آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

وقت جو يُوسف (دليپ ڪمار جي آتم ڪٿا)

ھيءَ ڪھاڻي، ان ڪامياب ماڻھوءَ جي آھي، جنھن مسلسل محنت ۽ جستجوءَ سان نہ رڳو ھندستان ۽ پاڪستان، پر پوريءَ دنيا ۾ هڪ اداڪار طور پنھنجي منفرد حيثيت مڃرائي. ’باليووڊ فلم انڊسٽري‘ تمام وڏا نالا پيدا ڪيا آهن، پر دليپ ڪمار کان سواءِ سندن سئنيما ۽ فلم انڊسٽري ڄڻ تہ اڌوري ۽ اڻپوري آهي. ھي ڪتاب ڪروڙين دلين تي راڄ ڪندڙ ۽ شھنشاھہ جذبات جي خطاب سان مشھوري ماڻيندڙ نامياري ھندستاني اداڪار دليپ ڪمار (محمد يوسف) جي آتم ڪٿا تي مشتمل آھي. دليپ ڪمار جي وفات سان هڪ دؤر پنھنجي پڄاڻيءَ کي پھتو. 11 ڊسمبر 1922ع تي ’قصہ خواني بازار‘ پشاور ۾ جنم وٺندڙ ’يُوسف‘ جيتوڻيڪ اٺانوَي سالن جي ڄمار ماڻي، پر سندس فن ڄڻ تہ اسان ۽ اوهان جي دلين ۾ صدين جي ڄمار ماڻيندو. کيس ’وقت جو يُوسف‘ برملا سڏي سگهجي ٿو.

  • 4.5/5.0
  • 147
  • 61
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book Waqt’a Jo Yousif  (Biography of Dileep Kumar)

سڀ حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ

Amarta’s Book No.79

وقت جو يُوسف (دليپ ڪمار جي آتم ڪٿا)
اُداياتارا نايَر/ عبدالستار لغاري
لي آئوٽ: فقير محمد ڍول
ٽائيٽل: نَھج حُسين ڍول/عرفان علي ميمڻ
ڇاپو پھريون: جُون 2023ع
ڇپيندڙ: امرتا پبليڪيشنس حيدرآباد،
امرتا ڇاپ گهر، 1-باسم چيمبرس حيدر چوڪ حيدرآباد
amartachhapghar@gmail.com
ڇپرائيندڙ: ڍول فقير فائونڊيشن- سنڌ
قيمت: 600.00 روپيا

ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
sindhsalamat.com
2025ع

Waqt’a Jo Yousif
)Biography of Dileep Kumar(
Written by: Udayatara Nayar
Translated by: Abdul Sattar Laghari
Lay Out: Faqir Muhammad Dhol
Title: Nahaj Hussain Dhol/Irfan Ali Memon
First Edition: June 2023
Printed by: Amarta Publications Hyderabad,
Amarta Chhap Ghar, 1-Basim Chambers, Hyder Chowk Hyderabad.
Published by: Dhol Faqir Foundation, Sindh
ISBN: 978-969-7954-42-1
Price: Rs.600.00

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران اُداياتارا نايَر جي لکيل ھندستان جي مشھور فلمي اداڪار دليپ ڪمار (محمد يوسف خان) جي آتم ڪٿا دِي سبسٽينس ائنڊ دِي شَيڊو The Substance and the Shadow جو سنڌي ترجمو ”وقت جو يوسف (دليپ ڪمار جي آتم ڪٿا)“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون، جنھن جو سنڌيڪار عبدالستار لغاري آھي.
ھيءَ ڪھاڻي، ان ڪامياب ماڻھوءَ جي آھي، جنھن مسلسل محنت ۽ جستجوءَ سان نہ رڳو ھندستان ۽ پاڪستان، پر پوريءَ دنيا ۾ هڪ اداڪار طور پنھنجي منفرد حيثيت مڃرائي. ’باليووڊ فلم انڊسٽري‘ تمام وڏا نالا پيدا ڪيا آهن، پر دليپ ڪمار کان سواءِ سندن سئنيما ۽ فلم انڊسٽري ڄڻ تہ اڌوري ۽ اڻپوري آهي. ھي ڪتاب ڪروڙين دلين تي راڄ ڪندڙ ۽ شھنشاھہ جذبات جي خطاب سان مشھوري ماڻيندڙ نامياري ھندستاني اداڪار دليپ ڪمار (محمد يوسف) جي آتم ڪٿا تي مشتمل آھي. دليپ ڪمار جي وفات سان هڪ دؤر پنھنجي پڄاڻيءَ کي پھتو. 11 ڊسمبر 1922ع تي ’قصہ خواني بازار‘ پشاور ۾ جنم وٺندڙ ’يُوسف‘ جيتوڻيڪ اٺانوَي سالن جي ڄمار ماڻي، پر سندس فن ڄڻ تہ اسان ۽ اوهان جي دلين ۾ صدين جي ڄمار ماڻيندو. کيس ’وقت جو يُوسف‘ برملا سڏي سگهجي ٿو.
ھي ڪتاب 2023ع ۾ امرتا پبليڪيشن، حيدرآباد پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آھيون امرتا پبليڪيشن جي سرواڻ فقير محمد ڍول جا جنھن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

ارپنا

ڏاڏا سائين
حاجي الھہ بخش لغاريءَ
جي نالي،
جنھن پڙهڻ ۽ لکڻ جي قابل بڻايو.


- عبدالستار لغاري

حُسنِ يُوسف (اداري پاران)

بمبئي جي ’هندوجا هاسپيٽل‘ ۾ ستين جولاءِ 2021ع تي، شام جو ساڍي ستين وڳي، ساھہ ڏيندڙ يوسف خان، پنھنجي ياد ڪروڙين مداحن جي حوالي ڪري ’جوهُو‘ جي قبرستان ۾ آرامي ٿيو. هڪ دؤر پنھنجي پڄاڻيءَ کي پھتو. انگريزي ٻوليءَ ۾ کيس ‘The Thespian’ سڏيندا هئا ۽ اداڪاريءَ جي ميدان ۾ کيس ’شھنشاھہ جذبات‘ جو لقب سدائين ٺھڪندو هو. 11 ڊسمبر 1922ع تي ’قصہ خواني بازار‘ پشاور ۾ جنم وٺندڙ ’يُوسف‘ جيتوڻيڪ اٺانوَي سالن جي ڄمار ماڻي، پر سندس فن ڄڻ تہ اسان ۽ اوهان جي دلين ۾ صدين جي ڄمار ماڻيندو. کيس ’وقت جو يُوسف‘ برملا سڏي سگهجي ٿو.
’امرتا‘ سَٿَ کي اها سرخوشي نصيب ٿي آهي تہ اسان محترم ’عبدالستار لغاريءَ‘ جي محنتن کي قسطوار ماهوار ’امرتا‘ جي جِيءَ ۾ جاءِ ڏني ۽ اوهان سڀني جي محبت ۽ اصرارُ، پنھنجي مڪمل حُسناڪيءَ سان بضد رهيا تہ اهي سڀ قسطون ڪتابي صورت ۾ اچڻ گهرجن. اوهان جو حڪم اکين تي رکندي، ’امرتا‘ پبليڪيشن هيءُ آتم ڪٿائي ڳُٽڪو ان يقين سان پيش ڪري ٿو، تہ هيءَ پيشڪش اوهان کي پسند ايندي.
جتي بہ هجو، آباد سلامت هجو، اوهان جي راءِ جا هميشہ جيان منتظر رهنداسين. ’حُسنِ يُوسف‘ جيان هيءُ ترجمو بہ يقينن حُسناڪ آهي، جنھن لاءِ مترجم کِيرون لھڻي.

فقير محمد ڍول
12 مئي 2023
’امرتا پبليڪيشنز‘
آفيس نمبر: 1- باسم چيمبرس،
ميزنائن فلور، حيدرچوڪ، حيدرآباد

ڪامياب ماڻھوءَ جي ڪٿا (مترجم پاران)

ھيءَ ڪھاڻي، ان ڪامياب ماڻھوءَ جي آھي، جنھن مسلسل محنت ۽ جستجوءَ سان نہ رڳو ھندستان ۽ پاڪستان، پر پوريءَ دنيا ۾ هڪ اداڪار طور پنھنجي منفرد حيثيت مڃرائي. ’باليووڊ فلم انڊسٽري‘ تمام وڏا نالا پيدا ڪيا آهن، پر دليپ ڪمار کان سواءِ سندن سئنيما ۽ فلم انڊسٽري ڄڻ تہ اڌوري ۽ اڻپوري آهي.
17 ڊسمبر 1922ع ۾ سرور خان پٺاڻ جي گهر جنم وٺندڙ ’يوسف خان‘ پنجن سالن جو ھو، تہ سندس ڏاڏيءَ کي ڪنھن فقير ٻڌايو تہ، ”ھيءُ ٻار مستقبل ۾ بيمثال ڪارناما سرانجام ڏيندو.“ 1930ع ۾ يوسف خان جي پيءَ ڪاروباري سلسلي ۾ پشاور کان بمبئيءَ لڏپلاڻ ڪئي، جتي يوسف خان پيءَ کان ناراض ٿي گهر ڇڏي ويو ۽ پوءِ انگريزن جي ڪينٽين تي سينڊوچ کپائڻ لڳو. يوسف خان جي زندگيءَ ۾ اھم ترين ۽ موڙ ان وقت آيو، جڏھن سندس ملاقات ڊاڪٽر مساني معرفت ’بمبئي ٽاڪيز‘ جي مالڪياڻي ’ديويڪا راني‘ سان ٿي، جنھن کيس ’دليپ ڪمار‘ جو نالو ڏنو ۽ پوءِ دليپ ڪمار ’وقت جو يوسف‘ بڻجي ويو.
1940ع ۾ فلمي ڪيريئر جو آغاز ڪندڙ دليپ ڪمار ڀارتي فلم انڊسٽريءَ تي 70 سال بادشاھت ڪئي. اھا خبر ان وقت پئي جڏھن ڀارتي صحافڻ ’اُداياتارا نايَر‘ دليپ ڪمار جي جِيوَن ڪٿا ’The Substance And The Shadow‘ لکي منظر عام تي آندي. ھن ڪتاب جو سنڌي ترجمو ڪرڻ تي آئون پاڻ کي ڀاڳوند سمجهان ٿو، ھي ترجمو روزاني ’آجيان‘ شڪارپور ۽ ’آنلائن سنگت ميگ‘ ۾ قسطوار ڇاپيو ويو، جنھن لاءِ سائين ’مشتاق بخاري‘ ۽ سائين ’امر گل‘ جو ٿورائتو آهيان.
ماھوار امرتا ۾ بہ ھن ترجمي کي قسطوار ڇاپيو ويو، پياري ڀاءُ ’فقير محمد ڍول‘ ۽ محترم سائين ’محمود مغل‘ صاحب جون محبتون ڪڏھن بہ وساري ڪونہ سگهبيون، ھيءُ ڪتاب توھان جي ھٿن ۾ پھچائڻ لاءِ ’امرتا پبلڪيشن‘ جي سَٿَ جو بيحد مشڪور و ممنون آھيان.

عبدالستار لغاري
03442301946

اڱارو نائين مئي 2023ع
ڳوٺ گلاب لغاري

آتم ڪٿا

---

منھنجو جنم

ڏکڻ ايشيا جو وچ ۽ پاڪستان جي گيٽ وي جي حيثيت رکندڙ پشاور منھنجي جنم ڀومي آھي، آئون پنھنجي والدين محمد سرور خان ۽ عائشہ بيبي جو چوٿون نمبر اولاد آھيان. انھي زماني ۾ منھنجي شھر پشاور کي باغن ۽ گلن جو شھر سڏيو ويندو هو. قلبِ شھر يعني قصہ خواني بازار ۾ منھنجو گهر ھو. ھن بازار تي قصہ خواني نالو ڪيئن پيو؟ قديم روايتن مطابق پري کان ايندڙ تاجر جڏھن ھتي اچي رھندا ھئا تہ پنھنجون سفري ڪھاڻيون ھڪ ٻئي کي ٻڌائيندا هئا، تاجر مقامي ماڻھن کان بہ ڪھاڻيون ٻڌندا هئا، چون ٿا تہ ھڪٻئي کي ڪھاڻيون ٻڌائڻ جي ڪري ھن جڳھ تي ’قصہ خواني‘ نالو مشھور ٿي ويو. منھنجو ننڍپڻ ھن بازار ۾ کيڏندي گذريو، ’مسجد مھابت‘ ھر وقت اسان جي اکين اڳيان ھوندي ھئي. ننڍپڻ ۾ انگريزن کي گلن جا مختلف قسم خريد ڪندي ڏسي وڏو سڪون ملندو ھو. اسان جا بزرگ ٻڌائيندا هئا تہ انگريز گل خريد ڪري پنھنجن ماين کي پيش ڪندا آهن. ھتي جون سرديون ۽ گرميون تمام گهڻيون سخت ۽ ناقابل برداشت ھونديون ھيون، موسم جي سختي ھتان جي ماڻھن کي سخت جان بڻائي ڇڏيو هو.
ننڍپڻ ۾ فجر جي نماز پڙهڻ لاءِ جڏھن مسجد ۾ ويندا ھئاسين، وضو خاني ۾ پاڻي تمام گهڻو ٿڌو ھوندو ھو، برف جھڙي ٿڌي پاڻي ۾ وضو ڪرڻ مون کي اڄ بہ ياد آهي. ٻئي طرف گرم ڏينھن جون لڪون ۽ جهولا ۽ لڱ ساڙيندڙ گرمي وساري نہ سگهيو آھيان. اسان سڀ پنھنجي پيءُ کي ’آغاجِي‘ چوندا ھئاسين، آغاجِي جو ھڪ سؤٽ، چاچو عمر اسان جي گهر جي ويجهو رھندو ھو، بلڪہ ان جو گهڻو وقت اسان جي گهر ۾ گذرندو هو. اسان جي گهر جا ڪم ۽ آغاجِي، جي باغن جي سنڀال چاچي عمر جي ذمي ھوندي ھئي. چاچو عمر ھڪ خوفناڪ قصو اڪثر ورجائيندو رھندو ھو، جيڪو منھنجي ڄمڻ کان اڳ جو هو.
قصہ خواني بازار جي ھڪ حصي ۾ سونارن جا ڪيترائي دڪان ۽ بَٺيون ھيون، 17 ڊسمبر 1922ع جي ھڪ سرد رات ۾ صرافہ بازار جي ھڪ دڪان ۾ باھ لڳي، ڏسندي ئي ڏسندي باھ سڄي بازار کي وڪوڙي وئي، ھر طرف ڀڄ ڀڄان ٿي وئي، اسان جي گهر جا سڀ مرد باھ وسائڻ ۾ مصروف ھئا، فقط چاچو عمر گهر ۾ ھيو، ان دوران منھنجي امان کي تڪليف ٿي، چاچا عمر دائيءَ کي وٺي آيو، چاچو ٻڌائيندو ھو تہ، ”ڪجهہ ئي منٽ گذريا هئا تہ تنھنجي روئڻ جو آواز منھنجي ڪنن تي پيو ھو. ان رات بازار ۾ لڳل باھ سڀني کي پريشان ڪري ڇڏيو هو، پر تنھنجي ڄمڻ جي جڏهن خبر پَيَن تہ پريشاني خوشيءَ ۾ بدلجي وئي.“ صرافہ بازار ۾ لڳل باھ ۽ منھنجي ڄمڻ وارو قصو مون پنھنجي ڏاڏيءَ کان بہ ٻڌو ھو. ھڪ رات ڏاڏي منھنجو ڄمڻ وارو قصو مخصوص انداز سان ٻڌائي رھي ھئي، ڏاڏيءَ جا خاص لفظ ھي ھيا تہ ”ايتري دير ۾ منھنجو يوسف پيدا ٿيو.“ ڏاڏي اڪثر چوندي ھئي تہ باھ لڳڻ واري ان خوفناڪ واقعي دوران، يوسف جو ڄمڻ خاص ۽ ھڪ غيرمعمولي واقعو ھو، مگر ڏاڏيءَ جي انھي ڳالھ تي منھنجي والدين ڪڏھن بہ ڪو خاص ڌيان ڪونہ ڏنو.
جڏھن آئون پنجن سالن جو ھيس تہ ھڪ ڏينھن اسان جي دروازي تي ھڪ فقير آيو، فقير تہ ھونئن گهڻا ئي ايندا ھئا، پر ھُو ھڪ خاص فقير ھو، جيڪو گهڻي وقت کان پوءِ آيو ۽ ھُو خيرات لاءِ خاص صدا ھڻندو ھو، ان وقت اسان سڀ ٻار اتي موجود ھئاسين، پر فقير مون ڏي غور سان ڏٺو ۽ وڏي آواز ۾ ڏاڏيءَ کي چيائين، ”انھي ٻار کي منھنجي ويجهو وٺي اچ.“ ڏاڏي ٿوري پريشان ٿي پر فقير جي چوڻ تي مون کي ان جي ويجهو وٺي آئي. فقيرَ، ڏاڏيءَ کي چيو، ”منھنجي ڳالھ غور سان ٻڌ، ھي معمولي ٻار ناھي، ھن کي مستقبل ۾ تمام گهڻي شھرت ملڻي آھي ۽ ھي بي مثال ڪارناما سرانجام ڏيندو. دنيا جي بدنظر کان بچائڻ لاءِ ھن تي توھان کي وڌيڪ ڌيان ڏيڻو پوندو. ھن کي بدنظر کان بچائڻ لاءِ نرڙ تي ڪارو ٽڪو لڳائي ڇڏيو. مالڪ سائينءَ جو نُور ھن جي چھري کي ھميشہ روشن رکندو ۽ ھي پيرسنيءَ ۾ بہ تمام خوبصورت ھوندو.“ فقير جي پيشگوئي ۽ نصيحت ٻڌڻ کان پوءِ ڏاڏيءَ مون کي گنجو ڪري ڇڏيو ۽ ٻئي ڏينھن تي آغاجِي ۽ امان جي منع ڪرڻ باوجود پيشانيءَ تي ڪارو ٽڪو بہ لڳائي ڇڏيو. اسڪول ويس تہ ٻار مون تي کِلڻ لڳا، ڏاڍي ڪاوڙ آئي، گهر پھچي امان کي ٻڌايم، ھُو مون کي ڏاڏي وٽ وٺي آئي ۽ چيائينس تہ، ”امان توھان ھاڻ يوسف سان ايئن نہ ڪنديون، ڏسو يوسف ڪيڏو خراب ٿو لڳي، ٻار بہ ھن تي کِلن ٿا.“ اھو ٻڌي ڏاڏي گوڙ ڪيو، فقير جي سامھون ٻيا ٻار بہ بيٺا هئا، ھن صرف يوسف کي ڏسي ان جي حفاظت لاءِ خاص تاڪيد ڪئي، عائشہ اھو تو بہ ٻڌو ھو. ڏاڏي پيار ڪرڻ لاءِ مون کي پاڻ ڏي ڇڪيو پر مون ان کي ڌڪو ڏنو ۽ امان کي ڀاڪر پاتم.
ٻئي ڏينھن منھنجي پيشاني تي لڳل ڪارو ٽڪو ڪجهہ ڊھي چڪو هو پر مٿو ڪوڙڻ ۽ ڪارو ٽڪو لڳائڻ روز جو معمول بڻجي چڪو هو. پنھنجي نئين حُليي سان آئون اسڪول ۾ اڪثر اڪيلو ۽ خاموش رھڻ لڳو ھئس، ڪلاس وارن سان کيڏڻ بدران اسڪول جي لئبريريءَ ۾ تصويرن وارا ڪتاب کڻي ڏسندو رھندو ھئس. منھنجي خوبصورتيءَ جي ڪري منھنجيون پڦيون، چاچيون ۽ چاچا مون سان تمام گهڻي محبت ڪندا هئا، امان کي تنگ بلڪل بہ نہ ڪندو ھئس، جڏھن امان گهر جي ڪم ڪار ۾ مصروف ھوندي ھئي تہ آئون ڪنھن چاچيءَ يا پڦيءَ وٽ وڃي ويھندو ھئس. گهڻي وقت کان پوءِ مون کي اھا ڳالھ سمجهہ ۾ آئي تہ ڏاڍي ڪاوڙ آئي، ڏاڏي گهر جو سڄو ڪم ڪار امان کان ڪرائيندي آھي ۽ ان تي حڪم بہ ھلائيندي آھي، جڏھن تہ ان جون ڌيئرون سڄو ڏينھن وانديون ويٺيون آهن. مون کي ياد آهي ھڪ ڏينھن آغاجِي، امان کي چئي رهيو هو تہ، ”گهر ۾ ٻيون بہ تہ مايون آھن، تون اڪيلي سڄو ڏينھن گهر جو ڪم ڪار ڇو ٿي ڪرين؟“ امان تمام نرم لھجي ۾ جواب ڏنو ھو تہ، ”گهر جو ڪم ڪار ڪرڻ منھنجي لاءِ وڏو اعزاز آھي، گهر جي ڪابہ عورت منھنجو مقابلو نٿي ڪري سگهي.“ پڦي بيبي جان جڏھن بہ امان جي اھا ڳالھ ٻڌندي ھئي تہ ڪاوڙ ۾ ڳاڙھي ٿي ويندي ھئي.

خاندان جي سربراھ عورت

منھنجي ڏاڏيءَ کي خاندان جي دلير عورت چيو ويندو هو. ان جو وڏو رعب ۽ دٻدٻو ھوندو ھو. ڏاڏيءَ جو قد وڏو ۽ ڪلھا ويڪرا ھيس، ھُوءَ پٺاڻن واري شلوار ۽ وڏي قميص پھريندي ھئي. قد بت جي حساب سان عورت کان وڌيڪ مرد لڳندي هئي، ھُوءَ مٿي تي پوتي پائيندي ھئي ۽ سڄي جسم کي ھڪ وڏي شال سان ڍڪيندي ھئي. جڏھن ڪا شرارت ڪرڻ کان پوءِ لڪڻو ھوندو ھو تہ ڏاڏيءَ جي شال ۾ لڪندو ھئس. ڏاڏيءَ جي شال مون لاءِ پناھگاھ ھئي، گهر وارا پيا ڳوليندا ھئا ۽ آئون ڏاڏيءَ جي شال ۾ لڪي پيو گدگد ٿيندو ھئس، اھو مرحلو دلچسپ ھوندو ھو، جڏھن امان ۽ پڦي بيبي جان مون کي مسلسل ڳولينديون رھنديون ھيون. ڏاڏي اھو سڄو لقاءُ اکيون بند ڪري خاموشيءَ سان ويٺي ڏسندي ھئي، ڄڻ تہ ھن کي ڪا خبر ئي ناھي. ڏاڏي ڪيترن ئي حوالن کان مون سان پيار ڪندي ھئي. ھڪ حوالو فقير جي پيشگوئيءَ وارو ھو، ٻيو اھم حوالو اھو ھو تہ آئون پنھنجي وڏي ڀاءُ نُور صاحب کان بنھ مختلف ھئس، نُور ڀاءُ جهيڙاڪ ھو. پاڙي جي ٻارن سان اڪثر جهيڙو ڪندو رھندو ھو، ڏاڏيءَ وٽ ڀاءُ جون شڪايتون اينديون هيون، شڪايتون ٻڌي ڏاڏي کي تمام گهڻي ڪاوڙ ايندي هئي. منھنجي وڏي ڀيڻ سڪينہ امان کان بنھ مختلف ھئي، خوبصورت ۽ پرڪشش ھئڻ باوجود امان جھڙي حسين نہ ھئي، ھُوءَ وڏي ضدي ھئي، امان سان ڪڏھن بہ نہ ٺھي. آغاجِي، ماءُ ڌيءُ جي جهيڙي ۾ دلچسپي نہ وٺندو ھو. آغاجِي جو شايد اھو خيال ھوندو ھو تہ ٻہ عورتون وڙھي پاڻھي سرچي پونديون. سڪينہ، ڏاڏيءَ سان گهڻي مشابھت رکندي ھئي، ادي ۽ گهر جي ٻين عورتن ۾ ڪو بحث مباحثو ٿي پوندو ھو تہ ڏاڏي وچ ۾ نہ پوندي هئي، ڇاڪاڻ تہ کيس خبر هئي تہ سڪينہ ضد ۾ ان تي وئي آھي.
بازار کان ايندي آغاجِي مغرب کان پوءِ سڌو پنھنجي ماءُ جي ڪمري ۾ ويندو هو. ھُوءَ بہ سندس انتظار ۾ ھوندي ھئي. ان وقت ڏاڏي پنھنجي مخصوص ڪرسيءَ تي ويٺي تسبيح پڙھندي ھئي. ادا نُور مون کان پنج سال وڏو هو، مون کان اھا توقع ڪئي ويندي ھئي تہ کيس نُور صاحب چوان. نُور صاحب ھڪ رنگين ڪردار ھو. ھُو پنھنجي حرڪتن جي ڪري آغاجِي کان اڪثر مار کائيندو هو، پر ھن تي ڪوبہ اثر نہ ٿيندو ھو. ڪجهہ وقت کان پوءِ ھن جون شرارتون وڌي وينديون هيون، ادا نُور، امان کي بہ تنگ ڪندو ھو. وڏو ھجڻ ڪري ھُو پنھنجي پاڻ کي ڀائرن ۽ ڀينرن جو باس سمجهندو ھو ۽ سڀني تي حڪم ھلائيندو ھو. منھنجو ڀاءُ ايوب مون کان ڏيڍ سال وڏو هو، منھنجي ساڻس گهڻي لڳندي هئي. ھُو خاموش طبيعت جو مالڪ هو، ھن جي موجودگي جو احساس ان وقت ٿيندو ھو، جڏھن اسان کيڏندا ھئاسين. ھُو اسڪول نہ ويندو ھو، بلڪہ گهر ۾ ئي ٽيوشن وٺندو هو، ڇاڪاڻ تہ ھو صحتمند نہ ھو، پر قدرت کيس اعليٰ ذھن ۽ تمام گهڻي سمجهہ ڏني ھئي. ايوب منھنجو ھمراز بہ ھيو، ھن منھنجي ھڪ راز کي گهڻي وقت تائين لڪائي رکيو. اھو راز ھي ھيو تہ ننڍپڻ ۾ ھڪ دفعي منھنجي ڏاڏا مون کي چيو تہ گهر جي ڏاڪڻين جي ھيٺيان جيڪو سوراخ آھي ان ۾ جنن جو سايو آھي، ان سوراخ ۾ جيڪڏھن پئسا رکجن تہ اھي جادوئي قوت سان ٻيڻا چوڻا ٿيندا وڌندا ويندا، پر شرط اھو آھي تہ پئسا رکڻ وارو اھو راز ظاھر نہ ڪري ۽ سوراخ کي بار بار بہ نہ ڏسي. مون ۽ ايوب ان سوراخ ۾ ڪجهہ سِڪا لڪايا، ڪجهہ وقت کان پوءِ اسان بمبئي ھليا وياسين. ڪافي وقت کان پوءِ اسان جو پشاور وڃڻ ٿيو تہ ايوب مون کي سڪن واري ڳالھ ياد ڏياري پر ان وقت تائين اسان جي گهر جو نقشو ئي بدلجي چڪو هو، اسان جتي سڪا لڪايا ھئا اتي ڪاٺ جو انبار لڳل ھو. وڏي جدوجھد ۽ مشڪلات کان پوءِ اسان ٻنھي جڳھ ڳولي ورتي پر اتي ڪجهہ نہ ھو پر افسوس ان ڳالھ جو ٿيو تہ ڏاڏو وفات ڪري چڪو هو، جي حياتي ھجي ھا تہ اسان جي بي عقليءَ تي ڏاڍو کِلي ھا.
ڏاڏي پنھنجي مخصوص انداز ۽ حاڪماڻا رويي رکڻ باوجود بہ ڪنھن حد تائين خوفزدہ هئي. ھن ڄاڻي ٻُجهي ان ڳالھ کي يقيني بڻايو ھو تہ سندس ڌيئرون گهر جي ڪم ڪار ۾ حصو نہ وٺن. پڦي بيبي جان خاندان ۾ امان جي واحد ھمدرد ھئي. ھُوءَ حقيقي طور پنھنجي ڀاءُ جي پياري زال کي دل سان پسند ڪندي ھئي. ھُوءَ اسان جي گهر جي پٺيان رھندي ھئي. بيبي جان جي امان سان بي انتھا محبت ھئي، ان ڳالھ کان ڏاڏي واقف ھئي. ڪيترائي اھڙا موقعا آيا جو بيبي جان، امان جي پاران ڏاڏيءَ سان وڙھي پوندي هئي. اسان جي گهر جي ويجهو چشمو وھندو ھو، ان ۾ تمام گهڻو پاڻي ھوندو ھو. چاچي عمر جو گهر بہ چشمي جي پاسي ۾ ھوندو ھو، ان چشمي کي جڏھن پري کان ڏسبو هو تہ ھڪ ڍنڍ وانگر نظر ايندو هو، چاچي عمر ۽ بيبي جان جا گهر ھڪٻئي جي ويجهو ھوندا ھئا، پر ھنن جو گهڻو وقت اسان جي گهر ۾ گذرندو هو.
اھا ڳالھ مون کي ٻڌائڻ وسري وئي تہ گنج ۽ ڪاري ٽڪي جي ڪري اسڪول ۾ اڪيلو ٿي ويو ھئس، پر ان جي باوجود گهر ۾ منھنجين سرگرمين تي ڪو بہ فرق ڪونہ پيو. ادي سڪينہ ڇوڪرين جي اسڪول ۾ پڙهڻ ويندي ھئي، ھُوءَ امان سان گهر جي ڪم ۾ ھٿ ونڊائيندي ھئي. ھن جو گهڻو وقت امان سان يا پڦين سان گذرندو هو. وڏي ھجڻ ڪري ھُوءَ بہ نُور صاحب وانگر ننڍين ڀينرن ۽ ڀائرن تي حڪم ھلائيندي ھئي. نُور ۽ ايوب، ادي سڪينہ خلاف شرارتن جا منصوبا ٺاھيندا ھئا. ھي ٻئي ڀائر ڪوريئڙي، ڪيڙيِن ۽ ماڪوڙين کي هٿ ۾ جهلي، اديءَ کي ڊيڄارڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندا ھئا، جن کان اڪثر ڇوڪريون ڊڄنديون آھن، پر ادي ٻارنھن سالن جي ڄمار ۾ اھڙين شين کان ڊڄڻ واري نہ ھئي. منھنجا ڀائر ۽ سؤٽ اديءَ کي ڪڏھن بہ ڪيڙيِن ۽ ماڪوڙين کان ڊيڄاري نہ سگهيا. جڏھن بہ اھڙي قسم جي شرارت ڪندا هئا تہ ادي انھن کي پڪڙي ڏاڏيءَ جي حوالي ڪندي ھئي. ھن جو مون سان رويو بھتر ھوندو ھو، ڇاڪاڻ تہ ھڪ تہ آئون گهر وارن جو دادلو ٻار ھئس، ٻيو تہ ادي خلاف ڪيل شرارتن ۾ حصو نہ وٺندو ھئس.
اسان جي گهر ۾ ٽِي پارٽيءَ وارو چانھ جو دور ڏاڍو اھم ۽ خصوصي ھوندو ھو. ڏاڏو، ڏاڏي، بابا، چاچا، چاچيون، پڦيون ۽ سڀ ٻار پارٽيءَ ۾ شامل ٿيندا ھئا. ھن موقعي تي ڏاڏو گهوڙو ٿيندو ھو ۽ ٻارن کي پٺيءَ تي ويھاري سواري ڪرائيندو هو. دادلو ھئڻ ڪري مون کي سواريءَ جو وقت وڌيڪ ملندو هو. ھيڏانھن ھوڏانھن موڙڻ لاءِ ٻيئي ھٿ ڏاڏي جي ڏاڙهيءَ ۾ وجهندو ھئس، انھي عمل تي ڏاڏي ڪڏھن بہ ڪاوڙ نہ ڪئي. ھاءِ ٽِي ۾ پڪوڙا، سموسا ۽ ٻيون شيون ھونديون ھيون.
امان جي پوتي جهلي پويان ھلڻ ۾ وڏو سڪون ملندو هو. امان پنھنجن ڪمن جي سلسلي ۾ تيزيءَ سان ھڪ کان ٻئي ڪمري ۾ پئي ايندي ويندي ھئي ۽ آئون ان جي پٺيان پٺيان ھوندو ھئس. امان ڪڏھن بہ ڏاڏيءَ جي ڪنھن ڳالھ يا سوال جو پري کان جواب نہ ڏنو، ڏاڏيءَ سان ھميشہ ويجهو وڃي ڳالھائيندي ھئي يا پڇيل سوال جو جواب ڏيندي ھئي. ھڪ دفعي اھي ٻيئي پاڙي ۾ ٿيل ھڪ اھم واقعي تي گفتگو ڪري رھيون ھيون. ھنن کي منھنجي موجودگي جو احساس نہ ٿيو، ڏاڏي، امان کي انتھائي رازداريءَ ۾ چئي رھي ھئي تہ، ”جلدي وڃ لاش اڃا موجود آهن، وري پوليس اچي ويندي.“ ڏاڏيءَ جي اھا ڳالھ مون کي سمجهہ ۾ نہ آئي. انھن ڏينھن ۾ گهرن جون ڇتيون ھڪٻئي جي ويجهو ۽ ڳنڍيل ھونديون ھيون. جيڪڏهن پرديدار عورتن کي ڪٿي پاڙي ۾ اچڻ وڃڻ ٿئي تہ بازار جي رستن بجاءِ ڇتين وارو رستو استعمال ڪيو ويندو هو. آئون بہ امان جي پٺيان ھلندو رھيس، امان ۽ آئون ھڪ گهر ۾ پھتاسين، اتي ڏٺم تہ ھڪ ڪمري ۾ قطار ۾ ٽي لاش پيا آھن. ھڪ عورت روئي رھي ھئي، امان ان کي دلاسو ڏنو. لاشن مان ٿوري ڌپ بہ اچي رھي ھئي، ماڻھن جي تمام گهڻي رش هئي. امان کي اھا خبر نہ ھئي تہ آئون بہ ان سان گڏ آيو آھيان. پوليس وارا گهر جي فردن کان معلومات وٺي رھيا ھئا، انھي دوران مون کي خبر ئي نہ پئي امان گهر ھلي وئي. آئون ھڪ ميز جي پويان ھئس ۽ ڪنھن کي نظر بہ ڪونہ آيس. اچانڪ سڀ ماڻھو ڪمري مان ھليا ويا ۽ دروازو ٻاھريان بند ڪيو ويو. ڪمري ۾ اڪيلو رھجي ويس. خوف جي ھڪ لھر منھنجي جسم ۾ ڊوڙي وئي تہ ھاڻ خبر ناھي دروازو ڪيڏي مھل کُلندو؟ دعائون گهرڻ لڳس. ڏٺم تہ ھڪ دري کليل ھئي، جيئن ئي زوردار ھوا لڳي تہ ھڪ لاش جي منھن تان ڪفن ھٽي ويو، مون کي زوردار جهٽڪو لڳو. ڇو تہ لاش ان نوجوان جو ھو جنھن کي مان روز بازار ۾ ڏسندو ھئس. لاش کي غور سان ڏٺم محسوس ٿيو تہ ھُو مون کي غور سان ڏسي رھيو آھي ۽ ان جون اکيون بہ حرڪت ڪري رھيون آھن. خوف جي ڪري منھنجو ڳلو خشڪ ٿي ويو، مون کي لڳو تہ مون زوردار رڙ ڪئي آھي، ذھن ۾ ڪيترائي خيال اچي رھيا ھئا، ھڪ خيال اھو بہ آيو تہ گهر ۾ سڀ ڀاتي ٽِي پارٽي تي گڏ ھوندا، ڏاڏي ۽ ڏاڏيءَ کي منھنجي غير موجودگي جو ضرور احساس ٿيندو ۽ اھي مون کي ڳوليندا، ٿي سگهي ٿو مون کي ڳوليندا ڳوليندا ھتي اچي نڪرن، ھن مصيبت مان ڇوٽڪاري جي ڪا راھ نڪري پوي. ان وقت اھا ڳالھ بہ ذھن ۾ آئي تہ امان تہ رڌپچاءُ ۾ مصروف ھوندي، ان کي تہ خبر ئي نہ ھوندي تہ مان ڪٿي آھيان. ڪافي وقت گذرڻ کان پوءِ ھڪ انگريز پوليس آفيسر تفتيش جي سلسلي ۾ ڪمري ۾ داخل ٿيو، ھن کي لاش ڏيکاريا ويا، ڪمري ۾ مون کي موجود ڏسي ھن سوال ڪرڻ شروع ڪيا، ڪير آهي ھي ٻار، ھتي ڇا ٿو ڪري؟ آئون وڌيڪ پريشان ٿي ويس، اتي موجود ڪجهہ ماڻھن مون کي سڃاتو، انھن آفيسر کي ٻڌايو تہ ھي سرور خان جو پٽ آھي. ايتري ۾ مون ۾ ڪجهہ ھمت پيدا ٿي، ٻڌايم تہ امان سان گڏ آيو ھئس، پر حادثاتي طور ڪمري ۾ بند ٿي ويس. اتي موجود سڀني ماڻھن منھنجي ڳالھ تي اعتبار ڪيو ۽ آئون لاشن واري گهر مان نڪري پوري رفتار سان ڀڄندو اچي گهر پھتس. گهر ۾ اڃا ھاءِ ٽِي پارٽي شروع نہ ٿي ھئي، ڏاڏي منھنجي منھن ۾ ڏسي سمجهي وئي تہ ڪو غيرمعمولي واقعو پيش آيو آھي. مون جڏھن سڄي روئداد ٻڌائي تہ ڏاڏي، امان کي تمام گهڻو ڳالھايو ۽ چيائينس تہ، ”تون ھن جو خيال ڇو نٿي رکين.“ خوشقسمتيءَ سان ان وقت آغاجِي گهر ۾ داخل ٿيو ۽ گفتگوءَ جو موضوع ٻي طرف ھليو ويو. چانھ پيئڻ دوران گفتگو ھڪ دفعو وري انھن ٽن ڀائرن جي لاشن متعلق ٿيڻ لڳي، جيڪي ھڪ قبائلي دشمنيءَ ۾ ماريا ويا هئا. ڪنھن بہ پٺاڻ گهر ۾ انھن ۾ عام طور ڊزن کن ٻار ضرور ھوندا ھئا، پٽن جو ھجڻ اھم سمجهيو ويندو هو، ڇو تہ پٽ خوني جهيڙن ۾ ڪم ايندا ھئا، قتل ٿيڻ باوجود پٺاڻ مطمئن ھوندا ھئا تہ بدلي وٺڻ لاءِ ٻيا پٽ ويٺا آهن. اھو ئي سبب آهي پٺاڻ خاندانن ۾ ٻارن جي پيدائش دوران وقفو نہ ھجڻ جي برابر هو.
چانھ پيئڻ دوران عورتون ۽ مرد پنھنجين پنھنجين ڳالھين ۾ مصروف ھوندا ھئا. عورتن جي گفتگو اڪثر ڪري بي معنيٰ ھوندي ھئي، جڏهن تہ مردن جي گفتگو سنجيدہ قسم جي ھوندي ھئي. ڏاڏي ان موقعي تي مختلف معاملن متعلق پنھنجا حُڪم صادر ڪندي ھئي. ڪير بہ کانئس سوال نہ ڪري سگهندو ھو. مون کي ان ڳالھ جو شدت سان احساس ٿيندو ھو تہ ٻيا سڀ ڪچھرين ۾ مَحَوِ ھوندا ھئا، جڏھن تہ امان اڪيلي رڌڻي ۾ کاڌا تيار ڪرڻ ۾ مصروف ھوندي ھئي. چلھ تي ڪم ڪرڻ وڏي تڪليف وارو ڪم ھوندو آھي، دونھين تي امان جو ساھ بند ٿيڻ لڳندو هو، پر پوءِ ب ھُوءَ ڪم ڪندي رھندي ھئي. امان جي پچايل کاڌن جي سڀ گهر ڀاتي تعريف ڪندا هئا، ڪڏھن ڪڏھن بيبي جان رڌڻي ۾ امان سان ھٿ ونڊائيندي ھئي. گهر جي ڪم ڪار لاءِ نوڪر پڻ ھوندا ھئا، پر امان پنھنجا ڪم پاڻ ڪندي هئي، ھُوءَ ھر وقت پُرسڪون ۽ مطمئن رھندي ھئي، امان جي انھن خوبين آغاجِي جي زندگيءَ کي بھتر بنائي ڇڏيو هو. کيس گهر جي ڪنھن ڀاتي ڪڏھن بہ امان جي شڪايت نہ ڪئي، جڏھن تہ گڏيل خاندانن ۾ مسئلن جو ھجڻ اڻٽر ھوندو آھي.
امان جو تعلق نجيب الطرفين خاندان سان هو. منھنجو نانو، ناني يا ماسيون جڏھن بہ اسان جي گهر ايندا هئا، تڏھن اھي قيمتي لباس ۾ ملبوس ھوندا ھئا، ھڪ ٻہ نوڪر بہ ساڻ ھوندا ھئن، جيڪي مٺايون ۽ ٻيون شيون کڻي ايندا هئا، حالانڪ انھن کي پتو ھو تہ اسان وٽ ڪنھن بہ شئي جي ڪا بہ ڪمي ناھي. امان وقت ڪڍي نانا وارن سان ڪچھري ڪندي ھئي. منھنجيون ماسيون تمام گهڻيون خوبصورت ھيون. مون کي ياد آهي ھڪ دفعي امان کي گهر جي ڪمن کان مڪمل ڇوٽڪارو مليو ھو، اھا ان وقت جي ڳالھ آهي جڏهن اسان ماسيءَ جي شاديءَ جي سلسلي ۾ ناني جي گهر ويا هئاسين، ان وقت منھنجي ڄمار پنج سال ھئي. ڏاڏي، آغاجِيءَ کي منھنجي متعلق خاص طور تاڪيد ڪندي فقير جي ڳالھ ياد ڏياري ھئي ۽ چيو ھئائين تہ يوسف کي اڪيلو نہ ڇڏجو. مون کي پنھنجي گنج ۽ پيشاني تي لڳل ڪاري ٽڪي سخت پريشان ڪيو ھو، پر ان موقعي تي منھنجي پڦي بيبي جان مدد ڪئي ھئي امان کي چيائين پنھنجي مائٽن جي گهر ۾ ننڍڙي سان مٿي ڪوڙڻ ۽ ڪاري ٽڪي لڳائڻ واري تعدي نہ ڪجو. منھنجي ناناڻن جي گهر ۾ امان کي خاص توجھہ ملي، امان کي اتي خوش ڏسي مون کي تمام گهڻي خوشي ٿي. ڏاڏاڻي ڪھول ۾ امان کي ايترو مان ۽ عزت نہ ملندي هئي. ماسيءَ جي شاديءَ کان پوءِ اسان واپس پنھنجي گهر اچي وياسين، حسبِ معمول مون سان ٺوڙھ ۽ ڪاري ٽڪي واري تعدي جاري رھي. گهر ايندي ئي امان پنھنجن ڪمن ڪارين ۾ مصروف ٿي وئي. منھنجي خواھش ھوندي ھئي تہ امان ڪوبہ ڪم نہ ڪري پر اھا خواھش پوري نہ ٿي سگهي.
مٿو ڪوڙائڻ ۽ پيشانيءَ تي ڪارو ٽڪو لڳائڻ کان پوءِ آئون اسڪول تہ ويندو رھيس پر امان ۽ آغا جي سميت ڪنھن بہ ان ڳالھ تي ڌيان نہ ڏنو تہ آئون سوچن ۾ گم رھڻ لڳو آھيان. دراصل مون کي اڪيلائي ۽ ناقدريءَ جو احساس ٿيڻ لڳو ھو. اسڪول مان گهر پھچڻ جي جلدي ھوندي ھئي، جيئن امان وٽ پھچي ان جي ھنج ۾ پناھ وٺي سگهان. ھاڻي مان جڏهن سوچان ٿو تہ ڏاڏي، فقير جي پيشگوئيءَ کي مان ڇو ڏنو ۽ ان انڌي تقليد ۾ ڪھڙي حڪمت ھئي؟ ڇا مون کي گنجي ڪرڻ ۽ پيشانيءَ تي ڪاري ٽڪي لڳائڻ جي پٺيان وڏي حڪمت لڪل ھئي؟ بگڙيل صورت جي ڪري اسڪول ۾ ڏاڍو پريشان رھندو ھئس، پر خيال ايندو آهي تہ ننڍپڻ جي انھي پريشانيءَ کان پوءِ زندگيءَ ۾ ڪيترائي حيران ڪُن نتيجا مليا. فلمي ڪيريئر جي شروعات ۾، منھنجي تحت الشعور ۾ دٻيل اسڪول ۾ گذاريل احساسِ محروميءَ وارو اھو زمانو نروار ٿيو، ننڍپڻ جي انھي درد ۽ ڪرب منھنجي اداڪاريءَ ۾ نوان رنگ پيدا ڪيا. ھاڻ سوچيان ٿو تہ ڏاڏيءَ جي ان حڪمت مان مون کي ڪيڏو فائدو مليو.

منھنجو ننڍپڻ

آئون پڙھاڪو ٻار نہ ھئس، ھا اھو آھي تہ مون ۾ مشاھدي جي قوت ڪجهہ وڌيڪ ھوندي ھئي. منھنجي سؤٽن سان گهڻي نہ لڳندي هئي، آئون انھن سان ڪچھري بہ تمام گهٽ ڪندو ھئس. مون کي ياد آهي تہ آئون ڏاڏي کان مختلف سوال ڪندو ھئس. گهر جي ويجهو چشمو مسلسل ڇو وھندو رھندو آھي؟ ان ۾ پاڻي ڪٿان ايندو آهي؟ ۽ ڪيڏانھن ويندو آهي؟ منھنجا سوال ٻڌي ڏاڏو اڪثر کلي پوندو هو. ھُو مون کي ڪلھي تي ويھاري چشمي تي کڻي ويندو هو. اسان ڏاڏو پوٽو ڪيتري ئي دير تائين چشمي مان وھندڙ پاڻيءَ کي غور سان ڏسندا رھندا ھئاسين. آئون ڏاڏي جي جواب جو منتظر ھوندو ھئس، پر مون کي ان وٽان جواب نہ مليا. ھڪ دفعي مون ٻڌو ڏاڏو آغاجِي کي چئي رهيو هو تہ يوسف، خاندان جي ٻين ٻارن کان مختلف آهي. ٻيا ٻار مختلف منظر ڏسي حيران ناھن ٿيندا ۽ اھي يوسف وانگر سوال بہ ناھن ڪندا.
سخت گرمين ۾ ٻنپھرن کان پوءِ مون کي کليل ميدان تي ھلڻ ۾ مزو ايندو هو. ماني کائڻ بعد ڏاڏي پنھنجي ڪمري ۾ آرام ڪندي ھئي، انھن ڏينھن ۾ بجليءَ جا پنکا نہ ھوندا ھئا. گَتَي ۽ ٿُلھي ڪپڙي سان ٺھيل پنکا گهرن ۾ لڳل ھوندا ھئا، جن کي ھٿن سان ڇڪي ھلايو ويندو هو، حالانڪه اھو ڏکيو ڪم ھوندو ھو، پر ھلائڻ وارا بخوبي ڄاڻندا ھئا. خاندان جي سڀني ٻارن کي انھن پنکن جي ھوا ۾ سمھاريو ويندو هو. جڏھن سڀ سمھي رھندا ھئا، تڏھن آئون گهر کان ٻاهر نڪري ويندو ھئس. ٻيرن جا وڻ ھوندا ھئا پر ان مان ڪير بہ ٻير نہ پٽيندو هو. اسان کي اھو ٻڌايو ويندو هو تہ ٻير انسانن لاءِ نہ پر ڪيڙن ۽ جيتن لاءِ آھن، آئون ھڪ وڻ تي چڙهي ويس، کيسا مس ڀريم تہ گوڙ ٻڌڻ ۾ آيو. اسان جي خانداني باغن جي سنڀال ڪندڙ غني، ھڪ شخص کي پڪڙي ورتو، جيڪو گودام مان خشڪ ميون جي چوري ڪرڻ لاءِ آيو ھو. معافي گهرڻ تي غني ان شخص کي ڇڏي ڏنو ۽ پوءِ ٻئي ھليا ويا. اھڙي طرح آئون بہ وڻ تان لھي گهر ھليو ويس.
خاندان جا سڀ ٻار غنيءَ کان ڊڄندا ھئا. ڏاڏي بہ غنيءَ جو احترام ڪندي ھئي. ھُو ان کي پئسا ۽ کائڻ پيئڻ جون شيون ڏيندي رھندي ھئي. غني ھڪ طاقتور شخص ھو. ھن جي شخصيت جو ھڪ پھلو اھو بہ ھو تہ چانڊوڪي راتين ۾ ھن کي دؤرو پوندو هو. ان ڪيفيت ۾ جڏھن باغ جي سنڀال تي ھوندو ھو تہ ان وقت ھُو بگهڙن جو آواز ڪڍندو هو. جڏھن ھن کي دؤرو پوندو هو تہ کيس ڪير بہ چپ نہ ڪرائي سگهندو ھو. ان حالت ۾ ھن کي زنجيرن ۾ جڪڙي ڪمري ۾ بند ڪيو ويندو هو. ڪجهہ وقت ان حالت ۾ رھڻ کان پوءِ ٺيڪ ٿي ويندو هو. جھڙو ھن کي ڪجهہ ٿيو ئي نہ ھجي. ڪڏهن ڪڏهن تہ دؤرو پوڻ کان پوءِ ڪيترن ئي ڏينھن تائين ھن جي طبيعت ۾ سڌارو نہ ايندو هو. ان حالت ۾ زنجيرن ۾ ٻَڌل ھوندو ھو. سڪتي جي عالم ۾ ھُو پُرتشدد ٿي ويندو هو. ان حالت ۾ ڪير بہ ھن جي ويجهو نہ ويندو هو، سڀ ڊڄندا ھئا. سچي ڳالھ اھا آھي تہ غنيءَ سان سڀ ھمدردي ڪندا هئا، ڪجهہ ماڻھو چوندا ھئا تہ چانڊوڪي راتين ۾ ڪو جن ھن تي اچي واسو ڪندو آهي. ڪجهہ ماڻھن جو خيال ھو تہ غنيءَ کي چريائپ جو دورو پوندو آهي. ھن جو علاج ڪرائڻ گهرجي. ھڪ دفعي غنيءَ کي شديد دورو پيو ھو ۽ ھن کي کٽ سان ٻڌو ويو هو ۽ ان ئي حالت ۾ ھُو گذاري ويو هو. غنيءَ متعلق ڳالھيون تہ سڀ ڪندا هئا، ساڻس ھمدردي بہ ڪندا هئا پر غنيءَ جي علاج لاءِ ڪنھن بہ عملي ڪم نہ ڪيو. باغن جي آسپاس رھندڙ ماڻھن جو چوڻ ھو تہ غني جي وفات کان پوءِ چانڊوڪي راتين ۾ بہ ھنن، ان کي باغن ۾ گهمندي ڏٺو ھو.
غنيءَ متعلق خوفناڪ ڪھاڻيون ٻڌڻ کان پوءِ بہ مون تي ڪوبہ فرق نہ پيو ۽ منھنجيون سرگرميون جاري رهيون. حسبِ معمول ھڪ دفعي ٻنپھرن جو گهر کان ٻاهر نڪري گودام ڏي ويس، بادامين ۽ پستن سان کيسا مس ڀريم تہ ھڪ گاڏي گودام طرف ايندي نظر آئي. انگريز سپاهي بہ ھيا جيڪي قبائلي پٺاڻن جي پويان ھئا، مون يڪدم گودام جو شٽر ھيٺ ڪري ڇڏيو ۽ پيٽ ڀر ليٽي ٻاھر ٿيندڙ فائرنگ کي ڏسڻ لڳس. ان وقت مون ڪيترن ئي قبائلين کي گولين جو کاڄ ٿيندي ڏٺو ھو. آئون تمام گهڻو ڊڄي ويو ھئس، ڇاڪاڻ تہ انگريزن جي بندوقن جو رخ گودام طرف ھو، انھن جو شايد اھو خيال ھو تہ قبائلي پٺاڻ گودام طرف لڪل آھن. ڪافي دير گذرڻ کان پوءِ انگريز سپاهي توپ گاڏي سميت واپس ھليا ويا، پر مون کي قبائلي پٺاڻن جي ممڪنہ موجودگيءَ جو ڊپ ورائي ويو. اھي قبائلي پٺاڻ پيشور خطرناڪ قسم جا ماڻھو ھئا، جن جو ڪم ئي لُٽ مار ڪرڻ ھو. مون ھمت ڪئي تيزيءَ سان شٽر مٿي ڪري تيز رفتاريءَ سان ڀڄي نڪتس. گهر پھتس تہ جسم ۾ سَتُ ئي نہ رھيو ھو، سڌو وڃي امان کي ڀاڪر پاتم. فائرنگ جو آواز منھنجي گهر وارن ٻڌو ھو، انھن کي اھا بہ خبر ھئي تہ آئون ٻاھر آھيان. امان ۽ ڏاڏي منھنجي خيريت لاءِ دعائون ڪري رھيون ھيون ۽ ڪجهہ ماڻھن کي مون کي ڳولڻ لاءِ موڪليو ويو هو. جڏھن مون اکين ڏٺو واقعو ٻڌايو ھو تہ سڀ ڊڄي ويا ۽ مون کي دڙڪا ڏنائون، پر انھن کي اھو اطمينان ٿيو تہ آئون سلامتيءَ سان واپس گهر پھچي ويو آھيان.
آغاجِي وڏي قد ڪاٺ وارو شخص هو. هُن جون مُڇون خوبصورت ھونديون ھيون. مٿي جا وار گهاٽا ھوندا ھئس. ڏاڏي جا بہ مٿي جا وار گهاٽا ھوندا ھئا. اھڙي طرح منھنجي مٿي جا گهاٽا وار بہ موروثي آھن. آغاجِي اڪثر ڪري پاجامو ۽ ڪڙتو پھريندو ھو، جيڪو ھڪ ماھر درزيءَ کان سبرائيندو ھو. آغاجِي منھنجي والدہ سان تمام گهڻي محبت ڪندو ھو. ھُو امان کي خوشبودار پائوڊر ۽ ٻيون شيون آڻي ڏيندو هو. امان اھي شيون الماڙيءَ ۾ لڪائي رکندي هئي، جيئن ڏاڏيءَ کي خبر نہ پوي.
امان، قد بُت جي سنھي ھڪ ننڍي قد جي عورت ھئي. مون کان پوءِ منھنجو ڀاءُ ناصر پيدا ٿيو. ھر ڀاءُ ڀيڻ جي ڄمڻ کان پوءِ آئون انھن کي حسد وارين نظرن سان ڏسندو ھئس. نئين ڄاول ٻار کي امان سان گڏ ستل ڏسندو ھئس تہ مون کي ڏاڍي ڪاوڙ ايندي هئي. امان سان رات جو گڏ سمھڻ پنھنجو بنيادي حق سمجهندو ھئس. گرميون ھجن يا سرديون امان سڄو ڏينھن گهر جو ڪم ڪار ڪرڻ کان پوءِ جڏھن بستري تي آرامي ٿيندي ھئي تہ جلدي گهاٽي ننڊ اچي ويندي ھئس. ٻي طرف گهر جي ڪم ڪار کان آزاد منھنجون غير شادي شده پڦيون، پاڻ سان گڏ ايراني ٻليون سمھارينديون ھيون جيئن سياري ۾ بسترا گرم رھن.
گرمين ۾ سڀ گهر ڀاتي مٿي چبوتري تي سمھندا ھئاسين. چانڊوڪي راتين ۾ جڏهن امان جي منھن تي نظر پوندي هئي تہ امان جي خوبصورتيءَ تي حيران رھجي ويندو ھئس. سردين ۾ اسان ٻارن لاءِ مزا ھوندا ھئا، وسيع ۽ عريض چبوتري تي باھ جو مچ ٻاريو ويندو هو، جتي لوئيون ۽ شالون ويڙهي خاندان جا سڀ ڀاتي گڏ ٿيندا هئا. مچ تي ھٿ سيڪيندي ڏاڍو مزو ايندو هو. گهر جي ھر فرد لاءِ ڪا ڪھاڻي، شاعري يا ڪو لطيفو ٻڌائڻ لازمي ھوندو ھو. ڪھاڻي ٻڌائڻ سان گڏوگڏ ان جو اخلاقي پھلو ٻڌائڻ بہ لازمي ھوندو ھو. ٻارن جي موجودگيءَ جي ڪري مواد جي چونڊ ۽ معيار جو خاص خيال رکيو ويندو هو. غير معياري ۽ اخلاق کان وانجهيل ڪھاڻيءَ تي ڏاڏي فورن مداخلت ڪندي ھئي. اسان جي ھڪ ماسڙ کي ڪھاڻيون ٻڌائڻ جو وڏو شوق ھوندو ھو، پر هن جون ڪھاڻيون غير سنجيدہ ۽ غير معياري ھونديون ھيون. ھڪ ڏينھن ڪھاڻي ٻڌائيندي ڏاڏي ان کي روڪي ڇڏيو ۽ ڪچھريءَ مان بہ اٿاري ڇڏيائين، نہ رڳو اھو پر ڪچھريءَ ۾ اچڻ تي بہ تاحيات پابندي ھڻي ڇڏيائين. ڏاڏي کي بھادري ۽ شرافت واريون ڪھاڻيون تمام گهڻيون پسند ھونديون ھيون. گيتن ۽ غزلن ۾ بہ اخلاقي معيار کي مدِنظر رکيو ويندو هو. علم ۽ ادب واري اھا ڪچھري رات دير تائين جاري رهندي ھئي. جيڪڏهن ڪھاڻيون دلچسپ ھونديون ھيون تہ آئون ٻڌندو ھئس نہ تہ ڪنھن جي ھنج ۾ سمھي پوندو ھئس. ڪچھريءَ دوران ئي ايراني ٻلين کي بسترن ۾ سمھاريو ويندو هو، جيئن ڪچھري ختم ڪرڻ کان پوءِ سمھجي تہ بسترا گرم ھجن.
منھنجي خيال ۾ فلمي دنيا ۾ مون کي جيڪا مڪالمي بازيءَ جي صلاحيت ھئي، اھا مون کي اصل ۾ پشاور جي انھن ڪچھرين ۾ ويھڻ جي ڪري حاصل ٿي ھئي. انھن ڏينھن ۾ قصہ خواني بازار چوڪ تي ڪھاڻيون ۽ قصہ ٻڌائڻ جو سلسلو باقاعدي ھلندو ھو. سج لٿي جي نماز کان پوءِ واپاري ۽ دڪاندار گڏ ٿيندا هئا. آئون بہ آغاجِيءَ جي آڱر پڪڙي قصہ خواني چوڪ ويندو ھئس. اتي ڪنھن مُتقي يا عالم کي ٻڌندو ھئس. قصا بيحد دلچسپ ھوندا ھئا، جيڪي وقفي سان تمام سريلي آواز ۾ ٻڌائيندا هئا. گهر وڃي مان عالمن جي اندازِ بيان جو نقل ڪندو ھئس. اھا ڪنھن کي خبر ھئي تہ سالن پڄاڻان مان ايندڙ وقت سينيمائن ۾ قصہ گوئي ۽ ڪھاڻين جي مشق ڪري رھيو ھوندس. ھڪ ٻيو مشغلو جيڪو مون اڪيلائيءَ ۾ اپنايو ھو، اھو ھي ھيو تہ گهر ۾ ايندڙ عورتن جا نقل ڪندو ھئس. ھڪ ڏينھن امان مون کي ماسي مريم جو نقل ڪندي ڏسي ورتو، امان کي اھو نہ ٻڌائي سگهيس تہ آئون ماسي مريم جو نقل نہ پر ان جھڙو ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان. ڇو تہ اسان جي ھيءَ ماسي ھڪ حيران ڪُن ڪردار جي مالڪ هئي، امان مون کي وڏن جي نقل ڪڍڻ کان سخت منع ڪئي ۽ چيائين تہ اھا تمام خراب ڳالھ آھي. امڪان اھو ھو تہ آئون لاشعوري طور اھڙي ڪم لاءِ تيار ٿي رھيو ھئس، جيڪو ايندڙ وقت ۾ مون کي سرانجام ڏيڻو ھو.
ماسي مريم اسان جي خاندان جي بُلبل ھزار داستان ھئي، ھُوءَ امان سان تمام گهڻي محبت ڪندي ھئي، ھن جو آواز ڏاڍو سريلو ھوندو ھو. خاندان جا سڀ ٻار ان جون لوليون ٻڌي وڏا ٿيا هئا. ھيءَ ماسي، ان شخص جي زال ھئي، جنھن تي گهر ۾ ٿيندڙ ڪھاڻيون ٻڌائڻ واري ڪچھريءَ ۾ اچڻ تي تاحيات پابندي مڙهي وئي ھئي. اسان جو ھي ماسڙ خاندان ۾ بنھ منفرد ھو، ڏاڏا سان صرف ھي بحث مباحثو ڪندو هو. جڏھن سڀ مرد حقو پِي رھيا ھوندا ھئا، تڏھن ھي ڪٿان آندل سگار جا ڪش ھڻي رھيو ھوندو ھو.
ماسي مريم انتھائي خوبصورت عورت ھئي، ھُوءَ سگريٽ پيئندي هئي ۽ مڙس سان ھميشہ اختلاف رکندي ھئي. ھي زال مڙس فقط ان وقت ڳالھائيندا ھئا، جڏھن انھن کي پاڻ ۾ وڙھڻو ھوندو ھو. ماسي پنھنجي مڙس کي اھو طعنو ڏيندي ھئي تہ تون ناڻي تي نانگ بڻجي ويٺو آھين. مون کي ڪجهہ بہ نٿو ڏين، اھو سڀ ڪجهہ قبر ۾ پاڻ سان گڏ کڻي وڃجان. ماسي مريم تي جنات جو اثر هو، جڏھن ان کي دؤرو پوندو هو تہ کيس ڪمري ۾ بند ڪيو ويندو هو. دوري دوران سندس آواز مرداڻو ٿي ويندو هو ۽ پنھنجا وارَ پَٽيندي هئي. ھڪ ڏينھن آئون ھن جي ڪمري ۾ گهڙي ويس. امان ڀڄندي آئي ۽ مون کي کڻي ورتائين. ماسي، امان کي چيو تہ عائشہ ننڍڙي کي اتي ڇڏ تہ کيڏي، پر امان اتان مون کي کڻي ڀُڻ ڀُڻ ڪندي ٻاھر ھلي آئي.
جمعي جي ڏينھن عورتون مارڪيٽ وينديون هيون. ان ڏينھن رش بہ تمام گهڻي ھوندي ھئي، ڇاڪاڻ تہ مرد جمعي جي نماز پڙهڻ کان پوءِ خريداريءَ لاءِ مارڪيٽ ايندا هئا. بازار وڃڻ وقت ماسي تيار ٿيڻ ۾ گهڻو وقت لڳائيندي ھئي. امان جلدي تيار ٿي وٺندي هئي. ھُو وڏا ۽ ويڪرا ڪپڙا پھريندي ھئي ۽ ٻاھر وڃڻ لاءِ پردو ڪندي ھئي. ايتري تائين جو آئون امان کي سڃاڻي بہ نہ سگهندو ھئس. وڏين ۽ مردانہ شڪل شبيھ عورتن جي وچ ۾ امان کي ننڍي قد جي ڪري سڃاڻيندو ھئس. بازار ۾ امان سان ويندو ھئس تہ گڏ گڏ ھوندو ھئس تہ ڪٿي گم نہ ٿي وڃان. ماسي مريم ۽ پڦي بيبي جان، امان سان تمام گهڻي محبت ڪنديون هيون، پر عجيب ڳالھ اھا آھي تہ اھي ٻيئي ھڪٻئي سان نہ ٺھنديون ھيون. ھي ٻئي ريشمي ڪپڙا پھرينديون ھيون، جڏهن تہ امان سادا ڪپڙا پھريندي ھئي.
مارڪيٽ جي ھڪ طرف کائڻ پيئڻ جي شين جا دڪان ھئا، جتي ڪواب، پڪوڙا ۽ سموسا تيار ٿي رھيا ھوندا ھئا. ڏسڻ سان ئي بک لڳي ويندي ھئي. پاسي کان گذرندڙ ماڻھو کائڻ کان سواءِ رھي نہ سگهندا ھئا. ريشم ڪپھ، پوتين ۽ سڳين جي دڪان تي عورتن جي رش ھوندي ھئي. ھندو عورتن جو بہ وڏو تعداد مارڪيٽ ۾ ايندو هو.
آزاديءَ کان اڳ ھندو ۽ مسلمان ھڪٻئي سان فرق رکڻ کان سواءِ محبت ۽ ڀائيچاري سان رھندا ھئا. آغاجِي جا ڪيترائي دوست ھندو ھئا. انھن دوستن ۾ ھڪ وڏو آفيسر ’بشيشور ناٿ‘ بہ ھيو، جيڪو اسان جي گهر ۾ ايندو رھندو ھو. ھڪ دفعي ان جو وڏو پٽ ساڻس گڏ آيو، جيڪو بيحد خوبصورت ھيو. اھو نوجوان پرٿوي راج ڪپور ھو، جيڪو پوءِ ھڪ وڏو اداڪار ٿيو. پرٿوي راج ڪپور جي والد بشيشور ناٿ ۽ آغاجِيءَ جي پاڻ ۾ گهاٽي دوستي ھوندي ھئي. ان وقت ٻي جنگِ عظيم شروع ٿي چڪي هئي. اھي ٻئي اڪثر جنگ ۽ پشاور جي ڪاروبار متعلق ڪچھري ڪندا هئا. آئون انھن جي ڪچھري غور سان ٻڌندو ھئس، پر مون کي سمجهہ ۾ ڪجهہ بہ نہ ايندو هو. ھڪڙي ڏينھن ھُو بمبئيءَ ۾ ڪاروبار بابت ڳالھائي رھيا ھئا. ھُو چئي رھيا ھئا تہ بمبئيءَ ۾ ھتان کان بھتر ڪاروبار ڪري سگهجي ٿو ۽ پوءِ ھڪ ڏينھن آغاجِي، ڏاڏيءَ کي چئي رهيو هو تہ ھُو ڪاروبار جي سلسلي ۾ بمبئي ويندو. عالمي جنگ شروع ٿي چڪي هئي، جنگ واري انھي ماحول ۾ ڪاروبار جو متاثر ٿيڻ اڻٽر ھو، ڪاروبار خاطر آغاجِي بمبئي ھليو ويو.
آغاجِيءَ جي بمبئي وڃڻ کان پوءِ مون سان ھڪ عجيب واقعو رونما ٿيو. ھڪ ڏينھن ٻنپھرن جو منھنجي ھڪ سؤٽ کي باغ مان انب پٽيندي اک ۾ ڌڪ لڳو، ملازم ان کي گهر کڻي آيا، سڀ چاچيون گڏ ٿي ويون ۽ اھو طئہ ڪيو ويو تہ ھن جو ھُو پاڻ ديسي علاج ڪنديون. ان وقت آئون اڪيلو ڪمري ۾ ويٺو هئس، ھڪ چاچي ڪمري ۾ داخل ٿي سندس ھٿ ۾ مٽيءَ جو ھڪ ٿانءُ ھو، چاچي مون کي ٻانھن کان وٺي چبوتري تي آئي ۽ مون کي حڪم ڪيائين تہ شلوار لاھ ۽ ھن ۾ پيشاب ڪر، مون فورن ايئن ڪيو. چاچي اھو پيشاب کڻي سؤٽ جي ڪمري ۾ آئي ۽ ان جو زخم ڌوتائين، گهڻي عرصي تائين آئون ھن واقعي کي وساري نہ سگهيس. آغاجِيءَ جي بمبئي وڃڻ کان پوءِ ان جي ڪمي محسوس ٿيندي هئي. امان کان گهڻا سوال نہ ڪندو ھئس ڇو تہ ھُوءَ اڳيئي گهر جي ڪم ڪار جي ڪري پريشان رھندي ھئي، ويتر مون پريشان ڪرڻ نٿي چاهيو. آئون ڪڏھن امان کان آغاجِيءَ جي باري ۾ پڇندو ھئس تہ ھُوءَ مختصر اھو ٻڌائيندي هئي تہ ھُو ڪم جي سلسلي ۾ بمبئي ويو آهي، جلدي واپس اچي ويندو، اھو ٻڌي خاموش ٿي ويندو ھئس.

