٻارن ۾ 95 سيڪڙو ڇوڪريون هونديون آھن. پاڪستان ۾ روزانو ڪيترائي Un Wanted ٻار قتل ٿين ٿا، جن جا انگ اکر بہ ظاهر ڪونہ ٿا ٿين. قتل ٿيل 6 ڏينھن جي ڇوڪري، گند جي ڍير تي پيل سڙيل ٻار جا گڀا، گهٽي ماريل ٻار جو لاش، ذبح ٿيل ٻار جا ٽڪر، مسجد جي دروازي تي پٿر هڻي ماريل ٻار جو لاش، ڪنھن مولوي جي فتويٰ هڻي ماريل ٻار جو لاش، ڪنھن مولوي جي فتويٰ کان پوءِ ٻن ڏينھن جي ٻار جو سنگساريل لاش. ڪلمہ گو انسانن لاءِ سوال آھن ۽ سڀني مذهبن جي انسانيت سان پيار ۽ سلامتيءَ واري پيغام جي نفي آھن. مذهب کي ڪتابن جو مجموعو بنائڻ ۽ ڪجهہ اجتماعن تائين محدود رکڻ کان بھتر آهي تہ واپس ان اونداهي دور ۾ وڃجي ۽ سڀ کان پھرين انسانيت جو سبق هڪ دفعو وري پڙهجي.
Human Tara fickly جي خلاف آواز اٿاريندڙ نيتا ڪرشنا جي انٽرنيٽ تي موجود رپورٽ مطابق هر سال ٻہ ملين عورتون ۽ ٻار وڪرو ٿين ٿا ۽ انھن ۾ گهڻي ڀاڱي 10 سالن جون ٻارڙيون وڪرو ٿين ٿيون. نيتا ڪرشنا 3 ٻارڙين سان ٿيل Rape جا واقعا ٻڌايا آھن، جن جون عمريون 3 سال، 4 سال ۽ 6 سالن جون هيون. هڪ 6 سالن جي ٻارڙي کي تہ ڊاڪٽر 32 Stitches کان پوءِ بہ بچائي نہ سگهيا. گذريل ڏينھن ڪوٽڙيءَ جي 7 سالن جي ڇوڪريءَ جو Rape Case رپورٽ ٿيو آهي، جنھن جو ڪيس بہ ٿاڻي تي درج نہ ڪيو ويو آهي.
لاتعداد دل ڏاريندڙ واقعا ٻڌجن ٿا، پر دائره قلم ۾ آڻڻ جو سھاش نٿا ماري سگهون. ٻار جو قتل، ٻار جو Rape، هر مذهبي قدر جي نفي آهي. سماجي قدرن جي نفي آهي. ائين ٿو لڳي تہ هڪ دفعو وري تھذيب تمدن کي ترقي يافتہ دور ۾ داخل ٿيڻ لاءِ هڪ ڊگهو سفر درپيش آهي، جيڪو سماجي جوڙجڪ ۾ مددگار ٿيندو. هڪ دفعو وري ارتقا جي مرحلي مان گذرڻ جو وقت اچي ويو آهي. جنھن وقت ننڍڙين ٻارڙين جا Rape Case ميڊيا تي رپورٽ ٿيندا آھن. ڪنھن بہ مذهبي عالم اسڪالر پاران ڪوبہ بيان نہ ايندو آهي ۽ نہ ئي وري مذهبي جماعتن پاران ڪو جلد يا ريلي منعقد ڪئي ويندي آهي، انھن واقعن جي مذمت ڪئي ويندي آهي.
ڪجهہ دل ڏاريندڙ سچ اهڙا هوندا آھن، جن کان اسين ڪن لاٽار ڪرڻ تي مجبور ٿي ويندا آهيون، انھن جي دردناڪ سچائي جي تصوير ڏسڻ کان اڳ اسين اکيون ٻوٽي ڇڏيندا آهيون. تمام سولو آهي، ڪنھن کي ڪوڙن ڪيسن ۾ سزا ڏيارڻ. تمام سولو آهي، مظلومن جي واهر ڪندڙ انسانن کي سرعام گولين جو کاڄ بڻائڻ، تمام سولو آهي، اڪيلي عورت کي ميڊيا جي عدالت ۾ پيش ڪرڻ. تمام سولو آهي، ذاتي عداوت جي بنياد تي ڪنھن بہ ماڻھوءَ کي سرعام تذليل ڪرڻ ۽ قانون ۾ لڪي وڃڻ. تمام سولو آهي، عبادتگاھن ۾ وڃي گناھہ معاف ڪرائڻ. تمام سولو آهي، سفر جون صعوبتون برداشت ڪري پوتر ٿي وڃڻ. پر اهو ضرور ياد رهي انسان جو قتل معافيءَ جوڳو عمل ڪونھي، ڪنھن بہ مذهب ۾ ان کي مڃتا مليل نہ آهي. بيگناھہ مارجي ويل ٻار کي اهو حق حاصل آهي تہ هو قاتل جو گريبان پڪڙي انصاف طلب ڪري!
ھن وقت ٻارن تي ٿيندڙ هر قسم جي جرم جو گراف وڌندو پيو وڃي. معصوم ٻارن، گهرن ۾، گهٽين ۾، اسڪول ۾، ڪم وارين جاين تي، مختلف ادارن ۾، جيلن ۾، مختلف طريقن جي تشدد جو شڪار ٿين ٿا. هڪ اين جي او جي رپورٽ مطابق 2009ع ۾ جنسي تشدد جا 2012 ڪيس رپورٽ ٿيا هئا، جن ۾ 68 سيڪڙو ڪيسن جو تعلق ڇوڪرين سان هو. گذريل سال کان 94 سيڪڙو ڏوھن ۾ اضافو ٿيو آهي.
ڪراچيءَ جي ٽن سالن جي معصوم ثنا جو Rape Case رپورٽ ٿيو هو، جنھن ۾ ٻن پوليس وارن کي سزا بہ ملي هئي. 12 سالن جي شازيہ مسيح جو ڪيس بہ پراڻو نہ آهي، جنھن کي سندس پڙهيل لکيل مالڪن ٽارچر ڪري ماري ڇڏيو هو. هڪ ماڻھو، زال تي شڪ ڪرڻ جي بنياد تي پنھنجي ٻن سالن جي ڌيءَ ۽ اٺن مھينن جي ڌيءَ کي ذبح ڪري ٿو ڇڏي. جنوري 2011ع ۾ ڪراچيءَ جي محمودآباد علائقي ۾ ٻن پوليس وارن هڪ مسيحي ڇوڪري جو Rape ڪيو ۽ پوءِ ان کي ماري لاش گٽر لائن ۾ اڇلائي ڇڏيائون.
ڪجهہ سال پھرين هزارين ٻار پاڪستان ۽ بنگلاديش مان وڪرو ٿي UAE پھچندا هئا، جيڪي اٺن جي ريس لاءِ ڪتب ايندا هئا. وڪرو ڪندڙ ۽ خريد ڪندڙ ٻئي ان ڳالھہ کان واقف هوندا هئا تہ انھن ٻارن جو ريس ۾ شامل ٿيڻ صرف ۽ صرف موت لاءِ آهي. بين الاقوامي دٻاءَ تحت، UAE 2005ع ۾ انھن تي پابندي لڳائي ڇڏي. اهو موت جو ڪاروبار جنھن جو سبب غربت کان وڌيڪ بي حسي هئي. اهو ماڻھن جي لاءِ تفريح هئي. اٺن سان ٻڌل معصوم ٻارڙن جون رڙيون دانھون، هجوم لاءِ تماشو هيون. ھن وقت بہ اسان وٽ موت تماشو آهي ۽ جرم هڪ خبر آهي. هڪ اهڙي خبر جيڪا ڪجهہ ڏينھن دل ۽ ذھنن ۾ گردش ڪري. ڪجهہ ماڻھن جو سڪون برباد ڪري ٿي ڇڏي. ڪجهہ ضميرن کي جاڳائي ٿي، پر وس وارن تي اثر انداز نٿي ٿئي. عبدالستار ايڌي جي رپورٽ مطابق صرف ڪراچيءَ ۾ هر مھيني 20-25 ٻار سندس رکيل جهولن ۾ ملن ٿا. يقينن انھن 20-25 ٻارن جي پٺيان 20-25 خاندان هوندا، گهر هوندا، گهر ڀاتي هوندا، پر انھن ٻارن جي ائين گمنام اڇلائڻ کي ڇا چئجي؟
سوچيل سمجهيل فيصلو چئجي يا جذباتي فيصلو چئجي. اهي ڪھڙيون قوتون آھن، جن جي ڀوءُ کان هڪ بہ نہ پر سڄا سڄا خاندان، سڄا گهر پنڊپھچڻ بڻجڻ لاءِ مجبور ٿي ٿا وڃن. ان مجرمانہ خاموشيءَ جي ئي ڪري لاتعداد زندگيون جيئڻ جو حق وڃائي ٿيون ويھن. انھن لاتعداد زندگين کان جيئڻ جو حق ڦرڻ وارا، ايتري قدر مجبور ۽ بي وس ٿي ٿا وڃن جو هو ان ڏوھہ کي شايد ڏوھہ بہ نٿا سمجهن. ٻارن تي ٿيندڙ تشدد جا واقعا جيڪڏھن ويهجي تہ شايد ڪاغذ ختم ٿي ويندا، پر واقعا ختم ڪونہ ٿيندا. ڏوھہ تہ ڪيترائي آھن، جن جو ذڪر وري ڪنھن ٻئي ڪالم ۾ ڪنديس. ھن وقت ٻارن جي قتل ۽ Rape جو ذڪر هڪ جاءِ تي ڪرڻ جي جو سبب هي آهي تہ Rape بہ قتل آهي، جيڪو فرد جي شخصيت کي ڀڃي پرزا پرزا ڪري ٿو ڇڏي. ٻار پنھنجي شخصيت جو اعتماد وڃائي ٿو ويھي. سماجي رويا بہ ان کي اڪيلائپ ڏانھن ڌڪين ٿا. مطلب تہ هو جيئري موت جي منزل ماڻي ٿا وٺن.
ھن وقت جيتري حد تائين مذهبي پرچار گهڻو آهي، اوترو ئي ڏوھن جو گراف وڌندو ٿو محسوس ٿئي. ائين ٿو لڳي تہ اسان پنھنجي مذهب کي صرف ۽ صرف پنھنجي ظاهري حالت ۾ عبادتن تائين محدود ڪري ڇڏيو آهي. مذهبي پيغام اسان جي دلين ۽ شعور کي روشن نہ ڪيو آهي. مذهب اسان جي لاءِ امن نہ پر خوف جي علامت بڻجي ويو آهي. اسين ناڪام ٿي وينداسين، پنھنجي اندر جي انسان کي جيارڻ ۾، اسين ناڪام ٿي وينداسين انسانيت کي زنده ڪرڻ ۾، اسين ناڪام ٿي وينداسين سچائيءَ کي بچائڻ ۾، ڇو تہ اهو ڏينھن پري نٿو لڳي جو ڪائنات جي خوبصورتي، نزاڪت، نيڪي، پاڪيزگي، اميد ۽ آس مڪمل طور تي تباھہ ٿي وڃي. پر مستقبل کي بچائڻ جي آخري گهٽي اها ئي آهي، جيڪڏھن وڃڻ شايد اسين پسند نہ ڪريون. ها، ان گهٽيءَ ۾ سچ جا واسينگ پھرا ٿا ڏين، جيڪي پنھنجو پاڻ سان سچ ڳالھائڻ واري کي ضرور ڏنگيندا.

28 جنوري2011ع

عورتن جي حقن جي جدوجھد جي مختصر تاريخ!

فطرت جو فيض سڀني لاءِ عام آهي. هوا، پاڻي روشني بي ملھہ هر ڪنھن کي ملن ٿا. آزاديءَ سان هرڪو ڀرپور ساھہ کڻي ٿو. روشنيءَ مان فائدو حاصل ڪري ٿو. فطرت جون خوبصورتيون رعنايون، رنگينيون، هر انسان لاءِ آھن. پر ھن ڪائنات ۾ هڪ زنده وجود اهڙو بہ آهي، جيڪو صدين کان جيئڻ لاءِ پناھہ گاهون ڳوليندو رهيو آهي، جيڪي سھولتون ۽ فائدا هر انسان لاءِ مفت هوندا آھن، انھن جي حاصلات لاءِ ھن کي تڪليفون برداشت ڪرڻيون پونديون آھن. دنيا ۾ ايندڙ هر انقلاب، هر تبديليءَ پويان عورت جو وجود موجود هوندو آهي، پر اهو ظاهر نہ ڪيو ويندو آهي. تاريخ انھن عورتن جي ذڪر کان خالي نظر ايندي آهي. انقلاب جي فصل جي آبياري تہ عورت جي رت سان ڪئي ويندي آهي، پر فصل لڻڻ وقت سڀ کان آخر ۾ فائدو حاصل ڪندڙ بہ عورت ئي هوندي آهي. قديم دور کان عورت جي حيثيت هڪ سوال رهي آهي. عورت کي غلام تسليم نہ ڪندي بہ قديم دور کان هر مذهب ۽ سماجي اصولن مطابق عورت سان غلامانہ سلوڪ روا رکيو ويو آهي. 18هين صدي ۾ عيسائي اديب بالزاڪ لکيو هو تہ ”شادي شدہ عورت هڪ غلام آهي. “
پھرين صدي عيسويءَ ۾ سينٽ پال ان کان پوءِ سينٽ آگسٽائن ۽ تيرهين صديءَ ۾ سينٽ ٽاس ۽ ٻين مذهبي شخصيتن عورت کي انسانيت جي انتھائي هيٺاهين واري درجي تي رکيو. عورت کي جادوگرياڻيون ۽ ڏائڻيون قرار ڏيئي جيئري ساڙيو ويندو هو. عورت کي گهر جي ڪنھن بہ معاملي ۾ راءِ ڏيڻ جو حق نہ هو. ان مرندڙ، جهرندڙ، چيڀاٽجندڙ عورت پنھنجي بقا جي جنگ جوٽي، هر تاريخي انقلاب جي ڪاميابي کي عورت هٿي ڏيندڙ رهي آهي. نہ صرف 1660 کان 1666ع جي برطانوي انقلاب ۾ پر امريڪي ۽ فرانسيسي انقلاب ۾ بہ لاتعداد عورتن جون زندگيون ضايع ٿيون، پر جڏھن ڪاميابيءَ جو وقت آيو ۽ حڪومتون Stablish ٿيڻ لڳيون تہ عورت کي بيڪار پرزي جيان نظرانداز ڪيو ويو.
عورت جو وجود صرف قربانين، تڪليفن برداشت ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو ويو، ان کي رياست ۾ برابريءَ جا حق ڏيڻ جي همٿ ڪابہ حڪومت نہ ساري سگهي.
هر قومي ڏينھن وانگر 8 مارچ پرجوش جذبي سان ملھايو ويندو آهي، پر ان ڏينھن جي حاصلات جي پويان هزارين عورتن جا چھرا پسمنظر ۾ گم رھندا ٿا وڃن. ڪاميابيءَ جي خوشي ملھائڻ وقت ٿورو ذڪر انھن جو بہ ضروري آهي، جن ڪاميابيءَ جي ٻيڙيءَ کي ڪناري تائين پھچائڻ لاءِ آزمائش جي طوفانن کي منھن ڏنو، تڪليفن جي ڪُنن ۾ غرق ٿيون، وقت جي واڳن هٿان ڳڀا ڳڀا ٿي ويون. اها پھرين عورت Olympede Gouge (اولمپ وگوڙ) هئي، جنھن 1789ع ۾ فرانس جي اسيمبلي ۾ پيش ڪيل بلThe Right of Man جي جواب ۾ 1791ع ۾ Declaration of the rights of the Women پيش ڪيو. اولمپ مرد ۽ عورتن جي حقن جي برابريءَ جو مطالبو ڪندي چيو تہ ”جيڪڏھن عورتون ڦاسي گهاٽ تائين وڃڻ جو حق رکن ٿيون تہ پوءِ ان کي پارليامينٽ ۾ وڃڻ جو حق بہ هجڻ گهرجي. “
اولمپ سماجي سطح تي عورتن جي حقن جي برابري جو مطالبو ڪيو ۽ سياسي سطح تي بہ انھن جي نمائندگي کي تسليم ڪرائڻ لاءِ ڪوششون ورتيون. اولمپ جون انقلابي سوچون برداشت نہ ڪندڙن آخرڪار ان جو سر قلم ڪري ڇڏيو.
18هين صدي عيسيويءَ ۾ هر ملڪ جون عورتون برابريءَ جي حقن لاءِ آواز بلند ڪري رهيون هيون، سچائيءَ جي آواز کي هڪ طرف گهٽيو ٿي ويو تہ ٻئي پاسي اُهو پوري شدت سان بلند ٿي رهيو هو. 1792ع ۾ برطانيہ جي ليکڪه Mary Wollstone Graft جيڪا 27 اپريل 1759ع ۾ پيدا ٿي هئي، ان جي ڪتاب Vindication of the rights of Women کي زبردست پذيرائي ملي. ميري والسٽون، فيمنسٽ اسڪالر هئي. ھن عورتن جي تعليم ۾ بہ برابري جا حق گهريا ۽ سياست ۾ بہ برابري جي حقن جي ڳالھہ دنيا جي اڳيان پيش ڪيائين. ميري والسٽون پنھنجن ناولن ۽ لکڻين جي ذريعي عورتن ۾ جاڳرتا جي مھم کي جاري رکيو. ميري والسٽون پنھنجين لکڻين ذريعي عورتن ۾ پنھنجي سماجي حيثيت مضبوط ڪرڻ لاءِ چاھنا پيدا ڪندي رهي. ھن عورتن جي معاشي حيثيت مضبوط ڪرڻ جو بنياد تعليم کي قرار ڏنو.
1868ع ۾ مارڪس جي تحريرن عورتن جي سماجي استحصال جي نشاندهي ڪئي. مارڪس آواز بلند ڪيو تہ، ”عورتن جي حصيداري کان سواءِ ڪنھن بہ سماج ۾ انقلاب نٿو آڻي سگهجي. “
اها انقلاب آڻيندڙ عورت ان وقت بہ سماجي استحصال جي گهاڻي ۾ پيڙهجي رهي هئي، 15 ڪلاڪ محنت مزدوري ڪرڻ جي باوجود بہ اجورو مرد کان گهٽ ملندو هو. عورت جو مضبوط، ايماندار ۽ محنت ڪش هجڻ ھن لاءِ عذاب بڻجي ويو هو. سرمايه دارن جو خيال هو تہ شادي شدہ عورت، پنھنجيون، ٻارن ۽ گهر جون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ سخت محنت ڪندي آهي، ان ڪري ڪم جي معاملي ۾ عورتن کي وڌيڪ ترجيح ڏيڻ لڳا.
سالن تائين جاکوڙ ڪندي رستن تي احتجاج ڪندي تشدد سھندي سوين عورتن جي زندگين جي بدلي ۾ برطانيہ جي عورت کي 1869ع ۾ بلدياتي اليڪشن ۾ ووٽ ڏيڻ جي اجازت ڏني وئي . عورت لاءِ جدوجھد ڪنھن بہ دور ۾ ختم نہ ٿي آهي. بنيادي شھري حقن جي سلسلي ۾ هر مرحلي تي هو پاڻ پتوڙيندي رهي آهي. اُهي بنيادي حق جيڪي مردن کي ٿالھيءَ ۾ سجائي پيش ڪيا ويا، انھن لاءِ عورت تڙپندي رهي آهي. هر سھوليت هر حق رکڻ جي باوجود بہ انھن حقن جي مڃتا لاءِ پنھنجو پاڻ کي انسان تسليم ڪرائڻ لاءِ هوءَ اذيتناڪ مرحلن مان گذرندي رهي آهي.
عورتن جي جدوجھد جو ذڪر ڪلارا زيٽڪن جي ذڪر کانسواءِ اڌورو رھندو. جرمن سوشلسٽ سياستدان ۽ عورتن جي حقن لاءِ وڙھندڙ ڪلارا زيٽڪن 1911ع ۾ عورتن جي عالمي ڏينھن ملھائڻ جو خيال پيش ڪيو. 19 مارچ 1911ع ۾ اهو ڏينھن پھريون ڀيرو ملھايو ويو.
ڪلارا زيٽڪن جي مطابق اهو عورتن جي سياسي، سماجي ۽ معاشي حيثيت جي مڃتا جو ڏينھن آهي. ڇو تہ صدين گذرڻ کان پوءِ اهو ڏينھن انھن عورتن جي ياد ڏياري ٿو، جيڪي تاريخ جي پيتين ۾ گم ٿيل آھن. عورتن جو ڪم نظر اچي ٿو، پر تاريخ عورت جي ذڪر ۽ مڃتا کان خالي آهي. سماج جو عجيب رويو آهي. عورتن جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ عورتن جو ذڪر سماجي سطح تي فخريہ طريقي سان پيش نہ ڪيو ويندو آهي. جاکوڙي عورتن جي لکڻين ۽ جدوجھد کي ڪنھن ملڪ ۽ قوم جي غدار جيان محسوس ڪرايو ويندو آهي. برابريءَ مساوات جا نعرا، استحصال جي خاتمي جي خواهش رکندڙ عورتن جو ذڪر سرڪاري سطح تي ڪڏھن بہ نظر نہ ايندو آهي. صديون گذرڻ کان پوءِ قديم جاکوڙ مسلسل جاري آهي. 1911ع کان 2011ع تائين 8 مارچ سؤ ڀيرا ملھائجي چڪي آهي. ان وچ ۾ ڪيترن عورتن جاکوڙ ڪئي. ڪيترو ڪم ڪيو، ڪيترين عورتن زندگيون قربان ڪيون، ڪيترين عورتن جيئري، مردہ زندگي گذاري. سماجي دٻاءُ جي باوجود، سماجي امتيازي سلوڪ جي باوجود، سماجي ريتن رسمن جي سختيءَ جي باوجود هوءَ ڪيترو ڪاميابيءَ سان اڳتي وڌي رهي آهي؟ هر نئين مشڪل مرحلي ۽ هر چئلينج قبول ڪرڻ لاءِ تيار آهي. انھن سوالن جا جواب ڪٿي بہ نظر نٿا اچن. پر هڪ ڳالھہ ضرور محسوس ٿئي ٿي تہ ھن نہ کٽندڙ جنگ ۾ عورت کي حصو ضرور وٺڻو پوندو. ڇو تہ هيءَ تہ زندگيءَ جي جنگ آهي. زندگي جيڪا بنا گهرڻ جي ملي ويندي آهي ۽ بنا مرضيءَ جي ڦري ويندي آهي، پر ملڻ ۽ ڦرجڻ جي مختصر عمل جي وچ واريون چند گهڙيون خوشي، سڪون ۽ امن سان گهارڻ لاءِ عورت هزار بار مرندي ۽ جهرندي رھندي، پر هوءَ جيئڻ ڪاڻ جيئري، مرڻ جا مرحلا طئہ ڪندي رھندي.

26 آڪٽوبر 2012ع

روح کي زخمي ڪندڙ زهريلا لفظ

اهي لفظ سنڌ جي ان نج پج ٻھراڙيءَ جي ڪنھن مرد جا نہ آھن جيڪي عورت جي ماپ بندوق جي گولي يا ڪھاڙي جي ڪاٽ سان وٺڻ جا عادي هجن، اهي الفاظ ڪنھن اڻ پڙهئي جا بہ نہ آھن جنھن لاءِ Women Right Activism ۽ Women Movement جي dynamics جي هوا پاسي کان بہ نہ گذري هجي ۽ جنھن لاءِ اهي لفظ اڄ بہ ايترا اوپرا هجن جيترو مھذب سماج لاءِ ڪھاڙي سان ڳڀا ٿيندڙ عزت وارو تصور اجنبي آهي. اهي لفظ سنڌ جي سڀ کان قديم ۽ وڏي درسگاھہ مادر علمي سنڌ يونيورسٽي جي هڪ پروفيسر صاحب جا آھن، جنھن جي تعليمي قابليت وارن دستاويزن ۾ برطانيہ جي يونيورسٽي جي ڊاڪٽريٽ جي ڊگري بہ شامل آهي.
ھن پروفيسر صاحب جا اهي لفظ، اونداهيءَ دؤر ۾ جيئندڙ، پٺتي پيل مرداني سوچ جا آئينہ دار آھن. سماج جي مدي خارج روين جا علمبردار آھن جن کي اعلى تعليمي ڊگريون بہ سنواري نہ سگهيون آھن. ان شخص جي ذھني ويڳاڻپ تي حيرت ٿي ٿئي تہ هو عورتن جي حقن لاءِ جدوجھد ڪندڙ، وڏين ملڪي ۽ بين الاقوامي سطح تي ڪم ڪندڙ تنظيمن کان سوال نٿو ڪري پر پاڪستان ۾ 30 سالن کان ۽ حيدرآباد ۾ ٽن سالن کان ڪم ڪندڙ 12 عورتن تي مشتمل تنظيم کان ٿو پڇي. . ! سڄي سنڌي ميڊيا شاهد آهي تہ حيدرآباد جي وومين ايڪشن فورم جي عورتن، عورتن تي ٿيندڙ تشدد خلاف ي قدر مھم هلائي آهي، انھن جو قلمي پورهيو بہ ڪنھن کان لڪل ڪونھي. شھدادڪوٽ، قمبر، جوهي، نوابشاھہ، نوشھرو، کپرو ۽ ٻيا ڪيترائي سنڌ جا علائقا آھن جتي اسان جون MPA, MNA ۽ وزير بہ سرڪاري گاڏيون کڻي نہ ويون هونديون پر وومين ايڪشن فورم جون 5، 7 عورتون بنا ڪنھن سياسي پروٽوڪول جي اتي پھتيون هونديون.
اعتراض براءِ اعتراض ڪندڙ ڪڏھن بہ سچ کي منھن ڏيڻ جو
حوصلو نہ رکندا آھن. ان ڪري ئي ان پروگرام ۾ وومين ايڪشن فورم جي عورتن کي جواب ڏيڻ کان روڪيو ويو پر وومن ايڪشن فورم جي هڪ نڊر اڳواڻ کي جڏھن صرف ٽي منٽ ڳالھائڻ لاءِ پابند ڪيو ويو تہ ھن عورت ۽ مرد جي فرق کي واضح ڪندي چيو تہ، ”ناچيز تو ميرا کي. “

اظھار جي آزاديءَ لاءِ محدود اسپيس ۾ سوڙهو ٿيل نسل!

اهي ئي ساڳيا پريس ڪلب جا روڊ رستا، اولڊ ڪئمپس کان پريس ڪلب، پريس ڪلب کان اولڊ ڪئمپس، چند هجوم، چند تڙپندڙ، نعرا هڻندڙ، جهنڊا ۽ بينر کڻي احتجاج ڪندڙ انسان سماجي ويڳاڻپ ۽ نظراندازي جو شڪار ٿيندڙ انسان، حڪومت جو ۽ انتظامي ادارن جو ڌيان ڇڪائڻ لاءِ، پنھنجي حقن جي حاصلات لاءِ تتيءَ ٿڌيءَ انھيءَ چند فوٽن جي اسپيس ۾ احتجاج رڪارڊ ڪرائيندا نظر ايندا آھن.
جيڏيءَ مھل بہ پريس ڪلب ڏانھن ويندڙ رستي تي پھچجي ٿو، تہ هڪ ميلو متل نظر اچي ٿو، اهو ميلو ان ميلي کان ڪجهہ مختلف هجي ٿو، جتي ڪاروباري ماڻھو پنھنجا پنھنجا دوڪان سجائي ويٺا هوندا آھن. ماڻھو هر دوڪان تان پنھنجي پسند جون شيون خريد ڪندا آھن يا صرف انھن دوڪانن جون رونقون، خوبصورتي ڏسي ساراهيندا هليا ويندا آھن.
خوشين جي ابتڙ مسئلن، ڏکن ۽ ناانصافين جو ميلو هوندو آهي جتي هر ڪو گورنمينٽ جي ناانصافين ۽ نظراندازين جي خلاف احتجاج جي رڙ بلند ڪندو ٿو نظر اچي، انھن جي پيڙا ۽ جدوجھد صرف هڪ منظر آهي اهو منظر جيڪو هڪ گاڏيءَ ۾ سوار ڏسي ٿو، اهو منظر جيڪو موٽر سائيڪل سوار ڏسي ٿو، اهو منظر جيڪو هڪ آٽو رڪشا ۾ سوار ڏسي ٿو. ڪنھن بہ سواريءَ ۾ ويٺل انسان ان منظر کي ائين ٿو ڏسي تہ ڄڻ اهو هجوم روڊ رستن تي هڪ رُڪاوٽ هجي، جنھن جي هٽي وڃڻ سان هو پنھنجي منزل تي جلد رسندو.
اهو هڪ ننڍڙو پريس ڪلب جو اسپيس آهي جتي هر وقت، ڪنھن نہ ڪنھن شعبي سان وابستہ فرد ناانصافين جي خلاف بينرز کڻي پھچن ٿا. ميڊيا جا چند فوٽوگرافر چند فوٽو ڪڍي وڃن ٿا. آواز بلند ڪندا پنڌ ڪندا هلندا رھن ٿا، راهگير ھنن کي ڏسي مسڪرائيندا آھن. پريس جي هجوم جي هٽندي ئي قافلي جا ماڻھو بينر ويڙهيندا آھن ۽ منتشر ٿي ويندا آھن. اهي منظر تہ چند لمحن يا چند ڪلاڪن تي مشتمل هجن ٿا پر پس منظر ۾ سالن جي جاکوڙ ۽ پيڙا موجود آهي. اڄڪلھہ هر نقطئہ نظر جا ماڻھو اسان کي ان احتجاجي ٽُڪر ۾ نظر ايندا. فٽ پاٿن تي، ليڪچررز ۽ پروفيسر بک هڙتال تي ويٺا هوندا آھن جن جي جائز ۽ گورنمينٽ پاران منظور ٿيل مطالبن تي عملدرآمد نہ پيو ٿئي. استادن پاران ريلي ۽ احتجاج جاري آهي تہ، صحت کاتي پاران ڪيل ظالمانہ رويو هاڻ سامھون آيو آهي. ليڊي هيلٿ ورڪرز جيڪي محنتي ۽ جفاڪش آھن صرف چند هزار روپين عيوض در در وڃي صحت ۽ تندرستيءَ جو پيغام ڏيندڙ آھن. 17 سالن کان اڻٿڪ محنت ڪندڙ عورتن کي جمھوري حڪومت ۾ پنھنجي ڪارڪردگي ۽ محنت جو صلو شيلنگ، تشدد، ڪوڙن ڪيسن جي صورت ۾ مليو آهي. جمھوريت جي نالي تي ملندڙ اهو انعام تاريخ جو هڪ انوکو مثال ثابت ٿيندو. پوليس جي ان بربريت جي وحشت جي ردعمل ۾ سنڌ جي هر شھر ۾ احتجاج آهي. اڄ اهي هيلٿ ورڪرز بہ پريس ڪلب جي اڳيان نعرا هڻي عورتن مٿان تشدد ڪندڙن جي مذمت ڪري رهيون آھن.
ائين ٿو محسوس ٿئي تہ ان احتجاجي ٽُڪر ۾ سڄي سنڌ جي مسئلن ۽ ناانصافين جا اسٽال لڳل آھن. هر اسٽال جي هڪ ٻرندڙ باھہ جا شعلا ٿا نظر اچن جيڪي سماج کي وڪوڙڻ لاءِ آتا آھن. هتي تعليم، صحت جي کاتن سان لاڳاپيل ماڻھو پاڻ سان ٿيندڙ ناانصافين کي مشتهر ڪري رهيا آھن تہ هتي ڊاڪٽر، انجنيئر، وڪيل بہ گورنمينٽ جي نظراندازيءَ جو اشتھار بڻيل آهي ۽ هاري الڳ رڙيون ڪري رهيا آھن مختلف ادارن سان وابسطه ماڻھو غير يقيني صورتحال جو شڪار آھن جيئن 12 سالن کان ملازمتن جي پڪي ٿيڻ لاءِ سوئي گئس جا ملازم رڙيون ڪري رهيا آھن. جن لاءِ سپريم ڪورٽ بہ فيصلو ڏنو ۽ اسيمبليءَ ۾ بہ بل پاس ڪيو هو. محترمه شھيد مثياق جمھوريت ۾ انھن ملازمن کي پڪو ڪرڻ جي شق رکي هئي اهي اڃان تائين انصاف کان محروم آھن. H. D. A جا ملازم، سڪل مانيون ڳچيءَ ۾ ٻڌي بک هڙتال ڪري احتجاج ڪري ر هيا آھن. نوجوان تعليم يافتہ طبقو روزگار لاءِ سراپا احتجاج بڻيل آھن. ھن وقت آزاديءَ اظھار جو چند فُٽن جو اسپيس سنڌ جي مسئلن جي المناڪ تصوير بڻيل آهي، هر طرف رڙ ۽ احتجاج آهي. اٽي، لٽي ۽ اجهي جو نعرو هڻي حڪومت جون واڳون سنڀاليندڙ ليڊر راڄ عوام کي بکن ۾ پاھہ ٿيندي ڏسي رهيا آھن. بيروزگاري کان تنگ اچي ماڻھو خودڪشيءَ ڪرڻ کان بہ نٿا ڪيٻائين. تعليم، صحت ۽ روزگار هر شھريءَ جو بنيادي حق آهي پر اڄ جي رياست شھرين کي بنيادي حق ڏيڻ کان قاصر آهي. سماجي سطح تي ايندڙ تبديلين کان اسان جا حڪمران آگاھہ آھن. شايد هو اهو نٿا سوچين تہ انھن مڇريل دانھيندڙ، واڪا ڪندڙ هجومن کي هو گهڻو وقت آسرن ۾ رکي نہ سگهندا. سنڌ جو پيڙهيل عوام آخر ڪيستائين سياسي شخصيتن جي ڪشش ۽ سحر ۾ گرفتار پنھنجي حقن جا سودا ڪندو رھندو. يقينن تہ انھن انتظامي اوڻاين ۾ ڪنھن بين الاقوامي سازش جو هٿ نہ هوندو پر صوبائي سطح تي مسئلن جي گهڻائي ۽ سنڌ گورنمينٽ جي لاپرواهي يا بي وسيءَ جي آئينہ دار ضرور آهي، ائين ٿو محسوس ٿئي تہ مسئلن جي ٻرندڙ اوڙاھہ جي تپش جي اڳيان، اقتدار جا پرسڪون ايوان پنھنجي ڪشش وڃائي چڪا آھن. ھنن کي هاڻ وڌيڪ انھن واڪا ڪندڙ هجومن کي منھن ڏيڻ جو ڪو بہ ارادو ڪونھي. هر دور ۾ استحصال ۽ ويڳاڻپ جو شڪار سنڌ ۽ سنڌ جو عوام غير يقيني صورتحال ۾ جياپي جي جنگ وڙهي رهيو آهي.
اڄ هر شعبي سان تعلق رکندڙ انسان، پنھنجن فرضن ۽ ڪم وارين جاين مان نڪري پنھنجي سگهہ ۽ توانائي جائز حقن جي حاصلات لاءِ خرچ ڪن، پوءِ بہ نہ تسلي، نہ آسرو، نہ اُميد ھنن کي نظر ٿي اچي. هو بس ڪجهہ ڪلاڪ پنھنجن ڏکن سورن جا اسٽال لڳائين ٿا، جتي تماشائي تہ گهڻا ٿا گڏ ٿي وڃن پر ازالو ڪرڻ وارا هڪ نظر بہ وجهڻ لاءِ تيار نٿا ٿين. موجودہ نسل اهو آهي جيڪو مسئلن جي ڪُن ۾ ڦاسي چڪو آهي جنھن ۾ هو ڦرندو گهرندو ٻڏندو ترندو نہ ختم ٿيندڙ گول چڪر ۾ گهمي رهيو آهي. ھن وٽ روزگار آهي پر سندس ضرورتن جي پورائي لاءِ ناڪافي آهي ۽ مستقل معاشي تحفظ کان محروم آهي. موجودہ عوام سماج ۾ معاشي تحفظ بہ حاصل نہ ڪري سگهيو آهي. زندگيءَ جي تحفظ کان بہ محروم آهي ان صورتحال ۾ اهو سمجهہ ۾ نٿو اچي تہ ايندڙ نسل کي ڪھڙا سماجي معيار حاصل ٿيندا؟
اهو سماج جنھن ۾، جيڪڏھن ايمبولينس ۽ پوليس کي مدد لاءِ Call ڪئي وڃي ۽ ان سان گڏوگڏ ڪنھن فاسٽ فوڊ جي ريسٽورينٽ ۾ Call ڪئي وڃي تہ يقينن پوليس ۽ ايمبولينس کان پھرين فاسٽ فوڊ جي هوم ڊليوري سروس گهر تي پھرين پھچي ويندي! ان سماج ۾ انساني حقن جا ڪھڙا معيار هوندا. . . !
ايندڙ نسل جيڪو ھن نسل کي تڙپندو لڇندو، ڦٿڪندو مرندو ڏسي رهيو آهي اهو پنھنجي بقاءَ لاءِ ڪھڙا در واجهائيندو؟ ڪھڙي منصوبابندي ڪندو؟ پنھنجي حڪومت ھن کي تعليم، صحت ۽ روزگار جا موقعا فراهم ڪري سگهڻ جي اُميد ڏيندي يا وري بي يقينيءَ جي ڪارن ڪڪرن ۾ ويڙهيل سماج ڏيندي، جنھن ۾ نہ زندگيءَ لاءِ ڪوئي تحفظ هوندو نہ زندگي گذارڻ لاءِ روزگار جا وسيلا هوندا نہ زندگي سنوارڻ لاءِ تعليم موجود هوندي. انسان ائين ئي ڀڄنڊا، ڊڪندا مسئلن جا اسٽال سجائي ميڊيا کي خبرون فراهم ڪرڻ جو ذريعو بڻيا رھندا. جيڪڏھن ھن بي وس، بي اختيار ۽ هر مسئلي جي حل لاءِ وفاق ڏانھن واجهائيندڙ حڪومت کان ڪو بہ سوال نہ پڇي تہ بہ اندر ۾ موجود خوف ۽ ڏک کي ظاهر ٿيڻ کان روڪي نٿو سگهجي. اهي بي يارو مددگار پنھنجن حقن جي حاصلات لاءِ نعرا هڻندڙ هجوم، امن ۽ تحفظ گهرندڙ هجوم، معاشي تحفظ گهرندڙ هجوم، انصاف گهرندڙ ڏکويل هجوم صرف هڪ ئي رستي ڏانھن وڃي رهيا آھن، جيڪو لاقانونيت کانسواءِ ٻيو ڪو بہ ڪونھي، لاقانونيت جو ويو انسانن کي هڪ ئي اونداهين غار ۾ قيد ڪندو جتي انتھاپسنديءَ جو راڄ هوندو. عوامي بيچيني ۽ عدم تحفظ وارا رويا انتھاپسنديءَ جي راھہ هموار ڪندڙ هوندا آھن. عوامي بيچيني ڪا نہ ڪا تبديلي ضرور آڻيندي آهي. اها منفي بہ ٿي سگهي ٿي ۽ مثبت بہ ٿي سگهي ٿي. حد کان وڌندڙ حڪومتي ظلم، لاپرواهي، نظراندازي سماج کي ڪڏھن بہ ساڳيو رهڻ نہ ڏيندي آهي. عوامي هجوم کي لاٺي چارج، ڳوڙها گئس، گولي، پٿراءُ سان منتشر ڪري سگهجي ٿو، جيل ۾ اماڻي بہ انھن جي جدوجھد کي روڪي سگهجي ٿو پر سوچ جي هجوم کي منتشر ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. سوچ ذريعي ايندڙ تبديلي وڌيڪ طاقتور هوندي آهي. جيڪڏھن هي نااُميد نسل هر اُميد وڃائي ويٺو تہ پوءِ ايندڙ نسل پنھنجي حقن جي مالڪي ساڳين هٿن ۾ ڏيڻ لاءِ شايد پاڻ کي تيار نہ ڪري سگهي. موجودہ نسل جي رائيگان احتجاجن مان سبق حاصل ڪري نئين سوچ ۽ سمجهہ جي طاقت سان پروان چڙھندڙ نئون نسل شايد پنھنجيون زندگيون داءُ تي لڳائڻ پسند نہ ڪري ڇو تہ هر زندگيءَ کي پنھنجي زندگي بچائڻ جو بہ حق آهي ۽ زندگيءَ کي پنھنجن سڀني رعنائين خوبصورتين سميت گذارڻ جو بہ حق آهي ۽ رياست ۽ حڪومتن کان حق گهرڻ جو بہ حق آهي. يقينن سماجن جو ٺھڻ ۽ ڊهڻ انھن حقن ۽ فرضن جي جوڙجڪ تي ٻڌل هوندو آهي. ان ڪري حقن جو استحصال سماج جو استحصال ثابت ٿيندو آهي. جيڪڏھن اهي ڊوڙندڙ نعرا هڻندڙ هجوم، مڃتا کان محروم رهجي ويا يا انھن کي صرف هڪ دلچسپ منظر کان وڌ اهميت نہ ڏني وئي تہ پوءِ اهي ڪربناڪ منظر هڪ ڊھندڙ تباھہ ٿيندڙ سماج جي تاريخ بڻجي ويندا ۽ ناڪام حڪومت جي المناڪ شاهدي بڻجي ويندا!

30 مارچ 2011ع

جنھن آزاديءَ جا گيت چيئہ، سا آزادي ڪٿ نيندي آ!

”جنت تنھنجيءَ ماءُ جي پيرن هيٺان تہ آهي پر سياست جو بھشت ماڻھن جي پيرن هيٺيان آهي. سڀ کان وڏو انعام- ساراهيندڙ ڪم اهو آهي جيڪو ڏکايل غريبن جي ٿڪل ماندن مکن تي مرڪ آڻي ۽ ڏکايل ڳوٺاڻن جي اکين ۾ چمڪ آڻي. “
هيءُ پيغام ان منفرد ۽ انوکي ليڊر جو هو جيڪو جيل جي اونداهي کوليءَ ۾ زندگيءَ جا آخري پل گهاري رهيو هو، انھن آخري لمحن ۾ بہ هو پنھنجين ڪن اڻپورين خواهشن جو ذڪر نٿو ڪري پر صرف ۽ صرف عوام جي مستقبل جي تحفظ لاءِ پنھنجي سياسي جانشين ڌيءَ ڏي ڪجهہ لفظ لکي اماڻي ٿو.
هو پاڪستاني قانون مطابق ڦاسيءَ جو سزا يافتہ مجرم، جيڪو اعلى تعليم يافتہ، قانوندان، سياستدان، دانشور، اديب ۽ انسان دوست شخص هو پاڪستان جي تہ ڇا پر دنيا جي تاريخ ۾ اهو منفرد ۽ نرالو مجرم هو جنھن جي قابليت جو رڪارڊ شايد ئي ڪير ٽوڙي سگهي!
4 اپريل 1979ع جي ڪاري ڀيانڪ اونداهيءَ ۾ بدبخت رات جھڙي ٻيءَ ڪا رات وري ڪا نہ ايندي. ڇو تہ ان سياھہ بدبخت رات جي بدبختيءَ جي ڪاراڻ اڃا ختم ڪا نہ ٿي آهي. هو ملڪ جو سابق وزير خارجہ، سابق صدر ۽ وزيراعظم هو جنھن کي سخت اذيتون ڏيئي ڪال ڪوٺڙيءَ ۾ قيد ڪري ڪوڙي قتل جي ڪيس ۾ سوريءَ تي لٽڪايو ويو. ھن جو جرم ڏھہ ڪروڙ عوام کي سجاڳ ڪرڻ هو. ھن جو جرم پاڪستان جي سياست کي ايئرڪنڊيشنڊ ڊرائينگ رومن مان ڪڍي غريب مزدور جي جهوپڙيءَ تائين پھچائڻ هو. سندس جرم سندس ھنن لفظن مان بہ ظاهر آهي جيڪي ھن جيل جي ڪال ڪوٺڙيءَ مان پنھنجي سڄاڻ ڌيءَ لکيا هئا.
”آئون پنھنجي ڌرتيءَ جي مھڪ سڃاڻان ٿو. آئون پنھنجي درياهي وهڪرن جي موسيقيءَ کي سڃاڻان ٿو. آئون پنھنجن نغارن جو دف سڃاڻان ٿو. تاريخ جي دروازي ٻاهران بيٺل اهي اصول، متا لکڻيون ٺيڪ آھن پر سڀني کان اوچو ڀاڱو اهو آهي تہ ماڻھن جي اُمنگن ۽ کين سڃاڻڻ جي مڪمل اهليت هجي. “
ھن نڊر شخص عوام کي سڃاڻڻ جي دعوى ڪئي هئي، عوام کي شعور ۽ سجاڳي ڏيڻ جو عزم ڪيو هو. اهي ڊڪٽيٽر جيڪي عوام جي لاشن تي ڪرسي رکي حڪمراني ڪرڻ جا عادي هئا، انھن لاءِ عوام جي حڪومت ناقابل برداشت هئي.
اسان جو نسل، اهو نسل آهي جنھن جي لاءِ جيئي ڀٽو صرف هڪ نعرو ۽ ڀٽي جي ڦاسي صرف هڪ خبر هئي. پر جيالن کي ديوانہ وار پروانن جيان نعره ڀٽو تي نثار ٿيندي ڏسي، دل چيو تہ ان نعري جي مدهوشيءَ جي پس منظر کي ڏسي ان نعري جي فلسفي کي سمجهجي. نعره قلندري جيان مست ھن نعري پٺيان ديوانہ وار مرندڙ، فدا ٿيندڙ عوام جو خون، جيئي ڀٽو جي نعري ۾ موجود ڀٽو جي سچي فڪر ۽ سياسي شعور جي گواهي ڏيندڙ آهي. انسان ڀل تہ ماريا وڃن، واڙيا وڃن ڦاهيءَ تي لڙڪايا وڃن پر تاريخ جا ورق خاموش نہ آھن، اهي اعلى اعلان ڀٽو جي سياسي شعور، تدبر، ذهانت، علم، بصيرت ۽ دور انديشيءَ جو اقرار ڪن ٿا.
پبلو مودي پنھنجي ڪتاب ”ذلفي منھنجو دوست“ ۾ ذوالفقار علي ڀٽي جي تعليمي قابليت، ذهانت ۽ محنت کي بار بار ساراهيو آهي. مودي ھن جي سياسي بصيرت ۽ دور انديشيءَ جو بہ قائل آهي. اهو اعزاز بہ ڀٽو جو مقدر بڻيو تہ هو پھريون ايشيائي شاگرد هو جنھن ڪيليفورنيا يونيورسٽي جي، انتظامي ڪائونسل، ايسوسيئيشن آف اسٽوڊنٽس جي چونڊن ۾ سوڀ ماڻي.
آڪسفورڊ ۾ قانون جي تعليم دوران، رومن قانون پڙهڻ لاءِ لاطيني ٻولي بہ سکي ۽ ڪرائسٽ چرچ ڪاليج ۾ ٽن سالن جو ڪورس ٻن سالن ۾ پورو ڪيو ۽ پوءِ لنڪنزان لنڊن ويو ۽ هڪ سال اندر ئي تعليم مڪمل ڪري سائوٿ همپٽن يونيورسٽيءَ ۾ عالمي قانون جو پروفيسر مقرر ٿيو. ڀٽو صاحب جون علمي قابليتون ۽ صلاحيتون هڪ عالمي رڪارڊ سھي پر اهڙا ماڻھو گهٽ هوندا آھن جيڪي پنھنجي صلاحيتن کي عملي زندگي ۾ ڪم آڻين ۽ پنھنجي زندگيءَ لاءِ مشعل راھہ بڻائين. ڀٽو اهو شخص هو جنھن ملڪ کان ٻاهر رھندي بہ پنھنجي خطي جي صورتحال تي نظر رکي. ڀٽو جو جنم هڪ جاگيرداراڻي سماج ۾ ٿيو هو پر ھن ان نظام جو حصو ٿيڻ بجاءِ ان جي اوڻاين کي ختم ڪرڻ لاءِ جاکوڙ شروع ڪئي. ڀٽو ملڪي معاشي ۽ سياسي صورتحال جي بنيادي ڪمزورين کي دور ڪرڻ جو عزم ڪيو هو. 1959ع ۾ ڀٽو واپار جو وزير هو. 1963ع ۾ ڀٽو وفاقي وزارت جي عھدي تي فائز ٿيو. ڀٽو جي دور انديشي ۽ عالمي سياست جي ڄاڻ ھن کي پاڪستان جي دنيا ۾ سڃاڻپ ڪرائڻ لاءِ اتساهيو. اهو ڀٽي جو سياسي شعور هو جو دنيا پاڪستان کي ڀٽو جي نالي پٺيان سڃاڻڻ لڳي. هڪ نئين رياست پرڏيھہ ۾ پنھنجا پير پختا ڪرڻ لڳي.
ڀٽو جي سحر انگيز شخصيت جتي جتي پير رکيا ٿي اُتي اُتي ڪاميابي جا مثال قائم ٿيندا ٿي ويا. پاڪستان جا پرڏيھي لاڳاپا ٻين ملڪن سان بھتر ٿيندا ويا. ڀٽو جي خواهش هئي تہ ڪميونسٽ ملڪن سان پاڪستان جا لاڳاپا ٺاهجن ڇو تہ اهو عالمي امن لاءِ ضروري هو.
چين سان دوستي ڀٽو جي سياسي بصيرت ۽ فراست جو ثبوت آهي. اهڙي پائيدار دوستي جيڪا اڃا تائين قائم و دائم آهي. ڀٽو صاحب جا پنھنجا لفظ آھن تہ، ”چين ۽ پاڪستان جي وچين سرحد تي هاڻي ڪنھن بہ قسم جي گڙٻڙ ۽ عدم استحڪام جو ڪم جوکو نہ آهي. اسان انھن ڪنڊن کي هٽائي ڇڏيو آهي، جنھن سبب مستقبل ۾ غلط فھمي پيدا ٿي سگهي ها، يا ڪا ڏکيائي سامھون اچي سگهي. “
ڀٽو هر قدم پنھنجي ڌرتيءَ جي مان، عزت ۽ سڃاڻپ لاءِ کنيو، پوءِ اهي ڪوششون ۽ جاکوڙ ڪنھن کان بہ لڪل ڪو نہ آھن، ھن جا تاريخ ساز قدم اڄ بہ پرڏيھي پاليسي سازن لاءِ مثال بڻيل آھن جن تي ڪنھن کي بہ غور ڪرڻ جي زحمت گوارا نہ ٿيندي آهي. ھن عظيم مفڪر جا لکيل اکر اڄ بہ ملڪ جي سياسي ۽ معاشي صورتحال کي بدلائڻ جي سگهہ رکن ٿا. پر ان سگهہ کي استعمال ڪرڻ جي سگهہ ڪنھن ۾ بہ ڪونھي. ڀٽو جي ڪاميابي صرف پاڪ چين دوستيءَ تائين محدود نہ هئي پر افغانستان، ايران، برما، نيپال، انڊونيشيا، فلپائن ۽ سريلنڪا سان بھتر تعلقات لاءِ ڀٽو جون ئي ڪوششون هيون.
شاندار حاصلات جي وطن ۾ تہ واکاڻ خبر نہ آهي تہ ڪيتري حد تائين ٿي پر ارجنٽائن سندس صلاحيتن ۽ ذهانت جي مڃتا جي طور تي کيس پنھنجي ملڪ جو وڏو غير فوجي اعزاز ڏنو.
ڀٽو عوام دوست، جمھوريت پسند انسان هو، هو ڏاڍ، جبر ۽ آمرانہ روين جي نندا ڪندڙ هو. 1965ع جي جنگ کانپوءِ سندس شخصيت کي کوڙ سارن الزامن کي منھن ڏيڻو پيو. ھن کي ڪابينا کان الڳ ڪيو ويو.
ڀٽو مجيب الرحمان جي ڇھہ نڪاتي پروگرام سان متفق نہ هو، ھن ڍاڪا جي انجنيئرنگ ڪاليج جي شاگردن اڳيان هڪ هڪ نقطي تي تنقيد ڪري ان جا منفي پھلو شاگردن اڳيان واضح ڪيا. 67-1966ع جي ملڪي صورتحال ڀٽو جي شخصيت کي وڌيڪ نمايان ڪيو. هو خاموش تماشائي نہ هو. ھن پاڪستان ۾ سياسي انقلاب آڻڻ ٿي چاهيو.
ان وقت ملڪ ۾ پکڙجندڙ ڪرپشن، عوامي سماجي زندگيءَ سان گڏوگڏ قانون کي بہ متاثر ڪري رهي هئي. عوام ڊنل هو شخصي آزاديءَ جو ڪو بہ تصور نہ هو. ملڪ جي مٿان فوج جو خوف ڇانيل هو. ان ساھہ گهٽيندڙ ماحول ۾ ڀٽو، مزدورن، هارين پٺتي پيل پيڙهجندڙ طبقن جي حقن جي ڳالھہ ڪئي، ڄڻ تہ ٻاٽ اونداهيءَ ۾ اُميد ۽ نجات جي مشعل کڻي اڳتي آيو. ڀٽو صرف غريبن، پورهيتن ۽ مزدورن جي آجپي جي جنگ جوٽي هئي. ڀٽو جو فڪر سندس عوام جي سجاڳيءَ سان سلھاڙيل هو، ڀٽو جو خواب ديس جي مزدورن جي خوشحالي هو.
ھن جڏھن پيپلزپارٽيءَ جو منشور عوام اڳيان پيش ڪيو تہ ان سڄي منشور کي چئن جملن ۾ ورهايو ۽ اهي چار جملا ان نڊر اڳواڻ جي علمي ۽ سياسي بصيرت جا ساکي آھن، ھن چئن جملن ۾ نہ صرف پارٽيءَ جو منشور پر سڄي ملڪ جي آئين کي بہ وائکو ڪري ڇڏيو.
اسلام اسان جو دين آهي.
سوشلزم اسان جي معيشت آهي.
جمھوريت اسان جي سياست آهي.
طاقت جو سرچشمو عوام آهي.
جڏھن ھن عوامي طاقت جي سھاري تي آمر سان جنگ جوٽي تہ پنھنجي پارٽيءَ جي پيغام کي کڻي پاڻ عوام جي اڳيان آهي. ھن ملڪ جي ڪنڊ ڪنڊ ۾ طوفاني دورا ڪيا. پنھنجي زبان جي هٿيار سان هو دليون فتح ڪندو ويو. دلين ۾ گهر ٺاهيندو ماڻھن کي پنھنجو عاشق بڻائيندو ويو. هو پاڪستان جي ننڍن ڳوٺن ۾ ۽ جيلن غارن ۾ بہ نجات جو پيغام، عوامي بيداريءَ جو پيغام کڻي ويو ۽ ھن کي ڀرپور موٽ ملي. آخرڪار عوامي سمنڊ فرعونيت جي راڄ کي ٻوڙي ڇڏيو. شايد اها ڪاميابين جي آخري منزل هئي جنھن تي سندس ڊيٿ وارنٽ لکيا ويا.
ڀٽي جو جرم اهو هو جو ھن اقتدار جي بدمست گهوڙي کي عوام جي ڪنٽرول ۾ ڏنو. ھن ان بدمست گهوڙي جون واڳون عوام جي هٿن ۾ ڏنيون جنھن اقتدار جي طاقت جي نشي ۾ سالن جا سال، ھن کي لتاڙي چچري اڌ مئو ڪري ڇڏيو هو. ھن عوام جي عزت نفس کي جياريو. ھن عوام کي پنھنجي پيرن تي بيھڻ سيکاريو. ملڪي مفاد لاءِ بنيادي ضروري قدم صرف ۽ صرف ڀٽو صاحب کنيا. ھن چاهيو ٿي تہ پاڪستان ذريعي صنعتي ۽ تجارتي طور تي ترقي ڪري. ھن جي زرعي سڌارن جو پروگرام، صنعتن کي قومي تحويل ۾ وٺڻ وارا قدم عوام جي لاءِ مختلف جديد تعليمي ادارن جو قيام اهڙا انقلابي قدم آھن، جو اهڙن پروگرامن ڏانھن ورلي ڪنھن سياستدان جو ڌيان ويو هوندو. هڪ تعليم يافتہ انسان جيترو بھتر طريقي سان بنيادي سڌارا آڻي سگهي ٿو. ڀٽي اهو سڀ ڪم پنھنجي ملڪ لاءِ ڪيو. ھن اهڙو گرائونڊ ٺاهيو پئي جنھن جي ذريعي ڪيترائي ڀٽو پيدا ٿي پئي سگهيا پر افسوس صد افسوس تہ 4 اپريل 1979ع تي ملڪ تي ڇانيل ڪاري بدبخت رات اڃا ختم نہ ٿي آهي. اڃا نحوست جا ڪڪر سج جا ڪرڻا ڌرتيءَ تي لھڻ نٿا ڏين. ها! ان مفڪر، مدبر، دانشور، ليکڪ جي سوچ سمجهہ ۽ فڪر جي روشن سج جا چند ڪرڻا بہ ٻاٽ کي اورانگهي عوام تائين رسندا تہ ڪجهہ سھائيءَ جي اُميد بہ پوندي!
اڄ بہ اسان جو دانشور اڳواڻ اسان جي دلين ۾ زنده آهي پر هڪ نعري جي شڪل ۾، جيئي ڀٽو ڀلي چئجي پر جيڪڏھن ان مفڪر ان نڊر ليڊر جي قلم مان نڪتل لفظ اڄ جي ان نسل تائين نصابي ڪتابن ذريعي پھچائجن جنھن ڀٽو کي ڪڏھن ڏٺو نہ ٻڌو آهي، اهي ان جي سمجهہ ۽ فڪر کان آگاھہ ٿيندا. ھن جا افڪار ھن جون ڳالھيون ميڊيا ذريعي نوجوان نسل تائين پھچائجن تہ اهو نعرو دلين سان گڏوگڏ ذھن ۽ فڪر کي بہ سنواريندو روشن ڪندو. سجاڳ ڪندو ۽ سدائين امر رھندو. ڀٽو جي ڏنل سماجي شعور ۽ سياسي تدبر کي تعليم ذريعي نصابي ڪتابن ذريعي نئين نسل تائين پھچائجي تہ جيئن هو آئينده جياپي جي جنگ جوٽڻ لاءِ ڪو منشور ڪو رهبر اڳيان کڻي هلڻ جي قابل بڻجي سگهن.
عوام لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ، نہ وڪامجندڙ نہ جهڪندڙ، عظيم، نڊر ليڊر جو عدالتي قتل بہ 17 ڪروڙ عوام جي مٿان قرض آهي. اهو تاريخ جو الميو آهي هڪ درد آهي هڪ دانھن آهي تہ جنھن عوام لاءِ ھن دار جي تختي تي لٽڪڻ قبول ڪيو اهو 17 ڪروڙ عوام اڄ بہ پنھنجي اڳواڻ کي هڪ سزا يافتہ مجرم طور قبول ڪيو ويٺو آهي. ان صابر شاڪر قوم کي خبر نہ آهي تہ گهڻيون صديون انتظار ڪرڻو پوندو، تڏھن وري ڪو ڀٽو ھن ديس ۾ جنم وٺندو. ھن جي قدرن جي سرزمين تي پيڙهجندڙ بک ۾ پاھہ ٿيندڙ پورهيت کي مناسب اجورو ڏيڻ جي ڳالھہ ڪئي. ھن کان ڪرسي کسي وئي . ھن گرمين ۾ سڙندڙ محنت ڪندڙ هر هلائيندڙ هاريءَ کي ٿڌي ڇانوَ ڏيڻ جي ڳالھہ ڪئي. ھن کي زندان جي قيامت خيز گرميءَ ۾ ڌڪيو ويو. ھن علم ۽ شعور جي روشني پکيڙي، ھن کي اونداهي ڪوٺڙيءَ ۾ واڙيو ويو. . . !
ھن غريب عوام جي آسائشن جي ڳالھہ ڪئي. ھن کي پٿريلي جيل جي ڌرتي ڏني وئي. ھن بکن ۾ پاھہ ٿيندڙ عوام کي روزي روٽي ڏيڻ جي ڳالھہ ڪئي. ھن کان سندس گرھہ بہ کسيو ويو. ھن عوام جي سک جي ڳالھہ ڪئي. ھن جي لاغر جسم کي اذيتون ڏيئي چچريو ويو. ھن عوام جي اتحاد. يڪجهتيِءَ جي ڳالھہ ڪئي ھن کي قيد تنھائي ڏني وئي. قيد هو اڪيلائي هئي! تندور جيان تپندڙ چند فوٽن جي ڪوٺڙي هئي. حوصلو ٽوڙيندڙ ڏاڍ ۽ جبر جا ظالمانہ رويا هئا. جسماني اذيتون هيون، پنھنجن پيارن کان جدائي هئي! پر ھن قيدخاني مان بہ ھن نہ رحم جي درخواست ڪئي نہ مدد جي گهر! نہ سزا ۾ گهٽتائي جي ڳالھہ ڪئي. موت جي مند تي ويھي ھن زندگي ۽ حوصلي سان تاريخ قلبند ڪئي ۽ تاريخي دستاويز لکي ويو. پنھنجي ڌيءَ کي ھن پنھنجن تڪليفن مان سبق حاصل ڪرڻ جو نہ چيو پر ھن کي بہ ھن اها جي رسم نڀائڻ لاءِ اتساهيو. پنھنجي زخم زخم وجود کي خوف جي نہ پر حوصلي ۽ اعتماد جي علامت بڻائي پيش ڪيو. ڪٺن ۽ پرخار راھن کان ڊيڄاريائين ڪو نہ پر پنھنجي ڌيءَ کي بہ ان اذيتن ۽ قربانين جي رستي تي هلڻ جي آڇ ڪيائين. هو عالم هو، اديب هو، مفڪر هو، دانشور هو سياستدان هو، قانوندان، بين الاقوامي شھرت رکندڙ اڳواڻ هو ۽ 4 اپريل جي سياھہ رات جي چند اڪيلن گهڙين ۾ خاموشي سان تختہ دار جي حوالي ٿي ويو. 10 ڪروڙ عوام ساڪت ۽ خاموش تماشائي بڻجي ويو. سچ پچ هو مجرم ڪو نہ هو پر اسين ضرور تاريخ جا ڏوهاري آهيون. اهو خاموشيءَ جو جرم ڪڏھن بہ معاف نہ ٿي سگهندو نہ وري ڀٽو جي زندان ۾ گذاريل ڪنھن بہ هڪ گهڙي جو ملھہ ڏيئي سگهنداسين. ائين ٿو لڳي تہ قوم کي انقلاب لاءِ جاڳائڻ لاءِ، پنڊيءَ جي ڦاهي گهاٽ تان اڄ بہ اها صدا اچي رهي آهي.

اي ڪاش اهو تون ڄاڻين ها. . . !
ڇا تن جي قيمت ٿيندي آ،
جنھن آزاديءَ جا گيت چيئہ
سا آزادي ڪٿ نيندي آ
اي ڪاش اهو تون ڄاڻين ها
سا، آزادي ڪيئن ايندي آهي. . . !
06 اپريل 2011ع

جدوجھد ۽ انقلاب جي ڪَٺن رستن تان

نہ ڪانگ اڏاياسين ۽ ڪبوترن جي پرن ۾ خط ٻڌاسين، نہ خيالي دنيا جوڙي خود ڪلامي ڪئي سين، نہ قلمي پورهئي جي قيمت جا متمني رهياسين، صرف ۽ صرف ان پيڙهجندڙ، پڄرندڙ، مرندڙ جهرندڙ ۽ هيسجندڙ عورت لاءِ سوڙهي ٿيندڙ سماج ۾ ڪجهہ جاءِ جيئڻ لاءِ، والارڻ جي ڪوشش ڪئي سين، شعور جون ڪجهہ شمعون ڇا روشن ٿيون ڄڻ تہ مخالف هوائن نہ بيھڻ جو قسم کڻي ورتو. اهي تيز هوائون سماج ۾ موجود ڪجهہ ظاهري طرح روشن خيال ۽ ترقي پسند روين کي بي نقاب ڪرڻ ۾ ڪامياب ضرور ٿيون ۽ ان جي ردعمل ۾ لکجندڙ، مدافعتي لفظ يا جارحانہ لفظ جڏھن تاريخ جو حصو بڻجندا تہ ساکي هوندا ان جدوجھد جي، رستا روڪ ڪندڙ پر متعصب سماجي روين جا، جيڪا صرف ذھني سجاڳ ۽ حقن جي حاصلات لاءِ جاکوڙ ٿي.
آئون ڀل تہ ڊگهن مضمونن ۽ ڪالمن جي سونھن هجان، اسٽيج جي رونق هجان. . . ! يا اسڪرين جي زينت هجان، پر ڪنھن بہ پليٽ فارم کي، ڪنھن بہ تنظيم جي نفي لاءِ استعمال نہ ڪيو هوندم. ڪنھن بہ اداري جي ميمبرن جا انگ اکر شمار ڪري تنقيد نہ ڪئي هوندم، ڪنھن کان ڪاميابي ۽ حاصلات جا سوال نہ پڇيا هوندم، ڇو تہ جدوجھد جاري رھندڙ عمل آهي ۽ حاصلات انجام جي علامت ۽ اختتام جو اعلان هونديون آھن. جيڪو جاري عمل آهي، ان جي حاصلات جو ڪاٿو ڪرڻ ممڪن نہ هوندو آهي. هر دؤر ۾، هر جدوجھد لاءِ موجود نوان موڙ نوان مرحلا ۽ نوان چئلينج اتساھہ ڏياريندڙ هوندا آھن، ڊگهن ڪالمن جو هر لفظ گواهي ڏيندو، پر اسٽيج تان اڀرندڙ هر آواز ساکي هوندو. اسڪرين جو هر فريم شاهد هوندو ته. . . ! اسان جي خواهش، تمنائن ۽ خوابن جو مرڪز امن، انصاف ۽ برابري واري سماج جو قيام آهي. ھن شعوري ويڳاڻپ واري سماج ۾ امن، انصاف ۽ برابريءَ جي ڳالھہ ڪري بہ ڏوھہ ثابت ٿيو، پر ان کان وڌيڪ ڏوھہ ڪنھن نظريي تحت حقن جي حاصلات لاءِ جاکوڙي ثابت ٿيو.
اڻ پڙهيل انسانن کي پڙهائڻ سمجهائڻ تہ سولو هوندو آهي، پر ان پڙهيل لکيل ۽ باشعور انسان کي سمجهائڻ ڏاڍو ڏکيو آهي، جيڪو هو بہ ڪري اعتراض بہ ڪري ۽ پنھنجي سمجهہ تي تالا لڳائي ڪجهہ بہ سمجهڻ کان نابري واري بيھي. . . بنا نظريي ۽ اصولن جي نہ سماج هلي سگهندو آهي ۽ نہ ئي وري انسان ئي زندگيءَ ۾ ڪاميابي ماڻڻ جي قابل بڻجي ٿو سگهي. ڪير سمجهائي انھن کي تہ بنا ڪنھن ٿيوري يا نظريي جي زندگي ڪاٽا بڻيل لغڙ جيان ڊانواڊول رهي ۽ ٻين جي بہ پريشانيءَ جو باعث بڻجي ٿي، جنھن جي نہ ڪائي منزل ۽ نہ ڪو ئي ٺڪاڻو هجي ٿو.
شايد فيمنزم اوڻيھين صديءَ جي شروعات ۾ بہ ايترو نشاني تي نہ هو، جيترو اڄ ايڪويھين صديءَ ۾ سنڌي سماج ۾ آهي. فيمنزم 19هين صديءَ ۾ بہ سماج کي ۽ خاندان کي ٽوڙيندڙ هو ۽ ايڪويھين صديءَ ۾ بہ نہ آهي. پر ان ٿيوريءَ کي تفصيل سان سمجهائڻ ان ڪري بہ اجايو آهي جو سوال پڇڻ وارا جواب ٻڌڻ کان اڳ راءِ قائم ڪري چڪا آھن، اهو نظريو جنھن تحت، صدين جا درد سھي، پيڙائون ڀوڳي عورت پنھنجي سياسي، سماجي ۽ معاشي برابريءَ جو اعلان ٿي ڪري، سماج ۾ عزت سان ڪنڌ مٿي کڻي هلڻ جي خواهش ٿي ڪري، اهو ان ڪري اعتراض جوڳو آهي جو اهو نظريو مرد جي ذات واري رويي جي نفي ڪندڙ آهي.
سنڌ جي پڙهيل لکيل عورت جيڪا ڊاڪٽر آهي، وڪيل آهي، استاد آهي، اديب آهي، بئنڪر آهي. زندگيءَ جي هر شعبي ۾ مزدور جيان لڳاتار محنت ڪري ٿي، گهر جون ذميواريون بہ پوريون ڪري ٿي، فيڪٽريءَ جي مزدور جيان 10 ڪلاڪ لڳاتار پورهيو ڪري ٿي، زندگيءَ جي گهاڻي ۾ پيڙهجندڙ بہ پنھنجي ڪمائي اکيون پوري گهر جي مردن جي هٿ تي رکي ٿي، قدم گهر جي چائنٺ کان ٻاهر رکڻ کان پھرين اجازت جي طلبگار هجي ٿي. اها قابل تعريف ۽ مڃتا قابل آهي، باقي حق گهرڻ واري ڪلھو ڪلھي ۾ ملائي قدم کڻڻ واري عورت اڄ جي سماج ۾ ڏوهاري آهي ۽ خاندان ۽ گهر کي ٽوڙيندڙ چورائي ٿي. عورت جدوجھد جي ساراھہ صرف ورقن ۾ زنده رهي تہ ٺيڪ پر جي عملي سماج ۾ ڪم ڪري تہ غلط ٿيو وڃي. لطيف جي سسئي سپنن ۾ زنده ڀلي هجي، هوءَ جدوجھد جو علامتي ڪردار ڀلي تہ ڪشش جو مثال آهي، ھن جي تانگهہ بي مثال آهي، ھن جون سختيون سھڻ بہ مثال آهي، جنھن مھل تاريخ جي سينن ۾ زنده ڪردار، زماني ۾ جنم وٺي سماج جي روايتن کي للڪارين تہ اهي مجرم ٿا بڻجن، سھڻي سپنن ۾ ڳائجي تہ خوبصورت سُر آهي پر حقيقت جو روپ وٺي، پنھنجي خواهش جو اظھار ڪري تہ ڪاري ڪري مارجي ٿي وڃي. عورت جڏھن ذھني سجاڳيءَ جي راھہ تي قدم ڌري ٿي تہ سڄو سماج جبل ٿو بڻجي ۽ سڄي ڌرتي طوفان خيز واڳن سان ڀريل دريا ٿي بڻجي وڃي. وجود جي بقا لاءِ جهيڙيندي سھڻي ڀل تہ روايتن جي واڳن هٿان ڀاڱا ٿي ان کي مڃتا نہ ملندي. اهو دستور ڪو سندن نہ آهي، پر ان دستور کي مٽائڻ لاءِ ۽ ختم ڪرڻ لاءِ ٿيندڙ ڪوششن تي ٿيندڙ اعتراض حيرت جوڳا آھن. سينواريل سماجي روايتن جون پنھنجن سيمائون ۽ حد بنديون آھن، حقن جي حاصلات جا معيار بہ طئہ ٿيل آھن تہ عورت ڪھڙا حق گهري ۽ ڪھڙا حق چپ چاپ بخش ڪري ڇڏي.
هيءُ تہ قديم دؤر آهي، نہ پٿر وارو دور آهي، هي تہ ايڪويھين صديءَ جو ترقي يافتہ دؤر آهي، جنھن ۾ انسان مالي ۽ معاشي ترقيءَ جون منزلون طئہ ڪري رهيو آهي، هو جديد دؤر جي هر سائنسي ترقيءَ کان واقف بہ آهي ۽ ڪميونيڪيشن جو هر ذريعو استعمال بہ ڪري ٿو. پر ھن جو ذھن ۽ شعور اڃا تائين مدي خارج سماجي روايتن جي پيداواري ٿو ڪري. سماجي روين جون پنھنجون لڪشمڻ ريکائون تخليق ڪيل آھن، جن کي پار ڪندي ئي اڄ جي سيتا، زماني جي راوڻن هٿان کنڀجي ٿي وڃي. عورت لاءِ تحفظ، حاڪمان روين جي ڄار ۾ ڦاٿل رهڻ ۾ آهي. آزادگيءَ جو ساھہ کڻڻ پنھنجي پيرن تي بيھڻ ۽ پنھنجي وجود جي مڃتا ماڻڻ جا سڀ تصور غير محفوظ آھن. حقن جي حاصلات جا سڀ رستا عورت کي پرڪشا ڏانھن ڌڪيندا ٿا وڃن، ظلم سھڻ، آھہ نہ ڪرڻ تہ ساراھہ جوڳو عمل تسليم ٿيل آهي، پر ظلم کي روڪڻ اعتراض جوڳو عمل سمجهيو ٿو وڃي. ظاهريءَ طرح سان لبرل ۽ باشعور انسان جيڪي هر پليٽ فارم تان مظلوم عورتن لاءِ دانھيندا ٿا نظر اچن ٿا، پر انھن جي نظر ۾ هڪ آزاد ٽھڪ ڏيندڙ عورت آواره ۽ ڪنھن مڌر گيت جي ڌُن تي جهومندڙ عورت، حيا جي حدن مان نڪتل آهي، جدوجھد ۽ انقلاب جا رستا ان ڪري بہ ڏکيا ۽ اڙانگا ثابت ٿيندا آھن جو گهڻا ظاهريءَ طور گڏ هلڻ وارا بہ صعوبتن ۽ مصيبتن جا تماشبين هوندا آھن، دوغلي پاليسي رکندڙ رويا نہ صرف جدوجھد کي قتل ڪندڙ هجن ٿا پر هر سماجي ترقيءَ کي تنزليءَ طرف ڌڪيندڙ هجن ٿا.
اهو هڪ اهڙو ڊگهو بحث آهي، جيڪو سوال جواب سان ختم نہ ٿي سگهندو. ڇو تہ سماجي تحريڪون سماجي روين جي ردعمل ۾ جنم وٺنديون آھن ۽ سماج ۾ مزاحمت جي علامت بڻجي ڪم ڪنديون آھن. خاص طور تي عورت جدوجھد جو. . . ۽ مرڪز سماجي شغور جي جاڳرتا هجي ٿي. جيستائين ڪنھن مسئلي يا رويي کي تبديل ڪرڻ جي سوج سماج ۾ پيدا نہ ٿيندي، اها تبديلي عمل ۾ اچڻ ناممڪن آهي. ھن وقت عورت جدوجھد جي لاءِ سماج ۾ موجود منفي رويا ان جي رفتار کي گهٽائيندڙ ضرور آھن، پر ان کي روڪي نٿا سگهن. مزاحمت ۽ رڪاوٽن جو وڌڻ ڪاميابيءَ جي علامت هوندو آهي. جيترو عمل طاقتور هوندو آهي، ردعمل ان کان ڏيڪ شدت وارو هوندو آهي. جيڪي منافقانہ رويا، عورت جدوجھد جي ڪاميابيءَ کي نہ برداشت ڪندي آتش فشان جيان باھہ اوڳاڇين ٿا، انھن کي خبر آهي تہ هي چند آڱرين تي ڳڻڻ جيتريون عورتون پنھنجن نظرين، تصورن ۽ ٿيوري جي سچائيءَ سان سماج ۾ امن، برابري ۽ انصاف وارو نعرو سچ ثابت ڪري ڏيکارينديون، پوءِ ڀل تہ نشاني تي زندگيون هجن يا ڪردار هجن، جدوجھد ۽ انقلاب جي ڪٺن رستن تان بنا ڪاميابيءَ جي واپس ڪڏھن نہ ورنديون.

13 اپريل 2011ع

شاهين جو درد ڪير محسوس ڪندو؟

400، 500 کلندڙ مسڪرائيندڙ چھرن جي وچ ۾ صرف هوءَ غمگين نظر اچي رهي هئي. نوشھروفيروز ۾ عورتن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي هر اک ۾ خوشي هئي، اتساھہ هو، اُمنگ هئي، رونق هئي. ھن جي اکين جي آلاڻ کي، اسٽيج تي بيھي ڳالھائيندي بہ نظرانداز نہ ڪري سگهي هيس. وڏي هال ۾ چوٿين قطار جي ٻي نمبر ڪرسيءَ تي ويھي، آس پاس جي رونق ۽ گھماگميءَ کان بي نياز لڙڪ لاڙيندي پروگرام جي خاتمي جي منتظر ٿي لڳي. اها حقيقت آهي تہ عورت جو درد عورت ئي سمجهي ۽ پروڙي سگهي ٿي. ان ڪري ئي 11 مھينا درد جي دريا ۾ ٻڏندي ترندي، ميڊيا ۽ سياسي پارٽين جا سھارا وٺندي، ٿڪجي ھن پنھنجي اُميدن ۽ آسن جي ٻيڙيءَ ۾ آخرڪار وومين ايڪشن فورم جي ڪناري سان لڳائي ڇڏي. اهو مرداڻو سماج جنھن ۾ عورت جي شناخت جا سڀ حوالا مرد جي نالي سان سلھاڙيل هجن، ان ۾ اڪيليءَ عورت جيڪو ڪجهہ ڀوڳي ٿي اهو ھن جي اوجاڳيل، ڀنل، هراسيل، اوسيئڙن ۾ ٿڪل اکين مان صاف ظاهر هو، شاهين شاديءَ جي 11 مھينن اندر بيسودگيءَ جو درد سٺو، طعنہ زن سماج اندر گهر جي ذميواري ۽ ننڍڙي عمران جي پرورش جو بار پنھنجي ڪلھن برداشت ڪيو. شاهين جي زندگيءَ جو هر پل، هر لمحو، هر گهڙي، هر منٽ، مسلسل محنت ۽ جاکوڙ ۾ گذاريو آهي.
اڪيلي بيواھہ عورت لاءِ ٽامي جيان تپندڙ سماج ۾، شاهين سڙندي خاڪ ٿيندي، در در ماڻھن جي گهرن ۾ پورهيا ڪري، پاڻ هر پيڙا هر سختي ڀوڳيندي ننڍڙي عمران کي زماني جي سرد گرم کان محفوظ ڪندي، پنھنجي مھربان آغوش ۾ لڪائي پاليو هو. هر جيجل ماءُ جيان شاهين جي آس ۽ اُميد جو محور ۽ مرڪز سندس اڪيلو پٽ عمران جوکيو هو. شاهين جي 16 سالن جي اوجاڳن، محنتن، صبر ۽ برداشت جي ڪمائي عمران هو جيڪو ڪجهہ گهڙين اندر ائين ھن جي اکين کان اوجهل ٿي ويو جو اڄ ڏينھن تائين ان جو ڪو بہ پتو نشان نٿو ملي.
21 مئي 2010 ع جي هڪ عام رواجي ڏينھن هو، عمران پنھنجي ڳوٺ ڦل کان نوشھرو آيو، هو پنھنجي دوڪان تي درزڪو ڪم ڪندو هو، ڇو تہ بيواھہ شاهين ميٽرڪ کان اڳتي عمران کي، تعليم نہ ڏياري سگهي هئي. 16 سالن جي عمران درزڪو ڪم ڪري پنھنجي پورهيت ماءُ جي سالن جي ٿڪ لاهڻ جي ڪوشش شروع ڪئي هئي، پر شايد زماني جي سختين ۽ آزمائشين شاهين جي گهر کي پنھنجي مشقِ ستم لاءِ منتخب ڪري ڇڏيو هو. 21 مئي 2010ع جي شام عمران نوشھروفيروز ۾ هڪ مجلس ۾شريڪ ٿيو هو، اُتان واپسيءَ ۾ شام ٿي ويس، عمران پنھنجي دوڪان تي، پي سي او تان فون ڪري اطلاع ڏنو تہ هو گهر وڃي رهيو آهي، بس نہ ملڻ ڪري ھن چنگچي ذريعي سفر ڪيو هو. سڀني شاهدن مطابق عمران کي آخري دفعو نوشھروفيروز ۽ ڦل ڳوٺ جي وچ ۾ ريگيوليٽر وٽ ٻن پوليس وارن، الياس سهتو ۽ غلام رسول مري سان گڏ ڏٺو ويو هو. ھنن سپاهين چيڪنگ لاءِ، چنگچي روڪي عمران جوکيو کي هيٺ لاٿو هو. ان کانپوءِ عمران جوکيو جي خبر ڪٿان بہ پئجي نہ سگهي تہ هو ڪيڏانھن ويو!؟
بيواھہ شاهين لاءِ اوسيئڙي جي اها اوجاڳيل رات، 16 سالن جي اوجاڳيل راتين کان ڀاري هئي. صبح جو ٿاڻي تي ويا ۽ عمران جي تلاش لاءِ مدد گهريائين، پوليس هڪ تائين ايف آءِ آر درج نہ ڪئي. عمران جي تلاش جاري رهي. هفتي کانپوءِ ايف آءِ آر درج ڪئي وئي ۽ سپاهين کي حراست ۾ ورتو ويو. ان کانپوءِ نہ کٽندڙ جدوجھد شاهين جو مقدر بڻجي چڪي آهي. پريس ڪلب آڏو مسلسل اٺ مھينا بک هڙتال، ميڊيا آڏو احتجاج، آل پارٽيز الائنس جي پليٽ فارم تان احتجاج، سٽيزن ايڪشن ڪميٽي نوشھروفيروز پاران اسيمبليءَ جي اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ تائين ڪيس پھچائڻ، ڪھڙو گس ۽ طريقو آهي جيڪو ھن بيواھہ شاهين، پنھنجي اڪيلي پٽ جي بازيابيءَ لاءِ اختيار نہ ڪيو آهي؟ پر حاصلات جا پيچرا خالي ۽ اداس ئي آھن. ھن جي آس ۽ اُميد پنھنجي پٽ جي زندگيءَ لاءِ دعاگو آهي. شاهين جي زندگيءَ جي هر پل جي پيڙا اهي ماڻھو چڱيءَ طرح پروڙي سگهندا جيڪي ھن گمشدگيءَجي پيڙا مان گذريا هوندا. سماج ۾ اهو اشو گذريل 10 سالن کان هڪ ڀيانڪ ناسور بڻجندڙ زخم بڻجي چڪو آهي جنھن جو درمان ٿيڻ لاءِ ڪو مسيحا اڃا سامھون نٿو اچي. شاهين تہ هڪڙي ننڍڙي ڳوٺ جي بي وسيلا، اڪيلي بيواھہ عورت آهي پر پاڪستان جي هر صوبي ۾ سوين هزارين مائرون، ڀينرون، زالون سالن کان اوسيئڙي باھہ ۾ سڙي پچري چپ چاپ زندگيءَ جا پل گهاري رهيون آھن. بين الاقوامي ميڊيا گمشدہ انسانن جي اشو کي جيترو دنيا جي اڳيان ظاهر ڪيو آهي. اسان جي مقامي ميڊيا اوترو ئي سچائي بيان ڪرڻ کان قاصر رهي آهي.
BBC. com جون رپورٽس هجن، هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان جون رپورٽ هجن، گمشدہ انسانن جي عزيزن جي احتجاجن جون ساکي آھن. اسلام آباد ۽ ڪراچي جا روڊ رستا بہ اڻ ڄاڻ ڪو نہ آھن. هزارين عالمن جي عزيزن جي برباد زندگين جو درد بہ لفظ، لفظ مان جهلڪي ٿو. 2000ع کان وٺي 2011 تائين گمشدہ ماڻھن جي سلسلي ۾ کڄندڙ حڪومتي قدم، مجبوريون، عدالتن جو ڪردار هاڻ ڳجهو نہ رهيو آهي.
ايشين ليگل ريسورس سينٽر جي 2010ع جي رپورٽ مطابق NWFA جي علائقن مان 1000، بنيادپرست جماعتن سان لاڳاپيل ماڻھو گڏ آھن، سنڌ مان 100 قومپرست پارٽين سان لاڳاپيل ڪارڪن گم آھن. جيئرن جاڳندڙ انسانن جي ڪا بہ خبر نہ ٿي پوي تہ هو زنده بہ آھن يا نہ؟ ڪير بہ نٿو ٻڌائي سگهي تہ هو زبردستي ڪنھن جهادي تنطيم ۾ شامل ڪيا ويا آھن؟ ڪنھن قوم جي حقن جي حاصلات لاءِ آواز بلند ڪرڻ جي ڏوھہ ۾ منظر تان گم ڪيا ويا آھن؟
ڪنھن ٽارچر سيل ۾ پنھنجي عقل، دانش ۽ ڏاهپ جي سزا ڀوڳي رهيا آھن؟ پر اها حقيقت آهي تہ عمران جوکيو جو تعلق ڪنھن بہ بنيادپرست تنظيم سان نہ هو! نہ ڪنھن قومپرست پارٽيءَ جو ڪارڪن هو، نہ ڪنن سماجي تنظيم سان لاڳاپيل هو! عمران جو تعلق، محنت ڪش، پورهيت بيواھہ شاهين جي خوابن، خواهشن ۽ ارمانن سان هو. عمران پنھنجي ماءُ جي زندگيءَ ۾ خوشين آڻڻ لاءِ جاکوڙي رهيو هو. عمران پنھنجي ماءُ کي ان شھر ۾ آرام سان ويھاري ٻہ ويلا ماني کارائڻ لاءِ محنت ڪري رهيو هو. هو درزي هو سياسي ڪارڪن نہ هو.
شاهين جي ڪٿان آمنہ جنجوعہ جي داستانِ حيات کان گهٽ اذيتناڪ نہ آهي، جنھن جي شخصيت جي باري ۾ لکندي انڊيپنڊنٽ اخبار جو ليکڪ رابرٽ فسڪ جو قلم رت روئڻ ٿو لڳي. آمنہ جي اڪيلائي جا عذاب ۽ پنھنجي ور لاءِ اوسيئڙي جا دردناڪ پل شاهين جي پيڙا کان قطعي مختلف نہ آھن، زاهدہ شريف، جيڪا ٻن ٻارن جي پرورش بہ ڪري ٿي ۽ پنھنجي گهر واري جي گمشدگيءَ جي سلسلي ۾ دانھيندي نظر ٿي اچي. درد بہ ساڳيا، پيڙائون بہ ساڳيون ڪٿا بہ ساڳي! ڀوڳنائون بہ ساڳيون پر حاصلات جا دفتر خالي.
مصلحتون دردن کان اڻ ڄاڻ هونديون آھن. ڄڻ تہ انسان صرف ڀوڳڻ لاءِ ئي خلقيو ويو آهي. ڪٿي سياسي مصلحتون، معاشي مصلحتون، معاشرتي مصلحتون انسان جي دردن کي پردن ۾ لڪائي ٿيون ڇڏين. هڪ اواز هڪ دانھن اڀري ٿي ڪجهہ اکيون آليون ٿين ٿيون ۽ بس پوءِ ان کي يا تہ مصلحت جي پردن ۾ لڪايو ٿو وڃي يا وري نقد رقم جي بار هيٺان گم ڪيو ٿو وڃي. شاهين جي دانھن ۽ آواز کي خاموش ڪرائڻ لاءِ بہ رقم جي آڇ ڪئي وئي پر شاهين جي عمر ڀر جي ڪمائي 16 سالن جو عمران هو جنھن کي هو پئسن جي ترازوءَ ۾ تورڻ لاءِ تيار نہ ٿي آهي.
هڪ اخباري رپورٽ مطابق پاڪستان ۾ 8000 ماڻھو گمشدہ آھن، انھن 8000 خاندانن جي درد خريد ڪرڻ لاءِ خبر نہ آهي تہ ڪيتري نقد رقم آڇي وئي هوندي؟ شاهين جي مسلسل بک هڙتال، احتجاج، پريس ڪانفرنس، ميڊيا ذريعي ڪرايل احتجاجن جو سلسلو اڃا جاري آهي. بيواھہ شاهين عمران جوکيو جي زندگيءَ بابت شڪ ڪرڻ لاءِ تيار نہ آهي. 11 مھينن جي گذرڻ جي باوجود بہ هو هر نئين صبح جو استقبال نئين اُميد سان ڪري ٿي.
هڪ نہ ٻئي ڏينھن سيل فون تي ھن جو ڪمزور جهيڻو پر، پراُميد آواز ٻڌڻ ۾ ايندو آهي، ”باجي منھنجي عمران جي ڪا خبر پئي؟“
”باجي فلاڻي آفيسر ڇا چيو؟“
جواب ۾ مون وٽ، ھن جي حوصلي کان وڌيڪ حوصلو تہ نہ هوندو آهي پر ھن جي اکين جي آلاڻ منھنجي اکين ۾ لڙڪ بڻجي ضرور تري ايندي آهي.

19 اپريل 2011ع

ٽياس تي ٽنگيل ارمان ۽ انصاف جون گهرجون

هو اڻ پڙهيل هيون، غريب هيون، بي وسيلا هيون، مظلوم هيون پر ھنن جي ذھني سجاڳيءَ ۽ شعور کين ظلم کي ظلم چوڻ جو حوصلو ڏنو. ھنن سماجي شعور جي سينوريل ۽ بيٺل پاڻيءَ ۾ پنھنجي ساڃاھہ جا پٿر اڇلي هلچل مچائي ڇڏي. ھنن دانھن ڪئي ۽ زماني جي اڳيان ان جرم جو پردو چاڪ ڪيو، جنھن کي ڪجهہ وقت اڳ بيان ڪرڻ بہ جرم هو. اهي مائرون جن جون معصوم ڌيئرون ڏينھن ڏٺي، خوف پکيڙيندڙ هيبتناڪ هٿيارن جي ڇانوَ ۾ کنڀيون ويون، ريپ ڪيون ويون ۽ زنده لاش جيان واپس اڇلايون ويون، انھن جي دانھن آھن جي گونج اڃا تائين انصاف جي مرحلن کي طئہ ڪري رهي آهي تہ پاڪستاني اعليٰ عدالت جي ڪنھن اچانڪ صدمي وانگر انصاف جي اُميدن کي پرزا پرزا ڪري ڇڏيو آهي.
انصاف ۾ دير سھي، انصاف پھچ کان پري سھي پر ڪجهہ منتظر مائرون، ڪجهہ ڌيئرون، ساھہ جي سُرندڙ سڳي ۽ دل جي هر ڌڙڪن سان وقت جي گذرندڙ هر ڪلاڪ، هر منٽ، هر سيڪنڊ، هر پل کي ڳڻي رهيون هيون. مختاران مائيءَ جي مجرمن جي آزاديءَ جو فيصلو ٻڌي انھن جي آس ۽ اُميد هڪ دفعو وري مري وئي .
مختاران، جاگيرداراڻي ۽ قبائلي نظام کي للڪاريو هو. مختاران سان ڏاڍ، انسانيت کي قتل ڪندڙ هڪ جرڳائي فيصلي جو نتيجو هو. ساڻس ٿيل ڏاڍائي صديءَ جو شرمناڪ ترين حادثو هو تہ وري انھن مجرمن جي آزادي ان کان بہ وڌيڪ حيران ڪندڙ واقعو آهي. ان سماج ۾ جتي ڪنھن ڇوڪريءَ کي ڪو لوفر ڇيڙي ٿو، ڪو غلط جملو ڳالھائي ٿو تہ ھن کي اها ڳالھہ گهر ۾ ٻڌائيندي بہ لڄ پئي ٿيندي آهي. ڏاڍائيءَ جو شڪار ٿيندڙ عورت لاءِ تہ خودڪشيءَ کانسواءِ ڪا ٻي واھہ بچي ئي نٿي. مختاران ان ظالم سماج اڳيان پنھنجو ڪيس پاڻ پيش ڪيو، ھن غيرت جي ٺيڪيدارن جي منھن تان نقاب لاهي سندن شرمناڪ چھرا، دنيا جي اڳيان آندا هئا- پر سلام آهي ملڪي نظام کي جنھن تحت مجرم آزاد ٿي ٿا وڃن. هڪڙا مجرم اهي هوندا آھن جيڪي علي الاعلان جرم ڪندا آھن ۽ ٻيا اهي هوندا آھن، جيڪي جرم جو ساٿ ڏيندا آھن ۽ ان کي بچائڻ لاءِ قانوني داءُ پيچ هلائي بچاءَ جا گس ڳوليندا آھن. هڪ مجرم جي نجات لاءِ سڄي رياستي مشنري ۽ انتظامي ادارا ۽ سماج پاڻ پتوڙيندا نظر ايندا آھن پر گناھہ کي گناھہ ثابت ڪرڻ، مجرم کي سزا ڏيارڻ لاءِ سڀ بيوس ۽ لاچار بڻجي ٿا وڃن.
2009ع ۾ جوهيءَ جي زليخا سان ڏاڍائيءَ وارو واقعو هجي، نوشھرو جي نويدہ ڪلھوڙو جو گينگ ريپ هجي يا فيض گنج جي انعم جو ڪيس هجي سڀ عاجز ۽ مجبور بڻجي چڪا آھن. هي ٽئي اهي گينگ ريپ ۽ اغوا جا ڪيس آھن جن ۾ جرم قبوليو وڃي ٿو، ڏوهاري چون ٿا تہ، ”اسان مجرم آهيون پر آهي ڪو اسان کي پڪڙڻ وارو؟ ڪنھن جي همت آهي جو اسان ۾ هٿ وجهي سگهي؟“
نويدہ ۽ زليخا انصاف کان پري ان ڪري بہ آھن جو انھن تي سماجي ۽ سياسي دٻاءُ آهي، ان کان علاوہ جيڪي بہ ريپ يا گينگ ريپ ٿين ٿا، انھن جي ايف آءِ آر صحيح نٿي لکرائي وڃي.
قانون لفظن جو محتاج آهي. لفظن جي ڦير گهير سان ڪيس ڪمزور بہ ٿئي ٿو ۽ جي پيرا کڻجن ٿا تہ باھہ گهر کان ئي لڳل نظر اچي ٿي. زليخا جي ڪيس جو جائزو وٺڻ سان خبر پوي ٿي تہ هٿيارن جي زور تي 12 سالن جي معصوم ڇوڪريءَ کي اغوا ڪري 6 جوابدار کڻي ويا، علائقي ۾ خوف ۽ دهشت پکڙجي وئي پر اهو ڪيس ان ڪري ڪمزور آهي جو ان جي ايف آءِ آر ۾ اهي ڳالھيون شامل ئي نہ ڪيون ويون آھن. اهو اغوا ۽ گينگ ريپ جو ڪيس دهشتگردي ايڪٽ تحت فائل نٿو ٿي سگهي.
ڪيس جي اهميت، نوعيت، حساسيت کان بي خبر انتظامي ادارا انصاف جي راھہ ۾ وڏي رڪاوٽ آھن. ظلم مٿان ظلم تہ اهو آهي تہ ضمانت ڪرائڻ صفا آسان آهي. ريپ جا ڏوهاري ضمانت تي آزاد ٿي وڌيڪ خوف ۽ دهشت پکيڙيندا ٿا نظر اچن. زليخا ڪيس جا جوابدار جيئن ئي ضمانت تي آزاد ٿيا تہ انھن پنھنجي شھر ۾ فائرنگ ڪري 3 ماڻھو زخمي ڪيا ۽ پنھنجي فتح جو اعلان ڪيائون، انھن بااختيار مجرمن تي ڪو بہ قانون، ڪو بہ ايڪٽ لاڳو نہ ٿو ٿي سگهي.
نويدہ جا مجرم بہ سندن دروازي تي اچي ڪيس تان هٿ کڻڻ جون ڌمڪيون ٿا ڏين ڇو تہ هو خود قانون جو واپار ڪندڙ قبيلي سان تعلق رکندڙ آھن. قانون جي واپار ۾ ملوث سرِعام فتح جا نعرا هڻندا ٿا رھن. جرم کي پناھہ ڏيڻ لاءِ رشتا، ناتا، تعلق پرسنل رليشن، هر طريقو استعمال ٿئي ٿو.
پھرئين مرحلي تي انصاف جو قتل قانون جي محافظن جي هٿان ٿئي ٿو. ٻئي مرحلي تي ظلم ميڊيڪل رپورٽ ذريعي ڪيو ويندو آهي. ميڊيڪل رپورٽ لاءِ موڪليل جزن ۾ دير، ميڊيڪل چيڪ اپ ۾ تاخير بہ انصاف جي قتل برابر هوندو آهي. ان کانپوءِ قانوني طريقہ ڪار جنھن کان عام ماڻھو اڪثر اڻ ڄاڻ هوندا آھن. انصاف جي ڪرسي تي ويھندڙ انسان لاءِ لفظ ۽ تاريخون انسان جي انتظار جي پيڙا کان وڌيڪ اهميت رکندڙ هوندا آھن. ڪڏھن جوابدار ڪورٽ ۾ اچڻ کان قاصر، ڪڏھن وڪيل غير حاضر، ڪڏھن ڪجهہ قانوني مجبوريون انصاف لاءِ منتظر انسانن جي حوصلي ۽ صبر کي چئلينج ڪنديون رھنديون آھن.
مسئلن کان هرڪوئي واقف هوندو آهي پر بنيادي خرابين کي دور ڪرڻ لاءِ ڪو بہ آواز بلند نٿو ڪري. انتظامي ادارن ۾ موجود محافظن لاءِ انساني حقن جي ڄاڻ ۽ سماجي سطح تي قانوني ڄاڻ جي ضرورت محسوس ٿيڻ سان گڏوگڏ، ان ڳالھہ جي بہ ضرورت محسوس ٿئي ٿي تہ عدالتي نظام سياسي ۽ سماجي اثر رسوخ کان آجو هجي ۽ ڪيسن جي تڪڙي اڪلاءَ لاءِ ضروري آهي عورتن سان واسطو رکندڙ ڪيس خاص طور تي ريپ جي ڪيسن لاءِ الڳ ڪورٽن جو قيام عمل ۾آڻڻ لاءِ سوچيو وڃي.
گينگ ريپ جا ڪيس دهشتگردي ڪورٽ ۾ هلائڻ سان گهٽ ۾ گهٽ اهو فائدو ضرور ٿيندو جو مجرم اثر رسوخ استعمال ڪري ضمانت ڪرائڻ ۾ ڪامياب نہ ٿي سگهندا.
5 سال انتظار جي ٽياس تي ٽنگيل مختاران جا مجرم صرف ريپ ڪندڙ نہ آھن پر پھريان مجرم جرڳو ڪرائيندڙ جاگيردار، انتظامي ادارا، انصاف وارو نظام بہ آهي. هڪ دفعو انھن سڀني کي ڪنھن ڪٽھڙي ۾ ضرور اچڻو پوندو. ڇو تہ اهڙي فيصلي انصاف جي منتظر گهڻين عورتن ۾ مايوسي پکيڙي ڇڏي آهي. اُهي 10 ۽ 13 ورهين جون معصوم نينگريون جيڪي اڄ بہ پنھنجي مائرن جي ھنج ۾ لڪي سمھڻ جي باوجود بہ ڀيانڪ ڪاري رات جي ڀؤ کي وساري نہ سگهيون آھن. اڄ بہ رات جو رڙيون ڪري جاڳي ٿيون پون. اڄ ھنن جي دلين ۾ انھن زيادتي ڪندڙن جو تصور هڪ ظالم ۽ وحشي کان وڌيڪ ڪجهہ بہ نہ آهي. اها ظلم جي ڪاري رات ھنن جي سڄي زندگي مٿان طاري ٿيل آهي. انھن مائرن جو درد جيڪي دنيا جي اڳيان تسليم ڪن ٿيون تہ ها، اسان جي ڌيئرن سان گينگ ريپ ٿيو آهي، اهي ڌيئرون جيڪي چون ٿيون تہ ها، اسان سان ڏاڍ ٿيو آهي، لفظن ۾ بيان ڪرڻ نھايت ڪٺن آهي، ان پيڙا ۽ اذيت اڳيان لفظ ننڍڙا ٿي ٿا وڃن ۽ پنھنجي معنى ۽ مفھوم وڃائي ٿا ويھن. اُهي وحشي جيڪي انسانيت جي نالي کان بي خبر آھن اهي ان ڏک ۽ اذيت کي بيان ڪرڻ ۽ سمجهڻ کان بہ قاصر هوندا. هو تہ جرم ڪرڻ کانپوءِ صرف پنھنجي بچاءَ جا طريقا تلاش ڪندا رھندا آھن. هر اهم انتظامي اداري ۾ اهڙن وحشين جي موجودگي بي حسيءَ جي علامت بڻيل آهي.
جيڪڏھن ايف آءِ آر انويسٽيگيشن، ميڊيڪل چيڪ اپ، ميڊيڪل رپورٽ جي مرحلن کان وٺي عدالتي نظام تائين هر وک تي موجود رڪاوٽن جو جائزو وٺجي تہ صاف نظر اچي ٿو تہ اهم انتظامي ادارن ۾ اهم عھدن تي عورتن جي غير موجودگي ناانصافيءَ کي هٿي ڏيندڙ آهي. اهم ذميدار عھدن تي عورتن جو فائز هجڻ ھن وقت ضروري ٿو محسوس ٿئي. ايف آءِ آر لکندڙ عورت هجي، ميڊيڪل رپورٽ موڪليندڙ يا لکندڙ عورت هجي، انصاف جي ڪرسيءَ تي ويٺل عورت هجي جيڪا صرف لفظن جي راند نہ پر جذبن جي پروڙ رکندڙ هجي، پوءِ ڏسجي تہ انصاف جو حصول ڪيئن ٿو خواب بڻجي؟ ڪيئن ٿيون عورتون انتظار جي ٽياس تي ٽنگجن؟ ڪيئن ٿو انصاف جو قتل ٿئي؟ سياسي اثر رسوخ، جاگيردارانہ نظام، سفارش، رشوت، سست عدالتي نظام جي زنجيرن ۾ قيد بيوس انصاف جي آزاديءَ لاءِ هڪ عورت ئي آواز بلند ڪري سگهي ٿي. ٽياس تي ٽنگيل انصاف کي زندگي ڏيڻ لاءِ جدوجھد ڪرڻ جو حوصلو بہ عورت ئي ڪري سگهي ٿي.

23 اپريل 2011ع

سوچ ۽ فڪر تي لڳل تالا

هو اولھہ، اوڀر، اتر ڏکڻ ۾ پکڙجي، زمين آسمان جي وچ ۾ موجود هر شھر، ڳوٺ، هر ڳوٺ تي قابض ٿي، انساني سوچ سمجهہ، عقل و دماغ ۾ داخل ٿي هاڻ هر هواس کي ڪنٽرول ٿا ڪن، ھنن لاءِ انسان هڪ رانديڪي، انسانيت هڪ تماشي کان وڌيڪ حيثيت نٿي رکي.
اها ڳالھہ ڪنھن کان بہ لڪل ڪونھي تہ هو، مذهب جي پرامن چادر اوڍي آيا ۽ دهشت ۽ خوف جي علامت بڻجي هر جاءِ تي قابض ٿي ويا. ھنن غير محسوس طريقي سان پنھنجو پاڻ کي مضبوط ڪيو آهي، ڪير بہ ھنن کي پسند نٿو ڪري، صحيح نہ ٿو سمجهي پر ٿئي اهو ٿو جيڪو هو چاهين ٿا. هو ”دهشتگرد“ جي نالي سان سڃاتا وڃن ٿا. ھنن جو ڪم ملڪ ۾ افراتفري پيدا ڪرڻ، بدامنيءَ جي فضا تخليق ڪرڻ، حڪومتن جا بنياد ڪمزور ڪرڻ هو پر خبر نٿي پوي تہ هاڻ هو اسان جي جسم ۾ رت جيان ڪيئن ٿا ڊوڙن. ھنن کي اسان جي جسماني نظام جي هر عضوي جي ڪم ۽ طريقہ ڪار جي ڄاڻ ڪيئن آهي؟ جنھن وقت چاهين ساھہ جو سرشتو روڪي ڇڏين! جنھن وقت چاهين دل جي ڌڙڪن کي بند ڪري ڇڏين! جنھن ويل مرضي پوين گڙدا ناڪاره ڪري ڇڏين! هڪ خطرناڪ بيڪٽريا جيان انساني جسم کي تباھہ ڪندڙ بيماريءَ جو نہ ڪو علاج آهي ۽ نہ ان کي سڃاڻي سگهڻ جي صلاحيت رهي آهي. . . ! هو هر جاءِ تي پھچي چڪا آھن. هر ملڪي اداري ۾ مختلف روين ۾ ھنن جي سوچ گردش ڪري ٿي اسين اهو ڪجهہ ڪريون ٿا جيڪو هو چاهين ٿا اهو ڏسون ٿا جيڪو هو ڏيکارڻ چاهين ٿا. سوچڻ سمجهڻ ۽ محسوس ڪرڻ جي صلاحيتن تي هو حاوي ٿي چڪا آھن. اسين هيپناٽائيز ٿيل انسانن وانگر کل ڪريون ٿا. پنھنجي مرضيءَ جي خلاف بہ عمل ڪريون ٿا تہ خبر نہ ٿي پوي ائين ٿو لڳي تہ ڄڻ اهو اسان جي پنھنجي مرضي ۽ اختيار جو فيصلو آهي. طاقت ۽ دهشت جي اداري پنھنجا ننڍا ننڍا تنظيمي ڍانچا ٺاهي ڇڏيا آھن جيڪي هاڻ ڪم ڪري رهيا آھن.
ائين ٿو لڳي تہ هو اسان جي ادارن ۾، حڪومت ۾، سياست ۾، ميڊيا ۾ هر جاءِ تي موجود آھن، جتان هو عوام کي ڪنٽرول ٿا ڪن. سڀ کان پھرين ھنن لاتعداد انسان موت جي حوالي ڪيا، بم ڌماڪا، ٽارگيٽ ڪلنگ، آپگهاتي حملن جي ذريعي هزارين ماڻھو زندگيون وڃائي ويٺا ۽ مرندڙ ماڻھن جي پويان هزارين زندگيون ٻيون بہ برباد ٿيون. ھنن ماڻھو ماريا، ڪُٺا، ٽارچر ڪيا، اغوا ڪيا تہ جيئن انسانن جو مرڻ عام ٿي وڃي ڪا خاص اهميت نہ رکي. ھنن وٽ بم ڌماڪي جي خبر ڪو خاص اثر نٿي رکي، انساني جان جي ڪا بہ قيمت نہ ٿي لڳائي سگهجي پر ھنن پنھنجي دهشت ۽ خوف کي قائم ڪرڻ لاءِ انسانيت کي بي قيمت بڻائي ڇڏيو. دنيا جي 40 ملڪن ۾ ڪم ڪندڙ تنظيم جو اڳواڻ 100 سالن کان دنيا جي انتھائي مطلوب ماڻھن جي لسٽ ۾ شامل اسامه بن لادن جو ماءُ جي ھنج ۾ستل سندس ٻار جيان کنڀجڻ، مارجڻ ۽ ٻوڙجڻ ملڪي سياست ۽ سماج ۾ ٿرٿلو مچائي ويو، وري ڪجهہ ڏينھن کانپوءِ ان جي ردعمل ۾ (ڪجهہ ماڻھن جي خيال ۾) ٿيندڙ پي اين ايس مھراڻ تي حملي واري واقعي بہ سماج ۾ افراتفري مچائي ڇڏي. ملڪي ۽ ذاتي تحفظ ۽ امن بابت سوين سوال عوام اٿارڻ لڳو، ڪافي سوال مونجهارا ۽ بحث عوام جي دلين ۾ ميڊيا پاران پيدا ڪيا ويا. عوام، حڪومت ۽ ادارن جي وچ ۾ ميڊيا سگهارو رابطو هجي ٿو. دنيا ۾ ڪٿي بہ ڪو واقعو ٿئي ٿو تہ هر نظر اليڪٽرانڪ ميڊيا ڏانھن سڀ کان پھرين کڄندي آهي. عوام سچائي جي تلاش ۾ ميڊيا جو ئي رخ ڪندو آهي. هي هر گهر ۾ ڪنھن عزيز دوست ۽ ويجهي مائٽ جيان موجود آهي ۽ ھن وقت رابطي جو اهم ترين ذريعو بڻجي چڪو آهي. حڪومت بہ پنھنجو آواز ميڊيا جي ذريعي عوام تائين رسائڻ جي ڪوشش ڪندي آهي ۽ عوام جي بہ خواهش هوندي آهي تہ سندن جذبات جي صحيح ترجماني ڪئي وڃي. ھن وقت ڪجهہ ٽي وي چينل اهڙا آھن جن جا اينڪر پرسن ميزباني جي ڪرسيءَ کي اقتدار جي ڪرسي سمجهڻ لڳا آھن. هو ان ڪرسي تي ويھي جيڪو چاهين ٿا بيان ڪن ٿا، هو پنھنجي ذاتي سوچن ۽ تجزين کي عوام مٿان مسلط ڪندا ٿا وڃن انھن جو مقصد صرف ۽ صرف تنقيد براءِ تنقيد هجي ٿو. تعميري سوچ کان وانجهيل ۽ مثبت فڪر کان دور هجن ٿا. ھنن جي مرضي پوي تہ ڪنھن کي بہ هيرو بڻائي عوام اڳيان آڻين يا سڌي سنئين ڳالھہ کي مونجهاري ۾ بند ڪري ڇڏين. ڪنھن اشتھاري مھم جيان ھن وقت مخصوص اينڪر پرسن حڪومت خلاف پروپئگنڊا ۾ مشغول آھن. عوامي مسئلن جو ذڪر تڏھن ڪيو ويندو آهي جڏھن حڪومت جون ڪمزوريون ۽ ڪوتاهيون بيان ڪرڻيون هونديون آھن. ھن وقت مخصوص اينڪر پرسن جو زور ان ڳالھہ تي آهي تہ اسان جي محافظن جو، عوام مٿان رعب، دٻدٻو برقرار رهي، عوام غيرت جي تصور ۾ گم رهي. هو بہ شايد ڪنھن طاقت جي زير اثر هيپناٽائيز ٿيل آھن ۽ عوام کي بہ دنيا ان ئي زاويي کان ڏيکارڻ چاهين ٿا، جتان ھنن کي ڏيکاري ٿي وڃي. عوام تہ ھن وقت ميڊيا، ادارن ۽ سياست جي وچ ۾ فٽبال جيان ڌڪجي رهيو آهي. سچائي ڄاڻڻ جو ھن وٽ ڪو بہ ذريعو نہ رهيو آهي، ڇو تہ عوامي مفادن جي سياست جو تصور هاڻ واضح نظر نٿو اچي. ھن وقت سماجي مسئلن جي حل جو ڪو بہ پروگرام نٿو ٻڌايو وڃي. اينڪر پرسن جو مقصد صرف عوام جي دل ۽ دماغ سان 30، 40 منٽن اندر کيڏڻ هجي ٿو. هو منفي لاڙا ۽ طئہ ٿيل ڳالھيون عوام جي ذھنن تائين پھچائڻ کانپوءِ ڪنھن فاتح جيان ڪرسي ڇڏين اٿن ٿا ۽ عوام، ميلي ۾ مائٽن کان وڇڙي ويندڙ ٻار جيان، حيران پريشان هجوم ۾ اڪيلو رهجي، گهر ڏانھن ويندڙ گس پڇائيندو رهجي ٿو وڃي.
جان مال جي تحفظ تان تہ اسين ڪڏهوڪو هٿ کڻي چڪاسين پر هاڻ سوچ سمجهہ تي لڳندڙ ڌاڙا قابل قبول نٿا لڳن، سياست جو ميدان تہ آهي ئي عجيب، ان دنيا جا اصول ضابطا پنھنجا ٺاهيل آھن، هر سياسي تبديلي لاءِ عوام کي استعمال ضرور ڪيو ويندو آهي پر حاصلات عوام جي نصيبن کان پري ڀڄنديون آھن. ھن وقت سياست اتحادن جي ور چڙهيل آهي، ڪجهہ پراڻا ٽٽل اتحاد جُڙن پيا ڪجهہ نوان ٺھن پيا، پر انھن جي ٺھڻ ۽ ڊهڻ جا ڪارڻ انھن جا مفاد آھن انھن اتحادن جي پويان سماجي مسئلن جي سياست نہ آهي پر انھن اتحادن جو محور ۽ مرڪز ايوان تائين پھچڻ ٿو لڳي. مسئلن جي ڪُن ۾ گردش ڪندڙ ماڻھو هر سياسي جلسي ۾ پراُميد ٿي شريڪ ٿيندا آھن هو پنھنجي ”وڃايل رهبر“ جي تلاش ۾ هر سياسي جلسي ۾ شريڪ ٿيندا آھن پر بدقسمتيءَ جي انتھا آهي تہ نجات ڏياريندڙ لفظ ڪٿان بہ قوتِ سماعت تائين نٿا پھچن. ڪو سياستدان اُٿي ٿو ۽ ڌرڻن کان ڊيڄاري ٿو، ڊرون حملا بند ڪرائڻ جا آسرا ٿو ڏي، ڪو چوي ٿو ”ڪشڪول“ ٽوڙينداسين، قرض ڪو نہ وٺنداسين. ڪي سياستدان وري پنھنجي پنھنجي مخصوص خطن جي مسئلن جي ڳالھہ ٿا ڪن. اجتماعي سوچ ۽ سڄي ملڪ لاءِ ڪو خاص پروگرام ڪنھن وٽ بہ طئہ ٿيل نظر نٿو اچي. سوچ ۽ فڪر جي دروازن تي پيل تالا ٽوڙڻ جي ڳالھہ ڪير بہ نٿو ڪري. . . جڏھن هڪ لساني پارٽي ٺھي ۽ سنڌ جي شھري علائقن ۾ مشھور ٿي وري ملٽري آپريشن کانپوءِ ٻن حصن ۾ ورهائجي وئي، جون 1993ع ۾ مختلف نالن ۽ مختلف اڳواڻن سان ڪم ڪرڻ لڳي. پارٽيءَ جي ٻن ڌڙن ۾ ورهائجڻ دوران سوين ڪارڪن ماريا ويا ۽ سوين زخمي ٿيا. وري ھن وقت جون 2011ع ۾ ٻئي ڌڙا پنھنجا اختلاف ختم ڪري هڪ ٿي ويا آھن. هڪ اڳواڻ هزارين ماڻھن جي مجمعي ۾، هزارين ماڻھن جي مارجڻ جو اعتراف بہ ڪري ٿو ۽ معافي بہ گهري ۽ ٻيو اڳواڻ ان کي نھايت کليل دل سان معاف ڪري ٿو ڇڏي ان کي سڀ ڏوھہ خون معاف ڪيا ٿا وڃن. حيرت ان ڳالھہ تي ٿئي ٿي تہ ان جاءِ تي اسان جا اينڪر پرسن ڇو خاموش ٿي ويا؟
هو جيڪي ڪجهہ لمحن اندر پروگرامن جو دوڪان سجائي پنھنجي نظرين جو پرچار شروع ڪندا آھن اهي اهو سوال نٿا پڇن تہ ذاتي اختلافن جي بنياد تي بيگناھہ مارجي ويندڙ انسانن جي جان جي قيمت صرف چند لفظ آھن!؟ غازي ڪير آهي؟ شھيد ڪير آهي؟ ڏوهاري ڪير آهي؟ اهو فيصلو ڪير ڪندو؟ بي قيمت انسانن جي اڳيان ھن وقت سوال پنھنجي وجود جي قيمت جو وڃي بچيو آهي هو مارجن، ڪسجن، ٽڪرن ۾ تبديل ٿين پر انسانن جي مفاد جي سياست ڪير بہ نٿو ڪري!
سقراط زهر جو پيالو پيئڻ کان اڳ پنھنجي شاگرد افلاطون کي چيو هو تہ، ”پنھنجن روحن جو خيال رکو انھن کي هم آھنگي، دلاوري، سخاوت ۽ صداقت جو لباس پھرايو، ڪوڙا لفظ پاڻ ۾ رڳو بي جوڙ ناھن هوندا بلڪه اهي روح ۾ بدي پيدا ڪندا آھن. “
شايد اهو انھن ڪوڙن لفطن جو جادو آهي جيڪو اسان جي روح کي وڪوڙي چڪو آهي ۽ اها بدي آهي جيڪا هاڻ سوچ سمجهہ ۽ فڪر تي حاوي ٿي چڪي آهي. اسين سچائيءَ لاءِ واجهايون ضرور ٿا پر سچا ٿيڻ لاءِ تيار نہ آهيون اندر جي بدي اسان کان پنھنجي مرضيءَ جا فيصلا ٿي ڪرائي، جيڪي عوامي مفاد ۾ نہ هوندي بہ صحيح محسوس ٿيڻ ٿا لڳن شايد ان ڪري ئي اسان مان ڪنھن وٽ بہ ان ڳالھہ جو جواب ڪونھي تہ هڪ پيءُ ڇو چار ڌيئرن کي ٻوڙي ماري ڇڏيو؟ اهڙن واقعن کي روڪڻ جي دعوى ڪرڻ لاءِ ڪير اڳيان وڌندو؟ اهو صرف هڪ واقعو نہ آهي اهڙا کوڙ سارا واقعا روز ٿين ٿا، جيڪي انساني زندگيءَ جي قيمت جو سوال اٿارين ٿا؟
ميڊيا هجي يا سياست جو ميدان، انسان ۽ انساني مسئلا صرف استعمال ڪيا ٿا وڃن، حل نٿا ڪيا وڃن. ننڍپڻ ۾ پڙهيل هڪ ڪھاڻي ٿي ياد اچي تہ هڪ شھر ۾ هڪ راڪاس ايندو هو ۽ هو سڄي شھر کي تنگ ڪندو هو، ھن کي روز هڪ انسان کائڻ جي عادت هئي، پنھنجي بچاءَ لاءِ شھر واسين اهو حل ڳولھيو تہ هو روز هڪ انسان ھن کي شھر جي ٻاهران ڏيئي ايندا هئا تہ جيئن هو اندر اچي تباهي نہ مچائي ڏي. هو راڪاس هڪ ماڻھو کائي هليو ويندو هو. هڪ ڏينھن شھر جي هڪ بھادر نوجوان سوچيو تہ اهو سلسلو آخر ڪيستائين هلندو؟ ھن همت ڪري ھن راڪاس جو مقابلو ڪيو ۽ ان جو خاتمو ڪيائين سو ان ڪھاڻي وانگر اسان کي بہ پنھنجي زندگيءَ کي بچائڻ لاءِ نہ نظر ايندڙ راڪاس کي ختم ڪرڻ لاءِ جاڳڻو پوندو. پنھنجي جان کي بي قيمت ٿيڻ کان بچائڻو پوندو.

01 جُون 2011ع

هڪ ڪميٽي ٺاهجي!

رت، گوشت ۽ لوھہ، بارود جو اهڙو ڪو رشتو وجود ۾ اچي چڪو آهي، جيڪو ھنن کي پري ٿيڻ نہ ٿو ڏي. ٻرندڙ فولاد ۾ بنھہ بارود کي انساني جسم کانسواءِ ڪٿي بہ پناھہ نٿي ملي! جتي بہ انساني جسم نظر اچي ٿو، هو ڪنھن بکايل جانور جيان ھن جي جسم ۾ داخل ٿي زندگيءَ جي تند ٽوڙي انساني جسم کي رت ۾ ٻڏل لاش ۾ تبديل ٿو ڪري ڇڏي.
اها حقيقت آهي تہ طاقتور ادارن جي بنيادن جي آبياري انساني رت سان ئي ڪئي وڃي ٿي. انسان کي مهٽي مروٽي چيڀاٽي پيرن هيٺان آندو ٿو وڃي. رياستي مشنريءَ جو مقصد عوام کي پناھہ ڏيڻ تہ نہ پر ھن کي ڪنٽرول ڪرڻ کان سواءِ نظر نہ ٿو اچي. ڏاڍ ۽ جبر کي نالو ڪھڙو بہ ڏجي پر هو انسان جي حفاظت هرگز هرگز نٿو ڪري سگهي. انسان ڪڏھن وطن جي آزاديءَ جي نانءِ تي، ڪڏھن وطن جي محبت جي نانءِ تي، ڪڏھن تحفظ جي نانءَ تي ڪسجندو ٿو رهي. مرندو ٿو رهي. در جو دربان جيڪڏھن ويري هجي تہ پوءِ ڀلا حفاظت جي اُميد ڪنھن مان ڪجي؟ هو لوھہ ۽ بارود جا مالڪ آھن ۽ جرم ۽ سزا جا فيصلا بہ هاڻ هو لوھہ بارود جي زور تي ڪرڻ لڳا آھن. هو حفاظت جي وڏي اداري سان منسلڪ هئا. 1989ع ۾ ڪراچيءَ سميت سنڌ ۾ پکڙجندڙ بدامني کان نجات ڏيارڻ لاءِ آيا هئا. ھنن جي ذميوارين ۾ سنڌ جي سرحدن جي حفاظت ۽ سرحدن اندر ماڻھن جي پراپرٽي جي حفاظت کي شامل ڪيو ويو هو.
ملڪي سرحدن جي حفاظت لاءِ بہ ملڪي سالانہ بجيٽ جو اڌ کان مٿي حصو خرچ ٿئي ٿو پر هڪ ميڊيائي رپورٽ مطابق سنڌ جي سالانہ بجيٽ مان بہ ڪروڙين روپيا حفاظتي ادارن تي خرچ ٿين ٿا. ھنن وٽ سڀ ڪجهہ آهي. آٽوميٽڪ رائيفلز، مشين گن، سب مشين گن، پسٽل، بلٽ پروف جيڪٽس وغيرہ- پنھنجي حفاظت لاءِ بہ ۽ عوام جي حفاظت لاءِ بہ آهي. اسان ھنن کي هر آسائشون ۽ سھولتون بہ ڏنيون آھن. هو اٽي، لٽي ۽ اجهي جي فڪر کان آزاد آھن، ھنن جا پي اسڪيل بھترين ۽ رهائش گهر بہ کين مسئلن کان آجا مليل اٿن؛ ان جي باوجود بہ هو جيڪڏھن شھرن ۾ مختلف ڪاروبار ڪن ٿا تہ بہ ڪو اعتراض جي آڱر اٿارڻ جي جرئت نٿو ڪري. بدلي ۾ اسين گهرون ٿا صرف ۽ صرف جان ۽ مال جو تحفظ! بک، بيروزگاري جي باوجود زندگيءَ جي جيئڻ جي ضمانت. . . ! پر 8 جون جي ڀيانڪ ويران شام حفاظت جي سڀني نالن کي بي نقاب ڪري هڪ نئون نالو ڏيئي وئي . هو هٿيارن سان ليس هڪ ڪمزور نوجوان کي گهيري طاقت جو مظاهرو ڪري رهيا هئا.
اهي منظر ريڊ انڊين جهنگلين کان ڪجهہ مختلف نہ لڳي رهيا هئا، جيڪي پنن سان جسم ڍڪي بڙڇين سان انسان کي ماري ان جي رت جي بلي ڪنھن نہ ڪنھن ديوتا تي چاڙهيندا نظر ايندا هئا. هو انساني موت کي هڪ جشن جيان ملھائي محو رقص هوندا هئا. شايد اهي ئي طاقت جا ادارا اڄ اسان وٽ مختلف نالن، مختلف روپن سان موجود آھن جن ڏانھن آڱر کڻڻ کان بہ روڪيو ٿو وڃي. . . سرفراز شاھہ جو بيدرديءَ سان ٿيل قتل گهڻن سوالن جا جواب ڏيندو ٿو نظر اچي. عوام لکين محافظ پالڻ جي باوجود اڪيلو آهي!
سچ ڀلي تسليم نہ ڪجي پر لڪندو نہ آهي؛ هو مجرم هو يا نہ هو، هو ڦر جي واقعن ۾ ملوث هو يا نہ هو، اهي سوال اٿارڻ ضروري آھن، يا اهو سوال اٿارڻ ضروري آهي تہ آخر ڪيستائين اسين محافظن کي پاليندا رھنداسين؟ ھنن کي ڪھڙو بہ نانءُ ڏجي پر ڇا انسانن کي مارڻ جو لائسنس رکن ٿا؟ اتفاق سان شوٽ ٿيل وڊيو جي رليز ٿيڻ سان اهو ڀيانڪ قتل ميڊيا تي نظر آيو، نہ تہ مقابلي ۾ ڄاڻايل هلاڪ ٿيل انسانن جون خبرون تہ روز نظرن مان گذرنديون آھن، جن کي اسين نظرانداز ڪري ڇڏيندا آهيون. خبر نہ پوندي آهي تہ مري ويل انسان ڪھڙو نالو، ڪھڙي سڃاڻپ ٿو رکي. جڏھن بہ رياستي ادارا، ملڪي صورتحال کي سنڀالڻ کان عاجز اچي ويندا آھن تہ امن امان جي صورتحال کي برقرار رکڻ لاءِ وڌيڪ تربيت يافتہ فورسز کان مدد وٺندا آھن. ضرورت ايجاد جي ماءُ آهي. انسان پنھنجي ضرورت جي شيءِ پاڻ ئي ٺاهي وٺندو آهي. ساڳي طرح سان سماج ۾ جنھن شيءِ جي طلب وڌندي آهي ان جي رسد ۾ بہ اضافو ٿيندو آهي. ڪارخانا اها شيءِ ٺاهيندا آھن جن جي مارڪيٽ ۾ گهرج هجي، جنھن جو ڪارج هجي، بنا ڪارج جي ڪا بہ شيءِ نہ ٺاهي ويندي آهي. سوال اهو آهي تہ ان ضرورت جو تعين ڪير ٿو ڪري؟
چوري، ڦر، اغوا براءِ تاوان، ٽارگيٽ ڪلنگ، انھن جو خاتمو فورسز کي وڌائڻ آهي؟ حفاظت جي ادارن جي گهڻائي ۽ مضبوطيءَ ڇا قانون کي مضبوط ڪيو آهي؟ عوامي حفاظت کي يقيني بڻايو آهي؟ حڪومت جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ ان کان علاوہ ڪو پروگرام ڏيئي سگهي ٿي؟ يا اهو ئي آخري حل بچندو تہ ڪجهہ ڏينھن عوام احتجاج ڪندو، ادارا هلچل ۾ ايندا ميڊيا بہ ايڪٽو رھندي ۽ پوءِ انھن کي اهو چئي خاموش ڪيو ويندو تہ هاڻ چند ذميوار باصلاحيت ۽ قابل ڀروسه ماڻھن تي مشتمل ڪميٽي ٺاهي وئي آهي جيڪا اصل حقيقت کي بي نقاب ڪندي. پوءِ اها حقيقت جيڪا عوامي مفاد ۾ هوندي آهي اها سدائين لاءِ عوام جي نظرن کان اوجهل ئي رھندي آهي. بس ڪجهہ اهڙا سوال آھن جيڪي هر قتل کانپوءِ سماج کي ماريندا ٿا رھن. ڇا اهو ضروري ڪونھي تہ امن امان جي صورتحال کي پرکڻ لاءِ حفاظتي ادارن جي سياسي ڪردار تي غور ڪجي. . . ! سماج ۾ انھن جي ڪردار کي واضح ڪجي، هو طاقتور آھن حڪومت لاءِ. . . ! عوام لاءِ. . . ! پر جرم اڳيان نه. . . ! جرم انھن کان طاقتور آهي جنھن کان عوام کي بچائڻ لاءِ ھنن جون سرحدون ڇڏي شھرن ۾ رهڻ تمام ضروري بڻايو ويو آهي.
سوال آهي تہ انھن جو رعب دٻدٻو ۽ خوف ڪنھن تي آهي، عوام تي يا جرم تي؟ قابلِ احترام محافظن کان ڪجهہ پڇڻ يا انھن تي شڪ ڪرڻ کان اسان کي منع ڪيو ويو آهي، باقي عوام کان اهو سوال ضرور پڇي سگهجي ٿو تہ حفاظت جي گهيري ۾ تڙپي تڙپي پنھنجي رت جي تلاءَ ۾ ٻڏي مرڻ پسند ڪندؤ؟ ڪنھن سوسائيڊ بمبار جي ور چڙهي پنھنجي جيئري جاڳندي جسم کي ٽڪرن ۾ تبديل ڪرڻ پسند ڪندؤ؟ يا بک ۽ بيروزگاري کان تنگ ٿي پاڻ کي ڦاسي ڏيڻ پسند ڪندؤ؟
يقينن موت توهان کي، توهان جي پنھنجي مرضيءَ جو ڏنو ويندو، آخرڪار آزاد جمھوري رياست ۾ انسان ايترو تہ حق رکي ٿو جو جيئڻ نہ سھي پر موت تہ پسند جو ملي. . . !
هڪ ڪميٽي موت جي رجسٽريشن لاءِ بہ ٺاهجي، جيڪا اُميدوارن جا نالا لکي ۽ پوءِ انھن ماڻھن کي انھن علائقن ۾ موڪليو وڃي جتي کين پسند جو موت ملي سگهي.
سنڌ ۽ بلوچستان سان استحصالي رويا اڄ بنگلاديش کان مختلف ڪونہ آھن. بدامني، عدم تحفظ، غير يقيني واري صورتحال ۾ ٻرندڙ پڄرندڙ صوبا اڃا تہ منتظر آھن تہ ڪا بھتري ٿيندي پر اهو آتش فشان ڦاٽڻ کان اڳ هڪ ڪميٽي ٺاهي ڇڏجي، جيڪا ان آتش فشان کي ڦاٽڻ کان روڪي. . . ! باقي جيڪڏھن ان آتش فشان ڦاٽڻ کانپوءِ ڪا ڪميٽي ٺاهي وئي تہ اها شايد اها تپش برداشت نہ ڪري سگهي. . . !
سوال نٿا پڇون پر جيڪڏھن عوام پنھنجي هڪ ڪميٽي ٺاهي، جيڪا اهو فيصلو ڪري تہ انساني جان جي قيمت ڇا آهي؟ حفاظت جي نالي ٿيندڙ قتلن کي برداشت ڪرڻ جي آخري حد ڇا آهي؟ ڪيستائين عوام پنھنجي رت، پگهر جي پورهئي جي ڪمائي پنھنجي جان جي حفاظت تي خرچ ڪندو؟
اها جان جيڪا فولاد ۾ بند بارود اڳيان بيوس آهي. . . ! چند ٻرندڙ ٽانڊا تہ صرف انسان کي مارين ٿا پر ان جي پويان رهجي ويندڙن جون زندگيون بہ جلائي ٿا ڇڏين. . . ! ان لاءِ بہ هڪ ڪميٽي ٺاهجي.

11 جُون 2011ع