مختلف موضوع

پنھنجن جا پيغام (خط)

خطن جي هن مجموعي ۾ سنڌ جي برک اديب، محقق ۽ تاريخدان دادا سنڌي ڏانھن ٽيھن سالن دوران لکيل مختلف اديبن جا خط شامل آهن، جن ۾ هر قسم جي موضوعن يعني ادبي، سماجي ۽ ڪجهہ ذاتي نوعيت جا خط بہ شامل آهن. خطن جي هن مجموعي مان اسان کي ليکڪ جي واسطن ۽ رابطن سان گڏ ان جي زندگيءَ جي تلخ تجربن، جدوجھد، خوشين ۽ غمن جي جهلڪ پڻ نظر اچي ٿي تہ ان ليکڪ ڪيئن پنهنجي مقصد کي قائم ۽ دائم رکيو.

  • 4.5/5.0
  • 152
  • 24
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book Panhenjan Ja Paigham

حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ

آن لائين ايڊيشن: ____________________ 2025ع
ڪتاب جو نالو : ____________________ پنھنجن جا پيغام
موضوع: ____________________ خط (دادا سنڌي ڏا نھن لکيل اديبن جا خط )
مرتب : ____________________ دادا سنڌي
ڪمپوزنگ: ____________________ قاسم سنڌي
پڌرو ڪندڙ : ____________________ دادا سنڌي لئبريري داد لغاري ضلع گهوٽڪي
سافٽ ڪاپي : ____________________ مفت
رابطي لاءِ : ____________________ 03062617329

ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
sindhsalamat.com
2025ع

(هي ڪتاب ڊجيٽل ايڊيشن جي صورت ۾ محمد سليمان وساڻ، سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام ڪراچي پاران پڌرو ڪيو)

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري ليکڪ، محقق ۽ تاريخدان دادا سنڌيءَ ڏانھن لکيل مختلف اديبن جي خطن تي مشتمل ڪتاب ”پنھنجن جا پيغام“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو،
خطن جي هن مجموعي ۾ سنڌ جي برک اديب، محقق ۽ تاريخدان دادا سنڌي ڏانھن ٽيھن سالن دوران لکيل مختلف اديبن جا خط شامل آهن، جن ۾ هر قسم جي موضوعن يعني ادبي، سماجي ۽ ڪجهہ ذاتي نوعيت جا خط بہ شامل آهن. خطن جي هن مجموعي مان اسان کي ليکڪ جي واسطن ۽ رابطن سان گڏ ان جي زندگيءَ جي تلخ تجربن، جدوجھد، خوشين ۽ غمن جي جهلڪ پڻ نظر اچي ٿي تہ ان ليکڪ ڪيئن پنھنجي مقصد کي قائم ۽ دائم رکيو.
ھي ڪتاب اڃا تائين ڪنھن بہ اداري پاران ناھي ڇپايو ويو، ٿورائتا آهيون محمد قاسم سنڌيءَ جا جنھن ڪتاب ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪليو،


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

ٻہ اکر

انسان سماجي حيوان آهي. انسان جو انسان سان واسطو ۽ رابطو ان جي فطري ضرورت آهي. اهو واسطو ۽ رابطو آهي جيڪڏهن آهمون سامھون آهي تہ ان ۾ زبان ۽ ڳالھہ ٻولھہ جو استعمال ڪم اچي ٿو، پر جيڪڏهن اهو واسطو ۽ رابطو وڌيڪ مفاصلي تي آهي. ان ۾ قديم دور کان وٺي مختلف طريقا استعمال ٿيندا رهيا آهن. منھنجي خيال ۾ جڏهن زبان لکت جي صورت نہ ورتي هئي تہ ماڻھو ماڻھن جي طرفان نياپن جي ذريعي پيغام پھچائيندا هئا. پر جڏهن لکت پنھنجي صورت ورتي تہ انھن پيغامن خطن جي صورت ورتي.
خط بہ مختلف قسمن جا ٿين ٿا. جن ۾ ذاتي، دفتري، سياسي ، ادبي ۽ ٻين قسمن جا خط اچي وڃن ٿا. جيڪي ادبي ڪارج جي پس منظر ۾ لکيا وڃن ٿا، انھن کي ادبي خط چيو ويندو آهي. ادبي خط بہ سنواحي ادب ۾ تمام اهم حيثيت رکي ٿو. اڄ جي نفسانفسي جي عالم ۽ خاص طور اليڪٽرانڪ ميڊيا جي تيز رفتار ترقي جي ڪري، ٽيليفون، فيڪس، موبائل ۽ انٽرنيٽ سبب خطن لکڻ جي رجحان ۾ ڪمي اچي وئي آهي. تڏهن بہ علمي ۽ ادبي خطن جي پنھنجي اهميت آهي.
سنڌي ادب ۾ خط نويسي اسان کي انگريزن جي دور کان ملي ٿي، جيڪا ورهاڳي کان پوءِ بہ جاري رهي. انھي خطن نويسي ۾ مرزا قليچ بيگ، جي ايم سيد، ڊاڪٽر گربخشاڻي، سيد غلام مصطفى شاھہ، شيخ عبدالمجيد سنڌي، شيخ اياز، ميران محمد شاھہ، محمد امين کوسو، علامہ آءِ آءِ قاضي ، پير علي محمد راشدي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ ٻين جا خط ملن ٿا، جن جي خطن جا مجموعا بہ ملن ٿا. منھنجي نظر ۾ ورهاڱي کان پوءِ گهڻن اديبن جا خطن جا مجموعا منظر عام تي نہ اچي سگهيا آهن. انھي ڪمي کي نظر ۾ رکندي اسان پنھنجي لئبريري پاران سنڌ جي برک اديب، محقق ۽ تاريخدان دادا سنڌي جي سندس ادبي زندگي جي ٽيھن سالن ۾ لکيل خطن جو مجموعو آن لائين ايڊيشن طور پيس ڪري رهيا آهيون.
خطن جي هن مجموعي ۾ ٽيھن سالن دوران لکيل سڀ خط شامل آهن. جن ۾ هر قسم جي موضوعن يعني ادبي، سماجي ۽ ڪجهہ ذاتي نوعيت جا خط بہ شامل آهن. خطن جي هن مجموعي مان اسان کي ليکڪ جي واسطن ۽ رابطن سان گڏ ان جي زندگي جي تلخ تجربن ، جدوجھد، خوشين ۽ غمن جي جهلڪ بہ نظر اچي ٿي تہ ان ليکڪ ڪيئن پنھنجي مقصد کي قائم ۽ دائم رکيو. وڌيڪ رايو ۽ تجزيو اسان اوهان پڙهندڙن تي ڇڏيون ٿا تہ اوهان کي هي ڪتاب ڪيئن لڳو. اوهان جي قيمتي راين جو اسان کي انتظار رهندو.


قاسم سنڌي
انچارج
دادا سنڌي لئبريري داد لغاري ضلع گهوٽڪي (سنڌ)

1965

1

لائبريري سنڌي ادبي سنگت 
ميرپور بٺورو، ٺٽو ( سنڌ ) 
تاريخ – 1965 – 4 – 12 
پٿر سنڌي 
 

داداسائين 

ٻاهران اچڻ تي تنھنجو همٿ ڏياريندڙ خط مليم. لاشاري تي ڏک ڪرڻ جي ڪائي ڳالھہ نہ آهي. تاريخ ۾ اهڙا بيجوابدار ماڻھو هميشہ پڙهندا رهون ٿا. جيئن ڌاڙيل سماج جي پئداوار آهن. تئين رشيد بہ پئدا ڪيو ويو آهي. انھن کي لٽيندڙ ڪلاس جي تائيد حاصل آهي. توهان ۽ اسان جي تنظيم کي اصل ڳالھين کي سمجهڻ گهرجي. هي ويچارا ماڻھو تہ شطرنج جا ماهر آهن. اسان کي اصل هٿ ڪپڻا پوندا، نہ تہ هڪڙو مھرو ويندو ٻيو انھن جي جڳھہ ولاريندو. اها کيڏ کيڏجي رهندي مون ”ادب ڪي نام پر“ لکي گند مٿان پئي وڌي آهي. جيڪا مون غلطي ڪئي آهي. نت اهو گونھہ گونھہ ئي ٿئي ها. سچ سچ ئي رهي ها. ممڪن آهي تہ شاعر جيڪو هٿ گسڪائي ويو ۽ هينئر نئين شڪلين وارا مھرا کڻي چوڪ تي اچي ويٺو آهي. شايد اڳيئي پڪڙجي پئي ها. هن جو هر دفتر مات کائي ها. 
پيارا لائبريري بابت حڪم اکين تي آهي. اميد تہ حال سارو ٻئي ڪتاب موڪلبا. شل خوش هجين. 

تنھنجو ”پٿر“ 
ميرپور بٺورو سنڌ

2

منظور منزل دادو 
1965 – 8 – 1 

حافظ محمد احسن چنا 
جنرل سيڪريٽري 
انجمن آفتاب – ادب 
دادو

محترم و مڪرم سومرو دادا سنڌي صاحب 

اسلام عليڪم! اوهان جو ڪارڊ 6 جولاءِ 65 وارو مليو ۽ مبارڪبادي جو شڪريہ. 
نئين زندگي جي ايڊيٽر کي ٽن سالن کان شڪايتون لکندو رهان ٿو ۽ سهڻا مشورا بہ ڏيندو رهان ٿو. مگر کيس ڪوبہ اثر نہ ٿو ٿئي نہ رڳو پنھنجن مضمونن ۽ شعري جي نہ شايع ڪرڻ جي شڪايت پر ٻيو بہ ڪيتريون نصيحت آموز ۽ سندس فائدي واريون ڳالھيون ۽ مشوره ٻڌائجن پر هو اڇي ڏاڙهي ۾ ملحدن ۽ دهرين جي انگشت تي نچي رهيو آهي. ڇو تہ هنن مان ذاتي فائدو کيس رسي رهيو آهي. 
مھراڻ ۾ منھنجي ليک سان گڏ ٻين صاحبن جا ليک بہ پڙهندا هوندا. سڀني اسلامي نظريه وارن مضمون نگارن سان ٿاپيو ويٺو آهي. نئين زندگي اڳين معياري نہ رهي آهي. مان کين گهڻو سمجهائيندو آهيان. پر ٻين جي چنبي ۾ اچي ويو آهي ۽ رسالي جو وقار وڃائيندو رهي ٿو. اوهان بہ هاڻي مضمون شايع ڪرڻ جي اميد لاهي ڇڏيو ۽ شڪايتون اخبارن ۾ شايع ڪرايو تہ من بي انصافي ۽ ٻہ اکيائي ڇڏي ڏي نہ تہ جمالا ۽ سانيٽ ڪن ڪچرو ملحدن جو شايع ڪندو رهندو. جمالو تہ ٻيو دفعو ڇپيو اٿس. خدا کيس صراط مستقيم تي آڻي، پر جڏهن چوڌاري ڦٽ لعنت کڙي ٿينديس. تڏهن اک پٽيندو. 
طارق وارو مضمون مھراڻ ۾ پڙهيم. عمدو لکيو اٿئو، ۽ ٻيا بہ وقت بوقت اخبارن ۾ اوهان جا مضمون پڙهجن ٿا. خدا توهان کي صحيح علم ادب جي خدمت جي توفيق بخشي. خالد بن وليد جو ڪتاب ( سيف ﷲ ) ادبي سوسائٽي جو مون وٽ هو پر ڪنھن کي پڙهڻ لاءِ ڏنم تہ وري نہ واپس ٿيو. هجي ها تہ موڪلي ڏيان ها. اردو ۾ خالد بن وليد امير احمد بي اي جو لکيل معلوم آهي. اهو ڪٿان هٿ ڪندا. 

والسلام دعاگو ا حسن 

3
خيرپور
1965 – 10 – 2 

برادرم ادا

اسلام عليڪم! 
هن کان اڳ هڪ لفافو موڪليو اٿم. اميد تہ مليو هوندو. پنھنجي احوال کان واقف ڪندا. 
جيتري قدر اوهان کي ڏٺو ويو آهي. اوهان پنھنجي واڌو تعليم لاءِ ڪابہ دلچسپي نہ ٿا وٺو. حتى ڪه اڃان تائين انگريزي ۽ اردو جا ڪتاب بہ ڪين ورتا اٿئو. سو اوهان کي برادرانہ صلاح ٿو ڏيان تہ جيستائين اوهان پنھنجي زندگي جون جوابداريون پوريون نہ ٿا ڪريو. اوهان ادب جي لائين ۾ اڌورا آهيو. ادب جو زندگي سان گهرو تعلق آهي ۽ زندگي نالو آهي شخصي ترقي جو. جڏهن اوهان پنھنجو پاڻ کي ادنى ڪلاس جو رکندئو تہ پوءِ ٻين کي اوچي درجي تي ڪيئن پھچائي سگهندئو. پھرين پاڻ کي کڻو پوءِ ٻين کي کڻڻ جي ڪوشش ڪريو. اميد تہ هي گهڻو آهي. 

اوهان جو وڏو ڀاءُ 
قادر بخش سومرو

1966

4

قائم شدہ 1960ع
زير اهتمام : ادارہ ” گلشن ادب “
بزم گلشن آل سنڌ

اصول : اتحاد، اتفاق، محبت، اُلفت، خدمت، يقين، وندر ۽ سکيا
پريزيڊنٽ : ” اياز پاٽولي“ هيڊ آفيس : پاٽولي محله ٽنڊو محمد خان
تاريخ : 1966ع – 8 – 19 خط نمبر : 27. 3 .A G.

محب مخلص دادا سنڌي صاحب
اسلام عليڪم !
گذارش، نوازش نامو، موصول ٿيو. احوال معلوم ٿيو ، ياد آوري لاءِ شڪريو. ڪتاب ” املھہ ماڻڪ “ جي پسنديءَ ۾ همت افزائي لاءِ مھرباني. اوهان سڄڻن جا اهڙا ساٿ ۽ همدرديون ساٿي رهيون تہ پوءِ ﷲ ۾ اميد آهي تہ اسين پنھنجن رٿيل پروگرامن ۽ مقاصدن تي ترت ئي عملي جاما پھرائي ڏيکارينداسون. زندگي عمل جو ٻيو نالو آهي، هي ادارو زندگي کي عمل ۽ عمل کي زندگي تصور ڪري ٿو. اهو ئي سبب آهي جو ڪاميابي سان منزل ڏانھن وڌندو وڃي.
اسين اوهان کي بہ سچا هڏ ڏوکي ۽ همدرد تڏهن تصور ڪنداسون، جڏهن اوهين هن اداري جي وڌائڻ ۽ ويجهائڻ ۾ اسان جو هٿ ونڊائيندا. ڪو ادارو ترقي تڏهن ڪري سگهي ٿو، جڏهن ان جو لٽريچر گهڻي کان گهڻو فروخت ٿئي. بدقسمتي سان اڄ سڀڪو پنھنجي زبان ۾ نڪتل لٽريچر کان بي خبر رهي ٿو ۽ ان تي ڪابہ اک نہ ٿو پٽي. اهو ئي سبب آهي اسان جي پٺتي پوڻ جو.
اهڙي دور ۾ اوهان کي سنڌي ادارن کي همٿائي پنھنجي سنڌيت جو بھترين ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. همٿائڻ جو سڀ کان سھڻو طريقو اهو آهي. اوهين پنھنجي شھر يا جتي رهو ٿا، اتان گهڻي کان گهڻا ساليانہ خريدار بنائڻ گهرجن ۽ انھن کي پنھنجي زبان ۾ نڪتل لٽريچر کي همٿائڻ جي تلقين ڪرڻ گهرجي. اها اوهان تحريڪ هلائي تہ پوءِ اميد تہ اهڙن ادبي ادارن جو ضرور قدر ٿيندو ۽ هو وقت سر پھرين کان بھترين کان بھترين لٽريچر شايع ڪري پنھنجي زبان و ادب جي بھترين خدمت بجا آڻي سگهندا.
اوهان کي هن ادارن لاءِ جيڪا محبت ۽ دلي همدردي آهي، تنھن کي اسين وڏي قدر جي نگاھہ سان ڏسون ٿا، شال رب تعالى سدائين اوهان ۾ اهڙو ولولو ۽ جوش جاري رکي.
اسانجو ” خطبہ استقباليہ “ اوهان کي برابر وڏو ڪم ڏئي سگهندو، ادارو گلشن ادب ڪڏهن قائم ٿيو ۽ ان جي طرفان جاري ڪيل بزم گلشن جو ڪڏهن پايو پيو ، اهو باقاعدہ وضاحت ڪري سمجهايو ويو آهي، ڪوبہ شاعر يا اديب پنھنجو پاڻ تعارف نہ ڪرائيندو آهي. مگر ٻيو ان جو تعارف ڪرائيندو آهي، اهڙي نموني مان اوهان کي پنھنجي زندگي جا چند ورق لکي موڪليان ٿو، هاڻي اوهين ان کي وڌيڪ سوڀيا ڏئي متعارف ڪرايو.
نالو محمد هاشم تخلص اياز ذات پاٽولي ولد جو نالو عبدﷲ پاٽولي اباڻو ڌنڌو ريشم فروش.
زندگي جي 26 بھارن جا گل چونڊي چڪو آهيان ،ننڍپڻ کان ئي آزاد خيال جو قائل رهيو آهيان ۽ جيڪي خيال ۾ آيو ڪري ڇڏيندو آهيان، پوءِ مان نفعو چاهي نقصان ٿئي، هر ڪم پنھنجي سر تي وسائيندو آهيان ۽ پنھنجي مدد پاڻ ڪريو جي اصول کي سرچشم رکندو آهيان، ڪنھن جي غرض يا ڪاڻ ڪڍڻ جي ڏينھن ڄڻ ڄائو ڪين آهيان، سست ۽ ڪاهل ماڻھو جي مون وٽ ڪابہ اهميت نہ آهي، چست ۽ باهمت ماڻھو جي مون وٽ وڏي عزت آهي.
پنھنجي زندگي کي وڏي اهميت واري زندگي ادب جي ڪري سمجهان ٿو، سچ پچ پنھنجي زندگي صحيح زندگي ادبي ميدان ۾ اچڻ کان پوءِ ثابت ٿي، تنھنڪري هر ادب زوق کي وڏي قدر جي نگاھہ سان ڏسندو آهيان.
ننڍپڻ کان وٺي ٻارڙن تي ڏاڍي دل هوندي اٿم، ڪو ننڍڙو ٻارڙو ڏسندو آهيان. ان کي چڪن، چمين ڏيڻ ۽ پيار ڪرڻ ۾ لڳي ويندو آهيان. اهو ئي سبب آهي جو مان ٻارڙن تي لکڻ وڌيڪ پسند ڪريان ٿو، ڇو تہ اڄ جو ٻار سڀاڻ جو ابو آهي، ان کي زندگي جي تمام تر اصولن کان آگاھہ ڪرڻ، اسان جو اخلاقي فرض آهي.
ادارہ گلشن ادب، هڪ ٻار سان محبت جو حقيقي اهڃاڻ آهي. ان کان اڳ 1955ع ۾ ” ٻارن جي محفل “ جو بنياد وڌم، جنھن جو پريزيڊنٽ ٿي رهيس، جا 1957ع تائين قائم رهي سگهي، ان بعد 1957ع ۾ ” گلشن ادب “ جو بنياد وڌم، جنھن تحت ڪتابي سلسلو شروع ڪيو ويو. سال 1960ع ۾ مزڪوره ادارہ جي سٿ هيٺ ” بزم گلشن ادب “ جو مالڪ ۽ ” بزم گلشن آل سنڌ“ جو صدر پاڻ آهيان، هر ڪنھن ادبي تحريڪ ۾ وڏي دلچسپي سان حصو وٺندو آهيان، بندہ عمر خان جي ٻين ادبي ادارن ۾ بہ سرگرم ڪارڪن جي حيثيت سان ادبي خدمتون بجا آنديون اٿم. سئو کن افسانہ نظم مضمون وغيرہ شايع ٿيل اٿم. 40 ڪتاب مرتب ڪيل اٿم ۽ 20 ڪتابن جو مصنف آهيان. همت ۽ استقلال ۽ هٿيار بنايو اٿم، تنھن ڪري پنھنجي منزل ڏانھن تيزي سان وک وڌائيندو وڃان.
ٻاراڻن نظمن جو ننڍڙو بياض ” ٻوليون “ زير قلم اٿم جو اميد تہ ترت چپائيندس. جنھن ۾ خاص ٻارڙن لاءِ بلبل جي ٻولين جيان مٺڙا نظم لکيا اٿم.
ادا هي اٿئو اسان جي زندگي جو خونچو جيڪو بيان ڪيو اٿم. اوهان کي اهو ٻڌي ڏاڍي خوشي ٿيندي تہ ادارہ طرفان عنقريب ٻارن لاءِ ڊائجسٽ سيريز شروع ڪئي پئي وڃي. تنھن ڪري اوهان کي گهرجي تہ پنھنجا بھتر شاهڪار هينئر کان موڪلڻ شروع ڪري ڏيو. ٻيو ڪم ڪار هجي ڄاڻائيندا.

وسلام

اوهان جو ادا
اياز پاٽولي
ادارہ گلشن ادب ٽنڊو محمد خان

1967

5

ٻيرڙي
1967ع – 2 – 12
دادا سنڌي
ڀاءُ تنھنجا سلام شير محمد لکڻ ڏنا. مھرباني. مون کي اڄ خبر پئي آهي تہ تون ٽريننگ اسڪول سکر ۾ آهين، تنھن ڪري ئي هي چٺڙي لکي رهيو آهيان. مون کي خبر آهي تہ سکر اسڪول ۾ ڏاڍي آزادي آهي. تنھن ڪري هڪ دفعي هتان ٿي وڃ. ٻيو سڀ خير آهي.

امير بخاري

6

ٻيرڙي
1967 – 3 – 6

اسلام عليڪم!
خط ۽ ڪتاب ٻہ پياريون سوکڙيون مليون. لک ٿورا، لک احسان. اميد تہ آئيندہ بہ ائين احسان ڪندا رهندا. اوهان جي خط مون کي سجاڳ ڪيو آهي. انشاءَ ﷲ سنھو يا ٿلھو ، ٿورو يا گهڻو لکبو رهبو. گهڻو ڪري اڱاري يا اربع تي اوهان جي خدمت ۾ پھچي ويندس. وڌيڪ روح رهاڻيون روبرو ڪبيون. في الحال هي ٻہ چار اکر عبدالرزاق جي هٿان موڪلي رهيو آهيان. اميد تہ خوش خورم هوندا.

والسلام

فقط امير بخاري

7

Sarwari Islmia College of Science and Arts Hala
هالا
مارچ 26 ، 1967ع

سدا سلامت
مڪرمي جناب ” دادا سنڌي “ صاحب ميرپوري
اسلام علڪم رحمت ﷲ و برڪات

اوهان جو گرامي نامون مليو.. آءُ اوهان جو نھايت ٿورائتو آهيان. جو اوهان ايڏي حب، سڪ ۽ خلوص سان سنڌي زبان ۽ ادب جي خدمت جي لاءِ منھنجي مدد ڪرڻ جو عزم ڪيو آهي.
سنڌي نالن گڏ ڪرڻ مان مقصد آهي تہ سنڌي نالن جي رواج ۾ اچڻ جو سبب، انھن جي لغوي معنى وغيرہ جي مدد سان سنڌي زبان ۽ سنڌي ثقافت جي تاريخ مرتب ڪئي وڃي.
توهان جي سڪ ۽ شوق جو جذبو قابل صد ستائش آهي. اميد تہ آئنده پڻ پنھنجي گرانقدر تحقيق کان مستفيض فرمائيندا رهندا.
اميد تہ اوهين خيريت سان هوندا .

والسلام

نيازمند سليم هالائي

8

Dildar Ahmed S “ Adeeb” Amroti
B.A . Hons (Eco:)
M.A ( Eco) , ( L.L.B.)
President, BAZM – I – ADAB NEW AMROT
Via: Ruk ( P.W.R) Distt: Sukkur
بزم ادب نئون امروٽ

4 جولاءِ 1967ع

محترم دادا سنڌي!

اسلام عليڪم !

عرض تہ اوهان جو نوازش نامو بتاريخ 28 – 4 – 1967 اٽڪل ٻن مھينن کان وڌيڪ عرصي بعد ڪالھہ ٻِين ڪتابن سميت پھتو. سھڻي جو تہ ڏينھن هڪ مطالعو ڪيو ويو. باقي ” آڏي ڍال م ڍار “ رکيو آهي. سھڻي سلسلو ادب ۾ چڱي ڪوشش آهي. بلڪ بھترين. ڪاش اسان غريبن وٽ ايترو پئسو هجي جو سنڌي ادب سان متعلق سڀئي شيون ڏسي سگهون. بھرحال اوهانجو احسان پنھنجي جاءِ تي قائم آهي.
اسان جي ادبي سرگرمين جي اوهان تعريف ڪئي آهي. تنھن لاءِ خاص طرح شڪريہ! اسان مڙيئي دوستن جي دل وندرائي رهيا آهيون. درحقيقت اها اوهان جي پنھنجي ڪوشش آهي. جن مان اڪثر منھنجا پنھنجا شاگرد ۽ عزيز آهن. مون سوچيو تہ بزم ادب برپا ڪري پاڻ صرف مبصر ۽ خيرخواھہ جي حيثيت ۾ ٻاهر رهان، پر هنن نہ ڇڏيو ۽ هي ٽيون سال آهي جو بنا مقابلي مون کي ئي صدر چونڊيندا اچن. مان بہ انھن جو آهيان ۽ اهي منھنجا آهن.
سنڌي اسان کي ڏاڍي پياري آهي . اهو اسان جو سنڌي سان هڪ ادنى قسم جو پيار آهي. باقي خدمت سو دور جو خيال آهي. اسان جا مالي وسائل نازڪ حد تائين محدود آهن. پئسو هجي تہ اسين شاھہ رح جي رسالي جوتاج محل سنڌ ۾ اڏي ڏيکاريون. تنھن ڪري ئي اوهان جو زرين خيال تہ گڏجاڻين ۾ پڙهيل شين کي ڪتاب صورت ڏيون، پس پشت وڌل آهي. هونءَ اها ڳالھہ اسان جي پنھنجي ڌيان تي ضرور آهي.
اوهان اسان جي سنگت کي ڏسڻ گهرو ٿا تہ مھرباني. هن مھيني جي 9 تاريخ ” واره برانچ“ نالي نھر تي بزم ادب جو ستاويھون ماهيانو اجلاس منعقد ٿي رهيو آهي. جنھن کي اسان ” نھري مشاعرو“ سڏينداسون. ٻہ مصرع هن طرح مليل آهن.
( 1 ) پوک پيداوار کي هاري وڌائيندا هلو
(2 ) زندگي تنھن جي ڪري ڇا ڇا نٿو ڪرڻو پوي
محفل موسيقي بہ ٻھراڙي آهر ٿيندي. نثار بزمي سان بہ توهان هت ملي سگهندا. نثار بزمي جي تعارف لاءِ هيترو چوڻ مان پسند ڪندس تہ بزمي صاحب هڪ سٺو شاعر آهي. هو پئدائشي شاعر آهي. سندس والھانہ ۽ مسلسل ذوق شاعري ئي آهي. جنھن کيس چوپڙي باز شاعري کان مٿي ڪڍي ادبي شاعري تي آندو آهي. سندس شاعري ۾ ديھاتي رومانويت اوهان کي گهڻي نظر ايندي. هن کي سماجي شعور بہ آهي. تنھن ڪري چڱيون ادبي شيون تخليق ڪري سگهي ٿو. مون کي هن صاحب لاءِ عزت هوندي آهي ۽ هن کي منھنجي لاءِ پيار ۽ اسان جي ادبي ڳالھين سان دلچسپي هوندي آهي. 9 تاريخ اچو تہ رات سکر ۾ رهندا سين ۽ صبح جو رُڪ اسٽيشن جي ٽڪيٽ وٺي اڍائي بجي صبح واري گاڏي ۾ سکر کان چڙهندا رُڪ کان واره ڏي هڪ ميل پنڌ ڪندا تہ اسان جو نھري مشاعرو اوهان کي نظر ايندو. ضرور ايندا . اميد تہ خوش هوندا. دوستن کي سلام .

اديب امروٽي

9

خيرپور ناٿن شاھہ
7 آڪٽوبر 1967ع

” آثم“ ناٿن شاهي
سيڪريٽري ادارہ ” فلاح و بھبود “ خيرپور ناٿن شاھہ
ضلع دادو ( سنڌ )

ادل!
اسلام عليڪم!

اوهان جو پھريون ڀيرو لکيل خط. ها، منھنجي سڀ کان وڌيڪ فراخ دل مداح جو پھريون خط مليو. انھي لاءِ مھرباني! اوهان بہ سچ لکيو آهي ۽ مان بہ سچ ٿو چوان تہ ايتري تعريف منھنجي اڳ ڪنھن بہ نہ ڪئي آهي. دٻيل دٻيل لفظن ۾ تہ هر هڪ باشعور ماڻھو منھنجي شاعريءَ کي مڃيو آهي. پرائين دل کولي داد ڪنھن بہ نہ ڏنو آهي، جيئن اوهان ڏنو آهي. انھيءَ جو سبب شايد اهو تعصب ۽ اڻ سھائپ وارو جذبو آهي، جيڪو انسان جي وجود ۾ ازل کان ديرو ڄمايو ويٺو آهي.
ڪو مڃي نہ مڃي پر مون کي پنھنجي شاعري تي پورو پور ڀروسو ۽ يقين آهي، ڇو تہ مون ڪڏهن بہ شاعريءَ واري جذبي کي قلم جو محتاج نہ بنايو آهي، بلڪہ منھنجو قلم هميشہ انھيءَ جذبي جو محتاج رهيو آهي. مون پنھنجي مرضيءَ سان جڏهن بہ شاعريءَ جي ديويءَ کي سڏيو آهي، تڏهن هوءَ هزارين ناز ۽ نخرا ڪري نٺائي ويندي رهي آهي ۽ جڏهن هو سڏيندي آهي تہ مان اگهور ننڊ مان جاڳي بہ ڀنل اکين، سُڪل نڙي ۽ ٿڙڪندڙ لڱن سان هنجي آجيان ڪندو آهيان. اهو ئي سبب آهي جو مان مھينن جا مھينا لفظ بہ لکي نہ سگهندو آهيان. واقعي منھنجو هڪ هڪ شعر منھنجي ڪنھن نہ ڪنھن تجربي ۽ مشاهدي جو نچوڙ آهي. جيتري قدر سچائيءَ جي تقاضا آهي تہ مان وڏي واڪي چوندس تہ منھنجي شاعريءَ ۾ ڪابہ فرضي ڳالھہ ائين هوندي جيئن اَٽي ۾ وار.
اهڙي حالت ۾ هڪ سخن فھم ماڻھو جي واتان تعريف جا ٻہ جملا ٻڌي ” غلط مطلب “ ڪڍڻ جو ڪو سوال ئي ڪونہ ٿو پيدا ٿئي. مون کي هتي هڪ اردو شاعر جو هڪ شعر ياد آيو آهي. جنھن جو مرڪزي خيال ڪجهہ هن نموني آهي. ” نادان جو داد ڏيڻ ۽ سخن فھم جي خاموشي اختيار ڪرڻ وڏو ظلم آهي.“ انھيءَ جي معنى اها نہ آهي تہ مونکان وڌيڪ ٻيو ڪوبہ نہ آهي. مون کان وڌيڪ ٻيا بہ شاعر ٿي سگهن ٿا. پر انھن جي راھہ پنھنجي آهي ۽ منھنجي پنھنجي، هو پنھنجي راھہ جا ڪامياب راهي آهن تہ مان بہ پنھنجي منزل جو اڻٿڪ پانڌي آهيان. بھرحال مان اوهانجي سخن فھمي جو ٿورائتو آهيان.
لئبريري قائم ڪرڻ تي ” محسن صاحب “ ، مان ۽ اسان جا سڀ دوست اوهان کي مبارڪون چون ٿا. في الحال اٺ کن ڪتاب رجسٽرڊ ڪري موڪليان پيو، پھچ جا ٻہ اکر جلد موڪليندا. اهو ٻڌائيندا تہ اوهان وٽ ” مڪتبہ فروغ ادب ڪراچي “ جا مسرور ڪيفي جي ترتيب هيٺ نڪتل ڪھڙا ڪتاب موجود آهن ۽ هن وقت تائين لئبريري ۾ ڪل ڪيترا ڪتاب گڏ ٿي چڪا آهن. زياده سڪ ۽ سلام! جناب محسن صاحب ۽ ٻين دوستن جا قبول ڪندا.

اوهان جو
آثم ناٿن شاهي

10

خيرپور ناٿن شاھہ
1967ع – 11 – 12

درست آ تہ اڳي کان گهڻو بلند آهيون،
مگر اوهان جا اُهيئي نياز مند آهيون ( وفا )

پيارا ڀاءُ
اسلام عليڪم!

احوال تہ اوهان جو خط جنھن ۾ دادا لئبريري لاءِ ڪتابن جي گهُر ڪئي وئي آهي. ڪافي ڏينھن کان پھتل آهي، ايترو وقت جواب نہ ڏيڻ جو سبب ڪي ذهني الجنون هيون. تاهم مان معافي لاءِ عرض ڪيان ٿو، اميد تہ اگهائي ويندو. ڪتابن جي باري ۾ مان رڳو ايترو عرض ڪندس تہ مان محسن صاحب ۽ آثم مڙيئي ساڳئي ڳالھہ آهيون، اسان جو ادارو بہ هڪ ، لائبريري بہ هڪ ۽ بزم بہ هڪ آهي. تنھن کان سواءِ محسن صاحب منھنجو ۽ آثم جو شاعريءَ ۾ استاد آهي. هاڻي توهان ئي ٻڌايو تہ اسان ٽنھن جي جدائي جو ڪو پھلو نڪري ٿو؟ حال آهر آثم صاحب اوهان کي ڪتاب موڪلي ڇڏيا آهن، مان بہ ڪوشش ڪندس جي ڪو ڪتاب هٿ لڳي ويو تہ اکين سان موڪليندس. دل ۾ نہ ڪندا. مان ڏاڍو سادو ماڻھو آهيان، سچ چوڻ ۾ اٽڪ نہ ڪندو آهيان ۽ اهو منھنجو ايمان آهي. لفافي بازي ۽ سعده بازي کان متنفر آهيان، هفتو سوا ٿئي آثم صاحب اوهان کي هڪ خط لکيو آهي، ان ۾ بہ ساڳيو ذڪر ڪيو ويو آهي، جيڪو مون پنھنجي خط ۾ ڪيو آهي. ناٿن شاهي جي تعريف ۾ جيڪو ڪجهہ لکيو آهي، ان لاءِ ٿورائتو آهيان، اوهان جي همت، صداقت ۽ انصاف کي شاباس آهي. جيترو اوهان ناٿن شاهي تي لکيو آهي، شايد ناٿن شاهي پاڻ تي ايترو نہ لکي سگهي. هن ڪينہ پرور، بزدل، ڪافر ۽ بي حس دور ۾ ڪير ٿو ڪنھن تي ايترو لکي. هر ڪنھن کي پنھنجي لڳل آهي. اڄ ڪلھہ جيڪو ڪنھن تي لکيو يا لکايو وڃي ٿو. اهو يا تہ ” مايا ديوي“ جو ڪرشمو هوندو آهي يا گروھہ پرستي يا چمچه بازيءَ جي کاٻي هٿ جو ڪمال پنھنجي گروھہ کان سواءِ ڪنھن ٻئي جي تخليق جي تعريف اڄ ڪلھہ هڪ ناقابل بخشش خطا ليکجي ٿي.
هونءَ اوهان ڏسندا تہ چئني پاسن کان ان الحق جا نعرا پيا لڳن ۽ منصور ۽ شمس ٿيڻ جون داعوائون پيون ڪيون وڃن. صليب تي چڙهڻ ۽ سوري تي لُڏڻ جون صدائون پيون ڪيون وڃن. پر اندر دانگي کان وڌيڪ ڪارو، نس نس ۾ شعبہ بازي، خون سفيد، دل ۽ جگر ٺڪر، ذهن ۽ دماغ ڏينڀن جو مانارو. اهڙي قسم جي ٻھروپيه فنڪارن کي مان انھن غدارن کان وڌيڪ بدتر ٿو سمجهان، جيڪي اندر جا غدار آهن ۽ ٻاهر جابه. وڌيڪ ڪنھن ٻي دفعي. مناسب سمجهيو تہ خط جو جواب ڏيندا، مان انتظار ڪندس.

توهان جو ٻيلي
وفا ناٿن شاهي

11

1967 – 11 – 29

ادا

تنھنجو 13 نومبر 1967ع وارو لکيل خط 16 نومبر تي مليوهو. پر اسان وٽ 26 کان 29 تاريخ تائين ميلو لڳڻو هو، تنھن ڪر ي هر هڪ ڌنڌي ۾ تکائي اچي وئي هئي. مان جنھن رائيس مل تي ملازم آهيان، انھي جي ڪاروبار ۾ اضافي سبب ڏاڍو سوگهو ٿي ويو هوس، تنھنڪري 16 کان 26 نومبر تائين ڪوبہ جواب توکي موڪلي نہ سگهيس ۽ 26 کان 29 نومبر جي ڏينھن تائين جواب ڏيڻ جو ڪو سوال ئي ڪونہ ٿي پيدا ٿيو. ميلو شروع ٿي چڪو هو، مھمان اچي سھيڙيا هوا، جيتوڻيڪ ميلي جي مورن وانگي ميلو ڪونہ پئي گهميم، پر تڏهن بہ مھمانن جي اُٿ ويٺي ۽ وري اديب دوستن جي اديبانہ ڪچھرين جو ڄمڻ، اهي سڀ اهڙيون ڳالھيون هيون، جن جواب ڏيڻ کان روڪي رکيو هو. مھمانن ۾ آصف مصراڻي، محسن ڪڪڙائي ۽ مولانا افضل پوري جا نالا ٻڌائڻ جوڳا آهن. اڄ 29 نومبر تي شام جو وفا وٽ تنھنجو خط ڏٺم، جنھن ۾مون کي جواب جي يادگيري ڏيارڻ لاءِ ڪجهہ کليل هو. جواب تہ مون کي ڏيڻو هو سو ميلي جي گيھہ پيھہ کان ڇٽندي ئي توکي ڏيان ها، پر وفا واري خط بہ چڱو ئي ڪم ڪيو. ساڳي 29 تاريخ رات جو توکي خط ويٺو لکان، ٻاهر برسات پئجي رهي آهي، مان اندر ويٺو آهيان. هي سياري جي رات ۽ مٿان برسات خبر ناهي تہ منھنجي شھر ۾ ڪير ڀنا ۽ ڪير بچيا.
تو خط ۾ ڪجهہ سوال پڇيا آهن. مان ڀانيان ٿو تہ هن کان اڳ پنھنجن خطن ۾ توکي انھن سوالن جا جواب ازخود ئي ڏئي چڪو آهيان، پر جي پُڇين تہ وري بہ ٿورڙن لفظن ۾ جواب موڪليان ٿو.
1. شاعري مان ڪندو نہ آهيان، بلڪ ٿي ويندي آهي. ٿي وڃڻ کان پوءِ مونکي فقط سڪون قلب حاصل ٿيندو آهي ۽ بس. مون کي سدائين اهو اونو رهيو آهي تہ منھنجي شاعري اهڙي بادل مثل هجڻ گهرجي، جيڪو وسي تہ نہ رڳو سمنڊن تي وسي پر ڊوڙي ڊوڙي وڃي ويرانين ۽ پٽن تي بہ وسي. جنھن ۾ اهڙي قسم جي خوشبوءِ هجي جيڪا نہ رڳو محلن ۾ محفوظ هجي پر جهوپڙين ۾ بہ موجود هجي. ڀانيان ٿو تہ تنھنجي ” ڇو“ ۽ ” ڇالاءِ “ جو جواب هن پيرا ۾ پورو پورو اچي ويو آهي.
2. شعر لکڻ وقت پنو ۽ پينسل ضرور کڻندو آهيان، پر لفظن جو ڳاھہ ڪونہ ڳائيندو آهيان، سٽون ذهن ئي ذهن ۾ اچي وينديون آهن ۽ پوءِ انھن کي پني تي لکندو آهيان، يا ائين بہ ٿيندو آهي تہ رات جو ڪائي شيءَ ذهن ۾ تخليق وٺي ڇڏيندي آهي ۽ صبح جو ان کي پني تي اُتاري ڇڏيندو آهيان.
3. عشقيہ شعر لکڻ وقت ، هر انھيءَ شخصيت جو مون تي اثر هوندو آهي، جيڪا مون کي موهي چُڪي هوندي آهي يا ڪو درد بخشي ويندي آهي. منھنجو هر هڪ لفظ هن جي هرهڪ ادا ۽ منھنجي هر هڪ سٽ هن جي هر هڪ جنبش جو اسڪيچ هوندي آهي. منھنجا شعر خيالي ۽ فرضي داستانن کان اڪثر آجا هوندا آهن.
4. سچ تہ اهو آهي تہ مون اڃان تائين ڪنھن بہ شاعر جو اثر هميشہ لاءِ قبول نہ ڪيو آهي. جو انجي تقليد پاڻ تي فرض سمجهان. تنھن هوندي بہ سنڌي شاعرن مان شاھہ جي شاعريءَ کان متاثر آهيان ۽ اياز ۽ تنوير، ذوالفقار، محسن ڪڪڙائي ۽ تاج بلوچ جي شاعري وڻندي اٿم ۽ اردو شاعرن مان ساحر لڌيانوي، فيض احمد فيض، جوش مليح آبادي ۽ قتيل شفائي منھنجي پسند جا شاعر آهن. انھن سڀني سنڌي ۽ اردو شاعرن مان اياز ۽ ساحر لُڌيانوي مون وٽ بلند درجو رکن ٿا.
5. سنڌي کان پوءِ اردو ادب جو مطالعو ڪيو اٿم.
6. شاعري تيرهن چوڏهن سالن جي عمر کان ڪندو رهيو آهيان. عمر ٽيھارو کن اٿم.
7. 1962ع کان محسن ڪڪڙائي وٽان بحر و وزن جي معلومات حاصل ڪيم ۽ اڃا تائين محسن صاحب سان مشورہ سخن ٿيندو رهندو آهي. ڀاءُ اهي اٿئي تنھنجي سوالن جا جواب، پر اهو تہ ٻڌائي تہ تون اهي سوال مون پُڇين ڇو ٿو؟
افسوس جو ديوان مخلص، ديوان نظامي ۽ ديوان بلبل ٽنھي ڪتابن مان مون وٽ هڪ بہ نہ آهي، تنھنڪري معلوم نہ اٿم تہ ڪھڙي ادارہ وٽان ملي سگهندا. سنڌي ادبي بورڊ جي تہ پڪ اٿم تہ انھي وٽ اهي ڪتاب ڪونہ آهن. ڇو تہ بورڊ جو پورو سيٽ مون وٽ موجود آهي. باقي آرايڇ برادرس حيدرآباد کان پڇا ڪري ڏس تہ ڇا ٿا چون. ناٿن شاهي ڀائر تنھنجي ادبي انصاف جا قائل آهن ۽ ان کي ڪابہ خوشامد يا ٻيو ڪجهہ تصور ڪرڻ لاءِ تيار نہ آهن. تون خيريت سان آهين؟ ڪو ڪم ڪار هجي تہ حاضر آهيان. خط صبح جو پوسٽ ڪندو سانءِ. جواب جلد موڪلجان.
هڪ ڳالھہ ياد آئي روح رهاڻ جي تازي پرچي ۾ تنھنجي وائي ۽ ڪھاڻي پڙهيون اٿم. چڱيون شيون آهن. سڄي سنگ سلام چئي ٿي.

تنھنجو آثم

12

حافظ محمد احسن چنا
ناظم اعلى
انجمن آفتاب ادب ( داد و )
منظور منزل، دادو
1967- 12 – 11

منھنجي مداين جي ڪل پريان پيئي
ڪڏهن ڪوسا نہ ٿيا ڏوراپو ڏيئي
ساجن سڀيئي ڍڪيم ڍول ڍلايون ( شاھہ رح )

محترم و مڪرم دادا سنڌي صاحب

اسلام عليڪم!

اوهان جو لفافو بوڪ پوسٽ ٿيل پھتو. وڏي مھرباني. يادگيري ڪرڻ ۽ حسن ظن رکڻ جو شڪريہ.
هٿ سان خط لکيل بوڪ پوسٽ نہ ڪبو آهي. فقط ڇپيل ڪاغذ بوڪ پوسٽ ٿي سگهندو آهي. اوهان صاحب لائبريري برپا ڪئي آهي، ان لاءِ مبارڪ. اوهان جا مضامين اخبارن ۾ پڙهيا آهن. ڏاڍا وڻندا آهن. ڇو تہ اسلامي نظريہ جا هوندا آهن. جديد ادب وارا تہ هاڻي گند ٿا ڪن. اسلام کان پري ٿي ويا آهن. اوهان کي منھنجا مضامين وڻيا آهن. انھي لاءِ نھايت خوشي ٿي. جمع ٽي ڪتاب ڇپيل آهن. ڪن جا چار چار ايڊيشن ۽ ڪن جا ست ايڊيشن بہ شايع ٿيا آهن. مگر هن وقت ناياب آهن. ٻہ ٽي ڪتاب جون ڪاپيون ۽ ٻيا بہ لائبريري ۾ وڌيڪ ڪتاب گڏ ڪري لائبريري لاءِ جلد موڪليندس. في الحال حضرت بابرڪت سجاده نشين آغا سرهندي صاحب گهرايو آهي، جو پاڻ ڪي ڪتاب سنڌي ۾ تصنيف ڪيا اٿن، اهي اصلاح ۽ تصليح ڪرڻا آهن. آگسٽ 67ع ۾ ڪوئيٽا گهرايو هيائون، اتي 3 هفتا هي ڪتاب اصلاح ڪري آيو هوس، جي پاڻ پسند ڪيائون. هاڻي ڪجهہ ٻيا ڪتاب بہ لکيا اٿس. ان ڪري وري گهرايو اٿس، جو اتي ٻہ ٽي هفتا رهي ڪتاب اصلاح ڪندس. انشاءَ ﷲ 15 ڏينھن اوڏانھن ويندس. اتان واپس اچڻ تي جيڪي ڪتاب پنھنجا يا پراوا دستياب ٿي سگهيا لائبريري لاءِ موڪليندس، خاطري ڪندا.
بلبل ، مخلص، نجفي، سانگي جا ديوان هينئر ڪٿان نہ ٿا ملن. مون وٽان بہ گم ٿي ويا. بلبل جا ٻہ لکيل ڪتاب ناياب آهن. باقي ديوان واصف آر ايڇ احمد بوڪ ڊپو، شاهي بازار حيدرآباد کان ملندو. بياض نظامي بہ ڪراچي مان ساجد سرشاري جي معرفت ملندا.
اوهين مضامين مقالا لکندا رهو. اها هڪ قومي خدمت آهي. اوهان پنھنجو تعارف بہ پورو ڪرايو تہ بھتر ٿيندو، فقط دادا سنڌي مان اوهان جو تعارف پورو نہ ٿو ٿئي. اميد تہ خوش هوندا. سلام سڀني دوستن کي.

والسلام

دعاگو
حافظ محمد احسن چنا دادو

1968

13
سکر
1968 – 1 – 15

سائين دادا سنڌي

سدائين سرها رهو!

جيئي ماتر ڀومي. عرض تہ توهان جو پريت ڀريو پتہ مليو. سڄڻن جي ذهني پيڙا جي پڻ پرک ٿي.
سائين جيون ۾ اهي ئي تہ ڳالھيون آهن. جيڪي جيون کي يا تہ بلڪل مايوس ڪريو ڇڏين يا وري وڙهڻ لاءِ اڀارين.

جيون جا هي ڪيڏا ڪيڏا
سور سٺا سون پيارا

خير انھن ڳالھين جي گهڻي پچار، انسان کي ڪڏهن ڪڏهن پنھنجي مقصد کان هٽايو ڇڏي. ليڪن وقتي طور تي انسان ڪڏهن بہ پنھنجي مقصد کان ڪين هٽندو آهي. ماڻھن جي ذهني ارتقا لاءِ ماڻھو جي ذهن کي تمام گهڻين ڏکين مرحلن مان گذرڻو پوندو آهي. ڪن ڪن ماڻھن کي اسان پاڻ ذهني پيڙا ۾ مبتلا ڪندا آهيون. ها انھن کان ڪافي غلطيون ٿينديون آهن. ليڪن انھن جي سچائي ۽ خلوص ساڳيا هوندا آهن ۽ پوءِ بہ اسين ان شخص جي ذهنيت ۽ نفسيات کي سمجهڻ بجاءِ، سندس نيتن تي شڪ ڪندا آهيون ۽ اهڙي طرح ڪافي پيارا ۽ مٺڙا ساٿي راھہ کان الڳ ڪندا آهيون.
جڏهن اُهي ساٿي انھي رويي تي وڦلندا آهن يا احتجاج ڪندا آهن تہ اسان جا ساٿي ان کي ڪريڪ يا ڪنھن ٻئي لقب سان نوازيندا آهن. اهو بلڪل سچ آهي تہ شخصيتون تاريخ نہ ٺاهينديون آهن. پر پوءِ بہ ڪن شخصيتن جي هيڏي هوڏي ٿيڻ سان ماحول ۾ تمام وڏو ڦيرو ايندو آهي ۽ اهڙي طرح تاريخ ڪي نوان شخص ٺاهيندي آهي يا اهم شخص ڊاهيندي آهي. اهو ڦيرو ان وقت جي گهرج مطابق هوندو آهي. اهو چڪر سمجهڻ اسان لاءِ تمام سخت ضروري آهي. جيئن ڪنھن بہ اديب، شاعر يا ڪارڪن جي باري ۾ غلط راءِ قائم نہ ڪري سگهجي. جيئن ناز سنائي ، راشد ۽ تاج لاءِ رايا قائم ڪيا ويا آهن. حالانڪ اهو سندس ڀُل آهي. زياد سک آهن.

اوهان جو

نعيم احمد ناز

14

رتو ديرو
1968 – 11 – 4

جاني

آثم صاحب کي لکيل، توهان جي تازي خط ۾، پنھنجي باري ۾ لکيل چند سٽن، مون کي خط لکڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي. پر مان خط و ڪتابت جو سلسلو وري اتان کان شروع ڪيان ٿو، جتان ڇڏيو هوم. تنھن ڪري توهان جي 67 – 11 – 17 تي لکيل خط جو جواب 68 – 11 – 4 تي ڏيئو رهيو آهيان. اهڙو مثال توهان کي سنڌي خط و ڪتابت جي تاريخ ۾ مشڪل ملندو. جو خط لکيو ويو هجي. 67 – 11 – 17 تي ۽ ان جو جواب ڏنو ويو هجي. 68 – 11 – 4 تي. بھرحال جواب حاضر آهي، ملاحظ فرمايو.
پنھنجي خط ۾ توهان جيڪو جملو لکيو آهي تہ ” قربدار! اها بک ۽ پيٽ تہ آهي، جيڪو انسان کي انسان جو غلام بنائي ٿو.“ اوهان روپئي جا ويھہ آنا سچ چيو آهي. بک ۽ پيٽ ۽ غلامي جي باري ۾ لکيل منھنجا ٻہ شعر مطالع ۽ ملاحظہ فرمايو،

بک ۽ پيٽ
هڻون ڪنھن کي ٿڏا، ڪنھن کي هٽايون
وفا! رستي جو پٿر پيٽ آهي
غلامي
ڳجهن، ڪانون، ڪتن جي بادشاهي
غلامي گندگيءَ جو ڍير آهي

پنھنجي خط جي آخر ۾ مون کان ، اوهان ڪي ادبي سوال پُڇيا آهن. جن جا وس آهر جواب ڏيان ٿو.
اوهان جا سوال هيءَ آهن.
1. اوهان شاعري ڇو ڪندا آهيو؟
2. اوهان تي ڪھڙن شاعرن جو اثر آهي؟
3. عشقيہ شعر لکڻ مان اوهان جي ڇا مراد آهي؟
4. سماجي شاعري کي، عشقيہ شاعريءَ تي ترجيح ڏيو ٿا يا نہ؟

پھرين سوال جي جواب ۾ مان چوندس تہ مان شاعري ڪرڻ جو قائل نہ آهيان، شاعري ٿي وڃڻ جو قائل آهيان. شاعري ڪرڻ وارن جو ڪلام ” برساتي ڪيڙن“ کان مٿي اهميت نہ ٿو رکي. قافيه پيمائي ۽ تُڪ بندي اهڙي قسم جي شاعرن جو ” ٽريڊ مارڪ“ آهي.
لطيف ۽ سچل شاعري ڪئي نہ هئي، بلڪ انھن کان ٿي وئي هئي. هينئر بہ ٻيا شاعر، شاعري ڪن ڪونہ ٿا پر انھن کان ٿي وڃين ٿي. دل سي جو بات نکلتي هي اثر رکهتي هي. جيڪڏهن ” لڪير جو فقير “ نہ بڻجي اوهان جي ٻئي سوال جو جواب ڏيان تہ مون تي ڪنھن بہ شاعر جو اثر نہ آهي، اها جُدا ڳالھہ آهي تہ ڪي شاعر مون کي وقتي طور وڻي ويندا هجن. وقتي طور وڻي وڃڻ ۽ متاثر ٿيڻ ساڳي ڳالھہ نہ آهي. منھنجي خيال ۾ هر حساس شاعر پنھنجي ماحول کان متاثر ٿئي ٿو. توهان جنھن دور جي شاعرن جو بہ مطالع ڪندا، توهان کي مرڪزي خيال ساڳيو ملندو.
هن دور جو شاعر بم ۽ بارود، بُک ۽ افلاس، ظلم ۽ ستم کان متاثر آهي نہ ڪنھن شاعر کان.جڏهن زلف ، رُخسار ۽ گُل و بلبل جي شاعري يعنى ” ادب برائي ادب “ جو زمانو هو، تڏهن شاعر کان شاعر متاثر ٿي ويندو هو. هينئر ” ادب برائي زندگي “ جو زمانو آهي. زندگي جا مسئلا هر ڪنھن شاعر جي آڏو زلف پريشان وانگر کنڊيا پيا آهن. هينئر بک ۽ بيماري، بم ۽ بارود، ظلم ۽ ناانصافي جا تجربا هر شاعر کي ذاتي طور ٿي چُڪا آهن. تنھن ڪري شاعر کان شاعر جو متاثر ٿيڻ لاءِ ڪوسو دل پيدا نہ ٿو ٿئي. ائين صحيح آهي تہ هر شاعر پنھنجي ڄاڻ آهر مسئلي کي اهميت ڏئي ٿو ڇو تہ ” وهان تک ديکھہ سکتا هي، نظر جن کي جھان تک هي.“ توهان اياز کان وٺي پرواني ڀٽي تائين سڀني شاعرن جو ڪلام پڙهي ڏسو، توهان کي ساڳي ” دانھن ڪوڪ “ ملندي پر سوز ۽ درد ۾ فرق هوندو.

ٽئين سوال جو جواب :
جيڪڏهن عشقيہ شاعريءَ مان اوهان جي مراد محض عورت جي ڇاتين ، چپن، ڳٽن ، ڪُلھن، ٽنگن، چيلھہ ۽ خال خال جي ساراھہ آهي تہ پوءِ مون کي اوهان جي شاعر هجڻ تي شديد شڪ آهي. ڇو تہ شاعر جو تعلق شعور سان آهي ۽ شعور شاعر هر طرف کان بالغ هوندو آهي. منھنجي نظر ۾ اُهو شاعر ئي ناهي جنھن جي عشق جو محور رڳو عورت جي جنسياتي، جذباتي ۽ شهواني دائري جي گرد ڦري ٿو. اهڙي قسم جي عشق جي اهميت ۽ افاديت هڪ گهاڻي جي ڏاند کان مٿي نہ آهي.
جيڪڏهن ائين ناهي تہ پوءِ اهو سوال اوهان خدا ۽ رسول کان پڇو، عيسى ۽ منصور کان پُڇو ، موسى ۽ طور کان پُڇو ، ابراهيم ۽ اسماعيل کان پُڇو. حسن ۽ حسين کان پُڇو، هوشو ۽ دريا خان کان پُڇو، جي ايم سيد ۽ اياز کان پُڇو، مون کان وڌيڪ اهي توهان کي سمجهائي سگهندا.

توهان جو چوٿون ۽ آخري سوال آهي تہ ” سماجي شاعري کي عشقيہ شاعري تي ترجيھہ ڏيو ٿا يا نہ؟
جواب آهي تہ مان ڪنھن بہ قسم جي شاعريءَ کي ڪنھن بہ قسم جي شاعريءَ تي ترجيھہ ڏيڻ جو قائل نہ آهيان. ڇو تہ مٿي مان لکي آيو آهيان تہ شاعر ماحول کان متاثر ٿئي ٿو ۽ ماحول کان متاثر ٿي شاعري ڪري ٿو. توهان لکنئو جي نوابي دور جي شاعري پڙهي ڏسندا تہ توهان کي رڳو زلفن و زخسار، گل و بلبل، ڪباب و شراب ۽ هجر و وصال جا قصيدا ملندا. ڇو تہ اهو دور عورت کان متاثر هو ۽ شاعر ان دور کان. تنھن ڪري توهان کي ان دور جي تقريباً سموري شاعري تي عورت ئي سوار نظر ايندي.
جيڪڏهن توهان چئو تہ ان دور جي شاعر عشقيہ شاعري کي سماجي شاعري تي ترجيح ڏني آهي تہ اهو غلط ٿيندو. ڇو تہ ان دور جي شاعر پنھنجي ماحول جي عڪاسي ڪئي آهي. اهو دور عورت جو استعمال ٿيڻ جو دور هو. تنھن ڪري شاعرن جو مرڪزي موضوع عورت هوندو هو.
هن دور جو شاعر پنھنجي ماحول کان متاثر آهي ۽ ماحول جي عڪاسي ڪجهہ اهڙي نموني ڪري ٿو.

سو پيارا! ڪنھن بہ قسم جي شاعريءَ کي ڪنھن بہ قسم جي شاعريءَ تي ترجيح نٿي ڏيئي سگهجي.
جيڪڏهن توهان مون کان سوال پڇو تہ هن دور جا شاعر عشقيہ شاعري ڇو ٿا ڪن تہ اُن جي جواب ۾ مان فقط ايترو چوندس تہ ماحول جي لحاظ کان هن دور جي عشقيہ ۽ هُن دور ۾ عشقيہ شاعري ۾ ڏينھن رات جو فرق آهي. ڇو تہ لکنئو جي دور ۾ عشقيہ شاعري مان مراد رڳو عورت کي ” استعمال ڪرڻ “ هئي ۽ انھي ئي سبب ڪري سندس ضرورت کان زياده ساراھہ ڪئي ويندي هئي ۽ اها ساراھہ فقط جسم جي نشيب ۽ فراز جي هوندي هئي. ۽ اهڙي نموني ۾ئي چٽي ويندي هئي جو عورت جا جنسياتي جذبات بُري طرح سان مغلوب ٿي ويندا هئا. کيس ڀرپور ساراھہ جي ڄار ۾ ڦاسائي کائونس هر جائز و ناجائز فائدو حاصل ڪيو ويندو هو. ڇو تہ عورت جي ڀرپور سارھہ سندس ڏُکندڙ رڳ آهي. ان دور جو عشق، عشق نہ هو. وحشانيت ۽ حيوانيت هئي. ان جي برعڪس هن دور جي شاعرن عورت کي سندس اصلي ۽ صحيح مقام ڏيکاريو آهي. چڪلي ۾ ڏسي کيس بري طرح ٽوڪيو آهي. ناچ گهر ۾ ڏسي کيس نديو آهي. پنجن روپين تي عصمت لٽائيندڙ کي ڏسي، کيس حوا جو تقدس ياد ڏياريو آهي. پاڪ محبت ۽ پيار جو سبق ڏنو آهي، خلوص ۽ وفا، همدردي ۽ شعور جو درس ڏنو آهي.
هن دور جو عشق عشق آهي، پاڪ ۽ پوتر عشق، عظيم ۽ مقدس عشق، روحاني ۽ لافاني عشق. پُر خلوص ۽ باوقار عشق. عورت کي سندس اصلي ۽ صحيح مقام تي ڏسڻ جو عشق. عورت کي، مريم، سيتا ۽ ماروي جي روپ ۾ ڏسڻ جو عشق، عورت کي اڀارڻ ۽ جيارڻ جو عشق وغيرہ وغيرہ.
توهان جيڪڏهن ساحر لڌيانوي، احمد فراز ، محسن ڪڪڙائي، آثم ناٿن شاهي ۽ امداد حسيني جو ڪلام پڙهندا تہ اوهان کي چڱي طرح معلوم ٿي ويندو تہ عورت بازي ٻيو عشق آهي ۽ عورت شُناسي ٻيو.

ٻيو سڀ خير

اوهان جو سست، ڪاهل ۽ آرسيل دوست

وفا ناٿن شاهي
ايڊريس : وفا ناٿن شاهي ، پوسٽ آفيس خيرپور ناٿن شاھہ، ضلع دادو سنڌ.

15

بلاول ” پرديسي “
ايم اي
ٽريننگ ڪاليج فارمين
حيدرآباد
1968 – 11 – 13

محترم دادا سنڌي صاحب

اسلام عليڪم !

اوهان جو محبت نامو موصول ٿي مسرت جو باعث بڻيو. ياد آوري جو شڪريو!
ادا توهين ۽ اسين حقيقت ۾ هڪ ئي منزل جا پانڌيئڙا آهيون ۽ اهي پانڌيئڙا جن جو عزم ۽ تخيل هڪڙو ئي آهي. اهڙي طرح خيال ۽ فڪر جي هم آهنگي ڪڏهن نہ ڪڏهن هڪ ئي مرڪز تي آڻي ملائيندي آهي.
اوهان سان غائبانہ دوستي جي دم ڀرڻ جو سبب ادبي دنيا جي وسعت آهي. اها وسعت جنھن جي گھراين ۽ اوهان جا ادبي شھپارا جلوہ افروز آهن.
مجنون صاحب نھايت ئي انسان دوست ۽ بااخلاق شخص آهي. سندس ذات جي تعريف جي بندہ جي قلم کي طاقت ناهي. ڇو تہ اهڙي همہ گير شخصيت جي وصفن بيان ڪرڻ لاءِ ڪنھن بہ اعلى شخصيت جي ضرورت آهي. بندہ طرفان سندس خدمت ۾ نياز ۽ سلام عرض رکندا.
اوهان بندہ جي ڪتاب ” زندگي ۽ حادثا“ بابت جيڪا گوهر افشاني ڪئي آهي. ان لاءِ آئون اوهان جو نھايت ٿورائتو آهيان. دراصل اهو اوهان جو ” حسن ذن “ آهي جو چڱين شين کي پرکي قدر جي نگاھہ سان ڏسو ٿا.
اخبار تعليم جيئن تہ سرڪاري رسالو آهي، تنھن ڪري اهو ممڪن آهي تہ سرڪاري پاليسي موجب اوهان جي مضمون ۾ ڦير ڦار ڪئي ويئي آهي.
هن طرف ڪڏهن اچڻ ٿئي تہ زيارت کان محروم نہ ڪندا.

اوهان جو

” پرديسي “

1969

16

1969- 2 – 29

محترم داداصاحب

مان توهان جي ڳوٺ ۾ هينئر آيو آهيان. مھرباني ڪري زيارت ڪرائيندا ۽ پاڻ سان وزيٽر بوڪ پرائمري جنرل اسڪول جا کنيون ايندا.

محمد بخش ” مجنون “
مختيارڪار

17

سکر
1969 – 3 – 18

مانوارا جناب دادا صاحب

ادبن ۽ نيازن بعد عرض تہ هڪ ئي ڪارڊ تي اوهان ۽ استاد جو احوال معلوم ٿيو. مھرباني.
توهان کان شايد نہ موڪلائڻ جو سبب ٿي سگهي ٿو ، بھرحال جيڪڏهن غلطي سمجهيو تہ معاف ڪر ي ڇڏيندا.
هتي 3 / 14 تي شام جو 6 بجي مھراڻ ڪلچرل سينٽر سکر ۾ سنڌ جي سپوت ليڊر سن جي سائين جناب جي ايم سيد اچڻ تي زير صدارت وڪيل آغا بدرالدين جي هڪ وڏو ميڙ ٿي گذريو. انھي ۾ شريڪ ٿيڻ جو مون مسڪين کي بہ شرف مليو. سنڌ جي آواز شيخ اياز سنڌ جو عوامي شاعر نياز همايوني، شاگرد ليڊر اقبال ترين ، يوسف لغاري، ڄام ساقي، لالا قادر ، يوسف ٽالپور ۽ ون يونٽ خلاف شير حفيظ قريشي حاضرين تي تقريرن ذريعي چڱو اثر وڌو. حفيظ قريشي جيڪا تقرير ڪئي ان جو ملھہ ئي ڪونھي، مان تہ ائين چوندس تہ هي حفيظ عظيم فلاسافر آهي. شيخ اياز پنھنجي مڌر آواز ۾ سنڌڙي تي شعر بہ چيا ۽ نياز همايوني بہ پنھنجي سريلي سر سان سنڌ کي ساراهيو. جلسو سوائين نائين بجي رات جو برخواست ٿيو.
دادا! مان انھي وقت اوهان کي ڪافي ياد ڪيو. مگر اوهان مون کان گهڻو پر ي هئا.
ويجهو اچڻ جو ڪو خيال ڪونھي، شايد اپريل جي 17 تاريخ ايڏانھن اچڻ ٿئي ، انھي ڪري شايد توهان کي نئين زندگي رسالو نہ ملي. وڌيڪ سک ورندو احوال لکندا رهندا ۽ جڏهن بہ اچڻ جو پروگرام هجي تہ احوال ڏيندا.
آداب
بسنت

18

1969- 4 – 7

برادرم محترم
اسلام عليڪم!

دعائن بعد عرض تہ گذريل هفتي کان وٺي اوهان جو ڪوبہ احوال ڪين مليو آهي. باباسائين جي طبيعت ٺيڪ نہ هئي، ان لاءِ انتظار رهي ٿو. مھرباني فرمائي حال ڏيندا.
ڀلا گُل بابا وارن جو ڇا ڪيئي، اُنھن کي ناناڻن ڏانھن روانو ڪيو يا نہ؟ اهو بہ احوال ڏيندا. مان انشاءَ ﷲ 14 يا 15 تاريخ تي ايندس. وڌيڪ ڪو احوال ڪين آهي. ڪاليج ۾ مختلف درجا شروع ٿي ويا آهن. تنھن ڪري مشغول آهيون. مينھن برسات وغيرہ جي خبرچار پڻ ڏيندا.
اوهان جو مضمون ” نادري حملو“ ماهوار اديون فيبروري مارچ جي پرچن ۾ قسطوار آيل آهي. نھايت پر مغز مقالو آهي. هاڻي سمجهان ٿو تہ اوهان جي قلم کي وڌيڪ مرمت جي ضرورت نہ آهي. ” ﷲ ڪري شوق اور قلم زيادہ“.
رهبر ڊائجسٽ جو جواهر ادب 350 صفحن تي نھايت بھترين پرچو مارڪيٽ ۾ آيل آهي. 4 روپيا رقم اٿس. ڇا ڪجي ڪجهہ کيسو اهڙي اجازت نہ ٿو ڏي، تنھنڪري مجبور آهيان. وڌيڪ مالڪ آهيو.
سلام ساري سنگت کي ڏيندا. غلام نبي، مائي انور ۽ مائي اشرف کي پيار ڪندا. وڏڙن کي آداب عرض ڪندا.

وسلام
اوهان جو پنھنجو

قادر بخش

19

حافظ محمد احسن چنہ
منظور منزل دادو
1969- 6 – 24

محترم و مڪرم دادا سنڌي صاحب
وعليڪم سلام! اوهان جو قربائتو ڪارڊ پھتو . ياد آوري لاءِ شڪريہ. پيري آهي ۽ گرميون آهن. ان ڪري لکڻ پڙهڻ نٿو ٿئي. تنھن هوندي بہ ڪڏهن ڪڏهن مضمون يا نظم لکيو ويندو آهي. آزاد ۾ مضمون پڙهيو هوندئو. اوهان جا مضمون اخبارن ۾ پڙهندو آهيان، ڏاڍي خوشي ٿيندي آهي، اوهان کي انھي ادبي ذوق جي مبارڪ هجي.
شميشيرالحيدري سان منھنجي خط و ڪتابت هئي. مون کان رايا گهرايا هئائين، مون جيڪي رايا موڪليس انھن مان ٿورا ئي نئين زندگي ۾ شايع ڪيائين. جن تي مون کي اديبن آفرين ڏني، پوءِ خط رستي پنھنجو پاسو واضع ڪرڻ گهريائين ۽ اسلامي نظريہ وارن جا نالا لکيائين تہ انھن جا مضامين ۽ نظم شايع ڪيان پيو ٿو. جڏهن کان وٺي مون نڪتہ چيني شروع ڪئي پر مان سخت طرح کيس لکندو رهيس. منھنجن نصيحتن جي ڪري گهڻيون ڳالھيون سڌاريائين. آخر مان اهڙو سخت گرفت ڪيس جو تنگ ٿي پيو، ان کان پوءِ امداد حسيني جو خط شايع ڪيائين. پر مان جيڪي هن جون حرفتون ۽ حرڪتون هيون سي واضع ڪندو رهيس. جنھن ڪري هاڻي ڪجهہ خيال رکي ٿو. هڪ مھيني جو رسالو ٻئي مھيني جي آخر ۾ شايع ڪندو هو. ان تي منھنجي تنبيھہ هيس منھنجي سخت گرفت ڪري اسلامي نظريي جا نظم ۽ مضامين شايع ڪندو رهي ٿو، ورنہ هو پنھنجي پارٽي ڏاهر پرستي ۽ ملحدن جا مضامين ۽ نظم گهڻا شايع ڪندو هو. سو هاڻي نئين زندگي ڏي مضامين موڪلڻ کان بس ڪئي آهي. مون کيس لکيو هو تہ مون وٽ آهي پر نئين زندگي ۾ اهو بحث ڪين ڇيڙڻ گهران ٿو. باقي روزانہ اخبارن ۾ تنقيدون لکندو رهندس. ان کان پوءِ گهڻو خيال رکي ٿو. اوهان جو مضمون سيرت نمبر ۾ سڄو پڙهيم، ڏاڍو بھترين لکيو اٿئو. اهڙي طرح ساهي ساهي پئي موڪليوس، متان شرم پويس ۽ شايع ڪري.
مرحوم بلبل پڙهڻ گهرو ٿا. ان لاءِ نئين زندگي آڪٽوبر 1965ع جي ڪاپي پڙهندا تہ سڀ ڪجهہ احوال ان ۾ بلبل بابت آهي.مون هن سال شاھہ جو پيغام ڪتاب هزار ڪاپيون ٽيون ايڊيشن ڇاپايون پر ٻن مھينن ۾ هر هڪ ڪاپي منھنجي لاءِ بچي آهي. هينئر رباعيات اچن پيون پنجون ايڊيشن ڇپجي رهيو آهي.
ڏونگر سي ڏورينديون ڪتاب نثر ۾ لکيل تبصرن لاءِ اديبن ڏانھن موڪليل آهي، تبصرا لکڻ بعد جلد ڇاپائبو انشاءَ ﷲ . قلمي ڪتاب گهڻا لکيا رکيا آهن پر ڇاپائڻ جو وارو ڪونہ مليو آهي. انشاءَ ﷲ تعالى مھراڻ رسالي ۾ هر ماھہ ۾ منھنجي نظم شايع ٿين ٿا ۽ شاعر نمبر ۾ موڪليل آهن.

والسلام حافظ محمد احسن چنہ

20

ڊسٽرڪٽ ڪائونسل آفيس
سکر
1969- 8 – 22

زندگي کو نئي تمنا بخش
دل کو اخلاص قلب مولابخش
(رئيس امروهوي)

عزيزي و محترمي دادا صاحب
سلام محبت :- اوهان جو گرامي نامو بتاريخ 69 - 8 – 6 عرصي دوران کان پاڻ کي پھتل هو ، ليڪن مشاغل هجوم ۾ ڪثير مصروفيات سبب احوال عرض رکڻ ۾معمولي تاخير ضرور ٿي آهي. جنھن لاءِ معافي جو درخواستگار آهيان. اميد تہ منھنجن مٿين مجبورين کي ڏسي، مون کي معاف فرمايو ويندو.
احوال اوهان جو نوازشنامو جيڪو ڏسڻ ۾ خط جي صورت رکي ٿو، پر هڪ جامع مقالہ آهي، جنھن کي باربار پڙهڻ سان وڌيڪ لطف اندوز بڻجي ٿو. آءُ انھي خيال جو هيس، تہ ڪو وقت فرصت جو بچائي. دل کولي ” دادا صاحب “ سان رسيلي روح رهاڻ ڪجي، مگر وقت مانع رهي ٿو. هن وقت تائين اهو وقت ملي ڪونہ سگهيو، جنھن ۾ هڪ هڪ ڳالھہ تي ٽُٻڪا ٽپڻي ڪري سگهجي. ليڪن جيتري قدر شيخ اياز صاحب جي شاعريءَ جو تعلق آهي تہ اها سندس بھترين شاعري آهي، پر اهو هر مسلمان لاءِ باعث شرم جي ڳالھہ آهي ، جڏهن هو مذهب جو مذاق اڏائي ٿو ۽ صحيح مسلمان کي اهڙي شاعري جي تعريف ڪرڻ وقت ڪجهہ سوچڻ گهرجي.
مرحوم مجروح لاءِ جيڪي اوهان تحرير ڪيو آهي، سو سئو في صد صحيح آهي، هن ناچيز سان بيحد دوستي هئي، تنھن ڪري مرحوم کي مان بلڪل قريب ئي ڏٺو آهي.
باقي ڳڙهي ياسين جي آشيانہ ادب لئبريري ۾ مرحوم امروٽي صاحب جي خانقاھہ کي ڏسڻ سان اوهان کي وڌيڪ معلومات ملي سگهندي. سو ڪنھن وقت اطلاع ڪجو تہ فرصت ۾ اوهان کي ڏيکاريون.

يار سلامت ، محبت باقي

اوهان جو پنھنجو
مولابخش سومر ” قاصر“

1970

21

حيدرآباد ( سنڌ )
1970 – 4 – 1

پيارا دوست

اميد تہ اوهين خوش هوندا.
اوهان جو نواب شاھہ جي ائڊريس تي موڪليل خط مليو، جنھن نموني اوهان همت افزائي ڪئي آهي، انھيءَ لاءِ مشڪور آهيان.
مان اوهان جا مضمون اديون ۾ پڙهندو آهيان، خوشي ٿيندي آهي. دراصل سنڌ جي تاريخ جي باري ۾ تفصيلي ۽ معياري معلومات جي اسان وٽ سخت اڻاٺ آهي ۽ اهڙو تحقيقي مواد ضرور سنڌين کي پنھنجي تاريخ کان چڱي طرح آگاھہ ڪندو. انھي سلسلي کي جاري رکندا تہ مھرباني.
هتان جا دوست چوڏس پبليڪيشن جي نالي هڪ ڪتابي سلسلو ڪڍي رهيا آهن، ان جو پھريون ڪتاب ” اڇا ناسي بادل “ مھينو کن اڳ پڌرو ٿيو آهي. اوهان هن جا خريدار ٿيو تہ سٺو. سالانہ چندو ڏھہ روپيا اٿس ۽ پڻ اتي جي دوستن کي بہ همٿائيندا تہ هن جا خريدار ٿين. ائڊريس هي آهي: شوڪت حسين ، سنڌي ادبي بورڊ، امين منزل گاڏي کاتو حيدرآباد سنڌ.
منھنجو ڪتاب ” ڌرتي جا سپوت “ اڃا شايع نہ ٿيو آهي، شايع ٿيڻ تي اوهان ڏي ضرور موڪليندم. حال في الحال حويلي جا راز پنج ڪاپيون موڪليان پيو، اتي جي دوستن کي ڏيندا.
ادا مون کي ڏاڍي خوشي ٿي جو اوهان ڳچ مدت کان ئي سھي، پر ياد تہ ڪيو. اوهان سکر ويندا هوندا. سکر ۾ جاگيراڻي محلي جي مڪراني گهٽي ۾ ممتاز مھر رهندو اٿئو. هو تمام لاجواب ۽ پيارو ماڻھو آهي. سکر وڃڻ تي هن سان ملندا رهندا تہ سٺو.

اتي جي سڄي سنگت کي سلام
فقط اوهان جو پنھنجو

خير احمد

22

سھڻي پبليڪيشن
حيدرآباد
1970 – 10 – 16

اسلام عليڪم!

اوهان جو خط مليو، مھرباني سھڻي پريس ۾ آهي، ڪم گهڻو آهي، انھيءَ ڪري تفصيل سان جواب نہ ٿو ڏيان.
اوهان جو مضمون (جيڪو سھڻي ۾ اچڻو آهي) سھڻي ۾ نہ ڇپجي سگهيو، تنھن تي ايتري ناراضگي آهي. غلام نبي يا مان ڪنھن حد تائين ڪھاڻي سان واقف آهيون ۽ اسان کي مھتاب سان بہ ڪا دشمني ڪانھي. جيڪا حقيقت هئي لکي ويئي. ثميرہ زرين يا رشيدہ حجاب چڱيون ڪھاڻيون لکيون آهن، انھن لاءِ اسان کي عزت آهي.
گرامي صاحب سٺو ايڊيٽر آهي ، اسان جو بحث انھي سان ڪونھي، اسان جي سامھون جيڪو شاعر نمبر آهي انھي تي تنقيد ڪيئي وئي. محمد ابراهيم جويو صاحب، تنوير ، امر جليل، قمر شھباز، آغا سليم ۽ ٻين گهڻي ڀاڱي سڀني هن تنقيد کي بلڪل صحيح سمجهيو آهي ۽ مبارڪباد ڏني آهي. هاڻي اوهان کي صحيح سمجهون يا انھي اديبن کي.
هڪ ڳالھہ خيال ۾ رکو تہ گرامي صاحب لاءِ مون کي عزت آهي ۽ ڪوبہ بغض يا ضد ڪونھي، انھي لاءِ اوهان غلطي فھمي ۾ مبتلا نہ ٿجو.
سھڻي کي اسان ڪڏهن بہ غلط نموني ۾ استعمال نہ ڪيو آهي ۽ نہ انشاءَﷲ ڪندا سين. ڪڏهن بہ ڪريون تہ اوهين اسان جو ڌيان ڇڪائجو. ظفر حسن بہ تبصرو ڪيو آهي. اُهي سڀ حقيقتون آهن، اوهان کي ڪابہ غلط ڳالھہ نظر اچي تہ قرب ڪري لکي موڪليو تہ جيئن ان جي تلافي ڪجي.
اوهان جو هڪڙو مضمون ” خطوط نگاري “ اسان وٽ پيل آهي. اُهو يا ڪٿي نہ موڪليو هجي ۽ نہ ئي ڇپيو هجي تہ ٻہ اکر لکي موڪليو ۽ پنھنجو تعارف بہ
.
اوهان جو
طارق اشرف


23

نواب شاھہ
9 سيپٽمبر 1970ع

برادرم عزيز دادا سنڌي صاحب
اسلام عليڪم!

توهان جو نياز نامو پھتو، پڙهي ڏاڍي خوشي حاصل ٿي. اميد تہ آئيندہ پڻ قرب جو سڳو سرندو رهندو. توهان صاحبن جا سلام ۽ انھن جي موٽ تہ آءُ اڳ ۾ ئي عرض رکندو آيو آهيان. ساڳي وقت توهان جي ادبي همت افزائي جو بہ دلي طرح سان ٿورائتو آهيان. هن وقت اسڪول هلي رهيو آهي ۽ ڪم ۾ مصروف هئڻ ڪري وڌيڪ خيالن جو اظھار ڪرڻ مقصود آهي. توهان جي مضمون ۽ ان ڪتاب جي باري ۾ سڀاڻي آچر تي جاچ ڪري توهان کي اهڙو اطلاع خط رستي عرض رکندس. خاطري ڪندا. انھي اداري جو مھتمم منھنجو شاگرد آهي.
ازانسواءِ ڪوبہ ڪم ڪار، جڏهن بہ هن خادم ۾ ٿئي، تہ بندو هر وقت حاضر آهي. توهان جا مقالا ۽ مضمون پڙهندو آهيان. دلچسپ ۽ معلومات وارا هوندا آهن. توهان پنھنجي لکڻ جي اهڙي ڪوشش جاري رکندا تہ اها سنڌي ٻولي ۽ ادب جي وڏي خدمت ٿيندي. توهان بخيريت هوندا. سلام عرض آهن. اگر ڪنھن بہ وقت توهان صاحبن کي ٽائيم ملي تہ اچي ملاقات ڪرائيندا. اميد تہ دعوت قبول پوندي.

صرف
بندہ خادم
قريشي حامد علي خانائي
(نواب شاھہ )

24

حيدرآباد
1970ع

عزيز محترم
اسلام عليڪم و رحمتہ ﷲ!

اوهان پيارن جو نوازش نامہ ڪجهہ عرصي کان مليل آهي. مون هڪ مضمون بلڪ چار چار دفعا پڙهي ڏٺوآهي. اوهان جو لفظ لفظ محبت ۽ صداقت سان ڀريل آهي. خط تہ زندگي ۾ گهڻا ئي لکيا بہ اٿم ۽ پڙهيا بہ اٿم. ليڪن ڪنھن ڪنھن خط مان بوءِ بھار ايندي آهي ۽ اوهان جو خط انھن خطن مان هڪ آهي. جنھن مان واقعي دل کي محبت جي خوشبوءِ اچي ٿي ۽ دل مان دعا نڪري ٿي تہ ﷲ تبارڪ و تعالى اوهان کي عمر دراض بخشي ۽ علم ادب جي آفتاب تي چمڪو، مون اوهان جا ڪي ڪي ادبي پاره ڏٺا آهن ۽ انھن کي دلچسپي سان پڙهيو اٿم ۽ دل سان داد ڏنو اٿم. درحقيقت هن وقت مان هڪ لھندڙ سج وانگر آهيان ۽ چراخ سحر جي طرح زندگي گذري ٿي. فالج جي مرض ۾ مبتلا آهيان ۽ نظر جي ڪمزوري سبب لکڻ جو ڪم ڪري نہ ٿو سگهان. ليڪن منھنجو ايامن کان اهو شوق ئي رهيو آهي، تنھنڪري ڊاڪٽرن جي منع هوندي بہ رهي نہ ٿو سگهان. جيڪي پڄم ٿو سو حد امڪان تائين ڪندو رهان ٿو. البتہ محترم صالح محمد شاھہ هن وقت منھنجو سھارو آهي. گويا منھنجي لاءِ پيري ۾ سھارو آهي. جنھن جي مدد هر ڪم ۾ منھنجي لاءِ ضروري ٿي پيئي آهي. طبيعتون پاڻ ۾ ملن ٿيون جنھن ڪري سندس محبت ۽ مدد پنھنجي لاءِ خدائي انعام ٿو سمجهان. جيستائين دم ۾ دم آهي. تيستائين سنڌ ۽ سنڌين جي بي لوث خدمت ڪندو رهندس. نہ اڳي ڪا لالچ رکي اٿم ۽ نہ هينئر ڪا طمع اٿم. بحرحال اوهان پيارن جي هر هڪ لفظ ۽ نقطي جو قدر ڪريان ٿو. منھنجي لاءِ اوهان جھڙي هونھار ننڍڙن ڀائرن جا ٻہ لفظ قدردانيءَ جي لاءِ سرٽيفيڪيٽ آهن.
مون کي ڪن نام نھاد وڏن ماڻھن جي سرٽيفيڪيٽن جي ضرورت هرگز نہ آهي. اوهان جھڙن قدردانن جو هڪ هڪ لفظ وڏو خزينو ٿو سمجهان. منھنجي يادگيري جا ڪئي اٿئو انھي لاءِ نھايت ممنون آهيان. گاھہ گاهي سان ياد ڪندا رهندا تہ وڏي خوشي جو باعث ٿيندو. دير سان جواب ڏيڻ لاءِ معافي طلب آهيان.
سلام سيد صالح محمد شاھہ جا قبول فرمائيندا. جنھن جي پيپر تي هي نيازنامہ لکي رهيو آهيان.

اوهان جو دعاگو
محمد اسماعيل عرساڻي

1971

25

1971- 1 – 8

ادا سائين
اسلام عليڪم! نوازش نامو مليو، مھرباني.
اوهان ناچيز لاءِ جن جذبات ۽ احساسات جو اظھار ڪيو آهي. انھيءَ لاءِ ٿورائتو آهيان.
عوام پنھنجو قيمتي ووٽ ڏيئي مون تي جيڪي جوابداريون ۽ ذمينداريون وڌيون آهن، انھي کان منھن موڙيان تہ خدا کان ڦران.
اوهان بہ دعا ڪندا تہ زندگي جي هر شعبي ۾ نئين ۽ تعميري فڪر کي عملي صورت ۾ رائج ڪرڻ واري قومي جدوجھد ۽ ڀرپور حصي وٺڻ جي طاقت خدا سائين ڏئي ۽ انھي سان گڏو گڏ پنھنجن نيڪ مشورن کان بہ وساريندا تہ مھرباني.

نياز مند
عبدالڪريم

26

Phone : 220418 ESTABLISHED 1948
2 – SARNAGATI BUILDING , WEEKLY AZAD ( SINDHI)
PAKISTAN CHOWK
KARACHI – 1

1971 – 4 – 24

عزيز محترم
اسلام عليڪم! اوهان جو خط پھتو ۽ احوال معلوم ٿيو. اوهان جي همت ۽ حوصلا افزائي جو شڪريہ.
مضمون نھايت ئي عالمانہ ۽ تحقيقي آهي. اميد تہ جلد شايع ڪبو. اميد تہ توهان ڏانھن خيريت هوندي.
ٻيو سڀ خير. دعا ڪندا رهندا.
والسلام
فقير علي نواز وفائي

27
نيٺ تہ ڦٽندو سچ جو سورج
نيٺ تہ کٽندي رات
پرڀات پبليڪيشن حيدرآباد سنڌ

تاريخ – 1971 – 7 – 18

ادل – جيئي سنڌ
اميد تہ خوش هوندين. دنوي مصروفيتن جي ڪري وڌيڪ احوال ۽ حال نہ لکي سگهيا آهيون ۽ نہ ئي اوهان ورڪيو. هي دوست منھنجو شاگرد بہ آهي. سندس هر طرح جي مدد ڪندا ڇو تہ انھي علائقي ۾ نئون آهي.

اوهان جو ڀاءُ
سيد نثار حيسيني

28

حيدرآباد
1971- 12 – 2

اسلام عليڪم! اوهان جو قرب ڀريو خط ڪجهہ ڏينھن پھريون مليو اٿم. اوهان جي مھرباني ، جو وري بہ اوهان ياد ڪيو. مون کي بيحد افسوس آهي ، جو ڊپٽي ڊئريڪٽري جي ڏينھن ۾ اوهان جو خط مون ڏانھن آيو، پر مون ان جو اوهان کي جواب ڪونہ ڏنو. سچ پچ تہ ڪا يادگيري ڪانہ اٿم. پر اوهان جو موڪليل خط ضرور مليو هوندم. اوهان کي جيڪا نراسائي ٿي ، ان لاءِ معافي ٿو گهران. اميد تہ درگز ڪندا.
مھرباني ڪري پنھنجي ادبي ڪاوشن جو تفصيلي احوال لکي موڪليندا.
ايڏانھن اوهان ڏانھن اچڻ ٿيو تہ اميد تہ اوهان سان ملاقات جي ضرور ڪا صورت نڪري ايندي.
منھنجو گهڻو ڪري هتي خيرپور ۾ رهڻ ايتري قدر ٿئي ٿو، جو هڪ ٻہ ڏينھن رهي وري ٻاهر ڪنھن پاسي گشت تي وڃڻو پوي ٿو. هن مھيني جي آخري هفتي ۾ هتي خيرپور ۾ ئي رهڻ جو پروگرام آهي. پر اوهان خاص مون سان ملڻ لاءِ هيڏانھن اچڻ جي تڪليف نہ ڪندا، ڇو تہ خاطري سان نٿو ملي سگهجي تہ ان هفتي ۾ بہ ڪھڙي ڏينھن ڪنھن پاسي ڪنھن ڪم سانگي نڪري وڃڻو پوي. ڪوشش ڪري آئون پاڻ اوهان جي پاسي ڪنھن ويجهي موقعي تي اچڻ ۾ اوهان سان ملڻ جي ڪوشش ڪندس.
اميد تہ هر طرح خيريت سان هوندا.

وڌيڪ خير. والسلام

اوهان جو
محمد ابراهيم جويو

1972

29

سکر
1972 – 10 – 23

دلبر دادا سائين!
مٺا اوهان جا بي انت احسان ۽ قربانيون جو ڪڏهن نہ ڪڏهن ڪنھن نہ ڪنھن بھاني سان ياد ڪندا آهيو. اوهان جي قلمي ڪوشش ۽ ڪاوش قابل داد ۽ تحسين جي لائق آهي. اسين اوهان جي تحقيق ۽ تاليف جو اوهان جي پرپٺ دوستن ۽ احبابن جي هدين ڀرين ڪچھرين ۾ اعتراف ڪرڻ بيحد ضروري ڄاڻيندا آهيون.
سڄڻ! اسين اوهان جھڙن مخلص دوستن جي سھڪار سان هڪ ادبي رسالي جي اجراءَ بابت خيال ڪري رهيا آهيون. ان خيال کي عملي جامو پھرائڻ لاءِ 29 آڪٽوبر تي صبح جو 11 بجه سيد اظهر گيلاني جي پريس تي گهوٽڪي شھر ۾ روهڙي ڊويزن جا باذوق دوست گڏ ٿيندا. جتي دوستن جي فيصله ۽ شوق موجب ڪو موزون لائه عمل تيار ڪيو ويندو ۽ ساڳئي ڏينھن تي مقالن ۽ مشاعرن جي محفل پڻ رچائي ويندي. تنھن ڪري اوهان جھڙي اورچ ۽ محقق دوست جو هن ميڙ ۾ شريڪ ٿيڻ اسان سڀني لاءِ باعث فخر ٿيندو. اميد تہ اوهان صاحب اسان جي هن عرض کي قبوليت جو شرف بخشي. هن مجلس کي زيبائتي بنائڻ خاطر گهوٽڪي تائين اچڻ جي تڪليف برداشت ڪندا. چڱو ادا.

اوهان جو دعاگو
جتوئي عبدالرحيم ” آزاد “
پنو عاقل




30

بئنڪاڪ
1972 – 11 ¬– 24

سدا سلامت رهو

پيارا ڀاءُ
اسلام عليڪم!
ادا اوهان جو مٺڙو محبت ڀريو مسرت نامو مليو. پڙهي اسڪول ۾ گڏ گذريل هر هڪ گهڙي ياد اچي ويئي. اهو ڏينھن بہ ياد آهي ،جڏهن پھرين دفعو اوهان سان ملاقات ٿئي ياد آهي. اوهان کي اوهان روئي رهيا هئا ۽ مان اوهان جو دوست ٿي اوهان کي پرچائي رهيو هئس. پيارا! اوهان جو اهو الزام غلط آهي تہ مان توهان کي يا ٻين دوستن کي وساري ڇڏيو آهي. پر منھنجا هن مختصر زندگي ۾ ايترا گهڻا دوست ٿيا آهن جو هڪ وقت سڀني کي ياد رکڻ ڏاڍو مشڪل آهي. پر هر دوست جي ياد دل تي بلڪل اهو اثر رکي ٿي جيڪو اڳئي هيو. وقت انسان کي هڪ ٻئي کان جدا ڪندو آهي.انھي ۾ منھنجو قصور ڪونہ آهي.
ادا مان ننڍي هوندي کان پنھنجن سان پيار ڪيو آهي. انھيءَ جو اهو ثبوت آهي جو مان شادي پنھنجي مرضي سان اوهان جي ڳوٺ مان ڪئي. جنھن تي مون کي ناز آهي ۽ پنھنجن سان ايترو پيار آهي جيڪو لکي نہ ٿو سگهان.
ادا اوهان جو عيد ڪارڊ مليو. مھرباني منھنجي طرف کان بہ عيد جي عيد مبارڪ قبول ڪندا. ادا مون ۾ ڪوبہ فرق نہ آيو آهي. مان سنڌي ٿي رهندو آهيان. هت اسان ويھن ملڪن جا ڇوڪرا پڙهندا آهيون. سڀني کي مون سنڌ جي ثقافت ۽ تمدن کان واقف ڪرايو آهي. هت ايشياءِ کنڊ طرف هڪ ” ايشين ايوننگ “ ملاهائي هئي. جنھن ۾ سنڌ جي ثقافت پيش ڪئي. جنھن تي مون کي هڪ قيمتي ڪپ انعام مليو آهي. هت منھنجي رلي، اجرڪ ۽ ٻروچڪي ٽوپي دنيا جي سڀني ملڪن جي ڇوڪرن ڏاڍي پسند ڪئي آهي. اوهان کي خبر آهي يا نہ. سنڌ لاءِ 4 مارچ واري واقعي ۾ مان شامل هوس ۽ 7 ڏينھن جيل جي هوا کاڌي هئي.
ادا هت منھنجي دوستي ڪافي ملڪن جي ڇوڪرن سان آهي. گهڻا گهرا دوست برما، جاپان، ويٽنام ۽ ٿائي آهن. چيني ڇوڪرا دوست آهن. پر اهي ماڻھو گهٽ ۽ مشين وانگر آهن. هت اچي مون ڏاڍو پرايو آهي. مون کي دنيا جي ويھن ملڪن جي ڇوڪرن سان گڏ ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو آهي. ادا! احوال ڪافي آهن. انشاءَ ﷲ امتحان ڏئي جڏهن ڳوٺ آيس تہ روبرو ملاقات ڪبي. منھنجو امتحان پھرين ڊسمبر کان شروع آهي ۽ پوئين هفتي تائين هلندو. پوءِ انشاءَ ﷲ جلد ملاقات ٿيندي.ڇو تہ اوهان جي ڳوٺ ضرور اچڻو پوندو. مون هڪ فوٽو مامي حافظ ايوب ڏانھن موڪليو آهي ۽ اهو اوهان کي ڏيکاريندو. سلام پنھنجي وڏي ڀاءُ ۽ چاچا سائين کي ڏيندا.

اوهان جو
عبدالرحمان لغاري

1974

31

شڪارپور ( سنڌ )
1974 – 9 – 13

محترم سائين
اميد تہ خوش هوندا. ڪيتري عرصي کان نہ اوهان آيا آهيو نہ ڪو خط موڪليو اٿو نہ ڪو احوال. نہ وري ڪو پرين پيارو ئي لڙي آيو آهي. اسان تہ روز ٿا ڪانو اڏاريون. تہ ڪڏهن من گهريا دوست اچن. مون کي اميد آهي تہ اوهان بلڪل چاق ۽ چوبند هوندا. احوال ڏيڻ پسند ڪيو تہ هن خاد م جي ائڊريس هي آهي. بيدل مسرور بدوي ، مسرور گهٽي شڪارپور سنڌ. دوستن ، احبابن ۽ فقرا کي سلام ۽ حق موجود چوندا.

اوهان جو پراڻو ۽ ساڳيو خادم
بيدل مسرور

1976

32 هو ﷲ الغالب

پوسٽ ٻيرڙي وايا گهوٽڪي
1976 – 4 – 7
برادرم دادا سنڌي
وعليڪم سلام ورحمتہ ﷲ وبرڪاتہ!!
اوهان جو ڳوٺائي رشيد جونيئر پيارو نوجوان آهي. اوهان جا سلام ۽ رشيد جو ڪلام ٻڌي ڏاڍي خوشي ٿي. مدت کان پوءِ سلام مليا آهن. اميد تہ اهو سلسلو مسلسل رهندو.
يار! اسان تقريباً ادبي دنيا کان ڪٽجي چُڪا آهيون. اوهان انھي ماحول سان مربوط آهيو. ڇا حال آهي؟ لکو ٿا يا لکڻ بند ڪيو اٿئو. ڀلا ڪو ڪتاب ٻتاب تصنيف يا تاليف ٿئي ٿو يا نہ ؟ مان سمجهان ٿو تہ ڪو نہ ڪو ڪتاب لکي رهيا هوندا. قادربخش هڪ ڏينھن گهوٽڪي ۾ مليو هو. ان کي سلام ڏنا هئم. خبر ناهي ان اوهان کي پيغام ڏنو يا نہ. جيڪڏهن اوهان کي سلام ڏئي ها تہ اوهان مون کي جواب ضرور لکو ها. پر هن مھانگائي ۽ ذهني انتشار جي دور ۾ 20 پئسن ۽ وقت جو ذيان ڏاڍو مشڪل آهي. مون ٻڌو آهي تہ توهان پڪا سوشلسٽ ٿي ويا آهيو. نيشلسٽ سوشلسٽ. ڇا ائين آهي؟ جيڪڏهن ائين آهي تہ وڏو افسوس آهي. اوهان جھڙو باشعور ۽ بھترين اديب اها آئوٽ آف ڊيٽ لائين اختيار ڪري. هن وقت سڀئي سوشلسٽ ، بشمول ڪميونسٽ دانشور اسلام متعلق سوچي رهيا آهن ۽ سمجهي رهيا آهن تہ اسلام کان سواءِ ٻيو ڪو نظريہ ۽ نظام امن عالم جي خواب کي پورو نہ ٿو ڪري سگهي. اسان کي ڇا ٿي ويو آهي جو ٻيو رخ اختيار ڪري رهيا آهيون. خدا ڪري جو ڪجهہ مون ٻڌو آهي غلط هجي. اسلام اهو ضابطه حيات آهي. جنھن کان ٻين نظامن چند اصول ورتا آهن. انھن نظامن ۾ انھن اصولن کان سواءِ ٻيو جو ڪجهہ آهي سو سارو ناڪام ٿي چڪو آهي. اسان جي ڪاميابي اسلام سان متعلق هجڻ سان آهي. سوشلزم، ڪميونزم، نيشنلزم اهي سڀ ختم ٿي ويا. براءِ ڪرم اوهان مون کي جماعت اسلامي جي ايجنٽ جو طعنو ڏيندا، ڇو تہ اسلام جي نالي وٺندڙ کي پھريون طعنو اهو ڏنو ويندو آهي. اسان جي بدقسمتي آهي جو اسان هميشہ اُٻھرا فيصلا ڪندا آهيون ۽ نا اميد ٿي ويندا آهيون. اوهان ۾ وڏيون اميدون آهن. اوهان پنھنجي ذهن ۽ قلم سان ” ٽين دنيا “ جي نظريہ اسلام جي تبليغ ڪندا. اوهان جو اهو ڪم اوهان لاءِ ٻنھي جهانن ۾ سرخرو جو باعث بڻبو.

والسلام ، مخلص

امير بخاري


33

تاريخ : 1976 – 9 – 18

ممتاز الاطبا حڪيم محمد بخش چغتائي
آر – يو – ايم – پي ڪلاس

عزيز محترم جناب ڪريم بخش صاحب
اسلام عليڪم! عرصہ دراز کان اوهان جي خيريت جي خبر کان بي خبر آهيان.
نہ اوهان خود پاڻ تشريف وٺي آيا ۽ نہ سلام نہ پيام موڪليو. خدا معلوم ڪھڙو سبب؟
هن دفعي ڌڻي تعالى جي رحمت جي سخت سخا ڪئي ويئي ۽ بارشون ڏاڍيون پيون. هن بارش نہ رحمت جو ڪو اثر ڏيکاريو تہ وري ڪائي زحمت جو ثبوت ڏنو. اهو ڇو ٿيو؟
اوهان جي زيارت لاءِ اکيون اداس آهن. هاڻي ٻڌائيندا تہ ڪڏهن هن سڪايل اکين جي سڪ لھندي؟ اميد تہ اوهان پنھنجي خاندان سان خيريت هوندا ۽ خيريت جي خبر کان آگاھہ ڪري شڪريہ جو موقعو ڏيندا.

چڱو خدا حافظ

خير طلب
حڪيم محمد بخش چغتائي
ڏهرڪي

34
تاريخ : 1976 – 10– 13
ممتاز الاطبا حڪيم محمد بخش چغتائي
آر – يو – ايم – پي ڪلاس

عزيز محترم جناب ڪريم بخش صاحب
سلام و رحمت!
خيريت طرفين مطلوب مدام. ڪتاب حڪايت شيرين ۾ ، اوهان جو هڪ ڪارڊ پيل هو. اهو خط خدمت ۾ پيش ڪريان ها. پر اوهان فرمايو هو تہ جلد ايندس. انھيءَ دلاسي ڪارڊ اوهان جي خدمت ۾ ڪونہ موڪليو ويو.
هاڻي جڏهن اوهان جي آمد عدم تي تڏهن خط کي ضروري اوهان جي خدمت ۾ پيش ڪجي ٿو. عرض خدمت آهي تہ هاڻي ڪڏهن پنھنجي واعدي کي وفا ڪندا يعني هن فقير جي جهوپڙي ۾ قدم فرمائي زيارت ۽ ملاقات جو شرف بخشيندا.

خير طلب
حڪيم محمد بخش چغتائي، ڏهرڪي

35

فون – 3493
رشيد ڀٽي
بئريج روڊ ، سکر ( سنڌ )
تاريخ 1976 – 10 – 22

ڀاءُ دادا سنڌي
تنھنجو خط ڪالھہ ان مھل پھتو اٿم، جنھن مھل حميد سنڌي مون وٽ ويٺو هيو. مون کيس تنھنجو خط پڙهايو، هن چيو تہ ڪم سندس وس ۾ نہ آهي. پر نظاماڻي کي چئي سگهي ٿو. يا ڪنھن بہ ٻئي صورت مدد ڪري سگهي ٿو. وڌيڪ چيائين تہ دادا سنڌي مون سان 23 آڪٽوبر کان پوءِ حيدرآباد ۾ ملي تہ مان سندس پوري پوري مدد ڪندس.
سو تون حيدرآباد وڃي پنھنجو ڪم ڪرائي اچ. وڌيڪ ڪا مدد وغيرہ درڪار هجي تہ مون ملج يا خط لکج.

وڌيڪ سڀ خير ۽ عافيت

تنھنجو، رشيد ڀٽي

36

تاريخ : 1976 –11–24
ممتاز الاطبا حڪيم محمد بخش چغتائي
آر – يو – ايم – پي ڪلاس

عزيز محترم جناب ڪريم بخش صاحب

محبت نواز جي خدمت ۾ اسلام و رحمت.
هڪ عرض ڪارڊ جي صورت ۾ پيش ڪيو ويو. مگر خط جي جواب کي بغير ڪنھن شاهدن جي گرفتار ڪري قيد ڪيو. معلوم نہ آهي تہ ڇو؟ هاڻي فرمائيندا تہ منھنجي خط جي جواب کي اوهان جي سرڪار جي عاليه عدالت مان ڪڏهن معافي ملندي. اميد تہ اوهان خير و عافيت سان هوندا.
چڱو خدا حافظ
خير طلب
حڪيم محمد بخش چغتائي
ڏهرڪي

37

1976 – 12 – 16

مانوارا ڀاءُ
دادا سنڌي

راھہ ويندي، ننڍڙي ٽڪري تي ٻہ اکر لکان پيو، ڪچھري تہ ڪڏهن منھن سامھون ڪبي. مھرباني ڪري ادي سيف هٿ ” منھنجي دنيا “ لاءِ فوٽو موڪلي ڏيندا.
ننڍڙي ٽُڪر تي چٺي ، اميد تہ پنھنجي گهٽتائي نہ سمجهندا. وڌيڪ قرب

پاران
اياز گل

38
Phone : 220418 ESTABLISHED 1948
2 – SARNAGATI BUILDING , WEEKLY AZAD ( SINDHI)
PAKISTAN CHOWK
KARACHI – 1
1976 – 12 – 27

عزيز محترم سلامت هجو
وعليڪم سلام!خط پھتو ۽ احوال معلوم ٿيو. اوهان جي همٿ ۽ حوصلي افزائي جو شڪريو.
توهان جيڪي خط ۾ لکيو آهي، سو بلڪل درست آهي. ڪنھن کي ڏوھہ ڏيئي ڪنھن کي ڏجي، اسان پنھنجي طرفان ايمانداري ۽ ديانتداري سان ڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا سين، ڪاميابي ۽ ناڪامي منھنجي مالڪ جي هٿ وس آهي. هن وقت جماعت جي شروعات آهي، اڳتي هلي اوهان جھڙن اديبن، علم نواز ۽ ادب پرورن جي دستگيري رهنمائي جي ضرورت پوندي.
اميد تہ اوهان بفضل تعالي خوش خورم هوندا. دعاءِ خير سان ياد ڪندا رهندا.

والسلام
فقير علي نواز وفائي

1977

39

خضر حيات قاضي
سائيٽ انجنيئر
پاڪ سعودي فرٽيلائيزر
ميرپور ماٿيلو ، ضلع سکر سنڌ.
فيبروري 25 – 1977ع

دائم اقبال

محترم ۽ مربي دادا سائين

و عليڪ سلام

آداب تسليمات
همت افزائي، دلجوئي ۽ خط لکي قدرداني ڪرڻ لاءِ نھايت ئي مشڪور و ممنون آهيان. اها اوهان مھربانن جي حسن اخلاقي ۽ علم و ادب سان لگن جو عملي ثبوت آهي جو ڪٿي هڪ اجنبي جا ڪچا ڦڪا بي ترتيب اکر پڙهيا اٿو تہ ايڏا خوش ٿيا آهيو ۽ خط لکي مشڪور ڪيو اٿو.
اوهان سان ادبي ۽ علمي ميدان ۾ برميچي، پيوندڪاري جي قابل تہ نہ آهيان، پر اها بہ اوهان جي ڪرم نوازي ٿيندي جو پنھنجو وڙ ڪري پنھنجي هم اثري ۾ آڻي سٿ سان ساڻ ڪندا. ٿي سگهي ٿو تہ اوهان جي طفيل ” پٺي لڳي ماڻھو ٿي “ ساڳي منزل جو راهي تہ بنجي نہ ٿو سگهان ، پر ان منزل جو متلاشي ضرور آهيان، جتي اوهان اڳ ئي پھتل آهيو.
علمي ادب ڄاڻ تہ ڪانہ اٿم ، پر ڪجهہ ڪرڻ لاءِ مڙئي پيو مٿو ماريندو آهيان. مصوري جي فن کان ڪورو ڄٽ، پر ان سان ٻالڪپڻ کان شغل ضرور ڪندو ايندو آهيان، جنھن ۾ والد بزرگوار کان ڪافي پرايو اٿم، ڇو تہ پاڻ ريٽائر ڊرائنگ ماسٽر آهن. سندس تربيت تي فخر اٿم. منھنجون ٺھيل تصويرون شايد اوهان ڏٺيون آهن، اهو هڪ معمو آهي، جيڪو روبرو حل ٿيندو. دوستي جي هام واري تہ نہ ٿو سگهان، پر خادمي لاءِ حاضر آهيان.
روبرو اچي شرف ملاقات بخشيندا، تہ احسان ٿيندم، حڪم ڪندا تہ روبرو اچي حاضر ٿيندس. صبح کان شام تائين مل تي هوندو آهيان، آفيس ۾ هليا ايندا. اتي نہ هجان تہ پٽيوالي کي چوندا تہ اهو پاڻھي توهان کي وٺي ايندو. شام جي وقت اچو تہ عارضي غريب خانہ جروار روڊ تي ريلوي ڦاٽڪ کان اڳ ۾ آهي.

بندہ خادم ”خضر “

40
سنڌي ادبي سنگت پنوعاقل
تاريخ : 12 – 6 – 1977ع
سيڪريٽري: غلام سرور ” سيف “
جوائنٽ سيڪريٽري : نعيم احمد ” ناز “
ڪاروباري سيڪريٽري : معصوم ڪلوڙ،
ڪرشن منڌاڻ

پيارا دادا
جيئي سنڌ : توهان جون ڪھاڻيون پڙهي ائين لڳندو آهي، ڄڻ سنڌ جي قومي تاريخ جو مطالعو ٿو ڪريان، ۽ پوءِ توهان جو ادبي کيتر مان يڪدم گم ٿي وڃڻ ٻيلي سونھي ٿو ؟ توسان واقفيت ناهي پر توسان ادبي ڀائپي وارو رشتو آهي. مٺا توسان ملاقات ڪرڻ جي شوق سان ئي ميرپور پھتس. پر رميش وٽان ڪوبہ پتو نہ مليو. سکر ۾ سنگت جي برانچن جي ڇندڇاڻ ڪندي ميرپور ماٿيلو جو فائل مليو. تنھنجا رشيد ۽ تنوير ڏي لکيل خط پڙهيم. ادا هينئر تہ ميرپور ۾ ڪافي دوست پئدا ٿي چڪا آهن. اميد تہ پاڻ ملھائيندين.

تنھنجو پنھنجو
سرور سيف
سنڌي ادبي سنگت پنوعاقل

1978

41

Muhammad Ibrahim M. Joyo
حيدرآباد سنڌ
12. 05. 1978ع

مون کي پڻ افسوس ٿيو ، جو هيترن ڏينھن کان پوءِ اوهين حيدرآباد آيا، پر اوهان سان گڏجاڻي ٿي نہ سگهي. انھن ڏينھن تي آئون ڪراچي ويل هئس. اوهين ايندڙ مھيني وري هيڏانھن اچي رهيا آهيو، ۽ اميد تہ ان موقعي تي ملاقات ٿي سگهندي.
اوهان جيڪا ڳالھہ خط ۾ لکي آهي ، ان جو ذڪر هڪ ٻن دوستن سان ڪيو اٿم. هنن آسرو ڏنو آهي، پر منھنجو منجهن آسرو ڪونھي، ماڻھو ڪجهہ ڪجهہ نہ پر تمام گهڻي قدر ڏٽئي ٿي پيا آهن، ۽ ٻيو تہ آفيسرن ۾ اهو مرياد يا اُهو لحاظ نہ رهيو آهي، يا شايد هو گهڻو مجبور آهن ۽ انھيءَ انساني وصف جو پنھنجي قول ۾ تہ گهڻو ئي پر عمل ڪو اظھار ڪري نٿا سگهن. اوهان اڍائي سئو کن جاين بابت لکيو آهي، پر مون تہ ٻڌو آهي تہ ڊئريڪٽ سليڪشن جون جايون جملي ڪي آهن ئي 25 کان 30، جن لاءِ سون جي تعداد ۾ سڄي سنڌ مان اميدوار حيدرآباد ۾ اچي ڪٺا ٿيا هئا، ۽ انھن جا انٽرويو تن ڏينھن کان وٺي ڪم از ڪم ڪالھہ تائين هلندا رهيا. بھرحال اميد تي دنيا جا ڪم رٿجن ٿا، هلن ٿا ۽ پورا ٿين ٿا. ۽ ڪوشش ۾ تہ اميد جو ڏيو جهلڪي ئي ٿو.
اوهان جي هڪڙن اديبن جي ڪوآپريٽو سوسائٽي آهي، جنھن هيستائين اٺ ڪتاب پڌرا ڪيا آهن. ” ڪنول پاڙون پاتار ۾ “ ان جو ٻيو نمبر ڪتاب هو. ان کان پھريائين اياز جو ” ڪپر ٿو ڪن ڪري “ ۽ ان کان پوءِ سيد صاحب جو ” اڄ پڻ چڪيم چاڪ “ ، محبوب علي جوکئي جا ” سچ جا سنيھا “ ۽ ” وکر سو و هاءِ “ ۽ منھنجا ” فڪر جي آزادي، ” گليلو “ ۽ ” شاھہ ، سچل ، سامي “ ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن. وڌيڪ ٻہ چار ڪتاب ڇپائي هيٺ آهن. آئيندي ملڻ آئين تہ انھي ڪم بابت ڳالھائيندا سين. ادبي بورڊ ۾ منھنجو هڪڙو ڪتاب ” وحشي جيوت جا نشان “ شايع ڪيو آهي، ۽ ٻيو بہ هڪ ڪتاب ” ڪئنڊيڊ “ جي نالي سان ڪڍيو اٿن، جنھن ۾ مون ڪجهہ خيال ڏنا آهن. هڪڙو ٻيو ڪتاب ” جنم قيدي “ بہ هتي حيدرآباد ۾ نڪتو آهي، جنھن جو پيش لفظ مون لکيو آهي، اهو بہ اسان جي سڄاڻ سنگت کي پڙهڻ گهرجي. تنھن کان سواءِ ادبي بورڊ ” گورڪيءَ جي سوانح حيات “ جا ٻہ جلد ” ننڍپڻ “ ۽ تربيت اياز قادري جا ترجمو ڪيل پڌرا ڪيا آهن. اُهي بہ پڙهڻ لازمي آهن. اسان جي بزرگ دوست ڏيپلائي تہ تازو هڪڙو ماهوار رسالو ” ساڻيھہ“ ڪڍيو آهي، جنھن جو پھريون پرچو اميد تہ اوهان جي نظر مان نڪتو هوندو. ان جو ٻيو پرچو ڇپائي هيٺ اٿس. ٻيو بہ گهڻو ڪجهہ سنڌي ادب جي اشاعت جي سلسلي ۾ ننڍن ۽ وڏن جي هٿان دلچسپي رکندڙن لاءِ شايع ٿي رهيو آهي. اميد تہ اوهان بہ ايڏانھن ادب ۽ ٻولي ۽ سنڌي ثقافت جي ميدان کي مچايون ويٺا هوندا. ڇو تہ اسين وچين طبقي وارا سفيد پوش، گهڻي قدر پنھنجي آزارن ۾ پورا ۽ ڪجهہ گهڻي ڏاهپ ۾ ورتل ۽ ڪجهہ گهڻي ڊپ جا ماريل پنھنجي وطن ۽ پنھنجي عوام يعني پنھنجي سماج لاءِ ڪري بہ اهو ئي سگهون ٿا. ۽ جي ڊپ لاهيون ۽ خطري کڻڻ لاءِ تيار رهون تہ گهڻو ڪجهہ اسان کان بہ ٿي سگهي ٿو ۽ واقعي اسين ڪري بہ سگهون ٿا. بھرحال استاد جي حيثيت ۾ ڪليدي آهي. شال اوهين پنھنجي اعلي خيالن ۽ مخلص امنگن ۾ انھن جي تعميل ۽ تڪميل جي ڌُن ۾ سدا مصروف رهو. ڇو تہ ڪومايل دلين لاءِ زندگي ۾ آب حيات اهو آهي. ٻيو ڪونھي.
اميد تہ اوهان سڄي پنھنجي سنگت سميت خيريت سان هوندا.

وڌيڪ خير واسلام
اوهان جو
محمد ابراهيم جويو

42

Muhammad Ibrahim M. Joyo
حيدرآباد سنڌ
20. 05. 1978ع

پيارا ڀاءُ دادا سنڌي ، شال خوش هجو.
ڪالھہ اوهان جو پھريون لکيل خط مليم، دراصل اُهو سردار پريس وارن کي مليو هو. انھن مان هڪڙي همراءَ کي سوسائٽي جي آفيس جي چاٻي ڏنل آهي تہ جيئن هو وقت بہ وقت اُها کولي ٽپال وغيرہ کڻي ۽ ان ۾ فوراً توجھہ ڏيئڻ جهڙين ڳالھين جي تعميل ڪري. اُهو خط ائين انھن وٽ پيل هو. مون کي افسوس ٿيو اوهان ڏانھن پنھنجي ان خط ۾ اوهان جي پھرين خط ڏانھن جواب طور ڪوبہ اشارو ڏنل ڪونہ هو. ان خط ۾ اوهان جيڪي قدرافزائي جا جملا ” شاھہ ، سچل ، سامي “ بابت لکيا آهن ۽ ذاتي طور منھنجي لاءِ تعريفي جملا ڏنا آهن، انھن لاءِ مان اوهان جو دلي ٿورائتو آهيان. ” شاھہ، سچل ، سامي“ ڪتاب کي اڪثر دوستن ساراهيو آهي. مون کي خوشي تہ هُنن ڪتاب کي ڌيان سان پڙهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ڪتاب لکجي ٿو ان لاءِ تہ سمجهدار ۽ ڪتاب جا شوقين ۽ سجاڳ ذهن ساٿي اُهو پڙهن ۽ ڪنھن پڙهندڙ جو سٺو تاثر معلوم ٿئي ٿو تہ دل کي خوشي ٿئي ٿي.
وڌيڪ خوشي مون کي انھي ڳالھہ جي ٿي، جو اوهان لکيو آهي تہ اوهان جي سنڌ جي تاريخ ۾ گهڻي دلچسپي آهي، ۽ ان جو عملي ثبوت اهو ڏيندا رهيا آهيو، جو سنڌجون تاريخي ڪھاڻيون لکيون اٿئو ۽ انھن مان 25 کن ڇپجي ويون آهن. مون کي افسوس آهي جو مون انھن مان ڪا آکاڻي اڃا پڙهي ڪانھي. يا ممڪن آهي تہ ڪٿي پڙهي اٿم. جيڪڏهن منھنجي صلاح مڃيو تہ انھن سنڌ جي تاريخي ڪھاڻين کي مڪمل ڪريو ۽ انھن جو سڄو مجموعو مون ڏانھن ڏياري موڪليو تہ پڙهي ، وڌيڪ صلاح مشورو ڪري، انھي کي ڪتابي صورت ۾ ڇاپائڻ جي ڪوشش ڪجي. سچ پڇو تہ سنڌ جي تاريخي ڪھاڻين لکڻ جو منھنجو پنھنجو ئي ڏاڍو شوق هو. پر اهو ڀلو ڪم اوهان هٿن ۾ کنيو آهي ۽ ڪافي پورو بہ اچي ڪيو اٿئو. انھي ڳالھہ تي مون کي بيحد دلي خوشي ٿي آهي. هڪڙو اردو ڪتاب ” سنڌ ڪي تاريخي ڪھانيان “ مولوي اعجازالحق قدوسي بہ پنج ڇھہ سال پھريون لکيو هو ۽ شايع ڪرايو هو. مون وٽ ان جي هڪ ڪاپي هئي، پر ڪير کڻي ويو آهي ۽ هن وقت اُها مون وٽ ناهي نہ تہ اوهان ڏانھن ڏياري موڪليان هان. اهو ڪتاب خود بہ اڻ پورو آهي ۽ لکيل بہ خاص وطن دوستي جي خيال سان نہ آهي. جيتوڻيڪ ان ۾ محنت ڏاڍي ذوق سان ڪيل آهي. اهو ڪتاب هاڻي اُهو مولوي صاحب ڪجهہ وڌائي، پاڪستان نيشنل بوڪ فائونڊيشن کان ٻيھر ڇاپائي رهيو آهي ۽ ممڪن آهي تہ جيئن پنجن مھينن ۾ شايع ٿي وڃي.
وڌيڪ خير. سلام سڀني دوستن ۽ ساٿين کي چوندا. اميد ت اوهين ڏانھن خيريت هوندي.

اوهان جو ، محمد ابراهيم جويو

43

Muhammad Ibrahim M. Joyo
حيدرآباد سنڌ
07. 08. 1978ع

پيارا دادا ، خوش هجو شال.
اوهان جي پھرين آگسٽ جي لکيل خط سان گلشن پبليڪيشن جو پھريون ڪتاب ” سوني جهرڪي “ مليو . ڪتاب اڃان نہ پڙهيو اٿم، جو مون کي هينئر ئي مليو آهي. پر هيءَ خط ان جي پھچڻ لاءِ فوراً لکي رهيو آهيان، ۽ ٻيو تہ ان خط ۾ اوهان لکيو آهي تہ ”تازو مان سنڌ جون تاريخي ڪھاڻيون مسودي جي صورت ۾ رجسٽرڊ پارسل ڪري موڪليو اٿم. اميد تہ پھتو هوندو. “ اهو ڏسي مون کي البت گهڻي اڻ تڻ ٿي آهي تہ ڇو اهو پارسل مون کي اڃان نہ مليو آهي؟ مھرباني ڪري ورندڙ ٽپال ۾ ٻڌائيندا تہ اهو پارسل ڪھڙي ايڊريس تي ۽ ڪڏهن اوهان موڪليو آهي، تہ هتي پوسٽ ۾ آءُ پڇا ڪري سگهان. اوهان جو ڪتاب ” سوني جهرڪي “ پڙهي ترت ئي اوهان ڏانھن پنھنجو رايو ان بابت لکي موڪليندس. اوهان جي گريڊ بابت الائي ڇا ٿيو. مون تہ هتي اوهان جي وڏي آفيس ۾ جنھن صاحب تائين منھنجي پھچ ممڪن هئي، ان کي ڪافي ڪجهہ پارت ڪري ڇڏي هئي، اميد تہ اوهان هر طرح سان خوش ڇڱا ڀلا هوندا.
اسان جي سوسائٽي ” شاھہ سچل سامي “ کان پوءِ جي ايم سيد جو ڪتاب ” جديد عالمي سياست“ ۽ هڪ تقريباً اڻ پڙهيل هاريءَ ساٿي جو لکيل ڪتاب ” ڳالھيون من اندر جون “ شايع ڪيا آهن. جڏهن بہ اهي ڪتاب نظر مان گذريو، تڏهن انھن بابت پنھنجي راءِ کان واقف ڪندا.

ٻيو سڀ خير. والسلام
اوهان جو
محمد ابراهيم جويو



44
تنوير عباسي
سرمد جو گهر ، خيرپور ميرس
تاريخ : 5 آگسٽ 1978ع

پيارا دادا،
تنھنجا خط ملندا رهندا آهن، جواب نہ ڏيندو آهيان، تہ متان سمجهندا تہ تون وسري ويو آهين. بس سستي آهي، ٻيو ڪجهہ ڪونھي.
ٻارن لاءِ ڪو شعر ڪونھي. ” ٻارن جي باري ۾ شعر “ ۽ ” ٻارن لاءِ شعر “ ۾ فرق آهي.
تو ڪتاب ” شاھہ لطيف جي شاعري “ لاءِ لکيو هيو. ترت توکي پوسٽ ڪندس.
تنھنجا تاريخي مضمون وڻندا آهن. خاص ڪري حجاج وارو .

تنھنجو
تنوير عباسي

45

حيدرآباد
27.10.1978

مٺا ڀاءُ
تنھنجو اثرائتو ۽ ڏک ڀريو خط پڙهي خيال آيم تہ ڪيئن نہ من جا ناتا ٽٽندا پيا وڃن ۽ ساٿ ڌڻي ڏورانھا پيا ٿيندا وڃن. پر مان زندگي جي مايوسين جي ڄار مان نڪتل پکي آهيان جيڪو روشني جي ڳولا ۾ اڳتي وڌندو وڃي. اميد منھنجو سھارو آهي، ڏڍ آهي. جنھن ڏينھن اميد ساٿ ڇڏيو تہ سچ جو ڳولائو پکي ان ڏينھن سمجهہ تہ کنڀڙاٽيون هڻي ٿڪجي پوندو. آءُ تو کي بہ اهو ئي ڏس ڏيندس، اميد وڏو سھارو آهي ۽ ان سھاري ئي ان جي ڳولا ماڻھو کي گهٽ ۾ گهٽ اڳتي وٺي ويندي. تنھنجي لاءِ مون کان جيترو ٿي سگهندو ڪندس. نظاماڻي اڃان مليو ناهي، جيئن مليو تئين زور ڪندو مانس. باقي مٿائين نوڪري لاءِ بہ ضرور ڪوشش ڪندس. ايم اي فرسٽ ڪلاس هجي ها تہ يونيورسٽي ۾ ضرور ڪوشش ڪيان ها. تنھن هوندي بہ اولو ناهي. رک مولا تي سڀ سڻائي ٿيندي. موقعو ملئي تہ ضرور ملجان.

تنھنجو پنھنجو
حميد سنڌي

46

ANWAR HALAI
حيدرآباد ( سنڌ )
2 . 12. 1978ع

محترم دادا سنڌي صاحب
اسلام عليڪم!

جيئن تہ گل ڦل سنڌ جو پراڻو ٻارن جو رسالو آهي. جيڪو وس آهر سنڌ جي ٻاراڻي ادب جي خدمت ڪندو رهي ٿو. سنڌ جي ٻارن جي اها گهر آهي تہ کين سنڌ جي تاريخي ڪھاڻين سان واقف ڪرايو وڃي. ان سلسلي ۾ اسين اوهان کي گذارش ڪريون ٿا تہ مھرباني ڪري اهڙيون ڪھاڻيون اسان ڏانھن ڏياري موڪليو تہ جيئن گل ڦل ۾ شايع ڪري، ٻارن جي گهرج کي پورو ڪري سگهجي. جيئن تہ اوهان جو هن فن تي عبور آهي. ان ڪري اوهان اهڙيون ڪھاڻيون موڪلڻ جو سلسلو شروع ڪندا تہ ٿورائتو رهندس.
هن سلسلي جي پھرين ڪڙي 15ڊسمبر ڌاري ڏياري موڪليندا.
اوهان جو

انور هالائي
ايڊيٽر گل ڦل
ٻارن جو ماهوار رسالو
سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد

1979

47

پارس پبليڪيشن
ڀٽا روڊ سکر
تاريخ : 7 آگسٽ 1979ع

ادا دادا سنڌي صاحب!
اميد تہ خوش هوندا.

اوهان ( اوهان جي ننڍڙي جا ) مرتب ڪيل گُلشن پبليڪيشن ڪتابي سلسلي جا ٽئي ڪتاب پڙهڻ لاءِ مليا آهن.خاص طور تي ٽيون پرچو مواد ۽ گيٽ اپ جي لحاظ کان بي حد وڻيو هئم. اها ٻي ڳالھہ آهي تہ اوهان پاران پھرين پرچي لاءِ تہ مون کان زور ڪري مواد ورتو ويو. پر پوءِ ٻنھي پرچن ۾خبر ناهي ڇو ، ڪھڙي مصلحتن ڪري وساريو ويس، جڏهن تہ رشيد انصاري صاحب هتي اڪثر ڪري ملندو رهندو هيو. بھرحال اها ڪا خاص ڳالھہ ناهي.
توهان کي پتو پيو هوندو تہ منھنجي ٻارن لاءِ لکيل شاعريءَ جو مجموعو ڇپجي پڌروٿي ويو آهي، مناسب سمجهيم تہ اوهان کي سندس ڪاپي موڪليان، جيئن اوهان پنھنجي ايندڙ ڪتاب ۾ ، منھنجي ڪتاب تي تبصرو لکي سگهو. اوهان جو ٻارن جي ادب تي سُٺو مطالعو آهي، پڪ اٿم تہ ڪتاب تي سُٺي ۽ صحيح نموني ڳالھائي سگهندئو.
ڪتاب جي پھچ ۽ تبصري لکڻ جي خبر ڏجو تہ مھرباني.
ادي الطاف ۽ ادي رشيد کي سلام.

وڌيڪ سڀ سُک

اوهان جو ئي
ايازگل، ڀٽا روڊ سکر

48

حيدرآباد
10.05.1979

محترم دادا سنڌي
پيارا ڀاءُ! شال خوش هجين. خط پھتو، اتفاق سان اوڏيءَ مھل جويو صاحب بہ هت ويٺو هو، خط ڏيکاريو مانس تہ هڪدم 25 ۽ 26 جي هلال گهرائي تو وارو مضمون پڙهيائين ۽ ڏاڍي تعريف ڪرڻ لڳو ۽ هاڻي توکي پڪ
ٿيندي تہ مان بہ حق تي تنھنجي تعريف ڪندو آهيان.
سنڌ جي تاريخ ۾ قاضي قاذن ( مان انھي غدار لاءِ اهو ئي نالو ٺيڪ ٿو سمجهان ) جيڪي ڪارناما ڪيا، تن تي سدائين بيشمار لعنت پوندي رهندي ٿي اچي، پر سنڌي قوم جي ڪن ماڻھن کي ڇا چئجي، جيڪي مردار ٿيئڻ کان پوءِ بہ غدارن تي گل گهوريندا ٿا رهن. اوهان جي مضمون بہ ساڻس چڱي ڪئي. ڪجهہ عرصو اڳ مان بہ اهڙو مضمون لکي سندس اصليت ظاهر ڪئي هئي. اڄڪلھہ مان تاريخي ڪتابن جا فارسيِءَ مان سنڌي ۾ ترجما پيو ڪريان. تازو مظهر شاهجهاني جو ترجمو سنڌي ادبي بورڊ ڇپايو آهي. هاڻي تاريخي طاهري جو ترجمو پيو هلي. شاعري لاءِ قلم ٿو کڻان تہ آنڊا وات کان ٿا اچن. سنڌين جي سجاڳي لاءِ پورا ٽيھہ سال جيڪي جتن ڪيا ويا، اهي بازيگرن جي بلي چڙهي ويا، هن کان پوءِ جيڪي ڪيو ويندوتنھن جو نتيجو بہ ساڳيو نڪرندو، سو ادا اسان تہ توبھہ ڪري ڇڏي. وري بہ تو يارن سنڌ جي سار ڪئي تہ پنھنجي غيرت بہ جوش ۾ اچي ويندي. پر قوم جو حال ڪونھي.
تازو منھنجي شاعري جي ڪتاب ” ڌرتي جا گيت “ تي بندش پئجي وئي، تنھن جو تہ ڏک ڪونھي، پر قوم جنھن بي رُخي جو اظھار ڪيو سا ڳالھہ گهائي وئي. مارن منجهہ مياس، مئس نہ ماڙئين. بس اها ئي مصيبت آهي. وري بہ سنڌ لاءِ هانءُ ٿو سڙي، جوجڪيون جاڳن ٿيون. آخر تہ ماءُ آهي. ان جا سور سھي ڪين ٿا سگهجن.
سنڌي ادبي بورڊ مون تي دريا خان ڪنڊڙيءَ واري جو ڪلام گڏ ڪرڻ جو ڪم رکيو آهي. درگاھہ وارن سان ڳالھيون هلن پيون، جيڪڏهن توکي بہ ان باري ۾ ڪا سُڌ هجي تہ ڪجهہ نہ ڪجهہ هٿ ڪري موڪلجان. مون کي ان جو ڪلام ۽ حياتي جو احوال گهربل آهي. تون پنھنجي ڪتاب بابت ٿوري گهڻي سڃاڻپ لک تہ مان دل جان سان اُنتي ٻہ ڇا ٻاويھہ اکر لکندس. گلشن پبليڪيشن وارن کي سلام ڏئي چئجان تہ وقت اچڻ تي اوهان جي لاءِ ضرور لکندس. خدا ڪري خوش هجين.

چڱو موڪلاڻي ڪانھي.
تنھنجو
نياز همايوني حيدرآباد سنڌ

49

ماهنامہ شريعت سکر
گلشن عيدگاھہ،
پوسٽ باڪس نمبر 71، سکر سنڌ
26 رمضان المبارڪ 14 ھہ

اسلام عليڪم! گذارش تہ اوهان جو نوازش نامو ۽ مضمون مليو وڏي مھرباني.
دادا صاحب! سنڌي زبان ۾ رسالو سو بہ مذهبي، ڪا آسان ڳالھہ ڪونھي، پنھنجا نہ خريد ڪن ۽ نہ اشتھار ڏين. پراون وٽ اشتھارن لاءِ وڃي پاڻ کي گهڻو هيٺ جهڪو ڪري وڃي ڪا معمولي ڪاميابي حاصل ٿئي ٿي. ست سال جنھن ڏکيائين سان گذاريا اٿئون، ان جي ڄاڻ ٻي ڪنھن کي شايد نہ هجي. الحاج مير صبح صادق خان کي جس هجي، جنھن جي تعاون سان ايترو پنڌ ڪري سگهيا آهيون. هاڻي ٿڪاوٽ هلڻ نہ ٿي ڏئي، وڌيڪ خدا پاڪ جي هٿ ۾ هر شيءَ آهي.
سنڌ جي مدارس دين جي فاضلن جيڪي ڪارناما سرانجام ڏنا آهن. انھن جي قدرداني نہ ٿي آهي. تاريخ جا ورق اٿلائيندي صرف مدرسن جي فاضلن جا جوهر نظر ايندا. هر ميدان ۾ انھن جون محنتون اعلى ۽ اتم آهن. پنھنجي بزرگن، مجاهدن ۽ عالمن جي ارواح طيبہ جي تسڪين ۽ پنھنجي سعادتمندي حاصل ڪرڻ لاءِ خاص انھن هستين جي سنواح حيات تي مشتمل نمبر شايع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ان ۾ عدم تعاون جي شڪايت باقي آهي ۽ بزرگن عالمن جي مقالن بابت ڪوبہ ڌيان نہ ٿو ڌري. انھي ڪم ۾ بہ اسان کي وڏي تڪليف ٿيندي، پر اسان پر عزم آهيون ۽ وري ميدان ۾ لٿا آهيون.
اٻاوڙي جي عالمن ۽ بزرگن تي ماستر حافظ اسماعيل ( ڏهرڪي ) مواد گڏ ڪيو آهي. ڪجهہ ڏنو اٿائين ۽ ڪجهہ جي دلداري ڏني اٿائين.
اوهان فرمايو تہ علمي ۽ ادبي خط لکو.
ادا آءُ نہ اديب آهيان ۽ نہ ڪو وڏو عالم. خط اهو عمدو جنھن مان ضمير جو آواز پڌرو ٿئي ۽ پڙهندڙ تائين خيال رسائي.

والسلام

اوهان جو
عبدالوهاب چاچڙ

1980

50

8/9 رمپا پلاز ، ايم اي جناح روڊ ڪراچي
7 آڪٽوبر 1980ع

محترم سائين دادا سنڌي صاحب.
اميد تہ خيريت سان هوندا.توهان سڄڻن جو قرب نامو پتو. يادگيري لاءِ لک ٿورا.
هتي اچڻ کان پوءِ ڪجهہ مصروفيتون اهڙيون ٿي ويون آهن، جو شاعري بہ وسري وئي آهي. هتي جي ماحول ۾ سکر جي ماحول ۾ ڪافي فرق آهي. اُتي واندڪائي گهڻي هوندي هئي، ۽ هتي وقت جي پٺيان پيا ڊوڙون، تنھن کان سواءِ ڪراچي جي مسئلن کان توهان واقف آهيو، انھن سان بہ مُنھن ڏيڻو ٿو پوي. ان ڪري دوستن سان خط وڪتاب جو رابطو اڳي جھڙو نہ رهيو آهي. پر خط نہ لکڻ جو مطلب اهو ناهي تہ دوست وسري ويا آهن.
مون کي افسوس آهي جو توهان جو مسودو ڪافي ڏينھن کان مون وٽ پيو هو ۽ آهي، پر ان جي ڇپائڻ لاءِ ڪو جوڳو بندوبست نہ ڪري سگهيس. هڪ تہ منھنجا ٻارن لاءِ جيڪي ڪتاب ڇپيا هئا تن جي خرچ جي واپسي اهڙين قسطن ۾ ٿي جو، اڃان تائين بہ پيا قسطون پيو اڳاڙيان. هڪ مالي حالتون ۽ ٻيو وري عام حالتون، جن ۾ سنڌي ڪتاب ڇپائڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي پيو آهي. بھرحال توهان جو مسودو مون وٽ هٿيڪو آهي. ويجهڙائي ۾ تہ ان جي ڇپجڻ جا امڪان گهٽ نظر پيا اچن. ٻيو تہ هتي اهڙي ڪي پبلشر بہ ڪينھن جن سان رابطو قائم ڪجي. جيڪڏهن مسودو اوهان کي گهرجي، تہ آءُ اوهان ڏانھن ڏياري موڪليان. پنھنجي سر ان جي ڇپائي لاءِ ڪوشش ڪندو رهندو. توهان انور هالائي ڏانھن يا ادبي بورڊ جي سيڪريٽري ڏانھن پڻ ان ڪتاب جي ڇپائڻ واسطي لکو.
شمشيرالحيدري کان توهان جي مضمون بابت پڇيم. کيس يادگيري ڪانہ ٿي پوي، ڇو تہ ان کي ڪافي عرصو گذري چڪو آهي. ٻيو تہ نئين زندگي جي آفيس، هتان کان حيدرآباد شفٽ ٿي وئي آهي. هينئر نئين زندگي جي آفيس حيدرآباد ۾ رهندي شايد.
ٻيون ڪھڙيو خبرون آهن. اوهان وٽ ادبي ڪچھريون ٿين پيون يا نہ.
اميد تہ سڀ دوست خيريت سان هوندا. عبدالرشيد انصاري ، الطاف ۽ ٻين ساٿين کي سلام.
توهان نوڪري جي باري ۾ لکيو آهي. ان لاءِ عرض آهي تہ توهان اخبارن ۾ باقائدي اشتھار ڏسندا ڪريو. سوشيالاجي جون ڪافي جايون اينديون رهنديون آهن. ڇو تہ سڀني پوسٽن جو اخبار ۾ اشتھار ايندو آهي.

وڌيڪ سک
فقط اوهان جو
ادل سومرو

51

سکر سنڌ
1980- 10 – 4

اسلام عليڪم!
اوهان جو خط پھتل آهي. يادگيري لاءِ مھرباني. آءُ امتحانن جي سلسلي ۾ لاڙڪاڻي کان ٻاهر هوس. ان کان پوءِ وري ميٽنگ جي سلسلي ۾ ڪجهہ ڏينھن حيدرآباد رهڻو پيو. انھيءَ ڪري جواب ۾ دير ٿي.
اوهان منھنجي مقالي متعلق جيڪي ڪجهہ لکيو آهي، ان مان معلوم ٿئي ٿو تہ تحقيقي ڪم جو قدر ڪندڙ ڪي نوجوان موجود آهن. ورنہ عام طرح نوجوان ليکڪ تحقيق، محنت، کوجنا ۽ مطالعي جو قدر ڪونہ ٿا سڃاڻن. حقيقت اها آهي تہ هن مقالي ۾ منھنجي سالن جي محنت، جستجو ۽ مطالعي جو نچوڙ آهي.
مولانا صاحب جي ڪلام جي ايڊيٽنگ مون شروع برابر ڪئي هئي، پر وچ تي ٻيا ڪم جو نڪري آيا تہ اهو ڪم انھن ئي ڏينھن ۾ اڌ ۾ رهجي ويو. ڪاغذن جي هينئر ڳولھا پئي ڪيم، پر اڌو گابرا لڌا آهن. انھن ۾ تذڪره شعراءِ سکر کان وڌيڪ معلومات ڪانھي. ڪيتري وقت کان اهو ماڻھو بہ ڪونہ ٿو اچي، جيڪو حضرت مولانا صاحب جو مريد هو ۽ منھنجي سھري وٽ ايندو هو. ان کان ئي معلومات حاصل ڪرڻ جو ارادو هو. منھنجو سھر و بہ حضرت مولانا صاحب وٽ ويندڙ هو. پر وڏي عمر جي ڪري ان جو بہ حافظو بہ ڪمزور ٿي ويو آهي. انھيءَ ڪري اوهان کي ڪابہ وڌيڪ معلومات ڏئي نہ ٿو سگهان. اوهان ان تر ۾ هٿ پير هڻو من ڪجهہ هٿ اچي وڃي.
آءُ هن وقت گورنمينٽ ڊگري ڪاليج سکر ۾ پروفيسر آهيان. ڪڏهن سکر اچو تہ منھن ڏيکارجو. گهر اهو ئي آهي، جتي اڳ رهندو هوس.
اوهان جا مضامين پڙهندو آهيان، خوشي ٿيندي آهي تہ هڪ نوجوان دوست تحقيق ۽ تاريخ جي اڻانگن پيچرن تان پنڌ ڪري رهيو آهي، محنت ۽ مطالعو ڪندا رهندا، تہ گهڻو ڪجهہ ڪري سگهندا.
اميد تہ خيريت سان هوندا. وڌيڪ خير.

والسلام
اوهان جو
ميمڻ عبدالمجيد سنڌي


52

حيدرآباد
1980 – 8 – 31

ادا
شڪايت بجا آهي، پر منھنجي مصروفيتن جي اوهان کي ڄاڻ آهي. اوهان جا لک لائق جو اوهان مون کي ان لائق سمجهيو آهي، پر الاهي ڇو اوهان سنڌي رسم و روايت خلاف ڪتاب جي ڊمي ڏيکارڻ کان سواءِ مون کان تعارف گهريو آهي.
دراصل سنڌ جون تاريخي ڪھاڻيون جيڪي پنھنجي ليکي ڪھاڻيون گهٽ مگر سنڌ جي تاريخ جا اهم باب وڌيڪ آهن. سنڌ جي ٻارن لاءِ مشعل راھہ آهن. دادا سنڌي جي هي قابل تحسين آهي. سنڌ ۾ جيڪڏهن اهڙا ٻيا بہ ٻارن جا هڏ ڏوکي پيدا ٿي تہ هو سنڌ جي ٻارن لاءِ نون نون موضوعن تي گهڻو ڪجهہ لکي سگهن ٿا ۽ اهڙي طرح سنڌ جي ٻارن کي معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ محرومي جو احساس نہ ٿيندو.

مٽي هاڻا ماڳ ، تتي چوران تڪتو
سنئون تن سڀاڳ، امل جن اوباهيو
( شاھہ رح )

اميد تہ هي ٻہ اکر ڀانءِ پوندا.

دعاگو
انور هالائي
ايڊيٽر ماهوار گل ڦل
سنڌي ادبي بورڊ ( حيدرآباد )

1981

53
سڪرنڊ
1981 - 9 – 20

محترم دادا سنڌي
اميد تہ خوش باش هوندا.

اوهان صاحبن جو منھنجي ڪتاب ” سنڌو وسندي سير “ تي لکيل عالمانہ مھاڳ نظر مان گذريو. ان لکڻ تي آءُ اوهان جو نھايت شڪرگذار آهيان، جو اوهان مون ناچيز جي قلمي ڪاوش کي ايتري عزت بخشي آهي.
مواد ۾ ڪيل درستگيون ۽ ڏنل صلاحن لاءِ بہ اوهان جو وڌ کا وڌ ٿورائتو آهيان. مون کي اميد آهي تہ اوهان جھڙا بزرگ اديب اسان نوجوانن جي هر طرح رهنمائي ڪندا رهندا. ۽ اهو اوهان جو فرض بہ آهي تہ ايندڙ ٽھيءَ کي ڪنھن سئين دڳ لائي وڃو. مان اوهان جا چند مضمون ” صبح سنڌ “ هفتيوار ڪراچي ۾ ۽ ان کان سواءِ ٻين بہ ڪافي هنڌن تي پڙهي چڪو آهيان. هر مضمون پنھنجي جاءِ تي هڪ وڏي اهميت جو حامل هوندو آهي. اوهان جا مضمون اسان جي رهنمائي لاءِ ڪافي آهن. شل ڪو سنڌي ٻولي ۽ ادب جو گهڻ گهرو مولائي شيدائي ۽ اوهان صاحبن جا مضمون ڪتابي صورت ۾ ڇپرائي. جيئين هي علمي سرمايو تباھہ ٿيڻ کان بچي ۽ هن سرمائي مان سنڌي ادب جا شياقين وڌ کان وڌ فائدو وٺي سگهن.
آخر ۾ آءُ اوهان جو وري بہ ٿورو مڃيندي اوهان جي عمر دراز لئه دعاگو آهيان. جيئن اوهان جھڙا مھربان ۽ شفيق استاد اسان ٻچن جي رهنمائي ڪري سگهن.

چڱو سائين سدائين گڏ

اوهان جو
اصفر آزاد
يونين ڪائونسل پير ذاڪري
پوسٽ سڪرنڊ ، ضلع نواب شاھہ

54

هن ڌرتي جا دودا جاڳيا، جاڳيو دريا خان وري
هن ڌرتي جي مٽي لھندي، مرڪي پنھنجو مان وري
(نياز همايوني )

1981 – 9 – 1
پيارا ڀاءُ ، جيئي سنڌ ۽ سلام.

اوهان جو خط مليو. ڪتاب به. آءُ ڪن مصروفيتن ڪري جويي وٽ وڃي نہ سگهيس. اڄ ويو مانس. ٽي وي پئي ڏٺائين. مون اوهان جو خط ڏنو مانس. خط کان اڳ ئي چيائين تہ ڪتاب واپس کڻي وڃ. آءُ ان تي ڪونہ لکندس. خط ڀرسان ڪرسي تي پڙهي رکي ڇڏيائين ۽ چيائين تہ پروگرام مڪمل ٿيئڻ کان پوءِ ڏيان ٿو. آءُ ويٺو رهيس. ڪتاب پوءِ ڳوليائين ۽ واپس ڪيائين. چيائين مون ڏٺو بہ ڪونھي. مون کي پڪ هئي تہ اهو مون تي تنقيدي مضمون لکڻ کان پوءِ ڪاوڙيل آهي. ان ڪري نہ لکيو اٿس. اوهان وارو تازو خط وري پڙهيائين ۽ پوءِ چيائين ويچاري ايلاز ڪيا آهن، اوهان 15 ڏينھن ڇڏي وڃو. 16 ڏينھن تائين اچي وري وٺي وڃو.
ڪاوڙ تہ لڳي دوست! پر ڪتاب اوهان جو هو ۽ اوهان جيئن چئو. نہ تہ آءُ تہ جويي وٽ آيو بہ اوهان جي ڪري آهيان.
شابس آهي اوهان کي جو آزاد جو ڪتاب پڙهي ان تي پيش لفظ بہ لکيو اٿئو ۽ ان جي همت افزائي ڪيئو. اهو هو اوهان جو خلوص ۽ ٻين سان پيار. هي وڏن اديبن جو تہ مٿو ئي اونڌو ٿيل آهي. اهي چون ٿا تہ ٻيو ڪير بہ نہ اچي.
اسان ٻارن جو رسالو ” گلستان “ ڪڍندا آهيون. ان جو ٻيو ڪتاب ڇپجي ويو آهي. ڇا اسڪول ۾ ڪاپيون هلائي ڏيندئو؟
وڌيڪ جيڪو اوهان جو حڪم.
منھنجا ٻہ ڪتاب اچڻ وارا آهن. ” ڏکيون جان نہ مڙن “ ( ڏهن ليکڪن سان ملاقات) ۽ ٻيو آهي ”شھيد هيمون ڪالاڻي“. اهي آخري مرحلن ۾ آهن.
اميد تہ خط لکي، گلستان بابت ٻڌائيندا تہ اوتريون ئي ڪاپيون ڏيان.

مھرباني
اوهان جو
ناز سنائي

55

ناز سنائي
سن، ضلعو دادو، سنڌ
10 جون 1981ع

منھنجا پيارا ادا، سلام
اوهان جو موڪليل ڪارڊ هن وقت مليو. سچ پچ تہ اوهان منھنجي همت کي وڌايو آهي. جڏهن هتي آءُ اڪيلو سڄي سنڌ جي ادبي ۽ سياسي دوستن جي مسلسل سازشن جو شڪار ٿيندو رهيو آهيان، ان وقت اوهان جي خط، منھنجي حوصلن کي وڌايو آهي.
ادا سائين! سچ پچ تہ گهڻي وقت کان منھنجي تمنا هئي تہ اوهان سان خط و ڪتابت جو سلسلو هجي، پر سوچيو هيم جي پاڻ جيڏن نوجوان ليکڪن کي وڏن اديبن ڏانھن خطن لکڻ واري جي رفتار ۽ انھن جي موٽ ڏسي، من ۾ خيال آيو هئم تہ متان پيارو دادا سمجهي تہ ناز بہ ٻاراڻي شوق ڪري وڏن اديبن جون تصويرون ۽ خط گڏ ڪرڻ ٿو چاهي. ان ڳالھہ کي نظر ۾ رکي، مون اوهان سان خط و ڪتابت نہ ڪئي. حالانڪ مون کي اها بہ خبر هئي تہ اوهان منھنجي چڻنگ سلسلي کي پسند ڪندا هئا ۽ پھرين بہ پڻ تعريف ڪندا هئا. منھنجي اديبن واري انٽرويو واري سلسلي کي بہ اوهان پسند ڪندا هئا ۽ هڪ دفعو شايد اوهان ڪنھن هنڌ ذڪر بہ ڪيو هو. جڏهن بہ داد لغاري مان ڪو خط ، ڪا اخبار ۽ خبر پڙهندو آهيان تہ دادا سنڌي ياد ايندو اٿم.
ڇاڪاڻ تہ دادا، اوهان ڌرتي جي ماضي جي تاريخي ڪھاڻين کي نئين انداز ۾ لکڻ شروع ڪيو. جنھن ماضي کي نظر ۾ رکي آءُ سنڌ وطن جي شاندار مستقبل لاءِ ڪنھن رٿا تحت ڪم ڪري رهيو آهيان. مون کي نہ رڳو وطن، پر وطن سان محبت ڪندڙ ، وطن جي تصوير جوڙڻ ۽ انھن ۾ مختلف رنگ ڀرڻ وارن سان بہ بي اتھا محبت رهي آهي. اوهان هاڻي پنھنجي دل تي هٿ رکي ڏسو تہ آءُ اوهان سا ڪيتري ه محبت ڪندو آهيان. پر يار، آءُ چوندو آهيان تہ ڪو بہ ماڻھو مون کان مايوس نہ ٿئي ۽ نہ ئي آئون هن وٽان. مون کي اوهان جا مضمون پسند ايندا هئا ۽ آهن، ان ڪري مون اوهان جا ٻہ مضمون ” سنڌڙي جو اولاد “ ۽ ” شجاع سنڌ ۾ “ پراڻن رسالن تان کڻي شايع ڪري ڇڏيا هئم. ۽ هڪ ڪتاب تي نالو بہ اوهان جي مضمون جو رکيو هئم. آءُ نون مضمونن لاءِ بہ لکي پئي سگهيس، پر سوچيم تہ نہ مليو تہ دادا، جيڪو مون وٽ وڏي حيثيت ٿو رکي، اها تصوير ڪٿي ڀورا ڀورا نہ ٿي وڃي.
اڄ جڏهن اوهان جو ڪارڊ مليو اٿم تہ سمجهيو تہ ڪيڏي نہ مون کي خوشي ٿي اٿم. اڳ اوهان جو هڪ ڪارڊ مومل موڪلڻ لاءِ مليو هئو. موڪلي ڏنو هئم. ها آئون اوهان جو سچل وارو مضمون ضرور ڇپرائيندس. وڏو هوندو تہ ڪتابي ( جدا ) صورت ۾ شايع ڪرائيندس. ڇاڪاڻ تہ مون کي قوم کي اهڙو ئي ادب ڏيڻ جو ارادو آهي ۽ اوهان سان وعدو تہ اوهان جي تاريخي ڪھاڻين وارن، مضمونن وارا مجموعا بہ ڇپرائيندي مون کي خوشي محسوس ٿيندي.
اوهان جي موڪلي ڏيو تہ آءُ جيڪي منھنجا ٻہ ٽي ڪتاب پريس ۾ آهن، انھن کان پوءِ پھرين فرصت ۾ اوهان جي مواد کي شايع ڪرائيندس.
اميد تہ خيريت سان هوندا.
ٻي ڳالھہ تہ اسان جا رسالا مومل ، گلستان ۽ ٻيا ڪتاب ٿا اچن. اوهان جو ڪو ايجنٽ وغيرہ دوست آهي. ان سان ڳالھايو. 33 سيڪڙو رعيات ڏيندا سون.

سدائين گڏ
اوهان جو پنھنجو
ناز سنائي

1982

56

هن ڌرتي جا دودا جاڳيا، جاڳيو دريا خان وري
هن ڌرتي جي مٽي لھندي، مرڪي پنھنجو مان وري
(نياز همايوني )

سنڌي ٻارڙن جي علمي ۽ ادبي تنظيم
سنڌي ٻارڙا سنگت سنڌ
مرڪزي آفيس، سينٽرل جيل حيدرآباد

تاريخ : 1982 – 6 - 10

پيارا ڀاءُ!
جيئي سنڌ! گذريل ستن مھينن کان سينٽرل جيل حيدرآباد ۾ آهيان. پيو وقت گذري. اڃا ڪچو آهيان. ڪابہ سزا وغيرہ ڪانہ ملي آهي. ”ڏکيون جان نہ مڙن“ تي ڇاپو هنيائون. اسان جي هڪڙي دوست عين موقعي تي اهو ڪم ڪرايو. جنھن وقت ڪتاب بائنڊ پيو ٿئي. خير پرواھہ ئي ڪانھي. افسوس رڳو پنھنجن ماڻھن تي آهي.
مان هتي بہ لکڻ پڙهڻ جي ڪم کي لڳو پيو آهيان. مون کي مھرباني ڪري هن موضوع تي ڪجهہ معلومات تمام جلد موڪلي ڏيندا تہ هندستان جي ڪھڙن حڪمرانن سنڌ تي حملو ڪيو ۽ انھن جا نالا ۽ تفصيل تمام ترت موڪليندا تہ احسان مند رهندس. اسان مڙئي تاريخ کان گهٽ واقف آهيون.
۽ ٻيو عرض تہ ڪجهہ وقت اڳ مون وڪري لاءِ ڪجهہ رسالا موڪليا هئا، انھن جو نہ معلوم ڇا ٿيو. جيڪڏهن وڪرو ٿيا هجن تہ پئسن جي گهرج آهي. جيڪڏهن نہ تہ ٺھيو. پئسا ڳوٺ موڪلجو. سن ضلع دادو سنڌ ۽ خط پڻ هن ايڊريس تي ، خميسو خان ميمڻ ، سن ضلع دادو سنڌ. جيڪڏهن پئسا نہ هجن تہ تڏهن بہ ضروري ناهن. پر اها ڄاڻ ضروري ۽ تمام ضروري آهي.

سنگت کي سلام

اوهان جو
ناز سنائي




75

سھہ ماهي سنڌ
98 – اي – لطيف آباد نمبر 10 ، حيدرآباد سنڌ
تاريخ : 1982 – 9 – 22

سائين دادا سنڌي صاحب
اسلام عليڪم! اميد تہ خوش هوندا.

اوهان جو مضمون پھتو. پڙهيم، وڏي مھرباني جو قلمي تعاون ڪيو.
مضمون تي منھنجا هيٺيان ريمارڪس گوش گذار ڪندا.
• محنت سٺي آهي.
• گهڻو ڪري اڪتفا گرامي صاحب واري مضمون تي آهي. جيڪو دهرايو ويو آهي.
• ڪاما، فل اسٽاپ، وغيرہ جو صفا خيال نہ رکيو ويو آهي.
• مضمون فيئر ڪندي / لکندي تڪڙ کان ڪم ورتو ويو آهي، جو ڪٿي ڪٿي ڌڪ ٿو لڳي.
• ڪجهہ لفظ ڌاريا آهن. جن جا متبادل سنڌي ۾ هئا.جيئن ( ۽ ڪجهہ صحيح ناهن لکيل )
پوتر = پاڪ
سندر = سھڻو
مورغ = مورخ ( ٿي سگهي ٿو تڪڙ ڪري ٿيو هجي ).
حتاڪ = حتى ڪہ
گواھہ = شاهد
جيالن سپاهين = سورهين
سعودي عرب = عربستان ( انھي ڪري جو جنھن دور جي ڳالھہ ڪندي سعودي عرب جو لفظ استعمال ڪيو ويو آهي. ان وقت سعودي عرب جو وجود نہ هئو. سعودي عرب شاھہ سعود کان پوءِ ٺھيو )
سپرد = حوالي
درياءَ = درياھہ
وه ئي = وهي
هت = هتي
جن مان = جن مان
ناپسندگي = ناپسنديدگي
سنگ ميل = ميل جو پٿر ( وغيرہ )

اجازت هجي تہ مٿين تجويزن جي روشني ۾ صحيح ڪري، مضمون هن ئي پرچي ۾ هلائجي. باقي هونئن مضمون تمام سٺو آهي. قلمي تعاون لاءِ وڏي مھرباني.

اوهان جو
انور جوکيو

58

سھہ ماهي سنڌ
98 – اي – لطيف آباد نمبر 10 ، حيدرآباد سنڌ
تاريخ : 1982 –11 – 07

پيارا جناب دادا سنڌي صاحب.
اسلام عليڪم
اميد تہ خيريت هوندي.

طويل خط مليو. مھرباني جو ڪتاب تي پنھنجي راءِ کان آگاھہ ڪيو. توهان جا مشورا ۽ تجويزون وڻيون. البت ڪي ڪي لفظ اهڙا تصيح ڪرڻ لاءِ تجويزون ڏنيون آهن، جيڪي منھنجا ناهن. بلڪہ انھن ايڊيٽوريل نوٽن منجهان ڪوريل آهن، جيڪي ڪتاب ۾ جاءِ بجاءِ ڏنا ويا آهن. اهي ايڊيٽوريل نوٽ اسان جيئن آهن تئين ڏنا آهن. بلاشبہ انھن ۾ قابل صلاح جڳهون آهن.
اوهان جو مقالو اڄ ڇپجي پورو ٿيو. هڪ مون ٻي گستاخي بہ ڪئي آهي، اها هيءَ آهي تہ مقالي جو عنوان توهان ” حضور صه ۽ سنڌ “ لکيو هو، پر مون ان کي زيادہ جاذب ۽ وڻندڙ ڪرڻ لاءِ ” سرور عالم صه ۽ سنڌ “ ڪري لکيو آهي. اميد تہ هي حجت قبول پوندي.
ٻئي پرچي لاءِ ڪو مقالو تيار ڪندا. پر موضوع اهڙو چونڊجو، جھڙو هن ڀيري آهي. هن ڀيري مقالن جي حصي ۾ اوهان جي مقالي جو ڪر مٿاهون آهي ۽ سنڌ ۾ ڇپيندي فخر ٿو محسوس ٿئي.

زيادہ سلام
نياز مند
انور جوکيو

1983

59

1983ع – 3 – 1

داداسائين
سلام

اوهان جا موڪليل پئسا 61 روپيا مليا، مھرباني.
اوهان پنھنجي خط ۾ ڪتاب جي مسودي بابت لکيو. اوهان وارو مسودو منھنجي اکين آڏو آهي. وڏي چاھہ اٿم تہ ان کي مان شاندار نموني ڇپرايان. اسان وٽ اهڙي ادب جي جيڪو تاريخي آهي، ان جي وڏي کوٽ آهي. اوهان وارو مواد تہ وڏي ڳالھہ آهي.
يار، اسان ماڻھن جي وڏي بدقسمتي آهي تہ اهڙا ڪتاب شايع ڪرائڻ لاءِ ڪو جامع ادارو ڪونھي. ٻيا ڪتاب تہ شايع ڪرائڻ لاءِ کوڙ سارا ادارا ڪم ڪن پيا. پر اهڙو مواد ڇپائيندي انھن کي ٻرو ٿو چڙهي. سوچيندو آهيان تہ روئڻ ايندو آهي. اسان جا ڪيترا قلمڪار ائين ئي مري ويا. جن جون تمنائون هيون تہ سندن مواد، سندن زندگي ۾ شايع ٿئي.
ادا، پندرنھن مھينا جيل ۾ رهڻ ڪري خرچ منھنجو الھہ تلھہ تباھہ ڪري ڇڏيو ۽ هاڻي سوچيان پيو تہ ڪم ڪيئن ڪبو. جڏهن تہ ڪافي ڪم رٿيل آهي. اسان جا اديب نھايت مسڪين ۽ غريب آهن. اوهان جي حالتن جي تہ مون کي پروڙ ڪونھي.
آئون هن خط ۾ هڪ عرض پيو ڪريان تہ ڇا اوهان ٻہ هزار روپيہ بطور قرض اسان کي ڏيندئو يا وٺي ڏيندئو. جنھن مان اوهان جو ئي ڪتاب شايع ڪبو. اُهي ٻہ هزار روپيہ ڇھن مھينن جي اندر واپس ڪبا. اوهان ۾ اها طاقت نہ هجي تہ ٻي ڪنھن کي بہ اهڙو عرض ڪيو. اسان ان سان تحريري طور فيصلو ڪري، ڇھن مھينن ۾رقم واپس ڪندا سين.
ادا بس اها آهي دير. هونئن تہ ڪتاب تي ڪافي خرچ ايندو پر ٻيا ڏوڪڙ ٻي هنڌان پٽ سٽ ڪبا.
مون کي جواب جو انتظار رهندو.

مھرباني
تنھنجو ادا
ناز سنائي

60

سن
1983ع – 3 – 7

پيارا دادا!
سلام
تنھنجو خط مليو، مھرباني.
سڄڻ، مون کي خبر آهي تہ اوهان غريب ماستر آهيو. جيڪڏهن پئسي وارا هجو ها تہ ڪڏهڪو صاحب ڪتاب هجو ها ۽ ٻي ڳالھہ تہ جيڪڏهن مان گرفتار نہ ٿيا ها تہ تيستائين اوهان وارو ڪتاب ڪڏهڪو آڻي ڇڏيا ها ۽ اوهان کي پئسن بابت لکان ئي نہ ها.
مان پاڻ پٽ سٽ ۾ آهيان. ڌڻي ڌر دعاگو آهيان تہ اوهان ڀاءُ جو ڪتاب چڱي نموني سان ترت شايع ڪرائي وٺان. اوهان 500 روپيہ ڏيڻ جو چيو آهي ۽ لکيو آهي تہ اوهان اُهي ڏيئي سگهندا.
ڀاءُ منھنجو عرض آهي تہ وڌيڪ نہ تہ 1000 هڪ هزار روپيا، پاڻ کي تڪليف ڏيئي بہ مون کي ڏيو. مان اُهي هزار روپيہ وڌ ۾ وڌ ڇھن مھينن اندر واپس ڪري ڇڏيندس. باقي پئسن لاءِ مان لڳو پيو آهيان. انشاءَﷲ جلد ڪم ٿي ويندو. بس اها مھرباني ڪريو.
جيڪڏهن ائين آهي تہ پوءِ مان گهڻو ڪري 17 مارچ تي ٺُل ايندس. جتي لطيف رح جي ورسي آهي. اوهان پڻ انھي موقعي تي اچو تہ روبرو ملاقات بہ ٿي وڃي ۽ پئسا بہ ملي پون تہ مان اچي ڪم شروع ڪريان.
وڌيڪ لکجو تہ انتظار لھي.

مھرباني
تنھنجو ادا
ناز سنائي

61

سن
1983ع – 4 – 7

مسٽر دادا سنڌي
سلام، اوهان جو خط پھتو مھرباني.
اوهان جي خط جيڪو ڏک پھچايو ان جو اظھار هن ڳاڙهي قلم سان لکڻ ۾ آهي.
مون اوهان کي ٻڌايو هو تہ مان ڇنڇر تي نياز وٽ ويندس. اتي ويس تہ هو ڪونہ هو. مان اوهان وارو ڪتاب سندس هڪ دوست کي ان ڏينھن ڏئي آيو هئس ۽ کيس پھچائڻ لاءِ تاڪيد ڪيو هئم. پر ان دوست کيس ڪتاب نہ پھچايو. مان وري ٻئي ڇنڇر تي حيدرآباد ويو هئس. ان همراھہ سان مليس ۽ ڪتاب جو پڇيم. ان چيو تہ نياز خيرپور جشن تي ويل هو. رات مون وٽ آيو هو. ان سان ڪتاب جو ذڪر ڪيو هيم. چئي مان پوءِ اوهان وٽان کڻي ويندس. مون هُن کان ڪتاب ورتو ۽ سڌو نياز وٽ ويس. جنھن ٻڌايو تہ ڪالھہ دادا جو کيس خط مليو آهي. مون کيس چيو تہ مون کي ڪتاب جلد شايع ڪرائڻو آهي. ان ڪري اهو مون تي ذاتي طور احسان ڪريو. جلدي ڏسي مھاڳ لکي ڏيو. ان کان اڳ اهو ڪتاب هڪ پريس واري کي ڏياري هن سان ڳالھايم پڻ ۽ ڪاغذ بہ خريد ڪري پريس واري کي ڏنم. نياز کي مان چئي آيس تہ هفتي کن ۾ اهو ڪم ڪري ڏيندو.
اوهان مون کي پنھنجي پئسن جو مھڻو ڏنو آهي. پر اوهان اهو سوچيو بہ آهي تہ اوهان رڳو 500 موڪليا آهن. جيڪي تہ ڪنھن بہ ڪم جا نہ آهن. مون تہ اندازو لڳايو آهي پريس وارن جي پڇا کان پوءِ تہ گهٽ ۾ گهٽ 5000 روپيا خرچ ايندو ۽ ان سلسلي ۾ مون هڪ ٻن دوستن کان مدد گهري. هڪ دوست 500 روپيا ڏنا، اوهان وارن 500 کي ملائي مون 1000 روپين جو ڪاغذ ورتو. پر اوهان جي روش مون کي سخت صدمو پھچايو آهي.
دوست! مان قومي ورڪر آهيان. مان ڪڏهن بہ غلط ڳالھہ نہ ڪندو آهيان. اوهان مون کان اهو خط لکي اهو پڇي پئي سگهيا تہ نياز وٽ نہ وڃڻ جو سبب ڪھڙو آهي. نہ انوکي انداز ۾ خط لکڻ جو.
هاڻي ڳالھہ هيءَ آهي تہ نياز کان ڪتاب يا ڪو ٻيو ماڻھو وصول ڪري، مان هاڻي ان ڪتاب جي سلسلي ۾ ان سان نہ ملندس. باقي اوهان جا پئسا، سي مان ڪاغذ واپس ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس، جيڪڏهن ڪاغذ واپس ٿيو تہ واھہ، ورنہ آءُ جلد ڪوشش ڪري اوهان ڏانھن رقم موڪلي ڏيندس، جنھن مان مون محلات پئي ٺھرايو ۽ انھن پئسن پھچڻ کان پوءِ پوري سنڌ منھنجي سلامي اچي ٿي هئي.

خدا اوهان کي سلامت رکندو . موڪلاڻي.
ناز سنائي

62

هر مند ۾ نئون ڪتاب
سنڌ
98 – اي – لطيف آباد 10، پوسٽ باڪس 1081، حيدرآباد
1983ع – 4 – 18

پيارا سائين،
اسلام عليڪم!
اميد تہ خوش هوندا.
اوهان جو خط ۽ مقالو مليا آهن. مقالو مون کي وڻيو آهي ۽ سنڌ جي آئيندہ اشاعت ۾ شامل سمجهندا، اوهان سٺي محنت ڪري اهي انگ اکر ڪٺا ڪيا آهن. لڳي ٿو تہ اوهان محنت ڪري هر موضوع سان وس آهر ڪوشش ٿا ڪريو مڪمل نڀاءُ جي.
هڪ ڳالھہ چوندس ۽ پڻ واضع هئڻ گهرجي تہ اسان هڪ ٻئي کي سمجهڻ سان گڏ اگر جيڪڏهن هڪ ٻئي کان ٿورو گهڻو سمجهون تہ اهو پڻ وڌيڪ بھتر آهي ۽ اهو ئي سبب آهي جو اوهان جي ۽ ٻين عالمن ۽ اديبن جي مقالن ۾ ڪجهہ صورتخطي جون چُڪون رهجي ويون آهن. جيڪي هن ريت آهن. ( انھن جي نشاندهي پڻ مٿين گذارش تحت سمجهندا.
ناموزون لفظ موزون لفظ
قران قرآن
انجي ان جي
انسان ان سان
نٿي نہ ٿي
سڀکان سڀ کان
اهڙيطرح اهڙي طرح
جنکي جن کي
ڏينھنم ڏينھن ۾
انم ان ۾
جنھنجو جنھن جو
جنجو جن جو
هنکانسواءِ هن کان سواءِ
انھنکانسواءِ انھن کان سواءِ
علمائن علماءَ يا عالمن

اهي مٿيان لفظ صورتخطي جي صحيح ڪرائڻ خاطر قابل توجھہ آهن. اصل ۾ سنڌي رسالن جي ٻين علمي ۽ ادبي خدمتن سان گڏ، اهو پڻ فرق آهي تہ هو هڪ معياري صورتخطي ۽ ٻولي کي ئي پنھنجن رسالن ذريعي رائج ۽ نافذ ڪن. مان ضرور مڃيندس تہ هر علائقي جي لکڻ ۽ ڳالھائڻ جو مزاج پنھنجو پنھنجو آهي. اتر واري علائقي جا ماڻھو ۽ لاڙي الڳ الڳ ڳالھائين ٿا/ لکن ٿا. پر ادبي ٻولي تنھن صورت ۾ هڪ ئي هئڻ گهرجي.
اميد تہ اوهان تجويزن سان متفق هوندا.
اوهان مقالي ۾ ڪجهہ حوالا اردو ۾ ڏنا آهن. انھن جو سنڌي ترجمو ڏيو ها تہ بھتر ٿئي ها. جيڪي دوست پڻ انھي ريت انگريزي ۾ حوالا ڏيندا آهن. اهي پڻ سٺا موزون لڳندا آهن.
باقي سڀ خير آهي.
پرچو هن هفتي ۾ اوهان کي موڪليو ويندو. هاڻي پوين مرحلن ۾آهي.
قلمي تعاون لاءِ وري بہ ٿورا.

سڪ مان
انور جوکيو

63

درويش نائچ
1983ع – 4 – 26

محترم دادا سنڌي
اسلام عليڪم! مزاج گرامي

دعائن بعد عرض آهي تہ ” سنڌ “ ۾ اوهان جو شايع ٿيل مضمون ” سرور عالم ۽ سنڌ “ پڙهي نھايت خوشي حاصل ٿي. اوهان جي جاکوڙ ۽ محنت ۽ ڪتابي حوالن جي محنت بيشڪ اوهان کيرون لھڻيون. اڃان ڪجهہ رسالو پڙهي ڪونہ سگهيو آهيان. اوهان جي حڪم تي رسالو واپس ڪجي ٿو.
اسان جي دلي دعا آهي تہ ﷲ پاڪ اوهان جي عمر دراز ڪري، قوت علم ۽ ذهني قوت کي چار چنڊ لڳائي. آمين ثم آمين. زيادہ آداب

والسلام
اوهان جو خير انديش دعاگو
حاجي محمد عيدن ناز ميراڻي

64

1983ع – 7 – 18

پيارا دادا
سلام
تنھنجو موڪليل خط مليو، مھرباني . سڄڻ تنھنجي خط منھنجي ڪاوڙ تہ ختم ڪري ڇڏي. پر ان خط منھنجا حوصلا ختم ڪري ڇڏيا هئا. ڇو تہ ڏک پنھنجن جو ٿيندو آهي. مان حيدرآباد وڃي ورتل ڪاغذ هڪ دوست کي ڏئي ڇڏيو ۽ کيس چيو تہ تون ڀلي ڪتاب ڇپائي پوءِ مون کي ڏوڪڙ ڏجان. مان تنھنجي خط پھچڻ کان پوءِ حيدرآباد ويس پر همراھہ پنھنجو ڪم شروع ڪرائي چڪو هو.
بھرحال مان وري هٿ پير هڻان ٿو. انشاءَ ﷲ ڪجهہ ٿيندو تہ ڪم شروع ڪرائبو. نہ تہ يار مان بيوس آهيان. ڇو تہ مان ڌارين جا ڏک ۽ طعنا ۽ مھڻا برداش ڪري سگهندو آهيان. باقي پنھنجن جا نہ. ۽ اهو ڪير بہ نہ سھندو آهي. خير ڪاوڙ تہ ڪافور ٿي وئي. ڪتاب لاءِ مان ڏاڍي ڪوشش ڪندس تہ جلد اچي وڃي.
جواب جو اوسيئڙو رهندو.

ناز سنائي
65

1983ع – 8 – 13

پيارا دادا
سلام، اميد تہ خوش هوندين.
اوهان جو ڪارڊ پھتو مھرباني، چڱو ٿيو تہ اوهان فيصلو ڪري ورتو. هاڻي مان اوهان کي ٻڌايان تہ مون کي اوهان جي ڪتاب شايع ڪرائڻ لاءِ ڪيڏي نہ دلچسپي هئي. جويي صاحب وٽ ڪيئي پنڌ ڪيا هئم. هن ڪيترن ئي پنڌن کان پوءِ ڪتاب واپس ڪيو هو. پر اها هن ۾ جرئت ڪانہ هئي جو چوي ها تہ هن کي ڪجهہ درست ڪيو . نياز صاحب وٽ پڻ ڪافي وقت کان پنڌ ڪيم ۽ هن اها ڳالھہ ٻڌائي ۽ چيائين تہ مون سلامن جو خط دادا کي لکيو آهي. اوهان انھن ڳالھين کي نظر ۾ رکي ان کي درست ڪريو.
مون کي اوهان سان نہ معلوم ڇو دلي طور اُنس پئي رهيو آهي ۽ تمنا هئي تہ اوهان جو ڪتاب چڱي نموني شايع ڪرائجي. ان جي ٽائٽل لاءِ ڊزائن بہ ٺھرائي رکي اٿم. ڪاغذ بہ ورتو هئم. پر اهو اوهان جي ناراضپي جي ڪري ٻئي جي ڪم اچين ويو.
منھنجا ٻہ ڪتاب پريس ۾ آهن. هڪڙو قاضي فيض محمد جو هاري ڪاميٽي ۽ الاٽي تحريڪ. ڇاڪاڻ تہ مرحوم سائين پنھنجو مسودو وفات کان اڳ ۾ منھنجي حوالي ڪري ويا هئا ۽ هاڻي مون تي اهو فرض ٿو ٿئي تہ مان سندس مواد هرحال ۾ شايع ڪريان. ان کان سواءِ ڪامريڊ لغاري بہ اهڙي نوازش ڪئي . مسڪين ضرور آهيان، پر قومي ماڻھن سان پيار رهندو آهي. ٻيو منھنجو پنھنجو ” قيد جي ڪھاڻي“ آهي. ٻي جيڪا مون لاءِ نئين ڳالھہ پيدا ٿي آهي، اُها اها آهي تہ مون تي هوم سيڪريٽري طرفان ٻہ ڪيس داخل ٿيا آهن. تازو طارق اشرف کي پنھنجي ڪتاب شايع ڪرائڻ جي ڏوھہ ۾ گرفتار ڪيو ويو، جيڪو ضمانت تي آزاد ڪيو ويو، ۽ مان وتان لڪندو. 14 آگسٽ کان پوءِ هاءِ ڪورٽ وڃي ضمانت ڪرائيندس ۽ هوم ڊيپارٽمينٽ تي پنھنجي پاران ڪيس داخل ڪندس. دعا ڪيو تہ ﷲ پناھہ ۾ رکي. سرڪار وتي ٿي هروڀرو تنگ ڪندي ۽ خيال اٿس تہ راهن ۾ رڪاوٽون پيدا ڪري هٽايو وڃي، پر هي جان ختم تہ ٿي سگهي ٿي پر پوئتي نہ ٿي هٽي سگهي. آءُ اوهان جي پئسن لاءِ جلد ڪوشش ڪندس ۽ ورائيندس. ڪجهہ ڏينھن لڳا تہ معاف ڪجو.
اميد تہ اوهان خوش هوندا.

اوهان جو ساڳيو

ناز سنائي

66

سنڌ رائيٽرس گلڊ
پوسٽ باڪس نمبر 384 حيدرآباد ( سنڌ )
تاريخ : 1983ع – 8 – 31

ادا سائين
خط مليو مھرباني، ڪتاب موڪلڻ ۾ ڪجهہ دير ٿي وئي. اها غلطين جي نشاندهي ڪاوڙ ۽ ڪروڌ ۾ نہ ڪجي ها تہ واقعي رهنمائي جي پورائي ٿي پوي ها. ڪتاب موڪلڻ کان پوءِ توهان جو ڪارڊ مليو تہ ڦڪائي ٿيم. الائجي ان نشاندهي جو اوهان جي ذهن تي ڪھڙو اثر پيو. پر توهان جي خط ڳالھہ صاف ڪري ڇڏي.
ڀاءُ ! اسان وٽ ڪوبہ ادارو ڪونھي نہ وري ڪي استاد آهن، جيڪي تاريخ جي فن ۾ رهنمائي ڪري سگهن. اسان جا تاريخ نويس جن مان ڪي ڪوڙ بدوڙ هڻي وڃي ﷲ سائين وٽ پھتا تہ ڪي اڃا تائين جيئرا ويٺا آهن. تن جي حال جي اسان کي سڄي خبر آهي. وڏيرا شاهي جي دور ۾ هرڪو پاڻ ڀوتار بڻجي پاڻ جھڙن جا جهڳا جڻ پيو ڪري. سو انھي فن ۾ گهرائي پاڻ ئي ڌڪا ڌوما کائي سکڻي پوي ٿي. توهان مطالعو ڪندا ۽ لکندا رهو، پاڻھين توهان کي ڏانءُ اچي ويندو. ڇو تہ اوهان ۾ بنيادي طرح قومي درد ۽ جذبو آهي، جيڪا ان باري ۾ اها ڳالھہ سمجهي وڃي ٿي. مان هر طرح نيازمند آهيان. ٻاهرين لٽيرن تي اوهان جو ڪتاب بيشڪ لاجواب ثابت ٿيندو، ڇو تہ مان اوهان جا اهي مضمون وڏي دلچسپي سان پڙهيا آهن. ان لاءِ ڪوبہ اُلڪو نہ ڪريو. جويو صاحب اتي آهي، ڪڏهن ڪڏهن ملاقات ٿئي ٿي. توهان جا سلام کيس پھچايا.
اسان جو وقت بلڪل قيمتي ڪونھي، حقيقت ۾ ٿڪبو بہ نہ آهي. توهان کيس جڏهن چاهيو خط لکندا رهو. اها ٻي ڳالھہ تہ پنھنجي پُستي ماري ٿي.
چڱو گڏ آهيون.

اوهان جو
نياز همايوني

1984

67

ڪراچي
تاريخ : 1984ع – 2 – 5

ڀاءُ دادا سنڌي
اوهان جو عنايت نامو مليو. لک لائق وڏا وڙ. اوهان سنڌي محققن جي عدم موجودگي جو احسان ڏياري، جنھن ڳڻتي جو اظھار ڪيو آهي، اهو حقيقت تي مبني آهي. ان ڪري اسان کي وڌيڪ ڪم ڪرڻو آهي. مون کي احساس آهي ۽ آئون اعتراف ڪريان ٿو تہ اوهان مرحوم شيدائي جون سڪون لاهڻ شروع ڪيون آهن. اوهان جا تاريخي مضمون محنت ۽ محبت جو نتيجو آهن. ان لاءِ اوهان کي مبارڪ ڏيان ٿو.
اوهان وارو مضمون ڪريم بخش خالد صاحب کي پھچايو آهي. اوهان دلجاءِ ڪيو. ڌڻي ڀلي ڪندو. باقي ڏوڪڙ اڃا ڪنھن کي ڪونہ مليا آهن. جڏهن ٻين کي مليا تہ اوهان کي ضرور ملندا.
ڊاڪٽر زرداري اڄ ڪلھہ ڪوٽڙي گورنمينٽ ڪاليج ۾ آهي. ڏانهس ان پتي تي خط لکو.
مھرباني ڪري خط لکي احوال ڏيندا ڪيو. منھنجي دوستن جو ڪھڙو حال آهي.

اوهانجو
در محمد پٺاڻ
104 – اي – بلاڪ نمبر 2 – پي اي سي ايڇ ڪراچي. 29


68

حيدرآباد
1984ع – 2 – 11

محترم سائين!
دادا سنڌي صاحب، ماھہ جولاءِ 84 جو مني آرڊر موڪلجي ٿو. رسيد ارسال فرمائي ٿورائتو ڪندا.
اصل رقم 150 روپيا

عابد لغاري
ايڊيٽر نئين زندگي حيدرآباد

69

سنڌ رائيٽرس گلڊ
پوسٽ باڪس نمبر 384 حيدرآباد ( سنڌ )
تاريخ : 1984ع –3 – 06

ادا سائين
ڪتاب مليو، مھرباني. جيئن کوليم تہ شجاع واري مضمون تي نظر پئي، رت جوش کاڌو، جيڪڏهن اهو تاثر هر پڙهندڙ کي مليو تہ اوهان لک کٽيو.
مھرباني ڪري ايم اي کھڙي جو ڪتاب ” سانگس آف سنڌ “ مرڻاس کان وٺي مون ڏي وي پي ڪري موڪليندا جو هتي ڪونہ ٿو ملي.

اوهان جو
نياز همايوني

70

حيدرآباد
1984ع – 3 – 19

پيارا دادا! سلام، تنھنجو ڪارڊ پھتو. اهي تنھنجا ٿورا آهن. جو تون مون کي ياد ڪندو رهندو آهين نہ تہ يار! اسان تہ پنھنجو پاڻ کان بہ ورسيل آهيون. ڏيئي ڏنڀ ڏڏن مون اسٽالن تي ضرور ڏٺو هيو، محبت وارين نظرن سان پر ورتو نہ اٿم. ڇو تہ منھنجو ڪتاب بہ ٻاهر آيو تہ آخري ڏينھن هئا ۽ کيسو خالي هو. ڇپرايو تہ يارن هو، پر آخر ۾ ڪتاب جي جلدي ڪڍڻ لاءِ مون کي پئسا سنگت ساٿ کان وٺي ڏيڻا پيا.
ها تنھنجي پئسن بابت مان خود فڪرمند آهيان. هاڻي جيئن پئسا ملندا ويندا. ائين اوهان جي خدمت ۾ ارسال ڪبا رهبا. مون پھرين ماڊرن وارن کي لکيو هو تہ انھن کي ڪاپيون موڪليان تہ هو پئسا اوهان کي ڏين. پر وري ڪتاب جي ٽن شھرن لاءِ ايجنسي هڪ دوست ورتي، ماٿيلو بہ ان ۾ شامل هو. ان ڪري مان روبرو موڪلڻ کان قاصر رهيس. مون هنن کي لکيو تہ جيڪي ڪاپيون هو موڪلي، انھن کان پوءِ وڌيڪ جن ڪاپين جي ضرورت پوندي. اهي مان کين موڪلي ڏيندس. بھرحال ڳالھہ جي تھہ تائين وڃبو تہ جيئن ئي پئسا ملندا تہ پھريان اوهان ۽ اوهان جي ڪتابن جي ضرورت هئي ۽ آهي، مان ڇپرايان يا مرڻاس يا ڪو ٻيو. مان فرق نہ سمجهندو آهيان. جيئن اچي پوءِ ڪنھن جي طرفان بہ. ٻارڙا جيڪڏهن دل جي خلوص مان اهو ڪتاب ڇپرائين تہ ڏاڍو سُٺو. هونئن بہ اڄڪلھہ جا ٻارڙا، اسان کان چڱو ڪم ڪري سگهن ٿا. ڇو تہ نئون رت آهن، پاڻ تہ پوڙها ٿيندا پيا وڃون. اوهان جي اصرار تي ٻہ ٽي هيٺيون تعارف جون سٽون پيو موڪليان. اميد تہ قبول پونديون. اها اسان جي مٺڙي سنڌ جي شاندار ماضي جي تاريخ، جيڪا اسان جي محبتن ۽ محنتن جي منتظر آهي. ان تي صدين جي لَٽ چڙهي پئي آهي ۽ ان جا هزارين اهڙا پھلو آهن. جن تي محنت جي ضرورت آهي. اها محنت اسان کي ئي ڪرڻي آهي، پر سنڌ جي ليکڪن جو ان طرف ڌيان نہ ڏسي اکيون رت ٿينديون آهن. ۽ جڏهن سنڌ جي مٽي ۾ مدفون تاريخ کي روشن ۽ اجاگر ڪرڻ وارن ۾ پيارو دادا سنڌي بہ جستجو ڪندي ڏسندو آهيان تہ خوشي ۽ فخر واري گاڏڙ جذبن سان ڪنڌ مٿي ٿيڻ سان گڏ يقين ٿي ويندو اٿم تہ اڃا اسان زندھہ رهي سگهون ٿا.
هونئن بہ ضرورت ان ڳالھہ جي آهي تہ اسان سمورا گڏجي سنڌ جي تاريخ تي تحقيق ۽ محنت ڪري، ان جي سمورن پھلوئن تي لکون. اهو ڪم ونڊي ورهائي کڻڻ گهرجي. اهو اسان سمورن جو فرض آهي. جيڪڏهن اسان فرض شناس نہ ٿيا سين تہ اسان کي نہ رڳو مادر سنڌ آڏو شرمندو ٿيئڻو پوندو. پر دادا سنڌي آڏو بہ پڻ.
دادا جي هن ڪتاب مان اسان کي نہ رڳو سنڌ جي تاريخ مان، پر دادا سنڌي مان بہ سبق وٺڻ گهرجي.

اوهان جو ناز سنائي

71

لاڙڪاڻو سنڌ
1984ع – 3 – 22

عزيزي دادا سنڌي صاحب
اسلام عليڪم!
اوهان جو ڪتاب پھتو ۽ خط بہ موصول ٿيو. يادگيري لاءِ وڏي مھرباني. اوهان ڏاڍي محنت سان تاريخي مضمون لکيا آهن. اميد آهي تہ آئيندہ اڃان وڌيڪ تحقيقي ڪم ڪري سگهندا.
اوهان جنھن مضمون لاءِ لکيو آهي، اهو ڀلي صاف ڪري لکي ” مھراڻ “ ڏانھن موڪلي ڏيو. اوهان سُٺو لکو ٿا. اڳ بہ اوهان جا اهڙا مضمون شايع ٿيا آهن. انشاءَ ﷲ هي مضمون بہ مھراڻ ۾ شايع ٿي ويندو. ساڻن منھنجي ملاقات ٿي تہ مان بہ کين چئي ڇڏيندس. بھرحال اوهان مضمون سڌو انھن ڏانھن موڪلي ڏيو.
ڪجهہ مصروفيتن جي ڪري، ڪجهہ طبيعت جي ناچاقيءَ جي ڪري جواب لکڻ ۾ دير ٿي آهي، ان لاءِ معاف ڪندا. اميد تہ هر طرح خيريت سان هوندا. دوستن کي سلام چوندا. وڌيڪ خير. والسلام

اوهان جو
ميمڻ عبدالمجيد سنڌي

72

غفور آباد
ميمڻ ( لاهوري ) محله لاڙڪاڻو
1984ع – 3 – 26

سدا خوش هجين شال.
محترم جناب دادا سنڌي صاحب
اسلام عليڪم!

ڪالھہ عزيزم ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي صاحب وٽ، توهان جو ڪتاب ” ڏيئي ڏنڀ ڏڏن “ ڏٺم. ڏاڍو وڻيو.
لاڙڪاڻي ۾ ڪتاب جي تلاش ڪيم، مگر ڪونہ مليو. خير، ڪڏهن نہ ڪڏهن ضرور ملي ويندو.
سنڌي زبان ۾ ھہڙا تاريخي ڪتاب قسمت سان ڇپبا آهن. توهان جا مضمون اڪثر پڙهندو آهيان. ڊاڪٽر صاحب پڻ توهان جو ذڪر ڪندو آهي. توهان جي ايڊريس بہ کائنس ملي.
ارادو اٿم تہ پنھنجو بہ هڪ ٻہ ڪتاب توهان ڏانھن موڪلي ڏيان. جواب ملڻ تي ضرور ائين ڪبو. اميد تہ خوش خورم هوندا. سلام ڊاڪٽر صاحب جا پڻ قبول ڪندا.

نياز مند
پروفيسر ميمڻ عبدالغفور سنڌي

73

غفور آباد
ميمڻ ( لاهوري ) محله لاڙڪاڻو
1984ع – 4 –6

زيد مجد ڪم
محترم جناب دادا سنڌي صاحب
السلام علڪم!

ڪالھہ ڪاليج کان واپسي تي توهان جي ڀائٽي، الطاف سومرو صاحب ٻہ خط ( هڪ ڊاڪٽر صاحب لاءِ ) ڏنا. خط ۾ توهان اُها ئي زبان ڪم آندي آهي، جيڪا اڳ ” سنڌ “ ۾ ڇپائي چڪا آهيو. اصلاح جو اهو نئون ۽ عجيب طريقو آهي. خير، هن موضوع بحث بي جاءِ ٿيندو.
توهان جو خط ڊاڪٽر صاحب کي ڏنم. وعدي موجب هيٺيان ڪتاب تحفي طور موڪليان ٿو.

1. شرح سر ڪلياڻ
2. مخدوم بلال باعباني رح
3. هوندا سي حيات
4. فقير عثمان سانگيءَ جو ڪلام

” ڀتر، ٺڪر، ڇاپرون، ڌوڻا ڌار سھن“ مصداق ليکڪ لاءِ اها ڪا نئين ڳالھہ نہ آهي، جنھن جو اظھار اوهان ڪيو آهي. شايد توهان جي لغت ۾ ” حُجت “ ۽ محبت هڪ ئي معنى رکن ٿا؟
” سنڌي انسائيڪلو پيڊيا “ ضرور ڏٺي هوندو. سندس پنجون پرچو پڌرو ٿيڻ وارو آهي، باقي ڪور رهيل اٿس. ڏيئي ڏنڀ ڏڏن جيڪڏهن تڪليف نہ سمجهيو تہ موڪلي ڏجو. اميد تہ خوش خورم هوندا.

اوهان جو
پروفيسر ميمڻ عبدالغفور سنڌي
74

سن
1984ع – 05 – 28

پيارا ڀاءُ دادا سنڌي
سلام! اميد تہ خيريت سان هوندا.
اوهان طرفان، اوهان جو موڪليل ڪتاب ” ڏيئي ڏنڀ ڏڏن “ مون پڙهي مڪمل ڪيو. سڀ کان اول مان اوهان جو ٿورائتو آهيان، جو اوهان پنھنجي دستخط سان مون ڏانھن پنھنجو ڪتاب موڪلي ڏنو، جيڪو ڪتاب مون فقير جي لئبريري جي زينت رهندو.
اوهان تہ سنڌ جي تاريخ تي ڪافي دسترس رکو ٿا.اسان اڃان تاريخ جا طالبعلم سڏائڻ ۾ بہ شرم ٿا محسوس ڪريون. هون بہ دادا اوهان کي معلوم آهي تہ اسان جي مظلوم وطن سنڌ جي تاريخ تي صدين جي لَٽ چڙهيل آهي ۽ ان تاريخ ۾ ڪيتريون گونا گون پيچيدگيون آهن. اڃان تاريخ جيڪا اڪثر اسان جي پنھنجي لکيل ناهي. جن اسان جي تاريخ لکي آهي، انھن مان اڪثر تاريخ لکندڙ، بادشاهن جي ڇانو ۾ گذاريو آهي ۽ انھن جي منشاءَ موجب ويھي لکيو آهي.
سنڌ جي اڪثر تاريخ جيڪا ان نموني لکي ويئي آهي. انھي حالتن ۾ ڪنھن پنھنجي ماڻھو جي تاريخ سان دلچسپي ۽ ان کي، ان جي ڇندڇاڻ ڪندي ڏسي من جا سمورا جذبا جاڳي پوندا آهن. اوهان جا تاريخي مضمون ڏاڍا دلچسپ ۽ وڻندڙ آهن. حالانڪ تاريخ پڙهڻ وقت تاريخ سان ڄڻ اسين زيادتي ڪندا آهيون، جو ان مان صحيح نموني فيض نہ وٺندا آهيون. سچ پچ تہ اوهان جا تاريخي مضمون پڙهڻ وقت دلچسپي ڪٿي بہ ڪانہ ٿي کُٽي. جيتوڻيڪ مان اوهان سان ڪٿي ڪٿي ٻولي، پهاڪن ۽ لکڻ جي انداز سان اختلاف ڪري سگهان ٿو. پر تڏهن بہ اوهان جا مضمون، اتساھہ پيدا ڪندڙ آهن ۽ اوهان جي ان محنت کي داد ڏيڻ کان مان رهي نہ ٿو سگهان.
ادا اسان ماڻھو، سنڌي ماڻھو ڏاڍا مظلوم آهيون. صدين کان وٺي اسان ڄڻ خدا کان بہ لِڪي ساھہ کنيو آهي. اسان ماڻھن کي جنھن انداز ۾ چيڀاٽيو ۽ چيٿاڙيو ويو آهي جو اسان اڃا بہ جاءِ تي ناهيون. اسان سان هر طرح جون عقوبتون ۽ ظلم ٿيا آهن. جن جو خود اوهان جي مضمون ۾ جابجا ذڪر ملي ٿو.
اسان هن وقت جنھن ماحول ۾ رهون پيا ۽ جنھن نموني رهون پيا. ان کان هرڪو شعور وارو ماڻھو واقف آهي. ائين سمجهو تہ اسان سمورا ماڻھو هڪ اهڙي تختيدار کي بيٺل آهيون. جو اسان سمورا ختم ٿي سگهون ٿا. اسان جي قوم ڪشي جو جنھن جامع نموني پروگرام ٺاهيو ويو آهي. ان هاڻي ظاهر ٿيڻ ۾ شايد ڪو وقت نہ لڳي ۽ دنيا ڏسندي تہ هي اسان جا دين وارا ڀائر اسان سان ڪيڏا ويل ٿا وهائين.
هڪ طرف جڏهن اهي حالتون پنھنجون جو اسان ماڻھن جو ساھہ مُٺ ۾ آهي. دشمنن جو رائيفلون ۽ توبون اسان جي سينن ڏانھن تاڻيل آهن. ۽ ان چُر پرُ کي هرڪو ڏسي رهيو آهي. انھن حالتن ۾ سنڌ جي تاريخ لکندڙن کي سنڌ جي تاريخ لکڻ ۾ مصروف ڏسندي سچ پڇين تہ اندر جا اڌما، چوٽ چڙهي ٿا وڃن ۽ اهو منظر يقين ٿو ڏياري سموري سنڌي قوم کي تہ اسان سان هر دور ۾ ويل وهيا آهن ۽ اسان هر دور ۾ وڏين مشڪلاتن ۾ رهي بہ پنھنجو قومي وجود برقرار رکيو آهي ۽ قوم ۾ اهڙو اتساھہ دور ۾ ڏيارڻ وڏو عمل آهي.
اسان سنڌي ماڻھو ۽ سنڌ وطن هڪ اهڙي ٻواٽي هن ويل اچي بيٺا آهيون، جتان هڪ واٽ زندگي ڏيندڙ آهي ۽ ٻي موت جي . موت ڏانھن اسان کي ڪو روڪيندڙ ڪونھي ۽ زندگي واري واٽ تي وڃڻ لاءِ سوين رڪاوٽون آهن. هاڻي ڏسڻو هي آهي تہ اسان ماڻھو ڪيڏانھن ٿا وڃون.
دادا! اسان جو نوجوان ليکڪ يا وڏو قلمڪار جيڪو بہ لکي ٿو. ان جي آڏو ٻہ شعر لکڻ، افسانو گهڙڻ يا ريڊين لاءِ ڪلام لکڻ کان سواءِ ٻيو ڪو مقصد آهي. هن دور ۾ اسان جو قلمڪار اهو ڪردار ادا ڪرڻ وساري ويٺو آهي. جيڪو هن کي ادا ڪرڻ گهرجي. اسان کي پنھنجي تاريخ لکڻي آهي ۽ گهڻو ڪجهہ ڪرڻو آهي. هن قوم کي سنئين دڳ لڳائڻو آهي. قومي شعور پيدا ڪرڻ سان گڏ، ماڻھن کي پنھنجي ماضي کان واقف ڪرڻو آهي. مستقبل جي خطرن کان بہ آگاھہ ڪرڻو آهي. حال ۾ ڇا پيو ٿئي. ان کان بہ اکيون ٻوٽڻيون ناهن. پر اسان جو پڙهيل ڳڙهيل شعور وارو ليکڪ بہ ان ڏس ۾ ڪجهہ نہ ٿو ڪري. جيڪا ڳالھہ رت ٿي روئاري.
جڏهن اهڙي گهُٽ ۽ ٻوسٽ واري ماحول ۾ ڪو اديب، پنھنجي مظلوم وطن جي تاريخ سان محبت ڪندي ٿو ڏسان. ڪو قلمڪار پنھنجي ڏتڙيل قوم سان پيار ڪندي ٿو ڏسان تہ ان جا هٿ چمڻ لاءِ اندر ۾ آس پيدا ٿيندي آهي. تنھنجو سمورو ڪتاب دل جي جنھن قرب ۽ محبت سان لکيل آهي. پر ڪجهہ ننڍين وڏين ڳالھين کان بہ توکي آگاھہ ڪندس.
اوهان مھاڳ ۾ لکيو آهي: دنيا جي غنيم، ظالم ۽ جابر حاڪم حق ۽ ناحق تي سنڌ تي پئي ڪاهيو آهي ۽ هر جائز ۽ ناجائز طريقي سان سنڌ کي ڦري ۽ لُٽي تباھہ ڪيو آهي.
پيارا، ڪھڙي حاڪم سنڌ کي حق تي لُٽيو آهي؟ ۽ ڦرجڻ ۽ لٽجڻ ۾ بہ ڪو جائز طريقو ٿيندو آهي ڇا؟ جو اوهان چئو تہ فلاڻي حاڪم اسان کي حق تي ۽ جائز طريقن سان لٽيو ۽ ڦريو ۽ فلاڻي حاڪم ناجائز طريقن سان، ناحق اسان کي ڦريو؟
صفحي نمبر 7 تي اوهان لکيو آهي ” اهڙن مينھن وساڙن ۽ وطن جي ويرين...
سڄڻ سنڌ ۾ مينھن وساڙن کي خراب نہ سمجهيو ويندو آهي. اسان جا ماروئڙا ماڻھو جڏهن مينھن پٽن تي مينھن وساڙن کي ڏسندا آهن تہ سرها ٿيندا آهن ۽ اهو سٺو سوڻ سمجهندا آهن. ڪيترا ماڻھو، مايون، ٻارڙا مينھن وساڙن کي کڻي انھن سان رهاڻيو ن ڪندا آهن. انھن کي ظالمن سان تشبيھہ ڏيڻ سٺو ڪونہ ٿو لڳي.
هڪڙو اوهان پهاڪو ڏنو آهي تہ ” بابرڪت پير پَٺو، هڪڙو مئو ٻيو ٽَٽو “. اهو آخري لفظ غلط آهي. پهاڪو آهي ” بابرڪت پير پٺو، هڪڙو مئو ٻيو ٽٺو“ . اوهان مھرباني ڪري انھي پهاڪي تي نظر وجهو. ٻن ٽن جاين تي ڇپيل ان پهاڪي ۾ اها غلطي دهرائي وئي آهي ۽ هڪ ٻي خاص ڳالھہ تہ مان تنھنجي هن انداز سان مان متفق نہ آهيان.
1. سڪندر هوشيار جرنيل، قابل حڪمران ۽ اعلى منظم هو. ( ص – 15 )
2. نادر پنھنجي حڪمت عملي ۽ بھادرانہ صلاحيت سان، نادر رڳو سپاهيو نہ هو، رڳو وحشي ڪٽڪ جو اڳواڻ نہ هو پر تلوار بازي ۾ بہ زبردست مھارت رکڻ سان گڏ، رياستي معاملن ۾ پرڏيھي ڳالھين کي مات ڏيڻ ۾ بہ خاص ماهر هو. ( ص – 124 )
3. مدد خان واري مضمون ۾ لکيل آهي : ” پر سائين اڳيان بہ تہ افغاني سردار هو. گهاٽ گهاٽ جو پيتو هئائين. سُڪ تي مٿو هن بہ ڪونہ آندو هو. ملڪ ڦريائين، سياڻو ۽ زمان گشت ماڻھو هو. ( ص – 145 )
4. شاھہ شجاع واري مضمون ۾ ” درازان ۾ اچي ترسيو، سندس حالت رحم جوڳي هئي . ( ص – 176 )
دادا! مون مٿي جيڪي چار حوالا ڏنا آهن. اهي اهي نہ آئڙيا ۽ نہ وڙيا. انھن ظالمن لاءِ اهڙيون ڳالھيون تہ ٻين تاريخن ۾، ٻيلي سندس پگهار تي پلجندڙ تاريخ نويس لکيون آهن ۽ پڻ موجود آهن. ۽ مان پنھنجن جي لکيل تاريخ ۾ بہ اهڙين ڳالھين جي موجودگي محسوس نہ ٿو ڪريان. شاھہ شجاع سنڌ کي بيدردي سان لٽي ۽ تباھہ ڪري، بستيون ڀڙڀانگ ڪري ۽ اسان ان لاءِ چئون تہ ان جي حالت رحم جوڳي هئي. سڪندر اسان جون وستيون ئي ويران ڪري ڇڏي ۽ اسان چئون تہ هو هوشيار جرنيل ۽ قابل حڪمران هئڻ سان گڏ اعلى منظم هو. نادر اسان جي ڌرتي کي پنھنجي گهوڙن جي سنبن سان ڇيھون ڇيھون ڪري ڇڏي ۽ اسان ان لاءِ چئون تہ هو بھادرانہ صلاحيتن جو مالڪ هو. رياستي معاملن ۾سمورن کي مات ڏيندو هو. مدد خان اسان جي نياڻين جون عصمتون لُٽي، انھن کي بي آبرو ڪري ڇڏي ۽ اسان ان لاءِ لکون تہ سياڻو ۽ زمان گشت ماڻھو هو. سُڪ تي مٿو ڪونہ آندو هئائين.
ٻي ڳالھہ تہ اوهان عظيم ڌاڙيل، عظيم لٽيرو ۽ عظيم ڦورو اکر استعال ڪيا آهن. ڌاڙيل عظيم نہ هوندا آهن. اوهان جو مطلب وڏو آهي تہ اهو لفظ وڏو ئي ٺيڪ آهي. عظيم لفظ ڌاڙيل، لٽيري ۽ ڦورو لاءِ استعمال نہ ٿيندو آهي.
ادا منھنجا! مان تاريخ بابت ايتري ڄاڻ ڪونہ ٿو رکان. پر ان سان محبت ضرور اٿم ۽ هر تاريخ ان محبت واري جذبي تحت پڙهندو آهيان. توکي عرض آهي تہ اڃا بہ هن مظلوم سنڌ جي تاريخ لکڻ ۾ محنت ڪر. اسان کي ان جي ضرورت آهي. منھنجي خط ۾ جيڪڏهن ڪا غلط ڳالھہ هجي تہ آگاھہ ضرور ڪجو.

مھرباني

تنھنجو پنھنجو
ناز سنائي

75

سنڌ نيشنل اڪيڊمي
پوسٽ باڪس 258 حيدرآباد ( پاڪستان )
تاريخ : 8 آگسٽ 1984ع

برادر محترم
اسلام عليڪم!
خدا ڪري اوهان خيريت سان هجو.
اوهان جو تفصيلي خط مليو. ڪتاب تي اوهان جيڪو تبصرو ڪيو آهي. ان لاءِ مان اوهان جو نھايت ئي ٿورائتو آهيان. ايڏو جامع تبصرو هن کان اڳ ڪنھن بہ دوست ڪونہ ڪيو آهي. ان لاءِ مان اوهان جو نھايت ئي ٿورائتو آهيان.
اوهان جيڪي نڪتا لکيا آهن. مان انھن سان گهڻي ڀاڱي متفق آهيان. واقعي زيادتيون ٿيون آهن ۽ حد کان وڌيڪ ٿيون آهن. مان ڪوشش ڪريان ٻيو تہ هي ڪتاب اردو ۾ بہ شايع ٿئي. اردو ۾ ترجمو تہ ڪري ڇڏيو آهي. بس اشاعت جو مرحلو آهي.
اوهان راقم جي باري ۾ جن خيالن جو اظھار ڪيو آهي. ان مون کي سخت شرمندو ڪري ڇڏيو آهي. منھنجي علمي ۽ تجزياتي حيثيت اڃا ٻاراڻي آهي. بھرحال اهو اوهان جو حسن ظن آهي جو اوهان راقم جي محنت کي پسند ڪيو آهي.
اهو معلوم ڪري بيحد خوشي ٿي تہ اوهان هندو مسلم تعلقات جي موضوع تي يارن سان ملندڙ جلندڙ موضوع تي ڪم ڪرڻ جو ارادو رکو ٿا. اصل ۾ اهو پيو نظر اچي تہ ڀارت سنڌين جي پنجاب سان ڪشيدگي جو فائدو وٺي سنڌ کي پنھنجو غلام بنائڻ چاهي پيو. بدقسمتي سان سنڌ جو نوجوان ذهن ڀارت جي سازش کي چڱي طرح سمجهڻ کان قاصر آهي. ان ڪري ضرورت آهي تہ ان پھلو کي وڌيڪ اجاگر ڪجي.
اسان کي مھاجرن ۽ پنجابين کان ڪيتريون ئي شڪايتون آهن. پر وري بہ ديني ۽ نظرياتي لحاظ کان هو اسان جا ڀائر آهن. جڏهن تہ ڀارت يا هندن سان اسان جو اهو رشتو ناهي. ٻيو نڪتو هي بہ آهي. جنھن کي اسان کي نظرانداز نہ ڪرڻ گهرجي تہ اختلافات ٻن ڀائرن جي وچ ۾ ٿيندا آهن. انھن اختلافات کي دشمن کي شڪل ڏيئي ڪري وڏي دشمن کي فائدو وٺڻ جو موقعو نہ ڏيڻ گهرجي.
اوهان نئين زندگي کي موڪليل پنھنجن مضمونن بابت لکيو آهي. مان انشاءَﷲ مھيني اڌ جي اندر عابد صاحب کان معلوم ڪري اوهان کي خط ذريعي مطلع ڪندس. اوهان جي ڪتاب تي مان هڪ نظر وڌي آهي. اوهان نھايت وڏي جاکوڙ ڪئي آهي. اڄ ڪلھہ اسان جي نوجوانن کان اهڙي محنت ڪانہ ٿي پڄي. ان محنت تي مان اوهان کي داد ڏيان ٿو. ڪتاب تي تبصري لاءِ اڃان وقت نہ ڪڍي سگهيون آهيان. معلوم ناهي جو تبصري ۾ ڏاڍو سست آهيان.
خدا ڪري اوهان ڏي خير هجي.

والسلام
اوهان جو
محمد موسى ڀٽو

76

سنڌ نيشنل اڪيڊمي
پوسٽ باڪس 258 حيدرآباد ( پاڪستان )
تاريخ : 10 نومبر 1984ع

برادر محترم
اسلام عليڪم!
اوهان جو عنايت نامو مليو.
(1 ) اوهان خط ۾ راقم جي تحرير جي باري ۾ جيڪي ريمارڪس ڏنا آهن ۽ خوبين جا ڪي پھلو پيش ڪيا آهن. مان نہ ٿو سمجهان تہ منھنجي تحرير ۾ واقعي اهي خوبيون آهن. جي خوبيون آهن ۽ دوستن کي نظر اچن ٿيون تہ اهو سڀ ﷲ تعالى جو عطيو آهي. ورنہ عملي طور منھنجي حيثيت نھايت پست آهي.
(2 ) عابد صاحب کي مان چيو هيم. اوهان جي هن خط کان پوءِ وري چوندو مانس ۽ مضمون بابت چوانس ٿو. بلڪہ ڪوشش ڪندس تہ مان پنھنجي سامھون معاوضي جا ڪاغذ تيار ڪرايان. انشاءَ ﷲ اوهان جا ٻيا مضمون بہ اچي ويندا.
( 3 ) مان اوهان جو ڪتاب پڙهيو هيم. مجموعي طور تي اوهان کي اوهان جي محنت پسند آئي ۽ اوهان جي تحقيق ۽ لکڻ جو انداز مروج سنڌي انداز کان مٿاهون آهي. منھنجو اوهان جي ڪتاب تي تبصري ڪرڻ جو پورو ارادو هو، پر برادرم ڪمن جو ايڏو هجوم آهي. جو وقت نہ ملي سگهيو. جنھن لاءِ مان اوهان جي سامھون شرمندو پڻ آهيان.
( 4 ) راقم جو مرتب ڪيل تنقيدون ۽ تجويزون شايع ٿي ويون آهن. اوهان ۽ اوهان جي دوستن جي مطالعي لاءِ ڪتاب موڪلي رهيو آهيان. ڪتاب مولانا خير محمد نظاماڻي صاحب جن جي 1935 ع کان 1970 ع جي مضمونن جي مجموعي تي مشتمل آهي. نھايت ئي قيمتي ۽ معلوماتي مضمون آهن.
اهو معلوم ڪري نھايت ئي خوشي ٿي تہ اوهان راقم جا ڪتاب ٻين دوستن کي بہ پڙهايون ٿا. برادرم نظرياتي، علمي ۽ ديني ڪتابن جي اشاعت جو منھنجو منصوبو آهي. هينئر ٻئي ڪتاب زير اشاعت آهن. پرڏيھي سامراج ۽ اسلامي دنيا شايع ٿي چڪو آهي. ان جون بہ ڪجهہ ڪاپيون اوهان ڏانھن ٻن ٽن ڏينھن ۾ موڪلي ڇڏيندس. اهڙي ريت ٻيا ڪتاب تيار ٿي رهيا آهن.
اوهان کي جيڪڏهن وقت هجي ۽ هن نيڪ ڪم ۾ راقم سان تعاون ڪيو تہ آخرت ۾ اوهان کي نھايت ئي وڏو اجر ملندو. ڪم ترجمي جو آهي. اردو ۾ ڪجهہ ڪتاب آهن، جن جي سنڌي ۾ ترجمي جي سخت ضرورت آهي. هڪ ڪتاب مارڪسزم تي آهي. جنھن ۾ مارڪسزم جو خالص، علمي، عقلي ۽ سائينٽيفڪ انداز سان جائزو ورتو ويو آهي ۽ علمي، عقلي لحاظ سان هن نظريي جا اهڙا ڪمزور پھلو ٻڌايا ويا آهن. جيڪي سنڌي نوجوانن کان پوشيده آهن. مان چاهيان ٿو تہ ڏيڍ سئو صفحن جي هن ڪتاب جو جلد ئي ترجمو ٿي ملي تہ هي شايع ڪرائجي. ( جي اوهان کي آساني سان وقت ملي سگهي ٿو ).
اڄلڪلھہ سنڌي نوجوان تيزي سان مذهب کان دور ٿيندا پيا وڃن ۽ ڪميونسٽ نظريي جو شڪار ٿيندا پيا وڃن. منھنجي ڪوشش آهي تہ هي ڪتاب ٻٽن هزارن جي تعداد ۾ ڇپائي تقسيم ڪجي.
اوهان نجم عباسي جي فحش تحريرن بابت لکيو آهي. نجم جا اهي افسانا مان ڪجهہ وقت اڳ پڙهيا هئا. ﷲ تعالى هنن ماڻھن کي شرم ۽ حياءَ جا پردا ئي کسي ڇڏيا آهن. مسلمانن جي معاشري ۾ فحاشي ڦيهلائڻ وڏي ۾ وڏو جرم آهي. ڪاش ڪي سنڌي اديب ميدان ۾ اچن. جيڪي اهڙي قسم جي تحريرن جا جواب ڏين ۽انھن ماڻھن کي بي نقاب ڪن.
خدا ڪري اوهان خيريت سان هجو.

والسلام
اوهان جو
محمد موسى ڀٽو

77

ڪراچي
1984ع – 10 ¬– 07

قابل احترام
ڀاءُ دادا سنڌي
اوهان جو عنايت نامو مليو.. لک لائق ۽ وڏا وڙ. هن کان اڳ اوهان جو مضمون برابر مليو هيم ۽ مون اهو ڪريم بخش خالد جي حوالي بہ ڪيو هو. ان جو هن صاحب ڪھڙو حشر ڪيو؟ اهو معلومات وري اوهان ڏانھن ڏياري موڪليندس. جيڪڏهن انھيءَ مضمون جي ڪا اضافي ڪاپي اوهان وٽ رکيل آهي تہ پوءِ اها ماهوار الصادق مظهر العلوم کڏو جي پتي تي بہ موڪلي ڇڏيندا.
سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽي جا اوهان بہ ميمبر ٿي سگهو ٿا. ليڪن هاڻي هي سوسائٽي ايتري فعال نہ رهي آهي. جڏهن کان سوسائٽي ٺھي آهي، تڏهن کان رڳو ٻہ دفعا گڏجاڻيون ٿي سگهيون آهن. ان ڪري منھنجو مشورو هي آهي تہ اوهان پنھنجي ذات ۾ بہ انجمن آهيو ۽ ان انجمن کي آباد رکو. پوءِ بہ جيڪڏهن اوهان کي شوق آهي تہ ڀاءُ مرڻاس کي چئو. هو اوهان کي ڊاڪٽر حميده کھڙو صاحبہ کان انھي جماعت جو منشور ۽ ٻي معلومات ( ڇپيل صور ۾ ) وٺي موڪليندو.
اوهان اڄڪلھہ ڇا پيا ڪريو؟ ڪھڙي موضوع تي ڪم ڪري رهيا آهيو؟ جيڪڏهن اوهان ايم اي ڪئي آهي تہ ايم فل ڇو نہ ٿا ڪريو؟ انھي سلسلي ۾ ڪا معلومات يا مدد درڪار آهي تہ آئون حاضر آهيان.
دوستن کي سلام ۽ خاص ڪري وفا سنڌي کي.

اوهان جو
درمحمد پٺاڻ
10 اي، بلاڪ 2، پي اي سي ايڇ ايس ڪراچي

1985

78

حيدرآباد ( سنڌ )
1985ع – 2 – 16

خوش هجو!
مانوارا سائين دادا سنڌي

سچ تہ ڪي ڏينھن ٿيا آهن. جو پنھنجو رابطونہ رهيو آهي نہ اوهان ڪجهہ لکيو نہ مان.
خير، مان سمجهان ٿو تہ ادل سومري سائين، اوهان کي خط جي ذريعي ٻڌايو هوندو تہ اسان هڪ ٻارن جي ڪھاڻين ڇپرائڻ جو سلسلو شروع ڪيو آهي، جنھن تحت هڪ ئي ليکڪ جون ڪھاڻيون / ناٽڪ وغيرہ ڇپرائيندا آهيون، هيل تائين اڪبر جسڪاڻيءَ ۽ شمس سومري جي ڪھاڻين جا ڪتاب بازار ۾ اچي چڪا آهن. ادل سومري جو پريس ۾ آهي. اوهان سنڌ جي سورمن جي باري ۾ ٻارن لاءِ ڪھاڻيون لکيون آهن ۽ ٻيو بہ ڪجهہ ٻارن لاءِ لکيو آهي، جيڪڏهن اسان کي ڏيندا تہ اسان کي انھن کي مٿين سلسلي ۾ ڇپرائيندا سون. اميد تہ اوهان تعاون ڪندا. جواب جلد ڏيڻ جي ڪوشش ڪندا.

وڌيڪ خير
ساٿ سلامت

نثار حسيني
آگم پبليڪيشن ايجنسي
پوسٽ باڪس نمبر238، حيدرآباد ( سنڌ )

79

شھداد پور
1985ع – 2 – 21

مانوارا سائين دادا سنڌي صاحب!
اميد تہ نيڪ تمنائون سان شل جڙيا هوندا. اوهان جون تاريخي ڪھاڻيون، مضمون، ڪافي وقت کان بيحد دلچسپي سان پڙهندو آهيان. ٻہ سال اڳ سائين پروفيسر محمد خان ٻرڙو واتان اوهان جي ساراھہ ٻڌيم.
اوهان جو لکڻيون پڙهڻ بعد سچ تہ اوهان سان دلي محبت ٿي وئي ۽ اوهان ڏانھن خط لکي اوهان کي بھترين تاريخي مضمون ۽ ڪھاڻين لکڻ تي مبارڪباد ڏيڻ چاهيم. پر اوهان جي ايڊريس معلوم نہ آهي. تازو جيئن هڪ دوست کان اوهان جي ايڊريس ملي ۽ اوهان ڏانھن خط لکان پيو. ۽ بھترين لکڻيون لکڻ تي اوهان تي مبارڪباد ڏيان ٿو ۽ سچ تہ اوهان جھڙن عظيم ليکڪن تي اسان اڀرندڙ ليکڪن ۽ تاريخ، ادب سان چاھہ رکندڙ فخر محسوس ٿا ڪيون تہ اوهان جھڙا ڄاڻو ليکڪ اوهان وٽ موجود آهن. هن خط لکڻ جو ٻيو مطلب اوهان سان واقفيت ڪرڻ بہ هو. پھرين مان پنھنجو تعارف ڪرايان ٿو.
ڄمڻ بعد بانگ جو نالو نور محمد ملاح تعليم مئٽرڪ عمر 23 سال نائين درجي ۾ ادب دوستن جي حلقي ۾ رهڻ سان ڪيترائي ادبي، تاريخي رسالا ۽ ڪتاب مليا، جن جي پڙهڻ سان مون کي بہ ڪجهہ لکڻ جو شوق ٿيو ۽ ڏسندي ڏسندي گهڻو ڪجهہ لکي ويس. لکڻ بعد دوستن نالي پويان ڪو تخلص ڏيڻ جي صلاح ڏني. مختلف دوستن، مختلف تخلص ٻڌايا پر آخر تخلص جو فيصلو امڙ ثميرا زرين سنڌي ادب جي خاتون اول جو قبول ڪيم ۽ نور محمد مان نور سنڌي بنجي ويس. اڳتي هلي صحافي حلقي جي سنگت ۾ رهڻ بعد اخباري نمائندو ٿيڻ جو شوق جاڳيو. الفقراءَ سانگهڙ کان شروعات ڪري مختلف اخبارن کان ٿيندي آفتاب تائين پھتس ۽ گذريل چار سالن کان ان سان وابستہ آهيان.
هاڻي اميد آهي تہ اوهان بہ پنھنجو مڪمل تعارف ڪرائيندا تہ اوهان جو ٿورائتو رهندس.
وڌيڪ احوال ٻئي خط ۾ اوهان جي جواب جو انتظار رهندو.

فقط اوهان جو
نور سنڌي
پريس ڪلب شھداد پور

80

شھدادپور
1985ع – 2 – 27

مانوارا سائين دادا سنڌي صاحب!
هي ڪائنات جنھن ۾ اسين رهون ٿا، ان جو ٻيو نالو ” فنا “ بہ آهي. هتي پنھنجي وقت پڄاڻي هر ڪنھن کي هلڻو آهي. اهڙي هنڌ جتان اڄ ڏينھن تائين ڪوبہ ان ساڳئي روپ ۾ نہ موٽيو آهي. مٺڙا سائين موت اٽل ۽ برحق آهي. موت جي چنبي کان ڪوبہ بچي نہ ٿو سگهي. بھرحال اهو پڙهي بيحد صدمو پھتو آهي تہ اوهان جو پيارو ڀاءُ ۽ ڀاڄائي گذاري ويا. پر ان جي تفصيل جي خبر ڪانہ پئي آهي تہ ڪيئن مئا آهن؟؟ بھرحال اسان پاڻ کي اوهان جي هن ڏک ۾ برابر شريڪ سمجهندي هن خط ذريعي اوهان سان تعزيت جو اظھار ڪندي، دعا ٿا ڪيو ن تہ خالق شل اوهان کي صبر توفيق عطا فرمائي. آمين

اوهان جو پنھنجو
نور سنڌي ” صحافي “
چيف نگران نور آرٽ ڪلچرل اڪيڊمي سنڌ
وايہ شھداد پور ( سنڌ )

81

عمرڪوٽ
1985 ع – 3 – 6

بخدمت جناب دادا صاحب!
اسلام عليڪم!
ادا مون کي ادا سائين قادربخش جي اچانڪ موت تي سخت ڏک پھتو. ان سلسلي ۾ منھنجو ڇوڪر دين محمد مھر تعزيت لاءِ آيو هوندو. ٻن صدمن اوهان کي سخت آزمائش ۾ وڌو هوندو. منھنجي ڌڻي در دعا آهي تہ ﷲ سندن جنت ۾ جايون ڏي. اوهان جي برادرم مرحوم سان ڪجهہ عرصو اڳ هاءِ اسڪول ۾ مليو هئس. عمر ڪوٽ جي باري ۾ تاريخي معلومات ورتم مون کان هڪ تعارفي خط رشيد ڀٽي تي بہ ڏنو هئائين.
سائين اوهان جي لئبريري ۾ هيٺ ڏيکاريل ڪتاب هجن تہ برائي ڪرم مطالعي لاءِ فراهم ڪندا يا سڏ ڏيندا تہ اچي ڏسي وڃان.
( 1 ) سنڌ جي هندن جي تاريخ – ڪاڪو ڀيرومل
( 2 )قديم سنڌ – شمس الدين رڪن الدين قريشي 1965ع
( 3 ) نومبر 1952 جو الوحيد ايڊيشن. رحيمداد خان جو لکيل تاريخي مواد عمرڪوٽ جي قدامت جي باري ۾.
( 4 ) سنڌ جا پراڻا تختگاھہ. جشن خيرپور ۾ مرحوم رحيمداد جو مقالو وغيرہ.
يا اوهان پنھنجي تاريخي ڪتابن جي فهرست ڏيندا. جيئن منھنجي معلومات ۾ اضافو ٿئي.

فقط اوهان جو
الھورايو مھر عمرڪوٽ

82

محمد موسى ڀٽو
1985 – 03 - 22

وقائع نگار خصوصي برائي سندھہ
روزنامہ جسارت کراچي
برادرم محترم
اسلام عليڪم!

خدا ڪري اوهان ڏانھن خيريت هجي.
اوهان جو ڪتاب نامو مليو. هن کان اڳ برادر انور جوکيو صاحب جن اوهان جو ذڪر ڪيو هو. هي معلوم ڪري خوشي ٿي ۽ حوصله افزائي پڻ. اوهان منھنجي تازن ڪتابن ” پرين جي پچار “ ۽ ” سنڌ ۾ بي چيني جا اسباب “ کي پسند ڪيو آهي ۽ هن جي اختلافي پھلوئن جي باوجود مجموعي طور تي اوهان منھنجي تحقيق ۽ محنت کي ساراهيو آهي.
برادرم! اهو اوهان جو حسن ظن آهي. ورنہ سمجهان ٿو تہ منھنجي ڪتابن ۾ اهڙي ڪا خاص شيءَ نہ آهي. بس قلم ذريعي ٿوري گهڻي لکڻ جو شوق رکان ٿو. شايد منھنجو اهو ڪم منھنجي لاءِ توشه آخرت بڻجي ۽ آخرت جي نيڪ اعمال جي ضرورت پوندي اتي منھنجون اهي معمولي ڪاوشون اعمال جو ڪم ڏين.
مان دراصل اردو ۾ ئي ڪتاب لکيا آهن. جيئن ”سندھہ کي حالات کي سچي تصوير“، ” سندھہ ماضي، حال، مستقبل“، ذوالفقار علي بهڻو عروج و زوال “، ”ذوالفقار علي بهڻو اور سندھہ ڪي حالات“، ” روسي سامراج عالم اسلام ڪي لئي چيليج “، ” پاکستان کا الميه، اسباب اور حل “، ” هماري سياستدان“، ” چوهدري غلام محمد مرحوم ايک هستي ايک تحريک “. انھن مان اڪثر ختم ٿي چڪا آهن. روسي سامراج ۽ پاکستان کا الميه وارا موجود آهن. چاهيو تہ اهي اوهان جي خدمت ۾ پيش ڪريان. ”مٽ مئي جا نہ ٿيا“ ڪتاب مون وٽ هڪ بہ ڪاپي ڪونہ رهي آهي. انھي زماني ۾ ئي ڪتاب ختم ٿي ويو. ” سنھا ڀانءَ م سپ“ ۽ ”ڀيلي تي ڀلڪار“ اهي ڪتاب محمد بن قاسم ادبي سوسائٽي جي پاران شائع ڪيا ويا آهن. جنھن جو مان ميمبر پڻ آهيان. اوهان مولانا جان محمد ڀٽو ۽ ان لاءِ معلومات گهري آهي.
مولانا جان محمد ڀٽو سنڌ جو عظيم فرزند هو. مولانا تي مان لکي رهيو آهيان. سنڌ ۾ مولانا تاج محمد امروٽي کان پوءِ هن جھڙو مجاهد، صاحب تقوى ۽ ولي ﷲ انسان مون کي ٻيو ڪو نظر ڪونہ ٿو اچي. جنھن ماڻھو مولانا صاحب سان ملاقات نہ ڪئي آهي. اهو مولانا جي شخصيت ۽ عظمت جو اندازو نہ ٿو لڳائي سگهي. مولانا جو اصل ڪم تقاريرر ۽ درس قرآن هو. موصوف 1950ع کان 1982ع تائين مھيني جا 20 يا 25 ڏينھن دعوتي دوري تي رهندو هو. مولانا تي مان پنجن قسطن جو مضمون ” جسارت “ ۾ لکيو هو. ان جي هڪ خط اوهان جي معلومات لاءِ موڪلي رهيو آهيان. مولانا تفھيم القرآن جا 11 پاره ترجما پڻ ڪيا. مولانا جا بعض پمفليٽ بہ آهن. سوشلزم جي حقيقت، دين جي حقيق، بدارالسلام، ون يونٽ ۽ ان جو حل.
اوهان مون لاءِ بہ معلومات گهري آهي. دراصل مان پنھنجي باري ۾ معلومات ڏيڻ کان قاصر آهيان. ڇاڪاڻ تہ منھنجي نہ ڪا شخصيت آهي ۽ نہ ڪا معلومات. ڪتاب لکڻ ڪو ڪارنامو نہ آهي. اصل ڪارنامو انسان سازي آهي. ماڻھو بنائڻ ۽ ٺاهڻ جي تقطه نگاھہ سان منھنجي ڪارڪردگي مئل آهي. تاهم اوهان پڇيو آهي تہ اخلاقي اعتبار سان ٻڌائڻ ضروري پڻ آهي.
برادرم! مون شڪارپور ۾ مدرسه دارالقرآن ۾ حفظ قرآن مڪمل ڪيو. دارلعلوم منزل گاھہ مدرسي ۾ عربي ۽ فارسي جا ابتدائي ڪتاب پڙهيا. ان بعد مدرسه الاسلام ميرپور خاص ۾ ڪجهہ ڪتاب پڙهيا. عربي جي تعليم اڌوري رهجي وئي. جلد شادي ٿيڻ سبب. جيئن تہ عربي جي ڪتابن جي تعليم مڪمل نہ ٿي سگهي. ان ڪري ڪٿي پڙهائڻ ممڪن ئي نہ هيو.

والسلام
اوهان جو
محمد موسي ڀٽو

83

1985 – 4 – 25
سنڌ نيشنل اڪيڊمي، پوسٽ باڪس نمبر 258
حيدرآباد ( پاڪستان )

برادرم محترم
السلام عليڪم!
خدا ڪري اوهان خيريت سان هجو.

18 اپريل تي حاجي محمد عيدن ناز ميراڻي صاحب جن سان اوچتو ملاقات ٿي. موصوف کان اوهان جي باري ۾ پڇا ڪئي تہ هن اها افسوس ناڪ ڳالھہ ٻڌائي تہ پويون اوهان جي ڀاءُ جو انتقال ٿيو. ان کان پوءِ اوهان جي گهرواري جو پڻ لاڏاڻو ٿي ويو. اهو ٻڌي انتھائي ڏک ٿيو. انھن حالتن ۾ اوهان جي لاءِ جيڪي مشڪلاتون پيدا ٿيون هونديون. تنھن جو اندازو ڪرڻ ئي سخت ڏکوئيندڙ ڳالھہ آهي. پر برادرم! هي دنيا ڪل نفس ذائقتہ جي مصداق آهي ئي مرڻ لاءِ. مسئلو صرف دير يا سوير جو آهي. اوهان ۽ اسان کي بہ اوڏانھن ئي وڃڻو آهي. اصل خوش نصيب انسان اهو آهي جيڪو موت جي تياري ۾ مصروف آهي ۽ موت کان پوءِ جيڪي مرحلا ايندا، تن جي سامان جمع ڪرڻ ۾ رڌل آهي.
مان اوهان سان هن ڏک جي واقعن ۾ برابر جو شريڪ غم آهيان ۽ دعاگو پڻ تہ ﷲ تعالى اوهان کي صبر جي توفيق عطا فرمائي ۽ مرحومين جي گناهن کي بخش فرمائي ۽ کين جنت نصيب فرمائي. آمين
هڪ ٻيو عرض هي آهي تہ مان ” روشني ڏانھن سفر “ جي نالي سان هڪ ڪتاب مرتب ڪري شايع ڪرايو آهي. مان چاهيان ٿو تہ هي ڪتاب هاءِ اسڪول ۽ پرائمري اسڪول جي استادن کي مطالعي لاءِ ڏجي تہ تعليم يافتہ نوجوانن کي. ان مقصد لاءِ ڪتاب جون چند ڪاپيون اوهان جي خدمت ۾ موڪلي رهيو آهيان. اميد تہ اوهان مطالعي جي شائق ماسترن ۾ ڪتاب اعزازي ڪاپي طور تي تقسيم ڪرڻ جو تعاون فرمائيندا.

واسلام
اوهان جو محمد موسى ڀٽو

84

حيدرآباد ( سنڌ )
1985ع – 07 – 01

شال خوش هجين.
ڀاءُ دادا

اوهان جو ليٽر مليو ۽ ( فوٽو تعارف ) پڻ! ڪتاب بلڪل ڇپجي چڪو آهي، ڇڙو ان جو سرورق رهيل آهي. جيڪو بہ هفتي ڏيڍ ۾ تيار ٿي ويندو. اوهان ڪتاب جي ڇپائي بابت ڪنھن بہ قسم جو خيال نہ ڪريو. اسان تمام سُٺي ڇپائي ڪرائيندا آهيون.
نھايت افسوس ٿيو ڀاڀيءَ جي لاڏاڻي جو ۽ اوهان جي ڀاءُ جو! ڀلا ڀاڀيءَ جو مرتيو ڪيئن ٿيو؟ اوهان کي اولاد وغيرہ آهي؟ بس دوست اهي سڀ فطرت جا رنگ آهن. موت هونئن بہ اٽل آهي. باقي ها جنھن سان گڏ گذارجي ٿو، انھيءَ جي سڀ کان سواءِ ماڻھو ويڳاڻو آهي.
ادل هاڻي ويجهڙائي ۾ حيدرآباد آيو هو، في الحال تہ ڪاليج بند آهي. انھيءَ ڪري ڳوٺ آهي. هڪ ڳالھہ تہ وقت تمام ٿورڙو هو ۽ مان محسوس ڪيم تہ سنڌ جي تاريخي ڪھاڻين ۾ هڪ وڏي کوٽ آهي ڪنھن ڪردار جي، جنھن جو هجڻ تمام ضروري آهي، سو آهي ” هيمون ڪالاڻي “. عرض ڪيم تہ وقت ٿورو هو، انھي ڪري غلام محمد لاکي کي گذارش ڪيم تنھن ٻہ ٽي پيج رهڙي ڏنا، جيڪي ان ۾ شامل ڪيا اٿئون ۽ سندس ٿورا اداري ۽ توهان پاران بہ مڃيا اٿئون.
ڪتاب هڪ ئي ڀاڱي ۾ ڇپيو آهي ۽ ڏاڍو سٺو ڇپيو آهي، البت جا ڳالھہ اسان لاءِ ٿوري ڏکي آهي، اها آهي ڪتاب جي قيمت جيڪا ٻاراڻي حيثيت کان وڌيڪ آهي. خير منھن ڏبو. هونئن اسان ڪنھن کي بہ ڪا بہ رائلٽي ڪونہ ڏيندا آهيون. ڪن حالتن ۾ تہ پاڻ ليکڪ ( جيڪڏهن ساکر آهي ) کان رائلٽي ( مدد ) ڇڏائيندا آهيون. باقي هر ليکڪ کي 30 ڪاپيون ڏيندا آهيون.

چڱو سٿ سلامت
اوهان جو ڀاءُ
نثار حسيني

85

بدين
1985ع – 9 – 05

پيارا دادا سنڌي صاحب!
اسلام عليڪم!

بيحد شرمندگي محسوس ٿو ڪريان، جو توهان کي دير سان جواب ڏيئي رهيو آهيان. توهان جي خيال تان بہ اها ڳالھہ شايد لھي ويئي هجي تہ توهان ڪو 31- 08 – 85 تي مون کي ليٽر لکيو هو. مون ان جو جواب ٻين ساٿين جي حوالي ڪري ڇڏيو، پر انھن شايد، توهان سان مثبت رويو اختيار نہ ڪيو. انھي لاءِ آئون توهان کان معافي ٿو وٺان. يار! توهان کي ڪھڙيون ويپيون ڪبيون. توهان مھرباني ڪري ٽپال خرچ لاءِ ٽڪليون ڏياري موڪليو. توهان کي ڪتاب رجسٽرڊ ڪري ڏياري موڪلبو. اوهان ايوارڊ لاءِ جيڪي مارڪون ڏنيون آهن. تنھن لاءِ لک لائق.
يار! چار چونڪ ڳالھين جا ضرور ڪبا. تون جھڙي سھڻي يار جي هٿان ڪارڊ اچي! اها ڳالھہ معيوب تہ ناهي پر مڪروح لڳي ٿي. هڪ لفافو هن خط سان گڏ موڪلي رهيو آهيان، جيئن توهان مون کي ڪارڊ جي بدران خط لکو. اميد تہ توهان خيريت سان هوندا. منھنجي لاءِ ڪو ڪم ڪار هجي تہ حاضر آهيان.

توهان جو پنھنجو
محمد سومار شيخ
سيڪريٽري
لاڙ ادبي سوسائٽي
ايگرو ويل ايريا، سول اسپتال روڊ بدين


86

اسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي
سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو
تاريخ : 1985 – 11 – 24

محترم ڀاءُ دادا سنڌي
اميد تہ خوش هوندا. اوهان جا سمورا خط پھتا هئا ۽ مون اوهان ڏانھن تعزيتي خط بہ لکيو هو. ڌڻي کي خبر تہ اوهان کي ڇو نہ مليو؟ هي خط ان ڪري آئون پاڻ پنھنجي هٿن سان لکي موڪلي رهيو آهيان تہ جيئن جواب ۾ دير نہ لڳي.
اوهان سان ٻہ حادثا ٿيا. ان لاءِ مون کي پنھنجي غم ۾ شريڪ ڄاڻيندا! ڌڻي جي رضا ۽ ڪم اڳيان ڪنڌ جهڪائڻو ئي پوي ٿو. مالڪ حقيقي پنھنجي نيڪ بندن کان امتحان وٺندو آهي. هونءَ بہ جيئن تہ پاڻ حق ۽ سچ جو سرچشمو آهي. ان ڪري سچار، سٺا ۽ گڻن وارا انسان پاڻ ڏي گهرائي وٺندو آهي. هيءَ دنيا ڀلن انسانن جي رهڻ جي جاءِ نہ آهي. رب پاڪ اوهان کي صبر جميل جي توفيق عطا فرمائي.
اوهان جي باقي خط جي جواب ۾ عرض آهي تہ:
1. اوهان جي موڪليل بنڊل ۾ ” سنڌين جي فوجي مھارت “ ڪتاب تہ هو، پر ” سنڌ جون تاريخي ڪھاڻيون “ شامل نہ هو.
2. جڏهن سنڌ الاجي انعامن لاءِ ڪتاب گهرايا تہ اوهان کي اطلاع ڪيو ويندو.
3. منھنجي خيال ۾ جيڪڏهن اوهان سنڌ الاجي جي ڪتابن مان استعفادو ورتو تہ ان جو ڪو هرج ڪونھي. ڇو تہ اوهان پنھنجي ڪتاب ۾ حوالو ڏيندا ۽ اداري جو شڪريو ادا ڪندا. پوءِ بہ هيئن ڪيو جو ان مقصد لاءِ ڊائريڪٽر انچارج جي اطلاع ڏيندڙ خط نما درخواست موڪلي ڏيو تہ ڪاغذي ڪاروائي پوري ٿي وڃي.
4. منھنجي ڪتاب ” سنڌ ۾ سياسي چر پر “ سان مرڻاس جا جُٺ ڪئي، ان تي افسوس جو اظھار ڪندي، ڪاوڙ مان هن کان پنھنجيون ڪاپيون ڪونہ ورتيون اٿم. هو همراءَ بہ ڪم لٿو ۽ ڊکڻ وسريو مصداق منھن ڪو نہ ٿو ڏيکاري. جڏهن ۽ جيڪڏهن ڪتاب جون ڪاپيون مليون ( ۽ ورتم ) تہ اوهان جي خدمت ۾ ضرور پيش ڪندس.
5. حال احوال ڏيندا ڪريو ۽ خط پٽ لکندا ڪريو. ائين اوهان جي دل جو بار بہ هلڪو ٿيندو ۽ پاڻ ۾ رابطو بہ رهندو. اوهان جنھن طريقي سان پنھنجو مواد موڪليو آهي. ان تي مون کي محنت ڪرڻي پوندي. بھرحال ڪم هلي ويندو. ٻين دوستن کي بہ چئو تہ هن علمي، ادبي ۽ تحقيقي تحريڪ ۾ سرگرمي سان حصو وٺن.

اوهان جو در محمد پٺاڻ

87

ڪراچي
25 ڊسمبر 1985ع

دادا سنڌي
سڪ سندو سلام قبول پوي.
تازو توهان جو ڪتاب ” سنڌين جي فوجي مھارت“ نظر مان گذريو. مان ورهين کان ويٺي واجهايو تہ ان مخصوص نقطي کان ڪتاب لکيو وڃي تہ جيئن پنھنجن ۽ پرائن تي اهو واضع ٿي سگهي تہ اڄ سنڌ کي فوج ۾ شامل ٿيڻ کان محروم سوچيل سمجهيل منصوبي تحت ڪيو ٿو وڃي. ورنہ اهڙي ڪا ڳالھہ نہ آهي تہ سنڌ ۾ عسڪري صلاحيت ڪانھي. توهان ان موضوع کي عام فھم ۽ سليس پيرائي ۾ نپائي ان مضمون تي نہ فقط قلم کڻڻ جو بنياد وڌو آهي. پر ان کي اڃا بہ ماهرانہ ۽ مخصوص ٽرمنالاجي ۾ لکڻ جي دعوت ڏني آهي. توهان جي بيدار ذهن ۽ وقت جي ضرورت پٽاندر پُر مقصد مواد پيش ڪرڻ تي مبارڪون ڏيڻ توهان جو حق آهي.
ان سان گڏ مان توهان کي اهڙي ئي ٻئي ضروري موضوع تي قلم کڻڻ ۽ مواد سھيڙي يڪجا ڪرڻ جي دعوت ڏيندس، جيڪو بہ وقت اهم ضرورت آهي ۽ يقين اٿم تہ بنيادي نوعيت جو ئي سادو ۽ ڪچو مواد سھيڙيو، توهان لاءِ ڪا اوکي ڳالھہ ڪانہ آهي. اهو موضوع آهي ” پنھنجن جي غداري “. حقيقت ۾ اسان کي ڪو ڌاريو نقصان ئي نہ ٿو پھچائي سگهي، جيستائين ڪو گهر جو چراغ باھہ نہ لڳائي. ميرن کي بہ گهر مان لڳي هئي. اسان کي گهرجي تہ اڄ انھن کي بي نقاب ڪيون، جن پنھنجن کان سنڌ جي مفاد کي ڌڪ لڳو آهي. ( وقتاً وقتاً ) ۽ اڄ بہ لڳي پيو. نہ فقط ايترو پر انھن تي اک بہ ڪرڙي رهي. ڇو تہ جيستائين ان گهر ۾ لڳل کاٽ جو بندوبست نہ ڪبو، تيستائين ٻاهر ڌارين سان ڪيترو بہ ويھي جهيڙو ڪندا سون، ليکو رهندو ڏينھون پوءِ ڏينھن پوئتي رهندو. ڀڳل مٽ ۾ پاڻي ڪيترو بہ وجهبو، ٻئي پاسي وهي ويندو، ڳالھہ اتي جو اتي رهندي. هت اسان جي صفن ۾ شگاف موجود آهن، هڪ ڳولھيو ڪيئي موجود آهن. رڳو قيمت لڳڻ جي دير آهي ۽ ڪي تہ چنيسر وانگر پنھنجي هڙان وڙان ڏئي بہ ڇيھو رسائڻ لاءِ تيارآهن، تن تي ڪرڙي اک نہ هوندي تہ وڃي جهل پل نڪرندي ۽ سندس همت افزائي ٿيندي ۽ موقعي ملڻ تي هڪ ٻئي کان اڳرا پيا نظر ايندا.
ڪڏهن ڪنھن موقعي مناسبت سان ملاقات جو موقعو ملي تہ لک لائق.

محمد صالح شيخ
14 اي، فريدہ اسڪوائر
گلشن اقبال، بلاڪ نمبر 7، ڪراچي.

1986

88

بدين
1986 - 1 – 13

محترم دادا سنڌي
اسلام عليڪم!

توهان جو پر درد خط پھتو، يادگيري لاءِ مھرباني . يار ڪم تہ ڪرڻو آهي. ماڻھن ۽ گزيٽيڊ ماڻھن ۽ غريب ماڻھن جون ڳالھيون دُهرائيبيون تہ پوءِ سڄي عمر شڪوہ شڪايتن ۾ گذري ويندي. ۽ هن وطن عزيز جو ادبي جهول ڪير ڀريندو. يار پاڻ کي نڪو اٿئي گولڊ ميڊلن جي ضرورت، نڪو اٿئي ايوارڊ جي ضرورت. پاڻ ادبي فقير آهيون ۽ رهندا سون، جيڪو ايوارڊ مليو تہ انھيءَ تي اسان کي فخر نہ رهندو. اسان کي فخر رهندو تہ امڙ سنڌ تي رهندو. انھي جي ثقافت تي رهندو، سواءِ ڪنھن نعري بازي جي ماٺ ميٺ ۾ جيڪو ڪجهہ پھچي سگهبو، اهو امڙ لاءِ ڪم ڪبو. منھنجي دوست دامن جو شعر هي آهي تہ،
مين فقير مئي کدہ هون، مجهي اپني معرفت هي
اسي کيا خبر خدا کي جو کبھي حرم نہ جائي

توهان جون ٽڪليون پھتيون. بدين ضلعي جي ثقافتي تاريخ، بدين ضلعي جو مطالعو، منتخت ڪلام عالم خان نظاماڻي، منتخت ڪلام هاشم ڪربلائي موڪلي رهيو آهيان. مھرباني ڪري انھن جي رسيد ڏياري موڪليندا تہ جيئن انھن جي رسيد ڪارڊ تي رکي سگهان.
توهان جو هڪ ڪتاب بہ مون وٽ نہ آهي، جي ڪتاب ڏياري موڪلڻ پسند ڪيو تہ آئون توهان کي ٽپال خرچ ڏياري موڪليان. اميد تہ توهان خيريت ۽ عافيت سان هوندا.

توهان جو پنھنجو
محمد سومار شيخ
انچارج، لاڙ ميوزيم
ايگرو ويل ايريا، سول اسپتال روڊ بدين

89

بدين
1986 – 1 – 25

محترم دادا سنڌي صاحب
اسلام عليڪم!
ادا تنھنجو خط پھتو، مھرباني. ان سان گڏ تنھنجو ڪتاب ” سنڌين جي فوجي مھارت “ پڻ پھتو. تنھن جي لاءِ ٿورائتو آهيان. اڃان مون تنھنجي ڪتاب جو پارسل کوليو ئي مس تہ منھنجي هڪ دوست جهپو هڻي، اهو ڪتاب کڻي ورتو ۽ پڙهي ڪو نہ سگهيس. جيئن ئي توهان جو ڪتاب پڙهيم تہ رايو لکي ڏياري موڪليندس.
اسان لاڙ ميوزيم ۾ خالي هٿن وڏيون قيمتي شيون گڏ ڪري رکيون آهن. توکي انھن کي ڏسڻ جي خاص دعوت ڏيان ٿو. هليا تہ توکي موهن جي دڙي کان اڳ جون مون شيون ڏيکاريان. حڪومت جي وسيلن، ڪوٽڏجي، آمري ۽ موهن جو دڙو پنھنجن منھن سان پڌرا ڪيا. پر اسان دڙن جي مٿان قديم شيون گڏ ڪيون آهن ۽ اهي پڻ هتي موهن جي دڙي کان اڳ جون آهن. اسان خالي هٿن بدين ضلعي تي 8 ڪتاب ڪڍيا آهن ۽ 50 کن ڪتاب تيار ٿيا پيا آهن. اسان کي ڪو آڏي ابتي تون وانگر شاباس ڏي ٿو، نہ تہ بس. آئون سمجهان ٿو تہ توکي پڻ اسان جھڙي ڪم ڪرڻ جو شوق جاڳيو آهي. ڏاڍو سٺو شوق اٿئي، ڪنڊن جي سيج تي سمھڻ کان اڳي اسان سان ضرور صلاح ڪجان.
ادا سچ پڇين تہ ڪم ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. بيڪار ماڻھو خدا ڪارڻ دشمني رکيو ٿا ويھن.
” سرور عالم ۽ سنڌ “ مقالو جڏهن بہ لکي وئين تہ آئون شايع ڪرائيندس. جي مون ۾ سگهہ نہ هوندي تہ ڪنھن ٻئي يار کان شايع ڪرائيندس. پاڻ سڳورن جي ڏينھن ۾ جيڪي اصحاب سڳورا تبليغ لاءِ سنڌ ۾ آيا. انھن مان هڪ اصحابي ٿريءَ جي ڀرسان آرامي آهي. پراڻ جي ڀرسان ان جي قبر آهي.پراڻ جي ڀرسان پنجتن جو گهير آهي. رسول صه جو خاندان ماتليءَ جي پنھورن سان وڌيو ۽ ويجهيو. امام جعفر صادق سنڌڻ پنوهار ڇوڪريءَ جو پٽ هو، جيڪا ماتلي جي ڀرسان رهندڙ پنوهارڻ هئي. جيڪڏهن توکي انھن ڳالھين جي ضرورت هجي تہ توکي وضاحت سان لکي ڏياري موڪليان.
ان کان سواءِ ديبل جا سنڌي ۽ نيرون ڪوٽ جا مبلغ پڻ پاڻ سڳورن جي وقت سان واسطو رکن ٿا. توهان پنھنجي موضوع لاءِ ” ارض القرآن “ ۽ ” عرب و هند ڪي تعلقات “ ڪتاب ڏسو تہ سٺو آهي. ۽ پڻ حضرت ابو الجلال جا لکيل مضمون ” سنڌي مھرين“ جيڪو مھانامو ڪراچي م۾ شايع ٿيو هو. اهو پڻ انھي موضوع ۾ توهان جي رهبري ڪري سگهي ٿو. هيٺيان ڪتاب پڻ توهان جي انھيءَ ڏس ۾ رهبري ڪري سگهن ٿا.
1. نورالايمان – مھراڻ آرٽ ڪائونسل حيدرآباد جو شايع ڪرايل.
2. ڪيئي ڪتاب – ڀاڱو پھريون ۽ ٻيون، رئيس ڪريم بخش نظاماڻي جو لکيل.
توهان ڊپٽي ڪمشنر سکر کان ضرور مدد وٺو. ضلعي ڪائونسل، ميونسيپل ڪاميٽي ۽ ٽائون ڪاميٽي کي پڻ توجھہ ڏياريو. توهان بہ قديم شيون گڏ ڪري گهر ۾ سکر ميوزيم قائم ڪري ڇڏيو. اوهان جي مدد پھرين ڪوبہ ڪونہ ڪندو. سڀ توهان کي چريو ليکيندا. پر پوءِ هڪ نہ ٻہ توهان سان تعاون ڪندا. جيڪي مخالفت ڪن تن جي ڳالھہ هڪ ڪن مان ٻڌو ۽ ٻئي مان ڪڍي ڇڏيو. دل ننڍي ڪندا تہ ڪم ڪري ڪين سگهندا. سيمينارن تي گهٽ زور ڏيو. پنھنجي ضلعي جي تعارف لاءِ ڪتاب ڇپرايو. الک توهان سان حامي ٿيندو. قومي ڪمن ۾ مڪتب فڪر جو خيال نہ رکبو آهي. هندو، مسلمان، عيسائي، يھودي، نيگيٽو، پازيٽو، نفي ۽ اثبات سڀن سان ها ۾ ها ملائي پنھنجي مقصد جو ڪم ڪبو رهبو آهي. ذهني عذابن کي پڻ درگزر ڪري ڇڏڻو آهي. اصل لطيف ٿي بيھڻو آهي. جنھن چيو هو تہ
جي ڇورين ڏنا ڇال، تہ بہ لاهوتي لنگهي ويا
جي مخالف عنصر ڇورين کان گهٽ شيطان ناهن ۽ اسان فقيرن کي انھن جي ڇالن جي پرواھہ ڪرڻي ناهي. البتہ نيڙت ۽ نياز جو شيوو ڪنھن بہ صورت ۾ هٿان ناهي ڇڏڻو. ڳڙهيلو درياءَ يا ڳڙهيلو وهڪرو مون ڪوبہ مضمون ڪونہ لکيو آهي. شايد عمر معمور لکيو هجي. آءُ ان کان پڇا ڪريان ٿو.
مون وٽ پڻ ضلعي متعلق جيڪي ڪتاب هئا، سي ڏياري موڪليم. هينئر بدين جا مشاهير ڪتاب شايع ڪرايو اٿم. سو اوهان ڏانھن ڏياري موڪلي رهيو آهيان، پھچ جو اطلاع ڏيندا. اوهان جڏهن ضلعي جي ثقافتي تاريخ لکڻ گهرو. تڏهن بدين ضلعي جي ثقافتي تاريخ کي توهان سامھون رکندئو تہ توهان جو مڙيئي مشڪلاتون دور ٿي وينديون. انھي ۾ ڪافي قدر موضوع توهان جي رهبري ڪندا. صرف انھي جڳھہ توهان بدين لفظ ڪڍي سکر لفظ ڪم آڻيندا. اميد تہ توهان خيريت عافيت سان هوندا.

توهان جو پنھنجو
محمد سومار شيخ
انچارج، لاڙ ميوزيم
ايگرو ويل ايريا، سول اسپتال روڊ بدين

90

1986ع – 2 ¬– 16

پيارا دادا سنڌي صاحب!
اسلام عليڪم!

اوهان جو خط پھتو، مھرباني. اوهان اشارو ڪيو آهي تہ اوهان بدين اچڻ گهرو ٿا. اگر اوهان بدين ايندا تہ آءُ اوهان جو مرحبا ڪندس. اوهان جن سوالن جا جواب گهريا آهن، انھن جو اختصار هيٺين ريت آهي.
پنجن تنن جو گهيڙ : پراڻ درياءَ جي ڪناري تي علي بندري ڀرسان 5 تنن جو گهيڙ آهي، روايت آهي تہ پنجتن پاڪن انھيءَ گهيڙ تي اچي مانجهاندو ڪيو هو ۽ انھيءَ کان پوءِ نظرن کان غائب ٿي ويا هئا. ماڻھو انھيءَ جڳھہ کي عقيدت جي نظر سان ڏسندا آهن ۽ ان جڳھہ تي ساليانو ميلو بہ ڪندا آهن. شاھہ لطيف رح ۽ ٻين بزرگن پڻ انھيءَ جڳھہ تان ڀيرو ڪيو هو.
ڪن ڪارو اصحابي: پاڻ سڳورن جي ڏينھن ۾ سنڌ ۾ تبليغ ڪرڻ لاءِ 15 اصحابي سڳورا آيا هئا. انھن نيرون ڪوٽ ۾ پنھنجو مرڪز ٺاهيو هو. انھن اصحابين مان هڪ اصحابي لاڙ طرف تبليغ لاءِ آيل هو. جيئن تہ انھيءَ بزرگ جو ڪن ڪار سرو هو. انھيءَ ڪري اهو بزرگ اصحابي ڪن ڪاري اصحابي جي نالي سان ياد ڪيو ويو. سومرن جو پھريون تختگاھہ ٿري سندس تبليغ جو ٺڪاڻو هو. اتي ئي رهي پاڻ وفات ڪري ويو. پراڻ جي اوليائن ۾ سندس شمار ٿئي ٿو. ريڻ جا ميلا مھاپيري آچر تي لڳندا آهن. انھن ميلن ۾ سندس ميلو پڻ ڌام ڌوم سان لڳندو آهي، جيئن تہ ريڻ جي ميلن ۾ وڏي ۾ وڏوميلو قرهي ڀانڊاري جو لڳندو آهي، تنھن ڪري آچر جي ڏينھن ريڻ جا سڀ ميلا قرهي ڀانڊاري جي ميلي ڏانھن رُخ ڪندا آهن ۽ قرهي ڀانڊاري جو ميلو سومر، اڱارو ۽ اربع ڏينھن لڳندو. قرهيو ڀانڊاري پڻ ديني مبلغن سان هڪ معروف بزرگ ساريو وڃِي ٿو.
شھربانو: حضرت امام جعفر صادق جي ماءُ شھربانو ماھہ طلعت جي ڌيءَ هئي. ماھہ طلعت همت خان پنھور جي ڌيءَ هئي. جيڪو سڌيرن جي شھر جو رهاڪو هو. يزديرد نمبر 3 سڌيرن جي شھر ۾ ماھہ طلعت سان شادي ڪئي. يزديرد انھي کي هڪ جاگير ڏني. جيڪا پوءِ ماطلعتي نالي سان مشهور ٿي. انھيءَ جڳھہ کي هينئر ماتلي چيو وڃي ٿو. شھربانو ايران مان قيدياڻي ٿي عرب پھتي هئي ۽ رسول جي خاندان ۾ ڏينھن گذاريائين. خود امام جعفر صادق انھيءَ نسبت جي ڪري سنڌي ٻولي کي پنھنجي مادري ٻولي ليکيندو هو. سنڌ ۾ جو هيترا پير ۽ سيد رهن ٿا . اهي انھي ناتي سبب پنھنجو ڏيھہ سمجهي هتي گذارين ٿا. ادا قصا وڏا آهن، جيڪي خطن ۾بيان نہ ٿا ڪري سگهجن. اچي لاڙ بہ گهمي وڃ ۽ احوال بہ وٺي وڃ.
آءُ هينئر ريٽائرڊ آهيان، لاڙ ميوزم کي سنڀالڻ ۽ ادبي ڪمن کي پنھنجو مشغلو بنايو اٿم. پوڙهن وانگر ٽنگ ٽنگ تي رکي ويھي ڪونہ رهيو آهيان. توهان جڏهن مون جهونڙي سان ملندو، تڏهن آءُ پنھنجي ڏڪندڙ هٿن ۽ عينڪ جي ٿلھن شيشن مان توهان جي زيارت ڪندس، ڪيئن ٺيڪ آهي نہ؟ اميد تہ توهان خيريت سان هوندا.

توهان جو پنھنجو
محمد سومار شيخ
لاڙ ميوزم، ايگرو ويل ايريا، سول اسپتال روڊ، بدين

91

شوڪت خواجائي بکري
گهر نمبر 27 / 631
ڀرسان ايم ڪي اسڪول
سکر ( سنڌ )
1986ع – 4 – 29

پيارا سائين دادا سنڌي
جيئي سنڌ، جيئي لطيف

سائين مان پھريون دفعو توهان طرف خط لکي رهيو آهيان. اميد اٿم تہ هن خط جو جواب ڏيندا.
پيارا توهان ” وڄڻوٺ بچاءُ ڪاميٽي “ ٺاهي سنڌ جو فرض پورو ڪيو آهي. آرڪيالوجي کاتي وارن تي ڀاڙي ويھڻ تمام وڏي بيوقوفي آهي. هو ويچارا ڪجهہ بہ ڪري نہ ٿا سگهن. اسان جو هڪ دوست آرڪيالوجي ۾ ” هيڊ آف دي ڊيپارٽمينٽ “ آهي، پر انھن وٽ ڪوبہ فنڊ نہ آهي ۽ دوست هٿ تي هٿ رکي ويٺا آهن.
پيارا توهان جي هن بچاءُ ڪاميٽي جو اثر سرڪار تي نہ پيو تہ گهٽ ۾ گهٽ تمام ماڻھن تي ضرور پوندو. توهان کي جس آهي جو توهان ايڏو وڏو ڪم ڪيو آهي.
پيارا توهان کي منھنجي طرفان مبارڪ آهي. مون کي ڊٻ ڏيٿري ۽ وڄڻوٺ گهمڻ جو شوق آهي. جڏهن فرصت ملي تہ توهان جي معرفت اهي قديم آثار گهمبا. ٻيو سڀ خير ” وڄڻوٺ بچاءُ ڪاميٽي “ جي سڀني دوستن کي سلام.

والسلام
شوڪت خواجائي
بکري سکر

92

سنڌ نيشنل اڪيڊمي، پوسٽ باڪس نمبر 258، حيدرآباد ( پاڪستان )
حيدرآباد
1986 – 05 – 18

برادر محترم دادا سنڌي صاحب
اسلام عليڪم!

خدا ڪري اوهان خيريت سان هجو.
اوهان جو عنايت نامو مليو.
مان تہ اوهان ڏانھن پنھنجا ڪتاب موڪليندو رهيو آهيان. پر اوهان جي خط مان معلوم ٿيو تہ اوهان کي اسان جون موڪليل شيون نہ ٿيون ملن. ڪجهہ ڪتاب بذريعه ڊاڪ ارسال ڪري رهيو آهيان. اميد تہ پنھنجي راءِ کان واقف ڪندا.
اوهان پنھنجي جنھن دوست جي حوالي سان ڪينجهر جي باري ۾ پنھنجي تقرير يا مضمون جو حوالو ڏنو آهي. ان تي مون کي تعجب ٿيو، ڇاڪاڻ تہ مان تہ ان موضوع تي نہ ڪا تقرير ڪئي آهي ۽ نہ وري ڪو مضمون لکيو آهي. ان دوست کي يا تہ غلط فھمي ٿي آهي. يا وري ڪجهہ ” مھربان دوست “ آهن. جن جو ڪم اسان تي نوازشون ڪرڻ آهي. اوهان وارو دوست انھن مان آهي.
بھرحال ڪينجهر جي موضوع تي منھنجي پنھنجي معلومات نھايت اڌوري آهي. ان ڪري اهڙي موضوع تي مان ڪجهہ چوڻ تحقيق جي شان جي خلاف سمجهان ٿو.
پرين جي پچار جو ٻيو حصو تيار آهي، پر اشاعت ۾ اڃان تاخير آهي. سبب اهو آهي جو مان سمجهان ٿو تہ هن وقت وڌ ۾ وڌ ضرورت هن ڳالھہ جي آهي تہ سنڌي نوجوانن جي سامھون اسلام جي تعليمات کي سائينٽيفڪ اعلى درجي جي علمي انداز سان پيش ڪيو وڃي. جيئن نوجوانن جو خدا ۽ اسلام تي عملي طور تي اعتماد بحال ٿئي. اوهان بہ مذهبي انسان آهيو، ان اعتبار سان اوهان تي بہ وڏيون ذميواريون عائد ٿين ٿيون.
سنڌ جي تاريخ ثقافت ۽ ڌرتي ۽ ان جي موضوع ۽ مسئلن تي بہ لکڻ گهرجي، جي حياتي آهي تہ ضرور لکبو رهبو. پر اسلام جي صداقت وحقائق تي لکڻ جي ضرورت هيئن نھايت وڌيڪ آهي. ڇا ان سلسلي ۾ ڪجهہ لکڻ يا ترجمي ڪرڻ لاءِ اوهان ڪجهہ وقت ڪڍي سگهندو.
ﷲ تعالى گذريل ٻن ٽن سالن کان منھنجو ڪنھن جماعت سان ڪو واسطو ڪونہ رهيو آهي. مان غير جانبدار ٿي سنڌي نوجوانن تائين اسلام جي دعوت پھچائڻ چاهيان ٿو. ” ڪامريڊ دوستن کي سڏ “ ڪتاب اوهان جي خدمت ۾ موڪلي رهيو آهيان. انھي مان اوهان اندازو لڳائي سگهندا.

والسلام
اوهان جو
محمد موسى ڀٽو
93

سنڌ ڪتاب گهر، سڪرنڊ ( سنڌ )
1986ع – 5 – 22

محترم سائين دادا سنڌي !
اوهان جو خط ۽ ” تحقيق ۽ تاريخ “ عنوان وارن ڪتابن بابت تفصيلي رايو ۽ فيصلو پھتو. ان سھڪار لاءِ سنڌي ادبي سنگت اوهان جي احسانمند آهي. اميد تہ اڳتي بہ هر مھل ۽ موقعي تي ڀال ڀلائيندا رهندا.
جڏهن بہ انعامن ورهائڻ جي تقريب ڪوٺائينداسين، تہ اوهان کي خط لکي ضرور آگاھہ ڪبو. دلجاءِ ڪندا.
وڄڙوٽ بابت رشيد ڀٽي صاحب جي اپيل / آرٽيڪل ( انگريرزي ۾ لکيل ) اوهان جي خط کان اڳ پھتو هو. مون ان جو فوٽو اسٽيٽ ڪاپيون، پنھنجي خط سان اخبارن جي ايڊيٽرن ڏانھن اشاعت ۽ ايڊيٽوريل لکڻ لاءِ موڪلي ڏنيون هيون. اوهان جي حڪم موجب مرڪزي طرح بہ بيان ڪڍان ٿو، ۽ شاخن پاران بہ بيان ڪڍائڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو .
اوهان جو مسودو، رُڪ سنڌي پريس ۾ ڪونہ ڏنو آهي، شايد هن وقت ڇپائڻ جي مُوڊ ۾ نہ آهي. مسودو مليو تہ حڪم جي پوئيواري ڪبي.
هڪ خاص ڳالھہ تہ اوهان جو ڪتاب ” تاريخي ڪھاڻيون“ ٻاراڻي ادب جي سري هيٺ اسان جي انعامي اسڪيم ۾ شامل آهي. هڪ معزز جج، اوهان کي اطلاع ڪرڻ لاءِ لکيو آهي تہ امروٽي بزرگ امروٽ شريف ۾ نہ پر، ڳاڙهي موري ( ضلعو خيرپور ) ويجهو ” ديواني ڳوٺ“ ۾ ڄائو هو. ان کان سواءِ اوهان ڪجهہ سن بہ غلط ڄاڻايا آهن، سي درست ڪندا.

اوهان جو پنھنجو
تاج جويو
سيڪريٽري جنرل سنڌي ادبي سنگت ( سنڌ )

94

سنڌ نيشنل اڪيڊمي، پوسٽ باڪس نمبر 258 .حيدرآباد ( پاڪستان )
حيدرآباد
1986 – 05 – 29

برادر محترم دادا سنڌي صاحب
اسلام عليڪم! خدا ڪري اوهان خيريت سان هجو. اوهان جو محبت سان ڀريل عنايت نامو مليو. اوهان منھنجي خيالات ۾ تبديلي بابت لکيو آهي.منھنجي خيال ۾ تبديلي نہ پر ارتقا آهي. صحافت ۾ رهڻ ڪري حالتن جي مشاهدي جو جيڪو موقعو مليو . انھي خيالات ۾ ارتقا پيدا ڪري ڇڏي. ان ڪري مان سمجهان ٿو تہ مون واري تبديلي جي بجاءِ ان کي فطري ۽ تدريجي ارتقا چئي سگهو ٿا.
جماعت اسلامي ۾ نہ رهڻ کان پوءِ يقينن مون کي آزادي سان پنھنجي خيالات جي اظھار جو موقعو مليو آهي. ورنہ اهو موقعو يقينن نہ ملي ها. ڇاڪاڻ تہ جماعت ڪي نہ ڪي پانديون عائد ڪري ٿي.
اوهان ڪتاب جي ترجمي جي آمادگي ظاهر ڪئي آهي. ان لاءِ نھايت مشڪور آهيان. هڪ ڪتاب ” خدا موجود هي، چاليس سائنسدانون کي گواهي“ جي نالي سان ڪڏهوڪو جو اردو ۾ شايع ٿيو هو. ان جي هڪڙي ڪاپي مون وٽ هئي. اهو هڪ صاحب ترجمي لاءِ ڏني هئي، پر نہ ڪاپي واپس ملي آهي ۽ نہ وري ترجمو ٿي مليو آهي. ڪتاب ناياب ٿي ويو آهي. مارڪيٽ ۾ ملي نہ ٿو. انشاءَ ﷲ ڪوشش ڪري عيد کان پوءِ اوهان ڏانھن ڪتاب ڏياري موڪلبو. قرآن جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو تہ پيغمبرن ۽ مومنن جي زندگي جو اصل مقصد ماڻھن کي توحيد ڏانھن سڏڻ، رجوع باري تعالى جي دعوت ڏيڻ، ۽ آخرت جي باري ۾ دوزخ کان بچائڻ جو ڪم ڪرڻ آهي. پنھنجن قومن جي مسائل جي پيغمبرن ڳالھہ ڪئي آهي. پر نھايت گهٽ. ان ڪري اسان کي اصل توجھہ خدا ڏانھن سڏڻ جي ڪم ڏانھن ڏيڻ گهرجي. ان مقصد لاءِ مسائل تي جيترو توجھہ ڏيڻ ضروري هجي، اوتري ڏيڻ گهرجي.
اوهان راقم جي ڪتاب کي پسند ڪيو. جنھن لاءِ مان اوهان جو نھايت ٿورائتو آهيان.
مان اوهان جو نھايت مشڪور آهيان، جو اوهان پنھنجي حلقه احباب کي اسان جا ڪتاب مطالعي لاءِ ڏيو ٿا. اصل ۾ ڪتاب پڙهڻ ۽ پڙهائڻ اڄوڪي دور ۾ وڏي ۾ وڏي خدمت آهي.

والسلام
اوهان جو
محمد موسى ڀٽو

95

انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي، سنڌ يونيورسٽي سنڌ، ڄام شورو، فون نمبر : 71125
نمبر آءِ – ايس / ريسرچ 3139
مورخ : 1986- 12 – 15

محترم دادا سنڌي
اميد تہ خوش هوندا. اوهان کي اهو ٻڌائيندي خوشي محسوس ٿي ڪجي تہ هن وقت تائين 269 ڏات ڌڻين جي علمي، ادبي، ۽ ثقافتي خدمتن کي محفوظ ڪرڻ لاءِ کاتا ( ريڪارڊ ) کلي چڪا آهن ۽ انھن ڏات ڌڻين مان اوهان پڻ هڪ آهيو.
اوهان جي خدمتن جو رڪارڊ نمبر 126 آهي. هن گذارش نامي موڪلڻ تائين اوهان جي قلمي پورهئي، مواد ۽ معلومات جا هڪ جلد ترتيب ڏئي محفوظ ڪيا ويا آهن. انھيءَ مواد ۽ معلومات کي هٿ ڪري ترتيب ڏيڻ واري ڪمي جيڪو اوهان سھڪار ڪيو آهي. ان لاءِ اوهان جا ٿورائتا آهيون.
اسان کي احساس آهي تہ هن وقت تائين گڏ ڪيل مواد ۽ معلومات اوهان جي خدمتن ۽ ڪارنامن جي جزوي جهلڪ محسوس ڪري ٿي.اوهان جو قلمي پورهيو معياري، وزنائتو ۽ مقدار ۾ بہ جهجهو آهي. ان ڪري قسطن ۾ ئي اهو رڪارڊ مڪمل ڪري سگهجي ٿو. ليڪن اوهان جي انھي خدمتن جي خاڪي ۾ اوهان جي سھڪار سان ئي رنگ ڀري سگهجن ٿا. انھيءَ سلسلي ۾ اوهان کي عرض ڪجي ٿو تہ :
1. جڏهن بہ هن طرف اچڻ ٿئي تہ اسان کي بہ ملاقات جو شرف ڏيئي رٿا بابت اسان کي بہ نيڪ مشورن سان نوازيو.
2. اڳ ۾ ڪيل گذارشن مطابق وڌيڪ مواد ۽ معلومات ( ڇپيل مضمون، افسانا، اخباري رپورٽون، اخباري خبرون، اديبن جا خط، دعوت نامہ، شايع ٿيل ڪتابن جا ٽائٽل مھاڳن سميت ) سٺ ستر صفحن جي قسط ۾ موڪلي ڏيو.
3. پنھنجي شاعري ڪنھن رجسٽر تي اتاري موڪليو، حاشيون چئني طرفن کان ڇڏي ڏيو ۽ ورقن جو پٺيون صفحو خالي رکو. شايع ٿيل مواد پڻ اهڙي ريت فوٽو اسٽيٽ ڪرايو.
4. شايع ٿيل مواد جا ڌار تفصيل لکي موڪليو. جنھن ۾ مواد جو عنوان، صنف، شايع ٿيڻ جي تاريخ ۽ شايع ٿيڻ جو هنڌ ( ڪتاب يا رسالي جو نالو )بابت معلومات ڏيڻ فرمايو.
5. اوهان پنھنجي علمي، ادبي ۽ ثقافتي سرگرمين جا ڌار تفصيل لکي موڪليو، جنھن ۾ تاريخ، هنڌ، سرگرمي جي نوعيت ( ڪانفرنس، سيمينار، مشاعرو، گڏجاڻي، مھورت، ورسي ۽ شام وغيرہ ) ۽ ان ۾ شرڪت جي حيثيت بابت معلومات ڏيڻ فرمايو.

اوهان جو ٿورائتو
ڊاڪٽر ڌرمحمد پٺاڻ، (ڊپٽي ڊائريڪٽر )، انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي ڄام شورو

96

سنڌي ادبي سنگت سنڌ ( رجسٽرڊ )
مرڪز
1986 – 12 – 20

محترم دادا سنڌي
سنڌي ادبي سنگت پاران ” ادبي انعام ۽ سنگت ايوارڊ “ لاءِ اوهان جي ڪتاب ” سنڌ جون تاريخي ڪھاڻيون“ کي بھترين ” ٻاراڻي ادب “ جو ڪتاب قرار ڏنو ويو آهي.
اوهان کي عرض ڪجي ٿو تہ 1 جنوري 1987 تي پريس ڪلب حيدرآباد ۾ شام جو 6 وڳي اچي، پنھنجو انعام ۽ ايوارڊ، سنڌ جي نامور شاعر محترم شيخ اياز جي هٿان حاصل ڪندا.

اوهان جو پنھنجو
تاج جويو
سيڪريٽري جنرل
سنڌي ادبي سنگت، سنڌ.

97

روشني
سنڌ اسلامڪ سينٽر سکر
( تنظيم فڪر ونظر سنڌ جو ترجمان، ديني، علمي ۽ ادبي ڪتابي سلسلو )
تاريخ : 1986 – 12 – 24

محترم سائين !
اسلام عليڪم!!
تعميري ادب جي واڌاري لاءِ اشاعتي سلسلي روشني سان تعاون وقت جي گهُر آهي. اوهان پنھنجون تخليقات ( نثر، نظم ) اشاعت لاءِ عنايت ڪرڻ فرمائيندا تہ جيئن ماهانہ روشنيءَ ذريعي پڙهندڙن تائين پھچائي سگهجن.
پڪ آهي تہ اوهان ٻولي، ادب، علم ۽ دين جي خدمت ۾ ڀرپور ڪردار انجام ڏيندا. مھرباني
پھريون ڪتاب / رسالو فيبروري 1986ع ۾ شايع ٿيندو.

اوهان جو امير بخاري

1987

98

روشني
سنڌ اسلامڪ سينٽر سکر
( تنظيم فڪر ونظر سنڌ جو ترجمان، ديني، علمي ۽ ادبي ڪتابي سلسلو )
تاريخ : 1987ع – 1 – 8

پيارا دادا!
اوهان جو نوازشنامو مضمون سان گڏ، يا مضمون نواشنامي سان گڏ مليو، مھرباني. رسيد حاضر آهي، روشني جي پاليسي روشني آهي. سچ، سونھن، سرت، ساڃاھہ سان لاڳاپو ۽ ان جو ابلاغ. پڪ اٿم تہ سمجهي ويا هوندا.
سڄي دنيا پنھنجي آهي.سنڌ تہ اڃان وڌيڪ، ان کان اڃان وڌيڪ، پنھنجو اتر، سکر، ميرپور ماٿيلو، اٻاوڙو، داد لغاري.جنھن جي ادبي، علمي، ديني سماجي ثقافتي، تاريخ جاگرافي لکي موڪليو تہ روشني ۾ شايع ٿيندي، پر شرط هي آهي تہ اوهان جي شان وٽان هجي.
اوهان جو هي مضمون، انشاءَﷲ پھرين شماري ۾ آڻي رهيو آهيان. اوهان جي ساٿ سان اڳتي وڌبو رهبو. هدايتون ڏيندا رهندا ۽ پنھنجي دوستن کي بہ تعاون لاءِ چوندا.

والسلام
اوهان جو
امير بخاري

99

رحيم داد راهي
پي او چڪ ضلعو شڪارپور
تاريخ : 1987ع – 2 – 5

محترم دادا سنڌي
اسلام عليڪم!
طرفين خيريت مطلوب

عرض تہ سائين توهان سان چڱو وقت اڳ توهان جي ڳوٺ ۾ ملاقات ڪرڻ کان پوءِ وري نہ مليا آهيون. دل ڏاڍي ٿي چوي تہ وري اوهان سان ملجي ۽ ڪي ڪچھريون ڪجن. ليڪن رات ڏينھن مصروفيت منجهائي وڌو آهي. توهان چيو هو تہ مولانا عزيزﷲ ٻوهيي سان ملاقات ڪرايو. مان توهان جو ذڪر مولانا سان ڪيو هو. ليڪن پروگرام سکر، چڪ، شڪارپور ۽ گهوٽڪي ۾ ٿيا آهن. پر اوچتو ٿيا آهن. جنھن ڪري جلدي ۾ اوهان کي نہ ٻڌائي سگهيو آهيان.
عرض تہ سائين مان توهان سان ذڪر ڪيو هيم تہ مان مولانا سنڌي جو ڪتاب ” تعليمات زندگي اور سياسي افڪار“ ترجمو ڪري رهيو آهيان، اهو هاڻي پورو ڪري ويو آهيان. هاڻي فيبروري 1987ع ۾ ڇپائڻ جو ارادو آهي. ڪتاب تي ڪجهہ وڏن اديين جا تعارف بہ لکرائيندس، تنھن ۾ اوهان کي بہ عرض ڪندس تہ مولانا جي فڪر تي ۽ منھنجي ترجمي تي هڪ تعارف لکي ڏيو. لکي ڏيڻ جي ورندي هن خط جي جواب ۾ لکي موڪليو تہ مان توهان ڏانھن ڪتاب جي هڪ ڪاپي موڪليان. مون کي اميد آهي تہ اوهان مايوس نہ ڪندا.
ٻيو عرض تہ جيڪڏهن ٿي سگهي تہ هن نيڪ مقصد ۾ مالي مدد ٿي تہ اها بہ لکجو. اها ڳالھہ ڪرڻ وسري وئي تہ وچ ۾ مان ڪتاب ياسر عرفات ماڊرن بوڪ اسٽور واري هٿان اوهان ڏانھن موڪليو هيم. مليو الائي نہ، دلجاءِ ڏيندا. خدا حافظ.

اوهان جو
رحيم داد راهي

100

ڪل سنڌ ٻالڪ سنگت - سنڌ
خيرپور ميرس
1987ع – 02 – 14

مانوارا سائين دادا سنڌي

اميد تہ سدائين سنڌي ٻارڙن کي تاريخ جي حقيقتن کان آگاھہ ڪرڻ جو فرض نڀائيندا رهندئو.
توهان جو ڪارڊ بلڪل هينئر مليو آهي. عرض تہ اسان توهان کي ڪڏهن ناهي وساريو، ۽ نہ ئي وري وساري سگهون ٿا، اوهان جي خدمتن کي جي ڪوئي وسارڻ چاهي تہ بہ وساري نہ سگهندو.
ڪارڊ موڪلڻ لاءِ لکي اوهان مون کي شرمندو ڪيو آهي. ڀلا اوهان کي اسين ڪارڊ نہ موڪليون ۽ ٻارن جو ميلو ڪيون، ائين ٿي سگهي ٿو؟
توهان مھرباني ڪري پنھنجي ڪتاب جي ڪاپي ۽ پنھنجو مختصر تعارف اسان ڏانھن اهڙي ريت اماڻيو جو اهو 17 فيبروري تائين ڪنھن طرح پھچي وڃي. پوسٽ رستي متان پھچڻ ۾ دير ڪري. بھتر ٿيندو تہ هٿو هٿ اماڻيو، ڇو تہ 17 فيبروري شام جو ايوارڊ ڪميٽي جي گڏجاڻي آهي، تہ جيئن اتي توهان جو نالو تجويز ڪجي، فيصلو تہ ڪميٽي جي هٿ وس آهي. بھرحال آءُ توهان جو ٿورائتو آهيان جو اوهان اسان جي سڏ کي مان ڏنو.
توهان سان ملڻ جي اڪير بہ ڪافي عرصي کان هيم، هي ميلو منھنجي ان خواهش جو پورائو پڻ ڪندو. وڌيڪ ڪچھري روبرو ڪنداسون.

اوهان جو پنھنجو
نديم گل عباسي
سيڪريٽري
ميلہ آرگنائزنگ ڪاميٽي
ميلہ آفيس مال روڊ خيرپور ميرس

101

NATIONAL SEMINAR
ON
Mian Noor Mohammad Kalhoro Wall – e – Sindh
CONVENER MALIK ASRAR HUSSAIN
Assistant Commisioner Moro Nawabshah Phone No. 435. 201
Date : Feb, 24, 1987




Dear Sir, Dada Sindhi

With reference to our letter dated 10th February 1987, we are to inform you that the National Seminar on Mian Noor Muhammad Kalhoro, the great Ruler of Sindh, will now be held in the first week of April, 1987.

We shall feel great pleasure and appreciate, if you may kindly favor Us a research article on the given topic by 20th March, 1987, on the following address:

Dr. Muhammad Liaq Zardari,
c/o Sikandar Medical Store,
Moro, District , Nawabshah
P.O Moro.

Kindly intimate your willingness as participant in the seminar. The exact time schedule of the seminar will be communicated later on.



DR.MUHAMMAD LIAQ ZARDARI
SECRETORY, NATIONAL SEMINAR
MIAN NOOR MOHAMMAD KALHORO


102

ڊائريڪٽر
انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي
تاريخ : 1987ع – 3 – 1

محترم دادا سنڌي

موضوع : ادبي انعام سال 1985ع جو چيڪ ۽ ” مڃوتي سرٽيفڪيٽ “ موڪلڻ جي باري ۾.

اسلام عليڪم!
اوهان کي ٻڌي نھايت خوشي ٿيندي تہ انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي طرفان ادبي انعام جي سلسلي ۾ سال 1985ع لاءِ اوهان جي ڪتاب ” سنڌ جون تاريخي ڪھاڻيون“ کي ٻاراڻي ادب بھترين ڪتاب قرار ڏيئي پھريون نمبر انعام ڏنو ويو آهي ۽ اهڙو اعلان اخبار ذريعي پڻ ڪري چڪا آهيون.
ان سلسلي ۾ هن خط سان شامل انعام جي رقم مبلغ 2000 روپيا ( اکرين ٻہ هزار روپيا ) جو چيڪ نمبر 849333 مورخ 1987ع – 1 – 19 ۽ ان سان شامل ” مڃوتي سرٽيفڪيٽ “ موڪلجي ٿو. چيڪ وصول ڪري اهڙي رسيد هن اداري کي موڪليندا تہ مھرباني.

مخلص
مھتاب اڪبر راشدي
ڊائريڪٽر انچارج
اسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄام شورو

103

عبدالقادر منگي
اسٽنٽ ڪمشنر اينڊ
سب ڊويزنل ميجيسٽريٽ
سجاول، ضلع ٺٽو
1987ع – 6 – 14

محترم دادا
اسلام عليڪم! اميد تہ خوش هوندا، توهان جو خط مليو. اڳيون خط مليل آهي. بدنصيبي سان خط لکڻ جي معاملي ۾ ڏاڍو جڏو ثابت ٿيو آهيان. ڪوتاهي درگزر ڪندا.
منھنجي لاءِ جن جذبات جو اظھار ڪيو آهي، ان لاءِ ٿورائتو آهيان.
هي سيمينار ڪينجهر تي آءُ نہ بلڪہ محترم بھاول خان انڙ ڪرائي رهيو آهي. ان سان لھہ وچڙ ۾ ايندا.
وتائي فقير جا ڪتاب بہ ڇپايا هئا سي. جيڪي اي سي آفيس ٽنڊو الھيار ۾ ڇڏي آيو آهيان. انھن سان رابطي ۾ ايندا.
ڀنڀور ۽ ديبل هٿ ڪري موڪلي ڏيندس. توهان جيڪي حوالا ڏنا آهن. اهي معتبر آهن ۽ مون کي چڱي طر ح ياد آهي . توهان جي ادبي سرگرمين جي پرچار ملندي رهندي آهي. اڃان بہ اڳڀرا ٿيو شل.


نيڪ تمنائن سان
توهان جو پنھنجو
عبدالقادر منگي

104

سکر
1987ع – 09 – 19

جيئي سنڌ !
اسان جو 11 تاريخ تي بلڪل پڪو پروگرام هيو، اسين گهوٽڪي بہ آياسون. اتان صبح جو سويري نڪري ميرپور ماٿيلي آياسين. جتي اسان کي 12 وڳي تائين ڪابہ سواري ڪين ملي. مايوس تمام گهڻا هئاسين. رات بہ رهڻو ڪين هو. موٽي بہ اچڻو هو سوچيوسون ۽ صلاح ڪئي سون. اگر هينئر هلبو تہ موٽي ڪين سگهبو. ان لاءِ پروگرام کي ڪينسل ڪيو سون. وري ميرپور ۾ سنڌي ادبي سنگت جي مينٽنگ ۾ حاضر رهي شام جو مان سکر پھتس.
ادا ادو عبدالرشيد اوٽي ڪاليج ۾ چونڊجي آيو آهي. کيس چيو تہ هڪ ڏينھن اچي ڀٽه روڊ سکر تي پنھنجي جڳھہ تي مون سان اچي ملي وڃي. سائين اگر سڄي سنگت ٻاراڻي کاتي ۾ آهي تہ اسان جي تنظيم بہ تہ ٻارڙن لاءِ ئي آهي نہ . سائين اهڙي ڳالھہ ناهي سکن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڏک گهڻا ڏسڻا پوندا آهن. هن ڌرتي ۽ ان جي ٻولي لاءِ اسان سڀني کي ڪم ڪرڻو آهي. جيڪو اسان کي فرض آهي. جيڪڏهن اسان پنھنجو فرض ڪين ادا ڪندا سين تہ ڏينھن قيام جي هي ڌرتي اسان کان پنھنجو حساب ڪتاب وٺندي. پوءِ اسين ڪھڙو جواب ڏينداسين. خير اهڙي ڪچھري روبرو ڪبي.
مون اوهان جي مضمون لاءِ اياز گل کي چيو آهي. اهو سمجهو تہ مون کي ملي ويو .باقي مشتاق لاشاري اوهان جي ڪھاڻي ڪين ڏني آهي ۽ نہ آءُ ڪاليج وڃان ٿو .کيس چوندا تہ گهر پھچائي وڃي يا پوسٽ وسيلي موڪليو.
چڱو موڪلاڻي ڪانھي. وڌيڪ احوال روبرو ڪبو. عھديدارن جي لسٽ تمام جلد موڪلجو.
اميد تہ منشور نئون پرچو اوهان پڙهيو ۽ ڪارڪن کي پڙهايو هوندو.

فقط اوهان جو ساٿي
خادم سنڌي
ڀٽا روڊ سکر

105

ميرپور ماٿيلو
1987ع – 11 – 18
سدا خوش هجو شال

هوءَ جا پائين پير ۾، تنھن جتي نہ جيھي
وساري ويھي تن ڪيچين کي ڪيئن رهان؟

پيارن کان پيارا قلم جا بي تاج بادشاھہ .سنھري سنڌڙي سٻاجهڙي جي ادب جي افق چمڪندڙ حسين ۽ روشن ستارا. برک اديب ۽ منھنجا محترم ۽ عزيز استاد جناب ڪريم بخش دادا سنڌي صاحب

اسلام عليڪم!

اميد تہ اوهان نوشگفتہ گلڙن وانگر شاخ حيات تي تاحيات مرڪندا ۽ مھڪندا رهندا ۽ پنھنجي علم ۽ ادب جي خوشبوءِ بھار جي حسين بھاري ۾ بہ ۽ فضان جي خطراتن جهوڪن ۾بہ مھڪائيندا ۽ پکڙيندا رهندا.
تمام گهڻا ڏينھن گذر ٿيا. هنن نماڻن نيڻن اوهان پيارن جو ديدار ڪونھي پسيو ۽ نہ ئي ويجهڙائي ۾ اوهان سان رهاڻين جو موقعو مليو.
اٺون درجو اوهان پيارن جي سرپرستي هيٺ رهي تمام گهڻو ڪجهہ پرايوسين. ۽ علم ادب جي روشني مان بہ روشناس ٿيا سين. سچ پڇو تہ علم ۽ ادب جي اهميت جو حقيقي قدر هاڻي ٿيو آهي.
ادب جي ڪتابن پڙهڻ جو شوقڙو اڳ ۾ بہ هو، پر هاڻي مان سمجهان ٿو تہ ڪتابن سان ڪجهہ وڌيڪ لئون لڳي ويئي آهي. سنڌ جي تاريخ جي ڪتابن جو مطالعو ڪجهہ ڪيو آهي. ڪجهہ ڪران ٿو. هر وقت ڪونہ ڪو سنڌ جي تاريخ جو ڪتاب ضرور ورق گرداني ۾ بہ هوندو آهي. ڪجهہ لکڻ جي ڪوشش ڪران ٿو. ڪجهہ وري لکيو آهي. چون ٿا تہ ڪجهہ ڪرڻ لاءِ ڪجهہ سکڻو بہ پوندو آهي. علم ادب، سوز گذار شايد ماءُ پيءُ جي ورثي ۾ ملڻ واريون شيون ڪونہ ٿيو ٿين. ۽ نہ ئي وري ملڻ ۽ مذهب تي مدار رهي ٿو. مان سمجهان ٿو تہ اهو خدا تعالى جو خاص انعام هوندو آهي. جنھن کي وڻندو آهي عطا فرمائي اهو رب العالمين آهي. ان جي رحيمي ۽ ڪريمي جي ڪرت جو ادنا ڪرشمو آهي. جڏهن نوازڻ تي اچي تہ هو اهو خيال ڪونہ ڪري تہ ڪنھن کي نوازي رهيو آهي. جي ان جي مھرباني جا مينھن وسن ٿا تہ باغ ۽ بر ۾ فرق ڪونہ ڪن.
مطلب تہ قصو مختصر اوهان جي ڪتاب ” ڏيساور سان اڳوڻن سنڌين جو واپار “ جو ڪجهہ مطالعو ڪيو سين. جيڪو تمام سٺو ۽ سنڌ جي تاريخ جي تحقيق جا تمام خوبصورت ورڻ سمايل اٿس. جنھن مان اوهان جي سنڌي زبان سان بي پناھہ محبت ۽ عشق جي پروڙ پوي ٿي. اوهان جيڪا هن ڪتاب جي مواد تي حقيق، محنت ۽ دماغ سوزي ڪئي آهي. تنھن جو مان سمجهان ٿو تہ هت ڪو مثال ملڻ مشڪل آهي. گهٽ ۾ گهٽ منھنجي نظرن ۾ هت اهڙو شخص ڪين ٿو نظر اچي ٿو، جنھن مان ان علمي خوبي جي خبر پوي. اڳي بہ اوهان جا سُٺا مقالا ۽ ڪتاب ” ڏيئي ڏنڀ ڏڏن “ وغيرہ شايع ٿيا آهن. انھن جي مطالعي جي سعادت نصيب ٿي نہ سگهي آهي. جنھن جي مطالعي جي آس اندر ۾ آهي. ۽ ﷲ تعالى ۾ اميد رکان ٿو تہ ڪڏهن نہ ڪڏهن اُهي ڪتاب ۽ مقالا نظرن آڏو اچي هن ناچيز بندي جي علم ۾ واڌارو ڪندا. اوهان جو ڪتاب ” ڏيساور سان اڳوڻن سنڌين جو واپار“ سنڌي ادب، تاريخ
۽ علمي فن پاري جو شاندار نمونو آهي. جنھن ۾ سنڌي تاريخ تي تمام سٺي ۽ مستند معلومات جي پروڙ پوي ٿي. منھنجي نظرن ۾ اها اوهان جي تصنيف تمام اهم آهي. ۽ مستقبل جي مورخين لاءِ هڪ شاندار تحفو ثابت ٿيندو. ۽ انھن جي علمي و ادبي خوبين جو بہ باعث بڻبو.
اوهان جيڪا خاموشي سان سنڌي ادب جي خدمت ڪري رهيا آهيو، سا مان سمجهان ٿو تہ ڪنھن کان بہ ڳجهي نہ آهي. پڙهندڙ پاڻ هن هيرن جي هار کي پوئي پنھنجي هيئني جو سينگار بڻائيندا.
آخر ۾ عرض ڪرڻ چاهيان ٿو تہ پنھنجن ڪتابن جي وقت آهر وري وري ايڊيشن شايع ڪرائيندا رهندا تہ جيئن اوهان جا اهي ناياب ۽ زندھہ قيمتي ڪتاب هميشہ منظرعام رهندا اچن. تہ جيئن نئي نسل هنن ڪتابن جي مطالعي کان محروم نہ رهي ۽ هو هنن کي غور ۽ چاھہ سان مطالعو ڪري پنھنجي پياري پاڪيزه ۽ مٺڙي ٻولي جا ماهر ۽ ان جي تاريخ مان بہ روشناس ٿين.
ٻيو سڀ خير منھنجي ۽ منھنجي عزيز دوست جناب دين محمد وسير جي طرفان تمام گهڻي کان گهڻا سلام قبول ڪندا ۽ آخر ۾ هن نايات ڪتاب لکڻ تي تمام گهڻيون مبارڪون بہ قبول ڪرڻ فرمائيندا.
جيڪڏهن هن ساري خط ۾ ڪٿي بہ ڪا غلطي آهي تہ هن ناچيز بندي ڪنڀار کي معاف فرمائيندا. يا ڪٿي بہ ڪو کٿو لفظ لکجي ويو آهي تہ معذرت سان گڏ هي مسڪين، ناچيز بندو، هميشہ اوهان جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ

دعاگو ۽ اوهان جو پيارو شاگرد!
ڪريم بخش ڪنڀر، ولد غلام حيدر ڪنڀر
ڪنڀار محلہ، ميرپور ماٿيلو

106

ڊائريڪٽر
انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي
1987- 11 – 19

سائين دادا سنڌي
اميد تہ خوش هوندا. عرض تہ انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي 1987ع ۾ پنھنجي قيام ۽ ڪاڪردگي جا پنجويھہ سال پورا ڪري رهي آهي. انھي عرصي دوران سنڌي ثقافت، تاريخ ۽ ٻولي جي جيڪا خدمت ڪئي آهي. اها اسان جي اڳيان آهي.
اوهان ڄاتل سڃاتل ليکڪ جي حيثيت ۾ عرصي کان وٺي هن اداري کي پنھنجي محبت ۽ خدمت جا موتي ڏيندا رهيا آهيو. هاڻي مناسب وقت اچي ويو آهي تہ اوهان جي اهڙين عنايتن مان ” سلور جوبلي“ جي موقعي تي مستفيض ٿيون.
اداري طرفان ” سلور جوبلي “ جي موقعي تي ” جوبلي نمبر “ شايع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. تاريخي اهيمت واري انھي دستاويز ۾ اسان اوهان جي گرانقدر قلمي پورهئي کي بہ شامل ڪرڻ گهرون ٿا، ان ڪري اوهان کي عرض ڪجي ٿو تہ هيٺ ڄاڻيل موضوع تي 15 ڊسمبر 1987ع تائين مقالو / مضمون / شعر لکي موڪليندا.

موضوع : سنڌي الاجي ۽ سنڌ جا ٻيا علمي، ادبي ۽ ثقافتي ادارا

اوهان جي ٿورائتي
مھتاب اڪبر راشدي
ڊائريڪٽر انچارج

107

ڊائريڪٽر
انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي
1987- 12 –03

محترم سائين دادا سنڌي

ڪارج :- سلور جوبلي نمبر بابت
حوالو:- اوهان جو خط مورخ 29 نومبر 1987ع

اميد تہ خوش هوندا. اوهان جي خط جي موٽ ۾ لکجي ٿو تہ اوهان کي سنڌ الاجي ۽ سنڌ جي نيم سرڪاري ۽ غير سرڪاري ادارن جو تقابلي مطالعو پيش ڪرڻو آهي ۽ انھي روشني ۾ هن اداري جي اهميت ۽ حيثيت کي واضع ڪرڻو آهي. مثال طور اسان وٽ جيڪي بہ ادارا آهن. انھن مان ڪي ثقافتي آهن تہ ڪي اشاعتي. مگرهي ادارو هڪ ئي وقت تي علمي، ادبي، ثقافتي ۽ تحقيقي ادارو آهي. ان ڪري ادارن جي حيثيت باقي ٻين ادارن کان منفرد ۽ اهم آهي. اوهان مضمون لکڻ وقت ٻين ادارن جو تعارف ۽ ڪارڪردگي تي بہ روشني وجهندا .
اوهان اسان جي سڄاڻ ليکڪن مان آهيو. انھيءَ موضوع سان ڀرپور انصاف ڪري سگهو ٿا. ان ڪري وڌيڪ وضاحت جي گنجائش محسوس نہ ٿي ڪجي. مھرباني ڪري مقابلو هن مھيني جي آخر تائين لکي مڪمل ڪندا. مقالي لکڻ لاءِ اوهان وٽ هڪ مھينو آهي ۽ اسان جي خيال ۾ اوهان جھڙي ليکڪ لاءِ اهو عرصو ڪافي آهي.


اوهان جي ٿورائتي
مھتاب اڪبر راشدي
ڊائريڪٽر انچارج
انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي ڄام شورو

108

ڊائريڪٽر
انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي
1987- 12 –14

محترم سائين دادا سنڌي
اميد تہ خوش هوندا. اوهان کي اطلاع ڏيندي فخر ۽ خوشي محسوس ڪري رهيا آهيون تہ جڳ مشهور ادارو سنڌي ٻولي، علم ادب، تاريخ ۽ ثقافت جو گهوارو انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي پنھنجي خدمتن جا پنجويھہ سال پورا پيو ڪري. هن مھيني جي 27 ۽ 28 تاريخ تي سلور جوبلي ملھائي رهيو آهي .
اداري جي سلور جوبلي جو فنڪشن ۽ مھورتي تقريب، مقالن جي نشت ۽ موسيقي جي محفل تي مشتمل آهي.
انھي خوشي ۽ تاريخي نوعيت واري جشن ۽ اوهان جي موجودگي اسان لاءِ همت افزائي ۽ عزت افزائي جو باعث ٿيندي. ان ڪري گذارش ذريعي اوهان کي اڳواٽ اطلاع ٿو ڏجي تہ مٿي ڄاڻايل تاريخون اوهان پنھنجون مصروفيتون معتل ڪري، جشن لاءِ وقت ڪڍڻ فرمائيندا. جشن جو تفصيلي پروگرام دعوت نامو ستت ئي اوهان جي خدمت ۾ پيش ڪيو ويندو.

اوهان جي ٿورائتي
مھتاب اڪبر راشدي
ڊائريڪٽر انچارج
انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي ڄام شورو

1988

109

شڪارپور ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي شڪارپور ( سنڌ )
1988- 09 – 18

محترمي دادا سنڌي
اسلام عليڪم!
جيئن تہ اوهان ان ڳالھہ کان بخوبي واقف آهيو تہ سنڌي زبان ۾ ڪوبہ اهڙو رسالو يا ڪتابي سلسلو نہ آهي. جنھن ۾ سنڌ جي عالمن ۽ محققن جا سنڌ جي تاريخ ۽ ان سان واسطو رکندڙ موضوعن تي لکيل تحقيقي مقالا ۽ مضمون شايع ٿي سگهن. جنھن جي ڪري نہ صرف عالمن ۽ اديبن کي وڏي محنت سان لکيل شهپارن کي ڇپائڻ ۾ دشواري ٿئي ٿي، بلڪہ اڄ جو نوجوان، جيڪو پنھنجي تاريخ کي پڙهڻ ۾ دلچسپي رکي ٿو، ان کي پڻ اهڙو مواد دستياب ٿي نہ ٿو سگهي، جنھن مان هو سنڌ جي تاريخ جي ڄاڻ حاصل ڪري سگهي.
انھي کي پوري ڪرڻ لاءِ شڪارپور ڊسٽرڪٽ هيسٽاريڪل سوسائٽي پاران پنھنجي اشاعتي پروگرام پٽاندر هڪ ڪتابي سلسلو ” سنڌ هسٽاريڪل ريسرچ سيريز“ شايع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. جنھن ۾ سنڌ جي تاريخ، آثار قديمه، سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ ۽ سنڌ جي تاريخ ساز شخصيتن تي ملڪي ۽ غير ملڪي عالمن ۽ محققن جا لکيل تحقيقي مقالا ۽ مضمون شايع ڪيا ويندا.
انھي سلسلي ۾ اوهان کي گذارش ڪجي ٿي تہ مٿي ڏنل موضوعن مان ڪنھن تي بہ تحقيقي مقالو يا مضمون لکي ڏياري موڪليندا تہ جيئن رسالي کي پيش بھا مواد سان سينگاري ۽ سنواري پڙهندڙن آڏو جلد پيش ڪري سگهون.
اسان کي اميد آهي تہ اوهان اسان جي اداري سان قلمي سھڪار ڪري ٿورائتو ڪندا.

خليل مورياڻي
مورياڻي محلو
شڪارپور ( سنڌ )

110

شڪارپور
1988ع – 9 – 21

خوش هجو شال
جناب محترم دادا سنڌي صاحب

اسلام عليڪم!
گذارش هيءَ آهي تہ مان هن خط ۾ توهان کي ٻہ خوشخبريون ٻڌائڻ چاهيان ٿو، جيڪي هن طرح آهن.
پھرين: سنڌي ساهت سوسائٽي شڪارپور وارن جو ريشمي رومال تحريڪ ۾ سنڌ جو حصو متعلق هڪ ڪتاب ڇپجي تيار ٿيڻ وارو آهي، ان ۾ توهان جو اهو مقالو شامل آهي. جيڪو ماهوار ” پيغام “ ڪراچي ۾ ڇپيو هو. اهو مقالو مذڪوره بالا ڪتاب ۾ توهان جي نالي سان آهي.
ٻي : اها تہ سنڌي ساهت سوسائٽي وارا هڪ ٻيو ڪتاب بعنوان ” هجرت تحريڪ ۾ سنڌ جو حصو “ شايع ڪرائڻ گهرن ٿا. انھن جي اها خواهش آهي تہ ان ڪتاب ۾ توهان جو مقالو هجڻ گهرجي. ان ڪري توهان کي گذارش ٿي ڪجي تہ توهان مھرباني ڪري پنھنجو قيمتي مقالو ” هجرت تحريڪ ۾ سنڌ جو حصو “ 30 آڪٽوبر 1988ع تائين هيٺ ڄاڻايل ائڊريس تي ڪري موڪلي ڏيندا تہ جيئن ان ڪتاب ۾ اهو شامل ڪيو وڃي. اميد تہ توهان اثبات ۾ جواب ڏيندا. زيادہ خير والسلام.
نوٽ: هن خط جو جلد جواب ڏيندا، جوابي لفافو بہ موڪلجي ٿو.

خيرانديش
پروفيسر عبدالرحمن جتوئي
ڀٽي محلو، صدر شڪارپور سنڌ

111

شڪارپور ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي شڪارپور ( سنڌ )
1988 – 10 – 25

محترم دادا سنڌي صاحب!
اسلام عليڪم!

گذارش تہ اوهان جو موڪليل مضمون بعنوان ” ڏيٿري “ مليو. انھيءَ لاءِ اسان اوهان جا بيحد ٿورائتا آهيون. مضمون گهڻي محنت سان لکيل آهي ۽ اوهان انھيءَ مضمون تي وقتائتو قلم کنيو آهي. جنھن مان تاريخ ۽ آثار قديمه سان دلچسپي رکندڙن کي لاڀ ملندو. جيئن تہ اوهان ان ڳالھہ کان بخوبي واقف آهيو تہ اسان جي سوسائٽي طرفان شايع ٿيندڙ هسٽاريڪل جرنل، جديد ۽ سائنسي بنياد تي تحقيق ٿيندڙ مواد تي مشتمل هوندو، انھيءَ ڪري اسان جي ڪوشش آهي تہ اهڙو مواد شايع ڪريون جيڪو بلڪل ٺوس هجي.
انھيءَ سلسلي ۾ عرض آهي تہ اوهان جو لکيل مضمون هيئنر بہ قابل اشاعت آهي، مگر اوهان انھيءَ مضمون کي وڌيڪ جامع ڪري وڌايو تہ بھتر ٿيندو، جيئن انھيءَ مان تاريخ جي پڙهندڙن کي اڃان وڌيڪ ڄاڻ ملي سگهي. ٻيو عرض آهي تہ اوهان مضمون جي صفحي 11 تي مسٽر لوئس فليم جو حوالو ڏنو آهي. مگر اهو ڪونہ ڄاڻايو آهي تہ اها لکت مسٽر فليم جي ڪٿي ڇپيل آهي. ( فليم انگريز نہ بلڪہ آمريڪي آهي )۽ ساڳئي طرح مرحوم لطف ﷲ بدوي صاحب جي حوالي بابت بہ ڪونہ لکيل آهي تہ بدوي صاحب اهو ڪٿي لکيو آهي ۽ ماخڊن ۾ بہ بدوي صاحب جو ذڪر ڪيل ڪونہ آهي. جيڪڏهن اوهان کي تڪليف نہ ٿئي تہ مضمون ۾ اهڙي قسم جا واڌارا ۽ سڌارا ڪري موڪليو تہ اوهان جي مھرباني ٿيندي ۽ مھرباني کان علاوہ ماخذن کي بہ ترتيبوار حوالي سان لکو تہ بھتر ٿيندو.
اسان اوهان جا وري بہ ٿورائتا آهيون جو اوهان اسان سان قلمي سھڪار ڪري ادب دوستي ۽ تاريخ دوستي جو ثبوت ڏنو آهي ۽ اهڙي اميد آئيندہ لاءِ پڻ رکون ٿا.

اوهان جو
خليل مورياڻي

1989

112

Dr. khalid Mahmood Soomro
( M.B.B.S RMP )
M.A ( Islamic Culture
Dty: Gen: Secretary
JAMIAT – E – ISLAM
SINDH – PAKISTAN
Adress:- Jamia Islamia, Ishaitul – Quran Wal-Hadith, Dodaiy Road Larkana Sindh - Pakistan

تاريخ: 1989ع – 3 – 17
مانوارا سائين دادا سنڌي صاحب!

خوش هجو شال
اسلام عليڪم رحمتہ ﷲ وبرڪتہ
خيريت طرفين مطلوب. اوهان جو محبت نامو مليو.
يقيناً اوهان جي ادبي نالي کان واقف آهيان. رڳو واقف ئي نہ پر متاثر بہ. اوهان جن لفظن ۾ مون کي ياد ڪيو آهي. مان هرگز انھن لائق نہ آهيان. دعا ڪندا تہ رب سائين شال دين ۽ اسلام جي خدمت سان گڏوگڏ ملڪ ۽ ملت جي بھتر مفاد ۾ سوچڻ ۽ لوچڻ جي توفيق عطا فرمائي. آمين .
پنھنجي قوم جي خدمت، قومي مسائل لاءِ آواز بلند ڪرڻ ۽ جائز معملات تي نڪري نروار ٿي بيھڻ قوم جي باشعور فرزند جو فرض آهي. جيڪڏهن ﷲ پاڪ ڪا ٿوري گهڻي خدمت پنھنجي هن احمق بندي کان بہ وٺي ٿو تہ اها منھنجي لاءِ هڪ تمام وڏي سعادت آهي. اوهان پنھنجي مڪتوب گرامي ۾ جنھن ڪتاب جو تذڪرو ڪيو آهي. ان جو سختي سان انتظار رهندو ۽ اوهان جي مشوري مطابق حضرت سائين تاج محمد امروٽي رحمتہ ﷲ عليہ جي ڏهاڙي ملھائڻ لاءِ مان اڄ ئي سڄي سنگت کي لکي رهيو آهيان. يقيناً اهو ڏينھن ملھائڻ گهرجي. اهو سائين امروٽي رحمتہ ﷲ عليہ جو اسان تي حق آهي.
مان ان مشوري تي پڻ اوهان جو شڪريو ادا ڪريان ٿو. مزيد عرض آهي تہ وقتاً وقتاً پنھنجن زرين مشوري نوازڻ سان گڏوگڏ احمق جي خامين جي بہ نشاندهي ڪندا رهندا تہ جيئن اڳتي قدم کڻڻ ۾ آساني ٿئي.

اوهان جو پنھنجو
ڊاڪٽر خالد محمود سومرو


113

حيدرآباد
1989 – 4 – 2

داداسائين!
اوهان جو خط مليو، جنھن محبت ۽ دل جي ميٺاج سان توهان کي ياد ڪيوآهي. ان جو جواب مون وٽ ڪونھي. پھرين توهان جو شڪريو ادا ڪيان يا هي لکان
جنين هيڪار منجهان مھر مون ڪيو
باقي سڀ ڄمار، اورڙ اهو ئي ٿيو
مان اوهان جي دل جي ويڪرائي کي بہ ياد ڪندس، پر مان توهان جي خلوص کي بہ ياد ڪندس، جنھن جي ڪري توهان مون کي پاڻ جي ويجهو اچڻ جي دعوت ڏني آهي. داداسائين مان توهان کي ذاتي طور تي نہ رڳو سڃاڻان، پر هر دفعي جڏهن بہ توهان کي ڏٺو اٿم تہ چوندو آهيان تہ دل کولي مان پنھنجي باري ۾ سڀ ڪجهہ جيڪر توهان کي ٻڌائي ڇڏيان.
پر خير ڳچ خبرون چارون. سائين توهان جي صحت ڪيئن آهي. توهان ڪيئن ٿا گذاريو. ٻچڙا توهان جا ڪيئن آهن، خوش باش آهن يا ڪنھن مسئلي ۾ منجهيل. مان توهان سان ڪيئن ملان. ڇا اهو ممڪن نہ آهي تہ پاڻ ڪنھن ادبي ميلي ۾ ڀاڪر پائي ملون. سچ پچ تہ بھاري ٿي ويندي.
داداسائين مون کي ڪي ٽيھارو سال قلمڪاري ڪندي گذري ويا. توهان جي مھرباني جو توهان منھنجي تحريرن سان واقفيت ڏيکاري آهي. افسوس اهو آهي جو منھنجا ڪتاب بہ مون وٽ ڪونہ آهن. منھنجا ٽي ڪتاب شايع ٿيا آهن.
1. سنڌي ٻولي جو سماجي ڪارج
2. تنقيدون
3. ادب جا فڪري محرڪ
مضمونن جي باري ۾ اوهان کي معلوم ئي آهي. مان خوش باش آهيان، توهان جي دعائن جو طلبگار آهيان. ڪيئي ڪتاب ۽ شاعري شايع نہ ڪرائي سگهيو آهيان. علم تحقيق، چٽ ٻولي ۽ انگريزي ۾ ڪھاڻين جو هڪ ڪتاب ” دي ٽيلس ريٽولڊ “ بہ آهي. ڪي اڃان بہ وڌيڪ ڪتاب هٿ اکرن ۾ موجود آهن.
داداسائين توهان جو اچڻ ٿئي تہ مون کي بہ ڏاڙهي ڏيکاريندا وڃجو. ڍڳ ڳالھين جو ڪري وٺندا سين. ٿوڙي خدمت لائق سمجهو تہ ضرور اچجو. ايڊريس تہ منھنجي اوهان وٽ آهي.
ها هڪڙي ڳالھہ جيڪا لکڻي هئي، سا هاڻي ياد پيم، ويجهڙائي ۾ مان ” سنڌ ۾ ڏوهن جو سماجي پسمنظر“ جيڪو لکيو اٿم، اهو سماجيات جو مضمون آهي. ان کان اڳ ” سنڌ جي پراڻن نسلن جو اڀياس ۽ ان جا طريقا “ علم الانسان جي موضوع سان تعلق رکي ٿو. مون سماجي نفسيات تي بہ لکيو آهي ۽ تاريخ تي به. اميد تہ توهان پراڻي دور جي نئين زندگي ۾ ڇاپيل منھنجا مضمون ڏٺا هوندا.
توهان جي همت افزائي ڪرڻ جو مان ٿورائتو آهيان. توهان لکيو آهي تہ مان هڪ کان وڌيڪ علمن سان نباهيو آهي ۽ سائنسي علمن تي بہ ڀروسو رکان ٿو.
اڄڪلھہ منھنجا ڪي افسانا بہ شايع ٿيا آهن. مثال طور ” موچڙي جو موت “ ۽ ” مصنف، شاعر ۽ وڪيل جي لاءِ“ . اوهان پڙهجو ۽ راءِ ڏجو. راءِ لاءِ نئين زندگي کي ئي لکو، پر راءِ ڀرپور ڏيو، جيئن مان وڌيڪ بھتر لکي سگهان. مان ان تول فرانس ۽ ايڇ جي ويلس تي بہ لکيو آهي. ان کان سواءِ عورتن جي حوال تي هڪ نئين ۽ نرالي تحرير ”سگهڙين سٿ “ کي موڪلي، پر ائين شايع ڪيائون جيئن داغ لکيو آهي ” ٽڪري ڪر ڊالي هماري نام ڪي“ . دادا توهان ئي انھن کي لکو، ائين نہ ڪبو آهي. آهي نہ ڏک جي ڳالھہ.

دعائن جو طالب
الھہ داد ٻوهيو
16 - اي ٽو، جي او آر، ڪالوني حيدرآباد

114

وائيس چانسلر
سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو
1989ع – 4 – 16

علم دوست ۽ ادب پرور
محترم دادا سنڌي
اسلام عليڪم!

اميد تہ خوش هوندا. قادر ڪريم جا لک قرب جو مون کي دروتدريس جي مقدس منصب کي زندگي جو اهم مقصد بنائڻ جو موقعو مليو . سالن جا سال سنڌي زرعي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ٿيڻ کان پوءِ سنڌ جي عظيم درسگاھہ سنڌ يونيورسٽي جي انتظامي قيادت ڪرڻ نصيب ٿي. منھنجو ذهن ۽ ضمير، دل ۽ دماغ، انھي ڳالھہ تي مطمئن آهن تہ مون انھي عرصي دوران تعليمي ترقي، ادبي اوسر، ٻولي جي خدمت ۽ تاريخ خواه ثقافت جي تحفظ کي پنھنجا منصبي فرض ڄاڻي، ڏيھہ جي ڏاهن انسانن کان صلاح ۽ سھڪار جي سوغات حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. انھي سلسلي ۾ مون سنڌ جي استادن، اديبن، شاعرن، ليکڪن ۽ صحافين سان خط وڪتابت جو سلسلو شروع ڪيو . خاص طور تي سندن ولادت جي تاريخ واري سونھري موقعي تي ڏانھن سالگرھہ ناما موڪلي، سندن توجھہ پرڳڻي جي تعليمي ماحول ۽ معيار طرف ڇڪرايو. اها منھنجي خوش نصيبي جو جنھن بہ ساٿي ڏانھن گذارش نامو موڪليم. هن مھربان انھي جي موٽ ۾ صلاح ۽ سھڪار جي موتين سان نوازيو. اهڙي نموني سان سنڌ يونيورسٽي هن ناچيز کي اهو موقعو فراهم ڪيو تہ اداري جي تاريخ ۾ هڪ مثال قائم ڪندي، هڪ وائيس چانسلر جي عظيم تر مفادن کي ڌيان ۾ رکندي ذاتي طور تي ڏيھہ جي ڏاهن انسانن سان خط و ڪتابت ڪئي. اسان جي اها خط و ڪتابت عرصي تائين اسان جي خلوص ۽ خدمت جي شاهدي لاءِ رڪارڊ تي رهندي.
هاڻي جڏهن آئون پنھنجي موجوده منصب کي ڇڏي، خدمت ۽ محبت جي نئين ميدان ۾ قدم رکي رهيو آهيان، تڏهن سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر جي حيثيت ۾ اوهان سان آخري خط و ڪتابت ڪرڻ جو اعزاز ماڻڻ چاهيان ٿو.
سنڌ صدين کان علم دوستي ۽ ادب پروريءَ جو گهوارو رهي آهي. هن ڌرتي جي هر هڪ وستي ۽ واهڻ، ڳوٺ ۽ شھر مان علم و دانش جا سرچشما ڦٽندا رهيا آهن. جن اسان جي لافاني قدرن، اصولن، تاريخ ۽ ثقافت جي چمن جي پئي آبياري ڪئ آهي. ليڪن وقت ۽ حالتن جي بي رحم هٿن اسان جي ادارن کي بري طرح متاثر ڪيو. جھڙوڪ اسان جا ادارا ﷲ کي پيارا ٿي ويا. عوام ادارن مان اميدون لاهي نراس ۽ نااميد ٿي پيو.
اهي ادارا ئي آهن، جن کي قومن جو تشخص چيو ۽ مڃيو ويندو آهي. اهي ادارا ئي آهن، جيڪي ” انسان سازي “ جو ڪم ڪندا آهن. انھن ادارن ۾ ئي قوم جي قدرن، نظرين، اصولن، تاريخ ۽ ثقافت جي تشريح ٿيندي آهي. پر وقت ۽ حالاتن اسان جي ادارن کي غير فعال بڻائي ڇڏيو. انھن ادارن ۾ درس، تدريس ۽ تحقيق بدران سياست کي پروان چاڙهڻ جو موقعو فراهم ڪيو ويو. نتيجي ۾ شاگردن استادن ۽ ڪتابن جو مقدس رشتو مجروح ٿيئڻ لڳو. ان جو فائدو وٺندي منفي قوتن پنھنجي ناڪامين جو بدلو وٺندي اسان جي نئين نسل کي گمراھہ ڪرڻ شروع ڪيو. اسان جي نئين نسل کي سبز باغ ڏيکاري، سندن هٿن مان ڪتاب کسي ڪلاشنڪوف ڏني ۽ ذهن مان علم جو تقدس ختم ڪري ڪاپي جي وبا کي عام ڪيو. انھن منفي قوتن اسان جي نئين نسل کي ڪلاس رومن مان ڪڍي، رستن ۽ روڍن تي آندو ۽ شاگردن کي دنيا جھان سڌارڻ جو نشو ڏئي، سندن مستقبل کي تباھہ ڪيو.
سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر جي حيثيت ۾ اهي ئي ڏک سور کڻي آئون ڏيھہ جي ڏاهن سان خط وڪتابت ڪندو رهندس.
آئون پنھنجي علم ڌڻين جو ٿورائتو آهيان، جن مون سان ڀرپور سھڪار ڪيو. مون کي رسمي موٽ ڏيڻ بدران تعليمي مسئلن تي فڪرانگيز، ڪارائتا ۽ وقتائتا مشورا ڏنا. مون کي سندن عنايت نامن جي لفظ لفظ مان ڏاهپ، دورانديشي، مسئلي جي ڄاڻ ۽ ان سان لاڳاپيل اسان جا ” اجتماعي مسئلا “ سندن انفرادي مسئلا هجن. حالتن جي حادثن تي سندن قلم جيئن ۽ جيڪي رت جا ڳوڙها وهايا آهن، اهي اسان جي موجوده حالتن جي جيئري جاڳندي تاريخ ۽ ان جي شاهديءَ برابر آهن. انشاءَ ﷲ تعالى اهي خط شايع ٿيندا ۽ دنيا ڏسندي تہ هن دور جا ڏاها، باشعور، حساس ۽ ذميوار فرد قومي مسئلن تي ڪيئن سوچين ٿا.
جڏهن آئون هتان وڃي رهيو آهيان، تڏهن سمورن سنڌ واسين کي پنھنجي سمورن مقدس ادارن جي تقدس کي بحال ڪرڻ جي پارت ڪريان ٿو. هن موقعي تي اهو ٻڌائڻ ضروري ٿو ڄاڻان تہ آئون جتي بہ هجان، پر پرڳڻي جي تعليمي ماحول ۽ معيار سڌارڻ، ٻوليءَ جي خدمت، ادب جي ترقي، تاريخ خواھہ ثقافت جي حفاظت لاءِ جيڪڏهن منھنجي تن، من ۽ ڌن جي ضرورت پوندي تہ آئون ڪڏهن بہ پٺتي پير نہ هٽائيندس. آئون ادنى خادم ۽ خيرخواھہ جي حيثيت ۾ انھيءَ ڏس ۾ ورتل هر ڪنھن ڪوشش ۽ محاذ تي پھرين صف ۾ موجود هوندس.
سنڌ يونيورسٽي جي ادنى خادم ۽ خيرخواھہ جي حيثيت ۾ مون کي تجربن ۽ مشاهدن جا جيڪي خزانا مليا، هن موڙ تي آئون انھن کي پڻ عيان ڪرڻ گهران ٿو. سنڌ يونيورسٽي جي استاد برادري مون کي پنھنجي سھڪار ۽ صلاحن جي اڻ مئي انمول سوغات عطا ڪئي. انھيءَ احسان ۽ وڏي وڙ مون کي ڏڍ ڏنو ۽ آئون ٿوري وقت ۾ نھايت مشڪل حالاتن ۾ جيڪي انتظامي ۽ تدريسي ڪاميابيون حاصل ڪري سگهيو آهيان، اهي سموريون سندن بي لوث سھڪار جون مرهون منت آهن. آئون جتي بہ هوندس، سندس ٿورا ڳائيندو رهندس.
استاد برادري جي احسانن جي ڳالھہ نڪتي آهي تہ پوءِ آئون هڪ گذارش بہ ڪندو هلان. مون کي پنھنجي تجربي ۽ مشاهدي مان اهو محسوس ٿيو تہ انا ۽ذاتي خواھہ گروهي اختلافن جي اڏوهي اسان جي مانائتي استاد برادري جي مقدس اتحاد کي لڳي چڪي آهي. وقت جي تقاضا آهي تہ بي دل اداري ۽ ان جي ڪاڪردگيءَ وارن عظيم تر مفادن خاطر اختلافن جي اڏوهي جو خاتمو آندو وڃي. انشاءَ ﷲ خاص طور تي سنڌ يونيورسٽي ۽ عام طور تي باقي ادارن جي استاد برادري منھنجي هن گذارش تي ڌيان ڏيندي ڇو تہ اسان هنن حالتن ۾ اختلافن کي برداشت ڪري نہ ٿا سگهون. اتحاد، محبت ۽ محنت اسان لاءِ اڻٽر ضرورتن جي برابر آهن.
هن موقعي تي مانائتي استاد برادري ۽ قلم قبيلي وارن مھربانن جي معرفت آئون پنھنجي نئين نسل ۽ شاگرد برادري کي بہ اها گذارش ڪندس تہ اوهان ئي اسان جي ” آئيندي جا ابا “ ۽ ” روشن مستقبل جي ضمانت“ آهيو. اوهان جي زندگيءَ جو هڪ هڪ پل دنيا جي سمورن خزانن کان وڌيڪ قيمتي آهي. جيڪڏهن اوهان هن وقت پنھنجي شخصيت ۽ ڪردار جي تعمير ۽ تڪميل ڪرڻ تي توجھہ نہ ڏنو تہ پوءِ ايندڙ دور ۾ اسان جون حالتون ڪير بدلائيندو؟ اهو انسان جيڪو پاڻ کي سڌاري نٿو سگهي، سو اڳتي هلي دنيا کي ڪيئن سڌاري ۽ بدلائي سگهندو؟ ان ڪري اچو تہ رستن ۽ روڊن ي حياتي گهارڻ بدران استادن، ڪتابن ۽ ادارن جي دنيا ڏانھن موٽي هلون.
آخر ۾ آئون وري بہ استادن، عالمن، اديبن، شاگردن ۽ باقي ساٿين جا ٿورا مڃان ٿو. ٿورا نہ ٿورا مون تي ماروئڙن جا.
مون کي اميد آهي تہ انھن عظيم مقصدن خاطر جيستائين زندگي باقي آهي، پنھنجي وچ ۾ صلاح ۽ سھڪار جي سوغات جي مٽاسٽا ٿيندي رهندي.

اوهان جو خير انديش
ڊاڪٽر عبدالقادر انصاري
وائيس چانسلر سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو

115

ڊائريڪٽوريٽ آف ڪلچر
پبليڪيشن سيڪشن
جناح ڪورٽس، ڊاڪٽر ضياءُ الدين احمد روڊ، ڪراچي
تاريخ : 1989ع – 6 – 22

محترم سائين دادا سنڌي!
وعليڪم سلام! اميد تہ خيريت سان هوندا.
اوهان جو 9 جون تي لکيل خط 21 جون تي مليو. اوهان سنڌي ادب ۾ جيڪي لاڀائتيون ڪوششون ڪيون آهن. انھن کان مان چڱي طرح واقف آهيان ۽ اوهان جو ” سنڌين جي جنگي مھارت “ ڪتاب بہ خريد ڪيل آهي. مضمون تہ وقتاً وقتاً پڙهندو رهندو آهيان.
اوهان مھرباني ڪري اهي ٻارن لاءِ لکيل ٻئي ڪتاب ڏياري موڪليو. اسان ڪوشش ڪري شايع ڪندا سين. جيئن تہ اداري جي پاليسي مطابق ڇپيل ڪتابن جو معاوضو نہ ڏنو ويندو آهي. پر پوءِ بہ مان ڪوشش ڪندس تہ اوهان کي ڪجهہ معاوضو ڏنو وڃي. ٻيو تہ جيڪي مواد اسان ڏي موڪليو، اهو ڇپائي لاءِ ڪنھن ٻئي اداري ڏانھن نہ موڪليو. جيڪڏهن ڪن مجبورين هيٺ اسان اهو شايع نہ ڪري سگهياسين تہ هفتي اندر اوهان کي ان جو جواب ملندو.
اوهان مھرباني ڪري پنھنجي ڪيل ادبي ڪمن جو وچور موڪليو تہ جيئن اوهان کي اداري پاران ٻيو ڪم بہ ڏئي سگهجي. ادارو اوهان جي ڪوششن کي قدر جي نگاھہ سان ڏسي ٿو.

اوهان جو پنھنجو
آفتاب ابڙو

116

ڊائريڪٽوريٽ آف ڪلچر
پبليڪيشن سيڪشن
جناح ڪورٽس، ڊاڪٽر ضياءُ الدين احمد روڊ، ڪراچي
تاريخ : 1989ع – 08 – 27

محترم سائين دادا سنڌي!
وعليڪم سلام! اميد تہ خيريت سان هوندا.
عرض تہ اوهان جو خط پڙهي ڏاڍو ڏک ٿيو، جنھن اڪير ۽ محبت واري جذبي سان مون اوهان ڏانھن خط لکيو هو. ان جو جواب اوهان ڇا ڏنوآهي. ”نھايت افسوس جي ڳالھہ آهي تہ مون اوهان ڏانھن ٻارن لاءِ لکيل ڪتابن بابت عرض ڪيو هو، پر اوهان حڪم ڪيو تہ ................“ ” باقي اوهان معاوضي نہ ڏيڻ جي ڳالھہ ڪئي آهي، ان لاءِ عرض آهي تہ اڳ سنڌي اديبن کي ڪھڙا تاج پھرايا ويا آهن يا مٿس سونا چٽ جهولايا ويا آهن، جو هاڻي گهر ڪندا........“
اوهان پنھنجي خط ۾ ڇا لکيو آهي، ان جي فوٽو ڪاپي اوهان کي ڏياري موڪليان ٿو ۽ منھنجي جواب جي ڪاپي اوهان مھرباني ڪري ٻيھر پڙهندا. مون توبھہ ڪئي. اوهان کي بنان چوڻ جي، اوهان جي خدمتن جي آڌار ي جيڪو قومي فرض سمجهندي، ڪم ڏيڻ ٿي چاهيو. ان لاءِ معزت خواھہ آهيان.
رهيو سوال ٻاراڻي ادب جو تہ اهو بہ قومي فرض سمجهندي مون شروع ڪيو آهي. ڪتاب اڃان پريس ۾ آهن، ٻہ ڪتاب شايع ٿيا آهن. پر جڏهن 16 ڪتاب شايع ٿيندا تہ پوءِ باقاعدہ پڌرا ڪنداسين.

اوهان جو نيازمند
آفتاب ابڙو

117

گڊو
1989- 10 – 14

محترم دادا سنڌي
اسلام عليڪم!
مون اوهان جي ڪالم ” تاريخ جي ڇندڇاڻ “ تحت لکيل مضمون ” حضور صه جن جا سنڌ سان لاڳاپا“ اخبار عوامي آواز 14 آڪٽوبر ۾ پڙهيو. ۽ انھي سلسلي ۾ اوهان جي خدمت ۾ هي خط لکان پيو.
انھيءَ کان اڳ جو مان پنھنجي اصل موضوع تي اچان . مان پنھنجو تعارف ڪرائي ڇڏيان، جيئن اوهان کي ڪا پريشاني نہ ٿئي.
منھنجو نالو رياض حسين لغاري آهي. ۽ آءُ هي گڊو انٽر واپڊا ڪاليج جو پھرئين سال جو شاگرد آهيان. اوهان منھنجي والد خان محمد لغاري کي تہ ضرور سڃاڻيندا هوندا.
سائين اوهان جو اڄوڪو مضمون تاريخ جي هر شاگرد کي ڪجهہ سوچڻ تي مجبور ڪندو آهي. ساڳئي طرح منھنجي ذهن ۾ بہ ڪجهہ سوال اُڀري آيا آهن. جن جا جواب ڏيئي مون کي پنھنجو مشڪور ڪندا.
سائين هر تاريخ دان محب وطن هوندو آهي ۽ پنھنجي وطن سان پيار ڪندو آهي. مگر تاريخ کي مروڙي سروڙي پيش ڪرڻ هڪ اهڙي خيانت آهي تاريخ سان. جيڪا خود اسان جي نسلن کي گمراھہ ڪندي. تاريخ لکڻ وقت شخص نہ صرف سنڌي هوندو آهي. بلڪ هو هڪ امانت دار بہ هوندو آهي. جيڪو هڪ نسل جو احوال ٻئي نسل کي ٻڌائيندو آهي.
اوهان اڄوڪي مضمون ۾ نہ صرف حضور اڪرم ﷺ جي لاڳاپن کي زير بحث آندو آهي، جيڪي پاڻ سڳورن جا سنڌ سان هئا. بلڪ اوهان پوري مذهب اسلام جو لاڳاپو ڏيکاريو آهي سنڌ سان. جيڪو ڪنھن حد تائين درست بہ آهي.
جيڪڏهن اوهان جي ڪالم جي نالي کي ڏسجي يعني تاريخ جي ڇندڇاڻ تہ يقين اهو غلط نظر ايندو. ڇو تہ اوهان تاريخ جي ڇندڇاڻ نہ ڪئي آهي. بلڪہ حوالي تاريخ ڏني آهي. جيڪو ريفرنس اوهان کي جتان مليو آهي. اوهان انھيءَ کي اتان اڌارو ورتو آهي. بغير انھي تصديق ڪرڻ جي تہ اهو درست آهي بہ يانہ. اوهان صرف انھي خيال کان ورتو آهي جو انھي ۾ سنڌ جو نالو آهي.
حضرت آدم ع ڪٿي لٿو. اها هڪ ثابت ٿيل ڳالھہ آهي، انھي جي اوهان تصديق ڪئي آهي. ليڪن هتي اوهان هڪ ٻي حقيقت کي نظرانداز ڪري ڇڏيو آهي، اهو آهي زمين جو ڀڃ ڊاھہ. اوهان چيو آهي تہ عربي سمنڊ اڳ سمنڊ ڪونہ هيو. بلڪہ خشڪي هئي. منھنجي خيال ۾ جيڪڏهن حضرت آدم جي زمين تي نازل ٿيڻ کان وٺي اڄ تائين اسين 10000 سال ڳڻيون تہ منھنجي خيال ۾ اهو ڪو ايڏو وڏو عرصو ڪونھي.. جو انھي عرصي ۾ زمين ۾ ڪي ايتريون تبديليون اچي سگهن. ڇا اوهان انھيءَ ڳالھہ کي نظر انداز ڪري ڇڏيو. جيڪڏهن منھنجو اهو خيال غلط آهي تہ اوهان جو انھيءَ باري ۾ ڪھڙو خيال آهي.
ان کان علاوہ اوهان جي حضور اڪرم ﷺ جي باري ۾ ” سنڌ ۾ آمد “ جي ڳالھہ قطعي گول ڪئي تہ حضور اڪرم ﷺ سنڌ جي ڪناري تي پھتا هئا ۽ اوهان سنڌ جي انھي ڪناري جي وضاحت نہ ڪئي آهي ۽ انھي ڳالھہ کي حضور اڪرم ﷺ جي سنڌي واپارين سان واقفيت تائين ختم ڪئي آهي.
سنڌين جا مھانڊا ۾ اوهان حضرت موسى ع جي ڪنھن رط سان شاهبت ڏيکاري آهي. هتي اهي ڳالھيون عجيب آهن.
1. تہ دنيا ۾ هزارين قومون آهن ۽ ڪروڙين ماڻھو آهن ۽ هيا ۽ انھن مان گهڻن جا منھن مھانڊا هڪٻئي جي مطابقت رکي سگهن. ڪو پاڪستاني جيڪڏهن انگريزن جي مھانڊي آهي تہ اهو قطعي طرح انگريز تہ نہ آهي. تہ مضمون ۾ بيان ڪيل مھانڊي کي اوهان ڪيئن سنڌين جي مشاهبت ئي چئي سگهو ٿا.
2. رط کي سنڌ جي ذات جت طور ورتو آهي، جيڪو ٿي سگهي درست بہ هجي. مگر جيڪڏهن ڪا ذات ترڪ ڪري ڪنھن ٻئي ملڪ ڏانھن هلي وڃي ٿي تہ نہ صرف اها اتان جا اثر قبول ڪري ٿي. بلڪہ اتان جي تھذيب ۽ ثقافت بہ قبول ڪري ٿي ۽ پنھنجي ٻولي بہ وساري نئين ٻولي ڳالھائين ٿا. ظاهر آهي تہ انھن جي جسماني خدو خال بہ بدلجي ويندا آهن. تہ اوهان ڪيئن چئي سگهو ٿا زط معني ” سنڌي “ .
آخر ۾ اوهان حضرت علي رضه جي گهر واري ۽ حضرت محمد بن حنيفه جي والدہ کي بہ سنڌي ڄاڻايو آهي. حافظ ارشد انڍڙ جي حوالي سان ( سائين معاف ڪندا اوهان نئون حوالو يعني حافظ ارشد انڍڙ جو حوالو ڇو ڏنو آهي. حالانڪه اوهان کي ڏيڻ تہ اصل، حقيقي ۽ قديم حوالو گهرجي ها). ساڳئي طرح هڪڙي حوالي ۾ خود اوهان پنھنجو حوالو ڏنو آهي. مان نہ ٿو سمجهان تہ اوهان مٿي ذڪر ڪيل مضمون بہ اڃان ثابت ڪيو آهي. اها ساڳئي ڳالھہ پروفيسر اين ميري شل پنھنجي ڪتاب ”پيپلس فرام انڊس “ ۾ بہ چئي آهي. ليڪن انھي جو حوالو ڪونھي ڏنل.
سائين مٿي ڏنل مضمون ۾ اوهان ڪھڙي ڳالھہ ثابت ڪرڻ چاهيندا آهيو؟ ۽ ڪھڙو سبق ڏيڻ چاهيندا آهيو؟ مھرباني ڪري وضاحت ضرور ڪندا.
سائين جيڪڏهن اوهان پنھنجي جوابي خط ۾ انھيءَ جي تفصيلي موٽ ڏيندا تہ مھرباني ٿيندي. سائين اوهان جي حيثيت هڪ تاريخ دان جي حيثيت سان مڃيل آهي. انھي ۾ ڪو تر جيترو شڪ بہ ڪونھي. مگر حب الوطني ۾ تاريخي حقيقتن کي پيش پُشت ڪرڻ تاريخ سان خيانت آهي.
سائين مون اوهان جو لکيل ڪتاب ” سنڌين جي فوجي مھارت“ جو مطالعو ڪيو هو ۽ ٻيا به. ڪيترائي وڏا آرٽيڪل ۽ مضمون پڙهيا آهن. مگر مون کي هڪڙي ڳالھہ انھي مٿين ڪتاب جي سلسلي ۾ سمجهہ ڪانہ آئي تہ اوهان صرف تعارف ڏيڻ چاهيو آهي. يا انھي موضوع تي هڪ مستند ۽ تفصيلي ڪتاب لکيو آهي. اڃا گهڻو ڪجهہ رهندو هو.
سائين جيڪڏهن اوهان مٿين ڳالھين جي باري ۾ مختصرًا جواب ڏيندا تہ اوهان جو شڪرگذار رهندس.

اوهان جو شاگرد
رياض حسين لغاري
ڪواٽر نمبر 63، ڪالوني نمبر 3
ٽي پي ايڇ گڊو ڪراچي

118

هفتيوار ” سنڌ “ باتصوير سکر ( سنڌ )
ڪراچي
1989- 11 – 16

محترم عالي قدر جناب دادا سنڌي صاحب
اسلام عليڪم!
گذارش تہ چڱو وقت ٿيو جو اوهان جو عنايت نامو بندہ کي پھتو هو. پر وقتي طور جواب نہ ڏئي سگهيس. واضح هجي تہ اخبار جي سلسلي ۾ ٻين ضرورتن جي تحت هت ڪراچي ڪجهہ ڏينھن کان آيل هئس ۽ انشاءَ ﷲ اڄ رات جو سکر ايڪسپريس ۾ روانگي آهي. وڌيڪ عرض آهي تہ اوهان جي وڏي ذره نوازي جو گهربل علمي، ادبي ۽ تھذيني ڪمن لاءِ اوهان کي ڪيل گذارشات جي روشني ۾ مون شايد اوهان کي ڏهرڪي جي هڪڙي فنڪار راڳيندڙ کي مون سان وابستہ ٿيڻ لاءِ عرض ڪيو هو. اوهان مھرباني فرمائي مذڪوره نوجوان کي مون ڏانھن اماڻيو هو. اهي نونھال بندہ سان سکا سيف ڪرڻ لاءِ منھنجي غريب خاني تي اچي پھتو هو ۽ معلوم ٿيو تہ ٻہ دفعا آيو هو، پر افسوس آءُ ڪنھن پروگرام تحت شڪارپور ويو هئس ۽ رات جو دير سان گهر پھتو هئس. اڄ هتان مان روانگي کان ڪجهہ وقت اڳ ۾ مون کي اها گذريل روءِ داد جي يادگيري پئي ۽ ان ڏس ۾ اوهان جي مھرباني جي موٽ ڏيڻ جي فرصت ملي اٿم.
آءُ انشاءَ ﷲ سڀاڻي 17 نومبر تي سکر پھچندس ۽ گهٽ ۾ گهٽ هڪ هفتو کن تہ ضرور سکر هوندس. اوهان انھي ڏينھن تي ميان جميل سومري کي مون ڏانھن روانو ڪندا جيئن جيڪڏهن گفتگو نتيجه خيز ثابت ٿي تہ خدا جي فضل وڪرم سان هي گڏجاڻي خوش آئنده ثابت ٿيندي. اوهان جي بيحد ذره نوازي سمجهان ٿو، جو اوهان هن ناچيز جي سرگشت بابت ڪجهہ قلم بند ڪرڻ چاهيو ٿا. هن باري ۾ اوهان کي جڏهن هن پاسي قدم رنج فرمائڻ ٿئي تہ هليا اچو تہ آءُ انشاءَﷲ حڪم جي پيروي ڪرڻ لاءِ سروچشم حاضر آهيان.

زيادہ خير
دعاگو
برڪت علي آزاد
مھراڻ مرڪز سکر

119

20- 11 –1989

Dear Mr, Dada Sindhi

Aslam Aliakum, The boys of your School have some complains, they may very kindly be heared sympathetically and get their problems solved. As the school at present is running under your administration, therefore the boys as directed to explain their problems before your honour, hope they will be given sympathetic hearing.
Thanks
Pray for you and for your school , boys and staff cooperation.

Ahmed Ali Khan Pitafi


120

لاڙڪاڻو
1989 – 11 – 26

محترم چاچا سائين
اسلام عليڪم!
اميد اٿم تہ اوهان خير سان پھچي ويا هوندا. عرض اٿم تہ ان ڏينھن جيڪا رت جي ٽيسٽ لاءِ رت ڏني هئي سون، ان جي رپورٽ ملي ويئي. رت ۾ چرٻي جي ليول ڪجهہ وڌيڪ آهي.
نارمل ريٽ آهي 250 ايم جي، پر اوهان جي رت ۾ چرٻي جو مقدار 300 ايم جي آهي. يعني 50 ايم جي وڌيڪ آهي. اها رپورٽ ڊاڪٽر سعيد صاحب کي ڏيکاري ويئي. جنھن هيٺيون هدايتون ڏنيون.
15 ڏينھن دوا کائيندا رهو.
15 ڏينھن صبح شام بلڊ پريشر چيڪ ڪرائيندا رهو ۽ ان جي رپورٽ پاڻ وٽ رکو.
اوهان مھرباني ڪري بلڊ پريشر صبح شام علي حسن پتافي کان چيڪ ڪرائيندا رهندا ۽ ان جي رپورٽ پاڻ وٽ رکندا.
رت ۾ چرٻي جي مقدار گهٽائڻ لاءِ گيھہ، جيرا، بڪيون، مڇي، وڏو گوشت وغيرہ کائڻ بند ڪيو تہ جيئن چرٻي جو مقدار گهٽ ٿئي. پڪوان تيل ڀلي کائيندا رهو. ڀٽائي، مھراڻ، سرمست جھڙا گيھہ بلڪل بند ڪريو.
رت ۾ چرٻي کي گهٽائڻ لاءِ روزانو صبح جو ورزش ڪندا رهو. پارٽيون کائڻ بند ڪريو. اوهان هيءَ موڪليل رپورٽ ڊاڪٽر لغاري ۽ ڊاڪٽر پتافي کي ڏيکاريندا ۽ کانئن پڇندا تہ رت ۾ چرٻي جي ليول کي گهٽائڻ لاءِ ڇا ڇا ڪجي.
اوهان مھرباني ڪري 15 ڏينھن جي بلڊ پريشر جي رپورٽ گڏ ڪري مون ڏانھن موڪليندا تہ ڇا دوا اثر ڪيو يا ساڳيو بلڊ پريشر بيٺو آهي.
ڊاڪٽر سعيد سانگي صاحب جو چوڻ آهي تہ 15 ڏينھن جي رپورٽ کان پوءِ اوهان پنھنجو مريض ڏيکاريندا. وڌيڪ اوهان جي مرضي. اميد اٿم تہ گهر جا ڀاتي ٺيڪ ٺاڪ هوندا. امتحان 30 تاريخ تي شروع آهن. بورچين هڙتال ختم ڪري ڇڏي. سلام گهر جي سڀني ڀاتين کي ڏيندا. اياز خان کي اسلام. امان صاحبہ کي دعا لاءِ عرض ڪندا.

اوهان جو
الطاف سومرو

1990

121


Sukkur
14 – 1- 1990

Mr. Dada Sindhi
Government High School Dad Leghari

SUBJECT: SEMINAR ON MIRBAHARS.

The Deputy Commissioner , Sukkur has been pleased to convence a meeting on January 17, 1990 at 12-00 Noon in his personal office in the connection with organization of “ Seminar on Mirbahars “ at Sukkur.
Your are requested to please make it convenient to attend the meeting on the above date, time and place.


Additional Deputy Commissioner , Sukkur.

122

ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل اينڊ ڪلچرل سوسائٽي سکر سنڌ
تاريخ : 1990 – 2 – 15

سنڌ ملاح سيمينار سکر
محترم سائين دادا سنڌي صاحب!

” ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل اينڊ ڪلچرل سوسائٽي سکر “ پاران سنڌ جي ملاحن ۽ انھن جي درياهي زندگي تي ٻن ڏينھن جو ” سنڌ ملاح سيمينار 90 “ خميس پھرين مارچ کان جمعو ٻين مارچ 1990 تائين ” لب مھراڻ سکر “ ۾ منعقد ڪرڻ جو پروگرام رٿيو ويو آهي، جنھن جو تفصيلي پروگرام ۽ باقاعدہ دعتونامو اوهان ڏانھن جلد اماڻيو ويندو.
اسان اوهان جي خدمت ۾ هن سيمينار ۾ شرڪت ڪرڻ ۽ پنھنجو مقالو پڙهڻ جي دعوت ٿا ڏيون. اوهان پنھنجو مقالو سنڌ جي ملاحن، انھن جي درياهي زندگي، تاريخ ۽ ثقافت ۽ معاشي مسئلن وغيرہ جي ڪھڙي بہ حوالي ۽ عنوان سان ڪھڙي بہ ٻولي ۾ پڙهي سگهو ٿا.
اميد تہ اوهان ڏانھن سيمينار ۾ شرڪت ڪرڻ ۽ مقالي پڙهڻ جو ترت اطلاع ڏياري موڪليندا تہ جيئن اسان کي اوهان جي طعام ۽ قيام جي بھتر انتظام ڪرڻ ۾ آساني ٿئي.

وڏي مھرباني

آسائتو
اختر درگاهي
سيڪريٽري
سنڌ ملاح سيمينار سکر 1990ع

123

سکر
1990 – 02 – 12

سنڌڙي رهي اسين نہ رهياسين تہ ڇا ٿيو ( رشيد ڀٽي )

سنڌي ٻولي جي مشهور اديب ۽ دانشور مرحوم رشيد ڀٽي جي ٻي ورسي جي موقعي تي سندس ياد ۾، سنڌي ادبي سنگت سکر شاخ پاران هڪ ادبي ميڙ 16 فيبروري 1990 تي ( جمعي ڏينھن ) صبح نائين وڳي جاگيراڻي محلي سکر ۾ ٿيندو. انھيءَ موقعي تي رشيد ڀٽي جي فن ۽ شخصيت بابت ناميارا ليکڪ مقالا ۽ تاثر پڙهندا. ان موقعي تي رشيد ڀٽي مرحوم جي عزيزن پاران خيرات جي ماني بہ ٿيندي . اوهان کي انھيءَ گڏجاڻي ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ دلي طرح ڪوٺ ڏجي ٿي

آجيان ڪندڙ : فتاح ملڪ، بدرالدين ڀٽي، سعيد ڀٽي، خالد ڀٽي
آسائتا : شفن مڱريو ( سيڪريٽري سنڌي ادبي سنگت، شاخ سکر )

124

پنو عاقل
1 مئي 1990

آجياڻو

سنڌي ادبي سنگت پنوعاقل تاريخ 3 مئي 1990 خميس جي ڏينھن شام جو 7 وڳي سنگت جي مرڪزي باڊي جي شان ۾ هڪ آجياڻون ڏيئي رهي آهي. اوهان صاحبن کي آجياڻي ۾ شريڪ ٿيڻ جو سڏ ڏجي ٿو. اميد تہ شريڪ ٿي ٿورائتو ڪندا.

ايس جي ڀاڳيا
پنو عاقل
سيڪريٽري سنڌي ادبي سنگت

سٽاءُ
پھرين ويھڪ
صدارت : فقير محمد لاشاري ( چيف ايڊيٽر روزانہ عوامي آواز ڪراچي )
مھمان خاص : تاج جويو، اياز گل، نياز پنھور، پارس حميد.

ٻي ويھڪ
صدارت : اعجاز منگي
مھمان خاص : وسيم سومرو
اعزازي مھمان : شڪيل پريالوي

125

ٽالپور وڏا
1990 – 5 – 16

سڄڻ سائين دادا سنڌي صاحب!
اميد اٿم تہ خوش هوندا. ريڊيو اسٽيشن خيرپور تان خبر پئي تہ اوهان کي منھنجو خط بہ مليو آهي ۽ جنھن ڏينھن اوهان اُتي آيا هيا ان ڏينھن مان بہ آيو هئس، پر اوهان جي هلئي وڃڻ کان ڪجهہ دير پوءِ. ملاقات نہ ٿي سگهي. افسوس رهجي ويو. جيتوڻيڪ دوستن اوهان کي منھنجي باري ۾ ٻڌايو هيو تہ اُهو اڄ ايندو، پر اوهان اهو چئي هليا ويا تہ ” او بھي غم هين، غم عشق ڪي سوا“. بيشڪ مان اهڙو شخص ناهيان جنھن لاءِ ترسجي، پنھنجو قيمتي وقت وڃائجي ۽ ڪم ڪاريون ڇڏي ڏجن. اوهان سنڌ ۽ سنڌين لاءِ سٺو ڪم پيا ڪريو، جنھن جو ڪجهہ نمونو مون ريڊيو اسٽيشن تي دوستن وٽ ڏٺو. مون کي جنھن مواد جي ضرورت هئي اهو بہ اوهان جھڙن دوستن کان ملي ٿي سگهيو، پر گهڻي ڏک سان چوڻو ٿو پوي تہ مواد تہ پنھنجي جاءِ تي پر اوهان خط جو جواب ڏيڻ بہ مناسب نہ سمجهيو. منھنجا سائين جن کي قدرت وارو نوازيندو آهي، مون جھڙا سوالي ۽ مسڪين ماڻھو ان جي در تي ضرور ايندا آهن! پوءِ اهو ڪيستائين مناسب آهي تہ اهڙن ماڻھن کي نفرت جو اظھار ڪري ڌڪاري ڇڏجي. مون کي اوهان جي طبيعت بابت تہ ڄاڻ ڪانھي پر ڀائو شوڪت صاحب جي يقين ڏيارڻ تي اوهان ڏانھن جرئت ڪري، آس رکي خط لکيم. جواب نہ مليو پر اها خبر پئي تہ خط اوهان کي مليو آهي. ڪجهہ ڏينھن جواب جي انتظار ۾ گذري ويا، نيٺ اڄ وري خط لکان پيو. اندران ڪائي آس چوي ٿي تہ ليکڪ ۽ شاعر يا مھاوديارٿي ماڻھو ايڏا سخت دل نہ هوندا آهن. وري بہ اوهان جي مرضي.
خط جو جواب نہ مليو تہ اهو ئي سمجهندس تہ اوهان کي سنڌي ادب جي جاکوڙ، کوجنا ۽ خدمت کان ايترو وقت نہ ٿو بچي جو خط جو جواب ڏيو. نہ تہ ليکڪ جي حيثيت سان توهان جو منھنجو هڪ ناتو آهي.پر جيڪڏهن اوهان اهو ناتو نڀائڻ نہ ٿا چاهيو تہ مان ڪير آهيان. اوهان کي مجبور ڪرڻ وارو! پر ايترو ضرور سوچيندس تہ شاباس آهي. انھن دوستن کي جيڪي ٻاهرين ملڪن مان سوين رپيا خرچ ڪري، پريم پتر لکي پيار وڌائين پيا، پر اسان هڪ ديس واسي بہ هڪ ٻئي کان ڪيترو پري آهيون.

اوهان جو پنھنجو
ڪرم ٽالپور

126

1990- 6 - 13

هادي بخش شاھہ جيلاني

اڄاڻن ون اٻوجهيون، سڄاڻي سنيسيون ڪي
ڍلا پٺ ڀلن جي، رڙهي راھہ پون

اداب تسليمات
جي واضع تہ رب جلال محابي مرسل جي اوهان جي روح پر فتوح ۽ جسم محترم کي لطف و ڪرم سان نوازي. آمين.
عاجز 16 سالن کان بيمار بستر داخل، هلڻ ۽ اٿڻ ۾ انوکائي، مالڪن جي موڪليل سوکڙي ۾ مشغول، دن پيو گهاري، آءُ ريٽائرڊ پرائمري ماستر آهيان. ڊيوٽي سان گڏ، تصوف تي لکڻ ۽ صحبت مشغله رهيو ۽ هاڻي بہ آهي.
مون تصوف تي 43 سال پورهيو ڪيو. ان جو تت ۽ ست ( صوفي ساڃاھہ ) نالي 74 ۽ 1976 ۾ اظھار ڪيم، سورائتي سنڌ ڇپائي جي مرحلي ۾ آهي.
اهي قرب مومن پبليڪيشن نوان جتوئي، محترم مومن جمال الدين خاصخيلي ڪندو آهي. هاڻي ڏھہ ڏاتار تي لکڻ جو چاھہ آهي. ٽالپور وڏا جو فقراءَ منھنجو سرچشم آهي، ان جو مکيه رڪن، محترم فوجي قادر بخش فقير ٽالپر اوها صاحبن سان ريڊيو اسٽيشن خيرپور تي ملاقاتي ٿيو، ان اوهان جي قربائتي ڪھاڻي بيان ڪئي. هن اوهان ڏي ڪي تحفه ٽپال ذريعي بہ موڪليا آهن. هن ٻڌايو تہ سائين اوهان وٽ قرب جا قدم ڌريندو، ڏاڍي خوشي ٿي. هن ٻڌايو تہ سائين وٽ ڏاھہ ڏاتار متعلق ڪتاب آهي ۽ مواد بہ آهي. اهو موڪليندو.و ڏي مھرباني ٿيندي، غريب بندي بيمار جي مدد اڪبري حج آهي.

يھي عبادت، يھي هي ايمان
که کام آئي دنيامين انسان کو انسان

ڏهن ڏاتارن ۾ مواد جادم جکرو، لاکو ڦلاڻي، سپڙ سخي، ۽ جسوتن آگرو هٿ آيو آهي. جکرو ۽ سپڙ ريڊيو اسٽييشن خيرپور تان جسوتن ۽ بڊاماڻي پنرو ٿورو هٿ آيل آهي. ڄام انڙ، ڄام ڏاتار، راءِ ڏياج، راجا ڀوڄراج گهرجن يا ڪو ٻيو.
اتي منھنجو سائين ورهين جو وڇڙيل سائين حڪيم منظور حسين شاھہ اصل هنڊياري ( ضلعه خيرپور ) جو هجي تہ شامل خط عرض رکجو. زيادہ ﷲ سائين جي امن و امان. ڪتاب ٽالپورين پھتا، تہ بہ مون وٽ آهن. واپس بہ ڪري سگهبا. مواد هجي تہ بہ موڪلڻ جي مھرباني.

دُعا درويشان رحم الاهي
حق موجود
اوهان جو
صوفي قربان علي قربان خاصخيلي
پوسٽ بوزدار وڏا، ڪنب ضلع خيرپور ميرس ( سنڌ )

1991

127

تنظيم فڪر و نظر سنڌ
سنڌ اسلامڪ سينٽر، راشد پارڪ، سکر

تاريخ: 1991- 1 – 17

محترم مقڪرم جناب دادا سنڌي صاحب!
اسلام عليڪم!
گذارش تہ تنظيم فڪر و نظر سنڌ جي زير احتمام ” پنجين ڪل پاڪستان شاھہ لطيف ڪانفرنس“ 6، 7،8 مارچ1991ع تي سکر ۾ منعقد ٿي رهي آهي.
اوهان کي درخواست آهي تہ 16 مارچ جي تقريري مقابلي واري اجلاس ۾ بطور مھمان خصوصي شرڪت ڪرڻ فرمائيندا. اجلاس انشاءَ ﷲ 3 بجه منجهند جو منعقد ٿيندو.
اوهان جي شرڪت اسان لاءِ حوصله افزائي جو ڪارڻ ٿيندو.
والسلام
پروفيسر اسدﷲ ڀٽو

128

پنوعاقل
1991 – 02 – 12

مانوارا سائين دادا سنڌي صاحب!

سنڌي ادبي سوسائٽي پنوعاقل پاران سنڌ ڌرتيءَ جي عظيم شاعر شاھہ عبداللطيف ڀٽائي رح جو ڏهاڙو ڄاڻايل سٽاءُ موجب ملھايو پيو وڃي. جنھن ۾ اتر سنڌ جا ناميارا ليکڪ اڄوڪين حالتن جي حوالي سان شاھہ جي سر ڪيڏاري ( ۽ ٻين مختلف موضوعن ) تي پنھنجا مقالا پڙهندا. اوهان کي ان منفرد ميڙاڪي ۾ شڪرت جي نينڍ ڏجي ٿي.

ساٿ سدائين سلامت

پريل دايو
س – ا – سوسائٽي پنوعاقل

سٽاءُ
صدارت : دادا سنڌي
مھمان خاص : نصرت حسين ابڙو
اعزازي مھمان : نظير شھزاد ۽ مقصود گل
مقالا پڙهندڙ : ڪيلاش، امير بخاري، منظر حيات، زاهد شيخ، منظور بيدار، شڪيل پريالوي، عاصم کوسو، شبير بيدار، سرور سيف ۽ ٻيا.
تاريخ : 15 فيبروري 1991
ڏينھن: جمعو
وقت : 3 وڳا ( شام )
جڳھہ : ٽائون هال ٽائون ڪاميٽي پنوعاقل

129

سنڌي ادبي سنگت سنڌ شاخ سکر
1991 – 2 – 26

مانوارا سائين! دادا سنڌي صاحب
سنڌي ادبي سنگت سکر پاران، سنڌي ٻولي جي برک ڪھاڻيڪار ۽ دانشور محترم رشيد ڀٽيءَ جي ٽين ورسي جي موقعي تي هڪ ادبي ميڙ 15 مارچ 1991ع تي جمعي ڏينھن، صبح جو ڏهين وڳي، جاگيراڻي پاڙي سکر ۾ ڪوٺايو ويو آهي.
اوهان سنڌي ٻوليءَ جا ناميارا ليکڪ، دانشور ۽ مرحوم جا ويجها ساٿي آهيو. اوهان کي گذارش آهي تہ ان موقعي تي ادبي ميڙ ۾ شريڪ ٿي ٿورائتو ڪندا ۽ رشيد ڀٽي صاحب جي فن، فڪر ۽ شخصيت جي حوالي سان پنھنجو مقالو پيش ڪندا. پروگرام جو دعتونامو اوهان کي جلد اماڻيو ويندو.

مھرباني، ٻيا سک
اياز گل
سيڪريٽري سنڌي ادبي سنگت سکر

130

تنظيم فڪر و نظر سنڌ، سنڌ اسلامڪ سينٽر، راشد پارڪ، سکر
تاريخ : 1991 – 2 – 27

محترمي و مڪرمي جناب دادا سنڌي صاحب!
اسلام عليڪم! مودبانہ گذارش آهي تہ تنظيم فڪر و نظر سنڌ جي مرڪزي مجلس عامله ( سي اي سي ) اوهان جي علمي و ادبي خدمتن جي اعتراف ۾ ” فڪر و نظر ايوارڊ “ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
پنجين ” ڪل پاڪستان شاھہ عبداللطيف ڀٽائي رح ڪانفرنس جي موقعي تي عالمن ۽ اديبن جي پروقار تقريب ۾ وزيراعظم پاڪستان جناب ميان محمد نواز شريف، اهي ايوارڊ ڏيڻ فرمائيندو. اوهان کي درخواست آهي تہ اوهان ايوارڊ وصول ڪرڻ فرمائيندا.
مھرباني فرمائي 6 مارچ 1991ع تائين سکر پھچي ويندا. اوهان جي قيام ۽ طعام جو بندوبست تنظيم جي ذمي هوندو.

اوهان جو مخلص
پروفيسر اسدﷲ ڀٽو

131

سنڌ تحقيقي بورڊ
پوسٽ باڪس نمبر 19، جنرل پوسٽ آفيس حيدرآباد ( سنڌ )
تاريخ : 1991 – 3 – 31

پيارا دادا!
شال خوش هجين. تنھنجو خط مليو، مھرباني.

آءُ تنھنجو ٿورائتو آهيان، جو مون سان صلاح ڪئي اٿئي. ادا پنھنجي ترقي پسند يارن واري لڏي کان شڪايتون نہ رڳو توکي آهن. پر اسان سمورن کي آهن. مورڳو پنھنجي انا جي تسڪين ۾ پورا آهن. سڀ ادارا، سڀ تنظيمون ذاتيات کي زور وٺائڻ ۾ پوريون آهن.
تنھنجون شڪوہ شڪايتون بہ بجا پر دادا، تون جيڪو ڪم پيو ڪرين، ان جي پنھنجي حيثيت آهي. ڪير ليکي يا نہ ليکي يقينن ڄاڻ تہ اڳتي هلي هيءَ قوم توکي قدر جي نگاھہ سان ڏسندي ۽ اڄ بہ سٺا پر پڙهيل لکيل ماڻھو تنھنجو قدر ٿا ڪن تہ دادا لاڳيتو سنڌ جي تاريخ لاءِ چڱو ڪم ڪري رهيو آهي.
ادا جيتريقدر تنظيم فڪر و نظر وارن جو تعلق آهي تہ انھن جو سنڌ جي تاريخ ۽ پاڻ جھڙن ماڻھن سان ڪو چڱو رويو نہ رهيو آهي ۽ هنن سدائين، اسان جي ابتڙ سوچيو آهي، ان ڪري انھن کي عزت يا چڱائي حاصل ناهي.
جيڪڏهن هنن تنھنجو قدر ڪري توکي پنھنجي تنظيم جو انتخاب بڻايو آهي تہ ان سان ٻيو ڪجهہ ڪونھي، هو فقط اهو تاثر ڏيئي سگهندا تہ دادا اسان جي لڏي جو ماڻھو آهي ۽ اها ڳالھہ ڏاڍي خراب آهي. دادا ايوارڊ پيا ملندا، قدر پيا ٿيندا.
جيتري قدر منھنجو خيال آهي تہ اهو ايوارڊ ۽ شرڪت توکي گهڻو ڇيھو رسائينديون ۽ توکي هڪ تاريخ نويس سان جيڪا حيثيت ملڻ گهرجي اها نہ ملي سگهندي ۽ تنھنجو پڙهندڙ توکي پڙهندو ئي ڪونہ. ڇو تہ هو تنھنجي ۽ پنھنجي وچ ۾ وڏي خلا محسوس ڪندو. ڀلي تون پنھنجا خيال نہ بدلاءِ، فڪر نہ بدلاءِ، پر تنھنجو اهو عمل توکي ريزا ريزا ڪري ڇڏيندو.
وڌيڪ تنھنجي مرضي آهي، هاڻي ڏسجي تہ تون پنھنجو پاڻ کي ۽ پنھنجي پورهئي کي بچائڻ ٿو چاهين يا وڃائڻ. پر هڪ ڳالھہ تہ مون کي خود ڏک ٿيندو، شايد آئون روئي وجهان.
تنھنجو ڪتاب بہ آڻبو ضرور. پر هڪ ٻہ ڪتاب پريس ۾ آهن، اهي نڪري اچن.
عالمن جا ڪارناما ڪافي ڇپيل آهي. 500 کن ڪايپون. توکي شايد عيد کان پوءِ موڪلي سگهان.
منھنجو بابا سائين بہ ڏاڍو بيمار آهي، ان ڪري ڏاڍو منجهيل آهيان، ڪو ڪم بہ نہ ٿو ڪري سگهان.
تو ڏانھن باقي 1500 رهيل آهن. جي اڄ ئي ڊرافٽ يو بي ايل ڪورٽ روڊ برانچ حيدرآباد جي نالي، منصور پبليڪيشن ايجنسي جي کاتي موڪلي ڏين تہ قرب ٿيندو.
ننڍڙا منھنجا خوش آهن. منصور ۽ سرمد. منصور پيارو خوش تہ آهي پر اڪثر جلد جلد بيماري جي ضد ۾ اچي ويندو آهي. آءُ بہ ٺيڪ ناهيان. گهڻي سفر ۽ ڊڪ ڊوڙ جي ڪري بواسير جي تڪليف ۾ آهيان. ڌڪو بہ کاڌو اٿم، ان ڪري چنبو بہ نڪري پيو آهي. بس دادا وقت پيو گذري.
سمورن لاءِ سلام. ٻچڙن ۽ ڀائٽن لاءِ قرب.

تنھنجو ڀاءُ
ناز سنائي

132

حيدرآباد سنڌ
1991 – 5 – 1

پيارا دادا سنڌي
اسلام عليڪم!

اوهان جو خط پھتو، مون کي خود حيراني ٿي آهي تہ اوهان کي منھنجا خط ڇو نہ مليا آهن، حالانڪ آءُ مخالفين کي بہ سندس خطن جي جوابن موڪلڻ ۾ ڪوتاهي ڪونہ ڪندو آهيان.
پيارا! ڊاڪٽر عباسي صاحب طرفان مون کي ڪابہ دعوت ڪانہ آئي آهي. هو هاڻ شايد سچل جي سجاده نشين جي برابر آهي، ان ڪري ڪانفرنس واري ڏينھن کان هڪ ڏينھن اڳ مون کي سندس خليفن مان هڪ مسٽر حداد ٽيليفون تي پڇيو تہ اوهين هوائي جھاز ۾ ايندو يا ريل گاڏي ۾؟ مون چيو مانس تہ پيارا، اڄ اخبار ۾ وضاحت طور خبر آئي آهي تہ ادبي ڪانفرنس ٿي رهي آهي. جنھن ۾ مشاعري جي صدارت مون کي ڪرڻي آهي. اها بہ خبر ڪانھي تہ اها ڪانفرنس درازان ۾ ٿيندي يا سچل جي نئين گادي واري هنڌ يعني خيرپور ۾ . ان ڪري مون معذرت جو اظھار ڪيو ۽ چيو مانس تہ آءُ لنگو نہ آهيان جو راڳ وٺڻ لاءِ بنا دعوت جي هليو اچان ۽ ان ڪري نہ آيس.
رهيو سوال اوهان کي سڏائڻ جو، سو ڳالھہ ظاهر پئي آهي. تنوير صاحب پاڻ لسٽ ناهي ٺاهيندو. خليفا ٺاهيندا آهن. اهي آهن خادم عباسي، مختيار ملڪ، اياز گل ۽ محمد علي حداد. ڪنھن زماني ۾ اڃا سچل چيئر جو وجود ڪونہ هو، تڏهن خيرپور يا درزان واري ڪانفرنس ۾ شاھہ لطيف ڪئمپس جي استادن جھڙوڪ ملڪ نديم، الطاف آثِيم کي بہ دعوت ڪانہ ملندي هئي، فقط محترم نيلوفر شيخ کي دعوت ڏني ويندي هئي. جيڪڏهن اسان ۾ فراخدلي، رواداري، هڪ ٻئي لاءِ عزت ۽ احترام جو جذبو هجي ها تہ پوءِ ائين ڇو ٿئي ها. اڄ ائين پيو لڳي تہ سچل اتر وارن جو آهي. بيدل اتر وارن جو ۽ شاھہ ڪريم، گرهوڙي، مخدوم نوح ۽ لطيف لاڙ وارن جو. هر هنڌ گروھہ بنديون ۽ دوست نوازي.
منھنجا سائين! اوهان پي ايڇ ڊي جو ذڪر ڪيو آهي. مون کي بہ خبر آهي تہ ڪي دوست ٿيسز لکڻ لاءِ آفيسون کولي ويٺا آهن، البت ڊاڪٽر جوجيڻو محنت ڪرائيندو آهي. ان ڏس ۾ هڪ شاگرد مون کي بہ ٺڳي ويو آهي.
اوهان کي ڏک ضرور ٿيئڻ گهرجي. اوهان کي دعوت ڏيڻ گهربي هئي. پر تنوير صاحب کي ڪير سمجهائي. اڄڪلھہ طبيعت ضدي اٿس ۽ پئسي جي لالچ بہ ان کان سواءِ.
اوهان جي گرامر وارو ڪتابڙو هاڻ ڪڍي رکيو اٿم. جلدي ڏسي اوهان کي موڪلي ڏيندس. دير لاءِ معافي جو طلبگار آهيان. جيڪڏهن ڪتاب تي مون کان لکائڻ چاهيو ٿا تہ پوءِ ڪتاب منھنجي نالي منسوب ڪرڻ مناسب ڪونہ ٿيندو. رايو آءُ لکي موڪليندس.
آءُ هن وقت ” سنڌي ٻولي جي ارتقائي تاريخ “ تي ڪتاب لکي رهيو آهيان. تمام گهڻو مواد مليو اٿم. ڪجهہ تہ منھنجن ٽڙيل پکڙيل مقالن ۾ آهي. جڏهن اهي مقالا گڏ ڪيا اٿم تڏهن حيران ٿي ويو آهيان تہ ان موضوع تي اڳ ڇو نہ لکيم، پر اسلام آباد ۾ ڏاڍو مشغول رهڻو پيم.
اوهان سنڌالاجي کي وري سنڀالڻ واري ڳالھہ ڪري مون ڇيڙي ڇڏيو آهي. صدر پاڪستان منھنجي گذارش منھنجي ريپارٽيشن جو آرڊر سنڌالاجي لاءِ جاري ڪيو پر قادر جوڻيجي صاحب ميڙ وٺي، جويي صاحب، رباني صاحب، قمر شھباز جي معرفت غلام مصطفى شاھہ تي زور آندو تہ مون کي سنڌ الاجي ۾ نہ رکيو وڃي. قادر صاحب وري خادم حسين شاھہ ۽ ڪاڇيلي جي مدد سان ٻين ماڻھن کي بہ مجبور ڪيو. جنھن ڪري مون پنھنجو ڀلو ان ۾ چاهيو تہ پاسيرو ٿي وڃان. سنڌالاجي کي مون پنھنجي ٻار وانگر پاليو ۽ تاتيو آهي. آءُ ڪابہ سياسي پٺ نہ ٿو رکان. اوپن يونيورسٽي ۾ بہ پنھنجي ڪم جي مڃتا طور ڊاڪٽر افضل ۽ ڊاڪٽر رضي الدين صديقي جي سفارش تي گهرايو ويس. آءُ غريب ماڻھو آهيان. هاريءَ جو پٽ آهيان. منھنجي ڪابہ سفارش نہ آهي. مخدومن سان نيازمندي ضرور آهي پر انھن ۾ آسرو هجي پر شل ڪم نہ پوي.
دعاڪريو تہ جنھن حال ۾ آهيان، اتي خوش هجان.

اوهان جو مخلص
غلام علي الانا


133

حيدرآباد ( سنڌ )
1991 – 5 – 19

پيارا دادا سنڌي
اسلام عليڪم!

اوهان جو 1991 – 5 – 9 وارو خط پھتو. اوهان منھنجي لاءِ جيڪي جذبا ۽ احساس رکو ٿا. تنھن لاءِ اوهان جو شڪرگذار آهيان. اوهان ماضيءَ جو ڳالھيون ياد ڪرايون آهن. سنڌ الاجي سان واقعي منھنجو عشق آهي. اوپن يونيورسٽي ۾ منھنجا احباب چوندا هئا تہ ” الانا جو پھريون عشق سنڌالاجي سان هو ۽ نئون عشق اوپن يونيورسٽي سان آهي“. مون هر هنڌ خلوص، جذبي، لڳاءُ ۽ محنت سان ڪم ڪيو آهي. اصول ۽ قانون پھرين پاڻ سان لڳائيندو آهيان ۽ پوءِ ڪارڪنن سان ادارا ٺاهڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي. بلڪل ائين جيئن معمار ۽ رازا جايون ۽ محل ٺاهيندا آهن. محل ۽ ماڙيون تعمير ڪرڻ لاءِ ڪيتري نہ پلاننگ ۽ عملي قدم جي ضرورت ٿيندي آهي. ادبي بورڊ جو حال ڇا آهي. تنھن جي بہ اوهان کي خبر هوندي. آءُ بہ ميمبر هئس، مگر اداري کي تباهي طرف ويندي ڏسي، ميڙو متل ڇڏڻ مناسب سمجهيم ۽ استعيفا ڏيئي ڇڏيم. هاڻ تہ استعيفا منظور بہ ٿي وئي آهي.
اوهان جي گرامر تي پنھنجو رايو ۽ ٻہ لفظ موڪلي رهيو آهيان. رايو ذاتي نوعيت جو گهٽ ۽ فني نوعيت جو وڌيڪ آهي، جيڪڏهن پسند اچيو تہ شامل ڪجو. ادب جي ارتقائي تاريخ تي آءُ لکڻ جو ارادو رکان ٿو، ليڪن هر ڪم نھايت ئي وڏو ۽ محنت طلب آهي. وري ڇپائڻ لاءِ ٻين جي طرف ڏسڻو پوي ٿو. هن وقت مون وٽ
ڪتاب تيار آهن.
1. Paper on Sindhi Linguage and Linguistics
2. Paper on Sindhi Litrature
3. ثقافتي ورثو

ٽيون نمبر ڪتاب ڪلچر ڊپارٽمينٽ طرفان شايد ڇپايو وڃي. حميد آخوند صاحب چيو آهي. اهڙي طرح پھريون ڪتاب بہ اهم آهي. سوچيو هئم تہ سنڌي ادبي بورڊ کي گذارش ڪريان. پر هاڻ تہ ميمبر بہ ڪونہ رهيو آهيان ۽ ميمبرن جي اڪثريت منھنجي خلاف آهي. تنھنڪري آسرو نہ ڄاڻي، بورڊ کي چوڻ مناسب نہ ٿو سمجهان.
اوهان شريعت رسالي جو ذڪر ڪيو آهي،جنھن ۾ مولوي عبدالوهاب چاچڙ جي مضمون جو حوالو ڏنو اٿو. ڇا انھيءَ رسالي جي ڪاپي مون کي موڪلي سگهندئو؟
اوهان جي گرامر جا جيڪي ڀاڱا ڇپجي چڪا آهن. انھن تي رايو ڇو ٿا گهرايو. جيڪڏهن اوهين چاهيو ٿا تہ آءُ ڪا راءِ ڏيان تہ مون کي هڪ هڪ ڪاپي وري موڪليو، ڇو تہ اڳي موڪليل ڪاپيون مون کي ڳولڻيون پونديون.
مون اوهان جو ڪتاب ” سومرن جي دور جا سورما “ بہ پڙهيو آهي. مڪمل تبصري لاءِ مون کي سڀ ڪم روڪي تبصري لاءِ وقت ڪڍڻو پوندو. مون کي ڪتاب ڏاڍو وڻيو هو. معلوماتي ڪتاب هو. ان ڏس ۾ ڊاڪٽر مھر عبدالحق وڏي جاکوڙ ڪري رهيو آهي. کيس مواد جي لوڙ بہ آهي. ڇا اوهين سندس مدد ڪري سگهندئو.
پيارا! وساري ڇڏيو قادر يا تنوير کي. اسين پنھنجي مستي ۾ مگن آهيون. سنڌ يونيورسٽي ۾ منھنجي لاءِ خاص چيئر قائم ڪري شاھہ صاحب ( وي سي ) مون تي احسان ڪيو آهي. ان چيئر جو نالو آهي.
Non Formal & Distance Education Chair
ان چيئر لاءِ جيڪي ليف ليٽ لکيا اٿم. سي حاضر آهن. في الحال انھن پروگرامن طرف سڄو توجھہ آهي.
دادا سائين ڪم ڪريو. سنڌ جي بقا ۽ بچاءُ لاءِ محنت ڪريو. ادارا بہ ڪم ڪندا رهندا. اهي دور ايندا رهندا آهن. مون وڌ کان وڌ عھدا ماڻيا. ﷲ تعالي جو اهو ڪرم گهٽ آهي؟ مون کي خبر آهي تہ اوهان جھڙا پيارا هند ۽ سنڌ ۾ موجود آهن. جيڪي مون جھڙي ادني انسان لاءِ محبت رکن ٿا. ڇا اهو رب جو احسان نہ آهي مون تي. اوهان تہ مون کي تڪبر ڪرڻ تي مجبور ڪري رهيا آهيو جو لکيو اٿئو تہ
” سنڌ ۾ اهڙا بہ اديب آهن، جيڪي اوهان جي تحقيق ۽ ڪاوش کي نہ صرف قدر جي نگاھہ سان ڏسن ٿاپر اوهان کي مجازي خدا سمجهي سجدو بہ ڪن ٿا. انھن مان هڪ گنگهار هي بندو بہ آهي.“
داداسائين! ڇو ٿا مون کي گناهگار ڪريو، ڇو ٿا مون کي ڦونڊ ۾ ڀرجڻ تي اُڪسايو. ڇو ٿا مون کي تڪبر ڪرڻ تي اُڀاريو؟ آءُ اڃا طفل مڪتب آهيان. سکڻ جي تمنا ۽ خواهش رکان ٿو. تحقيق هڪ تمام تمام وڏو ۽ وڏو لفظ آهي. آءُ جڏهن محققن جا ڪتاب پڙهندو آهيان تہ پھريون لفظ پڙهي ان لفظ جي معني سمجهڻ لاءِ هفتا لڳائي ڇڏيندو آهيان. خداوند ڪريم اوهان کي خوش رکي.

اوهان جو مخلص
غلام علي الانا

134

حيدرآباد
1991 – 05 – 20

اڄ اوهان جو تازو خط مليو. ياد لاءِ مھرباني. عوامي آواز اڄوڪيءَ ۾ ايوارڊ بابت اوهان جو بيان بہ نظر مان گذريو آهي. چڱو ٿيو جو هڪ پاسي ٿيا. ميرپور خاص بابت ٻن گزيٽرن مان اقتباس موڪلجن ٿا. اصل ۾ ايڊ بہ فوٽو ڪاپيءَ تان ورتل آهي. وڌيڪ قديم سنڌ بہ ڏسڻ گهرجي.
ناز کي خط بہ لکيو ۽ روبرو بہ مليو هو. هن چند مھينن ۾ واعدو ڪيو آهي تہ اوهان جو ڪتاب شايع ڪندو. وڌيڪ ڏسجي تہ ڇا ٿو ٿئي.
قلعن بابت ڪتاب جي آءُ سنڌ الاجي مان ڳولھا ڪندس. ملي ويو تہ ڪاپي اوهان لاءِ ٺھرائبي ۽ پاڻ لاءِ به. پيسا اوهان کان نہ وٺبا.
اتر سنڌ ڏسڻ جو ارادو ورهين کان آهي. جڏهن بہ پروگرام ٺھيو، تڏهن اچي حاضر ٿيندا سين. وڌيڪ خير . ادا نيٺ وري حيدرآباد ۾ فساد ٿيا.

مخلص
غلام علي الانا


135

Non – Formal and Distance Educational Chair
University of Sindh
ڄام شورو
1991 – 05 – 20

پيارا دادا صاحب!
اسلام عليڪم!

ڌڻي ڪري خوش ۽ آباد هجو.
اچو تہ ٻين جي چنتا کي ڇڏي ڪجهہ پنھنجي ڪريون. ٻين جو خير. ڇا ٿا ڪن، اسان سان سٺو رتاءُ اٿن يا نہ؟ شل خوش هجن. انھن ڳالھين تي ڌيان ڏبو تہ دماغ مان ڪي سٺيون ڳالھيون نڪري وينديون. شيطان تہ اهڙا موقعا پيو ڳولھي.
پيش لفظ نئين سر لکي موڪلي رهيو آهيان. يونيورسٽي جي گاڏي ڪانہ آئي، ان ڪري سڄو ڏينھن اوهان جي کاتي لڳايم.
سرمست رسالي لاءِ عرض ڪيو هئم. ڊاڪٽر مھر عبدالحق جي ائڊريس تي موڪليان ٿو. خط اردو ۾ يا سرائڪي ۾ لکجوس. وڏو عالم آهي. احبابن کي سلام.

والسلام
اوهان جو دعاگو
غلام علي الانا


136

حيدرآباد
1991 – 6 – 6

اسلام عليڪم!

اڳ ۾ رجسٽرڊ ٽپال ۾ ميرپورخاص بابت مواد موڪليو اٿم. اميد تہ پھتو هوندو. اوهان جنھن ڪتاب لاءِ لکيو هو ان جي ” سنڌ الاجي “ ۾ ڳولا ڪئي وئي. ليڪن اهڙو ڪو بہ ڪتاب اتي موجود ڪونھي. منھنجو خيال آهي تہ ان عنوان سان ڪو مقالو لکيو ويو هوندو.
پنھنجا ٻہ تازا ترين مطلوبات موڪلي رهيو آهيان. اميد تہ پڙهي مفصل راءِ کان آگاھہ ڪندا. وڌيڪ خير. پھچ ترت ڏيندا. هڪ وڌيڪ ناياب تحفو بہ حاضر آهي.

مخلص
غلام علي الانا

137

ناظم آباد ڪراچي
1991 – 8 – 11

محترم جناب دادا سنڌي صاحب!
اسلام عليڪم!
خيريت، خواهان بخيريت

اسين اوهان ڏانھن نئين سوچ جي هر پرچي کي اماڻي پنھنجو فرض ادا ڪري رهيا آهيون. اوهان مان بہ موچاري موٽ جي اميد رکي اٿئون.
هيل ” نئين سوچ “ کي ٻيو سال پورو ٿيڻ تي خاص نمبر ڪڍڻ جو ارادو رکون ٿا. اوهان جي تبصري لاءِ منتظر آهيون. اگر اوهين خط پھچڻ شرط ئي چند لمحا نئين سوچ جي حوالي ڪري تبصري جون چند سٽون لکي موڪلي ڏيو تہ هوند اسان جو حوصلو وڌي وڃي.

اوهان جي ساٿ جو منتظر
عبدالخالق شيخ
ايڊيٽر نئين سوچ ڪراچي.

138

خانپو مھر
1991 – 10 – 12

محترم و مڪرمي جناب دادا سنڌي صاحب
جيئن تہ مستانہ ادبي سنگت خانپو مھر جي زير اهتمام هڪ روزه ادبي محفل جو پروگرام پرائمري اسڪول خانپور مھر ۾ رکيو ويو آهي. مذڪورہ پروگرام ۾ پھرين نشت ۾ اوهان بزرگن جي صدارت بااميد رٿي وئي آهي. براڪرم ٻيا سڀ پروگرام ڪينسل ڪري هن ادبي سنگت جي پروگرام ۾ شريڪ ٿي بندہ کي رونق بخشيندا.
تازو عرض تہ مون مسڪين جي رٿ تي اوهان بزرگن جي صدارت جو پروگرام ڪيو ويو آهي. اميد تہ نراس نہ ڪندا. اهو پروگرام ويڊيو بہ ڪيو ويندو.

زيادہ آداب و السلام
اوهان جو نيازمند ۽ دعاگو
حاجي عيدن ناز ميراڻي

پروگرام
پھرين نشت : اسڪولن جي ٻارن درميان سيرت النبي صه جو تقريري مقابلو
صدارت : جناب دادا سنڌي صاحب
مھمان خاص : جباب الحاج چنڊ مھر چئرمين يونين ڪائونسل خانپور مھر
وقت : 8 وڳي کان 10 وڳي صبح
ٻي نشت : غير طرحي مشاعرو
صدارت : جناب اميد خيرپوري
مھمان خاص : جناب الحاج سائينداد خان مھر
وقت : 10 وڳي کان 5 وڳي
تاريخ : 18 آڪٽوب 1991 جمعتہ المبارڪ

نوٽ : طعام جو بندوبست پڻ ڪيو ويندو.

1992

139

26 – ماروي گارڊن
حيدرآباد
1992 – 02 – 15

محترم سائين دادا سنڌي صاحب!
پيارا سائين!
اسلام عليڪم!

اڄ ڪاوش ۾ توهان جو پيش ڪيل ٺھراءُ پڙهي دلي خوشي ٿي، جو توهان ڪلھہ سکر ۾ مرحوم رشيد ڀٽي جي ورسيءَ جي موقعي تي سنڌي ادبي بورڊ جي موضوع تي پيش ڪري، بحال ڪرايو آهي. ان ٺھراءُ ۾ توهان مھرباني ڪري مون سان ٿيل بي انصافي تي احتجاج بلند ڪري، سچ جو ساٿ ڏيئي، پنھنجو تاريخي ادبي فرض پورو ڪيو آهي. توهان جي ان حق پرستي سان منھنجي ڪاز کي وڏي هٿي ملندي. مون کي سمجهہ ۾ ڪونہ ٿو اچي تہ ان محبت لاءِ آءُ توهان جو شڪريہ ڪيئن ادا ڪريان؟ آءُ ڏاڍو احسان مند آهيان ۽ توهان جو اهو وڙ منھنجي دل تي هميشہ نقش رهندو.
خدا ڪندو، توهان سڀني جي گڏيل ڪوششن کي جلد نتيجو حاصل ٿيندو.
حيدرآباد طرف اچو تہ مون کي ياد ڪجو.


خلوص مان
نفيس شيخ

140

26 – ماروي گارڊن، حيدرآباد
1992 – 02 –25

محترم دادا سنڌي ! هينئر عوامي آواز ۾ توهان جو مضمون پڙهيو اٿم. توهان جنھن سليقي سان مختلف اهم ادبي موضوعن کي، موثر سليقي سان بيان ڪيو آهي. ان لاءِ توهان کي جس هجي. توهان مھرباني ڪري منھنجي نقطي کي بہ دلسوزي مان کنيو آهي. ان لاءِ ٿورائتو آهيان. پيارو غلام محمد لاکو صاحب ايندو آهي. ساڻس ڪچھرين ۾ توهان جو بہ ذڪر هوندو آهي.
سکر واري جلسي ۾ توهان مھرباني ڪري ٺھراءُ پيش ڪري بحال ڪرايو. ان محبت ۽ حوصلي لاءِ سلام. مون خط لکيو هو شڪر ادائي جو، جو توهان کي اميد تہ پھتو هوندو.هتي سڀني اديب دوستن توهان جي تحرڪ ۽ توجھہ کي نوٽ ڪيو ۽ تحسين جو اظھار پئي ڪيو تہ اها تمام ڀلي ڳالھہ ڪئي وئي.
توهان اڄوڪي مضمون جي آخر ۾ ايڊوٽوريل جي تقاضا ڪئي آهي. اها تمام سٺي ڳالھہ ڪئي آهي. هونءَ عوامي آواز جو بورڊ تي لکيل هڪ ايڊوٽوريل جي ڪاپي موڪليان ٿو. ( ٿي سگهي ٿو تہ اهو توهان جو پڙهيل هجي).
برادرم خليل جو واقعو نھايت ڏکوئيندڙ آهي. مون کي ذاتي طرح صدمو پھتو آهي. مون شڪارپور سندس اهليه کي خط لکيو هو. هتي ڪاوش ۾ اديبن جو هڪ بيان ڇپرايو هئم. تاج کي مون ٻي ٽي دفعا چيو هو. هن 14 تاريخ ٽنڊي آدم ۾ س ا س جي ڪاروباري ڪاميٽي ۾ بہ ان ڳالھہ جو مطالبو ڪيو هو. مون هينئر ساڻس فون تي ڳالھايو آهي ۽ توهان جي مضمون جا لفظ پڙهي ٻڌايم. توهان کي محبت مان ياد ڪيائين ۽ سلام چيا اٿس.
آءُ هڪوار وري بہ توهان جو ٿورو مڃان ٿو، جو سکر واري ٺھراءُ ۽ اڄوڪي آرٽيڪل وسيلي توهان منھنجي ڀرپور، موثر ۽ دل وجان سان مدد ڪئي آهي. خدا توهان کي ان نيڪي جو اجر ڏيندو. توهان جي محبت هميشہ ياد رهندي.
سنڌي ادبي بورڊ بچايو ڪاميٽي سان بورڊ انتظاميا ٽچ ۾ آهي. مسئلا گهڻا آهن ۽ دوستن وڏي همت ۽ حوصلي سان وڏي ويچار ۽ ڳڻ ڳوت سان ڪم ۾ هٿ ڳنڍيا آهن. خدا کين ڪاميابي ڏيندو. نتيجا جلد پريس وسيلي آڏو ايندا. توهان جي ڀرپور سھڪار کي هتان جا ادبي حلقا تحسين جي نظرن سان ڏسن ٿا.
خدا توهان کي خوش رکي. گهر ايڊريس تي خط ملندو آهي. ياد ڪندا تہ خوشي ٿيندي.

خلوص مان
نفيس شيخ

141

حيدرآباد
1992 – 3 – 8

پيارا دادا!
شال خوش هجو.
17 گريڊ جون گهڻيون ساريون مبارڪون، دل جي گھراين سان.
اوهان جو ڊرافٽ پھتو، مون ان وقت ئي پھچ ڏني هئي، خبر ناهي اوهان تائين اهو خط ڇو نہ مليو.
اوهان جو ڪتاب پريس حوالي ڪيو آهي. سڀاڻي سومر کان انشاءَ ﷲ پروف ملڻ شروع ٿي ويندا. آءُ اپريل ۾ ڪوشش ڪندس، ورنہ مئي جي شروع ۾ هرحال ۾ ايندو. بھرحال ڪم شروع ٿي ويو آهي.
غلام محمد لاکي جو ڪتاب ” مطالعو سنڌ جو “ ڇپجي تيار ٿي ويو آهي. هن هفتي ۾ آئوٽ ٿي ويندو. جنھن ۾ ان جا سنڌ بابت ترجمو ٿيل مضمون آهن.
منصور قادر وارو ڪتاب بہ ڪمپوز ٿي ويو آهي، فائينل مرحلن ۾ آهي. رُڪ سنڌي واري ڪتاب بابت اڳ ۾ اوهان لکيو هو. مون ان سان ڳالھايو، جنھن ٻڌايو تہ توکي ڪنھن ٻڌايو، مون چيو دادا. چيائين دادا کي منھنجي ڪتاب جو فڪر اچي يا سندن ڪتاب جو ۽ ان جي جواب ڏاڍو ڏکارو ڪيو.
سرورق ٺيڪ آهي، اهو هلندو يانہ. مرتضي مون وٽ ايندو ان کي چوندس.

اميد تہ خوش هوندا.
اوهان جو ڀاءُ
ناز سنائي

142

26 – ماروي گارڊن، حيدرآباد
1992 – 03 –09

محترم دادا سنڌي صاحب
اسلام عليڪم! پيارا ڀاءُ!توهان جو خط پڙهي دلي خوشي ٿي آهي. توهان کي مليل پروموشن جو ڄاڻي خوشي ٿي. مبارڪباد قبول ڪندا.
توهان هن خط ۾، مھرباني ڪري، مون سان ڏکئي وقت ۾ محبت ۽ پنھنجائپ ونڊي آهي. ان سان دل کي آٿٿ محسوس ٿي آهي. خدا ان نيڪي جو اوهان کي اجر ڏيندو. آمين.
اخبارون ڏسو ٿا پيا، مسئلو ڪافي موثر انداز سان کنيل آهي. خدا جي حڪم سان سڻائي ٿيندي. آءُ مشڪل حالتن کي رب جي طرفان توفيق بخشي سان نھايت همت ۽ حوصلي سان منھن ڏئي رهيو آهيان. توهان ۾ دعائن جي طلب محسوس ڪريان ٿو. تاج روز گڏ هوندو آهي. مضمون جي پڇا ڪندس ۽ ورندو احوال ڏيندس.

محبتن ۽ خلوص سان
نفيس شيخ

143

پنو عاقل
1992 – 4 – 26

سڄڻ سائين دادا سنڌي!
پھرين مئي پورهيتن جو عالمي ڏينھن آهي. انھي حوالي سان اسان هڪ ننڍڙو ادبي ميڙاڪو ” شاھہ لطيف جي شاعري ۾ پورهيت پچار “ نالي منعقد ڪري رهيا آهيون. جنھن ۾ اوهان جي شرڪت لاڀائتي ٿيندي.

پھرين مئي 1992 جمعي جو ڏينھن
صبح جو ڏهين وڳي
ميراڻي منزل، نزد هشمت ميڊيڪل اسٽور، پنوعاقل

آسائتو
نعيم شيخ
سيڪريٽري، سنڌي ادبي سنگت پنوعاقل

144

مھراڻ اڪيڊمي شڪارپور
شڪارپور
تاريخ : 1992 – 6 – 23

محترم دادا سنڌي صاحب
اسلام عليڪم و رحمتہ ﷲ و برڪاته!
ﷲ پاڪ ساڻي ٿيئو شال آمين.
اوهان جا اڳ ۾ بہ ڪجهہ خط پھتل آهن. منھنجي عزيز دوست ڊاڪٽر محمد علي محمدي صاحب بہ اوهان جي سفارش ڪئي هئي.
ادا عرض تہ اوهان جو مسودو هٿيڪو آهي. اوهان دلجاءِ ڪندا. ڪتابن جي اشاعت بابت اسان جو هڪ خاص طريقو آهي. جنھن ۾ ڪجهہ وقت لڳي ٿو. مون مسودو ڪاميٽيءَ جي دوستن جي حوالي ڪيو آهي. آخري راءِ اچڻ کان پوءِ اوهان کي آگاھہ ڪندس.
سيرت النبي ﷺ جو موضوع نھايت ئي مکيه موضوع آهي. اسان جي اشاعتي رٿا ۾ سيرت پاڪ کي هميشہ ترجيح حاصل رهي آهي. اوهان دلجاءِ ڪريو. ڪتاب ڇاپڻ جي پوري پوري ڪوشش ڪبي.

سلام دوستن کي
والسلام
قمر ميمڻ

145

نئون ديرو
1992 – 8 – 8

مانوارا دادا سنڌي
خوش هجو شال.

اوهان جو خط مليو. مان ان کان اڳ بہ اوهان جي خط جو جواب لکيو هو. پر گهڻي انتظارنہ ڪرڻ جي باوجود اوهان پاران ان جي ڪابہ موٽ نہ ملي. ۽ جڏهن اوهان جو خط مليو. سچ پڇين تہ يار ڏاڍي خوشي ٿي.
اوهان لکيو اهي تہ مان اڪرم صاحب کي تنقيد جو جواب ڏيان، اها تنقيد مون بہ پڙهي هئي، پر ٽين ۽ ڇوٿين قسط جنھن ۾اڪرم صاحب جي لکڻي پڙهي، سوچيو هو تہ ان نااهل ماڻھو کي جواب نہ ڏيڻ ئي بھتر آهي. اوهان جي خط پڙهڻ کان پوءِ ئي مان چار ئي قسطون پڙهيون.
ادل ڪيڏو نہ چڱو ٿئي ها، جيڪڏهن منھنجي پاران کيس ڪو ٻيو جواب ڏئي ها. پر اوهان جي حڪم جي پورائي خاطر مان ڪجهہ جواب لکي رکيو آهي. پر اڃان بہ ڀرپور جواب ڏيڻ لاءِ مون کي اوهان جي سھڪار جي ضرورت آهي. اوهان وٽ جيڪڏهن مخدوم بلاول بابت ڪو ٺوس مواد هجي تہ مھرباني ڪري موڪلي ڏيندا.
تازو ” سارس “ رسالي ۾ منھنجو مقالو شايع ٿيو آهي. ان بابت پنھنجي راءِ ضرور ڏيندا.
اسان لاءِ ڪو ڪم ڪار هجي تہ ضرور چوندا.

اوهان جو ڀاءُ
اڪرم ساگر عباسي
معرفت سعيد ٽيلر شاهي بازار
نئون دير ضلعو لاڙڪاڻو

146

سکر
1992 – 8 – 18

مانوار سائين دادا سنڌي صاحب
اميد تہ خوش هوندا.

سنڌي ادبي سنگت سکر پاران نئين ٽھي جي نمائندي شاعر مانواري اياز گل جي شعري مجموعي ” توبن ڪھڙا ڇانورا“ جي مھورت سيپٽمبر جي ٻئي هفتي ۾ ڪرائڻ جو پروگرام آهي.
اوهان کي ان حوالي سان پيپر لکڻ جي ڪوٺ ڏجي ٿي. وڌيڪ مڪمل پروگرام جي ڄاڻ اوهان کي ڪارڊ وسيلي ڏني ويندي. اميد تہ اسان جو عرض قبول ڪندا ۽ اهڙي پھچ ضرور ڏيندا.

ٻيا سک
نيڪ تمنائن سان
مھر خادم
سيڪريٽري سنڌي ادبي سنگت سکر

147

ميرپور ماٿيلو
1992 – 9 – 5

ادا دادا سنڌي صاحب!
وعليڪم سلام!

اوهان جو نھايت قربن ڀريو خط مليو، وڏي مھرباني. ڪاش اوهان جو اهو خط اڄ تاريخ 5 سيپٽمبر 1992 تي پھچڻ بجاءِ ڪالھہ 6 سيپٽمبر 1992 ع تي پھچي ها. ڇاڪاڻ تہ اوهان جي مضمون جي جواب ۾ ٻہ اکر لکي موڪلي ڇڏيم. جنھن ٽئين ماڻھو لاءِ اوهان لکيو هو، اهو منھنجو تہ روحاني ڀاءُ آهي، ادبي دوست آهي، نيڪ صلاحڪار آهي. همت افزائي ڪندڙ ۽ دنياداري معاملات جو سٺو ڄاڻو آهي. غير معمولي ذهين ۽ حاضر جواب آهي. هن کي اوهان سان ملڻ جو اشتياق گهڻي وقت کان هو. تنھن ڪري هن کي سڏي چيم تہ هو ٿو وڃي دادا،ننڍڙي هوٽل تي ٿوري وقت واري ملاقات ۾ اوهان هن جي صلاحيتن جو اندازو نہ لڳائي سگهيا. هو ڏاڍو پيارو ماڻھو، ملنسار ۽ خوش اخلاق ۽ ادب دوست آهي.
انشاءَﷲ اوهان وري ڪڏهن ايندا تہ ضرور ڪچھري ڪرائبي. باقي رهيو سوال اوهان جي دل آزاري جو تہ ان لاءِ مان معافي گهران ٿو. هن کان پوءِ ڪڏهن ميرپور ماٿيلو اچڻ تہ وقت ڏيو تہ مھرباني ٿيندي.
ادبي جهيڙي اوهان کي ذهني اذيت پھچائي آهي تہ ان ۾ منھنجو ڏوھہ نہ پر اڪرم ساگر عباسي جو سمجهو. جنھن مون کي لکڻ تي مجبور ڪيو ۽ لکي ويٺس. اوهان جو خط هڪ ڏينھن پھريون اڳ اچي ها تہ تمام بھتر ٿئي ها. تاهم اوهان جو خيال دل ۾ اڳي نھايت محبت ڀرئي انداز ۾ اوهان جي پڇيل سوالن جا جواب ڏنا اٿم ۽ اٿاريل اعتراضات جا رد مستند ڪتابن جي حوالن سان ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم.
ٻي ملاقات جو منتظر

اوهان جو ڀاءُ
سومرو غلام رسول اڪرم

1993

148

وائيس چانسلر ڊيسڪ
1993 – 1 – 3

داداسائين
قرب نامو ۽ ڪتاب مليو. اوهان جي مھرباني. سرن تي لکيل ڪتاب ڪلچر وارن وٽ ڊڳن جي تعداد ۾ موجود آهن. شل انھن جو ڪو سنڀاليندڙ پيدا ٿئي تہ ان کي چئجي. مون وٽ خود ڪيترا ڪتاب ذاتي لئبريري ۾ ڪونھن. هن سال ٻہ ڪتاب نڪتا انھن جون محدود ڪاپيون مليون اٿم.
بھرحال ٻئي ڪتاب پنھنجي حصي جا اوهان کي موڪليان پيو.

سڪ سان اوهان جو پنھنجو
حميد سنڌي

149

شڪارپور ( سنڌ )
1993 – 1 – 9

محترم سائين دادا سنڌي صاحب
اسلام عليڪم!

اميد تہ ﷲ تعالى جي فضل و ڪرم سان اوهان پنھنجي سٿ سميت خوش هوندا.
سردار احمد گڏاڻي کان اوهان جا سلام پھتا. اوهان اسان کي ياد ڪيو. جنھن لاءِ اوهان جا ٿورائتا آهيون.
پاڻ تہ جيسين جيئرو آهيان تہ اوهان جو قرب ۽ اوهان جو خلوص ڪين وساري سگهندس. اوهان مان مون کي سچ پچ تہ پنھنجائپ جو احساس ٿيو.
شڪارپور ادبي سٿ جا ساٿي اوهان کي ياد پيا ڪن. سڀني جا سلام قبول ڪندا.
ادبي سٿ وارو پروگرام گذريل خميس يعنى 93- 1 – 7 تي خيرپور تان 10 بجي رات جو خبر جي صورت ۾ نشر ڪيو ويو. ڪاروائي جو مواد مختلف اخبارن ڏانھن اماڻيا آهن. جئين ئي شايع ٿيندو تہ انھي جي ڪاپي انشاءَﷲ آءُ اوهان ڏانھن اماڻيندس.
دعائن ۾ ياد ڪندا.

فقط
خالد سيف ﷲ ڀٽي

150

سنڌي ادبي سنگت سنڌ ( رجسٽرڊ )
سيڪريٽري جنرل
واري تڙ سکر
تاريخ : 1993 – 10 – 13

مانائتا سائين دادا سنڌي صاحب!
اسلام عليڪم!

بابت : ٻالڪ سيمينار
سنڌي ٻارڙن جا تعليمي، سماجي ۽ ادبي مسئلا ۽ حل

سنڌي ادبي سنگت مرڪز پاران نومبر 1993ع جي آخري هفتي ۾ مٿي ڄاڻايل موضوع بابت، شڪارپور ضلعي ۾ هڪ سيمينار ڪوٺائڻ جو پروگرام آهي. جيئن تہ اوهان ناميارا اديب، تعليمي ماهر ۽ ٻارن جي مسئلن جا ڄاڻو آهيو. تنھنڪري اوهان کي ان سيمينار ۾ خاص مھمان طور شريڪ ٿيڻ جي گذارش ڪجي ٿي.
اوهان پنھنجي رضامندي کان واقف ڪندا تہ جيئن پروگرام کي آخري شڪل ڏيئي سگهجي. پروگرام جو تفصيل اوهان کي بعد ۾ موڪليو ويندو.
اميد تہ اوهان خيريت سان هوندا.

نيڪ تمنائن سان
ادل سومرو
سيڪريٽري جنرل
سنڌي ادبي سنگت سنڌ ( رجسٽرڊ )

151

سنڌي ادبي سنگت سنڌ ( رجسٽرڊ )
سيڪريٽري جنرل
واري تڙ سکر
تاريخ : 1993 – 10 – 13

مانائتا سائين دادا سنڌي صاحب!
اسلام عليڪم!

بابت : ٻالڪ سيمينار ۾ شرڪت

سائين!
اوهان اسان جي ڪوٺ قبولي ” سنڌي ٻارن جي تعليمي، سماجي ۽ ادبي مسئلن “ بابت ڪوٺايل سيمينار ۾ اچي شريڪ ٿيا ۽ موضوع بابت پنھنجن ويچارن کان واقف ڪيو، تنھن لاءِ اسين اوهان جا بيحد ٿورائتا آهيون. اميد تہ آئيندہ بہ اوهان جو ان قسم جو تعاون ۽ قرب اسان سان رهندو. اسان اوهان جي احساسن کي مطالبن جي صورت ۾
واسطيدار ڌرين تائين پھچائيندا سين تہ جيئن اسان سڀني جون اهي گڏيل ڪوششون ڪارائتيون ٿي سگهن.
اميد تہ خيريت سان هوندا.

ساٿ سلامت
ادل سومرو
سيڪريٽري جنرل
سنڌي ادبي سنگت سنڌ ( رجسٽرڊ )

152

مھراڻ اڪيڊمي پوسٽ باڪس نمبر 5735، شڪارپور
شڪارپور
1993 – 12 – 12

مانوارا سائين دادا سنڌي صاحب!
اسلام عليڪم!

مھراڻ اڪيڊمي سنڌي ٻولي ۾ ديني، علمي ۽ ادبي ڪتابن جي اشاعت لاءِ سن 1989ع ۾ قائم ٿي. هن وقت تائين ننڍا وڏا 74 ڪتاب شايع ڪيا اٿس. جن ۾ قرآن شريف بابت 3 ڪتاب، حديث پاڪ تي 4 ڪتاب، سيرت النبي ﷺ تي 8 ڪتاب، علمي ۽ ادبي 8 ڪتاب، اسلامي ۽ نظرياتي 9 ڪتاب، شاھہ عبداللطيف جي شاعري تي 6 ڪتاب، شاعري تي 2 ڪتاب، ٻارن لاءِ 26 دلچسپ ڪتاب پڻ ڇاپيا ويا آهن. لسٽ هن خط ۾ شامل آهن.
اهو مختصر ڪم ﷲ پاڪ جي خاص ڀلائي ۽ اوهان دوستن جي ملھاتي ساٿ سان ممڪن ٿي سگهيو آهي. اوهان جي شخصيت سنڌ ۾ اسلامي فڪر جي ڦهلاءُ ۽ فروغ جي حوالي سان هڪ اهم جاءِ والاري ٿي. مھراڻ اڪيڊمي اوهان جو پنھنجو ادارو آهي، هن اداري جي ڪارڪردگي اڃا بہ بھتر بنائڻ، نت نيون صلاحون سوچڻ، اسان جي اوڻاين کان اسان کي آگاھہ ڪرڻ، اهو اسان سڀني جو گڏيل فرض آهي. اسان پنھنجي آئندہ رٿا ٺاهڻ لاءِ اوهان کان رهنمائي وٺڻ گهرون ٿا. اوهان هيٺين موضوعن تي پنھنجا قيمتي رايا لکت ۾ ڏياري موڪليو.
1. اڪيڊمي جي ڪارڪردگي اوهان جي نظر ۾
2. سنڌ جي موجودہ نظرياتي ۽ فڪري صورت حال
3. اڪيڊمي جو آئندہ اشاعتي پروگرام
اوهان جون تجويزون / مقالا وڌ ۾ وڌ 6 جنوري تائين پھچڻ گهرجن.
مون کي اميد آهي تہ اوهان پنھنجي اداري ” مھراڻ اڪيڊمي “ لاءِ ڪجهہ گهڙيون ڪڍندا ۽ پنھنجي قيمتي خيالن کان آگاھہ ڪندا.
اوهان جا وڏا ٿورا.
قمر ميمڻ
سيڪريٽري مھراڻ اڪيڊمي
واڳڻو در شڪارپور

1994

153

دادو
1994 – 4 – 16

محترم دادا سنڌي صاحب
اسلام عليڪم!
سائين نوازش ڀريو خط مليو. تنھن لاءِ مھرباني . سائين ڪتاب موڪلجي ٿو. ڪتاب جي قيمت 60 روپيہ ۽ وي پي جو خرچ 14 روپيا . ٽوٽل 74 روپيا.
سائين اوهان بزرگ دعائون ڪندا تہ انشاءَ ﷲ ٻيو ڪتاب سياست جي پھلو سان يا ادبي پھلو سان آڻيندس. مواد کي سھيڙي رهيو آهيان. صرف اوهان صاحبن جي دعائن جي ضرورت آهي.
انھي طرف ڪڏهن اچڻ ٿيو تہ انشاءَﷲ ملاقات ڪرڻ ايندس. اوهان جي ملاقات جو ڏاڍو شوق آهي. ساٿ رهيو تہ ملاقات ٿيندي.
سلام سڀني دوستن احبابن کي چوندا.

والسلام
اوهان جو مخلص ڀاءُ
ڊاڪٽر لياقت علي مگسي
بي، 42 مکي گهٽي پراڻي چوڪ دادو

154

دعوہ اڪيڊمي بين الاقوامي يونيورسٽي اسلام آباد
اسلام آباد
1994- 8 – 9

مڪرمي و محترمي جناب دادا صاحب
اسلام عليڪم!
خيريت سدائين مطلوب. گرامي نامون لکيل 3 جولائي 94 ع تي وصول ٿيو. ڪتاب المرتضى جو ترجمو ڪرڻ تي آمادگي سان خوشي ٿي. اڪيڊمي لاءِ اهو سٺو علمي سرمايو ٿيندو.
توهان سان ملاقات لاءِ دل تہ منھنجي بہ گهري ٿي. بس جو ڪو موقعو نڪري اچي. پر هاڻي اڪيڊمي وارن پروگرام هڪ تہ محدود ڪري ڇڏيا آهن، ٻيو علاقائي پروگرام بدران ملڪي سطح جا ڪيا آهن. ٽيون وري عمر جو شرط بہ لڳايل آهي. انھن مجبورين لاءِ توهان لاءِ ڏکيائي آهي. تنھن هوندي آئندہ ڪوشش ڪبي.
في الحال ” اسلام کي عروج و زوال کا عالمي دنيا پر اثر“ ترجمي جي اسڪيم ۾ رکيل نہ آهي. آئندہ اسڪيم ۾ شامل ٿيو تہ توهان کي ترجيح ڏبي. سيرت صحابہ سيد علي مير شاھہ موڪلڻ جي ڪوشش ڪندس.
اسلامي بيداري ڪمپوزنگ لاءِ ڏنو ويو آهي. اڪيڊمي جا ڪم بہ سرڪاري ادارن وارا آهن. ان ڪري بعض وقت هڪ ڪتاب جي ڇپجڻ تي ورهيہ لڳي وڃن ٿا.
اميد تہ توهان خير و عافيت سان هوندا ۽ اصلاح ذات ۽ اصلاح ملت جي ڪم ۾ مصروف هوندا. برادر عبدالرزاق ڊکڻ کي سلام.
نوٽ : توهان لاءِ ترجمي جو نمونو موڪلڻ جي ضرورت ناهي. بس ترجمو مڪمل هڪ ڀيرو پڙهي مسودو موڪليو.

سلام
اوهان جو
اميرالدين مھر

155

دعوہ اڪيڊمي بين الاقوامي يونيورسٽي اسلام آباد
اسلام آباد
1994- 9 – 24

مڪرمي و محترمي جناب دادا صاحب
اسلام عليڪم!

خيريت سدائين مطلوب. گرامي نامون لکيل 20 سيپٽمبر 94 ع تي وصول ٿيو.
اوهان جي خيريت ۽ مصروفيت جو پڙهي خوشي ٿي ۽ اطمينان ٿيو. المرتضى جو ترجمو جاري رکندا. اهو سنڌي ادب ۾ سٺو واڌارو ٿيندو.
ايگريمينٽ جو فارم اصولي طرح اسان وٽ ئي رهندو ۽ اڳتي دفتري ريڪارڊ جي ضرورت پوري ڪرڻ ۾ ڪم ڏيندو.
اڄڪلھہ مون وٽ دعوہ لٽريچر جي تياري ۾ ئي مصروف آهيان ۽ ٻي ڪا ذميواري حوالي نہ آهي. هن وقت ڇپيل، ڪمپوز ٿيل، ڪمپوزنگ لاءِ ويل ۽ تيار ڪتاب گڏائي سوکن ٿي ويندا. وڌيڪ ڪم هلي پيو. دعا ڪندا تہ جيڪو وقت مليو آهي، سو ڪارآمد نموني ڪتب اچي ۽ ڪو ديني ڪم ٿي پوي.
السنڌ پڙهندا آهيو يا نہ؟ ان لاءِ ڪجهہ لکو ۽ ڪو تبصرو موڪليو.
احباب کي سلام خاص طرح عبدالرزاق ڊکڻ صاحب کي تمام گهڻا سلام.

و السلام
اوهان جو
اميرالدين مھر

1995

156
ڪنڌڪوٽ
1995 – 1 – 12

مڪرمي و محترم دادا سنڌي صاحب!
اسلام عليڪم!
عرض تہ اوهان جو عنايت نامون پھتو. جواب ۾ تاخير ٿي وئي. ان لاءِ معزت خواھہ آهيان.
اوهان حافظ الملت ڪانفرنس ۾ پڙهيل مقالہ اشاعت لاءِ ماهنامہ السند اسلام آباد کي رسال ڪندا. انشاءَﷲ شايع ٿي ويندو. مان بہ محترم عبدالمجيد ابڙي صاحب کي خط ذريعي عرض ڪندس.
اوهان سان تفصيلي ملاقات جو بيحد اشتياق آهي. ان لاءِ انشاءَﷲ اٻاوڙي حاضر ٿبو ۽ حال احوال ڪبا.
اميد تہ اوهان خيريت سان هوندا.

والسلام
خاڪسار
عبدالخالق سھرياڻي
ڪنڌڪوٽ

157

سچل سرمست يادگار ڪميٽي خيرپور
خيرپور ميرس
1995 – 1 – 22

محترم سائين دادا سنڌي صاحب!

اسلام عليڪم! گذريل سالن جي روايت موجب هن سال بہ حضرت سچل سرمست جي عرس جي موقعي تي هڪ ادبي ڪانفرنس جو پروگرام رٿيو ويو آهي.
اوهان ۾ وڏي اميد ڀائيندي عرض آهي تہ پنھنجي علمي ونڊ مان اسان کي ڪجهہ پرائڻ جو موقعو ڏيو.
اوهان پنھنجو مقالو / شعر پاڻ سان ضرور آڻيندا تہ جيئن اوهان جي ان شاهڪار کي ” سرمست “ سلسلي جي ايندڙ اشاعت ۾ ڇپرائي سگهون.
ادبي ڪانفرنس جو سٽاءُ هن ريت آهي.
تاريخ : 15 رمضان المبارڪ
هنڌ : سچل آڊيٽوريم خيرپور
مقالا : 2 بجہ منجهند
مشاعرو : 8 بجہ رات

اوهان طرفان شرڪت وارو اطلاع، اسان کي اوهان جي رهائش لاءِ مناسب انتظام ڪرڻ ۾ سھوليت ڏيندو.
هاڪاري جواب جو منتظر

محمد علي حداد
حداد منزل پنج هٽي خيرپور ميرس

158

حيدرآباد
1995 – 03 – 20

ادا سائين
سداسلامت. خط پھتو،يادگيري لاءِ مھرباني. تاريخ بابت ڪتاب ڇپڻ وارا روز بروز گهٽبا پيا وڃن. ان ڪري ڪتاب ڪھڙا لکي ڪھڙا لکجن؟ ناز وٽ چئن سالن کان سنڌي ادب پيل آهي. سال کان پوءِ اهو پريس ۾ آيو. چئي نہ ٿو سگهجي تہ اهو ڪڏهن شايع ٿيندو ۽ ڪيئن ڇپبو؟ اوهان جو ڪتاب بہ بلڪل تيار آهي. ڇپجي تہ ٻن ڏينھن ۾ تيار ٿي سگهي ٿو. بھر حال سنيھو اکين سان پھچائبو.
ناشاد صاحب وٽ اوهان لاءِ گهڻي عزت آهي. خاص ڪري سکر ۾ اوهان هن جي تائيد ۾ جيڪو ٺھراءُ پاس ڪرايو هو. ان بعد اوهان جي گهڻي اون رکي ٿو. آڳاٽو بہ اوهان جي ڪتاب لاءِ تبصري لاءِ کيس چيم تہ ها ڪئي هئائين. پر اوهان دلچسپي نہ ورتي. اوهين کيس مقالو موڪلي ڏيو. آءُ بہ هن کي چوندس. دلجاءِ ڪندا.
سنڌ جي معدنيات بابت ڪتاب مون کي نہ ٿو سونھي. البتہ مھراڻ يونيورسٽي ۾ ڪو پروفيسر هو، سال ڏيڍ ٿيو تہ سنڌ جي ايڪسپورٽ ٿيندڙ شين تي انگريزي ۾ ڪتابڙو لکيو هو. ان جي مھورت خورشيد شاھہ ڪئي هئي. مون ڪافي ڪوشش ڪئي، پر مون کي ڪتاب هٿ نہ اچي سگهيو. اهو همراه واقعي هاڻي سنڌ سرڪار ۾ وڏو آفيسر آهي.
ڪلھوڙن وارو سيمينار نومبر تائين ملتوي ٿي ويو آهي. آءُ انگريزي وارو شرط ڪڍرائيندس. ان بابت ڌڻين سان جهيڙو ڪبو. اوهين دلي تياري ڪيو.
مھراڻ جي ايندڙ پرچي ۾ ” اروڙ “ بابت منھنجو ليک اچي پيو. وري بہ گذارش آهي تہ نفيس صاحب کي اوهان بلاڌڙڪ ليک موڪليو. اوهان لاءِ کيس گهڻيون نيڪ تمنائون آهن. بلڪل تسلى ڪندا.
والسلام
هر صاحب کي سلام چوندا.

اوهان جو مخلص
غلام محمد لاکو

159

سنڌ نيشنل اڪيڊمي ٽرسٽ
پوسٽ باڪس نمبر 258 حيدرآباد ( سنڌ )
حيدرآباد
1995 – 7 – 3

برادرم محترم دادا سنڌي صاحب
اسلام عليڪم!
خدا ڪري اوهان ڏانھن خيريت هجي. اوهان کي هڪڙي زحمت ڏئي رهيو آهيان. اميد تہ نيڪي جي هن ڪم ۾ تعاون ڪرڻ فرمائيندا. هڪ اداري جي تعاون سان اسين سنڌي ۾ تبليغي نصاب ترجمو ڪري ڪمپيوٽر تي ڪمپوز ڪرائي شايع ڪري رهيا آهيون. مختلف حصا مختلف دوست ترجما ڪري رهيا آهن. ٽي حصا ترجمو ٿي چڪا آهن. ڪمپوز بہ ٿي چڪا آهن. هڪ حصو رهيل آهي. ڪتاب جو هرهڪ حصو ڌار ڪتاب وانگر شمار ٿيندو. جنھن ۾ منصف ۽ مترجم جو نالو پڻ ايندو. هن حصي جي ترجمي لاءِ ڊوڙي ڦري اوهان ڏانھن وڃي رهي آهي. ماشاءَﷲ اوهان جي يارن تعاون جي پيشڪش پڻ ڪئي آهي. ارجنٽ ڊاڪ ذريعي مواد رسال خدمت ڪري رهيو آهيان.
جيئن تہ ڪافي جلدي آهي، ان ڪري توقع آهي تہ اوهان وقت ڪم شروع ڪرڻ فرمائيندا. اميد تہ صورتحال واقف ڪرڻ فرمائيندا. ڪتاب جو هي حصو فضائل ذڪر تي مشتمل آهي.
خدا ڪري اوهان ڏانھن خيريت هجي.

والسلام
اوهان جو پنھنجو
محمد موسى ڀٽو

160

SEMINAR
“KALHORA GOVERNANCE ON SINDH”
1995
ORGANISING COMMITTEE
Karachi

04 – 07 – 1996

Mr. Kareem Bakhsh Soomro
( Dada Sindhi )
Subject Specialist
Govt. Higher Sec. School,
Ubauro.

Sub:- SEMINAR ON “ KALHORA RULE IN SINDH.

Ref:- Our last letter dated 16.1.1995 adressed to you in reference to you letter dated: 7. 1 . 1995.

The seminar will be inaugurated on 15th sept. 1996 and concluded on 16th sept , 96 in local hotel at Karachi. The exact venue of the seminar is under consideration and most probably it will be organized in one of the five star hotel at Karachi.
You are requested to you to kindly prepare your research paper and send its copy for scrutiny by the subject committee. You may also send you bio-data alongwith three pass port size photographs at an early date.
An early response will be highly appreciated.

Yakoob Ali Zardari
Secretory
Seminar Organizing Committee







161

سنڌ نيشنل اڪيڊمي ٽرسٽ
پوسٽ باڪس نمبر 258 حيدرآباد ( سنڌ )

حيدرآباد
1995 – 7 – 10

برادرم محترم دادا سنڌي صاحب
اسلام عليڪم! خدا ڪري اوهان ڏانھن خيريت هجي.
اوهان جو جون جو ڪتاب نامو مليو. اوهان جي ڪتاب لاءِ پڻ ياد دهاني ڪرڻ فرمائي آهي. چار پنج ڏينھن اڳ هڪ ڪتاب ارسال ڪري چڪو آهيان. جيئن تہ اسڪولن کي موڪل آهي. ان ڪري خطرو هو تہ شايد رجسٽري اوهان کي نہ ملي سگهي. ان ڪري برادرم عبدالقدير ڪاڃون کي خط لکي ڇڏيو هيم تہ اوهان کي معلومات ڪرڻ فرمائي.
اميد تہ مواد ملي چڪو هوندو. جيئن تہ اهو هڪ مڪمل ڪتاب آهي ۽ جلدي آڻڻ جو پروگرام آهي. ان ڪري اميد تہ ترجمي لاءِ جلد وقت ڪڍڻ فرمائيندا.
خط جي سلسلي ۾ عرض هي آهي تہ ٻن شمارن جا خط ڪافي گڏ ٿي ويا آهن. هن شماري ۾ اهي خط ڏيڻ ضروري آهن. ڪوشش ڪجي تہ توهان جو خط جو خلاصو اچي وڃي. اميد تہ ناراض نہ ٿيندا. تفصيلي خط ۽ ان جي جواب ۾ اهو بہ حجاب آهيان تہ قارئين هڪ کي ئي دوست هن رسالي ۾ ايڏي ڊگهي خط وڪتابت کي شايد پسند نہ ڪن.
اصل ۾ ئي پنھنجي جوابي خط ۾ جيڪي ڳالھيون لکيون آهن. اهي اوهان کي خطاب ڪندي نہ لکيون آهن. بلڪہ هن عاجز ضرورت محسوس ڪئي تہ ان موضوع تي ضرور لکيو وڃي. اوهان جي خط ان جو بھانو فراهم ڪيو . اسان جا ڪيترائي دوست ان موضوع تي منجهيل آهن. سندس توانايون غلط سمت ۾ مصروف رهيون آهن. انھن جي وضاحت لاءِ اهي نڪتا اڃان تفصيل سان اچڻ گهرجن. ترجمي جي باري ۾ اوهان جي جواب جو انتظار رهندو.
خدا ڪري اوهان خيريت سان هجو.

والسلام
اوهان جو
محمد موسى ڀٽو

162

سنڌ نيشنل اڪيڊمي ٽرسٽ
پوسٽ باڪس نمبر 258 حيدرآباد ( سنڌ )
حيدرآباد
1995 –09– 20

برادرم محترم دادا سنڌي صاحب
اسلام عليڪم! خدا ڪري اوهان ڏانھن خيريت هجي.
اوهان جو عنايت نامو ۽ مولانا امروٽي جي تحريڪن تي مشتمل مضمون مليو. مضمون نھايت معلوماتي ۽ تحقيقي آهي. اهڙو مضمون آهي جيڪو ڇپجڻ وٽان آهي. پر بيداري جيئن تہ تحقيق بيداري جو مقصد ناهي. پر ان جو دائروڪار جديد رخ ۾ نوجوانن جي رهنمائي ۽ ملت اسلاميہ جي باري ۾ ذهن سازي ۽ مذهبي طبقي کي دور جديد جي سکن ۽ خطرن کان واقف ڪرڻ آهي. هي اهي مقاصد آهن، جيڪي بيداري جي پيش نظر آهن. وقت نہ هجڻ سبب ان سلسلي ۾ وڌيڪ تفصيل لکڻ کان معذوري آهي. ڪوشش ڪبي گنجائش ٿي سگهي تہ مضمون شامل ڪبو. ٻي صورت ۾ پيشگي معذرت قبول ڪرڻ فرمائيندا.
مولانا عبدالقدوس صاحب ڏانھن رسالا موڪلجن ٿا ۽ مستقل طور اشاعتي رسالو موڪليو ويندو. محمد بن قاسم ۽ راجا ڏاهر وارو ڪتاب موڪلجي ٿو.

والسلام
اوهان جو
محمد موسى ڀٽو

163

دعوہ اڪيڊمي بين الاقوامي يونيورسٽي اسلام آباد
اسلام آباد
1995- 9 – 24

مڪرمي و محترمي جناب دادا صاحب
اسلام عليڪم!
اوهان جا ٽي خط منھنجي ذمي پيل آهن. جواب ڏيڻ ۾ ڪن اڻ ٽر مجبورين جي ڪري دير ٿي آهي. ان لاءِ معافي جو طلب گار آهيان. توهان جھڙي اديب ۽ علمي ۽ باغ بھار شخصيت کي بہ وقت سر جواب نہ لکڻ جو بھرحال منھنجي دل تي بہ بار آهي. ان لاءِ وري بہ گذارش آهي تہ درگزر فرمائيندا ۽ معافي ڏيندا.
دراصل منھنجي حوالي تربيت اٿم، ڪورس جو ڪم ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف عبدالوهاب مڱريو هتان ڇڏي ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ ليڪچرار ٿي ويو آهي. ان ڪري سنڌي شعبي ۾ جھڙوڪ ڪوبہ نہ آهي. ڏسجي تہ ڪڏهن ٿو جوڳو بندوبست ٿئي.
توهان جو ترجمو ( المرتضى ) ڪجهہ پڙهيم. الحمدﷲ بھترين ترجمو آهي. ان ۾ رواني، سلاست ۽ شيريني پڻ موجود آهي. هاڻي دعا ڪريو تہ ڇپجڻ جو وارو اچي وڃي.
هڪ ٻيو اهم ڪتاب ترجمي لاءِ ڊي جي منظور ڪيو آهي. اهو سگهو ئي موڪليندس. اميد تہ ترجمو ڪندا. شايد اهو ڪتاب المرتضى کان بہ اڳ ۾ ڇپجي وڃي.
ڪي نوان سنڌي ڪتاب ڇپجي آيا آهن. ڪوشش ڪندس تہ اهي ذخيم هديو ڪري موڪليان.
سائين اڪيلي سر آهيان. تربيت اٿم ڪورس جي ذميواري، پڙهائڻ ۽ سنڌي جو ڪم سڀ اڪيلي سر ڪرڻا پون ٿا. ان ڪري بروقت ڪم نہ ٿو ٿئي.

احباب کي سلام ۽ دعائون.
والسلام
اوهان جو
اميرالدين مھر

164

چڪ
1995 – 12 – 5

اسلام علڪيم!
سائين حق موجود

عرض تہ مان ۽ غلام محمد غازي جو توهان وٽ اچڻ ٿيو. پر بدقسمتي سان توهان موجود نہ هئا. هن کان اڳ اوهان ڏانھن خط لکيو هو.
بھرحال سائين عرض هي آهي تہ اسان ” غلام محمد غازي ۽ گوهر سنڌي “ جن سان 1995 – 12 – 14 تي هاءِ اسڪول چڪ ۾ شام ملھائي رهيا آهيون. اوهان کي مقالن جي صدارت ڪرڻي آهي. ڪارڊ اوهان کي پوسٽ جي ذريعي ملي ويندو. پيشگي اطلاع اوهان کي ڏجي ٿو. اميد اٿم تہ مايوس نہ ڪندا ۽ غازي جي شاعري تي مقالو لکڻ جي ڪوشش ڪندا. سرڪش سنڌي، وسيم سومرو، ادل ۽ ٻيا ڪافي دوست ايندا.
مھرباني
خادم
رحيم داد راهي سومرو

165

سکر
1995 – 12 – 11

مانوارا سائين دادا سنڌي
اسلام عليڪم!

سنڌ جي سرتاج شاعر سنڌي ٻولي جي محسن حضرت شاھہ عبداللطيف ڀٽائي جا سنڌ تي لک لائق ۽ احسان آهن، جو سڄي سنڌ جو دورو ڪري اسان کي پنھنجو رسالو پيغام جي حيثيت سان ڏنو آهي.
حضرت شاھہ عبداللطيف ڀٽائي جي اتر ۾ سير وسفر بابت هڪ ڪتاب ” اتر ۾ ڀٽائي جا تڪيا “ جي عنوان سان لکڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم، اميد تہ پروردگار ڪاميابي نصيب ڪندو.
جيئن تہ اوهان سڃاڻ، اديب، شاعر ۽ دانشور آهيو، ان ڪري ان سلسلي ۾ اوهان کي نماڻي گذارش آهي تہ جيڪڏهن اوهان جي ڳوٺ، وانڍ، شھر يا تعلقي جي اندر ڪٿي ڪو ” ڀٽائي جو تڪيو “، ” ڀٽائي جو لوڙهو “ يا ” ڀٽائي جو اوتارو “ هجي يا توهان کي ڪابہ معلومات هجي تہ ان متعلق اوهان قرب ڪري اهڙو ڏس ڏيندا تہ جيئن اتي پھچي اوهان جي مدد سان بنيادي معلومات حاصل ڪري سگهجي. فوٽو ڪڍرائي سگهجن ۽ بزرگن جا انٽرويو رڪارڊ ڪري سگهجن.
هن ادبي ڪم ۾ اوهان جي سھڪار لاءِ مان اوهان جو ٿورائتو رهندس.
دعاگو
ابڙو نصرت حسين پيراڻي
ڊائريڪٽر انفارميشن
سکر ڊويزن، ايٽ سکر

1996

166

ڏهرڪي
1996 – 10 – 9

محترم و مڪرم جناب دادا سنڌي صاحب
اسلام عليڪم!

خوش هجو شال. شل امرجيون ماڻيو. جيئن تہ آئون هت خيريت سان آهيان ۽ اوهان جي خيريت لاءِ ڌڻي در دعاگو آهيان. آمين.
احوال ٻيو سڀ خير! ادي اصغر علي صاحب کي ٽائيم ٻڌائيندا تہ جيئن آءُ اوهان سان ملي سگهان. مون کي اوهان جي خيريت معلوم ڪرڻي آهي. چڱو سائين ساٿ سلامت.

اوهان جو فرمانبردار شاگرد
منظور احمد ڀٽو

1997

167

دعوہ اڪيڊمي بين الاقوامي يونيورسٽي اسلام آباد
اسلام آباد
1997- 6 – 03

مڪرمي و محترمي جناب دادا صاحب
اسلام عليڪم! اوهان جو خط پھتو، چونڪه آءُ حج بيت ﷲ جي سعادت حاصل ڪرڻ لاءِ ويل هئس. ان لاءِ جواب ۾ تاخير ٿي. خط پڙهي اوهان جي حالات کان آگاهي حاصل ٿي. منھنجي ﷲ تعالى کان دعا آهي تہ اوهان کي شفا عطا ڪري ۽ اوهان جي صحت ٺيڪ ٿئي.
اوهان ڪتابن بابت پڇيو آهي. ان لاءِ اوهان جو ڪتاب ” اسلامي بيداري “ شعبہ مطلوبات ۾ رکيل آهي ۽ جڏهن ٻيا سنڌي جا ڪتاب ڇپيا تہ اهو ڪتاب بہ ڇپجي ويندو. باقي علي المرتضى جو مسودو پيل آهي. ان لاءِ گذارش آهي تہ ان ڪتاب کان اڳ بہ اسان وٽ ڪيئي ڪتاب پيل آهن. ان لاءِ نمبر اچڻ تي ان جي طباعت کي بہ ممڪن بنائيندا سين.
اوهان اسلامي ڪتابن موڪلڻ بابت لکيو آهي. سو اسان توهان ڏانھن اڪيڊمي جا ڪجهہ سنڌي ڪتاب ارسال ڪري رهيا آهيون. اهي ملڻ شرط آگاھہ ڪندا تہ بھتر ٿيندو. جڏهن اوهان لاءِ ڪو ترجمي يا نظرثاني جو ڪم نڪتو تہ ضرور ياد ڪنداسين. في الحال تہ ڪم رڪيل آهي.
ﷲ تعالى کان دعا آهي تہ اوهان جلد صحتياب ٿيو. سلام دوست احباب کي ڏيندا.

والسلام
اميرالدين مھر
اسٽنٽ پروفيسر دعوہ اڪيڊمي
اسلام آباد

168

دعوہ اڪيڊمي بين الاقوامي يونيورسٽي اسلام آباد
اسلام آباد
1997- 7 – 30

مڪرمي و محترمي جناب دادا صاحب
اسلام عليڪم و رحمتہ ﷲ وبرڪاته

مزاج گرامي بخير وعافيت هوندا. آمين. المقصد اوهان جو نوازش نامو مليو. پڙهي دل خوش ٿي. جواب حاضر خدمت آهي. ﷲ تعالى کان دعا آهي تہ اوهان جلد صحتياب ٿيو. اوهان ڏانھن اڪيڊمي طرفان موڪليل ڪتاب اٻاوڙي گورنمينٽ هاءِ اسڪول جي ائڊريس تي موڪليا ويا آهن. اوهان جاچ ڪريو اميد تہ ملي ويندا.
ٻيو عرض تہ اوهان جيڪي ڪتاب گهُريا آهن. اهي انشاءَ ﷲ موقعي مناسبت سان ارسال ڪبا. وڌيڪ خيريت . دعائن ۾ ياد رکندا.

والسلام
امير الدين مھر
اسٽنٽ پروفيسر دعوہ اڪيڊمي
اسلام آباد