لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

جديد سنڌي ناول جو تجزيو

هوش محمد ڀٽي هڪ نفسياتي ماهر جيان سنڌي ادب جي فڪري پھلو تي چڱي دسترس رکي ٿو. ھن ڪتاب ۾ مختلف ليکڪن جي ناولن تي سندس تنقيدي ۽ تفصيلي جائزا ڏنل آھن. ھوش ڀٽيءَ ھن ڪتاب ۾ 28 سنڌي ناولن سميت ھڪ اردو ۽ ترجمو ٿيل ناولن کي تجزيي ھيٺ آندو آھي، پر ان کي بہ سنڌي ناول جي پڙھت جي تسلسل واري شاھوڪاري ۾ شمار ڪبو. ھوش محمد ڀٽي جو ھيءُ ڪتاب سنڌي ناول بابت ھڪ ريڊنگ ڊسڪورس آھي. جنھن ۾ ھن سنڌي ناول ۾ موجود تحليل نفسيءَ جھڙن محرڪن ۽ سريئلزم جھڙين اظھار جي ادبي ٽيڪنيس سان سنڌي ناول جي اوک ڊوک ڪئي آھي.

  • 4.5/5.0
  • 98
  • 25
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book Jadeed Sindhi Novel Jo Tajzio

سڀ حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ

ڪتاب جو نالو : جديد سنڌي ناول جو تجزيو
موضوع : ادبي تنقيد/تحقيق
ليکڪ/محقق : هوش محمد ڀٽي
ڪمپوزنگ : سڦلتا ڪمپوزرس ۽ پرنٽرس
ٽائيٽل ڊزائين : پرڪاش ڪرماڻي
سال/ ڇاپو : 2024ع پھريون/ فيبروري
ڇپائيندڙ : سڦلتا پبليڪيشن، حيدرآباد
ڪتاب نمبر : 86
رابطو : 03333788478
اي ميل : safalta.mag@gmail.com

ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
sindhsalamat.com
2025ع

Jadeed Sindhi Novel Jo Tajzio
(Critical Analysis)
By: Hosh Muhammad Bhatti
Email hosh6292@yahoo.com
Year: 2024
Published by: Saphalta Publication Hyderabad

ISBN: 978-627-7627-35-5

ارپنا

سياسي سماجي، تاريخي ۽ ادبي نقاد
پروفيسر ڊاڪٽر غفور ميمڻ
جي نالي...


هوش محمد ڀٽي

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار ھوش محمد ڀٽيءَ جي لکيل ادبي تنقيد تي مشتمل ڪتاب ”جديد سنڌي ناول جو تجزيو“ اوھان اڳيان پيش آهي.
هوش محمد ڀٽي هڪ نفسياتي ماهر جيان سنڌي ادب جي فڪري پھلو تي چڱي دسترس رکي ٿو. ھن ڪتاب ۾ مختلف ليکڪن جي ناولن تي سندس تنقيدي ۽ تفصيلي جائزا ڏنل آھن. ھوش ڀٽيءَ ھن ڪتاب ۾ 28 سنڌي ناولن سميت ھڪ اردو ۽ ترجمو ٿيل ناولن کي تجزيي ھيٺ آندو آھي، پر ان کي بہ سنڌي ناول جي پڙھت جي تسلسل واري شاھوڪاري ۾ شمار ڪبو. ھوش محمد ڀٽي جو ھيءُ ڪتاب سنڌي ناول بابت ھڪ ريڊنگ ڊسڪورس آھي. جنھن ۾ ھن سنڌي ناول ۾ موجود تحليل نفسيءَ جھڙن محرڪن ۽ سريئلزم جھڙين اظھار جي ادبي ٽيڪنيس سان سنڌي ناول جي اوک ڊوک ڪئي آھي.
ھي ڪتاب 2024ع ۾ سڦلتا پبليڪيشن حيدرآباد پاران ڇپايو ويو آھي. ٿورائتا آھيون ھوش محمد ڀٽيءَ جا جنھن ھي ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

ٻہ اکر

سنڌي ناول جو فڪشن وارو تناظر، سنڌي ناول جي متن جي ڪليت ـ سنڌي ناول جي نفسياتي مابعد نفسياتي، شعوري، داخلي، رومانوي وجودي، احساساتي ڌارائن جو حسيتي انڪشاف

سنڌي ناول جا اھي متني محرڪات نون لساني رشتن سان معني انگيزي وارو تنوع، اھو سڀ ڪجهہ ھڪ امڪان جي صورت ۾ موجود آھي. سنڌي ناول کي جيئن جيئن علمي پڙھتون ميسر ٿينديون وينديون، سنڌي ناول پنھنجي ٻولي اسلوب ٽيڪنيڪس سميت نيرٽو جا نوان رستا ڳوليندو ويندو.

سنڌي ناول جو ريڊنگ ڊسڪورس جيئن جيئن جديد علمي نفسياتي لساني مباحثن وارو ٿيندو ويندو. سنڌي ناول پنھنجي اندر جو جوھر اظھاريندو ويندو ڇو تہ معنا جي جڙت ھينئر مسلسل عمل آھي، اھو طئہ شده نقطو ناھي رھيو. ان ڪري سنڌي ناول ۾ ڪيترائي ادبي صورتحال جا امڪان اڻ ڏٺل تصوراتي وسعتون پنھنجي مظھريت جون منتظر آھن.
ھن وقت سنڌي ناول کي ھڪ مٿين محرڪن تي آڌاريل ريڊنگ ڊسڪورس جي اشد ضروت آھي. ان سلسلي ۾ اسان جو پيارو دوست ھوش محمد ڀٽي سنڌي ناول جي پڙھت جو مڪالمو کڻي ”جديد سنڌي ناول جو تجزيو” (سنڌي ناول جي اوک ڊوک) سان ظاھر ٿيو آھي.
ھن ڪتاب ۾ ھن سنڌي ناول سميت ھڪ اردو ۽ ترجمو ٿيل ناولن کي پڻ تجزيي ھيٺ آندو آھي، پر ان کي بہ سنڌي ناول جي پڙھت جي تسلسل واري شاھوڪاري ۾ شمار ڪبو.
ھوش محمد ڀٽي جو ھيءُ ڪتاب سنڌي ناول بابت ھڪ ريڊنگ ڊسڪورس ضرور آھي. جنھن ۾ ھن سنڌي ناول ۾ موجود تحليل نفسيءَ جھڙن محرڪن ۽ سريئلزم جھڙين اظھار جي ادبي ٽيڪنيس سان سنڌي ناول جي اوک ڊوک ڪئي آھي.
ھن ڪتاب جي تنقيدي اھميت ضرور آھي، ڇو تہ موجود وقت ۾ سنڌي ناول تي تجزياتي مواد تہ گهڻو ملي ٿو پر تنقيدي مواد نہ ھجڻ جي برابر آھي. ان سلسلي ۾ ھي ڪتاب سنڌي ناول تي ھڪ انتقادي اڳڀرائي ضرور آھي.
ھي ڪتاب سنڌي ناول جي ريڊر، سنڌي ناول جي نقاد کي سنڌي ناول بابت ڪا جوڳي راءِ رکڻ بابت بہ مددگار ٿي سگهي ٿو. سنڌي ناول بابت پڙھت جو ھي مڪالمو ريڊنگ ڊسڪورس علمي ضرور آھي. اڃان بہ سنڌي ناول جي ريڊنگ ڊسڪورس کي گهڻ رخي ڪرڻ جي ضرورت محسوس ٿئي ٿي. پر پوءِ بہ سنڌي ناول کي تنقيدي ادب ۾ ڪجهہ نئون زاويو ملڻ تي ليکڪ جي ھن “اوک ڊوک” جي آجيان ڪجي ٿي.


خادم بالادي
_ مورو

امر اقبال جو رايو

ناول لکڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آھي. ائين بہ آھي تہ ھي ناول جو دؤر آھي. سموري دنيا ۾ ناول جو ٻول بالا لڳو پيو آھي.
ھوش محمد ڀٽيءَ ھڪ طرف ناول لکڻ جو ڏکيو ڪم ڪيو آھي تہ ٻي طرف ناول متعلق ھي اڀياسي قسم جو ڪم ڪري، ھڪ ٻي سنجيدہ وک کنئين آھي. پاڻ وٽ تنقيدي ڪم جو مقدار بہ گهڻو ڪونہ آھي. اھڙي صورتحال ۾ جديد سنڌي ناول جي موضوعن، فن ۽ تجربن متعلق، ھوش محمد ڀٽيءَ جا ھي ليک يقينن اھميت لھڻن.
ھوش محمد ڀٽيءَ مختلف ليکڪن جي، مختلف وقتن ۾، مختلف موضوعن تي لکيل ناولن کي پنھنجي اڀياسي اک ۾ آڻي، جديد سنڌي ناول کي پرکڻ جي پنڌ ۾ اھم وک کنئين آھي. سندس ھي ڪتاب جديد سنڌي ناول جي وڌيڪ اؤک ڊؤک واري سفر ۾ ھڪ قسم جو بنياد فراهم ڪرڻ وارو ڪم بہ ڪندو.
تنقيد ذميواريءَ وارو ڪم ھوندو آھي. ھن ڪم ۾ ليکڪ جي جذباتيت سندس مؤقف کي ڌڪي بہ وجهندي آھي. ھوش محمد ڀٽي اھڙي ڪنھن بہ جذباتيت جي ور نبي ٿو چڙهي. اھا سندس سليقي ۽ سمجهداريءَ جي نشاني آھي. ھنن لکڻين جي حوالي سان ڪي اختلاف بہ ضرور سامھون ايندا، ۽ مان سمجهان ٿو تہ اھي ئي ھن ڪم جي سڦلتا جو سبب بڻجندا.

امراقبال

ڪٽ نہ لڳين ڪڏهين

لينن ۽ ان جي زال ڪروپسڪيا شاديءَ کان پوءِ ٻيڙيءَ ۾ سير ڪري رهيا هئا تہ ڳالھيون ڪندي، لينن چيو، “نٽ هئمسن جو بک ناول مون کي ڏاڍو وڻندو آهي.” ان تي ڪروپسڪيا چيو “پر نٽ هئمسن تہ ڪيترائي ناول لکيا آهن، توکي فقط “بک” ڇو وڻندو آهي؟” جنھن تي لينن چڙي جواب ڏنو، “ائين ڇو آهي تہ توکي نٽ هئمسن جا ٻيا سڀ ناول وڻندا آهن، رڳو بک ئي نہ وڻندو آهي؟”
مٿي ڳالھہ مون ان لاءِ لکي تہ سنڌي اديبن کي بہ دنيا جي سڀني ٻولين جا سڀ ناول وڻندا آهن، عجيب وغريب ڪھاڻين وارا بنا چس وارا ناول بہ پڙهي ويندا آهن پر سنڌي ناول پڙهڻ لاءِ کڻندا آهن تہ ڪا چڱائي جي اميد انھن مان نہ ٿي رکي سگهجي، پوءِ اچي ڇتي ڪوري واري ڊيگهه ڪندا. آئون چوندو آهيان تہ سنڌي ناول ۾ جاندار موضوع آهن، ڪھاڻي بہ ڪمال جي رکن ٿا پر انھن کي گهڻ رخي نظر ۽ زاويي جي ضرورت آهي. تنقيد نوان زاويا ۽ نئين راھہ متعين ڪرڻ آهي. پر هتي سنڌي ناول تي فارمولا تنقيد تحت نقطه چيني ٿي رهي آهي. سنڌي ناول جيترو بہ لکيو ويندو ان سان انھيءَ ۾ جان ايندي ۽ نوان رجحان پيدا ٿيندا. پر هتي ناول لکڻ تي بہ عجيب قسم جي هاءِ گهوڙا ڪئي ٿي وڃي.
محمد اسماعيل عرساڻي موجب: “جھڙي طرح گندي شعر لکڻ ڪري ادب کي گندو ڪيو وڃي ٿو، ساڳيءَ طرح گنديءَ ناول نويسيءَ مان بہ ادب کي گهڻو دوکو رسي ٿو.” (1)
گندي شاعريءَ کي اڄ تائين ڪوئي ياد نہ ٿو ڪري، گنديءَ مان مراد غير معياري آهي. ائين غيرمعياري ناولن کي بہ ڪوئي ياد ڪو نہ ڪندو ۽ اهي ليکي ۾ ئي نہ ايندا. منھنجي اها راءِ آهي تہ گندو ناول ان ڪري ٿو مارڪيٽ اچي ڇو تہ ان جا ايڊيٽر ناهن، جيڪڏهن ايڊيٽر هجن تہ ناول گهڻا پاليش ٿي وڃن، سنورجي ۽ بھتر ٿي اچن. ان سان انھن جو معيار بہ وڌندو.
سنڌي ناول ۾ ايڊيٽنگ جا تمام وڏا بلانڊرس/گهپلا آهن، وڏا وڏا ناول نگار سالن پڄاڻان ناول ڇپائي مارڪيٽ ۾ آڻن ٿا پر انھن ۾ هڪ ئي ڪردار ٻہ ٻہ ناول هجڻ ڪري پڙهندڙ وائڙو ٿي وڃي ٿو تہ هي ڇا ماجرا آهي. اهِڙو مثال “بي رنگ” ناول ۾ بہ آهي تہ هائپرسومنيا ۾ “کيس ۽ سندس” ايترا دفعا لکيل آهي جو ائين ٿو لڳي رڳو ناول انھن ئي لفظن سان ڀريو ويو آهي.
جيڪي بہ سنڌي ناول مارڪيٽ ۾ اچي رهيا آهن اهي موبائيل تي ڪمپوز ڪري، ڪمپيوٽر تي لاهي سڌو ڇپائي جي لاءِ موڪليا وڃن ٿا. جڏهن تہ انھن جي ايڊيٽنگ وارو مرحلو طئي نہ ٿو ڪيو وڃي. جنھن سان پڙهندڙ ڀوڳي ٿو. تازو “ڪتاب دشمن ناول” آيو، اهو سڄو ناول بہ مون کي موبائيل تي لکيل لڳو ۽ ناول ۾ رڳو ڪاما آهن، مڪالمن کي واڪ جي نشانين ۾ نہ لکيو ويو آهي. ضروري جاين تي بيهڪ جي نشانين جي کوٽ آهي. مطلب تہ ان ۾ ايڊيٽنگ جا انيڪ سارا مسئلا هئا.
سنڌي ناول ۾ ڪردار نگاري بہ هڪ وڏو معاملو رهيو آهي. اڪثر نڌي ناولن جا مک ڪردار يا تہ ليکڪ هوندو آهي يا ادب دوست. پر تمام ٿورڙا سنڌي ناول آهن جن جا مک ڪردار رائيٽر ناهن. ضروري ڪونھي تہ هر ناول جو مک ڪردار رائيٽر هجي. سڀ ڪردار هڪ جھڙي ٻوليءَ، لھجو ۽ سوچ رکندڙ آهن. جنھن سان بہ ناول جي سونھن متاثر ٿئي ٿي.
محمد اسماعيل عرساڻي مطابق: “هڪ ئي ۾ ساڳيو ئي ڪردار متضاد عادتن وارو نہ هوندو آهي، ڇاڪاڻ جو ڪو بہ انسان يڪ وقت ايماندار ۽ بي ايمان، ظالم ۽ همدرد ٿي نہ ٿو سگهي.” (2)
عرساڻي صاحب جي ان ڳالھہ وارو معاملو بہ اڄوڪي جديد دؤر جي سنڌي ناول سان وڌيڪ آهي، عادت ڪا هڪ ٿي سگهي ٿي. جئين عرساڻي جي حوالي ۾ آهي ٻہ ٻہ مخالف عادتون نہ هونديون آهن.
آءٌ سمجهان ٿو جيڪڏهن ايڊيٽر ڏسي تہ اهو نقص بہ سنڌي ناول مان نڪري ويندو.
سنڌي ۾ ناول جا تمام سٺا ايڊيٽرس آهن جيئن: اڪبر لغاري، علي آڪاش، مينر چانڊيو، ڪليم ٻٽ، عظيم رونجهو، اظھر نوناري، ممتاز بخاري، ثقلين دادن لاشاري، نور نبي راهوجو، نور جوڻيجو، ننگر چنو، امر لغاري، خليق ٻگهيو، راقم الحروف ۽ ٻيا جيڪي دلچسپي وٺن تہ سنڌي ناول جي ايڊيٽنگ جا اهم ترين مسئلا ختم ٿي سگهن ٿا جھڙوڪ: گرامر، بيهڪ جون نشانيون، مڪالما، سيرنگاري، گهاڙيٽا، جزئيات نگاري، زمان مڪان.
سيرت نگاري جي باري ۾ محمد اسماعيل عرساڻي لکي ٿو تہ؛ “سيرت نگاريءَ جا ٻہ طريقا آهن: پھريون اداڪارن جي گفتگو مان ظاهر ڪرڻ. ٻيو: مصنف جي قلم مان.” (3)
سنڌي ناول ۾ بيان ڪرڻ جو مسئلو بہ آهي جنھن کي مٿئين عرساڻي صاحب جي حوالي جي روشنيءَ ۾ ڏسي سگهجي ٿو. سنڌي ناول نگار سيرت نگاريءَ ۾ چڪ کائي وڃن ٿا.

سنڌي ۾ ناول ايڊيٽر جون گهرجون ۽ مھارتون
ايڊيٽر ڪنھن بہ ليکڪ جو ساٿي هوندو آهي ۽ مختلف ملڪن ۾ ايڊيٽرن کي پئسا ڏئي ڪم ورتو وڃي ٿو. ايڊيٽر اهو ڪم ڪري ٿو جيڪو ليکڪ کان رهجي وڃي ٿو. ايڊيٽر جو ڪم ليکڪ ٿيڻ نہ هوندو آهي پر سٺا ليکڪ ٺاهڻ هوندو آهي. اهو ڪم هتي سنڌيءَ ۾ بہ وڏي وقت کان هلندڙ آهي ان کي ظاهري ۽ پروفيشنلي نہ ٿو ورتو وڃي. ايڊيٽر ائين هوندو آهي تہ هُو ليکڪ جي ڪم کي ايمانداريءَ سان ڏسندو آهي.
هتي ڪجهہ ايڊيٽرس جي گُڻن/ڪمن تي ڳالھايون ٿا:
• تخليق جي باري مڪمل خبر هجي تہ ڇا تي ڪم ڪرڻو آهي:
ايڊيٽر جي اڳيان پيل ڪنھن بہ مسودي جي مسئلن جي باري ۾ ڄاڻ هجڻ گهڻي لازمي آهي تہ هن کي ڇا تي ڪم ڪرڻو آهي، ڇا ٻوليءَ جي بناوت تي ڪم ڪرڻو آهي؟ ڇا پروفنگ جي چُڪن کي درست ڪرڻو آهي؟ ڪردار نگاري جي جهول کي ڏسڻو آهي؟ هڪ سٺو ايڊيٽر سڀني ليولس تي لھي ڪم ڪندو آهي. سٺو ايڊيٽر سڄي مسودي کي غور سان اڀياس ڪري، ڪٿي ڪھڙا جهول آهن انھن جي نشاندهي ڪندو آهي. صلاحون ڏيندو آهي ۽ بھتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي تہ جئين اها لکت چڪن کان آجي ٿئي.
• ايڊيٽر کي وسيع ڄاڻ ۽ ان کي وڌائڻ جي اهميت بابت معلوم هجي:
ڪجهہ ماڻھو رڳو ايڊيٽ ڪندا آهن جيئن سافٽ ويئر ايڊيٽنگ. ميڊيڪل يا انجنيئرنگ جا پيپرس.
ان کان وڌيڪ ايڊيٽرس سياست ۽ بزنس تي مسودن کي يا ان کان بہ وڌيڪ جدا جدا موضوعن تي ڪتابن کي ڏسن ٿا تہ جيئن مواد پڙهندڙن جي لاءِ سمجهہ جوڳو ٿئي. ايڊيٽر انھيءَ سڄي مواد کي وڏي مھارت سان پنھنجي ياري دوستيءَ کان هٽي ڪري ڏسي ٿو ايڊيٽ ڪري ٿو. تجربي ڪار ايڊيٽر مضمون جي ٽڪرن کي پڙهي درستگيون ڪري ٿو.
• ايڊيٽر جو ليکڪ جي نفسيات کي سمجهڻ:
ليکڪن کي پاٻوھہ، همدردي، ايمانداري ۽ ڇتي نگاھہ جي کپندي آهي. هڪ سٺو ليکڪ اناپرست يا اٻھرو نہ هوندو آهي. ايڊيٽر ان ڪي صلاحيتن کي تسليم ڪندي ليکڪ کي هاڪاري بھتري/ايڊيٽنگ ڪندو آهي تہ جنھن سان ليکڪ جي لکڻي شاندار ٿئي ۽ ان ۾ سگهه پيدا ٿئي.
• ايڊيٽر کي ليکڪ جي احترام ڪرڻ گهرجي:
ايڊيٽر کي ليکڪ جي خيالن ۽ وقت جو احساس/احترام ڪرڻ گهرجي بجاءِ اجائي تنقيد جي هڪ ايڊيٽر طور ان جي تعمير ڪرڻ گهرجي.
• ليکڪن کي درست بنائڻ نہ ڪي رڳو مسودو:
عام قسم جا ايڊيٽر رڳو مسودا سڌاريندا آهن. پر هڪ وڏو ايڊيٽر ليکڪ جي ٽيڪنڪ ۾ اوڻاين کي ٺيڪ ڪندو آهي. ايڊيٽر جي ايڊيٽنگ مھارت سان ليکڪ وڌيڪ موقعو ملندو آهي پنھنجي لکڻي کي سڌارڻ ۽ سنوارڻ جو.
• ايڊيٽر صلاحن ۽ خيالن ۾ آزاد هجي:
عام قسم جا ايڊيٽر صرف لفظن کي ڏسندا آهن. پر اعليٰ قسم جا ايڊيٽر تخيل ۽ نظريي کي بہ بحث هيٺ آڻي درست رخ پيش ڪندا آهن. ليکڪ خيال کي ڪھڙي پسمنظر ۾ پيش ڪري ٿو آيا اهو ٺيڪ آهي عام طور تي يا نہ ايڊيٽر ان پئمانا بہ بھتر ڪري ٿو.
• ايڊيٽر مختلف گهاڙيٽا/بناوٽ جوڙي ٿو:
ايڊيٽر ڪنھن بہ مسودي ۾ لفظن يا گرامر ۾ فعلن، ضمير يا حرف جر جي استعمال جوڙجڪ ۽ بناوٽ کي نواڻ آڻي ۽ ورجاءُ کي ختم ڪري ٿو. جنھن ڪري بہ ليکڪ جي لکت جو نئون دڳ متعين ٿيئي ٿو.
• لفظن جي شاعراڻي چس کي ۽ افاديت کي سمجهڻ:
لفظ پڙهندڙ جي ذهن ۾ آواز ڪندا آهن احساس جوڙيندا آهن، روئاريندا ۽ کلائيندا آهن. هڪ قابل ليکڪ ننڍا ۽ وڏا جملا، مڪالما، تجريدي استعارا، تشبيھون ۽ بيهڪ جي نشانين سان پڙهندڙ ۾ هڪ قسم جي موسيقيت پيدا ڪندو آهي. ورجاءُ يا تہ ٽيڪنڪي ٿي سگهي ٿي يا غلطي اهو مواد تي دارومدار رکي ٿو. جڏهن ايڊيٽر انھيءَ کي سھڻي نموني سان ايڊيٽ ڪري ٿو تہ ان جو معيار اڃا بہ وڌي وڃي ٿو.
• ايڊيٽر کي ٻوليءَ جي قاعدن جي مڪمل ڄاڻ:
سنڌيءَ ۾ ناول يا ڪھاڻي کان علاوہ جيڪي بہ ڪتاب ڇپجن ٿا ان ۾ ضميرن، حرف جملي ائين کڻي چئجي جي ڳالھائڻ جي لفظن جي درست استعمال جي لاءِ ايڊيٽنگ ۽ ايڊيٽر هجڻ لازمي آهي. ان کان علاوہ بيهڪ جو نشانيون جيڪي پڻ لکڻي جي حسن جي لاءِ تمام گهڻيون ضروري آهن. سندس، کيس، تہ يا ٻين لفظن جي رکڻ جي ڄاڻ گهٽ هجڻ ڪري ڪتابن ۾ تمام وڏا مونجهارا جنم وٺي رهيا آهن ان لاءِ ايڊيٽر جي گهرج وڌندي پئي وڃي. لغت جي مھارت ٻوليءَ ايڊيٽر سان گڏ جنرل ايڊيٽر کي بہ هجڻ لازمي آهي. جنھن سان مسودو چٽو ۽ غلطين کان پڪ بڻجي ٿو. ان جي ڄاڻ ٻنھي ليکڪ ۽ ايڊيٽر کي بنھہ هجڻ لازمي آهي. جيڪڏهن انھن شين تي اڄوڪي دؤر ۾ سوشل ميڊيا يا ڪٿي ڪو طنزيہ/ٽوڪيا ڪو رايو سامھون اچي ٿو تہ سموري تخليق ۾ لڙهي وڃي ٿي. منھنجي خيال ۾ ليکڪ ۽ ايڊيٽر ملي ڪري اهڙا ڪتاب پيش ڪرڻ گهرجن جن سان پڙهندڙ کي آساني ۽ لطف اچي نہ ڪي ڪاوڙ.
• ايڊيٽر کي ليکڪ جي آواز کي قائم رکڻ:
وڏا ايڊيٽر ليکڪ جي اصلي آواز جيئن جو تيئن برقرار رکندا آهن نڪي ليکڪ جي نقل ڪاپي ٿيندا آهن. قابل ايڊيٽر جو ڪم مسودي جي سنوار ۽ ليکڪ جي لکڻي جي روح سگهارو ڪرڻ هوندو آهي.
• تيز تر يا وقت تي ڪم اڪلائڻ:
جيڪڏهن ايڊيٽر وقت تي ڪم کي اڪلائي ڏئي ٿو. ان مسودي ۽ ليکڪ جي وقت سر پذيرائي ٿئي ٿي، ڪتاب وقت سر بھترين نموني اچڻ سان مقبوليت ادبي حلقن ۾ وڌي ٿي.
ايڊيٽرن کي ليکڪن سان گڏ ڪم ڪرڻ گهرجي ۽ ليکڪن کي ايڊيٽرن سان لھہ وچڙ ۾ اچڻ گهرجي، ڪيترائي ليکڪ ائين سوچين ٿا تہ ايڊيٽر کان ڪم ڪرائڻ ۾ ماڻھو گهٽ ٿي ويندو. پر ان سان شيون معياري ۽ بنا نقص جي ٿي وڃن ٿيون.
سنڌي ناولي جي دنيا وسيع ٿي رهي آهي ان تي ڊسڪورس بہ تيز ٿي رهيو آهي. نوان ناول نگار پيدا ٿي رهيا آهن. جيڪي سٺو بہ لکي رهيا آهن ظاهر آهي تہ شروعاتي لکڻي ۽ عمر جي تقاضا موجب اها ايڏي وڏي شاهڪار تہ نہ هوندي پر ڪنھن حد تائين ان ۾ ڪا تہ ليکڪ جي هڪ اڌ سٺائي هوندي پر اسان جي نقاد کي صرف پنھنجي پسند ناپسند موجب شين کي پرکڻو آهي. ڪجهہ ليکڪن کي اهو اعتراض بہ آهي تہ ذاتي خيال لکي ان کي ناول جو نالو ڏنو وڃي ٿو. او منھنجا نام نھاد نقاد! دنيا جو سمورو ادب ذاتيات جي پيداوار آهي. دوستو وسڪي ناول ۾ پاڻ ڪردار طور موجود آهي تہ ڪم هلي ٿو وڃي پر جي سنڌي ناول نگار پنھنجا ذاتي تجربا ناول ۾ وڌا تہ اهو ناول ناهي.
ٻيو تہ پوسٽ ماڊرن دؤر ۾ ڪھاڻي جي ڪا اهميت ئي نہ رهي آهي رڳو بيانو اهميت اختيار ڪري ويو آهي. پوسٽ ماڊرن دؤر جي فڪشن رائيٽرس ڪھاڻي سان وڏي جٺ ڪئي آهي.

هوش محمد ڀٽي


حوالا:

1. عرساڻي، محمد اسماعيل، چار مقالا، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ، 2017ع، ص_17
2. ساڳيو، ص_48
3. ساڳيو، ص_ 14

2020ع کان 2024ع تائين ڇپيل سنڌي ناول

2020ع ۾ ڇپيل سنڌي ناولن جو وچور

1. اڌ ڏکوئي آھيان، بانو محبوب
2. طريقت جو سج، منظور ڪوهيار
3. جرڪندڙ جسم اداس راتيون، ابراهيم کرل
4. يادن کي الوداع ستار رند
5. ڪجلا سر اجمير ڀٽو
6. آمري محمد يوسف جويو
7. منڇر، منظور ٿهيم
8. ڀٽڪيل ماڻھو، امر ثنا
9. نئون ماڻھو حيدر دريا
10. وجود ذلفي زنئور
11. واپسي انور ڪليم
12. ايلسا عبدالواحد سومرو
13. ٻيلي ڏاهو ٿي, آتم ميگهواڙ
14. ميرن جو مقام روشن علي تنيو
15. ڪتا (ناول) رسول ميمڻ (ابابيل ۾ رسالي ۾ ڇپيو)
16. پلجرزم ڪليم ٻٽ (ابابيل رسالي ۾ ڇپيو)
17. محبت ۾ موتـ اشوڪ ساگر (فيس بوڪ تي)
18. هوءَ وئشا نہ هئي، ثناﷲ شيراڻي ملڪاڻي (فيس بوڪ تي)

2021ع ۾ ڇپيل سنڌي ناولن جو وچور

1. چچريل لاش ـ احمد شاڪر
2. ڪووڊ 19 اختر حفيظ
3. يوٿوپياـ ڪليم ٻٽ
4. منھنجي جان ڪوڪوـ نور راهوجو
5. عيوض ۾ عذرا، آغا رفيق احمد وقار
6. وڃايل چاهت، امر ثناءَ
7. سنڌ پرينءَ سان، در محمد ٻرڙو
8. مينھان ۽ نيھان (ٽي ناوليٽ) جھان آرا سومرو
9. مري ويل ماڻھوءَ ڏانھن خط ، مشتاق سعيد
10. آراڌني، زبيده برواڻي
11. ڌاڙيل يا درويش، پرويز
12. ڪامريڊ، زلفي زنئور
13. آگم پريت، امداد ڪانھيو
14. جيئڻو ٿو پوي، پروفيسر محمد صديق انڙ
15. آخري اسٽيشن، رزاق سھتو
16. ڪتا، ناول رسول ميمڻ
17. تو بن اداس من، ايس نرگس حق
18. هُون تو هيڪلي، بانو محبوب جوکيو
19. رجيم، انور ڪليم
20. ڳوٺ موٽي هلون، نور راهوجو (سڦلتا رسالي ۾ ڇپيل)

2022ع ۾ ڇپيل سنڌي ناولن جو وچور

1. ريگل چوڪ، ڪليم ٻٽ
2. گستاخ محبت، سليم جمالي
3. سستي ٽيبل مھانگي ڪرسي، جتوئي ڪامران
4. آئون ۽ مان، آفتاب راهمون
5. ڪهڪشائن کان اڳتي، عبدالرافع شيخ
6. چمڙيءَ جو پٿر، عبدالقادر ٻرڙو
7. هوءَ... دريا خان لغاري
8. وڻ عباس ڪوريجو
9. پريتم اسير امتياز
10. زيور ٿيم زنجير، عبدالقادر ٻرڙو
11. ڪڪر منجهہ ڪپار، جھان آرا سومرو
12. سنڌو، يار محمد چانڊيو
13. ڊي ناڪ 109، منظور ڪوهيار
14. شاھہ لطيف، سرمد چانڊيو
15. ڏات جي ڏيھہ ۾، ارشاد سومرو
16. ڪبوتر جواب ڳولي ٿو، انور ڪليم
17. خالي پڻي جو کاڄ، نور جوڻيجو
18. هيمون، محبوب سنڌي
19. زيور ٿيم زنجير عبدالقادر انڙ
20. ڏينھن مڙئي ڏون الهڏنو ڪاڪا
21. اڌ چھرو عبدالواحد سومرو
22. استاد ناوليٽ ٻارن جي لاءِ غفار سومرو


2023ع ۾ ڇپيل سنڌي ناولن جو وچور

1. ڪھاڻين جو شھر، ڪليم ٻٽ
2. ڪيفي ادب، اختر حفيظ
3. عاشق عورت، رزاق سھتو
4. ڌرتيءَ جي پوتر ڌيءَ، جاويد جسڪاڻي بلوچ
5. ڪيم روح رهاڻ، فرح غني ميمڻ
6. رنڊيءَ جي ڌيءَ، ذلفي زنئور
7. کنڀيل ماڻھوءَ جي خودڪلامي، رحمت سومرو
8. اندر جنين رڻ، امين قريشي
9. هائپرسومنيا، مجيب اوٺو
10. ڳوٺ، مٺل چانڊيو
11. پاڻيءَ منجهہ جهوپڙا، قادر سولنگي
12. اي واءِ اسٽوڊيو. علي صفدر
13. انشورنس واري ڇوڪري، اقبال بلوچ
14. موهن جو ماڳ، سڪندر عباسي
15. بوند بوند زندگي، جھان آرا سومرو
16. بي رنگ، ممتاز بخاري
17. آترويلا، سرمد چانڊيو
18. (منھنجو ڏک انور پيرزادو - سوانحي ڪوِتا ناول)
محمد علي پٺاڻ
19. وطن، جتوئي ڪامران
20. تون... همٿ جکراڻي
21. جنت پور، محبوب سنڌي
22. ميرانجھڙيون شامون، ساگر آفتاب بجير
23. هاويه، فوزيه سنديلو
24. گونگو ويراڳ، سانول جمالي
25. هڪ هئي قرت العين، محمد انور بلوچ


2024ع ۾ آيل ناول

1. ڪتاب دشمن، واحد ڪانڌڙو
2. سون ورن سامي، هوش محمد ڀٽي

سنڌي ناول

---

محمد علي پٺاڻ جو ڪَوتا ناول ”مسافتون ياد جون“

رابندرناٿ ٽئگور جي منظوم شاعريءَ جو آئرلينڊ جي شاعر ۽ نقاد William Butler Yeats جڏهن انگريزي نظم ۾ گيتانجلي جي نالي سان ترجمو ڪيو ۽ جنھن عيوض ٽئگور کي نوبل انعام بہ حاصل ٿيو. ٽئگور جي نوبل انعام ماڻڻ بعد نثري نظم جي اهميت وڌي وئي ۽ هر شاعر ان جو اثر ورتو. پوري ننڍي کنڊ ۾ هر ڪوي نثري نظم لکڻ لڳو. جيڪو سلسلو اڄ سڌو هلندو اچي ۽ نثري نظم شيخ اياز کان محمد علي پٺاڻ تائين پنھنجون منزلون طئي ڪري عروج تي پھچي چڪو آهي.
اهڙي نثري نظم اسلوب ۾ مشھور ڪويسر ۽ نثرنگار محمد علي پٺاڻ هڪ طويل نثري نظم لکي ان کي ڪَوتا ناول جو نالو ڏئي، نئين صنف جو اعلان ڪيو آهي. ڪويتا ادب جو هڪ الڳ حصو آهي ۽ ناول وري نثري ادب جو هڪ الڳ شعبو آهي. انھن ٻنھي کي ڳنڍڻ بنھہ عجب ۾ وجهندڙ ۽ سمجهہ کان ٻاهر آهي. شاعريءَ جا پنھنجا اصول ۽ قاعدا آهن. جڏهن تہ ناول جا پنھنجا هڪ مخصوص قسم جا لوازمات آهن.
هن ناول جو مھاڳ ادل سومري لکيو آهي. تجربا شاعريءَ تي تہ پوري دنيا ۾ ٿيندا رهن ٿا پر ناول جي ميدان ۾ گهٽ تجربا ٿيا آهن. البتہ ڪھاڻي کي ننڍي کان ننڍو بڻايو ويو آهي. جيڪا وڃي هڪ سٽ تي پھتي آهي. جنھن کي مون ڪھاڻڙي جو نالو ڏنو آهي. مھاڳ ۾ ادل سومرو هن قسم جي ڪوشش کي “آتم ڪٿائي_ڪَوتا ناول” جو نالو ڏئي ٿو ۽ هڪ نئون تجربو پڻ ڪوٺي ٿو. جيڪا پڻ هڪ جدا صنف يا ڳالھہ ٿي پوي ٿي. مھاڳ کان بعد ۾ انور شيخ، عبدالوحيد چانڊيو، منظور ڪلھوڙو، لطيف نوناري جا رايا ڏنل آهن. جن جي راين ۾ جيڪو گهڻي کان گهڻو زور آهي اهو “هڪ نشست ۾ پڙهڻ جھڙو ناول” واري ڳالھہ تي آهي. ڪنھن بہ ادبي تخليق لاءِ اهيو دليل ڪافي نہ آهي تہ اها هڪ نشست ۾ پڙهي ختم ڪري سگهجي ٿي. هر ٻوليءَ جا پنھنجا پنھنجا قدر ۽ اظھار جا هڪڙا الڳ پيراميٽرس هوندا آهن. وحيد چانڊيو هن ناول بابت راءِ ڏيندي لکي ٿو تہ “منھنجا انگريزي ۾ وڪرم سيٺ جا ڪجهہ ٻيا Verse ناول پڙهيل هئا.” جيڪڏهن انھن جي ڪھاڻي، پلاٽ تي بہ ٿوري راءِ ڏئي انھن جا نالا ڏنا وڃن ها تہ پڙهندڙن جي لاءِ مونجهارو نہ ٿئي ها.
هن ناول جي اچڻ تي، جنھن کي آءٌ ناول نٿو سمجهان. اهو هڪ طويل نثري نظم آهي. ان تي ڪيترائي تبصرا ۽ اڀياس لکيا ويا آهن. پر انھن مان ڪنھن بہ هڪ ۾ بہ هن تجربي جي فني ۽ فڪري حوالي سان تنقيد جي نگاھہ سان نہ ڏٺو ويو پر رڳو تعريف، تعريف، تعريف جا ئي ڍڪ ڀريا ويا. اسان جي سماج ۾ ادب دنيا ۾ ياري نڀائڻ هڪ روايت بڻجي وئي آهي ائين هن ناول جي حوالي سان مصنف کي تمام وڏن ۽ سٺن اديبن بہ وڏا وڏا لقب پنھنجي دوستي جو فرض نڀايو.
هن ڪَوتا ناول تي پھريان ناٽڪ رسالي پاران ڪارنر هلايو ويو. جنھن ۾ بہ سواءِ تعريف جي ڪجهہ بہ نہ هيو. رکيل مورائي جو مضمون “ياد جي مسافت سدائين رهڻي آهي!” جي نالي سان آهي. جنھن ۾ هو لکي ٿو تہ “اهڙي ڪوتا ناول جو تجربو رحمت ﷲ ماڃوٺي ڪيو هو.” پر جيتري قدر مونکي خبر آهي تہ رحمت ﷲ ماڃوٺي “ڪَوتا ڪھاڻي” لکي هئي. جيڪو تجربو بہ ڪامياب نہ رهيو. باقي سندس ناول “ڳولا” فني ۽ فڪري لحاظ سان پنھنجي جوهر ۾ هڪ مڪمل ناول آهي. رکيل مورائي هڪ ٻيو دليل ٽي ايس ايليٽ جو ڏئي ٿو تہ “ورجاءُ کان نواڻ بھتر آهي.” اختمامي جملن ۾ لکي ٿو تہ “مان بہ هن تجربي سان سھمت نہ هوندي، سندس تجربي لاءِ خوشگوار اميد رکان ٿو.” حيرت آهي جڏهن سھمت نہ آهيو تہ اميدون ڪھڙيون!؟ مون کي تہ هن تخليق ۾ ڪٿي بہ نواڻ نظر نٿي اچي ڪا بہ تشبيھہ، ڪو استعارو ۽ ڪي خاص ترڪيبون ڪجهہ بہ نہ، موضوع بہ ساڳيو آهي جيڪو اسان گهڻي وقت کان پڙهندا پيا اچون.
عظيم مفڪر هيراڪليٽس چيو هو “هر شيءِ مسلسل تحرڪ ۾ آهي. هر وٿ پنھنجي جوهر ۾ موجود تضاد سان جدل ۽ جنگ ۾ رهندي نواڻ کي جنمي ٿي.” مڃون ٿا تہ محمد علي پٺاڻ ڪَوتا ناول لکي نواڻ کي جنميو آهي. نواڻ يا تبديلي ابتڙن جي ميلاپ يا ٽڪراءُ مان پيدا ٿيندي آهي. پٺاڻ صاحب بہ ائين ڪيو آهي. ناول ۽ ڪويتا جي ابتڙ کي ملائي هڪ اهڙي صنف ٺاهي وئي آهي جنھن جو تخليقڪار نالو رکڻ ۾ بہ منڌل لڳي ٿو. ڪَوتا، شاعريءَ ۾ وزن جي کوٽي واڌي لاءِ استعمال ڪبو آهي. جنھن جو وزن فعلن ٿيندو. جڏهن تہ ڪويتا جو وزن فعولن ٿيندو. جيڪڏهن اسين چئون ڪويتا ناول تہ اهو ڄڻ ڊگهو ۽ ڏکيو ٿي پوي ٿو. ان لاءِ ڪَوتا ناول رکڻ جي ضرورت محسوس ڪئي وئي آهي. ڪا بہ تبديلي هر هنڌ يا هر صنف ۾ پسند جوڳا نتيجا مھيا نہ ڪندي آهي. هي تبديلي يا نواڻ بہ هٿرادو گهڙاوٽ آهي ان ۾ ڪا بہ سائنس يا فني پختگي ناهي.
هڪ ٻئي مضمون ۾ رسول ميمڻ صاحب، محمد علي پٺاڻ جي ڀيٽ دنيا جي تمام وڏي ناولسٽ ۽ ڪائناتي وسعت رکندڙ ذهن دوستو وسڪي سان ڪري ٿو. جنھن جو مختصر ڪھاڻيون بہ جھڙوڪ: ڳھيلي جو خواب، جهريل جذبا ۽ اجهاڻل اکيون، جواري بہ هڪ ڊگهي ناول وانگر آهن. دنيا جي نقادن مطابق اگر سڄي دنيا جي افسانوي ادب جا ٻہ ڀاڱا ڪيا وڃن تہ هڪ دوستو وسڪي جو لکيل افسانوي ادب تہ ٻيو سڄي دنيا جو. دوستو وسڪيءَ جي ماضي ۽ محمد علي پٺاڻ جي ماضيءَ جي اظھار ۽ فن ۾ ڏينھن رات نہ پر زمين ۽ ستن آسمانن جو فرق آهي.
مغربي اسان کان ناول جي شعبي ۾ تمام گهڻا اڳتي آهن. انھن نہ رڳي تمام وڏا ناول نگار پيدا ڪيا آهن پر اتي تہ ماڻھو ناول نويسن جي رهبريءَ ۾ هلن ٿا. پڙهندڙن تي انھن جي عملي زندگيءَ ۾ ناولن جو تمام گهيرو اثر پوي ٿو. پر مشرق ۾ نہ صرف ناول نگارن جو انگ گهٽ آهي پر اتي ڪو وڏو ناولسٽ بہ اڃا تائين پيدا نہ ٿيو آهي. محمد علي پٺاڻ جي ناول مان اسان ڪھڙي رهبري وٺون نوجوان کي ان مان ڪھڙو پيغام ٿو ملي. سندس ناول جي پوري ڪھاڻي جتي زندگي سان جنگ ڪندي گذري ٿي، اتي سندس انت نھايت ئي مايوس ڪندڙ آهي.
ناول نثري صنف آهي. ان لاءِ نثري نظم ناول ۾ اچي سگهن ٿا ۽ اهي ڊائلاگ يا منظرڪشي لاءِ ڪتب آڻي سگهجن ٿا. جئين طارق عالم ابڙي جي “ناول رهجي ويل منظر” ۾ هن ڪٿي ڪٿي ٺاهوڪا نثري نظم ڏنا آهن. ائين ڪازان زاڪس پنھنجي ناولن ۾ گفتگو ۽ منظرڪشي طور نثري نظم ڏنا آهن.
فرنيچ شاعر بودلئير تمام گهڻا ڊگها نثري نظم لکيا آهن. جن ۾ ڪٿائي انداز آهي. انھن ۾ تہ واقعا بہ آهن. پوءِ اسان محمد علي پٺاڻ جي هن ڪوشش کي هڪ ڊگهو نثري نظم تہ چئي سگهون ٿا پر ناول نہ.
هن ڪَوتا ناول جو موضوع ماضي جون چڀندڙ سانڀرون آهن. جيڪي درد سان ڀريل واقعن تي مشتمل آهن. پھرين جيڪا ڳالھہ سمجهہ ۾ نٿي اچي اها آهي، هي ڪوتا ناول مونولاگ ۾ لکيل آهي ۽ مک ڪردار جو نالو بہ نہ آهي، ان مک ڪردار کي جڏهن ننڍپڻ ۾ سندس ماءُ هڪ درزيءَ وٽ، درزڪو ڪم سکڻ لاءِ ڇڏي ٿي. هو اتي ڪم ڪار ٺيڪ ڪري ٿو ان جي باوجود بہ درزي کيس بنا ڪنھن دشمني يا سبب ٻن وڳن جي وري جي الزام ۾ پوليس حوالي ڪري ٿو ۽ پوليس هڪ ڪپڙن جي چور ٻار کي جنھن اها چوري ڪئي بہ ناهي، ڪنھن ڌاڙيل وانگر ڪٽي ٿي.
ٻيو بہ هڪ واقعو جيڪو ڪردار جي حالتن سان ٺھڪي نٿو اچي. جڏهن سندس گهر برسات ۾ سڄو تباھہ ٿي وڃي ٿو. ان کي ٻيھر ٺاهڻ لاءِ هو ناناڻن کان ٿوڻيون وٺي ٿو. جڏهن هڪ ماڻھو وٽ گهر ٺاهڻ جي همت وسعت ناهي، اهو وري ٻين جي مدد سان ٺاهيل گهر جي خوشي ۾ تانھري ڀت جو ديڳڙو لاهي ٿو ۽ مولوي کان خاص دعا گهرائي ٿو.
ٽيون واقعو بہ ڪيتري قدر منجهائيندڙ ۽ تضاد سان ڀريل آهي. جڏهن سندس ڀيڻ رات جي پيٽ ۾ گهران ڀڄي وڃي ٿي. هو من ئي من ۾ پاڻ کي ان جو ذميوار سمجهي ٿو. سڀ ڪجهہ ڄاڻي ٿو تہ سندس ڀيڻ ڇو ڀڄي وئي. سندس ضمير ملامت بہ ڪريس ٿو. هو ڀيڻ جي وقت سر شادي نہ ڪرائڻ تي ڏوهي آهي. هڪ غريب گهراڻي جي ڇوڪري هڪ تہ گهران ڀڄي وڃي ٿي ٻيو تہ سندس ايتري همت ڪٿان اچي ٿي جو هو اخبارن ۾ بيان ڏئي ٿي. پر اها ئي ڀيڻ جنھن جو پاڻ کي ڏوهي گناهگار سمجهي ٿو اها کيس جڏهن پيرن تي پوتيءَ لاهي وجهي معافي وٺي ٿي تہ کيس معاف نٿو ڪري. اهڙو ڪردار جيڪو باضمير آهي سوچي، فڪر ڪري ٿو اهو بہ سماج جي فرسوده غيرت واري قدر کي اوليت ڏئي ٿو.
هن ڪوتا ناول ۾ ڊرامائي انداز ۽ منظر ڪافي آهن. اهو شايد ان ڪري تہ ليکڪ ڊرامه نگار آهي. جئين هڪ واقعي جي منظر ۾ ماءُ جڏهن پنھنجي پٽ کي طوائف جي گهران وٺڻ اچي ٿي تہ سندس هٿن ۾ قرآن شريف آهي. پٽ پاران مارڪٽ ڪرڻ تي اهو هوا ۾ اڏامي وڃي ٿو ۽ اتي ڪوئي ان کي جهپي وٺي ٿو.
چوٿون واقعو پڻ ڪردار جي فڪر ۽ سوچ جي نفي ڪري ٿو. جڏهن سندس ننڍي ڀيڻ جو موت پيٽ جو سور ٻڌائي ٿو. پر سندس ڀيڻ خودڪشي ڪري مري ٿي. توڙي جو کيس هر ڳالھہ جو احساس ۽ سڌ بہ آهي تہ هو انھن شين جو ذميوار آهي.
هن ڪَوتا ناول جو مک ڪردار جيڪو پنھنجون يادگيريون ٻڌائي ٿو، ان ۾ هي ڳالھہ بہ غير حقيقي ۽ ڊرامائي لڳي ٿي:
“مون کي ياد آهي اها گهڙي
جڏهن ان شفيق
ٻاجهاري ۽ بي لوث
استاد جي محنت سان
مون اديب، عالم ۽ فاضل جي
امتحانن سان گڏ
نائين ڏهين
فرسٽ ائير انٽر
۽ بي اي جي ٻنھي سالن جا
انگريزيءَ ۾ پيپر پاس ڪري
پوءِ فرسٽ ڪلاس ۾
ايم اي ايڪنامڪس ۾ پاس ڪيم.”
هڪ ماڻھو جيڪو چار درجا پڙهي پنھنجي تعليم ڇڏي ڏئي ٿو ۽ ايترو جلدي ۾ وري کيس سڀ امتحان ڪئين ٿين ٿا ۽ اهو بہ ماسٽرس تائين سو بہ فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪري ٿو. ٻيو تہ ٺھيو پر اهي اديب ۽ فاضل جا امتحان ڪري وٺندو آهي ۽ اهي ڪٿي ٿيندا آهن. جيڪي بہ هو پاس ڪري ٿو.
هن ناول جي هڪ منظر ۾ اهو استاد جيڪو مک ڪردار کي پڙهائي لکائي قابل بڻائي ٿو. ان کي سرعام گوليون هڻي اڇلايو وڃي ٿو. ليکڪ ان جو سبب اغوا ڪرڻ تي مزاحمت ڪرڻ ڄاڻيو آهي. اهو واقعو بہ غير حقيقي ۽ ڊرامائي آهي. هڪ باعزت استاد کي ڀلا ڇو اغوا ڪيو ويندو. ڪھڙو اهو امير مير، ڪروڙ پتي آهي جو ان کان وڏو ڀنگ طلب ڪيو وڃي ها.
اهڙي طرح هي ڪوتا ناول غير حقيقي ڳالھين ۽ واقعن سان ٽٻ ٽار آهي. هڪڙي آخري ڳالھہ جيڪا بہ سمجهہ کان بلڪل ٻاهر آهي تہ هن ناول جو مک ڪردار بئنڪ ۾ ڪلارڪ جي نوڪري لاءِ درخواست ڏئي ٿو. مون تہ ڪڏهن نہ ٻڌو آهي تہ بئنڪ ۾ ڪلارڪ ٿيندو آهي. سو بہ درخواست پوسٽ ذريعي اماڻي وڃي ٿي. ٻئي حيرت ۾ وجهندڙ ڳالھہ اها ٿي ٿئي تہ بئنڪ جي نوڪري جي انٽرويو لاءِ سنڌي ٽوپي ۽ ڪلھن ۾ اجرڪ وجهي وڃي ٿو ۽ وڏي ڳالھہ تہ انٽرويو ڏئي بہ اچي ٿو. ان بعد ان ئي اجرڪ ۽ سنڌي ٽوپي جي ڪري کيس ڪھي ٽڪرا ٽڪرا ڪيو وڃي ٿو ۽ گند جي ڍير تي اڇلايو وڃي ٿو.
ناول کي هروڀرون سنسي خيز بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. اهڙي قسم جي پڄاڻي ڏئي ليکڪ ڇا ٿو ڏيکارڻ چاهي؟ اديب شاعر چاهي ڪھڙو بہ نظريو رکي پر زندگي سنورجي، ڪامياب ٿئي، سڌري وڃي، عقل ۽ شعور ملي اهو ئي هڪ تخليقڪار جي لکڻي يا تخليق جو مقصد يا پيغام هجڻ گهرجي. ان کي ترقي پسندي، نواڻ چئجي تہ ڪو وڌاءُ نہ ٿيندو.
جڳ مشھور ناول نگار گبريل گارشيئا مارڪيز کي “ويڳاڻپ جا هڪ سؤ سال” ناول لکڻ تي جڏهن نوبل انعام مليو. ان کان پوءِ کانئس ڪنھن پڇيو “اڄڪلھہ ڇا پيا ڪريو؟” جواب ڏنائين “ناول جي ٽيڪنڪ پيو سکان.” ان تي همراھہ حيران ٿي چيو “توهان کي تہ ناول تي نوبل انعام ملي چڪو آهي.” وراڻيائين “اهو مون جذبي ۾ لکيو هو. هاڻي جڏهن اهو نہ رهيو آهي تہ ٽيڪنڪ پڪڙڻ ٿو چاهيان.”
جيتوڻيڪ ڪا بہ ادبي تخليق شعر ۾ هجي يا نثر ۾، اها زندگي جي احساسن جو فني اظھار هوندي آهي. پر احساس ڪا آخري معنيٰ تہ نٿا رکن. محمد علي پٺاڻ وٽ احساس تہ آهن پر ان جي فن جو اظھار جنھن نموني ناول ۾ ڪرڻ چاهيو آهي، اهو عجيب، غير حقيقي ۽ ناڪافي آهي. جذبات سان گڏ فن بہ لازمي آهي.
اڄ جتي سنڌي ۾ ناول جي اڻاٺ ۽ تنزلي لڳي پئي آهي اتي وري پڙهندڙن کي اهڙا ناڪارا ناول ڏيڻ مورڳو ناول جي شعبي کي پوئتي ڌڪڻ آهي. ان لاءِ ڪنھن بہ ادبي تخليق جي سھي نموني ڇنڊڇاڻ ڪرڻ هر اديب جو فرض آهي نہ ڪي روايتي اڀياس لکي ميار لاٿي وڃي.

نور جوڻيجي جو ناول “مھذب وحشي” جديد استعارو

ناول نگار جو تعارف:
نور جوڻيجو جيتوڻيڪ سنڌي ادب ۾ ڇپجڻ جي حوالي سان نئون نہ آهي، پوءِ بہ سندس ادبي عمر ۽ ڪم تمام وڏو آهي. سنڌي اديبن ۾ مون هميشہ اسحاق انصاري کي فوٽو گرافي ڪندي ڏٺو آهي، ٻيا بہ ان شوق جي پٺيان هوندا پر ائين نہ جيئن اسحاق انصاري، نور جوڻيجي جي سڃاڻپ جا گهڻا ئي حوالا آهن. نور تمام سٺو فوٽوگرافر بہ آهي. سندس فوٽوگرافي تي مشتمل شاندار ڪتاب آسٽريليا جي ڪا پريس ڇاپي چڪي آهي. نور جوڻيجو مڪمل تخليقي ماڻھو آهي. سندس شخصيت جا روپ نرالا ۽ گڻائتا آهن. نور ناول نگار ۽ شاعر هجڻ سان گڏ وڏي ڳالھہ تہ ڳائڻ ۽ موسيقي جي ڪمپوزنگ ۾ گهري دلچسپي ۽ ڄاڻ رکي ٿو. نور جي تخليقن ۾ نفسياتي مسئلا، فلسفي جا سوال، سماجي، سياسي، ثقافتي ۽ تھذيبي شعور موجود آهي. جنھن ۾ هو پنھنجي تنقيدي ۽ تخليقي شعور، ڏاهپ ۽ سمجهہ آهر اپٽار ڪري ٿو. نور جوڻيجو جي ناول مھذب وحشي جو ٻيون ڇاچو 2014ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿي چڪو آهي.
جان لاڪ چيو آهي تہ “عقيدو اها شيءِ آهي، جنھن کي ان جي سچائي ثابت ٿيڻ کان پھرين ئي تسليم ڪيو وڃي.” سنڌي ادب ۾ اڄڪلھہ عقيدي پرستي ۽ بت پرستي جي بازار لڳي پئي آهي، اديبن جي تخليقن کي ادبي تنقيد جي اصولن پٽاندر نٿو پرکيو وڃي. هر اديب اِهو عقيدو ٺاهي ڇڏيو آهي تہ تنقيد نہ ڪرڻي آهي. تنقيد گناھہ آهي. تنقيد سان اختلاف پيدا ٿيندا آهن، ڪردار خراب ٿين ٿا وغيرہ. مون کي تہ انھن ڳالھين تي کل ايندي آهي. تنقيد تي ادب دوست طنزيہ مرڪ مرڪي ٿا پون، ڄڻ وڏو ڪو ڏوھہ ڪيو هجي. تنقيد خوبين ۽ خامين جو مرڪب لفظ آهي ان لاءِ ان کي غلط نظريي سان نہ ڏٺو وڃي، نہ ئي سمجهيو وڃي. مون نور جي ناول جي خوبين ۽ خامين تي نظر وڌي آهي ۽ پنھنجي هڪ راءِ قائم ڪئي آهي، جيڪا ڪل نہ آهي نہ ئي حتمي آهي. نقاد پنھنجي نظريي تحت ناول تي پنھنجي راءِ ڏئي سگهن ٿا.

پلاٽ ۽ ڪھاڻي:
جديد دؤر ۾، ڪنھن بہ ناول کي ان جي پلاٽ، مرڪزي خيال، ڪردارنگاري، منظرڪشي ۽ طرز تحرير جي لحاظ کان ڀيٽي سٺو يا خراب چئي سگهجي ٿو. ناول مھذب وحشي تحليل نفسي (Psycho Analysis) جي نظريي تحت لکيل بھترين ناول آهي. ناول ۾ (Stream of Consciousness) جو بہ گهڻو اثر موجود آهي. تحليل نفسي هڪ اهڙو دماغي تجزيو ڪندڙ نظريو آهي. جنھن سان انسان جون دماغي بيماريون ڪنھن جسماني نقص، نہ پر شخصي واڌ ويجهہ واري تاريخ، روين ۽ مختلف جنسي مرحلن مان گذري پيش آيل بدنظمين، رنڊڪن جو نتيجو آهن، هن نظريي جي بابي سئگمڊ فرائيڊ انسان جي برن ۽ چڱن ۽ هر قسم جي روين کي خواهش جو نتيجو قرار ڏئي ٿو.
ڊاڪٽر فرائيڊ مطابق نفسياتي پچيدگين ۽ مرضن جي ور چڙهيل بيمار شخص کي سندس لاشعوري خواهشن، سوچن ۽ ارادن بابت آگاهي ڏئي صحتمند بڻائي سگهجي ٿو. فرائيڊ پنھنجي تحليل نفسي واري نظريي تحت ڊپريشن، اضطراب، Stress، ۽ صدمي ۾ مبتلا ڪيترن ئي بيمارن کي ٺيڪ ڪري ڏيکاريو.
فرائيڊ جو ڪمال اهو نہ آهي تہ شعور ۽ لاشعور کي دريافت ڪيو آهي. ان کان وڏي ڳالھہ اها آهي تہ لاشعور جي اونھائين ۾ موجود اهي ڳالھيون ڳولي لڌيون جيڪي انسان جي عمل ۽ ڪردار کي متاثر ڪن ٿيون.
مھذب وحشي ناول کي جيڪڏهن فلسفيانہ ۽ نفسياتي ناول چئجي تہ ڪو وڌاءُ نہ ٿيندو. هن ناول ۾ زندگيءَ جي وارتائن، روين، احساسن ۽ جذبن کي نئين انداز سان پرکيو ويو آهي. جڏهن تہ آءُ چئي چڪو آهيان تہ هي ناول فلسفيانہ ناول آهي، اهڙي طرح نور جوڻيجو جو لکيل مھاڳ بہ هڪ مڪمل فلسفيانہ تاثر ڇڏيندڙ ليک آهي. جئين فرائيڊ کي اڪثر دنيا نفسيات جو عالم نہ پر فلسفي مڃي ٿي. ان جي لاءِ فرائيڊ جو هڪ حوالو ڏيون ٿا تہ : “زندگي ۾ مون کي فلسفي پڙهڻ جو ڏاڍو شوق هو، هاڻي جڏهن مان طب کي ڇڏي نفسيات جي طرف اچي رهيو آهيان، ڄڻ منھنجي پراڻي خواهش پوري ٿي رهي آهي.” فلسفي ۽ نفسيات جو چولي دامن جو رشتو آهي. هي ناول فلسفي ۽ نفسيات جو ميلاپ آهي. جڏهن تہ سائين عبدالقادر جوڻيجي جي ان ڳالھہ سان بلڪل سھمت ٿي سگهجي ٿو تہ نور بلڪل هڪ الڳ دڳ ورتو آهي جنھن ۾ هو ڪامياب ويو آهي. ناول چئن بابن تي مشتمل آهي؛
 تنھا بگهڙ
 ڇڙواڳ ايلسا
 احساسن کن وساڻل گفتا
 سامني جا مونجهارا
هر باب جي شروعات کان اڳ واريون سٽون ڪمال جو ادبي رس چس رکندڙ خيال آهن، انھن جي جيتري بہ تعريف ڪجي اوتري گهٽ آهي. جئين سندس ٽيئن باب ۾ “احساسن کان وساڻل گفتا” جون سٽون هتي پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪجن ٿيون:
“ٽڪراءُ يا اڻبڻت جذبو خلقيندو آهي... اسان ڪھڙي سماج بابت ڳالھائي رهيا آهيون؟ منھنجي موجودہ معاشري ۾ ٽڪراءُ موجود نہ آهي، ڇو جو اهو بلڪل سھل آهي. ماڻھو عام طور تي آسانين سان نہ وڙهندا آهن. ڇا مسلسل ائين رهندي اهي رڍن جو مجموعو ٿي پيا آهن! ظاهر آهي تہ انھن ڪڏهن پنھنجي ذهن کي استعمال ڪرڻ سکيو ئي ناهي، ڇاڪاڻ جو انھن وٽ ضرورت کان وڌيڪ آساني سھولت موجود آهي.”
نور جوڻيجي سماج ۾ موجودہ مسئلن کان سواءِ انسان جي ازلي ڏکائين ۽ پيڙائن تي بہ لکيو آهي. ناول نگار ڪو بہ ناول ڪو خاص مقصد کڻي لکندو آهي ۽ اهو خاص مقصد اصلاحي پھلو هوندو آهي. مھذب وحشي مڪمل سنجيدہ قسم جو ناول آهي. جنھن جي پلاٽ ۾ فلسفيانہ ۽ سنجيدہ مڪالما ۽ گفتگو آهي. ناول نگار تفريحي پھلو ڏانھن ڪافي گهٽ توجھہ ڏنو آهي. جنھن سان پڙهندڙ تنگ بہ ٿئي ٿو.
نور جوڻيجو پنھنجي لکڻي ۾ ڪٿي بہ ادب براءِ ادب جو قائل نظر نٿو اچي، هو هڪ واضع ڳالھہ کڻي هلي ٿو، جنھن ۾ سنڌي سماج جي معاملن تي نفسياتي پھلوئن کان چٽي طرح بحث ڪري ٿو.
ناول جي ڪھاڻي جرمن ڇوڪري ايلسا ۽ نوجوان سنڌي ڇوڪري ڪبير جي مرڪزي ڪردارن جي چؤگرد گهمي ٿي. ليکڪ انتھائي سھڻي نموني ٻنھي ڪردارن جي نفسياتي ڪشمش، احساسن، جذباتن ۽ اڌمن کي بيان ڪيو آهي.
پوري ناول ۾ نور جوڻيجو هاڪاري پھلوئن تي ڳالھائيندي کوڙ سارا هاڪاري خيال، سوال ۽ ڳالھيون پڙهندڙن جي ذهنن تي نقش ڪري ٿو. جئين ليکڪ ايلسا کان بار بار هاڪاري جملو چورائي ٿو: “کليل درين کان پري رهجان.” جنھن کي گهڻين معنائن ۾ وٺي سگهجي ٿو هڪ تہ هوءَ کيس آواراه ڇوڪرين کان پري رهڻ جو چوي ٿي. ٻيو تہ ڪيبر تمام حساس انسان آهي هو اڪثر درين کان بيھي سوچي بہ ٿو تہ غش ڪيفيت ۾ بہ هليو وڃي ٿو متان دري مان ڪري پوي ان لاءِ کيس اها هدايت ڪري ٿي. ٽيون تہ کيس خودڪشي کان منع ڪريس ٿي. جيڪو هڪ بھترين هاڪاري پيغام آهي ان نفسياتي مونجهارن ۾ ڦاٿل نوجوانن لاءِ جيڪي خودڪشي جي خواهش رکن ٿا.
ناول جو عنوان مھذب وحشي هڪ انوکو، تخليقي ۽ نہ سمجهہ ۾ ايندڙ نالو آهي، ڇو تہ ان جو تعلق نفسيات سان آهي. ادبي معنيٰ يا شاعريءِ ۾ وحشي ان کي چئجي ٿو جيڪو هر روڪاوٽ کي ٽوڙي پنھنجي منزل تي پڄي. ڊاڪٽر سئگمڊ فرائيڊ چيو آهي تہ؛ “هڪ وحشي نفسياتي پھلو کان صحت مند رهي سگهي ٿو، مھذب ماڻھو نفسياتي صحت سان مالا مال نٿو ٿي سگهي.” عوام عام طور تي مزدور ۽ هاري جيڪي وحشي آهن ۽ مھذب سرمائيدار.
مھذب وحشي ناول ۾ محبت ڇا آهي؟ خودڪشي ڇا آهي؟ دوستي ڇا آهي؟ انساني دوستي ڇا آهي؟ تقدير ڇا آهي؟ جنگ کان نفرت، حسن ڇا آهي؟ ناول نگار عورت تي ڳالھائيندي مڪمل فيمينسٽ ٿي پوي ٿو. حقيقي سياست ڇا کي چئبو آهي؟ جھڙن عظيم سوالن تي زبردست بحث ڪري عظيم راءِ ڏئي ٿو. جئين سياست لاءِ لکي ٿو تہ؛
“اها سياست ئي آهي، جيڪا زندگي جي وسيع تر دامن ۽ آسان ترين بنائيندي آهي. پر اها بہ سياست آهي، جيڪا زندگي کي نيچ، ڪم تر ۽ ڪرڀ سان دوچار ڪري وجهندي آهي. ڪيبر جنھن سماج جو فرد هو اتي سياست جو تصور گناھہ ۽ وقت جو زيان چيو وڃي ٿو.”
“ڪنھن خاص روش ۽ منصوبي تحت سياست کي عام ماڻھو جي معيار کان ڪيرائي، انھن جي زندگي کان ڌار ڪيو ويو آهي. اُهي سياسي بحث ڪرڻ کان خوفزده رهندا آهن.”
“بھتر زندگيءَ جي ساڀيان پنھنجي قوم سان ئي جڙيل آهي.” جھڙيون شاندار سٽون هن ناول جون زينت آهن. جيئن ارسطو چيو آهي:
“جيڪو ماڻھو سماج جي اجتماعي مفادن ۽ انھيءَ جي تحفظ جي عمل جو شعور نٿو رکي، اهو سياسي ٿي نٿو سگهي ۽ جيڪو سياسي ناهي اهو مھذب نٿو ٿي سگهي.”
ليکڪ اڄ جي عالمگيريت واري سماج ۾ سندس دوست وفات ڪري وڃي ٿو تہ دوستي تي لکي ٿو:
“ڇا ڪيان؟ وڃي بہ ڇا ڪندس؟ سڄي حياتي اسان پنھنجن خواهشن ۽ حوس جي حاصلات لاءِ يارن کان پري رهياسين ۽ هاڻ جڏهن هو رهيو ئي ناهي تہ وڃي ڇا ڪندس؟ اها احساس جي نفي آهي.”
ناول ۾ ڪبير ۽ ايلسا جيڪي صنفي لحاظ کان عورت ۽ مرد آهن. جيڪي دنيا جھان جي ڳالھين تي گفتگو ڪن ٿا پر سيڪس کان صفا وانجهيل آهن ۽ ڪٿي بہ اهڙو مرحلو نٿو اچي اهو ڪنھن حد تائين غير حقيقي لڳي ٿو. جنسي ڇڪ هڪ ڪائناتي سچ آهي ۽ ليکڪ ان کي هروبرون دٻائي ويو آهي ۽ نہ چٽيو اٿس.
سڄو ناول دونھين سان ڀريو پيو آهي، جڏهن مون ناول پڙهڻ شروع ڪيو ۽ سگريٽ جي ذڪر پڙهيو تہ آءُ سمجهي ويم تہ ليکڪ ضرور امر جليل کان متاثر هوندو. ليکڪ نہ صرف ان کان متاثر آهي پر ان جي تعريف جا ڍڪ بہ ڀري ٿو ۽ ان کي آدرشي فقير بہ چوي ٿو. منھنجي خيال ۾ ليکڪ کي ڪا بہ ادبي تحرير جوڙڻ وقت تاريخي متناعزا شين کي نہ ڇھڻ گهرجي. مڃون ٿا تہ امر جليل مھان ڪھاڻيڪار آهي پر تاريخ ۾ ان جي ڪردار تي ڪافي اهڙا سوال موجود آهن جيڪي اسان نئين نسل کي گهٽ خبر آهي. جئين ارنيسٽ هيمنگوي چيو آهي تہ “اديب ڪنواري ڇوڪري وانگي آهي، جيئن ٿورڙي غلطي سان ڪنھن ڪنواري جي ڪنوارپ ختم ٿي سگهي ٿي، تيئن اديب جي بي ايمانيءَ سان لکيل هڪ سٽ، سندس سموري ڄمار جي جاکوڙ تي پاڻي ڦيري سگهي ٿي.” ان لاءِ ڪنھن بہ اديب جي ماضي ۾ ڪيل هڪ غلط عمل سان سندس ادبي تحريرون بي معنيٰ بڻجي وڃن ٿيون.
ٻيو جيڪو ليکڪ انتھائي گهڻو اثر وٺي ٿو، اهو مرزا غالب جو وتو آهي. مرزا غالب جي لاءِ چيو ويندو آهي تہ اُهو درٻاري شاعر آهي ۽ هو هو بہ سھي. پئسن جي ڪري انگريزن جي شان ۾ شاعري پئي ڪيائين. جيئن خود غالب پاڻ لاءِ ئي چيو آهي تہ؛
بنا هي شھہ ڪا مصاحب ڪپڙ هي اترتا،
وگرنہ شھر مين غالب ڪي آبرو ڪيا هي.

منھنجي خيال ۾ اديب جي لکڻين ۽ فعل ۾ هڪجھڙائي هجڻ ئي مڪمل اديب جي نشاني آهي. ليکڪ جي اهڙي خيالن سان پڙهندڙن تي جو خاص تاثر نہ جڙندو. اليڪس ڊي ٽارڪول چيو آهي تہ؛ “تاريخ تصويرن جي گئلري آهي، جنھن ۾ چند اصل ۽ گهڻيون نقلي آهن.” ليکڪ ڀڳت ڪبير جھڙن اعليٰ انسان کي تہ آئيڊيل بڻائي سگهي ٿو پر غالب ۽ امر کي نہ.
پورو ناول ضمير غائب ۾ لکيل آهي ۽ ليکڪ صفحي 63 تي ضمير متڪلم ۾ پنھنجي ئي ناول تي راءِ ڏئي وڃي ٿو: “هي ناول مفروضو آهي” ناول مفروضو آهي يا حقيقت اهو فيصلو پڙهندڙ ڪندا نہ ڪي ليکڪ پاڻ.

مرڪزي خيال:
ناول جو مرڪزي خيال اهو آهي تہ “معاشرو/سماج ڪھڙو هجڻ گهرجي؟ زندگي ڪيئن گذارجي؟ شيون حقيقي معنيٰ ۾ ڇا آهن، اوڀر ۽ اولھہ جي سماجي حقيقتن کي کنيو ويو آهي. سماج اولھہ جو هجي يا اوڀر جو هجي ان معاشري ۾ هڪ حساس انسان جي لاءِ ڪيتري نہ ڌڪار، نفرت ۽ حياتي گهارڻ مشڪل هجڻ سان گڏوگڏ مصنوعيت سان ڀرپور آهي. ناول ۾ تھذيبي، سياسي ۽ سماجي شعور ڏيڻ جي شاندار ڪوشش ڪئي وئي آهي جنھن ۾ ناول نگار ڪامياب ويو آهي.

اسلوب:
هر تخليقار جي لکڻ جو انداز پنھنجو هوندو آهي ۽ اهوئي ساڻس پڙهندڙن سان متعارف ڪرائيندو آهي. ڪنھن بہ ليکڪ کي ڪا سگهاري ادبي تخليق جوڙڻ جي لاءِ اگر ڪو ڪچو مال گهرجي تہ اهي لفظ آهن. جيترو سندس لکڻي ۾ فصاحت، سلاست ۽ بلاغت هوندي اوترو ئي پڙهندڙ متاثر ٿيندو ۽ لکڻي جي سحر ۾ جڪڙجندو ويندو. ڪافي حد تائين ليکڪ جي سوچ کي قبول ڪري پنھنجي سوچ بڻائي ڇڏيندو آهي.
ادبي تنقيد جا ٻہ خاص قسم ٿيندا آهن، هڪ فني پاسو ۽ ٻيو مواد جي حوالي سان. فني پاسي ۾ سڀ کان پھريان ٻولي ۽ گهاڙيٽو، بندشون، تشبيھون، تمثيلون، استعارا ۽ ڪنايا اچي وڃن ٿا. ادب جي فني تنقيد ۾ ٻوليءَ جو نج پڻو ۽ تخليقي هجڻ هڪ وڏو ميعار هوندو آهي.
ناول مھذب وحشي ۾ ٻولي تمام گهڻي تخليقي آهي پر ان جي نج پڻي تي سؤ سوال اٿاري سگهجن ٿا. نور جوڻيجي جي لکڻي تي اردو ٻوليءَ جو وڌيڪ اثر آهي. پر ليکڪ ان کي ڪردار جي ٻولي چوي قرار ڏئي ٿو، ڇو جو ڪردار ڪبير شھري ماحول ۾ رهندڙ آهي. ڪردار جي ٻولي تي اردو جي اثر کي بہ ليکڪ سماجي مسئلو سمجهي ٿو. ڪردار سان ٻولي جي اڻڄائي جو مسئلو آهي.
ڊاڪٽر فرائيڊ مطابق اگر ڪو ماڻھو گفتگو دؤران اوچتو نہ چاهيندي بہ ڪو غلط لفظ ڳالھائي وڃي ٿو تہ، ان کي نہ رڳو اتفاق، حادثاتي غلطي يا “زبان آلو لڪڻ آهي” چئي نٽائي نٿو سگهجي، ان قسم جون غلطيون بہ لاشعور ۾ موجود ڪنھن نہ ڪنھن خواهش ياد يا وارتا ڏانھن نشاندهي ڪندڙ هجن ٿيون، جنھن کي زبان جو ترڪي پوڻ (Freudian Slips) چئبو آهي. نفسياتي طور بيمار ماڻھو جي واتان لفظ واضح نہ پر ترڪي نڪرندا آهن. ترڪي نڪرڻ کي، جي ۽ ۾ جو فرق نفسياتي مسئلو تہ نٿو ٿي سگهي. اهي اهم غلطيون ڳڻائي سگهجن ٿيون ناول ۾. ٻوليءَ جي لحاظ کان ليکڪ تي اڳ۾ ڪافي تنقيد ٿي چڪي آهي، هتي وري انھن لفظ ۽ ڳالھين جو ورجاءُ ڪرڻ سھي نہ هوندو. اڻ ڳڻيا اردو ۽ انگريزي لفظ ۽ اصطلاح استعمال ڪيا ويا آهن، توڙي جو انھن جا سلوڻا سنڌي لفظ موجود آهن.
بگهڙ ۽ گهوڙي سان تشبيھہ ڏئي سگهجي ٿي. مشھور ناول “راجه گدھہ” جتي ڪلاسيڪل ۽ خوبصورت آهي، اتي ليکڪه انسان ۽ جانور جي فطرت تي ڳالھايو آهي. ان ۾ ڪو بہ شڪ ڪونھي تہ نور جوڻيجي ۾ تخليقي نور آهي، پوءِ بہ ڪجهہ لفظن تي ڳالھائڻ ضروري ٿو سمجهان، جئين نور ناول ۾ تنھا بگهڙ جي ادبي تشبيھہ ڪم آندي آهي، بگهڙ کي انسان سان سو بہ هڪ مھذب، گهڻو پڙهيل ڪڙهيل ۽ شريف النفس ماڻھو کي ڀيٽڻ ۽ تنھا بگهڙ چوڻ سمجهہ کان ٻاهر آهي. بگهڙ تنھا گهٽ هوندو آهي ۽ ميڙ ۾ رهڻ، گهمڻ ۽ شڪار ڪرڻ پسند ڪندو آهي.
ليکڪ باب ٻئي جو نالو رکيو آهي “ڇڙواڳ ايلسا” هتي لفظ ڇڙواڳ ڪھڙي معنيٰ ڏئي ٿو. اهو سمجهہ ۾ نٿو اچي تہ ليکڪ ڪھڙي Sense ۾ لکيو آهي.هونئن تہ ڇڙواڳيءَ جا ڪيترائي قسم آهن پر ڏاهي مائوزي تنگ ڇڙواڳيءَ جا 11 قسم ٻڌايا آهن. جن مان ڪو بہ قسم ايلسا سان نٿو لڳي جڏهن تہ ايلسا مڪمل طور تجرباتي ۽ باشعور سوچ رکندڙ آهي پوءِ بہ ان کي ڇڙواڳ لکيو ويو آهي. گليلو ۽ حليم باغي کي تخريبي چيو ويو آهي، جڏهن تہ تخريبي سنڌي ٻوليءَ جو لفظ نہ آهي ان جي معنيٰ فسادي آهي نہ ڪي تبديلي پسند آهي.

ڪرداري نگاري:
ناول ۾ ڪيترائي ڪردار آهن. جن ۾ ٻہ مرڪزي ۽ اهم ڪردار ڪبير ۽ ايلسا جا آهن. باقي ٻيا هرا جيڪا ڪبير جو پھريون پيار آهي. ڪبير جي ماءُ، ڪبير جا دوست تصنيف ۽ جاويد، ايلسا کي پاليندڙ عورت اومي ۽ ان کان علاوہ ڪبير جي ڳوٺ جا هاري مزدور، نوڪر ۽ پورهيت ڪردار ۽ بورچي جو ڪردار اچي وڃن ٿا.
ڪردار نگاري ۾ مصنف تمام گهڻي محنت ڪئي آهي. جيتوڻيڪ ناول جي ٻن ڪردارن “هرا” ۽ ناول جي هيرو جي ماءُ جي ڪردار کي ايتري اهميت نہ ڏني وئي آهي. پر ان هوندي بہ ليکڪ ڪبير ۽ ايلسا جي ڪردارن کي چٽو ۽ صاف رکڻ ۾ ڪين گهٽايو آهي. ان سان گڏ جماليات جو عنصر بہ آهي تہ ماحول جو بيان بہ رنگين ۽ دلچسپ آهي. هرا ۽ ڪبير جي ماءُ جي ڪردارن سان ليکڪ انصاف ڪرڻ ۾ ناڪام ويو آهي.
سنڌي ۾ لکجندڙ ناولن ۾ مون اڪثر ناولن جا ڪردار هميشہ کوٽل ۽ اخلاق کان ڪرندي حرڪتون ڪندي پڙهيا آهن. پر مھذب وحشي جا مرڪزي ڪردار ڪيبر ۽ ايلسا سواءِ هڪ سماجي برائي سگريٽ پيئڻ جي پنھنجي جوهر ۾ مڪمل ڪردار آهن. ناول مھذب وحشي جا ڪردار عام هوندي بہ خاص آهن. سندس ڪردار اعليٰ انساني قدرن سان سرشار ۽ روشن خيال آهن. اها هڪ ناول نگار جي تمام وڏي ڪاميابي آهي.

منظرڪشي:
منظر ڪشي ناول جو اهم جز سمجهي ويندي آهي. جنھن ۾ ليکڪ پاٺڪن کي جمالياتي تسڪين ۽ حز وٺرائيندو آهي. جيڪڏهن ناول ۾ منظرڪشي ڪمزور نموني ڪئي ويندي تہ ان جو تخليقي پاسو کوٽي پوندو آهي. مھذب وحشي ۾ منظرڪشي بھتر نموني ڪئي وئي آهي. ناول جي اڪثرن منظرن ۾ جديد سماج جا عڪس آهن. ڪميپوٽر، اي ميل، ميوزڪ پليئر، فليٽ ۾ رهڻ واري زندگي ۽ رڪشن تي گهمڻ وغيرہ جيئن هڪ منظر آهي:
“اڄ آچر آهي... هن سست مشين P.C کي هلايو ۽ ٻاهر نڪري ويو، جنھن تي هٿ اکرن سان لکيل هو “ٽيڪنالاجي اڃا تعيمر جي مرحلي ۾ آهي. آخري ايجاد جو انتظار آهي... هو اپارٽمينٽ جي بورچي خاني مان، سج جي روشني کان لڪندو ڦري ٿو. هن جي خشڪ چپن ۾ سگريٽ آهي ۽ هٿ ۾ چانھہ جو ڪوپ آهي. هن ڪمپيوٽر ڏانھن نھاريو جيڪو اڃا Process ۾ آهي ۽ هو بالڪني ڏي وڃي ٿو.”
ڪيبر پنھنجي محبوبہ هرا کي ڏسي ائين سوچي ٿو.”هن کي اسڪارف ائين ويڙهيل هو جئين منھنجي امان کي ڪفن ويڙهيل هو.” هي تشبيھہ يا منظر بنھہ انوکو ۽ نت نئون آهي.
ناول ۾ آندل غلط تشبيھون هن ريت آهن:
“هن وقت ڏينھن جا لڳ ڀڳ 2 ٿيا آهن، سج پنھنجي عروج تي پھچي چڪو آهي. گرمي جي شدت جي ڪري ماڻھو وڃي پنھنجي ٻرن ۾ لڪي ويا آهن.”
ماڻھو ٻرن ۾ نہ پر گهرن ۾ لڪندا آهن. اهو منظر بہ ٺھڪندڙ نہ آهي.
“سياري ۾ اڪثر ڳوٺ ۾ سانت ٿي پوندا آهن.” هن منظر جي معنيٰ بہ چٽي سمجهہ ۾ نٿي اچي.
“ميھار مال کي وٿاڻن ۾ واڙي نلڪي تان پگهر ۽ ڌوڙ ڌوئي رهيا آهن.” سياري جي سخت سردي واري مند ۾ ميھارن جو نلڪي تان پگهر ڌوئڻ بہ ڪجهہ حيرت ۾ وجهندڙ ڳالھہ آهي.
ليکڪ ڪيبر ۽ ايلسا جي ڪردارن جا عڪس بہ پڙهندڙن تي واضع نقش نہ ڪري سگهيو آهي تہ جئين اهي ڪردار پاٺڪن جي ذهنن ۾ پھي وڃن. ايلسا جي خوبصورتي ۽ ڪبير جي هڏ ڪاٺ ۽ ڏيک ويک ٻنھي جا ڌنڌلا ۽ اونداهان آهن.
آخر ۾ جڏهن ايلسا ۽ ڪبير ملن ٿا تہ اهو منظر بہ ليکڪ چٽڻ ۾ پوئتي ويو آهي نہ ان ۾ايترو تجسس آهي نہ ئي جذباتيت آهي. ائين ٻہ پيار ڪرڻ وارا بنا ڪنھن جذباتي منظر جي ملن ٿا ۽ ڪا ڪشش نٿي اڀري. ان منظر کي ٿورو ڌيان ڇڪائيندڙ بڻائڻو هو. پر ان ۾ بہ اهو ئي سگريٽ پئيڻ وارو ناڪاري منظر آهي. ٻئي سگريٽ دکائي هڪ ٻئي کي ڏين ٿا.
مجموعي طور نور جوڻيجو جو ناول سنڌي ۾ لکجندڙ ناولن کان بھترين ناول آهي ۽ آءُ ان جي ڀيٽ جي ٻين ناولن يا ليکڪن سان ڪري complex جو نہ شڪار ٿيڻ چاهيان ٿو نہ ئي نور کي ان ۾ وجهندس. ڇو تہ ليکڪ پاڻ کي ٻين وڏن ناول نگارن سان ڀيٽي پنھنجي حيثيت کي وڌائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن اها هڪ نفسياتي بيماري آهي.
سوماليہ جي ليکڪ نورالدين فرح چيو آهي تہ “ليکڪ کي حڪومت بدلائڻ جي بدران عوام جي سياسي سوچ کي بدلائڻ گهرجي.” نور جوڻيجو جو ناول سوچ کي تہ بدلائي ٿو پر شيون ڇا آهن؟ ڪئين آهن ۽ ڇو آهن؟ اها تقريبن گهڻي سڌ سڀ ڪو رکي ٿو، ليکڪ کي ڇا ٿيڻ گهرجن ۽ انھن جا حل ڪھڙا آهن؟ اهي بہ بيان ڪرڻ گهرجن ها.
“کليل درين کان پري رهجان!” جھڙي ادبي ۽ انتھائي هاڪاري سوچ واري جملي سان پڄاڻي تي پھچندڙ هي ناول چارلي چئپلن جي چواڻي تہ :
Simplicity is not a simple thing.

يار محمد چانڊئي جي ناول ”اجري ڌرتي ميرا ماڻھو“ جي اوک ڊوک

ارنيسٽ ٽرمپ “رسالو پھرين ڪيئن ڇپيو؟” واري احوال ۾ لکيو آهي تہ “نثر خاص ڪري سنڌين کي ناپسند هئو، جيڪي گهڻين غير ترقي يافتہ قومن وانگر، غنايہ ٻولن جي لاءِ ڪن رکندا هئا.”
ٽرمپ جي اهڙي رائي جي روشني ۾ ڏٺو وڃي تہ واقعي اڄ جديد دؤر ۾ سنڌي ادب ۾ اهڙو معياري قسم جو نثر نٿو لکيو وڃي. نثر جون صنفون خاص ڪري ناول، مضمون نويسي، آتم ڪٿائون سوانح عمريون ۽ ڪھاڻي ۾ گهٽ لکيو وڃي ٿو. هوڏانھن نظم ۾ غزل، وائي ۽ نثري نظم ترقي ڪري اوج تي رسيا آهن ۽ انھن صنفن تي طبع آزمائي ڪرڻ وارا بہ گهڻا آهن. پر ناول نگارن جي ۽ سٺن پوسٽ ماڊرن تي ناولن تمام گهڻي کوٽ ۽ اڻاٺ آهي.
ماضي ۾ لکيل ناول “رهجي ويل منظر” ۽ ان کان پوءِ ڪجهہ لکيل چار پنج ناول ۾ ننھن ۽ ماس واري ويجهڙائي آهي، واقعن جي ۽ ڪردارن جي. پڙهندڙ کي ائن محسوس ٿيندو سواءِ چند شين جي سڄي ڳالھہ جھڙوڪ نقل ڪيل هجي.
تاج بلوچ جو شعر آهي:
ڪو نئون موڙ ڏيو فساني کي،
ڪيترو داستان ۾ رهبو.

پٿرن جو شھر، تون هڪ خواب آهين، ڪيف ڌارن ڪوءَ، ۽ تو پڄاڻان، کي رهجي ويل منظر واري ساڳئي داستان تان کڻي ان ۾ رڳو ٿوري مٽ سٽ ڪري ساڳيو ساڳيو پٽڻو پٽيو ويو آهي. ڪو بہ نئون موڙ ڪا بہ نئين ڳالھہ ناهي.
انگريز ناول نگار جارج آرويل چيو آهي: “جيڪو بہ ليکڪ سياسي واقعن کان ڪن لاٽار ٿو ڪري، پوءِ اهو ليکڪ يا تہ بڪواز ٿو ڪري، يا گڏھہ جو ڦر آهي.” اها ڳالھہ جارج آرويل تڏهن چئي جڏهن عالمي جنگ ۾ اٽليءَ جون فوجون زمين آسمان هڪ ڪنديون حبش ۾ گهڙي رهيون هيون ۽ ٻئي پاسي هٽلر جا عقوبت خانا ماڻھن جي جسمن سان سٿيا پيا هئا. اهو ڪو اهڙو وقت تہ نہ هو جو ويھي پئرس جي گهٽين ۾ شراب وڪڻندڙ حرام خور آمريڪين جي باري ۾ سٺو ناول لکجي.
سنڌ ۾ هندن جون ڌرم شالائون ۽ مندر ۽ انھن جي گهرن ۽ نياڻين جي عزتن تي حملا هڪ وڏو سياسي اشو رهيا آهن ۽ رهندا پيا اچن، انجلي ڪماري کان ويندي لاڙڪاڻي ۾ ڦھلايل هٿرادو انتھاپسنديءَ ڪري ساڙيل ڌرم شالا ۽ مندر واري سياسي واقعي جي موضوع تي سنڌ جي باصلاحيت نوجوان ڪھاڻيڪار ۽ هاڻي ناول نگار بہ، يار محمد چانڊيي تمام سٺو ناول”اجري ڌرتي ميرا ماڻھو” نالي لکي پنھنجو ادبي فرض نڀايو آهي.
جيڪو سھڻي شاعر، بھترين ڪھاڻيڪار ۽ ڪنول پبليڪيشن جي چئيرمين سعيد سومري سڪ مان تحفي ۾ ڏنو. ڪنول پبليڪيشن جو ڪم تمام وڏو آهي، جيڪو سنڌي ادب ۾ انتھائي سگهارو بہ آهي. خير سعيد تي ڪنھن ٻئي ڀيري لکندس. هن دفعي “اجري ڌرتي ميرا ماڻھو” جي اوک ڊوک ٿا ڪريون، جيڪا سعيد پاران منھنجي لاءِ چئلينج بہ هئي.
يار محمد چانڊيي جو اڳ ۾ ڪھاڻين جو ڪتاب “جنم جنم الميو” بہ ڇپيل آهي. جيتوڻيڪ مون اهو نہ پڙهيو آهي. پر سندس ايڪڙ ٻيڪڙ ڪھاڻيون پڙهيون اٿم. سندس ڪھاڻين جا موضوع هميشہ ٻھراڙي جي ڪردارن سان ٻھڪيل آهن، خانداني جهيڙا، وڏيرن جون حرام پائيون، گهرن ۾ هلندڙ جنسي بي راھہ روين بابت ڪھاڻيون لکندو رهيو آهي. نوان خيال، نون سلسلا ۽ نوان احساس سندس ڪھاڻين ۾ گهٽ نظر آيا اٿم.
جيتري قدر هن ناول جو سوال آهي تہ يار محمد هن ناول ۾ بہ ڳوٺاڻي زندگي جو چٽ چٽيو آهي. جيڪو هت چڱو اثردار آهي ۽ اهڙو ماحول انڊيا جي ناولن ۾ درلڀ آهي.
ليکڪ پاڻ پنھنجي ڪردارن جو ڀڳوان هوندو آهي. ڪردارن تي اچڻ کان اڳ ۾ پلاٽ/ڪھاڻي تي ٿا ڳالھايون. اسان مٿي چئي چڪا آهيون تہ هي ناول هندن سان ٿيندڙ ڏاڍائن سندن ڌرم شالن ۽ مندرن کي ساڙن واري سياسي واقعي تي لکيو ويو آهي. پورو واقعو روپورٽنگ واري انداز ۾ بيان ٿيل آهي ڊرامائي انداز بہ گهڻو اٿس، اهو ادبي ذوق کان قاثر آهي.
پلاٽ ڪھاڻي جو تاڃي پيٽو هوندو آهي. ڪھاڻي ۾ پلاٽ جو هئڻ تمام ضروري آهي. پلاٽ معنيٰ ڪا اهڙي ڳالھہ ڀلي اها ائبسٽريڪٽ ئي هجي، پر توجھہ ڇڪائي، اها ڪھاڻي ئي ڪھاڻي چئبي آهي. هن ناول جو پلاٽ/ڪھاڻي ڌيان ڇڪائن ٿا. ها ڳالھہ پئي ڪئي ڪردارن جي تہ ڀڳوان يار محمد چانڊيي ڏاڍا مضبوط ۽ ڪميٽيڊ ڪردار خلقيا آهن، ڪردارن ۾ ڪافي اوڻايون آهن.
وشال، ڪلپنا، آرزو ۽ ماهين هن ناول جا مرڪزي ڪردار آهن ۽ پوري ڪھاڻي هن ڪردار جي چؤگرد گهمي ٿي. ناول جا ٻيا ڪردار سرتاج، صابو، جيجي، ڪاڪو پرڪاش، دودو، ماھہ لقاء، دل مراد، موهن ۽ ساگر جيڪو اسلام آباد ۾ رهندڙ وشال جو دست آهي.
وشال هڪ ڳوٺاڻو آهي جيڪو شھر ۾ قانون جي ڊگري وٺي وڪالت ڪري ٿو ۽ انسانن جي حقن جي تنظيم ۾ ڪم ڪري ٿو. ڪلپنا جيڪا وشال جي وڪالت ۾ هم ڪلاسي ۽ پاڙيسرڻ آهي. وشال کيس گهڻي محبت ڪري ٿو. ماهين وشال جي پڦاٽ ۽ ڳوٺاڻي ڇوڪري آهي. جيڪا وشال کي گهڻو چاهي ٿي. هڪ ٻئي ڳوٺاڻي آرزو بہ وشال جي محبت ۾ چور چور آهي. پوري ڪھاڻي انھن چئني ڪردارن جي ڪٿا آهي. رومانوي ڳالھين سان شروع ٿيل ناول ۾ ڳوٺ جا ماڻھو هڪ ڪوڙي مرشد جي چؤڦير اچي ڦالون ۽ آسون پوريون ڪرائڻ لاءِ گڏ ٿين ٿا. ناول جي هيرو وشال کي بہ پنھنجا ماءُ پيءُ وٺي اچن ٿا. وشال مرشد کي ڍونگي سمجهي ۽ سڏي ٿو ۽ ڳوٺاڻن کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. نتيجتن اهوئي مرشد ڳوٺاڻي ڇوڪري آرزو کي ڀڄائي وڃي ٿو.
اڄ جڏهن دنيا چنڊ ۽ ٻين دنيائن کي سر ڪري کوجنائون ڪري اتي رهڻ جا سانباها ڪري رهي آهي اتي اسان جا ماڻھو پير پرستيءَ ۾ گهيريل انڌ جي گهوڙي تي مرشدن ۽ پيرن کان نيرانہ اولاد وٺڻ جي چڪر ۾ آهن. ليکڪ ان شيءَ کي غلط سمجهي ٿو ۽ نندي ٿو اها ساراھہ جوڳي آهي.
ناول ۾ ادبي هڳاءُ سان ڀرپور سٺا مڪالما بہ آندا ويا آهن. جئين:

• “جڏهن شعور جي روشني جھالت جي انڌيري ۾ ڪاهي پوندي آهي، تڏهن تبديلي جو جنم اڻ ٽر هوندو آهي.”
• “دنيا ۾ دولت ۽ شھرت جا بکيا ڪڏهن بہ انقلاب نہ آڻي سگهندا آهن”
• قصور نہ تنھنجو آهي نہ منھنجو ۽ نہ ئي ڪلپنا جو..!! قصرو هٿ ٺوڪين روايتن جي علمبردار سماج جو آهي، جنھن جي فيصلن ۾ ڌرتيءَ جا غير فطري ورهاڱا ٿين ٿا ۽ قومن ۾ نفرت جو ٻج پوکجي ٿو.”
راجا دسرٿ کي ٽن راڻين تي ڪو احساس گناھہ ڪونہ ٿيو ۽ رام ان تي ڪڏهن ٽوڪ نہ ڪئي. بدلجندڙ سماج ۽ سوچ ليکڪ کي ڪٿي بہ وٺي وڃي سگهن ٿا. هن ناول ۾ بہ ناول جي هيرو کي ٽي محبوبائون آهن. جنھن جو اعتراف هو خود ناول ۾ ڪري ٿو تہ مون کي ٽي پريون هيون. سنڌي ناولن ۾ اها روايت پئجي وئي آهي تہ جيڪو بہ ناول لکي ٿو ان ۾ ناول جي هيرو کي ٽي يا ان کان وڌيڪ معشوقائون هجن ٿيون. هن ناول ۾ بہ وشال کي ٽي پيار ڪندڙ ڇوڪريون آهن. هڪ کي وشال چاهي ٿو، هڪ وشال کي چاهي ٿي ۽ ٻئي ماهين کي وشال جا مالڪ هن پسند ڪن ٿا ۽ هوءَ وشال تي اڪن ڇڪن آهي. اها سنڌي رومانوي نالون ۾ ٽن راڻين رکڻ واري روات جو پھلو گهڻو بحث ۽ تنقيد طلب آهي. جنھن سان يڪسانيت ۽ ورجاءُ محسوس ٿئي ٿو. آرزو جيڪا وشال سان گهڻي محبت ڪري ٿي. اها هڪ ڍونگي مرشد سان ڀڄي وڃي ٿي. آرزو ڳوٺاڻي ۽ مسلمان پيري مريدي ۾ يقين رکندڙ ڇوڪري آهي اها وشال جي پاڻ وڇائڻ لاءِ تيار هجي ٿي. ايترو بي باڪي سان هوءَ سڀ ڪجهہ چئي ڏئي ٿي، جيڪو هڪ ڳوٺاڻي ڇوڪري جي ڪردار سان ٺھڪي نہ ٿو.
آرزو جڏهن مرشد وٽ موجود آهي ۽ وشال اتي مرشد کي مڃڻ کان انڪار ڪري ٿو ۽ جهڪي نٿو گهٽ وڌ ڳالھائي ٿو تہ ڳوٺاڻا مٿس لتن مڪن سان حملو ڪن ٿا. اتي وشال جا ماءُ پيءُ بہ بيٺا آهن. آرزو جيڪا وشال سان محبت ڪري ٿي وشال جا والدين کيس بچائڻ لاءِ ڪا مزاحمت نٿا ڪن نہ ئي ڇڏائين ٿا، اهو عجيب لڳي ٿو ۽ ناول ۾ اهو منظر/واقعو غيرحقيقي ۽ فلمي لڳي ٿو. آرزو جڏهن وشال سان محبت ۾ ايتري گرفتار آهي تہ هوءَ مرشد سان ڇو ڀڄي وڃي ٿي. ورجل چيو آهي: LOVE CONQUERS ALL. تہ پوءِ آرزو هن جي پيار ۾ ويھي رهي ها، جئين اڪثر ٻھراڙي ۾ ڇوڪريون ويھي انتظار ڪنديون آهن. پر ڪردارن جو ڀڳوان تہ ليکڪ هوندو آهي. ۽ ليکڪ هروڀرون ناول ۾ ائڊوينچر پيدا ڪرڻ جي لاءِ طاوئف بڻائي ٿو ۽ اسلام آباد تائين سنڌي ڇوڪري جي جسم کي نيلام ڪري ٿو. سچا ۽ ڪميٽيڊ پريمي اهڙو قدم نہ کڻندا آهن جيڪو آرزو کان ليکڪ کڻائي ٿو.
ٻيو ناول جو هڪ واقعو جنھن ۾ وشال ۽ ڪلپنا جي لاڙڪاڻي جي اسپتال ۾ موجود آهن ۽ مريضن جي ڊاڪٽرن پاران واهر نہ ڪرڻ تي جڏهن وشال ڪلپنا مريضن جي مالڪن کان پڇن ٿا تہ “توهان ڪٿان آيا آهيو؟” هو ٻڌائن ٿا بلوچستان قلات مان... ۽ جڏهن تہ مريض کي گوليون لڳل آهن. ڪيڏي نہ عجيب ۽ ناسمجهي واري ڳالھہ آ تہ بلوچستان قالت مان گوليون لڳل مريض لاڙڪاڻي تائين زندھہ بچي پھچي ٿو. اها بہ حقيقت بنھہ ابتي ڳالھہ آهي.
ڪاڪو پرڪاش جيڪو ناول جي هيروئن ڪلپنا جو پيءُ آهي. انقلابي ۽ شاعر آهي. اهو وشال کي شاعري ٻڌائي ٿو سان بہ ڪارو ڪاري تي... جنھن سان ائين لڳي ٿو تہ نوان سلسلا ۽ جذبا ناول ۾ گهٽ پويا ويا آهن. ڪارو ڪاري واري ساڳي موضوع جو ورجاءُ محسوس ٿئي ٿو، جيڪو تمام گهڻو ورجايو ويو آهي. ڪھاڻين شاعري ۽ ناولن ۾... پر ان شاعري ۾ بہ ڪا جدت نہ آهي ڪو نئون احساس نہ ٿو اڀري.
ليکڪ آرزو جي بيوفائي کي ٻہ دفعا يوسف زليخان واري مذهبي قصي سان تشبيھہ ڏئي ٿو منھنجي خيال ۾ اها تشبيھہ سراسر غلط آهي ۽ ٻنھي جي(يوسف زليخان ۽ وشال آرزو) صورتحال ۾ ڏينھن رات جو فرق آهي. آزاد بلوچستان ۽ سنڌ ديس واري ڳالھہ بہ ليکڪ کي رپورٽر وانگر نہ پر آرٽسٽ وانگر رکڻي هئي.
موهن جي دڙي تي ڪلپنا ۽ وشال گهمڻ وڃڻ وارو واقعو... جتي ميوزم ڇوڪرا هڪ ڇوڪري کي ڇيڙن ٿا ۽ اهي ڪي وڏيري جي بگڙيل اولاد آهن ۽ ان تان وشال انھن سان جيڪي ڊائلاگ ڪري ٿو سي بہ ٺيٺ فلمي ۽ اهو پورو منظر فلمي ۽ هڪ ڊرامي جي سواءِ ڪجهہ ناهي. گوليون هلن ٿيون ۽ ڪلپنا ۽ وشال کي اتفاق سان ٻانھن ۾ ئي گوليون لڳن ٿيون. مون کي تہ پوري ناول ۾ اهو واقعو فضول ۽ زبردستي ڏنل لڳو.
ڪلپنا هن ناول جي هيروئن آهي. انساني حقن جي تنظيم جي اڳواڻ ۽ سٺي وڪيل بہ. آءُ سمجهان ٿو تہ ڪمٽمينٽ ۽ محبت ۾ ماڻھو پٺتي نہ هٽندو آهي. محبت بہ هڪ وڏي ڪمٽمينٽ آهي. پوءِ حالتون کڻي ڇا بہ هجن. پر هوءَ پوري ناول ۾ ڀاڙي نظر اچي ٿي. کيس سنڌ ۾ مزو نٿو اچي. هر وقت هندوستان ڏي وڃڻ جو سوچيندي رهي ٿي. جيڪڏهن هي سنڌ ڌرتي سان سچي آهي ۽ هندن سان ظلم ٿين ٿا ۽ ڌرم شالا ۽ مندر جلن ٿا تہ ڀڄڻ ۽ بزدل ٿيڻ ۽ ائين چوڻ تہ هي ديس منھنجو نہ آهي مون کي محبت آهي پر مان سنڌ نہ ايندس. ڪلپنا جو هڪ ڊائلاگ:
“بابو پيرسني ۾ بہ سنڌ کي چنبڙيو پيو آهي.” ان جو مطلب تہ هو سنڌ کي ڇڏي ڏي هند لڏي وڃي. صفحي 64 تي وشال کي ڪلپنا چوي ٿي:
“اهي پکي جيڪي سال جي هڪ موسم سنڌوءَ جي ڍنڍن ۾ گذاريندا آهن، تہ وري سال جي ٻئي موسم گنگا جمنا جي ندين ۾ رهندي گذاريندا آهن. انھن پکين جي خوبصورتي پري کان ڏسڻ گهرجي، نہ ڪي انھن جا پر پٽجن..!! ڇو تہ پر پٽيل پکي نہ سنڌ جي ڍنڍن جا مھمان ٿي سگهندا آهن ۽ نہ ئي گنگا جمنا جا...!!”
جيڪڏهن ڪلپنا پاڻ کي سنڌ ۾ پرديسي پکي ٿي سمجهي. ڄمڻ کان وٺي جواني تائين هتي رهي بہ هي ديس هن کي پنھنجو نٿو لڳي تہ اها سندس ڪردار جي نفي آهي. ديس سان محبت جي دعويٰ ڪوڙي آهي.
صفحي 96 تي ڪلپنا جو ڊئلاگ:
مان نٿي چاهيان تہ، تنھنجي ۽ منھنجي هڪ ٿي وڃڻ کان پوءِ ايندڙ طوفان تنھنجي منھنجي وچ ۾ ڪي تلخ تجربا سامھون آڻي، جنھن سان هندو مسلمان جي وچ ۾ ڪي تلخيون جنم وٺن. جنھن سان قومي تحريڪ نفرتن واري ماحول جو شڪار ٿي وڃي.!!!”
لبرل، ترقي پسند سوچ رکندڙ ۽ پڙهيل ڪڙهيل ڪردار بہ اهڙي ٻولي ڳالھائين تہ حيرت آهي ۽ اها ڪھڙي قومي تحريڪ آهي هئي جنھن سان وشال ۽ ڪلپنا جي محبت ڪري نفرتن جي ور چڙهي وڃي ها. منھنجي خيال ۾ قومي تحريڪ سان جڙيل ماڻھو ۽ وڪيل، انساني حقن جا اڳواڻ تہ گهٽ ۾ گهٽ پسند شادي جي خلاف نہ هوندا آهن.
آرزو وشال کي ڇڏي مرشد سان ڀڄي وڃي ٿي ۽ مرشد کيس وڪڻي ڇڏي ٿو. اتي ئي ڪلپنا بہ جيڪا پڻ وشال سان محبت ڪري ۽ ڌرتي جو عشق ۽ اونو اٿس ، باجود ان جي بہ پاڻ کي غير محفوظ سمجهي ٿي، هميشہ لاءِ انڊيا هلي وڃي ٿي.
مصر جي انساني حقن جي ڪانفرنس ۾ موهن نالي احمد آباد جو نوجوان ڪلپنا کي چاهڻ لڳي ٿو ۽ هوءَ جهٽ هن سان مڱڻو رٿي ويھي رهي ٿي. هندن جي اصل حقيقت، فطرت ۽ حسب نسب کي سمجهڻو هجي تي مشھور ناول نگار سائين غلام نبي مغل جي ناول “همئہ منصور هزار” کي پڙهجي. جنھن ۾ هندن جي سنڌ ديس سان وابستگي جي حوالي سان تاريخي بحث ٿيل آهي. بدامني، دهشتگردي، انتھاپسندي رڳو هندن لاءِ نہ پر هر سنڌي جو مسئلو آهي پر هندن وٽ هميشہ ڀڄڻ جو ئي آپشن هوندو آهي. تاريخي طور هندن جو ڪو ديس ئي نہ رهيو آهي، اهي لاڏو رهيا آهن ۽ حيشو ڪيول راماڻي ۽ سوڀي کان سواءِ سڀ ڀاڄوڪڙ رهيا آهن.
ڪلپنا جو انڊيا ۾ موهن سان گذارو نٿو ٿئي، هيڏانھن سندس پيءُ ڪاڪو پرڪاش بہ گذاري وڃي ٿو. وشال بہ سڀ شيون وساري پنھنجي پڦاٽ ماهين ڏانھن موٽ کائي وهانءُ ڪري ٿو ۽ ڪلپنا واپس سنڌ اچي ٿي ۽ پنھنجي پيءُ جي مرتئي تي وشال کي ابتو ڏوراپو ڏئي ٿي تہ منھنجو انتظار ڪرين ها ۽ موهن خراب شخص هو. پر وشال لاچاري جي ڪيفيت ۾ گم ٿي وڃي ٿو.
ڪنھن ڏاهي جو قول آهي: انسان سماج ان ڪري جوڙيو آهي جئين هو سچ جي سج کي لڪائي چنڊ جي ڪوڙي روشني ۾ جيءُ سگهي.” هن ناول جا سڀ ڪردار بہ سواءِ ڪاڪي پرڪاش جي چنڊ جي روشني جھڙا آهن.
ناول جو سرورق ۽ پٺ ورق AMBIGUITY سان ڀرپور آهي. ناول نالو اُجري ڌرتي ميرا ماڻھو آهي پر ماڻھو وري ڌرتي کان ٻاهر خلا ۾ بارود جي مرندي ڏيکاريا ويا آهن. ائين ٿو لڳي ڄڻ ماڻھو هن ڌرتي جا نہ هجن. ڪنھن ٻئي گولي تي رهندا هجن.
ناول ۾ آندل ڪجهہ غلط جملا ۽ تشبيھون:

• “ڪلپنا جي بند سنھڙن چپن مان ٽھڪ نڪري ويو.” ٽھڪ بند چپن مان نہ پر کليل چپن مان نڪرندو آهي.
• دل ۾ ٻڏتر” دل ٻڏتر ۾ ٿيندي آهي. دل ۾ ٻڏتر نہ ٿيندي آهي.
• مرشد طرف ويو هيس.” نہ پر مرشد ڏي ويو هيس.
• وشال جو ڊائلاگ: “ڳوٺ ۾ هيٿاربندن جديد هٿيارن سان حملو ڪيو آهي.” جنھن وقت حملو ٿيندو آهي ان وقت وشال ننڊ پيو هوندو آهي. ان کي ڪيئن خبر پئي هٿيار جديد ها.
• SP جو ڊائلاگ: “اوهان جي ڀيڻ جي خون ۾ ملوث هٿ، ضرور بي نقاب ٿيندا.” منھنجي خيال ۾ هٿ نہ پر چھرا بي نقاب ٿيندا آهن.
• مصر جي ڪانفرنس ۾ جڏهن ڪلپنا تقرير ڪري ٿي تہ وچ تي ڪي انگريزي مڪالما آهن جيڪي واضع نہ آهي تہ ڪنھن چيا آهن.
• “قومي سڃاڻپ رکندڙ دوست شاهزيب..” ڇا لاڙڪاڻي ۾ قومي سڃاڻپ قرف شاهزيب جي آهي باقي سڀ غير قومون آباد آهن.
• “سنڌ ۾ سنڌي هندو ۽ سنڌي مسلمان....” ڇا سنڌ ۾ انگريز هندو ۽ مسلمان بہ آهن.
• “جڏهن ستارا ڌرتي تي لھي اچن ۽ ڌرتي پاتال جو محور ٿي وڃي.” هي تہ سمجهہ ۾ ئي نٿو اچي تہ ليکڪ ڇا ٿو چوڻ چاهي.
• ناول ۾ آهي تہ؛ “هندو مسلم يعني ٻہ قومي نظريو علام اقبال ڏنو آهي.” ٻہ قومي نظريو علامہ اقبال نہ پر سرسيد احمد خان ڏنو هو. علامہ اقبال آئيڊيالوجي آف پاڪستان ڏني هئي.
• سعيد سومري جھڙو پبلشر هوندي بہ ناول ۾ اڻ ڳڻيون پروف جون چڪون رهجي ويون آهن. جئين : هند کي هنڌ، رليءَ کي رلھيءَ ۽ جهُمر کي جهومر وغيرہ ڪري لکيو ويو آهي. جنھن سان پڙهندڙ منجهي پوي ٿو.
• ناول ۾ ٻہ جملا جيڪي ڪافي دفعا آيا آهن: “اڪيلو سوچيندي رهجي ويو هيس.” ٻيو: “مان ڏانھس معصوم نگاهن سان ڏسندي رهجي ويس.” منھنجي خيال ۾ شڪاپوري لھجي ۾ متان ائين چوندا هجن، باقي اسين تہ ڏسندو، سوچيندو رهجي ويس چوندا آهيون. سھي بہ ائين ئي آهي.
• هندي ۾ لفظ آهي انتيم سنسڪار يا اگني سنسڪار، جنھن کي ليکڪ انتيم سنگسڪار لکيو آهي.
• ناول جي ٻوليءَ ۽ اسلوب تي ڳالھائي سگهجي ٿو. ناول نويس تي اردو جو تمام گهڻو اثر آهي ۽ اجايو سجايو انگريزي جا لفظ ٽنبيا ويا آهن جيڪي ڪنھن بہ لحاظ کان نٿا سونھن. جئين: بڙبڙ ڪرڻ، لڙکڙائڻ، پاڻي جي جڳ، شور ۽ ٻيا اڻ ڳڻيا لفظ جيڪي اردو جو ترجمو آهن سنڌي ۾.
• ناول ۾ ڊاڪٽر جو هڪ ڊائلاگ: “اوهان جھڙا ذميوار فرد ئي قومن جا گائيڊر هوندا آهن.” MBBS ڊاڪٽر کي بہ گائيڊ لفظ اچارڻ نہ اچي اهو تہ ليکڪ جو ئي نقص ٿي سگهي ٿو.

سنڌ ۾ هن وقت جيڪي بہ نوان ناول ڇپجي اچي رهيا آهن. انھن ۾ ٻوليءَ جو وڏو جهول آهي. مون کي ائين ٿو لڳي ڄڻ سنڌي ليکڪ ڪو سنڌي ٻولي جو نئون لھجو DIALACT ٺاهڻ جي پٺيان آهن. الائي ڇا؟؟؟ سراج ۽ آغا سليم جي ناولن جھڙي ٻولي ورلي اڄوڪي ناولن ۾ ملي ٿي، جنھن پاسي تمام گهڻي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. ناول جو انت هاڪاري آهي. ڪلپنا انڊيا نٿي وڃي ۽ ماهين ۽ وشال کي شاديءَ مبارڪ ڏيڻ لاءِ اچي ٿي. ۽ وشال کان وچن وٺي ٿي تہ هو ٻئي گڏجي ديس جي ماڻھن لاءِ جدوجھد کي تيز ڪن ۽ ان ۾ ماهين بہ کين گڏ اچي بيھي ٿي. اتي ناول پورو ٿئي ٿو باقي نہ تہ سنڌي ناولن جو انت ڏاڍو عجيب رهيو آهي. يار محمد کي شابس هجي جو هو اهڙي هاڪاري سوچ ڦھلائڻ لاءِ وک سوري پيو.
مون هي ناول ٽي دفعا پڙهيو ۽ مون کي ائين محسوس ٿيو آهي تہ هي ناول PRE OCCUPIED THOUGHT تحت لکيو ويو آهي. پر پوءِ بہ هڙي گنڀير صورتحال ۽ اهم معاملي تي ليکڪ قلم کڻي وڏي بھتري جو قدم کنيو آهي.
PRICIPLES OF LITRARY CRITICISM جي خالق آئي اي رچرڊسن چوي ٿو: “جيڪي ادب وڻيو، سو پيدا ڪريو، پر ان ۾ سادگي SIMPLCITY ۽ ايڪائي UNITY ضرور ڀريو.” يار محمد چانڊيي جي هن ناول ۾ اها يونٽي ڀرپور نموني آهي ۽ مان اِها ڳالھہ وڏي ذميداري سان چوان ٿو تہ يار محمد چانڊيي ۾ ناول لکڻ جي قابليت آهي ۽ هو مستقبل ۾ سٺا ناول لکي سگهي ٿو، پر ان لاءِ هن کي شين کي تمام گهڻي محنت ۽ هوم ورڪ جي وڏي ضرورت پوندي.

اڱارو.. ست جولاءِ 2015ع

ڪروڌ ۾ وتل خوبصورت تخليق“سندرتا ۽ ڪروڌ” ناول

“ميرا! ديوارن ڏانھن ڏسندي ڪر!!”
هن ناول جو اختتامي جملو آهي. ان کان اڳ نور جو ناول “مھذب وحشي” جيڪو پڻ هڪ شاندار ناول آهي. مھذب وحشيءَ جو اختتامي جملو هو “ڪيبر! کليل درين کان پري رهجانءِ.”
نور جو ناول لکڻ جو Unique اسلوب آهي. هن جا ناول Novel آهن.
“سندرتا ۽ ڪروڌ” ناول جو اِهو آخري جملو هِن ناول جي سڄي Theme کي بيان ڪري ٿو. آءُ اهيو جملو پڙهي ڪيتري دير تائين سوچيندو رهيم تہ “نور ايڏو ڪيئن ٿو ڀوڳي! يا غور ڪري؟” ها هر تخليقڪارجون تخليقون ان جي ڀوڳنا جو ئي تہ نتيجو هونديون آهن.
عورت جيڪا عالمي سماج ۾ هڪ ديوار ئي ٿي چڪي آهي. جيئن ديوارن جا ڪن ٿيندا آهن ائين ئي عورت کي بہ صرف ڪن ئي آهن. جيئن ديوارن جا ڪا زبان نہ ٿيندي آهي. ائين عالمي سماج جي پس منظر ۾ سنڌي سماج جي عورت بہ هڪ پالتو جانور ئي وڃي رهي آهي. باقي هن جي وجود ڪا شناخت ڪا انساني خاصيت نہ بچي آهي.
“ديوارن ڏانھن ڏسندي ڪر!!” نور جي وجود مان ڦٽي نڪتل اهو تخليقي خيال آهي جيڪو سورنھن آنا سچ تي مبني آهي. هن ننڍڙي پر پُرمغز جملي ۾ نور دنيا جي انھن سڀني عورتن کي جاڳائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. جيڪي هڪ ديوار جو روپ وٺي چڪيون آهن. ديوارن ۾ رهندي ديوار بڻجي سڀ ڪجهہ سھنديون رهن ٿيون.
هيءَ ناول منھنجي پسنديدہ صنف تي نور سرجيو آهي. ناول جي صنف ۽ عورت جي صنف منھنجا انتھائي غورطلب ۽ ڌيان ڇڪائيندڙ موضوع رهيا آهن. مون پنھنجي مخالف جنس تي هوش سنڀالڻ کان وٺي اڄ ڏينھن تائين پئي سوچيو آهي.
اسان جي مخالف جنس جنھن کي اسين “عورت” جو نالو ڏيون ٿا. نور جيان مون بہ جنس جي بنياد تي عورت جي عظمت جي توهين ٿيندي ڏٺي آهي. هونئن تہ سمورو ادب عورت جي تعريف سان ڀريو پيو آهي پر نور جي ناول “سندرتا ۽ ڪروڌ” جو زاويو ڪافي الڳ آهي.
دنيائي ادب ۾ جڏهن بہ ناول جي ڳالھہ ٿيندي تہ دوستو وسڪي جو نالو ضرور ايندو ۽ دوستو وسڪي هڪ فلاسافر هو. هن پنھنجي ناولن ذريعي الائي ڪيترن لاڙن ۽ رجحانن کي جنم ڏنو ۽ ان کان پوءِ انھن سڀني روايتن جي تقليد ٿي آهي. وجوديت جنھن جو بابو دوستو وسڪي آهي. نور جي ناولن ۾ بہ وجود جي فڪر جون ڳالھيون آهن، ڳڻتيون آهن.
سنڌي ٻوليءَ جو افسانوي ادب، دنيا جي ٻين ٻولين وانگيان مسلسل تبديلين اختيار ڪندو رهندو آهي. اهي تبديليون ڪردارن، فڪر ۽ ٻوليءَ جون هجن ٿيون. جنھن سڀ نئون ادب جنم وٺي ٿو. سنڌيءَ ۾ خاص ڪري موضوعاتي حوالي سان ماڻڪ جو نانءُ کنيو وڃي ٿو. ماڻڪ سنڌي ٻوليءَ ۾ حقيقت نگاريءَ جو وڏو نانءُ آهي. هونئن تہ حقيقت نگاري فرانس جي پيداوار آهي. جيئن تہ آءُ اڳ ۾ چئي چڪو آهيان تہ دوستو وسڪي ڪيترن ئي نظرين جو باني هو. اهڙي طرح هُو هڪ عظيم حقيقت نگار پڻ آهي.
ماڻڪ کان پوءِ حقيقت نگاريءَ ۽ موضوعاتي انقلاب جي لحاظ کان ڪو نالو آهي تہ اهو رسول ميمڻ آهي ۽ ان کان پوءِ ڪو نالو ڳڻي سگهجي ٿو تہ اهو نور جوڻيجي جو آهي. نور جوڻيجي جون تقريبن سڀ تخليقون موضوعن جي لحاظ کان پوسٽ ماڊرن ازم سان لاڳاپيل آهن. نور جو فڪر ۽ تخليقي پس منظر نفسيات ۽ فلسفي سان واسطو رکندڙ آهي. هن جي لکڻين ۾ ڳوڙهن خيالن، ذهني ولوڙ۽ جديديت پڄاڻان جي معاملن ۽ مسئلن جو گهيرو اظھار آهي.
“سندرتا ۽ ڪروڌ” جيڪو 5 بابن تي مشتمل آهي. نور جي لکڻ جو انداز ڏاڍو جامع ۽ اعليٰ آهي. هي سڄو ناول فيمينزم ۽ دلت تحريڪن جو اولڙو آهي. ناول ۾ سائنسي سوچ، شعور جي وهڪري، فلسفي، نفسيات ۽ ٻين کوڙ شين جي Interpretation آهي.
نور جا ڪردار Flat جامد ڪردار نہ آهن. هن جا ڪردار Round يعني تبديل ٿيندڙ ڪردار آهن. سنڌياچ ۽ ميرا پنھنجي جوهر ۾ زندگي جي سچ کي سمجهڻ کان پوءِ هن سماج ۾ سھي معنيٰ ۾ شين کي ڪرڻ جي لاءِ ڪوشان ٿي پون ٿا. ڪروڌي سماج کي ڪا لائين ڪو دڳ ڏسڻ گهرن ٿا. پنھنجي حالتن جي تبديلي لاءِ جاکوڙين ٿا، وقت سان ڪلھو ڪلھي ۾ ملائي جيئن ٿا. زندگي سان ڀرپور ۽ مثالي ڪردار آهن. هنن وٽ هار نہ آهي. وچولي ۽ هيٺين طبقي جا هجڻ جي باوجود پنھنجي حق ۽ آزاديءَ لاءِ جدوجھد ڪندا رهن ٿا. سماجي حالتن آڌار تبديلين کي سمجهن ٿا، بھتر ۽ تعميري تبديلي جو اداراڪ اٿن.
آءُ مشتاق شوري جي ان ڳالھہ سان بلڪل اختلاف ڪيان ٿو تہ “سنڌياچ ڪو محدود رهندڙ شخص آهي ۽ سماج ڏانھن لاتعلقي وارو رويو رکي ٿو.”
سنڌياچ جو ڪردار عوام دوست ۽ تبديلي پسند ڪردار آهي. هو سماجي حوالي سان هڪ اداري ۾ ڪم ڪري ٿو. اهو ادارو منھنجي خيال ۾ اين جي او طرز جو آهي ۽ ان اداري ۾ رهندي هو سماج جي لاءِ ڪجهہ ڪري ٿو ۽ ان سان جڙيل بہ آهي. ائين ڪونھي تہ هو محڪومي ۾ رهندي محدود سوچ ۽ علم رکندي تبديلي لاءِ ڪوشش نہ ٿو ڪري.
دوستو وسڪيءَ جي تخليقن جو ڪمال آهي جو ان پڙهندڙ ان ساڳي ڪيفيت ۾ هليا وڃن ٿا. جيڪا ڪيفيت هن جا ڪردار محسوس ڪن ٿا. اهو سڀ پڙهي ڪري وسڪي جي پڙهندڙن تي نفسياتي اثر ٿي وڃي ٿو ۽ ان نفسياتي اثر کي “دوستو وسڪيانا” جو نانءُ ڏنو وڃي ٿو. ائين ئي نور جي ڪردارن جون ڪيفيتون ۽ پيڙائون بہ اسان پڙهندڙن تي گهيرو اثر ڪن ٿيون. نور جا ڪردار هن سماج جا منفرد ڪردار آهن. انھن جون خوبيون، رويا ۽ نفسيات انفرادي آهي، جيڪا سندن الڳ سڃاڻپ جوڙي ٿي.
هن ناول جو Main Idea عورت ۽ ان سان جڙيل هڙئي معاملات Discourse هيٺ آيا آهن. جيئن شاديءَ جي معاملي تي ليکڪ هي خيال رکي ٿو‏؛
“شادي جو تصور – اولھندي دنيا ۽ خاص طور مذهبي رياستن ۾ تذليل ۽ ذلت کان هٽي ڪري شايد ڪجهہ بہ ناهي! اهڙو تعلق جيڪو نفس ۽ حوس جي آڙ ۾، رياستن پاران جائز قرار ڏنو ويو آهي.” صفحو 23
شادي جيڪو هن دنيا جو اعليٰ ترين ٻنڌڻ آهي. جيڪڏهن اهو انسان نہ جوڙي ها تہ شايد هي جھان انارڪي ۽ ڇڙواڳيءَ جي ڪن ۾ لڙهي ڳري وڃي ها. پر ان شادي جي خوبصورت رشتي کي ڪيئن لويو ويو ۽ غلط پرائي ۾ استعمال ڪيو وڃي ٿو ان تي ليکڪ جي خيال آرائي ۽ ان جو حقيقي پاسو پيش ڪرڻ عمده ترين آهي. شادي جيئن ليکڪ خود چوي ٿو اولھندي رياستن ۾ هڪ ڍونگ ۽ سواءِ Sex جي پورائي جي ٻيو ڪجهہ بہ ناهي. ان موضوع تي تمام وڏو ڊائيلاگ ڪري سگهجي ٿو ۽ اسان جي سماج ۾ عورت جي شادي کان پوءِ ڪا بہ سماجي حيثيت نہ ٿي رهي۽ هوءَ هڪ شوپيس يا سامان بنجي وڃي ٿي ۽ شادي عورت لاءِ اوڌر تي ورتلگهر، دوا ۽ ماني ٽڪي آهي. جنھن جي ادائيگي قسطن ۾ هوءَ Sex جي صورت ۾ سڄي جواني ۽ بعد ۾ پوڙهائپ ۾ نوڪر ٿي ڪندي رهي ٿي. هن حوالي سان اڃان بہ ليکڪ کي وسيع نظري سان هن معاملي کي بحث هيٺ آڻڻ گهرجي ها پر پوءِ بہ جيڪو بہ ڊسڪورس آهي اهو شاندار ۽ معنيٰ خيز مفھوم ڇڏيندڙ آهي.
باب ٻيون جنھن جو عنوان “انشا” آهي. اهو سنڌياچ جي ڪردار جو تعارفي باب آهي. جو گهڻو مختصر آهي. نور وٽ مختصر انداز ۾ ۾ کوڙ سارا خيال کولي ڇڏڻ جو خوبصورت ڏانءُ آهي. نور جا لفظ جملا ۽ خيال چندول آهن.
باب ٽيون جيڪو ناول جي ٽائيٽل ۽ عنوان سان منسلڪ آهي. عورت اسان جي سماج ۾ گهڻو ولرائيبل طبقو آهي. عورت جنھن جي وجودي مرتبي تي وڏي پئمائي تي ڊسڪورس ڪرڻ جي ضرورت آهي. ان جي نور هن ناول جي صورت ۾ اسان کي شروعات ڪري ڏني آهي. فيمينزم جيڪا عورت جي وجود جي جدا سڃاڻپ جي جدوجھد آهي. ڇو تہ عورت کي تاريخ ۾ وجودي لحاظ کان ميلاميٽ ڪيو ويو آهي؟ ڇا جي ڪري؟ پوري دنيا ۾ هر شعبي جي Main Stream ۾ عورت نہ جي برابر آهي!
امر سنڌو ڪنھن مضمون ۾ لکيو آهي تہ؛ “دنيا ۾ جيڪي هڪ بلين غريب ماڻھو آهن، تن ۾ ٽي ڀاڱي پنج عورتون ۽ ڇوڪريون آهن.”
تاريخ، تھذيب، اخلاق، فلسفو، مذهب، سياست، سماج يا وري گهر انھن سڀني ڌارائن ۾ عورت جي ڪا خاص سڃاڻپ حيثيت نہ آهي.
“سندرتا ۽ ڪروڌ” انھن سڀني ڳالھين کي پورٽري ڪري ٿو. تاريخ ۾ عورت جي وجودي عرفان نہ هجڻ بابت ڊاڪٽر غفور ميمڻ مرد کي نہ پر تاريخ کي ذميوار سمجهي ٿو ان ۾ مرد تي ڪو ڏوھہ نہ ڏئي ٿو.
ڊاڪٽر غفور ميمڻ لکي ٿو تہ “عورت فيوڊل دؤر ۾ گهر جي گڏي هئي ۽ سرمائيداري دؤر ۾ مارڪيٽ جي گڏي آهي، اسان ان کي آزادي ٿا سمجهون. جنھن ۾ عورت جي پنھنجي ذات جي سڃاڻپ نہ آهي، صرف هن جي جسم ۽ نقشن جي مڃتا آهي.”
يا ٻئي هنڌ لکي ٿو؛ “عورت جو ماءُ بڻجڻ وارو عمل جيڪو عورت کي ديوي جي رتبي تائين پھچائي ٿو ۽ اهوئي کيس تاريخ جي ابتي چڪرويو ۾ ڦاسايو ويو آهي.”
سندرتا ۽ ڪروڌ انھن سڀني سوالن جو رفليڪشن آهي ۽ خود سوال بہ آهي تہ ڊگهو ٺوس بيان بہ آهي. نور باريڪ بيني سان عورت جي وجودي بناوت کان ويندي ان جي سماجي، سياسي، تھذيبي ۽ وجودي سچائي جھڙن ڳالھين کي اسان آڏو پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. پر ڏٺو وڃي تہ مرد پوءِ بہ ڊاڪٽر غفور ميمڻ جي راءِ سان اختلاف ڪندي، عورت جي حق ۽ وجود کي ميٽڻ ۾ محرڪ رهيو آهي.
خليل جبران چيو آهي‏؛ “رڪاوٽن کي اورانگهڻ ئي عظمت جي نشاني آهي.”
نور جوڻيجو اسان جي سماج ۾ حق غضب ڪرڻ ۽ سچ کي دٻائڻ جون جيڪي رڪاوٽون پيدا ڪيون ويون آهن انھن کي اورانگهي ٿو ۽ عورت جھڙي عظيم انساني تخليق جي وجودي سوالن تي هن جو ناول جبران جي چواڻي عظمت جي نشاني آهي ۽ هڪ عظيم مقصد ۽ ڪم پڻ.
مٿي اسان جيڪو ڊاڪٽر غفور ميمڻ جو حوالو ڏنو ان ئي نقطي کي ناول نگار Marketing Strategy تي تنقيد ڪندي بيان ڪري ٿو؛ “انڊسٽريل سماج ۾ برانڊس جي پبلسٽي لاءِ مخصوص نفسياتدان ويھاريا ويندا آهن.”
۽ ان سڀ ۾ عورت جو گهڻو استعمال ڪيو وڃي ٿو. ليکڪ ان نقطي کي ڀلي ڀت سمجهي ۽ سمجهائي بہ ٿو.
باب چوٿون وجود جو ورلاپ عورت جي مسلسل موضوع جي ئي ورلاپ آهي. هن باب ۾ ليکڪ ورهاڱي واري نقطي تي تنقيد ڪري ٿو ۽ لکي ٿو تہ ؛ “خانداني عزت جي لڄ رکڻ جي لاءِ عورتن کي سندي ئي ڀاتين قتل ڪرڻ شروع ڪري وڌو هو.”
نور هن ئي باب ۾ اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا جي فضول شين کي وائکو ڪندي پنھنجا زبردست ويچار ونڊيا آهن. هڪ خبردار ۽ سگهاري سرجڻھار طور نور سنڌي سماج ۾ موجود سڀني اوڻاين ۽ رياستي هٿ ڪنڊن کي نظر ۾ رکي ٿو.
سنڌي شاعريءَ جي لاءِ ليکڪ جي سوچ ڏاڍي مزيدار آهي جيڪا توهان اڳيان ضرور پيش ڪندس؛ “سنڌي شاعري جيڪا اڄڪلھہ ٿئي پئي... ان مان ائين لڳي ٿو ڄڻ سنڌي ماڻھون محبت جي مرد ۽ عورت جي زاوين کان سواءِ ٻيا پھلو پسي نہ سگهيو آهي.”
ليکڪ جي ان راءِ سان سھمت بہ ٿي سگهجي ٿو ڇو تہ سنڌي شاعري سچ ۾ جمود جو شڪار آهي ماضي ۾ گل و بلبل ۽ هاڻي رڳي عورت ئي ان جو مرڪز آهي. داخليت، انقلاب، مزاحمت، شعوري ڀڃ ڊاھہ جا موضوع سنڌي شاعريءَ ۾ نہ آهن.
ليکڪ سائنسي نقطہ نظر سان گهڻيون شيون لکي ٿو ۽ هو بنيادي طرح نفسيات جو ماڻھو بہ آهي. عورت جي وجود جي مڃتا نہ هجڻ جو هڪ دليل ان جي ڪمزور جسامت هجڻ بہ قرار ڏنو وڃي ٿو. نفسيات جي ڳالھہ ايندي ه نفسياتي رهبر استاد فرائيڊ جو حوالو ضرور ڏبو‏؛ ان چيو آهي تہ “ڪنھن بہ جيو جي بقا ۽ وجود جي مڃتا جو دارومدار ان جي جسماني بيهڪ تي هجي ٿو.”
ان Perspective ۾ نور عورت جي Physical بناوت بابت هڪ ٻئي ڳالھہ بہ صفحي 78 بحث هيٺ آندي آهي؛
“مرد جي ورتاءُ جي روش بي ڌڙڪ ۽ بي پرواھہ ٿيندي آهي. عورت جي بنسبت ڪئي قدر وڌيڪ Neurons-cells آهن. جيڪي ذهن کي سڄي پاسي کان کاٻي پاسي جوڙي رکندا آهن. مرد گهڻو تڻو ذهن جي کاٻي پاسي تي زور آميز ٿيندو آهي. هڪ مسئلي کي هڪ وقت تي حل ڪرڻ جي سگهہ واري سگهي ٿو. جڏهن تہ عورت ذهن جي ٻنھي پھلوئن کي استعمال ڪرڻ جي مخصوص صلاحيت رکندي گهڻي رخي مسئلن کي ڪرڻ جي قوت رکي ٿي.”
ليکڪ جي ان نشاندهي جي پس منظر ۾ جيڪڏهن تاريخ ۾ جهاتي پايون تہ عورت پنھنجي ان صلاحيت کي استعمال ڪندي پوک جي ايجاد ڪرڻ کان ويندي گهر گرهستي ۾ Multi Task Job پئي ڪندي آئي آهي. ان جي ان قوت جي ڪري ئي مرد سماجي طور پختو ڪردار پئي رهيو آهي. توڙي جو عورت پنھنجي ان جسماني صلاحيت عيوض کوڙ سماجيمسئلن جو حل ڪڍندي بہ پاڻ سماجي طور ناڪارہ رهجي وئي آهي ۽ سماجي بگاڙ جو سبب بہ وري ان کي سمجهيو ويو آهي.
نور جو هي ناول “سندرتا ۽ ڪروڌ” پڙهندي مون کي “جارج اسٽيفنس” ڏاڍو ياد آيو. جنھن ريل جي انجڻ ٺاهي هئي. تاريخي طور نہ صرف ريل کي شيطاني ايجاد ڪوٺيو ويو آهي پر ان کان بہ وڌيڪ هنگامو پادرين پريس جي مشين تي ڪيو هو تہ بائيبل/پاڪ ڪتاب ان تي نہ ڇپبو، ڇو جو مشين جو وضو نہ ٿيل آهي. سائنس جو سماجي ڪارج اڳ جي ڀيٽ ۾ هاڻي ڪجهہ وڌيو آهي. هاڻي تہ ڪير اهو بہ نہ ٿو ڄاڻي تہ انھن ئي مشينن تي اهي ڪتاب ڇاپيندڙ جو بہ وضو ٿيل آهي يا نه؟ ترقي پذير سماجن ۾ انھن فرسودہ ڳالھين لاءِ سمجهہ نہ رهي آهي. ناول جو پنجون باب جيڪو “حسين پيچرو” جي نانءُ سان آهي ۽ ميرا جي مڪمل درد ڪھاڻي جو ڊراپ سين آهي. ميرا هن ناول جو مرڪزي ڪردار جيڪو مشتاق شوري صاحب کي دوستو وسڪي جي ناول ڪرائيم ائنڊ پنشمينٽ جي ڪردار جھڙو ڀاسجي ٿو. ائين مون کي ميرا دوستو وسڪيءَ جي ٻئي هڪ ناول “ايڊيٽ” جي مرڪزي ڪردار نستاتسيا فلي پوناجھڙو لڳي ٿو. جيڪا پڻ هڪ وئيشہ آهي. فلي پونا ۽ ميرا جي رام ڪھاڻين ۾ ڪنھن قدر وڏو فرق آهي پر درد ۽ پيڙا ساڳئي آهي. جيڪا دوستو وسڪيءَ جي نستاتسيا فلي پونا کان ٿيندي نور جوڻيجي جي ميرا تائين اچي پڳي آهي.
نور جوڻيجو سائنسي ائپروچ رکندڙ ليکڪ آهي. هڪ پاسي هو ميرا جي سورن جو داستان چٽي ٿو تہ ٻئي پاسي سائنسي سوچن، فلسفن ۽ علمن جي روشني ۾ انساني زندگي، ترقي ۽ وارتائن جي جاچ ڪري ٿو. جيئن هو Genes Mutation جي موضوعن تي ڳالھائي فڪري نقطہ نگاھہ کان هي ناول نور جي سگهارن ناولن ۾ شمار ٿيندو.
ناول جي هن باب ۾ جيڪو اهم حصو آهي اهو ngo critic وارو آهي. ڪافي وقت کان NGO جي ڪارج، اهميت ۽ ڪمن تي نہ ڳالھايو ويو آهي. ليکڪ ان کي گهڻي گهيرائي کان پسي قلم کنيو آهي ۽ اهي ئي تقريبن زميني حقيقتون آهن. جيئن هو لکي ٿو؛
“NGO مجموعي طور تي اڏوهي جيان انساني عقل، مسلسل ويڙھہ جي جذبي، سماجي شعور کي کوکلو ڪري اڌ مئو ماڻھو ٺاهڻ جي ڪوشش پئي ڪئي آهي.”
ngo critic وارن ويچارن جي جيتري بہ تعريف ڪجي اها گهٽ آهي. ليکڪ NGO جي سڀني پاسن/پھلوئن کان 3D Eye سان اڀياس ڪري رايا جوڙيا آهن. جن تي ngo ئي ميدان ۾ هڪ وڏو بحث ٿيڻ جوانديشو آهي.
نور 147 صفحي تي شادي جي رشتي کي عورت جي ازلي غلامي ۽ قيد جو باعث بڻجي ڏيکاريو آهي. اتي مون کي رجنيش اوشو ياد اچي ٿو تہ ڇا واقعي ئي شادي ائين آهي!؟ اوشو بہ شادي جو مخالف هو. مگر اتي سوال اهيو آهي تہ شادي جو سماج ۾ نعم البدل آخر ڪھڙو آهي؟
نور وٽ وحشي وارو استعارو گهڻو آهي. سندس اڳئين ناول جيان هن ناول ۾ بہ ڪافي جاين تي هن وحشي جو لفظ استعمال ڪيو آهي. ان لفظ جي لاءِ وري آءُ استاد فرائيڊ جو ئي حوالو ڏيندس‏؛ جنھن چيو آهي؛ “Man is sick rather the villainous or best ““ماڻھو وحشي ناهي پر بيمار آهي.”
مجموعي طرح نور جون تخليقون شخصي داخليت، شعور ۽ ذهني ڀڃ ڊاھہ سان ڀريل هونديون آهن. هي ناول سندرتا ۽ ڪروڌ ان جو ئي پرتوو آهي. نور جو هي ناول فڪر لحاظ کان سگهارو اثر ڇڏيندڙ ناول آهي جنھن جي ڪاميابي جي اميد ڪيون ٿا.
پنھنجي ڳالھہ ٻولھہ جي پڄاڻي استاد شيڪسپيئر جي ڳالھہ سان ڪندس تہ ؛ “زندگي هڪ بي قوف جي ٻڌايل ڪٿا آهي، جا گوڙ گمسان سان ڀريل آهي ۽ جنھن مان هڙ حاصل ڪجهہ نہ ٿو ٿئي.”

سنڌي ٻاراڻي ادب ۾ ناول نويسي

وڏا ٻار ڊگهيون ڪھاڻيون ۽ قصا تمام گهڻي شوق سان ٻڌندا آهن. انھن ڪھاڻين ۽ قصن ۾ هرپل پاڻ کي گم رکندا ۽ انھن جو اثر بہ وٺندا آهن. ٻار جي اها نفسيات تہ هُو سوال ڪندو رهندو آهي. پوءِ ڇا ٿيو؟ وڏي ڪھاڻي ٻار جي پسند هوندي آهي ائين ئي ناول ۾ ڪھاڻي کي اها ڊگهائي اچي وڃي ٿي جيڪا ٻار پسند ڪن ٿا. ناول جو ڪينواس وسيع هوندو آهي، جنھن ۾ ڪردارن جي گهڻائي ۽ انھن جون لاتعداد ڳالھيون ۽ حادثا قلم بند ٿي وڃن ٿا. جيڪي وڏن ٻارن کي گهڻو وڻن ٿا.
دنيائي ادب ۽ ٻولين ۾ ٻال ناول ڪافي گهڻو لکيو ويو آهي ۽ لکجي بہ رهيو آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ جيئن وڏي ادب ۾ ناول گهٽ لکيو ويو آهي. سنڌي ٻاراڻي ادب جي تاريخ ۾ ڪي هٿن تي ھڻڻ جيترا ٻال ناول لکيا ويا آهن.
ڊاڪٽر هوند راج بلواڻي مطابق؛ “ٻال ناول جا ٻہ مکيہ جزا آهن:
1. موضوع 2. ڪردارنگاري”(1)
منھنجي خيال ۾ ٽيون جزو پلاٽ بہ هجڻ گهرجي. ڇو تہ ٻار ڪھاڻي جي اڻت ۽ بيهڪ ۾ بہ دلچسپي رکندا آهن. موضوع کڻي دلچسپي وارو هجي اگر پلاٽ جي جوڙجڪ ۾ ڪٿي کوٽ ٿي پوي ٿي تہ ٻار جي دلچسپي ختم ٿي ويندي.

ٻال ناول جو موضوع:
ٻال ناول آهي تہ ظاهر آهي تہ موضوع تہ ٻارن سان واسطيدار هجڻ گهرجي. موضوع هجي بہ اهڙو جيڪو ٻارن کي سمجهہ ۾ بہ اچي سگهي. فلسفو، عشق، نفسيات يا ٻيا اهڙا ڳوڙها موضوع نہ کڻڻ گهرجن. جنھن سان ٻار منجهي پوي. ٻارن جي نفسيات موجب انھن کي کل مذاق ۽ گهمڻ ڦرڻ جون ڳالھيون وڌيڪ ڇڪ ڪنديون آهن. ٻال ناول ۾ موضوع جي لحاظ کان نيئن دنيا جون ڳالھيون ۽ ائڊوينچر هجڻ لازمي آهي.

ٻال ناول جي ڪردار نگاري:
ٻال ناول جي ڪردارن جي چونڊ تي وڌ ۾ وڌ ڌيان ڏيڻ گهرجي. ڇو جو ٻار جو ذهن تمام گهڻو نازڪ هوندو آهي. هو ڪنھن بہ ڪردار کي وٺي ڪر ي منفي اثر وٺي سگهي ٿو. ان لاءِ ناول ۾ سڀ ڪردار صاف سٿرا ۽ انھن جي ٻولي بہ اخلاقي ۽ سھڻي هجي. جنھن ٻار جي ڪردار جي بناوت ٿئي ۽ پڙهڻ ۾ دلچسپي قائم رهي.

ورهاڱي کان اڳ سنڌي ٻال ناول:
جيئن وڏي ادب ۾ ناول جي شروعات ترجمي سان ٿي آهي. بلڪل ائين ئي ٻال ناول جي شروعات بہ ترجمي سان ٿئي ٿي. ورهاڱي کان اڳ ڇپيل سڀ ٻال ناول ترجمي جي صورت ۾ آيا ۽ اهڙو ڪو اصلوڪو ٻال ناول نہ ٿو لڀي.
ڊاڪٽر هوندراج بلواڻي مطابق: نانڪرام ڌرمداس ميرچنداڻي جو “نازڪ گلڙا” 1928ع ۾ اسڪول جيون تي لکيل پھريون ناول هو. پر اهو بہ هڪ وديشي ناول جي آڌار تي لکيل هو.(2)

ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ٻال ناول:
ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ٻال ناول جي باقاعدہ شروعات ٿئي ٿي ۽ پھريون اصلوڪو ٻال ناول 1958ع، سرگ جي ڳولھا، موهن ڪلپنا جو آهي. ان کان پوءِ ورهاڱي کان اڳ جي ڀيٽ ۾ ورهاڱي کان پوءِ سٺا ناول لکيا ويا . پر پوءِ انگ صفا گهٽ آهي. مزاحيه، راج بادشاهن، زندگي جي ٻين موضوعن تي ٻارن جي دلچسپي وٽان ناول لکيا ويا.

ورهاڱي کان پوءِ انڊيا ۾ ڇپيل ٻال ناولن جو وچور
 

 

نمبر

ناول جو نالو

ناول نگار

ڇپائيندڙ

سال

1.

سرڳ جي ڳولھا

موهن ڪلپنا

ميرج ساهيتہ مالھا الھاس نگر

1958ع

2.

سندر رامائڻ

ديپچندر تلڪوچند

لوڪ سيوا منڊل، ممبئي

1963ع

3.

راجا وڪرماجيت جون 32 پتليون

دولترام هيمنداس ڪلياڻي

ايل ڪشنچند ۽ نس الھاس نگر

1963ع

4.

چار درويش

دولترام هيمنداس ڪلياڻي

گورڌن بوڪ اسٽال اجمير

1963ع

5.

سھراب ۽ رستم

سترامداس سائل

ليکڪ پاڻ

1946ع

6.

هڪڙو هو راجڪمار

هوندراج بلواڻي

اپسرا پبليڪيشن احمد آباد

1968ع

7. 

پوپ جادوگر

راجيش کٽواڻي

 

1976ع

8.

ڀڳڙو مندر

ڪنعيو گوپلاڻي

 

1971ع

9.

روپ ننگر جي راجڪماري

جڳديش لڇاڻي

 

1982ع

10.

گلن ڦلن جي راڻي

جڳديش لڇاڻي

 

1982ع

11.

لال جادوگر

ميول آهوجا

 

1983ع

12

هيرا موتي

ٽھلرام جيسومل 

 

1985ع

13.

شينھن ۽ ٻڪري

جيوت گوگيا جوت

 

1990ع

14.

ملي ڪبوتر مقابلو

منوهر بيدي، جڳديش لڇاڻي

 

1990ع

15.

لعل هيري جي ڳولا 

جڳديش لڇاڻي

 

1992ع

16.

معصوم مرڪ

ٽھلرام جيسو مل

 

1991ع


داستان ۽ قصا:
داستان ۽ قصا جن کي قديم دؤر جا ناول چئجي تہ ڪو وڌاءُ نہ ٿيندو. الف ليليٰ، حاتم طائي، چار درويش، گل بڪاولي، ممتاز دمساز، اهڙا قصا ۽ داستان آهن. جيڪي خاص ٻارن لاءِ نہ لکيل آهن. پر اهي ٻار تمام وڏي دلچسپي سان پڙهندا رهيا آهن.
ڊاڪٽر هوندراج بلواڻي مطابق: اهڙي قصن جو ليکڪ دولترام هيمنداس ڪلياڻي هو. اهڙا قصا ٻار جي شوق جي انتھا رهيا آهن. ڇو تہ انھن جا حادثا، منظر ۽ ڊيگهہ ٻارن کي وڻندڙ لڳن ٿا ۽ هو انھن ۾ گم ٿي وڃن ٿا.

سنڌ ۾ ٻال ناول:
لڳ ڀڳ ستر سالن جي ايڏي وڏي عرصي ۾ ٻال ناول جو تعداد ۽ چونڊ گهٽ رهي آهي. سنڌ ۽ هند ۾ ٻاراڻي شاعري تمام گهڻي لکي وئي آهي ۽ لکي وڃي بہ پئي پر ڪھاڻي ۽ ناول تي ايترو جوڳو ڌيان نہ رهيو آهي. اگر سنڌ ۽ هند ۾ ڇپيل ٻال ناولن کي گڏائجي تہ ڪي 20 يا 25 ناول مس ٿيندا. باقي شاعريءَ جي گيتن جا ڪتاب جهجها اچي رهيا آهن. سنڌ ۾ هند جي ڀيٽ ۾ ٻال ناول جو انگ مايوس ڪندڙ آهي. سنڌ ۾ جن ٻال ناول لکيا آهن. انھن ۾ “موکي” امر لغاري، جو ناول آهي. جيڪو ڪنول پبليڪيشن قمبر جو ڇپيل آهي. خالد آزاد جو “سج اڀرڻ کان پوءِ” ۽ انور ابڙي جو “ڀڳل رانديڪو” ڪاڇو پبليڪيشن پاران ٻال ناول آندا ويا آهن.

ورهاڱي کان پوءِ سنڌ ۾ ڇپيل طبعزاد ٻال ناولن جو وچور

 

نمبر

ناول جو نالو

ناول نگار

ڇپائيندڙ

سال

1. 

بتين واري ناني

اڪبر جسڪاڻي

 

1980ع

2.

لاکو ڦلاڻي

شمس الدين عرساڻي

 

1982ع

3.

سنڌ باد جو سفر

علي بابا

ثقافت کاتو سنڌ

1993ع

4.

ٻالڪ فورس ۽ ڀوت بنگلو

طارق قريشي

 

1993ع

5.

خوفناڪ سازش

ذوالفقار علي ڀٽي

 

1993ع

6.

رولو

نوشاد

سنڌ رائيٽر پبليڪيشن 

2002ع

7. 

پنھنجي ڌرتي پنھنجا ساھہ

اختر جانوري

 

2004ع

8.

سج اڀرڻ کان پوءِ

خالد آزاد

سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو

2005ع

9. 

جڏهن روپ گم ٿي وئي

ممتاز بخاري

ڪاوش مئگزين، ڪاوش پبليڪيشن حيدرآباد

2005ع

حوالو (3)

10.

هل تہ هلون چنڊ تي 

پروانو سيوهاڻي

 

 

11. 

ڀڳل رانديڪو

انور ابڙو

ڪاڇو پبليڪيشن، ڪراچي

2008ع

12.

جاڳو جاڳو

عبدالغفار سومرو

مھراڻ اڪيڊمي شڪارپور

2016ع

13.

ننڍڙو چنڊ

انور ابڙو

ڪويتا پبليڪيشن حيدرآباد

2018ع

14.

ٽارزن شڪارپور ۾

شبانہ سولنگي

مھراڻ اڪيڊمي شڪارپور

2019ع


ٻال ناول بابت اهم نقطا:
 هند ۾ ٻال ناول جو ڪم ساراھہ جوڳو آهي ۽ اتان جي ليکڪن ڪافي ناول لکيا آهن. 
 سنڌ جي وڏن ناول نگارن ۽ ڪھاڻيڪارن کي ٻال ناول جي شعبي طرف ڌيان ڏيندي هڪ اڌ ٻال ناول لکڻ گهرجي.
 موضوع جي لحاظ کان جيئن ٻين ٻولين ۾ نواڻ آڻي وڏا قصا يا ناولن جو سلسلو آندو وڃي ٿو . انگريزي ۾ هيري پوٽر جي سيرز، ان طرز جو ناول سنڌ ۾ بہ اچڻ گهرجي.
 تاريخي ۽ ثقافتي يا جاسوسي قسم جا بہ ٻال ناول لکيا وڃن.

ورهاڱي کان پوءَ ۽ اڳ ۾ ٻين ٻولين مان ترجمو ڪيل ٻال ناولن جو وچور
 

نمبر

ناول جو نالو

ناول نگار/ مترجم

ڇپائيندڙ

سال

1

ڳولا جو سفر (کوجنا)

Heroes of Civilization

جيف ڪاٽلر ائنڊ هائيم جيف/ اياز ڀٽو

نئون نياپو اڪيڊمي ڪراچي

2011ع

2.

مريخ جا مسافر

ايڊمنڊ ڪوپر/يوسف سنڌي

سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو

2016ع

3.

تلسمي جن The Amp 

رابرٽ لوئس اسٽيونس/يوسف سنڌي

سچائي اشاعت گهر دڙو

2020ع


ٻال ناول جي لکڻ لاءِ ٻارن جي ذهينت کي ڌيان ۾ رکي دلچسپ ۽ خاص قسم جو قصو ڪا ڪٿا يا پلاٽ کڻجي جنھن سان ڪي معياري ٻال ناول ميدان ۾ اچن.
هند ۽ سنڌ ۾ هي صنف ڪو خاص مقام تي نہ پھچي سگهي آهي نہ ئي ايڏو معياري ڪم ٿي سگهيو آهي، شاعري گيتن وانگي هي صنف بہ خاص توجھہ جي گهرجائو آهي.


حوالا:
1. سنڌي ٻال ساهتيه، سنڌي ساهت گهر، حيدرآباد، 2007ع.
2. ساڳيو
3. سنڌي ٻاراڻي ادب جي تاريخ، خالد آزاد، سنڌي ٻولي جو بااختيار ادارو، حيدرآباد.
4. سنڌي ناول جي اوسر، ممتاز بخاري، سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي. 2021ع.

غلام نبي مغل جا ناول- موضوع ۽ مقصديت (تنقيدي ۽ تحقيقي اپٽار)

سنڌي ۾ جڏهن چيو ويو تہ “سنڌي ڪھاڻي کي گولي لڳي وئي!” اهو هڪ Miss Concept هو. پر ان جو مطلب ڪٿي اهو بہ هيو تہ نسيم کرل کان سواءِ ڪو بہ سنڌي ۾ بھتر ڪھاڻي لکي نہ ٿو سگهي. پر ائين نہ آهي ۽ نہ ئي هو.
انگريزيءَ ۾ جڏهن چيو ويو تہ Now, Novel is dead. تڏهن اهو بانور ڪرائڻ لاءِ چيو ويو “جيمس جوائس جي “يوليسيس کان بھتر ناول هاڻي ڪيئن ٿو اچي سگهي؟” پر مه، ائين نہ هو نہ وري آهي. ناول تہ اڃا بہ جيئرو آهي. ان جملي کي ڄاڻ اچي هڪ صدي پوري ٿي آهي.
سراج جي ٻيئن ورسي جي تقريب کي غلام نبي مغل خطاب ڪندي چيو تہ “ سراج مون کي چيو هو تہ “تو جيڪو اوڙاھہ ناول لکيو آهي، ڪاش! اهو مان لکان ها.” غلام مغل چيو تہ “مون کي فخر آهي تہ سراج ائين چيو هو.
محمد عثمان ڏيپلائي کان پوءِ سنڌي ۾ تاريخي ناول تي سراج ۽ غلام نبي مغل ڪم ڪيو آهي. سراج جو “پڙاڏو سوئي سڏ” ارغونن ۽ ترخانن جي دور جي تاريخي احاطي تي مشتمل آهي. سراج جي ناولن ۾ رومانس ڪجهہ گهڻو ئي آهي. ان ئي موضوع تي غلام مغل جو اوڙاھہ ناول بہ آهي. جيڪو غلام نبي مغل جو Debut ناول آهي. اوڙاھہ ۾ ارغونن، ترخانن، مغلن، ڪلھوڙن کان ويندي اڄ 20 سال اڳ جي سنڌ جي سياسي ۽ سماجي حالتن تي طائرانہ نظر ڪئي وئي آهي.
اوڙاھہ ناول ۾ حيدرآباد جون گهٽيون، پاڙا، روڊ رستا ۽ ان جي تاريخي بيهڪ جون ڳالھيون آهن. غلام نبي مغل ۽ مدد علي سنڌي حيدرآباد شھر کي پنھنجي تخليقن ۾ دلي طور موضوع بنايو آهي. مدد علي سنڌي جي ڪھاڻي “هينئڙو ڪچي تند جيان” حيدرآباد جي اجڙي ويل خوبصورت ۽ قدرتي حسن جي ڪھاڻي آهي. منھنجي خيال ۾ غلام نبي مغل ۽ مدد علي سنڌي جي لاءِ حيدرآباد هڪ ڪيفيت بڻجي وئي آهي.
غلام نبي مغل سنڌي ناول نگاريءَ جو اهو مسافر آهي. جنھن جي ادبي ڪيريئر تي ستن ناولن جي فھرست آهي. جن منجهہ پنج اصلوڪا آهن، باقي ٻہ ناول ترجمو ڪيا اٿس. هڪ فرنچ ناول ۽ ٻيو پنجابي “بنديوان” نالي سان ناول آهن. غلام نبي مغل جي ڪھاڻي جي ميدان ۾ بہ وڏي حصيداري آهي. سندس چار ڪھاڻي مجموعا اچي چڪا آهن. ۽ هو انھن تي ايوارڊ بہ ماڻي چڪو آهي.
غلام نبي مغل جي پھريتي ناول مڃتا ماڻي. سندس ناول جي موضوع جي سوشو پوليٽيڪل تاريخ ۽ وچولي طبقي جو نہ اسرڻ آهي. پوري ناول ۾ سنڌ جي تاريخي ڇنڊڇاڻ ۽ غلط مفروضن کي چٽيو ويو آهي.
غلام نبي مغل ذاتي طور ڪالمن ۽ ڪھاڻين کي گهٽ اهميت ڏيندو، ان ڳالھہ ساڻس ملي ڪري سڌ پئي ۽ ان ڳالھہ مون کي گهڻو متاثر بہ ڪيو. ناول جي شعبي ڏانھن غلام نبي مغل جي سنجيدگي هڪ خوشي ڏيندڙ احساس آهي.
سنڌي ۾ ائين ٿئي ٿو تہ نثر پڙهندڙ جو وڏو ڪال آهي ۽ ٻيو تخليق ڪار جيڪو لکي ٿو اهو ڇپرائي بہ پاڻ ٿو. ٻاهرين دنيا ۾ تہ ناول جا ڏھہ ڏھہ ايڊيٽر ويھن ٿا ۽ ناول جي سڀني پاسن کي ويھي ڇنڊين ڇاڻين ٿا. پوءِ ٿو ناول بازار ۾ اچي. سنڌي ناول اسان جو ان صورتحال مان گذري پيو. ان جاکوڙ سبب هڪ تہ اهو آهي جڏهن پڙهيو نہ ٿو وڃي تہ تنقيد ڪير ڪندو؟ مختلف رايا ڪٿان ايندا! سو ان سبب سنڌ ۾ پختي ۽ پراڻي ناون نگار کان بہ پنھنجن ناولن ۾ کوڙ چڪون رهجي ويون آهن. جيڪي مون کي مطالعي وقت سامھون آيون آهن ۽ انھن بابت لکي رهيو آهيان.
پروفيسر نامديو تارا ميرچنداڻي چيو آهي تہ “ آلوچنا هڪ ڪوڙي بادامي آهي. جيڪو لکي ٿو هن لاءِ بہ، جنھن بابت لکيو وڃي ٿو هن لاءِ بہ.”
سو سنڌ جا ليکڪ ۽ نقاد جيڪڏهن اهي ڪوڙيون باداميون کائڻ شروع ڪن ها تہ ناول ۽ تنقيدي ادب هن پل گهڻو اڳتي هجن ها.
“اوڙاھہ” ناول ۾ سنڌ جي ساڍا چار سو سالن جي سوشو-پوليٽيڪل تاريخ کي بيان ڪيو ويو آهي. سنڌ جي سول سوسائٽي جو نہ ٺھڻ ۽ سنڌ جي سورن ۽ ڏچن جا ڪارڻ ۽ حيدرآباد ۾ 80ع ۽ 90ع جي ڏهاڪي ۾ سنڌي مھاجرن جي جهيڙن جي پس منظر ۾ لکيل آهي. “وطن يا واويلا” ناول ۾ ان وقت سنڌ جي وڏن شھرن ۽ سنڌين کي جيڪو نقصان ٿيو، ان ۾ سگهاري طرح ناول جي صورت ۾ آندو ويو آهي. شھري سنڌ خاص ڪري حيدرآباد شھر جي تباهي جو، سنڌين سان ٿيل ويڌن ۽ قتل و غارت بہ ان ناول ۾ تاريخي طور محفوظ ٿي وئي آهي. غلام نبي مغل تاريخ سان گهيري دل رکندڙ ليکڪ آهي سا بہ پنھنجي وطن سنڌ جي تاريخ ۽ ان ۾ مفروضا ڪاري.
2004ع ۾ غلام نبي مغل جو ٽيون ناول “مون کي ساھہ کڻڻ ڏيو” ڇپيو. اهو ناول ڪارو ڪاريءَ جي موضوع تي آهي. دونھاٽيل راتيون ۽ رولاڪ” غلام نبي مغل جو ٻيون ناول آهي. جيڪو پڻ بھترين ناول آهي. غلام نبي مغل جا ناول “اوڙاھہ ۽ “همئہ منصور هزار” موضوعاتي طور يڪسانيت ۽ هڪجھڙائي جو شڪار آهن. ٻنھي ناول ۾ هڪ ئي ڳالھہ سوشو-پوليٽيڪل تاريخ ۽ مڊل ڪلاس جو نہ جڙڻ ۽ تاريخي غلطين جي ڄاڻ جيڪا ساڍا چار سو سال کان 2012ع تائين هلي اچي ٿي.
“اوڙاھہ” ناول تي ان زماني ۾ فني پھلوئن تي تنقيد ڪئي وئي هئي پر “همئہ منصور هزار” بہ فني لحاظ کان کوٽل ناول آهي.
برنارڊشا چيو آهي تہ “قانون انھيءَ کان سواءِ ٻيو ڇا آهي تہ انھيءَ بھاني توهان کي ڦاسي چاڙهيو وڃي.”
ائين فن بہ تخليقڪار جي خيال کي ماري ڇڏي ٿو. بلڪل ائين ئي سائين غلام نبي ناول جي فني پاسن جي بنا پرواھہ جي پنھنجي ڳالھہ، سوچ اثرائتي نموني سان انھن ٻنھي ناولن جي صورت ۾ رکي ويو آهي.
فڪري نقطہ نظر سان غلام نبي صاحب جون لکڻيون مضبوط ۽ ڪارائيتون آهن. اهي پڙهڻ سان گهٽ ۾ گهٽ اسان جھڙو نوجوان رومانويت جي تصورن مان نڪري اچي ٿو.
ڪارل مارڪس مڊل ڪلاس لاءِ چوي ٿو؛ انقلاب جي راھہ ۾ سڀ کان وڏي روڪاوٽ مڊل ڪلاس طبقي جي آهي، ان جون نظرون آسمان تي ۽ پير گپ ۾ هوندا آهن.”
اها حقيقت آهي تہ اسان جو وچولو طبقو لالچي ۽ فريبي آهي. ان وٽ وطن جي مفاد بجاءِ ڇسا مقصد يا ننڍا مقصد آهن. جيئن نوڪري حاصل ڪرڻ ۽ بنگلو اڏڻ وغيرہ جيڪڏهن مڊل ڪلاس سھي معنيٰ ۾ جڙيل هجي تہ انقلاب اچڻ ۾ دير نہ ٿيندي ٻئي صورت ۾ اهو ئي ان جي روڪاوٽ آهي. وچولي طبقي جي بنياد تي مستقبل جون راهون متعين ٿينديون آهن. اسان کي تاريخي طور تہ ناڪام بڻائيندي وچولي طبقي کي اسرڻ ۽ نسرڻ نہ ڏنو ويو آهي. ان ۾ انھيءَ دؤر جي حڪومتن ۽ رياستي ادارن جو قصور آهي. جنھن کي غلام نبي مغل پنھنجي ٻنھي ناولن ۾ بحث هيٺ آندو آهي.
ارسطو چيو آهي تہ؛ “بھترين سياسي فرد، وچولي طبقي جا شھري ئي ٺاهيندا آهن.”
هي ٻئي ناول غلام نبي مغل صاحب جا تاريخي ناول آهن. جنھن ۾ هن سياسي قوتن جي نہ اڀرڻ ۽ انھن جي محرڪن ۽ وڇولي طبقي جي ارتقا ۽ جوڙجڪ کي تاريخي تناظر ۾ ڏسڻ-پيش ڪرڻ جي هڪ سٺي ڪوشش ڪئي آهي. سنڌي قوم پنھنجي مختلف تاريخي دورن ۾ ڪيئن پئي منھن ڏنو آهي. ڌارين ڪھڙي حڪمت عملي سان سنڌين جي غلطين جو فائدو وٺي انھن تي حڪمراني پئي ڪئي اهو سڀ “همئہ منصور هزار” ۾ آهي.
هن ناول ۾ پلاٽ، ڪردارنگاري ڪنھن قدر ڪمزور آهن پر منظرنگاري، مڪالما تاريخي حقيقتون بي باڪي سان بيان ٿيل آهن. غلام نبي مغل جا موضوع جتي حيدرآباد، تاريخي واقعا ۽ سول سوسائٽي آهن. اتي سندس طارق اشرف بہ هڪ الڳ موضوع آهي. غلام نبي صاحب سھڻي رسالي جي باني ايڊيٽرن منجهان آهي. پاڻ طارق اشرف کي تمام گهڻو ويجهو رهيو آهي. اوڙاھہ ناول جي ارپنا ۾ غلام نبي مغل لکيو آهي تہ هيءَ ناول مون طارق اشرف جي چوڻ تي ئي لکڻ شروع ڪيو هو. اوڙاھہ جيان همئہ منصور هزار...! جي ارپنا بہ طارق اشرف کي ڪئي وئي آهي.
“همئہ منصور هزار..!” ناول جو مک ڪردار عبدالرحمان خان آهي. جيڪو زمينداري ۽ ڪاروباري ماڻھو آهي. ليکڪ ان کي ننڍو زميندار ڪري لکيو آهي. پر ناول ۾ ان جي موجودگي ننڍي ڪاروباري زميندار جي نہ آهي. مک ڪردار پاڻ ئي چوي ٿو “منھنجا ڀائر فيوڊل لارڊس ۾ شمار ٿي سگهنٿا. پر آئون هڪ لوئر مڊل ڪلاس جو سنڌي آهيان.” زيب النساءِ جيڪا ناول جو ٻيو ڪردار آهي. مک ڪردار عبدالرحمان خان زيب جو مڙس آهي. ناول جي شروعات ٻنھي جي ڳالھہ ٻولھہ سان ٿئي ٿي.
عبدالرحمان خان جيڪو پنھنجي سڀاءَ ۽ ڏيک ويک ۾ وڏيرو بہ آهي تہ ڪاليج ۾ هيومن بيوهيور ۽ انٿروپالاجي تي ليڪچر بہ ڏي ٿو. ٻئي جيڪا اهم ڳالھہ هن ڪردار سان لاڳو ٿئي ٿي اها سنڌ آهي. سنڌ جون ابتر حالتون ۽ پٺتي هجڻ هن کان برداشت نہ ٿو ٿئي. ۽ هو خودڪشي ڪرڻ جو اعلان ڪري ٿو ۽ ان بابت پنھنجي ڊاڪٽر ۽ دوستن سان رابطو ڪري ٿو ۽ چيف سيڪريٽري کي فيڪس بہ ڪري ڇڏي ٿو.
وڏيري خان کي هزار ايڪڙ ٻني آهي پوءِ بہ هو ننڍو زميندار آهي. سنڌي سماج ۾ مڊل ڪلاس جي نہ هجڻ تي وڏي ڳڻتي آهي ۽ هو رضاڪارانہ طور مرڻ جو اعلان ڪري ٿو. هيءَ سڄو ناول سنڌ پرستي ۽ قومپرستيءَ جي پلاٽ تي آڌاريل آهي. پر ان ۾ افسانوري يا دابي لحاظ کان نہ پر ليڪچر ۽ مضمون واري طرز تي شين کي بيان ڪيو ويو آهي. وڏيري وٽ اڪثر نوجوان عورتون ۽ ڇوڪرا ايندا رهن ٿا. جن سان هو ڪچھري ڪري ٿو. چيٽاڀيٽي وارا امتحان پاس ڪندڙ افسرشاهي لڏو بہ خان جو مھمان ٿئي ٿو. ناول نگار انھن افسرن ۽ نوجوان کان سوال ڪرائي ۽ وڏيري خان جو ڪردار انھن سوالن جي جواب ۾ تاريخي ۽ زميني حقيقتن تان پردو کڻي ٿو. وڏيرو خان عورت جي سورنھن سينگارن تي ڳالھائي ٿو تہ وقم جي وصف بہ ٻڌائي ٿو. صفحي 50 تي ناول نگار لکي ٿو؛
“ڪاڪو چنو ڪٿي ڪنھن تاريخ ۾ نظر اچي ٿو جنھن محمد بن قاسم جو ساٿ ڏنو ۽ تاريخي دور ۾ چنن جي ڪنھن فرد ائين ئي سنڌ جي اوائلي غدارن منجهہ پنھنجو نالو لکرايو.”
ناول نگار اهڙيون ڇرڪائيندڙ ۽ اڻ ڇھيل ڳالھيون ڪري ٿو جو پڙهندڙ حيرت ۾ پئجي وڃي. مغل صاحب پوري تاريخ کي پڙهيو آهي، سمجهيو ۽ پوءِ هن “همئہ منصور هزار...!” ۾ ان کي اٿلايو آهي. نوجوان نسل کي هي ناول ضرور پڙهڻ گهرجن. ناول نگار جي ڪن ڳالھين سان سھمت بہ ٿجي پر پڙهندڙ جي من ۾ اهو بہ سوال اٿي ٿو تہ “راجا ڏاهر سنڌي اصل نہ هو.” ناول نگار فلاڻو بہ سنڌي نہ هو. فلاڻي جو تعلق فلاڻي ملڪ سان هو وغيرہ جھڙيون ڳالھہ ڪرڻ مان ڪھڙو فائدو آهي پوءِ ڀلا ان صورت ۾ ڇا ٿئي؟
صفحي 53 تي آهي تہ “ارغون، ترخان ۽ مغلن جي متعصب ۽ سنڌ متعلق پوري ڄاڻ نہ رکندڙ تاريخ نويس ٺٽي شھر لاءِ لکيو آهي تہ ايترو وڏو شھر هو جو ان ۾ پنج سؤ مدرسا، يونيورسٽي ليول جا هئا. جت ايران، عراق ۽ وچ ايشيا جا شاگرد علم حاصل ڪرڻ لاءِ ايندا هئا. اهي سڀ ڳالھيون Fantasies لڳن ٿيون.”
حقيقت ۾ مون کي بہ ان ڳالھہ تي اعتراض آهي تہ پنج سؤ مدرسا سو بہ يونيورسٽي ليول جا، ڇا سنڌ ۾ هن وقت 500 يونيورسٽيون آهن؟ مغل صاحب ڪوڙ تي ٻڌل تاريخي نقطن کي ڇني لاتو آهي. ناول ۾ ڪردارن جو لھجو منتقي ۽ جارحاڻو يا عقلي آهي.
ڪو بہ ناول تخليقڪار جي سوچ جو اولڙو هوندو آهي. غلام نبي مغل سنڌ جي هڙي حالت جيڪا پنھنجي پوري حياتي ۾ پئي ڏٺي آهي. انھن سڀني تجربن جوعڪس هي ناول آهي. ليکڪ لاءِ نہ صرف حيدرآباد هڪ ڪيفيت آهي پر سنڌ بہ هن لاءِ هڪ نينھن آهي ڪيفيت آهي جنھن ۾ هو پوري طرح لھي وڃي ٿو. سنڌ ڌرتيءَ ۽ وطن پرستيءَ جي ڪيفيت ۾ وتل هن ناول جا ڪردار وڏيرو خان سنڌ کي هڪ عورت جي روپ ۾ ڏسڻ لڳي ٿو ۽ هوءَ ڪمري ۾ اچي هن سان هيئن مخاطب ٿئي ٿي؛
“تون مون کي سڃاڻين نہ ٿو. آئون ڌرتيءَ ماءُ جو حصو آهيان. مون کي تون پنھنجي لاءِ ڌرتي ماءُ سمجهہ. آئون سنڌ آهيان.” پيج-66
۽ پوءِ وڏيرو خان پنھنجي ڌرتيءَ ماءُ لاءِ سڪ ۽ تڙپ ڏيکاري ٿو ۽ سنڌ پنھنجي اهنجن جو اظھار ڪري ٿي. ليکڪ ڪلھوڙن کي سنڌ جو حقيقي رهاڪو سمجهي ٿو. ۽ انھن بابت ۽ انھن جي غلط روين بابت هو لکي ٿو؛
“انھن ئي پنھنجي طاقت وڌائڻ ۽ اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ، پليجن سان گڏجي سنڌ جي پھرين ڪامريڊ شاھہ عنايت جهوڪ واري کي، مغل گورنر هٿان شھيد ڪرايو ۽ سنڌي عوام جي پھرين Socio-Economic تحريڪ کي ڏاڍ جي ذريعي ختم ڪرائي، سنڌ جي حڪومت حاصل ڪئي ۽ پنھنجي مذهبي تحريڪ کي بہ اڳتي وڌايو. پنھنجو بڻ بنياد سنڌ کان ٻاهر نبي ڪريم صلعم جي چاچي حضرت عباس رضہ سان ڳنڍي سنڌ ۾ قبائلي ۽ نسلي برتريءَ جي پيڙھہ جو پٿر رکيائون.” پيج-88
“ٽالپر پاڻ کي بلوچ سڏايو يا مير يا امير جو لقب ماڻيو ۽ پنھنجو پاڻ کي برتر نسل ڄاڻائڻ لاءِ پنھنجو پاڻ کي رسول ڪريم صلعم جي چاچي حضرت امير حمزہ رضہ سان وڃي ملايو. ٻروچن جون تاريخون پڙهڻ جھڙيون آهن. ڪي پاڻ کي امير حمزي سان ملائين ٿا تہ ڪي بروهي يا بلوچ پاڻ کي حام بن نوح جي نسل مان پيدا ٿيل نمرود سان ملائين جيڪو پاڻ کي نمرود بلوص سڏائيندو هو.” مٿئين راءِ ليکڪ صفحي 89 تي ٽالپرن بابت رکي ٿو.
ٽالپر دؤر ۽ حڪمرانن جون چڪون ڪيئن هنن سنڌ انگريزن حوالي ڪئي. ان جا محرڪ ۽ تاريخي نقطہ نگاھہ کي ليکڪ پرکي ٿو ڏاڍو پختگي سان حقيقت بياني ڪئي آهي. جئين هو هندن ۽ مسلمانن بابت لکي ٿو؛
“سنڌ يا هند ۾ اهو اصول اڪثر ڏسڻ ۾ ايندو آهي تہ هت جا هندو توڙي مسلمان، نسلي طور برتر سڏائڻ لاءِ هندوستان کان ٻاهر جي نسلن سان ملائين ٿا ۽ شايد اهو سمجهن ٿا تہ سنڌ هند کان بھتر نسل انساني نسل ايران، عرب يا وچ ايشيا ۾ رهندا هئا. ائين بلڪل نہ هو. پيج-90
اها حقيقت آهي تہ اسان اصلوڪا سنڌي هجون يا ٻاهران آيل هتي جا مختلف ماڻھو اهي تاريخي طور احساس ڪمتري جو شڪار رهيا آهن. ٿيڻ تہ ائين کپي جو اسان جي تاريخ، ثقافت ۽ تھذيب کي ڏسي ٻين دنيا جي نسلن کي اهيو ڪم ڪرڻ کپي پر اسان ان مرض مان ڪڏهن جند ڇڏاينداسين، ڪا خبر نہ آهي. هن ناول ۾ الائي ڪيتريون اهڙيون ڳالھيون آهن. جيڪي ڪوٽ ڪرڻ جھڙيون آهن. 400 صفحن تي مشتمل هن ناول جون اگر اهي حوالا ڏجن تہ تجزيو تمام ڊگهو ٿي ويندو. ناول ۾ ليکڪ ڏکيا ادبي، سياسي، سماجي، تاريخي، فلسفي ۽ ٻين علمن سان لاڳاپيل اصطلاح انگريزي ٻوليءَ ۾ ڪم آندا آهن. پڙهندڙ کي اهي اصطلاح ڪٿ منجهائي بہ وجهن ٿا تہ ان مان ليکڪ جي علمي ادراڪ جو اندازو بہ ٿئي ٿو. اهي ڪنھن قدر قبول بہ ڪري وڃجن پر سنڌي ٻولي کي اردو انداز ۾ مذڪر مونث جو فرق نہ ڪري لکڻ قبولي نہ ٿو سگهجي، ان پاسي وڌ ۾ وڌ ڌيان ڏيڻ جي ضرورت محسوس ٿئي ٿي.
جيئن صفحي 99 تي؛ “ڪامريڊ؛ پر سائين! اسان بحث conclude نہ ڪئي.”
ليکڪ ناول ۾ هندن لاءِ لکيو آهي تہ اهي هتان جا هئا ئي نہ ۽ هنن ڌرتيءَ ماءُ کي ڏاڍي آساني سان پٺي ڏئي ڇڏي ويا. ڀيرومل آڏواڻي جا مثال بہ ڏنا اٿس. هندن بابت اها راءِ ڪافي ڇرڪائيندڙ بہ آهي تہ اهي هتان جا هئا ئي نہ..
ناول ۾ ليکڪ سنڌ جي مختلف تاريخي دورن ۾ سنڌ ۾ سياسي ۽ تھذيبي سول سوسائٽي يا سماج جي بنياد بابت پنھنجي گهري تاريخي مطالعي ۽ سوچ سان نظر وڌي آهي. ان ۾ ڪنھن جو ڪھڙو ڪردار رهيو ۽ ڪن انھن کي پوئتي ڪيو. ٽالپر ۽ ڪلھوڙا دور ۾ سنڌ کي وڌ کان وڌ نقصان پھتو، جنھن بابت ليکڪ وڏيري خان جي واتان تفصيلي تشريح ڪرائي آهي. ادب ۾ تنقيد جو پورائو يا فرض ادائي جيڪي صنفون ڪن ٿيون انھن ۾ ناول تيز ۽ اڳڀرو آهي. ناول خود زندگي جي تنقيد بہ هوندو آهي. ناول نگار هتي ان جو فائدو وٺندي شخصيتن ۽ تاريخي واقعن، نعرن، قومن ذاتين وغيرہ تي تنقيد ڪئي آهي. ان کان اڳ انھن شخصيتن يا واقعن تي نہ ڳالھايو ويو آهي. 1857ع ۾ انگريزن جي خلاف سڄي سنڌ ۾ ڪٿي بہ ڪو آواز نہ اٿيو هو جڏهن تہ پوري هند ۾ جنگ لڳي پئي هئي. سنڌ ۾ ڪجهہ نوجوانن بغاوت ڪئي هئي تن مان ستن نوجوانن کي ڪراچي جي ايمپريس مارڪيٽ وٽ سرعام ڦاهي ڏني وئي ۽ بارٽل فريئر هڪ لسٽ ٺاهي هئي انھن جي جن کي بغاوت نہ ڪرڻ عيوض جاگيرون ڏنيون ويون هيون. جنھن بابت ليکڪ صفحي 144 تي لکي ٿو؛
“ڇو نہ اها لسٽ ظاهر ڪئي وڃي ۽ انھيءَ کان علاوہ انھن مجاهدن بابت کوجنا ڪري حقيقتون ظاهر ڪن جيڪي ايمپريس مارڪيٽ وٽ ڦاسي چاڙهيا ويا. يار 1987 کي ڇا ياد ڪريون اسان تہ 4 مارچ 1967ع کي بہ وساري ڇڏيو آهي.”
اها حقيقت آهي تہ سنڌي قوم پنھنجي سياسي ۽ تاريخي جدوجھدن ۽ واقعن کي وساري سطحي مفادن جي پويان ڪاهي پئي آهي. ان ڪري اهي ڏينھن اسان کي ياد نہ رهيا آهن. صفحي 151 تي هڪ ڊائيلاگ آهي؛ جنھن تي مون کي اعتراض آهي. توڙي ليکڪ ان کي واضع ڪري لکيو آهي. “پر سنڌ بہ منھنجي امڙ وانگي شريڪ حيات آهي.” شريڪ حيات زال لاءِ ڪتب ايندو آهي.
مرزا قليچ بيگ سنڌي ادب جي قداور شخصيت ٿي گذري آهي. مغل صاحب مرزا قليچ شخصيت تي جنھن رخ کان تنقيد ڪئي آهي، ڳالھايو آهي اهو پاسو منھنجي خيال ۾ ڪنھن بہ ليکڪ نہ ڇھيو آهي. مغل صاحب صفحي 166 تي لکي ٿو؛
“مرزا صاحب ڪڏهن بہ سنڌ جي سياسي حالت تي پنھنجا ويچار ظاهر نہ ڪيا. مرزا صاحب کي تہ اها شڪايت هئي تہ منھنجو قدر سنڌ ۾ ايترو نہ ڪيو آهي جيترو ٿيڻ کپي ها. آئون تہ سمجهان ٿو تہ مرزا صاحب کي جيڪو شمس العلماءُ جو خطاب مليو اهو سنڌي ۾ لکڻ ڪري مليو، سو گهٽ نہ آهي.”
يا وري ناول جو ٻيو هڪ ڪردار ڪامريڊ هيئن چوي ٿو؛
“مرزا صاحب ذهني طور آخر تائين پاڻ کي انگريز جي ديسي Eliteڪلاس جو ميمبر سمجهندو رهيو. مرزا پاڻ کي غيرشعوري طور جارجيا سان بہ ڳنڍي رکيو. اهو نفسياتي ڪارڻ رڳو مرزا صاحب ۾ نہ پر ڪيترائي پرڏيھي ڪنٽب سنڌ ۾ آيا آباد ٿيا سي Physically ۽ Socially تہ سنڌ ۾ Assimilate ٿي ويا پر ذهني طور تي اڃا بہ سندن ذهن جي ڪنڊ پاسي ۾ ماضي ۽ Superiority جا احساس پنھنجي طور تي موجود هئا. پر جي ڪجهہ ماضي جي ڇنڊڇاڻ ڪبي تہ خبر پوندي جيڪو مان ۽ عزت، سنڌ سڀني کي ڏنو سوئي سڀ ڪجهہ آهي. مرزا صاحب جا وڏا ايران مان سنڌ ۾ ڪھڙي حالت ۾ آيا. مرزا کي پنھنجي ڏاڏي جي بہ خبر نہ هئي! نڌڻڪن غلامن جي صورت ۾ آيا. سنڌ کين ڇا ڏنو؟ مرزا صاحب تمام اعليٰ شخصيت هو ۽ سندن پويان ڪو بہ وارث يا خاندان جو ماڻھو اهڙي رتبي کي پھچي نہ سگهيو آهي. شايد وارثن جي مذهب سان وابستگي ۽ ٻئي علم، ادب ۽ فلسفي ۾ گهٽ دلچسپي ڪري انھي خاندان منجهان ڪو ٻيو عالم شخص سامھون نہ اچي سگهيو آهي.
سنڌ ۾ ناول نويسيءَ جي رفتار گهٽتائي جو ڪارڻ هڪ اهيو بہ آهي تہ ناول لکڻ هڪ نيئن دنيا تخليق ڪرڻ برابر آهي ۽ اهو ڪم ڏاڍو اوکو آهي. هر ڪردار جي اڻت، انھن جا مڪالما ۽ سوچ منظر سڀ هڪ ئي ناول نگار کي ادا ڪرڻا پون ٿا. ان ڪري بہ سنڌ ۾ ناول گهٽ تخليق ٿئي ٿو. سنڌي ليکڪ کان ايڏي مشقت نہ ٿي پڄي ۽ اسان جون معروضي حالتون بہ اسان کي ان خف هڙتال ۾ پوڻ نہ ٿيون ڏين.
مغل صاحب جو هي ناول “همئہ منصور هزار..!” سٺو ناول آهي. پر منھنجي خيال ۾ سائين ان کي ٻيھر چڱي طرح نہ ڏٺو هوندو. ناول ۾ گهڻيون ڳالھيون Repeat ٿي ويون آهن. 1. ايمپريس مارڪيٽ وارو واقعو 2. ٺٽي ۾ پنج سئو مدرسا يونيورسٽي ليول جا هئا. 3. مرزا قليچ بيگ واري ڳالھہ. ساڳئي ڳالھہ بار بار اچڻ سان خوبصورتي ختم ٿي وڃي ٿي ۽ پڙهندڙ بوريت جو شڪار ٿي پوي ٿو. اهي شيون Rewrite ڪرڻ وقت ٺيڪ ڪرڻ کپنديون هيون. يا وري ليکڪ کي لکڻ وقت ياد نہ رهيون آهن تہ اهي ڳالھيون اڳ ۾ بحث هيٺ اچي چڪيون آهن.
ليکڪ هالن جي مخدومن ۽ حر تحريڪ تي پڻ تنقيد ڪئي آهي جيڪو هڪ معلوماتي بحث آهي. خاص ڪري رومانس ۾ رهندڙ سنڌين کي اهي ڳالھيون ضرور پڙهڻ گهرجن. اندروني ۽ بيروني سنڌ وارو فضول اصطلاح صفحي 205 تي مغل صاحب جو سچيت ليکڪ بہ استعمال ڪري ويو آهي. جنھن تي مون کي بي حد افسوس آهي. اسان ليکڪن کي اهڙي پروپينگنڊہ وارن اصطلاحن ۽ محاورن کان عقلمندي کان ڪم وٺندي ڪم نہ آڻڻ گهرجي. اميد تہ سائين اڳتي اهڙن اصطلاحن کان ذهن ۾ رکندو.
ناول جي مک ڪردار وڏيري خان جو دوست آهي جيڪو آمريڪا مان آيو آهي NIR ۽ پراڻو ڪامريڊ آهي. پوري ناول ۾ وڏيري خان ۽ ڪامريڊ جي ڊگهي گفتگو ۽ مڪالما آهن. جنھن ۾ ورجاءُ گهڻو آهي. صفحي 269 تي سڄو هڪ پيج Repeated آهي.
محترم ليکڪ جتي مرزا قليچ بيگ ۽ ٻين شخصيتن تي تنقيد ڪئي اتي هن سائين جي ايم سيد کي بہ تنقيد جو نشانو بنائيندي لکيو آهي تہ “ سنڌ ڪڏهن بہ مسلم ليگ جي معاملن ۾ حصو نہ ورتو سواءِ سائين جي ايم سيد جي جنھن مسلمان ملڪ جي لاءِ قرارداد اسميبليءَ مان پاس ڪرائي ۽ ڌمڪي ڏني تہ جي ائين ٿيو تہ سنڌ ۾ سول وار شروع ٿي سگهي ٿي. پوءِ بہ اسين ڏسون ٿا تہ سائين جي ايم سيد، جناح سان اصولي جنگ نہ ڪئي پر سيد سڳورن کي ڪجهہ وڌيڪ سيٽون نہ ملڻ تي مسلم ليگ مان نڪري آيو. آئون سمجهان ٿو تہ سائين جي ايم سيد مسلم ليگ مان نہ نڪري ها تہ شايد حاڪمن جي ايوانن ۾، سرڪاري ميمبر جي حيثيت منجهہ پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ ان وقت جي حالتن مطابق، سنڌين لاءِ وڌيڪ بھتر رول ادا ڪري سگهي ها ۽ لياقت علي جي ٽولي کي سياسي منھن ڏئي سگهي ها. (پيج-270)
منھنجي خيال ۾ تحقيقي ۽ افسانوي ادب ۾ اگر ڪنھن شخصيت لاءِ لکيو ويندو آهي ان ۾ ان جو صرف نالو لکبو آهي. ان جي نانءُ اڳيان سائين يا پٺيان صاحب نہ لڳائبو آهي. ليکڪ کي Civil War واري ڳالھہ واضع ڪري لکڻ گهربي هئي. ليکڪ جي تاريخ جي مطالعي، اهو سياسي هجي يا سماجي جي قابليت ۾ ڪو بہ شڪ نہ آهي. پر جيتري قدر مون پڙهيو آهي تہ اها سيٽن جي جنگ نہ هئي ان جو تہ صرف جناح بھانو بڻايو هو. جي ايم سيد ۽ جناح ۾ اها اصولن ۽ سچائي جي جنگ هئي. ترقي پسند ۽ رجعت پسند ڌڙن جي ويڙھہ هئي. جنھن بابت سائين جي ايم سيد پنھنجي ڪتاب “نيئن سنڌ جي لاءِ جدوجھد” ۾ تفصيلي لکيو آهي. باقي ليکڪ جي پوئين راءَ سان متفق آهيان تہ جي ايم سيد سرڪاري مميبر جي حيثيت ۾ سنڌين لاءِ گهڻُ ڪجهہ ڪر سگهي ها. پر جنھن طرح سان جناح سارزشون ڪري ڌانڌليون ڪرايون ۽ پنھنجي هٺ ڌرمي سان فيصلا ڪيا. اهي بہ ڏسڻ گهرجن.
مرزا قليچ بيگ ۽ جي ايم سيد کان علاوہ ليکڪ جن شخصن تي تنقيد ڪئي آهي اهي پير علي محمد شاھہ راشدي ۽ امر جليل آهن. ليکڪ پير علي محمد شاھہ راشدي لاءِ لکيو آهي تہ؛
“پنھنجي مطلبکي حاصل ڪرڻ لاءِ، پنھنجي ملڪ يا پنھنجي مذهب جي بہ پرواھہ نہ ڪندو هو.”پيج-270
علي محمد شاھہ راشدي وزيراعظم ڀٽي کي چئي 35 سنڌي رسالن اخبارن ۽ ڪتابن تي پابندي وجهرائي. سنڌي اديبن کي ٻڌرايو. ان سڄي ڪارگذاريءَ ۾ سھڻي رسالي ۽ طارق اشرف عتاب جو شڪار رهيا.
ليکڪ امر جليل جي افساني کي فحش افسانو لکيو آهي. “سرد لاش جو سفر” ڪنھن بہ لحاظ کان فحش نہ آهي. ليکڪ جي امر جليل تي ڀلي ڪيڏي بہ ڪاوڙ هجي پر ڪھاڻي تي ڪاوڙ نہ هجڻ گهرجي. باقي امر جليل جي ڪردار تي ڳالھائي سگهجي ٿو. اڄ جو نئون نسل امر جليل کان گهڻو متاثر آهي پر امر جليل جيڪي عمل ڪيا آهن ڪجهہ انھن کي بہ منظر تي آندو وڃي. تاريخ ۾ عظيم ليکڪ هميشہ باغي ۽ حڪومت جي ٽڪر ۾ رهيا آهن. پر امر جليل هميشہ حڪومتي ملازم رهيو آهي. ڊڄڻو رهيو آهي. ليکڪ جي امر جليل تي ڪجهہ تنقيد واجبي آهي يا اها ان جي راءِ ٿي سگهي ٿي ۽ اهو ان جو جمھوري حق بہ آهي. جنھن ۾ شيخ اياز تي بہ لکيو ويو آهي جڏهن طارق اشرف گرفتار ٿيو تہ امر جليل جنھن جي افساني ڪري هو عذاب ۾ پيو اهو تہ خاموش هو پر سڄو ترقي پسند گروھہ گم هو. پيج -278 تي لکي ٿو تہ ؛
“دانشورن ۾ جيڪي مناقف هئا سڀ خاموش رهيا. کين ڀٽو جي دور ۾ سنڌي ڪتابن ۽ مخزنن تي پابندي ۽ هڪ ايڊيٽر جي گرفتاري تي شايد ڪو افسوس نہ ٿيو. سندس مقصد کي حاصل ڪرڻ جي لائن آف ايڪشن ٻي هئي. شيخ اياز مرحوم هميشہ چاهيندو هو تہ سندس بھتر شعر سھڻي ۾ ڇپجن. اهو بہ وڪيل هو. خاموش رهيو. ڀٽي صاحب جي ناراضگي سندس مستقبل لاءِ بھتر نہ هئي. امر جليل سنڌ مان جان ڇڏائي اسلام آباد جي ٿڌين هوائن ۽ ملٽي اسٽورڊ بلڊنگس جي ڇانو ۾. اتي ئي حياتي جا جوان ڏينھڙا گذاري، ڪلچرل ادب ۽ سنڌي ادب جي ڄاڻو ۽ پنھنجي اجگر نالي کي بيوڪريسي جا ڪانٽڪريٽ جي جهنگ ۾ استعمال ڪري، اردو، انگريزي ۽ سنڌي تخليقڪار جي حيثيت سان پاڻ مڃرايو ۽ اعليٰ عھدا ماڻيا. هوڏانھن طارق اشرف سينٽر جيل حيدرآباد، سنيٽرل جيل سکر ۽ ڪراچي جي لاڪ اپس ۾ ٽيويھہ مھينا ڪاٽي ڊڪٽيٽر ضياالحق جي ڏينھن ۾ آزاد ٿيو جو انھيءِ ڊڪٽيٽر کي طارق اشرف منجهان خوف ڪو نہ هو.”
اڳ ۾ چئي آيو آهيان تہ ليکڪ لاءِ طارق اشرف بہ هڪ خاص موضوع آهي. هن ناول ۾ هن 10 کان 15 صفحا طارق جي حوالي ڪيا آهن. جن ۾ طارق اشرف جو ذڪر آهي. جنھن ۾ ڪافي ڇرڪائيندڙ انڪشاف بہ آهن. ليکڪ عبدالقادر جوڻيجي جو ابراهيم جويي کي لکيل خط جو بہ حوالو ڏنو آهي. جنھن ۾ طارق اشرف کي پنجابي چيو ويو آهي. ابراهيم جويو بہ طارق اشرف کان ارهو هو. ايم ڪيو ايم جو منشور جو اشارو عبدالقادر ڏانھن ڏنو ويو آهي.
ناول جي ٻوليءَ ۾ ڪافي دقيق جملا ۽ اصطالح ڪم آندا ويا آهن. تاريخي محاوره ۽ ڳالھيون آهن اتي ناول جا ڪردار هيٺين قسم جا ولگر مڪالما بہ ڳالھائين ٿا پيج-306
“آئون کلندي چوندو آهيان هاڻ تہ ڪمر نہ پر ڪمرو ٿي پئي آهي.”
اهڙي قسم جي تہ موبائيلن تي فحش SMS ايندا آهن. ڪامريڊ جھڙو ڪردار وري اهو جملو چوي ٿو. ناول جي ڪردارن جي ٻوليءَ تي سنڌي اردو جو رنگ چڙهيل آهي. صفحي 320، 326، 327 تي وڏا وڏا Passages ورجائي ٻيھر ڏنا ويا آهن. ليکڪ جي ايم سيد لاءِ 312 صفحي تي لکيو آهي؛ “جي ايم سيد وٽ نيئن دور جي سياسي ڏاهپ جي اڻ هوند هئي. جنھن ڪري سنڌ اڃا سورن ۾ آهي.”
منھنجي خيال ۾ ليکڪ جي اها راءِ گهڻي جذباتي ۽ اٻھرائي تي ٻڌل آهي. هر هلندڙ دور نئون هوندو آهي. جي ايم سيد جي سياسي ڏاهپ ۽ حڪمت عملي سان پوري 20هين صدي دور پاڪستان ٺاهيو ۽ وڏا وڏا پليٽ فارم جوڙي ڪوششون ڪيون اهو تاريخ جي رڪارڊ تي آهي ۽ سنڌ جي سورن جو ذميوار رڳو سيد سائين نہ پر گهڻا پير مير، جاگيردار ۽ غدار آهن. جن بابت خود ليکڪ ناول ۾ گهڻي اپٽار ڪئي آهي.
هن ناول کي جيڪڏهن تاثراتي تنقيد جي پرائي ۾ ڏٺو وڃي تہ ليکڪ ڪنھن جو بہ اثر نہ قبوليو آهي. سندس اسلوب ۾ ڳالھيون ۽ زاويه نظر هن جو نج پنھنجو آهي. قومي سياست، سول سوسائٽي ۽ سنڌ جي صورتحال کي جيئن هو ڏسي ٿو. شيون تقريبن ائين آهن باقي شخصيتن جي حوالي سان هن سان اختلاف بہ رکي سگهجي ٿو تہ سھمت بہ ٿي سگهجي ٿو.
مرزا قليچ بيگ، پير علي محمد شاھہ راشدي، شھيد ڀٽو، شيخ اياز يا امر جليل جي لاءِ مون کي ڪارل مارڪس جي هڪ چوڻي ياد ٿي اچي؛
“جيڪڏهن ڪو ماڻھو فقط پنھنجي ذات لاءِ ڪم ڪري تہ گهڻو ممڪن آهي هو وڏو فاضل انسان بڻجي وڃي يا وڏو شاعر، عارف ٿي وڃي، پر هو مڪمل انسان يعني عظيم انسان ڪڏهن بہ ٿي نہ ٿو سگهي.”

• ناول ۾ سنڌ تي ٻاهرين حملن ۽ قتلام جي نقصانن کي ڏيکاريو ويو آهي.
• ناول ۾ حيدرآباد شھر جي اڏجڻ جي تاريخ ۽ پس منظر جي عڪاسي ٿيل آهي.
• ٽالپرن ۽ ميرن ڪيئن هار کاڌي، هڪ ٻئي کي شڪست ڏئي، انگريزن کان تاريخي هار کاڌي بہ ناول ۾ چٽيل آهي.
• انگريزن جي سنڌ تي قبضي بعد ڇا ڇا ٿيو؟ وڏيرا شاهي ۽ جاگيرداري جو مستقبل ڪيئن سيٽ ڪيو ويو. فائدا ۽ نقصان خاص طور سول سوسائٽي جي جڙڻ کي فوڪس ڪري ناول ۾ ڏيکاريو ويو آهي.
• پياري پاڪستان ٺھڻ بعد سنڌ سان ڪھڙي ويڌن ٿي ۽ ڪيئن بي ايماني ۽ غداري سان سنڌ سان جٺيون ٿيون آهن. ان تي ليکڪ ڏاڍو تفصيل لکيو آهي.

مٿئيون پنج پوائيٽس ليکڪ جي پھريئن ناول “اوڙاھہ” ۾ اڳ ۾ اچي چڪيون آهن ۽ اهي ئي ڳالھيون وري ٻئي ناول “همئہ منصور هزار..!” ۾ بہ بحث هيٺ آنديون ويون آهن. مون کي تہ “اوڙاھہ” ۽ “همئہ منصور هزار..!” ۾ ڪو بہ خاص فرق نظر نہ ٿو اچي سواءِ ڪردارن ۽ جاين جي.
اوڙاھہ ناول جي انت ۾ هڪ نيئن اسرندڙ سنڌ ڏيکاري وئي آهي. ۽ ناول “همئہ منصور هزار..!” جي ڪلائيمڪس بہ هڪ اهڙي سنڌ جا عڪس قلمبند آهن. جنھن ۾ نوجوان سنڌ ماتا سان وفاداريءَ جو وچن ڪندي سنڌ جي راڄڌاني جي سمنڊ ڪناري ڏيکاريا ويا آهن ۽ ناول جا مک ڪردار اهو سڄو منظر ڏسي خوشي خوشي گهر روانا ٿين ٿا. خبر ناهي ليکڪ ٻنھي ناولن ۾ ڇو ساڳيو مرڪزي خيال رکيو آهي.
رچرڊسن چيو آهي؛ “منھنجي نظر ۾ تنقيد اها شيءَ آهي، جنھن ۾ اسان تجربن ۽ مشاهدن جي ڇنڊڇاڻ ڪريون ۽ پوءِ انھن جو قدر ۽ قيمت مقرر ڪريون.”
غلام نبي مغل صاحب جا تجربا ۽ مشاهدا تاريخي ناولن جي صورت ۾ گهڻا لاڀائتا ۽ معنيٰ خيز آهن. سنڌي ناول نگاريءَ ۾ سندس حصيداري کي اسان نھايت ئي مان ۽ عزت جي نگاھہ سان ڏسون ٿا. مغل صاحب جي ناولن کي اڳيان رکي اسان کي تاريخ جي پيچيده معاملن کي درست رخ ۾ ڏسي سھي ڪرڻ گهرجي. غلام نبي مغل جا ناول معياري ۽ خوبصورت آهن ۽ انھن سان هن پنھنجي هڪ الڳ سڃاڻپ ۽ حيثيت ٺاهي آهي. مون پنھنجي سمجهہ آهر سندس ناولن جي هلڪي ڇنڊڇاڻ پيش ڪئي آهي. جيڪا ٻيا نقاد بہ ڪري سگهن ٿا. پر مغل صاحب جي ناولن کي هر سنڌ دوست کي ضرور مطالعو ڪرڻ گهرجن تہ جيئن تاريخي سچائين جي کين خبر پوي.

“بڇهڙي آنکھہ ڪا ماتم” جو تنقيدي جائزو

سنڌي معاشري جي رومانوي ناولن جو تسلسل

“بڇهڙي آنکھہ ڪا ماتم“ سنڌي ليکڪ ساجد سومري جو اردو ۾ لکيل پھريون ناول آهي. ان کان اڳ ليکڪ جو ڄامشوري جي يادگيرين تي هڪ ڪتاب بہ اچي چڪو آهي. ساجد سومرو ڪافي ڊگهي وقت کان سنڌي ۽ اردو ۾ لکندو اچي پيو. پر هي سندس ناول جو پھريون تجربو آهي.
ڪيڏو نہ زبردست خيال آهي گبريل گارشيا مارڪيز جو تہ “جيڪو هڪ محبت سان ٿيندو آهي اهو دنيا جي ٻين سڀني محبتن تي اثرانداز ٿيندو آهي.” ها مارڪيز اهو سو سيڪڙو سھي چوي ٿو. هن ناول جي محبت جو مون تي اثر ٿيو آهي ۽ گارشيا جي محبتن جو مون تي ۽ ساجد تي بہ اثر ٿيو هوندو ۽ هن ناول جي محبت جو هر پڙهندڙ تي شايد اثر ٿيندو. محبتون ڀلي ڪھڙي بہ دور ۾ ڪنھن بہ ڪيون هجن پر اڄ جي دور جي محبت ڪندڙن تي وڏو اثر ڪن ٿيون. ليليٰ مجنون جي محبت هجي يا سھڻي ميھار جو پيار اهو اڄ بہ پيار ڪندڙن تي اوترو ئي متاثر ڪري ٿو جيترو ان وقت ڪيو هوندائين.
آغا سليم جي انٽرويو ۾ ڪٿ پڙهيو هئم هن چيو هو تہ “رومانس منھنجي زندگي آهي ۽ مان ان کان سواءِ رهي نہ سگهندس.”
رومانويت زندگي جو اهڙو رويو آهي جنھن ۾ آزاد خيالي، انا، خودپسندي ۽ باغيانہ اثر ٿيندا آهن. رومانويت هڪ قسم جي ناسٽلجيا آهي. جنھن ۾ بيماري واري خاصيت آهي. ان ۾ شعور جهڪو جهڪو هوندو آهي ۽ خيال بي لغام گهوڙي جيان انا سان سرشار هوندا آهن. يا کڻي ائين ئي چئجي تہ رومانويت اهو احساس آهي جنھن ۾ فڪر گهٽ تخيل وڌيڪ هوندو آهي. خوابن ۽ خيالن جي دنيا ۾ رهڻ رومانويت آهي.
اها هڪ يوٽوپيائي ڪيفيت آهي. رومانوي تخليقن ۾ اديب يا ليکڪ هئيتي پابندين کي خاطر خواھہ اهميت نہ ڏيندا آهن. رومانويت شروع تہ روسو ڪئي مگر مغرب ۾ ڊارئيڊن ۽ پوپ ڪلاسيڪي تحريڪ شروع ڪئي، رومانويت کي ڪلاسيڪت کان بغاوت جي تحريڪ هئي.
ڪروچي رومانويت کي ڪلاسيڪيت جي بجاءِ حقيقت پسندي جو ضد چيو ۽ داخليت کي ان جو خاص جز قرار ڏنو. اهڙي ئي داخلي احساسن ۽ جذبن سان هي ساجد سومري جو ناول “بڇهڙي آنکھہ ڪا ماتم” آهي. داخلي ادب خاص ڪري پڙهندڙن جي دلچسپي رهيو آهي.
“بڇهڙي آنکھہ ڪا ماتم” مونو لاگ ۾ لکيل ٻن پريمين جي ڪھاڻي آهي. ناول جو سڄو پلاٽ رومانوي ڪھاڻي تي آهي.
ڄامشوري جي پس منظر ۽ يونيورسٽيءَ جي ماحول تي سنڌي ۾ گهڻائي ناول ڇپجي اچي چڪا آهن. منھنجي خيال ۾ سنڌ يوينورسٽيءَ جي ماحول تي سنڌي ليکڪ جو اردو ۾ هي پھريون ناول آهي. سنڌي ۾ سنڌ ورسٽيءَ تي گهڻو لکيو ويو آهي ان ڪري شايد ليکڪ اردو ۾ لکيو آهي يا هن اردو پڙهندڙن جو هلڪو ٺاهڻ لاءِ ۽ ڪجهہ سنڌي تاريخ ۽ سماج جون جهلڪيون هن ناول ۾ پڻ ڏنيون آهن.
اردو ۾ مون جيڪي ناول پڙهيا آهن. جيئن “راجا گدھہ” جنھن ۾ ٻہ پس منظر ڏنا ويا آهن. هڪ انسان جي دنيا جو ٻيو ڳجهن جي دنيا جو. “خدا اور محبت” هاشم نديم جو مشھور ناول آهي جنھن ۾ هڪ پاسي لنڊن ۽ ٻئي پاسي پاڪستان جو ماحول ڏيکاريو ويو آهي. ٻيو تہ هن ناول ۾ ٻن پس منظر آهن. جن ۾ ڪھاڻي سمايل آهي. هڪ ناو جي هيرو هي ڳوٺ جو ۽ ٻيو ورسٽي جو.
مظھرالسلام جو معروف ناول “محبت مردہ پھولون ڪي سمفني” ۾ هڪ مڪالمو بار بار ورجايو آهي “ڪھني لگي...” ائين هن ناول “بڇهڙي آنکھہ ڪا ماتم” ۾ “ياد هي نا تمھين..” وارو جملو ناول جو هيرو هر هر دهرائي ٿو ۽ ساروڻيون ٻڌائي ٿو.
ليکڪ سنڌي سماج ۽ ادبي کيتر سان تعلق رکندڙ آهي پوءِ بہ خبر ناهي ڇو کيس اردو ۾ لکڻ جي ضرورت پئي آهي. سنڌ يونيورسٽي جي پس منظر ۾ چار پنج ناول اچي چڪا آهن ۽ هي ناول بہ ناول نہ آهي. ناول مان منھنجو مطلب هن ۾ نواڻ نہ آهي. اها ئي ڪھاڻي ۽ اهو ئي سنڌ يوينورسٽيءَ جي ڇوڪري جو جواب تہ هوءَ پنھنجي پريمي کي ڇڏي ڪنھن پئسي واري سان شادي ڪري ڇڏي ٿي.
ناول جي صفحي 18 تي ليکڪ لکي ٿو؛ “يه جذبہ جنم ليني سي پھلي دل مين ايڪ گهڙا کهود ڪر محبوب ڪي ساري خاميون ڪو دفنا ديتا هي.” اها ڳالھہ تہ حضرت علي جو مشھور قول آهي تہ جڏهن ڪنھن سان دستي رکو تہ ان لاءِ دل ۾ هڪ وڏي کڏ کوٽي ڇڏيو ۽ ان جون سموريون غلطيون ان ۾ دفن ڪندا وڃو. هي ناول بہ اڳ منجهہ لکيل ناولن جيان روايتي آهي. ليکڪ ڪو بہ ڇڪو چوڪو نہ هڻي سگهيو آهي. پٺ ورڪ تي لکيل مشھور انڊين شاعر گلزار جي راءِ؛ “اس ڪتاب مين جوبات مجهي سب سي زياده اپني طرف کهنچتي هي وه اس ڪي Intensity هي.” ان سان بہ سمھت نہ ٿو ٿي سگهجي. ڇو تہ هن ناول ۾ ڪا بہ شدت نہ آهي. اهي عام ڳالھيون آهن جيڪي هڪ پريمي ۾ روايتي طور هر ڪھاڻي ليکڪ ڏيندا آيا آهن. ناول ان کان بہ اڳتي گهڻو ڪجهہ گهري ٿو.
هڪ جملو آهي هن ناول ۾؛ “اور ڪ بھي تم شراب کي طرح تلخ هو جاتي تھي..”
شراب تلخ بہ ٿيندو آهي ڇا؟ پروف جي غلطين ڪري اڻ ڳڻيا جملا صاف معنيٰ نہ ٿا ڏين، جنھن سان بہ مان منجهي پيس.
ناول جي پيج 39 تي ناول نگار لکيو آهي؛ “ يه هماري جدائي کي سالگره ڪا دن تھا.” واھہ اهو پڙهي حيرانگي ٿي ڇو تہ مون وڇوڙي جي سالگرھہ سان نثري نظم لکيو هو. خير.
ناول ۾ کوڙ ساريون خوبصورت ۽ تخليقي تشبيھون بہ استعمال ڪيون آهن جيئن؛ پيج 42 تي؛ “اس دن مين دير رات تڪ بي مقصد جامشورو ڪي راستون پر ڪاغذ ڪي پهٽي هوئي ٽڪڙون ڪي طرح بهٽڪتا رها...”
يا وري هي ابتي تشبيھہ بہ غور طلب آهي شايد ان لفظ جي سھي معنيٰ ۽ استعمال جي مون کي خبر نہ هجي متان... “آنکهون سي پاني ڪا جهرنا ابل پڙا –تھا..” ابل جي معنيٰ اٻرڻ آهي ۽ جهرڻو اٻلندو ناهي اٿلندو آهي. اتي نڪل پڙا تھا تہ سھي هجي ها. ڪٿي ڪٿي مون کي جملن ۾ هروڀرون بہ اجايو واڌو لفظ استعمال ڪيا ويا آهن.
ناول ۾ ڪجهہ اهڙا مڪالما آهن جيڪي مڪمل حقيقي دنيا جا آهن. جيڪي پڙهي ڪري ذهني طور ماڻھو منڊجي وڃي ٿو. ساجد جي سڄي ناول جي هي ڳالھہ مون کي ايڏي وڻي جو اها اکيون آليون ڪري وئي پيج 91 تي؛ “جب تمھاري محبوبہ ڪو تمھاري ڪندهي ڪي ضرورت تھي، تم اپني ڪنڌهي پر بيگ لٽڪائي، روزگار ڪي لي فدترون ڪي چڪر لگا رهي تھي...”
ها يار ساجد! اها تو ۽ مون سميت سنڌي سماج جي هر نوجوان جي پريم ڪٿا آهي. جنھن ۾ هو پريم تہ ڪري وٺي ٿو پر معاشيات هن کي اهڙو ڪري ڇڏي ٿي جو هن ان ۾ بہ ناپاس ٿي وڃي ٿو. عورت يا ڇوڪري کي رتبو، پئسو ۽ ٻيو جيڪو وڌ ۾ وڌ گهرجي اهو وقت آهي ۽ جڏهن پيار ۾ وقت نہ ڏنو وڃي ٿو تہ وڇوٽيون وڌي وڻ ٿي وڃن ٿيون. عورت جو اهو لاميو آهي يا وري ضرورت تہ ان کي وقت گهرجي، پوءِ ائين ئي زندگيون وري وڃن ٿيون. جيئن ناول ۾ ٿئي ٿو، جيئن ساجد سان ٿيو، جئين مون سان ٿيو.
اردو ۾ جھڙي معيار جا ناول لکيا پيا وڃ، هي ناول اهڙي معيار جو نہ آهي. پوءِ بہ هي ادبي ذميوارين جو پورائو ڪري ٿو. ناول جي دنيا وسيع آهي ان لاءِ ساجد سومري کي اڃا بہ وڌيڪ محنت ڪرڻ جي ضرورت آهي تہ جيئن هڪ وڌيڪ پختا ناول لکي.

ڳالھيون ڳجهہ اندر جون ]يار[ ناول بابت چند تنقيدي ويچار

گوتم ٻڌ کان سندس ڀڪشوءَ پڇيو تہ “سائين زندگي ڇا آهي؟” ٻڌ خاموش رهيو. ڀڪشوءَ وري پڇيو “زندگي ڇا آهي؟” ٻڌ وري بہ خاموش رهيو. جنھن تي ڀڪشوءَ ڌونڌاڙي پڇيو “سائين مان پڇي رهيو آهيان تہ زندگي ڇا آهي؟”
ٻڌ کيس جواب ڏنو “مان جواب تہ ڏئي رهيو آهيان. پر تون سمجهي ئي ڪونہ ٿو: يعني خاموشي.”
ائين آءُ حيدر دريا جو ناول “يار” پڙهي خاموش ٿي ويو آهيان. سمجهہ ۾ نہ اچي رهيو آهي تہ ڪٿان ۽ ڪيئن لکان!؟
جين مت وارا واڳونءَ جي پوڄا ڪندا آهن. ڇو تہ واڳون خاموش رهندو آهي. گوڙ نہ ڪندو آهي.
حيدر دريا جيڪو پنھنجي ڏيک ويک ۽ قول فعل ۾ هڪ سنڌي صوفيءَ جھڙو لڳندو آهي. هن جا ٻہ ناول ٻيا بہ لکيل آهن. پر هي ناول “يار” عشق، مذهب، سياست ۽ نيشنلزم جھڙي اهم ترين موضوعن کي ڇھي ويو آهي. زندگي ڇا آهي؟ جھڙي مبھم سوال کي سلجهائڻ ۽ ان جي جواب ڳولڻ جي ليکڪ ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي.

جورج لوئس بورخيس پنھنجي هڪ انٽرويو ۾ چيو تہ؛ “ڪنھن کي پڙهڻ سفر ڪرڻ يا ڪنھن جي پيار ۾ گرفتار ٿيڻ کان گهٽ پرلطف ناهي.”
هي ناول پڙهندي مون کي حيدر دريا سان محبت ٿي وئي آهي. هي ناول ۾ مون لطف وٺندي پڙهيو آهي ۽ پڙهڻ جو پھريون اصول منھنجي لاءِ اهيو هوندو آهي تہ آءُ جڏهن بہ ڪو ڪتاب پڙهندو آهيان تہ پنھنجي دماغ کي خالي ڪري ان ڪتاب جي حوالي ڪري ڇڏيندو آهيان. ڇو تہ ان سان ئي پڙهڻ جو حقيقي لطف وٺي سگهجي ٿو. جديديت پڄاڻان جو انسان پنھنجي فلسفين، اديبن، عالمن ۽ دانشورن تي فخر بجاءِ سندن وٽ موجود Stuff تي فخر ڪري ٿو. هو جنگ جدل جو سامان جوڙي ان کي اهميت ڏئي ٿو.
سوچ، مراقبو ۽ بندگي اڄ جي ماڻھن جو شيو نہ رهيو آهي. ماڻھو پڄاڻان ماحول ۾ اهو ماڻھو ئي نہ رهيو آهي. پر پوءِ بہ ڪجهہ اهڙا ماڻھو آهن. جي سماج جي لاءِ سوچين ٿا. حيدر دريا ناول نگار بہ انھن ماڻھن مان آهي. جيڪي سماجڪ جاڳرتا ۽ سرت جو اونو رکن ٿا.
اي ڪي بروهي چوي ٿو:”نفسياتي ۽ روحاني اوسر ان وقت تائين نہ ٿي ٿئي، جيستائين انسان دنيا جي اعليٰ خيالن ۽ ڻظرين کان واقف نہ ٿو ٿئي ۽ اعليٰ انسانن جي صحبت اختيار نہ ٿو ڪري.”ص.82
حيدر دريا جي ذهني ۽ مطالعياتي حس اعليٰ سطح جي آهي. ۽ ناول نگار هن ناول ذريعي انساني روحاني ۽ نفسياتي آسودگي ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
ناول نگار پنھنجي پاران ۾ لکي ٿو: “منھنجو هي ناول، عشق جي اسڪول ۾ نيئن داخلا وٺندڙ نوجوانن جي ٿوري ڪجهہ رهنمائي ضرور ڪندو.” ص_4
پر منھنجي مطابق هي ناول ڪنھن بہ حد تائين ڪا بہ رهنمائي نہ ٿو ڪري. ان جا دليل مان اڳتي هلي ڏيندس. هي ناول سڄي جو سڄو تصوف جي Theme رکندڙ آهي. جئين تہ ناول جو ڪينواس وسيعو هوند آهي ان ڪري سياست، مذهبي انتھا پسندي ۽ مجازي عشق جا موضوع بہ بحث هيٺ آيا آهن.
ويدانيت ۽ وحدانيت جي فڪري ڳانڍاپي سان تصوف وجود ۾ آيو آهي. اسان جو سمورو خطو هڪ پراچين وقت کان وٺي ويدانتي رهيو آهي. جڏهن اسلام آيو تہ نئين فڪر جو نظارو ٿيو آهي.
ناول منجهہ جيئن اسان جي سنڌ جو هر گهر اڄڪلھہ آهي. ائين ئي ڏيکاريو ويو آهي. قربان هن ناول جو هيرو آهي، هو قومي فڪر جو پرچاري بہ آهي. ناول جي هيرو جو پيءُ وفاقي سياست سان تعلق رکندڙ پارٽي پ پ پ جو حصو آهي. هيري جو ڀاءُ وري حافظ ۽ جماعت اسلامي جو مذهبي اڳواڻ آهي. قربان جا ٻيا بہ 2 ڀائر آهن جيڪي ڪراچي جي ڪنھن مدرسي ۾ پڙهندڙ آهن. پر انھن جي موجودگي نالي ماتر آهي. ناول جي هيروئن عدن نالي سيدياڻي آهي. عدن جو پيءُ رانجهن شاھہ Lord آهي. جمال ذاڪر جو ڪردار جيڪو ناول جي هيرو جو دوست آهي. اهو مون کي ناول نويس جو پنھنجو ڪردار لڳي ٿو.
قربان جيڪو ملاح آهي. ٻيلي کاتي ۾ آفيسر آهي. اها خبر اڌ ناول پڙهڻ کان پوءِ پوي ٿي. ناکئا، هندوستاني جيلر ۽ جيل ۾ قيدين جا ڪردار پنھنجي جوهر ۾ حقيقي لڳن ٿا. “يار” ناول جي ڪھاڻي جيئن چوندا آهن تہ ناول جي ڪھاڻي جو اهڙو رخ رکڻو هوندو آهي، جيئن پڙهندڙ سمجهي تہ ائين ٿيندو؟ هئين ٿي سگهي ٿو؟ اهيو ناول جي فني تقاضائن موجب آهي!
آءٌ بہ ڪجهہ ڪھاڻي جي موڙ تي پنھنجا انومان جوڙيندو رهيس. ڪردار جي انت ۽ ڦيرن بابت ذهن چوندو رهيو تہ هاڻي قربان ۾ ڦيرو ايندو ۽ هو ڪو وڏو ڪارنامو ڪري ڏيکاريندو. ناول جو پلاٽ ۽ رٿا تصوف جي عجب افسانوي ۽ رومانوي دنيا جو سرجيل آهي.
ناول جو مک ڪردار اهڙو هوندو آهي يا ائين چئجي تہ مک ڪردار ناول نويس کي اهڙو کڻڻ کپي. جيڪو پيروي ڪرڻ جوڳو هجي. شان ۽ مان وارو هجي. هتي ناول جو مک ڪردار قربان اهڙو ڪو بہ عمل نہ ٿو ڪري جنھن سان ان جي پٺيان لڳجي، پوئلڳي ڪجي. ڪردار نگاري لاءِ اول هي هجڻ ضروري آهي تہ ڪردار جيئرا جاڳندا زندگي جو چٽ هجن ۽ اهي ائين هجن جئين اهي آهن. حيدر دريا ڪردار نگاري ۾ بھترين وکون کنيون آهن. حيدر دريا جا ڪردار گهڙيل مڪمل فطرتي آهن. ان ۾ هن جو ڪو بہ عمل دخل نہ آهي. پر ڪن ڪردارن تي خاص طور قربان ۽ محمد صالح تي ضرور ڳالھائيندس. “يار” ناول جا قصو ۽ ڪردار سٺو توازن رکندڙ آهن.
قربان سيدياڻي عدن سان عشق ڪري ٿو. بعد ۾ جڏهن اها ساڻس نہ ٿي ملي تہ هو صوفي ٿي وڃي ٿو. قربان مون کي اڌورو ڪردار محسوس ٿئي ٿو. ارسطو ڪردارن کي اهميت ڏيندو هو ۽ انھن کي گرفت ۾ رکڻ ضروري ڄاڻايو اٿس. ائين ناول نگار قربان جي ڪردار کي پنھنجي قبضي ۾ رکيو آهي. ان کي جامد ڪري ڇڏيو آهي.
سنڌي سماج ۾ پيءُ هميشہ پٽ کي پاڻ جھڙو بنائڻ چاهيندو آهي هت بہ اها ئي ڪار آهي. گل محمد قربان کي پنھنجي نقش قدم ۽ فڪر تي هلائڻ چاهي ٿو پر قربان عدن ۾ اهڙو تہ ڦاسي وڃي ٿو جو قوم وطن مٽ مائٽ زال ٻار سڀ کائنس وسري وڃن ٿا. ناول نگار شروعات ۾ قربان جي خاندان کي وچولي طبقي جو زميندار ٻڌائي ٿو اڳتي هلي وري اهي غريب ملاح ۽ بي وس نظر اچن ٿا جو رانجهن شاھہ بہ کين گهر ويٺي ڳالھائي وڃي ٿو. ليکڪ سڄي ناول ۾ سڄي دم جي جاءِ تي Hyphen ڏني آهي.
قربان جيڪو پھريان وائڙو آهي. عدن جي عشق ۾ سوچي ٿو شاعر ٿيان. پنھنجي سرڪاري نوڪري ڪرڻ ۾ ڪوتاهي ڪري ٿو. مطلب تہ عدن جي برھہ جي باھہ قربان کي ساڙي ناڪارہ بڻائي ڇڏي ٿي. سندس ڀاءُ حافظ سيدياڻي سان عشق تي بحث ڪري ٽوڪي ٿو، ڳالھائي ٿو.
ناول ۾ شاعري ڏيڻ تي مون کي ڪوفت ايندي آهي. توڙي جو آءٌ پنھنجي پھرين ناول ۾ شاعري ڏيئي چڪو آهيان. دنيا جي ٻين ٻولين جي ناولن ۾ ائين نہ آهي. تہ بہ خود ليکڪ پنھنجا شعر نثري نظم ڏنا آهن. حيدر دريا بہ ڪجهہ پنھنجا، ڪجهہ جديد ۽ ڪلاسيڪل شاعري مان شعر حوالي طور کنيا آهن.
عدن جو پيءُ رانجهن شاھہ قربان جي پيءُ گل محمد کي دانھن ڏئي ٿو. گل محمد جڏهن پٽ کي چوي ٿو “ٻيلي اهل بيت جي در کان دل پل.” ان کي اهيو چئي ان جو پيءُ ان کي روحاني خواهش جو قتل سمجهي ٿو. قربان عدن کي چاهي ٿو ۽ ماڻڻ چاهي ٿو اها روحاني خواهش تہ نہ ٿي!
قربان جيڪو قومپرست سياست سلھاڙيل آهي ان دؤر ۾ سائين جي ايم سيد بہ زندہ آهي. تہ پوءِ قربان قومي سياسي سوچ مان ڇو ناخوش آهي. اها ڳالھہ مون کي سمجهہ ۾ نہ آئي. ليکڪ صوفيانہ سنڌ جو منظرنامون خوبصورتي سان پيش ڪري ٿو. حاضر دؤر جي صوفي ازم تي تنقيد بہ ڪري ٿو جيئن: “وقت هو، سنڌ جي صوفي مزارن تي، پيار محبت جي حاصلات، عقل، امن ساڃاھہ جي سلامتي لاءِ عشق کان دعائون گهريون وينديون هيون. اتي هاڻ رڳو جنسي حوس جا شائق، جتين جا چور، لليجا ۽ عزتون وڪڻندڙ دلال نظر ايندا.” ص_56
ليکڪ عورت بابت پنھنجو نقطہ نظر هيئن پيش ڪري ٿو: “هن پنھنجي سيني تي اڀريل نازڪ ۽ نفيس عضون کان وڌيڪ جبلن، جانارن ۽ ڍنڍن ڍورن جي سنڀال رکي آهي. پوءِ بہ مرد جي مذهب سندس بشارت قبول نہ ڪئي! ۽ عورت جيڪا اصل ۾ ارض سما کي سونھن بخشيندڙ ۽ انساني ٻج جي ماءُ آهي، پوءِ بہ سندس الھامي اشارن کي قبوليت نہ ڏنائين.” ص _57 هي پوانئٽ آف ويو ليکڪ جو سگهارو آهي. جنھن مان هن جي عورت دشمني نظر نہ ٿي اچي.
شروعات ۾ ناول نگار قربان کي عدن لاءِ ڇتو ٿو ڏيکاري ۽ هن جي بي آرامي جي انتھائي ظاهر ڪري ٿو. پر لائق ليکڪ عدن جي حضرت عشق ڪھڙي حالت ڪئي آهي ۽ هن جي ڪھڙي ڪيفيت آهي ان کي بيان نہ ڪيو ويو آهي. نہ ئي ناول نگار جي صوفي مزاج هجڻ ڪري هن ان جو سٺو عڪسي ڏيک بيانو آهي. قربان خود غرضي جون سڀ حدون اورانگهي وڃي ٿو. قربان کي ٽي ٻار آهن. زال، ڀائر، پيءُ ماءُ اٿس. قومي تحريڪ سان لاڳاپيل هجڻ ڪري بہ هو روحاني طرح کوٽل آهي. مون تہ هميشہ ائين ڏٺو پڙهيو ۽ پرکيو آهي تہ جيڪي ماڻھو سيد ۽ سنڌ جي چاھہ ۾ چريا ٿيا اهي پنھنجي محبوبائن کان پري ٿي آزاديءَ جي محبوبا ماڻڻ لاءِ ماندا ٿي پيا هئا. قربان عجيب مٽيءَ جو ٺھيل آهي. اهڙي رنگ ۾ آهي جنھن جو ڪو عڪس نہ آهي نہ ئي اهو ڪنھن روشني نڪري نروار ٿئي ٿو.
“انسان کي عشق نرم ڪندو آهي ۽ نفرت کيس خشڪ ۽ سخت ڪري ڇڏيندي آهي. حق تي صرف اهوئي هوندو آهي. جنھن ۾ قرباني جو جذبو هجي.” ص_70
قربان جي مٿين لفظن ۾ اهڙي ڪائونسلنگ ٿئي ٿي پوءِ بہ هو پنھنجي خول مان نڪري ئي نہ ٿو. صوفي ازم کي 21هين صدي ۾ سائنسي رنگ ظاهر ٿيڻ گهرجي ها پر سنڌي سماج ۾ اهو صوفي ازم فڪر مذهبي شڪل ۾ اڃا بہ اوائلي بيهڪ وانگر موجود آهي. عطا محمد ڀنڀري وانگر تہ صوفي ازم اسان کي گهڻو نقصان رسايو آهي. پوءِ حيدر دريا اهڙي ڪردار کي ڇوسرجيو آهي جو دنيا جھان جو ڪم ڇڏيو ڪنڊ ويھي ڌپ ڪري وڃي ٿو. منھنجي خيال ۾ اسان انھن پراڻ پسند نظرين کي 21 صدي ۾ ڇو گهلي رهيا آهيون. ڇو حالتن کي ليکڪ موجودہ تناظر ۾ نہ ٿا ڏسن. قربان قومي سياست سان 10 سال ڏيڻ باوجود ڪا بہ شعوري سگهہ ۽ ارادن کي مستقل نہ ٿو بڻائي سگهي سواءِ جيل واري حصي جي.
سنڌي ۾ جيڪي ناول اچي رهيا آهن انھن ۾ شاعري جو ليکڪ رواني سان استعمال ڪري رهيا آهن. تازو مون سحر گل جو ناول پئي پڙهيو ان ۾ بہ شعر آهن سنڌي ليکڪ شاھہ لطيف جا شعر گهڻو ڏين ٿا. هي ناول بہ شاعريءَ جي ڇاپ کان بہ بچي سگهيو آهي.
“اهڙا ڪيترائي نوعمر نوجوان، سنڌ ۾ اهڙين ڪيفيتن ۽ حالتن جو شڪار هئا.” ص_80
“(مسلمانن جي ايمان جو لائسنس Renew ڪرڻ لاءِ، حافظ امين جھڙن نوجوان جنوني ملن ۽ متولين کي، مذهبي آزاديءَ جي نالي سان منجهايو پي ويو.)” ص_83
(“ٻنھي ڀائرن ۾ نظرياتي طور بہ وڏو فرق هو، پر اهو رڳو انھن ٻن ڀائرن جي وچ ۾ اهڙو فرق نہ هو، بلڪ سڄي سنڌ پنھنجي محروميت جي سبب ڪنھن تبديليءَ جي راھہ ڏانھن ڊڙندو هئي.”) ص_83
جيئن آءٌ چئي چڪو آهيان تہ هي ناول انھن خاندانن جي ڪھاڻي آهي. جن ۾ مختلف خيالن جي کچڻي پڪي پئي آهي. حافظ امين عالم آهي عربي فارسي، شيخ سعدي ۽ امام غزالي ۽ مولانا رومي بہ پڙهيو اٿس پوءِ بہ انتھا پسند سوچ رکندڙ آهي. هي ڪردار بہ ڪنھن ڪم جو ناهي.
(آئون سنڌ آزاد نہ ڪرائي سگهيس ۽ پاڻ کي آزاد ڪري گهر جي ڪنڊ ۾ اچي ويٺو آهيان. تڏهن بہ تنھنجي نظرن ۾ نادان آهيان.) ص_94
فرائڊ جي تحليل نفسي The Freudian Psycho Analysis اهڙو طريقو آهي. جيڪو شعور جي دٻيل ڪيفيت ۾ وٺي وڃي ٿو. قربان سان ائين ٿئي ٿو. جنھن کي لاشعور چئجي. هي قسم جو علاج آهي. جيڪو ذهني پيڙا Neurosis کي ختم ڪرڻ جي لاءِ ڪتب ايندو آهي. اسان قربان جي Psycho Analysis ڪيون تہ هو بہ هڪ پيڙا ۾ آهي. جيڪا ان کي شعوري طرح لاشعوري ۾ وٺي وڃي ٿي.
ذهني پيڙا تلخ ۽ وارين سانڀرن ۽ روين جي ڪري ٿيندي آهي. جيڪي هڪ ٻئي جي ابتڙ آهن. تحليل نفسي سمجهائي ٿي تہ انھن کي شعور کان الڳ ڪرڻ گهرجي. کين تعليم ۽ اخلاقي مقابلي وسيلي لاشعور جي صورت ۾ تبديل ڪجي! لاشعور ابتڙ ۽ وسريل روين کي ڪڍي اسان جي اڳيان آڻي بيھاري ٿو ۽ پوءِ نوان رويا جنم وٺن ٿا. قربان سان بہ اهوئي مسئلو آهي. جيڪڏهن قربان پنھنجي شعور کي اجتماعي شعور سان ڳنڍي تہ مسئلو هل ٿي وڃي ۽ هو هڪ نئون گس وٺي. پر ڪٿي ليکڪ هن لاءِ لکي ٿو: “پنھنجي اندر ۾ لھندي، خود کي پنھنجي خدا جي ويجهو تصور ڪندو هو.” ص_86
وري ڪٿي ليکڪ هن لاءِ هيئن لکي ٿو: “سندس نفس جي اها بڇڙائي کيس سمجهہ ۾ ڪونہ پئي آئي.” ص_87
مون کي قربان جو ڪردار غلام فريد جي هن قول جيان لڳي ٿو: “جنھن ڏينھن مون کي ماءُ ڄڻيو، دائي ناڙو ڪپيو، ان وقت ڪاتي جيڪڏهن منھنجي نڙگهٽ تي گهمائي ڇڏي ها تہ پوءِ نہ دنيا ۾ هجون ها نہ هي ڏينھن ڏسڻا پون.”
ليکڪ تصوف جي پس منظر ۾ سنڌ جي ماضي ۾ ھھڙي جهاتي پائي ٿو: “سنڌ جون اهي اوطاقون ۽ اوتارا اجڙي ويا هئا، جتي تصوف مان، ديس جي دشمنن لاءِ خطرناڪ سياسي هٿيار بہ تيار ڪيا ويندا هئا.” ص_101
ليکڪ ناول ۾ ذوالفقار علي ڀٽي جي شخصيت کي سنڌي ماڻھن جي آجپي يا انھن کي نئين رخ ۾ وٺي وڃڻ جو ڪرڻو سمجهي ٿو. ڀٽو کڻي ڪنھن جي لاءِ ڪيڏو بہ عظيم ۽ امر هجي. منھنجي نظر ۾ هو Play Boy هو. جيڪو جنرلن کي Daddy چوندو هو. ڪي ئي دانشور نصير ميمڻ ۽ ٻيا چوندا آهن تہ هو جڏهن ٽڪٽڪي تي چڙهي ٿو تہ امر ٿئي ٿو. منھنجي خيال ۾ هن وٽ مرڻ کان سواءِ ڪو آپشن ئي نہ هو ۽ شھيد ٿي ڪري، هن پنھنجي سمورين غلطين ۽ گناهن کي سنڌي ماڻھن جي ذهنن کان ميسارڻ ٿي چاهيو ۽ ائين ئي ٿي بہ ويو.
ويدانتي ۽ وحدانيتي فڪر جي ڳانڍاپي سان صوفي ازم وجود ۾ آيو آهي. ان تي ليکڪ وڌيڪ گهرائي ۾ وڃڻ گهرجي ها.
مذهبي جماعت، جماعت اسلامي جي ڪرتوتن ۽ ڪارگذارين کي مقصدن سميت ڏيکاريو آهي. مذهبي سياست نہ ڪرڻ ۽ ان جي نقصانن تي ليکڪ جي پختي راءِ هن ناول ۾ شامل آهي. مون کي هي ڳالھہ بہ مٿان گذري وئي تہ هو ڀٽن ۽ سيد کي گڏ ٿو پيش ڪري. جئين هو چوي ٿو: “ڀٽي خاندان مان ڪجهہ باقي نہ پچندو. جي ايم سيد کان پوءِ هاڻ قوم کي پنھنجو وجود وسري ويندو.”ص_132
ڀٽو خاندان يا ان جا ليڊر ڀلي اهو شاهنواز ڀٽو ئي ڇو نہ هجي، پيپلز پارٽي بہ کين سيد ٺاهي ڏني. اهي سيد جي اڳيان ڄامڙا آهن. وقت جي بادشاهن جا سلامي رهيا آهن. سيد هر آمر ۽ ڪائنر جي اک ۾ اکيون وجهي منھن مقابل ٿيو آهي. اها ڳالھہ بہ ٿوري حيرت انگيز آهي تہ سيد گهراڻي جي مائي ڪيئن هن سان اچي ملي ٿي ۽ چؤگرد مذهبي ماڻھو ناکئو قاسم ۽ ٻيا هن جي مدد ڪن ٿا.
ليکڪ جي ساڃاھہ، ڄاڻ ۽ سرت مٿانھين آهي ۽ هن جي معلومات ڪٿي ڪٿي ڇرڪائي وجهي ٿي. جيئن: “عمر ڪوٽ جھڙا سنڌ جا تاريخي عجائب گهر بہ سرڪاري ايجنسين جون آفيسون بڻجڻ لڳيون هيون. ڏوٿين کي تہ جھڙي ڏيھہ نيڪالي مليل هئي!”ص139
ڀُٽي خاندان جي سياست تي ليکڪ جو ڊسڪورس ڏاڍو دلچسپ آهي. پر هو قومي سياست جي اوڻاين تي ڳالھائڻ کان پاسو ڪري ويو آهي. سيد جي غلطين کي نظر انداز ڪري ويو آهي. جيئن تہ هن ناول جو احاطو مني صديءَ تائين آهي تہ انھن شين کي آڻڻ گهربو هو. ناول نويس جي هي Perception واھہ جي آهي: “انسان هن دنيا ۾ ڄڻ ابدي ضمانت تي آزاد آهي، جنھن ۾ کيس رڳو پنھنجي حال جي گرفتاري جا اختيار مليل آهن.” ص145
ٻئي هنڌ لکي ٿو: “ها! البتہ ائين چئون تہ سپنن کان خالي ننڊ، نامڪمل ماڻھوءَ کي ايندي آهي ۽ الھام کان محروم ماڻھو، سجاڳ نہ ٿو چئي سگهجي.” ص_152
حيدر دريا جو سائنسي، سياسي ۽ مذهبي، ثقافتي ۽ تاريخي شعور تہ دل سان اعليٰ آهي. هن جي کان اک هن ناول ۾ ڪوئي خيال نہ بچي سگهيو آهي. جنگ، سياست، مذهب، تصوف، ارض جي سائنسي عمر، تاريخ مطلب تہ هو هر موضوع کي ڇھي ويو آهي. ناول جي هي ڪماليت جي ڳالھہ ٻڌو: “انسان مردہ پيدا ٿئي ٿو ۽ جڏهن محبت ڪري ٿو، تڏهن زندہ ٿئي ٿو، ۽ خود کي محبت ۾ پوکي، خود کي ئي لڻي ٿو.” ص_154
بندي جي ۽ مالڪ محبت تي ليکڪ جا ويچار: “ماڻھو جو موت ان وقت هجي ٿو، جڏهن خدا هن کي چاهي ٿو، پوءِ موت جو نالو، خدا جي محبت ڇو نہ رکيو ويو، ڇا خدا جي محبت هر بندي سان هڪ جھڙي ناهي!؟”ص_156
ناول ۾ ليکڪ جيڪا قربان فقير ۽ صوفي محمد صالح جي ڪچھري ڏني آهي. اها تہ پڙهندڙ جو ساھہ مٺ ۾ ڪيو ڇڏي. ڇا تہ فلسفيانہ موضوعن کي ليکڪ سھڻي سٽاءُ ۾ بيان ڪيو آهي. جيڪي ڪجهہ ٽڪر هتي ڏيڻ تمام ضروري ٿو سمجهان. محبت فلسفي جو موضوع رهي آهي: “۽ جيئن روشني، هر انجڻ جي رفتار کان تيز آهي، ائين محبت وارو خيال، انسان جي ذهن ۾ باقي هر خيال کان تيز آهي ۽ جئين باھہ، پاڻي کان سواءِ هر شيءَ ساڙي ڪر ڪري ٿي، ائين محبت، انسان جي ذهن کان سواءِ باقي هر ضرر رسا خيال ذهن ۾ ئي فنا ڪري ڇڏي ٿي.” ص_158
محبت بابت ناول نگار جو نقطہ نظر شاندار ۽ گهرو آهي:”ماڻھوءَ جي اندر ڪوئي جنون حد کان مٿي وڌي ويندو آهي تہ ماڻھوءَ مان پنھنجو ماڻهپو بہ هٿ ڪڍي ويندو آهي. پر محبت جو جنون وڌي وڃڻ سان، ماڻھوءَ مان پنھنجي انا، مڪمل ختم ٿي ويندي آهي. دنيا سان عداوت ختم ڪري ڇڏيندو آهي. پنھنجي وجود جي احساس ۾ رهندي، ديوانگي بہ سندس حصي ۾ اچي ٿي. پر هر حالت ۾ پنھنجي ذات کان سواءِ ڪنھن کي نقصان نہ ٿو رسائي.” ص_160
وطن جي حب تي ليکڪ جو نيريٽو Narrative 160 کان 162 صفحي ڏاڍو پراثر آهي. ليکڪ صوفي محمد صالح واتان صوفي ازم بابت هيئن ٿو چوائي: “قربان فقير، دنيا جا سڀ مذهب تصوف جي ٿنڀي تي بيٺل آهن.”ص_163
جڏهن تہ ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي صوفي ازم کي سنڌ جي پھرين ادبي تحريڪ ڪري بيان ڪيو آهي. هو چوي ٿو تہ سنڌي جي سموري اوائلي ڪلاسيڪل شاعري ان تحريڪ جو ثمر آهي.
ليکڪ لکي ٿو تہ “سنڌي ماڻھو ڀڳتي مرڳ ۾ پيو گذاري.” اها هڪ چٽي حقيقت آهي تہ سنڌي ماڻھو سڀ ڪم خدا جي کاتي وجهن ٿا. جنھن اڄ جي سنڌي ماڻھو باسون، ڌاڳا ۽ ٽوڻا ڪن. مون ڪو ناول پڙهيو جنھن ايشين ماڻھن تي لکيو هو Waiting for God ايشائي ماڻھو خدا جي انتظار ۾ هوندا آهن.
ليکڪ چوي ٿو: هندو ڌرم ۾ هاڻي اهو دور نہ رهيو آهي جو سماج کي طبقن ۾ ورهائي قائم رکي سگهجي.” منھنجي خيال موجب هندن ۾ اڃا تائين طبقاتي نظام هلندڙ آهي. اهو ڪنھن بہ صورت ۾ موجود آهي.
ناول ۾ هڪ زبردست ڳوڙهو خيال اوهان جي نظر؛ “سوڀ نفرت پيدا ڪندڙ آهي. سوڀاري جي ننڊ حرام آهي. هار ۽ جيت کان بي نياز ماٺيڻو ماڻھو امن ۾ رهي ٿو.” ص_166
اڄ جو شاعر نہ ڄاڻ ڇا مان ڇا عجيب خيال سرجي پيو سندس فڪر ڪٿي آهي ان بابت “يار” چوي ٿو “چوندا آهن تہ ٻيڙي پاڻي جي پنڌ لاءِ پار اڪاريندڙ ۽ تار پاڻيءَ ترندڙ گهر آهي. گوتم ٻڌ چواڻي تہ؛ ان کي مٿي تي کڻي هلندا تہ ٻڏي مرندا.” سو ان لحاظ کان اسان جو شاعر شخصي طور، پاڻ کي پنھنجي مٿي تي کڻي، هلندڙ ٿي پيو آهي. شايد قوم کيس ٻڏندي نظر پئي اچي، جنھن ڪري پاڻ ٻڏتر جو شڪار آهي.” ص_170
ناول جو پاسو تڏهن پلٽجي ٿو، جڏهن مک ڪردرا سمنڊ ۾ مڇي مارڻ وارن سان سير تي وڃي ٿو. زندگي غيريقيني وارن منظرن جو نالو آهي. هن حصي ۾ ليکڪ ڇا تہ درياھہ ۽ سمنڊ جي منظر نگاري ڪئي آهي. ائين ٿو لڳي ڄڻ پڙهندڙ اتي وچ سمنڊ ۾ ٻيڙي تي بيٺو هجي.درياهي ۽ سامونڊي ٻول، محاورا ڪمال ڪاريگري سان ڪم آندا آهن.
ناول جي پوئين حصي ۾ ليکڪ ڪردارن جون ڪيفيتون ۽ سوچون سھڻي من مھڻي اسلوب ۾ اڳيان ڪيون آهن. جيئن: “ڪڏهن ڪڏهن ائين لڳندو آهي تہ دنيا ۾ قيامت سمنڊ ئي آڻيندو.”182ص
حسين رات جي منظرنگاري: “هاڻ، چنڊ جي کليل چانڊاڻ ۾ رات، سمنڊ ۽ آسمان جو رنگ هڪ ٿي ويو آهي. ائين پئي لڳو: دنيا ڄڻ دارالفنا کي رسي هجي ۽ خدا رڳو مڇين ۾ باقي موجود هو، جنھن ڪنھن ڪنھن مھل پاڻيءَ مان اڇل کائي آواز پي ڪيو.” ص_183
“سمنڊ پنھنجن وڻجارن سان بي حد محبت ڪندو آهي ۽ پنھنجي ڪيفيت جا سڀ آڪار ۽ ارڪان، وڻجارن جي طبعيت ۾ وجهي ڇڏيندو آهي.”184ص
ليکڪ جو هي سمنڊ جي ڳالھين، منظرن وارو سڄو حصو بي حد پسنديدہ ۽ متاثر ڪندڙ آهي. ليکڪ جو هي ارمان بہ ڪيڏو نہ وڻندڙ آهي: “مرد ۽ عورت جي عشق مان، ماڻھو ڇو خفا ٿا ٿين، جڏهن تہ ٻنھي جي وچ ۾ خدا موجود آهي.” ص_189
هي ڳالھہ پڙهندڙ کي منجهائي وجهي ٿي تہ؛ “اسان ان مھل سير نھر Creek تي انھيءَ هنڌ بيٺل هئاسين. جتان کان ٿوري ئي مفاصلي تي پاڪستاني فوجي ڇانوڻي آهي.” جڏهن هو پاڪستاني فوجي ڇانوڻي جي ويجهو آهن تہ پوءِ پڪڙجي ڇو ٿا وڃن ۽ انڊين بحري فوج هنن کي تائين ايترو جلدي پھچي ٿي وڃي. جڏهن قربان کي هندوستاني فوج کڻي ٿي وڃي اتان ڪھاڻي ۾ Twist شروع ٿئي ٿو. صفحي 215 تي لسانياتي مھارت متاثر ڪري ٿي. هن ناول ۾ تشبيھون الائي تہ ڪيتريون ناول نويس ڪم آنديون آهن جيڪي جاندار ۽ شاندار آهن. پر هن تشبيھہ تي روئجي يا خوش ٿجي. ڪجهہ سمجهہ ۾ نہ ٿو اچي. پر آهي زبردست.
“ڪنھن جيل ۾ قيدي کوھہ ۾ پيل ڏيڏر کي آسماني نظارا بس اوترائي نظر ايندا آهن، جيترا سنڌي سماج جي گهر ۾ بند هڪ سنڌي عورت کي نظر ايندا آهن.”ص217
“نااميد ماڻھو نامرد هوندو آهي.” هي بہ نئون استعارو آهي. ناول ۾ يوناني ۽ سنڌي ويڙهاڪن جو منتقي مناظرو ڏاڍو دلچسپ آهي. حيدر دريا جيل ۾ گهڻو وقت گذاريندڙ قيدين جي لاءِ سينئر جو لفظ ڪم آڻي ٿو. ان جي لاءِ پڪو قيدي لفظ ڪتب آندو ويندو آهي. جن کي گهڻو وقت ٿيندو آهي. ۽ سزا بہ اچي ويندي آهي. ناول جي خيال جديد دور سان ڪيڏو نہ ٺھڪي اچي ٿو: “۽ ٻيو دنيا ۾ جنھن کي اسان ضروري سمجهون ٿا، سو بس پريشانين جو سبب ئي آهي.” ص225
ليکڪ عربي سمنڊ لکيو آهي ان بس هيئن چوندس:
نہ عربي نہ هندي،
سمنڊ اسان جو سنڌي.
قربان تي لڳندڙ الزام ۽ ٿيندڙ تشدد اڻ تڻ ۽ بيوسي جي ڪيفيت پيدا ڪيو ڇڏي. ناول جي پڄاڻي بہ صفا ڪونہ مايوس ڪندڙ آهي. عدن کي سندس پيءُ لوڙهي ماري ڇڏي ٿو ۽ قربان کي بہ جيل ۾ تشدد ڪرائي مرڻينگ ڪرائي وجهي ٿو ۽ قربان عدن جي قبر ڏسي پاڻ بہ مري وڃي ٿو.
تاريخ ۾ جيڪي بہ قومون ختم ٿيون آهن. ان جو سبب وقت جي نروار حالتن کي سمجهڻ لاءِ ڪا سوچ نہ رکي. پراڻين سوچن ۽ ردي طريقن کي ختم نہ ڪيو. اسان جي قوم بہ فرسودہ نظرين کي چنبڙي پئي آهي. قدامت پسند، جدت پسندي يا تبديلي انھن کي بيلنس ڪرڻ گهرجي تہ جيئن ترقي جو آغاز ٿئي. جھڙي سوچ هوندي نتيجو بہ اوهڙو ئي ٿيندو. ان لاءِ صوفي ازم ۾ جديديت سائنسي رنگ ۾ اڳتي آڻيون.
هر ليکڪ زندگي ۽ معاشري کي پنھنجي سوچ آهر سمجهندو آهي ۽ پوءِ اهو فڪر لکڻين ۾ سمائڻ چاهيندو آهي. حيدر دريا جو نقطہ نظر همہ گير ۽ اونو، مشاهدو ۽ تجربو وسيع ترين آهي. بھترين ناول اهو آهي جنھن ۾ ليکڪ پنھنجو نقطہ نظر ڪردارن کان چورائيندو آهي. “يار” ۾ حيدر دريا اهڙي سٺي ڪوشش ڪئي آهي پر ڪٿي ڪٿي هو پاڻ ظاهر ٿي ويو آهي. ناول نگار کي پاڻ کي ظاهر نہ ڪرڻ گهرجي. اعليٰ ناول سماجي سڌاري جو باعث بڻجندا آهن. يار ناول بہ اهو ئي اثر ڇڏي ٿو تہ توهان سچتي هجو حق تي هجو انسانن جي فائدي ۽ ڀلائي ڪريو پوءِ ڀلي ماريا ڇو نہ وڃو.
ناولسٽ ميلان ڪنڊيرا چوي ٿو: ناول نگار پنھنجي زندگي جي گهر کي تباھہ ڪري ڇڏيندو آهي ۽ ان جي پٿرن سان ناول جو گهر ٺاهيندو آهي.” مون کي ائين لڳي ٿو حيدر دريا سنڌي ناول جو گهر پنھنجي زندگي جي ڀڳل گهر جي سرن سان جوڙي رهيو آهي ۽ جوڙيندو رهندو.

ناول ”ماڻھو هڪ جهنگل آ“ خيال ۽ سوال جي رڻ ۾ ڦاٿل ماڻھو

اي وقت ايتري وٿي نہ وجهہ اسان جي پيار ۾،
جي پاڻ ٻئي ڪٿي ملون تہ سور ئي سلي سگهون.

هي اهو شعر آهي جيڪو اڄ کان ڏھہ سال پھرين مون علي صفدر کي گنگائيندي قمبر ۾ ٻڌو هو. ان کان پوءِ شايد هن سان ڪڏهن ملڻ نہ ٿيو آهي. مرانجھڙي چھري ۽ ڪپڙن وارو علي صفدر مون کي ڏاڍو وڻندڙ ۽ پختو شاعر لڳو هيم. ان ملاقات ۾ هن منجهہ جيڪو خلوص نظر آيو هئم. اهو وساري نہ سگهيو آهيان. محترم سعيد ٻڌايو تہ علي صفدر جو ناول ٿو اچي. پوءِ نيٺ ناول ڇپجي اچي بہ ويو. شاعري مان علي صفدر جو هي نثري نعرو مون کي ڏاڍو وڻيو آهي. علي صفدر جو هي ناول “ماڻھو هڪ جهنگل آ” سندس وجدان مان نڪتل سماجي نفسيات جو اهو آئينو آهي. جنھن ۾ گند سان گڏ خوبصورتيءَ کي بہ پسي سگهجي ٿو. هن ناول کان اڳ مون سوشل سائيڪولاجي تي سنڌي ادب ۾ ھھڙو ناول نہ پڙهيو هو.
ناول جا هونئن تہ گهڻا سارا قسم آهن پر ٻہ وڏا قسم رومانوي ۽ نفسياتي ناولن جا چيا وڃن ٿا. نفسياتي ناول جي هڪ ڳالھہ هيءَ بہ آهي تہ ان ۾ حقيقت نگاري وڌ ۾ وڌ شامل هوندي آهي. ھھڙن ناولن جو دائرو صرف معاشري، ڪردار، سيرت ۽ نفسي تحليل تائين هوندو آهي.
“ماڻھو هڪ جهنگل آ” بہ هڪ اهڙو تجربو ڏيندڙ آهي. هي ناول ٻوڏ متاثرن جون ڪئمپون، لڏپلاڻ، دربدري جا منظر ۽ ماحول ڏيکاريندڙ آهي ۽ اهو سڀ يقينن هن معاشري جو حصو آهي. سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ ۾ انگريزي مان ناول جھڙي طرح آيو آهي ۽ پنھنجي اصطلاحي نانءُ سميت ضم ٿي ويو آهي هن وقت سنڌي ۾ نھايت اهم ۽ معياري ناول لکجي رهيا آهن.
صوفي مصري شاھہ چيو آهي تہ “جز مان ڪل ۾ اهو داخل ٿيندو آهي، جيڪو ٻين لاءِ جيئي ٿو.” الائي ڇو هن ناول جا ڪردار جيئڻ جو ساهس نہ ٿا سارن ۽ جيون جي جنگ هارائي وڃن ٿا. پنھنجي لاءِ جيئڻ بہ ڪو خاص جيئڻ تہ ناهي هوندو. سعيد چواڻي تہ “هي ناول روحاني طرح مثبت تبديليءَ ڏانھن پيش قدميءَ جو شديد گهرجائو آهي.”
ڪردارن جي ڳالھہ ان ڪري ڪئي سون ڇو تہ پنھنجي پاران ۾ خود ليکڪ پنھنجي ڪردارن سان هيئن مخاطب ٿئي ٿو.. “اي ڪردارو! اي منھنجا خاموش ڪردارو! مان توهان ڏي متوجھہ آهيان.”
ليکڪ لکي ٿو: “اوهان صرف پنھنجي مٿي کان وٺي پيرن تائين سوچيو ٿا.”
منھنجي لاءِ ناول جي رٿابنديءَ کان اول ڪردارن جو تجسس وڌيڪ هوندو آهي. ڇو تہ ڪنھن بہ ناول ۾ ڪھاڻي تہ هوندي ئي هوندي آهي پر ڪردار ان ۾ ڪيئن ورتاءُ ڪن ٿا يا هڪ ناول نگار انھن کي ڪيئن کڻي اچي پيش ڪري ٿو اهو ڏاڍو اهم آهي.
“ماڻھو هڪ جهنگل آ” جي ڪردارن ۾ هڪ نيچرلٽي آهي. سواءِ ٻن ڪردارن جاويد ۽ جاسم جي، ليکڪ ڪا بہ ڪاريگري نہ ڪئي آهي ۽ هن ناول جا ڪردار پنھنجي ساخت ۾ سھي پس منظر رکندڙ آهن. مرڪزي ڪردار زينوء بہ ڪا فلاسافي نہ ٿي جهاڙي، پر هوءَ هڪ معصوميت سان سرشار رحم جوڳو ڪردار آهي.
ناول نگاري جي دنيا ۾ هر قسم جي ڪردار چٽڻ جو ڏانءُ صرف ليو ٽالسٽاءِ کي اچي ٿو ۽ هو ان ۾ خاشي مھارت جو مالڪ بہ آهي. علي صفدر جي ڪردار نگاري هن ناول جي جان آهي ۽ هن ناول جي اهميت بہ انھن ڪردارن جي ڪري آهي ۽ اهي ئي هن ناول کي ڪامياب بڻائن ٿا. عبدالقيوم صائب مطابق.. “ناول جي ادبي اهميت ان جي ڪردارنگاريءَ تي مدار رکي ٿي.”
هن ناول جو نالو نيئن محاوري طور اڳيان آيو آهي. پر مون کي تہ هي محاورو ڪمزور ٿو لڳي، ماڻھو جي اندر ۾ سوين ڪائناتون آهن ۽ ماڻھو خود هڪ ڪائنات آهي، جنهگ تہ هڪ محدود شيءَ آهي. شاعر لفظن جا ڪاريگر هوندا آهن. ناول نگار اهڙا تہ لفظ، محاورا ۽ تشبيھون ڪم آنديون آهن جو پڙهي دماغ کوليو وڃي. جيئن..

• عورتون.. معصوم عورتون.. پنھنجي اباڻن جي لولي واري سٻاجھڙائپ اسٽار پلس جي چمڪ ۾ گم ڪري آيون هيون. پيج-10
• پريت ڳنڍي ڇنڻ سکي ورتي سي، بس مشڪل هو تہ وسارڻ. پيج-13
• خيال ئي خيال.. رڻ ئي رڻ.. ماڻھو ئي ماڻھو..

هي ناول پڙهندي ماڻھو خيالن ۽ سوالن جي رڻ ۾ رليو وڃي. ڀانت ڀانت جا ماڻھو ليکڪ وڏي هوشياري سان گڏ سرجيا آهن. انھن جا مڪالما ۽ ڳالھہ ٻولھہ ۾ ڪٿي بہ ليکڪ نظر نہ ٿو اچي. ڪردار فطرتي رنگ ڍنگ ۾ تز ۽ پنھنجي ان اصلي روپ ۾ بيٺا آهن. جهنگل لفظ تي بہ مونکي اعتراض آهي، سنڌي ۾ جهنگ ٿيندو. جهنگ جنھن ۾ الڳ قسم جا جانور ٿيندا آهن. هي ناول بہ ماڻھن جو جهنگ آهي. پڙهندڙ کي ائين ٿو محسوس ٿئي ڄڻ هو، ماڻھن جي ميڙ ۾ بيٺو هجي. هيترن ڪردارن سان علي صفدر نڀائي ويو آهي اها ان جي قابليت آهي، جنھن کان انڪار نہ ٿو ڪري سگهجي.
هن ناول جا ڪردار دلاور، جاسم، علي احمد، نور نبي، ماسي ڪامل، گلو گاڏهي جي زال، زينو، زينو جي ڀاڄائي، موسڻ، ماستر، ڄامل، سردارو، درناز، نبن، حاڪم خان، ماسي گلان، اڪمل جي زال، فاطمہ، ماستر سونو، وليد خان، ڪامريڊ حبن، هاشم، ماسي موران ڪردارن جو هڪ ڊگهو شجرو آهي جيڪو پاٺڪ کي ذهن ۾ رکڻو ٿو پوي.
ٻاهرين ادب ۾ دوستو وسڪي ۽ ٻين روسي ناول نگارن جي ناولن جي ڪردارن جا شجرا بڙ جي وڻ جيان هوندا آهن. سنڌيءَ ۾ اهڙو ڪو ناول ياد اچيم ٿو تہ اهو سانگهڙ آهي. جيڪو ڪردارن ۽ موضوع جي لحاظ کان ڪلاسيڪل آهي. جنھن ۾ انيڪ سارا ڪردار آهن.
زينو جو ڪردار جيڪو پنھنجي ڏيک ۽ سڀاءُ ۾ ٻھراڙي جي ڇوڪري جو ڪردار آهي. ان جو “جهولي لعل” چوڻ پِڙهندر کي گهائي وجهي ٿو. زينو مڪمل ڪردار آهي. پر هڪ ڳالھہ مون کي ڪردار جي حقيقت جي ابتڙ لڳي تہ زينو لتا ۽ مڪيش جي آواز ۾ ڪلاسيڪل موسيقي ٻڌي ٿي. ڳوٺاڻي ڇوڪري جي پسند لوڪل ڳائڻو ٿيندو آهي خير پسند ٿي بہ سگهي ٿي.
هي ناول دور جديد جي تڪڙين تبديلين کي قبول ڪندڙن ۽ بدلجندڙ سامجي روين کي بہ ظاهر ڪري ٿو...
“سڀ ڪجهہ بدلجي ويو هو. زينو بدلجي وئي هئي، ڪالھہ نھارن تائين محدود هئي ۽ اڄ ڳالھائڻ ٻولھائڻ ۽ گڏ ويھڻ تائين پھچي وئي هئي. ماسي ڪامل ڳوٺ ۾ وڏو ۽ ويڪرو گهگهو پائيندي هئي. ٻوڏ ۾ شھر جو آئي تہ مائي فٽنگ پائڻ شروع ڪئي. سوڙها ڪپڙا پائي پولھہ کي لوڏا ڏئي جو هلندي هئي تہ مون کي ڄڻ مرچ پئجي ويندا هئا!!” پيج- 33
ڪيئن هڪ ڇوڪري جلدي ۾ هڪ مرد جي ويجهو اچي وڃي ٿي ۽ ڪراڙي نوان فيشن ڪري ٿي.
جاويد چوندو هو “زندگي کي جنھن سمجهي ورتو تہ زندگي ڇاهي؟ تہ ان جو جياپو زهر بڻجي ويندو!”صفحي 34 تي سوچن جا سوال سٿيندڙ هڪ احساس.
هن ناول جو خالق علي صفدر جڏهن تہ هڪ پختو شاعر بہ آهي، ان ڪري هن ناول ۾ شاعري بہ ڪئي آهي. ناول ۾ ليکڪ جيڪا کوڙ سارن ڪردارن جي مڪالمن ۽ گفتگو پرٽي آهي. انھن هر ڪردار جي بجاءِ پر دلچسپ ڳالھيون وڻن بہ ٿيون. اتي جاويد ۽ جاسم جي فڪري گفتگو ۽ بحث هن ناول جي حياتي وڏي ڪن ٿا.
جاويد ۽ جاسم جو بي جوڙ شادين تي ٿيل فڪري بحث مان هڪ مڪالمو هتي پڙهندڙن جي نظر ڪيون ٿا.. “پر جاسم! پڙهيل لکيلن کي ڪير سڌاري ۽ سمجهائي، جيڪي شعور هوندي لاشعورن کان ڪمتر آهن. جاويد ڳالھہ وڌائيندي چيو.”
جاسم، جاويد، زينو ۽ ٻين ڪردارن جي خواهشن، معصوم خوابن ۽ احساسن ۽ محبتن جي دنيا هي ناول آهي. جاويد جو هڪ خواب مون صفحي 55 تي ڦتڪندي ڌٺو...
“تون ڏسجان رڳو مان ۽ فاطمہ شادي ڪيون تہ هن ديھہ ماڻڪپور ۾ شعور ئي شعور جهلڪندي ڏسندين. هوءَ ڊاڪٽرياڻي ٿيندي ۽ مان ماستر... مفت تعليم بہ ڏينداسين تہ ماڻھن جو علاج بہ ڪنداسي..”
اسان هيٺين طبقي جا خواب ڇو پورا نہ ٿيندا آهن ڇو اسان انھن جو پوري ٿيڻ جي آس ۾ پوري حياتي کائي ويندا آهيون توڙي جو اهي ايڏو وڏو ڪجهہ نہ گهرندا آهن. اهي ڪنھن ٻئي جا نہ پر مون کي تہ علي صفدر جا لڳن ٿا. جو انھن لاءِ تڙپي ۽ زهر کائي ٿو ۽ چريائپ جي دور مان گذري پاڻ کي چار گوليون بہ هڻي ٿو.
هي دور جديديت پڄاڻان جو آهي. جنھن ۾ انسان وڪامي ٿو. احساسن ۾ مطلب ويڙهيل آهن. جديديت پڄاڻان جا هڪ ٻہ عڪس هت بہ آهن؛ “آءُ وقت بہ سوچيندو رهجي ويس تہ اسين آخر ڪھڙو موقف کڻي جھان ۾ آيا آهيو ۽ ڪيون ڇا ٿا!؟ماڻھو ماڻھوءَ کي نہ ٿو سڃاڻي. ڀيڻ لاءِ ڀائرن جو ڀرجهلو شامت بڻجي ويو آهي. اولاد جو والدين سان رويو سخت ٿي ويو آهي. گهر جو فرد پنجاھہ ڀاتين وچ ۾ اڪيلائين جي جي ايڪانت جو شڪار ٿي رهيو آ... ٻاهر اڱڻ ۾ ستل گهرڀاتين کي ڪمري ۾ ستل گهرڀاتيءَ جا سڏڪا بہ ٻڌڻ ۾ ڪونہ ٿا اچن.” پيج-57
هي ان سماج جي نشانبري آهي جتي نوجوان وٽ پنھنجي محبوبہ سان ملڻ وقت مالي شرمساري هوندي آ ۽ نوجوانن سان ائين ٿيندو آهي.” جيئن جاسم چوي ٿو-
“زينو! جڏهن بہ تون ايندين آهين تہ مون وٽ ان وقت پئسا ناهن هوندا” 67-پيج
عورت جي نفسيات تي ناول ۾ تمام جهجهو ڊسڪورس آهي. فڪري طور ناول سگهارو مشاهدو ۽ ڏانءُ رکندڙ آهي ان ڪري هن ڳوڙهيون پيچيدگيون کولي رکيون آهن. ڪٿي ڪٿي آءُ ليکڪ سان فڪري طرح سان سخت اختلاف رکان ٿو. اهو عورت جي حوالي سان ڪيل ڳالھين بابت.
عورتن جي ڪوڙ هڻڻ، ڳالھہ وڌائي پيش ڪرڻ، ڳالھيون هتان جون هتي کڻي وڃڻ، عورت جي فطرت ۾ آهن ان کان انڪار نہ ٿو ڪري سگهجي. ليکڪ ائين بيان ڪيو آهي جو ٽھڪ نڪريو وڃن.
ناول جو هر ڪردار ٻوڏ متاثر آهي. ناول جي هي سٽ جيءُ جهوري وجهي ٿي...”جنھن غضب سان هي شامت آئي هئي. ان تي ڪو بہ فڪرمند نہ هو تہ هي سيلاب- سياسي چال بازي هئي يا خدا جو قھر...” پيج-72
ناول نگار هيٺين طبقي جي سوچ ۽ سائيڪي کي بہ سمجهي ٿو ۽ انھن کي زميني حقيقت بہ ڏسي ٿو.
“هڪ ڏينھن مون دلاور خان کي چيو تہ “دلاور خان توهان ديھہ ماڻڪ جا رکولا ٿا سڏجو. ڳوٺ ۾ ڪو سڌارو نظر اچي ٿو. نہ اسان کي حق وٺڻ جي جرئت آهي نہ حق ڦٻائڻ جي طاقت... ماڻڪ پور ۾ تہ مون کي ڪو زميندار بہ نہ ٿو سجهي، ماين مڙسن سان سمھندي سمھندي رڳو ٻارن جا ولر پيدا ڪيا آهن!” پيج -73 (وڌيڪ ڏسو ناول)
شھري ماڻھن بابت ليکڪ هيئن سوچي ٿو ۽ اها ئي حقيقت آهي؛ “ڏس نہ پاڙي ۾ غريب بک تي مرندن تہ اٽي جي لپ بہ ڪونہ وٺي ڏيندس... ڪو دڪان تي چڙهي ويندين تہ 30 رپين واري شي 60 رپين ٻڌائي سٺ هزار ڪوڙ هڻندا. انسانن کي ڍو جون اوڳرايون ڏياريون اٿن جو جاين تي پاڻي ۽ داڻي جون ڪنڊيون رکي پکين جي پاسداري ٿا ڪن..” پيج-77
ليکڪ ذات پرستي، انتھاپسندي، مذهب پرستي ۽ طبقاتي ڪشمش کي نندي ٿو. سجاڳي جي لاءِ ليکڪ جو هي جملو ڪيڏو نہ تخيلقي محاوراتي چهونڊڙي آهي...
“اسان ٻلي جي ٻلونگڙن وانگر اکيون پٽي ڪونہ سگهياسي.” پيج-92
ليکڪ جي سوچ معاشرتي اک جيان عورت جي لاءِ گهڻي تلخ نظر اچي ٿي. يا مٿس پدرشاهي هي ڇاپ آهي. هو لکي ٿو..
“سڀ ڪوڙ. ڪوڙ. عورت جو من تيستائين مرد جو آ، جيستائين هوءَ هن وٽ موجود آ ۽ پوءِ... هو ڪنھن بہ طرح ڪنھن سان بہ ڪيئن بہ من بهلائي سگهي ٿي.” صفحو-106
“عورت خوبصورت دوکو آهي. دوکو عورت جي فطرت آهي يا مجبوري!؟”
“عورت جھنم جوترو هوندي آهي. جاويد جھنم ۾ پوڻ سان سڙڻ جو احساس نہ ٿيندو تہ ڇا ٿيندو؟” پيج-115
عورت جي لاءِ اهڙي قسم جا ريمارڪس رکڻ منھنجي خيال ۾ علي صفدر جھڙي نفيس ماڻھو کي نٿا جوڳائن. ۽ اها اسٽئريوٽائيپ سوچ آهي.
باقي عورت بابت اها ليکڪ جي راءِ آهي خيال آهي. جيڪو دراصل حقيقت تي مبني نہ آهي. جيڪڏهن فاطمہ جاويد کي دوکو ڏئي ٿي تہ ان جو مطلب اهيو تہ نہ ٿيو تہ عورت ذات دوکو ٿي وئي. پر اتي زينو جاسم لاءِ زهر کائي مري وڃي ٿي. اها بہ تہ هڪ عورت آهي ۽ ان کان سواءِ وفا جو ٻيو ڪھڙو مثال ٿيندو. پوءِ اتي ناول نگار هيئن چوي تہ مرد بہ دوکو آهي. توڙي جو جاسم ڪانئرتا جو مظاهري ڪري زينوءَ کي اڪيلو ڪري مري وڃڻ لاءِ مجبور ڪري ڇڏي ٿو ۽ ڪا بہ هڪ تر جي ڪوشش نہ وٺي ٿو زينوءَ جي لاءِ. زاويه نظر جي درستگي جي کوٽ آهي.
ناول ليکڪ ٻولي ڏاڍي دلڪش معياري ۽ بج استعمال ڪئي وئي آهي جنھن سان ناول جي اهميت اڃا بہ وڌي وئي آهي. علي صفدر جو محاورو گهڻو سگهارو آهي. جيئن صفحي 126 تي... “ها مائي! تنھنجو نوٽ بہ ٻڌو آ، جڏهن کليو ڪرائيه تہ خبر پوندئي!”
ڇوڪرين، ڪراڙين ۽ اڌڙوٽ زالن جا اهڙا مڪالما آهن. پڙهي داد ڏئي کان سواءِ رهي نہ ٿو سگهجي.
“عورت سارين جي مرائي وانگر آهي، اها هڪ جاءِ کان پٽي، ٻي جاءِ تي لڳائبي تہ ڪي ڏينھن ڪوماڻي تہ رهندي پر وري چھچ چھچ ٽڙي پوندي آهي.” صفحو-137
هي تخليقي لوڪ ڏاهپ جي گفتن، اصطلاحن ۽ محاورن سان ڀري پئي آهي. جيڪي شيون پاٺڪ کي موهيو ڇڏين ٿيون.
علي صفدر عورتن جي نفسيات خاص ڪري ٻھراڙي جي عورتن وڏي گهرائي سان بيان ڪري ويو آهي. جيئن گلا غيبت واري عورت جي عادت، غلط ڳالھہ کي سھي ڪري هلائڻ، پنھنجي مڙسن جي ڪنھن بہ ڪرت مان معطمن نہ هجڻ، عورت جو مائٽن جي رحم وڪرم تي رهڻ. ماڻھو هڪ جهنگل آ جا سڀ عنصر پلاٽ، ڪردار، ماحول ۽ منظر فني فريم ۾ ٺھڪائي وڌل آهن. ڏاڍا ڀرپور ۽ ڪامياب آهن. پر انت ۾ ليکڪ چڪي ويو آهي.
ناول جا هي ٽي واقعا جيڪي پڙهندڙ کي ڌوڏي وجهن ٿا...
“جاويد پاڻ کي ٻن گولين جو نشانو بڻايو هو.”
“زينو زهر کائي فوت ٿي چڪي هئي.”
“پر منھنجا...” يعني جاسم جا ٻئي جھان ڊهي پيا هئا.
ناول نگاري هڪ فن آهي جنھن کي پنھنجا الڳ قسم جا اصول آهن انھن سڀني اصولن جي پوئواري علي صفدر ڪري ٿو ۽ هڪ ڪامياب ناول لکي ويو آهي. جيڪا شي کوکي ٿي، اها هن ناول جو ڪلائيمڪس آهي. ناول جو فڪر اهڙو هجي جو دل و دماغ کي تازگي بخشي، جذبن کي اڀاريو ڇڏي. جيڪي ماڻھو ڪجهہ ڪري نہ سگهن، انھن ۾ ڪجهہ ڪرڻ جي چاهت پيدا ٿي. علي صفدر جو هي نقطہ نظر ناول جي صنف ۾ زندگي ۽ سماج کي پنھنجي سمجهہ آهر ڏٺو آهي. نقطہ نظر ۾ پھرين پرک اها ٿيندي تہ هو پاڻ ڇا جي طرفداري ڪري ٿو. جاسم آهي تہ روشن خيال پر عملن زيرو آهي. ان سان جڙيل ساٿي موت جي منھن ڏسن ٿا. اعليٰ ناول سماج ۾ سڌاري جو سبب بنجن ٿا پر هي ڪردار تہ مريو وڃن.
ناول معاشري تي گهڻو اثر وجهي ٿو سڌاري ۽ واڌاري جا گس گهڙي ٿو. علي صفدر ۽ اسان جي چاهيون ٿا تہ معاشري ۾ نت نيون اميدون ۽ خواب جنم وٺن تہ پوءِ ناولن ۾ هاڪاري پھلو کي وڌ ۾ وڌ هٿي ڏيون.

دادلي ناصر زهراڻي جي ناول ”دنيا دم درياءُ“ جي الوچنا

سنڌي ٻوليءَ جي ناولي دنيا ڏينھون ڏينھن ناول ٿي رهي آهي ۽ ناول لکجڻ شروع ٿيا آهن. 2017ع جو سال سنڌي ناول جي لاءِ سڀاڳو سال سنبري آيو آهي. جنھن ۾ ڏهاڪي کان مٿي ناول اچي چڪا آهن ۽ ٻيا بہ ايندا ۽ ناول جو شعبو خوب ترقي ڪندو اهو ناول نگارن جي سنجيدگي مان لڳي ٿو.
هن ئي سال ۾ دادلي ناصر زهراڻي جو ناول “دنيا دم درياءُ” آيو تہ دوستن وٽان ٻڌم ۽ وري ان جي مھورت جو ميسيج بہ پھتم. پر ڪن مجبورين جي ڪري ان مھورتي پروگرام ۽ ناول نگار سان ملڻ جو مقعو نہ ٿي سگهيو. پر ٻڌڻ ۾ وري بہ اهيو آيو تہ پروگرام ۾ وڏا تعريفي داستان ٺاهي ٺاهي پيش ڪيا ويا مطلب تہ متوازن قسم جون ڳالھيون نہ ٿيون. رڳي اعليٰ ۽ عظيم جا ئي لقب صادر ٿيا.
ٻڌ سڌ تہ گهڻي ٿي پر ناول کي پڙهڻ جو ۽ ان تي ڪنھن جو تبصرو پڙهڻ جو بہ هڪڙو انتظار ٿي پيو. پوءِ ناول تہ مون هٿ ڪري ورتو ۽ پڙهي بہ ورتو. مون جيئن سمجهيو يا محسوس ڪيو، مو سوچيو شايد منھنجي ڪا ناسمجهي هجي، ان لاءِ ڪنھن هڪ اڌ اظھار راءِم اڀياس جو انتظار هو. دنيا دم درياءُ ضخيم قسم جو ناول آهي. لکڻ کي ايترو لکڻ تي جس هجي ۽ ان سڄي ساري لڳ ڀڳ 300 صفحن واري ناول کي پڙهي مجموعي رايو جوڙڻ هڪ خفائتو ڪم پڻ آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ پڙهندڙن جو وڏو فقدان آهي ۽ اهو ڏينھون ڏينھن وڌي بہ رهيو آهي. ليکڪ خود پنھنجون لکڻيون بہ وڏي جبر ساڻ پڙهن ٿا هيءَ تہ خشڪ صنف آهي. آءُ ناول تي پنھنجي مطالعي آڌار سوچيو ۽ ويچار ڪيو آهي.
ان وچ ۾ “نيئن آس” رسالي جو جون ۽ جولاءِ جو پرچو ورتم ان ۾ ڏٺم تہ دنيا دم درياءُ جو اڀياس ادل سولنگي جي نالي سان لڳل هو. پڙهي حيرت جي حد نہ رهي. ڇو تہ اهو اڀياس نہ پر ناول جي بابن جا ٽڪرا ٽڪرا گڏ ڪري ڏنل هئا. جن بابت ادل جي ڪا بہ راءِ ڏنل نہ هئي. وري شابس هجي ايڊيٽر مرتضيٰ لغاري کي جنھن ان اڀياس کي هلائي ڇڏيو آهي. جنھن ۾ اڀياس نالي ڪا شيءَ ناهي. جيئن اسان وٽ ٿيندو آهي ائين ئي ناول شروع ٿيڻ کان اڳ ۾ ناول نگار جي ويجهن دوستن جا ڊگها رايا آهن ناول بابت. انھن ۾ بہ سواءِ تعريف جي گلن جي ڪجهہ ئي ناهي ۽ نہ وري ڪو پورو تنقيدي تجزيو ڪيل آهي. مھاڳ بہ سندس جي ويجهي ساٿي ڪھاڻيڪار ۽ شاعر محمد علي پٺاڻ لکيو آهي. انھن سڀني راين ۽ تجزين کان هٽي ڪري هتي آءُ پنھنجي راءِ ڏيڻ گهران ٿو ۽ هرهڪ کي پنھنجو نقطہ نظر پيش ڪرڻ جو حق آهي.
هي ناول اٺن بابن تي مشتمل آهي. جيڪو پنھنجي جاءِ ڪافي ڊگهو آهي. ليکڪ انھن سڀني ڪردار، واقعن ۽ منظرن کي ڪيئن Conclude ڪيو آهي. اهو داد لھڻي ڇو تہ هو هڪ ڪامورو بہ آهي. سندس ادبي شروعات ڪھاڻي کان ڪيل آهي. اها معلومات هن ڪتاب ۾ موجود راين کان ملي.
ناول جي سر ورق کي ڏٺو وڃي تہ ان تي سنڌ جو نقشو ڏنل آهي ۽ ان ۾ سنڌ ٻري رهي آهي ۽ شاھہ جي سٽ جيڪو هن ناول جو نالو بہ آهي. اهو ان جي ٿيم سان ٺھڪي نہ ٿو اچي، دنيا دم درياءُ جو مفھوم ۽ پس منظر هڪ الڳ معاملو آهي. ٿي سگهي ٿو ليکڪ دنيا کي سنڌ سان تشبيھہ ڏئي ڪم آندو هجي ۽ سنڌ ۾ جيڪي حرام خور ڪامورا آهن انھن منجهان ڪي ڪي تارو ايماندار واري سوچ سان لکيو هجي، باقي هڪ سمجهو پاٺڪ تہ هن کي چٽو نہ سمجهي سگهندو.
مون کي ناول گهٽ داستان وڌيڪ ليو آهي. ڇو تہ ناول جا پنھنجا جديد لوازمات آهن. اهي هن ناول ۾ جهيڻا آهن. داستان ۾ حواس جي اعتبار جوڳا واقعا نہ هوندا آهن. ان ڪري دلچسپي ۽ تجسس داستان جا اهم جز هوندا آهن. هن ناول ۾ بہ ڪھاڻي جو انداز ۽ ٽريٽمنٽ داستان واري آهي ۽ ناول نگار تجسس ۽ دلچسپي جي جزن کي هٿي ڏيندي قصا ۽ لوڪ ڪھاڻيون هروڀرون هن ناول ٽنبيون آهن. هڪ اڌ لوڪ قصو تہ ليکڪ پنھنجي کاتي ۾ لکي ڏئي ڇڏيو آهي. جنھن جو ذڪر اڳتي هلي ڪبو.
Superstitions هن ناول جو وڏو حصو آهن ۽ ڀري ڀري هن ۾ اهي ڏنيون ويون آهن. ناول جديد دنيا جي صنف آهي ۽ جتي جديديت پڄاڻان جو دور هلي رهيو هجي. اسين Age of Theories ۾ رهندا هجون اتي Superstitions اهي بہ ناول ۾ ڏيڻ هڪ بنھہ ناسمجهي وارو عمل آهي. خود ليکڪ هڪ جديد دنيا ۽ اربن زندگي گهاريندڙ ماڻھو آهي ۽ ان جو لکڻ جو اسلوب وري هڪ داستان گو وارو آهي.

باب پھريون- مين تہ اڪ خيال آن...
ناول جو پھريون باب گلڻ عرف گلو پٽيوالي جي ساروڻين يا سوچن سان شروع ٿئي ٿو ۽ سڄو ناول گلو پٽيوالي جون يادگيريون آهن. جيڪي هو ڪينسر جھڙي موذي مرض ۾ مبتلا هوندي بيماريءَ جي بستري تي ساري ٿو. گلوءَ جي ڪردار کان پوءِ ترت ئي هن ناول جو ٻيو ڪردار مھران نڪري سامھون اچي ٿي.
باب ۾ اڻ گهڙيا بادشاھہ ۽ وزير ڪاٺيرن جا قصا ٽنبي باب جو پيٽ ڀريو ويو آهي. ليکڪ 38 پيج تي لکي ٿو؛ “اونداهي اهڙي جو هٿ نہ ڏسي هٿ کي.” “مڇر منھنجا هڏ گڏ ڪٽي کائي ويئي.” پيج- 39
جون ۾ رات ايتري بہ گرمي نہ هوندي آهي جيتري ليکڪ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ اونھاري ۾ رات ايتري گهيري اونداهي نہ هوندي آهي جيئن ليکڪ لکي ٿو. مڇرن جي ڳالھہ تہ عجيب آهي. هن باب ۾ ڪجهہ مشاهداتي چڪن سان مھران جو ڪردار ليکڪ آندو آهي جيڪو سمجهہ ۾ نہ ٿو اچي تہ ان جو خاص مقصد يا منتق ڪھڙو آهي!

باب ٻيون- مين تہ اڪ خيال آن...
ناول جو مرڪزي ڪردار گلو رات جي پھرن ۾ پنھنجي ساورڻين ذريعي هڪ ٻئي ڪردار جي ڪھاڻي قصو کڻي ٿو جنھن ۾ ليکڪ هڪ داستان گو وانگر لکي ٿو. سخاوت علي ناول جو ٽيون ڪردار آهي. جيڪو گلو جو نڍپڻ جو دوست-هم ڪلاسي آهي. هن ناول ۾ ليکڪ اهم ڪردارن سان گڏ فضول جا ننڍا ننڍا ڪردار بہ کنيا آهن. جن جو ڪو بہ خاص ڪم ناول ۾ نہ آهي. جيڪڏهن ويھي هڪ هڪ ڪردار جي اوک ڊوک ڪجي تہ هوند هي الوچنا ڪتاب جو روپ اختيار ڪري وڃي. غريب جي ڌيءُ جي عرزت ماءُ پيءُ جي پريشاني جو فڪر ليکڪ جيئن هتي بيان ڪيو آهي. بجاءِ ائين بہ ڪونھي ۽ غير حقيقي ۽ غيرمھذب انداز ۾ ڏنو آهي. هن باب ۾ ليکڪ هڪ اڌ پيراگراف ورجايا آهن. جنھن سان پڙهندڙ بوريت جو شڪار ٿي پوي ٿو.
سخاوت علي جو ڪردار جيڪو ليکڪ چٽيو آهي. اهو سٺو آهي. پر ان جو خودڪشي ڪرڻ آدرشي هوندي بہ اهو انھن جي آدرشن جي نفي آهي ۽ ليکڪ ڏيکاريو آهي تہ هو ڇھين درجي ۾ ٽالسٽاءِ ۽ لينن جا ڪتاب پڙهي ٿو. اهو تہ وڏو ڪارنامو ٿي ويو. خير هتي ليکڪ امر جليل واري ڪار ڪري ويو آهي ڪردار کان ان جي ائپروچ کان مٿي ڏيکاري ويو آهي. هن باب ۾ کوڙ سارا منظر مڪمل فلمي ۽ Fictitious آهن. هن ئي باب ۾ هن پرائمري استاد جو ڪردار جانب تہ انتھائي غير حقيقي سمجهہ ۾ نہ ايندڙ غيرافسانوي ادب جو ڪردار لڳي ٿو. ان کان اهڙا ڪم ڪرايا ويا آهن جيڪي هڪ استاد تہ نہ ٿو ڪري سگهي گهٽ ۾ گهٽ. هي سڄو باب فضول ڊرامي وانگر آهي. ليکڪ 86 صفحي تي سمجهہ ۾ ڳالھہ نہ ٿي اچي تہ ڪھڙو نقطو نروار ڪرڻ گهر ٿو ۽ حقيقي طور ڪو بہ ڪردار ايترو پرفيڪٽ نہ ٿو ٿي سگهي. هن ۾ ليکڪ ڊرامائي منظرن ۽ عجيب ڳالھين جي حد ڪري ڇڏي آهي.

باب ٽيون- موران تيڏي اي...
ناول جي هن باب ۾ ليکڪ حوالن جا ڌوڙيا لائي ڏنا آهن. ناول جو هرهڪ باب هڪ الڳ مڪمل جدا ناول جي ڪھاڻي ۽ سوچ رکندڙ آهي. گلو پٽيوالو رات جي پھر ۾ وري هڪ ٻئي قصي کي کڻي ٿو جنھن جو مرڪزي ڪردار صوفن آهي ۽ ان سان هڪ جڙيل ٻيا ڪردار چاچي زيبل، موران، علي جانل ۽ ٻيا بہ آهن. عجب حيرت جي ۾وجهندڙ هن باب ۾ ليکڪ ڪا ڪم جي ڳالھہ ڪو اهم نقطو نہ ٿو ظاهر ڪري پر اهي ئي ڳالھيون جن ۾ سواءِ بوريت جي ڪجهہ ئي ناهي. ناول ان کان وڌ ئي گهر ٿو. اهڙي قسم جون دقيانوسي ۽ پراڻيون گهڙاوتي ڳالھيون اڳ ۾ لاتعداد ڪھاڻين ۾ اچي چڪيون آهن. جنھن کي ليکڪ هڪ ڪردار کان پنھنجي پيءُ کي گڏيون ڏياري ٿو تہ جيئن سندس شادي ٿئي!
صوفن جيڪو هڪ معصوم کي ٻوڙي ماري قتل ڪري ٿو حوس جي آڙ ۾، ان کي وڏو پھتل بزرگ سمجهيو وڃي ٿو ۽ ٽٻي هڻي اهو وڃي مديني نڪري ٿو. ليکڪ اهڙيون ڳالھيون لکي پڙهندڙن تي وڏو جبر ڪيو آهي. جنھن سان پڙهندڙ ڪو لاڀ نہ ٿو ماڻي الٽو بيزار ٿي پوي ٿو. باب جو بس هڪ ئي جملو آهي جيڪو ڪنھن بہ حساس دل کي روئاري سگهي ٿو.
“صوفن ميڏا ڀرا، ميڪون نہ مار، مين موران نہ پرڻيسان، موران تون پرڻين، موران تيڏي اي.. موران تيڏي اي..” پيج- 113
ناول جو Taste پڙهندڙن تي ڪو گهرو اثر نہ ٿو وجهي، ڪالرج چيو آهي تہ؛ “ذوق صرف مسرت ۽ غم جي احساس جو نالو ناهي پر اهو معروضي شين جي عقلي ادراڪ جو بہ حامل هوندو آهي.” ۽ اها ئي هن ناول جي وڏي ۾ وڏي کوٽ آهي. جنھن کي ناول نگار ذهن ۾ نہ رکيو آهي.

باب چوٿون- تون راڻو رب آن...
هن باب ۾ پٽيوالو گلو هڪ نئين ڪردار سان سامھون اچي ٿو. خير بخش خيراڻ! هن باب جو قصو ڪجهہ ٻيو آهي. خير بخش خيراڻ- انسان گهٽ Superman مافوق الفطرت لڳي ٿو. هڪ ئي وقت ان ڳڻين خوبين جو ڪمن جو ماهر آهي. هن باب ۾ ليکڪ ۾ سنڌ جي امر ڪردار وتائي فقير جو هڪ مشھور قصو ڍڳي ۽ گڏھہ واري ڳالھہ پنھنجي ڪري لکي ويو آهي. ان ۾ وتايو نہ پر ڪردار مٽائي ڏنو اٿس. سنڌي ليکڪن جي ٻئي خامي يا بيماري چئجي، هوندي آهي تہ جنھن خول، مڪتب فڪر، مسلڪ جا هوندا، ان جي جهلڪ يا پرچار يا ورجاءُ ضرور ڪندا آهن. جيئن هن ناول ۾ ليکڪ بار بار حضرت علي جا قول ڏئي ٿو. ان مان هر ڪنھن کي اندازو ٿي ويندو تہ صاحب ڪھڙي مسلڪ سان تعلق رکي ٿو.
ليکڪ هر هر شاھہ لطيف جي شعرن کي مرشد مرشد ڪري حوالي طور ڏئي ٿو. اڄ جي سائنسي دؤر ۾ شاھہ لطيف کي مرشد چئي ليکڪ ڪھڙي سجاڳي جو ثبوت ڏئي ٿو. شاھہ لطيف باڪمال شاعر آهي. سنڌين کي هاڻي ان پيري مريدي واري وبا مان ٻاهر نڪرڻ گهرجي. هر باب جو انت ان باب جي مک ڪردار جي موت سان ٿئي ٿو. خبر ناهي ليکڪ ڪھڙي مثبت سوچ ان ذريعي اسان تائين پھچائڻ چاهي ٿو. ناول جو مک ڪردار گلو پٽيوالو هر ڳالھہ ڪرڻ کان اڳ ۾ ان ڪردار جو Death Certificate پڙهندڙن جي هٿ ۾ ڏئي ڇڏي ٿو. ناول جا قدر Values جيڪي ليکڪ ڪردارن کي ڏئي ٿو اهي ڇسا ۽ ڪمزور آهن.

باب پنجون- امير بخش ڪاريھر...
“عجب دنيا آهي سنڌ سيڪريٽريٽ. پٽيوالي کان وٺي، سيڪريٽري تائين، خواهش سڀني جا کيسا ڀرڻ آهي. سيڪريٽريٽ ۾ ڪروڙ پتي، ڪک پتين جي روپ ۾ ايندا آهن.”
هي آهي اهو اهم نقطو جنھن کي ناول نگار جنھن تحت هي ناول خلقيو آهي. سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ ٿيندڙ ڪرپشن کي وائکو ڪرڻ ئي ليکڪ جو Motive آهي تہ پٺيان ايڏا سارا اجايا چار باب جن جو ان سان ڪو لاڳاپو ئي ناهي. پوءِ ڇو ناول کي ايترو لفاظيت سان طويل ڪرڻ جي ليکڪ ڪوشش ڪئي آهي جنھن ۾ هو مڪمل ناڪام ويو آهي. 155 صفحي تائين ۽ ان جي پٺين مواد سان ان جي اڳيئنText جو ڪو تعلق ناهي.
ليکڪ پنھنجي تخليقي حس ڪٿي بہ استعمال نہ ٿو ڪري ۽ ناول ۾ تخليقيت جو فقدان آهي. ليکڪ تخليقي قوت کان بنھہ خالي آهي. هن باب ۾ ليکڪ قصو ڪوٽ ڪري ٿو. امير بخش جي ماءُ چاهي ٿي تہ هن جو پٽ نہ پڙهي، منھنجي خيال ۾ دنيا جي ڪھڙي بہ ماءُ هجي ڪھڙي بہ خطي سان تعلق رکندڙ هجي ڀلي اها مڪمل ڄٽي هجي اها ائين تہ نہ چاهيندي تہ هن جو پٽ نہ پڙهي، اهو لقاءُ بنھہ غير حقيقي آهي.
184 صفحي تي لکيڪ وري هڪ بادشاھہ جو قصو ڏئي ٿو. جھڙوڪ هي ناول نہ هجي پر بادشاهن جي قصن جو داستان. ليکڪ جو هي ڪردار امير بخش بہ ڪنھن ڪم جو ناهي. جھڙي قسم جي ليکڪ ڪردارن جي اڻت ڪري انھن جي نڀاءُ ۾ هو ناڪام ويو آهي. امير بخش جڏهن ڪسمپرسيءَ واري حالت ۾ هجي ٿو تہ زهرا کيس سھارو ڏئي ٿي گهر ڏي، عزت ڏيس ٿي، بي انتھا پيار ڪريس ٿي پر امير بخش ڪنھن فلمي ولين جيان ڪميشن پاس ڪرڻ کان پوءِ هن کي هيئن چئي ٿو..
“ها زهرا، توکي غلط فھمي آهي!” امير بخش ڳالھايو. “تون پاڻ ڏس مون ڏانھن بہ ڏس. مون کان چار سال وڏي آهين. لڳي ائين ٿو تہ تون تہ منھنجي ماءُ برابر آهين. توسان شادي ڪري مون کي پاڻ تي جڳ تہ نہ کلائڻو آهي. پيج-188

باب ڇھون- رحمان علي ٽنڊڻ..
ناول جو مک ڪردار گلو پٽيوالو جيڪو مرڻ ڪنڌي تي آهي. مرڻ وقت ان کي پنھنجا عزيز قريب ياد پوڻ گهرجن. پرين پيارا محبوب يا ماءُ پيءُ سارڻ گهرجن. پر هن کي موت جي بستري تي ڪرپٽ ڪامورا ئي ياد پون ٿا ۽ هو ائين چوي ٿو؛ “يادون ئي ٿوري ديرلاءِ سھي منھنجي درد جي دوا دارون آهن.” هي ڪھڙيون يادون آهن جن کي ياد ڪري هو دارون حاصل ڪري ٿو. ڪرپٽ ڪامورن جو عياشيون هن لاءِ دوا ۽ دارون آهن. اهو تہ غير منتقي آهي يار!
گلو هن باب ۾ هڪ ٻئي ڪاموري رحمان علي ٽنڊڻ جي رام ڪھاڻي ٻڌائڻ لڳي ٿو. مون هڪ آفريقي ناول “آمنہ” پڙهيو هو. جيڪو هڪ نائيجيرين ناول نگار محمد ڪبير عمر جو لکيل هو. ان ناول ۾ ليکڪ پنھنجي ملڪ ۾ افسرشاهي کان ويندي هيٺين سطح تائين جيڪا ڪرپشن ٿئي ٿي ان جا ذميوار ۽ محرڪ ڪھڙا آهن؟ اها ڪھڙن سببن ٿئي ٿي. ان کي ليکڪ وڏي فنڪارانہ ۽ تخليقي اسلوب ۾ بيان ڪيو آهي. پر هي سنڌي معاشري تي محيط ناول ايڏو تخليقي ۽ جديد تقاضائن ۽ ٽڪينڪل گهرجن کي پورو نہ ٿو ڪري. مثال طور؛ سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ ٿيندڙ ايڏين وڏين گهوٻين کي ڇڏي ليکڪ انتھائي معمولي ڳالھيون ظاهر ڪيون آهن..
جيئن... “صوبيدار خان توهان هڪڙو ڪم ڪيو، توهان جيڪي اندر باٿ روم ۾ چپلز رکرايون آهن. ڏاڍيون ڀليون آهن. هيئن ڪيو، جو اهڙيون ٽي چپليون وٺي منھنجي گهر موڪليو.” سيڪشن آفيسر صوبيدار خان حڪم جي تعميل جي لاءِ ٻاهر نڪتو. ايمانداريءَ دري مان ٽپو ڏنو، سنڌ ڏکويل اداس ۽ لٽيل سنڌ! هڪ سڏڪو ڀريو.” پيج-200
سنڌ جي سالياني بجيٽ 12هزار ارب آهي. جيڪا اسٽيبلشمينٽ ٽي هزار ارب ظاهر ڪندي آهي. اها سنڌ جنھن جي بجيٽ 4 هزار ارب هجي ۽ سيڪريٽري ليول جو ماڻھو رڳو ٽي چپلون جي ڪرپشن ڪري ٿو تہ ڏاڍو ڀلو پر ناول نگار پاڻ ڪميشن پاس آفيسر هوندي بہ سھي معنيٰ ۾ انگ اکر، ڪرپشن ۽ مانگر مڇن کي نمايان نہ ڪري سگهيو آهي يا لڪائي ويو آهي. اهي عياشيون ۽ عورت بازي تہ اڳ ۾ الائي ڪيترين ڪھاڻين ۽ ڪتابن ۾ اچي چڪي آهي. کيس ناول جھڙي حسين ۽ وسيع ڪينواس هجڻ جي باوجود هو صرف غير ضروري پٽاڙ ۾ پئجي ويو ۽ اهم انڪشاف کائنس هٿان نڪري ويا آهن. ادب ڪنھن خاص معاشري تائين محدود نہ هوندو آهي پر اهو تہ انساني نسل ۽ انساني فطرت جي لاءِ هوندو آهي. نائيجيرين ناول نگار جو ناول پڙهي اسان کي نائيجريا جا مسئلا يا سامراجي قوتن جو استحصال اسان جو پنھنجو محسوس ٿئي ٿو. ڇا “دنيا دم درياءُ” کي ان پيرائي ۾ ترجمو ڪري ٻين ٻولين ۽ معاشرن ٿائين پھچائي سگهجي ٿو بلڪل بہ نہ!
نوبل انعام يافتہ ناول نگار گبرئيل گارشيا مارڪيز چيو آهي تہ “جيڪڏهن توهان ڪو سياسي نقطو بيان ڪرڻ چاهيو ٿا تہ سٺو ڪتاب لکو.” هن ڪتاب جو ليکڪ اهو سٺو ڪتاب لکڻ ۾ گسي ويو آهي. رتنا باگڙياڻي سان سيڪريٽري جو ريپ ڪرڻ ۽ انٽرٽينمينٽ هائوس جون فضوليات، ڪامورن جون جيڪي افسانوي ادب کان علاوہ صحافتي ادب ۾ منظر عام تي اچي چڪيون آهن. ڪراچيءَ جي اندر سنڌ جي انتظامي معاملن جا فيصلا ڪندڙ ادارو- سنڌ سيڪريٽريٽ جي بابت ليکڪ هڪ شاندار ناول ڏئي سگهيو پئي پر اهو سندس وس جي ڳالھہ نہ ٿي لڳي.

باب ستون- صوفي صاحب...
گلو پٽيوالو جيڪو هڪ گهٽ پڙهيل ماڻھو آهي. اهو هن باب “ چوي ٿو تہ جيڪڏهن هو پنھنجي يادن کي قلمبند ڪري ها تہ چڱو خاصو ناول لکجي وڃي ها. هنڪڏهن ناول پڙهيو ناهي پر کيس ناول جي خبر آهي اهو تہ ابتڙ ڪم ٿيو. خير. اچو ٿا هن باب جي ڪردار تي جنھن جي ڪھاڻي بہ ساڳيو گلو پٽيوالو ٻڌائي ٿو.
دلاور حسين جيڪو پاڻ کان گهٽ ليول جي ڪاموري نعيما کي چاهي ٿو هڪ تہ هن سان اظھار محبت نہ ٿو ڪري سگهي وري ڪري ٿو تہ هوءَ کيس اسٽيٽس جو طعنو ۽ والدين جو چيو مڃي ٿي ۽ هن کي پيار ڪندي بہ هن کي ڇڏي ڏئي ٿي. هڪ ڪامورو ۽ ڪاموري بہ شادي ڪرڻ لاءِ ايڏو پريشان هجن ٿا بنھہ غير منتقي آهي، اهي اربن لائيف گذاريندڙ. شھري زندگي گذاريندڙ ڇوڪري ۽ مٿان آفيسرياڻي تہ گهٽ ۾ گهٽ پيار پرڻو ڪري سگهي ٿي. ناول جو پٺ ورق لکندڙ علي بخش پٺاڻ چوي ٿو تہ “هن ناول جا ڪردار حقيقي ڪردار آهن.”
مون کي تہ هن ناول جا ڪردار خبر ناهي ڪھڙي دبستان جا ڪردار لڳن ٿا. (دبستان معنيٰ عقيدي- نظريي يا خيال جا ماڻھو) هن ناول جا سمورا ڪردار Hypocritical منفر ڪردار لڳن ٿا. ناول نگار خبر ناهي ڪھڙي Vision تحت هي ناول لکيو آهي. هر تخليق ڪار جو حيات و فن جي باري ۾ ڪو نہ ڪو نقطہ نظر هوندو آهي ۽ اهو ئي هن جو نقطہ نظر ٿيندو آهي پر هن ناول جو Vision چٽو ناهي.
ناول زندگي جي حقيقي منظرن کي بي اختيار ۽ بي لاگ پر تخليقي انداز ۾ بيان ڪري ڇڏڻ آهي. پر هتي هن ناول ۾ تہ ماجرا ئي ٻئي آهي. ناول زندگي بابت هاڪاري ۽ اميد ڀرين احساسن جي رست گامزن ڪندو آهي نہ ڪي مايوسين جي ڪن ۾ اڇلي ڇڏيندو آهي!
ليکڪ جي ناول ۾ موجود ٻوليءَ جا ڪجهہ جملا ڏسو...
“هڪ ڏينھن ﷲ جي ڪرڻ ائين ٿي تہ....”
“هائو ٻيلي ڇا ڏسي تہ...”
“دانھن ڪرڻ سان ساھہ تو ڏٺو نہ مون ڏٺو.”
ناول جديد ادب جي صنف آهي ۽ ليکڪ هن ناول ۾ ٻوليءَ ۾ انتھائي ڄٽڪي ٻولي استعمال ڪئي آهي. جديد انداز ۽ اسلوب نہ اپنايو آهي نہ ان ۾ تخليقي سگهہ شامل آهي. تشبيھون ۽ استعارا بہ ناول جي سونھن هوندا آهن. پر ليکڪ اهي بہ گهٽ پر شعر ۽ قول ڀري ڀري ڏٺا آهن. دنيا جا جيڪي شاهڪار ناول آهن کڻي ڏسي انھن ۾ شعر ۽ قول گهٽ هوندا آهن. اسان وٽ سنڌي ۾ اهي شعر ۽ قول لکيا وڃن ٿا. پر خود سنڌي ادب جي ڪامياب ۽ شاندار ناولن جا نالا کڻو تہ “موهن جو دڙو” همہ اوست” پڙاڏو سوئي سڏ” ٻين ناولن ۾ شعر نہ آهن. نج تخليقي ٻولي سان ڀريل آهن.
ناول جي پڄاڻي بہ ڪو خاطرخواھہ وڻندڙ احساس نہ ٿي ڇڏي نہ ئي ان ۾ ڪا نواڻ آهي. پر رهندو مايوس ڪن آهي. منظرنگاري ناول جو اهم ترين عنصر آهي محترم ليکڪ جي ناول ۾ منظر نگاري جي بہ وڏي کوٽي آهي. پلاٽ، ٿيم، ڪردار نگاري، منظرڪشي ۽ ڪلائميڪس جيڪي هڪ جديد ناول جا اهم جز آهن. مجموعي طرح ڏٺو وڃي تہ اهي هن ناول ۾ پورا نہ آهن ۽ هي ناول ڪنھن بہ طرح هڪ ڪامياب ناول نہ ٿو چئي سگهجي.

رياستي ڏاڍ جي سورن جو داستان ”پنھون“ ناول بابت ڪجهہ خيال

ڪنھن بہ ناول ۾ ليکڪ ڪھڙي نہ ڪھڙي طريقي سان شامل هوندو آهي. ڪي ناول نگار ظاهر ظھور عيان ٿي بيھندا آهن. ڪي فن کان ڪم وٺندا آهن ۽ پاٺڪ کي وٺ نہ ڏيندا آهن. جيڪي ناول نگار حياتيءَ جو ڳوڙهو اڀياس ڪندا آهن. اهي نتيجا اخذ ڪندا آهن ۽ اهي نتيجا سڌو سنئون پڙهندڙن تي اثر ڪندا آهن. پنھون ناول جا نتيجا اسان کي متاثر ڪن ٿا.
منظور ثھيم پنھنجو همہ گير مشاهدو، فڪر ۽ تجربو هن ناول ۾ شامل ڪيو آهي. منظور کاٻي ڌر سان تعلق رکندڙ ۽ مختلف نظرين خاص ڪري مارڪسي نظريي جو گهرو مطالعو رکي ٿو.
دنيائي ادب ۾ ناول انيڪ سارين Techniques ۾ لکجي پيو. سنڌي ادب ۾ کڻي ٽيڪنيڪل تجربا گهٽ ٿين ٿا. پر موضوعاتي طرز تي هن وقت سنڌي ۾ گهڻائي تجربا ٿي رهيا آهن. “پنھون” انھن منجهان هڪ آهي. “پنھون” ناول جو موضوع ۽ مرڪزي خيال مسنگ پرسنز تي آهي. جيڪو منھنجي خيال ۾ سنڌيءَ ۾ ان موضوع تي ٻيو ناول آهي. ان کان اڳ ايوب کوسو مسنگ پرسنز تي سنڌي ۾ “وڃايل وارث” نالي سان ناول لکي چڪو آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ ويجهي ماضي ۾ ان موضوع تي افسانوي ادب ۾ لکيو پيو وڃي جيڪو بھتر عمل آهي. ان کان اڳ ۾ مون مسنگ پرسنز تي نامياري محقق ۽ ڪھاڻيڪارہ ميڊم تھمينہ مفتي جي ڪھاڻي “ڪٿا اپ ڪٿا” پڙهي هئي. پنھون ناول جيڪو بلوچستان جي تاريخ آهي. جنھن ۾ اتان جي مسنگ پرسنز جو ڏک جو داستان آهي. هن ۾ سنڌ جي مسنگ پرسنز جو ذڪر گهٽ ڪيو ويو آهي. بلوچستان جي هزاره برادري ۽ ٻين بلوچن جي جبري گمشدگين جو، رياستي ڏاڍ ۽ ظلم جو ڪارو چٺو آهي.
“پنھون” ناول تي ويچار ڌارا ڪرڻ کان اڳ ۾ مون ٻين ٻولين ۾ ان موضوع تي مسنگ پرسنز تي لکيل ناولن جي جانچ ڪرڻ چاهي گوگل ڪيم تہ هزارين ناول اڳيان اچي ويا. ڳالھہ سمجهہ ۾ نہ آيم پر انھن جي عنوانن مان چند ناولن جا Preface ڏسڻ مان نہ ٿي لڳو تہ سنڌ ۾ جيئن جبري گمشدگيون ٿين ٿيون، ائين دنيا ۾ ڪٿي ٿيندو هجي ۽ وري ان تي ناول بہ لکيو ويو هجي. مون ناقص العقل کي ڪھڙي خبر متان بہ لکيو ويو هجي. اردو ۾ بہ اهڙو ڪو خاص ان موضوع تي ناول نہ آهي. ناول گرو سان لھہ وچڙ ۾ آيس. انھن بہ ائين ئي فرمايو تہ ٻين ٻولين ۾ مسنگ پرسنز باءِ رياستي ادار تي ڪو ناول- افسانوي ادب موجود نہ آهي.
دنيا جي هر تخليقي ذهن جيان منظور ثھيم پنھنجي حساسيت هيئن ٿو اظھاري؛
“منھنجي روح کي جيڪا ڳالھہ وڌيڪ محسوس ٿي آهي اها آهي رياست جو ماڻھن سان ظالمانو رويو پوءِ اهو رويو سنڌ جي نوجوان سان يا بلوچستان جي نوجوان سان روا رکي، مون لاءِ اتنھائي تڪليفدہ رهيو آهي.”
ليکڪ پنھنجي پاران ۾ پاڻ کي مزاحمتي قرار ڏيندي پنھنجي پھرين ناول “گذري وئي برسات” کي بہ ان طرز جو ڊڪليئر ڪيو آهي. ان ناول کان هٽي ڪري اسان پنھون تي ڳالھائينداسين. پنھون ناول بلوچستان جي قومي ۽ مزاحمتي تحريڪ تي آڌاريل مزاحمتي ناول آهي. “پنھون” سورن جو سڌو سنئون اظھار آهي.
ناول جي بنيادي عنصرن ڪھاڻي، پلاٽ، ڪردار نگاري منظرنگاري ۽ مرڪزي خيال هن ناول جا سڀ سھي جوڙيل آهن.
پر هن ناول جي دلچسپ ڳالھہ مڪالما نگاري، موضوع ۽ جذبات نگاري آهن ۽ اسان ٻين عنصرن تي گهٽ ۽ تفصيلي موضوع ۽ جذبات نگاري تي وڌ ڳالھائينداسين.
سنڌي ادب ۾ ناول موضوعاتي اعتبار کان ٿورا ئي لکيا ويا آهن پر انھن جو معيار بلند آهي. سنڌي ٻوليءَ جي پھرين ناول “راسيلاس” کي ئي وٺو. جيڪو ڊاڪٽر جانسن انگريزيءَ ۾ لکيو. ساڌو نولراءِ ۽ منشي اڌارام ٿانورداس گڏجي سنڌيءَ ۾ اعليٰ ۽ سولو ترجمو ڪيو آهي ڄڻ لکيل ئي سنڌي ۾ هو. ناول جو موضوع ڏاڍو حيرت انگيز آهي 1870ع ۾ بہ اهڙا الڳ قسم جا موضوع هئا. ناول جو موضوع تلاش ۽ کوجنا آهي. حبش جي شھزادي راسيلاس ۽ سندس ڀيڻ نيڪايا ۽عملاڪ نالي سائنسدان جي صحبت ۾ اچي ٿي. محل ۽ شاهي زندگيءَ مان بيزار ٿي، مائٽن کي سڌ ڏيڻ بنا لڪي دنيا جو سفر ڪرن ٿا ۽ شاندار تجربا حاصل ٿا. هن ناول ۾ سائنس جي ايجاد جي وسيلي هوائن ۾ اڏڻ جي اڳ ڪٿي پڻ ڪيل آهي.
سنڌيءَ جو پھريون اصلوڪو ناول مرزا قليچ بيگ جو آهي. جنھن ۾ مابعدالطبيات ڳالھيون ڪيل آهن. سنڌي ناولي تاريخ تي نظر ڊوڙائبي تہ سڀ جا سڀ ناول انيڪ سارن موضوعن تي آهن. دور جديد ويجهر ۾ رومانوي ناولن جو انگ ڪجهہ سرس آهي. “پنھون” ان موضوعاتي ورائٽي جو تسلسل آهي.
“پنھون” منظور ثھيم جي ساڃاھہ جو سھڻو ثبوت آهي. جنھن ۾ هن نہ صرف پنھنجي جذبات پر پوري بلوچ ۽ سنڌي نوجوان نسل جي نمائيندگي ڪندي مسنگ پرسنز جو ڪيس مضبوط نموني پيش ڪيو آهي ۽ جدوجھد جو گس بہ ڏنو آهي. انسانيت جو آجپو ۽ خوشحالي هر تخليقڪار جو خواب رهيو آهي. جيئن عزيز گوپانگ لکي ٿو؛ “ منظور بہ اهڙي سرفروشي ۽ ديواني قبيلي جو فرد آهي. جنھن جي اکين ۾ انسانيت جي آجپي ۽ مظلوم طبقن جي ابدي نجات وارا گلاب جھڙا خواب ٽڙن ٿا.”
“پنھون” ناول جتي کنڀي گم ڪيل انھن جوانن تي جبر جو داستان آهي اتي ڪٿي ڪٿي ليکڪ ايڏو تہ تيز ۽ تکو ٿي وڃي ٿو جو هو ڪنھن کان بہ نہ ٿو ڊڄي ۽ بي باڪ ۽ بھادري سان سڀ ڪجهہ چئي وڃي ٿو. جيڪو هن کي چوڻو آهي. آءُ منظور ثھيم کي ھھڙو ناول لکڻ تي سندس جرئت ۽ همت کي سلام پيش ڪريان ٿو.
هندي ٻوليءَ جي وڏي ساهتڪار اگيم چيو آهي؛ “ڪنھن ناول ۾ ڪوڙ لکڻ ايترو ئي ڏکيو آهي جيترو آتم ڪٿا ۾ سچ لکڻ.” “پنھون”ناول ۾ ڪوڙو سچ بيان ڪيو ويو آهي تہ ملڪ جون ايجنسيون ملڪ جي معمارن سان ڪھڙو حشر ڪن ٿيون. منظور ثھيم ڪنھن ٺاھہ کان ڪم نہ ورتو آهي.
انساني ذهن تي وقتن بوقتن جدا جدا جذبا اهي شعوري هجن يا لاشعوري حاوي ٿيندا رهن ٿا. انھن ۾ ڏک بہ ٿين ٿا تہ خوشيون بہ، اهي ڪام ۽ وحشيت کي بہ ظاهر ڪن ٿا. انساني فطرت هر قسم جي جذبن سان سرشار آهي. ناول جنھن منجهہ حياتيءَ جي تصوير ڪڍجي ٿي. جذبات نگاريءَ ناول ۾ وڏي اهميت رکي ٿي. “پنھون” ناول جنھن ۾ پنھون کان ويندي توڪليءَ، ڄام درڪ جا جذبا هڪ الڳ احساس پيدا ڪن ٿا. هڪ ڀيڻ جا جذبا بہ هن ناول ۾ عيان ڪيا ويا آهن.
ڪامياب ناول نويس جذبن جي اڻت ۽ تصوير ڪشي اهڙي طرح ڪري جو اهي پڙهندڙ تي طاري ٿي وڃن. “پنھون” ۾ جذبن جي عڪاسي اهڙي پراثر نہ آهي. توڙي جو پنھنجن جو گم ٿيڻ هڪ وڏو الميو آهي. پر عزيز جي گمشدگين تي انھن مائٽ پريشان تہ آهن پر ناول نگار انھن جي جذبن کي سھي چٽي نہ سگهيو آهي. انھن ۾ شدت نہ آهي ۽ مضمون واري انداز ۾ ڳالھہ مٿان هلي وڃي ٿي.
عبدالقيوم صائب مطابق؛ “بھترين ناول نگار بہ اهوئي ليکبو جيڪو جذبن کي مناسب طريقي سان ادا ڪرڻ جي قابليت رکندو هجي.”
ڪردارن جا مڪالما ڪو خاص تاثر نہ ٿا پيدا ڪن ۽ مڪالما اڪثر ڊگها آهن. ڪٿي ڪٿي تہ پڙهندي تنگي جو احساس بہ ٿئي ٿو.
“پنھون” جو انداز-اسلوب گهڻومزاحمتي آهي. پنھون ناول جو مک ڪردار آهي جيڪو جبري طور کنڀي گم ڪيو وڃي ٿو ۽ ان جا دوست مزاحمت ڪن ٿا. جيئن ڪو هڪ ڪردار چوي ٿو...
“جتي رياست اندر رياست هجي، اتي پاڻ مختلف انداز سان سوچڻ جي ضرورت آهي.
اهڙي رياست مظلوم قومن خلاف وحشاڻا طريقا استعمال ڪيا ويندا آهن، پوري هڪ مھيني کان پوءِ وحيد بلوچ جو لاش سبي جي ريلوي ڦاٽڪ وٽ مليو.” پيج-38
محترم منظور ثھيم جو سياسي شعور ڪردارن ۾ جهلڪي ٿو يا وري اهي ٺھيل ئي اهڙا آهن جيڪي سياسي جدوجھد ڪن ٿا. جيئن محراب خان چئي ٿو..
“ڇا پاڪستان، چائنا، روس، ايران، سعودي عرب وچ ۾ ڪي برادرانہ رشتا آهن. چائنا کي ڏنل سينڊڪ پراجيڪٽ جنھن مان دنيا جو قيمتي ڌاتو، سون ۽ ڪاپر نڪري ٿو، تنھن جو هڪ سيڪڙو بہ بلوچستان تي خرچ ڪونہ ٿو ٿئي. چائنا پاڻ کي ڪميونسٽ ملڪ سڏائي ٿو، پر ان جي بک جي ڪا حد ڪانھي، ان لاءِ انسانيت ۽ ڀائپي ڪھڙي معنيٰ رکي ٿي؟ پيج-39
انسان جي آزادي ۽ خوشي هن ناول جي سڀن ڪردارن جو عزم آهي. منھنجي خيال ۾ ناول ۾ ڪنھن بہ هڪ ڪردار ۾ ليکڪ جي سوچ ڀريل هوندي آهي. پر هتي الائي ڇو مون کي ائين لڳي ٿو مون کي ائين لڳي ٿو تہ توڪلي هجي يا پنھون سڀ جا سڀ منظور ثھيم آهن.
بلوچستان ۽ اتان جي شھرن جي تاريخ، بلوچن جي معاشي حالتن ۽ اهم واقعن جيئن ڪوئيٽا ۾ زلزلو، اڪبر بگٽي جو قتل، بلوچستان جي چاغي ۾ ايٽمي تجربا، گوادر پراجيڪٽ جو بيان آهي. رياست ۽ مذهب جو ضم ٿي هلڻ جيئن اسان جو پيارو ملڪ هلي ٿو. مذهبي ۽ رياستي مامرن کي ڊائيلاگ ڪرڻ هن ناول جو وڌ کان وڌ معلوماتي پاسو آهي. جنھن سان عام پڙهندڙ پنھنجي زاويي کي تبديل ڪري سگهي ٿو.
رابرٽ منار پرائيزنگ چوي ٿو..”جڏهن هڪ ماڻھو چريو ٿيندو آهي تہ ان کي بي قوفي چئبو آهي ۽ جڏهن سڀ ماڻھو چريا ٿيندا آهن تہ ان کي مذهب چئبو آهي.”
ليکڪ چواڻي ان قسم جي چريي ڪرڻ واري مذهب کي پنجاب جو ايليٽ ڪلاس ۽ فوجي حڪمت عملي ڦھلائڻ ۾ مددگار ٿي آهي.
دوستو وسڪي، برڪلي ۽ گورڪي يا ٻيا دنيا جا اديب انھن رياستي معاملن تي پنھنجي فن ۽ فڪر ۾ تنقيد ڪئي آهي. پنھون ناول ۾ رياستي مامرن تي ليکڪ Rational تنقيد ڪئي آهي. هونئن بہ اديب جو بنيادي فرض رياست جي اکين ۾ اکيون ملائڻ آهي.

سنڌي ٻوليءَ جو پھريون سرريئلسٽڪ ناول ”اڏوهي“

ڪنھن بہ ٻوليءَ جي ادب ۾ ڪا بہ تحريڪ ڌڙا ڌڙ ڪتاب نہ آڻي سگهي! باقي تہ سنڌي ادب ۾ ٻاهريان لاڙا ۽ تحريڪون دير سان پھچن ٿيون ۽ وڌن ٿا. سرريئلزم بہ هڪ اهڙي تحريڪ آهي. منھنجي خيال ۾ اخلاق انصاري انھن اديبن مان نہ آهي جنھن شعوري طرح سان ڪوشش ڪري سرريئلزم تحت لکيو هجي. ڇو تہ اڪبر لغاري، اخلاق انصاري جو ذڪر ئي نہ ٿو ڪري صرف نسيم پارس گاد کي سررئيلسٽڪ ڪھاڻيڪار مڃي ٿو يا ڳڻيو اٿس.
اڪبر لغاري لکي ٿو:
“سنڌي ادب ۾ ڪجهہ اديبن سررئيلزم کي سمجهڻ کان سواءِ ئي پنھنجي لکڻين کي سررئيلسٽ قرار ڏئي ڇڏيو. ڪجهہ اديبن شعوري ڪوشش ڪري، سررئيلسٽ ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. پر سنڌي ادب ۾ هي تحريڪ قدم ڄمائي نہ سگهي آهي. تنھن هوندي بہ نسيم پارس گاد سٺيون سررئيلسٽ ڪھاڻيون لکيون آهن.”
منھنجي ڄاڻ موجب اخلاق انصاري کي سنڌ جو پھريون سررئيلسٽ ڪھاڻيڪار مڃيو وڃي ٿو.
باقي شيخ اياز بہ ڪجهہ سررئيلسٽڪ ڪھاڻيون لکيون آهن. اخلاق انصاري جون ڪھاڻيون منھنجو اڄ جو موضوع نہ آهن. آئون سندس Surrealistic ناول اڏوهي جو تنقيدي جائزو وٺندس.
اخلاق انصاري جي هن ناول کان اڳ ۾ ماڻڪ جي ناول “رڃ ۽ پڙاڏا” ۾ بہ ڪجهہ سررئيلزم جا ڪجهہ اشارا ۽ نشانيون آهن. سنڌي ادب جو مڪمل طرح سان پھريون سررئيلسٽ ناول اخلاق انصاري جو اڏوهي ناول آهي.
سررئيلزم کي سنڌي ۾ ماورائي تحريڪ يا رمزيت چئجي ٿو. هونئن تہ ماورائيت جو اصطلاح گئلم اپولينيئرGuilaume Apollinaire استعمال ڪيو پر اينڊري برٽن 1924ع ۾ هن تحريڪ جو بنياد رکندڙ هو. اينڊري برٽن فرائيڊ کان گهڻو متاثر هو. سگمنڊ فرائيڊ انسان جي لاشعور ۾ موجود گوناگونيت، تخليقيت کي تحليل نفسي جي ذريعي ڳولڻ جو گس ڏنو. اينڊري برٽن انسان جي لاشعور ۽ تحت الشعور ۾ موجود مخفي بي شمار تخليقي ۽ تخيلاتي سگهہ ۾ پختو ويساھہ رکندڙ هو.
ماورائيت جو تعلق معروضيت سان نہ پر انساني داخليت سان آهي. جنھن ۾ منجهہ عقل ۽ دليل جي نہ پر انسان جي تحت الشعور ۽ لاشعور ۾ لڪل ڇڙوڇڙ بنا ترتيب جي خيالن جو اظھار آهي. ان اظھار بيان جو ڪو قاعدو يا اصول طئي ٿيل نہ آهي. سررئيلزم جديديت جي وڻ مان ڦٽل ٽاري آهي.
اڏوهي ناول ڪئمپس ناول آهي. ڇو تہ اهو هڪ پروفيسر جو لکيل آهي. ڪئمپس ناول جي گهرج ۽ وصف بہ اهائي آهي تہ يونيورسٽي جو ڪو ماڻھو جڏهن يونيورسٽي تي لکي ٿو تہ ان کي ڪئمپس ناول چئبو. اڏوهي ناول جو مک ڪردار ورسٽي جو هڪ پروفيسر آهي. کيس زال ۽ ٻار آهن. ان سان پروفيسر جي محبوبہ فوزيا جو بہ ڪردار آهي جا ساڻس يونيورسٽي ۾ پڙهي هئي. پروفيسر کي ٻہ ڀائر آهن هڪ ننڍو ۽ ٻيو وڏو.
ناول جو مک ڪردار نفيساتي خودڪاريت ذريعي جيڪي سوچون هو سوچي ٿو انھن جو اظھار بنا روڪ ٽوڪ جي ٿيندو رهي ٿو. انھي اظھار بيان ۾ ايتري تہ تيز رواني آهي جو ڪٿي بہ ائين محسوس نہ ٿو ٿئي تہ اسين ناول پڙهي رهيا آهيون ائين ٿو لڳي اهو سڀ اسان سان ي رهيو آهي ذهن جي ان ولوڙ ۾ ڪا بہ رنڊڪ ناهي.
ضمير متڪلم ۾ لکيل ناول کي پڙهندڙ اها ڳالھہ وساري ويھندو آهي تہ هو ناول ٿو پڙهي يا آتم ڪھاڻي. اورهان پاموڪ موجب: “اهي ناول کي آتم ڪٿا سمجهندا آهن، پوءِ ڀلي توهان انھن کي ياد ڏياريو تہ اهي ناول پڙهي رهيا آهن. ڪي وري آتم ڪٿا کي ناول سمجهندا آهن. پوءِ ڇو نہ کڻي بار بار آهن.”
“سررئيلزم هڪ خالص ۽ نفسياتي Automatism آهي. جنھن جو مطلب سوچ کي ائين بيان ڪجي، جئين اها ذهن ۾ اچي ۽ ان تي ڪنھن بہ قسم جي عقلي ۽ اخلاقي روڪ ٽوڪ نہ هجي.”
ناول جي شروعات ائين ٿئي ٿي تہ پروفيسر کي 20 هزارن جو چيڪ يونيورسٽي پاران ملي ٿو ۽ ان سان هن کي نفسياتي هيجان شروع ٿي وڃي ٿو ۽ هو سوچي سوچي الائي ڪٿي نڪري ٿو تہ آخر اهو چيڪ کيس ڇو ڏنو ويو آهي.
چيڪ ملڻ بعد هو حد درجي جي پريشاني ۾ پئجي وڃي ٿو تہ هاڻي اهو چيڪ هو ڪٿي لڪائي رکي ۽ اها ڳالھہ هو زال يا ٻارن کي ٻڌائي يا نہ ان تي هو دلگير ٿي پوي ٿو. هو پنھنجي منھن جو سوچيندو ۽ ڳالھائيندو رهي ٿو ان جو ڪينواس انتھائي ڪشادو آهي. وجود سان لاڳاپيل هڙئي شيون هن جي تحت الشعور منجهان نڪري اچن ٿيون. جيئن صفحي 26 تي هو Ecological Issue تي ڳالھائي ٿو: “ ۽ پاڻي بہ آهستي آهستي اڏامندو وڃي... ان پاڻي کي... روڪي نہ ٿو سگهجي... ان جي روڪڻ سان هاڻي جهيڙا هلن ٿا... ها... وڏا ڊيم ئي اصل ۾ اسان جي موت جو ڪارڻ آهن. ڊيمن جي ڪري Eco System تباھہ ٿيندو ۽ وڻ ٻيلا سڪي ويندا...”
مسئلو وري بہ چيڪ جو آهي هو سوچي ٿو تہ ان کي اڪائونٽ ۾ جمع ڪرايان يا ڦاڙي ڇڏيان يا هن کي ڦاسايو پيو وڃي.
ماورائيت جي بنيادي ڳالھہ اها آهي تہ تخليق مان زندگي جي مختلف حقيقتن جي واضع تصويرن بجاءِ ڌنڌلا، منجهيل ۽ اشارن سان ڀريل عڪس ظاهر ٿين ۽ ناول ۾ ليکڪ اهڙا ڪيترائي عڪس چٽيا آهن.
جيئن: “سوچ وڌڻ سان بہ عذاب وڌن ٿا... جيتري سوچ محدود، خواهشون بہ محدود. عذاب بہ محدود.” ص 33
“.... هن معاشري ۾ ماڻھن کي رڳو جيئري رهڻ جيتري ماني بہ تہ نصيب نہ ٿي ٿئي. پر ڪي وزن گهٽائن لاءِ گهٽ ٿا کائن، ڪي عورتون ڇاتي وڌائڻ لاءِ ڪريمون ٿيون استعمال ڪن، جن ۾ کير ئي نہ هوندو آهي ۽ ڪي ڪي تہ ٻارن کي کير پيارڻ لاءِ سڪل ٿڻن کي بہ ڏس سان ڏسن ٿيون. ڇاتيون سڪل... ٺوٺ...” ص_ 36
ناول ۾ احساسن جي مصوري ڪمال جي آهي ۽ انساني ذهني مونجهارن جو چٽ بہ چريو ڪري ٿو ڇڏي. ڊاڪٽر بشرا جي ڪردار جي جهلڪي ماري وجهي ٿي. ڊاڪٽر بشرا گائناڪالاجسٽ آهي. مڱيندي جي مري وڃڻ بعد شادي نہ ڪري ٿي ۽ شادي جي تبليغ ڪندي رهي ٿي. هڪ لاوارث ڇوڪري پاليائين جيڪا ڀڄي شادي ڪري ڪورٽ ۾ بيان هن ريت ڏيئي ٿي: “مئڊم جي ماءُ جيتري عزت ڪريان ٿي پر سندس مرضي مطابق زندگي نہ ٿي گذاري سگهان.” پوءِ ڊاڪٽرياڻي ٻليون پالي ٿي. هن ناول ۾ انساني مزاج ۽ سوچ جا اهڙا رنگ آهن. فرائيڊ چيو هو انسان ڪڏهن بہ ڪھڙو بہ ردعمل ڏيکاري سگهي ٿو اهو اوهان جي سوچ ۾ بہ نہ هوندو ۽ ڊاڪٽرياڻي سان بہ ائين ٿيو.
“گڏھہ سوئي گڏھہ” مک ڪردار سوچي ٿو جڏهن اسڪول ۾ کيس اهو جملو چيو وڃي ٿو ساڳيو ئي جملو پڻهس گهر ۾ چوي ٿو.
پيڙائن کي ناول نگار عمده نموني سان چٽيو آهي. سورن جون سڀ صورتون هن ناول جي ورقن تي وکريون پيون آهن. پروفيسر جي زال جو جڏهن ٻار ضايع ٿي وڃي ٿو تہ منظر متاثر ڪندڙ ۽ منجهائيندڙ آهي. هڪ ڳالھہ جيڪا مون کي سمجهہ ۾ بہ نہ آئي.
پروفيسر کي ڪتي جي چڪ جو ڀوء حاوي ٿئي ٿو ۽ هن کي ننڍپڻ ۾ ماسات کي لڳل ڪتي جي چڪ جو منظر ياد اچي ٿو. ان کي ليکڪ ڏاڍو ڀوائتو پيش ڪيو آهي. ڪتي جي چڪ واري مريض کي ڪراچي کڻي وڃن ٿا ۽ Isolation Room ۾ رکن ٿا. ٿي سگهي ٿو ڪتي جو چڪ ان دور ۾ ايڏو وڏو مسئلو هجي.
ناول جا ڪجهہ اهڙا مڪالما جيڪي هڪ الڳ دنيا ۽ حقيقي معنيٰ خيز منظرن سان ڀرپور آهن:
1. “سيٽلائيٽ چئنل تہ ٻارن کان خوشيون ئي ڦري ورتيون آهن.” ص_66
پر اڄ جي دور جو ٻار موبائيل تي فيس بوڪ، واٽس ايپ ۽ وڊيو گيم جي هڪ نہ کٽندڙ جھان ۾ گم ٿي ويو آهي.
2. “مينھن پوندو هو تہ ڪمري ۾ ٻرندڙ ميڻ بتين جي هلڪي روشني ۽ ڪارويڊور ۾ فلسطيني شاگردن جو نہ سمجهہ ۾ ايندڙ راڳ ۽ فرش تي لڳندڙ بوٽن مان نڪرندڙ آوازن جو رڌم...” ص_ 67
فلسطين جي شاگردن جو ذڪر پر اڄ جي دنيا ۾ تہ ان جي نالي نشان کي ئي دنيا جي نقشي تان مٽايو ويو آهي.
3. “سوچي سوچي وزن ئي گهٽجي ويو آهي... ڳري ويو آهيان.” ص_68
فڪرات انسان جو رت چوسيندڙ هوندي آهي. اها هڪ فطري سائنسي حقيقت آهي. اخلاق سائين جي تخليقن اهڙا گهرا خيال اڪثر هوندا آهن.
“گڏ هلندي اوچتو هن هٿ منھنجي هٿ ۾ ڏنو. بھار، سرءُ، سيارو، سارنگ ۽ سوين ستارا منھنجي اندر ۾ لھي پيا.” ص_ 69
ناول جي ٻوليءَ ۾ کنڊ جي چاسني جي مٺاڻ آهي. منظرن جا حقيقي عڪس آهن. جيڪي من موهيندڙ آهن. ناول مان هڪ منظر:
“الائي ڪيتريون شامون يونيورسٽي جي روڊن تي فوزيه موسمن ۾ سنبت هئي. وقت ۾ صبح هئي. سرهي شام هئي. تارن ڀري رات هئي. ڪينجهر ۾ لھر هئي. جهومندڙ ڏاڙهونءَ گل جي ٽاري هئي. هلڻ ۾ برکا هئي. کلڻ ۾ جانجهہ هئي. سارنگيءَ جي تار هئي. شاعريءَ ۾ لطيف جي وائي هئي. يونيورسٽي جي Annual فنڪشن ۾ ... سڄي سڄي رات راڳ ٻڌندي.... صبح جو ڳاڙهين اکين سان هڪ ٻئي کان موڪلايوسين...” ص_69
مٿيون سٽون پاڻ ئي ڳالھائي رهيون آهن. انھن جي تشريح اهي پاڻ ئي آهن. هڙو بنھہ منفرد تعارف هيروئن جو مون اڳ منجهہ ڪڏهن ڪنھن سنڌي ناول منجهہ نہ پڙهيو آهي.
“ڀل سماج هن کي سيکاري بہ پر... سياڻپ چريائپ تہ تانئيڙي جي تند جھڙي سرحد ۾ ورهايل آهي.” ص_75
“حادثا هلن ٿا جوڙ، ڪٽ، ڪٽ، جوڙ، ضرب ونڊ ۽ ونڊ.... ضرب...مسلسل نہ کٽندڙ آهي تہ ڏک آهي.” ص_75
ناول نگار جي ڏاهپ ۽ گهري پروڙو Perception هن ناول جي هر صفحي تي پسي سگهجي ٿي. ناول ۾ ٻيون تہ سڀ ڳالھيون ٺيڪ آهن پر ناول نگار عورتن جي معاملي ۾ ڪجهہ سوايو ئي سخت ۽ ڪاوڙيل آهي.
هو لکي ٿو تہ؛ “ڪنھن فيمنسٽ عورت جو ڪالم... ڪالم ۾ ڇا هوندو؟ مرد سوسائٽي خلاف بڪواز، بليڪ ميلنگ... عورتن جي آزاديءَ جي نالي ۾ ڪلچر کان بغاوت .... سماج کي ٽوڙڻ جي لاءِ دليل...!” ص_77
خبر ناهي ڪھڙي ڪلچر جي ناول نگار ڳالھہ ڪري رهيو آهي. اسان وٽ جيڪو ڪلچر هلي ٿو تہ ان ۾ تہ عورت جي ڪا بہ انساني حيثيت تہ آهي ئي نہ. اتي اگر عورت ان ڪلچر کان بغاوت ڪري ٿي تہ اهو ان جو حق آهي.
ناول ۾ ليکڪ جو نقطہ نظر عورت لاءِ گهڻو تنگ نظري تي مبني آهي. کيس عورت جي سگريٽ پيئڻ، گهمڻ ۽ فيشن ڪرڻ تي بہ اعتراض آهي. هي ڳالھہ گهڻي نفرت يا عورتن کي گهٽ سمجهي ڪري لکيو ويو آهي.
“هن سوچيو، عورت ڀل پڙهي لکي ڪجهہ بہ ٿئي پوءِ عورت ئي آهي.”
عورت هجڻ معنيٰ روايتي سوچ وانگر خراب ۽ ڪم عقلي مخلوق آهي. عورت ڪجهہ ناهي مرد سڀ ڪجهہ آهي.
ناول جئين تہ وسيع ترين ڪينواس جو نانءُ آهي. ناول نگار هن ناول ۾ مختصر ئي پر هر اهم ڳالھہ سندس اک ۾ اچي وئي آهي ۽ ان کي شاهي نموني پيش بہ ڪري ويو آهي. ڪارونجهر جا نظارا ۽ ڪولھين جي ڪسمپرسي حالن جو بھترين پيش منظر ليکڪ سامھون ڪيو آهي. ڪئپس ناولن ۾ هي ناول انتھائي ڪارائتو ناول آهي. جنھن جو موضوع، پلاٽ ۽ مڪالما اوچي خيالن سان سرشار ۽ زندگي جي گول گول ڦرندڙ آهن. يونيورسٽي جي سياست، شاگردن جا معاملا ۽ يونيورسٽي جي پلاٽن جي ڪاروبار ڪيئن ٿو ٿئي ۽ ڪير ٿو ڪري. ليکڪ ان کي ڏيکاري ويو آهي.
پورفيسر جي روئيداد اڳتي هلندي هلي ٿي. پروفيسر بيمار ٿئي ٿو سندس گڙدا ڪم نٿا ڪن. شاگرد ۽ استاد ملي ڪري هن جي علاج جي لاءِ ڪوششون وٺن ٿا. ڪاميٽي ٺھي ٿي. ڊونر جي ڳولا ڪئي وڃي ٿي. سندس گڙدو ڏيڻ لاءِ راضي ٿئي ٿو. بيماري ۾ اچي پور پچائي ٿو تہ اگر پيسا مليا تہ ڪيئن استعمال ڪندو. من ۾ لالچ اچيس ٿي. وڏن ماڻھن سان واسطو رکڻ جا ارادا ڪري ٿو. ننڍو ڀاءُ کيس بڪي ڏيڻ کان انڪار ڪري ٿو تہ يونيورسٽي جو هڪ پروفيسر جيڪو ناڪام عاشق آهي اهو هن کي گڙدو ڏيڻ لاءِ راضي ٿئي ٿو.
ناول جي ڪھاڻي آٽو فڪشن ۾ اڏامندي ٿي وڃي ۽ آئون اچي ان سوچ تي بيھي ٿو رهان.
“سوچيائين: ان جي زال، ڌيءُ ۽ ڀيڻ جي ارهن تي الائي ڪيتريون اکيون چنبڙيل هونديون...”ص_101
ڪردار جتي اهو سوچن ٿا اتي سنڌ جو المياتي نوحو بہ هنن جي سوچن جو محور هجي ٿو. ڪينجهر ڍنڍ، سنڌو درياھہ، موهن جو دڙو، گورک هل جي تباهي جا سبب بہ هن ناول منجهہ آهن. ناول جي هن مڪالمي جيان: “هاڻي رڳو مارڪيٽ آهي، ماڻھو ٽول آهي، جيترو سستو ملندو اوترو....” ص_115
ڪيڏو نہ اثر انگيز خيال آهي. ماڻھو جي اهميت بابت! هي ناول Intellectual Approach سان هڪ اهڙي دنيا سامھون آڻي ٿو جيڪا ڄڻ ڪجهہ ئي ناهي، سڀ فريب آهي. توهان ان ۾ بس هڪ پروزي جيان آهيون. جيڪو ڪڏهن بہ هٽي ويندو خراب ٿي پوندو ۽ ڪنھن کي ڪو فرق نہ پوندو.
ناول جي پڄاڻي_ واقعي پڄاڻي هوندي آهي يا نئين ابتدا؟
ناول جي پڄاڻي سان ڪئين نيون آسون ۽ امنگ ٿا پيدا ٿين. يا اها حقيقت ۾ پڄاڻي هوندي آهي. ناول جو مک ڪردار پنھنجي ماحول، رشتن لڳ لاڳاپن کان بيزار ٿي پوي ٿو ۽ بي معنوعيت هن جي اندر ۾ ڪاهي پوي ٿي.
هو بنا ڪنھن مقصد جي پنھنجي زال کي پنھنجي ڀائٽي جي هٿان مارائي وجهي ٿو. جنھن زال سان هو پيار ڪري ٿو. ڀائٽي کي لالچ ڏئي ٿو تہ پوليس کان پئسا ڏئي ڇڏرائيندس ۽ ان کي حادثي جي شڪل ڏيندا پر هو ائين نہ ٿو ڪري. اهو سڀ ڪرڻ کان پوءِ بہ هن وٽ ڪنھن احساس يا پڇتاءُ جو ڪو خيال نہ ٿو رهي. توڙي جو هو هرپل خيالن ۾ وڪوڙيل رهي ٿو.
ڪا بہ ڪھاڻي يا ناول تڏهن ڪامياب ٿيندو آهي جڏهن ان جي پڄاڻي پراثر، شاندار ۽ حيران ڪندڙ هجي. هن ناول جي پڄاڻي حيران ڪندڙ تہ آهي پر شاندار ناهي. جنھن ۾ ڪا نئين ابتدا ناهي.
اخلاق انصاري جو هي ناول رشتن جي کوکلائپ کي سھي نموني ظاهر ڪري ٿو. جنھن ۾ دنيا بي رحمي سان بنا ڪنھن ڊپ جي ائين ئي هلندي رهي ٿي ۽ ان ناول جي پڄاڻي جھڙا واقعا ٿيندا رهن ٿا. جن ۾ لاپرواهي جي هڪ بي انت لھر آهي جا کٽي نہ ٿي. ڪو بہ اهو نہ ٿو ڄاڻي تہ ان سان اهو سڀ ڇو ٿو ٿئي؟ انساني حياتي جي جستجو فطرت جي ڪاروهنوار اڳيان بي معنيٰ فضول لڳي ٿي ۽ انسان جيتامڙي جيان سوچيندو سوچيندو مري کپي وڃي ٿو.

اشتياق انصاريءَ جو ناول “اوڏ مٽيءَ جا ڪوڏ”

انصاري ڀائرن جو شعور ۽ ذهن ڪمال جي وسعت رکندڙ آهي. سائين انيس انصاري سنڌي ادب جي زمين تي هنن جو ٻج ڇٽيو جنھن منجهان اڄ هو وڏي وڻ جي صورت پوري پاڪستان ۾ نشانبر آهن. سائين انيس انصاري جي تربيت جو ئي اثر آهي جو هُو ايترو گهرو سوچن ٿا، لکن ٿا ۽ فڪر رکن ٿا.
منھنجي لاءِ اهي اديب اڃا بہ وڌيڪ متاثر ڪندڙ هوندا آهن جن پنھنجي قلمي جنگ تہ وڙهي هجي پر هو عملي ميدان ۾ رنڊا روڙيندا رهندا آهن. سائين انيس انصاري جي Radioactivity مان پيدا ڪيل ڪرڻا، اخلاق، اسحاق ۽ اشتياق سنڌي ٻوليءَ جي ادبي شان جي لاءِ پنھنجي توانائي منتقل ڪئي آهي.
اشتياق انصاري سنڌيءَ ٻوليءَ ۽ ادب جو تابينو محقق ۽ اديب آهي جنھن پنھنجي قول ۽ فعل سان ڌرتيءَ جي لاءِ پئي پورهيو ڪيو آهي ۽ جيل بہ ڪاٽيا آهن تہ هنڌ هنڌ وڃي ڦلھوري هڪ نئين تاريخ پڻ رقم ڪئي آهي.
ويجهر ۾ سندس ناول “اوڏ مٽيءَ جا ڪوڏ” کڻي ڏٺم. جيڪو ڳچ عرصو اڳ پڙهيل هو. ڏسڻ بعد لڳم تہ هن تي لکڻ گهرجي. ڇو تہ هن سگهاري ۽ مڪمل ناول کي ناول ڪري نہ لکيو ويو آهي. جنھن جو صد افسوس ٿيم. خود فاضل ليکڪ بہ چوي ٿو تہ “پڙهندڙ تي ڇڏجي ٿو تہ هو ان کي سچي ڪھاڻي، ناول، انٿراپالاجيڪل اسٽڊي ٿا سمجهن يا مورڳو تحقيق ٿا قرار ڏين.”
منھنجي نظر ۾ “اوڏ مٽيءَ جا ڪوڏ” فني ۽ فڪري لحاظ کان هڪ مڪمل ناول آهي. پوءِ خبر ناهي ڇو حاذق ليکڪ، اخلاق انصاري يا نور احمد ميمڻ صاحب ناول ڇو نہ ٿا سمجهن. جنھن ۾ سنڌ جي پراچين اڻ آريائي قبيلي، اوڏن جي اصليت، رهڻي ڪھڻي، ريتن رسمن، ۽ ڪرت ڪسب کي ناول جو روپ ڏئي خوبصورتي سان بيان ڪيو ويو آهي. هي ناول هڪ سچي قصي تي لکيل آهي. ناول ٻن دوستن جي سچي ڪھاڻي آهي. هڪ مسلمان آهي ۽ ٻيو هندو. هڪ پئسي مال ملڪيت وارو ۽ ٻيو مسڪين گڏهن تي مٽي ڍوئيندڙ. هڪڙو پڙهيل لکيل آهي ۽ ٻيو ڪلھي تي ڪوڏر.
ايڏي وڏي طبقاتي فرق جي هجڻ ڪري بہ ٻئي دوست هڪ ٻئي تان ساھہ صدقو وڃن ٿا ۽ دوستي جو نڀاءُ ڪن ٿا. جنھن کي هڪ مثالي دوستي چئي سگهون ٿا.
اوڏ پراچين ماڙهو آهن. ڪن ماڻھن جو چوڻ آهي تہ سنڌ جا قديم رهواسي آهن. ٿي سگهي ٿو درواڙي نسل جا هجن. اوڏ اڪثر ڪري گڏهن تي مٽي کڻڻ ۽ ڀتين جوڙڻ جو ڪم ڪندا آهن. ان کي اوڏڪو ڌنڌو يا ڪم چون. سنڌ ۾ اوڏ ٻن طبقن ورهايل آهن. هڪڙا مسلمان ۽ ٻيا غير مسلم.
راجپوتن وانگر هنن جا بہ پاڙا آهن. جئين راٺوڙ، پرمار چوهاڻ ۽ ڀٽي وغيرہ سنڌي لوڪ ۾ اوڏن جا ڪي ئي ڪردار ملن ٿا. اهو هي ناول پڙهڻ بعد پتو پوي ٿو. سنڌ ۾ اوڏ بنيادي طرح عمارتون ٺاهيندڙ ۽ هنرمند آهن. ڪيترائي اوڏ اعليٰ تعليم يافتہ ۽ اديب آهن.
اسان جي شھر باڊھہ ۾ دادو ڪينال جي ڪڙ سان ڪيترائي اوڏن جا گهر هوندا هئا. آئون ننڍپڻ ۾ هنن جي ٻوليءَ، چال چلت، رسمن، رنگ ڍنگ بنھہ مختلف ڏسندو هوس. اهي هاڻي مسلمان ٿي چڪا آهن ۽ انھن ۾ رلجي ويا آهن. هنن کي ڀلا گڏھہ هوندا هئا ۽ آهن جن تي هو مٽي پراڻي وقت ۾ ڍوئيندا هئا ۽ هاڻي سڀ ڪجهہ ڍوئي پنھنجو گذر سفر ڪن ٿا.
اوڏڪي ٻولي جيڪا هو ڳالھائيندا هئا/آهن هاڻي تہ سندن لھجو اسان جھڙو ئي ٿي ويو آهي. ٿي سگهي ٿو تہ هو گهر ۾ اها ٻولي اڃا ڳالھائيندا هجن. اسان جو سڄو پاڙو گڏهن تي مٽي ڍوئڻ وارن جي ڪرت سان ڀريو پيو آهي. منھنجي خيال موجب اهي اوڏ هجن ۽ هاڻي مسلمان ٿيا هجن.
هن ناول جو نالو سنڌ جي لاڙ واري حصي واري لوڪ گيت تان کنيو ويو آهي. ان گيت جو تعلق ڄام لاکي ۽ اوڏڻ جي تاريخي داستان سان آهي. گيت جا ٻول هئين آهن؛
اسين اوڏ، مٽيءَ جا ڪوڏ، ڪوڏر لاڏ اوڏڻ سان،
ڪھڙو لاڏ ڪوڏ اوڏڻ سان، فٽو ڪر شان اوڏڻ سان،
اسان جو پکڙن سان آهي پيار...

ٻيو هن ناول ۾ مشتاق ناگاڻي جي وائي بہ ليکڪ 212 صفحي تي ڏني آهي:
اوڏ مٽيءَ جا ڪوڏ سھڻا،
اوڏ مٽي جا ڪوڏ!
ڌرتيءَ کان هي دان ڳنھن ٿا،
گنجڙي ڦاٽل گوڏ، سھڻا،
اوڏ مٽيءَ جا ڪوڏ!

اوڏڪي ٻولي جيڪا هن ناول جي سونھن بہ آهي. جڏهن ناول پڙهجي ٿو تہ ڪردارن جي اصلوڪي هجڻ جو هڳاءُ دل ڇھي ٿو. اهو پاسو ناول جو گهڻو تخليقي ۽ سگهارو آهي.
اوڏڪي ٻوليءَ تي سنڌي ٻوليءَ جو گهڻو اثر آهي. هن کي سنڌي ٻوليءَ جو لھجو بہ مڃيو وڃي ٿو. 1998ع تائين جي انگن اکرن موجب هن ٻولي جا ڳالھائيندڙ 50 هزار موجود هئا. مون کي هي نيم تاريخي قسم جو ناول لڳي ٿو.
خوبصورت منظرڪشيءَ سان هي ناول ڪر موڙي اٿي ٿو ۽ شروعات ۾ اوڏن جي خاندان جو هڪ ننڍڙو پکڙو آهي. جنھن جا گهرڀاتي سج اڀري سان پنھنجي ڪرت ۾ جنبي وڃن ٿا. هن ناول جا ڪردار تمام گهڻا سٻاجھڙا آهن سواءِ چند ڪردارن جي ٻيا هڙئي ڪردار هيٺين طبقي سان رکندڙ آهن. ناول جو مک ڪردار ناٿو آهي. جيڪو ليکڪ جو ڏٺل وايٺل آهي. جيل ۾ ساڻس ملاقات ٿئي ٿي ۽ ليکڪ هن جي قصہ گوئي کان متاثر ٿي ان ڪردار کي ناول بنياد بڻائي لکيو آهي.
مک ڪردار جا ماءُ ڀاڳل ۽ پيءُ ڀڳت ۽ ڀيڻيون لاچان آهن. ناٿي جو دوست جيڪو هڪ امير پيءُ جو اولاد آهي. سندس نالو اميد علي آهي. سونو مل اوڏن جو مکي آهي. جنھن جي چوڻ آکڻ ۾ سڄو قبيلو آهي. اوڏن جو هي خاندان گهڻو مسڪين ۽ محتاج آهي. مٽيءَ جا ڪوٽ ٺاهڻ سان سندن زندگي جو گاڏو گڙي ٿو. ناٿو ۽ ان جو ڪٽنب ٺيڪيدار جمن جي باغ کي اوڏڪو ڪوٽ ڏيڻ جو ذمو کڻن ٿا. ناٿو ان وقت معصوم آهي. ٺيڪيدار جمن تہ ايڏو ظالم ماڻھو نہ آهي پر ان جو منشي نواز اوڏن جي سڪيلڌي پٽ ناٿي تي بي وجهہ تشدد ڪري ٿو ۽ اهو اميد علي جيڪو ٺيڪيدار جمن جو پٽ آهي اهو ڏسي وٺي ٿو ۽ ناٿي کي منشي جي مار کان بچائي ٿو. رحم واري ان خصلت ڪري اميد علي جي ان ڪٽنب سان انسيت ۽ ناٿي سان گهري دوستي ٿي وڃي ٿي.
هن ناول جي اها بہ خوبي آهي تہ اوڏ جيڪي هن ناول جا ڪردار آهن انھن جو ڪي قدر حقيقي پس منظر پيش ڪندڙ تصويرون بہ شامل ڪيون ويون آهن. اوڏن جي ڪرت، عورتن جي فيشن ۽ ڪرت وارا عڪس هن کي وڌيڪ رونق ڏين ٿا. ناول ۾ گڏهن جي باري ۾ بہ ڪافي معلومات ڏنل آهي. جيئن مختلف ماڻھن جو جانور جو تصور پنھنجو پنھنجو آهي ائين اوڏن وٽ گڏھہ جي هينگ ۽ ان جي سڀاڳي يا نڀاڳي هجڻ جا پنھنجا تصور آهن. صفحي 91 تي هڪ جملو آهي:
“ڪاسائي اچڻ سان ڇيلا حلال ڪرڻ شروع ڪيا.”
اوڏ ڪي مسلمان آهن اڄوڪا پر هن ناول ۾ ڏيکاريل اوڏ غير مسلم آهن. حلال ڪرڻ جو رواج مسلمانن ۾ آهي. ان خيال سوچن ۾ وجهي ڇڏيو. اوڏن ۾ ڀنگ پيئڻ هڪ رسم آهي ۽ ڀنگ جي پيالي کي “لعل سائين جو پيالو” ڪوٺين. آفيم مليل پاڻي کي وري رهاڻ چون.
“اهي مايون ڪھڙي قوم مان آهن؟” اميد علي مکي کان سوال ڪري ٿو. جيتوڻيڪ اميد علي هڪ پڙهيل ڪڙهيل ۽ باشعور فرد آهي. پوءِ بہ هو اوڏن کي قوم سمجهي سوال ڪري ٿو. اها وچڙائيندڙ سوچ آهي. ناول ۾ کوڙ جاين تي اوڏن کي قوم ڪري لکيو ويو آهي. اوڏ يوني ۽ لنگم جي بہ پوڄا ڪندڙ آهن. رام پير سندن ڪرتا ڌرتا آهي. جيئن مسلمانن جو مسجدون آهن هنن جا بہ مندر آهن ۽ مندرن مان مسلمانن جيان اوڏ بہ چپليون چورائن ٿا. ناول ۾ اهو بہ ٻڌايو ويو آهي تہ اوڏ هڪ مخصوص گرھہ/ستاري جي بہ پوڄا ڪن ٿا ۽ ان جي لھڻ چڙهڻ تي ريت رسم رکن ٿا. اهو ستارو زهرہ آهي.
ناول ۾ ليکڪ ڏانءُ ۽ اسلوب پختو، سھڻو ۽ پراثر آهي. ناول نگار منظر ڪشي ان لاءِ بہ ڪندو آهي تہ جئين ناول بہ پرڪشش بڻجي. هڪ مطلب اهو بہ هوندو آهي تہ اهي منظر آهن تہ معمولي پر ناول نگار انھن کي اثرائتي ۽ گهرائي سان ڏسي چٽي ٿو تہ پاٺڪ ڇڪجي پوي ٿو اهڙو منظر صفحي 117 تي آهي:
“آسمان تي هلڪي چنڊ جي روشني ڦھليل هئي. اها روشني صرف آسمان کي ٿورو روشن ڪرڻ لاءِ ڪافي هئي. زمين تي مڪمل چانڊوڪي ڦھلائڻ لاءِ اڃا چنڊ کي ڪجهہ ڏينھن بي چين رهڻو هيو. تنھن هوندي بہ چنڊ جي ڪجهہ سھائي هئي. اتي ويٺل اوڏن کي صرف تاري (زهره ستاري) جي ظاهر ٿيڻ جو انتظار هيو. ڇو جو ان، تاري نروار ٿيڻ بعد ئي هو شادي جي رسمن کي اڳتي وڌائن ها. ڪافي دير تائين ٻئي گهوٽ ميدان ۾ پنھنجي ساٿين سميت تاري جي اڀرڻ جو انتظار ۾ ويٺا رهيا.”
ناول جي قصي ۾ ان وقت سنسني مچي ٿي جڏهن ناٿي جي وهانءَ ۾ اوڏن جو بزرگ لڌو مل اميد علي جي مٿان چڙهي وڃي ٿو ۽ اميد علي تڪليف جي صورت ۾ ان کي ڌڪو ڏئي پري ڪري ٿو تہ بزرگ جي پڳ لھي پوي ٿي. تنھن تي بزرگ اميد جي گهڻو بي عزتو ڪري ٿو تہ اميد بچاءُ خاطر فائر ڪري ٿو. اوڏن ۾ وڏي جي پڳ جو ڪري پوڻ وڏو اپمان سمجهيو وڃي ٿو. اتان وڏو فساد جنم وٺي ٿو. منگهر مل وارا جتي ناٿي جي شادي ٿئي ٿي. اڳرائي پوڙهي لڌي مل جي هوندي آهي.
گهڻي گهپي کان پوءِ شادي کي اڳتي وڌايو وڃي ٿو پر پوءِ بہ لڌي مل وارا ناٿي تي حملو ڪن ٿا ۽ هو اميد علي واري پسٽول سان ٽن ماڻھن کي ڪيرائي وجهي ٿو. ناٿو جيل ۾ پوي ٿو ۽ موت جي سزا اچيس ٿي. ان سڄي ماحول ۽ مصيبت ۾ اميد علي ناٿي جي مالي، قانوني ۽ سماجي سھائتا ڪري ٿو. کيس موت جي سزا تہ ختم ڪئي وڃي ٿي.
دنيا جي هن گولي تي هر خطي، مذهب ۽ قومن ۾ عورت لاءِ ڪا خاص آزادي يا رعايت ناهي، ائين اوڏن جي رسم بہ عورت کي جڪڙي ٿي: ليکڪ لکي ٿو “ڇو جو اوڏن جي رسمن مطابق عورت صرف زندگي ۾ هڪ ڀيرو ڦيرا ڏيندي آهي. ان کان پوءِ هو زندگي ۾ وري ڪڏهن بہ ڦيرا نہ ٿي ڏئي سگهي، پوءِ ڀلي سندس مڙس مري وڃي، عورت شادي ڪري يا ڀنج (طلاق) ٿئي.” ص_119
اشتياق انصاري هڪ انٽرويو ۾ چيو تہ “مون کي سنڌ جي ورثن سان جنون جي حد تائين محبت آهي. اهوئي سبب آهي جو هن سنڌي اوڏن جي سموري تاريخ کي هن ناول ۾ سموئي ڇڏيو آهي.
ناٿي کي موت جي سزا اچي ٿي پر اميد علي جي وڏي ڪورٽ ۾ قانوني جنگ ڪرڻ بعد موت جي سزا ختم ٿئي ٿي پر هن کي گهڻي وقت لاءِ جيل ۾ رهڻو پوي ٿو. پوءِ اها عمر قيد واري سزا سٺي چال چلت ڪري معاف ٿيڻ جي اوسيئڙي ۾ پڪو قيدي ٿي گهاري ٿو. ڦاسي گهاٽ جا ڀيانڪ منظر ۽ جيل جون وحشتون ناول نگار گهرائي ۽ سچائي سان چٽيون آهن ڇو تہ هو پاڻ بہ جيلن ۾ رهيو آهي.
هن ناول ۾ مون کي ڪٿي ڪٿي ڪي غلطيون بہ نظر آيون جيئن صفحي 145 تي جڏهن اميد علي ناٿي سان ملڻ جيل وڃي ٿو تہ جيل سپرنٽينڊنٽ کي ڪنھن رئيس کان سفارش بہ ڪرائي ٿو ۽ اهو سندس پيءُ جي شخصيت کان بہ واقف آهي کيس چانھہ بہ پياري ٿو ان جي باوجود بہ اميد علي هن کي ملاقات ڪرڻ لاءِ رشوت ڏئي ٿو.
ناول ۾ اوڏن جي قبيلن جو بہ ذڪر آهي جيئن ماڙيچا اوڏ، گرگٽ اوڏ، سنڌي اوڏ ۽ اوڏ ڀٽي بہ سڏائن ٿا. هڪ ٻئي کوٽ جيڪا ناول جي صفحي 169 تي آهي. اميد علي جو پيءُ جمن بيمار آهي پوءِ بہ ناول نگار ڏيکاريو آهي تہ اميد علي پيءُ کي ڇڏي حيدرآباد هليو وڃي ٿو ۽ اهو بہ ڏيکاريل آهي تہ جمن بہ ڪم ڪار لاءِ حيدرآباد وڃي ٿو.
ناول ۾ هڪ ٻہ پيراگراف ورجايل بہ لڳا يا ڪي مڪالما بار بار پئي آيا. اهڙو اظھار 174 صفحي تي آهي.
ناول نگار جي ناٿي جي ڪيس تي اميد علي جي لڳايل دولت جي ڳالھہ بہ چٽي ناهي ۽ اميد علي جا سڀ پئسا بنئڪ بيلنس ايتري قدر جو ڪار بہ کپائي ٿو اهو ڪجهہ ڪجهہ غير حقيقي لڳي ٿو ۽ وري ان جي ابتڙ خوشحال بہ لڳو پيو آهي. ڀٽائي بہ اوڏن کي ڳايو آهي ۽ ناول جو هڪ ڪردار ماستر، لاکي ۽ اوڏڻ جو داستان ڦاهي گهاٽ جي اسيرن کي بلند آواز ۾ ٻڌائي ٿو. جيئن ڀٽائي چيو آهي:
“تماچي آندي مھاڻي، لاکي آندي اوڏ،
سما پيا ڪوڏ، ذات نہ پڇيائون جوءِ جي.”
ٻئي هڪ غلطي جا مون کي 193 صفحي تي محسوس ٿي:
“ڳالھين ڳالھين ۾ رات جو ڪافي پھر گذري ويا ها، آسمان تي وري کجڻ ۽ ڪڪرن ڪڻجهڻ شروع ڪيو هو. ٿوري جهڙ ڦڙ کان پوءِ وڏو وسڪارو وسڻ لڳو. هرڪو قيدي، پناھہ... پناھہ... منھنجا مالڪ پناھہ چوندو وڃي بستري تي ليٽيو.”
مٿيئن ٽڪري ۾ منظر ڪشي تہ زبردست ڪئي وئي آهي ۽ ٻولي جي حسناڪي بہ آهي پر ڦاهي گهاٽ ۾ اسيرن کي ڪال ڪوٺڙي ۾ ڪو بہ بسترو نہ ڏنو ويندو آهي ۽ ٻيو تہ اسير ڦاهي گهاٽ ۾ هوندي بہ خبر ناهي ڪھڙي پناھہ پيا گهرن. نانڪي جيڪا ناٿي جي زال آهي. هن ناول جو سگهارو ڪردار آهي. جنھن جي وفا هماليه کان اوچي ۽ مضبوط آهي. نانڪي ڦاهي جي ڦندي تي لٽڪندڙ ماڻھو سان نينھن نڀائي ٿي. موت بابت ليکڪ جو فلسفيانہ تجزيو پڙهي ڏسو:
“موت هڪ مڪروھہ ڳجهہ وانگر اکيون ڦوٽاريون، ڳچي اڳتي ڪري، جهاتيون پائي رهيو هو. موت جنھن جو گُجُ ڀرجڻ جو ئي نہ آهي، نہ وري انھيءَ موت کي موت اچڻو آهي.” ص_213
سنڌي ناولن جا مک ڪردار اڪثر ڪتاب پڙهندڙ، لکندڙ يا اديب ئي هجن ٿا. اهو عام جام هر ناول ۾ محسوس ڪيو اٿم. اميد علي بہ ڪتاب پڙهندڙ ۽ گهڻو وقت لائبريري ۾ گذاريندڙ آهي.
ناٿو جيل مان نيٺ آزاد ٿئي ٿو ۽ آزاد ٿيڻ بعد روزي جي لاءِ پريشان هجي ٿو. مون کي اها کوٽ محسوس ٿي تہ ناول نگار ان کي جيل ۾ ٽوپين ٺاهڻ جو ڀلو ڪاريگر ڄاڻايو آهي تہ آزاديءَ بعد هو روزيءَ لاءِ پريشان ڇو آهي ٽوپيون ۽ اڳٺ ڇو نہ ٿو ٺاهي؟ بھرحال اميد علي جو ڪاروبار سنڀالي ٿو.
لڌي مل جنھن کي ناٿي پسٽول سان ماري وڌو هو. پر سندس هڪ پٽ ان جهيڙي ۾ بچي ويو هو جيڪو ننڍو هو. جيڪو 25 سالن بعد وڏو ٿي پيءُ ۽ ڀائرن جو پلاند ڪري ٿو ۽ ناٿي کي ماري ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڪتن کي وجهي ٿو ۽ اتي ناول جي پڄاڻي ٿئي ٿي.
هن ناول جا کوڙ سارا سين ڊرامائي آهن ۽ هي هڪ ڊرامائي ناول آهي. هن قسم جي ناولن ۾ ڪردار جون خوبيون ۽ خاميون واقعن جي ڪري هونديون آهن. هن قسم جي ناولن ۾ جاين جي تبديلي تمام ٿوري هوندي آهي ۽ وقت بس بدلجندڙ هوندو آهي. عام طرح ڊرامائي ناول اسان کي ڳوٺ يا هڪ ٻن گهرن کان ٻاهر نہ وٺي ويندو آهي ۽ هي ناول بہ ناٿي جي ڳوٺ ۽ ان جي واقعن، ڪردارن جي خوبين ۽ خامين جي چوگرد گهمي ٿو.
اشتياق انصاري انجنيئر، محقق ۽ هي ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ هڪ سٺو ناول نگار بہ آهي. جن جو وڏو ڪارنامو بدر ابڙي، ڪليم لاشاري ۽ انور پيرزادي سان گڏ ڪابل درياھہ کان عربي (سنڌي) سمنڊ تائين ٻيڙي ذريعي ۽ پيرين پنڌ سفر ڪيو آهي. درياھہ جي ٻنھي ڪنڌين تي موجود ماڻھن جي اٿڻي ويھڻي، ثقافت، ٻولي، قديم آثار ۽ لوڪ داستانن تي ڊاڪيومينٽريز ٺاهيون آهن.گورک ۽ ڪتي جي قبر جي سوين فوٽن اوچن جبلن تي بہ چڙهيو آهي ۽ ان سان هن شاهڪار ڪتاب بہ تخليق ڪيا آهن. جيڪي سنڌ جي تاريخ کي نئون جنم ڏين ٿا. اسان کائنس اهڙي قسم هڪ ٻئي ناول لکڻ جي آشا ڪيون ٿا.

امداد ڪانھيي جي ناول “آگم پريت” تي هڪ نظر

ادب سماج جو روشن دان آهي ۽ ان روشن دان مان ڪھڙي قسم جي روشني اچي ٿي ۽ ڪھڙي روشني نہ اچڻ گهرجي. ناول ان کي پنھنجي پوري ڪينواس ۾ سمائي ڇڏي ٿو. ڪن حالتن ۾ روشني نقصان ڪار بہ هوندي آهي.
ايڪيھن صدي جي ٻئين ڏهاڪي ۾ ناول لکڻ جو رجحان ۽ تجربا وڌيا آهن. ان ۾ نوجوان ليکاري خاص ڪري ڪھاڻي لکندڙ اڳڀرا ٿيا آهن. سنڌي ناول تاريخي تناظر ۾ ڪائي پختي منزل ضررو ماڻيندو.
امداد ڪانھيو سنڌي ڪھاڻي جو اڻ ٿڪ مسافر آهي. ڪھاڻي ڪتاب “مان هت جنم نہ وٺندس!!!” هن جو ٻيو جنم هو. ان جي ڪڏهن پڄاڻي ٿيڻي ناهي، ڇو تہ اهڙا جنم امر هوندا آهن. امداد ڪانھيي پنھنجي اندر ۾ ٿيندڙ اٿل پٿل ۽ ڀڃ ڊاھہ ڪري دنيا جا دستور ٺڪرائي ڇڏيا آهن. هو دلين جي داستان جو ديوانو آهي. دنيا جي دستورن کان اڳتي هن دل جي دستورن جو ڪھاڻيون لکيون آهن. جنھن ۾ پيڙاءُ، سور جي شدت ۽ سماج جو بي دردي وارو دستور بہ دليلن سان عيان آهي.
امداد پاڻ وڪيل آهي. ان لاءِ آئون هن جي وڪالت ڪرڻ نہ ويٺو آهيان نہ ئي هن مھاڳ ذريعي آئون هن کي وڏو ناول نگار ثابت ڪندس. هي تہ بس هڪ ويلڪم نوٽ آهي، امداد کي ناول نگاري جي دنيا ۾ قدم رکڻ تي!
امداد پنھنجي ڪھاڻي ڪتاب ۾ 2013ع ۾ چيو هو تہ “وري ايندس مان” سو هُو هن ناول جي روپ ۾ اچي ويو آهي.
هي ناول “آگم پريت_آغوش ڌرتي” اسان جي اوائلي دؤر کان ويندي جديد مشيني دؤر ۽ جديديت پڄاڻان جي احساسن ۽ روين کي اظھاري ٿو. هو هت جنم نہ ٿو وٺڻ چاهي پر وري ايندس جا وچن بہ ڪري ٿو. هن ناول جا ڪردار جيڪي فطرتي ماحول واري دنيا جا عڪس بہ ڏيکارين ٿا تہ مصنوعيت جو مکڙو بہ مھڪائين ٿا.
اداس نسلن جي وارو عبدﷲ حسين چوي ٿو: “پھرين شادي پھرين ناول جيان هوندي آهي. جنھن ۾ ڪيتريون ئي غلطيون رهجي وينديون آهن. شادي آرٽ جي وڏي ۾ وڏي دشمن آهي.” هن جو اهو بہ چوڻ آهي تہ “نوانوي سيڪڙو عورتون شادي ۾ ناخوش هونديون آهن.”
آئون تہ چوان ٿو مردن جي شرح وڌيڪ آهي اهي تہ سؤ سيڪڙو ناخوش آهن. بلڪ اهي تہ شادي ڪرڻ ئي ناهن چاهيندا. جھڙي ريت امداد جون پھرين شادي ۾ ڪي محروميون رهجي ويون آهن. اهڙيءَ طرح هن جي پھرين ناول ۾ ڪي غلطيون ٿي ويون هونديون. جن کي پڙهندڙ جي اک ڳوليندي. مون کي هي پورو پنو ناول جي لوازمات کي پورو ڪندڙ ناول لڳي ٿو.
جيئن زيور خراب ناهن ٿيندا ۽ سون پراڻو ناهي ٿيندو! تيئن تخليقون بہ پوڙهيون ناهن ٿينديون، اهي هر دؤر ۾ هر ماڻھو لاءِ نيون هونديون آهن. امداد جون تخليقي ڪھاڻيون ۽ اجهو هي ناول “آگم پريت” پئي پراڻو نہ ٿيندڙ آهي.
عربي شاعر معري چيو آهي تہ؛
“عشق جون ست منزلون هونديون آهن: انس، حب، عشق، عقيدت، عبادت، جنون ۽ موت.” هن ناول جا ڪردار آگم، پريت، منصور، ﷲ بخش، وريام، صوبيه ۽ ٻيا ڪردار ڪي انس تہ ڪي حب تہ ڪي وري ڪوڙي عشق جي منزل جا راهي آهن. آگم ئي هڪڙو اهڙو ڪردار آهي جيڪو جنون جي منزل بہ پار ڪري وڃي ٿو پر موت واري منزل تي نہ ٿو پڄي جيڪا هن ناول جي هاڪاري پھلو کي اڀاري ٿي. آگم جي حساسيت جي ڪيفيت ڪيڏي نہ گهري آهي ۽ چوي ٿو:
“اهو اثر ڊسمبر جو نہ هو مون تي، مون کي پکين جي پريت ۽ حيوانن جي جنسيت جي وچ ۾ پيدا ٿي پيل خلل جي زهر ڇني ڇڏيو هو.”
ناول ڪردارن جي مڪالمن ۽ کري سوچ جو پرتوو هوندو آهي! اها ڳالھہ مون هي ناول پڙهندي امداد کي بار بار پئي ڪئي.
هن ناول “آغوش ڌرتي_ آگم پريت” جا ٻہ حصا آهن.
پھرين حصي “آغوش ڌرتي” جي ٻوليءَ جي ڇا تعريف ڪيان. هر لفظ جو هڪ الڳ پس منظر جڙي وڃي ٿو. نج نبار سنڌي لفظ سان سرشار پھريون ڀاڱو آگم جي لڇ ۽ روح جي بي چيني سان شروع ٿئي ٿو. آگم جيڪو ڌرتي جي آغوش ۾ بي قراري کان فرار ٿي پناھہ وٺي ٿو. جنھن ۾ ايڏي سگهاري منظر نگاري آهي جو پاٺڪ لوھہ ٿيو وڃي. پڙهندي ان جھان ۾ پڄيو وڃي.
پورن ۽ اتم ڀيم هڪ جڳ ۾ ملن ٿا. پورن اتم کان وڇڙي وڃي ٿي اهو چئي تہ هو واپس ضرور ايندي.
اتم ۽ پورنيما ٻيو جڳ هنن جو آهي. پر هي ٻئي بہ جدائي ۾ جلي وڃن ٿا.
ويدڪانت ۽ ديپ ديوي ملن ٿا. ديپڪ ديوي ويد کي شال اڻڻ جو چئي هلي وڃي ٿي ۽ ويد کي بہ چئي ٿي تہ تون شال اڻڻ تائين بنواس ڇڏي هليو اچجان. پر دير ٿي وڃي ٿي ديپڪ ديوي جي مھا پرش سان شادي طئي ٿي وڃي ٿي ۽ ويد پنڊ پھاڻ بڻيو سڀ ڏسندو رهي ٿو.
پورب ديوا ۽ ڪويتا نم جو جڳ ٻيو آهي. جنھن ۾ هنن جو وصل ٿئي ٿو ۽ فراق بہ ٿئي ٿو.
جڳن ۾ رولندي ويد ڪانت جوڻ مٽائي پورب ديوا ٿي پوي ٿوپر پوءِ بہ هن کي ڪويتا نم نہ ٿي ملي ۽ هو ڪاپڙي مسافر ٿي وڃي ٿو تہ هڪ جوڻ مٽائي هن کي سنڌو سان ملائي ٿو. پوءِ هڪ مسافر کي سنڌو ملي وڃي ٿي اها بہ هلي وڃي ٿي سماج جي رسمي لھرن ۾ لڙهي وڃي ٿي.
ناول نگار جي ٻولي بي حد حسين ۽ تخليقي آهي. جيڪا پوري ناول تي ڇانيل آهي ۽ ڇڪ پيدا ڪري ٿي تہ پڙهندو وڃجي. هو لکي ٿو:
“هوءَ دل جي آرڪيالوجي جي ماهر ڇوڪري” پريت جيڪا آگم وانگي اداس روح آهي. پر جيتري ليکڪ آگم جي ڪردار تي محنت ڪئي آهي. اوتري پريت تي نہ ڪئي آهي.
ناول نگار جي ٻولي ۽ منظر نگاري جي هڪ جهلڪ اوهان جي نظر:
“گهڻا گهڻا ورهيہ جڏهن سمو بدلجي ويو، زمانو مٽجي ويو، جڳ مٽجي ويو، وڻ ڀي پوکجڻ گهٽجي وڍجڻ وڌي ويا، پکين پريت ڇڏي ڏني، بندوقن جي بارود جي بوءُ گهٽين ۾ ڪاهي پئي، ڪچا اڱڻ پڪا ٿي ويا، ڪردارن جا قدا ننڍا ۽ عمارتن جا اوچا ٿي پيا هئا تہ ماڻھو ماڻھپي کان منھن لڪائڻ لڳا هئا، تڏهن نفس حدون، سرحدون، دنگا، اڱڻ ۽ ڇيڙا ورهائڻ لڳا، وني ور وساري مر ٿي پاتي، مردن موھہ ڇڏي ڊوھہ ۽ ڏوھہ ٿي واڻيا، تڏهن پراڻ نہ بدليا هئا ۽ اکين اڃا رهيل سپنا ڏٺا ٿي...”
دنگن ۾ نرگس وڃائجي وڃي ٿي. مالھي ۽ نرگس جي پريم ڪٿا ۾ ورهاڱي جي وڍ جو منظر آهي. ليکڪ سٺو نڀائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هن جي تخيلياتي ڪائنات ۾ انيڪ سارا قصا ۽ ڪٿائون آهن جيڪي هن ور ور هن ناول جو حصو ڪيا آهن پر تسلسل ۾ ئي... هڪ انسان (مرد_عورت) جي ڪھاڻي.
آگم منڙي سان امداد ڪانھيي ناول جو ٻيو حصو “آگم پريت” لکيو آهي. جيڪو دؤر جديد آهي ۽ ان جڳ جا ڪردار هڪ ڪاليج جا شاگرد آهن. اهو واضح ڪيل نہ آهي تہ ڪاليج ڪھڙو آهي؟ ان مشيني د‍ؤر ۾ محبت جا معراج، انس، حب ۽ جنس تائين محدود آهن. انھن سڀني تي ڪٽ کائيندڙ ڪردار آگم جو آهي. جيڪو انارڪين کي نندي ۽ للڪاري ٿو. جديديت پڄاڻان سماج ۾ پوءِ بہ ڪي پاسا آهن جن جي گهرائي ۾ ليکڪ نہ وڃي سگهيو آهي.
نوجوانن جي ذهني مونجهاري ۽ مشينن جي بيجا استعمال سان ان جي ائبزرڊٽي کي عڪس بند ڪيو آهي. اهو نوجوان جنھن وٽ سواءِ موبائيل ڪلچر جي ٻيو ڪجهہ نہ آهي. سنڌي نوجوان جي وائڙائپ ۽ مقصد کان هٽيل زندگي جا اولڙا هن ناول ۾ آهن.
باقي مڪمل طور تي هن ناول جي ڪھاڻي ان لاءِ نہ ٿو اکليان تہ پڙهندڙ وڌيڪ پاڻ پروڙي تہ هي ناول ڇا ٿو چوي ۽ ڪٿي بيٺو آهي؟ جيئن نٽشي کان جڏهن پڇيو ويو تہ توهان ڪنھن ڪتاب بابت رايو ڪيئن ڏيندا تہ هن چيو:
“هڪ ڪتاب ڀلو پڙهندڙن ذريعي اڃا ڀلو ۽ ڀلن نقادن ذريعي ويتر واضح ٿيندو آهي.”

نٽشي اڇا وڌيڪ ڳالھہ چٽي ڪري ٿو:
“اڄڪلھہ تہ اڪثر ڪم جو مواد پڙهندڙن جي ٽيڪا ٽپڻي ۾ گم ٿي ويندو آهي. جديد شخصيت جي ڪمزوريءَ جو اظھار بنا حد حساب واري تنقيدي بوڇاڙ مان ٿئي ٿي.”
سنڌي ۾ چوندا آهن سکڻي ڪني گهڻو اڀامي. سو هي ناول جيترو پڙهيو ويندو. اوترا نوان زاويا نقاد ڳولي ڪڍندا. پر نٽشي جي ڳالھہ تي بيھي ڪري. امداد ڪانھيي جو هي ناول پنھنجي مول ۾ مان لھندو.
انڊين فلم ليکڪ جاويد صديقي چيو آهي تہ؛
“ڪجهہ ماڻھو غريبي کي اهڙي طرح جيئندا آهن تہ دولت ويچاري شڪي ٿي پري کان انھن کي ڏسندي رهجي ويندي آهي.”
امداد بہ غريبي کي ائين ئي جيءُ ويو آهي. دولت صرف شڪي ٿي هن کي ڏسندي رهي آهي. ڏک ڏاکڙا ئي انسان ۾ تخليقي صلاحيتون پيدا ڪندا آهن ۽ ٻيو رولاڪي_ رولڻ جو اندازو امداد جي هاٺي ۽ مضبوط هٿن پيرن مان لڳائي سگهجي ٿو. هن جي اکين ۾ پنھنجي سورن سان ٻين جي ايذائن کي گڏ ڪري سماج کي پرکيو آهي. جيڪو هن جي تخليقن ۾ جرڪي ٿو ۽ جرڪندو رهندو.

سحر گل جي ناول “عشق تمام برھہ تمام” تي فڪري تنقيد

مت عقل دي منجهہ ڳئي، آيا عشق امام! هڪ موضوعاتي ناول

ابن خلدون ادب کي علم قرار ڏنو هو. ادب انسان جي جذبن اڌمن ۽ محسوسات جو کرو ۽ هيڻو اظھار آهي. ادب جنھن کي ابن خلدون علم ڪوٺي ٿو. اهو علم اسان تائين اديبن ۽ ڪتابن ذريعي پھچي ٿو. جيڪڏهن اسان چئون ٿا تہ ادب علم آهي ۽ ڪتاب ان جو ذريعو آهن تہ پوءِ رياضي، معاشيات، ڪيميا، فزڪس بہ ادب آهن. گلوبل سماج ۾ ادب پنھنجو اثر ڇڏي ٿو. ماڻھو ان مان اهو علم اخذ ڪن ٿا. جيڪو هڪ تخليقڪار تجربا ڪري سرجي ٿو.
ظفر جوڻيجي لکيو آهي تہ “ناول سماج بابت خدا ڪارڻي رپورٽ آهي.” سحر گل جو ناول “عشق تمام برھہ تمام” بہ سماجي ۽ ٻوڌي خلفشار ۽ عشق جي فڪري رپورٽ آهي. جنھن کي سحر گل شاهي نموني پيش ڪيو آهي.
هي ناول پڙهندي مون کي بالي ووڊ جي فلم “ڪرڌارناٿ” جيڪا مون انھن ڏينھن ۾ ئي ڏٺي بار بار پئي ياد آئي ۽ ان جا ڪردار ۽ منظر ذهن تي تري پئي آيا. فلم جو مک ڪردار بنا مذهبي ڀيد ڀاء جي پاڻ مسلمان هوندي هندن جي خدمت ڪري ٿو ۽ آخر ۾ بہ هڪ هندو کي بچائيندي پنھنجي جان ڏئي ڇڏي ٿو. خير_ هن ناول جا ڪردار بہ ڪجهہ ائين آهن. هو آهن تہ ٻين مذهبن جا پر سندن بنيادي نقطو انسانيت آهي.
ناول نگاره سحر گل پنھنجي پاران ۾ لکي ٿي: “ناول جو مرڪزي خيال ٻڌ مت جي روح کي سمجهڻ ۽ ان جي پانڌين جو عشق جي دنيا ۾ پاڻ پتوڙڻ آهي.”
منھنجي نظر ۾ اهو عشق ناهي، شايد ڏاهپ سان پيار ڪندڙن کي اهو قطعي عشق نہ لڳندو. جنھن ۾ هڪ انسان پنھنجو سڀ ڪجهہ گهر گهاٽ ۽ مٽ ڇڏي خاموشيءَ جي ڪن ۾ ڪري پوي. سنڌي تصوف جو بنيادي نقطو آهي تہ “خيال در گذر ٿيندا آهن وجود نہ!” پر ٻوڌي فلسفي يا هن ناول ۾ وجودن کي درگذر ڪري پراڻن خيالن کي اهميت ڏني وئي آهي.
عشق هن ناول جو مرڪزي خيال آهي. عشق منھنجي لاءِ بہ هڪ عجب الھامي اسرار جيان رهيو آهي. مون عشق تي هميشہ پئي غور ڪيو آهي. اسان وٽ عشق جا جيڪي لوازمات جوڙيا ويا آهن. اهي جنسي وڇوٽي ڪري جنميا آهن. عشق جو لفظ اسان جي چند علائقائي ٻولين ۾ آهي. انگريزي ۾ ان جو ترجمو Love آهي. يا ائين کڻي چئجي تہ انگريزي ٻولي کُٽل آهي.
پر عشق جي سائنس ۾ پروفيسر ساجد سومرو هيئن لکي ٿو: “اهوئي سبب آهي جو سڄي مغربي يورپي معاشرن ۾ بلڪ هاڻي تہ دبئي جھڙن مسلم ملڪن پر سيڪس فري ملڪن ۾ نہ صرف عشق جو تصور ئي ڪونھي بلڪ عشقيہ رومانوي شاعري بہ ڪونھي.”
اتي ڪبير جھڙي مغربي سماج ۾ تعليم پرائيندڙ وڏيري کي هڪ ٻوڌياڻي سان عشق ٿي وڃي ٿو. اهو اوسيتائين هلي ٿو جيستائين سنجوڳ ٿئي نٿو.
ايرڪ فرام جي لفظن ۾: “خدا، نبي، پيغمبر، امام، ديوتا سان عشق نہ پر عقيدت ٿيندي آهي.”
سو ٻوڌين جو ڪو عشق سان واسطو ناهي، اها سڀ عقيدت آهي. گوتم ٻڌ هڪ فلاسافر يا ائين کڻي چئجي سوشل سائنسدان هو. فلاسافر سان جذباتيت يا لڳاءُ ٿي سگهي ٿو يا عقيدت ٿيندي. جادم، لطيف يا ميرا جو ڪو عشق نہ آهي بس اهي عقيدت ۾ لڙهيل لڳن ٿا. ذات جي تڪميل لاٰءِ ڪنھن رشتي ۾ رهڻ لازمي آهي. اڪيلائي اهو عذاب گهر آهي. جنھن ۾ رهي ڪري ماڻھو جا هڙئي جذبا ۽ احساس ختم ٿيو وڃن. ميرا سان بہ ائين ٿئي ٿو، جڏهن کيس جادم ٺڪرائي هليو وڃي ٿو تہ هوءَ پنھنجي تڪميل ذات لاءِ واجهائيندي ڀٽڪندي رهي ٿي.
جادم ۽ ميرا جي شادي يا پيار ڪھاڻي ۾ جتي سڀ معاملا سھي آهن، اتي جادم نفسياتي طور کُٽل آهي. ان ڪري اهو رشتو ٽٽي پوي ٿو. جادم کي نرواڻ جو نفسياتي روڳ وٺي وڃي ٿو. عشق ۽ عقيدي جون ڪيفيتون ڇو اڀرن ٿيون ۽ ختم ٿي وڃن ٿيون، احساس، جذبا ۽ جنون، جبلتون ڪيئن رت ڪن ٿا. ليکڪہ انھن کي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ جي ڪوشش ڪري ٿي. ادب جي اندر انسان ازل کان انھن ڪيفيتن کي بيان ڪندو رهيو آهي. جيئن پروفيسر ساجد سومرو چوي ٿو:
“ادب جي ارتقا جو بنيادي ڪارڻ بہ انھن سوالن ۾ موجود آهي تہ احساس، جذبا ۽ ڪيفيتون آخر ڇا آهن؟
ڇو آهن؟
۽ ڪيئن پيدا ٿين ٿيون؟”
هن ناول ۾ جتي سوال آهن اتي کوڙ مونجهارن جا جواب بہ ليکڪہ ڏئي ٿي. ناول جي شروعات شاندار منظرنگاريءَ ۽ ٻوليءَ سان ٿئي ٿي ۽ پڙهندڙ اٿندي ئي حسين فطرتي لقائن ۾ گم ٿي وڃي ٿو. انسان ازل کان پنھنجي ماضي کي ياد ڪري ڪري بيان ڪندو آيو آهي ائين هي بہ ڪبير ۽ مينتوخ جو ماضي آهي. جنھن کي ڪبير ساري سنڀاري ڳائي ٿو. ناول جي ڪھاڻي ٻن پس منظرن ۾ آهي. هڪ ڪبير پنھنجي ڪھاڻي پاڻ ونڊي ٿو ٻيو خطن جي ڏي وٺ آهي ٻن ٻوڌين ۾ جنھن ۾ هڪ گرو ۽ ٻيو شش آهي. اهي جادم ۽ لطيف آهن. جادم سوال ڪري ۽ فڪري بحث ڪري ٿو. گرو بہ فڪري طور پنھنجي وڌيارتي کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. هي ناول 584 صفحن تي مشتمل آهي. ان ۾ موجود سڀني فڪري نقطن يا اوڻاين تي لکڻ هڪ تمام ڳوڙهو ڪم آهي ۽ هي اڀياس گهڻو طويل ٿي ويندو. منھنجي ڪوشش هوندي تہ تز نموني هن مطالعي کي پاتڪميل تائين پڄايان.
هي ناول ٻڌمت جو Text Book آهي. جنھن ۾ ليکڪہ ٻڌمت سان لاڳاپيل ڪو بہ اهڙو اصطلاح نہ رهايو آهي. جيڪو اسان بحث هيٺ آڻي سگهون ۽ انھن سڀني فڪري تاريخي نقطن جي ترتيب سان گفتگو ڪبي. ٻڌمت جي سموري تاريخ اسان جي خطي سان سلھاڙي ڦلوري وئي آهي. جنھن سان پڙهندڙ کي کوڙ معلومات ملي ٿي. پر اتي سوال اهو بہ آهي تہ ڇا اهو ضروري هو؟ هڪ لحاظ کان ليکڪہ کي داد ڏيندس تہ 584 صفحن ۾ ٻڌمت کان هڪ تر بہ اڳتي پوئتي نہ ٿي هٽي ۽ نہ ئي ڪٿي گسي ٿي، تسلسل، ترتيب ۽ اڻت ڪمال نموني سان ڪئي آهي. ٻڌمت، ٻوڌي، ٻوڌي شالائون ڪٿ ڪٿ تہ پڙهي پڙهي بيزار ٿي پوي ٿو. ڀلا ان کان ڳالھہ اڳتي پوئتي ڇو نہ ٿي وڃي!
“اصل ڪيف تہ شعور ۽ ڏاهپ جو دان هوندو آهي، اهوئي تہ اصل عشق آهي.”ص_25
ڪيف معنيٰ ڪيئن آهي؟ هي فلسفي جو مقولو آهي. ٻئي جاءِ تي سماڌي کي عشق جي منزل قرار ڏنو ويو آهي. سماڌي معنيٰ هڪ چتو ٿي عبادت ڪرڻ. ان مان هڪ خيال لطيف ۽ ٻيو جادم جو آهي. عشق عبادت ڪرڻ تہ قطعي نہ ٿو ٿي سگهي. باقي عشق ڏاهپ ۽ شعور سان ڳنڍڻ ۽ ان جو دان چوڻ نيئن ڳالھہ آهي. ٻڌمت جنھن کي پوري دنيا مذهب چوي ٿي. اهو ڪڏهن مذهب نہ آهي نہ گوتم ٻڌ ان کي مذهب طور پيش ڪيو هو. ٻڌ مت جو اشتقاق ڪبو تہ بہ ان جي معنيٰ ڪٿان مذهب نہ ٿي نڪري.
ڪنفيوشس، حضرت عيسيٰ کان پنج صديون اڳ چين ۾ ڄائو. پر سندس فلاسافي چين توڙي ڪوريا، جپان، ويٽنام ۽ ڪجهہ ٻين ملڪن تائين پکڙيل آهي. ائين گوتم ٻڌ نيپال ۾هندوستان جي سرحد ويجهو ڄائو. پر سندس فلاسافي ۽ تعليم پوري دنيا تائين پکڙيل آهي. ڪنفيوشس هڪ سوشل فلاسافي آهي. جنھن جا ٻہ بنيادي نقطا آهن:
1. پنھنجي آس پاس جي ماڻھن جو خيال رکڻ.
2. رعيت جي ڀلائي واري حڪمراني يعني Good Governs

ڪنفيوشس چوي ٿو: “اسان پنھنجي موجودہ حياتي جا دنيائي مسئلا سمجهي يا حل نہ ٿا ڪري سگهون تہ پوءِ موت ۽ ان کان پوءِ واري زندگيءَ جي رمزن کي سمجهڻ جي چڪر ۾ ڇو ٿا پئون. اسان کي سڀ کان وڌيڪ اوليت پنھنجي حال کي بھتر بنائڻ تي ڏيڻ گهرجي.”
ڪيرن آرم اسٽرانگ چوي ٿي: “اگر مھاتما ٻڌ يا ڪنفيوش کان اهو سوال ڪيو وڃي ها تہ توهان ڪنھن آسماني هستي تي يقين رکو ٿا تہ شايد اهي ڇرڪي پون ها ۽ وڏي نرمي سان جواب ڏين ها تہ اهو سوال ڪرڻ مناسب ناهي.”
جتي ٻين مذهبن هن دنيا کي ڇڏي ابدي زندگي جو رينگٽ شروع ڪيو آهي. ان ۾ هي ٽولو بہ اڳيان آهي. ٻڌمت جو پنرجنم ۾ بہ يقين آهي. جيئن دنيا جي ٻين مذهبن جون رسمون ۽ تھوار نقل ڪري کنيا آهن. ائين ٻڌمت بہ گهڻو تڻو هندن جي مذهب جي فوٽو ڪاپي آهي. باقي گوتم، ٻڌمت هندومت ۾ طبقاتي اوچ نيچ جي خلاف ٿي وڃي جهنگ وسايو هو. شروعاتي خط ۾ لطيف پنھنجي شش کي هڪ ڪردار ترائيو جي باري ۾ ٻڌائي ٿو. جو چيني ساڌو هوتيئي ٻڌ جو پنرجنم آهي.
ناول جا مک ڪردار ڪبير، مينتوخ ۽ جادم آهن ۽ ٻيا بہ ديويون، ديوتا، ٻوڌي، سياسي ۽ مختلف ڪردار ظھور پذير ٿين ٿا. پھريان ائين لڳي ٿو تہ ميرا ۽ مينتوخ الڳ الڳ ڪردار آهن. پر اڳتي هلي خبر پوي ٿي تہ ميرا ئي مينتوخ آهي. ٻڌمت ۾ ٻہ ٻہ نالا رکڻ بہ هڪ عجيب رسم آهي. ٻہ نالا منجهائيندڙ ڳالھہ آهي. ان سان هن ناول ۾ تہ ڇا حقيقي دنيا ۾ پريشاني واري حالت ٿي ويندي تہ ڪير؟ ڪير آهي؟ ترائيو جو ڪردار وڻندڙ ۽ سھڻو ڪردار آهي، جيڪو ماڻھن ۾ مٺايون ۽ مرڪون ورهائي ٿو ۽ سندس ڪرت ٻارن، ماڻھن کي کلائڻ کان سواءِ ڪجهہ ناهي!
جين، مائيڪل ۽ ڪبير علم بشريات جا اسڪالر آهن. جيڪي لداخ ٻڌمت تي تحقيق ڪرڻ اچن ٿا. سندن ڪم مڪمل ٿيڻ تي ۽ واپسي ۾ باقي هفتو ئي رهي ٿو تہ ڪبير سان مينتوخ ٽڪرجي ٿي ۽ هو ان تي اڪن ڇڪن ٿي وڃي ٿو.
الڪيمسٽ ۾ پائلو ڪوئيلھو چوي ٿو: “محبت جڏهن ٿيڻي هوندي آهي تہ بس ٿي ويندي آهي. محبت لاءِ ڪنھن سبب جي ضرورت ڪونہ آهي.” ائين بنا سبب جي ڪبير بہ مينتوخ تي موهت ٿئي ٿو.
گوتم ٻڌ جو فڪر سوشل فلاسافي آهي. پر ان کي مذهب جو پاجامو پرايو ويو آهي. هن کي دنيا جو چوٿون وڏو مذهب مڃيو وڃي ٿو. ٻڌمت بہ فرقن ۽ وهمي ماڻھن جي کچڻي آهي. هن ۾ فرقيواريت، انتھاپسندي ۽ فريب تي مبني تصور ۽ دقيانوسيت جون انيڪ ساريون ڳالھيون هي ناول نروار ڪري ٿو.
ڊاڪٽر رسول ميمڻ چوي ٿو: “مون جنھن بہ ڏاهي کي پڙهيو ان جي سوچ جو اڻ سڌو مقصد خدا جي ذات آهي. مذهب ۽ فلسفي ۾ عقيدي جو فرق آهي، عقيدو اکيون ٻوٽي قبول ڪرڻو آهي ۽ فلسفي ۾ اجازت آهي تہ اکيون کولي قبول ڪيو يا نہ ڪيو، دنيا تي مذهبن حڪومت ڪئي آهي. فلسفي کي قابل قبول ڪري بنائڻ لاءِ کيس مذهب جو روپ ڏئي مڙهيو ويو آهي.”
سو ٻڌ جي فلسفي کي بہ مذهبي رنگ ڏنو ويو آهي. ٻيو جيڪو هي ٻوڌي ڳالھہ ڪن ٿا مون کي گوتم کي حاصل ڪرڻو آهي. گوتم ٻڌ تہ هڪ انسان هو. جيڪو مري کپي ويو اڄ دور ۾ اها ڳالھہ ڪھڙي ريت قبول ڪري سگهجي ٿي. هندن مھاتما گوتم ٻڌ کي ڪرشن ڀڳوان جو اوتار ڄاڻائي، پنھنجي مذهب ۾ ضم ڪري ڇڏيو.
ٻڌ جو هڪ قول ٿو ياد پويم: “ٽي شيون ڪڏهن بہ لڪي نہ ٿيون سگهن، چنڊ، سج ۽ سچ!” اهيو سچ آهي تہ گوتم ٻڌ انسان هو ۽ ان جو فڪر سماجي ۽ انساني سنوار جو گس آهي. ان کي الھام سان ڳنڍڻ هڪ فريب آهي.
فراق بابت ليکڪہ ڪبير جي واتان هئين ٿي چوائي: “سچ اهو آهي تہ محبت رڳو سڪڻ جي سڌ کي عظيم سمجهڻ ۽ رڳو سڪڻ تي قائم رهڻ ڀٽائي جھڙن الڀ ڪردارن جي ڪري سگهڻ جو وکر آهي. مون جھڙا عاشق ڏسڻ ۽ ملڻ جا سڌڙيا هوندا آهن. انھن لاءِ وڇوڙو ٽياس تي ٽنگجڻ برابر هوندو آهي.” ص_32
منھنجي خيال ۾ اها دؤر جي تقاضا آهي، ڀٽائي هن دور ۾ هجي ها جيڪو آزاد آهي تہ ڪبير وانگر سوچي ها. ڀٽائي جو دؤر رجڊ هو. ڏند ڪٿا تي هن ناول ۾ گهڻو بحث آهي ان تي ٿورو سمجهڻ جي ڪوشش ڪبو.
ليکڪہ لکي ٿي:“ڏند ڪٿا جيئن تہ ظاهري ڏيک ۾ غير منتقي هوندي آهي، سو اها جلد مرڻ لاءِ ئي جنم وٺندي آهي. ان ۾ فقط هڪ نياپو هوندو آهي، جيڪو ڪم جو هوندو آهي. ص_28
“ياد رک! تو ڀل ڏند ڪٿائن جي غير منطقيت کي ڳجهارت جيان ڀڃي، منجهائن منطق ڪڍي، اڄ جي دنيا کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪر. منجهائن ڳجهيون معنائون بہ ڪڍ، پر انھن کي حتمي معنائون نہ سمجهجان.”ص_43
ڏند ڪٿائون لوڪ ڏاهپ جو گس آهن. جنھن کي اپنائي انسان پنھنجي رهنمائي ڪندو آيو آهي. يوناني ڏند ڪٿائون هجن يا سنڌي ڏند ڪٿائون انھن منجهہ ڏاهپ جو ڪو نہ ڪو راز لڪل هوندو آهي. گهڻي وقت کان سنڌي ڏند ڪٿائن کي گڏ ڪري ڪتابي شڪل ۾ آڻڻ جو جنون رهيو آهي پر خراب معاشي حالتن سبب نہ ٿي سگهيو آهي.
ڊاڪٽر رسول ميمڻ ڏند ڪٿائن بابت واھہ جي ڳالھہ ڪئي آهي: “نہ الف آهي، نہ الف کان اڳ، سڀ ڏند ڪٿائون آهن، مان ڏند ڪٿائن ۾ جيئرو آهيان. جيئري رهڻ لاءِ ڏندڪٿائون ضروري آهن. مذهب ۽ نظريا فلسفي جون ڏند ڪٿائون آهن.!”
جيئن ٻين مذهبن ۾ گيڊهڙو آهي ائين ٻڌمت ۾ بہ انيڪ سارا ٽولا آهن. جو ليکڪہ ترتيبوار ذڪر ڪندي هلي ٿي! چيني ٻڌمت ۽ جاپاني الڳ آهن. وري چيني ۽ جاپاني جدا فرقا آهن.
“ٻوڌين ۾ اهو ويساھہ آهي تہ پاڻي تي هڪ سؤ اٺ ڀيرا سندس نالي جو منتر پڙهي پيئڻ سان هر قسم جي روڳ مان آجو ٿي ويندو.” ص_46

ٻڌمت ۾ بہ منتر تنتر جي فضوليات موجود آهي. جن تي مشيني ۽ ميڊيڪل جي اوج واري دؤر ۾ ويساھہ رکيو وڃي ٿو. پوءِ هي فلسفو بہ قدامت پرستيءِ جي ڪوڙھہ ۾ وتل ٿيو.
“تو اسان جي دؤر ۾ سنڌ ۾ ٻوڌي نارين بابت پڇيو آهي. سچ اهو آهي تہ پانڌي ٻڌمت سنڌ ۾ تڏهن بہ، اڄ جيان ئي، نھايت ماٺ ۾ ڪنھن سماجي چؤٻول کان سواءِ هلي رهيو هو. اهو سوچيندي تہ ان جي پکيڙ سان ويري ان کي ناس ڪري ڇڏيندا.ننڍي کنڊ جي ٽٽڻ کان پوءِ هتي ٻوڌي شالائن ڀؤ جي ان زور هيٺ هميشہ آهستڙي ۽ ماٺار ۾ وک کنئي.”ص_47
هيءَ اهو فلسفو آهي. جنھن کي مذهبي شڪل ڏئي، وجودي سڪون لاءِ سماج کان ڪٽجي زندگي کي گذارڻو آهي. مٿئين ٽڪري ۾ سنڌ جي صورتحال جو ذڪر آهي. سنڌ جو ماڻھو ان دور ۾ بہ پنھنجي سياسي، سماجي حالتن کان ڪن لاٽار پئي ڪئي ۽ هاڻي بہ اهوئي حشر آهي ۽ ليکڪہ کي وري ان فڪر سان گهرو چاھہ آهي.
“ٻڌمت جو اهم ترين پھلو ذهني سجاڳي آهي. آگاهي آهي. جنھن کي سنسڪرت ۾ سمرتي ۽ پاليءَ ۾ سَتِي چون ٿا.” ص_59
پوءِ ان ذهني سجاڳي کي فطرت ۽ انساني ترقي جي لاءِ ڇو نہ ٿو استعمال ڪيو وڃي. ڇو تہ ترقي پذير زندگي کان منھن موڙي کائڻ ۽ پيئڻ ڇڏي پھاڙن ۾ انگ اگهاڙا ڪري اڌ جانور ٿي وڃجي. جيڪو نہ ڳالھائي ٿو نہ وري دنيا جھان جو کيس فڪر آهي.
“وپاسنا مطلب چٽو ڏسڻ ۽ ذهني سجاڳي آهي؟ ان سجاڳي ۾ مان_پڻي يا آپي کان ڇوٽڪارو، بي تباتي، دکا ۽ موت بابت سجاڳي شامل آهي.” ص_59
موت کان سجاڳي ڇا يار! اهيا تہ موت جي پرچار ڪرڻ آهي. ذهني طور سجاڳ ٿي پاڻ کي ماريو اها ڪھڙي عبادت ٿي!؟ ٻوڌي رسم مون کي زندگي کان مايوس ۽ فراريت جو گس ڏسن ٿيون. وپاسنا جھڙي ڪڌي رسم جو هن ناول جو مک ڪردار مينتوخ شڪار ٿئي ٿي. ٻڌ مت جا ٻہ وڏا فرقا آهن. جن جي فڪر جو اگر تنقيدي جائزو وٺجي تہ ٻئي فرقا هنايانہ ۽ مھايانہ ٻئي فتني باز آهن. وٽن ڪو خاص مقصد نہ آهي. جنھن سان معاشري جو ڀلو ٿئي! هڪڙا ٻڌ جي ڳالھين کي جديد دور مطابق تبديل ڪرڻ جي لاءِ قطعي تيار ناهن! ٻيا وري پٿر، امر نيرو پاڻي ۽ عجيب خرافاتي رسمون ۽ ڳالھيون ڦھلائڻ چاهين ٿا يا ڦھلائين پيا.
“اهو لازمي آهي تہ هڪ سچي ٻوڌي کي واقعن ۾ سبب ڳولھڻ گهرجن، جو اڻ ڄاڻائي ٻڌمت جي روح جي خلاف آهي، پر سبب ڳولھڻ جو اهو مطلب نہ آهي تہ هر شيءِ مان روحاني پھلو ڪڍي ان کي کوکلي ماديت پسنديءَ سان ڏسجي.” ص_72
ٻڌمت روحانيت ۾ بہ يقين رکي ٿو. ان جو اندازو ان پيراگراف مان ٿي وڃي ٿو. جڏهن روحانيت، پاڻ سڃاڻڻ، دنيا سڃاڻڻ ۽ ڌيان سڀ ڪجهہ آهي تہ پوءِ تياڳ ڇو؟ دنيا کان بيزاري ڇو؟ ناول جي ليکڪہ جو منظرنگاري جو هنر ڪمال ڪري ڇڏي ٿو. ناول پڙهندي ائين محسوس ٿئي تہ اسان لداخ، ليھہ ٿڪسيءِ ۽ ٻين علائقن ۾ پھچي ويا هجون ۽ گهمي رهيا آهيون. هي سڄو ناول حسين منظرن، عڪسن ۽ رنگن سان ڀريو پيو آهي.
هڪ منظر هتي ڏيڻ کان رهي نہ ٿو سگهجي:“مٿي ٻوڌي درن جو ظاهري ڍانچو بہ ان ٽڪريءَ کان هيٺ بيٺل هيمس جي عمارت جيان قديم هو، ان جيان ئي درن ۽ درين تي پراڻي طرز جي چٽسالي ٿيل هئي. ڪمرن ۾ ساڳي چٽسالي سان فرشي نشست لاءِ ننڍڙيون ميزون رکيل هيون. هيٺ ويھي جن تي ٻڌمت جا تربيت ڪار توڙي شاگرد لکندا پڙهندا هئا. ان کان سواءِ رنگين جهنڊيون عمارت جي مختلف پاسن تي ٽنگيل ۽ ٻوڌي مالائون ماڻھن کي پاتل، اهي هيمس جون خاص نشانيون هيون. ان ڪري اهي مٿي بہ ائين ئي نظر آيون، پوءِ پتو پيو تہ اهو سمورو لداخ مزاج هو.” ص_91
سحر گل جي هن ناول تي اڳ ۾ ناول جي نانين جا مضمون اچي چڪا آهن. جن ۾ سحرگل جي ڪردار نگاريءَ جي تعريف ڪئي وئي آهي. پر منھنجو رايو ان جي برعڪس آهي. ناول جا مک ڪردار پنھنجي قول ۽ فعل ۾ تضادن سان ڀريل آهن. هن ناول جا ڏند ڪٿائي ڪردار حقيقي دنيا جي ڪردارن کان وڌيڪ متاثر ڪندڙ آهن. ليکڪہ انھن ڪردارن جي ذريعي چڱائي ۽ سٺائي جو ڦھلاءُ ڪري ٿي تہ جيئن پڙهندڙ ان کان متاثر ٿي سگهن.
جين جڏهن مينتوخ کان هي سوال ڪري ٿي: “ڇا سبب هو جو پنھنجو مذهب ڇڏي ٻڌمت ڏانھن آئين؟”
ان تي ٺھہ پھہ وراڻيائين، “سڀ کان پھرين تہ هڪ ڳالھہ واضع ڪريان تہ ٻڌمت ڪنھن بہ صورت ۾ مذهب نہ آهي، اهو هڪ فلسفو آهي، ڏاهپ آهي.”95_ص
جڏهن مينتوخ ٻڌمت کي مذهب نہ ٿي سمجهي تہ ڪٽر ٻوڌي وارو سلوڪ ڪري، ڇو وپاسنا ڪري ٿي. فلسفو آپگهات لاءِ تہ ڪڏهن نہ ٿو اڪسائي سگهي. يا وري ٻئي هنڌ مينتوخ خود جين، مائيڪل ۽ ڪبير کان سوال ڪري ٿي:
“اوهان جو ڇا خيال آهي، سقراط جي پاڻ ڄاڻڻ واري تصور جو اهو مطلب هو تہ سماج ۽ دنيا ۾ اٿئي ويٺي بنا ئي پاڻ کي ڄاڻجي؟”ص_97
جڏهن ميرا جو خيال آهي تہ سماج ۾ اٿي ويٺي بنا پاڻ نہ ٿو سڃاڻي سگهجي تہ هو لمبينو ۾ وڃي سڄي دنيا کان ڪٽجي پاڻ موت جي منھن ۾ ڏئي ڇڏي ٿي.
وري جڏهن ڪبير کانئس سوال ٿو ڪري تہ بہ جواب ۾ هو هيئن چوي ٿي:“هڪ ڀيرو وري ورجائيندس عام ٻوليءَ جي معنيٰ ۾ ڌرم نہ آهي، اهو هڪ فڪري سلسلو آهي.”
ٻوڌي دنيا فڪري سلسلو آهي تہ ان ۾ ايترا نقص ۽ مونجهارا ڇو آهن جو انسان ان ۾ هڪ بيڪار پرزو ڇو ٿو بڻجي وڃي، انسانن کان ڪٽجي پاڻ سڃاڻي، پاڻ کي بک، اڃ ڏئي پاڻ مارڻ ڪھڙو تعميري عمل ٿيو؟ اها تہ تباهي ٿي! ٻوڌي دنيا ۾ ٽي ٽي سال خاموش رهڻ ڪٿان جي انساني ڪرت ٿي اهو تہ جانورپڻو ٿي ويو. انسان ۽ جانور ۾ بنيادي فرق ڳالھائڻ جو ئي آهي.
اوشو چيو آهي: “مذهبي ماڻھو جي بڻيادي ڪمزوري اها هوندي آهي، هو ٻين کي پاڻ جھڙو بنائڻ چاهيندو آهي.” مينتوخ بہ ائين ئي ڪري ٿي.
پوسٽ ڪارڊن تي ڏاهپ ڀريا نقطا وڏي ذهانت سان ليکڪہ موقعي جي مناسبت سان ڳنڍي ڏنا آهن. اهي ناول جي فڪري سگهہ کي ويتر مضبوط ڪن ٿا. پڙهندڙ ڇرڪي حيران ڪندڙ احساسن ۾ وٺجي وڃي ٿو. چار عظيم سچ جيڪي گوتم ٻڌ ٻڌايا ۽ انھن جي حل جي لاءِ اٺ نقطا پيش ڪيا. ڇا اهوئي زندگي جو ڪل سچ آهي. يا آخري ڳجهو حل آهي. چاڪي جي ڏاند وانگر ان کان اڳتي پٺتي نہ نھارڻو آهي.
پروفيسر ساجد سومري مطابق: “ٻڌ ڌرم 3000 سال قديم آهي. عيسائيت 2018 سال قديم آهي. اسلام لڳ ڀڳ 1500 سال قديم آهي. پر سماج گهٽ ۾ گهٽ 10 کان 15 لک سال قديم آهي. سو ڪالھوڪا مذهب 3000 هزار سالن جا اربن سالن جي فطرت تي ڇا ڳالھائي سگهندا ۽ ڪھڙي ڏاهپ ڏئي سگهندا.”
ٻڌ مت انساني سماج جي ڊسڪورس ۾ ناڪام نظر اچي ٿو.
جيئن لطيف جادم کي خط لکي ٿو: “جيڪڏهن ٻڌ جي اصلوڪن ليکن کي هن جديد دور موجب تبديل ڪرڻ جي ڳالھہ ڪندين تہ پوءِ ٻڌ مت جي اصلي فڪر کان پري هليو ويندين.”ص_70
جڏهن اڻ ڄاڻائي ٻڌ جي روح جي خلاف آهي تہ دور جديد کان اڻ ڄاڻائي بہ تہ ان جي خلاف ٿي نہ! مھايانہ ٻڌ مت ۾ خدا جو تصور آهي. انھن ٻڌ کي خدا بڻائي ڇڏيو آهي. مينتوخ جيڪا هڪ فلسفي جيان بہ آهي تہ وري ان ئي مذهب جو اثر بہ مٿس گهڻو حاوي آهي.
جيئن هوءَ ڪيڏو نہ سھڻو ۽ معنيٰ خيز مڪالمو ڳالھائي ٿي: “مذهبن علمن تي قبضا ڪيا آهن.” ص_134
مينتوخ ظاهري طرح تہ پاڻ کي غير عقيدتمند چوي ٿي، پر اندر ۾ عقيدي پرست آهي. ٻڌ مت ڇو ۽ ڇا لاءِ جو دليل هن ناول جي ئي لفظن ۾ ڏيندس: “فڪري نظرين کي لاڳو ڪري سماج سڌارڻ جو خيال بھترين آهي، پر ان لاءِ عظيم عوام دوست ۽ غريب دوست سياسي ۽ سماجي نظرين کي ڇو نہ سماجن تي لاڳو ڪرڻ جي ڪوشش ڪجي؟ هروڀرون بطور مذهب اڀريل ٻڌ مت کي لاڳو ڪري سماجن جي متروڪيت مختلف واقعن ذريعي پئي پنھنجا ڀيانڪ روپ ڏيکاريندي آهي!” ص_135
ڏند ڪٿائي ڪردار اميتاڀہ ٻڌ جنھن کي گوتم ٻڌ جھڙو سمجهيو وڃي ٿو. هن ڪردار بابت وڌيڪ ناول ئي پڙهيو وڃي، باقي سندس بابت اهم ڳالھہ اهيا آهي تہ محبت جو ٻڌ سڏيو ويندڙ اميتاڀه ٻڌ انسانن ۾ شعور ۽ روشن خيالي پيدا ڪندڙ سمجهيو وڃي ٿو. ٿچ ڪوانگ بہ هن ناول جو مضبوط ۽ ڪميٽيڊ ڪردار آهي. جنھن تي مختصر راءِ ضرور رکبي. تاشي ۽ خوان لي ساڌوئن جا ڪردار بہ پنھنجو اثر ڇڏين ٿا. لائق ليکڪہ ناول ۾ ٻڌ مت جا ٻہ پاسا کڻي آئي آهي ۽ سڄي ناول ۾ فڪري ڳالھہ ٻولھہ ڪنھن بہ موضوع جي تھہ تائين لھي وئي آهي. هتي ٻڌ مت جي اپٽار تمام گهيري ڪئي وئي آهي.
ناول جي هڪ ڪردار جي سوچ:“نظريو يا فلسفو کڻي ڪھڙو بہ هجي، ويندي عقيدو ڇو نہ هجي، ان کي لازمي طور عمل جي ميدان ۾ آڻجي تہ مٿيئن اها پرک ٿئي تہ اهو تصور سماج ۾ هلڻ جي قابل آهي، اهو سماج کي اڳتي وٺي ٿو وڃي، يا پوئتي ٿو ڌڪي؟” ص_160
هن وقت دنيا ۾ 200 ملين ٻوڌي آهن. مسلمان 500 ملين ۽ هڪ بلين کان وڌيڪ عيسائي آهن. ان مان ائين لڳي ٿو تہ ٻڌ، حضرت عيسيٰ ۽ حضرت محمد صلعم جي ڀيٽ ۾ گهٽ ماڻھن کي متاثر ڪيو. هندوستان ۾ ٻڌ مت جي ناڪام ٿيڻ جا سبب اهي بہ آهن. هندوئن ڪيترائي اصول اپنائي انھن کي پنھنجو ڪري ڇڏيو. چيني جو هڪ وڏو تعداد پاڻ کي ٻڌ جو پيروڪار نہ ٿو چوائي پر ان جي فڪر کان متاثر آهي.
اسلام ۽ عيسائيت جي ڀيٽ ۾ ٻڌ مت وڌيڪ امن پسند مذهب/فڪر آهي. عيسائيت، جي يورپ ۾ جنگيون وڙهيون ۽ اسلام ۾ جيڪي جهيڙا ٿيا انھن جي ڀيٽ ۾ ٻوڌي وڌيڪ امن وارو اثر رکندڙ نظر اچن ٿا. پر جيئن حضرت عيسيٰ، يا حضور سائين جي فڪر ۾ غلط رسم رواجن کي وجهي، فڪري طور الڳ الڳ ڌارائون جوڙيون ويو آهن. اهڙو ئي چڪر هن ٻوڌين بہ گوتم ٻڌ جي فڪر سان ڪيو آهي. اهي پاڻ ۾ سخت اختلاف بہ رکندڙ آهن. ٻوڌي نرواڻ جي آڙ ۾ انسان کي نڪمو ۽ ناڪارہ بڻائي ڇڏين ٿا.
ڪنھن دانشور جو چوڻ آهي تہ؛ “موت فلسفي جي تخليق ڪئي آهي.”
موت سان منھن مقابل ٿيڻ ڪري انسان جون فڪري صلاحيتون جاڳن ٿيون. موت کي لاحق سمجهي ۽ ان تي سوچي زندگي بابت ڪو ناڪاري نظريو تہ نہ ٿو جوڙي سگهجي، جيئن ٻڌ، شوپنھار جوڙيو هو. ليکڪہ لکي ٿي: “مون ڀاسيو تہ ٻڌ مت جو جوهر ۾ ارتڪاز وارو فلسفو دراصل انساني جيون جو فلسفو آهي. پنھنجي چوڌاري مادي توڙي خيالي لقائن کي ارتڪاز سان سمجهڻ کان سواءِ ماڻھوءَ جو انسان بڻجڻ ممڪن نہ هو.” ص_164
آءٌ ان جيون جي فلسفي کي ڪل ۽ آخري فلسفو نہ سمجهندي رد ڪريان ٿو. ڪردار نگاري مختلف قسمن جي ٿيندي آهي. هڪ تہ ناول نگار خود ڪردارن جي جذبن ۽ احساسن کي بيان ڪري! ٻيو ناول جا ڪردار خود پنھنجن جذبن جا ترجمان بڻجن. ليکڪہ ناول ۾ ٻنھن قسمن جي ڪردار نگاري کي چٽيو آهي. ڪبير ۽ مينتوخ جي فڪري مناظري ۽ جذباتي اٿل پٿل ۾ پاٺڪ گهڻو مستفيد ٿيو پوي ۽ من مگن ٿي وڃي ٿو.
جڏهن ڪيبر مينتوخ کان پڇي ٿو تہ “درد ڇا آهي؟” ليکڪہ درد لفظ استعمال ڪيو آهي. مينتوخ ڪيڏي نہ اندر ۾ کپي ويندڙ ڳالھہ ڪئي آهي: “فقط احساس ۾ آهي، ٻاهر احساس جو لينس. اندر جو پيالو خالي ڪري پوءِ ڏسجي تہ ڪٿي آهي درد؟ درد کوٽ جي احساس ۾ آهي، اهو احساس ڪٿان آيو؟ انسان هر قسم جي درد کي پنھنجي زير ڪري ان کي تسخير ڪري سگهي ٿو.” ص_167
جين مت ۾ آواگون جو نظريو انھن جو بنيادي اصول آهي. ان نظريي مطابق: “انسان جي ڪمن جا نتيجا ان جي مستقل جي جوڻ تي اثرانداز ٿيندا آهن.”
وري هي ڳالھہ بہ سوچن ۾ وجهيو ڇڏي تہ جين مت ۾ سخت بک ڪٽي پاڻ کي مارڻ بہ قابل تعريف عمل سمجهيو وڃي ٿو. نرواڻ ۽ آواگون ڪو خاص فرق نظر نہ ٿو اچي. مھاوير چوي ٿو نفسي خواهشون ختم ڪيو. ائين ئي گوتم بہ چوي ٿو. جين مت ۾ خدا جي تصور بابت مھاوير ڪجهہ نہ چيو آهي. هي بہ عدم تشدد جا حامي آهن. هندوستان کي هن فڪر بہ متاثر ڪيو. ساڳيون ڳالھيون ٻڌ ۽ ٻوڌي بہ ڪن ٿا.
جين مت يا ٻڌ مت جي ڪيترن ئي عقيدن سان معاشري جي بنيادي بيهڪ تباھہ ٿي وڃي ٿي. انساني حيات جي هي سڄي ڪارگذاري ساڃھہ جي ڪري آهي. آواگون يا نرواڻ _ ڏاهي ٿيڻ ۽ سور جي خبر هجڻ کان پوءِ ڪجهہ بچي نہ ٿو! سوال اهو بہ آهي تہ انسان جي ڏاهي ٿيڻ کان پوءِ ڇاهي؟ آءُ تہ چوندس مايوسي! ان ڪري ئي وپاسنا ۽ بک ۾ مرڻ کي ترجيح ڏني وڃي ٿي. اهڙي نرواڻ جو ڪھڙو فائدو؟ نرواڻ ڪري زندگي جو رومانس ٽٽي پوي ٿو. رومانوي احساسن بنا جيئڻ فضول ٿي وڃي ٿو.
گهڻ نفسياتي ماهرن جو چوڻ آهي تہ “رومانويت مان نڪرڻ هڪ قسم جي بيماري آهي. نرواڻ ڊپريشن جو نالو آهي. جنھن زندگي کان فراريت اختيار ڪري Meta Physics سوالن تي سوچيو وڃي ٿو. دنيا ۾ ٽي سو ڌرم آهن. سڀئي چون ٿا اسان وٽ اچو تہ اسان وٽ نجات آهي ان باوجود بہ دنيا جي حالت سڌرڻ بجاءِ بگڙجندي پئي وڃي. ڌرم اميرن جو وندر آهن. غريبن جا ڌرم ٻيا آهن. هي ڌرم بہ اميرن جو آهي. هن ڌرم ۾ غريب لاءِ ڪا ڪشش نہ آهي.
ليکڪہ منظرڪشي زندگي سان ڀرپور ڪئي آهي! ناول ۾ مختصر لفظن ۾ حسين منظر:“شي ۾ هڪ مقدس مڇيون نالي ڍنڍ هئي. جنھن جي چوڌاري وسندي کي چراگاهي علائقو پئي سڏيو ويو. شي وٽان مٿاهينءَ کان بہ ان ڍنڍ ۾ آڙيون ترندي نظر پئي آيون.” ص_180

هن ناول ۾ جيڪا وڌ ۾ وڌ بحث طلب ڳالھہ آهي اها ناري تياڳ واري رسم يا عقيدو آهي. ناري تياڳ تہ پري، پر ناري کي ڇھڻ سان بہ گناھہ تصور ڪيو وڃي ٿو. هن نقطي تي ناول ۾ گهڻو بحث آهي.
هن ناول جو ئي هڪ مڪالمو آهي: “مون ان تي سوچيو تہ آخر ڇا ناريءَ ۽ مرد جي هڪ ٻئي کان ڏوري سان ڪنھن فرد جو ٻڌ مت مڪمل ٿيندو؟” 186_ص
ڪنوارپ کي روحانيت سان سلھاڙڻ هڪ عجيب منتق آهي. اهو سڀ مھاوير ۽ گوتم ٻڌ اچي ڪيو. ان کان اڳ اهڙو ڪو بہ مثال هن خطي ۾ نہ ٿو ملي. اهي ويدن يا اپشندن جا خالق هجن يا شارح! مھاوير ۽ ٻڌ پوءِ هن خطي ۾ جنسيت کي ختم ڪرڻ ۽ ناري تياڳ جي بيمار ۽ سماج دشمن روايت جا بنياد وجهندڙ هئا. جنس کي دٻائي ڪري انسان ڪھڙو ذهني سڪون حاصل ڪندو يا Stress گهٽائيندو. اهوئي سبب آهي تہ ڪبير جادم ۽ مينتوخ بن بن ڀٽڪندا رهن ٿا. پر سڪون هن جي حصي ۾ نہ ٿو اچي. توڙي جو جادم ۽ ميرا کي پنھنجو زبردست گهر آهي ڪار آهي ۽ ڪبير تہ آهي ئي جاگيردار گهراڻي جو!
شوَ مراقبي جا 112 طريقا لکيا هئا. اهي ذهني دٻاءَ گهٽائڻ جي سائنس آهن. ميلاپ بہ تہ مراقبو آهي. جنھن ۾ سڀ دٻاءُ، پريشانيون مڪمل ڇڻي وڃن ٿيون، سڪون نصيب ٿئي ٿو. اوشو پنھنجي ليڪچرن ۾ مراقبو لفظ 25 هزار ڀيرا ڪم آندو آهي ۽ محبت 42هزار ڀيرا استعمال ڪيو آهي. اوشو مراقبو ۽ محبت جي انيڪ سارن مفھومن کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. پر اها ٻڌ واري مراقبي واري نہ آهي جو انسان پاڻ وساري ختم ڪري ڇڏي. مراقبو هڪ قسم جي سائيڪو ٿراپي آهي. مراقبو سنڌي سائنس آهي. اولھہ سائيڪو ٿراپي ٺاهي ۽ اوڀر اڳ مراقبو ايجاد ڪيو.
ٻڌ مت تہ محبت جي خلاف آهي. ٻن محبت ڪندڙن کي ٻڌ مت پاپ سمجهي ٿو. ائين ئي سڀ مذهب بہ اها ئي پرچار ڪن ٿا. ٻڌ مت بہ ٻين مذهبن جي ئي تقليد ڪري ٿو. جيئن هن ناول جا ڪردار جادم، ميرا، ڪبير، لطيف ۽ ان جي آمريڪي محبوبہ انھن سڀني جي عشق جي وچ ۾ ٻڌ مت اچي وڃي ٿو. اهي هڪ ٻئي کي ان لاءِ ڇڏي ڏين ٿا تہ ان سان انھن جي سچي ٻوڌي هجڻ تي الزام اچي ٿو. ان لحاظ کان هن ناول ۾ هڪ وڏو بھترين گفتگو موجود آهي. پر اهو ڪنھن نتيجي تي نہ ٿو پڄي پر اهو ئي ٻڌ مت ۾ ناري تياڳ هجڻ گهرجي! منھنجي خيال ۾ ناري تياڳ سان شايد ٻوڌي هن ڌرتيءَ تي ڄم روڪ ڪرڻ چاهين ٿا شايد!؟ باقي ٻيو تہ ان جو فائدو ڪونھي، اها هڪ غير انساني رواج لڳي ٿو.
ناول ۾ ٻوڌين جو سياست سان هجڻ، سنڌ، ويٽنام ۽ آمريڪا جون پاليسيون، جيئڻ ۽ مرڻ، سياسي سماجي معاملا، ٻڌ مت ۾ شادي، ڏند ڪٿائي ڪردار ايوالڪٽشوارا، ٻوڌي جهرڪي، چنڊول جيڪو مختلف ٻوليون ڳالھائي ٿو. ويٽنامي سياسي پس منظر، ساڌو ٿچ ڪوانگ جو Suicide Protest اهم ترين ۽ معلوماتي آهن. ٿچ جو ڪردار پاڻ ارپڻ وارو جذبو ڏاڍي پيڙا ۾ وجهي ڇڏي ٿو ۽ پڙهندڙ اداسي جي آسمان هيٺ اچي وڃي ٿو.
مزي جي ڳالھہ تہ ڪبير ۽ مينتوخ جتي بہ پھچن ٿا تہ اتي ڪو نہ ڪو ميلو يا ڪورس شروع ٿيڻ وارو هجي ٿو. ٻنھي ڪو بہ ايونٽ رهجي نہ ٿو. سڀ مڪمل لڳي ٿو عجيب آهي نہ! ٻوڌين جي لاءِ هر وقت جيڪو کاڌو تيار هجي ٿو ان جو ڪو خاص اشارو نہ ڏنل آهي تہ ان جي لاءِ ڪير چندو ڏئي ٿو جو هزارين ساڌو آرام سان بروقت کاڌو کائن ٿا. اسلام يا عيسائيت ۾ جئين ڪورس ٿين ٿا ۽ ڪورس پورو ڪندڙ کي عالم، مفتي سڏيو وڃي ٿو. ائين ٻوڌي بہ ڪورس ڪرائين ٿا. ضرور انھن تربيتي ڪورسن جا ڪا في هوندي. اهي مفت ۾ تہ نہ هوندا. جيڪي ڪو غريب غربو تہ نہ ڪري سگهندو. ڪيبر ۽ مينتوخ بہ هر وقت ڪرايي جي ڪمرن ۾ رهن ٿا.
نچيئرن شوشو ٻڌ مت جو هڪ فرقو آهي. ڪي محقق نچيئرن کي ٻڌ مت ۾ وڏين تبديلين آڻڻ جي ڪري مليٽنٽ پيغمبر بہ سڏيندا آهن. مينتوخ ۽ ڪبير جو پيار منجهيل آهي. ٻنھي ڪردارن جو Vision چٽو ناهي. ڪيبر ڪنھن ٻوڌي رسم تي ٽوڪ ڪري ٿو تہ مينتوخ سھي وڃي ٿي پر اتي ئي وري ڪبير کي ڇڏي ٻوڌي راھہ تي هلي پوي ٿي ۽ اتي وري لکي ٿي: “(توکان ۽ تنھنجي پيار کان پري وڃڻ ڪيڏو نہ ڏکيو آهي ڪبير!) ص_492
لطيف جو ايمان جي عشق کي لت هڻي عقيدي کي اوليت ڏيڻ بہ غير اخلاقي عمل لڳي ٿو. تارا ديوي جھڙا ڪردار ٻين مذهبن ۾ ڪنھن قدرگهٽ آهن جيڪي صنفي برابري جي جنگ وڙهن ٿا. محبت کي غلط چوڻ سڄي دنيا جو روايتي ڌنڌو آهي. ٻڌ مت يا ٻوڌي جي نظر ۾ بہ محبت پاپ آهي! محبت، شادي، جسماني تعلق ٻوڌي راھہ ۾ رنڊڪون آهن. محبت ۽ مذهب هڪ ٻئي جا دشمن آهن. دنيا جو هر مذهب محبت ۽ هن دنيا کي رد ڪري ٿو ۽ ٻوڌين جو بہ اهوئي نقطہ نظر آهي.
جئين هن پيراگراف ۾ آهي:“اهو ٻڌي هوءِ ڪيتري دير تائين اداس رهي. ڏاڍي ارمان مان چيو هئائين: “جادم بلڪل صحيح ڪيو هو، ڪبير. ٿيڻ تہ ائين ڪري گهرجي هر سچي ٻوڌيءَ کي. هن جو تياڳ غلطي نہ هئي جي هو ٻوڌ_ستو ئي پنڌ تي هو ته... پوءِ هو واپس ڇو موٽيو، هن خواهش جي غير جٽادار دنيا ڏانھن؟ هو مايا جي موھہ پٺيان ڇو هلڻ لڳو، اوچتو، صحيح رستي تي هلندي هلندي؟” ص_553

مينتوخ جيڪا پھريان منتقي، روشن خيال ۽ گھري سوچ رکندڙ لڳي ٿي پر اوچتو هوءَ ڪٽر ۽ عقيدي پرست ٻوڌياڻي ٿي ڪبير کي غير معقول دليل ڏئي پنھنجي عقيدي کي سھي ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿي. ڪبير جو عشق ۽ محبت بہ آخر ۾ منجهيل منجهيل لڳي ٿي. ڪڏهن هو ان کي ديوي ڪري پوڄڻ چاهي ٿو تہ ڪڏهن ڪيئن؟ سندس من ۾ چٽو ناهي تہ اها رسم هن کي ديوي ٿي بڻائي يا موت جي منھن ۾ ٿي وجهي!
هونئن تہ هي ناول گهڻائي نقطا نروار ڪري ٿو پر هي ٻہ جملا ڄڻ هن ناول جو تت آهن:
“ٻڌ مت کي عشق ۽ عقل ٻئي ساڻ کڻي هلڻا پوندا تہ جيئن ٻوڌي سختيءَ جي نتيجي ۾ سماج ۽ انسان ماڻين وڃائين نہ!” ص_ 576

سحر گل جو هي ناول ٻڌ مت تي تنقيد آهي. جنھن ۾ هن ٻوڌين جي ريتن رسمن ۽ عقيدن جي اکيل ڪئي آهي. ٻوڌين جي نفسيات کان هي ناول ٻاهر نہ ٿو نڪري. ٻوڌي نفسيات ناڪارہ ذهنن ٺاهڻ جي نرسري آهي. روبوٽي ماڻھو ٺاهي ڪھڙو سجاڳ سماج اڏي سگهجي ٿو. حد کان وڌيڪ تحقيقي مواد ناول جي رس چس کي ڌڪي بيزار ڪري وجهي ٿو. باقي ناول جي ٻولي ۽ فڪري گفتگو شاهڪار آهي.

اختر حفيظ جي ناول ”ڪووڊ_19“ تي تنقيد

ڪووڊ ـــــ19 ناول تي ڪافي تبصرا منھنجي نظر مان گذريا. جن ۾ رڳو اهو ئي زور هو تہ هيءُ ’وبائي ادب‘ ۽ ’وبا جي موضوع‘ تي لکيل پھريون سنڌي ناول آهي. جڏهن تہ ان ناول جي نالي منجهان ئي ظاهر آهي تہ هيءُ ڪووڊ وبا جي موضوع تي لکيل ناول آهي.
مون جڏهن هيءُ ناول پڙهڻ شروع ڪيو تہ ڀانيم، جيڪو ناول نويس دوست گهڻ پڙهيو، سٺو صحافي ۽ نقاد طور مون وٽ سڃاڻپ رکندڙ آهي ۽ سنڌي ناول جي فني ۽ فڪري پاسن جي هر گهٽ گهيڙ کان واقف آهي، ان جو ناول تہ مڪمل شهپارو هوندو! ۽ پڙهڻ ۾ لطف ايندو! پر افسوس! ناول ان معاملي ۾ مڪمل مايوس ڪيو.

ناول جي ٽيڪنڪ بابت:
هي هڪ تجرباتي ناول آهي. جيڪو شارٽ سائيڪل اسٽوري جي ٽيڪنڪ تي لکيو ويو آهي. ڪجهہ اسڪالر ان کي سلسليوار ناول سڏين ٿا. ٻيا وري ان کي Composite Novel يا Fix up Novel سڏين ٿا. ڪي وري اهو دليل ڏين ٿا تہ Short Story Cycle هر هڪ ڪھاڻي کي الڳ هجڻ گهرجي. جڏهن تہ ٻيا وري چون ٿا تہ ان جي حصن کي هڪ ٻئي تي منحصر هجڻ کپي. هن ٽيڪنڪ جا تجربا سائنس فڪشن ۾ بہ ڪيا ويا آهن. سنڌي ۾ هي تجربو ڪيترو ڪامياب ويندو يا ليکڪ ڪيتري قدر لکڻ ۾ ڪامياب ويو آهي. ان تي ڳالھہ ٻولھہ ڪيون ٿا.
ناول ٻن حصن ۾ آهي. حصي پھرين ۾ چائنا جو پس منظر آهي، جنھن ۾ 11 ننڍا باب آهن. حصي ٻيئن ۾ سنڌ جو ماحول ڏيکاريل آهي. جنھن ۾ 19 ننڍا باب آهن.

ناول جي ٻولي:
هي ناول ٻوليءَ جي لحاظ کان تمام گهڻو ڪمزور ۽ غير معياري آهي. ليکڪ جي ٻوليءَ تي اردو ۽ انگريزيءَ جو گھرو اثر آهي. جنھن سان اڪثر جملا اردو انداز ۽ ترجمي جو ڏيک ڏين ٿا. هن کي اها بہ خبر ناهي تہ عام استعمال ۾ ايندڙ لفظن جا سنڌي لفظ ڪھڙا آهن. اهي لفظ ضمير متڪلم ۾ لکيل آهن. اڃا جي ڪردار ڳالھائن تہ بہ ڪم هلي ويندو پر ليکڪ خود لکي پيو.
Language Extinction and Death: when the speaker/Writer of the language uses the words from other languages in their native language.
مٿيئن اصطلاح موجب ٻولي مرندي آهي ۽ تخليق ڪار جو ڪم ٻولي بچائڻ آهي.

ناول جا ڪردار:
ڊاڪٽر وويانگ جيڪو هن ناول جو مک ڪردارن منجهان آهي. ناول جي شروعات هن ڪردار سان ٿئي ٿي. ليکڪ جو هي ڪردار اڌورو ۽ متضاد لڳي ٿو، ائين لڳي ٿو ليکڪ هن تي ڪو ڌيان يا محنت نہ ڪئي آهي. هڪڙو تضاد، ڊاڪٽر وويانگ جي لاءِ ليکڪ لکي ٿو تہ هو ميڊيڪل سائنس تي تحقيق ڪندڙ آهي. اڳتي هلي چوي ٿو تہ ڊاڪٽر وويانگ سيڪس ڊالز تي تحقيق ڪندڙ آهي ۽ ان تي وڏو مقالو لکيو اٿس. پھرين ڳالھہ تہ سيڪس ڊالز مشين ۽ روبوٽ آهن تہ ميڊيڪل تحقيق ڪئين ٿي؟ ٻئي ڳالھہ تہ سڪيس ڊالز کي ميسر ڪرڻ ميڊيڪل نہ پر سماجي معاملو آهي. هي سوشل سائنس جو موضوع آهي نہ ڪي ميڊيڪل سائنس جو.
ٻيو تضاد، ڊاڪٽر وويانگ جي پريميڪا ساشي جيڪا ڊاڪٽر کي جهجهو وقت ڏئي ٿي، پرڀائي ٿي ۽ هن جي جنسي عمل لاءِ اڀارڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪري ٿي. پوءِ بہ ڊاڪٽر مطئمن نہ ٿو ٿئي. پر ڊاڪٽر سڪس ڊال کي ڏسي هرکي ٿو پوي. هڪ انساني جذبا رکندڙ نازڪ صنف هن کي ان لاءِ ڇڏي وڃي ٿي تہ هن ۾ گرمي جوشي ناهي. پر اهوئي ڊاڪٽر هڪ مشيني گڏي کي ڏسي ٿو تہ ليکڪ چوي ٿو: “من ۾ نون امنگن جنم ورتو.”
ٽيون تضاد هن باب ۾ اهو آهي تہ وبا جي نشاندهي اڃا ٿي ئي ناهي تہ ان کي ڪرونا ڪرونا جو نانءُ ڏنو وڃي ٿو. ها ان وائرس جو شڪ تہ ظاهر ڪري سگهجي ٿو ۽ چڪاس جو انتظار ڪئي بنا ڊاڪٽر ڪرونا جي اڳڪٿي تہ ڪري سگهي ٿو نتيجو نہ ٿو ڏئي سگهي ۽ رپورٽ بعد اعلان ڪري سگهبو تہ هي جيڪا وبا پکڙجي رهي آهي اها ڪرونا آهي. پر ليکڪ ائين بيان ڪري ٿو تہ ڄڻ ڊاڪٽر وويانگ کي اڳ ۾ ئي خبر هجي.
موچائو جي ڪردار بابت اهو تضاد آهي تہ روحانيت ۾ بہ يقين رکي ٿو تہ مادي پرست بہ آهي. ليکڪ ان کي صاف ڪري نہ بيان ڪيو آهي.
سجاد جو ڪردار جنسي ويڳاڻپ يا بک جو شڪار آهي. توڻي جو هو شادي شده بہ آهي، اهڙي قسم جي پورنوگرافي اڪثر سنڌي ناولن جو حصو آهي. جيڪو هڪ تعميري ڪردار نہ ٿو چئي سگهجي جنھن کان متاثر ٿجي.
اسٽيفني جو ڪردار بہ واضح ناهي! ليکڪ جا ڪردار تڪڙا تڪڙا اچن ٿا گم ٿي وڃن ٿا. ناول ۾ ڪردار جي چٽائي ضروري هوندي آهي. هوءَ نرس آهي تہ ان کي Pandemic حالتن بابت ڪي منظر ڳالھرائڻ گهرجن ها پر هوءَ صرف سجاد جي بستر گرم ڪري ٿي ۽ ٻيو ڪو ڪم نہ ڏيکاريو ويو آهي. سجاد بہ جنسي فرسٽريشن جو شڪار آهي ۽ هن جون اکيون هن جي ڇاتي ۾ آهن. ياسيمن جيڪا سجاد جي گهر واري آهي. ان جو ڪردار بہ ڌنڌلو آهي. حاجي عثمان جو ڪردار بہ منفي ۽ بي ايمان آهي. جيڪو مذهبي هوندي بہ ٺڳي ڪري ٿو. ليکڪ هن ڪردار کي صحيح نموني چٽيو آهي. ڇو تہ ملان اهڙا بيڪار هوندا آهن.

I- ڊاڪٽر ويانگ جو ڪمرو:
سنڌي ناولن جي رومانٽڪ هجڻ تي ڪجهہ ليکڪن ۽ تجزيي نگارن کي وڏو اعتراض رهيو آهي. پر هن ناول جي پھرين باب ۾ ئي ليکڪ Sex Dolls جي اشتھاري مھم ڪرڻ شروع ڪري ڏئي ٿو ۽ اهو Sex Dolls جي خوبين ۽ آسائشن جي پرچار گهڻي ڊگهي ٿي وڃي ٿي، پڙهندي ائين محسوس ٿئي ٿو تہ ليکڪ Sex Dolls جي ڪنھن ڪمپني جو نمائيندو هجي يا ان کان پئسا ورتا هجنس. خبر نٿي پوي تہ ليکڪ ڪھڙو اسڪول آف ٿاٽ ڏيڻ چاهيو آهي يا ڪھڙي فڪر کي پڙهندڙ تائين پھچائڻ ٿو چاهي!

بابII- موچائو جو اپارٽمينٽ:
جديد ناول Myth جي چادر پائي يا ان جي اوٽ وٺي اچي پيو. ڪيترين ئي ڏند ڪٿائن کي ناول نگار پنھنجي ناولن ۾ سمائڻ لڳا آهن ۽ نئين سر بيان ڪرڻ لڳا آهن. هن باب ۾ ليکڪ Myth جو سھارو وٺندي باب جي ڀرائي ڪئي آهي. موچائو جي باري ۾ اهو واضح نہ ڪيو ويو آهي تہ هو ڪھڙي جاءِ تي ويو جتي هن کي وائرس لڳي ويو. بس اهو ڏيکاريل آهي تہ موچائو پنھنجي پٽ لي چؤ سان اپارٽمينٽ ۾ رهي ٿو. ناول نگار کي کيس ۽ سندس جي استعمال جي خبر نہ آهي، جيئن لکي ٿو؛ (سندس پيءُ کيس). هن باب ۾ اردو طرز جا جملا ۽ انگريزيءَ جي لفظن جي ڀرمار آهي. ناول نگار کي شيون، واقعا ۽ ڳالھيون چٽيون رکڻ گهرجن؛ جيئن پڙهندڙ منجهي نہ!

III _ فنگ مي يا جو گهر:
هن باب ۾ فنگ مي يا جي ڪھاڻي آهي، جنھن کي وائرس لڳي ٿو ۽ ان جا سبب ٻڌايل ناهن تہ کيس ڇو وائرس لڳي ٿو. فنگ مي يا نوڪري جو مدو پورو ڪري گهر ۾ رهندڙ آهي، هن باب ۾ پروف جون غلطيون آهن جيڪي ايڊيٽ ڪرڻ کپنديون هيون.

IV وويانگ جو ڪمرو:
هن باب ۾ ڊاڪٽر وويانگ گرفتار ڪيو وڃي ٿو. ڇو تہ هو وائرس بابت اڳڪٿي يا نشاندهي ڪري ٿو. توڙي جو چين ۾ مذهب آهن پر چين سائنسي سوچ رکندڙ ڪميونسٽ رياست آهي. الائي ڇو انتظاميه ڊاڪٽر جي ڳالھہ کي ليکي ۾ نہ ٿي آڻي ۽ ٻڌي ٿي ڇڏي. ليکڪ “ئي” جو استعمال ايڏو ڪري ٿو جو هر هڪ جملي ۾ ئي ٿو لکي. تقريبن سڄي ناول ۾ ان جي ايڊيٽنگ ٿيڻ گهرجي ها. “ئي” حرف تفسير آهي، جيڪو اسم، فعل، ضمير جي خبر جو تفسير ڏيکاريندڙ آهي. مثال: 1. اسم جي خبر: “هوش ئي ٻڌايو آهي. سلام ئي سھڻو آهي.” 2. فعل جي خبر: مون چيو ئي ناهي؛ ڪمپيوٽر هلايو ئي مس تہ بجلي هلي وئي؛ 3. هو آيو ئي نہ.”

V _سٽي اسپتال ووهان:
هن باب جي شروعات ۾ هڪ ڳالھہ منجهائي وجهي ٿي تہ فنگ مي يان ۽ موچائو کي ڪرونا وائرس رپورٽ ۾ اچي ٿو پوءِ بہ وويانگ انھن کي نمونيا جو چئي داخل ڪري ٿو. بعد ۾ ماڻھن ۾ وچڙندڙ وائرس جو منظر نامو آهي. ٻيو تہ پوري ناول ۾ ڪرونا لفظ ڪورونا لکيو ويو آهي. جيڪو ڪرونا تي ناول لکي ٿو ان کي ڪرونا لکڻ بہ نہ ٿو اچي. جيئن کهڙو ٿيندو کهوڙو نہ ٿيندو ائين ڪرونا ٿيندو ڪورونا نہ ٿيندو. ليکڪ کي لفظن جي مذڪر مؤنث جي خبر ناهي تہ موبائيل کنيي ٿيندو موبائيل کنيو نہ ٿيندو، اهڙا ڪيترائي نقص آهن.

VI_ موچائو جو اپارٽمنٽ:
وائرس جي ڦھلجڻ ڪري ليکڪ اڳئين باب ۾ اهو چوي ٿو تہ ماڻھن کي اچ وڃ کان روڪيو ويو آهي، هر شيءِ بند ڪئي وئي هئي پر هن باب ۾ ليکڪ لکي ٿو : “هن ڪمري جي دريءَ جو پردو هٽائي ٻاهر ڏٺو تہ ماڻھو گاڏين ۾ سوار ٿي وڃي رهيا هئا.”ص_33
ليکڪ اهو نہ ٿو ٻڌائي تہ ڪھڙا ماڻھو ڪاڏي وڃي رهيا هئا. جڏهن تہ لاڪ ڊائون آهي. وري صفحي 34 تي لکي ٿو: “هن کي وري پنھنجي اپارٽمينٽ جي فرش تي تڪڙ ين وکن سان حرڪت ڪندڙ پيرن جا آواز ٻڌڻ ۾ آيا.”

VII فنگ مي يان جو گهر:
ڊاڪٽر وويانگ وبائي حالتن ۾ سو بہ وچڙندڙ وبا ۾ پنھنجي مسيحي پيشي سان لاڳاپيل آهي. اها ڳالھہ ليکڪ جي ڏاڍي هاڪاري ڏيکاريل آهي. هي باب سوا صفحي جو آهي پر ان ۾ “ته” حرف جملي جو بيجا استعمال ليکڪ جي مھارت جي کوٽ ۽ معيار کي ڌڪي ٿو.

VIII موچائو جو اپارٽمينٽ:
هي ناول پڙهندي ائين محسوس ٿئي ٿو تہ ليکڪ انگريزي جو وڏو ماهر آهي. ڇو تہ هي ڄڻ سنڌي اسڪرپٽ ۾ لکيل انگريزي ناول لڳي ٿو. پر ليکڪ کي اها بہ خبر ناهي تہ پيمپر ۽ Diaper ۾ ڪھڙو فرق آهي؟ پيمپر ڊائيپر ڪمپني جو نالو آهي. هن باب ۾ ليکڪ احساسن کي سٺو اڀارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.

IX سٽي اسپتال:
هي باب ڏيڍ صفحي جو آهي ۽ ان ۾ جيڪڏهن سنڌي لفظ ڳڻيون تہ ٿورا، انگريزي گهڻا، پروف جون چڪون ۽ گرامر جو سھي استعمال ڪونھي، فنگ مي يان مري وڃي ٿو ۽ منظر نامو ڳڻتي جوڳو ٿي وڃي ٿو.

X موچائو جو اپارٽمينٽ:
هن باب ۾ ليکڪ لي چؤ جي بدحالي ۽ بيوسيءَ جي سٺي منظرڪشي ڪئي آهي، پر ليکڪ جي ٻوليءَ ۾ دم ناهي، ان ۾ تخليقي هنر ناهي.

XI سٽي اسپتال:
هن باب ۾ ليکڪ کي “لي شائو” کي بہ وائرس جي ڪري ماري ڇڏي ٿو. واري واري سان سڀ ڪردار مرندا ٿا وڃن. پر هو ڪنھن بہ هڪ مريض کي احتياط ڪري صحت مند ۽ خوش ٿيندي نہ ٿو ڏيکاري. آئون ڪا هدايت نہ پيو ڏيان تہ ليکڪ هيئن لکي ها پر ليکڪن کي شين جا ڪي هاڪاري ۽ سنئين دڳ لائيندڙ پاسا بہ آڻڻ کپن.

هن سڄي پھرين ڀاڱي ۾ سڀ ڪرونا مريض مري وڃن ٿا. هي حصو رپورٽ واري اسلوب ۾ لکيل لڳي ٿو ڇو تہ ليکڪ صحافي آهي. فڪشن جو چس گهٽ ملي ٿو. تشبيھون استعارا بنھہ گهٽ آهن. لکڻي ۾ گهرائي جي کوٽ بہ ڏاڍي محسوس ٿئي ٿي.
ٻيو حصو هن ناول جي ڏينھن واري عنوان سان باب آهن.

ڏينھن پھريون:
پھرين ڏينھن تي حڪومتي عملدار پريس کي تفصيل ڏئي وائرس جي ڪري لاڪ ڊائون ڪيو ويو آهي اهو ٻڌايو وڃي ٿو. مرڪزي حڪومت ۽ صوبائي حڪومت جي ڇڪتاڻ جو هلڪو اشارو آهي جنھن تي ڳالھايو وڃي ها. ٻيئن حصي ۾ سنڌ جو ماحول آهي، ڪردار بہ سنڌ جا ظھور پذير ٿين ٿا.

ڏينھن ٻيو:
هن باب ۾ سجاد نالي ڪردار نروار ٿئي ٿو. جيڪو چين ۾ پڙهي ٿو پر وائرس جي ڦھلجڻ ڪري سنڌ واپس اچي ٿو.
هو لکي ٿو: “هو چين جي شھر بيجنگ جي بيجنگ سٽي يونيورسٽي ۾ پي ايڇ ڊي اسڪالر هو.” ص_51
بيجنگ دنيا ۾ ڪو ٻيو بہ آهي ڇا؟ جو ليکڪ چين جو شھر بيجنگ لکيو آهي. جڏهن بيجنگ ٿي ويو تہ شھر جو اسم ڇو استعمال ڪيو ويو آهي. اهڙيون کوڙ غلطيون هن باب جو حصو آهن. جن کي هتي پيش ڪرڻ سان اڀياس طويل ٿي ويندو.
هتي ليکڪ جي نئين پرچار ۽ اشتھار شروع ٿي وڃن ٿا. مساج پارلر، ڪال گرلز ۽ سيڪس ورڪر جي معيار ۽ بھتري کي بيان ڪيو ويو آهي. ليکڪ جي ڪردار سجاد کي وڏا پستان وڻن ٿا.
“اٺ مھينا اڳ هو ۽ اسٽيفني هڪ بار ۾ مليا هئا، اها بار يونگڊنگ نديءَ جي ڀرسان هئي. (بار سنڌي ۾ مذڪر آهي تہ هو ٿيندو.) ائين تہ هو ڪيترن ئي مساج پالرن جا چڪر هڻي چڪو هو ۽ ٻہ ٽي ڀيرا ڪال گرلز سان پڻ راتيون رنگين ڪري چڪو هو پر هو سدائين وڏين ڇاتين ۽ موڪري ٻنڍڻن وارين ڇوڪرين بابت سوچيندو هو. چين جون ورلي ڪي اهڙيون ڇوڪريون هيون، جيڪي سندس ان ڪسوٽيءَ تي پوريون ٿي لٿيون. چيني ڇوڪرين جون ڇاتيون ڏسي کيس ليما ۽ نارنگيون ياد اينديون هيون. جڏهن تہ هو گدرن جو تصور کڻي گهران نڪتو هو.” ص_53
ليکڪ، ٻين سنڌي ناولن جيان جنسي پاڇي کان پاڻ بچائي نہ سگهيو آهي.پر هن ۾ تہ ليکڪ ڄڻ پرچار ڪندو هجي، ناول ۾ ايتريون تہ ايڊيٽنگ، فڪر، ٻولي ۽ ڪردارن جو کوٽون آهن جو سمجهہ ۾ نہ پيو اچي تہ ڇا لکي ڇا نشاندهي ڪجي؟ مثال طور هڪ جملو آهي: “کيس پريشان ڏسي ياسمين کانئس پڇيو.” (ص_57 ) هتي کانئس جو استعمال اجايو ۽ واڌو لڳي ٿو.
ليکڪ حاجي عثمان جي واتان چوائي ٿو: “ها مالڪ جو ڪرم آهي، بس ڪرونا جي ڪري ڌنڌو صفا ڪونھي.”ص 59
پر اتي ئي سينيٽائيزر مھانگو ڪري کپائي ٿو ۽ ڌڙا ڌڙ فائدو وٺي ڌنڌو ڪري ٿو. انتھا پسند مولوي علم الدين جو ڪردار بہ هن باب ۾ متعارف ٿئي ٿو. ناول جي دنيا ڏاڍي ڪشادي هوندي آهي پر Pandemic حالتن ۾ ليکڪ هن ناول ۾ صرف اسلام مذهب جي صورتحال کي عڪس بند ڪيو آهي. چين ۾ وائرس ڦھلجڻ بعد اتي مذهبن جي ڇا صورتحال يا عقيدا هئا اهو ليکاري سگهاري نموني نہ آڻي سگهيو آهي.


ٽيون ڏينھن:
سنڌي ۾ چوندا آهن تڪڙي ڪتي انڌا گلر. سو ليکڪ بہ هن ناول سان اها ڪار ڪئي آهي. اسد ۽ راحيلا جي ڪھاڻي هن ٽڪري ۾ اچي ٿي. مختصر جي تڪڙ ۾ ليکڪ کي ڪجهہ ياد ئي نہ رهيو آهي تہ ڪردارن جي جوڙجڪ ڪئين ۽ ڪھڙن بنيادن تي رکجي. لاڪ ڊائون آهي سڀ ڪو گهرن ۾ آهي، اسد ۽ راحيلا جي نئين شادي آهي هنن جو ڪمرو بہ الڳ آهي پر پوءِ بہ هو ميل ميلاپ لاءِ رات جو انتظارڪري ٿو. ڪيڏو نہ عجيب ٿو لڳي اهو. ليکڪ هنن ڪردارن جي ازدواجي زندگيءَ کي پورنوگرافڪ انداز ۾ چٽيو آهي. لکي ٿو “اسد پنھنجي اڱر ۽ آڱوٺي سان راحيلا جي نرم نازڪ چپن کي مھٽڻ لڳو.” ص_66
چپ مھٽبا بہ آهن ڇا؟ اهي بہ نرم نازڪ چپ!! ٻئي هڪ جاءِ تي لکيو اٿس “هن جا چپ موڪرا هئا.” چپ موڪرا بہ ٿيندا آهن ڇا؟ مون تہ چپ ٿلھا ۽ سنھا ٻڌا لکيا پڙهيا آهن. اهي موڪرن چپن واري اڃا ڪا عورت ناهي ڏٺي.
الھہ بخش ۽ ان جي پٽ جي بيماري واري ڪھاڻي گهڻي احساساتي آهي، پر اها ڪھاڻي هنن سڀني ڪرونا سان لاڳاپيل ڪھاڻين کان ڄڻ الڳ لڳي ٿي جڏهن تہ هن ٽيڪنيڪ شارٽ اسٽوري سائيڪل مطابق سڀ ڪھاڻيون پاڻ تي دارومدار رکندڙ هجن يا جڙيل هجن يا وري صفا الڳ هجن. هن ناول جو ليکڪ ٻنھي قسمن جون ڪھاڻيون ڏئي ٿو. انھن کي تمام گهڻو مختصر رکيو اٿس. جنھن ڪري ڪافي مونجهارا بہ ٿين ٿا. ان مان لڳي ٿو ليکڪ تڪڙ ڪري ٿو.

چوٿون ڏينھن:
الھہ بخش تبليغي اجتماع ۾ واعظ ۾ مولوي کان اهو ٻڌي ٿو تہ “هي وائرس مسلمانن خلاف هڪ سازش آهي.” پر ليکڪ اها سازش ڪردار واتان چوائي نہ ٿو تہ ڪھڙي؟

پنجون ڏينھن:
سجاد جيان اسد بہ جنسي محرومي جو شڪار لڳي ٿو. هو جڏهن پنھنجي زال کي ڏسي ٿو تہ هن جي قميص جي اندر پھچي وڃي ٿو. صفحي 82 تي اهڙي جنسي اڀار واري منظرڪشي آهي. ليکڪ شارٽ اسٽوري سائيڪل واري تجربي جي چڪر ۾ ڪردارن جي اڻت انتھائي ڪمزور نموني ڪئي آهي. منھنجي خيال ۾ هي تڪنيڪ سنڌي ناول نگاري ۾ ڪارگر يا ڪامياب ڪين ٿيندي ۽ مون مٿي بہ ڳالھہ ڪئي تہ ليکڪ جو هڪ اسڪول آف ٿاٽ ڪھڙو آهي اهو Diversity تي مبني هجي پر ان ۾ هيومنٽي هجي. مڃون ٿا جنس هڪ زميني حقيقت آهي پر ان جو بار بار ورجاءُ سوال اٿاري ٿو.

ڇھون ڏينھن؛
هي باب مڪمل رپورٽنگ آهي. ناول ۾ اسلوب جي وڏي اهميت هوندي آهي. پر ليکڪ پاڻ وڌيڪ ظاهر آهي. ڪردار گهٽ نمايان آهن ۽ اهي ڳالھائين بہ تمام ٿورو ٿا.

ستون ۽ اٺون ڏينھن:
اسد جي پيڙا کي ليکڪ خوبصورت نموني پيش ڪيو آهي ۽ ان ڪيفيتن کي گهرائي ۾ بيان ڪيو آهي. مولوي علم الدين ڪرونا خلاف پنھنجي واعظ ۾ گهٽتائي نہ ٿو آڻي. اسد قرنطينہ ۾ رهندي رهندي Obsessive Compulsive Disorder ۽ ڊيول پرسنلٽي جو شڪار ٿي وڃي ٿو. هو راحيلا ٿي پاڻ سان ڳالھائي ٿو. هن کي پويان پور پون ٿا. هي بہ حقيقت آهي تہ هن وبا دؤران ماڻھو مري رهيا هئا پر اها بہ حقيقت آهي تہ ماڻھو صحت مند بہ ٿي رهيا هئا ۽ اهڙيون خبرون بہ ميڊيا تي اچي رهيون هيون. پر اهڙين خبرن جو ڪو بہ ذڪر هن ناول ۾ ڪٿي بہ ناهي! جيڪو هن ناول کي ائين ثابت ڪري ٿو جئين ميڊيا خوف ڦھلائي رهي هئي ائين هي ناول بہ رڳو سنسي سان ڀريل آهي. اسد رڳو ميڊيا تي ڪرونا وگهي مرندڙ ڏسي ٿو ٺيڪ ٿيندڙ نہ.

نائون ڏينھن:
سجاد چين ۾ پڙهندڙ آهي پر سنڌ ۾ هن جو ذريعہ معاش ڪھڙو آهي. هن جو ڪٽنب آهي. ڇو تہ لاڪ ڊائون ۾ مالي طور پوري سنڌ پريشان هئي. بس علي سڀ ڪجهہ خريد ڪري اچي ٿو ۽ هن سان ڪو بہ مالي معاملو نظر نہ ٿو اچي.

ڏهون ڏينھن:
هتي هڪ بي ايمان ٺيڪيدار جي شارٽ اسٽوري آهي. جنھن جي اين جي او بہ آهي. لاڪ ڊائون جو زڪوات وارو سٺو فنڊ ۽ سامان هڙپ ڪري وڃي ٿو.

يارهون ۽ ٻارهون ڏينھن:
هن باب ۾ اسد جي راحيلا جي زندگيءَ جي لاءِ فڪرمنديءَ کي گهٽ پر فرسٽريشن کي وڌيڪ چٽيو ويو آهي.
هوڏانھن راحيلا جي صحت ڪري رهي آهي هيڏانھن اسد جي جنسي بک وڌي رهي آهي. جيڪا ڪردار جي بي حسي کي ظاهر ڪري ٿي.

ڏينھن تيرنھون:
هن ۾ سجاد جي دوستن عليم ۽ سھيل جا ڪردار ظاهر ٿين ٿا. جيڪي گهٽي ۾ ملن ٿا ۽ سگريٽ ڇڪيندي تبري بازي ڪن ٿا. اهي ڪردار بہ ڪجهہ عجيب ڏيک ڏين ٿا. وائرس سان وڙهڻ ۽ ان جي ڦھلجڻ کان روڪٿام تي ڳالھائن ٿا پر پاڻ SOP تي ڪو عمل ڪون ٿا ڪن. ماسڪ بہ لاهن ٿا ۽ سگريٽ نوشي بہ ڪن ٿا.

ڏينھن چوڏهون ۽ پندرهون:
ناول ۾ آهستي آهستي سڀني کي وائرس ۾ وٺجندي ڏيکاريو ويو آهي پر ڪو بہ ان وائرس مان احتياط ڪري صحت ياب ڪون ڏيکاريو ويو آهي ۽ جيڪي وائرس ۾ وٺجن ٿا بيمار رهندي مري وڃن ٿا. راحيلا، علم الدين مري وڃن ٿا.

ڏينھن سورهون:
هن باب ۾ ليکڪ وڏي وزير جي لاڪ ڊائون ۾ ڪيل پريس ڪانفرنس کي جيئن جو تيئن کڻي هتي رکيو آهي. اخبار جي ڇپيل خبر ۽ هن باب ۾ ڪو فرق ڪونھي.

ڏينھن سترهون:
ٽئي دوستن عليم ۽ سجاد ۽ سھيل جيڪي پاڻ کي باشعور سمجهن ٿا لاڪ ڊائون هر گهٽي گهر جو نظارو ڪندا وتن ٿا. لاڪ ڊائون وري ڇا جو؟ ٻين کي سبق ڏيڻ سولو هوندو آهي. هڙن قحط واري صورتحال بہ هي دوست مالي طور خوش آهن ۽ سگريٽن جا مزا وٺن ٿا ڪنھن بہ مالي حالت کي ليکڪ ظاهر نہ ڪيو آهي سجاد وٽ تہ الائي ڪھڙو خزانو آهي.

آخري باب بہ اخباري سرخين جيان لکيل ليک آهي. جنھن سان ڪو خاص تاثر نہ ٿو جڙي. ادب اهو ناهي تہ اوهان ڇا ٿا ٻڌايو؟ پر اهو ڪيتري گهرائي ۾ ٿا ٻڌايو اهو اهم آهي. اڳ ۾ شارٽ اسٽوري سائيڪل جي تڪنيڪ کي طئي ڪري ليکڪ ننڍيون ننڍيون اڻ پوريون ڪھاڻيون اڻي هي تجربو ڪيو آهي. هي تجربو ڪا سگهاري وک نہ ٿي لڳي. ان ڪھاڻين ۽ ڪردارن جون گهرجون بہ پوريون نہ ڪيون ويون آهن ان پس منظر ۾ هي ناول مڪمل ناڪام ناول آهي، اميد تہ ليکڪ ٻيا سٺا ناول لکندو ۽ اهي ايڊيٽ ضرور ڪندو ۽ پوءِ ڇپائيندو.

جتوئي ڪامران جو ناول “سستي ٽيبل مھانگي ڪرسي”

ڪرسي جي بک ۾ ڀٽڪيل نوجوان طبقو _ ناڪامي ماڻھو کي ولي ڪريو ڇڏي!

ڪي سال اڳ سارتر ادب جي اهميت کان ئي انڪار ڪيو هو ۽ چيائين: “مون ٻارن کي بک وگهي مرندي ڏٺو آهي؛ ڪوئي ناول ڪنھن مرڻينگ ٻار سان توري نہ ٿو سگهجي. ٻار وارو پڙ هميشہ ڀاري رهندو.”
ان تي نقاد ڪلاڊي سائمن Claude Simon بي صبريءَ سان چيو هو، “لاش ۽ ڪتاب ڪڏهن ساڳيءَ تارازيءَ ۾ توريا ويا آهن ڇا؟ آخر لکجي ڇا لاءِ؟ شايع ڪجي ڇا لاءِ؟”
ان تي شيخ اياز چيو آهي تہ “مان ڀانيان ٿو تہ سارتري ۽ سائمن ٻئي غلط هئا. ناول بہ ان محاذ جو حصو ٿي سگهي ٿو، جو ٻارجي بک وگهي موت جي خلاف ٺاهيو ويو هجي.”
مٿيئن تمھيد ٻڌڻ جو مقصد اهو هو تہ جتوئي ڪامران جو ناول “سستي ٽيبل مھانگي ڪرسي”سنڌ ۾ بيڪار ۽ جاهل طبقي جي لاءِ ان محاذ جو حصو آهي جنھن وسيلي هڪ شعور جي ننڍڙي لھر اٿي ٿي، جيڪا وڏي سگهہ بڻجي سونامي ٿي سگهي ٿي. هي مڪمل وجودي ناول آهي. وجودي ناول اڪثر پلاٽ ليس هوندا آهن. انھن ۾ ڪردارن جي بجاءِ آئيڊياز ۽ فڪر کي وڌيڪ اهميت هوندي آهي ۽ اهي ان جي چوگرد گهمندا آهن.
اڄ جي زماني ۾ ڪجهہ بہ لڪيل ناهي، سڀ ڪجهہ عالم آشڪار ۽ ظاهر ظھور آهي. ادب ۾ بہ ڪي تمثيلون نہ پيون استعمال ٿين خاص ڪري شاعري تہ جذبن جو سڌو سنئون اظھار ٿي پئي آهي. ائين سنڌي سماج بہ سوشل ميڊيا ۽ انٽرنيٽ جي اچڻ ڪري ظاهر ٿي پيو آهي ان جا لڇڻ ۽ لحاظ سڀ سامھون ۽ سڀن جي اڳيان آهن.
ناول جي ارپنا نوجوانن کي ڪيل آهي. آئون سمجهان ٿو تہ سنڌي نوجوان رڳي خواب ئي ڏسندا آهن؛انھن جي پورائي لاءِ گهٽ ڊڪندا آهن. پر ليکڪ هن ناول ۾ نج پج سنڌي نوجوانن جي نفسيات کي دنيائي سطح تي ڳنڍڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جنھن ۾ هو ڪامياب ويو آهي.
جيئن هو لکي ٿو تہ هن کي هن ڌرتيءَ تي موجود هر نسل جي عورت کي چمي ڏيڻ جي خواهش آهي، هن کي دنيا گهمڻ جي خواهش آهي. دنيا جو مھانگو شراب پيئڻ جو خواب، هي ٽئي خواهشون هر ثقافت سان تعلق رکندڙ نوجوانن جون ٿي سگهن ٿيون. پر سنڌي نوجوان تہ انھيءَ فريب ۾ گم آهي. اديب شين کي ڪُلي طور ڏسڻ جون اکيون رکي ٿو. آئون فڪشن ۾ فڪر ۽ سوچ کي اهميت ڏيندو آهيان.
هي ناول فڪري طور سگهارو ناول آهي. جنھن ۾ ناولنگار گهري نگاھہ رکي ٿو. هن پنھنجي علمي جوهر سان سماجي گندگين ۽ جھالت کي ننديو آهي.
Plotlessفڪشن ۾ اندروني تضادن، نفسياتي تبديلين يا وري روين يا حقيقت تي گهڻو زور هوندو آهي، بجاءِ ٻاهرين مامرن يا تضادن جي. ان جي ابتڙ هن ناول ۾ اندروني تضادن سان گڏ خارجي تضاد بہ بحث هيٺ آيا آهن. هي پلاٽ ليس ناول آهي. مٿي اسان پلاٽ ليس فڪشن/ناول جي باري ۾ ٻڌائي آيا آهيون. هنن ناولن ۾ عمل گهڻي شدت سان يا تڪڙا ناهن اڳتي وڌندا. دوستو وئيفسڪي ۽ ٻين کوڙ ليکڪن جا بہ اهڙي طرز جا ناول لکيل آهن.
محبت هڪ يونيورسل احساس آهي، جنھن بابت ناول نگار جا ويچار هتي ونڊڻ ضروري آهن، جيڪي گهڻا سگهارا آهن: “ڀلا محبت ڪرڻ بہ تہ ذميواري جو ڪم آهي، ڪنھن کي ڪجهہ ڏيڻ تمام وڏي ڳالھہ آهي، پوءِ ڀلي محبت ڇو نہ هجي.” ص_09
ناول نگار صفحي 07 تي لکيو آهي تہ “هتي قانون آمريڪا جو هلايو وڃي ٿو.” قانون تہ نہ پر حڪم آمريڪا جو مڃو وڃي ٿو، باقي قانون پراڻو برطانيا جو لاڳو ٿيل آهي، جيڪو پڙهايو بہ وڃي ٿو.
ٻيو هڪ احساس جيڪو ناول نگار صفحي 10 تي لکيو آهي: “۽ ڀاڄائي پٺي ٺپي هجي.” منھنجي خيال هي احساس بہ گهرو آهي جنھن ۾ جديد دؤر جي ڀاڄائن جي عڪاسي وئي آهي اها هڪ محرومي آهي نوجوان جي، ۽ پوري سنڌي سماج ۾ ائين وهي واپري پيو، اڄ جون ڀاڄائيون ڏيرن لاءِ جذبن کان خالي ۽ بيزار آهن.
هي ڪيڏو نہ شاهي خيال ليکڪ ونڊي ٿو: “جن وٽ ڏيڻ لاءِ ڪجهہ بہ ناهي هوندو، اهي اتساھہ ڏيندا آهن. اتساھہ ڏيڻ ڪا گهٽ ڳالھہ تہ ناهي!” ص_13
ناول “سستي ٽيبل مھانگي ڪرسي”گهرن خيالن سان ڀريو پيو آهي، جنھن مان ائين محسوس ٿئي ٿو تہ ليکڪ وڏي ادراڪي قوت رکندي باريڪ بيني سان شين کي ڏسي ٿو ۽ انھن جي اکيل ڪري ٿو.
“ناول جا گهڻا موضوع مشرق ۾ آهن، پر لکڻ جو سليقو ۽ ٽيڪنڪس مغرب ۾ آهي.” سارتر
ائين ناهي، هاڻي مشرق ۾ بہ ناول جي ٽيڪنڪس تي نوان تجربا ٿي رهيا آهن ۽ نت نوان تجربا سامھون اچي رهيا آهن، جن تي الڳ لکڻ جي گنجائش آهي، پر هتي چوڻ جو مقصد هي آهي تہ سنڌي ۾ هي ٽيڪنيڪلي ۽ فڪري لحاظ کان الڳ قسم جو ناول لکيو ويو آهي.
جن جو ڪم ڪرسي تي ويھي سوچڻ هوندو آهي. اهي ڪڏهن بہ عملي ڪم ناهن ڪندا. مھانگين ڪرسين تي ويٺل افسر شاهيءَ جي فوج ائين ئي ڪرسين تي ويھي سوچي رهي آهي تہ بجيٽ ڪيئن هڙپ ڪجي. ان بابت بہ ليکڪ مختصر لکي ٿو: “ڪو مقابلي جو امتحان پاس ڪريان ها.” ص_18
هي ناول هڪ نوجوان جي ڪٿا آهي، جيڪو امير ٿيڻ چاهي ٿو. مائٽن کان پيسا بہ وٺڻ چاهي ٿو، پر وٺي نہ ٿو،پوءِ هن کي هڪ دوست ملي ٿو. جنھن جو نانءُ لڇمڻ داس وڪيل آهي، ان کي هو لڇو سڏي ٿو. لڇو هن کي امير ٿيڻ، دنيا گهمڻ، دنيا جي هر عورت کي چمڻ ۽ دنيا جو هر شاندار شراب پيئڻ جا موقعا حاصل ڪرڻ جي لاءِ صلاح ڏئي ٿو.
مون گهڻي وقت کان سنڌي افسانوي ادب پڙهندي، هڪ ڳالھہ نوٽ ڪئي آهي تہ، ناول ۽ ڪھاڻين ۾ مک ڪردار اديب/ليکڪ هوندو آهي. هن ناول ۾ مک ڪردار ليکڪ آهي، يا چوي ٿو تہ آئون ڪھاڻيڪار ٿيندس. هر سنڌي ناول جو هيرو ليکڪ آهي، اهو يڪسانيت جي حد آهي. سنڌي ليکڪ پاڻ کان ڇني ڪا ڪھاڻي نہ ٿو سرجي سگهي.
ٻي جيڪا ڳالھہ مون کي هر ناول يا دنيائي ناول پڙهندي محسوس ڪئي آهي تہ ناول نگار ڪٿي نہ ڪٿي ڪتي جو ذڪر ڪري ٿو. سنڌيءَ ۾ ڪتا نالي سان الڳ ناول بہ اچي چڪو آهي. هن ناول ۾ ناول نگار صفحي 21 تي ڪتي سان ڳنڍي ڪري ڪمال جو لکيو آهي. لکي ٿو: “ڪتو تہ آئون آهيان، حرڪتون تون ڇو پيو ڪرين؟؟”
ڏهون باب انتشاري ذهن ۾ ورتل سنڌي نوجوان جي ذهني ڪيفيتن جي وارتا آهي، سنڌي نوجوان جنھن وٽ ڪو سمجهہ ۾ نہ ايندڙ دڳ نہ آهي، نہ ئي ڪا راھہ آهي جنھن کي وٺي هو هڪ رخ ۾ هلي سگهي. هُو پور پچائيندو رهي ٿو تہ آخر هُو ڇا ڪري؟
ناول نگار ڪٿي غير منطقي مڪالما بہ ڪردارن کان چورائي ٿو: جيئن
“ڇوڪري: “آئون مردن کان نفرت ڪندي آهيان.”
مان: “ڇا پوءِ توهان “کيري” جو استعمال ڪندا آهيو؟” صفحو 25
منھنجي خيال ۾ اهو جواب درست رخ ۾ نہ آهي ڇوڪري سان نفرت جي ڪارڻ معلوم ڪرڻ کان بعد ڪو جواب ڏجي ها، جنھن ۾ سنجيدگي جو عنصر هجي ها ڇو تہ سموري ناول ۾ سنجيدہ ڳالھيون ڪيون ويون آهن.
هر ناول نگار پنھنجي ناول ۾ پوري دنيا يا ڪائنات کي سمائي انھن تي ڳالھائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. ڪافي معاملن کي پنھنجي نقطہ نظر سان تنقيد بہ ڪندو آهي. هن ناول ۾ ناول نگار ائين ڪيو آهي پر هو مدلل نموني شين تي تنقيد نہ ٿو ڪري نہ ئي انھن جا جواز ڇڏي ٿو بس هُو اشارو ڪري ٿو. جيئن قومپرست سياست تي طنزيہ اڇل ڏيندي لکي ٿو: “ڪاڏي؟ ڪا سنڌ ۾ قومپرست پارٽي ٺاهي، مون کي ان جو چيئرمين ڪندين ڇا؟؟” ص_26
ناول نگار جو زاويه نظر بہ راويتي سنڌي ناولن جي ڀيٽ ۾ گهڻو مختلف آهي. اها ئي تہ ناول جي خوبي هوندي آهي ۽ ان جي نالي جيان نواڻ بہ.
“شاھہ جي شاعري ۾ جڏهن سنڌي وڏيري کي ڏسبو تہ “عمر” جي چونڊ ڪبي، جنھن ظلم ۽ ڏاڍ ڪيو. “وڏيرو تماچي” ڪنھن کي نظر نہ ايندو، جيڪو ڄار ڪلھي تي رکي نوري سان گڏ مڇي ماريندو هو. يا مرد هميشہ، اهي نظر ايندا جيڪي زالن کي ڇڏي، سمنڊ ۾ ڏورانھن علائقن تي پئسي ڪمائڻ جي ڪڍ نڪرندا هئا ۽ زالون سالن جا سال انتظار ڪنديون هيون. پر “چينسر” ڪنھن کي ڪو نہ نظر ايندو، جنھن کي سندس وني هڪ سوني هار جي ڪري ڇڏي وئي.” صفحو 28
هيءَ سوچ ايڪھين صديءَ جي هڪ نوجوان سنڌي ناول نگار جي آهي، جيڪو شين کي ٻين پاسن/پھلوئن کان جاچي ٿو. ڏٺو وڃي تہ عورت جو مظلوم هجڻ يا ڪمزور هجڻ ۾ مرد جو ڪو خاص هٿ ناهي، پر اهو هڪ سماجياتي/تاريخي مرحلو آهي، جنھن ۾ عورت اڄ جتي بيٺي آهي. شين کي ائين بہ ڏسجي ٿو. يا وليم شيسڪپيئر جئين چوي ٿو تہ : Frailty thy name is woman) بيوفائي تنھنجو نالو عورت آهي) هونئن بہ بيوفائي رڳي عورت جي کاتي ۾ ناهي، نہ ئي مان ان کي ڪا خاص انساني نقص ڀانيان ٿو، پر اهو هڪ انساني زندگيءَ جو موڙ آهي؛ جتي هڪ انسان ٻئي انسان کان الڳ ٿئي ٿو، جنھن ۾ هن جو نہ پر حالتن ۽ انساني ڪيفتين جو بہ عمل دخل آهي.
اڳتي هلي ناول نويس مارڪس جي نظريي کي غيرسنڌي چئي رد ڪري ٿو. هونئن تہ مارڪس جو نظريو ڪمال آهي ۽ انساني ترقي جي بقا جو ضامن بہ آهي. پر ناول نگار هتي بجاءِ آهي تہ “هن وطن جي مسئلن سان تعلق ناهي.”ص 29
اها بہ هڪ زميني حقيقت آهي تہ هتي جيستائين قومي سوال/تضاد موجود آهي تہ طبقاتي سوال ڪئين اٿارجي. ليکڪ ايڊم سمٿ ۽ مارڪس جي خيالن جا تضاد بيان تہ ڪري ٿو پر ان تي کلي پنھنجي راءِ نہ ٿو ڏيئي.
هتي سنڌي ناول نگاري جي حوالي سان سوال اهو بہ ٿئي ٿو تہ ناول شاگردن جي ڪھڙن رجحانن کي هٿي ڏيئي يا روڪي ٿو؟ جيئن ڪئمپس ناول پڙهي ورسٽي جا بانولا ڇوڪرا پنھون ضرور ٿيڻ چاهين ٿا يا اڻ سڌي طرح ان سنجها ۽ صبا جي ڳولا ۾ رهن ٿا، ٻيا سڀ مامرا هن جي لاءِ هڪ پاسي ٿي وڃن ٿا. اها هڪ حقيقت آهي تہ الهڙ پڻي ۾ رومانس طاري ٿي ويندو آهي پر رڳي رومانس بہ طبعيت کي هاڃيڪاري اثر وجهي ٿو. سماجي/سياسي/ثقافتي/انساني قدر مرجهائجي وڃن ٿا. هي ناول هاڪاري ۽ نوان سوال/رجحان پيدا ڪندڙ ناول بہ آهي.
هڪ خيال جيڪو سوال بہ آهي جواب بہ آهي! “منھنجو سماج هر مرد کي “وحشي” ڪري سڏيندو آهي.”صفحو 30
اهو واقعي الميو ۽ هڪ نفسياتي رجحان ٿي ويو آهي تہ مرد وحشي آهي، رڳو زنا جو ئي رشتو جوڙي ٿو عام نفسيات ٿي وئي آهي سنڌي سماج جي، جنھن کي ليکڪ چٽي ٿو. آئون ان نقطي تي ساڻس سمھت آهيان. هر مرد وحشي ناهي هوندو. خاص ڪري پڙهيو ڪڙهيو مرد.
باب سورهون مذهبي حقيقت بياني کي ظاهر ڪري ٿو. ان ۾ هڪ جملو واھہ جو آهي: “دنيا جا سڀ مذهب منھنجا آهن.”ص_33
مولانا ابوالڪلام آزاد چيو هو تہ؛ “هڪ زمين ۽ ٻيو ضميراهي ڪڏهن مذهبي ناهن هوندا.”اهو سچ آهي تہ حساب ڪتاب وٺڻ وقت ضمير مذهب سان نہ پر پاڻ سان جوابده هوندو آهي. مذهبي فريبي ۽ ٺڳي کان هٽي ضمير جي آواز ڏي ڌيان ڏيڻ جي گهرج آهي ۽ اهائي هن ناول جي ڪردار جي صلاح بہ آهي.
سومل جيڪا هن ناول جي ڪھاڻي بيان ڪندڙ هيرو جي هيروئن/محبوبا آهن. آءٌ چوندو آهيان، جيئن دنيا جي سڀني انسانن جو رت ڳاڙهو آهي ائين دنيا جي هر نسل/ثقافت سان تعلق رکندڙ محبوبا جي نفسيات بہ ساڳئي هوندي آهي. توهان وس ڪيو پر ان ۾ عورت جي روايت ايڏي ڀريل هوندي جو اوهان ڪڍي ڪڍي ٿڪي پوندا. وري سنڌي محبوبائون تہ پنھنجو مٽ پاڻ آهن! ائين هن باب سترنھن ۾ ٽين جنس سان تعلق يا ميل جول جي عڪاسي ڪئي وئي آهي. مون کي ٽين جنس جي انسانن کان نفرت ڪندڙن کان حيوانيت جي ڌپ ايندي آهي. جڏهن هُو پنھنجي محبوبا کي کدڙي سان سنجوڳ جي ڳالھہ ڪري ٿو تہ هوءَ ان سان تعلق ٽوڙي ڇڏي ٿي. هي اهي ڳالھيون آهن جيڪي TABOO آهن اسان وٽ. ليکڪ انھن تي قلم تلوار جيان وهايو آهي. هڪ ڳالھہ وڏي مزيدار لڳي تہ کدڙي جو هيرو وري ليکڪ عمران خان ڏيکاريو آهي.
هر نسل جي عورت جي اگهاڙي بدن کي ڇھڻ جو خواب ڏسندڙ هن ناول جي ڪھاڻي ٻڌائيندڙ سنڌي نوجوان جي سوچ۽ سنڌي ڇوڪري جي سوچ کي بخوبي لکيو آهي جڏهن ڇوڪري هن کي چوي ٿي تہ؛ “تون پنھنجي گهر کان نڪري ڪيبن تان ڏھہ روپين جا سگريٽ وٺڻ جي حيثيت نہ ٿو رکين! تون دنيا ڪٿان گهمي سگهندين؟؟”ص_39
سنڌي ڇوڪري ڀلي ڪھڙي بہ طبقي سان تعلق رکندي هجي، غريب ڇو نہ هجي! پر هوءِ پنھنجي عاشق کي ملڪيت جو مھڻو يعني حيثيت ضرور ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪندي آهي ۽ ڇوڪرو وري بنگلي، ڪرپشن، گاڏي ۽ سھڻي ڇوڪري. اهو الميو آهي سنڌي سماج جي ٻن نوجوان نسل جي صنفن جو.
هڪ لاجواب خيال سان هُو سومل کي پنھنجي زندگيءَ مان ڪڍي ڇڏي ٿو.
“مون کي سڀ کان ويجهو ماڻھو منھنجي خوابن جي پھرين رڪاوٽ آهي.” صفحو_39
ناول جو مک جيڪو ڪھاڻي جو بيان ڪندڙ بہ آهي، ڪڏهن سوچي ٿو تہ ليکڪ ٿئي، ڪڏهن سوچي ٿو تہ ڪيبن کولي، ڪڏهن کيس ملھہ پھلوان ٿيڻ جا خيال اچن ٿا، ڪڏهن ڪاروباري هيراڦيري ڪرڻ جو سوچي ٿو، پوءِ آخرڪار پيربابا ٿيڻ جو سڄو منصوبو لڇمڻ عرف لڇو ٺاهي ان تي عمل ڪرائيس ٿو ۽ هُو ڪوڙ بدوڙ هڻي مرشد ڪامل بڻجي وڃي ٿو ۽ وڏا ٺٺ ٿي وڃنس ٿا.
آتم ڪٿائي ناول، ساروڻين ۽ آتم ڪٿا ۾ فرق ڪرڻ ۾ ڪافي پڙهندڙ منجهي پوندا آهن. خاص ڪري ناول سان اها ڪار ٿيندي آهي. هي ناول پڙهندي گهڻن کي اهو لڳندو تہ اهي آتم ڪٿائي ناول ٿا پڙهن يا ساروڻيون پر ناول جي اهائي خوبي هوندي آهي تہ ان کي پڙهندي اهو محسوس ٿئي اهو خود پڙهندڙ سان ٿئي پيو. هي “سستي ٽيبل، مھانگي ڪرسي” مڪمل ناول آهي.
ناول نگار لکي ٿو تہ؛ “منھنجو عقيدو آهي تہ عشق ٺھيو ئي انسانن لاءِ آهي، عورت ۽ مرد لاءِ. سو منھنجو عشق عورت کان ٻاهر ويو ئي ڪو نہ.” صفحو _75
هڪ يوناني فلسفي ٿي گذريو آهي، جنھن ۾ ڪنھن بہ سوال کي ٻن پاسن کان جاچڻ ۽ دليل ڏيڻ ۽ بحث مباحثي ڪرڻ جي صلاحيت هئي. هن ناول ۾ بہ ٻنھي پاسن کان هر سوال/خيال کي ڏٺو/پرکيو ۽ ڳالھايو ويو آهي. مٿي جيڪا عشق جي ڳالھہ ڪئي آهي ڇا ٽين جنس (کدڙي/کدڙو) عشق نہ ٿا ڪري سگهن. مون تہ انھن جي عشق جون گهڻيون ڪھاڻيون سڻيون آهن.
هن ۾ مولوي جو ڪردار بہ دلچسپ ۽ سگهاري نموني چٽيو ويو آهي، ان ۾ ليکڪ جي اک جو ڪمال آهي. شروع ۾ جيڪا منظرڪشي ڪئي وئي آهي تہ ڪرسي آهي، ٽيبل آهي، دنيا جو نقشو آهي ان مان لڳي ٿو تہ ڪو سي ايس ايس جي تياري ڪندڙ جوان آهي. بعد ۾ ناول نگار اهو بہ ڏيکاري ٿو تہ ڪھاڻي ٻڌائيندڙ جي ماءُ غريب آهي ان جو پيءُ بہ غريب آهي ڦاٽل ڪپڙن کي چتيون هڻن ٿا. وري ان ئي ڪردار وٽ بائيڪ بہ آهي مامو ان کي لک رپيا بہ ڏئي ٿو، هن وٽ واش روم بہ آهي. هن وٽ هڪ موبائيل بہ آهي جنھن تي هو ميان خليفا جي وڊيو ڏسي ٿو. اهي ڳالھيون ا بھام پيدا ڪن ٿيون. منظرن کي منجهائي وجهن ٿيون تہ آخر جيڪو ڪردار آهي ان جو عڪس يا واسطو ڪھڙي طبقي سان آهي.
هڪ ٻئي ڳالھہ جيڪا منجهائيندڙ ۽ سمجهہ ۾ نہ ايندڙ آهي تہ ڪردار کي جڏهن لڇو ڪمري ۾ واڙي وڃي ٿو تہ تون چاليھہ ڏينھن ويھي ڪتاب پڙهجان. تہ ڪمري ۾ هن کي گل يعني ٻوٽو بہ ڏئي وڃي ٿو. گل/ٻوٽي جو ڪمري ۾ سج جي روشني کان سواءِ نسرڻ/اوسرڻ ناممڪن آهي. پر هُو تہ ڪمري ۾ ان جي خوشبو بہ سنگهي ٿو جيڪو اڻ ٺھڪندڙ آهي.
هڪ ٻئي منظر ۾ ليکڪ ڌراڙ جي منظر ڏيکاري ٿو جيڪو جلال چانڊيي جو ڪلام ڳائيندو اچي ٿو. ليکڪ لکي ٿو تہ هن کي ڪلھي ۾ پاڻي جي بوتل هئي. منھنجي خيال ۾ پاڻي جي بوتل جديد طرز ۾ رهندڙن ماڻھن جو فيشن آهي نہ ڪي ٻھراڙي ۾ رهندڙ ڌراڙي جو، جيڪو ڪلام بہ جلال جو ڳائي ٿو، خير اها ننڍڙي چڪ چئي سگهجي ٿي. ناول لکڻ وقت باريڪ بيني سان سڀني شين کي جاچي لکڻو پوي ٿو.
پير ٿي وڃڻ کان پوءِ هو سوچي ٿو: “جنھن دنيا گهمڻ جا مون خواب پئي ڏٺا سا دنيا مون هتي اڏي ڇڏي آهي.”صفحو_ 104
سنڌي سماج، جو اٻوجهہ سماج آهي، سنڌ جو سماجي تاڃي پيٽو درگاهي آهي هر ڳوٺ ڳلي ڳلي ۾ درگاھہ آهي پير آهن سنڌي ماڻھو ڪيترا ڀورڙا آهن اهو توهان کي هي ناول پڙهي محسوس ٿيندو ۽ سنڌ ۾ پير هڪ قسم جي انڊسٽري آهن جيڪي ارب کرب رپيا ڪمائن ٿا انھن جا نسل کائن ٿا. سنڌي سماج ۾ سانئسي سوچ جا بکيا اڍڙي ڇڏيا آهن. ليکڪ چواڻي: “سائنس دنيا ۾ ديوتائن کي شڪست ڏئي ڇڏي آهي ۽ سائنس ديوتائين کي آفريڪا ۽ ايشيا ۾ قيد ڪيو آهي. جتي هو پنھنجي زندگين جا آخري سال گذاريندا.”صفحو_105
وري بہ ناول نگار جي لفظن ۾ تہ “ناڪامي ماڻھو کي ولي ڪريو ڇڏيو.” هو ولي ٿي يا نہ ٿئي، پر ناول نگار ٿي ويو آهي، هن ڀرپور ۽ گهرو ادارڪ رکندڙ ناول لکي ورتو آهي. سنڌي ناولن جي باري ۾ آئون بار بار اهو چوندو رهيو آهيان تہ ناول لکي ايڊيٽ ضررو ڪرايو ۽ اهائي کوٽ مون کي هن ناول ۾ بہ لڳي هي ناول هڪ ايڊيٽر ضرور ڏسي ها تہ جيڪي غلطيون رهجي ويون آهن اهي هن جي سونھن کي متاثر نہ ڪن ها. جيئن ناول، ناوليٽ ۽ ڊائري ٽن قسمن جا نالا ڏنا ويا آهن هن کي ڪتاب کي، پر منھنجي نظر ۾ هي ناول آهي. آخري ڳالھہ هي تہ؛
Samuel Johnson said: ‘A writer only begins a book. A reader finishes it.’
سو جتوئي ڪامران هي ڪتاب جيڪو ناول آهي شروع ڪيو ۽ مون ان کي وڏو چس وٺي پورو ڪيو.

ناول “ڪبوتر جواب ڳولي ٿو” جو تنقيدي جائزو

جواب جي ڳولا ۾ ڪبوتر________________


2021ع سال ۾ سنڌي ۾ اهڙا ناول آيا. جن ۾ ڪردار جانور آهن. جيئن ڪتا ۽ نئون ماڻھو ناول.
ڪتا ناول ۾ مک ڪردار راڪو ڪتو هو ۽ نئون ماڻھو ناول جيڪو حيدر دريا جو لکيل آهي. ان ۾ ڪوليون، شينھن، بگهڙ ۽ گينڊو ٻيا ڪردار آهن. پر ان ۾ مک ڪردار ناني ڪولي جو آهي. ائين ئي 2022ع ۾ هڪ ٻيو ناول ڪبوتر جواب ڳولي ٿوـ انور ڪليم جو پڌرو ٿيو هو. جنھن ۾ مک ڪردار ڪبوتر جو آهي. جنھن تي خيال آرائي ڪريون ٿا.
هيءُ ناول پڙهي اهو محسوس ٿئي ٿو تہ انور ڪليم جو تنقيدي شعور اعلي پايي جو آهي ۽ هُو شين کي وڏي گهري اک سان پروڙي ۽ پرکي ٿو.
سندس فڪري خيال آرائي بہ اوچي پد جي آهي. هُو سياسي طور بہ پختو آهي.
سنڌي ٻوليءَ منجهہ اڳ ۾ علامتي Allegorical ناول لکيا ويا آهن. اردو ۽ ٻين ٻولين خاص ڪري انگريزيءَ ۾ علامتي ناول بہ موجود ۽ مشھور آهن. جيئن اينمل فارم، لارڊس آف فلائيز، پلگرمز پروگريس. انور ڪليم جي هيءُ ناول Allegorical ۽ Symbollic آهي. جنھن ۾ علامتي انداز ۾ جاندارن کي ڪردار بڻائي انساني سماج ۾ ٿيندڙ بي انصافين ۽ بي حسيءَ جي منظرڪشي ڪئي وئي آهي.
هن ناول جي شروعات ڪبوترن جي ميڙاڪي کان ٿئي ٿي. جتي هڪ ڪبوتر سوال اٿاريو آهي تہ “ڪبوتر مشڪل وقت اچڻ تي اکيون بند ڪندا آهن... ڇو؟” هن باب جو عنوان بہ سوال آهي. ناول جو پلاٽ منھنجي خيال ۾ ان سوال جي پٺيان انساني حيات جي ائبسزرڊٽي آهي. جنھن کي ليکڪ بنياد بڻائي پورو ماحول چٽيو آهي ۽ ان ۾ هُن وجودي بحران ۽ حياتي جي بي رحم وارتا کي بہ عڪس بند ڪيو آهي.
ليکڪ سوال کان هٽي وڃي ٿو ۽ وچ ۾ ٻيون ڳالھيون کڻي اچي ٿو ۽ وري آخري باب ۾ ان سوال جي نقطي تي اچي ٿو. ڀانيان ٿو تہ متان منھنجي ڪم عقلي هجي ۽ توڻي جو هن ناول جا ڪردار علامتي ۽ جانور آهن پر ليکڪ اڻ سڌيءَ طرح انساني سماج ۽ انھن جي روين تي تنقيد ڪري ٿو.
ناول جي ٻئين باب جو عنوان “ڪبوتر جواب جي ڳولا ۾” آهي. ميڙاڪي مان اڏامي ڪبوتر هڪ سسيءَ ڪٽيل ماڻھو سان ملي ٿو. جنھن کي هڪ امير ماڻھو گاڏي چاڙهي هئي.
اڪانامي آف ورڊس وارو اصطلاح جديديت واري لاڙي ۾ استعمال ٿيندو آهي. شاعريءَ لاءِ مقرر ڪيل معيار جو مطلب اهو آهي تہ “شاعريءَ ۾ اوترا لفظ استعمال ڪجن جيترن لفظن جي ضرورت آهي.” اهڙي نموني نہ رڳي نظم پر ادب جي ٻين صنفن ۾ بہ جديد ادب ۾ لفظن جي بچت واري اصطلاح کي ڪتب آندو وڃي. جنھن سان تخليق وڌ ۾ وڌ دلچسپ، پاٺڪ جي ڌيان جو سبب بڻجندي ۽ سگهاري بہ ٿيندي.
ائين هن باب ۾ غير ضروري لفظن جو واهپو آهي؛
ـ ڀڻڪي جھڙي آواز ۾ چوڻ لڳو:ص ـ23 (ڀڻڪڻ لڳو)
ـ جيڪو اڪيلو اتي پسار ڪرڻ واري انداز ۾ گهمي رهيو هو. ص ـ 20 (جيڪو اتي اڪيلو پسار ڪري رهيو هو.
ـ ساڻس گڏ ص ـ 27 (ساڻس)
ـ اهو سڀ ڪجهہ تنھنجي مٿان ٿي گذريو آهي. ص ـ 25 (اهو سڀ توسان ٿيو آهي.)
ـ هياسين. (هئاسين) هياـ (هئا) هيائين (هئائين) ۽ ڪجهہ ٻيون اهڙيون چڪون آهن.
منڍي ڪٽيل ماڻھو جي المناڪ فردي سور کي اجتماعي ڪري واھہ جو پيش ڪيو ويو آهي. جنھن تي ليکڪ کي آفرين هجي. ليکڪ پنھنجي شعوري سگهہ انوسار اهو بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي تہ جيڪي نجي مسئلا آهن اصل ۾ اهي ئي اجتماعي آهن. ان ڪري اسان سڀ هڪ ٻئي جي مامرن ۽ پاڻ تي دارومدار رکون ٿا.
هن باب ۾ بحث طلب ڳالھہ هي آهي: “ناڪام نسل جي هڪ نشاني اها بہ آهي تہ هو حد کان وڌيڪ ماضي پرست هوندو آهي. جڏهن تہ هر نسل جا پنھنجا مسئلا، پنھنجا خواب هوندا آهن. نيئن نسل کي ماضيءَ جي ڪرندڙ ڀيتن کي بچائڻ بدران پنھنجي طاقت ايندڙ وقت کي بھتر استعمال ڪرڻ تي لڳائڻ کپي.” ص ـ 26
هتي ليکڪ موهن جي دڙي جي ڪرندڙ ڀيتن بچائڻ تي تنقيد ڪري ٿو. ڏٺو وڃي تہ اهو بہ صرف شعور وند ماڻھن ئي ان جي بچاءُ ۾ آواز اٿارين ٿا. باقي سرڪار تہ ان ڪا بہ دلچسپي نہ ٿي وٺي. اهو درست آهي تہ اڄ جڏهن سموري دنيا ۾ مشيني انقلاب اچي ويو آهي ۽ سڀ ڪجهہ ڊجٽلائيزڊ ٿي چڪو آهي. اتي رڳو موهن جي دڙي جي تھذيب تي ڀاڙڻ ڀورائي جي ڀل ئي هوندي. نيئن سنڌ جا نوان چئلينجز آهن.
باب فل فراءِ هاف فراءِ: سنڌ ئي نہ پر پورو ملڪ پاڪستان پوليس اسٽيٽ بڻيل آهي. قانون نالي ڪا شيءِ اسان جي سماج ۾ نہ رهي آهي. جنھن کي هر عام خاص ۽ اسين تخليقڪار تہ ذهني ڪوفت ۾ سُن ٿي وڃن ٿا. ليکڪ اهڙو سڄو منظرنامو هن باب ۾ چٽيو آهي، اهو دل دهلائيندڙ آهي.
نصيحت جا ڪڻا: هن باب جو نالو ۽ ترتيب ٿوري ناصحانہ لڳي ۽ ليکڪ هتي ڇا تہ ڳالھيون ڇڙي ٿو جو چئي بس ڪر.
هو روشن ڪردار واتان چئي ٿو تہ “ڇا بنا مذهبي لاڳاپي سماجي طبقي جي ڪنھن بہ وابستگي کان سواءِ ڇا نيڪي نہ ٿي سگهندي ڇا انھن بنا اسان ٿي ڪري انسانيت جي خدمت نہ ٿي ڪري سگهجي.”
پنجون باب ڪاميابي جو اسم اعظم:
منھنجو هميشہ اهو خيال رهيو آهي تہ جيئن سچ کي طئي نہ ٿو ڪري سگهجي ڪڏهن ۽ ڪھڙو سھي آهي ائين ڪاميابي جي وصف ڪرڻ بہ گهڻي ڏکي ٿيندي. ڇو تہ هڪڙا چون آخرت ۾ ڪاميابي هڪڙا چون هن دنيا ۾، ڪن کي ڪار حاصل ڪرڻ ڪاميابي نظر اچي، پر ڪاميابي ڇا آهي ان جا ماڻ ماپا مڪمل ٿي ئي نہ ٿا سگهن. جديد دؤر جو ماڻھو ڪھڙي قسم جي ڪاميابي جي فريب ۾ ورتل آهي ان کي ليکڪ فڪري انداز ۾ پيش ڪيو آهي.
ليکڪ جي فڪري باليدگي هن مان پرکي سگهجي ٿي:
“جيڪڏهن اوهان کي ڪو مسلسل بيڪار، ناڪارہ چوندو رهي تہ توهان مان ڪجهہ ڪرڻ جو شوق ۽ صلاحيت واقعي بہ نڪري ويندي.” ص ـ62
هونئن تہ ادب سماج جي تنقيد آهي، پڙهندا ۽ پرجهيندا رهيا آهيون پر ناول سماج جي نفسياتي تنقيد آهي. انور ڪليم سنڌي سماج جي نفسيات جي نبض تي هٿ رکي هي ناول لکيو آهي، مختصر ۽ پراثر.
جيئن چوي ٿو؛
“يا کڻي ائين چئجي تہ جنھن ملڪ ۾ اسڪول ۽ درسگاهون گهٽ هونديون آهن ان ملڪ ۾ پير خانقاهون گهڻيون هونديون آهن.” ص ـ 63
ساڳئي صفحي تي لکي ٿو:
“توکي خبر ناهي... جن ملڪن ۾ ٻارن لاءِ اسڪول گهٽ هوندا آهن، ان ملڪ ۾ ٻارن جي قومي وندر ڪتن کي سڄو ڏينھن پٿر هڻڻ ۽ ڊڪائڻ هوندو آهي.” ص ـ 63
تعليمي شرح گهٽ هجڻ ڪري جيڪي شيون اسان جو ڪلچر بڻجي ويون آهن. انھن تي ليکڪ طنز ڪري ٿو ۽ علمي فڪري نوع ۾.
باب ڇھون ڪتا ۽ شيرواني جي نانءَ سان آهي. “ڪتا” استعاري جو استعمال سنڌي ادب ۾ گهڻو تڻو رسول ميمڻ استعمال ڪيو آهي ۽ هن جو پورو ناول ان نالي سان اچي چڪو آهي. پر هن ٻين ناولن ۾ بہ “ڪتا” وارو استعارو بار بار استعمال ڪيو آهي. سنڌي ۾ ڪتا ناول اچڻ کان پوءِ ڪافي ليکڪن کي اهو ڪتا لفظ مختلف معنائن ۾ استعمال ڪندي پڙهيو اٿم ۽ هن ناول جو هي باب بہ ان جو تسلسل آهي.
ليکڪ 64 صفحي تي لکيو آهي تہ؛ “جتي تعليم آهي اتي ڪتن کي اعلي اسٽيٽس جي نشاني سمجهيو ويندو آهي. مطلب تہ ڪنھن معاشري جي باري ۾ ڪو اندازو لڳائڻو هجي اهو ڏس اتي ڪتن سان ورتاءُ ڪيئن آهي.” ص ـ 64
ڪتي کي اعلي اسٽيٽس جي نشاني نہ پر آڪسيٽوسن ڪيميڪل خوشي جا هارمون واڌائڻ جو طريقو آهي. جانور پالڻ سان يا انھن سان پيار ڪرڻ سان آڪسيٽوسن وڌندو آهي. اسان وٽ جتي سنڌي سماج ۾ سماجي لڳ لاڳاپي ختم ٿيندو پيو وڃي. ان ڪري اهو سڀ ڪرڻو ٿو پوي ۽ اولھہ ۾ تہ ڪڏهڪو سوشلائيزنگ ختم ٿي چڪي آهي. ان ڪري اتان جا ماڻھو جانور پالن ٿا. ائين اسان وٽ بہ ڪيترائي سنڌي اديب جانور پالن ٿا ۽ سماجي ڳانڍاپي کان پري آهن. انھن جا نالا نہ ٿا لکون. باقي سوشل ميڊيا تي انھن جون تصويرون پيل آهن.
ڪيترائي سنڌي ناول پڙهڻ جي لاءِ ميسر هوندا آهن. انھن ۾ رومانوي يا سماجي روين جي انساني نفسيات جو ادراڪ يا بحث تہ موجود هوندو آهي پر سياسي تنقيد بنھہ مشڪل هوندي آهي. اڻ ڌريائپ جو اصطلاح هونئن تہ مڪمل سياسي اصطلاح آهي ان جو مطلب جنگ کان نفرت ۽ بيٺڪيت کان چڙ آهي. سنڌ ۾ اڻ ڌريائپ معنا خود غرضي آهي ۽ پ پ پ جي پاسي بيھڻ آهي. پر انور ڪليم اهڙي تنقيد هن ناول ۾ ڪري ٿو، جنھن کي ساراهجي ٿو:
“دعا کان پوءِ مون ڏٺو تہ منھنجو پُڇ بلڪل سڌو ٿي چڪو هو. مون واپسي لاءِ ان رنگ برنگي جهنڊي کي ڏاڍو ڳوليو پر هو لائي ڪٿي غائب ٿي چڪو هو.” ص ـ 65
ليکڪ مٿئين پيرا ۾ پ پ جي جهنڊي جي ڳالھہ ڪري ٿو. اهڙي ساڳي ڳالھہ ناول نگار 68 صفحي تي بہ ڪئي آهي. مختصر ناولن ۾ ساڳين ڳالھين، لفظن کي ورجائڻ جي گنجائش ناهي هوندي.
ليکڪ سان مذڪر ۽ مؤنث جو معاملو بہ آهي. هُو مؤنث لفظن کي مذڪر ۽ مذڪر لفظن کي مؤنث ڪري لکي ويو آهي.
جيئن: “جتان جي مخلوق سڪون سان وقت گذاري رهيو هوندو.” ص ـ 68
ٻيو ناول نگار تڪڙ کي تڪڙي ڪري بار بار لکيو آهي. تڪڙي وارو تڪرار “پاڇو ڳالھائي ٿو” واري باب ۾ آهي، جيڪو ايڊيٽ ٿيڻ گهرجي.
ڪتا ۽ شيرواني جو سڄو باب پ پ پ جي ناقص ۽ هٺ ڌرمي واري وڏيرڪي سياست تي ڇتي تنقيد آهي. اهو ليکڪ جي بي باڪي جو ڪمال آهي.
“مون کي ڪنھن مان بہ وفاداريءَ جي اميد ناهي. توهان مان اڪثريت انھن جي آهي. جيڪي ڪئي ٽولا مٽائي مون تائين پھتا آهن، مان وفاداريءَ جي اميد رکڻ وارن بيوقوفن مان هجان ها تہ اڄ توهان جھڙن کي شيروانيون پارائي راڄ ڪرڻ لائق نہ بڻايان ها، پر پاڻ ٻين کان توهان وانگر شيرواني وٺڻ لاءِ ڪنڌ جهڪائي بيٺو هجان ها...!” ص ـ 72
هن ٽڪري ۾ پ پ جي لوٽن جي ڪھاڻي ۽ پ پ جي سموري سياسي ڪريم ۽ دانشور طبقي کي کسي ڪرڻ جو خوب بيان آهي، جو افسانوي هوندي بہ حقيقي آهي.
ڪارل مينهم موجب: “نظريو ڪنھن ليکڪ جي سماجي موقف جو اظھار هوندو آهي.” ائين انور ڪليم جو نظريو سماجي اوڻاين ۽ ڪوڙھہ وتل روين جو پختو ۽ اجهل اپٽار آهي.
ڪتا ۽ شيرواني جي باب تي ڳالھائڻ جي پڄاڻي هن باب جي ڪلاسڪ مڪالمي سان ٿا ڪريون تہ “سڌو انسان ۽ سڌي پُڇُ وارو ڪُتو ڪنھن ڪم جا ناهن هوندا.” ص ـ 73
ناول جو آخري باب “پاڇو ڳالھائي ٿو” آهي. جنھن ۾ ڪبوتر جي سوال جو جواب آهي.
هن باب ۾ جيڪا شيءِ هر هر مون کي ٿڪائي رهي هئي (اڏام ڪري رهيو هو) ان کي سادو ڪري هيئن بہ لکي پيو سگهجي. (اڏامي رهيو هو) ناول نويس ڪافي لفظ هر پيرا ۾ ورجايو آهي. ان جي جاءِ تي ٻيو ڪو لفظ بہ اچي پئي سگهيو. ان سان سلاست برقرار رهي ها.
انور ڪليم جو “ڪبوتر جواب ڳولي ٿو” ناول ۾ اسلوب ۽ انداز بيان، فڪري سگهہ نمايان ۽ دل ۾ پيھي ويندڙ آهي. ناول جو اسلوب ۽ مڪالمو هجڻ بہ اهڙو گهرجي. انساني فطرت ۽ نفسيات جو ڇا تہ ناول نگار تجزيو ڪيو آهي توهان بہ پڙهي ڏسو:
“انسان، ذلتن، تڪليفن جي باوجود وري جنم وٺڻ جو خواهشمند... اولاد جي صورت ۾... قبر جي صورت ۾ پنھنجي نشاني، پنھنجي موجودگيءَ جي نشاني ڇڏي وڃڻ جو خواهش مند...!” ص ـ 90
يا وري:
“انسان رشتن، ناتن ۽ تعلقات جو ايترو عادي ٿي ويندو آهي، جو مرڻ کان پوءِ بہ چاهيندو آهي تہ سندس قبر بہ ٻين عزيزن، رشتي دارن يا سندن چاهيندڙن جي ڀرسان هجي!” ص ـ 92
اها تہ انسان جي فطرت آهي تہ هُو رشتن کان سواءِ رهي ناهي سگهندو ۽ سچائي بہ آهي. پر اڄوڪي سماج ۾ رشتن جو زوال اچي چڪو آهي.
ناول نگار لکي ٿو:
“ڪجهہ فلسفياڻا جملا ذهني عياشي کان سواءِ ڪجهہ بہ ناهن هوندا.”
مٿئين ڳالھہ سان آئون سھمت نہ آهيان. ڇو جو فلسفو يا فلسفياڻو ڊسڪورس اسان کي سنئين دڳ لائيندو آهي ۽ فلسفو سڀني علمن جو خلقيندڙ بہ آهي اهو ذهني عياشي ڪئين ٿيندو.
انور ڪليم جي لکڻي ۾ تجسس، جاسوسي ۽ مبھمتا آهي. جيڪا هن جي پنھنجي تخليق آهي ۽ هن جي لکڻي کي سگهارو بہ ڪري ٿي.

پريتم هڪ جامد ڪردار (ناول “پريتم” تي تنقيدي نظر)

سنڌي ٻوليءَ جي مايہ ناز ناول نگار رسول ميمڻ پنھنجي ناول لکڻ بابت هڪ انٽرويو ۾ چيو آهي تہ “هاڻي جيڪا مون ڪھاڻي لکي نہ... اها لکڻ جي Practise ڪئي، تہ جيئن منھنجو Tempo يا رڌم جيڪو آهي، اهو ٺھي ۽ مان ناول لکي سگهان.” (انٽرويو امر اقبال)
ناول لکڻ لاءِ هڪ پوري زندگي گهرجي ٿي. ائين رسول ميمڻ ناول لکڻ جي لاءِ پھريان ڪھاڻيون لکيون. اسير امتياز بنيادي طور شاعر آهي، ناول سندس پھريون تجربو آهي. هن ڪڏهن ڪھاڻيون بہ نہ لکيون آهن. ضروري ناهي تہ ڪھاڻيڪار ئي ناول لکي سگهي ٿو ۽ شاعر ناول نہ ٿو لکي سگهي، دنيائي اديبن جا پروفائيل ڏسون ٿا تہ شاعري، ڪھاڻيون ۽ ناولن جا هڪ کان وڌيڪ ڪتاب لکيل آهن. ان سڄي پس منظر ۾ هڪ ڳالھہ جيڪا اسير امتياز جي لاءِ کٽڪي ٿي. اها هن جي ناول کي سنوراڻ ۾ محنت نہ ڪئي آهي.
پريتم ناول ۾ کوڙ سارا لوازمات آهن، جيڪي پورا ناهن. جن جو ذڪر اڳتي ايندو.
پريتم هڪ سياسي ماڻھو آهي، ايترو پڙهيل بہ ڪونھي، پر سياسي جلسن ۾ ويندڙ آهي. هو جنھن عورت لاليءَ سان شادي ڪري ٿو. اها اڳ ۾ ئي ٻارن ٻچن جي ماءُ آهي ۽ ڪنھن وڏيري کان قرض کنيل اٿس. اها مائي قرض لاهڻ لاءِ ان وڏيري وٽ ڦاسي ٿي تہ پريتم بہ ان سان باندي بڻايو وڃي ٿو. وڏيرو هنن کي باندي بڻائي قيد ڪري ڇڏي ٿو. پوءِ اتي اهي چارئي ماڻھو پريتم، يار محمد، لالي ۽ ان جون ڌئيون نجي قيدخاني ۾ ڪم ڪن ٿا پر ڪھڙو ڪم ڪن ٿا ۽ ڇا جي ڪري قيد ڪيا وڃن ٿا. مائي قرض ڇو ورتو؟ مائي جو وڏيري سان ڪھڙو ناتو هو؟ وڏيري ڪھڙي بنياد تي قرض ڏنو؟ اهڙو ڪجهہ واضح نہ ڪيو ويو آهي.
پريتم ۽ سندس ڪھول بنادي بنائڻ کان پوءِ وڏيرو پنھنجي ڌيءَ کي انھن مٿان چوڪيدار بڻائي ٿو. پر ڪمدار قادو بہ هنن تي پھرو ڏيندو رهي ٿو ۽ انھن تي تشدد بہ ڪري ٿو. مسرت کي باندين تي اک رکڻ جي لاءِ رکيو ويو آهي پر هوءَ پريتم ۽ سندس خاندان کي رحم جوڳي نگاھہ سان ڏسي ٿي ۽ پريتم سان پريت بہ ڪري ٿي پر پريتم ڪا بہ دلچسپي نہ ٿو وٺي. پريتم جون ڌيئر جيڪي هن جي زال لاليءَ جي اڳين مڙس مان آهن. لاليءَ جي اڳين مڙس جو بہ ڪو اتو پتو ناهي. هڪ ڌيءَ کي پيٽ ٿي وڃي ٿو، ان کي ٻار بہ ٿئي ٿو. ٻئي ڇوڪري جوان جماڻ آحي ۽ وڏي ڌيءَ خودڪشي ڪري ٿي. پريتم جي زال بہ اڳتي هلي ڪاري ڪامڻ ۽ شگر جي بيمارين ۾ مري وڃي ٿي. هن جي وڏيءَ ڌيءَ حوري جو ٻار بہ حويلي ۾ استري جي کليل تار ۾ وات وجهڻ سان مري وڃي ٿو. هن جي ننڍي ڌيءَ وڏيري جي ڌيءَ مسرت سان حويلي ۾ رهي ٿي. پريتم ڪٿي ۽ ڪيئن قيد آهي اهڙو ڪو بہ منظر پيش نہ ڪيو ويو آهي. جنھن مان نظر اچي تہ هو ڪيئن قيد ٿيل آهي.
ناول جو ٿيم وڏيرا شاهي ۽ نجي قيدخانن بابت آهي. ليکڪ ان تي وڌيڪ گهرائي سان ڪم نہ ڪيو آهي. ڪردارنگاري ۾ بہ هو مار کائي ويو آهي.
وڏيرو يار محمد بنا ٻڌائڻ جي پنھنجي ڌيءَ مسرت کي اسلام آباد وٺي وڃي چئي ٿو جڏهن هوءَ پريتم سان قيد مان ڀڄي وڃڻ جو منصوبو ٺاهي ٿي. وڏيرو پريتم جي ڌيءَ کي بہ اسلام آباد کڻي وڃي ٿو ۽ ان ۾ هن جون اکيون هونديون آهن ۽ اتي هن سان نڪاح ڪري ٿو ۽ مسرت جي پنھنجي ڀائٽي سان شادي ڪرائي ڇڏي ٿو. ان جي باوجود بہ سمرت اسلام آباد مان ڀڄي ٿي ۽ هيڏانھن پريتم جيل مان ڀڄي ڪراچيءَ پھچي ٿو جتي هو ملن ٿا ۽ اتي ئي مسرت جون محبتون ۽ نوان خواب ميلاميٽ ٿي وڃن ٿا. جڏهن پريتم هن کي ٻڌائي ٿو تہ منھنجو خاص عضوو وڏيري وڍائي ڇڏيو آهي.
ٻي مھاڀاري لڙائي کان پوءِ گڏيل قومن انساني حقن جو عالمي پڌرنامو شايع ڪيو ويو. ان ۾ هڪ حق اهو بہ آهي تہ “هر ماڻھو کي ڪنھن بہ ملڪ مان جنھن ۾ هن جو پنھنجو ملڪ بہ شامل آهي ٻاهر وڃڻ ۽ پنھنجي ملڪ ۾ واپس اچڻ جو حق حاصل آهي.”
ٻين لفظن ۾ هيئن چئون ٿا تہ انسان جي چرپر تي پابندي هڻڻ اخلاقي طور غلط آهي. هي ناول اسانني حقن جي استحصالي ۽ غضب ٿيڻ جي ڪھاڻي آهي. جنھن ۾ انسانن سان جانورن جو ورتاءُ ڪيو ويو آهي. ليکڪ اهو بيان ڪيو آهي. ليکڪ پنھنجي پاران ۾ لکي ٿو تہ “ناول جي ڪھاڻي حقيقت تي ٻڌل آهي.” ص _16
پريتم ناول براه راست سڌو سنئون Direct Epic ۾ لکيل آهي. جنھن ۾ ناول نگار مورخ وانگي واقعن کي بيان ڪندو آهي. ان جي باوجود بہ ناول نگار ڪردارن ۽ واقعن ۾ موجود هوندو آهي.
ناول ۾ ڪردار نگاري بڻيادي اهميت رکندي آهي ۽ منظر نگاري اتفاقن هوندي آهي. هن ناول ۾ منظر چٽا ناهن. جيئن ناول جو منڍ ئي اڻ گهڙيو ۽ اوچتو محسوس ٿئي ٿو.
سنڌي ناولن جي اڪثر ڇا پر هن ناول ۾ هي لفظ پڙهيا آهن:
“هي ناول هڪ ئي ويهڪ ۾ پڙهي سگهجي ٿو ۽ هڪ ڀيرو پڙهجي ويندو آهي.” اهڙي گول مول ۽ روايتي ڳالھہ هن ڪتاب جي مھاڳ ۾ لکيل آهي.
سنڌي ناول ۾ ايڊيٽنگ جي وڏي کوٽ آهي، جنھن لاءِ آئون بار بار لکندو رهيو آهيان. هن ناول جو ليکڪ بہ هڪ ايڊيٽر ۽ نقاد آهي. پوءِ بہ هن ڪي بنيادي ۽ اهم ايڊيٽنگنس نہ ڪيون آهن. جيڪو نھايت ئي افسوس ناڪ ۽ ان پروفيشنل عمل آهي. جھڙوڪ: اڌ دم، سڄي دم ۽ واڪ جون نشانيون بہ نہ ڏنل آهن. مٿان وري لفظن جو ورجاءُ پڙهندڙ کي ڏاڍو تنگ ڪري ٿو ۽ منجهائي وجهي ٿو. جن جا مثال هتي ضرور ڏبا. ناول ڇپائڻ کان اڳ ۾ بار بار ايڊٽ ڪرڻ جي تصنيف آهي. پر هي ناول مون کي موبائيل تي ڪمپوز ڪري ڪمپيوٽر ۾ لاهي ڇپايل آهي.
ناول جا ڪردار پريتم، لالي، وڏيرو يار محمد، حوري، موتي، مسرت ۽ ڪمدار قادو انھن جي مصوري ۾ ليکڪ جا رنگ ڇڊا آهن. ڪنھن بہ ادبي تخليق جي سرجڻ جي لاءِ لفظ اهم مسئلو آهن پر هن ناول ۾ ليکڪ لفظ ڄڻ ڀرتي ڪيا آهن ۽ لفظن جو رچاءُ ٿورو دلچسپ هجڻ گهرجي. ليکڪ جا هڪ پيراگراف ۾ ورجايل جملا:
(“اهو خوبصورت فلسفو مسرت بہ ٻڌي رهي هئي. پريتم اهڙي ادائيگي ويتر مسرت کي پنھنجي ويجهو آڻڻ جو ڪم سرنجام ڏئي رهي هئي، مسرت بہ بيھي رهي ۽ هن لاليءَ ۽ پريتم جي گفتگو کي دل سان ٻڌڻ پسند ڪيو هو. لاليءَ، پريتم سان جو مخاطب ٿيڻ لڳي تہ مسرت بہ پنھنجو غور انھن طرف ڪيو.) ص _ 34
مٿئين پيراگراف ۾ مسرت جي جي ٻڌڻ جي ڳالھہ کي ٽي دفعا ورجايو ويو آهي. اهڙا الاهي سارا ٽڪرا هن ناول ۾ آهن جن ۾ لفظن جو ايترو تہ ورجاءُ آهي جو ماڻھو پڙهي پڙهي تنگ ٿو ٿي پوي.
وري هي ڏسو: (پريتم پاسو ورائي هڪ نھار پنھنجي گهرواري کي ڏٺو، جنھن جون اکيون کليل هيون، پريتم کليل اکين سان پنھنجي گهرواري کي ڏٺو.) ص 35
ڪھڙي ڳالھہ تان ڳوٺاڻن کي قيد ڪيو ويو آهي،اهو چٽو ڪونھي! جيڪڏهن قرض ڏنو ويو آهي تہ اهو قرض ڇا جو ۽ ان جو پسمنظر ڪونھي!!
ڪردار اوچتا آهن انھن جو بہ تعارف خاص ناهي! جيئن نوريءَ جو ڪردار. ناول جي شروعات جي بہ خبر ئي نہ ٿي پوي تہ ڪيئن ٿئي ٿو ۽ هڪ ماڻھو بس ڳالھائڻ شروع ڪري ٿو ان جو ڪو اڳ پٺ يا بيهڪ ناول نگار نہ ٺاهي آهي. فلسفي جو لفظ استعمال بيجا آهي. هڪ اڌ سياسي ماڻحو جيڪو قيد آهي اهو عام رواجي ڳالھيون ڪري ٿو تہ ان کي مسرت فلاسافر ٿي سمجهي. جڏهن تہ مسرت فلسفي/فلاسافر جي ڳر کان واقف ئي ناهي.
مسرت پريتم کان پڇي ٿي تہ ڇا ٿيو تہ پريتم مان مان ۾ لڳي وڃي ٿو. لفظ اصليت بہ ليکڪ ائين استعمال ڪيو آهي جو معنيٰ جي خبر ئي نہ ٿي پوي تہ هاڪاري آهي يا ناڪاري.
پريتم هڪ جاءِ تي لاليءَ کي ڏاڍي هاڪاري خيال واري ڳالھہ ڪري ٿو جو ان جي سوچ تي پيار اچي ٿو:
“ها لالي هي پھريون ڀيرو تاريخ ۾ٻار ڄمندو جيڪو پنھنجو نہ هوندي بہ، پنھنجو ڪنداسين، معاشري جا اڪثر ماڻھو تہ اهڙي ٻار کي حرامي چوندا آهن ۽ جنھن عورت جي ڪک ۾ اهڙو نامعلوم ٻار جڏهن پلجڻ لڳندو آهي.” ص_52
ناول نگار لکي ٿو تہ “پريتم جي اکين تي ڪڏهن ڪڏهن پٽي ٻڌي هڪ ٻنيءَ جي ٽڪري کان ٻنيءَ جي ٻي ٽڪري تائين سندس موڪليو ويندو هو ۽ اڪثڙ پير ۾ زنجير پيل هوندي هئي.” ص_58
وري ٻي هنڌ لکي ٿو تہ “گهر جي ماحول ۾ سواءِ اداسي جي هاڻي ٻيو هيو بہ ڇا؟” ص_59
اهو ڪھڙو جيل آهي جيڪو پريتم کي هڪ ٽڪري کان ٻئي تائين پٽي ٻڌي وٺي وڃي ٿو. وري ڪير ڏسي نہ ٿو سگهي. ٻني ۽ حويلي ايڏو پري آهن يا ايڏو نامعلوم علائقو آهي. ليکڪ ڪنھن بہ طرح تز بياني کان ڪم نہ ورتو آهي. منظر منجهيل ۽ واضح ناهن. وري باندي آهن تہ گهر ڪنھن جو ۽ ڪٿان جو.
ليکڪ ڪردارن جا نالا بار بار ورجائي ٿو. تقريبن هر سٽ ۾ نالو آهي. ان سان گڏ پڙهڻ جي رواني ۾ مزو نہ ٿو رهي.
پريتم جي زال وڏيري جي ظلم ڪري باندي بڻجي وڃي ٿي هن جي ڌي خودڪشي ڪري ڇڏي ٿي پر پريتم وٽ وڏيري لاءِ نفرت پيدا نہ ٿي ٿئي، پوءِ بہ هٿ ٻڌيون هن جي اڳيان بيٺو آهي.
مسرت پريتم جي پٺيان پيل آهي ۽ پريتم اشارن ئي اشارن ۾ ڪپيل خاص عضوي جي ڳالھہ ڪري وڃي ٿو ۽ ناول نگار بہ اها ڳالھہ فنائتي نموني رکي آهي:
“بندق جي فائر جھڙي ڇرڪائيندڙ ڇوڪريءَ هاڻ منھنجي جان ڇڏ، ڪپيل ڪاني ۾ رس ڳولڻ جي آس ۾ ڇو ٿي، پنھنجو سج لاهين.” ص _89
پوري ناول ۾ پريتم هڪ جامد ڪردار طور سامھون اچي ٿو ۽ هن ۾ بغاوتي عنصر ڀرڻ واري بہ مسرت آهي. جيڪا هن کي اتان ڀڄڻ تي مجبور ڪري ٿي باقي پريتم جي ڪردار ۾ حالتن آهر تبديل ٿيڻ جي سگهه ناهي ۽ هو بار بار مايوسي جون ڳالھيون ڪري ٿو.
جئين صفحي 96 تي هو چوي ٿو: “مسرت مان هن حال ۾ بہ مطمئن ناهيان، بلا جي زهر جھڙي زندگي کان بھتر موت ڀانيان ٿو، ڪٿان ڪو زهر آڻي ڏينم تہ کائي مري وڃان، هاڻ هن دنيا ۾ پل پل جي پريشاني ۾ ساھہ ٿو منجهي.”
مسرت بہ سمجهہ ۾ نہ ٿو اچي تہ ليکڪ کي شايد ياد نہ رهيو آهي تہ هو ڪردارن کان ڪرائڻ ڇا ٿو گهري. مسرت پريتم کي ڀڄي وڃڻ جي بہ صلاح ڏئي ٿي ۽ وري هيئن بہ چئي ٿي:
“مون بابا کي پنھنجي رهائي جي باري ۾ چئي ڇڏيو آهي، ڪجهہ ئي ڏينھن ۾ تنھنجي رهائي ٿي ويندي، پوءِ تہ آزاديءَ سان پنھنجي زندگي گذاري پنھنجو پاڻ کي وکرڻ کان بچائيندي نہ.” ص_99
سموري ناول ۾ پريتم ستو پيو آهي. مسرت اچي ٿي وري وڃي ٿي. پريتم اٿي ٿو ويھي ٿو عجيب جملا ۽ اٿ ويھہ ۽ ننڊ جاڳ کان سواءِ ڪي ٻيون ڳالھيون ٿين ئي نہ ٿيون.
پريتم ڪردار جو ٻيو وڏو ۾ وڏو نقص اهو آهي تہ هن جي ڀيڻ پسند جو پرڻو ڪري ٿي تہ هو ان کان نفرت ڪري ٿو ۽ بدلي جي باھہ سندس رڳن ۾ ڊوڙڻ لڳي ٿي. ڪامريڊ ٿي ڪري بہ اهڙي سوچ ڪردار جي جوڙجڪ سان ٺھڪندڙ ڇا ڪوهين ڏور آهي.
پريتم جيئن تہ ٻڌل آهي ان کي زنجير جو نشان بہ ٿي وڃن ٿا. وري ٻڌل ماڻھو ماني ڪيئن پچائيندو. ڪمدار قادو ۽ پريتم جي ڳالھہ ٻولھہ 116 صفحي تي ٿيل آهي جنھن ۾ ڪمدار چئي ٿو:
“زمانو هلائڻو پوي ٿو تون اڪيلو ناهين، جو توکي کارايان، سردار جي هوڏانھن واري ٻني تي تو وانگي يارهن باندي آهن.”
جڏهين ايترا باندي آهن تہ ليکڪ انھن جو ڪو بہ منظر ناول ۾ پيش نہ ٿو ڪري ۽ اهي ڪھڙي ڏوھہ ۾ باندي آهن؟ بس ناول نگار پريتم ۽ مسرت ئي فوڪسڊ رکيو آهي. ناول نگار جي ٻولي ڪمزور پاسن سان گڏوگڏ ڪٿي ڪٿي هو سٺا محاورا بہ لکي وڃي ٿو: جيئن “سندس اميدون ڪچا ٻار ڪيرائڻ لڳيون هيون.”
“هڪڙا ڪتا انسان جي روپ ۾ بہ هوندا آهن جيڪي بہ ڏاڙهين ٿا.”
ليکڪ ڪردارن جي اڻت ۾ ماري کائي ويو آهي. انھن جا رخ ۽ لھجا انھن جي صورتحال سان نہ ٿا ملن پر الڳ بيٺا آهن. آخري ڳالھہ ان پسمنظر ۾ ڪري هن اڀياس جي پڄاڻي ڪندس.
مسرت جي زبردستي شادي ٿئي ٿي ۽ پيار هوءَ پريتم سان ڪري ٿي پر ڪمدار قادو کي چئي ٿي تہ منھنجا ڪپڙا سنڀالي کڻي اچجان. اها ڳالھہ تہ منھنجي سمجهہ کان بالاتر آهي. جيڪا خود ليکڪ ئي سمجهائي سگهي ٿو.

رسول ميمڻ جا ناول

1. اوڻيھہ عورتون
2. قالوبلا
3. نجومي
4. اسٽيل جا پنج گلاس
5. اک ڇنڀ
6. ڪتا پھريون ڇاپو
7. ڪتا ٻيو ڇاپو
8. ڪتا ٽيون ڇاپو
9. نجومي (اردو ڇاپو)
10. انیس عورتیں (اردو ڇاپو)


رسول ميمڻ سنڌ ادب ۾ نون لاڙن ۽ جديد تقاضائن پٽاندڙ لکندڙ تخليق ڪار آهي. جنھن سنڌي ٻوليءَ ۾ سريئلسٽڪ، جادوئي حقيقت نگاري ۽ علامت نگاريءَ جھڙن ڏکين تڪينڪن تي ناول، ڪھاڻيون ۽ شاعري سرجي. ان سان هن هڪ منفرد سڃاڻپ حاصل ڪئي، هن جو اسلوب سنڌي جي ٻين افسانوي ادب لکندڙن کان مٿانھون ۽ جدا هو. هن راويتن کان هٽي ڪري لکيو. نفسيات بہ هن جي لکڻين جو محور آهي.
جيئن تہ هي ڪتاب رسول ميمڻ جي ڇھن ناولن تي لکيو ويو آهي ان لاءِ ناول جي بنيادي وصف ڏيڻ ضروري آهي. جيڪا هن ريت آهي:
Novel: -A novel is a long work of fiction that typically explores complex characters, multiple plotlines, and extensive settings.
- It allows for in-depth exploration of themes and character development.
Example: “To Kill a Mockingbird” by Harper Lee.

الھداد ٻوهئي مطابق: “ادب ۽ سماجي نفسيات جو تعلق واضح آهي. ادب هڪ سوچيندڙ سماج جي سوچ جي بنيادن تي قائم ٿئي ٿو ۽ اديب ان سوچيندڙ سماج جي زبان جيان سماج جي سوچ جو اظھار ڪري ٿو. ادب انھيءَ اظھار جو نالو آهي، جيڪو هڪ سوچيندڙ سماج جي سوچ جي پيداوار آهي.” (1)
رسول ميمڻ اهڙو ادب تخليق ڪيو جيڪو سوچڻ تي مجبور ڪري ٿو ۽ روشن خيال سماج جي نمائيندگي ڪري ٿو. هن جا ناول سنڌي ادب ۾ هڪ نئين سوچ جا ترجمان آهن. جن ۾ تاريخ، نفسيات، ٻولي، سماج، تھذيب، فلاسافي ۽ ٻيا انيڪ مضمون بحث هيٺ اچي وڃن ٿا.
اديب رحمت سومري موجب: “موجودہ دؤر ۾ رسول ميمڻ جا ڇھہ ئي ناول سنڌي ادب ۾ الڳ حيثيت ۽ مڃتا رکن ٿا. سندس ناول سنڌي فڪشن ۾ هڪڙو نئون موڙ ثابت ٿيا آهن. (2)
رسول ميمڻ ڪھاڻي جي دنيا ۾ ان زماني ۾ ڌاڪو ڄمايو. جڏهن امر جليل جي بادشاهي هئي ۽ هن پنھنجي پھرين ڪھاڻي ڪتاب سان ئي پڙهندڙن جو ڌيان ڇڪايو. امر جليل نہ صرف هن جي ڪتاب تي ڪالم لکيو پر خوشيءَ جو اظھار ڪندي چيو تہ اهڙي ڪھاڻي اڳ ۾ نہ لکي وئي آهي.
ائين هُو ڪھاڻي کان پوءِ ناول جي پاسي آيو. هن جي ناول ڇھن ئي ناول جا موضوع فلسفيانا آهن جيئن موت، تاريخ، خوشي، انساني مزاج، نفسيات، سماجي اڻ برابري، ورهاڱو، سياست ۽ سائنسي سوچ آهن.
ممتاز بخاري مطابق: “علامتي انداز ۾ پنھنجي منفرد اسلوب ۽ ڊڪشن وسيلي سنڌي ڪھاڻي کي ريج ڏيندڙ رسول ميمڻ جا هيڪاندا پنج ناول اوڻيھہ عورتون 2012ع، قالو بليٰ 2013ع، نجومي 2014ع، اسٽيل جا پنج گلاس 2017ع، اک ڇنڀ 2019ع ڇپيا. جيڪي سنڌي ناول لاءِ جديديت ۽ جديديت کان اڳتي جو طبل وڄائي رهيا آهن.” (ص_70)
رسول ميمڻ جديد سنڌي ناول جي جديديت ۽ جديديت پڄاڻان جي انساني مسئلن، جنھن سياسي، سماجي، ذاتي معاملا، فرد جي اندر ۽ ٻاهر جي اڪيلائي، حالتن ۽ خيالن کي قلمبند ڪيو آهي. جنھن ۾ هن عام ماڻھو جي سوچ، خيال ۽ نفسيات کي بہ گهرو پرکيو آهي.
هن جا ناول جديد تحريڪن جي اثر جو نتيجو آهي. سنڌي ۾ اهڙن ناولن جي آمد ان کان اڳ حليم بروهي، غلام نبي مغل، ماڻڪ، اخلاق انصاري ۽ هاڻوڪي دؤر ۾ ممتاز بخاري، نور جوڻيجي ۽ ڪليم ٻٽ جا ناول آهن. جن جديد کان جديد لاڙن جو اثر وٺي ڪري ناول لکيا آهن.
علامت نگاري ۽ جادوئي حقيقت نگاري رسول ميمڻ جي تخليقن تي گهڻو حاوي آهي. هن جي ناولن ۾ سکڻو رومانوي ماحول نہ آهي پر سماجي بناوٽ، فڪر فھم ۽ سوچ جا ساگر پڻ ملن ٿا. هن جي ٻوليءَ ايتري تہ جاندار آهي جو جن بہ رسول ميمڻ تي لکيو آهي تہ اهو ائين چوندو رهيو آهي تہ ڪتاب ۾ هڙئي جملا انڊرلائين ڪرڻ جھڙا آهن.
رسول ميمڻ جي ناولن تي هن جي حياتيءَ ۾ نقطہ چيني بہ ٿي، پر فڪري ۽ معياري تنقيد اڃا تائين نہ ٿي سگهي آهي. هو ٻاهرين ادب (مان مراد جديد ادب) جو گهرو مطالعو ڪندڙ هو. جڏهن تہ سنڌي ۾ نئين ادب کان ڪي ٿورا ماڻھو ئي واقف آهن. جنھن ڪري، هن جي ناولن کي سنجيدہ پڙهندڙن تائين پھچندي، هن جي حياتي پوري ٿي ويئي.
سندس ناولن جي ٻوليءَ بامحاورا، سليس ۽ اسلوب تہ ڪمال جو آهي. جنھن ۾ فلسفيانا ۽ فڪرانگيز رنگ آهي. هن جي ناول ۾ هڪ فطري ڪشش ۽ خوبصورتي آهي. جيڪا هن جي سگهاري هئڻ جي داعي آهي. سائنسي فلسفي تي هن جا ڪتاب بہ سنڌي ۾ پھرين سائنسي فلسفيانا ادب جا شروعاتي ڪتاب آهن. جيڪي تمام گهڻا مقبول ٿيا آهن پر اهي مارڪيٽ مان جلدي وڪرو ٿي ويا آهن.
هن جيڪڏهن ترجمو بہ ڪيو آهي تہ ان ۾ بہ هن دنيا جي وڏن آرٽسٽن جي زندگيءَ جي احوالن تي مبني پروفائيل ترجمو ڪيا آهن. منھنجي خيال ۾ هن انھن سڀني آرٽسٽن جو پنھنجي تخليقن ۽ ايتري قدر جو ذاتي زندگيءَ ۾ بہ اثر ورتو.
هي صبيح صورت وارو سنڌي مفڪر سنڌ جي تاريخ، تمدن ۽ تھذيب کي پنھنجي لکيڻن ۾ نيئن انداز ۽ اسلوب سان پيش ڪندو رهيو. جنھن جي ندرت کان ڪوئي انڪار نہ ٿو ڪري سگهي.


اوڻيھہ عورتون ناول:
جنھن ۾ سنڌ جي راجا ڏاهر واري دؤر جي ڪھاڻي آهي. عرب سنڌ تي حملو ڪن ٿا ۽ هڪ وڏي مندر جي داسين کي ٻانھيون بڻائي کڻي وڃن ٿا. اهي عراق ڏانھن خليفي کي پيش ڪرڻ لاءِ بحربانيا موڪليون وڃن ٿيون. ان زماني جو هڪ ماڻھو آهي ڪھيداس جنھن جي محبوبا بہ انھن داسين ۾ شامل آهي.
ڪھيداس تمام گهڻو ڏاهو، حڪمت جو ڄاڻو، پامسٽ آهي. جيڪو بادشاه کي موت کان بچائڻ ۽ ان وڏي پٽ کي قوت باه وڌائڻ واري دوا حاصل ڪرڻ جي بھاني سان غلامي مان نجات حاصل ڪري ٿو. گهڻي جاکوڙ کان پوءِ مري ويل بادشاه ٽن پٽن ۾ انھن اوڻيھہ عورتن جي وراثت جي معاملي تان جهيڙي کي نبريندي پنھنجي محبوبا هارانسي کي بچائي سنڌ واپس وري وڃي ٿو.

رئوف نظاماڻي هن ناول کي تصوراتي ناول چيو آهي. وڌيڪ رئوف نظاماڻي موجب: “هن ناول کي سنڌ جي تاريخ جي حوالي سان لکيل ناولن جو تسلسل چئي سگهجي ٿو. جيڪي ورهاڱي کان پوءِ قومپرست تحريڪ جي زير اثر لکيا ويا، جن ۾ تاريخ کان وڌيڪ ليکڪ جو احساس ۽ جذبو حاوي رهيو آهي.”
هن ناول جي ڪردارن جا نالا، ماحول، منظرڪشي ۽ ٻوليءَ انتھائي دلنشين ۽ ڇڪيندڙ آهي. جنھن کي پڙهي رسول ميمڻ جي تخليق تي رڳو داد ئي ڏئي سگهجي ٿو.
هن ناول ۾ حقيقت کان وڌيڪ خيالي دنيا وڌيڪ اثرانداز آهي. جيتوڻيڪ هي تاريخي ناول آهي پر ناول نگار تاريخي طور گهرائي ۾ نہ ويو آهي ۽ هن احساساتي طور مختصر بيان ڪيو آهي.



قالو بلا ناول:
پرڏيھي ادب کان ويندي سنڌي ادب تائين موت جي موضوع تي شاعرن تمام گهڻو لکيو ڳايو آهي. شاه لطيف يمن ڪلياڻ ۾ موکيءَ جي متارن ذريعي موت جي موضوع تي بيت چيا آهن. شيخ اياز پنھنجي حياتي جي آخري ايامن ۾ موت جي فلسفي تي تمام گهڻو لکيو. جنھن سان سندس زندگيءَ جي آخري سالن ۾ ڇپيل ڪتابن جا مھاڳ ڀريل آهن.
موت جو موضوع فلسفي جو عنوان آهي. پر موت جي فلاسافي تي رسول ميمڻ “قالو بلا” جھڙو پورو ناول لکيو آهي. سنڌي ادب ۾ شاعريءَ کان پوءِ افسانوي ادب ۾ رسول ميمڻ ان موضوع تي وڏو فڪرانگيز اسلوب ۾ مختلف پھلوئن کان لکيو آهي. جيڪو لاجواب آهي.


نجومي ناول:
امر جليل ڪلاس روم واري پروگرام ۾ نجومي ناول بابت ڳالھائيندي چيو هئائين:
“جيڪڏهن رائيٽر ڪنھن روشن خيال ملڪ جو هجي ها تہ سڄي عمر ان هڪ ڪتاب جي ڪمائي کائي ها ۽ تاحيات امر رهي ها، پر بدقسمتيءَ سان اهو ليکڪ اسان جي سنڌ جو آهي.”
هاڻي بہ سنڌ جي رعوبدار ادبي شخصيت رسول ميمڻ امر آهي ۽ جيستائين سنڌ آهي تيستائين هن جون لکڻيون تاحيات رهنديون.
نجومي ناول سنڌي ادب جو جداگانہ ناول آهي. رسول ميمڻ کي پنھنجي موضوعن تي تمام گهڻي گرفت ۽ ملڪو هو. ان ڪري ئي هن جا ناول هڪ نئون موڙ ثابت ٿيا آهن. هو سنڌ سان محبت ڪندڙ اديب هو.
پاڻ ڪٿي چيو اٿس تہ “آئون ڪھڙي بہ ٻوليءَ ۾ لکان پر لکندس سنڌ بابت ئي. ڌرتي تخليق جو وسيلو آهي، ڌرتي آهي تہ اسان جون تخليقون آهن. ڌرتيءَ کان سواءِ سڀ تخليقون بي مقصد آهن.”
رسول ميمڻ چوڏهن سالن جي عمر ۾ روسي ادب پڙهي، مطالعي
جي شروعات ڪئي. روسي ليکڪن کان پوءِ هُو لاطيني آمريڪي ليکڪن کان وٺي ماڻڪ کي بہ پسند ڪندو هو.
نجومي ناول جي دنيا وڏو طلسم رکندڙ آهي. جنھن ۾ ڪھاڻيون نڪرن ٿيون تہ ڪائنات ٿي پوي ٿي.
آردش ارشاد شيخ لکي ٿو: “رسول ميمڻ جا ٻہ ناول اوڻيھہ عورتون ۽ قالو بلا پنھنجي جاءِ تي. باقي هن جو ناول نجومي ڪمال جو ناول آهي. ان ناول تي هڪ جملو سورهن آنا سچ آهي: “باڪمال ليکڪ، لاجواب ناول.”


اسٽيل جا پنج گلاس ناول:
رسول ميمڻ جادوگر ليکڪ آهي. جيئن هن پاڻ ئي چيو آهي تہ “لکڻ جادو آهي ۽ جادو سيکاري نہ ٿو سگهجي.”
اهڙو جادو هن جي هن ناول اسٽيل جا پنج گلاس ۾ آهي. هن جو لکڻ هڪ ڪرشمو لڳي ٿو. هن کي هن جي اڪيلائي ۽ رياضت اهڙي ڏات بخشي هئي جنھن جي ذريعي هن اهڙا خوبصورت ناول ۽ ٻيا ڪتاب لکيا. جن جو جادو صدين تائين رهڻو آهي. رسول ميمڻ شيخ اياز جي ساڳئي شھر سکر جو هو. جيئن اياز چيو هو مون تي ميلو مچڻو آ، ائين ئي رسول ميمڻ جي ناولن ۽ تخليقن تي ميڙو مچندو ۽ نوان زويا دريافت ٿيندا.
ناول نگار بيدل مسرور بدوي مطابق: “ڊاڪٽر رسول ميمڻ واقعي هڪ جينيئس ماڻھو آهي. هن وٽ جيئڻ، جيئري رهڻ متعلق انساني مسئلن جو وڏو تعداد آهي ۽ خوشيءَ جي ڳالھہ آهي تہ هن ۾ انھن جي حل جي تلاش جي سگهہ بہ آهي تہ جستجو بہ آهي.”
رسول ميمڻ جا ڪردار هلندي ڦرندي ملي وڃن ٿا. هوُ تاريخ کي برزباني هن ناول ۾ ڪيئن ڪلا سان ورجائي ٿو. اها بہ ڏات جي خوبي آهي. هي ناول نوجوانن ۾ سياسي شعور ڏيڻ ۽ سمجهہ رکندڙن لاءِ ڪنھن تحفي مثل آهي.
ممتاز بخاري هن ناول کي سياسي ناول چيو آهي پر هي هڪ پلاٽ ليس ناول آهي.


اک ڇنڀ ناول:
تاريخ جي شاگرد عثمان علي ۽ لزا جي هيءَ ڪھاڻي هڪ خوابن وارن خيالن سان سرجيل آهي. جنھن ورهاڱو، ڪراچي ۽ سنڌ جي ابتر حالتون سياسي سماجي تناظر ۾ ڏٺيون ويون آهن.
SURREALISM واري رجحان تي هڪ ئي خيال تي مبني هي ناول ڪيئي ڪھاڻيون ۽ خيال کوڙي ڇڏي ٿو. جيڪي سنڌ جي زندگيءَ جو نئون پاسو ڏيکارين ٿا. ڪھاڻي سنڌ جو موجودہ دؤر ۽ انگريزن جي دؤر کي گڏائي ڪري ڏيکاري وئي آهي. جنھن تمثيلون، تشبيھهون ۽ استعارا سھڻي نموني استعمال ڪيا آهن. جن سان هڪ وڻندڙ تخليق جو امتراج ٿئي ٿو.


ڪتا ناول:
هن ناول جي ٻي ڇاپي اچڻ کان پوءِ سائين بيدل مسرور هڪ پوسٽ فيس بوڪ تي رکي هئي تہ حليم بروھي جي ناول اوڙاه ۽ ڪتا ناول ۾ هڪجھڙايون آهن. منھنجي خيال ۾ ٻنھي ناولن جا موضوع تمام گهڻا تبديل آهن. ها باقي زندگيءَ ۽ انساني وارتا ٻنھي ۾ ساڳئي آهي. اوڙاه ناول جو موضوع جنس آهي. جڏهن تہ ڪتا ناول انسان جي اڪيلائي، ويڳاڻپ ۽ نفسيات گهڻ طرفو پھلو رکندڙ آهي. انھن جي لکتن ۾ بہ پنجاه سالن جي وٿي آهي. اوڙاه جديد ناول ۽ ڪتا جديديت پڄاڻان ناول آهي. انھن جي ٽريٽمينٽ بہ الڳ الڳ آهي.
فڪشن رائيٽر/نقاد امداد ڪانھيو لکي ٿو: “ڪي ماڻھو تڪڙو هليا ويندا آهن ۽ انھن جو ائين هليو وڃڻ، رهجي ويلن لاءِ هميشہ حيرت جھڙو سوال ڇڏي ويندڙ ٿي رهجي پوندو آهي. ميان گل محمد وانگر ڊاڪٽر رسول ميمڻ بہ وڃڻ ۾ اوچتو جلدي ڪئي! پر جلدي ويندي بہ ڊاڪٽر رسول انسانيت کي جهونجهوڙڻ لاءِ ڪو مختصر ڪم نہ ڇڏي ويو آهي. سندس ڪتا ناول ۾ اسان جي هن معاشري ۽ سماج جي ڪُتي واري شڪل کي ڊاڪٽر رسول جھڙي طرح پنھنجي فلسفياڻي ٻوليءَ ۽ تشبيھي انداز ۾ فڪري سطح تي بيان ڪيو آهي، سو پڙهندي ڊاڪٽر رسول سان پريت تہ وڌي ٿي پر اهڙي انمول ماڻھو جي ائين اوچتو اڏري وڃڻ تي دل ۾ حسرت بہ ڏکي ٿي!” (حوالو: ف.ب پوسٽ)
ان ڳالھہ کي اتي ڇڏيندي ڪتا ناول تي ڳالھيون ٿا تہ هي ناول سنڌي ادب جو تيز وڪرو ٿيندو ناول آهي. هن ناول تي نوجوان ٽھي کان ويندي سنڌ جي سينئر اديبن ۽ ناول نگارن بہ ڳالھايو ۽ لکيو ويو. هي ناول اڃا تائين تہ سنڌي فڪشن پڙهندڙ وٽ بحث جو محور آهي.
ڪھاڻيڪار ناول نگار عباس ڪوريجي موجب: “رسول ميمڻ اڄوڪي دؤر جو ڏاهو ليکاري آهي، جنھن جي تحرير جيتري آسان نظر ايندي آهي اوتري ئي ڳوڙهي هوندي آهي. جنھن جو مثال سندس هي ناول ڪتا پڻ آهي.”
هي ناول جتي مشھور ٿيو آهي اتي گهڻ کي تہ سمجهہ ۾ بہ گهٽ آيو آهي پوءِ ان ناسمجهي ۾ اجائي نقطہ چيني بہ سامھون آئي آهي. رسول ميمڻ جي لفظن ۾ “فڪشن جي حد اتان شروع ٿئي ٿي، جتي حقيقت جي حد ختم ٿئي ٿي. هن ناول جا ڪتا ناياب آهن. ليکڪ جي تصور جي ڪائنات خلقي ٿو، ان ڪري اهي ڪتا منھنجا خلقيل آهن. (ڪتا ناول ڇاپو ٻيوـ 18ص)
اعلي ڪوي/نقاد علي آڪاش لفظن ۾: “ڇا تہ ناول آهي! آئون حيران آهيان تہ ڪو سنڌي ناول نگار اهڙو شاهڪار ناول لکي سگهي ٿو. رسول ميمڻ صاحب جو هيءُ ناول سنڌي فڪشن جي سنسار ۾ هڪ الڳ ۽ نئون آسمان آهي.” (حوالو: ف.ب پوسٽ)
رسول ميمڻ مڪمل فڪشن رائيٽر هو. جنھن فلسفي، نفسيات، سائنس جي گهري مطالعي مان فڪشن تخليق ڪيو. جيڪو گوناگون ماهيت رکندڙ آهي. ڪتا ناول ان جو تسلسل آهي.

(نوٽ: ليکڪ جو رسول ميمڻ جي ناولن تي الڳ ڪتاب لکيل آهي “سنڌي افسانوي ادب جو رسول” وڌيڪ اڀياس لاءِ اهو ڪتاب ڏسو.)

حوالا:
1. الهداد ٻوهيو، ادب جا فڪري محرڪ، سنڌي اديبن جي سھڪاري سنگت حيدرآباد، سنڌ، جون 1984ع.
2. رسول ميمڻ جي ياد، روزاني ڪاوش حيدرآباد، ايڊيٽوريل صفحو، 2022ع.
3. سنڌي ناول جو سفر، ممتاز بخاري، سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي، 2020ع.
4. eng-literature.com

ناول ”ڌرتيءَ جي پويتر ڌيءُ“ جي ٻوليائي ڇنڊڇاڻ

“ڌرتيءَ جي پويتر ڌيءُ” جو مرڪزي خيال Whiter than Milk تان آڌاريل آهي. جيڪو پڻ ناول نگار ۽ مضمون نگار جاويد جسڪاڻي جو لکيل آهي.
“ڌرتيءَ جي پويتر ڌيءُ” ناول تي اسان جو گهڻو تڻو ڳالھہ ٻولھہ جو محور ٻولي آهي تہ ناول ناول نگار ڪھڙي قسم جي ٻولي/اسلوب استعمال ڪيو آهي. ٻين پھلوئن تي پڻ ڌيان سان غور ڪيو ويندو.

Linguistic Cirticsim is literary theory that focuses on the ways in which language is used in literature.
ادبي ۽ ٻوليائي تنقيد جي فرق کي هيئن واضح ڪري سگهجي ٿو:
ٻوليائي تنقيد ٻوليءَ جي قاعدن، طور طريقن ۽ گهڙت جي باري ۾ هوندي آهي. جڏهن تہ ادبي تنقيد روايتي قسم، هئيت، مضمون ۽ موضوع جي حوالي سان هوندي آهي.
ٻوليائي تنقيد جو مقصد، ٻوليءَ جي استعمال جي سرشتي جي واهپي کي بيان ڪندو آهي. ادب ۾ بہ اهو ڏٺو ويندو آهي تہ ليکڪ ٻوليءَ جي انھن پاسن کي ڪيئن لکيو ۽ اظھاريو آهي.
هيٺ ڪجهہ جملا ۽ لفظ ڏجن ٿا جيڪي ناول نگار ناول ۾ استعمال ڪيا آهن:
1. “تارون تار وهندڙ درياھہ جو هيبت ڏيندڙ شور بہ هو.”ص21
2. “هن هٿ پير هلائڻ شروع ڪيا.” ص 22
3. “هو پنھنجون ٻانھون تيزي سان هلائي رهي هئي.” ص 22
4. “ننڊ ۾ ڳالھائڻ هڪ بيماري آ. انھيءَ ۾ جابولڻ کي ڪنھن طرح سچ نہ ٿو مڃي سگهجي.” ص 39
5. “بيواهيون” ص 60
6. ڪچن، ايس ايچ او، ليتي ڏيتي.. ص 82
7. “هن پنھنجا معاملا پاڻ ڄاڻي.” ص 101
8. “اي پي سين، اي پي سيون” ص 109
9. رولهڙو _ ص 108 آپريش ص 117
10. “صحافين سوالن جو ڀوڇاڙ ڪري ڇڏي هئي.” ص 129
11. تنڪو، بربڙائڻ. ص 135
12. منھنجي ٻارن لاءِ ڪو بہ آٿت نہ هو.” ص 163
13. سرنگ.. ص 171
14. سچوئيشنون ص 218
15. پيڊون ص 244 ٽيوٽرن ص_272
16. هوءَ ڪڌين رسمن جي ڀيٽ چاڙهيل عورت هئي.” ص 289

مٿئين جملن ۾ ليکڪ انگريزي لفظن جا جمع سنڌي ۾ ٺاهيا آهن ۽ جملا بہ مبھم ۽ ا بھام سان ڀريل آهن. انھن جو گرامر ۽ لھجو الڳ الڳ آهي ۽ اهو درست معنيٰ ۾ بہ نہ آهي.
ٻوليائي تنقيد جو ٻيو ڪم اهو بہ هوندو آهي تہ ڪھڙا عام اصول آهن ۽ جنرلائيزيشن تي زور ڏنو ويندو آهي.
مٿي جيڪي جملا مان حوالي طور ڪڍي رکيا آهن، انھن جي بيهڪ ۽ رواني ۾ چٽائي ڪونھي. ٻيو جيڪو وڏو مسئلو آهي اهو تہ اردو ۽ انگريزي جو انداز سنڌي جملن تي گهڻو حاوي آهي. ليکڪ انگريزي جا لفظن جا جمع هيئن ٺاهيا آهن سچوئيشنون ۽ پينون، پيڊون وغيرہ
ڇا سنڌي ٻوليءَ ۾ ائين ڪرڻ بھتر آهي جڏهن تہ انھن انگريزي لفظن جا سنڌي سولڻا لفظ موجود آهن تہ انھن کي ڇڏي وري انگريزي لفظن جي لفظن کي ڦيرائي غلط طريقي سان جمع ٺاهڻ منھنجي خيال ۾ درست عمل آهي. ها انگريزي لفظ جي سنڌي ۾ جمع ٺاهڻ ۾ زبر جيئن ڪمپيوٽرُ، جمع ڪمپيوٽرَ.
ناول جي نالي ۾ پويتر لفظ هندي وارو ڏنو ويو آهي سنڌي لفظ پوتر آهي. پويتر لفظ جي پڙهڻ ۾ ئي ڏکيائي ٿئي ٿي.
محمد اسماعيل عرساڻي چوي ٿو: “ناول نويسي يا افسانہ نگاري ۾ بہ جيستائين شاعراڻو نثر ڪم نہ آندو ويندو آهي تيستائين اهو هرگز دلچسپ بڻجي نہ سگهندو آهي.” (1)
لائق ناول نگار ناول لکڻ ۾ ڪامياب تہ ويو آهي پر هن لفظن جي چونڊ ۽ ٻوليءَ جي استعمال ۾ مار کائي ويو آهي. هن کان اڳ ۾ مون سنڌيءَ ۾ ضخيم ناول “عشق تمام برھہ تمام” پڙهيو هو. پر ان ۾ ٻولي ڪمال جي هئي ۽ صخيم هوندي بہ دلچسپي سان پڙهيو هو. ليکڪ لاءِ لفظ ئي وڏي ڳالھہ آهن هو ان سان ئي ڪنھن تخليق جي عمارت کڙي ڪندو آهي. سو ان ۾ سلاست ۽ بلاغت هجڻ لازمي آهي. هي ناول پڙهندي ڄڻ بار محسوس ٿيو.
هن ناول جو ٿيم ڌاڙيل ڪلچر، قبيلائي نظام ڪارو ڪاري جي چؤگرد گهمندڙ آهي. ناول جي ڪھاڻي تہ ڏاڍي اثرائتي انداز ۾ بيان ڪئي وئي آهي پر ڪردار نگاري ۾ ڪٿي ڪٿي ڪي جهول ضرور آهن. جيڪي اڳتي هلي واضح ڪبا. ڪارو ڪاري، ڌاڙيل گردي تي سنڌيءَ ۾ ڪجهہ ٻيا ناول موجود آهن جيڪي شيدو ڌاڙيل، ٽڪنڊو.
سخي جيڪو ناول جو مک ڪردار آهي ان جي زال جي ڪردار جو نالو 47 صفحي تائين ملوڪان ۽ 48 صفحي بعد صفوران ڏنل آهي. جيڪا ايڊيٽنگ جي غلطي آهي.
سنڌيءَ ۾ هيءَ پھريون ناول آهي جنھن تي ايڊيٽر جو نالو بہ ڏنو ويو آهي. سنڌي ناولن ۾ ايڊيٽنگ جي حوالي سان منھنجي خواهش موجب اها اڳڀرائي ٿي رهي آهي. ناولن کي ڇپائڻ کان اڳ سٺي ايڊيٽرس جي نظر مان ضرور ڪڍرائجي.
ڪافي سنڌي ادبي ڪتابن ۾ انگن کي لفظن ۾ غلط لکيو ويندو آهي جيئن رسول ميمڻ جي ناول کي اڻويھہ عورتون ۾ اوڻويھہ غلط لکيو ويو. هن ناول ۾ يارنھن لفظ ائين لکيو ويو جڏهن تہ درست لکت يارهن آهي. منھنجي خيال ۾ اهڙي لسانياتي بحث کان بچڻ جي لاءِ درستي ڪتابن کي حوالي طور اڳيان رکجي. ڇو تہ ٻوليءَ جي سکڻ، پڙهڻ ۽ لکڻ جا معيار انھن ۾ مقرر ٿيل آهن. ان ڪري لکت ۾ ان جي پوئواري ڪجي تہ بھتري ٿيندي.
ناول ۾ ڪردار نگاري ۾ ڪافي جاين تي ناول نگار جي جوڙجڪ مار کائي وئي آهي. ڪردارن جي ڪرت، عادتن ۽ ڪاگذاري ۾ فرق آهن. جن جا مثال هيٺ ڏجن ٿا:
محمد اسماعيل مطابق: “ڪردار نگاريءَ جي هڪ توازن هوندو آهي، جا نھايت ضروري چيز آهي، ان جا سڀئي جزا، پاڻ ۾ ڳنڍيل ۽ ڳتيل ٿيندا آهن.” (2)
روحي جيڪا هن ناول جو تکو ۽ تيز ڪردار آهي. پنھنجي مڙس کي قتل ڪري ڇڏي ٿي ۽ ان ڪيس مان بہ آجي ٿي وڃي ٿي. هوءَاين جو سيڪٽر ۽ سماج ۾ هلندي پڄندي واري آهي. بلڪ سلطان راهي قسم جو ڪردار آهي. پر هڪ جاءِ تي مون کي هي ڪردار ڏاڍو کٽل نظر اچي ٿو. جنھن کي بي ايم ڊبليو گاڏي آهي. تمام وڏو عاليشان بنگلو آهي پر هوءَ جڏهن ناول جي هيروئن حور کي، جيڪا جيل مان آزاد ٿي اچي ٿي تہ ان کي گهر وٺي آئي آهي اهڙو منظر صفحي 252 تي ڏنل آهي.
ايڏي امير هوندي بہ حور ۽ ان جي ڌيءَ پٽ کي پنھنجا ۽ پنھنجي مڙس جا چُڙيل ڪپڙا پائڻ لاءِ ڏيئي ٿي. ڄڻ احسان ڪري ٿي سو بہ وڏي فخر سان. اها تہ امير جي بہ بي عزتي ٿي پر شايد امير بي نڪا ٿيندا آهن. مون کي تہ اها حور ۽ ان جي ٻارن جي توهين لڳي.
ٻئي هڪ ڳالھہ ڌيان طلب آهي تہ روحي حور جي لاءِ وڏو بندوبست ڪري ٿي، انگريزي سيکاري ٿي، وڏي طبقي ۾ اٿڻ ويھڻ جا طور طريقا ۽ ڄاڻ ڏيئي ٿي. حور جي ڌيءُ زهرا کي راڳ جي سکيا لاءِ اسٽوڊيو ۾ داخلا وٺي ڏئي ٿي ۽ نجي تعليم ڏياري ٿي. پنھنجي ڌيءَ سان گڏ ڪنسرٽ پروگرام ڪرائي ٿي پر حور جي پٽ ميھر کي اهڙو ڪجهہ نہ ٿو ڏنو وڃي نہ ان لاءِ حور ڪجهہ ڪري ٿي نہ ئي روحي. الٽو ناول نگار صفحي 273 تي اهو ڏيکاريو آهي تہ ميھر کي روحيءَ پنھنجي اثر رسوخ سان پوليس ۾ سپاهيءَ جي ملازمت ڏياري هئي. اهو هڪ ڪردار سان انصاف نہ ٿو لڳي. جيتوڻيڪ هو سي ايس ايس ڪري آفيسر بہ ٿي پئي سگهيو پر هو سپاهي ڪيو وڃي ٿو.
حور جي پٽ جو ناول نويس صفا گهٽ ذڪر ڪيو آهي ۽ باقي عورتن جا ڪردار نمايان آهن.
جبران جو صحافي آهي هو حور جي باري ۾ اسٽوري ٺاهي ڇپائي ٿو. ان جي گهڻي تعريف ڪئي وڃي ٿي ۽ هو هڪ مظلوم جو ڪيس ظاهر ڪري ٿو پر ان تي کيس اڻ تڻ آحي ۽ تعريفون ٿيڻ جي باوجود هن جون دشمنيون ٿين ٿيون. اهو متضاد طريقو آهي. جيڪو ڪردار سان نہ ٿو ملي.
ليکڪ صفحي 279 صفحي تي اينڪر پرسن کان هيئن چوايو آهي:
“جنھن ۾ اسان جي لوڪ روايتن جا ظالماڻا آهن. پوئتي پيل گهرائڻ ۽ برادرين جا غيرعقلي فيصلا آهن ۽ انھيءَ ۾ اسان جي سماج ۾ گهر ڪري ويل خاميون آهن.”
سنڌي لوڪ راويتون تمام گهڻيون روادارانہ ۽ گهڻو انسان دوست رهيون آهن. سنڌي لوڪ ادب سماج ۾ عورت کي گهڻي اهميت رهي آهي. ناول نگار کي لوڪ روايتن جي ظالماڻين روايتن کي ظاهر ڪرڻ ۾ وڌيڪ بھتري هئي.
ناول ۾ ادبي ٻوليءَ جو استعمال صفا نہ جي برابر آهي. سڄي ناول ۾ مون کي هيءَ جملا تخليقي لڳا آهن:
“زندگيءَ ۾ جڏهن تلخ وقت هلندڙ هوندو آهي، تڏهن ارادي ۾ پختا انسان انھيءَ کي عام وقت وانگي هلائي ڇڏيندا آهن.” ص_277
صفحي 241 تي ناول نگار اهو ڏيکاريو آهي تہ؛ “روحي جيل جون صعبوتون سھڻ کان پوءِ آزاد ٿي آهي”
روحي جيڪا پنھنجي مڙس کي قتل ڪري ٿي پر جڏهن آزاد ٿئي ٿي تہ ماڻھو ساڻس سيلفي ڪڍائن ٿا ۽ ان جي مان وڏي پارٽي رکي وڃي ٿي. قتل قتل ئي هوندو آهي ۽ ان کي ورجايو يا ملھايو ناهي ويندو.
محمد اسماعيل عرساڻي چوي ٿو: “هڪ عمدي ۽ عظيم الشان قصي جو مدار آهي منصفن جي تنقيدي قابليت تي.” (3)
ڌرتيءَ جي پويتر ڌيءُ ناول پلاٽ ڪھاڻي ۾ تہ سگهارو آهي پر تنقيد پھلو جيڪو ليکڪ جي اک جو ڪمال هوندو آهي اهو هن ناول ۾ نہ آهي. ٻوليائي تنقيد جي لحاظ کان اهو آهي تہ لکت ۾ ٻوليءَ جي معياري لھجي Dialect ۾ لکيو وڃي تہ بھتر ئي رهندو ها باقي جيڪڏهن ڪردارن جي واتان علائقائي لھجي جي ٻولي کي استعمال ڪري سگهجي ٿو ۽ گهٽ ۾ گهٽ ليکڪ نئريشن ۾ تہ معياري لھجي جو استعمال ڪري پر هن ان ۾ بہ علائقائي لھجي کي ڪتب آندو آهي.
انھن سڀني ڳالھين کان سواءِ هيءَ هڪ سٺي فڪشن ڪھاڻي آهي جنھن ناول نگار خوبصورتي سان ٻڌايو آهي. اها هن جي خوبي آهي.


حوالا:
1. عرساڻي، محمد اسماعيل عرساڻي، چار مقالا، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، سنڌ، 2017ع. (ص 14)
2. ساڳيو_(ص_48)
3. ساڳيو_ (ص_15)

ڊينڊروفائل ناول “وڻ”

عباس ڪوريجو سٺو انسان آهي، اها سڀني کي خبر آهي، پر هُو ايوارڊ يافتہ ڪھاڻيڪار بہ آهي.سنڌي شعبي مان ماسٽرس ۾ گولڊ ميڊلسٽ آهي. ڀوڳائي تہ قھر جو آهي. چرچو ائين ڪندو آهي، جيئن ڪو ڀاشن ڏيندو هجي. سونھن پرستيءَ ۽ عشق ۾ وڏي انداز وارو ماڻھو آهي. فطرت پرستي تخليقڪارن جي جوهر ۾ ڀريل هوندي آهي ۽ عباس بہ اهڙو ئي آرٽسٽ آهي. جنھن جي تخليق جا عنوان بہ فطرت پسند هوندا آهن. ان ۾ هميشہ ڪمال ڪندو رهيو آهي.
ناول جي دنيا ۾ وڏي ڪاريگريءَ ۽ ڪمال سان هُو ناول تي ڪم ڪري ويو آهي. زندگي ڇا آهي؟ زندگي ناول آهي. ان جو ليکڪ ڪير آهي؟ معلوم ناهي. جنھن کي اسان بيھي بيھي، روئي کلي پڙهون ٿا ۽ سمھي پئون ٿا. اها ڳالھہ هڪ ناول نگار ڪري وڃي ٿو.
هي ناول “وڻ” سنڌي ادب جو بنھہ انوکو ناول آهي. ناول جي گهرجن سان سرشار هن ناول ۾ ليکڪ اهڙو تہ تجسس ڀري ٿو جو پڙهندڙ سڪتي ۾ آهي تہ وڻ جو ڇا ٿيندو؟ ڪھاڻي ڪٿ انت ڪندي. ناول جي لاءِ ايترو چوندس تہ عباس هن ڌرتيءَ جو وڏي ۾ وڏو ڊينڊروفائل Dendrophile آهي.
افسانوي ادب جي گھرائي ۽ حقيقت پسنديءَ وارا پھلو وڏا سگهارا رهيا آهن، انھن دنيا ۾ شعور جي وڏي سگهہ پيدا ڪئي آهي ۽ صنعتي سماج ۾ ناول سوچ جا زاويه ٺاهيندو رهيو آهي. ان پنڌ ۾ عباس ڪوريجو جو هي ناول سنڌي ادبي دنيا سان گڏ دنيا جي هر انسان جي لاءِ هڪ جھڙو احساس رکندڙ تخليق آهي. جيڪا معقول آهي ۽ مقبول ٿيندي.

ناول ”هائيپر سومنيا“ تي تنقيدي نوٽ

نفسياتي ناول ۾ ڪو خاص فرد يا افراد پنھنجي گذريل زندگي، ياد ڪندا نظر ايندا آهن. ناول ۾ سمورا مڪالما اهڙي طرح آندا ويندا آهن، جيئن ڪنھن جي دماغ ۾ خيالن جو هجوم هجي. ناول جو تسلسل قصي جي ڪري نہ هوندو آهي؛ پر ڪنھن فرد جي نفسياتي حالت موجب هوندو آهي. جيمس جوائس جو ناول “يوليسس” نفسياتي ناول جو سٺو مثال پيش ڪري ٿو، هنن ۾ سماج جي نه؛ پر گذريل واقعن جي تصوير چٽي وئي آهي. هن قسم جي ناولن ۾ نہ تہ ڪا هيئت هوندي آهي ۽ نہ ارتقا هوندي آهي بلڪ تسلسل بہ نالي ماتر هوندو آهي.
توڻي جو هائپرسومنيا مڪمل نفسياتي ناول ڪونھي، هڪ ننڊ جي بيماري تي آڌاريل آهي. مجيب اوٺي جي ناول ۾ بہ ڪجهہ اهڙو آهي قصو تہ تسلسل ۾ ناهي، بس خيالن جو خلل ۽ مونجهارو آهي جيڪو هلندو هلي ٿو. هائپرسومنيا جي بہ ڪا هيئت ڪونھي نہ ئي ڪو منڍ يا عروج آهي، ننڊ، خواب، پکي، مينھن، عبدالرحيم ۽ ماريا، عارفا آهن.
مقدس توريت ۾ آهي تہ يعقوب خواب ۾ ڏٺو تہ؛ “هڪ ڏاڪڻ آسمان سان لڳل آهي جنھن تي فرشتا اچ وڃ ڪري رهيا آهن.”
ائين انجيل ۾ بہ خوابن جون ذڪر آهي ۽ حضرت يوسف جا خواب بہ مثال طور ڏسي سگهجن ٿا.
ويدن ۾ خوابن جون ڳالھيون آهن خواب ۾ موت وڏي عمر جي نشاني ويدن تان کنيل مفروضو آهي.
يوناني فلاسافرن بہ خوابن تي ڳالھايو آهي: افلاطون چوي ٿو: “خواب ۾ اسان جي اندر جا دٻيل خيال هنگامو برپا ڪندڙ شڪليون اختيار ڪندا آهن. هائپرسومنيا جو ڪردار عبدالرحيم بہ پنھنجي اندر ۾ دٻيل گهٽيل خيالن کي خوابن ۾ ڏسي ٿو، محسوس ڪري ٿو.
ائين خوابن بابت مسلمانن ۽ صوفين جا پنھنجا خيال آهن. پر جديد نفسيات جي حوالي سان خواب نھايت دلچسپ موضوع بڻجي ويا آهن. جنھن تي تحقيق جو وڏو نانءُ پروفيسر سگمنڊ فرائيڊ جو آهي، هن خوابن کي نفسيات جي علم جي روشني ۾ ڏٺو. سائنسي تجربا اهو بہ چون ٿا تہ خواب ڏسڻ ضروري آهن: خوابن جي سائنسي تجربي جي تحقيق بابت فرانس جو الفريد ماري لکي ٿو تہ؛ “ٻاهريان عنصر ۽ ڀٽڪندڙ يادون دراصل خوابن کي جنم ڏين ٿا.”
هائپرسومنيا جو مک ڪردار عبدالرحيم بہ پنھنجي يادگيرين جي ڀونر ۾ ڪيڏي مھل عارفا کي ڏسي ٿو تہ ڪيڏي مھل مينھن، ٻلي، پکي ۽ ٻيون شيون هن جي خوابن جو حصو آهن.
ايمل اي گوٿيئل چوي ٿو: “خواب نفسياتي جنسي ۽ باطني عمل جو اولڙو هوندا آهن، جيڪي فرد ذهن تي وري وري سدائين پيا پوندا آهن.”
هائيپرسومنيا جي ڪردار جو مسئلو اهو آهي تہ هُو پکين جي مرڻ تي گهڻو مونجهہ جو شڪار آهي ۽ اهي ئي اولڙا هن جي ذهن تي حاوي آهن ۽ خيالن ئي خيالن ۾ اهو ڏسي ڪڙهي ٿو ۽ ٿورو ٿورو مري ٿو.
خواب انسان کي ڪنھن ڪم بابت چتاءُ بہ ڏيندا رهندا آهن ۽ کيس ڪن ڪمن ڪارن کان روڪيندا بہ آهن. عبدالرحيم بہ پکين جي شڪار ۽ نسل ڪشيءَ تي پريشان آهي ۽ خوابن ۾ اهڙو چتاءُ بہ هن کي خواب ۾ اچي ٿو. پر اڻ ڄاڻائي ۾ وري بہ هُو پکين کي ايذائي بہ وجهي ٿو.
محمد اسماعيل عرساڻي مطابق: “هڪ ئي ۾ ساڳيو ئي ڪردار متضاد عادتن وارو نہ هوندو آهي، ڇاڪاڻ جو ڪو بہ انسان يڪ وقت ايماندار ۽ بي ايمان، ظالم ۽ همدرد ٿي نہ ٿو سگهي.”
هائيپرسومنيا جو مک ڪردار عبدالرحيم جنھن کي پکين جي مرڻ جو وڏو اونو آهي پر هو زال سان هارڊ ڪور سيڪس ٿو ڪري ۽ کيس ڪو احساس نہ ٿو ٿئي.
اهڙيون ڪجهہ ٻيون غلطيون بہ آهن جيئن عبدالرحيم پنھنجي زال کي ڪاليج ڇڏڻ ۽ کڻڻ لاءِ ڊرائيور رکي ٿو پر وري ان کي پاڻ کڻڻ وڃي ٿو.
موضوعاتي لحاظ کان ناول نئون آهي پر هائيپرسومنيا جي موضوع کي درست رخ ۾ نہ کڻي سگهيو آهي. ان بيماري ۾ ماڻھو غيرمعمولي صلاحيتن جو مالڪ هوندو آهي، پر ناول عبدالرحيم موڳو مٽر آهي. جنھن تي وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي گهرج آهي.

پرڏيھي ناول

---

شعور جي بيماري ۾ ورتل ناول نگار ۽ فرهاد جيلاني جو ترجمو

شعور جڏهن اچي ٿو تہ نھوڙي وجهي ٿو، علم ۽ عقل جي اعليٰ سمجهہ بہ انسان جي احساسن جي لاءِ گهڻي منجهائيندڙ هوندي آهي. شعور جڏهن زميني ۽ نفسياتي حقيقتون پروڙي وٺي ٿو تہ دوستو وسڪي جو جنم ٿئي ٿو. فريڊرڪ نٽشي، فرانز ڪافڪا، ڪاميو ۽ جوائس پيدا ٿين ٿا.
وجودي اديب پنھنجي ناولن ۾ پنھنجو پاڻ ڳولين ٿا. ڪاميو جو ڌاريو Outsider اهڙن اڌمن سان ڀريو پيو آهي. ڪافڪا جو Metamorphosis انسان جي وجود کي ڪيڙي ۾ تبديل ٿيندي ڏيکاري ٿو. جيمس جوائس جو Ulysses بہ ڪاميو جي سيسيفس جي ڏند ڪٿا وانگر ديو مالائي ڪردار وسيلي انسان جي اجاين ۽ بغير سبب پيڙائن کي چٽو ڪري ٿو.

فريڊريڪ نٽشي پنھنجي دوست پيٽر گاسٽ کي لکيو:
“هتي توهان کي هڪ اهڙو نفسياتدان ملي ٿو، جنھن سان مان اتفاق ڪيان ٿو.”
اهڙو اظھار نٽشي دوستو وسڪي بابت ڪيو آهي. دوستو وسڪي جي ناول Notes from Underground کي “پاتار مان پنا” جي نالي سان نوجوان شاعر، اديب فرهاد جيلاني اسان کي سنڌي ويس پارائي ڏنو آهي. جيڪو سنڌي ادب لاءِ سٺو قدم آهي.

نٽشي “پاتار مان پنا” ناول بابت لکي ٿو:
“هن ڪھاڻي جو انام غير هيرو، ان تڪليف ۽ فالج پڻي جي گهرائي ۾ وڃي تر لھي ٿو، جيڪي ذات جي شعور جي بيماريءَ مان پيدا ٿين ٿيون.”
“پاتار مان پنا” مان:
“مان بيمار ماڻھو آهيان، هڪ بغض ڀريو ماڻھو آهيان، مان هڪ اڻ موهيندڙ ماڻھو آهيان، پڪ اٿم تہ منھنجي جيري کي بيماري لڳل آهي.”
دوستو وسڪي لکي ٿو:
“مان توهان کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو تہ... مان هڪ جيت جڻو ڇو نہ ٿي سگهيس...! باشعور ٿيڻ هڪ بيماري آهي... ماڻھو جي روزاني وارين ضرورتن جي پورائي لاءِ... اڌ يا ان جو چوٿون حصو ڪافي هو... جيڪو شعور اسان جي اڻويھين صديءَ جي گهڻن تڻ ناخوش ماڻھن کي ميسر آهي.”
دوستو وسڪي جو هي ۽ ٻيا ناول انساني نفسيات ۽ شعور جا اهي شهپارا آهن، جن ۾ انسان جي ڪيفيتن ۽ خيالن جا آبشار آهن جيڪي وهندا رهن ٿا. هو پاڻ بہ باشعور هجڻ کي هڪ بيماري سمجهي ٿو. دوستو وسڪي کي آئون وجوديت جو Pioneer چوندو آهيان ۽ اها ڳالھہ جاويد ڀُٽي بہ ڪئي هئي، اهڙي ئي ڳالھہ هڪ ٻيو ليکڪ لارنس گين بہ لکي ٿو:
“نٽشي مسيحيت جي آخري نشانين کي پاڙان اکيڙڻ جي ڪوشش ۾ هو؛ جڏهن تہ دوستو وسڪي جيڪو پنھنجي من کان ڪافر هو، سو هڙان وڙان ڪري حياتيءَ جي سڃي قبوليت جي ڳولھا ۾ هو. ٻئي آخري حدن تائين انسان ٿيڻ جي احساسن جي ڳولھا ۾ هئا ۽ ان ريت اهي ٻئي وجوديت جي فلسفي جا باني هئا.” ص_143

رسول ميمڻ صاحب دوستو وسڪي جي وجودي هجڻ يا وجودي نظريي کي گهڻو واضح ڪري ٿو:
“دوستو وسڪي مذهبي اثر هيٺ رهندي پھريون وجودي اديب آهي. هو لاشعوري طور خدا کي ياد ڪري ٿو ۽ اهو خدا هن جو شخصي خدا آهي. ڪئرڪگارڊ جيان هو بہ، نہ ڪيل گناهن جي احساسن کان مذهب جي پاڇي کان ٻاهر نہ ٿو نڪري، وجوديت جنھن بہ عقيدي جي نفي آهي، پر فلسفي ۽ ادب ۾ وجوديت جا بانيڪار مذهب جي دائري کان خارج نہ آهن. جيئن ڪئرڪگارڊ وجودي فلسفي جو باني آهي. دوستو وسڪي وجودي عدميت Existentialist Nihilism جو تخليق ڪار آهي. هو نجهہ Nothingness ۾ پاڻ وڃائي پاڻ ڳولھي ٿو.”
دوستو وسڪي وجودي خيالن جو گاڊ فادر آهي. ان کان ڪوئي انڪار نہ ڪري سگهندو. هو ماڻھو جي من جي مانڌاڻ کي پاتار مان ڳولھي لکي ٿو. هن جا ڪردار ۽ لکڻيون هڪ پوري ڪيفيت حائل ڪندڙ آهن. جن مان نڪرڻ هڪ حساس ذهن لاءِ گهڻو اوکو آهي. ان ڪيفيت کي “دوستو وسڪيانا” چون ٿا.

“پاتار مان پنا” کي رسول ميمڻ کان فرهاد جيلاني تائين دوست ناول نہ ٿا چون پر آئون ان کي ناول مڃان ٿو. هڪ ڀرپور تاثر ڇڏيندڙ ناول آهي. جنھن ۾ ماڻھو جي مونجهہ جو لاڀائتو اظھار آهي.
آئون ٿورو “پاتار منجهان لکڻيون” جنھن کي فرهاد جيلاني “پاتار مان پنا” جو خوبصورت نانءُ ڏنو آهي تي ڳالھائي پوءِ آئون فرهاد جيلاني جي ترجمي بابت ڳالھائيندس.
فرهاد جيلاني هڪ محنتي نوجوان آهي ۽ سٺو شاعر آهي، جيڪو شاعري جي دنيا کان پوءِ ترجمي جي شعبي ۾ آيو آهي. هن ناول کي ترجمو ڪرڻ ۾ هن گهڻي محنت ڪئي هوندي ڇو تہ دوستو وسڪي جي ٻولي ڳوڙهي ۽ پيچيده آهي. ان کي سنڌيءَ ۾ لاهڻ هڪ للڪار وارو ڪم آهي. پوءِ بہ ترجمي نگار گهڻي حد تائين ڪامياب ويو آهي.
ترجمي نگار جون ترجمي ۾ خوبيون هن ريت آهن:
1. ترجمي نگار ترجمي دوران روسي ماحول کي اوئين رکيو آهي جھڙو هوندو آهي، ان کي هروڀرون سنڌي ماحول نہ بڻايو اٿس. کوڙ سارا ترجما نگار اهڙو ڪم ڪندا آهن ٻين علائقن کي سنڌي علائقن جو روپ ڏيئي ويندا آهن.
2. هن ترجمي ۾ ٻولي جو گهڻو تڻو تحفظ ڪيو ويو آهي. ڇو تہ ترجمي نگار پاڻ شاعر آهي ان کي ڪري هن سنڌي يا سنڌيءَ ۾ مروج ٻين ٻولين جي لفظن جي چونڊ ڪئي آهي.
3. موضوع جي چونڊ تمام ڪلاسيڪل آهي. مستقبل ۾ اهڙي اميد رکجي ٿي تہ هو اهڙا شاهڪار اسان کي سنڌي ۾ ڪري ڏيندو رهندو.
4. ترجمي نگار پاران ڪجهہ اصطلاحن يا نالن جي حوالي سان ڏنل فوٽ نوٽ ان جي قابليت کي ظاهر ڪن ٿا.
5. ترجمي نگار جي اها ڳالھہ وڻي جو ان پروف صحي نموني ڏٺا آهن. پر ان جي باوجود پروف جون چڪون رهجي ويون آهن. پر جيڪي اڄڪلھہ جيڪي ڪتاب ڇپجن ٿا ان جي ڀيٽ ۾ گهٽ آهن. جيڪا ساراھہ جوڳي ڳالھہ آهي.

ترجمي نگار لاءِ صلاحون جيڪي غلطيون هو ڪري ويو آهي اهي ايندڙ ترجمي ۾ نہ دهرائي:
1. سڀ کان پھريان تہ “ئي ۽ ته” جو جيڪو بي جا استعمال هر صفحي تي گهڻو آهي ان کي هميشہ نظرثاني ڪئي وڃي.
2. ڪو ڪتاب ترجمو ڪرڻ کان پوءِ ڪجهہ سينئر ترجمي نگارن سان رابطو ڪري ان کي ڏيکارڻ گهرجي. جيئن اهي ماهرانہ رايو ڏين.
3. سنڌي ۾ اردو ترجمو ڪرڻ وقت سنڌي جي لفظن کي وڌيڪ اهميت ڏجي نہ ڪي اردو جا لفظ ڏجن جڏهن تہ سنڌي جا لفظ هجن بہ، مثال طور اردو جا استعمال ٿيل لفظ جڏهن تہ انھن جا تمام سلوڻا سنڌي لفظ بہ آهن؛ (اناب شناب، (گهٽ وڌ) شرمندہ (پشيمان يا شرمندو) بري (خراب) ڪوئي(ڪو) نازيبہ (بي ڍنگو)، ناشائستہ (اگري)
4. ڪٿي ڪٿي تہ ڪي پورا جملا اردو جو سڌو سنئون ترجمو لڳن ٿا جيئن: “مان هار مڃڻ وارو ڪٿي هيس.” مين هار ماننہ والا ڪھان تھا. ڇهپانا کي ڇُپائي، سنڌي ۾ بہ ڇپائڻ آهي پر وڌيڪ درست لڪائڻ آهي منھنجي خيال ۾.
5. آخري صلاح اها تہ ڪو بہ ڪتاب ڇپائڻ اڳ ۾ ڪنھن سٺي ايڊيٽر کي ضرور ڏيکارڻ گهرجي ۽ اسان کي هاڻي اهو رواج شروع ڪرڻو پوندو ۽ ايڊيٽر ڳولڻا پوندا، هن وقت بہ سنڌي ۾ تمام وڏا ايڊيٽر موجود آهن.
Notes from Underground ڪتاب تي گوگل بابا ٻڌائي ٿو تہ ساڍا ڇھہ هزار کان وڌيڪ ريووز لکجي چڪا آهن اهي شايد سنڌي ۾ ڪو ٻيو ريوو آهي جيڪو آئون لکي رهيو آهيان. فرهاد جيلاني جو ترجمي وارو تجربو وڻندڙ ۽ متاثر ڪندڙ آهي. اسين فرهاد جيلاني جوشيلي ۽ سنجيدہ قسم جي ادب دوست کان مستقبل ۾ اهڙي قسم جا سنجيدہ ترجما پڙهڻ جا منتظر رهنداسين.

”تاراس بلبا“ ناول جو سٺو سنڌي ترجمو

هن ترجمي تي آئون ان ڪري لکي رهيو آهيان ڇو تہ مترجم پنھنجي پاران ۾ لکيل ٻن اکرن ۾ لکيو آهي تہ “دوستن جي رايي جو اوسيئڙو رهندو.”
مون ترجمي کي ڌيان سان پڙهيو آهي. ان ڪري مون کي جيڪي شيون نظر آيون آهن اهي اوهان سان ونڊيان ٿو.
روسي ڪلاسيڪل ناولن کي سنڌيائڻ جي ڪڙي هي ناول تاراس بلبا بي حد واکاڻ جوڳو ڪم آهي. جنھن تي ٻنھي سينئر دوستن علي عاجز شر ۽ افضل شر لاءِ گهڻو احترام ۽ پيار آهي ۽ اها آس بہ تہ هو ڪلاسڪيل ادب کي سنڌيائيندا رهندا.
هن ترجمي جي سڀ منجهائيندڙ ڳالھہ مون کي اها لڳي تہ ناول جي سرورق تي ان کي ناول ۽ پٺ ورق تي ان کي ناوليٽ چيو ويو آهي.ٻيو اهِو تہ لائق مترجم علي عاجز شر جو هن ترجمي ۾ ٻانھن ٻيلي افضل شر هو. پر ان جا ڪي بہ ويچار هن پستڪ ۾ شامل نہ ڪيا ويا آهن. هن ڳالھہ جي تعريف ڪرڻ کان سواءِ رهي نہ ٿو سگهجي تہ مترجم ساٿين اصل ڪتاب جي مترجم ستار طاهر جو نانءُ بہ ڏنو آهي ۽ ٻولي اردو ڄاڻايل آهي.
ڪتاب جي ارپنا مھاراجا ڏاهر جي نانءُ ڪئي وئي آهي. اهو پنھنجي ايندڙ نسلن کي حقيقي تاريخ سان روشناس ڪرائڻ جي هڪڙي ننڍڙي وک آهي. جيڪا ڏاڍي ڀلي آهي.
تاراس بلبا رومانوي ۽ تاريخي ناول/ناويلا آهي. هي هڪ پوڙهي زيپورزهن ڪوسڪ قبيلي جي تاراس بلبا ۽ ان جي ٻن ٽن آندري ۽ روستاب جي ڪھاڻي آهي. منھنجو ڪم هتي ناول جي ڪھاڻي جي اکيل يا سمجهاڻي ڏيڻ نہ آهي. پر آئون ترجمي جي ڪجهہ عنصرن تي ڳالھائڻ آهي. تاراس بلبا جي ڪردار جي پٺيان ٻي مھاڀاري جنگ ۾ هڪ فوجي جنرل ليڊر جو نالو بہ رکيو ويو هو. انگريزي ۾ هن ئي ناول تي ڪيتريون فلمون ٺھي چڪيون آهن. موجودہ دور ۾ هن ناول تي نيٽفليڪس تي بہ هن ناول بابت فلم موجود آهي.
هن ناول جي ترجمي ۾ لائق سنڌيڪار سٺي ڪوشش ڪئي آهي. هي ڪم سخت محنت جوڳو هوندو آهي. مون جڏهن سنڌي ۾ ترجمو ڪيل ڪافي سارن ناولن کي غور سان پڙهيو تہ انھن ۾ ٻوليءَ جا گهڻائي جهول نظر آيا. اهو شايد سنڌيڪارن، ليکڪن يا وري ايڊيٽرن جي لاپرواهي جو نتيجو آهي. ايڊيٽر مان منھنجي مراد پروف ايڊيٽر ۽ ماهر جي آهي جيئن انگريزي ۾ چوندا آهن ايڪسپرٽ ايڊوائيزر يا اوپينن ڏيندڙ. ڪو ڪتاب آڻڻ کان اڳ ۾ هر ليکڪ کي اهو ڪنھن ٻئي ليکڪ کي ضرور جاچرائڻ گهرجي.
هن ترجمي ۾ (ئي ته) جو جهجهي مقدار ۾ استعمال، هن ترجمي جي سونھن تي داڳ آهي. ٻيو هن ناول ۾ هو کي هئو ڪري لکيو ويو آهي. جيڪو معياري لھجي يا ٻوليءَ ۾ درست ناهي. ان لاءِ بس آئون هڪ ئي مثال ڏيندو آهيان جڏهن بہ ڪوئي هو کي هيو يا هئا کي هيا ڪري لکندو آهي.
“هئا اڳي گڏ ٻڌڻ ۾ ٻہ ٿيا.” لطيف سائين جي شعر ۾ بہ هئا آهي هيا ناهي. ڪافي دوست هيا يا هيو درست ڄاڻائڻ لاءِ هزار بي تڪا دليل ڏيندا آهن.
“سڀ ننڊ سمھي رهيا هئا.” ص 16
مٿئيون جملو بہ هن ترجمي جو جملو آهي جيڪو سمجهہ کان ٻاهر آهي. جڏهن تہ هي اردو تان ترجمو ڪيو ويو آهي ۽ ان ۾ اردو جي لفظن کان پرهيز ڪئي وڃي ها پر ساٿي سنڌيڪارن ان ڏانھن ڌيان ناهي ڏنو. جيڪو ٿورو کٽڪي ٿو.
جيئن: ختم، اڪسائي، شور شرابو، جوٽجي، سراغ رساني، ساڪت، گونج، هچڪي، ڌت، ڪل، نانگ سونگهي ويو، برخاست، ذميداري، حالات وغيرہ
سنڌيڪار دوستن ڪن جاين تي انگريزي جي لفظن کي هئين بہ لکيو آهي جيئن رجمنٽون. هن ترجمي تي اترادي لھجي جو بہ اثر آهي جھڙوڪ: نشان کي نيشان، نيشاني يا وري 85 صفحي تي “سندس پنھنجو پٽ..” جيڪو بہ درست ناهي.
انھن سڀني نشاندهين کان علاوہ هي ترجمو سھنجو ۽ سولو آهي. جيڪو وڻندڙ رواني سان ڀرپور آهي. جنھن کي پڙهي اسان جنگي ماحول ۾ اچي وڃون ٿا ۽ اهو مادري ٻوليءَ جو ئي اثر آهي.
جنگي ماحول، وطن پرستي ۽ سرفروشي جي موضوع تي آڌاريل هن ناول پڄاڻي اتي ٿئي جڏهن تاراس بلبا پنھنجي قوم ۽ ماڻھن خاطر پنھنجي پٽ کي ماري وجهي ٿو.
سنڌي ۾ ترجمي جي راويت رهي آهي تہ ان ڪلاسيڪل ادب کي ئي ترجمو ڪيو ويو آهي ۽ هي بہ ان جو تسلسل آهي جنھن لاءِ علي عاجز شر ۽ افضل شر صاحب کي جس هجي.

البرٽ آئن اسٽائن جي جيون ڪٿائي ناول مان ملندڙ کوڙ سبق

ڪٿي پڙهيو هيم تہ جيڪو سنڌي ۾ ترجمي جي ميدان ۾ لھي ٿو، ان کي عالمن جي سج مرزا قليچ بيگ جي قافلي ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. سنڌي ادبي ٽھي ۾ اڻ ڳڻيا نانءُ آهن. جيڪي ترجمي جھڙي ڳوڙهي، ٿڪائيندڙ بنھہ خشڪ ڪم کي پنھنجي ڪلھن تي کڻندي نہ صرف ڪاميابي سان نڀائيندا اچن پر چڱو خاشو نالو بہ ڪمايو اٿن. انھن ۾ محمد ابراهيم جويو، رشيد ڀٽي، ولي رام ولڀ، احسان بدوي ۽ ٻيا گهڻا نالا اچي وڃن ٿا. ڪنھن بہ ڌاري ٻولي ءَ مان ڪا تخليق ٻئي ٻولي ۾ آڻڻ ۽ ان ئي اصلوڪي حالت ۾ پيش ڪرڻ هڪ ترجمي نگار لاءِ ڏاڍو اوکو ڪم هوندو آهي. پوءِ بہ ترجمي جي ميدان ۾ دنيا جي ادب مان شاندار ۽ ڪلاسيڪل مواد کي ترجمو ڪري آندو ويو آهي. جنھن سان اسان کي دنيائي ادب جي ڪافي ڄاڻ ملي آهي.
اهڙي ئي هڪ ڪوشش نوجوان اديب نويد سنديلي “آئن اسٽائن جي جيون ڪٿائي ناول” جو انگريزي مان سنڌي ۾ ترجمو ڪيو آهي. جنھن کي ڪارونجهر اڪيڊمي محراب پور پاران شڪيل احمد شيخ چپرائي پڌرو ڪيو آهي. آئنسٽائن جو هي جيون ڪٿائي ناول پندرهن بابن تي مشتمل آهي. ناول پھرين باب “موڳو ڇوڪرو” جي نالي سان شروع ٿئي ٿو. ان باب ۾ اهو موڳو ڇوڪرو قطب نما جي سوئي تي سوچڻ لڳي ٿو ۽ سوال ڪري ٿو. هڪ ڪچڙو ذهن سوال ڪري اصل حقيقت تائين پڄڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. ٻئي ڳالھہ جيڪا نوٽ ڪرڻ جھڙي آهي تہ البرٽ آئنسٽائن اسڪول ۾ پنھنجي استادن کي سوالن سان منجهائي وجهي ٿو. اهي سوال جيڪي آلجبرا جيX بابت بہ آهن تہ تاريخ کي رٽو هڻي ياد ڪرڻ بابت بہ آهن. پر ان X مان البرٽ کي گهڻو ڪجهہ سمجهہ ۾ اچي وڃي ٿو، پر استاد جيڪي کيس ڪاوڙجي ڪلاس مان ڪڍي ٿا ڇڏنس. ٻيو باب البرٽ جو اسڪول بابت آهي جنھن ۾ سندس والدين کيس سٺي اسڪول ۾ نٿا پڙهائي سگهن. ۽ هي ان سخت ماحول ۾ رهي بہ نٿو سگهي. خاص ڪري پڙهائڻ جي حوالي سان استادي پيشي سان وابسطہ ماڻھن لاءِ هي باب ڏاڍو سيکاريندڙ آهي. سير سفر البرٽ آئنسٽائن کي ڏاڍو پسند هو. جڏهن سندس والدين اٽلي لڏي اچن ٿا تہ هو اٽلي جو سير ڪري ٿو. سياحت جنھن سان بہ ذهانت وڌي ٿي ۽ ماڻھو نيون شيون ڏسي نئين سوچ اختيار ڪري ٿو. ٽيون باب البرٽ جي اٽلي جي سير بابت آهي. البرٽ ننڍي عمر ليونارڊو ڊاونچي جي ٺاهيل پينٽنگ “آخري رات جي ماني” تي ڳالھائيندي چوي ٿو تہ تصوير تمام خوبصورت آهي پر ڊوانچيءَ رنگ ڪمزور استعمال ڪيا آهن جيڪي ڦٽي ويا آهن. ٻئي جيڪا متاثر ڪندڙ هن ڪتاب ۾ ڳالھہ آهي اها “يونيورسٽي جا ڏهاڙا” باب ۾ آهي جنھن ۾ دنيا جو عظيم سائنسدان اڌوراڻا ڪپڙا پائي يونيورسٽي ۾ داخلا لاءِ وڃي ٿو. سادگي ۽ نفاست سندس طبعيت جو جز هئي. سترهن سالن جو نوجوان ٿي ڪري کيس پنھنجي ٺاھہ ٺوھہ طرف ايترو توجھہ نہ هجڻ حيرت ۾ وجهندڙ ڳالھہ آهي پر اڄ جو اسان جو نوجوان يونيورسٽي ۾ ڪيترا ويس وڳا هر ويلي مٽي ٿو اهو هر يونيورسٽي ۾ پڙهندڙ ڄاڻندو هوندو. اسان جي يونيورسٽين ۾ تہ سواءِ ڪپڙا لٽا پائڻ ۽ فيشن ڪرڻ جي علم پرائڻ ۽ غور فڪر ڪرڻ جو ڪو رواج ئي نہ پئجي سگهيو آهي.
هن جيون ڪٿائي ناول مان هي ڳالھہ بہ ظاهر ٿئي ٿي تہ البرٽ هر وقت اڪيلائي ۾ رهي ڪري هر پل سوچيندو رهي ٿو. تنھا جاين تي وڃڻ يا ويھڻ کيس بي حد پسند هجي ٿو. جتي کيس بھترين نموني سان سوچڻ جو موقعو ملي ٿو. ان عمل سان ئي دنيا کي حيران ڪندڙ نظريو “اضافيت وارو نظريو” جنم وٺي منظر عام تي اچي ٿو.
هن جيون ڪٿائي ناول کي جتي ترجمو ڪري منظر عام تي آڻڻ هڪ شاندار ڪم اتي هن ڪتاب ۾ اڻ ڳڻيون غلطيون ڪيون ويون آهن. پھرين جيڪا ڳالھہ مون کي ڪتاب کڻڻ سان ئي محسوس ٿي اها تہ اصل ليکڪ جو نالو ئي نہ ڏنو ويو آهي. ٽائيٽل تي سنڌيڪار جو وڏو نالو ڏنل آهي پر اصلوڪي تخليقڪار جو نالو نہ ڏنل آهي. نہ ئي اندر اداري، ترجمي ڪندڙ يا ٻہ اکر لکندڙ پاران ئي ڪا اهڙي وضاحت يا نشاندهي ڪئي وئي. جڏهن سنڌيڪار کان پڇيم تہ ان ٻڌايو تہ گالينا/ گاليشا ان جو مصنف هو. جنھن تي بہ کيس پڪ نہ هئي. ٻئي جيڪا ڳالھہ مونکي سمجهہ ۾ نہ آهي اها هئي ارپنا ۾ لکيل “پنھنجي پھرين تخليق روشني جي نانءُ” ترجمو ڪڏهن بہ تخليق نہ هوندي آهي تہ محترم سنڌيڪار ان کي پنھنجي پھرين تخليق ڪيئن ٿو چوي.
کوڙ ساريون پروف جي غلطين جي ڪري هن ڪتاب جي سونھن وڃائي وئي آهي ۽ سمجهڻ ڏاڍي ڏکائي ٿئي ٿي. ترجمي کي مڪمل سنڌي نہ ڪيو ويو آهي، الائي تہ ڪيترا انگريزي لفظ مون کي هي ڪتاب پڙهندي اڳيان گذريا. جڏهن تہ انھن لفظن جا سنڌي ۾ تمام پيارا پُرمعنيٰ لفظ اسان وٽ موجود آهن. ان جي باوجود بہ لائق ترجمي نگار انھن کي نظرانداز ڪري انگريزي لفظ ڏئي ويو آهي. انھن لفظن ۾ جئين: جينئس، پيٽنٽ، آفيس، ڪائونٽر، پوسٽ، اسسٽنٽ، ڊپارٽمينٽ، آفيسر، سوٽ، ائڊريس، فارم، اسٽيٽ، گڊ نائيٽ، وائلن، پيانو، رائل سوسائٽي، پارسل، سائيز، ڪئميرا، ٿرڊ ڪلاس، فرسٽ ڪلاس، شرٽ، هيٽ، ايڪٽر، رپورٽر، سٽي، گيٽ، بليڪ بورڊ، ٽينسر وغيرہ.
سنڌيڪار اردو جا لفظ جھڙوڪ، سيڌو سادو، کوهيل وغيرہ بہ آندا آهن. ان سان ائين لڳي ٿو تہ سنڌيڪار ڪا تسليم شده لغت نہ ڏٺي آهي. جنھن سان ترجمي جي سنڌي ۾ سونھن متاثر ٿي آهي. باقي نہ هن ترجمي پڙهڻ سان نہ صرف آئن اسٽائن جي زندگيءَ جي سڀني پھلوئن جي خبر پئجي وڃي ٿي پر کوڙ سارا سبق ملن ٿا تہ ماڻھو کي زندگي جي سفر ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ يا زندگي جي سفر ۾ ايندڙ مشڪلاتن ۽ مصيبتن جي باوجود ڪيئن اڳتي وڌڻ گهرجي. هن ڪتاب ۾ مون هڪ ڳالھہ پڙهي جنھن سان حيراني ٿي تہ آئنسٽائن جتي بہ ليڪچر ڏنو. اهو تختو سنڀالي ڪري انکي ڪيميڪل هڻي ميوزم ۾ محفوظ ڪيو ويو. اسان وٽ الائي ڪيترين شخصيتن جا هٿ اکر تہ ٺھيو پر انھن جا ڪتاب بہ نٿا ڇپرايا وڃن. البرٽ جي زندگي جي حوالي سان هي ناول تمام اهم آهي جيڪو هر ماڻھو کي پڙهڻ گهرجي.

جرمن ناول Sorrows of Worther داستان غم

جرمن ادب دنيائي ادب ۾ خاشي اهميت ۽ معياري حثيت رکي ٿو. وري ناول جو تہ ان ۾ تمام گهڻو ڌاڪو آهي. ناول يورپي سماجن ۾ گهرو اثر ڇڏين ٿا.
ائين جرمن ادب ۾ جان وولف گوئٽي ديو قامت شخصيت آهي. هو سوشل سائنسدان هجڻ سان گڏ سائنسدان بہ هو. جنھن ڪيتريون ئي کوجنائون بہ ڪيون.
سندس ناول The Sorrows of Young Worther جيڪو اردو ۾ مون وٽ داستان غم جي نالي سان موجود آهي. جنھن جو مترجم ڊاڪٽر رياض الحق آهي. هن ناول جا 12 سالن ۾ 30 کان مٿي ڇاپا ان ئي زماني ۾ اچي چڪا هئا ۽ هن وقت تائين سوين اچي چڪا هوندا.
نيپولين بوناپارٽ جيڪو گوئٽي جو هم عصر ۽ دوست بہ هو. هي ناول نيپولين جو پسنديدہ ناول هو. گوئٽي سان نيپولين هن ناول تي ڪچھريون ۽ بحث مباحثا ٿيا. هن ناول ان دور ۾ انھيءَ وقت جي پڙهندڙ ۽ خاص ڪري جوانن تي گهڻو اثر ڪيو. روسي ناولن جي شھرت پنھنجي جاءِ تي پر هن ناول جي ڀيٽ ۾ شايد ئي ڪو ناول هجي جنھن پنھنجي سماج تي ايترو سحر طاري ڪيو هجي.
يورپ جي ملڪن اٽلي ۽ ڊينمارڪ ۾ ورٿر ناول تي پابندي پڻ وڌي وئي ڇو تہ هن ناول جا پڙهندڙ خودڪشيون ڪري رهيا هئا.
ناول جا مرڪزي ڪردار ورٿر، ان جو دوست ولھيلم ۽ شارلوٽ عورت جنھن جي عشق ۾ ورٿر وڃائجي پاڻ وڃائي ڇڏي ٿو. هي ناول ايڏو تہ مقبول ٿيو جو مک ڪردار ورٿر جا ڪپڙا، بليو ٽل ڪوٽ، هينڊي واسڪوٽي، ٽرائوزر يعني ان جو سڄو آئوٽ لوڪ، شارلوٽ هيروئن جا اسڪيچز ۽ ورٿر جي نالي سان پرفيوم بہ عام جام ٿي ويا ۽ لباس فيشن طور استعمال ٿيڻ لڳو. هي سڄو ناول خطن تي مشتمل آهي. ناول جو مک ڪردار محبت ۾ ناڪام ٿي پنھنجي يار ولھيلم کي خط لکي پنھنجي ڏکن سورن جو داستان سڻائي ٿو.
گوئٽي مطابق: “جڏهن مون هي ناول لکيو تہ منھنجي دل تان سارو ٻوجهہ لھي ويو هو. پر منھنجا دوست افساني کي حقيقت ۾ بدلائڻ ضروري ٿا سمجهن. ورٿر جيڪي خط لکي ٿو انھن ۾ هو پنھنجي وارتا بيان ڪندو رهي ٿو. ولھيلم انھن جا ڪي بہ جواب نہ ڏئي ٿو. ناول جي هيروئن شارلوٽ ڪنھن ٻئي سان شادي ڪري پنھنجي جڳ ۾ جيئي ٿي پر عذاب ۾ ورٿر هجي ٿو.
ڊاڪٽر رياض الحسن هن ناول ۽ گوئٽي جي زندگي جي پس منظر ۾ پنجاھہ صفحن جو مقدمو لکيو آهي. جنھن کي پڙهڻ کان پوءِ گوئٽي جي پوري زندگي سمجهہ ۾ اچي وڃي ٿي.
سوانح نگارن جو چوڻ آهي تہ گوئٽي جي ذاتي زندگي جي ڇٽي جهلڪ جيئن “ورٿر” ۾ نظر اچي ٿي ايتري ڪنھن ئي تصنيف ۾ موجود ناهي. هڪ هڪ واقعي جو تفصيل آهي جيڪو داستان غم ۾ چٽيل آهي.
شارلوٽ گوئٽي جي حقيقي محبوبہ هئي. ورٿر جو ڪردار پنھنجو گوئٽي جو آهي. گوئٽي شارلوٽ جو پنھنجي آتم ڪٿا ۾ بہ ذڪر ڪيو آهي. جرمن سوانح نگار پروفيسر نريڊن ٽال جو چيو آهي تہ “گوئٽي عورتن جي ميل جول ۽ دوستي کي وقتي تصور ڪندو هو ۽ انھن ۾ ڦاسڻ کان ڊڄندو هو. اهوئي ڊڄ هن جي زندگيءَ جو وڏو خوف ٿي ويو هو.”
بھرحال اسان وٽ هتي محبت يا غم جي موضوع تي ڪو ناول اچي ٿو تہ سنڌي اديب ڪاوڙجي پون ٿا. محبت تي ڇو ٿا لکو؟ هي جرمن ناول هڪ ناڪام محبت جي ڪھاڻي آهي. جنھن جي پڄاڻي ورٿر جي پاڻ کي گولي هڻي آتم هتيا ڪرڻ سان ٿئي ٿي.
هي ناول 1773ع ۾ لکيو ويو هو ۽ بعد ۾ جڏهن ڇپيو تہ هن جا پڙهندڙ بہ ڏک جو داستان بڻجي آپگهات ڪرڻ لڳا، جنھن کي ورٿر افڪيٽ چئجي ٿو.
آخري ڳالھہ: گوئٽي اهو پھريون يورپي ڏاهو شخص هو. جنھن اوڀر ڏانھن اولھہ جي تعصب کي گهٽ ڪرڻ جون ڪوششون هيون. گوئٽي انسان دوستي جو نمائيندو هو ۽ ان جي بي شمار شھرت بابت چيو وڃي ٿو تہ “گوئٽي تي جيترا ڪتاب لکيا ويا آهن، انھن جي فھرست ئي لکي وڃي تہ اها ٻہ هزار صفحن کان مٿي ٿي ويندي ۽ اهڙو اعزاز اڄ ڏينھن تائين ڪنھن بہ مصنف کي حاصل نہ ٿيو آهي.
گوئٽي جو ٻيو ناول جيڪو منھنجي لائبريري ۾ موجود آهي اهو ولھيلم ماسٽر آهي. جنھن تي ٻئي ڀيري لکندس. مختصر هن ناول لاءِ اهو چوندس تہ گوئٽي جو هي ناول بہ هن جي ڪلاسيڪل نظر جو آئينو آهي. هن ناول ۾ هڪ نوجوان جي ڪردار جي ارتقا ڏيکاري وئي آهي. ناول ۾ علم ۽ عقل جون اهي ڳالھيون آهن جي پڙهي ماڻھو دنگ رهجيو وڃي.

دوستو ئيفسڪي جي اڇين راتين جي روئيداد White Nights ناول بابت ڪي ڳالھيون

هي دوستو ئيفسڪي جي شروعاتي دؤر جو ناول آهي. جنھن ۾ جوانن جي جذبن ۽ خوابن ۽ زندگي جي حقيقي پھلوئن جا حسين عڪس آهن.
دوستوئيفسڪي سدائين زار شاهيءَ جي سماج، ان وقت جي نا انصافي، برائين، ان سيڪيورٽي ۽ ٻھروپي کي بي نقاب ڪرڻ سان گڏوگڏ انساني ويڳاڻپ ۽ من جي سائنس جو چٽ چٽيو آهي. جيڪو اوهان کي هن ناول “بي رنگ راتيون” ۾ ملي ٿو.

белые ночи
بي رنگ راتيون دوستو وسڪي جو 1848ع ۾ ڇپيل ڪتاب آهي. جنھن جا ڇھہ حصا آهن. پھريون حصو پھرين رات جي نالي سان آهي. پھرين رات: هن ۾ ليکڪ پيٽرسبرگ جي شھر جي گهٽين ۾ رات جي تجربي جو ذڪر ڪيو آهي. هو رات جو رنگ ڏسندي هڪ ڇوڪري سان ملي ٿو جنھن کي ڪوئي اجنبي تنگ ڪري رهيو هوندو آهي. هو ان کي هن کان بچائي ٿو ۽ ان سان پنھنجا احساس ونڊي ٿو. ان ڪردار جو نالو ناستينڪا آهي.

ٻئي رات : ڪھاڻي ضمير غائب ۾ ٻڌايل آهي ۽ هيرو، ناستينڪا سان ملڻ جو وقت رکي ٿو ۽ هڪ ٻئي سان خيالن جي ڏئي وٺ ڪن ٿا. جيتوڻيڪ هن ناول جو بيانيو/اظھار تمام گهڻو سادو سودو ۽ سنهجهو آهي. دوستو وسڪي عورت جي وهم، بي قراري، خيال جي اڏام، ديوانگي، دل فريبي ۽ بيوقوفي کي چٽڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
ناول جي هيروئن پنھنجي اڳئين عاشق سان بہ پيار جا پيچ اڙايون ويٺي آهي، جيڪو اوچتو هن کي بنا ڪنھن سبب جي ڇڏي وڃي ٿو.
ناول جو هيرو هن جي محبت ۽ هن جي بيوفائي تي وچ وارو همدردي جو ڪردار ادا ڪري ٿو. اهو هڪ اڪيلو ماڻھو آهي. جنھن جو ڪوئي دوست ناهي. نہ ئي هن جي زندگيءَ ۾ ڪي واقعا رونما ٿيا آهن. هو رڳو سينٽ پيٽرسبرگ شھر جي عمارتن جي روح ۽ جسمن کي ڄاڻي ٿو.
هو سج جي روشني کان لڪندو رهي ٿو. رات جي وقت شھر جي هر گهٽيءَ ۾ گهمندو، رولندو ۽ پنھنجي خالي پڻي کي پنھنجي ڪردارن ۾ چٽيندو ۽ لاهيندو رهي ٿو.
هي ناول هڪ اهڙي مھم جوئي آهي. جيڪا چئن رنگين راتين تي مشتمل آهي.
هن ناول ۾ سينٽ پيٽرسبرگ شھر جي زندگيءَ جا رنگ دوستوئيفسڪي پنھنجي ڏانءُ سان ڀريا آهن. هڪ نوجوان خواب ڏسندڙ ۽ سپنا سرجيندڙ جو ڪردار رنگين راتين جو مک ڪردار آهي. جيڪو جنھن ڇوڪري سان پيار ڪري ٿو ان اڳيان پنھنجو عڪس/ اندر اوري ٿو.

A Belkin اي بيلڪن لکي ٿو:
However, this intiail period of the writer’s literary career was burtaly cut shot by an event that spilt his life in to two halves.

دوستوئيفسڪي توڻي جو پنھنجي شروعاتي زماني ۾ هي ناول لکيو. پر ان جي باوجود بہ هو ڏيکاري ٿو تہ ڪيئن هڪ سونھرا سپنا سرجيندڙ کي هن گهٽ واري ماحول ۾ نہ چاهيندي بہ پاڻ کي تباھہ ڪرڻو پوي ٿو. جڏهن تہ ولگر حقيقتون کي فروغ ڏنو وڃي ٿو.
بي رنگ راتيون ناول جا ڪردار هيرو ۽ هيروئن جي ذاتي خوشي کي بحال ڪرڻ رڳو عجيب ۽ دلڪش خوشي آهي.

هوش محمد ڀٽيءَ جو جيون نامو

جنم
ڄمڻ جي تاريخ: 8 مئي 1986ع جمعو
جنم ڀومي: باڊھہ ضلعو لاڙڪاڻو
پيءُ جو نالو: حاجي نظام الدين ڀٽي
ماءُ جو نالو: شھزادي خاتون ڏنگراچ

ڪرت:
استاد/تعليمدان

لکڻ جي شروعات:
1995ع سان کان. عوامي آواز جي جوت صفحي ۾.

تعليم:
بي ايس سي (ڪيمسٽري)، ايم اي (سنڌي ادب)، بي ايڊ، ايم بي اي (ايڇ آر)، ايم فل (سنڌي ادب) پي ايڇ ڊي (هلندڙ)
پي ايڇ ڊي مقالي جو موضوع: شاھہ لطيف جي ڪلام ۽ شيخ اياز جي شاعريءَ جون فڪري آراڌايئون

ادبي سڃاڻپ:
اسڪالر، ڪھاڻيڪار، ناول نگار، نقاد، ايڊيٽر ۽ شاعر،

ڇپيل ڪتاب:
انگن جي راند (ڪھاڻيون) 2010ع
سنڌي ويا ڪرڻ (گرامر) 2014ع
پوپٽ ڏاڍا پيارا آهن (ٻارن لاءِ شاعري) 2016ع
ڀٽائي جو عشق (ناول) 2017ع
ڪوءِ ڳنڍيندڙ هوءِ (ڪھاڻيون) 2018ع
بي رنگ راتيون (ناول_ترجمو) 2022ع
سنڌي افسانوي ادب جو رسول (تحقيق) 2023ع
رسول ميمڻ جون ڪھاڻيون (ترتيب/تحقيق) 2023ع

ادارا سازي:
ورلڊ ناليج پبلڪ هاءِ اسڪول باڊه (باني ميمبر)
سڦلتا اسڪولنگ سسٽم باڊه (باني)
سڦلتا اسڪولنگ سسٽم ميهڙ (باني)
پاڪ جرمن اسڪول حيدرآباد برانچ (باني)
هفتيوار سجاڳي باڊھہ (اخبار) (باني)
سڦلتا پبليڪيشن حيدرآباد (باني)
ورلڊ ناليج پبلڪ اسڪول سيهڙ (باني)
ورلڊ ناليج ووڪيشنل ائنڊ ڪمپيوٽر سينٽر باڊه (باني)