پشاور کان بمبئيءَ لڏپلاڻ

منھنجي خيال ۾ منھنجي خاندان جي پشاور کان بمبئي لڏپلاڻ منھنجي ڪري ٿي ھئي. ھڪ دفعي آغاجِي اپالو بندر بمبئيءَ ۾ واڪ ڪري رھيو ھو، ھن ھڪ ننڍڙي ٻار کي پنھنجي والدين سان گاڏيءَ ۾ گڏ ويٺل ڏٺو تہ ان کي کڻي ورتائين، ھڪ ٿلھي متاري پٺاڻ جي ان حرڪت تي ننڍڙي جا ماءُ پيءُ پريشان ٿي ويا. آغاجِيءَ کي پنھنجي غلطي جو جلدي احساس ٿيو ۽ انھن کان معافي وٺندي چيائين تہ پشاور ۾ منھنجو بہ ھن ننڍڙي جيترو يوسف نالي پٽ آھي، اھو سڀ ڪجهہ مون کان پنھنجي پٽ جي ياد اچڻ ڪري غير ارادي طور ٿي ويو آهي. منھنجو گمان آهي تہ آغاجِي سان جي بمبئي ۾ اھو واقعو پيش نہ اچي ھا تہ ھُو امان ۽ ستن ٻارن کي وٺڻ پشاور نہ اچي ھا. پشاور ۾ ڏاڏو آغاجِيءَ کي ياد ڪندو رھندو ھو. ان کي بمبئيءَ ۾ آغاجِيءَ جي ٻار کي کڻڻ واري واقعي جي خبر پئي تہ وڌيڪ احساس ٿيو.
اسان جي بمبئيءَ وڃڻ لاءِ ڏاڏي راضي نہ ھئي، اھو فقط ڏاڏو ئي ھو، جنھن چيو ھو تہ بمبئيءَ ۾ منھنجي نُنھن کي پنھنجي مڙس سان گڏ رھڻ جو پورو پورو حق آهي. ان وقت آئون ننڍو ھئس، ان ڪري مون کي بمبئي وڃڻ واري تاريخ ياد نہ آهي، پر سمجهان ٿو تہ اھي 1930ع واري ڏھاڪي جا سال هئا. انھن ڏينھن ۾ پشاور کان بمبئيءَ لاءِ فرنٽيئر ميل ريل ھلندي ھئي، ماڻھن لاءِ سفر ڪرڻ آسان ھو. اسان بڪنگ نہ ڪرائي ھئي فقط ٽڪيٽ خريد ڪري سوار ٿياسين.
اسان ٻارن لاءِ ريل جو اھو پھريون سفر ھو. سڀ ٻار جذباتي ۽ خوش ٿي رھيا ھئاسين. سفر دوران مختلف اسٽيشنن تي منھنجي والد جا دوست اسان سان ملڻ آيا، اھي اسان لاءِ ڪيتريون ئي شيون وٺي آيا، انھن ملڻ وارن ۾ ڪيترائي ھندو بہ ھئا. فرنٽيئر ميل ريل مختلف ندين نالن، جبلن، سرسبز ۽ شاداب ميدانن ۽ وادين مان گذرندي اڳتي وڌندي رھي. ريل جڏھن ڪنھن اسٽيشن تي بيٺِي ٿي تہ مسلم پاڻي، مسلم چانھ ۽ ھندو پاڻي، ھندو چانھ جا آواز بلند ٿي ويندا هئا. ريل سان ھڪ ڊائننگ ڪار بہ ڳنڍيل ھوندي ھئي، مگر اھا سھوليت فقط انگريز آفيسرن ۽ انھن جي خاندانن لاءِ ھوندي ھئي.
ريل صبح سوير بمبئي جي ڪولابا اسٽيشن تي پھتي ھئي. ان وقت منھنجا ننڍا ڀاءُ ڀيڻ ننڊ پيل ھئا. آغاجِي، ھڪ ٽانگو ڀاڙي تي ڪرايو ۽ اسان ھڪ گهر وٽ اچي لٿاسين، جيڪو آغاجِي اڳ ۾ ئي مسواڙ تي وٺي ڇڏيو ھو. اسان جو اپارٽمينٽ چار منزلہ عبدﷲ بلڊنگ ۾ ھو، جيڪو پُررونق علائقي ڪرافورڊ مارڪيٽ جي ناگ ديوي اسٽريٽ ۾ واقع ھو. اسان جو گهر چوٿين منزل تي ھو، ھي نئون گهر پشاور جي گهر وانگر گهڻو وڏو نہ ھو، پر پوءِ بہ وڏو ۽ آرامدہ ضرور ھو.
اسان جي گهر جي ويجهو ئي آغاجِي فروٽ جو هڪ دڪان کوليو هو. ھتي امان لاءِ ھڪ مسئلو اھو ھو تہ ھن کي ھندي نہ ايندي هئي، پر ان جي باوجود امان پاڙيسري عورتن سان جلدي رِلي مِلي وئي ھئي. اصل ۾ امان خوبصورت ۽ ھڪ سٺي اخلاق ۽ ڪردار جي مالڪ هئي، امان سان ملڻ واريون عورتون، ھن جي خوبين مان جلدي متاثر ٿي وينديون ھيون. اسان جي اچڻ کان پوءِ پاڙيسرين جو اسان جي باري ۾ ھڪ بھترين تاثر جڙيو تہ ھڪ سٺو پٺاڻ خاندان ھتي آيو آھي. جڏھن تہ آغاجِي اڳ ۾ ئي ھتي ھڪ شريف النفس ۽ صاحبِ ڪردار طور مشھور ٿي چڪو هو. ناگ ديوي اسٽريٽ ۾ ٻہ عورتون، امان جون ساھيڙيون ٿي ويون هيون، ان مان ھڪ جو پٽ منھنجي وڏي ڀاءُ نُور صاحب سان رِلي مِلي ويو هو. نُور صاحب، پنھنجي شوخ طبيعت جي ڪري ٿوري ئي وقت ۾ ناگ اسٽريٽ ۾ مقبول ٿي ويو. ھن جا ھمعمر ٻار سگريٽ پيئندا هئا تہ ھن بہ سگريٽ ڇِڪڻ شروع ڪري ڏنا. ھڪ ڏينھن اھا اڀاڳي خبر پئي تہ امان جي ھڪ ساھيڙيءَ جي پٽ جو قتل ٿي ويو آهي. ھن کي پنھنجي ئي ڪمري ۾ ڪنھن منھن تي وھاڻو رکي گهٽي ماريو ھو.
ناگ ديوي اسٽريٽ ۾ اسان خوش ھئاسين، ڇو تہ آغاجِي جو ڪاروبار بھتر ھلي رھيو ھو ۽ ڏينھون ڏينھن ترقي ڪري رھيو ھو. آغاجِي ڪم جي گهڻائيءَ جي ڪري دڪان تي ملازم بہ رکي ڇڏيا هئا، ھُو پاڻ منڊي نہ ويندو هو، دڪان تي ڏينھن ۾ صرف ھڪ چڪر لڳائيندو هو. اھو ڏسڻ تہ سڀ ڪجهہ بھتر ھلي رھيو آھي يا نہ. ھاڻي آغاجِي کي گهر وارن سان گڏ گذارڻ جو گهڻو وقت ملي ويندو هو. آغاجِي جا دوست اسان جي گهر ۾ باقاعدگيءَ سان ايندا رھندا ھئا ۽ اھي ڪچھرين ۾ محو ٿي ويندا هئا. ھڪ ڏينھن آغاجِي، ايوب لاءِ دوائون وٺڻ لاءِ وڃي رهيو هو، آئون بہ ان سان گڏ ڪلينڪ تي ويس. ڊاڪٽر قد بت جو ڀريل ۽ نوجوان ھو، ان سان آغاجِي جا سٺا واسطا ھئا. ھي اسان جو فيملي ڊاڪٽر بہ ھو، منھنجي ھٿ ۾ بال ھو ۽ آئون کيڏي رھيو ھئس، کيڏندي کيڏندي بال اچانڪ منھنجي ھٿ مان ڇڏائجي ڊاڪٽر جي چيمبر ۾ ھليو ويو. آئون بال کڻڻ لاءِ جڏھن ڊاڪٽر جي چيمبر ۾ ويس تہ ڏٺم تہ ڊاڪٽر ۽ ھڪ خوبصورت نرس ھڪٻئي جي ڀاڪرن ۾ ھيا. مون کي انھن جي حرڪت تي تمام گهڻي حيرت ٿي، ڇاڪاڻ تہ ڪلينڪ تي مريضن جو رش ھو، ھڪ ننڍو دروازو جيڪو ٿوري ڌڪي ڏيڻ سان بہ کُلي پئي سگهيو ۽ ڪير بہ اندر وڃي پئي سگهيو، مون کي ڊاڪٽر ۽ نرس نہ ڏٺو، ھي اکين ڏٺو واقعو مون گهر اچي ايوب کي ٻڌايو ھو.
بمبئيءَ ۾ امان کي گهر جو ڪم ڪار گهڻو نہ ڪرڻو پوندو هو. ھتي ھُوءَ صرف پنھنجن ٻارن ۽ مڙس جي خدمت ڪندي ھئي، ان ڪري ھُوءَ خوش ۽ صحتمند رهڻ لڳي ھئي. امان کي ڪڏهن ڪڏهن پشاور ڏاڍو ياد ايندو هو.
1937ع ۾ مون کي ’انجمنِ اسلام اسڪول‘ ۾ داخل ڪرايو ويو. ھتي مون کي گنجو نہ ڪيو ويندو هو. گهر ۾ امان سان ملڻ لاءِ ايندڙ عورتون منھنجي ڪپڙن جي تعريف ڪنديون هيون. امان پنھنجين ساھيڙين کان منھنجي تعريف ٻڌندي ھئي تہ بيچين ٿي ويندي ھئي ۽ انھن جي وڃڻ جو انتظار ڪندي ھئي. جيئن اھي وڃن تہ مون کي نظرجڻ کان بچائڻ لاءِ گنجو ڪري سگهي. ھاڻي جڏھن عمر جون 92 بھارون ڏسي چڪو آھيان تہ بہ مون کي نظر کان بچائڻ لاءِ مختلف رسمون ادا ڪيون وڃن ٿيون. ھاڻي اھو ڪم منھنجي زال سائرا بانو سرانجام ڏيندي آھي.
آئون پيار واري ماحول ۾ وڏو ٿيس. ننڍپڻ ۾ شرميلو ھوندو ھئس. نُور صاحب جا علائقي ۾ ڪيترائي دوست ھوندا ھئا، جيڪي نُور صاحب سان ملڻ لاءِ اسان جي گهر ايندا رھندا ھئا، ھُو انھن کي چبوتري تي وٺي ويندو هو، جتي امان ۽ ادي سڪينہ کان سواءِ ڪوبہ نہ ويندو هو. پنھنجي دوستن جي خاطر تواضع لاءِ نُور صاحب مون کي سگريٽ ۽ ٻيون شيون آڻڻ لاءِ چوندو هو. اسان جي اپارٽمينٽ جي سامھون واري بلڊنگ ۾ ھڪ بوھري مسلمان واپاري رھندو ھو، ان واپاري جي ھڪ خوبصورت ڌيءَ ھوندي ھئي، نُور صاحب کي ان ڇوڪريءَ سان عشق ٿي ويو. سڄو سڄو ڏينھن اھي ھڪٻئي کي ڏسندا رھندا ھئا ۽ اشارن جي ٻوليءَ ۾ ڳالھائيندا رھندا ھئا، ڇوڪري سلائي مشين کڻي ڪمري جي دري وٽ ويٺي ھوندي ھئي ۽ ٻئي طرف نُور صاحب چبوتري تي ويٺو هوندو هو. ايئن ٻئي پريمي ھڪٻئي کي پيا ڏسندا ھئا... پوءِ نُور صاحب مون کي ڇوڪريءَ وٽ پيغام لاءِ موڪليندو هو، نُور صاحب جا پريم پتر ڇوڪري کي پھچائڻ لڳس، ان جي بدلي ڇوڪري مون کي ٽافيون، چاڪليٽ ۽ ٻيون شيون ڏيندي ھئي. ڇوڪري مون کي پيار وارين نظرن سان ڏسندي هئي، ڳلن تي ٿڦڪيون ھڻندي ھئي ۽ وارن ۾ آڱريون ڦيرائيندي ھئي، پر ھن مون سان ڪڏھن بہ ھڪ لفظ نہ ڳالھايو. نُور صاحب جو ان ڇوڪريءَ سان ڪيترن ئي ڏينھن تائين عشق ھلندو رھيو ۽ پوءِ ھڪ ڏينھن ڪجهہ ايئن ٿيو جو امان مون کي ڳولي رھي ھئي ۽ ڳوليندي ڳوليندي چبوتري تي آئي، جتي آئون ٽافيون کائي رهيو ھئس ۽ منھنجو کيسو شين سان ڀريل ھو. امان مون کان پڇا ڪئي، ”ھي سڀ شيون ڪٿان آنديون اٿئي؟“ مون امان کي پيرائتي ڳالھ ٻڌائي، بس پوءِ ان ڏينھن کان اھا ڇوڪري گهر ۾ ڪٿي بہ نظر نہ آئي. ڇوڪريءَ جي نظر نہ اچڻ ڪري نُور صاحب ڏاڍو غمگين ٿي ويو ۽ پريشان رھڻ لڳو. ھن کي امان ۽ منھنجي ڳالھ ٻولھ جي خبر پئجي وئي ھئي. ھن مون تي ذري بہ ڪاوڙ نہ ڪئي، ڇو تہ نُور صاحب کي منھنجي سادگي ۽ معصوميت جي خبر ھئي. نُور صاحب سمجهي ويو تہ عشقيہ داستانن جي پڄاڻي عام طور ڏکن جي صورت ۾ ٿيندي آھي. ڇوڪريءَ جي مائٽن کيس سورت (ھاڻ گجرات) موڪلي ڇڏيو ھو، اتي ئي ويجهن مائٽن ۾ ان جي شادي بہ ڪرائي ڇڏيائون. اھم ڳالھ اھا تہ انھيءَ واقعي کان پوءِ بہ بوھري خاندان جا اسان سان ساڳيا ئي پيار ۽ محبت وارا تعلقات قائم رھيا، ڪو بہ فرق نہ پيو.

ديولاليءَ ۾ رھائش

منھنجي ڀاءُ ايوب کي دم جو مرض ٿي پيو، ڊاڪٽرن جي مشوري تي آبھوا جي تبديلي لاءِ بمبئي کان 180 ڪلوميٽر پري جابلو علائقي ديولالي منتقل ٿي وياسين، اتي بھتر علاج جي سھوليت ۽ بھترين آبھوا ايوب جي صحتيابي لاءِ ٻڌائي وئي ھئي. ديولالي خوبصورت ۽ سرسبز علائقو ھو، ھر طرف وڻ ئي وڻ ھئا، اسان اتي ڪرائي تي ھڪ وڏو گهر ورتو، گهر ۾ بہ ڪيترائي وڻ ھئا.
ھتي جي ساوڪ، جبل، ميدان ۽ واديون ڏسي مون کي پشاور ياد اچي ويندو هو. ھتي جا ماڻھو يُو پي لھجي ۾ ڳالھائيندا ھئا، ان وقت خبر نہ ھئي تہ اھا ڪھڙي ٻولي ۽ لھجو آھي، پر پوءِ مون بہ سکي ورتي ۽ روانيءَ سان ڳالھائڻ لڳس، ڪافي وقت کان پوءِ مون جڏھن ’گنگا جمنا‘ فلم ٺاھي تہ اھو لھجو منھنجي ڪم آيو. ان فلم ۾ ندي، نالن، جبلن ۽ جهنگن جا جيڪي خوبصورت منظر آھن. اھي دراصل اسان جي ديولالي جي رھائش واري ڏينھن جا ئي عڪس آھن. بيشڪ ننڍپڻ جا ماحولياتي منظر ذھن ۾ ويھي ويندا آهن ۽ پوءِ اھي زندگي ۾ ڪڏھن ڪڏھن ياد ايندا رھندا آھن.
فلم ’گنگا جمنا‘ جي منظرن جو بنيادي تصور بہ منھنجي پشاور ۽ ديولالي ۾ گذاريل ڏينھن مان ورتل آهي. 1961ع ۾ جڏھن گنگا جمنا فلم جي منظرن جي عڪس بنديءَ لاءِ ديولالي ويس تہ اتي ننڍپڻ جو گذاريل وقت ياد اچي ويو. ننڍپڻ جي گذاريل ڏينھن جون ڪيتريون ئي يادون ذھن ۾ اينديون رھيون. ھتي ئي مون ڪجهہ منفرد ماڻھو ڏٺا ھئا، بعد ۾ خبر پئي تہ اھي ترڪ فوجي آھن، جيڪي ٻي جنگ عظيم ۾ قيدي ٿي آيا.
يونيفارم پاتل انگريز فوجين کي حيرت سان ڏسندو ھئس. انھن جو گهوڙي تي چڙھڻ ۽ ڦڙتي منھنجي لاءِ وڏي حيرانگي ھوندي ھئي. انگريز فوجي آفيسر وڏي پراعتماد طريقي سان گهوڙي تي سواري ڪندا هئا، انگريزن جا گهر صاف سٿرا ھوندا ھئا، انھن جي گهرن جي لان ۾ ٻوٽا انتھائي بھترين طريقي سان لڳل ھوندا ھئا. انگريز عورتون گهرن جي ورانڊي ۾ ويھي سوئيٽر اُڻينديون رھنديون ھيون، اسان جو پنھنجو گهر بہ وڏو ھو، گهر ۾ موجود باغ جي سنڀال لاءِ ھڪ مالھي ۽ ان جي زال ھوندي ھئي. منھنجي امان ۽ ڀينرن جو اس ۾ ويھڻ، وارن ۾ ڪيس لڳائڻ... اھي سڀ منظر دماغ ۾ ڦرڻ لڳا، ڪيترن ئي سالن کان پوءِ ننڍپڻ جا اھي منظر تازا ٿي ويا.
ٻئي دفعي ھتي اچڻ ۾ تمام گهڻو مزو آيو. ھتي فوجي ڇانوڻي ھجڻ ڪري تعليمي معيار تمام بھتر ھيو، ’بارنس‘ نالي اسڪول ۾ مون کي داخل ڪرايو ويو، انگريزي ٻولي سکڻ لاءِ ھتي جو ماحول مفيد ثابت ٿيو، مون انگريزي ڳالھائڻ ھتان ئي سکي. فٽبال کيڏڻ جي دلچسپي بہ ھتان پيدا ٿي.
آغاجِي، ايوب جي بيماريءَ سبب فڪرمند رھندو ھو، ڪاروبار جي ڪري ان جي مستقل رھائش تہ بمبئي ۾ ھئي، پر ھفتي ۾ ھڪ دفعو ھُو ديولالي ايندو هو. آغاجِي منھنجي انگريزيءَ ۾ دلچسپي ھجڻ جي ڪري ڏاڍو خوش ھو. مون ھڪ انگريزي نظم ياد ڪيو ھو، جڏھن بہ اھو نظم ٻڌائيندو ھئس تہ خوش ٿيندو ھو ۽ آغاجِي کي جتي بہ موقعو ملندو هو تہ پنھنجي دوستن کي نظم ٻڌائڻ لاءِ مون کي چوندو هو، اھو نظم ھي ھيو:
I have two eyes
And I can see the door
The seiling, the wall
And the big blue sky
Bent over all.
(منھنجون ٻہ اکيون آھن
آئون دروازي کي ڏسي سگهان ٿو
ڇت کي، ديوار کي
۽ وڏي نيري آسمان کي
جيڪو سڀني جي مٿان جهڪيل آھي
آئون انھن سڀني کي ڏسي سگهان ٿو.)

آغاجِي پنھنجي سڀني پڙھيل لکيل دوستن کي ٻڌائيندو هو تہ منھنجو يوسف ھاڻي انگريزي ڳالھائي ويندو آھي. سچي ڳالھ اھا تہ آغاجِي کي منھنجي صلاحيتن تي فخر ٿيڻ لڳو ھو. آغاجِي جي پٺاڻ دوستن کي بہ انھي ڳالھ تي خوشي ٿي ھئي.
ديولالي ۾ اسڪولن جون موڪلون ٿيون تہ آغاجِي پشاور وڃڻ جو پروگرام ٺاھيو. ياد ڪيل انگريزي نظم پشاور ۾ ھر تقريب جو لازمي حصو بڻجي ويو. مشاعري ۾ جڏهن ڪنھن شاعر جو شعر وڻندو آهي تہ اھو بار بار ٻڌائڻ لاءِ چيو ويندو آهي، مون سان بہ ڪجهہ ائين ٿي رهيو هو، نظم ٻڌائي بس ڪندو ھئس تہ واھ واھ جون صدائون بلند ٿي وينديون ھيون. تقريب ۾ جيڪڏهن ڪو انگريز ھوندو ھو تہ صورتحال وڌيڪ دلچسپ ٿي ويندي ھئي. بھرحال تقريبن ۾ نظم ٻڌائي ٻڌائي بيزار ٿي پيو ھئس. ننڍپڻ ۾ شرميلو ھجڻ باوجود نظم رواني ۽ خوداعتماديءَ سان ٻڌائيندو ھئس. اھا ڳالھ منھنجي لاءِ حيرانگيءَ جو سبب ھئي، پر ھاڻ جڏھن سوچيان ٿو تہ اھا قدرت ئي ھئي، جيڪا مستقبل ۾ منھنجي لاءِ فلمي ڪيريئر جي راھ ھموار ڪري رھي ھئي.
بستري تائين محدود، ايوب ٻيو تہ ڪجهہ نہ ڪري سگهندو ھو پر ھن مطالعي کي وڌائي ڇڏيو، اخباري مضمون، ڪھاڻيون، افسانا ۽ ناول پڙهڻ لڳو ھو. ھن جو چوڻ هو تہ مطالعي سان کيس دلي سڪون ملي ٿو. انگريزي ۾ ذاتي دلچسپي جي ڪري آئون ھن کي انگريزي ناولن جا ترجما ٻڌائڻ لڳس، مشھور فرانسيسي ليکڪ موپاسان جا ڪتاب بہ پڙھي ٻڌايا. اھڙي طرح ھو پاڻ بہ عالمي ادب کان متعارف ٿيڻ لڳو.
ھتي ديولاليءَ ۾ منھنجو ھڪ ھم ڪلاسي، جيڪو قد بت جو وڏو ۽ صحتمند ھوندو ھو، ھُو غير سنجيدہ ۽ بدمعاش قسم جو ڇوڪرو ھو. ھن جو ڪلاس ۾ رعب ھوندو ھو، مون کي ۽ منھنجي دوستن کي ڊيڄاريندو رھندو ھو، ھن جي پيءُ جي شھر ۾ بيڪري ھوندي ھئي. آئون اسڪول ڪڏھن پيادل تہ ڪڏھن سائيڪل تي ويندو ھئس، اسڪول وڃڻ وقت ھڪ ميدان مان گذرڻو پوندو هو، ھڪ ڏينھن ان بدمعاش ھمڪلاسي مون کي ان ميدان تي مار ڏني. آئون خاموشيءَ سان برداشت ڪري ويس پر ڪجهہ عرصي کان پوءِ مون ڪجهہ دوستن سان گڏجي بدلي ۾ ھن کي سٺي ڦيھ ڪڍي، پر مزي جي ڳالھ اھا تہ ھن جي مار جي اسان ٻن کان سواءِ ٻي ڪنھن کي بہ خبر نہ ھئي، جڏھن تہ اسان جي مار جي سڀني کي خبر پئجي وئي ھئي. ٻن ڏينھن کان پوءِ آئون آغاجِي کي وٺڻ لاءِ اسٽيشن تي بيٺو ھئس، اتفاق تہ اھو بدمعاش ڇوڪرو بہ پنھنجي پيءُ کي وٺڻ لاءِ آيو ھو. اسان ٻنھي جا پيءُ ھڪ ئي ريل مان لٿا، منھنجو پيءُ قدآور جڏھن تہ ھن جو پيءُ سنھو سيپڪڙو ھو. ان ڏينھن جي مار کان پوءِ اھو بدمعاش ڇوڪرو مون کان پري ڀڄڻ لڳو هو، سڀني ھم ڪلاسين ھن ۾ اھا تبديلي نوٽ ڪئي. ٻي ڏينھن اسان ان کي ٻي مار ڏني، گهر پھتس تہ پنھنجي پاڻ کي وڏو فاتح سمجهي رھيو ھئس، پر معمول خلاف ڪجهہ وڌيڪ خاموشي اختيار ڪئي ھئم.
آغاجِي بہ منھنجي خاموشي ڏسي، امان کان پڇيو تہ، ”ھن کي ڇا ٿيو آهي؟“ امان مون کان پڇا ڪئي تہ، يوسف ڇا ٿيو آهي؟ ڪا اھڙي حرڪت تہ ڪانہ ڪئي اٿئي، جيڪا اسان کان لڪائين پيو؟“
مون چيو، ”نہ نہ اھڙي ڪا ڳالھ ناهي.“ مون کي اھو فڪر ٿي پيو تہ ھاڻي منھنجي شڪايت پرنسپال وٽ ويندي ۽ سخت پڇاڻو ڪيو ويندو ۽ مون کي پنھنجو ضمير بہ ملامت ڪري رھيو ھو تہ ڪيترن ئي ڄڻن ملي ھڪ ڄڻي کي مار ڏني آهي. اھا ڪٿان جي بھادري آھي؟ صبح جو مون ڏٺو تہ اھو بدمعاش ڇوڪرو پنھنجي پيءُ سان پرنسپال جي آفيس ۾ وڃي رهيو هو ۽ ڪجهہ دير کان پوءِ ڪلاس ۾ اچي ويٺو. ڪجهہ ئي گهڙيون گذريون هيون، جو آغاجِي کي پرنسپال جي آفيس ۾ ويندي ڏٺم. ڪجهہ دير کان پوءِ ٽيئي آفيس کان ٻاهر نڪري بيٺي پير ڪچھري ڪرڻ لڳا. ان وقت ڏاڍو پريشان ٿيس، جڏھن ڏٺم تہ بيڪري وارو آغاجِي سان انتھائي ادب ۽ احترام مان ڳالھائي رھيو آھي. آغاجِي بيڪري واري جا پُٺا ٺپيا ۽ کيس ڪجهہ چيائين ۽ پوءِ ھُو ھليو ويو.
ڪلاس ۾ منھنجا دوست خوش ٿي رھيا ھئا، مون ان ڇوڪري طرف ڏٺو تہ ھُو کِليو، آئون بہ کِلي پيس. موڪل کان پوءِ اسان گڏ پنھنجي پنھنجي گهرن ڏي ھليا وياسين، ڄڻ ڪجهہ ٿيو ئي نہ ھو.
ايوب جي طبيعت ۾ سڌارو آيو تہ ڊاڪٽرن جي مشوري سان بمبئي واپس موٽي آياسين. ’ڪرافورڊ مارڪيٽ‘ واري پراڻي گهر ۾ آياسين تہ امان صفائي ڪرڻ ۾ لڳي وئي، ھاڻي منھنجن ننڍن ڀائرن ۽ ڀينرن ۾ اضافو ٿي چڪو هو، منھنجا ۽ ڀائرن ڀينرن جا تعليمي خرچ بہ وڌي ويا هئا ۽ ڏينھون ڏينھن گهر جا خرچ بہ وڌندا پئي ويا، جڏھن تہ آغاجِي اڪيلو ڪمائڻ وارو ھو ۽ ان جي ڪمائيءَ ۾ ٻاڙائي اچي وئي. منھنجو اسڪول گهر جي ويجهو ھو ان ڪري پيادل ويندو ھئس. جڏھن ’خالصا ڪاليج‘ ۾ داخلا ورتم تہ مون کي اليڪٽرڪ ٽرام ذريعي اچڻو وڃڻو پوندو هو، اسان جي ڪاليج جا ڪيترائي شاگرد بغير ٽڪيٽ جي سفر ڪري خوش ٿيندا هئا ڄڻ ھنن ڪو وڏو ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي، مون ڪڏھن بہ ايئن نہ ڪيو. بس جو ڪنڊيڪٽر مسافرن جي سيٽ تي وڃي ڀاڙو وٺندو هو، جڏھن تہ ٽرام جو ڪنڊيڪٽر ھڪ ئي ھنڌ ويٺل ھوندو ھو. مسافر پاڻ وڃي ٽڪيٽ وٺندا هئا. باضمير ۽ ايماندار مسافر بغير ٽڪيٽ جي سفر نہ ڪندا هئا. تفريح خاطر ڪيترائي دفعا آئون ٽرام سان گڏ ڀڄندو ھئس ۽ ڊوڙندي ڊوڙندي ٽپ ڏيئي ٽرام ۾ چڙھي ويندو ھئس. ٽرام جي سفر جون اھي خوبصورت يادون ھيون... ۽ پوءِ مارچ 1964ع ۾ حڪومت ھن سروس کي بند ڪري ڇڏيو. ھن سروس جي بند ٿيڻ تي ھزارين ماڻھن وانگر مون کي بہ تمام گهڻو ڏک ٿيو ھو. بندش جي آخري ڏينھن تي ڪيترن ئي ماڻھن ھن ٽرام کي پٽڙي تي بيھي الوداع ڪيو ھو. ٽرام جي ان آخري سفر کي الوداع چوڻ آئون بہ لازمي وڃان ھا پر ’اسٽار دليپ ڪمار‘ ھئڻ ڪري، ماڻھن جي وچ ۾ نہ وڃي سگهيس.
آغاجِي کي مون مان وڏيون اميدون هيون، ھو مون کي اعليٰ تعليم ڏيڻ جو خواهشمند هو. ھُو مون کي OBE يعني ’آفيسر آف برٽش ايمپائر‘ ڏسڻ پيو چاھي. ھڪ دفعي مون پنھنجن ڪنن سان اھو ٻڌو ھو، آغاجِي امان کي چئي رهيو هو تہ، ”تون يوسف کان ڪاروبار نہ ڪرائي، يوسف تنھنجي سوچ کان بہ وڌيڪ ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. اعليٰ تعليم جي حاصلات لاءِ ھن کي ٻاھرين ملڪ وڃڻ گهرجي.“
آغاجِي جون مون ۾ وڏيون اميدون رکڻ ڪري، آئون ڪنھن حد تائين پريشان ٿي ويو ھئس. خيال ايندو هو تہ آغاجِي جون اميدون پوريون ڪري سگهندس الاءِ نہ! آئون فطرتي طور محنتي ھئس ۽ مون ۾ اعتماد بہ ھو تہ منھنجي حوصلا افزائي ڪئي وئي تہ فٽبال جو وڏو رانديگر ٿي سگهان ٿو، پر آغاجِي مون کي آفيسر آف برٽش ايمپائر ڏسڻ پيو چاھي. اھو ڪيئن ٿي سگهندو؟
بمبئي ۾ اسان جي گهر ۾ آغاجِي جي دوستن ۽ امان جي ساھيڙين جو مستقل طور اچڻ وڃڻ جاري رھيو، اسان جي گهر جي ويجهو ميمڻ ۽ بوھري مسلمان رھندا ھئا، انھن جون عورتون امان ۽ ادي سڪينہ جون ساھيڙيون ھيون. امان جي ھڪ گهاٽي ساھيڙي ميمڻ عورت ’بيسا ٻائي‘ نالي ھئي. ھُوءَ روز ٻنپھرن جو اسان جي گهر ايندي هئي. امان سان دير تائين ڪچھري ڪندي رھندي ھئي ۽ ٻئي ٽھڪ ڏينديون رهنديون هيون. بيسا ٻائي منھنجي خوبصورتيءَ جي بہ تعريف ڪندي رھندي ھئي.
منھنجو پورو ڌيان فٽبال تي ھئو، دراصل مون پروفيشنل فٽبالر ٿيڻ پئي چاھيو. پئسا گڏ ڪري مون اسپورٽس شُوز ورتا، حالانڪه اسپورٽ جون شيون وٺڻ تي آغاجِي ڪڏھن بہ اعتراض نہ ڪيو ھو، ھن کي اھو اطمينان ھو تہ آئون فٽبال کيڏڻ سان گڏوگڏ پنھنجي پڙھائيءَ تي بہ ڌيان ڏيندو آھيان. انھن ڏينھن ۾ لغڙ اڏارڻ جو بہ شوق ھوندو ھو، شام جو ٻار پنھنجن گهرن جي ڇتين تي چڙهي لغڙ اڏاريندا ھئا. لغڙ ڪاٽا ٿيڻ تي نعرا هڻندا هئا ۽ گوڙ ڪندا هئا.
اداڪاري ۾ مشھور ٿيڻ کان پوءِ بہ منھنجو لغڙ اڏارڻ وارو شوق ڪيتري ئي عرصي تائين جاري رھيو. مون وٽ اڃا تائين راجستان ۽ ھندستان جي مختلف شھرن مان خريد ڪيل لغڙ محفوظ پيل آھن. ھتي ھڪ دفعو وري راج ڪپور سان بھتر تعلقات قائم ٿي ويا هئا، پشاور ۾ راج ڪپور جي خاندان سان سٺا تعلقات قائم ھئا. آئون ھن جي گهر ويندو رھندو ھئس، ھن جي ماءُ ۽ پيءُ پرٿوي راج مون سان محبت ۽ شفقت سان ملندا هئا. راج ڪپور، خالصه ڪاليج ۾ مشھور ھوندو ھو، ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون ھن کي پسند ڪندا هئا، ھُو ڪرڪيٽ ۾ گهڻي دلچسپي وٺندو هو پر منھنجي دوستيءَ ۾ ھُو فٽبال بہ کيڏڻ لڳو ھو. ھُو ڇوڪرين سان بي ڌڙڪ ڳالھائيندو ھو، ٻئي طرف مون کي ڇوڪرين سان ڳالھائڻ مھل گهٻراھٽ ٿيندي ھئي. راج ڪپور مون ۾ خود اعتمادي پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رھندو ھو. چوندو هو تہ، ”ڏس ڀاءُ، پُراعتماد ٿيڻ سِکُ، شرميلو پڻ ختم ڪر.“
ھڪ دفعي راج مون کي چيو تہ، ”ھڪ ڇوڪري توسان ڳالھائڻ چاھي ٿي، ھُوءَ سامھون بيٺي آهي، وڃي ان سان ڳالھائي.“ راج مون بابت ڇوڪريءَ کي اڳ ئي ٻڌائي ڇڏيو هو. آئون ڇوڪريءَ سان ملڻ جي ھمٿ نہ ڪري سگهيس، راج، ڇوڪريءَ کي وري ڪينٽين تي گهرائي ورتو. اسان ٻئي ھن سان وڃي ٽيبل تي ويٺاسين. آئون اتي بہ ڇوڪريءَ سان نہ ڳالھائي سگهيس ۽ ھُوءَ ھلي وئي، ھن سمجهيو ھوندو تہ اھڙي بيڪار سان ڳالھائڻ ئي فضول آھي.
ھڪ دفعي راج ڪپور منھنجي گهر آيو، ڪجهہ دير ويھڻ کان پوءِ چيائين تہ، ”اٿ ٻاھر گهمڻ ٿا ھلون.“ ھن جو خيال هو تہ ’تاج محل ھوٽل‘ وٽ ھلي چھل قدمي ٿا ڪيون. انڊيا گيٽ وي وٽ اسان ڀاڙي تي ٽانگو ورتو، ٽانگو مس ھليو ئي ھو تہ راج ان کي روڪي ورتو، روڊ جي پاسي ۾ ٻہ پارسي ڇوڪريون پاڻ ۾ ڳالھائي رھيون ھيون، راج، انتھائي مھذب انداز ۾ ھنن کي چيو تہ، ”اچو اسان توهان کي ڇڏيون ٿا.“ ھتي پارسين جي ٻولي گجراتي ھئي، اڪثريت گجراتي ڳالھائيندا ھئا، راج کي گجراتي بہ ايندي هئي. راج جي گفتگوءَ جي انداز ۽ خود اعتماديءَ مان ڇوڪرين سمجهيو ھوندو تہ ھي بہ پارسي آھي. راج شڪل صورت ۾ سھڻو ۽ رنگ جو اڇو ھوندو ھو ۽ پارسين سان گهڻي مشابھت رکندو هو. ان وقت منھنجي حالت عجيب و غريب ٿي چڪي هئي ۽ راج جي خود اعتماديءَ تي حيران ھئس. ھڪ ڇوڪري، راج سان جڏهن تہ ٻي ڇوڪري مون سان گڏ ويٺل ھئي، آئون تہ رڙھي ڪُنڊ ۾ وڃي ويٺس، جڏھن تہ راج ڇوڪريءَ سان لڳي ويٺو هو ۽ پنھنجي ٻانھن ڇوڪريءَ جي ڪلھي تي رکي ھئائين ۽ جلدي ۾ ئي ان سان فري ٿي ويو ھو، ڄڻ تہ اڳ ۾ ئي ھڪٻئي کي سڃاڻيندا ھجن. آئون بلڪل خاموش ويٺو ھئس، ڪجهہ دير کان پوءِ اھي لھي ھليون ويون. راج اھو سڀ ڪجهہ مون ۾ اعتماد پيدا ڪرڻ لاءِ ڪيو هو.
ان ۾ ڪوبہ شڪ ناهي تہ راج ۾ وڏي خود اعتمادي ھئي، سٺي ڳالھ اھا تہ ھُو اھڙي قسم جون حرڪتون شرارت ۾ ڪندو ھو، ان ۾ ڪنھن بہ قسم جي ھلڪڙائپ نہ ھوندي ھئي. راج ڪپور، فلمي ڪيريئر جي چونڊ ڪئي ھئي، ھن کي خبر ھئي تہ ھن پيشي ۾ خود اعتمادي انتھائي اھم آھي، پر منھنجي نصيب ۾ ڇا لکيل ھو؟! ڪا خبر نہ ھئي. جڏهن تہ آئون شعوري طور فٽبال جو وڏو رانديگر ٿيڻ چاھيندو ھئس، ان لاءِ سنجيدہ بہ ھئس ۽ روز کيڏندو بہ ھئس، کيڏندو تہ ڪرڪيٽ بہ ھئس، پر فٽبال جو جنون ھو. اسڪول ۽ ڪاليج ۾ بھترين ايٿليٽ رھيس، ٻہ سؤ ڪلوميٽر جي ھر ريس مون کٽي. آغاجِي، راندين جي معاملي ۾ ھميشہ منھنجي ھمت افزائي ڪئي. جڏھن بہ گهر ۾ کٽيل ٽرافي يا تعريفي سرٽيفڪيٽ آڻيندو ھئس تہ ھُو مون کي شاباس ڏيندو ھو.
آغاجِي مون کي سول سرونٽ ٿيندي ڏسڻ پيو چاھي، ان جا خواب ڪجهہ ٻيا ھئا ۽ آئون ڪجهہ ٻيو سوچي رھيو ھئس. آغاجِي جا خواب ئي ھئا جنھن ڪري مون پنھنجي دل جي ڳالھ ان کان لڪائي رکي، يعني اھو تہ آئون فٽبال جو چيمپيئن ٿيندس يا تہ ڪرڪيٽ جو وڏو رانديگر ٿيندس.

والد جي دڙڪن تي گهر ڇڏيم

چڱي طرح ياد نہ آهي پر سمجهان ٿو تہ ڦوھ جواني جا ڏينھن ھئا، ھڪ ڏينھن آغاجِي ڪنھن غير ضروري ڳالھ تي ڪاوڙ ۾ اچي ويو. اسان جي ھڪٻئي سان جملن جي گهڻي ڏي وٺ بہ نہ ٿي. آغاجِي ڪاوڙ جو سخت ھوندو ھو، جڏھن ھُو ڪاوڙ ۾ ايندو ھو تہ گهر جو ڪوبہ فرد ان سان اکيون نہ ملائي سگهندو ھو. مون دل ۾ ڪاوڙ ۽ ڪينو رکڻ بدران پنھنجي بي عزتي محسوس ڪئي، ھي اھي ئي لمحا ھئا جڏھن مون گهر ڇڏڻ جو پڪو پھ ڪري ورتو هو. ٻي جنگِ عظيم پنھنجن زورن تي هئي، ريل، جنگي ساز و سامان، ھٿيار ۽ فوجين جي نقل و حرڪت تي مڪمل پابندي مڙهي وئي ھئي. جنھن ڪري گلن جو واپار سخت متاثر ٿيو ھو، پشاور مان گل اچڻ بند ٿي ويا هئا. پٽ ۽ ڌيئرن تي مشتمل اسان جو وڏو خاندان مالي بحران جو شڪار ٿي ويو ھو. آغاجِي مستقبل لاءِ پريشان ٿي ويو. اھو احساس آئون بہ محسوس ڪري رهيو ھئس. امان دم جي مرض ۾ مبتلا ھئي، ايوب، معذوريءَ جي ڪري بستري حوالي ھو. مون ڪو ڪم ڪري آغاجِي جو ٻوجهہ ھلڪو ڪرڻ ٿي چاهيو، پر ڇا ڪيان؟ منھنجي ذھن ۾ ڪوبہ خيال نہ ھو. حيرت آهي تہ وڏو ڀاءُ نُور صاحب سڀني معاملن کان بلڪل آزاد ۽ بي فڪر ھو ۽ آغاجِي جي پريشانين کان لاتعلق ھو. بس پيءُ جو ڪم آھي تہ ھميشہ آرام ۽ آسائشون مھيا ڪندو رھي. نُور صاحب جو بہ اھو ئي خيال هو تہ والد صاحب ھميشہ سُک ۽ آسائشون ڏيندو رھندو. نُور صاحب، ڀينرن جي تعليم جي بہ خلاف ھو. آغاجِي جي مالي حالت ڏينھون ڏينھن خراب ٿيندي وئي. ٻہ پڦيون بہ ھتي بمبئي ۾ اسان سان گڏ رھنديون ھيون. انھن جو رَوَيو ھتي بہ پشاور وارو ئي هو تہ گهر جي ڪم ڪار لاءِ ڪک ڀڃي ٻيڻو ناھي ڪرڻو.
امان کي دم جي تڪليف ھجڻ ڪري ساھ کڻڻ ۾ سخت تڪليف ٿيندي ھئي. تڪليف ۾ بہ امان ڪم ڪندي رھندي ھئي پر پڦين ڪڏھن بہ امان سان ڪم ۾ ھٿ نہ ونڊايو. ادي سڪينہ شاديءَ جي لائق ٿي چڪي هئي. ھن ۾ عورتن وارين خوبين بجاءِ مردن وارو ضد، ڳالھ ڳالھ تي ٻين سان اَٽڪڻ واريون عادتون گهڻيون ھيون، امان، ادي بابت سخت پريشان رھندي ھئي. ان جو خيال هو تہ اھڙين ڇوڪرين جو سڱ وٺڻ ڪير ايندو. گهر ڇڏڻ کان پوءِ بہ منھنجو ذھن گهر جي معاملن ۾ اٽڪيل رھيو. آغاجِي ايتري ڪاوڙ ڇو ڪئي؟ منھنجي گهر مان بنا ٻڌائڻ جي نڪرڻ تي امان مٿان ڇا گذرندي ھوندي! جڏھن تہ ھُوءَ ٺيڪ بہ نہ آھي. ڪيترائي خيال ذھن ۾ اچي رھيا ھئا. سوچيم تہ ھاڻ گهر کان نڪري آيو آھيان، جيڪو قسمت ۾ ھوندو اھو ئي ملندو. مون اھو پڪو پھ ڪري ورتو هو تہ آغاجِي کي اھو ثابت ڪري ڏيکاريندس تہ آئون ان جي آسائشن ۽ سُکن کي ڇڏي، مشڪل وقت کي بہ منھن ڏيئي سگهان ٿو.
گهر مان نڪرڻ وقت منھنجي کيسي ۾ چاليھ روپيا ھئا. بمبئي کان پونا وڃڻ لاءِ مون بوري بندر اسٽيشن تان ٿرڊ ڪلاس جو ٽڪيٽ خريد ڪيو، مون آغاجِي سان گڏ ھميشہ فرسٽ ڪلاس ۾ سفر ڪيو ھو. سفر دوران اھو اطمينان ھو تہ جيڪو بہ ڪم مليو اھو ڪندس. بمبئيءَ ۾ ڪم ڪرڻ منھنجي لاءِ ممڪن نہ ھو، ڇو تہ اتي ماڻھو مون کي سرور خان جي پٽ طور سڃاڻيندا هئا، سماجي مرتبي کان گهٽ ڪوبہ ڪم ڪرڻ ناممڪن ھو، ڇو تہ ان سان آغاجِي جو معاشرتي وقار مجروح ٿئي ھا.
آئون پونا ريلوي اسٽيشن تي لھڻ کان پوءِ ھڪ ايراني ڪيفي تي ويس، چانھ ۽ نمڪين بسڪوٽن جو آرڊر ڏنم، ڪيفي جي مالڪ سان جڏھن فارسي ۾ ڳالھايم تہ ڏاڍو خوش ٿيو، مون ان کي چيو تہ، ”اھڙي ماڻھو جو ڏس ڏيو، جنھن کي ملازم جي ضرورت ھجي.“
ھن مون کي ويجهو ئي ريسٽورنٽ جي مالڪ اينگلو انڊين جوڙي سان ملڻ لاءِ چيو. اھو سردين جو انتھائي خوبصورت ۽ وڻندڙ صبح ھو، سج چمڪي رهيو هو، آسمان تي ڪڪر ھلي رھيا ھئا، ڪيفي مان نڪري ٿوري دير لاءِ ٻاھر بيھي رھيس، شاندار رنگين صبح ۽ خوشگوار موسم مان لطف اندوز ٿيندو رھيس. ايراني ڪيفي جي مالڪ جي ٻڌايل ايڊريس تي پھتس. زال مڙس ڪائونٽر تي ويٺا ڪچھري ڪري رھيا ھئا. ڪجهہ گهڙيون تہ ھُو مون کان بي خبر رھيا، جڏھن انھن مون ڏانھن ڏٺو تہ مون انھن کي پنھنجو ڪم ٻڌايو، زال مڙس کي چيو تہ، ”ڇوڪرو انگريزي ڏاڍي سٺي ٿو ڳالھائي، ھن کي ڪينٽين ڪانٽيڪٽر ڏي موڪليو.“
زال جي سفارش ٻڌڻ کان پوءِ مڙس جنھن جو نالو شايد ويزلي ھو، مون کان پڇيو تہ، ”ڇا تون اين ڊبليو ايف پي (اتر اولھ سرحدي صوبي ھاڻ خيبر پختونخواه) کان آيو آھين؟ آرمي ڪينٽين جو ڪانٽيڪٽر منھنجو دوست آهي اھو بہ پشاور جو آھي، پر ھاڻ پونا ۾ رھندو آھي.“
پشاور جو نالو ٻڌندي ئي منھنجا ڪَنَ کڙا ٿي ويا، اھو ئي تہ ڊپ ھو، ھن وڌيڪ چيو تہ، ”اھو ڪانٽيڪٽر ڀلو ماڻھو آھي.“
مون ويزلي کي چيو تہ، ”ھُو منھنجي سفارش ڪندو تہ احسانمند رھندس.“ ھُو مون کي ڪانٽريڪٽر ڏانھن موڪلڻ لاءِ راضي ٿي ويو. ويزلي مون کي صبح جو ڪانٽيڪٽر سان ملڻ لاءِ چيو. رات گذارڻ لاءِ مون ويزلي کان سستي ھوٽل جي پڇا ڪئي. اھو ڏينھن ھيڏانھن ھوڏانھن رلندي گذاريم. ڏينھن ۾ رلڻ دوران تہ ڪا خبر نہ پئي پر جڏهن رات جو ستس تہ امان، آغاجِي ۽ گهر بابت مختلف خيال اچڻ لڳا. پھريون دفعو امان کان جدائيءَ جو وڏي شدت سان احساس ٿي رهيو هو. آغاجِي جو مون تي ڪاوڙجڻ، امان کي ڏک ٿيو ھو، پر ھن منھنجي طرفداري نہ ڪئي، امان جي اھا روايت نہ ھئي تہ ھُو پنھنجي مڙس کي غلط چوي، ھن جو مزاج ئي پنھنجو ھو.
مون امان ۽ آغاجِي کي ڪڏھن بہ پاڻ ۾ ڪچھري ڪندي نہ ڏٺو، ھنن جي پاڻ ۾ انتھائي گهري محبت ۽ عزت احترام وارو تعلق جڙيل ھو. ھُو ھڪٻئي کي چڱي طرح سمجهندا ھئا. گهر جي ضرورتن کان وٺي ٻيو ڪو معاملو امان کي ٻڌائڻ جي ضرورت ئي نہ پوندي هئي. آغاجِي پاڻھي سمجهي ويندو هو، ڪافي وقت گذرڻ کان پوءِ مون کي ننڊ جو جهوٽو آيو.
صبح جو اٿي وھنجي، صاف سٿرا ڪپڙا پائي ڪينٽين ڪانٽيڪٽر ڏي ويس، رستي ۾ دعائون گهرندو ويس تہ سڃاڻو نہ نڪري پوي. ڪانٽيڪٽر کي ڏسندي منھنجي حيرت جي حد نہ رھي، ڇو تہ اھو ڪانٽيڪٽر تاج محمد، آغاجِي جي ھڪ بھترين دوست جو ننڍو ڀاءُ ھو. ڪانٽيڪٽر تاج محمد جي وڏي ڀاءُ آفيسر آف برٽش ايمپائر OBE فتح محمد خان جي خانداني پسمنظر کان واقف ھئس. مون پنھنجو تعارف لڪل نموني ڪرايو. ھن کي ٻڌايم تہ بمبئي کان ملازمت لاءِ آيو آھيان. تاج محمد خان مون کان ڪو سوال نہ ڪيو. ڪاغذ قلم ڏيندي ڪينٽين مينيجر جي نالي درخواست لکڻ جو چيائين. مون درخواست لکي ڏني. تاج محمد منھنجي صلاحيت کان متاثر ٿيو، پر ان جو اظھار نہ ڪيائين.
آئون ڪينٽين مينيجر وٽ ويس، جتي ڪم تمام گهڻو ھو، ڪينٽين مينيجر کي اسسٽنٽ جي ضرورت ھئي. مينيجر کي اھو ٻڌي خوشي ٿي تہ مون کي انگريزي سٺي اچي ٿي. ھن مون کي ھٿ ڏنو ۽ پوءِ مون کي پنھنجو ڪمرو ڏيکاريائين. مون کي لڳو تہ منھنجي نوڪري پڪي آھي، پگهار بابت ڳالھ ٻولھ نہ ٿي سگهي، پر منھنجو خيال اھو ھو تہ پگهار جيترو بہ ھوندو، منھنجي لاءِ ڪافي آهي، مينيجر مون کي جنرل مينيجمينٽ جي نالي سان تمام گهڻو ڪم ٻڌائي ڇڏيو. اٽو، دال، بيضا، کير، پنير، مکڻ وغيرہ جو اسٽاڪ چيڪ ڪرڻو پوندو. تازيون شيون مارڪيٽ مان خريد ڪرڻيون پونديون، شيون خريد ڪرڻ مھل خاص خيال رکڻو پوندو. دڪاندار رشوت ڏيئي پاروٿين شين کي تازيون شيون ڪري لکرائيندا آھن. ڪِچن جي صفائي جو خاص خيال رکڻو پوندو. سوئمنگ پُول جي پاڻي ۽ آسپاس جي صفائي جو بہ خاص خيال رکڻو پوندو. آرمي ڪلب جي ميمبرن جون سرگرميون بار ۾ ٿينديون آهن، مردن لاءِ الڪوحل، بيئر ۽ ٻين شربتن جو بندوبست ڪرڻو پوندو. عورتن لاءِ مختلف فروٽ جو اسٽاڪ وافر مقدار ۾ ھجڻ گهرجي... ايترا ڪم... مون دل ۾ چيو تہ مينيجر صاحب ڪجهہ پنھنجي لاءِ بہ ڪم ڇڏيو.
مون رقم جي آمدني ۽ خرچ لاءِ رجسٽر ۽ اڪائونٽ بڪ پاڻ وٽ رکيا. ميون ۽ سبزين وغيرہ جي معيار جي مون کي خبر پوندي ھئي. مون خود اعتماديءَ سان پنھنجي ڪم جي شروعات ڪئي. مون جڏھن گهڻي قيمت تي غير معياري شيون خريدڻ کان انڪار ڪيو تہ خبر پئي تہ مينيجر ۽ سپلائير جي وچ ۾ مشڪوڪ معاملا ھلي رھيا ھئا. بيئر ۾ برف ۽ ٿڌو پاڻي وجهي ملاوٽ پئي ڪئي وئي، مون جڏھن نشاندهي ڪئي تہ مينيجر چيو تہ، ”ڇڏ انھي ڳالھ کي.“ مينيجر جي حرڪتن کي مون نظرانداز ڪري ڇڏيو، ان جو اھو نتيجو نڪتو تہ ھن جو مون سان رويو بھتر ٿي ويو، پر ھن منھنجي انگريز آفيسرن سان ڏيٺ ويٺ نہ ڪرائي. ڪلب ۾ ڪيپٽن کان وٺي برگيڊيئر تائين آفيسر گهڻو ايندا ويندا هئا. منھنجي سڀني سان سٺي دعا سلام ٿي وئي. ھُو منھنجي لباس ۽ وارن جي تعريف ڪندا هئا ۽ انگريزي رواني سان ڳالھائڻ کان بہ متاثر ھئا. ھُو مون کان خاندان بابت پڇندا هئا، ٻڌائيندو ھئس تہ حيران ٿي چوندا ھئا تہ تنھنجي ماءُ ايترا ٻار ڄڻڻ کان پوءِ بہ زندہ آھي.
آفيسر مون کي ’چِيڪُو‘ سڏيندا هئا، پوءِ خبر پئي تہ ھسپانوي ٻوليءَ ۾ ڇوڪري کي چيڪو سڏيندا آهن. منھنجي زال سائرابانو ھن وقت بہ جڏهن پوڙهو ٿي چڪو آھيان، تڏھن بہ پيار ۽ محبت ۾ مون کي ’چيڪو‘ سڏيندي آھي.
برٽش آرمي جي سپاھين جي پاڻ ۾ گهاٽي دوستي ھوندي ھئي، ٻئي طرف انگريز آفيسر پاڻ کي الڳ رکندا هئا، پر انھن جو روَيو بھتر ھوندو ھو، ڪلب جو ھڪ حصو صرف آفيسرن لاءِ ۽ پٺئين پاسي وارو حصو ٽامِيز يعني سپاھين لاءِ مختص ھوندو ھو. سپاھي جلدي نشي ۾ ڌُت ٿي ويندا هئا، انھن کي اھا خبر ئي نہ پوندي هئي تہ ھُو ملاوٽ وارو بيئر پي رھيا آھن. ٽاميز جي وھنجڻ لاءِ باٿ روم ٺھيل ھئا، اھي غسل خاني ۾ اگهاڙا ٿي وھنجدا ھئا ۽ دروازو کولي ڇڏيندا هئا. ھڪ دفعي نشي ۾ ڌُت ھڪ ٽامي مون کي ٻانھن کان جهليو ۽ چيائين تہ، ”مون سان گڏ اگهاڙو ٿي وھنج.“ مون ھن کان پاڻ کي ڇڏايو، ڇو تہ منھنجي جسم تي وار گهڻا آھن. وارن وارو جسم ڏيکارڻ منھنجي لاءِ شرمندگي ھئي. ان ڪري آئون ان سان گڏ نہ وھنتس. گهڻن وارن جي ڪري مون اڄ ڏينھن تائين اڌ ٻانھن واري شرٽ نہ پاتي آهي. منھنجي ٻانھن تي ايترا وار آھن جو مڇر بہ چڪ نٿا پائي سگهن.
انگريز آفيسرن سان گڏوگڏ منھنجي سپاھين سان سٺي دعا سلام ٿي وئي ھئي. سوئمنگ پول ۾ انگريز عورتون بہ وھنجنديون ھيون، شروع شروع ۾ ھنن کي ڏسڻ سان مون کي شرم ايندو هو. منھنجو تعلق ھڪ اھڙي معاشري سان ھو، جتي عورتون پنھنجو پورو جسم ڍڪينديون آھن، ھتي تہ عورتون پنھنجا ڪپڙا بہ سوئمنگ پول تي بدلي ڪنديون هيون ۽ ھڪ مختصر نڪر ۾ وھنجنديون ھيون. مون کي محسوس ٿيو تہ اھي انگريز عورتون سوئمنگ پُول ۾ وھنجڻ مھل، منھنجي موجودگيءَ کي خراب نٿيون سمجهن. ھڪ ڏينھن ھڪ انگريز ميجر جرنل کي پنھنجن خاص مھمانن سان اچڻو هو، ان ڏينھن اتفاق سان بورچي بہ موجود نہ ھو.
مينيجر مون کي چيو تہ، ”مھمانن لاءِ ڪجهہ ڪري سگهين ٿو؟“
مون چيو، ”سينڊوِچ ڏاڍو سٺو ٺاھيندو آھيان.“
ھن مون کي تاڪيد ڪندي چيو، ”مکڻ ۽ پنير سميت ھر شئي تازي ھجڻ گهرجي، احتياط ڪجان.“ مون دل ۾ چيو تہ مينيجر صاحب تنھنجي ۽ سپلائير جي وچ ۾ جيڪي معاملا ھلن پيا، ڪا شئي تازي ڪيئن ٿي ملي سگهي! بھرحال مون چيو تہ، ”فڪر نہ ڪيو.“ خوشقسمتيءَ سان منھنجي ٺاھيل سينڊوِچن جي تعريف ڪئي وئي. جنرل صاحب جي دوستن بہ تعريف ڪئي ۽ مينيجر کي شاباس ڏنائون. ان کان پوءِ منھنجي دل ۾ اھو خيال پيدا ٿيو تہ ڇو نہ ڪلب ۾ سينڊوِچ لاءِ الڳ ڪائونٽر ٺاھيان. سينڊوِچ ڪائونٽر لاءِ مينيجر معرفت درخواست ڏنم، جيڪا منظور ڪئي وئي. اھڙي طرح مون ڪلب ۾ سينڊوچ ڪائونٽر بہ کولي ڇڏيو. پھرئين ڏينھن ھڪ ڪلاڪ اندر منھنجا سڀ سينڊوچ کپي ويا، دير سان اچڻ ڪري ڪيترائي ماڻھو واپس ھليا ويا. ٻئي ڏينھن مون وڌيڪ سينڊوچ ٺاھيا، گراھڪن کي ٿڌي ليمون پاڻي جي سھوليت ڏني، ٽئين ڏينھن تي مون اڃا وڌيڪ سينڊوچ تيار ڪيا، اھي بہ جلدي کپي ويا. ھڪ ھفتي ۾ مون سينڊوچ جي ڪاروبار ۾ تمام گهڻو ڪمايو.
ھڪ ڏينھن مون پنھنجي ڀاءُ ايوب کي ٽيليگرام ڪيو تہ، ’پوني ۾ آھيان، آئون ٺيڪ آهيان، ھتي برٽش آرمي جي ڪينٽين تي ملازمت پيو ڪيان.‘ ڪجهہ ڏينھن کان پوءِ ايوب بغير اطلاع جي مون وٽ اچي پھتو. ھُو منھنجي لاءِ امان جي ھٿ جي ٺھيل سُوجي، خشڪ ميوا ۽ ڪجهہ پئسا کڻي آيو ھو، جيڪي امان آھستي آھستي گڏ ڪيا ھئا. ايوب کي ڏسي مون کي تمام گهڻي خوشي ٿي، مون سان ملڻ وقت ھن جون اکيون آليون ٿي ويون هيون. ان مھل شام ٿي رھي ھئي، پکي واپس پنھنجن آکيرن ڏانھن وڃي رھيا ھئا. انھن جي ٻولين منھنجي ڏک ۾ وڌيڪ اضافو ڪري ڇڏيو هو. اسان ٻئي ڀائر ھڪ بينچ تي ويھي رھياسين ۽ دل جا احوال ڪرڻ لڳاسين.
مون ھن کي ٻڌايو تہ، ”مونکي ھتي ھر سھوليت مليل آهي، آئون ھتي خوش آھيان فقط گهر وارن جي سِڪَ ستائيندي آھي.“ گهر جي معاشي حالتن جي ابتري، منھنجي دل ۾ آغاجِي جي مدد ڪرڻ جو خيال، امان، ڀائر، ڀينرون، پشاور، بمبئي ڇڏڻ وقت امان ۽ ايوب کي نہ ٻڌائڻ، ڪيتريون ئي ڳالھيون مون ڀاءُ سان ڪيون، ايوب فقط ٻڌندو رھيو پر ڳالھايائين صفا گهٽ. ٻئي ڏينھن ايوب بمبئي ھليو ويو، آئون هُن کي اسٽيشن تي ڇڏي آيس. مون تان وڏو ٻوجهہ لھي ويو، ھلڪو ٿي پيس، اطمينان محسوس ڪيم. ڪلب واپس آيس تہ ڪائونٽر تي ھڪ ماڻھوءَ کي بيٺل ڏٺم، جنھن کي مون پھرئين دفعي ديولالي ۾ ڏٺو ھو تہ ڏاڍو ڊپ ٿيو ھئم.
ھي مارلو انگريز سپاهي هو، ديولالي ۾ ھن کي ماڻھو ’ڊاگ مين‘ چوندا ھئا، ھن جو اھم ترين مشغلو اھو ھو تہ ڪتن کي ماري انھن جو پڇ ڪٽي پاڻ سان گڏ کڻي ويندو هو. اسڪول جا ٻار ان انگريز کي انسان نہ پر جن سمجهندا ھئا، خبر پئي تہ ھتي پونا ۾ ئي ھُو ساڳي ڪرت سان لڳل آھي. مارلو جي ھڪ ڌيءُ ھوندي ھئي، جنھن جو ھڪ جونيئر آفيسر سان عشق ھلي رھيو ھو. ھُو ٻئي راتين جو دير تائين گهمندا رھندا ھئا. ڪلب جي سڀني ماڻھن کي انھن جي عشق جي خبر ھئي، ماڻھو سندن باري ۾ ٻيون بہ ڪافي ڳالھيون ڪندا هئا. مون انھن سان ڪڏھن دعا سلام نہ ڪئي.
مون کي رھائش لاءِ ڪلب ۾ ئي ڪمرو مليل ھو. ڪمري جي اندران آئون ايندڙ ويندڙ کي ڏسي سگهندو ھئس. انگريز آفيسرن ۽ انھن جي زالن کي موسيقيءَ تي مدهوش ٿي نچندي ڏسندو رھندو ھئس. آفيسرن جا خوبصورت سُوٽ ڪوٽ ۽ ٽايون ڏسي منھنجي دل ۾ بہ اھا خواھش سَٽَ ڏيئي اڀرندي ھئي تہ ڪاش آئون بہ اھڙا سُوٽ پايان!! اھا ڪنھن کي خبر ھئي تہ ھڪ اھڙو وقت ايندو جڏهن مھانگا ترين سُوٽ پائيندس. ھن وقت بہ مون وٽ الماڙين ۾ ڪيترائي قيمتي ۽ مھانگا سوٽ پيا آھن.
ھڪ شام جو آئون ڪم کان فارغ ٿي ڪمري ڏي وڃي رهيو ھئس تہ پري کان دروازو ٿورو کُليل نظر آيو. سمجهي ويس تہ ڪو چور آيو ھو ۽ جيڪو منھنجي سينڊوِچن مان ڪمايل پئسا ٻھاري ويو ھوندو، ڪجهہ ڏينھن پھرين بہ ڪلب مان چوري ٿي ھئي، پوليس اڃا تائين جانچ ڪري رھي ھئي. ٿڪل قدمن سان جيئن ئي ڪمري جي ويجهو پھتس تہ حيران ٿي ويس. مارلو جي ڌيءَ منھنجي بيڊ تي بلڪل اُگهاڙي سُتي پئي آهي، ھُو ان وقت منھنجي ڪمري ۾ غلط ڪم واسطي آئي ھئي، آئون ان کي ڏسندي ئي واپس مينيجر ڏي ويس ۽ ان کي پنھنجي ڪمري تي وٺي آيس، پر تيستائين ھُوءَ وڃي چڪي هئي. مينيجر منھنجي شخصي ڪردار کان واقف ھو، ھُو سمجهي ويو تہ آئون ڪوڙ نہ پيو ڳالھايان. مارلو جي ڌيءَ نشي ۾ ھئي، ڪجهہ وقت پھريان ان کي نشي جي حالت ۾ سوئمنگ پُول ۾ ڏٺو ويو ھو، جتي ھُوءَ سوئمنگ پُول جي جهنگلي تي ويٺي ھئي. ٿورو ئي ترڪڻ سان ڪرِي پئي سگهي، ھيٺ ڪرڻ سان مٿو ڦاٽي ھا. مينيجر ڪلب جي عورت ملازمن جي مدد سان ان کي اتان لاٿو ھو ۽ ان جي اوگهڙ ڍڪائي ھئي.
ٻي مھاڀاري جنگ ھلي رھي ھئي، ڪلب ۾ انگريز آفيسر انڊيا جي جنگ متعلق غير جانبدارانہ پاليسيءَ تي گفتگو ڪندا هئا. ھڪ شام ھڪ آفيسر مون کان پنھنجي راءِ پڇي تہ، ”توهان برطانيا کان آزاديءَ لاءِ ايترو ڇو وڙھي رھيا آھيو؟ جڏھن تہ انڊيا جي گورنمينٽ جنگ ۾ غير جانبدار رھڻ پسند ڪيو آهي.“
مون پنھنجي خيال کان ان کي جواب ڏنو، آفيسر مون کان پڇيو تہ، ”ڇا تون انھي موضوع تي ڪلب جي ميمبرن اڳيان تقرير ڪندين؟“
مون تقرير ڪرڻ لاءِ ’ھا‘ ڪئي، رات جو دير تائين مون تقرير جي تياري ڪئي. ’انجمنِ اسلام اسڪول‘ ۾ مون برطانوي آئين جو مطالعو ڪيو هو، اتي پڙھيل موضوع منھنجي ڪم اچي ويو. ٻئي ڏينھن مون تقرير ڪئي، تقرير ۾ مون چيو تہ اسان ھندستاني ھڪ محنتي، ايماندار ۽ پُرامن قوم آھيون، برطانوي منتظمين آزاديءَ لاءِ اسان جي جائز ۽ قانوني جدوجھد کي غلط رنگ ڏيئي رھيا آھن، آئيني حوالا ڏيئي مون پنھنجي تقرير کي اثرائتو بڻايو، تاڙيون وڳيون، تقرير ڪري ئي رھيو ھئس تہ مون کي گرفتار ڪيو ويو. ھٿڪڙيون ھڻي مون کي يراودا جيل وٺي ويا. جيل ۾ داخل ٿيندي ئي جيلر مون کي چيو تہ، ”گانڌي واد آھين؟“
آئون ان جي ڳالھ نہ سمجهي سگهيس. مون کي ھڪ ڪوٺڙيءَ ۾ بند ڪيو ويو، جتي اڳ ۾ ئي ڪيترائي شريف ۽ معزز ماڻھو واڙيل هئا، خبر پئي تہ اھي ماڻھو سرڪار مخالف ’ستياگره‘ يعني مھاتما گانڌيءَ جا پيروڪار آهن، انھن ٻڌايو تہ سردار ولڀ ڀائي پٽيل بہ ھن جيل ۾ آھي. اسان ان سان گڏ بک هڙتال تي آھيون. اھو ٻڌي مون بہ جيل ۾ ملندڙ کاڌو واپس ڪري ڇڏيو. ڇو تہ اھو ھڪ گندي پليٽ ۾ آندو ويو هو. منھنجي خيال ۾ اھو کائڻ جي قابل ئي نہ ھو.
اھڙي طرح آئون بہ آزاديءَ جي متوالن سان بک هڙتال ۾ شامل ٿي ويس. قيدين سان حال احوال ٿيندا رھيا. مون کي فخر آھي تہ مون بہ وطن جي آزاديءَ لاءِ ھڪ رات جيل ۾ گذاري آھي. رات وڏي ھئي، بک جي ڪري مون کي ننڊ نہ آئي. صبح سوير ڪجهہ فوجين جي بوٽن جو آواز ٻڌم. جيلر اسان جي ڪوٺڙيءَ جي سامھون بيھي، آرمي ميجر کي چئي رهيو هو تہ، ”ھي آھي توھان جو گانڌي واد.“
ميجر منھنجي آزاديءَ لاءِ آيو ھو. ڪلب ۾ ھُو مون سان ڪيترائي دفعا بيڊمنٽن کيڏيو هو. ھُو مون کي جيپ ۾ ويھاري ڪلب وٺي آيو. بک کان بي حال ٿي ويو ھئس. ڪلب ۾ پھچندي ئي مون ماني گهري. مون پنھنجن دوستن کي جيل ۾ گذاريل رات ۽ بک جو سبب ٻڌايو تہ سڀ حيران ٿيا.

پونا کان بمبئي واپسي

جنگ جي صورتحال خراب ٿيندي پئي وئي، مختلف ادارن ۾ انتظامي تبديليون ڪيون ويون، مينيجر بہ ڪم نہ پيو ڪرڻ چاھي. ھن مون کي مشورو ڏنو تہ تون بہ ھاڻي ھليو وڃ. ان وقت تائين آئون پنج هزار رپيا ڪمائي چڪو ھئس، ان زماني ۾ پنج هزار رپيا تمام وڏي رقم ھئي. رمضان جو مھينو شروع ٿي چڪو هو. منھنجي دل ۾ خيال آيو تہ بمبئي واپس ھليو وڃان. ڪم ڪرڻ، پنھنجي محنت سان پئسو ڪمائڻ ۽ عملي تجربي جي ڪري مون ۾ وڏي خوداعتمادي اچي چڪي هئي. ھاڻي آئون پنھنجي پاڻ کي ھڪ آزاد خيال نوجوان تصور ڪري رھيو ھئس. عيدالفطر ڪجهہ ڏينھن کان پوءِ اچڻ واري ھئي، آئون بمبئي ھليو ويس.
منھنجي ڀاءُ ايوب کي منھنجي اچڻ جي خبر ھئي، پر ھن امان کي نہ ٻڌايو ھو، منھنجي گهر اچڻ جي باري ۾ ايوب، ناصر ۽ ھڪ ٻن ڀينرن کي ٻڌايو ھو. آئون جڏھن گهر جي ويجهو پھچي ڏاڪڻيون چڙھڻ لڳس تہ ڀينرن مون کي ڏسي ورتو ۽ امان کي وڃي ٻڌايائون. آئون امان کي ڀاڪر پائي مليس تہ سچ پچ اھو تہ فلمي سِين ھو، جيئن ڪو وڇڙيل خاندان ملي رھيو ھجي. امان مون کان پھريون سوال روزي جو ڪيو. فوجي ڪينٽين جي نظم ۽ ضبط جي ڪري روزو رکڻ مشڪل ھوندو ھو. ان وقت آئون تمام گهڻو جذباتي ٿي رھيو ھئس، يقين نہ اچي رھيو هو تہ امان سان گڏ ويٺل آھيان. امان جو رنگ ھيڊو ٿي چڪو هو ۽ ھُوءَ مرجهايل لڳي رھي ھئي. آئون امان جي ويجهو ويٺو ھئس ۽ ان وقت خيال آيو ڪمايل پئسا امان جي حوالي ڪريان. ٿيلھو کولي، پئسن جون ٿھيون امان جي ھٿن تي رکيم. امان ايترا پئسا ڏٺا تہ مون کي مشڪوڪ نظرن سان ڏسڻ لڳي ۽ چيائين تہ، ”ايترا پئسا ڪٿان آندا اٿئي؟!“
امان جي اھڙي ردعمل لاءِ بلڪل بہ تيار نہ ھئس. امان کي چيم تہ، ”ھي پئسا مون سخت محنت ڪري ڪمايا آهن.“
امان اٿي ۽ وڃي قرآن مجيد کڻي آئي ۽ چيائين تہ، ”قسم کڻ تہ تو پئسا جائز طريقي سان ڪمايا آهن.“ مون قسم کنيو تہ امان مطئمن ٿي وئي.
آغاجِي شام جو روزي کولڻ وقت گهر آيو. امان ٻڌايس تہ يوسف آيو آهي. چيائين، ”مون کي خبر آھي.“ اھو آغاجِي جي طبيعت جو خاص انداز ھوندو ھو. ھُو ھميشہ سنجيدہ رھندو ھو. مون زندگيءَ ۾ صرف ھڪ دفعي آغاجِيءَ کي جذباتي ۽ فڪرمند ڏٺو ھو. ان ڏينھن امان کي ساھ کڻڻ ۾ سخت تڪليف ٿي ھئي. آغاجِي، امان کي پنھنجن ٻانھن ۾ ورتو هو ۽ وڏي رڙ ڪندي چيو ھئائين، ”آھي ڪو ڊاڪٽر کي وٺي اچي.“ آئون فلم ’مشعل‘ ۾ رات جو تيز برسات دوران گاڏين کان مدد وٺي رھيو ھوندو آھيان، جيڪا نہ ملندي آهي. اھو سِين مون ھڪ خاص ڪيفيت ۾ ڪيو ھو. اھو منظر ماڻھن جي دلين ۾ نقش ٿي ويو ھو ۽ ان سِينَ تي مون کي زبردست داد بہ مليو ھو. اھو سِين دراصل امان ۽ آغاجِي جي انھيءَ سين جو حقيقي نقل ھو.
آغاجِي ۽ آئون ڀاڪر پائي ملياسين، ڄڻ ڪجهہ ٿيو ئي نہ ھو. ڪجهہ ڏينھن کان پوءِ اسان گهر ۾ ڀرپور خوشي سان عيد ملھائي. ان ڏينھن آغاجِي مون کي چيو تہ، ”نيني تال ۾ ھڪ صوفن جو باغ وڪري لاءِ موجود آهي، تون وڃ ۽ باغ جي خريداري لاءِ ڳالھائي.“ منھنجي لاءِ اھو خوشيءَ جو لمحو ھو تہ آغاجِي پھريون ڀيرو مون سان ڪاروبار جي معاملن متعلق ڳالھائي رھيو ھو. حالانڪه ھن مون کان پونا ۾ گذاريل وقت جي باري ۾ ڪجهہ بہ نہ پڇيو ھو، پر ھاڻي سمجهي ويو هو تہ آئون ڪاروبار ۾ دلچسپي رکان ٿو. ان دوران مون وھاڻن وڪڻڻ جو ڪاروبار بہ ڪيو پر ان ۾ نقصان ٿيو. سمجهي ويس تہ ھي ڪم منھنجي واري ۾ ناھي.
آغاجِيءَ جي چوڻ تي آئون نيني تال ويس. باغ جو مالڪ زميندار ھڪ شريف النفس ماڻھو ھو. مون باغ جو جائزو ورتو، ڪيترن ئي وڻن تي ماڪڙ جي حملي جي ڪري نقصان ٿي چڪو هو، جيڪي بچيل ھئا انھن جي حالت بہ ڪافي خراب ھئي. زميندار باغ زمين سميت وڪڻي رھيو ھو، مون ان کان رقم بابت پڇا ڪئي تہ چيائين، ”مون کي زمين جي قيمت جو اندازو ناھي تہ ڪيتري جي آھي، آئون توکان ھڪ رپيا بيانُو وٺندس ۽ سودو ڪندس. خان صاحب (آغاجِي) جيڪا مناسب قيمت طئہ ڪندو، اھا مون کي منظور ھوندي.“ بمبئي واپس آيس تہ آغاجِي منھنجي زميندار سان ڳالھ ٻولھ تي بيحد خوش ھو. ھن کي لڳو ھو تہ آئون ھڪ سٺو بزنس مين ٿي سگهان ٿو. ڪاروبار ۾ دلچسپي ڏسي، آغاجِي مون کي چيو تہ منھنجا اڪائونٽ بڪ ۽ رجسٽر وغيرہ تون سنڀال. ھن کي ان ڳالھ تي خوشي ٿي ھئي، تہ ھڪ پٽ خانداني ڪاروبار ۾ دلچسپي رکي ٿو. آغاجِيءَ جي خواھش ھئي تہ سندس ڪاروبار آئون سنڀاليان. خانداني ڪاروبار جي سلسلي جو اڳتي وڌڻ منھنجي لاءِ وڏي خوشي ھئي، پر ٻئي پاسي منھنجي اندر مان ھڪ آواز اچي رهيو هو تہ ھي اھو ڪم ناھي، جنھن لاءِ آئون پيدا ڪيو ويو آھيان.

زندگيءَ جو اهم ترين موڙ

1942ع جي ڳالھ آهي، خميس جو ڏينھن ھو. مھينو ۽ تاريخ ياد ڪونھيم. دادر وڃڻ لاءِ آئون چرچ گيٽ ريلوي اسٽيشن تي بيٺو ھئس، آئون اتي ڪنھن سان ٺيڪي بابت ڳالھائي رھيو ھئس. ٺيڪو فوجي ڇانوڻيءَ کي ڪاٺ جون کٽون سپلائي ڪرڻ جو ھو ۽ انھيءَ لاءِ دادر ۾ ڪنھن شخص سان ملڻ لاءِ وڃي رهيو ھئس. مشھور سائيڪالاجسٽ ’ڊاڪٽر مساني‘ منھنجي پاسي مان لنگهيو تہ اڳيان وڌي، مون ان سان پنھنجو تعارف ڪرايو. ھُو بارلوسن ڪاليج ۾ ليڪچر ڏيڻ آيو ھو. آغاجِيءَ سان ڊاڪٽر مساني جي سٺي عليڪ سليڪ ھوندي ھئي. مون کان پڇيائين، ”يوسف اڄڪلھ ڇا پيو ڪرين؟“ ٻڌايومانس تہ نوڪري ڪرڻ چاھيان ٿو، پر نوڪري نہ ملي تہ ڪاروبار ڪندس.
چوڻ لڳو تہ، ”آئون ھن وقت ’بمبئي ٽاڪيز‘ (مشھور فلم اسٽوڊيو) جي مالڪن سان ملڻ لاءِ وڃي رهيو آھيان، جيڪڏھن تون چاھين تہ مون سان گڏ ھلي سگهين ٿو، متان اتي توکي ڪو ڪم ملي پئي!“
آئون ڏاڍو خوش ٿيو ھئس. بمبئي ٽاڪيز شھر کان ٻاھر ھئي. اسان ريل ذريعي اتي پھتاسين، بمبئي ٽاڪيز اسٽوڊيو خوبصورت ۽ پرڪشش اسٽوڊيو ھو، جيڪو ڪيترن ئي ايڪڙن تي پکڙيل ھو. اتي باغ ۾ مختلف قسمن جا وڻ ھئا. اسٽوڊيو جي عمارت ھڪ بنگلي وانگر لڳي رهي هئي. انتھائي وڻندڙ ۽ شاندار ماحول ھو. بمبئي ٽاڪيز اسٽوڊيو ڏسي منھنجي دل باغ بھار ٿي وئي.
بمبئي ٽاڪيز جي مالڪياڻي ’ديويڪا راني‘ ھڪ انتھائي خوبصورت عورت ھئي، ھن ڊاڪٽر مساني جو ڀرپور استقبال ڪيو ۽ پوءِ مون ڏانھن ڏٺائين، ڊاڪٽر مساني منھنجو تعارف ڪرايو تہ ھن مون کي نمستي چيو ۽ ويھڻ لاءِ چيائين. ھُوءَ مون کي مسلسل ڏسي رھي ھئي، مون کي محسوس ٿيو تہ ھُوءَ منھنجي متعلق سوچي رھي آھي. ڊاڪٽر مساني سان ڪجهہ معاملن تي گفتگو ڪرڻ کان پوءِ ديويڪا راني مون ڏانھن نھاريو ۽ ويجهي ويٺل ’اميا چڪر ورتي‘ مشھور فلم ڊائريڪٽر سان منھنجو تعارف ڪرايو ۽ مون کان پڇيائين: ”توھان جي اردو ڪيئن آهي؟“
منھنجي جواب کان پھريان ڊاڪٽر مساني منھنجي خاندان، اسان جي پشاور واري رھائش ۽ ھاڻي بمبئيءَ جي رھائش جو تفصيل سان ديويڪا راني کي ٻڌايو. منھنجو تفصيلي تعارف ٻڌڻ کان پوءِ ھُوءَ سمجهي وئي تہ منھنجي اردو سٺي ھوندي. ديويڪا راني مون کي مخاطب ٿيندي چيو تہ، ”ڇا توهان اداڪار ٿيڻ پسند ڪندؤ؟ اسان جي اسٽوڊيو طرفان توھان کي 1250 رپيا پگهار ملندو.“ انھيءَ زماني ۾ 1250 رپيا تمام وڏي رقم ھئي. ھڪ لمحي لاءِ تہ مون کي ڪجهہ سمجهہ ۾ ڪونہ آيو. مون ڊاڪٽر مساني ڏانھن ڏٺو، جيڪو ڄڻ چئي رهيو هو تہ پيشڪش قبول ڪر، موقعو نہ وڃائي.
مون ديويڪا رانيءَ کي چيو تہ، ”اھا توھان جي مھرباني آھي جو توھان منھنجي باري ۾ سوچيو، پر اداڪاريءَ ۾ منھنجو تجربو بلڪل بہ ڪونھي.“
پڇيائين تہ، ”واپار ۾ توھان جو ڪيترو تجربو آھي؟“
چيومانس تہ، ”تجربو تہ واپار ۾ بہ ڪونھي پر محنت ڪرڻ سان تجربو ٿي ويندو.“
چيائين تہ، ”محنت تہ ڪرڻي ئي پوندي پوءِ اُھا محنت فلم ۽ اداڪاري ۾ ڪيو. مون کي ھڪ پڙھيل لکيل خوبصورت نوجوان اداڪار جي ضرورت آھي. آئون ڏسان پئي تہ توھان ۾ سٺي اداڪار ٿيڻ جون صلاحيتون موجود آھن.“
ھڪ ٿي ويو ھو، ديويڪا راني، ڊاڪٽر مساني کي مانجهاندي جي دعوت ڏني، پر ڊاڪٽر منع ڪيو. اسان واپس وڃڻ لاءِ اٿياسين. ديويڪا راني جي ڏنل پيشڪش بابت ڊاڪٽر مساني سان ڳالھ ٻولھ نہ ٿي سگهي. ريل جو گوڙ گهڻو ھو، جيڪڏھن ڳالھايون بہ ھا تہ ھڪٻئي جو آواز نہ سمجهي سگهون ھا. گهر پھچي ايوب کي سڀ ڪجهہ ٻڌايم، ھن کي يقين نہ پئي آيو، مون کي چيائين تہ، ”توکي خبر آهي تہ مشھور اداڪار راج ڪپور کي ماھوار 170 رپيا ملندا آهن ۽ توکي ھڪ مھيني جا 1250 رپيا پيا ملن، ائين نہ ھوندو! ھن 1250 رپيا مھيني جا نہ پر سال جا چيا ھوندا.“
ايوب جي ڳالھ ۾ وزن ھو ۽ مون کي بہ محسوس ٿيو تہ پگهار بابت مون کي غلط فھمي ٿي آھي. انھن ڏينھن ۾ 100 رپيا بہ وڏي رقم ھئي، پر انھن پئسن سان آغاجِيءَ جي مدد نہ ڪري سگهان ھا. آئون سڌو ڊاڪٽر مساني وٽ ويس ۽ ان کي چيم تہ، ”1250 ساليانو پگهار منھنجي لاءِ گهٽ آھي.“
ھن کي حيرت ٿي ۽ چيائين، ”اھو ساليانو نہ پر مھيني جو پگهار آھي، پر پوءِ بہ پڪ ڪريون ٿا.“ ھن انھيءَ مھل ئي ديويڪا راني کي فون ڪئي، ٽيليفون تي ڳالھائڻ دوران ھن جي کلڻ مان سمجهي ويس تہ 1250 ماھوار پگهار آھي. فون رکڻ کان پوءِ ڊاڪٽر مساني مون کي مبارڪون ڏنيون ۽ چيائين، ”جلدي وڃي ڪم سان لڳ.“
جمعي جو ڏينھن ھو، نماز پڙهڻ کان پوءِ آئون فل سوٽ ۾ بمبئي ٽاڪيز اسٽوڊيو ويس. ديويڪا راني، پنھنجي آفيس ۾ اڪيلي ويٺي ھئي. مرڪندي منھنجو استقبال ڪيائين ۽ چيائين تہ، ”توھان منھنجي اسسٽنٽ مسٽر آئر سان ملو ۽ نوڪريءَ بابت لکپڙھ ڪيو ۽ ھا جلد کان جلد ڪم جي شروعات ڪيو. توھان سڀاڻي اچو تہ دوستن سان ملاقات ڪرايان.“
گهر رات جو دير سان موٽيس تہ امان پڇا ڪئي تہ، ”ايتري دير ڪٿي ھئين؟“
امان کي ٻڌايم تہ، ”1250 روپيا مھيني جي پگهار تي نوڪري ملي آھي، ھاڻي گهر جون سڀ پريشانيون ختم ٿي وينديون، ڀائرن ۽ ڀينرن جي تعليم، گهر جي سيڌو سامان وٺڻ کان پوءِ بہ ڪافي رقم بچي پوندي.“
امان بہ ڄاڻڻ گهريو ٿي تہ اھا ڪھڙي نوڪري آھي، جنھن ۾ ايڏو پگهار ٿي مليو. آزاديءَ لاءِ مختلف تحريڪون ھلي رھيون ھيون، ماڻھو پنھنجي ٻوليءَ سان بيحد محبت ڪندا هئا. جڏھن امان کي مون اھو يقين ڏياريو تہ نوڪري منھنجي اردوءَ ۾ بھتر ھجڻ ڪري ملي آھي تہ ھُوءَ ڏاڍي خوش ٿي.
منھنجي نوڪريءَ جي خبر صرف ايوب کي ھئي. آغاجِي کي شروع کان ئي فلمي دنيا کان نفرت ھئي. ھن پيشي تي ھُو ھميشہ طنز ڪندو ھو. ھڪ دفعي راج ڪپور جي ڏاڏي کي چيائين تہ، ”يار افسوس آھي تنھنجي پٽ ۽ پوٽي کي ٻيو ڪو ڍنگ وارو ڌنڌو ڪونہ مليو ۽ ھُو اداڪاري پيا ڪن.“
ٻئي ڏينھن آئون پوري تياريءَ سان بمبئي ٽاڪيز ويس. ديويڪا راني، راج ڪپور ۽ اشوڪ ڪمار سان منھنجو تعارف ڪرايو. راج ڪپور مون سان ملندي چيو، ”يوسف، تنھنجي پيءُ کي تنھنجي ھن ڪم جي خبر آھي؟“ بمبئي ٽاڪيز ۾ نوڪري ملڻ منھنجي لاءِ وڏي خوش قسمتي ھئي. پھرين ٻڌائي آيو آهيان تہ اسٽوڊيو جو ماحول ڏاڍو وڻندڙ ھوندو ھو. بلڊنگ، گهٽيون، باغ، آرٽ گئلريءَ سميت ھر شئي موجود ھوندي ھئي. اھي سڀ شيون مصنوعي ھونديون ھيون ۽ فلمن جي لاءِ استعمال ٿينديون هيون. انھن جو استعمال ڪھڙي طرح ٿيندو هو، اھا خبر مون کي نہ ھئي. مون کي سڀ ڪجهہ ھتي اسٽوڊيو ۾ سکڻو ھيو. ديويڪا راني مون کي شوٽنگ دوران موجود ھجڻ جو پابند ڪيو ھو. آئون صبح جو سوير اسٽوڊيو کان پوءِ شوٽنگ واري ھنڌ پھچي ويندو ھئس. منھنجي فلمي دنيا ۾ اچڻ جي ڪري راج ڪپور ڏاڍو خوش ھو، پر منھنجي شرميلي ھجڻ ڪري ھُو پريشان ھو تہ آئون پنھنجي پاڻ کي ڪيئن ايڊجيسٽ ڪري سگهندس. اشوڪ ڪمار کي آئون اشوڪ ڀاءُ چوندو ھئس، ان سان منھنجو تعلق ھميشہ پيار، محبت، عزت ۽ احترام وارو ھوندو ھو. ھُو 2001ع ۾ وفات ڪري ويو.
اسٽوڊيو ۾ شاھنواز خان سان ملاقات ٿي، ھن مون کي ڏسڻ سان ئي چيو تہ، ”تون پٺاڻ آھين.“ بغير ڪنھن سبب جي ھروڀرو ٽھڪ ڏيندو هو، شاھنواز خان جي انھي انداز تي مون کي ڏاڍي ڪاوڙ ايندي هئي. ٻئي ڏينھن ھن ساڳيون حرڪتون ورجايون ۽ مون کان پڇيائين تہ، ”گهڻا ڀائر آھيو؟“
مون جڏھن ٻڌايو، ”پنج...“
تڏھن هڪدم وراڻيائين، ”کڻي ڇھہ بہ ھجو مون کي ڇا ڪندؤ.“
مون کي ھن تي تمام گهڻي ڪاوڙ آئي. مون ھن جي ديويڪا راني سان شڪايت ڪئي تہ ھي جاھل ھن نموني سان مون کي مسلسل تنگ ڪري رهيو آهي. ھن منھنجي شڪايت ٻڌڻ کان پوءِ ڪجهہ نہ چيو، فقط منھنجي پٺي ٺپيندي چيائين، ”ڪا ڳالھ ڪونھي سڀ ٺيڪ ٿي ويندو.“ پر سمجهان ٿو تہ منھنجي غيرموجودگيءَ ۾ ھن شاھنواز خان کي ڇنڊ پٽي ھوندي. ڇو تہ ٻئي ڏينھن شاھنواز خان مون کي ڀاڪر پائي معافي گهري ھئي. ھن اھو بہ چيو ھو تہ، ”ڏس ميان! فلمي دنيا ۾ اھو سڀ ڪجهہ ٿيندو آهي ۽ اسان سڀ ھڪ ئي تہ آھيون.“ ٻين لفظن ۾ اهو تہ ھاڻي اھو سلسلو ھلندو رھندو پٽ.

دليپ ڪمار نالو ديويڪا راني ڏنو

ديويڪا راني، تعليم يافتہ ھئي ۽ فلمسازيءَ بابت ھن کي ھر شئي جو علم ھو. جرمنيءَ جي مشھور اداري ’يو ايف اسٽوڊيو‘ (يونيورسم فلم ايڪتين جيسل شافت) مان تربيت حاصل ڪئي ھئي. ھن کي ايڪٽنگ، سيٽ ڊيزائننگ، ميڪ اپ ۽ ڪاسٽيوم ڊيزائننگ جي خاص مھارت حاصل ھئي. بمبئي ٽاڪيز اسٽوڊيو لاءِ ڪئميرا مين جرمنيءَ مان گهرايا ويا هئا. ھُوءَ انھن سان جرمن ٻوليءَ ۾ ڳالھائيندي ھئي. ٻڌي ڏاڍو مزو ايندو هو. بمبئي ٽاڪيز اسٽوڊيو ديويڪا راني ۽ ان جي مڙس ھمنشو راءِ گڏجي قائم ڪيو ھو.
ھمنشو راءِ 16 مئي 1940ع ۾ وفات ڪئي ھئي. ديويڪا راني ٻي شادي مشھور روسي مصور ’سويتو سوف‘ سان ڪرڻ چاھيندي ھئي. ديويڪا راني، جونيئرن کي سيکارڻ مھل ڏاڍي شفيق ھوندي ھئي. ھن ٻن مھينن تائين مون کان لائيٽن، ڪئميرائن ۽ ايڪشنز جو ويجهي کان مشاھدو ڪرايو. ديويڪا رانيءَ جو مون سان روَيو ھميشہ مھربان، عزت ۽ احترام وارو ھوندو ھو. اھو ئي سبب آهي جو ھن جي موجودگيءَ ۾ مون پنھنجي پاڻ کي ڪڏھن بہ نروس محسوس نہ ڪيو ۽ نہ ئي ڪڏھن ڪا پريشاني ٿي.
ھڪڙَي صبح جو آءٌ جيئن ئي اسٽوڊيو ۾ داخل ٿيس تہ نياپو مليو تہ مون کي ديويڪا راني پنھنجي آفيس ۾ گهرايو آھي. ان جي مثبت رويي کي ڏسندي مون کي يقين ھو تہ ڪو ناگوار واقعو پيش نہ آيو آهي، پر حيرت ٿي تہ اھڙو ڇا ٿيو آهي! جو ھن مون کي پنھنجي آفيس ۾ گهرايو آھي. جڏهن آفيس ۾ داخل ٿيس تہ ڏٺم انتھائي پروقار طريقي سان ويٺي ھئي. ديويڪا راني مون کي ڏسي مرڪيو ۽ ويھڻ لاءِ چيائين. آئون کيس حيرت منجهان ڏسي رھيو ھئس. مون کان پڇيائين، ”توھان خاص پنن مان ٺھيل چانھ پيئندؤ، جيڪي مون انگلش اسٽور تان گهرايا آھن؟“
آئون سوچي رهيو ھئس تہ ھن جي ذھن ۾ اھڙو ڇا آهي؟ جو ھُو تمھيدي جملا چئي رھي آھي، پر جلدي ھُوءَ پنھنجي مقصد واري ڳالھ تي اچي وئي. چيائين، ”يوسف توکي اداڪار طور متعارف ڪرائڻ چاھيان ٿي، پر پھرين تنھنجو اسڪرين وارو نالو رکڻ گهرجي. اھڙو نالو جيڪو ڏسندڙن لاءِ رومانٽڪ ھجي. آئون تنھنجي فلمي نالي بابت غور ويچار ڪري رھي ھئس تہ اوچتو ذھن ۾ ’دليپ ڪمار‘ نالو آيو، ھي نالو بھتر رھندو... توکي ڪيئن لڳو؟“
ڪجهہ لمحا آئون خاموش رھيس، ڇو تہ پنھنجي نئين سڃاڻپ تي، جيڪا ھُوءَ صلاح ڏيئي رھي ھئي، ان لاءِ آءٌ ذھني طور بلڪل بہ تيار نہ ھئس. مون وراڻيو، ”صحيح آهي، پر اھو ايڏو ضروري آهي ڇا؟“
ھُوءَ کِلي پيئي ۽ چيائين تہ، ”ھا اھو ضروري آهي تہ اھڙي قسم جو نالو رکيو وڃي.“ ديويڪا راني مون کي چيو تہ آئون تنھنجو طويل ۽ ڪامياب فلمي ڪيريئر ڏسي رھي آھيان. وڏي غور ۽ فڪر کان پوءِ ان نتيجي تي پھتي آھيان تہ فلمن ۾ تنھنجي ھڪ الڳ سڃاڻپ ھجڻ گهرجي. مون ھن کان سوچڻ جو وقت گهريو تہ ھن مون کي چيو، ”ٺيڪ آھي، سوچي سمجهي مون کي پنھنجي راءِ کان آگاھ ڪجو.“
جڏھن ڪرسيءَ تان اٿيس تہ چيائين اداڪار طور تنھنجي تعارفي تقريب ڪرائجي، پر اھو سڀ ڪجهہ جلدي ڪرڻو پوندو. ان ڏينھن ھر وقت منھنجي ذھن ۾ نئون نالو ’دليپ ڪمار‘ گونجي رهيو هو. ايس مکرجِي محسوس ڪري ورتو هو تہ آئون ڪنھن خاص سوچ ۾ مبتلا آھيان. مانجهاندي کان پوءِ شوٽنگ جو ٻيھر ڪم شروع ٿيو تہ ايس مکرجي مون کي چيو، ”يوسف ڇا مسئلو آهي پريشان آھين؟“
ايس مکرجي اسٽوڊيو جي انتظاميه ۾ اھم حيثيت رکندو هو. اھو عام خيال هو تہ ديويڪا راني پنھنجي شاديءَ کان پوءِ اسٽوڊيو جا سڀ انتظام ايس مکرجي کي ڏيئي ڇڏيندي. منھنجا ايس مکرجي سان تمام بھترين تعلقات جڙي چڪا هئا. آئون ھن جي ڪم کان گهڻو متاثر ھئس. ھڪ تہ ھُو پنھنجي ڪم ۾ مھارت رکندو ھو. ٻيو ھي تہ هُو ايماندار ھو. مون ديويڪا رانيءَ جي ڏنل صلاح بابت ايس مکرجي کي ٻڌايو تہ ھن مون کي چيو تہ، ”تمام بھترين نالو آهي، اھو تنھنجي مفاد ۾ رھندو.“
ڪجهہ وقت کان پوءِ مون کي خبر پئي تہ اشوڪ ڪمار بہ ھڪ فلمي نالو ھو. ان جو اصل نالو ’ڪمدلال ڪونجي لال گنگولي‘ ھو. ايس مکرجي جو مشورو مون کي دل سان لڳو. جڏھن اشوڪ ڀاءُ ريھرسل يا ڪئميرا جي سامھون ھوندو ھو تہ آئون ھن کي غور سان ڏسندو ھئس. ڪئميرا جي سامھون ھُو گهڻو محتاط ٿي ويندو هو. مثال طور ھن جي ھٿ ۾ سگريٽ ھوندو ھو، ھُو ماچيس کي ڳوليندي اڻ دکيل سگريٽ پنھنجي چپن ۾ رکندو هو، سگريٽ ھٿ ۾ جهلي ٻہ وکون اڳتي کڻندو هو، سگريٽ چپن ۾ رکي دکائي ۽ ڪئميرا ۾ ڏسي مڪالمو ڳالھائيندو ھو. ان جو ھي اسٽائيل مون کي ڏاڍو وڻيو. انھن ڏينھن ۾ اشوڪ ڀاءُ مشھور فلم ’قسمت‘ جي شوٽنگ ۾ مصروف ھو، ھُو ھڪ ڪامياب فلم اسٽار ھو. اشوڪ ڀاءُ جي فلم ’جهولا‘ زبردست ڪمايو ھو. گيان مکرجي ’جهولا‘ فلم جو ڊائريڪٽر ھو. ’قسمت‘ فلم بہ ھُو ڊائريڪٽ ڪري رھيو ھو. ششڌر مکرجي فلمي دنيا ۾ ايس مکرجي جي نالي سان مشھور ھو، اھو ھن فلم جو پروڊيوسر ھو. ايس مکرجي، اشوڪ ڀاءُ جو ڀيڻويو ھو، اشوڪ ڀاءُ جي ڀيڻ ستي ديوي سان ان جي شادي ٿي هئي. ايس مکرجي چوڻ لڳو، ”ڏس يوسف خوبصورت ۽ نوجوان آھين، ھڪ ڪامياب اداڪار ٿي سگهين ٿو، ان لاءِ منھنجي ھڪ ڳالھ ھميشہ ياد رکي ڇڏ. فلم ۾ جيڪو ڪجهہ ڪرڻو ھجي سمجهي ڇڏ تہ اھو حقيقت ۾ ئي ڪرڻو آهي. جيڪڏھن تون اداڪاري ڪندين تہ اھا نقل ھوندي ۽ اھا ھڪ خراب ڳالھ آھي.“
ايس مکرجي صاحب دراصل ھڪ پروفيسر ھو ۽ الھ آباد يونيورسٽيءَ ۾ فزڪس پڙھائيندو ھو. ھڪ دفعي ھُو ھڪ پروفيسر سان ملڻ لاءِ بمبئي ويو، جيئن پروفيسر سان ملي غير ملڪي يونيورسٽيءَ جي پي ايڇ ڊي بابت معلومات وٺي سگهي. ان دوران ھن جي ملاقات ديويڪا راني جي مڙس ھمنشو راءِ سان ٿي، جنھن کيس بمبئي ٽاڪيز اسٽوڊيو جي سائونڊ ڊپارٽمينٽ ۾ ڪم ڪرڻ تي راضي ڪري ورتو. مون کان پنھنجي پھرئين پرفارمنس ۽ پھرئين فلم بابت پڇيو ويندو آھي. آئون جڏھن ڪئميرا جي سامھون پھريون ڀيرو آيو ھئس تہ مون کي ڪنھن بہ قسم جي پريشاني ڪونہ ٿي ھئي.
’جوار ڀاٽا‘ جي شوٽنگ ٿي رھي ھئي، ديويڪا راني سيٽ تي آئي، منھنجا گهاٽا ڀرون ڏسي ھن کي ٿوري ڪراھت ٿي، ميڪ اپ روم مان چمٽو گهرايائين. وڏي احتياط سان منھنجي ڀرون جا وڏا ۽ غير ضروري وار پٽڻ لڳي. وار پٽڻ دوران مون کي گهڻي تڪليف ٿي ھئي. تڪليف جي ڪري منھنجي اکين ۾ پاڻي اچي ويو هو. ديويڪا راني مون کي چيو تہ، ”ھاڻي آئيني ۾ ڏسو.“ واقعي ھاڻي ڀرون سڌا ٿي ويا هئا. ميڪ اپ ايڪسپرٽ وار پٽجڻ واري جڳھ تي ڪريم لڳائي ڇڏي. ديويڪا راني مون کي چيو، ”يوسف گڊ لڪ...“ ۽ ھُوءَ سيٽ تي ھلي وئي.

اُميدون ۽ تجربا

منھنجي پھرين فلم 1944ع ۾ رليز ٿي ھئي، پھرين فلم جي تجربي جو مون تي ڪو خاص اثر نہ ٿيو ھو. مون اھو ئي ڪيو، جيڪو مون کي ٻڌايو ويو ھو. اھو ڪو ايترو سوَلو تجربو بہ نہ ھو، مصنوعي شين جي ڪري ڏکيائي پيش اچي رهي هئي. فلم ۾ پيش ڪيل اداڪار جو حقيقي زندگيءَ سان ڪوبہ تعلق نہ ھوندو آھي. اميا چڪرورتي منھنجي پريشاني سمجهي ويو هو. جڏھن مون پنھنجي پاڻ کي اسڪرين تي ڏٺو ھو، پنھنجي پاڻ کان سوال ڪيم تہ اڳتي بہ ائين ڪندين. تڏھن مون محسوس ڪيو ھو تہ نہ ايئن نہ ٿيندو. مون کي پنھنجي طريقي سان ڪم ڪرڻو پوندو، پر اھو ٿيندو ڪيئن؟ اصل سوال اھو ھو. منھنجون خوشيون مختصر ثابت ٿيون. منھنجي ڀاءُ ايوب کي ڦڦڙن جي بيماريءَ جي ڪري تڪليف وڌي وئي ھئي. بھترين علاج ڪرائڻ کان پوءِ بہ ڪو فرق نہ پيو. ايوب سمجهي ورتو هو تہ ھُو ھاڻ گهڻو جيئرو نہ رھي سگهندو. ايوب جي فرمائش تي کيس سمنڊ ڪناري وٺي ويندو ھئس. جتي ھُو سج کي لھڻ مھل غور سان ڏسندو ھو. روشنيءَ کان پوءِ اونداهيءَ ٿيڻ جي باري ۾ ھُو فيلسوفاڻيون ڳالھيون ڪندو هو. ھن کي سج لھڻ وارو منظر ڏاڍو پسند ھو. ھڪ ڏينھن آئون گهر جلدي آيس، ان ڏينھن ايوب جي طبيعت گهڻي خراب ھئي، ساھ ۾ سخت تڪليف ھئس ۽ رنگ ھئڊو ٿي چڪو ھئس. مون چاچي عمر کي چيو، ”آغاجِي کي سڏي اچو ۽ واپسيءَ ۾ ڊاڪٽر کي بہ وٺي اچو.“ آئون گهڻو ڊڄي ويو ھئس، مون ايوب کي پنھنجي جهوليءَ ۾ سمھاريو. وڏي ھمت ۽ حوصلي وارو ھو ايوب! ساھ کڻڻ مھل سخت تڪليف باوجود بہ مون ڏي ڏسي مُرڪي رهيو هو. ان دوران آغاجِي بہ اچي ويو. آغاجِي ڏڪندڙ هٿن سان زندگيءَ جون آخري ھڏڪيون کڻندڙ پنھنجي پٽ جي ھٿ کي جهليو. آھستي آھستي ايوب موت جي واديءَ ڏانھن پئي ويو. ڊاڪٽر جي پھچڻ کان پھرين ايوب دارالفنا روانو ٿي چڪو هو.
ملڪ آزاد ٿي چڪو هو، تخليقي سرگرمين ۾ تيزي اچي چڪي هئي. انقلابي سوچ رکندڙ ماڻھو سينيمائن ذريعي قوم کي پيغام ڏيئي رھيا ھئا. سماج جي بھتري ۽ حب الوطنيءَ جي موضوعن تي فلمون ٺھي رھيون ھيون. ’بمبئي ٽاڪيز‘ سان منھنجو معاھدو ختم ٿيڻ تي ھو. اسٽوڊيو ۾ ڪافي تبديليون اچي چڪيون هيون. اشوڪ ڀاءُ ۽ ايس مکرجي بہ ادارو ڇڏي چڪا هئا. ايس مکرجي ’فلمستان‘ نالي پنھنجو ادارو ٺاهيو ھو. ’بمبئي ٽاڪيز‘ جو وڏو معيار ھوندو ھو، ھتي ڪم ڪندڙن کي ٻئي ھنڌ وڏي خوشيءَ سان کنيو ويندو هو. ھاڻي ڪنھن جو ذاتي ملازم ٿي ڪم ڪرڻ واري روايت ختم ٿي چڪي هئي. ھاڻي ايئن نہ ھو تہ توھان ھڪ اداري ۾ ڪم ڪيو ٿا تہ ٻئي ۾ نٿا ڪري سگهو. اسان جو خاندان بہ وڏو ھو، ٻہ پڦيون اسان سان گڏ رھنديون ھيون، پشاور کان بہ مھمان ايندا رھندا ھئا، ان ڪري پئسي جي سخت ضرورت هئي، گهر جا خرچ بہ وڌي ويا هئا، پر انھن سڀني مجبورين جي باوجود مون اھو طئہ ڪيو تہ رڳو پئسن لاءِ فلم ۾ ڪم نہ ڪندس. ڪيترن ئي جاين کان مون کي ڪم ڪرڻ جي آڇ ٿي رھي ھئي ۽ ڪيترائي پروڊيوسر مون سان رابطي ۾ ھئا. انھن حالتن ۾ ڪو مشھور اداڪار مشڪل ۾ اچي ويندو آهي تہ ھُو ڇا ڪري ۽ ڇا نہ ڪري؟ پر مالڪ سائينءَ جو شڪر آهي، ڪنھن غير ضروري خوش فھميءَ جو شڪار نہ ٿيس. منھنجا فيصلا صحيح ثابت ٿيا. مون ايس مکرجي جي اداري ۾ ڪم ڪرڻ بھتر سمجهيو. ھن تمام گهڻي عزت ڏني. ايس مکرجي، 1948ع ۾ فلم ’شھيد‘ ٺاھي. جنھن ۾ مون حب الوطنيءَ جو ڀرپور ۽ قلبي اظھار ڪيو. ھن فلم ۾ مون سان گڏ ’ڪامني ڪوشل‘ ھئي. ھن جو اصل نالو اوما (ڪشيب) ھو. پھريون دفعو جڏھن فلم ڊائريڪٽر ’رميش سيگل‘، ڪامني ڪوشل کي سندس اصلي نالي سان سڏيو تہ پوءِ خبر پئي. ھُوءَ انگريزي روانيءَ سان ڳالھائيندي ھئي ۽ پنھنجي ڪم ۾ ماھر ھئي. پنھنجن ڪردارن ۾ گم ٿيڻ ھن کي ايندو هو، ھُوءَ پھرين بہ فلمن ۾ ڪم ڪري چڪي هئي. ايس مکرجي ھن جي صلاحيتن کان گهڻو متاثر ھو. فلم ’شھيد‘ زبردست ثابت ٿي ۽ تمام گهڻو ڪمايو.
ڏسندڙن منھنجي ۽ ڪامني ڪوشل جي جوڙيءَ کي ساراهيو. ان کان پوءِ ٻہ ٻيون فلمون ’نديا ڪي پار‘ ۽ ’شبنم‘ بہ اسان گڏ ڪيون. ان زماني ۾ انھن اداڪارن کي ھيرو ۽ ھيروئن ٺاھيو ويندو هو، جن جو فلم جي دنيا کان ٻاھر بہ تعلق ۽ واسطو ھوندو ھو، پر اڄ جي دؤر وانگر ڪير بہ پنھنجي تعلقاتن کي اخبارن ۽ رسالن ۾ نہ ڇپرائيندو ھو. انھن ڏينھن ۾ ھڪٻئي جو احترام ھوندو ھو. ذڪر ڪيل ٽي فلمون جڏهن ٺھيون، تڏھن آئون عمر جي ٽئين ڏھاڪي ۾ ھئس. ان وقت تمام گهٽ پڙھيل لکيل عورتون فلمن ۾ ڪم نہ ڪنديون هيون ۽ مرد فلمي ھيرو ۾ بہ عورتون دلچسپي نہ وٺنديون هيون. پڙھيا لکيا دوست منھنجي ترجيح ۾ شامل ھوندا ھئا. ڪنھن جو اسٽار ھجڻ منھنجي لاءِ خوشي بدران پريشانيءَ جو سبب ھوندو ھو. آئون سمجهان ٿو تہ ڪامني ڪوشل جي ويجهو وڃڻ منھنجو جذبات کان وڌيڪ عقلي فيصلو ھو. اوما (ڪشيب) يا ڪامني ڪوشل پڙھيل لکيل ھئي ۽ آئون ان سان پنھنجن پسند جي موضوعن تي ڳالھائي سگهندو ھئس. جيڪڏهن انھيءَ کي محبت چئبو آهي تہ پوءِ ٿي سگهي ٿو اھا ئي محبت ھجي. ڪجهہ اھڙين حالتن کان پوءِ مون ۽ ڪامني ڪوشل ھڪٻئي سان گڏ ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو ھو. ان جو سبب اهو هو تہ ڪجهہ فلمن کان پوءِ ھيرو ۽ ھيروئين جي جوڙي عام طور ڏسندڙن لاءِ بور ٿي ويندي آهي. ان ڪري ھڪ ئي جوڙي جو مختلف فلمن ۾ بار بار اچڻ ڪاروبار لاءِ سٺو ثابت نہ ٿيندو آهي. مون کان سدائين ھڪڙو ئي سوال پڇيو ويندو آھي، ’جيڪڏھن ھيرو ۽ ھيروئين حقيقي زندگي ۾ بہ محبت ڪندا ھجن تہ ڇا فلمن جي عشقيہ منظرن جي عڪسبندي تي ڪو اثر يا فرق پوندو آهي؟‘ انھي سوال جو مون وٽ جواب ھا بہ آھي نہ بہ. نمبر ھڪ تہ فلم جي هدايتڪار کي عشقيہ منظرن ۾ ھيرو ۽ ھيروئين جي محبت ڏيکارڻي ھوندي آھي. مصنوعي ۽ فرضي منظرن ۾ حقيقت جا منظر ڏيکارڻ کي اداڪاري چئبو آهي. اھڙي طرح منظر ۾ حقيقي ڪيفيت پيدا ڪرڻ لاءِ اداڪارن جو ھڪٻئي جو سڃاڻو ھجڻ ضروري نہ آهي. نمبر ٻہ اھو تہ اھو بہ ممڪن آهي تہ اداڪارن جي حقيقي زندگيءَ ۾ دوستي ڪنھن جذباتي منظر کي تقويت ڏيئي، شدت ۾ اضافو ڪري. جيڪڏهن ائين آھي تہ پوءِ مسودي کان بہ بھتر ڪري سگهجي ٿو. فلم ’مغلِ اعظم‘ ۾ منھنجي (شھزادو سليم)، مڌو بالا (انار ڪلي) سان ڪيل ڪردار بابت ذڪر ڪيل سوال خاص طور ڪيو ويندو آهي. (مڌو بالا جو اصل نالو ممتاز جھان بيگم ھو ان جو اڳتي ذڪر ايندو.) ان زماني ۾ فلمي اسٽوڊيو گهڻو ڪري گوري گائون (بمبئي جو ھڪ علائقو) ۾ ھوندا ھئا ۽ ھاڻي بہ آھن، ان ڪري منھنجي لاءِ اھو ضروري ھو تہ ان جي ويجهو رھائش ڪيان. منھنجي آمدني بھتر ٿي وئي ھئي ۽ گهر جي خرچ کان تمام گهڻي ھئي، پر آغاجِي خوددار شخص ھو، گهر جا سڀ خرچ مون تي ڇڏڻ جي سخت خلاف هو. ھن جو اھو خيال ھوندو ھو تہ ھُو بہ گهر جي خرچن ۾ پنھنجو حصو شامل ڪندو رھي. ھُو واپار جي سلسلي ۾ ھفتي ۾ ھڪ دفعو مارڪيٽ ضرور ويندو هو ٻيو تہ دوستن سان بہ ڪچھري ڪري وٺندو هو. دوستن سان ملڻ، ھن جي لاءِ سڀني کان اھم ھوندو ھو. فلمن جي ڪمن ڪارين جي ڪري مون کي باندرہ منتقل ٿيڻو پيو. پالي مالا ۾ ھڪ خوبصورت بنگلو ورتم.
منھنجو ڀاءُ ايوب سڀني کي ڏکارو ڪري ويو هو، پر سڀني کان وڌيڪ ڏک امان کي ٿيو ھو. پٽ جي جدائيءَ جو صدمو ھن کي اندران ئي اندران کائي رهيو ھو. امان، اسان ڀائرن ۽ ڀينرن جي سامھون وڏو حوصلو ۽ ھمت ڪري ھلندي ھئي، اسان جي سامھون ڪڏھن بہ نہ رُني، پر حقيقت اها آهي تہ اڪيلائيءَ ۾ ھُوءَ روئندي رھندي ھئي. مون سان اڪيلائيءَ ۾ اڪثر امان موت جي باري ۾ ڳالھائيندي ھئي ۽ چوندي هئي تہ، ”موت کان وڌيڪ ڪا بہ سچائي ناھي، خبر ناھي آئون بہ ڪڏھن ھلي وينديس.“
امان جون اھي ڳالھيون ٻڌي، آئون ڏکارو ٿي ويندو ھئس. امان مون کي غمگين ڏسي موضوع مٽائي ڇڏيندي هئي. مڪمل صحتمند ھُوءَ پھرين بہ ڪونہ ھئي، پٽ جي وڇوڙي جي ڏک ۾ ڏينھن رات روئڻ جي ڪري، امان جي صحت تي تمام گهڻو اثر پيو. ڪافي علاج ڪرايو ويو پر امان جي حالت ڏينھون ڏينھن خراب ٿيندي وئي.

امان جو وڇوڙو

ھڪ ڏينھن گهر کان وڃڻ لاءِ تيار ٿي رھيو ھئس تہ آغاجِي مون کي ٻاھر وڃڻ کان منع ڪيو ۽ چيائين تہ، ”اڄ تون پنھنجي ماءُ سان رھ.“
پاڻ ڊاڪٽر کي وٺڻ ھليو ويو. ان وقت امان جو چھرو ھئڊو ٿي چڪو هو، پر ھُوءَ ڏاڍي پرسڪون ھئي. مون امان جو مٿو پنھنجي جهوليءَ ۾ رکيو ۽ سندس ھٿ چمڻ لڳس. ان وقت تمام گهڻو ڏک محسوس ڪري رهيو ھئس. ﷲ سائينءَ کي ٻاڏائڻ لڳس، ’مالڪ سائين! منھنجي امان کي صحت ڏي!!‘
جڏھن آغاجِي ڊاڪٽر کي وٺي آيو، ان وقت تائين امان جي طبيعت ڪافي بھتر ٿي چڪي هئي. آغاجِي، امان کي ديولالي رھائڻ جو فيصلو ڪيو، جيئن هن جي صحت بھتر ٿي سگهي. ديولالي ۾ آغاجِي، غمگين ۽ مرجهايل نظر ايندو هو. ھُو گهر کان ٻاهر نہ نڪرندو ھو. شايد ھن کي خبر پئجي وئي ھئي تہ ھر ڏک سک ۾ گڏ رھڻ واري سندس رفيقِ حيات جو آخري سفر شروع ٿي چڪو آهي.
اھو ئي ٿيو جنھن جو سڀني کي ڊپ ھو. ڪجهہ ئي ڏينھن گذريا هئا تہ 27 آگسٽ 1948ع تي امان اسان کان ھميشہ لاءِ موڪلائي وئي. امان جي تدفين ’ديولالي‘ ۾ ڪئي وئي. امان جي تدفين کان پوءِ جڏھن اسان ’ديولالي‘ کان بمبئي واپس ٿياسين تہ ڪيترائي ماڻھو عذرخواهيءَ لاءِ آيا. سڀني کان وڌيڪ ڏک، غريب ۽ مسڪين ماڻھن کي ٿيو، جن کي امان ڪڏھن بہ خالي ھٿين نہ موٽايو. اسان جي ڌوٻيءَ جي زال پنھنجي پٽ پياري لال سان گڏ آئي ھئي. امان ٻنھي کي رڌڻي ۾ ويھاري سٺو کاڌو کارائيندي هئي. جڏھن ھُو واپس پنھنجي گهر ويندي ھئي تہ امان کيس سندس گهر لاءِ ڪيتريون ئي شيون ڏيندي ھئي.
پياري لال جا والدين جڏھن دنيا مان ھليا ويا تہ ھُو منھنجو ذاتي ڌوٻي ٿي ويو. 70 سالن جي ڄمار ۾ ھُو اڄ بہ مون وٽ آھي. ھُو منھنجو ماسٽر ڌوٻي آھي، جنھن جي ذمي منھنجا صرف اڇا ڪپڙا ۽ سائرا جا ڪپڙا ڌوئڻ آھن. پيارو لال اڄ بہ امان جي ھٿ جو ٺھيل حلوو ۽ ٻيون شيون ياد ڪندو آهي. امان جي وفات کان پوءِ ڀائرن ۽ ڀينرن اڳيان مون پنھنجي پاڻ کي قابو رکيو آھي، امان جي وڇڙڻ جو ڏک مون ھنن اڳيان ظاھر نہ ڪيو. امان جي وڇوڙي آغاجِي کي بہ چُپ جو روزو رکائي ڇڏيو هو. ھڪ ڏينھن گهر ۾ آئون ۽ آغاجِي ويٺا ھئاسين تہ مون کي چيائين، ”يوسف، منھنجي آخري خواھش آھي تہ منھنجي مرڻ کان پوءِ مون کي تنھنجي ماءُ جي پاسي ۾ دفنائجان.“
آغاجِيءَ جي واتان اهو ٻڌڻ کان پوءِ منھنجي اندر جو ڏک تازو ٿي ويو ۽ ان مھل امان جي تمام گهڻي ياد آئي. امان جي وفات کان پوءِ مون پنھنجين ڀينرن کي ھڪ بھترين ڪار خريد ڪري ڏني. ان گاڏيءَ ۾ منھنجو پھريون سفر ’برابورني اسٽيڊيم‘ جو ھو، اتي ڪرڪيٽ مئچ ٿي رھيو ھو. ڊرائيور سان پھرين چرچ گيٽ ويس، اتان ڊاڪٽر مساني کي کنيم ۽ پوءِ اسان اسٽيڊيم طرف وياسين، ھتي مشھور ڪرڪيٽر ’وجي مرچنٽ‘ سان ملڻو هو، اھو ٻڌائيندو ھلان تہ ڪنھن زماني ۾ ھتان گذرندي، اسپيشل انڪلوئر کي حسرت سان ڏسندو ھئس. اڄ جڏھن ھتي پھتس قطار ۾ نہ بيھڻو پيو، ڇو تہ ھاڻي آئون مشھور ماڻھو ٿي چڪو ھئس ۽ آئون ھڪ ’فلم اسٽار‘ ھئس. مون کي وڏي عزت ۽ احترام سان ’وي آئي پي انڪلوئر‘ ۾ ويھاريو ويو هو. منھنجي ويجهو ٻہ ماڻھو ويٺل ھئا، ھُو ٻئي مون کي ڏسي مرڪڻ لڳا ۽ پاڻ ۾ ڪچھري ڪندي ھُو مون کي ڏسندا ۽ مُرڪندا رهيا. انھن جو موضوع يقينن آئون ئي ھئس. مون ضروري سمجهيو تہ ھنن سان دعا سلام ڪيان. ھي ٻئي ماڻھو مشھور شخصيتون ھيون، ھڪ فلم ڊائريڪٽر ۽ پروڊيوسر ’محبوب خان‘ ۽ ٻيو موسيقار ’نوشاد ميان‘ ھو. ھنن مون کي ايندڙ ھفتي ملڻ لاءِ چيو.
فلم ڊائريڪٽر ’ايس يوسني‘ جي آفيس ۾ نوشاد ميان سان منھنجي ملاقات ٿي. ايس يوسني، ’ميلا‘ فلم ۾ ڪم ڪري رهيو هو ۽ مون سان ان فلم بابت ڪچھري ڪيائين. ھن کان وڌيڪ سوال ڪرڻ مون کي سٺو نہ لڳو. مون پنھنجن استادن کان اھو سکيو هو تہ فقط پئسن تي ڪم نہ ڪرڻ گهرجي. نوشاد جڏھن ’ميلا‘ فلم تي ڳالھائي رھيو ھو تہ، ڪم جي آڇ قبول ڪرڻ کان پھرين مون تفصيل معلوم ڪرڻ ضروري سمجهيو. نتن دا ھڪ دفعي مون کي نصيحت ڪندي چيو ھو تہ، ”اداڪار، اسڪرپٽ مطابق ئي ڪم ڪندو آھي، اسڪرپٽ کان ھٽي سوچڻ ان لاءِ آسان ناهي ھوندو. جيڪڏھن ھُو بنا اسڪرپٽ جي خيالن جو اظھار ڪري تہ بہ خراب ڳالھ ناهي.“ ھو چوندو هو تہ، ”ھڪ سٺي اسڪرپٽ ۾ بہ ڪم جون ڳالھيون نہ ھونديون آھن. اھا ڳالھ اداڪار تي منحصر ھوندي آھي تہ ھُو اسڪرپٽ ۾ رھيل ڳالھين جو پورائو ڪري.“ جڏھن فلم ’ملن‘ ٺھي رھي ھئي تہ ھڪ اھڙو منظر فلمبند ٿيڻ وارو ھو، جنھن ۾ رميش نالي ھڪ ڪردار کي ريل جو طويل سفر طئہ ڪري، پنھنجي ماءُ جي خاڪ کي گنگا ۾ لوڙھڻو ھو، ھن جي ھٿ ۾ ماءُ جي خاڪ وارو برتن ھو ۽ ھُو ماءُ جي يادن ۾ گم ٿي ويو. ھڪ پيار ڪرڻ واري ماءُ، ننڊ مان اٿارڻ، نيرن تيار ڪري ڏيڻ واري ماءُ بابت سوچي رهيو هو. نتندا نوبل انعام يافتہ ’رابندر ناٿ ٽئگور‘ جي بنگالي ناول ’نوڪا ڌوٻي‘ جي انھي ساڳي ڪردار رميش بابت مون کي ٻڌايو ھو. ٻڌائڻ کان پوءِ ھن مون کي چيو تہ، ”تون پنھنجي پاڻ کي رميش سمجهہ ۽ ھڪ انتھائي جذباتي ڪيفيت ۾ ان جو اظھار ڪر.‘
مون اسڪرپٽ بار بار لکيو ۽ ڦاڙي ڇڏيو ۽ ڪيتريون مشقون ڪرڻ کان پوءِ سمھي رھيس. ٻئي ڏينھن جڏھن منظر فلمبند ڪيو پئي ويو، تڏھن آئون انھيءَ ڪيفيت ۾ ھئس ۽ منظر بھترين طريقي سان فلمايو ويو. نتندا ھڪ اھم سبق پڙھايو ھو، ھُو چوندو هو، ”اسڪرپٽ کان بغير سوچڻ مشڪل آهي، پر اداڪار، ليکڪ ۽ ھدايتڪار پاڻ ۾ گڏيل سمجهوتو ڪن تہ پوءِ اھو تمام سوَلو آهي.“ نتندا جو اھو سبق منھنجي طويل فلمي ڪيريئر ۾ وڏو ڪم آيو. منھنجي پھرين استاد ديويڪا راني بہ مون کي اھو ئي چيو ھو تہ ھدايتڪار ڀلي اداڪار جي ڪم مان مطمئن ٿي وڃي، پر اھو فيصلو اداڪار کي ئي ڪرڻو آهي تہ ھُو پنھنجي ڪم کان مطئمن آھي يا نہ. جيڪڏهن ھُو سمجهي تہ پنھنجي شاٽ مان مطئمن ناھي تہ پوءِ ھُو ريٽيڪ وٺي سگهي ٿو. ساٿي اداڪارن جي لاءِ بہ مون ريٽيڪ جي سلسلي ۾ ھميشہ حوصلا افزائي ڪئي. استادن جي پڙھايل انھن سبقن مان مون گهڻو ڪجهہ سکيو. ڪيترن ئي منظرن ۾ پنھنجي ھدايتڪارن کي حيران ڪيم. اھو سڀ ڪجهہ غور فڪر ۽ مشق ڪرڻ سان ٿئي ٿو. بار بار ريھرسل ڪرڻ سان ئي شاندار نتيجا حاصل ڪري سگهجن ٿا.

فرضي ۽ حقيقي زندگي

ڳالھ فلم ميلا، ايس يوسني ۽ نوشاد ميان سان ملاقات کان نڪتي ھئي ۽ ڪٿان کان ڪٿي پھچي وئي. مون کي فلم جي ڪھاڻي ۽ ٽائٽل گيت ٻڌايو ويو تہ مون حالتن ۽ منظرن جي تبديليءَ لاءِ مشورا ڏنا. منھنجي ڏنل مشورن کي ڊائريڪٽر ايس يوسني ۽ موسيقار نوشاد ميان تمام گهڻو ساراهيو. ھيءَ فلم ’ميلا‘ منھنجي لاءِ ھڪ يادگار حيثيت رکي ٿي. ھن فلم ۾ آئون ھيرو ۽ ’نرگس‘ ھيروئِن ھئي. منھنجي ھيءَ پھرين فلم ھئي، جيڪا آغاجِيءَ سينيما ۾ وڃي ڏٺي هئي. امان کي دوائون روزانو آئون کارائيندو ھئس. ھڪ ڏينھن گهر ويس تہ آغاجِي مون کي چيو تہ، ”ھتي ويھ...“ چاچا عمر بہ ويٺو هو. ھُو ٻئي ان ڳالھ تي خوش ھئا تہ ماڻھن جو ھڪ وڏو تعداد فلم ڏسڻ آيو ھو.
چاچي عمر مون کي چيو، ”فلم ۾ تون بلڪل منفرد ھئين. عورتن سان ڳالھائڻ مھل تنھنجو روايتي حِجاب ڪرڻ بلڪل بہ نہ ھيو.“ ھاڻي مون سان آغاِجي مون سان مخاطب ٿيو، ”ڏس يوسف! توکي پريشان نہ ٿيڻ گهرجي، جيڪڏهن تون واقعي ئي ان ڇوڪريءَ سان شادي ڪرڻ جي خواهش رکين ٿو تہ آئون ھلي وڃي، انھن کان تنھنجي لاءِ سڱ وٺندس.“ آئون دل ئي دل ۾ کليس تہ ھي سادو ماڻھو فلم جي فرضي ڪھاڻيءَ کي حقيقت سمجهي ويٺو آھي. مون آغاجِيءَ کي چيو، ”اھا تہ فقط فلم ھئي، پر حقيقت ۾ ايئن ناھي.“ آئون ھنن کي اھو نہ ٻڌايان ھا تہ شايد چاچا عمر ۽ آغاجِي سڱ وٺڻ لاءِ نرگس جي گهر وڃي پھچن ھا!
ڪجهہ وقت کان پوءِ آغاجِيءَ کي ڳالھ سمجهہ ۾ اچي وئي. فلم ’ميلا‘ جو ٻيو يادگار پھلو اھو آھي تہ نوشاد ميان ۽ نرگس سان منھنجي دوستيءَ جي شروعات ٿي ھئي.
اداڪارہ نرگس (سنجي دت جي ماءُ) مردن جي محفلن ۾ بي حجاب ايندي هئي. ھُوءَ بھادر ھئي. اسان جي گهر ۾ ھن جو اچڻ وڃڻ ھوندو ھو. ھن جي والدہ جدن ٻائي، امان ۽ ادي سڪينہ جي سھيلي ٿي وئي ھئي. ان ۾ ڪو بہ شڪ ڪونھي تہ نرگس باصلاحيت اداڪارہ ھئي. وقت سان گڏ ھن جون صلاحيتون وڌي رھيون ھيون. ھڪ سال کان پوءِ اسان ھڪ دفعو وري فلم ’انداز‘ ۾ گڏ ڪم ڪيو. ھيءَ فلم محبوب خان جي ھئي، نرگس جي ڪم ۾ پختگي اچي چڪي هئي. ’انداز‘ فلم ۾ ’راج ڪپور‘ جو ھجڻ منھنجي لاءِ وڏي خوشي ھئي. ائين محسوس ٿيندو هو تہ خالصه ڪاليج وارا ڏينھن موٽي آيا آھن، جتي اسان فٽبال کيڏندا ھئاسين. منھنجي گول ڪرڻ تي ھُو پنجابيءَ ۾ رڙيون ڪندو ھو. راج ڪپور ۽ نرگس جي جوڙي ڏاڍي سٺي لڳندي هئي. راج ڪپور ۽ نرگس اداڪاري ڪرڻ وقت احساسن ۽ جذبن جو اظھار ڪرڻ مھل ڪامياب رھندا ھئا. اھڙي قسم جي آساني، مون کي مڌو بالا سان ڪم ڪرڻ وقت محسوس ٿيندي هئي. اھا ان وقت جي ڳالھ آهي، جڏھن اسان فلم ‘ترانہ‘ ۾ ڪم ڪري رهيا ھئاسين. مڌو بالا ھڪ زبردست اداڪارہ ھئي، ھن جو ردِعمل فطري ھوندو ھو. اسان جون ملاقاتون محبوب صاحب يا نوشاد ميان جي گهر ۾ ٿينديون هيون. آئون فلمن ۾ بدنصيب، ڏکن سان ڀريل ۽ پريشان ماڻھن جو ڪردار ادا ڪري رھيو ھئس. مون پنھنجو ھر ڪردار حقيقي ڪيفيت ۾ ڪيو. ان ڪري روزمره جي زندگيءَ ۾ وڏي حد تائين اھي ڪيفيتون مون تي طاري ٿي ويون. زندگي، بدلجي وئي. فلمي مصروفيتن جي ڪري سڀ صحتمند سرگرميون ختم ٿي ويون. دوستن، ساٿين، ڀائرن ۽ ڀينرن کان ڪٽجي چڪو ھئس. فٽبال ۽ ڪرڪيٽ کان بہ پري ٿي ويو ھئس. گهر ۾ ڀائرن ۽ ڀينرن سان مختصر ملاقات ٿيندي هئي. آئون انھن پريشانين وارن ڏينھن ۾ مشھور نفسياتدان ’ڊاڪٽر ڊبليو ڊي نڪولس‘ سان لندن ۾ وڃي مليس. مون پنھنجي طبيعت جي باري ۾ ڊاڪٽر کي آگاھ ڪيو. ڊاڪٽر ڊبليو ڊي نڪولس مون کي چيو تہ، ”توھان ڪم کان فارغ ٿي گهر وڃي، پنھنجن فلمن جي ڪم بابت سوچيندا رھندا آھيو ۽ مڪالما ورجائيندا رھندا آھيو. اھا ئي ڳالھ آھي نہ؟“ مون کي ڊاڪٽر تي حيرانگي ٿي، ڊاڪٽر مون کي چيو تہ، ”تون اڪيلو انھيءَ بيماريءَ ۾ مبتلا ناھين. ڪيترن ئي فلمي شخصيتن کي اھڙي قسم جي ڪيفيت ٿي ويندي آهي.“ ڊاڪٽر مون کي تسلي ڏني ۽ چيائين تہ گهڻو وقت دوستن سان گڏ گذاريو. ڊاڪٽر مون کي اھو بہ چيو ھو تہ، ”انھيءَ صورتحال مان نڪرڻ لاءِ توکي فلمن جي نوعيت بدلائڻي پوندي. ڇو تہ جيڪو اداڪار ھڪ ئي طرز جا ڪردار ڪندو آهي، ان کي فلمي ۽ حقيقي زندگيءَ ۾ ڪوبہ فرق محسوس نہ ٿيندو آهي.
1950ع جي ڏھاڪي جي شروعات ۾ محبوب صاحب جي گهر ۾ ٿيندڙ ھڪ محفل ۾ مون اعلان ڪيو تہ ھاڻي آئون ٽرئجڊي فلمن بدران مزاحيه فلمن ۾ ڪم ڪندس. ٻئي ڏينھن آئون ’ايس مکرجي‘ سان ملڻ ويس تہ آصف (فلم مغلِ اعظم جو ڊائريڪٽر) بہ اتي موجود ھو. مون مکرجي صاحب کي چيو تہ ”ھڪ پروڊيوسر ’شري رامولونائيڊو‘ تامل فلم کي ھندي ۾ ڪرڻ چاھي ٿو، منھنجو خيال آھي تہ آئون ان فلم ۾ ڪم ڪيان تہ منھنجي ڪردار جو تاثر بدلجي سگهي ٿو. توھان جو ان باري ۾ ڪھڙو خيال آھي؟“
مکرجي صاحب منھنجي تائيد ڪئي ۽ چيائين تہ، ”ھڪ اداڪار کي پنھنجي اداڪاري ڏيکارڻي ھوندي آھي پوءِ اھو ٽريجڊي ھجي يا ڪاميڊي، ڪو فرق نٿو پوي. اصل ڳالھ تہ ڪم ڪرڻ جي صلاحيت ۽ ھمت ھوندي آھي.“ ان موقعي تي آصف جي چھري تي شرارتي مرڪ اچي وئي. چيائين، ”پوءِ توھان اھو ڪري ڏيکاريو.“ آصف منھنجي لاءِ ھڪ چئلينج کڙو ڪري ڇڏيو هو. 1955ع ۾ منھنجي پھرين ڪاميڊي فلم ’آزاد‘ ھئي. جنھن جي ڪري مون کي ڪاميابي ۽ آزاديءَ جو احساس ٿيو ھو. جنھن ڏينھن اھا فلم رليز ٿي، ان ڏينھن آئون ڄاڻِي واڻِي بمبئيءَ کان پري ’مھابلي ايشور‘ ۾ ھيس. فلم تي پئسا خرچ ڪندڙ ’وي وي پوري‘ صاحب رات جو مون کي فون ڪري جاڳايو. ھُو فلم جي ڪاميابيءَ تي ڏاڍو خوش ھو، اسان ھڪٻئي کي مبارڪون ڏنيون. صبح سوير مون کي فون تي پروڊيوسر ’شري رامولونائيڊو‘ فلم جي ڪاميابيءَ تي مبارڪباد ڏني، ھُو بہ ڏاڍو خوش ھو.
1949ع ۾ فلم ’شبنم‘ جي ڪاميابيءَ کان پوءِ مون پنھنجي پاڻ کي ڪار جو تحفو ڏنو ھو. ھاڻي ’آزاد‘ فلم جي ڪاميابيءَ کان پوءِ بمبئيءَ ۾ گهر وٺڻ جي خواھش ٿي. ھي شھر، بمبئي منھنجي جنم ڀومي پشاور کان وڌيڪ محبوب ۽ پيارو آھي.
ان وقت منھنجو ڀاءُ ايوب بيمار ھو ۽ امان جي صحت بہ ڏينھون ڏينھن خراب ٿيندي پئي وئي، دم واري مرض شدت اختيار ڪري ورتي ھئي. منھنجي دلي خواهش هئي تہ امان جي خوشيءَ خاطر لازمي ھڪ گهر خريد ڪيان. جنھن کي ھُوءَ صحيح معنيٰ ۾ پنھنجو گهر چئي سگهي. آئون ھر روز صبح جو وھنجي ڪپڙا پائي امان وٽ ويندو ھئس، امان کي پنھنجي جهوليءَ ۾ سمھاريندو ھئس. اٿڻ جي ڪوشش ڪندي ھئي تہ ڀاڪرن ۾ کڻي کيس ڪرسيءَ تي ويھاريندو ھئس. ان وقت آغاجِي کِلي پوندو هو ۽ چوندو هو تہ، ”منھنجي زال کي کڻڻ جو ايترو ئي شوق اٿئي تہ پوءِ پنھنجي زال وٺي اچ.“
وڏي ڀاءُ نُور صاحب جي پنھنجي دنيا ھئي، جنھن ۾ ھُو مگن رھندو ھو، ننڍا ڀائر ۽ ڀينرون پڙھڻ ۾ مشغول ھئا. اھي ادي سڪينہ جي ڪنٽرول ۾ ھوندا ھئا، بلڪہ گهر جون سڀ ذميواريون ادي سڪينہ سنڀاليون هيون. منھنجيون پڦيون بہ ادي سڪينہ کان ڊڄنديون ھيون. گهر ۾ صرف چاچا عمر ھو، جيڪو ادي سڪينہ کان نہ ڊڄندو هو. چاچا اديءَ کي چيڙائڻ خاطر چوندو هو تہ، ”يوسف جي شادي فلاڻي ھيروئن سان ٿيڻ گهرجي“ تہ ھُوءَ ڪاوڙ ۾ ڪمري مان ٻاھر ھلي ويندي ھئي يا خود چاچي کي ڪنھن ڪم جي بھاني ٻاھر موڪلي ڇڏيندي هئي. دراصل اديءَ کي مون سان فلمن ۾ گڏ ڪم ڪندڙ اداڪارائون پسند نہ ھيون، پر جڏهن اھي عورتون، اسان جي گهر اينديون هيون تہ ادي انھن جي بھتر نموني خاطر تواضع ڪندي ھئي.
ادي سڪينہ، نرگس کي پسند ڪندي هئي. ھڪ ڏينھن مون کان پڇيائين، ”نرگس ۽ راج ڪپور جي وچ ۾ ڪھڙو معاملو ٿو ھلي؟“
مون چيو، ”راج اسان جي گهر ۾ ايندو رھندو آھي، جڏھن اچي تہ تون پاڻ پڇي وٺجانس.“ راج، اديءَ جي ھٿ جي ٺھيل چانھ بيحد پسند ڪندو ھو. منھنجي اھا عادت ناھي تہ ٻين جي معاملن ۾ پوان. ھڪ ڏينھن ’فلمستان اسٽوڊيو‘ ۾ ماني کائڻ کان پوءِ اشوڪ ڀاءُ واش روم طرف ھليو ويو، نالني جئہ ونت بہ ان جي پٺيان وئي، ڪم تي جلدي وڃڻ جي ڪري آئون بہ ھٿ ڌوئڻ واش روم ڏي وڃڻ لڳس، پر پوءِ مون کي جلدي اھو احساس ٿيو تہ انھن ٻنھي جي پويان وڃڻ صحيح ناھي. اشوڪ ڀاءُ سان حُجائتو ھجڻ باوجود مون ان کان ڪڏھن انھيءَ واقعي بابت پڇا نہ ڪئي ۽ نہ ئي ڪنھن ٻئي سان ذڪر ڪيم. انھن ڏينھن ۾ پريس، ھيرو ۽ ھيروئن جي معاشقن جون خبرون ڳولي ڇاپيندو رھندو ھو. مون ڪيترن ئي فلمي صحافين کي سمجهايو تہ فلمي اسٽار فرضي دنيا ۾ رھندا آھن، ان فرضي ماحول ۾ انھن جو ھڪٻئي سان مذاق ۽ پيار محبت کي توھان حقيقت ڇو سمجهندا آھيو. جيئن مڌو بالا سان منھنجي عشق ۽ محبت جا قصا اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجي رھيا ھئا. ھا انھيءَ ڳالھ جو اعتراف ڪيان ٿو تہ آئون مڌو بالا ڏانھن مائل ضرور ٿيو ھئس. مڌو بالا بيباڪ ۽ ھڪ زندہ دل عورت ھئي. ھن منھنجي زندگيءَ جي ڪيترن ئي خالي خانن کي ڀري ڇڏيو هو. ھن ۾ اھي سڀ خوبيون موجود هيون، جن جي مون کي ڳولا ھئي. ‘ترانہ‘ فلم ۾ ماڻھن اسان جي جوڙيءَ کي تمام گهڻو ساراهيو ھو. اسان جي محبت جا قصا تہ پھرين بہ ھلي رھيا ھئا، پوءِ اھو جڏهن اعلان ٿيو تہ فلم ’مغلِ اعظم‘ ۾ اسان ٻئي بطور ھيرو ۽ ھيروئن اينداسين. ان تہ ويتر ٻرنديءَ تي تيل جو ڪم ڪيو. مغلِ اعظم جي ڊائريڪٽر آصف کي بہ خبر ھئي تہ مڌو بالا منھنجي باري ۾ ڪھڙا جذبا ۽ احساس رکي ٿي. مون بابت انھن جي وچ ۾ گفتگو ٿيندي رھندي ھئي. آصف ھن کي ٻڌايو ھو تہ، ”دليپ ڪمار زندگي جا اھم فيصلا ڪرڻ ۾ ڪڏهن بہ جلد بازي نہ ڪندو آهي ۽ ھُو ھڪ اصول پسند پٺاڻ آھي، جنھن ڪري ڪو واعدو وغيرہ وٺڻو آهي تہ ان سان گهاٽي قربت ۽ بي تڪلفي ڪرڻي پوندي.“ مڌو بالا ۽ منھنجي محبت ۾ آصف جو پنھنجو ذاتي مفاد لڪل ھو، ڇو تہ ان جو لازمي اثر ھن جي فلم مغلِ اعظم تي ظاهر ٿيڻو هو. مڌو بالا سان محبت ۽ پيار جا قصا ۽ پوءِ ان سان منھنجا تعلقات خراب ڇو ٿيا؟ اھو سوال اڪثر مون کان پڇيو ويندو آھي. ھن سان تعلق ٽُٽڻ جو اصل سبب ھن جو پيءُ ھو. ھن جو پيءُ اسان جي ممڪنہ شاديءَ کي دراصل پنھنجي ڪاروبار ۽ واپار ۾ تبديل ڪرڻ چاھيندو ھو. آصف ڪوشش ڪئي تہ منھنجي ۽ مڌو بالا جي تعلقن ۾ ڪو فرق نہ پوي، پر ٿيو ائين جو فلم جي شوٽنگ دوران مڌو بالا ۽ منھنجي وچ ۾ ڳالھ ٻولھ بند ٿي وئي. فلم مغلِ اعظم جو اھو ڪمال جو منظر، جنھن لکن ماڻھن کي تخيلات جي باھ ڏيکاري... مغلِ اعظم فلم جو ھي اھو منظر آھي، جنھن ۾ منھنجي ۽ مڌو بالا جي چپن جي وچ ۾ مور جو کنڀ اچي ٿو وڃي. اھو منظر تڏهن پئي فلمايو ويو، جڏھن اسان ھڪٻئي سان ڳالھائڻ تہ پري، ھڪٻئي کي ڏسڻ بہ پسند نہ ڪندا ھئاسين. سچي ڳالھ اھا آھي تہ ھڪ شاندار ۽ ڪمال جو منظر فلمي تاريخ ۾ ٻن پيشوَر اداڪارن کي زبردست خراجِ تحسين طور پيش ڪيو وڃي، ڇو تہ انھن ھدايتڪار جي حڪم جي تعميل ڪندي، ذاتي اختلافن کي ھڪ پاسي رکي ھڪ لازوال منظر ڏنو ھو.

مڌُو بالا

’مغلِ اعظم‘ فلم لاءِ ’انارڪليءَ‘ جي ڪردار لاءِ ’مڌو بالا‘ جي چونڊ انتھائي موزون ھئي. ھُوءَ ذھين اداڪارہ ھئي، انارڪليءَ جي ڪردار ۾ جلدي گم ٿي وئي ھئي. 1950ع جي ڏھاڪي جي شروعات ۾ ’مغلِ اعظم‘ ٺھي رھي ھئي تہ اسان جي شاديءَ جون خبرون ماڻھن جي زبان تي ھيون. ماڻھو اھو سمجهن ٿا تہ مڌو بالا جو پيءُ عطاءُ ﷲ خان اسان جي شاديءَ جي خلاف ھو، ايئن بلڪل بہ ڪونھي. ھُو اسان جي شاديءَ ۾ خوش ھو. ھن جي پنھنجي پروڊڪشن ڪمپني ھئي ۽ ھُو فلمون ٺاھيندو ھو. اسان جي شاديءَ مان ھن کي تمام گهڻو فائدو ٿئي ھا، ڇو تہ ٻہ مشھور فلم اسٽار ان جي زير اچن ھا. انھيءَ منصوبي کان مڌو پاڻ مون کي آگاھ ڪيو ھو. ھن جو اھو ئي خيال ھيو تہ اسان ٻنھي جي پاڻ ۾ شادي ٿئي ۽ اسان ھن جي فلمن ۾ ڪم ڪندا رھون. مون ٻنھي کي سمجهايو ھو تہ منھنجي ڪم جو طريقيڪار پنھنجو آھي ۽ آئون ڪنھن جي مداخلت پسند نہ ڪندو آھيان. مڌو پنھنجي پيءُ جي ڳالھين تي گهڻو اعتبار ڪندي ھئي ۽ ھُوءَ پنھنجي پيءُ جي ھر ڳالھ مڃيندي ھئي. ڪيترائي دفعا ائين ٿيو، جڏھن اسان پاڻ ۾ ڪنھن مسئلي تي ڳالھائيندا ھئاسين تہ مڌو خاموش رھندي ھئي، ھن ڪڏھن بہ منھنجي حمايت ۾ نہ ڳالھايو. ھُو ھميشہ اسان جي گفتگوءَ کان لاتعلق رھندي ھئي. مڌوءَ جي ان روَيي تي مون کي تمام گهڻي ڪاوڙ ايندي هئي. عطاءُ ﷲ خان کي جڏھن محسوس ٿيو تہ آئون ھن جي ڌاڳي ۾ نٿو اچان، تڏهن مڌوءَ کي چيائين تہ، ”دليپ بدتميزي ٿو ڪري.“
مون مڌوءَ کي چيو تہ، ”تنھنجو والد مون کي نٿو سمجهي سگهي، ان ڪري اسان جي ڀلائي انھيءَ ۾ آھي تہ اسان پنھنجي پيشي ۽ ذاتي زندگيءَ کي الڳ الڳ رکون.“
مڌوءَ مون کي چيو تہ شاديءَ کان پوءِ اھي سڀ معاملا پاڻمرادو حل ٿي ويندا. مون محسوس ڪيو تہ شاديءَ کان پوءِ مڪمل طور ڦاسي ويندس، بس اھو ئي سوچي مون مڌوءَ سان شادي نہ ڪرڻ جو ارادو ڪري ورتو. ڇو تہ اھا شادي نہ مڌوءَ لاءِ صحيح ھئي نہ ئي مون لاءِ. جڏھن اسان ھڪ ٻئي کان الڳ ٿياسين تہ آئون ڏاڍو مطمئن ٿيس. ڪنھن اھڙي ماڻھوءَ سان زندگي گذارڻ، جنھن جون خواهشون، منھنجين خواھشن کان مختلف ھجن، تمام گهڻي ڏکي آهي. اھو بہ خيال ايندو هو تہ شاديءَ کان پوءِ مڌو ٻين اداڪارن جي ويجهو ٿي ويندي ۽ پوءِ اڳتي هلي منھنجو اھو خيال درست ثابت ٿيو. ان وقت آئون فلم ’نديا ڪي پار‘ ۾ ڪم ڪري رهيو ھئس. ھڪ ڏينھن آئون آصف جي گهر ويس. ان جي زال ستارہ ديوي مون سان ملي، چانھ ۽ بسڪيٽن جي خاطر تواضع ڪرڻ کان پوءِ ھن مون کي چيو تہ، ”آئون توھان کي ادا چئي سگهان ٿي؟“ آصف اسان ٻنھي ڀاءُ ڀيڻ جون ڳالھيون ٻڌندو رھيو ۽ چيائين تہ، ”اڪبرِ اعظم جي پٽ شھزادي سليم جي ڪردار لاءِ تنھنجي عمر مناسب ناھي، ان لاءِ مون کي وڏي ڄمار جو ماڻھو گهرجي، مستقبل ۾ مون جڏھن بہ سليم ۽ انارڪلي تي فلم ٺاهي تہ شھزادي سليم جو ڪردار توکي ڏيندس.“ ڪجهہ سالن کان پوءِ ھن ’مغلِ اعظم‘ ٺاھڻ چاھي تہ مون سان رابطو ڪيائين، ان وقت تائين آئون مشھور ٿي چڪو ھئس، آصف سان دوستي ۽ ان جي زال سان ڀيڻ جو رشتو برقرار رھيو. آصف، شھزادي سليم جي ڪردار لاءِ مون سان رابطو ڪيو، جيڪو مون خوشيءَ سان قبول ڪيو. مون شھزادي سليم جي باري ۾ پڙهڻ شروع ڪيو، ھن جي ڪردار جو عڪس پنھنجي ذھن ۾ ٺاهڻ شروع ڪيم. ان لاءِ منھنجي اداڪار محمد عمر مڪري بہ تمام گهڻي مدد ڪئي. ڪيترائي ڪتاب مون کي آڻي ڏنائين. منھنجي خيال ۾ ڪافي محنت ڪرڻ کان پوءِ شھزادي سليم جي شخصيت جو مڪمل عڪس پردي تي پيش ڪري سگهيس.
منھنجي ۽ مڌو بالا جو هڪٻئي کان جدا ٿيڻ جون خبرون اخبارن ۽ رسالن ۾ وڏي شد مد سان لڳي رھيون ھيون. صحافي حضرات ان وقت بہ ڳالھ مان ڳالھڙو ڪرڻ جا ماھر ھئا، ڪيترن ئي رسالن ۽ اخبارن اھو لکيو تہ مڌو بالا شادي نہ ٿيڻ جي ڪري صدمي ۾ ھلي وئي آهي. ھن ھميشہ شادي نہ ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي ۽ ٻيون بہ منھنجي ۽ مڌو بالا متعلق ڪيتريون ئي ڪھاڻيون گهڙيون پئي ويون. پڙھندڙن جي ان قسم جي ڪھاڻين ۾ وڏي دلچسپي ھوندي ھئي. آئون پنھنجي ذاتي ڪمن ۽ فلمن جي مصروفيتن سبب انھن نام نھاد ڪھاڻين جي ڪابہ ترديد نہ ڪري سگهيس. انھن ڪھاڻين جو ٻيو رخ اھو بہ ھو تہ پيار ۾ ناڪاميءَ کان پوءِ دليپ دل جو مريض ٿي ويو آهي، ۽ ايتري قدر جو انھن منھنجي مرڻ جي خبر بہ ھلائي ڇڏي. اخبارن لکيو تہ، ’ھن کي دل جي بيماري ننڍپڻ کان ھئي، پر پيار ۾ ناڪاميءَ کان پوءِ مرض شدت اختيار ڪري ويو، بيماريءَ جي ڪري ھن پروڊيوسرن سان ڪيل معاھدا بہ ختم ڪري ڇڏيا.‘ اھو سچ آھي تہ مون شادي نہ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ھو، ان جو سبب اهو هو تہ پھرين منھنجن ڀائرن ۽ ڀينرن جون شاديون ٿين. امان جي بيماري بہ شدت اختيار ڪري وئي ھئي، آغاجِي تہ پنھنجي مرضي وارو ھوندو ھو. گهر جون ڏاڪڻيون چڙهندي لھندي يا گاڏيءَ ۾ ويھڻ وقت بہ ڪنھن کان مدد نہ وٺندو هو، پر حقيقت اها آهي تہ ھُو تمام گهڻو ضعيف ٿي چڪو هو. گهر جون سڀ ذميواريون منھنجي مٿان اچي ويون هيون، امان ۽ آغاجِيءَ کي مون مان اميدون وابستہ ھيون. وڏو ڀاءُ نُور صاحب شادي ڪرڻ کان پوءِ الڳ رھڻ لڳو ھو. ادي سڪينہ جي بہ شادي نہ ٿي سگهي ھئي. ھن جي طبيعت ۾ ڪا بہ تبديلي نہ آئي ھئي. امان کي اديءَ جي باري ۾ تمام گهڻي پريشاني ٿيندي ھئي تہ ايڏي زندگي اڪيلي سر ڪيئن گذاري سگهندي؟ اھي ئي ڳالھيون ھيون، جن جي ڪري مون شادي نہ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ھو. جڏھن تہ ڳالھيون اھي ڪيون پئي ويون تہ مڌو بالا جي عشق ۾ ناڪاميءَ کان پوءِ دليپ ڪمار مڪمل طور مايوس ٿي ويو آهي ۽ ھن ڪڏھن بہ شادي نہ ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.
تعلقات خراب ٿيندي ئي عطاءُ ﷲ خان پنھنجي ڌيءُ مڌو بالا جي ذريعي پروڊيوسر بي آر چوپڙا تي ڪيس داخل ڪرايو، ڪيس ۾ اھو چيو ويو تہ، ’نيا دؤر‘ فلم جي آئوٽ ڊور شوٽنگ ٿيڻ جي ڪري اداڪارہ کي دل ۾ تڪليف ٿي آھي، حالانڪہ اھو سڀ ڪجهہ پھرين طئہ ٿيو ھو تہ فلم جي شوٽنگ آئوٽ ڊور ٿيندي. جيڪا ڀوپال ۽ پونا جي مختلف جڳھن تي ڪئي ويندي. بي آر چوپڙا پاڻ وڪيل بہ ھيو، لاھور ۾ صحافت بہ ڪري چُڪو هو. ھن ڪيس جي پيروي ڪئي، مون معاملي کي سلجهائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي پر ناڪام ٿيس. مڌو بالا سان جڏھن ڳالھ نہ ٺھي تہ مون ان جي جڳھ تي وجنتي مالا کي شامل ڪرڻ جي سفارش ڪئي. پوءِ ڳالھيون وري اھي ڪيون ويون تہ مون مڌو کي فلم مان ڪڍرايو آھي. حقيقت ۾ انھيءَ سڄي روئداد جو ذميوار ھن جو پيءُ ھو. فلم ’نيا دؤر‘ جي مڌو بالا سان گڏ ڪيل شوٽنگ ضايع ڪئي وئي، اھڙي طرح چوپڙا صاحب کي مالي نقصان الڳ ٿيو ۽ وقت الڳ ضايع ٿيو. پيءَ جي حد کان وڌيڪ تعبيداري مڌو بالا کي پروفيشنل طور متاثر ڪيو ۽ ھن جي صحت تي بہ تمام ناڪاري اثر پئجي ويا. ان جو مون کي تمام گهڻو ڏک ٿيو، گهٽ ۾ گهٽ پنھنجي ڪم جي حوالي کان پيءُ جي دٻاءُ ۾ تہ نہ اچي ھا! وجنتي مالا محنتي اداڪارہ ھئي، ھُو مون سان ’ديوداس‘ ۾ ڪم ڪري چڪي هئي، ھن جي ڪم کي چوپڙا صاحب بہ پسند ڪندو ھو.

’ديوداس‘ ۽ ’نيا دؤر‘

فلم نيا دؤر ۽ اداڪارہ وجنتي مالا بابت ڳالھائڻ کان پھرين فلم ’ديوداس‘ جو ذڪر ڪرڻ چاھيندس. وجنتي، ستن فلمن ۾ مون سان مرڪزي ڪردار ادا ڪيو ھو. ديوداس نالي ھڪ مشھور بنگالي ناول بہ ھو، جنھن جا مختلف ٻولين ۾ ترجما ٿي چڪا هئا، ان نالي سان ڪي ايل سهگل 1936ع ۾ فلم بہ ٺاھي چڪو هو. مون ان وقت تائين نہ فلم ڏٺي هئي ۽ نہ ئي وري ناول پڙھيو ھو. بملدار نالي مشھور فلم ڊائريڪٽر ’بمل راءِ‘ 1954ع ۾ ھڪ ڏينھن منھنجي دوست ھتن چوڌريءَ سان گڏ اسان جي گهر آيو. ھن مون کي ’ديوداس‘ فلم ۾ ڪم ڪرڻ جي پيشڪش ڪئي. مون ڪجهہ ڏينھن کان پوءِ سوچي جواب ڏيڻ جو چيو تہ چيائين تمام سٺو، توھان جي مطالعي لاءِ ناول جو بھترين ترجمو موڪلي ڏيندس. ٻئي ڏينھن ناول جو ترجمو ملي ويو. ھڪ مايوس ۽ ڏکايل ڪردار ھو، جيڪو محبت ۾ ناڪاميءَ کان پوءِ شراب واپرائڻ لڳي ٿو. مون سوچيو تہ انھي ڪردار ڪرڻ سان نوجوان نسل گمراھ ٿي سگهي ٿو، پر جڏھن فلم جي ڪھاڻيءَ تي غور ڪيم تہ سمجهہ ۾ آيو تہ ھڪ يادگار فلم ٺھي سگهي ٿي. بملدا جي ٽيم ۾ نبندو گهوش ۽ راجندر سنگهہ بيدي جھڙا بھترين ليکڪ ھئا. بملدا مون کي بہ اسڪرپٽ لکندڙن ۾ شامل ڪيو. ڇو تہ ھن کي خبر ھئي تہ اسڪرپٽ جي معاملي ۾ آئون سخت آھيان. ’ديوداس‘ جا مڪالما ’راجندر سنگهہ بيدي‘ تحرير ڪيا ھئا. مڪالما ايترا مشھور ٿيا، جو ڪيترائي نسل ورجائيندا رھيا. بملدا ھڪ سنجيدہ قسم جو بنگالي ھو. ھُو ڪڏھن بہ جذباتي نہ ٿيندو ھو. اداڪارن جي بار بار پڇڻ تي ھن ڪڏھن بہ ڪاوڙ نہ ڪئي. ھميشہ تعاون ۽ مدد لاءِ تيار رھندو ھو. ھُو ڪم ۾ محنت ڪرڻ وارن جي ھمت افزائي ڪندو هو ۽ ھر ڪنھن جي راءِ جو احترام ڪندو هو. مسودي تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ بحث ڪندو هو. ھن جي ھڪ وڏي خوبي اها هئي تہ ھن ڪڏھن بہ ڪنھن جي تعريف نہ ڪئي. خوشيءَ جو اظھار ڪڏھن بہ لفظن سان يا چھري جي تاثر وسيلي نہ ڏنائين، جڏھن شاٽ مان مطئمن ٿي ويندو هو تہ فقط ايترو چوندو هو تہ ٺيڪ آ. مون وڏي ڪوشش ڪئي تہ ھن کان ڪنھن شاٽ تي داد ملي، پر ڪاميابي نہ ملي سگهي، پر ان جي باوجود مون داد وٺڻ لاءِ پنھنجي ڪوشش جاري رکي. ھُو ڪيترن ئي خوبين جو مالڪ هو، چوندو هو تہ، ”ڪڏھن بہ ڪنھن کي ڏک نہ ڏيو.“
’ديوداس‘ فلم جو ڪم اڃا ھلي رھيو ھو تہ بملدا ’مڌومتي‘ فلم تي ڪم ڪرڻ شروع ڪري ڏنو. ’مڌومتي‘ جو فلسفو آواگون (ھندن جو عقيدو آهي تہ بار بار مرڻ کان پوءِ ڄمڻ جو سلسلو جاري رھندو آھي.) گهڻن جو خيال ھو تہ ماڻھو ان کي سمجهي نہ سگهندا ۽ فلم ناڪام ٿيڻ جو بہ خطرو هو، پر پوري ٽيم سخت محنت ڪئي ۽ ان جو اھو نتيجو نڪتو تہ فلم ڪامياب وئي، اسان جتي بہ ويندا ھئاسين اتي ’مڌومتي‘ فلم جا گيت ٻڌڻ ۾ ايندا هئا. وجنتي مالا ۽ مون ’ديوداس‘ کان پوءِ بہ ڇھن فلمن ۾ گڏ ڪم ڪيو. ھن جي ۽ منھنجي وچ ۾ ھم آھنگي وڌندي وئي. ھُوءَ ھڪ باصلاحيت اداڪارہ ثابت ٿي. ’ديوداس‘ کان پوءِ ’مڌومتي‘ ۾ اسان جڏھن گڏ ڪم ڪيو تہ، ھن جي اداڪاريءَ ۾ ڪافي بھتري اچي چڪي هئي. ھُوءَ سخت محنت ڪندڙ اداڪارہ ھئي. ساٿي اداڪارن سان ھميشہ عزت ۽ احترام سان پيش ايندي هئي. ھن ڪڏھن بہ پاڻ کي وڏي اداڪارہ نہ سمجهيو. سيٽ تي ھميشہ پنھنجي ناني ’يادوگري ديوي‘ سان گڏ ايندي هئي. شوٽنگ کان پوءِ سڌو ميڪ اپ روم ۾ ھلي ويندي ھئي. وجنتيءَ جي انھيءَ عادت اسان لاءِ ڪيتريون ئي آسانيون پيدا ڪيون. وجنتي پنھنجي نانيءَ جي فرمانبردار ھئي، ھن ڪڏھن بہ پنھنجي نانيءَ جي ڳالھ کي نہ ٽاريو. ناني ھر وقت ھن کي پنھنجي اکين اڳيان رکندي هئي. ھُوءَ جڏھن سيٽ تي ويندي ھئي تہ ناني کير جو آرڊر ڏيندي ھئي ۽ وجنتي ڪيترا ئي ليٽر کير پِي ويندي ھئي. اتي موجود سڀ ساٿي اداڪارہ وجنتيءَ جي انھيءَ شوق تي حيران رھجي ويندا هئا. منھنجو ڀاءُ ناصر، ھڪ دفعي ’گنگا جمنا‘ فلم جي شوٽنگ دوران مينھن ڪاھي آيو ھو، ھُو مينھن کي وجنتي مالا جي ميڪ اپ روم جي اڳيان ٻڌي رھيو ھو. شڪر آهي جو آئون بروقت پھچي ويس، مون ناصر کي انھيءَ عمل تي دڙڪا ڏنا تہ ھي ڪھڙو ڊرامو شروع ڪيو ٿي. ’گنگا جمنا‘ فلم ۾ مون جڏھن وجنتي مالا سان گڏ ڪم ڪيو تڏهن بہ اسان جي باري ۾ ڪيتريون ڪھاڻيون گهڙيون ويون.
مدراس جي ’جيميني فلم اسٽوڊيو‘ ۾ فلم ’پيغام‘ جي شوٽنگ جاري ھئي، جو اھا خبر آئي تہ ھڪ ٻن ڏينھن ۾ وزيراعظم ’پنڊت جواھر لعل نھرو‘ سيٽ تي اچڻ وارو آهي. معمول جي خلاف ھڪ شام وجنتي ۽ ان جي ناني اسان جي کائڻ واري ميز تي اچي ويٺيون. ناني پنھنجي ڏوھٽيءَ کي ھڪ اھم اداڪارہ سمجهندي ھئي ۽ ھن جو خيال هو تہ ٻيا اداڪار بہ ھن کي وڏي اداڪارہ سمجهن. ڊائننگ ٽيبل تي ويھڻ کان پوءِ ناني چوڻ لڳي تہ، ”پنڊت جواھر لعل نھرو (پپا) وجنتي کي سڃاڻي ٿو.“ پوءِ ناني وري دھليءَ جي ھڪ ثقافتي پروگرام جو قصو ڇيڙيو، جنھن ۾ وجنتي خصوصي فنڪارہ طور پرفارم ڪيو ھو. ٻن ڏينھن تائين اسان اھڙن قسمن جا قصا ٻڌندا رھياسين. ٽئين ڏينھن پنڊت جواھر لعل نھروءَ کي اچڻو هو.
اسٽوڊيو جي مالڪ ’ايس ايس وسن‘ مون کي چيو تہ، ”تون پنڊت صاحب جو استقبال ڪجان.“
مون چيو تہ، ”پنڊت صاحب، وجنتيءَ کي سڃاڻي ٿو. بھتر اھو آھي تہ ھُوءَ استقبال ڪري.“ وجنتيءَ جي ناني کان پنڊت ۽ پپا جا قصا ٻڌڻ کان پوءِ سڀني منھنجي راءِ جي حمايت ڪئي. پنڊت صاحب جي استقبال لاءِ وجنتي سڀني کان اڳيان بيٺي هئي، آئون آخر ۾ بيٺو ھئس. پنڊت صاحب جيئن ئي آيو تہ ھن وجنتيءَ کي ڏٺو بہ ڪونہ، مون تي جيئن ئي نظر پيس تہ تيزيءَ سان مون وٽ آيو. منھنجي ڪلھي تي ھٿ رکندي چيائين، ”يوسف، مون کي خبر پئي تون ھتي آھين تہ ھليو آيس.“
مون کي قطعي اھو اندازو نہ ھو تہ پنڊت صاحب مون کي سڃاڻي وٺندو. مون کي تمام گهڻي خوشي ٿي تہ قوم جي ھڪ مقبول ۽ ملڪ جي وزيراعظم سان گڏ آھيان. پنڊت صاحب پندرھن منٽن تائين اتي ھيو، ھُو فلمون نہ ڏسندو هو، پر ھن کي ھتان ھتان فلمن جي باري ۾ خبر پوندي رھندي ھئي. پنڊت صاحب مون کي چيو تہ، ”فلمون نہ ڏسڻ جي باوجود مون کي معلومات ملندي رھندي آھي، فلمن ذريعي سماج جي فرسودہ رسمن رواجن جي باري ۾ عوام کي آگاھي ڏني وڃي.“ پنڊت صاحب ھليو ويو، ان کان پوءِ وجنتيءَ جي ناني پنڊت ۽ پپا جا قصا ٻڌائڻ کان بس ڪئي.
منھنجي خيال ۾ ڪامياب ترين فلمساز اھو ئي ٿي سگهي ٿو، جيڪو قصہ گوئيءَ ۾ ڪمال رکندو ھجي. مدراس جي جيميني فلمي اسٽوڊيو جو مالڪ ’ايس ايس وسن‘ ھڪ ماھر قصہ خوان ھو. ڀارت جي فلمي صنعت ۾ ھن جو وڏو نالو ھو. ھُو ڪيترين ئي خوبين جو مالڪ ۽ ھڪ شفيق انسان ھو. ھن جو وسيع مطالعو ھو. ھر شئي جي باري ۾ وڏي ڄاڻ رکندو ھو، مون سان تمام گهڻي محبت ڪندو ھوس ۽ جتي بہ ويندو هو مون کي گڏ وٺي ويندو هو.
ھڪ ڏينھن ھن مون کي ھڪ ماءُ پٽ جي ڪھاڻي ٻڌائي، جيڪي تامل ناڊو جي ھڪ اسٽيشن ’چنگلپٽ‘ (ھاڻي جنھن کي ’چنگلپٽو‘ چوندا آهن) ۾ رھندا ھئا. ٻيئي ماءُ پٽ اخبارون ۽ رسالا وڪڻندا هئا. ڇوڪرو اسٽيشن جي ھڪ ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي تائين وڏي آواز ۾ ھوڪو ڏيندو ۽ ڊوڙندو رهندو هو. ڇوڪرو پاڻ بہ مختلف رسالن ۽ مئگزينن جو مطالعو ڪندو رھندو ھو. ماءُ سمھي رھندي ھئي، پر ڇوڪري کي ننڊ نہ ايندي هئي، گاڏن تان ماني وٺي کائيندا هئا... آئون اھي ڳالھيون ڌيان سان ٻڌندو ھئس، پر حيرت ٿيندي هئم تہ مون کي اھي ڳالھيون ڇو ٻڌائيندو هو؟ وسن صاحب ھڪ سٺو ليکڪ بہ ھو، ھن ڪيترائي ناول ۽ ڪھاڻيون لکيون ھيون. تامل ٻوليءَ ۾ ھڪ مئگزين پڻ ڪڍندو هو. ايس ايس وسن، علمي ادبي شخصيتن جي تمام گهڻي عزت ڪندو هو.
فلم ’نيا دؤر‘ جي پيشڪش کڻي، جڏھن ’بي آر چوپڙا‘ مون وٽ آيو تڏهن آئون ’گيان مکرجي‘ جي فلم ۾ ڪم ڪرڻ جو واعدو ڪري چُڪو ھئس. مون چوپڙا صاحب کي چيو تہ ھڪ ئي وقت ٻن فلمن ۾ ڪم ڪرڻ ڏکيو آهي. ان ڪري انتظار ڪرڻو پوندو. اھڙي طرح آئون جڏھن ’ديوداس‘ ۾ ڪم ڪري رھيو ھئس، تڏھن فلم ’پياسا‘ جي لاءِ ’گرو دت‘ جي پيشڪش بہ نہ مڃي ھئم. خير جڏهن بي آر چوپڙا فلم ’نيا دؤر‘ جي ڪھاڻي تيار ڪري ورتي تہ ھُو مشوري لاءِ ’محبوب صاحب‘ وٽ ويو. ھن مايوسيءَ مان چيو تہ اھا دستاويزي فلم ٿي سگهي ٿي. ان کي فيچر فلم چوڻ غلط ٿيندو. چوپڙا صاحب، سينيئر فلمساز جي احترام ۾ خاموش رھيو، پر ھن اھو طئہ ڪري ورتو تہ جيڪڏهن فلم ۾ دليپ ڪم ڪيو تہ ضرور ٺاھيندو. قدرت جي طرفان ڪجهہ ھيئن ٿيو تہ گيان مکرجي جي فلم مالي مسئلن جي ڪري ھلي نہ سگهي. اھڙي طرح مون ’نيا دؤر‘ فلم ۾ ڪم شروع ڪري ڇڏيو. ’نيا دؤر‘ منھنجي ھڪ يادگار فلم آھي، ڇو تہ ھن فلم جي ڪري ئي ’چوپڙا خاندان‘ سان منھنجي ويجهڙائپ ٿي. وڏو ڀاءُ ’بي آر چوپڙا‘ (بلديو راج)، ’يش چوپڙا‘ ۽ ’ڌرم چوپڙا‘ سڀيئي بھترين شخصيتن جا مالڪ ھئا. وڏي ڀاءُ، يش کي منھنجي خدمت تي مقرر ڪري ڇڏيو. منھنجيون ۽ ھن جون عادتون ھڪجھڙيون ھيون. اسان ٻئي ناشتو پاڻ تيار ڪندا ھئاسين، ھڪ ئي وقت اسان ڏھن بيضن جو آمليٽ ٺاھيندا ھئاسين. اسان جي ناشتي جي خوشبو پري پري تائين پکڙجي ويندي ھئي ۽ بيضا نہ کائڻ وارا بہ اسان سان اچي ناشتو ڪندا هئا. بنا ڪنھن شڪ جي ’نيا د‍ؤر‘ فلم زبردست ڪاميابي حاصل ڪئي ۽ تمام سٺو پئسو ڪمايو. فلم جي ڪاميابيءَ جي تقريب ڪوٺائي وئي. محبوب صاحب تقريب جي خاص مھمان طور شرڪت ڪئي. محبوب صاحب تقريب ۾ پنھنجي خطاب ۾ چيو تہ فلم متعلق منھنجا سڀ خيال غلط ثابت ٿيا. چوپڙا صاحب جي راءِ بلڪل صحيح ھئي.
جڏھن بہ گهر ۾ ايندو ھئس تہ امان تمام گهڻي ياد ايندي هئي. گهر ۾ امان جي ڪمي سڀ کان وڌيڪ آغاجِيءَ کي محسوس ٿي رهي هئي. امان، آغاجِيءَ جي ضرورت جي ھر شئي پنھنجي پنھنجي جڳھ تي رکندي هئي. ھاڻي گهر جا معاملا ادي سڪينہ جي ھٿ ھيٺ ھئا. ھُوءَ آغاجِيءَ جي توقع تي پورو نہ لھندي ھئي. آغاجِي، ادي سڪينہ جي غرور ۽ پاڻ وڻائڻ کي ناپسند ڪندو هو ۽ ھُو ان سان تلخ ٿي ويندو هو. ادي ھڪ ڏينھن ڌوٻي، بيڪري وارين ۽ ٻين عورتن کي گهر اچڻ کان روڪي ڇڏيو. آغاجِي کي ان ڳالھ تي تمام گهڻي ڪاوڙ آئي ڇو تہ ھُو امان وٽ اينديون رھنديون ھيون. ھُوءَ انھن جي تمام گهڻي عزت ڪندي ھئي ۽ انھن کي مانيون کارائيندي هئي. ھڪ ڏينھن ادي، منھنجي حجم سان بدتميزي ڪئي. مون کي تمام گهڻي ڪاوڙ آئي ۽ مون اديءَ کي ست سُريون ٻڌايون. حجم ويچارو ھڪ تہ منھنجي وارن جي ڪري تمام گهڻو پريشان رھندو ھو ۽ ٻيو وري اديءَ جو غير مناسب روَيو مون کي تمام خراب لڳو. منھنجا وار تيزيءَ سان وڌندا ھئا ۽ ھر پندرنھن ڏينھن کان پوءِ ٺھرائڻا پوندا هئا. ’نيا دؤر‘ فلم جو ھڪ گيت ’اڙين جب جب زلفين تيري‘ تمام گهڻو مشھور ٿيو ھو. ھي گيت ’ساحر لڌيانويءَ‘ لکيو هو، ’اوپي نيئر‘ ڪمپوز ڪيو هو، جڏھن تہ ’آشا ڀوسلي‘ ۽ ’محمد رفيع‘ ڳايو ھو. ھن گيت کان پوءِ منھنجي حجم جي ڪاروبار ۾ تيزي اچي وئي. ھڪ نوجوان ان وٽ روزانو ايندو رھيو ۽ اھو اصرار ڪندو رھيو تہ ھن جا وار دليپ جھڙا ٺاهي. ھڪ ڀيري ٻنپھرن جو مون حجم کي گهرائي چيو تہ، جيڪڏهن آئون نہ ھجان تہ منھنجو انتظار ڪندو ڪر. ھُو ويچارو ڊرائنگ روم ۾ ويھي منھنجو انتظار ڪرڻ لڳو، ادي سڪينہ ھن کي جڏهن ڏٺو تہ شروع ٿي وئي. آئون پھتس تڏھن بہ ھن جا دڙڪا جاري ھئا. ھُو ويچارو خاموش ڪنڌ ھيٺ ڪري بيٺو هو، مون ھن کان معافي ورتي.
خواھش جي باوجود آئون آغاجِيءَ کي وقت نہ پئي ڏيئي سگهيس. کيس اعصابي تڪليف ٿيڻ لڳي هئي. ڪار ۾ چڙهڻ يا لھڻ وقت سھاري جي ضرورت ٿيندي ھئس، گوڏن ۾ تڪليف باوجود ھُو ھفتي ۾ ھڪ ڀيرو مارڪيٽ ضرور ويندو هو. پيادو ھلڻ واري عادت اڃا بہ ھئس ۽ اکين جي بينائيءَ تي ڪو فرق نہ پيو ھئس. منھنجي خيال ۾ امان جي وفات کان پوءِ ھن جي جيئڻ جي خواھش ختم ٿي چڪي هئي. نوشاد ميان، آغاجِيءَ جو بھترين دوست ٿي ويو ھو. ھُو جڏھن بہ ايندو هو تہ آغاجِي ان سان ڪچھري ڪندو هو. نوشاد ميان، آغاجِيءَ کي غزل ٻڌائيندو هو. دير تائين ٻئي ڪچھريءَ ۾ مصروف رھندا ھئا.
ميوي جي ڪاروبار ۾ آغاجِيءَ جي دلچسپي ختم ٿي چڪي هئي، سندس ڪيترائي دوست ريٽائرڊ ٿي چڪا هئا، انھن جا اولاد ڪاروبار ڪرڻ لڳا ھئا. منھنجي خواھش ھئي تہ وڏي پٽ جي حيثيت ۾ نُور صاحب کي خانداني ڪاروبار ڪرڻ گهرجي. مارڪيٽ ۾ خانداني ڪاروبار جي شھرت برقرار ھجي، ناصر بہ مون وانگر اداڪاري ڪرڻ لڳو ھو. اسان وٽ وقت نہ ھو. چاچو عمر بيماريءَ جي ڪري ڪاروبار سنڀالڻ جي قابل نہ ھو. مون کي خانداني ڪاروبار متعلق تشويش ھئي. ھڪ ڏينھن مون آغاجِيءَ کي گاڏيءَ ۾ ويھاريو. ھڪ پراڻي ريسٽورنٽ ۾ وٺي ويس. ڪاليج جي زماني ۾ اڪثر ھتي دوستن سان ايندو رھندو ھئس. اھو الھندي بمبئيءَ ۾ واقع ’جارج ريسٽورنٽ‘ ھو. آئون ڪوشش ڪري پنھنجي پاڻ کي ظاھر نہ ڪندو ھئس. ان ڏينھن مداحن جو ھڪ وڏو تعداد ھوٽل جي ٻاھران جمع ٿي ويو. مينيجر مون وٽ آيو ۽ چيائين تہ، ”توھان سان ماڻھو ملڻ چاھين ٿا.“
آغاجِي پڇيو تہ، ”ڇا مسئلو آهي؟“
ٻڌايم تہ ٻاھر بيٺل ماڻھو مون سان ملڻ چاھين ٿا تہ ڏاڍو خوش ٿيو ۽ چيائين، ”جلدي وڃ ۽ انھن سان وڃي مل.“ آئون ڏاڍو خوش ٿيو ھئس، ان ڳالھ تي نہ، تہ ماڻھو مون سان ملڻ آيا هئا، پر ان ڳالھ تي تہ ان وقت آغاجِيءَ کي مون تي فخر محسوس ٿيو ھو. واپس ايندي حسبِ معمول آغاجِي خاموش ھو، پر جڏھن گهر پھتاسين تہ آغاجِي وڏي فخر سان چاچا عمر کي اھو واقعو ٻڌايو ھو. آغاجِي ڏاڍو خوشي ٿيو ھو، حالانڪہ منھنجي نالي سان آفيسر آف برٽش ايمپائر نہ لڳي سگهيو ھو، پر آغاجِيءَ منھنجي ڪاميابيءَ کي محسوس ڪري ورتو هو. چاچا عمر مون کي ٻڌائيندو هو تہ آغاجِي اخبارن ۾ ڇپيل تنھنجين تصويرن کي غور سان ڏسندو رھندو آھي ۽ پوءِ اخبارن کي ويڙهي پنھنجي وھاڻي جي ھيٺيان رکي ڇڏيندو آهي. مون کي حيرت انھي ڳالھ تي آھي تہ دليپ ڪمار سڏائڻ سبب آغاجِي مون کي ڪجهہ نہ چيو، ھُو وڏو دور انديش ھو. دليپ ڪمار سڏائڻ پٺيان ڪھڙي حڪمت رکيل آهي، ھُو سمجهي ويو هو. ھن کي خبر ھئي تہ ڀائرن ڀينرن جي تعليم منھنجي پھرين ترجيح آهي. ھاڻي مون کي اھو ڄاڻي خوشي ٿيندي آهي تہ آغاجِيءَ جي اميدن تي پورو لٿو آھيان. آغاجِي مطئمن ھو تہ ھن جي پوڙھي ٿيڻ کان پوءِ يوسف گهر جون سڀ ذميواريون سنڀالڻ لاءِ تيار آھي. ڀينرن کي تعليم ڏيارڻ لاءِ ھُو تمام گهڻو خوش هو. ھن ڪڏھن چيو تہ نہ ھو پر سمجهندو ھو تہ جيڪڏهن ادي سڪينہ تعليم حاصل ڪري ھا تہ ايتري بدمزاج نہ ھجي ھا. وڏي ڀاءُ نُور صاحب سميت ڪنھن کي بہ اھو احساس نہ ھو تہ گهر جي خرچن لاءِ پئسو ڪمائڻ ڪيترو ڏکيو آهي. آغاجِي، گهر ۾ مون سان ملڻ ايندڙ پروڊيوسرن سان نہ ملندو هو، البت راج ڪپور جڏھن بہ ايندو هو تہ ان سان ضرور ملندو هو. راج ڪپور کان سندس والد ’پرٿوي راج‘ جي باري ۾ ضرور پڇندو هو.
چاليھ جي ڏھاڪي جي ڳالھ آهي، ھڪ ڏينھن ھڪ پروڊيوسر نوٽن سان ڀريل ھڪ بريف ڪيس منھنجي گهر کڻي آيو. ھُو ھڪ فلم ٺاهڻ پيو چاھي. ھن اسڪرپٽ ٻڌائڻ شروع ڪيو تہ ھڪ جڳھ تي ھيرو مينھن تي چڙهي پوري ڳوٺ جو چڪر لڳائيندو آهي. مون پڇيو، ”ھي ڇو، ان جو ڇا مطلب آھي؟“
چيائين تہ، ”ھڪ مزاحيہ سين بہ فلم ۾ ھجڻ گهرجي.“
اسڪرپٽ ۾ تبديليءَ جي سوال تي ھن چيو تہ، ”ھا توھان ڪري سگهو ٿا، پر مينھن وارو منظر ساڳيو ئي رھندو.“
مون کي ان وقت پئسن جي سخت ضرورت هئي، پر مون اھڙي سين جي ڪري فلم ۾ ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ان ماڻھوءَ کي بہ حيرت ٿي تہ ايڏي وڏي رقم عيوض بہ ڪم نٿو ڪريان. ان انڪار کان پوءِ منھنجي خوداعتماديءَ ۾ اڃا واڌارو ٿي ويو. امان کان پوءِ فقط آئون ئي آغاجِيءَ جي ڏک ۽ اڪيلائيءَ کي محسوس ڪري سگهندو ھئس. پھرين ذڪر ڪري چڪو آھيان تہ امان جي وفات کان پوءِ آغاجِي پاڻ کي اڪيلو محسوس ڪندو هو. انھي ئي اڪيلائيءَ ۽ ڏک ۾ ھُو 5 مارچ 1950ع تي اسان کان ھميشہ لاءِ موڪلائي هليو ويو. مون فلم انڊسٽريءَ جي سڀني دوستن کي اطلاع نہ ڏنو ھو. مصروف ۽ مادي پرست ماڻھن کان مون تعزيت وصول ڪرڻ نٿي گهري. اھڙا ماڻھو، جيڪي آغاجِيءَ کي سڃاڻندا بہ نہ ھئا، انھن کي ڪھڙي خبر تہ آغاجِي اسان لاءِ ڪيڏي وڏي شئي ھو. راج ڪپور، نوشاد ميان، محبوب صاحب، اشوڪ ڀاءُ، بملدا، نتندا، ايس مکرجي صاحب، فيملي ڊاڪٽر، ويجهن دوستن ۽ مائٽن مون کي حوصلو ڏنو ۽ منھنجي ڏک ۾ شريڪ ٿيا.
آغاجِيءَ جو وڇوڙو منھنجي لاءِ ڇا ھو؟ بس ائين ئي سمجهو تہ آءٌ ھڪ ڇپر ڇانوَ کان محروم ٿي چُڪو ھئس. آغاجِيءَ جي خواھش مطابق ’ديولالي‘ ۾ ان جي زال ۽ ماءُ جي ڀرسان کيس مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.

گهرُو معاملا

جڏھن بہ گهر ۾ ايندو ھئس تہ امان تمام گهڻي ياد ايندي هئي. گهر ۾ امان جي ڪمي سڀ کان وڌيڪ آغاجِي کي محسوس ٿي رهي هئي. امان، آغاجِي جي ضرورت جي ھر شئي پنھنجي پنھنجي جڳھ تي رکندي هئي. ھاڻي گهر جا معاملا ادي سڪينہ جي ھٿ ھيٺ ھئا. ھُوءَ، آغاجِي جي توقع تي پورو نہ لھندي ھئي. آغاجِي، ادي سڪينہ جي غرور ۽ پاڻ وڻائڻ کي ناپسند ڪندو هو ۽ ھُو ان سان تلخ ٿي ويندو هو.
ادي ھڪڙي ڏينھن ڌوٻي، بيڪري وارين ۽ ٻين عورتن کي گهر اچڻ کان روڪي ڇڏيو. آغاجِي کي ان ڳالھ تي تمام گهڻي ڪاوڙ آئي ڇو تہ ھُو امان وٽ اينديون رھنديون ھيون. ھُو انھن جي تمام گهڻي عزت ڪندي ھئي ۽ انھن کي مانيون کارائيندي هئي. ھڪ ڏينھن ادي منھنجي حجم سان بدتميزي ڪئي، مون کي تمام گهڻي ڪاوڙ آئي ۽ مون اديءَ کي سَت سُريون ٻڌايون. حجم ويچارو ھڪ تہ منھنجي وارن جي ڪري تمام گهڻو پريشان رھندو ھو ۽ ٻيو وري اديءَ جو غير مناسب رويو، مون کي تمام خراب لڳو. منھنجا وار تيزيءَ سان وڌندا ھئا ۽ ھر پندرنھن ڏينھن کان پوءِ ٺھرائڻا پوندا هئا. فلم ’نيا دؤر‘ جو ھڪ گيت ’اُڙَين جب جب زلفين تيري‘ تمام گهڻو مشھور ٿيو ھو. ھي گيت ’ساحر لڌيانوي‘ لکيو، ’اوپي نيَّر‘ ڪمپوز ڪيو، جڏھن تہ ’آشا ڀوسلي‘ ۽ ’محمد رفيع‘ ڳايو ھو. ھن گيت کان پوءِ منھنجي حجم جي ڪاروبار ۾ تيزي اچي وئي. ھڪ نوجوان ان وٽ روزانو ايندو رھيو ۽ اھو اصرار ڪندو رھيو تہ سندس وارَ دليپ جھڙا ٺاھ.. ھڪ دفعي ٻنپھرن جو مون حجم کي گهرائي چيو تہ جيڪڏهن آئون نہ ھجان تہ منھنجو انتظار ڪندو ڪر. ھُو ويچارو ڊرائنگ روم ۾ ويھي، منھنجو انتظار ڪرڻ لڳو. ادي سڪينہ ھن کي جڏهن ڏٺو تہ شروع ٿي وئي، آئون پھتس تڏھن بہ ھن جا دڙڪا جاري ھئا. ھُو ويچارو خاموش ڪنڌ ھيٺ ڪري بيٺو هو، مون ھن کان معافي ورتي.
خواھش جي باوجود آئون آغاجِيءَ کي وقت نہ پئي ڏيئي سگهيس. کيس اعصابي تڪليف ٿيڻ لڳي هئي، ڪار ۾ چڙهڻ ۽ لھڻ وقت سھاري جي ضرورت پوندي ھئس، گوڏن ۾ تڪليف باوجود ھُو ھفتي ۾ ھڪ دفعو مارڪيٽ ضرور ويندو هو. پيادو ھلڻ واري عادت اڃا بہ ھئس ۽ اکين جي بينائيءَ تي ڪو فرق نہ پيو ھوس. منھنجي خيال ۾ امان جي وفات کان پوءِ ھن جي جيئڻ جي خواھش ختم ٿي چڪي هئي. نوشاد ميان، آغاجِي جو بھترين دوست ٿي ويو ھو. ھُو جڏھن بہ ايندو هو تہ آغاجِي ان سان ڪچھري ڪندو هو. نوشاد ميان، آغاجِي کي غزل ٻڌائيندو هو، دير تائين ٻئي ڪچھريءَ ۾ مصروف رھندا ھئا.
ميوي جي ڪاروبار ۾ آغاجِي جي دلچسپي ختم ٿي چڪي هئي، سندس ڪيترائي دوست ريٽارئرڊ ٿي چڪا هئا. انھن جا اولاد ڪاروبار ڪرڻ لڳا ھئا. منھنجي خواھش ھئي تہ وڏي پٽ جي حيثيت ۾ نُور صاحب کي خانداني ڪاروبار ڪرڻ گهرجي. مارڪيٽ ۾ خانداني ڪاروبار جي شھرت برقرار ھجي، ناصر بہ مون وانگر اداڪاري ڪرڻ لڳو ھو، اسان وٽ وقت نہ ھو. چاچا عمر، بيماريءَ جي ڪري ڪاروبار سنڀالڻ جي قابل نہ ھو. مون کي خانداني ڪاروبار متعلق تشويش ھئي.
ھڪ ڏينھن مون آغاجِيءَ کي گاڏيءَ ۾ ويھاريو. ھڪ پراڻي ريسٽورنٽ ۾ وٺي ويس، ڪاليج جي زماني ۾ اڪثر ھتي دوستن سان ايندو رھندو ھئس. اھو الھندي بمبئيءَ ۾ واقع جارج ريسٽورنٽ ھو. آئون ڪوشش ڪري پنھنجي پاڻ کي ظاھر نہ ڪندو ھئس، ان ڏينھن مداحن جو ھڪ وڏو تعداد ھوٽل جي ٻاھران گڏ ٿي ويو. مينيجر مون وٽ آيو ۽ چيائين تہ، ”توھان سان ماڻھو ملڻ چاھين ٿا.“ آغاجِيءَ پڇيو تہ، ”ڇا مسئلو آهي؟“ ٻڌايم تہ، ”ٻاھر بيٺل ماڻھو مون سان ملڻ چاھين ٿا“ ان تي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ چيائين، ”جلدي وڃ ۽ انھن سان وڃي مل.“ آئون ڏاڍو خوش ٿيو ھئس، ان ڳالھ تي نہ، تہ ماڻھو مون سان ملڻ آيا هئا، پر ان ڳالھ تي تہ ان وقت آغاجِيءَ کي مون تي فخر محسوس ٿيو ھو. واپس ايندي حسبِ معمول آغاجِي خاموش ھو، پر جڏھن گهر پھتاسين تہ آغاجِي وڏي فخر سان چاچا عمر کي اھو واقعو ٻڌايو ھو. آغاجِي کي ڏاڍي خوشي ٿي ھئي، حالانڪہ منھنجي نالي سان آفيسر آف برٽش ايمپائر نہ لڳي سگهيو ھو، پر آغاجِيءَ منھنجي ڪاميابيءَ کي محسوس ڪري ورتو هو. چاچا عمر مون کي ٻڌائيندو هو تہ، ”آغاجِي اخبارن ۾ ڇپيل تنھنجي تصويرن کي غور سان ڏسندو رھندو آھي ۽ پوءِ اخبارن کي ويڙهي پنھنجي وھاڻي جي ھيٺيان رکي ڇڏيندو آهي.“
مون کي حيرت انھيءَ ڳالھ تي آھي تہ دليپ ڪمار سڏائڻ سبب آغاجِي مون کي ڪجهہ نہ چيو، ھُو وڏو دور انديش ھو، دليپ ڪمار سڏائڻ پٺيان ڪھڙي حڪمت رکيل آهي، ھُو سمجهي ويو هو. ھن کي خبر ھئي تہ ڀائرن ڀينرن جي تعليم منھنجي پھرين ترجيح آهي. ھاڻي مون کي اھو ڄاڻي خوشي ٿيندي آهي تہ آغاجِي جي اميدن تي پورو لٿو آھيان. آغاجِي مطمئن ھو تہ ھن جي پوڙھي ٿيڻ کان پوءِ يوسف گهر جون سڀ ذميواريون سنڀالڻ لاءِ تيار آھي. ڀينرن کي تعليم ڏيارڻ لاءِ ھُو تمام گهڻو خوش هو، ھن ڪڏھن چيو تہ نہ ھو پر سمجهندو ھو تہ جيڪڏهن ادي سڪينہ تعليم حاصل ڪري ھا تہ ايتري بدمزاج نہ ھجي ھا. وڏي ڀاءُ نُور صاحب سميت ڪنھن کي بہ اھو احساس نہ ھو تہ گهر جي خرچن لاءِ پئسو ڪمائڻ ڪيترو ڏکيو آهي. آغاجِي گهر ۾ مون سان ملڻ ايندڙ پروڊيوسرن سان نہ ملندو هو، البت راج ڪپور جڏھن بہ ايندو هو، ان سان ضرور ملندو هو.
راج ڪپور کان سندس والد پرٿوي راج جي باري ۾ ضرور پڇندو هو. چاليھ واري ڏھاڪي جي ڳالھ آهي، ھڪ ڏينھن ھڪ پروڊيوسر نوٽن سان ڀريل ھڪ بريف ڪيس منھنجي گهر کڻي آيو، ھُو ھڪ فلم ٺاهڻ پيو چاھي. ھن اسڪرپٽ ٻڌائڻ شروع ڪيو تہ ھڪ جڳھ تي ھيرو مَينھِن تي چڙهي پوري ڳوٺ جو چڪر لڳائيندو آهي. مون پڇيو، ”ھي ڇو؟ ان جو ڇا مطلب آھي؟“
چيائين تہ، ”ھڪ مزاحيہ سين بہ فلم ۾ ھجڻ گهرجي.“ اسڪرپٽ ۾ تبديليءَ جي سوال تي ھن چيو تہ، ”ھا توھان ڪري سگهو ٿا، پر مينھن وارو منظر ساڳيو ئي رھندو.“ مون کي ان وقت پئسن جي سخت ضرورت هئي، پر مون اھڙي سين جي ڪري فلم ۾ ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ان ماڻھوءَ کي بہ حيرت ٿي تہ ايڏي وڏي رقم عيوض بہ ڪم نٿو ڪريان. ان انڪار کان پوءِ منھنجي خوداعتماديءَ ۾ اڃا واڌارو ٿي ويو.
امان کان پوءِ فقط آئون ئي آغاجِيءَ جي ڏک ۽ اڪيلائيءَ کي محسوس ڪري سگهندو ھئس. پھرين ذڪر ڪري چڪو آھيان تہ امان جي وفات کان پوءِ آغاجِي پاڻ کي اڪيلو محسوس ڪندو هو. انھيءَ اڪيلائي ۽ ڏک ۾ ھُو 5 مارچ 1950ع تي اسان کان سدائين لاءِ موڪلائي هليو ويو. مون فلم انڊسٽريءَ جي سڀني دوستن کي اطلاع نہ ڏنو. مصروف ۽ مادي پرست ماڻھن کان مون تعزيت وصول ڪرڻ نٿي گهري. اھڙا ماڻھو، جيڪي آغاجِيءَ کي سڃاڻندا بہ نہ ھئا، انھن کي ڪھڙي خبر تہ آغاجِي اسان لاءِ ڪيڏي وڏي شئي ھو. راج ڪپور، نوشاد ميان، محبوب صاحب، اشوڪ ڀاءُ، بِملدا، نِتندا، ايس مکرجي صاحب، فيملي ڊاڪٽر، ويجهن دوستن ۽ رشتيدارن مون کي حوصلو ڏنو ۽ منھنجي ڏک ۾ شريڪ ٿيا. آغاجِيءَ جو موت منھنجي لاءِ ڇا ھو؟ بس ائين ئي سمجهو تہ آئون ھڪ ڇپرڇانوَ کان محروم ٿي چُڪو ھئس. آغاجِيءَ جي خواھش مطابق ’ديولالي‘ ۾ ان جي زال ۽ ماءُ جي ڀرسان کيس مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.

فلمسازيءَ جون مشقون ۽ ’گنگا جمنا‘

منھنجي ذھن ۾ ھڪ خيال اھو ھو تہ منھنجو پنھنجو پروڊڪشن ھائوس ھجڻ گهرجي، ٻيو خيال اھو ھو تہ ڀاءُ ناصر کي فلمي ڪيريئر ۾ مدد ڪيان، ڪجهہ فلمن ۾ ڪم ڪرڻ کان پوءِ ناصر ناڪام ٿي چڪو هو. مارڪيٽ ۾ پئسي جي ڪابہ ڪمي نہ ھئي، پر فلمن جي معاملن ۾ منھنجو پنھنجو خيال ھوندو ھو. آئون چاھيندو ھئس تہ Shylocks جي چڪر ۾ نہ اچان. (شائي لاڪ شيڪسپيئر جي ھڪ ڊرامي ’مرچنٽ آف دي وينس‘ جو وِلن جيڪو ھڪ وياج خور ھوندو آھي) فلمسازن جي مالي مدد ڪرڻ وارن شپورجي مستري ۽ پالنجي مستري سان منھنجا ويجها لاڳاپا ھوندا ھئا، انھن ئي ’مغلِ اعظم‘ فلم لاءِ آصف جي مالي مدد ڪئي ھئي. شپورجِي مستري کي مون فلم ’گنگا جمنا‘ جي ڪھاڻي ٻڌائي ھئي، جنھن کي ھن تمام گهڻو پسند ڪيو ھو. بقول ھن جي تہ فلم ڪامياب ٿيندي، پر منھنجو ڀاءُ ناصر ھن فلم جي خلاف ھو. ھن جو چوڻ هو تہ ماڻھو مون کي ھڪ مجرم جي ڪردار ۾ قبول نہ ڪندا. ٻين لفظن ۾ تہ فلم فلاپ ويندي. ھن فلم ۾ مون کي ھڪ قانون شڪن گنگا ۽ منھنجي ڀاءُ ناصر کي پوليس آفيسر جمنا جو ڪردار مليل ھو. ناصر مسلسل منھنجي تجويز جي مخالفت ڪندو رھيو. منھنجو خيال ھو تہ انگريز حڪمرانن کان حاصل ڪيل آزادي بہ ڳوٺن جي ماڻھن کي ڪو فائدو نہ ڏنو آهي. ٺڳ زميندار اڄ بہ ھارين ۽ آبادگارن جو ڀرپور استحصال ڪري رھيا آھن، مون سمجهيو تہ انھن مسئلن کي اجاگر ڪيان. ڪيڏي نہ افسوس جي ڳالھ آهي محبوب خان جي فلم ’مدر انڊيا‘ 1957ع ۽ منھنجي فلم ’گنگا جمنا‘ ۾ پيش ڪيل مسئلا، اڌ صدي گذرڻ کان پوءِ بہ جيئن جو تيئن آھن. فلم ’مدر انڊيا‘ تہ مغربي دنيا ۾ بہ ھلچل مچائي ڇڏي ھئي. محبوب خان جڏھن مدر انڊيا تي ڪم ڪري رهيو ھو، ان وقت ھن مون کان بہ صلاح ورتي هئي، مون ھن کي ٻڌايو ھو تہ زبردست موضوع کنيو اٿئي، انھي موضوع تي ڪم ڪرڻ جي اشد ضرورت آهي. مدر انڊيا ۾ محبوب خان مون کي بہ ڪم ڏئي پيو، پر نرگس جي پٽ طور..! اھو ڪردار منھنجي لاءِ مناسب نہ ھو، ڇو تہ نرگس مون سان 1948ع ۾ فلم ’ميلا‘ ۽ 1950ع ۾ فلم ’بابل‘ ۾ بطور ھيروئين ڪم ڪري چڪي هئي. فلم ۾ نرگس جي پٽ جي ڪردار ۾ اچڻ منھنجي لاءِ مناسب نہ ھو. ٻيو اھو تہ وري ٽريجڊي فلمن ۾ ڪم ڪرڻ جو منھنجو ڪوبہ ارادو نہ ھو، انھيءَ ڪري مون فلم ۾ ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪيو هو.
فلم ’گنگا جمنا‘ کان ڳالھ نڪتي ھئي، مون شپور مستري کي ٻڌايو تہ فلم ۾ ڪم ڪرڻ کان پھرين آئون اتر پرديش، مڌيه پرديش ۽ مھاراشٽر جو تفصيلي دورو ڪرڻ چاھيان ٿو. آئون ’گنگا جمنا‘ فلم جا مڪالما گنگا جمني لھجي ۽ ٻوليءَ ۾ ئي پيش ڪرڻ چاھيندو ھئس. ننڍپڻ ۾ جڏهن اسان ديولالي ۾ رھائش اختيار ڪئي هئي، تڏھن مون گهر جي باغ ۾ رھندڙ مالي ’بھاري‘ ۽ ان جي زال ’ڦُولِ وا‘ کي يُوپِي ۽ بھار جي لھجي ۾ ڳالھائيندي ٻڌو ھو. خاص طور جڏھن ھُو پاڻ ۾ وڙھندا ھئا تہ صورتحال انتھائي مزيدار ٿي ويندي ھئي، خبر نہ پوندي هئي تہ ڇا پيا ڳالھائين! ذاتي ۽ عملي طور مون کي اھو لھجو ويجهي کان ٻڌڻ جو اشتياق ھو. فصلن ۾ ڪم ڪندڙ مزدورن ۽ محنت ڪشن جي تڪليفن جو عملي طور مشاھدو ڪرڻ چاھيندو ھئس. منھنجي سوچ اھا ھئي تہ ماڻھو منھنجو ڪم ڏسن ٿا، نقاد تہ ھر شئي ڏسن ٿا، ان ڪري ننڍين ننڍين شين کي نظر انداز ڪرڻ سان ڪم بھتر نہ ٿئي ھا، ڪم کي سخت محنت سان مثالي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو ھئس.
’گنگا جمنا‘ جي ذڪر وقت مون کي منھنجو ڀاءُ ايوب بہ ياد اچي ويو، جنھن جي علاج لاءِ اسان ھتي ديولالي آيا ھئاسين، ايوب اسان ڀائر ڀينرن ۾ سڀ کان وڌيڪ ذھين ھو، جيڪڏهن ھُو جسماني طور معذور نہ ھجي ھا تہ ھُو ھڪ وڏو آفيسر ھجي ھا، چوڻ جو مقصد تہ ’گنگا‘ منھنجي لاءِ اجنبي ڪردار نہ ھو. منھنجين ٻين فلمن وانگر منھنجي ذات ھڪ طرح تہ منھنجو ڪردار ٻي طرح جو ھوندو ھو. ذات ۽ ڪردار کي ھڪ ھنڌ گڏ ڪرڻ بہ ضروري ھوندو آھي. ويجهڙ ۾ مشھور اداڪار اميتاڀ بچن سان ملاقات ٿي، ھن ٻڌايو تہ، ”ھن شاگرديءَ واري زماني ۾ منھنجي فلم ’گنگا جمنا‘ ڪيترائي دفعا ڏٺي ھئي.“ اميتاڀ، مون کان پڇيو تہ، ”ھڪ يُوپِي ڳوٺاڻي جو ڪردار ۽ لھجو ايڏي شاندار ۽ خوبصورتيءَ سان ھڪ پٺاڻ کان ڪيئن ممڪن ٿي سگهيو؟“
اميتاڀ بلڪل صحيح چيو ھو تہ ھڪ پٺاڻ لاءِ اھو مشڪل آهي تہ ’گنگا‘ جي شخصيت ۽ ڳالھ ٻولھ ايترو سوَلائيءَ سان ڪري سگهي. ھا ھن پٺاڻ، جنھن جي توھان ڪھاڻي پڙھي رھيا آھيو، ھن سڀ ڪجهہ ڪري ڏيکاريو. ھن پٺاڻ ڳوڙهي مطالعي ۽ اڻٿڪ محنت سان اھي بہ ڪاميابيون حاصل ڪيون آھن، جيڪي خواب خيال ۾ بہ نہ ھيون. ڪھاڻي جڏھن لکجي رھي ھئي تہ منھنجي ھمدردن ۽ دوستن ’گنگا جمنا‘ ۾ تبديلين جون تجويزون ڏنيون. اھو آئون ٻڌائي چڪو آهيان تہ منھنجو ڀاءُ ناصر جنھن جي ڪيريئر کي بھتر ڪرڻ لاءِ ھيءَ فلم ٺاھي رھيو ھئس، سو سمجهي رھيو ھو تہ فلم ٺاھي آئون وڏي غلطي ڪري رھيو آھيان. پھرئين ئي ڏينھن ھن جو اھو چوڻ هو تہ ڏسندڙ مون کي قانون شڪن جي روپ ۾ بلڪل بہ پسند نہ ڪندا. مون سڀني جون ڳالھيون ٻڌيون پر مسودي ۾ بنا ڦيرڦار جي فلم تي ڪم ڪرڻ شروع ڪري ڏنم.
’گنگا جمنا‘ جڏھن رليز ٿي تہ سڀني تعريف ڪئي. 1960ع ۾ اسان فلم ’گنگا جمنا‘ کي برطانيا جي ’پائِن وُوڊ اسٽوڊيو‘ مان ’ٽيڪني ڪلر‘ ڪرايو ھو، پروسيسنگ ڪرڻ وارا ٽيڪنيشنز فلم مان متاثر ٿيا ھئا، انھن مشورو ڏنو تہ فلم کي ’آسڪر ايوارڊ‘ لاءِ رجسٽر ڪرايو وڃي. چيڪو سلوواڪيا جي شھر ڪارلووي، بوسٽن، قاھرہ ۽ ٻين ملڪن جي شھرن ۾ جڏهن ’گنگا جمنا‘ ڏيکاري وئي تہ تمام گهڻي پسند ڪئي وئي ۽ منھنجي اداڪاري جي بہ تعريف ڪئي وئي. مغرب جا فلمي صحافي اھو ڄاڻڻ چاهيندا هئا تہ فلم لاءِ ايڏي محنت ڪيئن ڪئي وئي آهي؟ ڇو تہ انھن مطابق اھڙي قسم جي فلم ٺاھڻ لاءِ طويل تحقيق جي ضرورت پوندي آهي. ’گنگا جمنا‘ جي ھڪ ٻي خاص ڳالھ نوشاد ميان جو ميوزڪ ھو. ھن فلم ۾ نوشاد ميان جون ترتيب ڏنل ڌنون اڄ بہ ماڻھن ۾ مقبول آھن.
1954ع ۾ ٺھيل محبوب خان جي فلم ’امر‘ ۽ ان کان پھرين جي 1953ع ۾ ٺھيل ضياء سرحدي جي فلم ’فٽ پاٿ‘ ۾ اينٽي ھيرو رول ڪري چُڪو ھئس، پر اھي فلمون ايڏيون مشھور نہ ٿيون ھيون. ’گنگا جمنا‘ ۾ ھڪ ڏوھاريءَ جي حيثيت ۾، ڏسندڙن جون ھمدرديون ھيرو سان ھيون. ’گنگا جمنا‘ جي ڪلائمڪس جي لاءِ مون ھفتن جا ھفتا غور فڪر ڪيو ھو، ان جو اھو نتيجو نڪتو تہ گنگا جي مرڻ جو منظر ماڻھن جي دلين ۽ ذھنن ۾ ھميشہ لاءِ نقش ٿي ويو. اڄ بہ ماڻھو ان منظر کي ياد ڪن ٿا. ’گنگا جمنا‘ جي لوڪيشن ڪيترائي مھينا رلڻ کان پوءِ ڳوليسين. اها جڳھ ’اگت پوري‘ ۾ ھئي، جيڪا رياست مھاراشٽر ۾ آھي. بمبئيءَ کان تقريباً 120 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آهي. ھي لوڪيشن مون بدرالدين قاضي (جنھن کي توھان جوني واڪر جي نالي سان سڃاڻو ٿا) سان گڏ گهمڻ دوران ڏٺي هئي. ھن جڳھ جي چونڊ منھنجي پنھنجي ھئي، جيڪا منھنجي فلم ’گنگا جمنا‘ جي رليز ٿيڻ کان پوءِ ڪيترين ئي فلمن ۾ ڏيکاري وئي.
’گنگا جمنا‘ جي شوٽنگ دوران آصف پنھنجي فلم ’مغلِ اعظم‘ جي عڪس بندي ڪري رھيو ھو. راجسٿان جي شديد گرمي ۾ مون کي وزني ۽ ٿلھا ڪپڙا پائي سين ڀرائڻا پوندا هئا، جسم تي نشان ٿي ويندا هئا، جيڪي آئون ’گنگا جمنا‘ جي شوٽنگ دوران وڏي محنت سان لڪائيندو ھئس. انھن ڏينھن ۾ ميڪ اپ جو سھوليتون اڄ وانگر نہ ھيون ۽ نہ ئي وري سامان ۽ ٽيڪنڪس ھوندي ھئي. راجسٿان ۾ ’مغلِ اعظم‘ فلم جي شوٽنگ کان پوءِ ھيلي ڪاپٽر ذريعي بمبئي ايندو ھئس. بمبئيءَ کان ڪار ذريعي ’گنگا جمنا‘ جي لوڪيشن تي ويندو ھئس. ٻنھي فلمن لاءِ ھڪ جڳھ کان ٻي جڳھ وڃڻو پوندو هو ۽ سخت محنت ڪرڻي پوندي هئي. شپورجِي مستري ’مغلِ اعظم‘ جو شريڪ پروڊيوسر ھو. ھُو پنھنجن پٽن ۽ آفيس جي ملازمن کي چوندو هو تہ، ”محنت ڪيئن ڪجي، اھو دليپ ڪمار کان سکو.“ منھنجي محنت ۽ مشقت کي ڏسندي، ھُو منھنجي لاءِ وڌ کان وڌ آرامدہ سفر جو انتظام ڪندو هو. شپورجِي مون سان پٽن جھڙي محبت ڪندو ھو. ھن سان ھر موضوع تي طويل گفتگو ٿيندي ھئي.
پالي ھل باندرہ ۾ اوچي جڳھ تي مون ھڪ وڏو ۽ انتھائي خوبصورت بنگلو خريد ڪيو هو، پر ان بنگلي بابت ڀائرن ۽ ڀينرن کي نہ ٻڌايو ھئم. ھڪ ڏينھن انھن کي سرپرائز ڏيڻ لاءِ گاڏيءَ ۾ ويھاري بنگلي تي وٺي ويس. کيسي مان چاٻي ڪڍي بنگلي جو تالو کولڻ لڳس تہ سڀ حيران ٿيا. چوڻ لڳا، ”ڪنھن جو بنگلو آهي؟“ مون چيو، ”اڄ کان پوءِ اھو منھنجو آھي.“ افسوس ان وڏي بنگلي ۾ بہ ڀائرن ۽ ڀينرن جي جهيڙي مون کي سڪون سان رھڻ نہ ڏنو. ھُو ننڍين ننڍين ڳالھين ۾ مون کي وچ ۾ آڻيندا ھئا. ھنن کي پنھنجي عيش و آرام ۽ آسائشن جو فڪر ھوندو ھو. ھنن جو خيال هو تہ ھر آسائش آئون انھن کي ميسر ڪري ڏيان. انھيءَ مطالبي تي ھنن کي ڪجهہ بہ محسوس نہ ٿيندو ھو. ان جو اھو نتيجو نڪتو جو آئون ڀائرن ۽ ڀينرن کان پري ٿي ويس. تنگ ٿي آئون بنگلي جي ھڪ ننڍڙي ڪوٺي ۾ الڳ رھڻ لڳس.
1960ع جي ڏھاڪي ۾ ’بمبئي پروڊيوسرز ايسوسيئيشن‘ اداڪارن جي ھڪ وقت ۾ ھڪ کان وڌيڪ فلمن تي پابندي لڳائي ڇڏي. آئون تہ عام طور ھڪ وقت تي ھڪ ئي فلم ۾ ڪم ڪندو ھئس. منھنجي لاءِ اھا پابندي مسئلو نہ ھئي، پر مون ايسوسيئيشن جي ان عمل کي اداڪارن جي آزاديءَ جي خلاف سمجهيو. ٻئي طرف منھنجي گهر ۾ ھر وقت ٿيندڙ جهيڙي بہ منھنجو سڪون برباد ڪري ڇڏيو هو، ان ڪري مدراس ھليو ويس. مدراس ۾ بي ناگي ريڊي جي فلم ’رام اور شيام‘ کان سواءِ پي ايس ويرپا جي ’آدمي‘ تي ڪم شروع ڪري ڇڏيم. رام شيام ۾ وجنتي مالا منھنجي ھيروئين ھئي پر اوچتو ھڪ اھڙو واقعو پيش آيو، جنھن کان پوءِ ھن کي فلم مان ٻاھر ڪيو ويو. چڱي طرح ياد نہ آهي، شايد ساڙھيءَ جو معاملو ھو يا ڪنن جون واليون ھيون، وجنتي مالا پسند ڪيون ھيون. اسسٽنٽ ڄاڻي ٻجهي ٻي فنڪارہ کي اھي شيون ڏيئي ڇڏيون ھيون. وجنتي جهيڙو ڪيو ھو، ان حرڪت تي بي ناگي ريڊي شائستہ طريقي سان کيس فلم مان ڪڍي ڇڏيو. ان جي جڳھ تي وحيده رحمان کي کنيو ويو. غلطي وجنتيءَ جي پنھنجي ھئي، پر ھُو سدائين مون تي فلم مان ڪڍائڻ جو الزام ھڻندي ھئي.

سائرا بانو جي آمد

فلم ’رام شيام‘ جي منھنجي زندگيءَ ۾ خاص اھميت آھي.
1966ع جي ھيءَ ئي منھنجي اُها فلم آھي، جنھن دوران منھنجي سائرا سان شادي ٿي هئي. ماڻھو اسان جي شاديءَ متعلق ڪيتريون ئي فرضي ڪھاڻيون ڪندا آهن. اسان جي پھرين ملاقات ان وقت ٿي ھئي، جڏھن ھُوءَ ۽ ان جو ڀاءُ سلطان احمد لنڊن ۾ پڙھي رھيا ھئا، سائرا جي والدہ نسيم بانو فلمي صنعت جو ھڪ اھم نالو ھو. ھن ’پڪار‘ فلم ۾ مغل بادشاھ جھانگير جي زال نورجھان جو ڪردار ڪيو ھو. سائرا جو پيءُ محمد احسان بہ ھڪ بھترين انسان ھو. منھنجي ڀاءُ ايوب ھڪ فلم ٺاھي ھئي، ان ۾ نسيم بانو ڪم ڪيو ھو، منھنجي ڀيڻ اختر سندس وڏي مداح ھئي. پالي ۾ اسان جي بنگلي تي موسيقيءَ جون محفلون ٿينديون هيون، جن ۾ مشھور ستارہ نواز استاد ولايت خان ۽ استاد بڙي غلام علي خان شريڪ ٿيندا هئا. اھڙي ھڪ محفل ۾ سائرا پنھنجي والدہ سان گڏ آئي. انھن ڏينھن ۾ سائرا لنڊن مان موڪل تي آيل ھئي. منھنجي فلم ’آن‘ سائرا لنڊن جي هڪ ٿيٽر ۾ ڏٺي هئي. مسز محبوب خان، مسز بھار، ايس مکرجي صاحب ۽ ٻين ذريعن کان معلوم ٿيو تہ ھُوءَ ننڍڙي ڇوڪري (سائرا) منھنجي محبت ۾ گرفتار ٿي وئي آهي. خبر پئي تہ ھُوءَ لنڊن مان پنھنجي والدہ کي خط لکي منھنجي پسند، ناپسند ۽ منھنجي مصروفيت متعلق پڇندي رھندي آھي،
ھن کي اھا بہ خبر ھئي تہ آئون فارسي ٻوليءَ ۽ شاعريءَ کي پسند ڪيان ٿو. بعد ۾ خبر پئي تہ ھُوءَ جڏھن لنڊن مان واپس آئي تہ والدہ کي چئي پنھنجي لاءِ ھڪ عالم مقرر ڪرايائين، اھو عالم صاحب ’دربار نظام حيدرآباد دکن‘ سان لاڳاپيل رهيو ھو. اھو عالم، سائرا کي اردو ۽ فارسيءَ جي تعليم ڏيندو هو. سائرا جو گهر بمبئيءَ ۾ نِپِيَن سِي روڊ حيدرآباد اسٽيٽ ۾ ھو، جتي مولوي صاحب روز ان کي پڙھائڻ ايندو هو. سائرا، اھو مون کي متاثر ڪرڻ لاءِ ڪري رھي ھئي، پر مون سائرا کي گهڻي اھميت نہ ڏني. آئون کيس غير سنجيدہ سمجهي رھيو ھئس. ڪجهہ وقت کان پوءِ خبر پئي تہ سائرا فلمن ۾ ڪم ڪرڻ گهري ٿي. ڪجهہ مسلمان خاندانن ۾ ان وقت ڇوڪرين جو فلمن ۾ ڪم ڪرڻ خراب ڳالھ سمجهيو ويندو ھو. سائرا جي خاندان جو ايس مکرجي تي وڏو اعتماد ھوندو ھو. مکرجي انھن جو خيرخواھ ھو. ھن جڏھن مون کي سائرا جو فلمن ۾ ڪم ڪرڻ جو ٻڌايو تہ مون چيومانس، ”ھن کي فلمي دنيا ۾ نہ اچڻ گهرجي.“ اي آر ڪاردار جي فلم ’دل دِيا درد ليا‘ جي شوٽنگ جي سلسلي ۾ محبوب خان جي گهر ۾ ھڪ تقريب ٿي رھي ھئي. سائرا بہ اتي موجود ھئي. ايس مکرجي چيو، ”يوسف ھن ڇوڪريءَ کي تو سان ڪم ڪرڻ جو وڏو جنون آهي.“
وارن کي ھٿ سان مٿي ڪندي چيم، ”ھي مٿي جا وار ڏسين ٿي، اڇا ٿي ويا آھن، آئون تو کان ڄمار ۾ گهڻو وڏو آھيان ۽ کائڻ جو کڏو آھيان، سوئر وانگر کائيندو آھيان.“ مون کي اڃا تائين ياد آهي تہ، منھنجي ڳالھ ٻڌي سائرا کِلي ھئي ۽ چيو ھئائين، ”منھنجي خيال ۾ اڇا وار توھان کي سٺا ٿا لڳن.“
سائرا جي پھرئين فلم ’جنگلي‘ نھايت ئي ڪامياب ٿي، ان کان پوءِ ڪاميابي ڄڻ ھن جا ڏينھن رات قدم چمڻ لڳي ھئي. ھُوءَ مشھور ھيروئين ٿي وئي. راج ڪپور، ديوآنند، سنيل دت، شمي ڪپور، راجندر ڪمار سميت ھر مشھور ھيرو سان گڏ ھن فلم ڪئي، سواءِ دليپ ڪمار جي. ڏسندڙن طرفان اھو مطالبو سامھون آيو تہ دليپ ۽ سائرا کي فلم ۾ ھاڻ گڏ اچڻ گهرجي. ان دوران سائرا طرفان وقت جي بھترين پروڊيوسرن ذريعي مون کي پيغام ملندا رھيا، ’اچڻ واري ڪنھن فلم ۾ مون سان گڏ ڪم ڪيو.‘
مون کي انھن ڏينھن ۾ فلمن جي مھورتن جون ڪيتريون ئي دعوتون ملنديون هيون. سائرا جي فلمن جي تقريبن ۾ بہ سڏيو ويندو هو. ھڪ ڏينھن آئون فلم ’ساز اور آواز‘ جي تقريب ۾ ويس. سائرا مون کي چيو، ”توھان رڳو تقريبن ۾ ايندؤ يا ڪڏھن فلم ۾ ڪم ڪرڻ جو بہ موقعو ڏيندؤ.“
دراصل سائرا جي باري ۾ منھنجو ذھن اھو قبول نہ ڪري رھيو ھو تہ ھُوءَ ھاڻ وڏي ٿي چڪي آهي. آئون ھمعمر اداڪارائن سان گڏ فلمن ۾ ڪم ڪري چڪو ھئس. طويل عرصي جي انتظار کان پوءِ ھُوءَ ھاڻ مون کان ناراض رھڻ لڳي ھئي. مون محسوس ڪيو تہ ھن جو مون سان رَوَيو ڪاوڙ وارو ٿي ويو ھو. ڪڏھن ڪڏھن تہ ھُوءَ نفرت ڪرڻ لڳندي هئي. شايد ھُوءَ اھو محسوس ڪرائي رھي ھئي تہ منھنجي عدم دلچسپي ھن جي عزتِ نفس کي مجروح ڪيو آهي. ’فلمايا فلم اسٽوڊيو‘ ۾ سائرا ۽ امان جِي (سائرا جي ناني شمشاد عبدالوحيد خان) سان ملاقات ٿيندي رھندي ھئي، آئون امان کي سلام ڪندو ھئس، ھُوءَ مون سان تمام گهڻي محبت ڪندي هئي. سائرا جو ردِعمل بہ سٺو ھوندو ھو، پر ڪجهہ ڏينھن کان پوءِ سائرا جي رَوَيي ۾ تبديلي اچي وئي. سلام ڪرڻ وقت ھُوءَ مغروريءَ مان مُنھن ٻئي پاسي ڪري ڇڏيندي هئي، ڄڻ ھُوءَ مون کي سڃاڻندي ئي نہ ھجي. سائرا جي اھڙي رَوَيي تي آئون حيران ھئس. ھن جو خيال هو تہ ان رَوَيي سان مون تي اثر پوندو.
فلم ’رام اور شيام‘ جي شوٽنگ شروع ٿيڻ واري ھئي. پروڊيوسر تجويز ڏني تہ سائرا کي مون سان گڏ ھيروئين جو رول ڏنو وڃي، پر مون انڪار ڪري ڇڏيو. منھنجو انڪار جھڙوڪر ’ککر کي کڙو‘ ھڻڻ هو، بس پوءِ تہ ھن جي ڪاوڙ جي حد نہ رھي، مختلف طريقن سان ھُوءَ ڪاوڙ جو اظھار ڪندي رھي.
’رام اور شيام‘ فلم تي تيزيءَ سان ڪم ھلي رھيو ھو ۽ آئون ڪم ۾ مصروف ھيس. انھن ئي ڏينھن ۾ 23 آگسٽ 1966ع تي نسيم آپا، سائرا جي سالگره جي دعوت ڏني. مون کي اندازو ئي نہ ھو تہ منھنجي زندگيءَ ۾ فيصلائتو موڙ اچڻ وارو آهي. جنھن ڏينھن مون کي دعوت ملي، ان ڏينھن آئون مدراس ۾ ھيس. سالگره جي تقريب ۾ شرڪت لاءِ خصوصي جھاز وسيلي بمبئي اچڻو پيو. پالي ھل ۾ ھن جو نئون بنگلو، اسان جي گهر جي ويجهو ھو، پر آئون ڪار ۾ انھن جي گهر ويس. بنگلي ۾ داخل ٿيندي ئي منھنجي نظر سائرا تي پئي. ھن جو حسن ۽ خوبصورتي ڏسي آئون ششدر ٿي ويس. مون ھن کي ھٿ ڏنو تہ ھن مسڪرائي پنھنجائپ جو اظھار ڪيو. ھي اھي ئي لمحا ھئا جڏھن مون سوچيو ھو تہ قسمت منھنجو جِيوَن ساٿي چونڊي ڇڏيو آهي.
ان تقريب ۾ فلم جون وڏيون شخصيتون شامل ٿيون ھيون، خوشيءَ جو ماحول ھو، سائرا سڀني سان عزت ۽ احترام سان پيش اچي رهي هئي. پنھنجي والدہ جي ساھيڙين سان سندس رَوَيو ڏاڍو احترام وارو نظر اچي رهيو هو. ان دوران آئون ماضيءَ ۾ ھليو ويس. ’ڪوئمبُتُور‘ (ھاڻي تامل ناڊو) ۾ 1955ع جي ٺھيل فلم ’آزاد‘ جا منظر ياد اچي ويا. شوٽنگ دوران ايس ايس وسن صاحب جي معرفت سچين اڳڪٿين جي حوالي سان ھڪ مشھور جوتشيءَ سان ملاقات ٿي. ھُو ھڪ عجيب ماڻھو ھو، ھن جي پيشانيءَ تي ٽڪو لڳل ھو. ھن منھنجي ھٿن ۽ منھن کي غور سان ڏٺو، پوءِ ھڪ جَدوَل ٺاھيائين. مون کي غور سان ڏسندو ۽ مُرڪندو رھيو. ھن اسان جي پشاور واري گهر، والدين، ڏاڏي، ڏاڏو، ٻارن، گهر جي پاسي مان وھندڙ چشمي جي باري ۾ تفصيل سان ٻڌايو. آئون حيران ٿي ويس، ڪجهہ گهڙيون ترسي ٻڌايائين تہ ھن کي اھا خبر قديم ترين ڀريگو سترہ وسيلي پوندي آھي. ھن اھو بہ ٻڌايو تہ، ”تنھنجي شادي 40 سالن جي ڄمار کان پوءِ ٿيندي. زال جي ڄمار تنھنجي عمر جي اڌ جيتري ھوندي، زال خوبصورتيءَ ۾ پنھنجو مٽ پاڻ ھوندي، اھا مائي تو سان بي انتھا محبت ڪندي. ھن جو تعلق فلمي دنيا سان ھوندو. تنھنجي غلطين جي ڪري ھُوءَ سخت بيمار ٿيندي. ھُوءَ تنھنجي محبت ۾ ھر تڪليف برداشت ڪندي.“ جوتشيءَ جي ڳالھين تي مون کي حيرت تہ ضرور ٿي، پر سچي ڳالھ اھا آھي تہ اھڙي قسم جي اڳڪٿين ۽ علم نجوم تي مون کي اعتقاد نہ ھو. جوتشيءَ جون ڳالھيون، مون ھڪ ڪَنَ کان ٻڌي ٻئي ڪَنَ مان ڪڍي ڇڏيون.
مصروف ترين زندگيءَ جي ڪري مون جوتشيءَ جون ڳالھيون وساري ڇڏيون ھيون. اڄوڪي سالگره تقريب ۾ جوتشيءَ جون اھي ڳالھيون ياد اچڻ لڳيون. منھنجي دل ۽ دماغ چيو تہ ڪنوار جو ننڍو ھجڻ، خوبصورتي، منھنجي لاءِ ھن جو بيحد پيار، ھي تہ اھي ئي ڳالھيون آھن، جيڪي گهڻو عرصو پھرين جوتشيءَ ٻُڌائي ڇڏيون هيون. سالگره جي تقريب کان پوءِ آئون سڌو مدراس ھليو ويس، جتي منھنجي شوٽنگ ھلي رھي ھئي.
ٻئي ڏينھن صبح مون سائرا جي امان کي مھرباني چوڻ لاءِ فون ڪيو تہ فون سائرا کنيو. مون چيو، ”يوسف ٿو ڳالھايان.“ ھُوءَ شرارت مان چوڻ لڳي، ”ڪھڙو يوسف؟ ڪنھن سان ڳالھائڻو آھي؟“ ھن مون کي سڃاڻي ورتو هو ۽ شرارت ڪري رھي ھئي. مون دعوت ڏيڻ جي مھرباني مڃي. ھاڻي آئون سائرا کي بار بار فون ڪرڻ لڳس ڇو تہ ھُوءَ مون کي گهڻو ياد ايندي هئي. ھن جي ياد ايترو ستايو جو ھن سان ملڻ لاءِ بمبئيءَ ھليو ويس. بمبئي پھچڻ وارو ئي ھئس تہ ھڪ دوست جي فون اچي وئي، ھو ڪنھن ٽئڪس جي مسئلي ۾ ڦاٿل هو. سائرا ان وقت فلم ’جهڪ گيا آسمان‘ جي شوٽنگ ۾ مصروف ھئي. آئون ان سان ملڻ اسٽوڊيو ھليو ويس، ھُوءَ پُسيل ڪپڙن سان منھنجي سامھون اچي وئي. پُسيل بدن سان ڪو گيت فلمايو پئي ويو. مون هن کي ٻڌايو تہ، ”دوست جي مسئلي جي ڪري شام جو نہ ملي سگهندس“ تہ ھُوءَ ناراض ٿي وئي ۽ چوڻ لڳي تہ، ”پوءِ مون سان ملڻ جي ڪوشش نہ ڪجو.“
”ٺيڪ آ دوست جي مدد ڪرڻ کان پوءِ توکي وٺڻ ايندس.“ دوست جي ڪم کان واندو ٿي سائرا کي تاج سِي لائونج وٺي ويس، پر اتي ھڪ مسئلو ٿي پيو. منھنجي ھڪ اڳوڻي دوست جو بار بار فون اچڻ لڳو. سائرا منھنجي پاسي ۾ ويٺي ھئي. ان عورت سان ڪافي وقت پھرين منھنجو تعلق ٽُٽِي چڪو هو. ان عورت سان منھنجا تعلقات جُڙڻ ۽ پوءِ ٽُٽڻ، منھنجي لاءِ ھڪ ڏکيو دؤر ھو. بار بار فون اچڻ جي ڪري سائرا جو موڊ خراب ھو. تاج سِي لائونج ھوٽل مان نڪتاسين تہ مون ڊرائيور کي چيو تہ سمنڊ تي ھل. ڪافي وقت سمنڊ تي ويٺي، اسان ھڪٻئي سان نہ ڳالھايو، فقط سمنڊ جي ڇولين جو آواز ٻڌندا رھياسين. سائرا جو موڊ اڃا تائين ان عورت جي فون جي ڪري خراب ھو. مون خاموشيءَ کي ٽوڙيندي سائرا کي چيو، ”سائرا تون اھڙي ڇوڪري ناھين جو توسان رڳو وقت پاس ڪيان، مان توسان شادي ڪرڻ ٿو چاهيان. ڇا تون مون سان شادي ڪندينءَ؟“
چيائين، ”اھا ڳالھ تون ڪيترين ڇوڪرين سان ڪري چُڪو آھين؟“
عام حالتن ۾ اھڙي قسم جي ڳالھ خراب لڳي ھا، پر سائرا جي صاف گوئيءَ جي ڪري مون کي خراب نہ لڳي. مون چيو، ”سائرا تون محبت ۽ شادي ڪرڻ جي قابل آھين، اھو آئون سچ ٿو چوان، شاديءَ لاءِ مون کي تو جھڙي ڇوڪريءَ جي ڳولا ھئي بلڪہ منھنجي امان کي بہ مون لاءِ تو جھڙي ڇوڪريءَ جي ڳولا ھئي.“ اھو ٻڌي سائرا مرڪي مون ڏي نھاريو ۽ مون کي پنھنجي سحر ۾ مبتلا ڪري ڇڏيائين.
نپين سي روڊ تي اسان آھستي آھستي ڊرائيونگ ڪندي، ھن جي ماءُ جي فليٽ تي وياسين. منھنجي خواھش ھئي تہ مون سائرا جي ٻانھن گهري آھي تہ امان جِي، نسيم آپا، سلطان ۽ ان جي زال راحت بيگم کان بہ اجازت وٺان. سائرا مون کي ٻڌايو ھو تہ ھُوءَ روزانو سمھڻ کان پھرين ﷲ کان اھا دعا گهرندي آھي تہ آئون وڏي اداڪارہ ۽ دليپ ڪمار جي زال ٿيان. حالانڪہ ان وقت تائين ھُوءَ پاڻ کي ھڪ وڏي اداڪارہ طور ثابت ڪري چڪي هئي.
سائرا جي پراڻي گهر پھتاسين تہ سائرا جي ناني ۽ ان جي ڀيڻ خورشيد بيگم بہ اتي موجود ھيون. مون انھن سان سائرا جي رشتي جي ڳالھ ڪئي. امان جِي منھنجي پيشانيءَ تي چمي ڏني ۽ دعا ڏنائين، ”ياﷲ ھنن جي جوڙي کي سلامت رکجان.“ سائرا جي ناني سان ملڻ کان پوءِ اسان پالي ھل واري بنگلي تي ھليا وياسين. نسيم آپا اسان جي ڀرپور آجيان ڪئي، ھُوءَ مون سان ھميشہ پيار، محبت ۽ شفقت سان پيش ايندي هئي... پوءِ تہ نسيم آپا ۽ ان جو پٽ سلطان منھنجي روزمره جي زندگيءَ ۾ منھنجي لاءِ اھم ٿي ويا. رشتي جي ڳالھ ٻڌي، آپا مون کي مبارڪون ڏنيون ۽ ڪنھن رسم تحت مون کي ڏھي ۽ مٺو کارايو ۽ پوءِ ھڪ لذيذ کاڌو کارايو. سائرا ان وقت تمام گهڻي خوش ھئي ۽ شايد بکايل بہ ھئي، پر گهڻي جذباتي ٿيڻ جي ڪري صحيح طريقي سان ماني نہ پئي کائي سگهي. ننڍڙو گرھ وات ۾ وجهڻ کان پوءِ يڪو پئي چٻاڙيائين، ان تي مون ھن کي چيو، ”سائرا پنھنجو ئي گهر سمجهو، کائڻ ۾ حجاب نہ ڪيو.“
ٿوري ئي دير گذري ھئي جو، سائرا پنھنجي ماءُ کان مون کي پنھنجي گهر تائين ڇڏڻ لاءِ اجازت ورتي. لنڊن ۾ رھڻ، پڙھڻ ۽ وڏي ٿيڻ کان پوءِ بہ امان جِي ۽ نسيم آپا، سائرا کي وڏي لاڏ ڪوڏ سان پاليو ھو. منھنجو گهر انھن جي گهر کان ٿوري ئي فاصلي تي ھو، پر اسان ڪارٽر روڊ تي ٻہ منزلہ عمارت جي پاسي ۾ بيھي رھياسين، جتي منھنجو ڀاءُ ناصر پنھنجي اداڪارہ زال پارہ ۽ ٻارن سان گڏ رھندو ھو. انھيءَ عمارت ۾ منھنجو دوست اداڪار گوبندو ڀٽاچاريہ بہ رھندو ھو. زور سان ھارن وڄائڻ جي ڪري گوبندو پريشانيءَ وچان ڀڄندو، دريءَ وٽ اچي بيٺو. مون کيس چيو تہ، ”ٿڌي پاڻيءَ جي بوتل جلدي کڻي ھيٺ اچ.“ ھُو ڪار جي ويجهو آيو ۽ مون سان ڳالھائڻ لاءِ جيئن ئي ڪنڌ جهڪائي اندر مون سان ويٺل سائرا کي ڏٺائين تہ ذري گهٽ بيھوش ٿيو ھو. ان وقت گوبندو، آصف جي فلم ’سستا خون مھنگا پاني‘ ۾ سائرا سان گڏ ڪم ڪري رهيو هو. ٻين ڪيترن ئي دوستن کان علاوہ گوبندو، نذر حسين صاحب ۽ سنجيوِ ڪمار ذريعي منھنجي ۽ سائرا جي وچ ۾ نياپا پھچندا ھئا. ڇو تہ اھي ھڪ ئي وقت مون سان بہ گڏ ڪم ڪري رهيا هئا. مون کي ٻڌائيندا رھندا ھئا تہ سائرا منھنجي لاءِ پريشان رھي ٿي. اسان پسار لاءِ سمنڊ تي ھليا وياسين. آھستي آھستي ھلندي اسان ڳالھائي رھيا ھئاسين، آسمان تي ڪڪر ڇانيل هئا، اوچتو ھلڪي ھلڪي بونداباندي شروع ٿي وئي. اسان سمجهيو تہ قدرت اسان جي ملڻ تي مھربان ٿي وئي آهي. مون پنھنجي جيڪيٽ لاھي سائرا کي پارائي. منھنجيون ھزارين شيون سائرا سنڀالي رکيون آھن، انھن ۾ اھا جيڪيٽ بہ آھي.
اسان جڏھن واپس اچي رھيا ھئاسين تہ، منھنجي گهر جي دروازي تي منھنجي ڀاءُ ناصر جي ڪار بيٺل ھئي. ناسيڪ ۾ اسان جو پولٽري جو ڪاروبار ھو، جيڪو ناصر سنڀاليندو هو. ان سلسلي ۾ ھُو مون سان رابطي ۾ رھندو ھو. سائرا سان شادي ڪرڻ واري خوشيءَ جي خبر سڀ کان پھرين ناصر کي ٻڌائڻ چاھيم. ناصر مون کان پوءِ ڄائو هو. هُو نھايت ئي پيارو، کِلمُک ۽ منھنجو دوستن جھڙو ڀاءُ ھو. آئون سائرا کي مٿي وٺي ويس، ھُوءَ پريشان ٿي رھي ھئي. مون کيس تسلي ڏيندي چيو، ”پريشان ٿيڻ جي ڪا بہ ڳالھ ڪونھي.“
ناصر حسبِ معمول پيار ۽ محبت سان پيش اچي رهيو هو. ڪجهہ منٽن کان پوءِ مون هن کي ٻڌايو تہ اسان شادي ڪرڻ وارا آھيون. ھن خوشيءَ مان وڏو ٽپ ڏنو ۽ مون کي ڀاڪرن ۾ ڀري ورتائين ۽ چيائين، ”يار اھڙو ڀوڳ نہ ڪر، ھي سڀ ڪجهہ ڪيئن ٿيو؟ مون کي تہ يقين ئي نہ پيو اچي. اھا تہ وڏي خوشيءَ جي خبر آھي.“
ناصر کي خوش ڏسي مون پنھنجي پاڻ کي چيو تہ ھاڻي منھنجي خوشي جي پُورڻتا ٿي وئي آهي. ھاڻي آئون ھر ٻئي ڏينھن شام جو جھاز وسيلي مدراس کان بمبئي ايندو ھئس. نپين سي روڊ واري گهر ۾ سائرا، ھن جي والدہ ۽ ناني سان گڏ ماني کائيندو ھئس. انھن سان زبردست وقت گذرندو هو. شاديءَ کان ڪيترائي سال پوءِ سائرا مون کي ڀوڳ ۾ ڳائي ٻڌايو تہ ھڪ گهر ٺاھيو آھي، تنھنجي گهر جي سامھون، ھن تفصيل سان ٻڌايو تہ ھُوءَ منھنجي گهر جي ويجهو پنھنجو گهر ٺاھڻ چاھيندي ھئي. اھو ئي سبب آهي جو وڏي ڳولا کان پوءِ ھن کي پالي ھل ۾ منھنجي گهر جي ويجهو پلاٽ مليو ھو، جتي ھن بنگلو ٺھرائي رھائش اختيار ڪئي. اسان جي ميلاپ جي خبر جهنگ ۾ باھ وانگر پکڙجي وئي ۽ خبرن جو ھڪ تسلسل وڏي تيزيءَ سان رونما ٿيڻ لڳو.

شاديءَ جو ڏينھن

مون فيصلو ڪري ڇڏيو هو تہ ٿيڻ واري زال کي منھنجي ڄمڻ کان وٺي هيستائين مون سان جيڪو ڪجهہ وھيو واپريو آھي، سڀ ٻڌائيندس. آغاجِي ۽ امان جي وفات کان پوءِ پنجن ڀائرن ۽ ڇھن ڀينرن جي اڳيان منھنجي حيثيت ماءُ پيءُ واري ٿي وئي ھئي. انھن جو خيال رکڻ مون تي فرض بڻجي چڪو هو. فلمي مصروفيتن باوجود ڀائرن ڀينرن لاءِ وقت ڪڍڻ، انھن لاءِ ڪپڙا ۽ ٻيون شيون خريد ڪرڻ، منھنجي لاءِ وڏو سُڪون ھوندو ھو، انھن جا ڪپڙا بہ آئون سبرائيندو ھئس. ڀينرن جي ڪپڙن ۽ شين وغيرہ جي خريداريءَ لاءِ مسز محبوب خان منھنجي مدد ڪندي ھئي. بمبئيءَ کان ھڪ سؤ ڪلوميٽر پري ھڪ جابلو علائقي لونا والا ۾ موڪلون گذاريندا ھئاسين. اتي اسان ھڪ سٺو گهر مسواڙ تي ورتو هو. جتي ننڍا ڀائر ۽ ڀينرون ايترا خوش ٿيندا هئا، جو بمبئي واپس اچڻ تي دل ئي نہ چوندي هئي. مون سڀني کي سندن خواھش مطابق تعليم ڏياري. جيڪڏهن ڪنھن ٻاھرئين ملڪ وڃڻ جي خواهش ڪئي تہ ان کي بنا دير پورو ڪيم. مختصر اھو تہ مون پنھنجن ڀائرن ۽ ڀينرن لاءِ سڀ سھوليتون ۽ خوشيون ميسر ڪرڻ پنھنجو نصب العين ٺاھي ڇڏيو هو.
ھڪ ڏينھن آئون ۽ سائرا سمنڊ تي ويٺا ھئاسين. مون کيس پنھنجي ڪنواري رھڻ جو سبب ڀائرن ۽ ڀينرن جي تربيت ٻڌايو. منھنجي زندگي مڪمل طور انھن جي ڪنٽرول ۾ ھئي. ھر لحاظ کان ھُو منھنجا مالڪ ھئا. ھي مون کي اڪيلو يعني غير شادي شدہ يا پاڻ سان گڏ ڏسڻ چاھيندا ھئا. آسمان کان منھنجي لاءِ ڪا حُور بہ اچي ان کي بہ قبول نہ ڪندا. ھُو مون کي پنھنجي ملڪيت سمجهن ٿا ۽ ھُو مون کي ڪنھن سان بہ گڏ ڏسڻ نٿا چاھين. تنھن ڪري توکي منھنجي زال طور قبول ڪرڻ انھن لاءِ ڏکيو ھوندو. ھتي غير شادي شدہ ڀينرون بہ رھن ٿيون ۽ ٻئي طرف شادي شدہ ڀينرن جو اچڻ وڃڻ بہ آھي. گڏ رھڻ سان ڪيترائي مسئلا ٿي سگهن ٿا، شادي ڪرڻ کان پوءِ اسان کي الڳ رھڻو پوندو.
سائرا، اھو سڀ ڪجهہ تحمل سان ٻڌو ۽ چيائين آئون پاڻ ھڪ ننڍڙي خاندان جو حصو آھيان. پنھنجي ماءُ، ناني، ڀاءُ ۽ ڀاڄائيءَ سان پيار ڪريان ٿي ۽ اھي بہ مون سان تمام گهڻو پيار ڪندا آهن. ان صورتحال کي سمجهان ٿي، تنھن ڪري توکي پنھنجن ڀائرن ۽ ڀينرن کان الڳ نٿي ڪرڻ چاھيان. تنھنجي جدا رھڻ واري ڳالھ بلڪل غلط آھي. ھن پنھنجي ڀاءُ جي باري ۾ ٻڌايو تہ ھن ھڪ سال پھريان شادي ڪئي هئي ۽ اڃا تائين سڀ گڏ رھندا آھن. سائرا مون کي چيو تہ شادي ڪرڻ کان پوءِ اسان جدا رھنداسين تہ غلط تاثر جڙندو.
سائرا منھنجي خاندان سان گڏ رھڻ جو فيصلو ٻڌايو. مون سائرا سان شادي ڪرڻ جي باري ۾ صرف ناصر کي ٻڌايو ھو. مون سوچيو تہ ادي سڪينہ کي آگاھ ڪيان، پر ان جي ممڪنہ ناگوار ردعمل کان مون کي پريشاني ٿي رهي هئي، ڇو تہ ھُوءَ ناصر کي ھر وقت ھڪ اداڪارہ سان شاديءَ تي ٽوڪيندي رھندي ھئي. بھرحال ھڪ ڏينھن مون اديءَ کي سڀ ڪجهہ ٻڌائي ڇڏيو. سائرا سان شاديءَ جي خبر ٻڌي ھُوءَ ڏاڍو مايوس ٿي. آئون اھو چوندو رھندو ھئس تہ ھڪ فلمي اداڪارہ سان ڪڏھن بہ شادي ڪونہ ڪندس. ان ڳالھ جو حوالو ڏيندي، ادي مون کي چيو تہ، ”تو ھڪ اداڪارہ سان شاديءَ جو فيصلو ڪري ورتو؟ جيڪا تو کان ڄمار ۾ بہ گهڻي ننڍي آھي!“
مون اديءَ کي ٻڌايو تہ، ”شاديءَ جو فيصلو تڪڙ ۾ ڪيو اٿم، پر منھنجن ٻين ڪيل ارادن وانگر گهڻو سوچ ويچار ڪيو اٿم، ڪنھن فلمي شخصيت سان شادي نہ ڪرڻ جو فيصلو ان ڪري ترڪ ڪيم ڇو تہ سائرا جو خاندان ھڪ سٺو خاندان ھو. ھن جو ڏاڏو خانبھادر محمد سليمان خان دھلي ميونسپل ڪارپوريشن جو چيف انجنيئر رھي چڪو هو. ھن ئي وائسراءِ ھائوس، وزيراعظم ھائوس، ڀارتي ايوانِ صدر، پارليامينٽ هائوس ۽ ٻيون عمارتون ٺاھيون ھيون. سائرا جو پيءُ محمد احسان لنڊن ۾ وڏو ٿيو ۽ اتي ئي پڙھيو ۽ پوءِ مشھور فلم پروڊيوسر ٿيو. نسيم بانو خوبصورت ۽ حسين، پھرئين درجي جي ھيروئين، وڏي شھرت جي مالڪه سائرا جي والدہ ھئي. ھن جي ناني شمشاد بيگم عبدالوحيد خان ھڪ مشھور ڪلاسيڪل گلوڪاره ھئي. ھُوءَ آل انڊيا ريڊيو تي سِڌو سنئون پنھنجي فن جو مظاهرو ڪندي ھئي.“ سائرا ۾ اھو سڀ خوبيون موجود هيون، جن جي مون کي ڳولا ھئي. اھو ئي سبب آهي جو مون ادي سڪينہ جي اڳيان ڪابہ وضاحت ڪرڻ ضروري نہ سمجهو ۽ مون ان کي صرف ايترو چيو تہ بھتر فيصلو ڪيو اٿم ۽ ان فيصلي تي مون کي خوشي آھي. ادي سڪينہ منھنجو جواب ٻڌي خاموش ٿي وئي، ھن مون سان ڪوبہ بحث نہ ڪيو، ھن منھنجي پڪي ارادي کي سمجهي ورتو هو.
2 آڪٽوبر 1966ع تي اسان جي مڱڻي جي خبر پوري انڊيا ۾ پکڙجي وئي. ميڊيا تي ڀرپور ڪوريج ڏني وئي. ريڊيو جي ھر بُليٽن ۾ اسان جي مڱڻي جي خبر شامل ھوندي ھئي. بمبئيءَ ۾ تہ ھڪ جشن جو ماحول ھو. ٻين شھرن ۾ بہ اسان جي مداحن جشن جون تياريون شروع ڪري ڇڏيون ھيون. ھر ھنڌ لائوڊ اسپيڪرن تي اسان جي مشھور فلمن جا گيت ھلايا پئي ويا. مڌو بالا کان تعلق ٽُٽڻ کان پوءِ منھنجا مداح سمجهندا ھئا تہ آئون ڪڏھن بہ شادي نہ ڪندس. منھنجي ويجهن دوستن کي بہ منھنجي فيصلي تي حيرت ٿي. راج ڪپور، ھَتِين چوڌري، بلراج، پران، ستيش ڀالا سميت، سڀ دوست حيران ھئا تہ اھو سڀ ڪجهہ ڪيئن ٿيو! نسيم آپا مون کي ٻڌايو ھو تہ، ”منھنجي رضامندي کان پوءِ سائرا ڏاڍي خوش ٿي هئي ۽ انتھائي خوشيءَ ۾ پنھنجي شاديءَ جي تيارين ۾ مصروف ھئي.“
مڱڻي جي ڪجهہ ڏينھن کان پوءِ ھڪ ڏينھن آئون فلم ’سنگهرش‘ جي لوڪيشن طئہ ڪرڻ لاءِ ڪلڪتي وڃي رهيو ھئس، سائرا ۽ ان جي ماءُ نسيم آپا کي بہ فلم ’جهڪ گيا آسمان‘ جي شوٽنگ لاءِ اوڏانھن وڃڻو ھو. اسان گڏ وياسين. مختلف تقريبن ۽ ريلين ۾ مون ڪيترائي ماڻھو ڏٺا آهن، پر ان ڏينھن جڏھن اسان ڪلڪتہ ايئرپورٽ تي لٿاسين تہ، ماڻھن جو سمنڊ ڏسي سچ پچ حيران ٿي ويو ھئس. ڪيترائي ماڻھو ايئرپورٽ جي سيڪيورٽي ھوندي بہ اسان جي جھاز جي دروازي تائين پھچي ويا هئا، ڪافي جدوجھد ۽ مشڪلاتن کان پوءِ اسان ڪار تائين پھتاسين. ماڻھن اسان سان ھڪ عجيب طريقي سان محبت جو اظھار ڪيو. اسان جي ڪار کي ماڻھن کڻي ورتو هو ۽ اسان ڪار ۾ ئي ھئاسين. ھر طرف کان مبارڪن جون صدائون اچي رھيون ھيون. اسان جي رھائش جو بندوبست ’ھوٽل گرينڊ‘ ۾ ٿيل ھو. جيئن تيئن ڪري اسان ايئرپورٽ کان ھوٽل تي پھتاسين. اتي سيڪيورٽي اهلڪارن اسان کي ڪِچن واري رستي کان ڪمرن تائين پھچايو. ٿوري ئي دير گذري تہ اسان جي ڪمري جا در کڙڪڻ لڳا ھئا. پرستار سڀ رڪاوٽون ٽوڙي ھوٽل جي اندر پھچي ويا هئا، پر انھن کي اسان جي ڪمرن جي خبر نہ ھئي. ان ڪري ھُو سڀني ڪمرن جي دروازن کي کڙڪائي رھيا ھئا. صبح جڏھن اٿياسين ۽ ڪمرن جي درين مان ٻاھر ڏٺوسين تہ ھوٽل جي سامھون وارو ميدان، جنگ جي ميدان وارو ڏيک ڏيڻ لڳو. ھر طرف جوتا، ٽوپيون، ڇٽيون، ڪپڙا ۽ ٻيو سامان ٽڙيو پکڙيو پيو ھو، شايد پوليس ماڻھن تي لاٺي چارج ڪري ڀڄايو ھو. سائرا جي شوٽنگ ملتوي ڪرڻي پئي، لوڪيشن تي پھچڻ ان جي وس ۾ نہ ھو.
اسان جي شادي جي خبر ٻڌندي ئي مداحن اسان جا رستا بند ڪري ڇڏيا هئا. ماڻھن کي اسان جي شاديءَ جي جلدي ھئي. منھنجي بہ اھا خواھش ھئي تہ شادي جلدي ٿئي. مون پنھنجي راءِ کان نسيم آپا کي آگاھ ڪري ڇڏيو هو. بمبئيءَ ۾ سائرا جي ڀاءُ سلطان کي بہ آگاھ ڪري ڇڏيو ھئم تہ اسان ھاڻي ڪلڪتي واپس اچون پيا. مون ڪجهہ ڏينھن ۾ سادگيءَ سان شادي ڪرڻ جو طئہ ڪري ڇڏيو هو. زندگيءَ جي اھم ترين فيصلي متعلق مون ادي سڪينہ، وڏي ڀاءُ نُور صاحب ۽ ان جي زال عقيلہ ڀاڄائيءَ کي آگاھ ڪيو، مون انھن سڀني کان اجازت گهري. منھنجو ھڪ ڀاءُ اسلم آمريڪا ۾ رھائش پذير ھو. ٻين ڀائرن ۾ ناصر ۽ احسن کان علاوہ ڀينرن تاج، سعيدہ ۽ فوزيہ کي بہ آگاھ ڪيم. منھنجي ڀيڻ اختر، آصف سان ڀڄي ڪورٽ ۾ شادي ڪئي هئي، تنھن ڪري ان سان اچڻ وڃڻ ختم ڪري ڇڏيو ھئم. منھنجو ارادو ھو تہ قاضيءَ کي گهرائي صرف نڪاح ڪيو وڃي ۽ کارڪون ورھايون وڃن. سائرا ۽ آئون روزمره واري زندگيءَ ۾ بھترين لباس پائيندا ھئاسين. شاديءَ تي اسان فقط اھو پائي سگهياسين، جيڪو نسيم آپا ھنگامي بنيادن تي تيار ڪرائي سگهي ھئي. سائرا جي ڪپڙن جي چونڊ ان جي ماءُ ڪندي ھئي، ان لحاظ کان نسيم آپا جي چونڊ باقاعدہ فيشن ٿي ويندو هو. ماڻھن کي انتظار رهندو هو تہ سائرا پنھنجي فلمن ۾ ڪھڙا ڪپڙا پھريندي؟
سيپٽمبر 1966ع ۾ جڏھن مون ۽ سائرا شادي جو فيصلو ڪري ورتو هو تڏھن اسان جو گهڻو وقت گڏ گذرندو هو. ھڪ مھيني کان پوءِ 2 آڪٽوبر 1966ع تي اسان جي مڱڻي ٿي، 11 آڪٽوبر 1966ع تي اسان جي نڪاح ۽ شاديءَ جي تاريخ مقرر ڪئي وئي. اھڙي طرح شاديءَ جي مختلف رسمن جي ڪري اسان کي ھڪٻئي سان ملڻ کان منع ڪيو ويو. اسان تہ گڏ رھڻ جا عادي ٿي ويا هئاسين، اسان جي ملڻ تي بندش ڪنھن امتحان کان گهٽ نہ ھئي، جيڪڏھن نسيم آپا سان ڪو ڪم ھوندو ھو تہ ٻاھر بيھي رھندو ھئس، ان موقعي تي سائرا دريءَ مان بيھي مون کي تنگ ڪندي ھئي.
ادي سڪينہ جي اڳواڻيءَ ۾ عورتون مينديءَ جو ٿالھ کڻي سائرا کي ميندي ھڻڻ ويون، اھڙي طرح سائرا جي گهر مان نسيم بانو جي اڳواڻيءَ ۾ عورتون مون کي ميندي ھڻڻ آيون. ماڻھو اڪثر مون کان شاديءَ جي ڏينھن بابت پڇندا آھن تہ مون کي ڪيئن لڳو؟ طويل عرصي تائين ڪنواري رھڻ کان پوءِ شاديءَ ۾ قيد ٿيڻ ۾ مون کي ڪا پريشاني تہ نہ ٿي؟ ان جو جواب آھي نہ، مون کي تمام گهڻي خوشي ٿي ۽ سڪون مليو ڇو تہ شاديءَ کان پوءِ ھڪ اھڙي عورت منھنجي زندگيءَ ۾ اچڻ واري ھئي، جيڪا منھنجو ھر طرح خيال رکندي، ھُوءَ منھنجا ڪپڙا، جوتا ۽ ٻيون شيون سنڀالي رکندي. گهر ۾ ڀينرون ضرور ھيون پر منھنجي روزمره جي ضروري شين تي ڪير بہ ڌيان نہ ڏيندو هو.

شاديءَ جون تقريبون

11 آڪٽوبر 1966ع جي شام جو اسان کي ڪنوار وٺڻ لاءِ وڃڻو ھو، صبح سوير ئي گهر ۾ اچ وڃ شروع ٿي وئي. ھر طرف خوشي جو ماحول ھو، شام جو منھنجي ڀاءُ نُور ۽ ناصر منھنجي مٿي تي موڙ ٻڌي ڇڏيو، منھنجي ليموزين ڪار کي سينگاريو ويو ۽ ان جي مٿان مڻن جي حساب سان گل رکيا ويا. ان ڪار ۾ ئي ڪنوار کي وٺي اچڻو هو، پر اوچتو ادي سڪينہ ۽ نُور ٻڌايو تہ مون کي ڪنوار جي گهر گهوڙي تي چڙھي وڃڻو پوندو. مون چيو تہ سائرا جي گهر جي گيٽ وٽ زمين لھواري آھي، گهوڙي ترڪي سگهي ٿي، آئون ڪرِي بہ سگهان ٿو، پر انھن منھنجي ڳالھ نہ مڃي. منھنجي ۽ سائرا جي گهر جي وچ ۾ مفاصلو فقط ٻن منٽن جو آھي، پر اتي پھچندي پورو ھڪ ڪلاڪ لڳي ويو، ماڻھن جي تمام گهڻي رش ٿي وئي. گهوڙي جي لغام ’پرٿوي راج‘ جي ھٿ ۾ ھئي. گهوڙيءَ جا کُر گسي ويا ھئا. ھُو وِک وِک تي ترڪي رھي ھئي پر شڪر آهي آئون ڪرڻ کان بچي ويس.
جڏھن ڪنوار جي گهر جو دروازو کُليو تہ ماڻھن جو ھڪ وڏو تعداد اندر ھليو ويو. منھنجو دوست مشھور پروڊيوسر ۽ ڊائريڪٽر ناصر حسين شاديءَ جي تقريب جي ريڪارڊنگ ڪئي. ھُو ۽ ان جي ٽيم ھڪ وين جي ڇت تي ويٺل ھئا. ماڻھن جي رش ۽ ڌِڪ ڌِڪان جي ڪري ھُو ھيٺ ڪري پيا، پر شڪر آهي زخمي ٿيڻ کان بچي پيا. ماڻھن جي اڪثريت منھنجي شاديءَ تي حيران ھئي، ھُو سمجهي رھيا ھئا تہ آئون غلط ڪري رھيو آھيان، پر ڪنھن بہ ڪجهہ نہ چيو ۽ نہ ئي پڇيو سواءِ نوشاد صاحب جي، ھن چيو ھو تہ، ”پاڻ کان 20 سال ننڍي ڇوڪريءَ سان شادي ڪرڻ ڇا تنھنجي غلطي ناھي؟ تنھنجو خاندان بہ تنھنجي ان فيصلي تي خوش آھي؟“
نہ سائرا تي ڪو دٻاءُ ھو تہ ھُوءَ مون سان شادي ڪري ۽ نہ ئي وري ڪا منھنجي مجبوري ھئي، ھي سڀ خدا جي مرضي هئي، جنھن اسان کي ھڪٻئي سان ملايو. مون کي حد کان وڌيڪ يقين ھو تہ اھا شادي دراصل جوتشيءَ جا اھي لفظ آھن، جيڪي درست ثابت پيا ٿين. راج ڪپور ھڪ دفعي پنھنجي ڪنھن انٽرويو ۾ چيو ھو تہ جنھن ڏينھن دليپ شادي ڪئي، ان ڏينھن آئون ريڙهيون پائيندس. راج کي اھا ڳالھ ياد ڏياري وئي. ھُو ان مھل ئي سڀني جي سامھون ريڙهيون پائڻ لڳو. ادي سڪينہ راج کي دڙڪا ڏنا، ”ھي ڇا پيو ڪرين!؟“ راج ڪپور مون کي پنھنجن ڀائرن جيان عزيز ھو.
شادي واري ڏينھن سائرا گهڻو تيار نہ ٿي ھئي، جيئن عام طور ڪنوار ٿيندي آهي. ھن جي لباس ۽ ميڪ اپ ۾ سندس والدہ جي مشوري جي اھميت ھوندي ھئي. ڪنوار جي حيثيت ۾ بہ ھُوءَ سادي لباس ۾ ھئي. اھو ئي سبب آهي جو ھُوءَ مصنوعيت کان بغير ڏاڍي خوبصورت لڳي رھي ھئي. نڪاح دوران منھنجا سڀ دوست ۽ عزيز منھنجي ويجهو ھئا. جنرل شاھنواز، راج ڪپور، ناصر سلطان، محمد عمر مڪري، ستيش ڀالا سميت منھنجا سڀئي پيارا ان وقت مون سان گڏ ھئا، پران تہ سرينگر مان جھاز ذريعي بمبئي ۾ خاص منھنجي شادي تقريب لاءِ آيو ھو. خدا ترس بزرگ قاضي ميورغي اسان جو نڪاح پڙھايو. مون ۽ سائرا نڪاح نامي تي صحيحون ڪيون. نڪاح کان پوءِ راج ڪپور مون کي ڪنوار وٽ وٺي ويو. آرسيءَ ۾ مُنھن ڏيکارڻ واري رسم کان پوءِ راج اسان جي شاديءَ جون منڊيون کير ۾ وڌيون ۽ پوءِ اسان کي پارايائين. وڏين اخبارن ۾ اسان جي شاديءَ جون شھ سرخيون لڳيون.
ٻئي ڏينھن شام جو مون پنھنجي گهر ۾ وليمي جي دعوت ڪئي. ان ۾ سڀني مٽن مائٽن، دوستن ۽ ساٿين ڀرپور شرڪت ڪئي. مھاراشٽر جي وزيرِاعليٰ وسنت رائو نائڪ خصوصي مھمان طور شرڪت ڪئي. سائرا ۽ مون شاديءَ جي پھرين رات بنگلي بجاءِ پائين باغ ۾ ٺھيل ھڪ ڪوٺيءَ ۾ گذاري، جتي آئون اڪثر رھندو ھئس.
فلم ’رام اور شيام‘ جو ڪم مڪمل ڪرڻ لاءِ ٻئي صبح جو مون کي مدراس وڃڻو ھو. مدراس منھنجو ٻيو گهر ھو، آئون پھرين ئي ان پرسڪون ماحول ۾ گهر خريد ڪرڻ لاءِ سوچي رهيو هوس. سائرا کي بہ مغربي بنگال جي جابلو علائقي ’دارجلنگ‘ ۾ ’جهڪ گيا آسمان‘ جي شوٽنگ لاءِ وڃڻو ھو. آئون، سائرا کي پاڻ سان گڏ وٺي ويس. ھڪ ٻہ ڏينھن مون سان گڏ رھڻ کان پوءِ ھُوءَ اڳتي هلي ويندي. ھُوءَ مون سان گڏ ھلڻ ڪري ڏاڍي خوش هئي. ڇو تہ بمبئيءَ جي مصروف زندگيءَ کان پري اسان کي وقت گڏ گذارڻ جو موقعو ملي ويندو. اسان جڏھن ’مينمبڪم ايئرپورٽ‘ تي لٿاسين تہ ھڪ حيرت انگيز منظر ڏسڻ لاءِ مليو، جھاز جي گيٽ کان وٺي ايئرپورٽ تائين ايندڙ رستن تي گل وڇايل ھئا. ناگي ريڊي ۽ ان جي عملي جا ماڻھو ھٿن ۾ گلن جا هار کڻي بيٺل ھئا. انھن اسان کي ھار پارايا. اسان کي ٻڌايو ويو تہ ايئرپورٽ ٻاھران مداحن جو وڏو تعداد موجود آهي، تنھن ڪري ھتان خاموشيءَ سان نڪرڻو پوندو. اوشنگ ھوٽل پھتاسين تہ اتي اھو ڏسي حيراني ٿي تہ منھنجي پراڻي سنگل بيڊ جي بدران ھڪ نئون ۽ وڏو بيڊ پيل ھو. منھنجي بيڊ ۽ ڪمري کي چنبيليءَ جي گلن سان سينگاريو ويو هو. مون جڏھن اي سي ھلائي تہ سڄو ڪمرو ھڪ زبردست خوشبوءَ سان واسجي ويو. انھيءَ ماحول اسان کي ھڪ ٻيءَ دنيا ۾ پھچائي ڇڏيو.
مون ھڪ دفعي ريڊي صاحب جي پٽ پرساد کي ڀوڳ وچان چيو ھو تہ مون کي ھڪ وڏو بيڊ پسند آهي، جيڪو خوبصورت ھجي. پرساد مون کي چيو ھو جڏھن توھان شادي ڪندؤ تہ توھان کي اھڙو بيڊ گفٽ ڪندس. ان وقت شاديءَ جي ڪا بہ ڳالھ نہ ھئي. اسان جو ڪمرو اھڙي انداز سان سينگاريو ويو هو، جھڙو ڪنھن ملڪہ ۽ شھنشاھ جو ڪمرو ھجي. اھڙي قسم جو خوبصورت ماحول آئون پنھنجي گهر ۾ سائرا کي سھاڳ رات ۾ ڏيڻ چاھيندو ھئس، پر اتي ممڪن نہ ٿي سگهيو. ھوٽل وارن اھا ڪسر پوري ڪري ڇڏي.
مدراس ھڪ شاندار ثقافتي شھر آھي. ھن شھر ۾ اسان ٻنھي جي زندگيءَ جي نئين شروعات ٿيڻ منھنجي لاءِ ھڪ پسنديدہ سؤڻ ھو.

منھنجا دوستَ ۽ ساٿي

پران، منھنجو پيارو ۽ مخلص دوست ھو. ھُو مون کي سدائين ’لالا‘ ڪري سڏيندو ھو. اسان ٻئي ’باندرہ‘ ۾ رھندا ھئاسين. منھنجي شاديءَ ۾ ھُو تيز طوفان جي باوجود جھاز ۾ آيو ھو. ان پرواز ۾ ڪيترن ئي مسافرن خطرناڪ طوفان جي ڪري پنھنجو سفر ملتوي ڪري ڇڏيو هو، پر پران موسم جي خرابي جي ڪري سرينگر کان دھلي پھتو، دھليءَ مان ٻئي جھاز وسيلي بمبئي اچي منھنجي شاديءَ ۾ شريڪ ٿيو. ڄڃ جڏھن سائرا جي گهر وڃي رھي ھئي، تڏھن ھُو اڳيان اڳيان ھلي رھيو ھو. فلمن ۾ اسان ھڪ ٻئي جا دشمن ھوندا ھئاسين، جڏھن تہ حقيقي زندگيءَ ۾ اسان گهاٽا دوست ھئاسين. شوٽنگ دوران دشمني جو ڪردار ادا ڪرڻ کان پوءِ اسان جڏھن ھڪ ٻئي سان ڀوڳ مذاق ڪندا ھئاسين تہ ماڻھو اھو ڏسي لطف اندوز ٿيندا هئا.
حقيقي زندگيءَ ۾ پران، انتھائي شريف النفس انسان ھو. فلمن ۾ ھن کي اڪثر ڪري دوکيباز ۽ ٺڳ جا ڪردار ملندا هئا. اھي ڪردار سندس فطرت جي خلاف ھئا، پر ھن ملندڙ ڪردارن کي بخوبي نڀايو. فلم ’آزاد‘ ۾ آئون جڏھن مزاحيہ ڪردار ڪري رھيو ھئس تہ ھڪ عجيب ڪيفيت ۾ مبتلا ھئس. خبر ناھي ماڻھن کي منھنجو اھو ڪردار پسند ايندو يا نہ، پر پران منھنجي ھمت افزائي ڪئي ۽ چيائين، ”لالا ڏسجان تنھنجو اھو ڪردار واڄٽ وڄائي ڇڏيندو، فلم ڪامياب ويندي ۽ ڏسندڙ اھو اصرار ڪندا تہ دليپ ڪمار اھڙي قسم جا مزاحيہ ڪردار ادا ڪري.“ پران جي اڳڪٿي صحيح ثابت ٿي، فلم تمام گهڻي ڪامياب وئي.
محمد عمر مڪري منھنجو سٺو دوست ھو. ھُو ’انجمنِ اسلام اسڪول‘ ۾ مون سان گڏ پڙھندو ھو، اسڪول ۾ اسان جي دوستي تہ پري ھڪ ٻئي کي سڃاڻندا بہ ڪونہ ھئاسين. ’بمبئي ٽاڪيز‘ ۾ منھنجي ملازمت کان اڳ ھن اداڪاري شروع ڪري ڇڏي هئي. آئون جڏھن ان کي اھميت نہ ڏيندو ھئس تہ ھُو مون کي چوندو هو تہ، ”توکان سينيئر آھيان.“ 1945ع ۾ جڏھن فلم ’پريتما‘ بمبئي ٽاڪيز ۾ ٺھي رھي ھئي تہ خبر پئي اسان ٻئي گڏ پڙھيا آھيون. ’پريتما‘ فلم کان اسان جي دوستي جي شروعات ٿي ۽ ’انوکا پيار‘ فلم تائين اسان جي دوستي پڪي ٿي وئي. ھُو کِلمک ۽ دوستن جو خيال رکندڙ هو، جنھن ڪم جو ذمو کڻندو هو، اھو ھر حال ۾ پورو ڪندو هو.
ھڪ دفعي مھاراشٽر جي علائقي ’اگتپوري‘ ۾ فلم ’آن‘ جي شوٽنگ ٿي رھي ھئي. ھڪ سٺي ۽ معياري ھوٽل ۾ ’محبوب صاحب‘ رھائش جو بندوبست ڪيو ھو. مڪري، ھوٽل جي رسيپشن تي وڃي چيو تہ ھن لاءِ الڳ ڪمري جو بندوبست نہ ڪيو وڃي. ھن جو ڪمرو تہ الڳ ھو، پر ان جي منع ڪرڻ تي بسترو نہ رکيو ويو. ڇو تہ ھن چيو تہ هُو دليپ ڪمار سان ھڪ ئي ڪمري ۾ گڏ رھندو. مون کي ھن اھو نہ ٻڌايو ھو تہ ھوٽل انتظاميہ کي ائين چئي چڪو آهي. رات جو ھُو دروازو کڙڪائڻ بنا منھنجو ڪمرو سمجهي ٻئي ڪمري ۾ ھليو ويو. اھو ڪمرو خوبصورت، نوجوان ۽ نئين اداڪارہ نادرہ جو ھو، ھن رڙيون ڪرڻ شروع ڪيون. مڪري، نادرہ کان معافي ورتي ۽ پوءِ منھنجي ڪمري ۾ آيو. محبوب صاحب جي زال اڳ ۾ ئي پنھنجي مڙس ۽ نادرہ جي معاملي ۾ شڪ ۾ مبتلا ھئي. ھُو پاڻ مون کي پنھنجن شڪن بابت آگاھ ڪري چڪي هئي. ھن جو چوڻ ھو تہ محبوب صاحب، نادرہ لاءِ نرم گوشو رکي ٿو. صبح جڏھن رات واري ڪھاڻي کُلي تہ مسز محبوب ڪاوڙ ۾ ڳاڙھي ٿي وئي. ھن سوال ڪيو تہ، ”نادرہ ڪمري جو دروازو ڇو کولي سُتي ھئي؟“ گمان ھو تہ زال ۽ مڙس جو ھڪ زبردست جهيڙو ٿئي ھا، پر مون وچ ۾ پئي معاملي کي سُلجهايو. ھن واقعي کان پوءِ آئون گهڻو محتاط ٿي ويس. مون مڪري کي جهلي ڇڏيو تہ ھُو ھوٽل جي اندر ڪمري ۾ يا ميڪ اپ روم ۾ منھنجي پٺيان نہ اچي. مڪري تمام گهڻو شراپ واپرائيندو ھو، شوٽنگ دوران ھڪ طرف کسڪي پيگ ھڻي ايندو هو. مون ھن تي ڪم دوران پيئڻ تي پابندي ھڻي ڇڏي. ڇو تہ ھُو ڪيترائي ڀيرا شراب جي نشي ۾ بدمزگي ڪري چڪو هو.
ھڪ دفعي ٻنپھرن جو ھُو ’ايس يوسني‘ جي فلم جي شوٽنگ دوران نشي ۾ ڌُت ٿي مون وٽ آيو ۽ چيائين، ”تون پنھنجي پاڻ کي ڇا ٿو سمجهين، تو منھنجي باري ۾ عملي کي چيو آهي تہ ھن کي شراب پيئڻ نہ ڏيو، تون ڇا ٿو سمجهين تہ آئون پنھنجي لاءِ ھڪ بوتل بہ خريد نٿو ڪري سگهان؟“
ان صورتحال ۾ ڪم ڪرڻ ناممڪن ھو، مون عملي کي چيو تہ، ”سامان پيڪ ڪيو ۽ وڃو. آئون بہ ڪار ۾ چڙهي ھليو ويَس. مڪري کي سگهو ئي پنھنجي غلط ھجڻ ۽ منھنجي درست ھجڻ جو احساس ٿيو. جيئن اڪثر دوستن ۾ ٿيندو آهي اھا ڳالھ مون کان وسري وئي، ھن واعدو ڪيو تہ اڳتي ھُو ائين نہ ڪندو. فلم ’ڪوھنور‘ مون کي خاص طور ياد رھندي، ڇو تہ ھن فلم جي ھڪ سِينَ لاءِ مون سارنگي وڄائڻ سکي ھئي. ان لاءِ مون کي سخت محنت ڪرڻي پئي. ان فلم جو ڊائريڪٽر ’ايس يو سني‘ ڪنھن بہ سِينَ ڪرڻ کان پھرين سِينَ کي ڀرپور نموني سمجهڻ جو موقعو ڏيندو هو. ھُو منھنجي عادت کي سمجهي ويو هو تہ آئون سخت محنتي آھيان. ’ڪوھنور‘ فلم جي ٻي خاص ڳالھ اھا ھئي تہ ھن فلم ۾ مون کي ۽ مينا ڪماريءَ کي گڏ ڪم ڪرڻو ھو. آئون ۽ مينا ڪماري ٽريجڊي ڪردارن جي ڪري مشھور ھئاسون، پر ’ڪوھنور‘ فلم ۾ ٿورا گهڻا مزاحيہ سِينَ ادا ڪرڻا ھئا. فلم جي تياري جي سلسلي ۾ ھڪ سنسني خيز واقعو پيش آيو، ان واقعي کي آئون اڄ ڏينھن تائين وساري ڪونہ سگهيو آھيان.
ايس يو سني جي زال ھڪ پراسرار عورت ھئي، ھن کي عجيب و غريب شين سان دلچسپي ھوندي ھئي، ھُوءَ عجيب سوال ڪندي رھندي ھئي. ھُوءَ ڪارو جادو بہ ڪندي ھئي. پر سني اھي سڀ ڳالھيون اسان کان لڪايون ھيون. ھڪ ڏينھن ھڪ عجيب واقعو پيش آيو. فلم جي شوٽنگ لاءِ اسان لوڪيشن ڳولي رھيا ھئاسين، خيال آيو تہ بمبئيءَ کان ٻہ سؤ ڪلوميٽر پري ’ناسيڪ‘ جي علائقي ۾ ڪجهہ اھڙيون جايون آھن، اسان پروگرام طئہ ڪيو تہ شام جو نڪرنداسين. ضروري سامان ۽ ڪپڙا کڻڻ لاءِ سڀ پنھنجي پنھنجي گهر ھليا ويا، سني گهر ويو تہ سندس زال زور ڀريو تہ ھُوءَ بہ ھلندي. سني ھن کي وٺي هلڻ کان انڪار ڪيو ۽ ضروري شيون کڻي مون وٽ آيو، مون کي سندس زال جي ھلڻ جي ضد بابت نہ ٻڌايائين. سني، آئون، ڪئميرامين ۽ ڊرائيور اسان چار ماڻھو ڪار ۾ سوار ٿي ناسيڪ طرف روانا ٿي وياسين، اسان ڪجهہ ميلَ سفر ڪيو ھو تہ سج لھي ويو ۽ موسم ۾ غير متوقع طور تبديلي اچي وئي. طوفاني ھوائن سان تيز برسات شروع ٿي وئي. گاڏيءَ کان ٻاھران ڪابہ شئي نظر نہ پئي آئي. سني ۽ ڪئميرامين صلاح ڏني تہ برسات جهڪي ٿئي تہ پوءِ ھلجي. روڊ بلڪل ويران ھو، پري پري تائين آباديءَ جا آثار ڪو نہ ھئا، ٿورڙو ئي پريان اسان کي ھڪ جهوپڙي نظر آئي. ڪار مان لھي آئون ۽ سني جهوپڙيءَ طرف وياسين، جهوپڙيءَ جي دروازي تي ڳوڻ ٽنگيل ھئي، پاسي ۾ ھڪ ٻڪري ٻڌل ھئي. ٻڪري اسان ڏي رحم وارين نظرن سان ڏسي رھي ھئي. جهوپڙيءَ ۾ ڪاٺيون ۽ ٻيو سامان پيو ھو. آئون ھڪ ٽُٽل بينچ تي ويھي رھيس. سني ٻڪريءَ کي کولي جهوپڙيءَ جي اندر ڪاھي اچڻ جي ڪوشش ڪري رهيو ھو، پر ھن کان ٻڪري پنھنجي جڳھ تان چُري بہ ڪونہ، ھُو جيئن ئي جهوپڙيءَ جي اندر اچي رھيو ھو تہ اوچتو زوردار ھوا سان کنوڻ ٿي، ڳوڻ دروازي کان ھٽي وئي، ڪير يقين ڪري يا نہ اسان کِنوَڻ جي روشنيءَ ۾ ڏٺو تہ سنيءَ جي زال ڪاوڙ واري انداز ۾ اسان جي سامھون بيٺي هئي. ھُوءَ مسلسل اسان ڏي ڏسي رھي ھئي. ھن پنھنجي منھن تي ھٿ ڦيرائي ڳاڙهي رنگ جي ڪنھن شئي سان چَپَ اگهيا. ھڪ عورت جيڪا جسماني طور اسان کان ڪيترائي ميل پري ھجڻ باوجود اسان جي اڳيان بيٺي هئي. سچي ڳالھ اھا آھي تہ مون کي ذرو بہ ڊپ نہ ٿيو پر اسان جو ڪئميرامين خوف کان ڏڪي رهيو هو. سني ھڪ ھنڌ ڄمي بيھي رھيو، سندس اکيون ۽ وات پٽجي ويا هئا!
برسات بند ٿي، اسان ٻيھر سفر جو آغاز ڪيو. اسان جو ڊرائيور گاڏيءَ ۾ ئي ويٺل ھو، ھن کي ڪابہ خبر ڪونہ ھئي. ڪئميرامين جي زبان تي تالو لڳي چڪو هو. سني بہ خاموش ھو. مون ماحول کي خوشگوار بڻائڻ لاءِ پشتو ۾ ھڪ گيت ڳائڻ شروع ڪيو. ناسيڪ ۾ لوڪيشن جو جائزو وٺڻ کان پوءِ اسان ٻئي ڏينھن بمبئي واپس آياسين. آئون گهر وارن کي رات وارو قصو پيرائتو ٻڌائي رھيو ھئس، سڀ گهر ڀاتي وڏي تجسس سان ٻڌي رھيا ھئا. انھي وقت اسان جي گهر جي مين گيٽ کان ھڪ ڪار داخل ٿي، ھارن وڳو تہ سڀ ڇوڪريون گيٽ طرف ڊوڙڻ لڳيون، ڏسون تہ ڪير آيو آهي؟ ننڍين ڇوڪرين جون رڙيون نڪري ويون، ھُو خوف کان ڏڪي رھيون ھيون. آئون پريشان ٿي ٻاھر نڪتس، سوچيم تہ اوچتو ڇا ٿيو آهي؟ ٻاھر جيئن ئي ڏٺم تہ ايس يوسني ۽ ان جي زال ڪار مان لھي رھيا ھئا.

ڀوٽان ۾ سائرا جو بيھوش ٿيڻ

سائرا کي منھنجي پسند ۽ ناپسند بابت خبر پئجي وئي ھئي، ھو ڄاڻي چڪي هئي تہ آئون گهمڻ ڦرڻ جو شوقين آھيان ۽ انھن جڳھين تي ويندو آھيان، جتي مشھور ماڻھن جو اچڻ وڃڻ گهٽ ھوندو آھي. شادي کان پھرين آئون ڊرائيور عمر ۽ ذاتي ملازم جمعي سان، ڪار جي ڊگيءَ ۾ بيضا، بصر، پٽاٽا ۽ ٻيون ضروري شيون کڻي، تفريح لاءِ قدرتي منظر پَسڻ لاءِ پري پري تائين نڪري ويندو ھئس، ڪتاب بہ کڻندو ھئس، ٻئي طرف سائرا ۽ ان جا والدين سيون اسٽار ھوٽلن جا عادي ھئا. سائرا ننڍپڻ ۾ پنھنجي والدين سان گڏ سڄي دنيا گهمي چڪي هئي. شادي جي ڪيترن ئي سالن کان پوءِ جڏھن اسان يورپ وياسين تہ، ڪيترن ئي جڳھين تي گهمڻ دوران خبر پئي تہ ھُوءَ اڳ بہ اتان چڪر هڻي وئي هئي.
ھڪڙي ڏينھن سائرا پنھنجي فلم جي شوٽنگ تي وئي، آئون بہ پنھنجي لگزري ليموزين ڪار ۾ اتي ھليو ويس، ھُوءَ مون کي ڏسندي ئي خوشيءَ مان جبل تان ھيٺ لھي آئي. شاديءَ جون واڌايون ڏيندي، ڀوٽان جي شاھي خاندان اسان کي موڪلون گذارڻ لاءِ دعوت ڏني ھئي. اسان ھني مون ملھائڻ ڀوٽان وياسين. سائرا جي خاص نوڪرياڻي نورجھان بہ گڏ ھئي، ڀوٽان جي جبلن جا منظر ۽ رستا انتھائي خوبصورت آھن. اتي جا ڪيترائي جهنگل ۽ بھڻ جي ڪاٺ سان ٺھيل گهر تمام وڻندڙ آھن. اسان ھڪ ھوٽل ۾ رھائش اختيار ڪئي. سِيءُ تمام گهڻو ھو، نورجھان پاسي واري ڪمري ۾ سمھي پئي، اسان زال مڙس ھڪ ڪمري ۾ ھئاسين. ڪمري ۾ ڪوئلا ٻري رھيا ھئا، سيءُ تمام گهڻو ھو، دريون ۽ روشندان بند ڪري، اسان ڪمبل وجهي سمھي پياسين، اوچتو مون کي محسوس ٿيو تہ سائرا بستري تي ناھي، ڪمري ۾ ڏسڻ کان پوءِ باٿروم ويس، ڏٺم تہ سائرا باٿ روم ۾ بيھوش پئي آھي. مون کي تمام تڪليف ٿي، مالڪ کي ٻاڏايم، ’ياﷲ سائرا کي پنھنجي امان ۾ رک.‘ جلدي ڊاڪٽر کي گهرايم، ان ٻڌايو تہ ڪمري ۾ ڪوئلا ٻري رھيا ھئا، آڪسيجن گهٽجڻ ڪري ڪاربان مونو آڪسائيڊ ڪمري ۾ پکڙجي وئي، خدانخواستہ موت بہ واقع ٿي پئي سگهيو. ھڪ ڀيرو وري جوتشيءَ جون ڳالھيون منھنجي ڌيان ۾ اچي ويون.
ڀوٽان ۾ اڳيان وڃڻ بدران اسان واپس بمبئي ھليا آياسين. اسان جي گهر ۾ وري جهيڙو شروع ٿي ويو. منھنجيون ڀينرون ۽ ڀائرَ، سائرا کي خوش آمديد چوڻ تہ پري، برداشت ڪرڻ لاءِ بہ تيار نہ ھئا، ھُو سائرا جي مقبوليت جي ڪري ان سان ساڙ ڪندا هئا. سائرا جي پرورش تہ راڻين وانگر ٿي ھئي. ھُوءَ پنھنجي خاندان جي اکين جو ٺار ھئي. منھنجو گهر جو نظام گڏيل خاندان تي ھو، جنھن جي سربراھ ادي سڪينہ ھئي، ان سان گڏ رھڻ جان جوکي ۾ وجهڻ برابر هو. ٻيو تہ منھنجي شادي شدہ ڀينرن جو گهر ۾ اچڻ وڃڻ ھو. اسان جي شاديءَ کان پوءِ منھنجي ڀيڻ فوزيہ مستقل طور اسان وٽ رھڻ لڳي ھئي. سائرا وٽ وقت جي وڏي اھميت ھئي. ھن کي تيار ٿي شوٽنگ تي پھچڻو ھوندو ھو. جڏھن سائرا واش روم ۾ ھوندي ھئي تہ ان وقت ئي فوزيہ کي بہ ضرورت محسوس ٿيندي هئي. اھا وڏي بدمزگي جي ڳالھ ھئي. پنھنجي خانداني پسمنظر ۽ وڏي فلمي شخصيت ھجڻ باوجود سائرا کي ھڪ الڳ واش روم جي سھوليت بہ ميسر ڪونہ ھئي، پر ان ھوندي بہ سائرا مون سان ڪا شڪايت ڪونہ ڪئي. سائرا ان جو حل بہ ڳولي ورتو. ھُوءَ پنھنجي مائٽن جي گهر ھلي ويندي ھئي. اتان وھنجي سھنجي تيار ٿي ايندي هئي، پوءِ شوٽنگ تي ويندي ھئي. مون محسوس ڪيو تہ سائرا منھنجي ڀينرن سان محبت ۽ احترام سان پيش ايندي هئي ۽ ھن تعلق بھتر بڻائڻ لاءِ ھر ممڪن ڪوشش ڪئي، پر منھنجي ڀينرن جو روَيو بھتر نہ ٿيو. ٻيو تہ ٺھيو پر اسان جو خانداني نوڪر انور ۽ نوڪرياڻي رابعہ بہ سائرا سان بدتميزي ڪرڻ لڳا ھئا. اھي سائرا جي ملازمہ نورجھان کي ناشتو بہ تيار ڪرڻ نہ ڏيندا هئا. سندن اھو چوڻ ھوندو ھو تہ ناشتو سڀني لاءِ ھڪجھڙو تيار ٿيندو، جيڪو ھُو تيار ڪندا. اھا تمام گهڻي ناقابلِ برداشت صورتحال ھئي.
آئون سڀ ڪجهہ خاموشيءَ سان ڏسي رھيو ھئس، نہ چاھڻ جي باوجود بہ ڀينرن جي حمايت ڪري رھيو ھئس. ان ڪري تہ متان ھُو اھو نہ سمجهن تہ آئون شاديءَ کان پوءِ بدلجي ويو آھيان. سائرا جو ننڍي ڄمار ۾ اھو سڀ ڪجهہ برداشت ڪرڻ منھنجي لاءِ ڏاڍو حيران ڪندڙ ھو. منھنجي ڀائرن ۽ ڀينرن جي ھر وقت واري جهيڙي سائرا جي صحت تي ڪاٽُو اثر پيا. ھن کي معدي جو السر ٿي ويو. ڊاڪٽرن ٻڌايو تہ گهرو معاملن جي ڪري سائرا کي معدي جي بيماري ٿي آھي. منھنجي ڀائرن ۽ ڀينرن جي برعڪس سائرا ۽ ان جي ماءُ جو روَيو بھتر ھو. ھُن اھو بھانو گهڙيو تہ خراب بيضا کائڻ جي ڪري، سائرا کي معدي جي بيماري ٿي آھي. ڊاڪٽرن جڏھن پرھيز جو ٻڌايو تہ نسيم آپا ھن جي ۽ منھنجي ناشتي جو ذمو پاڻ تي کنيو. ناشتي سان گڏ ڪڏھن ڪڏھن لنچ ۽ ڊنر جو انتظام بہ ھُوءَ ڪندي ھئي. کائڻ پيئڻ جي پرھيز ۽ مسلسل علاج ڪرائڻ باوجود معدي جي بيماري شدت اختيار ڪري ورتي. اسان بمبئي جي ’سينٽ ايلزبيٿ نرسنگ ھوم‘ مان سائرا جو علاج ڪرايو. علاج ڪرائڻ کان پوءِ ڪجهہ فائدو تہ ٿيو، پر فزيشنس مشورو ڏنو تہ مڪمل صحتيابيءَ لاءِ برطانيہ جي مشھور ’لنڊن ڪلينڪ‘ مان علاج ڪرائڻو پوندو، جتي برطانيہ جي راڻيءَ جو ڊاڪٽر گيسٽرو انٽرولاجسٽ سر فرانس ايوري جونز جي نگرانيءَ ۾ سائرا جو علاج ٿيندو.
امان جِي (سائرا جي ناني)، ھن جو ڀاءُ سلطان ۽ ھن جي ڀاڄائي راحت ڀڄِي ڊُڪِي سائرا، ھن جي ماءُ ۽ مون کي لنڊن موڪلڻ جا انتظام ڪري ورتا. يش چوپڙا، ستيش ڀالا، ڀلراج ڪوھلي ۽ ٻيا دوست ان ڏُکي گهڙيءَ ۾ مون سان گڏ ھئا ۽ اسان کي ايئرپورٽ تي ڇڏڻ بہ آيا.
لنڊن ڪلينڪ جا قائدا ۽ قانون سخت ھئا. مريض سان ان جي وارثن کي گڏ رھڻ جي اجازت نہ ھئي. سر فرانس جي ڪوششن سان نسيم آپا کي سائرا سان گڏ رھڻ جي اجازت ملي وئي. نسيم آپا پاڻ بہ چيلھ جي تڪليف ۾ ورتل ھئي. ان ڳالھ کان خود سر فرانس بہ واقف ھو. ھُوءَ ڌيءَ جي ڪري سڄو ڏينھن ڪرسيءَ تي ويٺي ھوندي ھئي. سر فرانس ان عمل تي خوش ٿيو، ھن چيو تہ، ”مون اڄ تائين ڪنھن ماءُ ۽ مڙس کي ائين پرگهور ڪندي نہ ڏٺو آھي.“ ھن اھو بہ چيو تہ، ”اھڙيون خوبيون صرف مشرقي ماڻھن ۾ ھونديون آھن.“
اسپتال ۾ جڏھن سائرا سان گڏ ھوندو ھئس تہ ھُوءَ تڪليف جي باوجود بہ مُرڪندي رھندي ھئي. مون کي ان ڳالھ جي وڌيڪ خوشي ھئي، جو آئون سائرا سان گڏ آيو ھئس. مالڪ جي ڪرم ۽ اسان جي گڏيل ڪوششن سان سائرا صحتياب ٿي وئي. ھڪ مھيني تائين ھُوءَ اسپتال ۾ ھئي.
اسپتال مان ڊسچارج ٿيڻ کان پوءِ ھن فلم ’پورب ۽ پڇم‘ ۾ ڪم ڪيو. ھيءَ فلم 1970ع کان پوءِ ريليز ٿي. فلم ’پورب ۽ پڇم‘ جي ڊائريڪٽر ۽ پروڊيوسر منوج ڪمار، سائرا جي صحتيابي تائين شوٽنگ جو ڪم روڪي ڇڏيو. سندن اھو عمل تعريف لائق آهي. منوج جو اھو احسان مون ھيئن لاٿو، جڏھن ھن مون کي چيو تہ، ”’ڪرانتي‘ فلم ۾ ڪم ڪر.“ تڏھن مون بنا اسڪرپٽ پڙھڻ ۽ ڳالھائڻ جي فلم ۾ ڪم ڪرڻ جي حامي ڀري. ٻئي پاسي سوبدہ مکرجي ھو. ان کي سائرا جي خاندان جو حصو سمجهو ويندو هو، پر ان جي روَيي تي اسان کي ڏاڍي مايوسي ٿي. ھن ئي سائرا کي پنھنجي فلم ’شرميلي‘ ۾ متعارف ڪرايو ھو. ان سان گڏ سائرا ٽن فلمن ۾ ڪم ڪري چڪي هئي. ھاڻي فلم ’شرميلي‘ تي ڪم ٿي رهيو هو تہ سائرا بيمار ٿي پئي، ھن جي بيماريءَ جي ڪري ٻي اداڪارہ کي فلم ۾ کنيو ويو. سائرا کي ٻڌايو بہ نہ ويو، جڏھن تہ ذڪر ڪيل فلم شرميلي جي ڪھاڻي سائرا پنھنجي ليکي گلشن نندا کان لکرائي ھئي.
لنڊن ۾ اسان لانگ ڊرائيو تي نڪري ويندا ھئاسين، سائرا جو ننڍپڻ ۽ جواني لنڊن ۾ ئي گذري ھئي، ڏٺل جاين جڳھين تي وري وڃڻ سان سائرا کي خوشي ٿيندي هئي. ان سان گڏوگڏ آئون بہ ڏاڍو انجواءِ ڪري رھيو ھئس. ھڪ ڀيري اسان ’ويسٽ منسٽر‘ مان لنگهي رھيا ھئاسين، سائرا چيو، ”ڪاش گاڏي ’بڪنگهم پيلس‘ جي اندر ھلي وڃي ۽ اسان ملڪہ عاليہ سان ملي سگهون!“
قدرت جو ڪرشمو اھو ٿيو جو انھيءَ ھفتي ئي مون کي برطانيہ جي راڻي طرفان دعوت ڏني وئي، ھيءَ سالياني تقريب ھئي، جنھن ۾ اھم برطانوي شھرين، سفارتڪارن، غير ملڪي اھم شخصيتن کي دعوت ڏني وئي ھئي. مون سائرا کي سرپرائز ڏيڻ چاھيو ٿي، ملڪہ جي دعوت جو کيس نہ ٻڌايم، صرف ايترو ٻڌايم تہ ڪنھن سٺيءَ جڳھ تي چانھ پيئڻ ٿا ھلون.
ھُوءَ خوش ٿي پر مون کي رسمي لباس ۾ ڏسي حيران ٿي، پر پڇيائين ڪجهہ بہ نہ. بيماريءَ مان صحتياب ٿيڻ کان پوءِ ھُوءَ وڌيڪ خوبصورت لڳي رھي ھئي. ڊرائيور رولز رائيس ڪار کي بڪنگهم پيلس جي رستي تي آندو، محل جا گيٽ اڳ ۾ ئي کُليل ھئا. گاڏي محل ۾ داخل ٿي تہ سائرا حيران ٿي وئي. مون کيس ٻڌايو تہ اسان ملڪہ عاليہ سان ملڻ لاءِ وڃي رهيا آھيون. اسان کي شاھي محل جي باغ ۾ چانھ پياري ويندي، سائرا کي حيرت تہ پھريائين بہ ھئي، پر ھن کي منھنجين ڳالھين تي يقين بہ نہ پئي آيو. مختلف ھالن ۽ رستن کان ٿيندا، اسان گارڊن ۾ پھتاسين، جتي ملڪہ ايلزبيٿ، شھزادو فلپ، ڪوئين مدر، شھزادو چارلس، شھزادي ايني مھمانن سان ملي رھيا ھئا.
اسان جڏھن ملڪہ جي ويجهو پھتاسين تہ ڪيترائي ڀارتي ۽ ايشيائي ملڪن جا سفارتڪار اسان جي چوڌاري گڏ ٿي ويا. اھي اسان کان آٽوگراف وٺڻ لڳا. ان تي ملڪہ عاليہ کي حيرت ٿي. ملڪہ اسان سان ھٿ ملايو ۽ چيائين تہ، ”توھان تہ وڏا مشھور ماڻھو آھيو، تمام گهڻي خوشيءَ جي ڳالھ آهي، توھان سان ملي ڏاڍي خوشي ٿي.“
سائرا جو علاج ڪرائي جڏھن اسان بمبئي واپس آياسين تہ مون سائرا جي بنگلي ۾ شفٽ ٿيڻ جو فيصلو ڪري ورتو. ھڪ تہ سائرا کي پرھيز جي سخت ضرورت هئي ۽ ان جي پرگهور ڪرڻ بہ ضروري ھئي. ٻيو تہ گهرو مسئلن جي ڪري سائرا کي ٻيھر السر ٿي پئي سگهيو. منھنجا ڀائر ۽ ڀينرون طبيعت جا تيز ھئا، ننڍين ننڍين ڳالھين تي وڏا مسئلا کڙا ڪري ڇڏيندا هئا. اھو ئي سبب آهي جو آئون پنھنجي بنگلي جي ھڪ ننڍڙي ڪوٺي ۾ الڳ رھندو ھئس. پر ھاڻي معاملو ٻيو ھو، سائرا بہ منھنجي ذميداري ھئي.
منھنجي ذاتي گهريلو زندگي بابت ماڻھن گهڻا سوال ڪيا آهن، آئون چاھيان ٿو تہ ان بابت بہ ڪجهہ ڳالھايان. لنڊن مان واپسيءَ تي ڪيترائي اڻوڻندڙ واقعا پيش آيا. ان جو اظھار ھتي تہ نٿو ڪري سگهان، پر آئون ڏاڍو مايوس ٿيس. ڪيترائي دوست ۽ ساٿي مون سان ملڻ لاءِ گهر ايندا هئا. منوج ڪمار پنھنجي زال شاشي سميت ملڻ آيو، عورتون اندر ھيون، ان دوران منھنجي ھڪ ڀيڻ شاشي سان بدتميزي ڪئي، ڀيڻ جي ان عمل تي مون کي ڏاڍي ڪاوڙ آئي. مون اھا ڳالھ پنھنجي سڀ کان محبوب ڀاءُ ناصر کي ٻڌائي. مون ناصر کي چيو تہ، ”رھائش لاءِ آئون ’سن اينڊ سينڊ‘ ھوٽل ۾ منتقل ٿيڻ چاھيان ٿو يا تنھنجي فليٽ ۾ رھائش اختيار ٿو ڪريان.“ جيڪو ان وقت خالي پيل ھو. ڇو تہ ناصر ۽ ان جي زال پارہ جي رھائش ان وقت ناسيڪ فارم تي ھئي. سائرا لاڏ ڪوڏ ۾ نپني ۽ جوان ٿي ھئي. شاديءَ کان پوءِ ھن جي اڳيان ڪيترائي مسئلا ھئا. ان جي باوجود سائرا مون کي مشورو ڏنو تہ ڪو مسئلو ڪونھي، ھتي ئي تنھنجن ڀائرن ۽ ڀينرن سان گڏ رھنداسين.
سائرا منھنجي زندگيءَ ۾ اچڻ کان پوءِ ھڪدم پنھنجي پاڻ کي بدلائي ڇڏيو هو. ھُوءَ مڪمل طور مون وانگر زندگي گذارڻ لڳي ھئي. ھُوءَ شروع ۾ ماڻھن سان ملڻ وقت ٿورو پنھنجو اسٽينڊر رکندي هئي. ھن کي ھر ڪنھن سان ملڻ پسند نہ ھوندو ھو. ھُوءَ مون وانگر نہ ھئي تہ ڪابہ وڏي شخصيت ھجي يا ڪو عام ماڻھو ٽائيم وٺڻ بنا اچي گهر ۾ ملي. منھنجي دوستن جي آمدورفت کي ڏسندي نسيم آپا ۽ امان جِي ٽن ڊيپ فريزرن جو بندوبست ڪري ڇڏيو هو. اھي کائڻ پيئڻ جي شين سان ھر وقت ڀريل رھندا ھئا. اچڻ وارن مھمانن جي خاطر تواضع ٿيندي رھندي ھئي. منھنجي وڏن مون کي ٻڌايو ھو تہ منھنجي پيرن ۾ سفر جا ڦيٿا لڳل آھن. سائرا منھنجي انھيءَ شوق کي وڌيڪ تقويت ڏني. لفظ سائرا جي معنيٰ سير ڪرڻ واري آھي. شادي، ھڪ مشڪل جوڙ آھي، ڪنھن بہ جوڙي جو صرف واعدن جي بنياد تي سفر طئہ نٿو ڪري سگهجي. اِن ۾ بي شمار لاھا چاڙھا ايندا آھن. ڪنھن بہ جوڙي کي ھڪٻئي لاءِ قربانيون ڏيڻيون پونديون آهن. آئون شرارتون بہ ڏاڍيون ڪندو ھئس، ڪيترائي ڀيرا سائرا سان شرارتون ڪري لطف اندوز ٿيندو ھئس.
1967ع ۾ جڏھن اسان مھاراشٽر جي علائقي ’پنھالا‘ ۾ ھئاسين تہ اتي بہ مون ڪيترائي ڀيرا سائرا کي ڊيڄارڻ واريون شرارتون ڪيون. جڏھن بجلي ھلي ويندي ھئي تہ چُپ چُپات ۾ ڪمري مان ٻاھر نڪري ويندو ھئس ۽ ننڍا پٿر کڻي درين کي ھڻندو ھئس. ٺڙڪي تي سائرا ۽ ان جو اسٽاف ڊڄي ويندو هو. 1968ع ۾ ھڪ دفعي اسان بينگلور جي ھڪ ھوٽل ۾ ترسيل ھئاسين، سائرا جي ملازمہ نورجھان بہ اسان سان گڏ ھئي. آئون ڪمري ۾ ھڪ الماڙيءَ ۾ لڪي ويھي رھيس. سائرا ھيڏانھن ھوڏانھن ڏٺو ۽ سمجهائين تہ آئون ٻاھر نڪري ويو آھيان. ٿوري دير ۾ نورجھان بيگ رکڻ لاءِ جيئن ئي الماڙي کولي تہ مون وڏي دانھن ڪئي، نورجھان خوف کان پري وڃي ڪرِي ۽ سائرا بہ ڊڄي ڏڪي وئي.
اسان بمبئي واپس آياسين تہ آپا نسيم مون کي سمجهايو تہ، ”يوسف پٽ ھيءَ سائرا ڏاڍي ڊڄڻي اٿئي. تنھنجين اھڙين حرڪتن جي ڪري ڪٿي دل جو دورو نہ پويس.“ پر منھنجين شرارتن جي ڪري نازڪ ۽ نفيس سائرا ٿورن ئي ڏينھن ۾ دلير ٿي وئي ھئي. ايتري تائين جو ھُوءَ ھاڻ مون کي بہ شرارتن سان ڊيڄاري رھي ھئي. شاديءَ کان پوءِ بہ منھنجا دوست ستيش ڀالا، بلراج ڪوھلي رات جو ٻين وڳي گهر جي ھيٺيان بيھي ھارن وڄائيندا هئا. انھن جي خيال ۾ آئون بہ انھن سان گهمڻ لاءِ ھلان. شاديءَ کان پھرين رات جو دير تائين گهمڻ اسان جو معمول ھوندو ھو، اسان گڏجي رات جو دير تائين رُلندا ۽ ھوٽلنگ ڪندا هئاسين. پران ۽ ستيش کي اردو شاعريءَ تي دسترس هئي. مير، غالب ۽ فيض جي شاعري ياد ھوندي ھئن. محفلن ۾ اسان کي ڪيترائي غزل ۽ گيت ٻڌائيندا هئا. گليمر سان ڀرپور نوجوان عورت جو ڪجهہ منٽن ۾ تيار ٿيڻ ايڏو سوَلو ڪونھي، ھڪ شام اسان کي ڪيڏانھن وڃڻو ھو. سائرا تياريءَ ۾ ھڪ ڪلاڪ لڳائي ڇڏيو، تيار ٿيڻ کان پوءِ زيورن ۾ ٺھي ٺُڪي منھنجي اڳيان اچي بيٺي. ھُوءَ تمام گهڻي خوبصورت لڳي رھي ھئي. مون کان پڇيائين، ”ڪيئن ٿي لڳان؟“
مون چيو، ”تمام گهڻي خوبصورت، پر تون ھاڻ ھيئن ڪر ھي سڀ زيور ڪنھن ٽوڪريءَ ۾ وجهي کڻي ھل، جيئن ماڻھن کي خبر پوي تہ تو وٽ ڪيترو سونُ آھي.“ ھُوءَ منھنجي لڪل طنز کي سمجهي وئي، ان کان پوءِ ھن گهڻا زيور پائڻ ڇڏي ڏنا ۽ پوءِ ھن جو معمول بڻجي ويو، جيڏانھن بہ ويندا ھئاسين، مختصر ھيرن جي مالا ۽ والين کان سواءِ ٻيو ڪجهہ بہ نہ پائيندي هئي. ڪجهہ عرصو پھرين مالڪ جي مھربانيءَ سان اسان کي دائمي جوڙي جو لقب ڏنو ويو. ماڻھن کي وڏو تجسس ٿيندو آهي تہ اڌ صديءَ کان اھو تعلق ڪيئن برقرار رھيو آھي. اسان جي اعزاز ۾ ھڪ تقريب منعقد ڪئي وئي، پر آئون ۽ سائرا اتي نہ وڃي سگهاسين. اميتاڀ بچن اسان کي گهر اچي شيلڊ ڏني. چوڻ جو مقصد تہ لازوال تعلق نڀائڻ خاطر جوڙي کي قربانيون ڏيڻيون پونديون آهن. ھار سينگار ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ لڳائيندڙ سائرا منھنجي خوشيءَ خاطر پنھنجيون عادتون بدلائي ڇڏيون. ان ۾ ڪوبہ شڪ ڪونھي تہ شاديءَ کان پوءِ مون ۾ بہ ڪافي تبديليون آيون هيون، پر سائرا جنھن طريقي سان پنھنجي پاڻ کي تبديل ڪيو ھو، سو ساراهڻ لائق آهي. مالڪ جي مھربانيءَ سان اسان ھڪ طويل تعلق نڀائڻ ۾ ڪامياب وياسين.
سچي ڳالھ اھا آھي تہ اسان ڪڏھن بہ خودغرضيءَ جي فريب ۾ نہ آياسين. شادي شدہ جوڙا معمولي ڳالھين تي وڙھندا آھن تہ ان تي تڪليف ٿيندي آهي. بيشڪ ھار سينگار ڪرڻ عورت جو حق آهي، پر پنھنجي حق جي حصول لاءِ ٻين جا حق غضب ڪرڻ، مسئلا کڙا ڪرڻ بہ سٺي ڳالھ نہ آھي. مون سائرا جي باري ۾ ٻڌايو آھي تہ ھُو شروع ۾ ميڪ اپ تي وڏو وقت لڳائيندي ھئي، پر جڏھن ان کي محسوس ٿيو تہ اھا ڳالھ مون کي خراب ٿي لڳي تہ ھن پنھنجي عادت مَٽائي ڇڏي. ان حد تائين جو مٿي تي ميندي لڳل ھوندي ھئس تہ ان حالت ۾ بہ مون سان گڏ ھلي ھلندي ھئي.
ھڪ دفعي مون کي بمبئيءَ کان ٻاھر ڪنھن شاديءَ ۾ وڃڻو ھو. سائرا مون سان ايئرپورٽ تائين ھلي، اتي ايئرپورٽ تي ئي ان کي خبر پئي تہ سندس شوٽنگ ملتوي ٿي چڪي آهي، اھو معلوم ڪرڻ بنا تہ جھاز ۾ سيٽون خالي آھن يا نہ، سائرا وٽ ٽائم آھي يا نہ، مون ھن کي پاڻ سان گڏ ھلڻ جي صلاح ڪئي. ھن جي محبت ۽ سادگي ڏسو، انھيءَ سادي لباس ۾ ھُوءَ مون سان ھلڻ لاءِ راضي ٿي وئي. ساادي شلوار قميص ۾ ھن وڏي اطمينان ۽ خوداعتماديءَ سان شاديءَ جي تقريب ۾ شرڪت ڪئي.
سائرا ۾ ڪيتريون ئي خوبيون آھن، ھُوءَ تمام گهڻي نرم مزاج آھي، ڪڏھن ڪنھن ڳالھ کي انا جو مسئلو ڪونھي ٺاھيندي. بردباريءَ جو مظاهرو ڪندي معذرت ڪري ڇڏيندي آهي. ڪاوڙ کان ھن کي بيزاري ٿيندي آهي، جيستائين معاملي کي ختم نہ ڪندي، تيستائين بيچين رھندي آھي. منھنجي ڀيڻ اختر سڀني کان وڌيڪ ھوشيار ۽ چالاڪ ھئي. ھن گهر وارن جي اجازت کان سواءِ فلم پروڊيوسر ۽ ڊائريڪٽر آصف سان شادي ڪئي هئي، جنھن جي ڪري مون ھن سان سدائين لاءِ تعلق ختم ڪري ڇڏيو هو. ھڪ ڏينھن اسان جي گهر ۾ بمبئيءَ جي ’بريچ ڪينڊي اسپتال‘ مان فون آئي، فون سائرا کنئي ٻڌايو ويو تہ اختر شديد بيمار آھي ۽ پنھنجي ڀاءُ سان ملڻ جي خواهش جو اظھار ڪري رھي آھي. ان وقت تائين ھن جو مڙس آصف وفات ڪري چڪو هو. منھنجي ڀيڻ اختر پنھنجين ڌيئرن ساڻ رھندي ھئي. اختر جي شادي مون کي سڄي دنيا ۾ خوار ڪيو ھو. مون چيو، ”مرڻَي مرِي وڃي، پر ان جي شڪل ڪونہ ڏسندس. ان سان ملڻ ڪڏھن بہ ڪونہ ويندس.“ مون سائرا کي ٻڌايو ھو، پر سائرا ھمٿ ڪونہ ھارِي. مون کي منٿون ڪندي رھي ۽ نيٺ مون کي مڃائي ورتائين. ھُوءَ مون کي بريچ ڪينڊي اسپتال ۾ وٺي وئي، جتي ڪيترن ئي سالن کان وڇڙيل ڀاءُ ڀيڻ مليا. منھنجي سائرا سان شاديءَ تي اختر سخت اعتراض ڪيو ھو. ھن جڏھن سائرا کي سمجهيو تہ سندس مداح بڻجي وئي. ھاڻي بہ منھنجي ڀينرن ۾ سائرا کي سڀ کان ويجهي اختر آھي.
سائرا جي طبيعت ۾ قناعت پسندي گهڻي آھي، مالڪ جي ڪرم سان مون ۾ بہ اھا خوبي آهي. عاجزي ۽ انڪساري اسان ٻنھي ۾ گهڻي آھي. ڪڏھن ائين بہ ٿيندو ھو جو سائرا کي چوندو ھئس تہ، ”تيار ٿي ڪٿي فنڪشن ۾ ھلڻو آھي.“ ھُو تيار ٿي منھنجو انتظار ڪندي ھئي ۽ آئون ٻئي ڪنھن ڪم ۾ مصروف ٿي ڳالھ وساري ڇڏيندو ھئس. تيستائين فنڪشن بہ ختم ٿي ويندو هو. گهر ايندو ھئس تہ سائرا طرفان ڪابہ شڪايت نہ ھوندي ھئي، صرف ويسارو چئي ڳالھ اتي ختم ڪري ڇڏيندي هئي.
سائرا جي وڏي خوبي اھا آھي تہ ھُوءَ ماضيءَ جي تلخين کي وساري حال ۾ جيئڻ جي قائل آھي. سچي ڳالھ اھا آھي تہ ھن جون اھي خوبيون ڏسي، مون ۾ اھي خوبيون پيدا ٿيون آهن. سڀني کي خبر آهي تہ مڌوبالا سان منھنجو تعلق تلخين تي ختم ٿيو ھو. سائرا سان شاديءَ کان پوءِ ملڻ جو سوچي بہ نہ سگهندو ھئس، پر سائرا ئي ھئي جنھن جي زور ڀرڻ تي مڌو سان ملڻ ويو هوس. ٿيو ھيئن جو اسان جي شاديءَ جي ڪجهہ ڏينھن کان پوءِ آئون ۽ سائرا مدراس ۾ ھئاسون. مڌوءَ جو نياپو مليو تہ ھُوءَ مون سان ھنگامي طور جلدي ملڻ چاھي ٿي. مدراس ۾ مون اھا ڳالھ لڪائي، بمبئي واپسيءَ تي سائرا کي مڌوءَ جي نياپي بابت ٻڌايم. سائرا مون کي چيو، ”توکي جلدي ھن سان ملڻ گهرجي، ٿي سگهي ٿو ھن کي ڪا پريشاني ھجي.“
آئون مڌوبالا جي گهر ويس، ھُوءَ سخت بيمار ھئي ۽ تمام گهڻي ڪمزور ٿي چڪي هئي. رنگ ھيڊو ٿي چڪو ھئس. مڌوءَ جي اھا حالت ڏسي مون کي تمام گهڻو ڏک ٿيو. ھُوءَ مون کي ڏسي خوش ٿي ۽ چيائين، ”اسان جي شھزادَي کي ان جي شھزادِي ملي وئي آھي، آئون تمام گهڻي خوش آھيان.“
ھُوءَ پنھنجن ذاتي معاملن ۾ الجهيل ھئي ۽ مون کان صلاح وٺڻ چاھيندي ھئي، ڪافي معاملن متعلق گفتگو ڪرڻ کان پوءِ ھُوءَ مطئمن ٿي وئي. اھا مڌوبالا سان منھنجي آخري ملاقات ھئي. مڌو بالا 23 فيبروري 1969ع تي ھن دنيا کان سدائين لاءِ موڪلائي وئي.

زال مڙس جي فلمي جوڙي

فلم ’گوپي‘ ۾ منھنجو ۽ سائرا جو گڏ ڪم ڪرڻ ھڪ سٺو تجربو ثابت ٿيو. مدراس جي ھڪ ڏورانھين علائقي ’ڪوڊمبڪم‘ ۾ ’ناگي ريڊي‘ مسواڙ تي ھڪ الڳ گهر وٺي ڏنو ھو. ھڪ وسيع بيڊمنٽن ڪورٽ، وڻن ۽ ساوڪ ۾ گهيريل گهر جو ماحول انتھائي وڻندڙ ھو. ’گوپي‘ فلم اسان لاءِ ھڪ شاندار ۽ طويل ’ھني مون‘ ثابت ٿي. ھن فلم جو ھدايتڪار ’اي ڀيم سنگهہ ‘ھو.
مون سان فلم ۾ پھريون ڀيرو ڪم ڪرڻ تي سائرا تمام گهڻي خوش ھئي. ھن فلم دوران ‘فريدہ جلال‘ جي سائرا سان دوستي ٿي، جيڪا اڄ تائين جاري آهي. رقص سيکارڻ واري ’روشن ڪماري‘ سان دوستيءَ جي شروعات بہ ھتان کان ٿي. گوپي فلم جو گيت ’جينٽل مين جينٽل مين‘ مقبوليت جا ريڪارڊ قائم ڪيا، ھي گيت ’لتا منگيشڪر‘ ۽ ’مھندرا ڪپور‘ ڳايو. ’راجندر ڪرشن‘ لکيو ھو، جڏھن تہ ڪمپوز ’ڪليان جِي آنند جِي‘ ڪيو هو. ھن گيت تي سائرا کي روشن ڪماري ڪلاڪن جا ڪلاڪ رقص جي مشق ڪرائيندي ھئي. پھرئين ڏينھن جڏھن فلم جا ڪيترائي سِينَ فلمبند ٿي چڪا هئا، تڏھن شاعر راجندر ڪمار، سائرا کي اڪيلائيءَ ۾ چيو ھو تہ، ”ڏس پٽ تو بھترين ڪارڪردگي ڏيکاري آهي، مون کي خوشي ٿي آهي، پر منھنجي نصيحت اھا آھي تہ بطور سائرا بانو اداڪاري ڪر، دليپ ڪمار ٿيڻ جي ڪوشش نہ ڪر. دليپ سان گڏ ڪم ڪرڻ واريون اداڪارائون اھا ئي غلطي ڪنديون آهن، ھُو دليپ ڪمار ٿيڻ گهرنديون ھيون، تنھن ڪري ناڪام ويون. جڏھن وڏي اداڪار سان ڪم ڪري رهيا ھجو، تڏهن ان جو نقل ڪرڻ تمام وڏي غلطي آهي. پنھنجي پاڻ تي ڀروسو رکي، پنھنجين صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ گهرجي.“
سائرا، اھو جڏھن مون کي ٻڌايو تہ مون چيو، ”راجندر ڪمار بلڪل صحيح ٿو چوي، ان جو وڏو مطالعو آھي.“ اھا حقيقت آھي تہ آئون ساٿي اداڪارائن کي انھن جا سِينَ فلمائڻ کان پھرين ڪري ڏيکاريندو ھئس. منھنجي اھا نيت ھوندي ھئي تہ اھي سکن. اھو انداز مون ايس مکرجي ۽ محبوب صاحب کان سکيو هو. ھي ٻئي چھري جا تاثرَ ۽ جسماني حرڪت جي نقل ڪرڻ جا ماھر ھئا. منظرن جي فلمبنديءَ کان پھرين اداڪارن کي سمجهائيندا ھئا.
1964ع جي فلم ’ليڊر‘ جي شوٽنگ دوران ايس مکرجي صاحب، وجنتي مالا کي اھي سِينَ ڪري ڏيکاريا، جڏھن ھُوءَ ھڪ باوقار عورت طور پنھنجي عاشق کي عشق جي اظھار جو جواب ڏيندي آھي.
محبوب صاحب، 1954ع جي فلم ’امر‘ جي ھدايتڪاري ڪري رھيو ھو، ھُن موٽي ھجڻ باوجود ادڪارہ ’نمي‘ کي ھڪ نازڪ ۽ ڳوٺاڻي ڇوڪري طور سِينَ ياد ڪرايا. مالڪ سائين مون کي تاثرَ سمجهڻ لاءِ ڪافي صلاحيتون ڏنيون آهن. ننڍپڻ ۾ ئي مون تاثر تي غور فڪر ڪرڻ ۽ سمجهڻ سکي ورتو هو. چھرن جا تاثر پڙھڻ مون ننڍي وَھِيءَ ۾ سکي ڇڏيا هئا.
پشاور واري گهر ۾ آغاجِي، امان ۽ گهر ۾ اچڻ وارن ماڻھن جي چھرن جا تاثرَ پڙھڻ منھنجو بھترين مشغلو ھو. امان نوٽ ڪري وٺندي ھئي تہ آئون ڪنھن غور فڪر ۾ آھيان. ھُوءَ مون کي ڪمري مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيندي هئي تہ ننڍن کي وڏن جون ڳالھيون نہ ٻُڌڻ گهرجن، پر پوءِ بہ جڏھن گهر وارا ڪمري کان ٻاهر ھوندا ھئا تہ پري کان ويھي انھن جي گفتگوءَ جي موضوع بابت اندازو لڳائي وٺندو ھئس. مون سان گڏ ڪم ڪندڙ اداڪارہ نرگس ھڪ ڀيري مون کان پڇيو تہ، ”عورتن جا طور طريقا، اندازِ بيان ڪيئن ڄاڻي وٺندو آھين؟“
مون ان کي جڏھن پنھنجي ننڍپڻ جا مشاھدہ ٻڌايا تہ حيران ٿي وئي. فلم ’گوپي‘ ڏي واپس اچون ٿا. سائرا سان گڏ ڪم ڪرڻ سان مون کي اندازو ٿيو تہ سائرا محنت سان ھڪ مثالي ڪم ڪرڻ چاھي ٿي. جن منظرن ۾ اسان گڏ ھوندا ھئاسين، ھُوءَ منھنجن مشورن تي عمل ڪندي ھئي، ٻن ٻين فلمن ۾ بہ ھن مون سان گڏ ڪم ڪيو. ھڪ فلم ’سگينا‘ ھئي، جيڪا پھرين بنگالي ۾ ’سگينا مھا تو‘ جي نالي سان ٺھي ھئي. ٻي فلم ’بيراگ‘ ھئي.
سائرا اھڙا ڪردار ڪيا، جن جو حقيقت سان ڪوبہ واسطو نہ ھو. ھن ھدايتڪارن ۽ ليکڪن جي رھنمائيءَ سان گڏوگڏ پنھنجي ڄاڻ ۽ سمجهہ آڌار بھترين اداڪاري ڪئي. گوپي تي اڃا ڪم ھلندڙ ھو تہ اسان زال مڙس فلم ’سگينا‘ ۾ ڪم ڪرڻ جو معاھدو ڪري ڇڏيو. ان سلسلي ۾ مون کي فلم جي ڊائريڪٽر ’تپن سنھا‘ سان ملاقات لاءِ بار بار ڪلڪتي وڃڻو پوندو هو. تپن بہ ايس مکرجي وانگر فزڪس ۾ تعليم يافتہ ھو. ھن بہ سائونڊ انجنيئرنگ ۾ فلمي پيشو اختيار ڪيو ھو. تپن تمام گهٽ ڳالھائو ھو. ھن سان منھنجي پھرين ملاقات ’ھتن چوڌري‘ معرفت ٿي هئي. ھن جي ھڪ خوبي اها بہ ھئي تہ ھُو اداڪارن جي راءِ کي اھميت ڏيندو هو.
فلم جي پسمنظر جي باري ۾ ھن مون سان طويل گفتگو ڪئي. تپن مون کي مشورو ڏنو تہ انڊيا جي آزاديءَ کان اڳ جي مزدور تحريڪن ۽ شدت پسند ھٿياربند تحريڪن جو مطالعو ڪيان. فلم ’سگينا‘ جو ڪردار منھنجي لاءِ متاثر ڪندڙ ھو. فلم پھرين بنگالي ٻولي ۾ ٺاھي وئي. مون کي انھيءُ ئي ٻوليءَ ۾ مڪالما ادا ڪرڻا ھئا. بنگالي ٻولي مون کي پھرين بہ پسند ھئي. فلمي ڪيريئر جي شروعات ۾ اشوڪ ڀاءُ، ايس مکرجي ۽ ٻين بنگالي ھدايتڪارن ۽ ليکڪن سان گڏ رھڻ جو موقعو مليو ھو. اھي بنگالي ٻوليءَ جا وڏا ماھر ھئا. انھن سان گڏ رھڻ ڪري بنگالي ٻولي ڄاڻڻ سان گڏوگڏ ان جي لھجي کان بہ واقف ٿي چڪو ھئس. ان ڪري ھن فلم ۾ بنگالي مڪالمن جي ڪري مون کي ڪابہ ڏکيائي ڪونہ ٿي. فلم ۾ ھندي گيت بہ شامل ڪيا ويا هئا.
مشھور گيت ’توري سنگ تورين بتائي‘ مون تي ۽ سائرا تي فلمايو ويو هو. ھن ۾ سگينا ۽ لليتا جو پيار اھڙي طرح ڏيکاريو ويو هو، جھڙي طرح فلم ’گنگا جمنا‘ ۾ گنگا ۽ ڌنو تي گيت ’ڍُونڍو ڍُونڍو رَي سجنا مورَي ڪانَ ڪا بالا‘ فلمايو ويو هو. ’مجروح سلطانپوري‘ جي لکيل ان گيت کي ’لتا منگيشڪر‘ ۽ ’ڪشور ڪمار‘ ڳايو ھو، جڏھن تہ ايس ڊي برمن (سچن ديو برمن) ڪمپوز ڪيو ھو. آئون فلم ۾ بي حيائي وارن منظرن جي خلاف ھئس. منھنجي ذھن ۾ سدائين اھا ڳالھ ھوندي ھئي تہ پنجن ڀينرن ۽ ڇھن ڀائرن جي خاندان جو سربراھ آھيان. منھنجي فلم ۾ بي حيائي وار منظر منھنجيون ڀينرون ڏسنديون تہ اھي ڇا سوچينديون؟! ان جو قطعي اھو مطلب ناھي تہ آئون ڪٽر خيالن جو حامي ھڪ رجعت پسند آھيان. فلم ڏسندڙ بہ اھا توقع رکندا آهن تہ دلپسند منظر ڏيکاريا وڃن، پر بطور اداڪار منھنجيون ڪجهہ ذميواريون ھيون، جن کي ھر حال ۾ نڀائڻ چاھيندو ھئس. اھو ئي سبب آهي جو مون منظرن جي فلمبنديءَ دوران اھو اصرار ڪيو تہ ڪٿي بہ ھيرو ۽ ھيروئين جي وچ ۾ جسماني ربط نہ ڏيکاريو ويندو. فلمن جي چونڊ جي حوالي کان منھنجي ترجيح ھميشہ سماجي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ ھوندي ھئي. ھر معاملي ۾ ڪنھن وڏي اداڪار جي مرضي نہ ھلندي آھي پر گهٽ ۾ گهٽ منھنجا اسڪرپٽ ڪجهہ اھڙن قسمن جا ھوندا ھئا. مون محنت ڪشن جي جدوجھد، تاريخ ۽ معاشري سميت ڪيترن ئي موضوعن تي ڪاميڊي فلمون ٺاھيون. ھر فلم ۾ منھنجي پنھنجي ترجيح شامل ھوندي ھئي. فلم ’سگينا مھا تو‘ جو موضوع بہ منھنجو پسنديدہ ھو. ھن فلم ۾ مزدور تحريڪن تي اثرانداز ٿيندڙ سياست کي موضوع بڻايو ويو هو. ان وقت سائرا پنھنجين فلمن ۾ مصروف ھئي، پر ھن فلم ’سگينا مھا تو‘ ۾ لليتا جي ڪردار لاءِ ڪم ڪرڻ جو راضپو ڏيکاريو. دراصل ھُوءَ مغربي بنگال جي علائقي ’دارجلنگ‘ ۾ مون سان گڏ رھڻ چاھيندي ھئي. ڪردار تمام گهڻو مشڪل ھو، پر سائرا بھترين طريقي سان نڀايو. سچي ڳالھ اھا آھي تہ آئون پاڻ ھن جي ھمٿ تي حيران ٿي ويو ھئس. ان فلم ۾ ھن جي ڪردار کي نقادن بہ ساراھيو ھو. ھن جي محنت کي ڏسندي مون اھو فيصلو ڪيو تہ سائرا کي زال طور گهر ۾ ويھارڻ ساڻس ناانصافي ٿيندي.
شاديءَ جي ڪجهہ ھفتن بعد مون سائرا جي فلم ’شاگرد‘ جا ڪجهہ سِينَ ڏٺا ھئا. ان ۾ سائرا ھيروئن ۽ ايس مکرجي جو پٽ ’جئي مکرجي‘ ھيرو ھو. ھيءَ فلم ’ثمر گنگولي‘ جي ھدايتڪاريءَ ۾ ٺھي ۽ 1967ع ۾ ريليز ڪئي وئي. ان فلم ۾ سائرا جو ڪم ڏسي مون ھن کي چيو ھو، ”توکي فلم ۾ ڪم ڪرڻ کان روڪڻ وڏو ڏوھ ھوندو.“
’سگينا مھا تو جي‘ لوڪيشن پشاور جھڙي ھئي. اھو پشاور جنھن جا مختلف حصا ۽ علائقا منھنجي ذھن ۾ تازا ھئا، فارغ وقت ۾ گمھڻ ڦرڻ خاطر جبلن تي چڙهي ويندو ھئس يا بازار ۾ نڪري ويندو ھئس. بازار مان واپسيءَ تي سائرا کي پيش ڪرڻ لاءِ اڇا گل خريد ڪري ايندو ھئس. ھڪ ڀيري مون کي ٿيٽر ڏيکارڻ لاءِ وٺي ويا، اتي مون ’قادر خان‘ نالي ھڪ باصلاحيت اداڪار کي ڏٺو. ھُو مون سان اسٽيج جي پويان مليو ۽ ھن ھندي فلمن ۾ ڪم ڪرڻ جي خواهش ظاھر ڪئي. ھن جي اردو تمام بھترين ھئي، مون ’تپندہ‘ سان ڳالھايو ۽ ھن کي ’سگينا‘ ۾ ھڪ غير اھم ڪردار ڏنو ويو. ان کان پوءِ ھن کي ’بيراگ‘ ۾ بہ ڪم مليو. قادر خان پنھنجي صلاحيتن ذريعي منھنجن اندازن کي صحيح ثابت ڪيو. بعد ۾ ھن بيشمار ھندي فلمن ۾ بطور اداڪار ۽ ليکڪ وڏو مقام حاصل ڪيو.
اسان پري ڪنھن جڳھ تي ھئاسين، اڪيلائي ۽ اجنبيت ختم ڪرڻ لاءِ رات جو باھ ٻاري ويھندا ھئاسين. ڳائيندا ۽ ڊانس بہ ڪندا ھئاسين، سائرا جي رقص جي استاد روشن ڪماري رجعت پرست ۽ شرميلي ھوندي ھئي. جئه پور گهراڻي جي روايت مطابق ھُوءَ نقادن اڳيان ڊانس نہ ڪندي ھئي، پر ھڪ رات محفل ۾ ھُوءَ پيرن ۾ ڇيرون ٻڌي نچي ھئي. فلم ’سگينا مھا تو‘ جي ھڪ منظر کان ڏاڍو لطف اندوز ٿيو ھئس. ان جو ذڪر ڪرڻ ضروري آهي، فلم جو ھيرو سگينا آفيس ۾ ويٺي بوريت محسوس ڪندو آهي. ان ڪري تازي ھوا کائڻ لاءِ ٻاھر نڪري ايندو آهي. اوچتو ھُو پنھنجي سامھون ھلندڙ ريل ڏسندو آھي. مون سوچيو تہ ان موقعي تي ھيرو کي ريل سان گڏ ڀڄڻ گهرجي. مون جڏھن انھيءَ منظر جو تپندہ سان ذڪر ڪيو تہ ھن کي بہ منھنجي صلاح وڻي، هن مون ڏي ڏسي چيو تہ ريل سان گڏ ڊوڙڻ لاءِ تنھنجي لاءِ ڪو متبادل انتظام ڪرڻو پوندو. ڇا ان لاءِ تون انتظار ڪندين؟ جڏھن مون کيس ٻڌايو تہ ٽرين سان گڏ ڊوڙڻ جو منظر آئون پاڻ ڪندس، تڏھن ھن کي منھنجي ڳالھ تي يقين نہ آيو. مون ھن کي ٻڌايو تہ ننڍپڻ ۽ نوجوانيءَ ۾ آئون ھڪ بھترين ’ايٿليٽ‘ رھي چڪو آھيان، پر ھن کي يقين ان وقت آيو، جڏھن مون اھو منظر ڪيو، اڄ بہ ڏسندڙ ان منظر تي مون کي داد ڏيندا آهن.

نئون ڪردار

نقادن جو چوڻ هو تہ فلم ’سگينا مھاتو‘ ھڪ سياسي فلم ھئي، ھن فلم کان پوءِ صحافي مون کان اڪثر سوال پڇندا هئا تہ، ”ڇا آئون ڪنھن سياسي پارٽيءَ ۾ شموليت ۾ دلچسپي رکان ٿو؟“
”ھا بلڪل.“ منھنجو جواب ھوندو ھو، ”پر سياست ۾ منھنجي شموليت صرف چونڊ مھم تائين محدود ھوندي.“
آئون وڏي ايوان (راجيہ سڀا)، ننڍي ايوان (لوڪ سڀا) ۾ وڃڻ ۾ دلچسپي نہ رکندو ھئس. وزيراعظم پنڊت جواھر لعل نھروءَ جي چوڻ تي آئون 1962ع ۾ بمبئي ۾ وي ڪي ڪرشنا جي چونڊ مھم ھلائي چڪو ھئس. پنڊت جِي، مون کي دھليءَ مان فون ڪري چيو ھو تہ ڪرشنا جي چونڊ مھم ۾ حصو وٺان. ڪرشنا جي مقابلي ۾ آچاريہ جي بي ڪرپلاڻي اليڪشن ۾ بيٺل ھو. ڪرپلاڻي، ’انڊين نيشنل ڪانگريس‘ جو صدر رھي چڪو هو، اختلافن جي ڪري الڳ ٿيو ھو ۽ ’ڪسان مزدور پَرجا پارٽي‘ جي نالي سان نئين پارٽي ٺاھيائين، بعد ۾ ھن پنھنجي پارٽي کي ’سوشلسٽ پارٽي آف انڊيا‘ ۾ ضم ڪري ڇڏيو. مون پنڊت جِي جَي حڪم جي تعميل ڪئي. آئون پنھنجي پيءُ آغاجِيءَ کان پوءِ سڀ کان وڌيڪ عزت پنڊت جِي جي ڪندو ھئس. ڪرشنا سان ملڻ لاءِ ڪانگريس جي آفيس جوھُو ھليو ويس، ڪرشنا آفيس ۾ نہ پھتو ھو، آئون ان کي سڃاڻندو بہ ڪونہ ھئس، پر سندس نالو گهڻو ٻڌو ھئم، خاص طور اقوامِ متحدہ جي سيڪيورٽي ڪائونسل ۾ ڪيل ان جي تقرير جيڪا اٺن ڪلاڪن تي مشتمل ھئي، جو وڏو چرچو ھو. جنوري 1957ع ۾ ڪيل ان تقرير ۾ ھن ڪشمير متعلق ڀارت جو موقف پيش ڪيو ھو. آئون ڪانگريس جي آفيس ۾ اڪيلو ويٺو ھئس تہ منھنجي ڀرسان ھڪ ماڻھو اچي ويھي رھيو.
ھن پنھنجو نالو رجني ٻڌايو ۽ چيائين تہ، ”گذر سفر لاءِ وڪالت ڪندو آھيان.“ مون کيس ھٿ ڏيندي چيو تہ، ”منھنجو نالو يوسف آھي پر آئون ڪجهہ ڪونہ ڪندو آھيان.“ ھُو منھنجو جواب ٻڌي حيران ٿيو، اھو رجني پٽيل ھو، جيڪو بعد ۾ منھنجو بھترين دوست ٿي ويو.
ڪرشنا، ڪمري ۾ داخل ٿيندي ئي مون سان ايڏي محبت ۽ گرمجوشيءَ سان مليو، ڄڻ اسان ھڪ ٻئي کي سالن کان سڃاڻندا ھجون. ڪرشنا، رجنيءَ سان منھنجو تعارف ڪرايو. مون کي نہ سڃاڻڻ تي رجني مون کان معافي ورتي. ھن مون کي ٻڌايو تہ فلمون ڪونہ ڏسندو آھيان. ھڪ دفعي سئنيما ويو ھئس. آفيس جا ٻيا ماڻھو بہ ان وقت اسان جي ڪمري ۾ اچي ويا، ڪرشنا مرڪندي انھن کي چيو تہ توھان سڀ دليپ ڪمار جو ديدار ڪرڻ آيا آھيو. ڪرشنا جلدي ڪم جي ڳالھ تي اچي ويو، ھُن چاھيو ٿي تہ آئون ھن جي اليڪشن مھم ھلايان، ڇو تہ مقابلو سخت ھو، ھن مون کان پڇيو، ”توھان اردوءَ کان سواءِ ھندي ۽ مراٺي بہ رواني سان ڳالھائي ويندا آھيو؟ پنڊت جِي مون کي اھو ئي ٻڌايو آھي.“
پنڊت جِي، ڪرشنا کي ٻڌايو ھو تہ يوسف ڳالھائڻ ۽ ٻئي کي قائل ڪرڻ ۾ وڏي مھارت رکي ٿو. ھُو مختلف موضوعن تي روانيءَ سان ڳالھائي سگهي ٿو، مون ڪرشنا کي ٻڌايو تہ ڪڏھن ڪنھن مجموعي سان مخاطب نہ ٿيو آھيان، توھان جي چونڊ مھم لاءِ جلسن ۾ خطاب ڪرڻ منھنجي لاءِ نئون تجربو ھوندو.
مون کي خبر آهي تہ پنڊت جِي منھنجي ڳالھائڻ واري انداز مان ڪيئن متاثر ٿيو ھو، ان جو پسمنظر ھيئن آھي. 60ع واري ڏھاڪي جي آخر ۾ فلم سينسر بورڊ منھنجي فلم ’گنگا جمنا‘ کي اين او سي ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، اھا سراسر ناانصافي ھئي ڇو تہ ٽي ڏينھن پھرين ئي بورڊ راج ڪپور جي فلم ’جس ديش مين گنگا بھتي ھي‘ کي اين او سي جاري ڪيو هو. جڏھن تہ انھيءَ فلم جي ڪھاڻي چورن جي چؤگرد ڦري ٿي ۽ فلم ۾ تشدد بہ ڏيکاريو ويو هو. انھيءَ ئي الزام ۾ منھنجي فلم کي روڪيو ويو هو. ان وقت جي وزيرِ اطلاعات ’ڊاڪٽر بي وي ڪيسڪر‘ کي مون نظرثاني جي اپيل ڪئي، جيڪا ھن رد ڪري ڇڏي. اخلاقيات متعلق ھن جا پنھنجا خيال ھئا، ھن منھنجي ڳالھ ٻڌڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، مايوس ٿي آئون پنڊت جواھر لعل نھروءَ سان مليو ھئس. مون پنڊت سان نہ رڳو پنھنجي فلم بابت پر ٻين روڪيل فلمن بابت بہ ڳالھايو. پنڊت جِي، ’گنگا جمنا‘ فلم جو ٻيھر جائزي وٺڻ جو حڪم ڏنو. بورڊ اعلان ڪيل رليز واري تاريخ کان ڪجهہ ڏينھن پھرين ڪليئرنس ڏيئي ڇڏيو. ’گنگا جمنا‘ سان گڏ ٻين روڪيل فلمن کي بہ اين او سي جاري ڪيو ويو.
رجني پٽيل ۽ آئون ويجها دوست ٿي ويا ھئاسين. ھُو ذھين ۽ اصول پسند ھو. ھن سان باقاعدگيءَ سان بامقصد ملاقاتون ٿينديون رهيون. 1962ع ۾ اتر بمبئيءَ جي لوڪ سڀا جي ھن سيٽ تي چونڊ ڊرامائي صورتحال اختيار ڪري چڪي هئي، رجني مون کي جتي بہ وٺي ويندو هو، ھن جي عادت ھوندي ھئي تہ مون کي آخر ۾ ايجنڊا ٻڌائيندو هو. سڀ کان پھرين وڏو جلسو، جنھن ۾ مون کي خطاب ڪرڻو ھو، اھو ڪوپريج گرائونڊ ڏکڻ بمبئي ۾ ھيو، اسان ڪار ۾ وڃي رھيا ھئاسين، رجني مون کي چيو توھان کي اڄ وڏي مجموعي سان مخاطب ٿيڻو آھي. مون کي ڪاوڙ اچي وئي، رجنيءَ کي چيم، ”توکي مذاق ٿو لڳي، آئون ڪو سياستدان آھيان جو ڪنھن بہ موضوع تي ماڻھن کي پنھنجي ڳالھ تي قائل ڪري وٺندس.“
رجنيءَ پيار مان منھنجي ھٿ تي پنھنجو ھٿ رکي چيو، ”۽ اسان ڪڏھن ٿا چئون تہ توھان سياستدانن وانگر تقرير ڪيو. سياسي تقرير توھان سياستدانن تي ڇڏيو، توھان ماڻھن سان صرف دليپ ڪمار ٿي ڳالھايو.“
آئون ھن جي ڳالھ سمجهي نہ سگهيس، اسان جلسي ۾ پھچي وياسين، ماڻھن جو ھڪ وڏو انگ مون کي ڏسڻ ۽ ٻڌڻ آيو ھو. رجني مون کي وڏي ڏکيائيءَ ۾ ڦاسائي ڇڏيو هو، صورتحال جي سنگينيءَ سبب ھُو مون سان اکيون بہ نہ ملائي رھيو ھو. جلسي ۾ پھچڻ شرط ماڻھن ’دليپ ڪمار زندہ باد‘ جا نعرا ھڻڻ شروع ڪيا، ھاڻي اسٽيج تي وڃي تقرير ڪرڻ لازمي ٿي ويو ھو. نعرن ۾ شدت اچي وئي ھئي. ذھن ۾ اھو منظر اچي ويو، جڏھن آئون پشاور ۾ مجموعي ۾ انگريزي نظم ٻڌائيندو ھئس، اسٽيج تي بيھي مون ھڪ وڏو ساھ کنيو، تقرير جي شروعات ڪيم، آئون ڏھن منٽن تائين تقرير ڪندو رھيس. ماڻھن منھنجي تقرير کي ساراهيو، ايتريون تہ تاڙيون وڄايون، جو ٻوڙو ٿي ويس، جلسي ختم ٿيڻ کان پوءِ بہ ماڻھو وڃڻ لاءِ تيار نہ ھئا. رجني فاتحانہ مرڪ سان مون ڏي ڏسي رھي ھو.
ھاڻي آئون جلسن ۾ تقريرون ڪرڻ لڳو ھئس، چونڊ جلسن ۾ ڪيل منھنجين تقريرن تي تعريفون ٿي رھيون ھيون، رشتيدار ۽ دوست ھمت افزائي ڪري رھيا ھئا. جلسن ۾ مون کي مائڪروفون ھٿ ۾ ڏيئي چوندا ھئا تہ ھاڻ شروع ٿيو. آئون شروع کان مطالعي جو شوقين رھيو آھيان، ڪنھن بہ موضوع تي جيڪو بہ ڪتاب ملندو هو، پڙھي وٺندو ھئس. منھنجي ڀاءُ، ڀينرن ۽ دوستن کي خبر ھئي تہ مون کي ڪتابن سان عشق آھي. ھنن کي خبر ھئي تہ مون کي ڪتاب جي تحفي تي ڏاڍي خوشي ٿيندي آهي. ڪتابن ۾ پڙھيل شيون اڄ چونڊ مھم جي جلسن ۾ تقريرون ڪرڻ ۾ ڪم اچي رھيون ھيون. ڪرشنا، اليڪشن ۾ زبردست ڪاميابي حاصل ڪئي. ان کان پوءِ ڪانگريس جي چونڊ مھم ھلائڻ منھنجو معمول بڻجي ويو. رجني پٽيل سان منھنجا تعلقات وڌيڪ گهرا ٿي ويا، ھُو بنيادي طور ھڪ وڪيل ھو، پر سياست بہ ڪرڻ لڳو ھو، ڪيترائي وڪيل اسان ٻنھي جا گڏيل دوست ھئا.
ھڪ ڏينھن ڳالھين ئي ڳالھين ۾ مون رجني پٽيل کي چيو، ”بمبئي ھڪ ڪاسموپوليٽن شھر آھي، اتي ھڪ اھڙي جڳھ ھجڻ گهرجي، جتي ڪلاسيڪل ڊانس، ميوزڪ ۽ ادبي محفل منعقد ٿئي، وڏن اديبن ۽ شاعرن جي ڪچھري ٿئي. ھڪ سائنس مرڪز ھجڻ گهرجي، جتي سائنسي گڏجاڻيون ٿين، جيئن ايندڙ نسل کي ترغيب ملي.“
انھن ڏينھن ۾ اسان وٽ اسپيس ٽيڪنالاجي تي ڪم ٿي رهيو هو، پروفيسر وڪرم جي قيادت ۾ خلائي سائنس ۾ اھم پيش رفت ٿي چڪي هئي. رجني منھنجي مشوري تي سھمت ٿيو، ھن سائنس، فائن آرٽس ۽ ثقافتي مرڪز جي قيام لاءِ سفارشون تيار ڪيون، اھا 1970ع جي شروعات جي ڳالھ آهي. ملڪ جي وزيراعظم ھاڻ پنڊت جواھر لعل نھرو جي ڌيءُ اندرا گانڌي ھئي. ذڪر ڪيل سفارشون ان کي پيش ڪيون ويون. پنھنجي والد صاحب وانگر اندرا بہ فيصلا سٺا ڪندي ھئي. اسان جي ڏنل تجويزن تي ڪم ڪيو ويو. وَرلي ۾ ’نھرو سينٽر‘ قائم ڪيو ويو، اسان جي تجويز ڪيل ’نھرو سينٽر‘ جو پيڙھ جو پٿر 2 نومبر 1972ع تي وزيراعظم اندرا گانڌي رکيو. منھنجي ۽ رجني پٽيل جي نظر ۾ سياست جو مطلب عوام جي خدمت ڪرڻ ھو. اسان اليڪشن ۾ بيھي کٽي سگهون پيا، پر اسان ان ڳالھ ۾ خوش ھئاسين تہ ٻوڏ، ڏڪار، زلزلا ۽ ٻين آفتن ۾ چندو گڏ ڪري حڪومت جي حوالي ڪيون. ڪنھن بہ قدرتي آفت کان پوءِ بمبئيءَ ۾ متاثرن جي بحاليءَ لاءِ فنڊ ريزنگ جلوس ڪڍيو ويندو هو. ماڻھو امدادي سامان کڻي ايندا هئا ۽ بدلي ۾ پنھنجي پسنديدہ فلم اسٽار سان ھٿ ملائيندا هئا. ان ڪري اسان ماڻھن سان انتھائي شائستگيءَ سان پيش ايندا ھئاسين. ٻئي پاسي اداڪارن جي حفاظت لاءِ بندوبست بہ ڪرڻو پوندو هو، خاص طور ان وقت جڏھن ماڻھن کي پنھنجي پسنديدہ ادڪار سان ھٿ ملائڻ جو موقعو ڏنو ويندو هو تہ ماڻھو بدتميزي بہ ڪندا هئا. عورت اداڪارائن جي حفاظت لاءِ ٽرڪ تي موجود اسان مردن کي محتاط رھڻو پوندو هو. ماڻھن طرفان وڏي محبت ملندي هئي، اھو سڀ ڏاڍو بھتر لڳندو هو، شام تائين امدادي سامان جو ڍير ڏسي دل کي وڏو سڪون ملندو هو. اسان سمجهندا ھئاسين تہ اسان پنھنجي حيثيت آھر پنھنجو فرض نڀايو آهي.
1980 ۾ اسان مھاراشٽر جي تفريحي علائقي ’مھابليشور‘ ۾ موڪلون گذاري رھيا ھئاسين. رجني مون کي ننڊ مان اٿاري چيو تہ، ”مون ۽ رياست مھاراشٽر جي وزيرِاعليٰ شرد چندر گوندراءِ توکي بمبئيءَ جو شيرف مقرر ڪيو آھي.“ مون ان کي مذاق سمجهيو، آئون ڪجهہ چوڻ وارو ھئس تہ رجني چيو، ”ڏس انڪار جي گنجائش ناھي، تنھنجي اجازت کان پھرين حڪومت خبر نشر ڪري ڇڏي آهي، جيڪڏهن توکي تصديق ڪرڻي آهي تہ ھاڻ ئي ريڍيو کول ۽ خبر ٻڌ.“ واقعي ئي ھر خبر ۾ ٻڌايو پئي ويو تہ دليپ ڪمار کي بمبئيءَ جو شيرف مقرر ڪيو ويو آهي. رجني چيو تہ، ”ھاڻ تون جيڪڏهن انڪار ڪندين تہ منھنجي ۽ منھنجي وزيرِاعليٰ دوست جي بيعزتي ٿيندي.“ ھا رجني يقين ڏياريو تہ نئين ملازمت ھڪ غير سياسي عھدو آھي، ان لاءِ آفيس ۾ روز اچڻ ضروري نہ آهي، سڀ کان اھم ڳالھ تہ ملازمت تنھنجي فلمي سرگرمين ۾ رڪاوٽ نہ بڻبي. رجني اھي سڀ ڳالھيون ۽ يقين ان ڪري ڏياري رھيو ھو، ڇاڪاڻ تہ آئون ڪيترائي دفعا شيرف ٿيڻ کان انڪار ڪري چڪو ھئ س. ڇو تہ ان وقت آئون منوج ڪمار جي فلم ’ڪرانتي‘ ۾ ڪم ڪري رهيو ھئس. ان کان سواءِ ذاتي مصروفيتون بہ تمام گهڻيون ھيون.
شيرف مقرر ٿيڻ جي خبر ٻڌي سڀ کان پھرين منوج ڪمار مبارڪون ڏنيون ھيون. منھنجي مقرريءَ تي ھُو ڏاڍو خوش ھو. هن جي خوشيءَ تي مون کي حيراني ٿي، ڇو تہ آئون سندس اھم ترين فلم ’ڪرانتي‘ ۾ ڪم ڪري رهيو ھئس، ان جو سڄو شيڊيول طئہ ٿيل ھو. منھنجي شيرف مقرر ٿيڻ جي ڪري شيڊيول متاثر ٿي پئي سگهيو، پوءِ بہ ھُو خوش ھو. ھن جي خواھش ھئي تہ آئون شيرف جو حلف کڻان تہ اھو منظر فلمبند ڪيو وڃي. ھن جو چوڻ هو تہ ان جي فلمبنديءَ لاءِ راج ڀَوَن کان باقاعدي اجازت وٺان، مھاراشٽر جي گورنر مون کان حلف کڻايو هو. ڪنھن اداڪار کي پھريون ڀيرو ڪنھن شھر جو ’شيرف‘ مقرر ڪيو ويو ھو، توقع مطابق ان خبر وڏو ٻڙڌڪ مچائي ڇڏيو. شيرف جو عھدو منھنجي لاءِ انتھائي مصروف ثابت ٿيو. حلف کڻڻ کان وٺي آخري ڏينھن تائين آئون تمام گهڻو مصروف رھيس. ھر تقريب ۾ شيرف کي گهرايو ويندو هو. تقريبن جو سلسلو صبح ڏھين کان رات جي ٻارھين تائين جاري رهندو هو. منھنجو عھدو ايڏو مصروف ثابت ٿيو، جو ڪپڙن بدلائڻ جو بہ ٽائم نہ ملندو هو. سائرا، ان جو حل ڪڍي ورتو هو، ھن مستقل طور ھڪ سُوٽ ڪيس گاڏيءَ ۾ رکرائي ڇڏيو هو، جيڪو منھنجن ڪپڙن سان ڀريل ھوندو ھو، جيئن تقريبن ۾ انھن کي استعمال ڪري سگهان، ڇو تہ گهر واپس اچڻ ۽ ڪپڙا تبديل ڪرڻ جو وقت ئي نہ ملندو هو.
ھڪ سال تائين آئون شيرف رھيس. ان دوران آئون وڏن وڏن اجتماعن سان مخاطب ٿيس. ماڻھن جي ذھنن ۾ اھا ڳالھ ويٺل ھئي تہ فلمي ماڻھو ٻيو ڪو ڪم نٿا ڪري سگهن. آئون ان غلطفھميءَ کي دور ڪرڻ چاھيندو ھئس. ان دوران مون دل جي بيمارين جي ماھرن، باغباني، پولٽري فارمنگ، فارماسيوٽيڪلز جي وفدن سان ملاقاتون ڪيون. فلم ’ڪرانتي‘ جي شوٽنگ تمام گهڻي متاثر ٿي، پر ان لاءِ بہ ٿورو گهڻو وقت ڪڍي وٺندو ھئس. مکڻ وڪڻڻ واري ھڪ ڪمپني ’اَمُل‘ منھنجي پسمنظر ۾ پنھنجو ھڪ اشتھار ھيئن ترتيب ڏنو، ”سوري پارٽنر شيرف شوٽنگ تي ويو آھي.“
پھرين شيرف پوءِ 2000ع کان 2006ع تائين راجيہ سڀا جو ميمبر ھوندي، مون سدائين اھا ڪوشش ڪئي تہ پنھنجن اختيارن ذريعي وڌ کان وڌ ماڻھن جي مدد ۽ ڀلائي جا ڪم ڪيان. فنڊن جو ھميشہ بھترين استعمال ڪيم، مستحق سرڪاري اسپتالن ۽ اسڪولن کي عطيو ڏنم. بمبئي، ناسڪ، نندا ۽ ٻين پٺتي پيل علائقن ۾ روڊ ٺھرايا، سڀ کان وڌيڪ خوشي مون کي ان ڳالھ تي ٿي تہ مون بمبئيءَ جي ڪچين آبادين ۾ صاف سٿرا ۽ جديد طرز جا واش رومز تعمير ڪرايا. مون کي ياد ڪونھي تہ ڪنھن اسڪول جي قيام لاءِ رقم گهري ھجي ۽ مون انڪار ڪيو ھجي. اھا بدقسمتي آھي جو منھنجي ڪيل سٺن ڪمن جو نتيجو برو نڪتو، ھڪ سرگرم سياستدان دوست مون کان زبردستي گهر جي ويجهو ھڪ قيمتي پلاٽ ورتو، ھن واعدو ڪيو بمبئي ميونسپل ڪارپوريشن اتي ھڪ زبردست پارڪ ٺھرائيندي، پر افسوس جو ڪيترائي سال گذرڻ باوجود اتي ڪجهہ نہ ٺھي سگهيو آھي.
معاشرو جنھن کي عزت، احترام ۽ وڏو مقام ڏئي، ھن جو بہ فرض ٿئي ٿو تہ ھُو بہ معاشري کي ڪجهہ نہ ڪجهہ واپس ڪري. ساٿي اداڪارن کي بہ مون ھميشہ اھو ئي چيو آھي تہ پنھنجي سماج جي بھتريءَ لاءِ ڪجهہ نہ ڪجهہ ڪجي. آئون پنھنجي لاءِ ان ڳالھ کي ﷲ جي رحمت سمجهان ٿو تہ آئون نابينن جي قومي انجمن جو چيئرمين رھيس ۽ انجمن جي مدد ڪيم. ھن ڪم ۾ مون کي شرڪت جي دعوت منھنجي پياري دوست ’وجئہ مرچنٽ‘ ڏني ھئي، ھي وجئہ مرچنٽ اھو ئي ھو، جيڪو ڀارت جي ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتان رھي چڪو آھي.
نيتن بوس 1951ع ۾ پنھنجي ھڪ فلم ’ديدار‘ ۾ مون کان ھڪ نابين شخص جو ڪردار ڪرائڻ چاھيندو ھو، ڪردار کي فلم جي شروعات ۾ ئي انڌو ٿيڻو ھو، مون کي عجيب لڳو تہ نابين شخص ڪئميرا ۽ پنھنجن ساٿي اداڪارن کي ڪيئن ڏسندو؟ مون ان سلسلي ۾ محبوب صاحب سان مشورو ڪيو تہ ھن چيو تہ بمبئيءَ جي سينٽرل ريلوي اسٽيشن تي ويٺل ھڪ نابين فقير سان وڃي مل. محبوب صاحب چيو تہ ان انڌي فقير جو ويجهڙائيءَ کان مشاھدو ڪر، ان جي حرڪتن تي غور ڪر، پوءِ ان کان سندس اونداهي واري زندگيءَ بابت ڳالھ ٻولھ ڪر، مون محبوب صاحب جي مشوري تي عمل ڪيو، مون ان مشاھدي مان گهڻو ڪجهہ سکيو. مان ان وقت اسٽيشن تي ويندو ھئس، جڏھن ٿوري اونداهي ھوندي ھئي يا ريل ڇُٽڻ وقت ويندو ھئس، ان وقت ماڻھن کي جلدي ھوندي ھئي. فقير کي ٻيو ڪو ماڻھو غور سان نہ ڏسندو هو تہ فقير وٽ ڪير ويٺو آھي. ھڪ ڏينھن جڏھن ان وٽ ويس تہ ٻيو فقير بہ ويٺو هو، مون جڏھن ان سان ڳالھائڻ شروع ڪيو تہ ٻيو فقير حيران ٿيو ۽ مون کان پڇيائين، ”تون ڪير آهين؟ تنھنجو آواز ان اداڪار سان ملي ٿو، جنھن جي مون ويجهڙ ۾ فلم ڏٺي آهي.“
آئون حيران ٿي ويس، ”تو ڪيئن فلم ڏٺي، جڏھن تہ تون انڌو آھين!“
ھن جواب ڏنو تہ، ”فلم ڏسڻ جي نہ پر ٻڌڻ ۽ محسوس ڪرڻ لاءِ ھوندي آھي، ھا البت محسوس ڪرڻ واري دل ھجي. اسان بہ عام ماڻھن وانگر سوچڻ، روئڻ، کِلڻ سميت سڀ حواس رکندا آھيون. بس ڏسڻ واري صلاحيت کان محروم آھيون.“ فقير ٻڌايو تہ ھن منھنجي ھڪ فلم ورائي ورائي ڏٺي آهي، ڇو تہ کيس فلم جا مڪالما ۽ گيت بيحد پسند آھن، ان نابين شخص جي ھمت ۽ حوصلي مون کي بيحد متاثر ڪيو.
نابينن سان ملڻ کان پوءِ ھڪ دفعي وجئہ مرچنٽ ’نيشنل ايسوسيئيشن آف دي بلائينڊز‘ جو خيال منھنجي اڳيان رکيو، اھڙي طرح ان انڌي فقير جو چھرو منھنجي اڳيان اچي ويو. مون طئہ ڪري ڇڏيو تہ ان راھ ۾ جيڪي بہ ڏکيائيون آيون، برداشت ڪندس، پر نابينن جي مدد ضرور ڪندس. منھنجي دل ۾ ھڪڙو خيال آيو تہ جيڪڏھن محنت ڪئي وڃي تہ نابينن جي ايسوسيئيشن کي مالي لحاظ کان پنھنجن پيرن تي بيھاري سگهجي ٿو. اھڙي طرح ڏسڻ کان محروم ماڻھن کي عزت ۽ وقار جي زندگي گذارڻ جي قابل بڻائي سگهجي ٿو. خوشقسمتيءَ سان ان سلسلي ۾ منھنجي ’ٽاٽا انسٽيٽيوٽ آف سوشل سائنسز‘ مان سٺن نمبرن سان پاس ٿيندڙ ھڪ نوجوان عورت ’ويرا رائو‘ مدد ڪئي. ھي عورت فنڊ ريزنگ ۽ فنڊ مئنيجمينٽ ۾ ماھر ھئي، ھن وٽ بي شمار آئيڊياز ھئا، ھن ھڪ تجويز ڏني تہ نابينن جي مدد لاءِ سال ۾ ھڪ دفعو بمبئيءَ کان پونا تائين ھڪ خصوصي ريل ھلائي وڃي، ’خصوصي امدادي ٽڪيٽ جي خريدار دليپ ڪمار سان گڏ سفر ڪيو، تصويرون ڪڍرايو ۽ ڪچھري ڪيو.‘
1960ع ۾ اسان نابينن جي مدد لاءِ پھرين خصوصي ريل ھلائي، سڀ کان پھرين مون پنھنجي طرفان 50 ھزار روپين جي امداد جو اعلان ڪيو، مون کي ريل جي سفر دوران گارڊ ڪيبن کان ريل جي ٻئي ڇيڙي تائين ھلڻ جو چيو ويو. ان دوران مون کي ماڻھن سان ملڻو ۽ ڪجهہ ڳالھ ٻولھ بہ ڪرڻي ھئي، ھر سال ھلڻ واري ھن اسپيشل ٽرين ۾ اھو معمول مطابق جاري رھيو. ريل ۾ سائرا بہ مون سان گڏ ھوندي ھئي، ھر ڳالھ ۾ ڪاٽُو پھلو سوچڻ وارن پروپگينڊا ڪئي، پر ھي سفر ڪامياب رھيو. اسان گهڻا پئسا گڏ ڪري ورتا ۽ ان قابل ٿي وياسين تہ عالمي مارڪيٽ مان نابين شاگردن لاءِ بھترين ’بِريل بُڪس‘ گهرائي پيا سگهون. مون کي ان خصوصي ريل جو انتظار ھوندو ھو.
ڏھن سالن تائين اسان ريل ھلائيندا رھياسين. سفر دوران ماڻھن سان ويھڻ ۾ ڏاڍو مزو ايندو هو. ماڻھو گهران کاڌو تيار ڪري ايندا هئا. ھڪ زبردست تفريح وارو ماحول ٺھي ويندو هو. آئون ماڻھن سان انھن جي ٻولين ۾ ڳالھائيندو ھئس. ھُو خوش ٿيندا هئا، انھن سادن ماڻھن منھنجيون فلمون ڏٺيون ھونديون ھيون. شروع ۾ ماڻھو مون سان ۽ سائرا سان ڳالھائڻ مھل شرمائيندا ھئا. آئون جڏھن انھن سان پنھنجي ٻوليءَ ۾ ڳالھائيندو ھئس تہ انھن جي گهٻراھٽ ختم ٿي ويندي ھئي. اھي سمجهندا ھئا تہ دليپ ڪمار انتھائي سادي طبيعت وارو آھي. ھُو سمجهندا ھئا تہ دليپ جي زال بہ ان وانگر سادي آھي ۽ سدائين ان جي پويان ھلندي آھي. آئون پنھنجن فلمي دوستن کي بہ ريل جي سفر جي دعوت ڏيندو ھئس، جيتري قدر مون کي ياد آهي ’جوني واڪر‘ ريل جي سفر جو سڀ کان وڌيڪ مشھور مھمان ثابت ٿيو.
سٺن ڪمن ۾ شريڪ ٿيڻ تي مون کي خوشي ملندي هئي، خبر ناھي اھا خوبي مون کي ورثي ۾ ملي ھئي يا ان ماحول مان ملي ھئي، جتي آئون وڏو ٿيو ھئس. 1988ع جي ڳالھ آهي، مون کي پنھنجي اباڻي شھر مان ڪنھن خط لکيو، پشاور ھونئن تہ گهڻي ترقي ڪئي آھي پر اڃا تائين ھتي ڪا بلڊ بئنڪ ناھي. ٿيليسيميا ۽ ٻين بيمارين ۾ مبتلا ماڻھو وڏي تڪليف ۾ آھن. ’فاطميد فائونڊيشن‘ نالي ھڪ تنظيم بلڊ بئنڪ جو مرڪز قائم ڪري رھي آھي، اسان جي خواهش آھي تہ توھان بلڊ بئنڪ جو افتتاح ڪيو، ڇا توھان ان نيڪ ڪم لاءِ اچي سگهو ٿا؟ مون کي جڏھن خط مليو. ان وقت پشاور ۽ اتي گذاريل وقت کي وساري چڪو ھئس. البت راج ڪپور ۽ آئون جڏھن ملندا ھئاسين پشاور ۾ گذاريل ڏينھن بابت ڪچھري ضرور ڪندا ھئاسين. نيڪ مقصد لاءِ مليل دعوت کي نظرانداز نہ پيو ڪري سگهان، مون سائرا سان صلاح ڪئي، سائرا چيو، ”ان نيڪ ڪم لاءِ جيترو ٿي سگهي اھو گهٽ آھي.“ اسان پشاور جي دوري ۽ اتي بلڊ بئنڪ جي افتتاح جي دعوت قبول ڪري ورتي. ان وقت جنرل ضياء پاڪستان جو صدر ھو، ان کي جڏھن منھنجي پشاور اچڻ جي خبر پئي تہ ھن مون کي سرڪاري مھمان طور گهرائي ورتو. ھڪ ذاتي دورو ۽ بلڊ بئنڪ جي افتتاح جي ھڪ سادي دعوت ھاڻي اسٽيٽ وزٽ جي حيثيت اختيار ڪري چڪي هئي، پاڪستان جي صدر طرفان ڪنھن ڀارتي شخص کي ايڏو مقام ڏيڻ وڏو اعزاز ھو. باوجود ان جي اھو تاثر ڏنو ويو تہ آئون رياست جو سربراھ يا ڪو نمائندو ھجان، سچي ڳالھ اھا تہ ھڪ محنتي اداڪار کان سواءِ آئون ڪجهہ بہ ناھيان، اھو اداڪار، جنھن محنت ۽ سٺي نصيب جي ڪري وڏو مقام حاصل ڪيو هو.
تصور ڪري سگهجي ٿو تہ ان دوري جي تياريءَ لاءِ مون ڪيڏي وڏي پئماني تي تياري ڪئي ھوندي. مون سان گڏ منھنجا ملازم، رشتيدار، گهر وارا ۽ صحافين جو ھڪ وڏو تعداد پشاور لاءِ نڪرڻو ھو. تياري دوران مون کي اھو خيال ايندو هو تہ پشاور منھنجو جنم ڀومي آھي، جيڪو ڪنھن وقت ھندوستان جو حصو ھو، اھو ھندوستان جنھن کي آئون فخر سان پنھنجو ملڪ سمجهان ٿو. آگسٽ 1947ع ۾ آغاجِي کي جڏھن خبر پئي تہ ان جي زمين ۽ ملڪيت ھاڻ پاڪستان ۾ آھي، يقينن کيس پريشاني ٿي ھوندي. ماڻھن جڏھن آغاجِي کي چيو تہ پاڪستان وڃي پنھنجي ملڪيت سنڀال، تڏھن ھن چيو ھو ھاڻ اسان ڀارت ۾ رھنداسين ۽ اتي ئي دفن ٿينداسين. پشاور جي وزٽ جون تياريون بہ جاري ھيون ۽ مون کي اتي گذاريل ننڍپڻ جو وقت بہ ياد اچي رھيو ھو. مون کي ويجهن مائٽن، دوستن ۽ پاڙي ۾ رھندڙ ماڻھن جا چھرا تصور ۾ اچي رھيا ھئا. آغاجِي، امان، ڏاڏو، ڏاڏي، گهر جون محفلون، مندر جون گهنٽيون، مسجد ۾ ايندڙ آذان جو آواز، ھر شئي منھنجي دماغ ۾ ڦرڻ لڳي. ھڪ حسرت دل ۾ رھجي وئي، آغاجِي زندہ ھجي ھا تہ پنھنجي پٽ کي ھڪ سربراھ جيترو پروٽوڪول ملندي ڏسي ھا تہ ڪيڏو خوش ٿئي ھا.
دوري کان پھرين مون کي خبر پئي تہ ’پي آئي اي‘ پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائينز جي ھر پائليٽ جي اھا خواھش ھئي تہ ھُو دليپ ڪمار جي فلائيٽ کڻي اچي. اسان 2 اپريل 1988ع تي بمبئيءَ کان روانا ٿياسين. جھاز ۾ مون سان گڏ سائرا کان علاوہ ملازم، رشتيدار، ويجها دوست، صحافي ۽ ڪئميرامين گڏ ھئا، جڏھن جھاز مٿي اڏاڻو تہ پائليٽ اسان کي دل جي گھراين سان ڀليڪار ڪئي. روَيَن مان معلوم ٿيو تہ جھاز جو سڄو عملو بيحد خوش ھو. پاڪستان جي ھڪ حصي پشاور سان منھنجو اباڻو تعلق ھجڻ ڪري پاڪستانين کي منھنجي دوري جي تمام گهڻي خوشي ٿي. ان جو اندازو پائليٽ جي گفتگو مان لڳايم.
1930ع جي ڏھاڪي جو ھڪ گنجو ڇوڪرو يوسف جيڪو بمبئيءَ ويو هو، اڄ اڌ صديءَ کان پوءِ دليپ ڪمار بڻجي پنھنجي شھر پشاور ۾ واپس اچي رھيو ھو. اسان ڪراچي ايئرپورٽ تي لٿاسين، اسان جو قافلو جتي بہ ويندو هو، ماڻھن جو ميڙ گڏ ٿي ويندو هو. مون کي ڏسندڙن جو وڏو ميڙ گڏ ٿيڻ جي ڪري ڪنھن جڳھ تي پھچڻ لاءِ ڪلاڪن جا ڪلاڪ لڳي ويندا هئا.
پاڪستانين طرفان تمام گهڻي محبت ملي، مون سان گڏ منھنجي ڀاءُ احسن سميت سڀني کي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا. اسان جو پاڪستان وارو دورو انتھائي مصروف ۽ ٿڪائيندڙ ھو. جنرل ضياءَ ڪيترين ئي سرڪاري تقريبن جو اهتمام ڪيو ھو. ناشتا، مانجهاندا، رات جي مانيُن ۽ چانھ جي دعوتن جو تہ ڪو ڪاٿو ئي ڪونہ ھو، ڪيترين ئي ڏٺل جڳھين تي گهمڻ ويس، جيڪي ڪافي بدلجي چڪيون هيون. ’قصہ خواني بازار‘ کان علاوہ پنھنجي اباڻي گهر، اسڪول، ويجهن مائٽن سان ملاقاتون، ننڍپڻ جي دوستن سان ڪچھري، اھو سڀ ڪجهہ ڏاڍو مزو ڏيندڙ هيو. منھنجي اسڪول جي زماني جي دوستن کي اھو ڄاڻي حيرت ٿي تہ مون کي انھن جا نالا ياد ھئا ۽ انھن جون شرارتون بہ مون کي ياد ھيون. بلڊنگ جي افتتاح جي موقعي تي مون جڏھن خطاب ڪيو تہ ماڻھن انتھائي گرمجوشيءَ جو مظاهرو ڪيو. ماڻھن جي محبت ڏسي منھنجي ذھن ۾ اھو خيال آيو تہ جڏھن ٻنھي ملڪن جي وچ ۾ دوستاڻا تعلقات قائم ٿيندا، تڏھن ٻنھي ملڪن جي معيشت بھتر ٿيندي.
پشاور ۾ مون کي ڪا خاص تبديلي نظر نہ آئي، اسان جو گهر، گهٽيون ۽ ٻيا گهر بلڪل اھڙا ئي ھئا جھڙا اسان ڇڏيا هئا، قصہ خواني بازار ۾ چپلي ڪباب جي خوشبو ھئي. مون سان گڏ ھلڻ وارا ماڻھو ھڪ چانھ جي ھوٽل تي بيھي رھيا، جيئن اتي آئون چانھ پِي سگهان. چانھ وارو نوجوان بااخلاق ھو، جيئن ان جا وڏا ھوندا ھئا. انھن ھوٽلن ۾ چانھ کير واري ھوندي ھئي يا سليماني، آئون جتان جتان گذريس ڏٺم تہ ڪجهہ بہ نہ بدليو ھو. شھر جي ڪجهہ علائقن ۾ جديد طرز جون عمارتون تعمير ٿي ويون هيون، رات جو گذرڻ مھل ڏٺم تہ روڊن تي خوبصورت فانوس ٻري رھيا ھئا، روڊ جي ٻنھي پاسن کان ڪيترائي ماڻھو بيٺل ھئا، ڪيترائي ماڻھو پوليس جو گهيرو ٽوڙي منھنجي ڪار جي اڳيان اچي بيٺا. اھي ماڻھو مون سان ملڻ آيا هئا، بيشڪ اھو ھڪ خواب جھڙو منظر ھو. مون پنھنجي مالڪ جو شڪر ادا ڪيو، جنھن مون کي ايڏي عزت ڏني ھئي.
بمبئي واپسيءَ تي مون کي ڏک واري خبر پئي تہ منھنجو پيارو دوست راج ڪپور سخت بيمار آهي ۽ دھليءَ جي ’اپالو اسپتال‘ ۾ داخل آھي، جڏھن پشاور ويو ھئس تڏھن راج سان تفصيلي ڪچھري ڪئي ھئم، پوءِ ڪراچي وڃڻ کان پھرين فون تي ڳالھايو ھيم، دھليءَ ۾ آئون ھن سان ملڻ ويس. آخرڪار 2 جون 1988ع تي راج پنھنجي پالڻھار ڏي ھليو ويو، پياري دوست جي وڇوڙي مون کي ويڳاڻو ڪري ڇڏيو.
مارچ 1989ع ۾ آئون ٻيھر پاڪستان ويس، حڪومتِ پاڪستان مون کي سويلين ايوارڊ ’نشانِ امتياز‘ ڏيڻ جو اعلان ڪيو ھو. ھي پاڪستاني ايوارڊ برطانيہ جي آرڊر آف برٽش ايمپائر (OBE) جي برابر ھوندو آھي. آئون ھي ايوارڊ اڃا وٺڻ ئي نہ ويو ھئس تہ ان کان پھرين پاڪستان جي مخالف ’شوِ سينا‘ جي سربراھ ’بال ٺاڪري‘ مسئلو کڙو ڪري ڇڏيو. ھن جو مطالبو ھو تہ آئون اھو ايوارڊ نہ وٺان، بال ٺاڪري منھنجي حب الوطنيءَ کي بہ چئلينج ڪيو، ان جو مون کي تمام گهڻو ڏک پھتو. مون وزيرِاعظم ’اٽل بھاري واجپائي‘ سان ڳالھايو. وزيرِاعظم مون کي چيو تہ، ”توھان کي ايوارڊ وٺڻ گهرجي، فنڪار ۽ اداڪار جاگرافيائي حدن کان مٿي ھوندا آھن. ھاڻي آئون سوچان ٿو تہ جيڪڏھن آئون اھو ايوارڊ نہ وٺان ھا تہ پاڪ ڀارت تعلقات وڌيڪ خراب ٿين ھا. ھڪ طرف بال ٺاڪري جو اھو روَيو ھو، ٻئي طرف منھنجي دوست مشھور اداڪار، پارليامينٽ جي ميمبر ’سنيل دت‘ جو بہ روَيو ڏسو، ھو مون وٽ آيو ۽ چيائين تہ، ”تنھنجي ايوارڊ واري تقريب ۾ آئون بہ شريڪ ٿيڻ چاھيان ٿو، مون کي لاھور ۾ عمران خان جي ’شوڪت خانم ڪينسر اسپتال‘ جو افتتاح ڪرڻو آهي.“ طئہ ڪيوسين تہ ٻئي گڏ وينداسين ۽ اتان آئون پنھنجي جنم ڀومي پشاور ھليو ويندس. جڏھن تہ سنيل دت پنھنجي اباڻي شھر ’چوٽالا‘ ھليو ويندو.
بال ٺاڪري ھن وقت دنيا ۾ ناھي، ھُو 17 نومبر 2012ع تي وفات ڪري ويو. آنجھاني بال ٺاڪري ۾ وڏيون خوبيون ھيون، اسان جي 1966ع ۾ دوستي ٿي ھئي. ان وقت ھن وٽ شوِ سينا جو ڪو بہ عھدو نہ ھو. ھُو بنيادي طور ھڪ بھترين ڪارٽونسٽ ھو. اسان ھڪٻئي جي ڪم جو قدر ڪندا ھئاسين. جڏھن بمبئيءَ ۾ مون ھن سان پنھنجي گهر ۾ ملاقات ڪئي تہ ھن سڀ اختلاف ختم ڪري ڇڏيا. بال ٺاڪري سياسي عروج حاصل ڪيو هو، پر ھن جي سادگيءَ ۾ ڪوبہ فرق نہ آيو. بال ٺاڪري ۽ ان جي زال ’مينا طائي‘ زبردست مھمان نواز ھئا. مينا طائي، ھڪ عظيم عورت ھئي، ھُو اسان سان مسلسل رابطي ۾ رھندي ھئي، پنھنجائپ جي ڪري ھُو اڪثر اسان کي پنھنجي گهر ۾ گهرائي زبردست کاڌا کارائيندي هئي. ٻنھي زال مڙسن پنھنجي پٽ ’اڌيو‘ جي بھترين تربيت ڪئي آھي. ھڪ دفعي آئون ۽ سائرا ڪنھن دوست جي گهر ۾ دعوت تي ھئاسين، چيلھ جي تڪليف جي ڪري سائرا پريشان ھئي، مينا طائي کي خبر پئجي وئي، ھُوءَ سڌي رڌڻي ۾ وئي، پاڻي گرم ڪري شيشي جي بوتل ۾ وجهي، سائرا کي اچي ڏنائين ۽ چيائين تہ بوتل کي تڪليف واري جڳھ تي رک. سندس نُنھن بہ اتي موجود ھئي، ھن ٻڌايو تہ بابا بہ امان ۽ منھنجي طبيعت خراب ٿيڻ تي ايئن فڪرمند ٿي ويندو آهي. بال ٺاڪري جي خوبي اسان کي ان وقت نظر آئي، جڏھن اپريل 1993ع ۾ سنيل دت جو پٽ سنجي دت گرفتار ٿيو ھو. ان مشڪل گهڙيءَ ۾ سنيل جا اھي نام نھاد دوست جن کي ھُو پنھنجو سمجهندو ھو، سڀ پري ٿي ويا هئا، ان ڏکئي وقت ۾ سنيل دت کي بال ٺاڪري حوصلو ڏنو ھو. سنجي دت کي 12 مارچ 1993ع تي بمبئيءَ ۾ ٿيل بم ڌماڪن ۾ ملوث ڄاڻايو ويو هو.

ٻيو دؤر

مون کان اڪثر اھو سوال پڇيو ويندو آھي تہ فلمي صنعت کي فلم ’بيراگ‘ ڏيڻ کان پوءِ لڳ ڀڳ پنجن سالن تائين مون فلمن کان ڪنارا ڪشي ڇو ڪئي؟
1976ع ۾ جڏھن ’بيراگ‘ فلم ريليز ٿي تڏھن منھنجي عمر 54 سال ٿي چڪي هئي، ان فلم ۾ مون محنت طلب ٽي مختلف ڪردار ڪيا ھئا، مون محسوس ڪيو تہ گهڻو ڪم ڪيم ھاڻ آرام ڪرڻ گهرجي. مون تہ ڏھ سال پھرين فلم ڇڏڻ جو سوچي ڇڏيو هو، جڏھن منھنجي عمر 44 سال ھئي. فلم ’رام شيام‘ ۾ ڪم ڪرڻ کان پوءِ، مون فلمن ۾ ڪم نہ ڪرڻ جو جڏھن سائرا کي ٻڌايو تہ ھُوءَ ٻُڏتر ۾ پئجي وئي.
’رام شيام‘ رڪارڊ ٽوڙ آمدني ڏيئي رھي ھئي، پر منھنجي اندر جي اداڪار کي اطمينان نٿي آيو، اھو اطمينان مون کي ديوداس، نيا دور، ڪوھ نور ۽ آن فلمن کان پوءِ ٿيو ھو. پوءِ بہ آئون ھن پيشي کي ڇڏڻ چاھيندو ھئس، منھنجو خيال ھو تہ اداڪاريءَ ۾ جيڪو مقام ملڻو ھيو اھو مليو، دولت، عزت ۽ شھرت بہ ملي وئي، ھاڻ غير ضروري طور اسٽار جي رتبي کي چھٽيل نہ رھجي، منھنجو اھو خيال ھو تہ اسان ٻئي زال مڙس فلمي دنيا کي ڇڏي ڪنھن تفريحي جاءِ تي موڪلون گذارڻ لاءِ ھليا وڃون، پر سائرا مون سان سھمت نہ ٿي.
جڏھن ’بيراگ‘ فلم رليز ٿي تہ مون پنھنجي پاڻ کي ڪٽھڙي ۾ بيٺل ڏٺو، ھاڻ مون پڪو ارادو ڪري ورتو تہ ڪم ڇڏي ڏيندس. آئون فلمن ۾ ڪم صرف ڪمائيءَ لاءِ نہ ڪري رھيو ھئس، جيئن ٻيا اداڪار ڪندا آھن. ان کي مايوسي تہ نٿو چئي سگهجي، پر اداڪاريءَ کان دل کَٽِي ٿيڻ جو ھڪ سبب ڪيترن ئي نوَن چھرن جو اچڻ بہ ھو. جن جو تعلق ٻين مشڪوڪ ڌنڌن سان بہ ھو. انھن جي مشھور اداڪارن سان گڏ ڪم ڪرڻ جي خواھش ھوندي ھئي. انھن وٽ پئسو بہ تمام گهڻو ھوندو ھو، اھي بيڪار قسم جا اسڪرپٽ لکي وڏن اداڪارن وٽ ويندا هئا ۽ وڏي رقم جي لالچ بہ ڏيندا هئا. آئون ان معاملي کان آگاھ ھئس، آئون انھن جي ھا ۾ ھا نہ ملائي سگهيس، جيڪي ڪاري ناڻي جي عيوض فلم انڊسٽريءَ ۾ چور دروازي کان اچڻ چاھيندا ھئا.
انھن ئي ڏينھن ۾ پروڊيوسر اي آر ڪاردار مون تي ڪيس ڪيو، انھي ڪيس جي ٻڌڻي ٿيندي رھي، مون پوري محنت ۽ ڌيان سان ڪيس جي پيروي ڪرڻ شروع ڪئي، افسوس جي ڳالھ اھا تہ ھي ڪيس مون تي ان ماڻھوءَ ڪيو ھو، جنھن کي مون نَنھن چوٽيءَ جو زور لڳائي تباھ ٿيڻ کان بچايو ھو. ھُو مون وٽ ’دل ديا درد ليا‘ فلم جي پيشڪش کڻي آيو ھو، ھي فلم 1966ع ۾ رليز ٿي ھئي، ڪيترائي دفعا ھن جي زال ۽ ٻار مون وٽ گهر آيا ۽ منٿ ميڙ ڪيائون تہ فلم ۾ ڪم ڪيان. منٿ ميڙ کان پوءِ مون فلم ۾ ڪم ڪرڻ جي حامي ڀري. سڀني کي خبر ھئي تہ فلم ۾ ڪم ڪرڻ کان پھرين آئون تحقيق ڪندو آھيان ۽ اطمينان حاصل ڪرڻ کان پوءِ فلم ۾ ڪم ڪرڻ تي راضي ٿيندو آھيان. ھن فلم جي ڪاميابيءَ لاءِ مون ڏينھن رات محنت ڪئي، آئون ھن کي ڪامياب فلمساز بڻائڻ چاھيندو ھئس، پر افسوس ھن مون تي ڪورٽ ۾ ڪيس ڪيو.
آئون اسڪرين تان غائب ٿي چڪو ھئس، فلمن کان پنج سال غير حاضري مون کي خودمختيار بڻائي ڇڏيو هو، ڪيسن وارا ڏينھن منھنجي لاءِ اذيتناڪ ثابت ٿيا. اسڪرين تان غائب ٿيڻ ڪري ڪيترن ئي ماڻھن منھنجي فلمي ڪيريئر جي وري تقليد ڪرڻ شروع ڪئي، پر ساڳيءَ طرح انھن پاڻ کي ۽ ٻين کي بہ دوکي ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي. ڪشمير ويلي، ڪالي سرسون، ڪالا آدمي اور بابا جان سميت ڪيتريون ئي فلمون ٺاھڻ چاھيندو ھئس، انھن جا اسڪرپٽ بہ لکجي چڪا هئا، جن ۾ مون کي ۽ سائرا کي بطور ھيرو ھيروئين اچڻو هو. ڪشمير ويلي انھن ۾ اھم ھئي، پنھنجي سڃاڻپ جي لحاظ کان ھي فلم ڊيوڊ لينز جي مشھور رزميه داستان ’ڊاڪٽر زواگو‘ جو مقابلو ڪري ھا، ھيءَ فلم اسان جي شاديءَ کان بہ پھرين لکي وئي ھئي، منھنجو خيال ھو تہ ’بيراگ‘ کان پوءِ ٺاھيندس. اھڙي طرح فلم ’ڪالي سرسون‘ ھڪ ڪاري ڇوڪريءَ جي ڪھاڻي ھئي، جنھن کي مون سائرا جي پسمنظر ۾ لکيو ھو. ’بابا جان‘ فلم ھڪ بئنڪ مئنيجر جي ڪھاڻي ھئي، جيڪو دماغي بيمارين جو شڪار ھوندو آھي، ھُو پنھنجي ئي بئنڪ ۾ ڌاڙو ھڻائيندو آھي.
ڪيسن وارن ڏينھن ۾ ذھني پريشانين جي ڪري انھن فلمن جي مسوَدن تي ڪوبہ ڌيان نہ ڏيئي سگهيس، اھي سڀ منصوبا جيئن جو تيئن پيل رھيا، جڏهن تہ سيڙپڪار، فلمن تي پئسا لڳائڻ لاءِ بہ تيار ھئا. ڪيس ختم ٿيڻ تي ھئا تہ منوج ڪمار ’ڪرانتي‘ فلم جو خيال کڻي مون وٽ آيو. 1981ع ۾ ڪرانتي فلم جي ريليز ٿيڻ کان پوءِ ھڪ دفعو وري خيال آيو تہ فلمي دنيا کي خيرآباد چوان، پر قسمت ۾ ايئن نہ ھو، آئون انھيءَ ئي ٻڏتر ۾ ھئس تہ پروڊيوسر ’سڀاش گهئي‘ پنھنجي فلم ’وڌاتا‘ جو مسوَدو کڻي مون وٽ آيو. سڀاش گهئي ھڪ مخلص ۽ ايماندار ماڻھو ھو. ھن جي پوئين فلم ’ڪرانتي‘ ناڪام ٿي ھئي، ان ڪري ھُو ناڪاميءَ کي ڪاميابيءَ ۾ بدلائڻ چاھيندو ھو، ھن جي جذبي ۽ ھمت مون کي بيحد متاثر ڪيو. فلم جو موضوع بہ دلچسپ ھو، منھنجي اندر جو آواز ھو تہ ھن فلم تي شاندار ڪم ٿي سگهي ٿو.
سڀاش گهئي جي فلم ’ڪرانتي‘ وانگر ’وڌاتا‘ فلم ۾ بہ منھنجو ڪردار معمولي ھو يعني ھڪ ريل جي ڊرائيور جو ڪردار ھو. وڌاتا تڪميل جي تاريخ کان پھرين مڪمل ٿي تہ سڀاشگئي بيحد خوش هو، ھن شوٽنگ جي آخري ڏينھن تي مون کي ٻڌايو تہ ماڻھن مون کي تنھنجي باري ۾ سخت مايوس ڪيو ھو، سڀني چيو ھو تہ دليپ ڪمار وٽ وڃين پيو ھُو پوڙھو ٿي ويندو پر تنھنجي فلم وڌاتا مڪمل نہ ٿي سگهندي. حاسدن جي خواھشن جي برعڪس فلم جلد مڪمل ٿي وئي. ھي فلم 1982ع جي بلاڪ بسٽر فلم ثابت ٿي ۽ سڀني کان وڌيڪ پئسو ڪمايو، سڀاش گهئي کي ھن فلم مالامال ڪري ڇڏيو، ھن سان منھنجا تعلقات بھتر ھئا، ھو مون کي پنھنجو وڏو ڀاءُ سمجهندو ھو، ھڪ دفعي ھو جڏھن پنھنجي فلم ’ڪرما‘ جي باري ۾ مون سان ڳالھائڻ آيو ھو تہ ڊنل ھو تہ آئون گهڻو معاوضو وٺندس. ڇو تہ ان کان پھرين وڌاتا تمام گهڻو پئسو ڪمايو ھو، ٿوري تمھيد ٻڌڻ کان پوءِ ھُو اصل ڳالھ تي اچي ويو، پئسن تي ڳالھايون گهڻا وٺندؤ؟ مون ھن کي دڙڪن واري انداز ۾ چيو تہ ’غلا منڊي‘ ۾ ويٺو آھين جو پئسن تي ڳالھايون، منھنجو مقصد ھو تہ اسڪرپٽ جي خوبين خامين تي ڳالھايون، شڪر آهي منھنجي تنبيھ کي ھُو سمجهي ويو.
سڀاش گهئي جڏھن پنھنجي فلم ’سوداگر‘ متعلق مون وٽ آيو تہ ھو ڪافي دير تائين ھِتان ھُتان جون خبرون ڪندو رھيو، ان فلم ۾ ٻن دوستن جي ڪھاڻي ھئي، بعد ۾ دوري ٿي ويندي آهي ۽ دشمني ٿي ويندي آهي. مون محسوس ڪيو تہ ھُو ڪجهہ چوڻ چاھي ٿو پر چئي نٿو سگهي، مون چيو کُلي ٻڌاءِ، چوڻ لڳو فلم ۾ توھان جي دوست طور راج ڪمار کي وٺڻ چاھيان ٿو. ڇا توهان ان سان گڏ ڪم ڪندؤ؟ مون چيو مون کي تہ راج ڪمار سان گڏ ڪم ڪرڻ ۾ خوشي ٿيندي، توھان ھن کان پڇو، ھو مون سان گڏ ڪم ڪندو؟ ھن ٻڌايو تہ راج ڪمار سان اڳ ۾ ئي ڳالھائي آيو آھيان. ھن جو خيال هو تہ آئون شايد راج ڪمار سان گڏ ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪيان. سڀاش جي ھڪ خوبي اها هئي تہ ھن کي آئوٽ ڊور شوٽنگ ڪرڻ پسند ھئي ۽ منھنجي وڏي ڪمزوري ھئي.
سوداگر فلم جي منظرن جي فلمبنديءَ لاءِ ھن ھماچل پرديش جي وادي ڪولو جي چونڊ ڪئي ھئي. سڀاش گهئي فلم جي شوٽنگ دوران اداڪارن جو تمام گهڻو خيال رکندو هو، ھُو زبردست ميزبان ھو، سڀني جا ناز نخرا برداشت ڪندو هو. اھا ڳالھ عام ھئي تہ راج ڪمار ڪاوڙ جو تمام تيز آھي، صحافي ان خبر جي پٺيان ھوندا ھئا تہ آئون ۽ راج ڪمار پاڻ ۾ وڙھون ۽ اخبار لاءِ ھڪ سٺي خبر ملي. منھنجي خوشقسمتي ھئي تہ تيز طبيعت ۽ وڏائي رکندڙ راج ڪمار مون سان انتھائي پيار واري انداز ۾ ڳالھائيندو ھو. ماڻھو ان کي عجيب و غريب طبيعت جو مالڪ سمجهندا ھئا پر مون ان کي ھڪ سلجهيل ماڻھو طور ڏٺو. ھُو غور فڪر، مطالعي جو ذوق رکندڙ ھو پر ھو پنھنجي طبيعت وارو ماڻھو. ڪڏھن موڊ ۾ ھوندو ھو تہ مون سان ڪتابن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندو هو. آئون پھرين بہ ان جو ذڪر ڪري چڪو آھيان تہ منھنجي ۽ سائرا جي نڪاح واري ڏينھن سڀ کان پھرين پھتو ھو. آئون ۽ سائرا شاديءَ جي سلور جوبلي ملھائي رھيا ھئاسين، تقريب ۾ سڏيل دوستن ۾ راج ڪمار بہ شامل ھو، ھُو اسان جي گهر زال سميت آيو، پر اداڪارن جي رش ڏسي اسان سان ملڻ کان سواءِ ھليو ويو. اسان لاءِ ھڪ خوبصورت طشتري ڏيئي ويو. ان تي لکيل ھو، ’لالا ۽ لالي جي جان کي ھي ڏينھن بار بار نصيب ٿئي.‘ پر اھو بہ سچ آھي تہ راج ڪمار جو انداز ئي نرالو هو، فلم ’سوداگر‘ جي شوٽنگ تي وڃڻ وقت ھُو ڪار ۾ اڪيلو ويھندو ھو، مختلف ڪپڙن، جوتن، وگن ۽ ٻين شين سان ڀريل ٻہ گاڏيون هن جي ڪار جي پويان ھلنديون ھيون.
راج ڪمار جي انھي روَيي جي ڪري پرپٺ ماڻھو سندس وڏائي ۽ تڪبر جون ڳالھيون ڪندا هئا، پر سڀاش گهئي پنھنجي ملازمن کي ھدايتون ڏيئي ڇڏيون ھيون تہ راج ڪمار جيئن چوي تيئن ڪيو. ھڪ ڏينھن شام جي وقت مھابلي ايشور ۾ شوٽنگ واري جڳھ تان غائب ٿي ويو، ملازم ڳولڻ لاءِ نڪتا تہ ھُو خطرناڪ جبل جي چوٽيءَ تي ڪرسي رکي ويٺو هو، ڪرسي ان طريقي سان رکيل ھئي جو ٿوري ئي کسڪي ھا تہ راج ڪمار ھڪ وڏي کاھيءَ ۾ ڪري ھا، سڀاش مون کي پاڻ سان گڏ راج ڪمار وٽ وٺي ويو، مون ڏٺو تہ ھن جي نظر لھندڙ سج تي آھي ۽ ھُو ان نظاري مان لطف اندوز ٿي رھيو آھي. اسان ھِتان ھُتان جون خبرون ڪري ان کي اتان شوٽنگ واري جڳھ تي وٺي آياسين.
فلمي دنيا کان پنج سال پري رھڻ کان پوءِ ٻيھر 1981ع کان 1984ع تائين مون ’ڪرانتي‘، ’وڌاتا‘، ’سوداگر‘، ’ڪرما‘، ’مشعل‘ وغيرہ ۾ ڪم ڪيو. انھن سڀني فلمن جي چونڊ جو سبب منھنجو مرڪزي ڪردار ۽ منھنجو پنھنجو اطمينان ھو. مون کي ان ڳالھ تي گهڻي خوشي ۽ اطمينان آھي تہ ذڪر ڪيل مٿيون فلمون ڪامياب رھيون، انھن فلمن پئسو بہ سٺو ڪمايو، پئسي لڳائڻ وارا بہ خوش ھئا، ماڻھن بہ تمام گهڻو ساراهيو، مون کي تمام گهڻي خوشي ٿي ڇو تہ پنج سال فلمي دنيا کان پري رھڻ کان پوءِ سٺو ازالو ٿي ويو.
فلم ڪرانتي جي ڪھاڻي آزاديءَ جي تحريڪ تي ٻڌل ھئي، ان وقت ماڻھن ۾ حب الوطنيءَ جو جذبو ھو، حب الوطني، زندگيءَ جي ھر شئي کان وڌيڪ عزيز ھئي. فلم شڪتي جو پلاٽ بظاھر عام ۽ سادو ھو، پر ان جي ڪھاڻي زبردست ھئي. فلم جي ڪھاڻي مون کي سليم خان ٻڌائي ھئي، ھن کان ٻڌم تہ رميش سپي جي ڊائريڪشن ۾ ھيءَ فلم ٺھندي. مون کي محسوس ٿيو تہ ھيءَ فلم ڏسندڙن کي بيحد پسند ايندي، ھن فلم ۾ ٻہ ھيرو ھڪ آئون، ٻيو اميتاڀ بچن ھو. فلم ۾ اميتاڀ بچن ھڪ پوليس آفيسر جو پٽ ھوندو آھي ۽ اغوا ٿي وڃي ٿو، اغوا ڪندڙن جي قيد مان ڀڄي نڪرندو آهي ۽ پوءِ ڏوھاري بڻجي ويندو آهي. ھاڻي پيءُ پوليس آفيسر، پٽ وري ڏوھاري، پيءُ کي پنھنجي آفيسري ڪرڻ سان گڏ ھڪ پيءُ جو بہ فرض نڀائڻو ھوندو آھي. فلم جي باري ۾ رميش مون سان مليو، اسان طويل گفتگو ڪئي. مون ان کي چيو پوليس جي ڊيوٽي ۽ ھڪ پيءُ جو ڪردار، اعليٰ صلاحيتن جو مالڪ ھڪ نوجوان اداڪار ئي ڪري سگهي ٿو. اميتاڀ بچن ان لحاظ کان بھترين آھي، ٻيو ڪو اداڪار ان وقت موزون نہ ھو. مون اميتاڀ بچن جي چونڊ تي رميش کي مبارڪ ڏني. رميش خوش ٿيو.
فلم شڪتي کان ھڪ سال پوءِ مون فلم ’مشعل‘ تي ڪم شروع ڪيو. ان فلم جا ڪيترائي منظر ماڻھن جي دل ۽ دماغ ۾ ويھي ويا.
انھن فلمن جي ڪجهہ منظرن کان پوءِ ھدايتڪارن ۽ اداڪارن پنھنجا معيار ٺاھي ڇڏيا، ذاتي تجربن جي وڏي اھميت ھجي ٿي. جيڪڏهن ڪنھن اداڪار وٽ ذاتي تجربو آھي تہ ھُو وڏو خوشنصيب آهي، پر اصل ڳالھ اھا آھي تہ ڪنھن سِينَ ۾ ڪم ڪندي فائنل ٽيڪ ۾ ھُو ڪيتري صلاحيت رکي ٿو.

خانداني معاملا

دوست، ساٿي ۽ مون سان گڏ ڪم ڪرڻ وارا ميڊيا جا دوست ۽ ٻيا اڪثر مون کان ھڪ سوال پڇندا آھن، تہ زندگيءَ ۾ مون کي ڪنھن ڳالھ تي افسوس يا پڇتاءُ ٿيو آھي؟ احتياطن ان سوال جو جواب ڏيڻ کان مون ڪيٻايو آھي. ان جو سبب اهو آهي تہ بطور يوسف خان مون کي پنھنجي زندگيءَ متعلق رازداريءَ جو پورو پورو حق حاصل آهي، مون کي اھو بہ حق حاصل آهي تہ پنھنجي زندگيءَ جا ڪجهہ واقعا ٻين کان لڪائي رکان. مون کي سڃاڻڻ وارا ان ڳالھ جي تصديق ڪندا تہ آئون پنھنجي زندگيءَ بابت ٻين وانگر کُليل ڪتاب نہ آھيان. نجي معاملن بابت مون ڪڏھن بہ ٻين سان ذڪر نہ ڪيو آھي. ڪجهہ ڪچھرين ۾ توھان ڏٺو ھوندو تہ ماڻھو پنھنجين ڪاميابين متعلق شد مد سان پيا ٻڌائيندا آهن. عورتون، پنھنجين دوستن جا قصا پيون ٻڌائينديون آھن، منھنجي اھڙي طبيعت ڪڏھن بہ نہ رھي آھي. بلڪہ ڪنھن محفل ۾ ڪنھن دوست اھڙي قسم جي ڪچھريءَ جو آغاز ڪيو هوندو تہ مون يڪدم منع ڪيو ھوندو. اھا صحيح ڳالھ آھي تہ منھنجي زندگيءَ جو ھڪ اھڙو واقعو آهي جنھن کي آئون وسارڻ چاھيندس. اھا ھڪ سنگين غلطي ھئي، جنھن کي مون ۽ سائرا فراموش ڪري ڇڏيو آھي. اسما رحمان نالي ھڪ عورت منھنجي ڀينرن جي سھيلي ھئي، ھُوءَ ٽن ٻارن جي ماءُ ھئي ۽ پنھنجي مڙس سان گڏ رھندي ھئي. حيدرآباد آندرا پرديش ۾ ھڪ ڪرڪيٽ مئچ دوران مون سان ملي ھئي، ٻين ماڻھن وانگر منھنجي مداح ھئي. ماڻھو مون سان ملڻ جي خواھش رکندا هئا، مرد منھنجن ڀائرن معرفت ۽ عورتون مون سان منھنجين ڀينرن معرفت ملنديون هيون. عورتن کي مون سان منھنجيون ڀينرون فوزيہ ۽ سعيدہ ملائينديون ھيون. انھن سان آئون تمام پيار سان ڳالھائيندو ھئس. اسما رحمان بابت مون کي ٿورو بہ اندازو نہ ٿيو تہ ذاتي مفادن جي ڪري ھُوءَ مون کي ڦاسائي رھي ھئي. ڪيترائي دفعا ائين ٿيو جو بمبئيءَ کان ٻاھر اسما ۽ ان جو مڙس مون سان اچي ملندا هئا، حيرت انگيز طور انھن کي منھنجي شيڊيول جي تفصيل جي خبر پوندي هئي. 1982ع ۾ اھا خبر ھلي تہ مون اسما سان شادي ڪئي آھي. سائرا، اھا خبر ھڪ اخبار ۾ پڙھي ھئي. ظاھر آھي ان خبر سان سائرا کي تمام گهڻي تڪليف پھتي ھوندي. سائرا جڏھن اھا خبر پڙھي ھئي تڏھن آئون بمبئيءَ ۾ نہ ھئس. ھن مون تي ھميشہ اعتبار ڪيو ھو ۽ ھن مون سان غير مشروط محبت ڪئي ھئي. نڪاح وقت مون سائرا سان واعدو ڪيو هو تہ ٻي شادي نہ ڪندس، بلڪہ ڪڏھن ذڪر بہ نہ ڪندس. مون ھن جي اعتماد کي ٽوڙيو ھو، ھن سان ڪيل واعدي جي خلاف ورزي ڪئي ھئي.
منھنجي ھن حرڪت سائرا کي تمام گهڻي تڪليف پھچائي ھئي، ھڪ ناقابلِ فراموش ۽ ناقابلِ معافي گناھ ڪيو ھئم. حالانڪہ خود سائرا ۽ ان جي ماءُ نسيم بانو ان ڳالھ تي يقين نہ ڪيو ھو. جڏھن مون سائرا اڳيان ان سنگين غلطيءَ جو اعتراف ڪيو تہ ھُوءَ مون سان گڏ بيھي رھي، مون ھن کي گذارش ڪئي تہ قانوني طريقي سان ان غلطيءَ جي خاتمي لاءِ ڪجهہ وقت ڏي. ڇو جو آئون پنھنجي سورنھن سالن جي ازدواجي زندگيءَ جي بحالي پيو چاھيان. مون سائرا جي اعتماد کي سخت تڪليف ڏني ھئي، پر ان باوجود ھن منھنجو ساٿ ڏنو، ھن جي والدہ نسيم بانو ۽ ڀاءُ سلطان ھن کي مون سان گڏ بيھڻ جو مشورو ڏنو ھو. اسما کي طلاق ڏيڻ کان پھرين مون ھڪ قسم نامو لکي نسيم آپا کي ڏنو ھو. اھو ان مقصد لاءِ ڏنو ھو تہ انھن جو اعتماد بحال ٿئي. ان قسم نامي تي منھنجن ويجهن دوستن شاھدي طور صحيحيون ڪيون ھيون. رجني پٽيل ان جي زال بڪل، شرد پورا، ماما ڪپاڊيا مشڪل وقت ۾ منھنجي مدد ڪيائون، مون کي مفيد مشورا ڏنائون. ان دوران انھن سائرا جي بہ جذباتي ۽ اخلاقي مدد ڪئي. ان ڏکئي وقت ۾ سائرا جون بھترين ساھيڙيون شڪلا (پران جي زال) ۽ پرڪاش (بي آر چوپڙا جي زال) ھن سان ڪلھو ڪلھي سان ملائي بيھي رھيون. ھي ٻئي عورتون سائرا سان بيحد محبت ڪنديون هيون. منھنجي لاءِ ھي ٻئي عورتون سڳين ڀاڄاين وانگر ھيون. ھنن مون کي چيو تہ توھان اسان کي پنھنجو سمجهو ٿا، ھاڻي اسان جي مڃو يا غلطيءَ جو ازالو ڪيو نہ تہ پوءِ اسان ھميشہ ھميشہ لاءِ تعلق ختم ڪري ڇڏينديون سين.
ھي منھنجي زندگيءَ جو ھڪ وسارڻ وارو باب آھي، آئون پنھنجي جِيوَن ڪٿا ۾ ان واقعي تي وڌيڪ نٿو لکڻ چاھيان، ان جي پڄاڻي ھن ڳالھ تي ڪيان ٿو تہ آئون بہ ھڪ انسان آھيان ۽ انسان خطا جو گهر آهي، اڻ ڄاڻائيءَ ۾ خطا ڪئي ھئم، مون کي ۽ سائرا کي ڌار ڪرڻ جي سازش ڪئي وئي ھئي. منھنجو ايمان آھي تہ ھر ڪم ۾ قدرت جي مرضي شامل ھوندي آھي، ان واقعي کان پوءِ سائرا ۽ منھنجي محبت ۾ اڃا وڌيڪ واڌارو ٿيو ھو.
(اسما ۽ دليپ ڪمار جي شاديءَ جو واقعو معروف اديب عصمت چغتائي بہ بيان ڪيو آهي، عصمت جو اھو انٽرويو ريڪارڊ ٿيل آهي، اھو انٽرويو عصمت چغتائي، محمد لطف ﷲ خان جي قديم ۽ تاريخي آڊيو لئبريري ۾ ريڪارڊ ڪرايو ھو، عصمت چغتائي جي زباني ٻڌو: سنڌيڪار)
”اسما جو مڙس پنھنجي مطلقه زال کي مالِ غنيمت سمجهي وڏن وڏن اميرن کي ڦاسائيندو ھو، ھن دليپ ڪمار جھڙي امير ماڻھو کي ڏٺو تہ ان کي بہ پنھنجي ڄار ۾ ڦاسائڻ جي سازش ڪئي. ھڪ دفعي دليپ ڪمار بينگلور جي ھڪ ھوٽل ۾ شوٽنگ جي سلسلي ۾ ترسيل ھو. اسما جي مڙس پنھنجي زال کي بہ ان ھوٽل ۾ ترسايو ۽ بھانن سان دليپ سان ملاقات ڪرائي. ھڪ شام دليپ جي ڪمري ۾ موڪلي ٻاھران ڪُرف ھڻي ڇڏيو. اھڙي طرح دليپ ۽ اسما ڪمري ۾ رات گذاري، صبح جو ھُو ڪرائي جي قاضي ۽ ڪجهہ ماڻھن کي وٺي ڪمري تي آيو ۽ ٻنھي کي اڪيلو ڏسي گوڙ ڪري ماڻھن کي گڏ ڪيائين. اھو ڊرامو ڪرڻ کان پوءِ ھن دليپ ڪمار کي تجويز ڏني تہ جيڪو ٿيو سو ٿيو، خيريت گهرو ٿا تہ اسما سان شادي ڪيو تہ جيئن ھن جي وڌيڪ بدنامي نہ ٿئي. اھو سڀ ڪجهہ ايترو جلدي ٿيو جو دليپ کي سوچڻ جو موقعو ئي نہ مليو. ڪرائي جو قاضي اڳ ۾ ئي موجود ھو، سو نڪاح پڙھايو ويو، اھڙي طرح اھا شادي ٿي، اھو قصو مون کي عصمت پھرين ئي ٻڌايو ھو، پوءِ ريڪارڊ ڪرايائين.“
(’تماشائے اهلِ کرم‘ ليکڪ: محمد لطف ﷲ خان صفحو 197)
ڪجهہ ماڻھن مون کي صلاح ڏني تہ سائرا ٻار پيدا ڪرڻ جي قابل نہ آهي، پر حقيقت اها آهي تہ 1972ع ۾ سائرا جو اٺن مھينن جو حمل ضايع ٿي ويو ھو، سائرا جي پيٽ ۾ ٻار تيار ