سنڌسلامت پاران
سنڌسلامت ڪتاب گهر پاران نامور ليکڪا ڊاڪٽر سحر امداد حسينيءَ جو مختلف شخصيتن ۽ صنفن تي لکيل تحقيقي مقالن تي مشتمل ڪتاب ”شعور شاعر شاعري“ اوھان اڳيان پيش آهي.
هن ڪتاب ۾ ڪل 25 مقالا شامل آهن. شخصيتن ۾ هري دلگير، نارائڻ شيام، تنوير عباسي، مرزا قليچ بيگ، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، شاھ عبداللطيف ڀٽائي، سامي، علامہ غلام مصطفيٰ قاسمي، علي احمد بروھي، جمال ابڙو، امداد حسيني ۽ ٻيا شامل آهن. جڏهن تہ تحقيقي مقالن ۾ شعور شاعر شاعري ۽ نظريا، سنڌي شاعري ۽ جديديت جي کوج، ڳجهارت ڳجهڙي، جيئڻ ڪاڻ جيڏيون وڏا وس ڪيام، سارڪ رائيٽرس جي 10هين ڪانفرنس ۾ ’سدائين گڏ‘، ٽہ ماهي مھراڻ اڌ صديءَ کان سنڌي شاعري جو اهڃاڻ ۽ جديد سنڌي شاعريءَ جو اُهاءُ شامل آهن.
ھي ڪتاب 2008ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپايو ويو. ڪتاب جي اسڪين ڪاپي ايم ايڇ پنھور انسٽيٽيوٽ آف سنڌ اسٽيڊيز جي سھڪار سان پيش آھي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي رڳو پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي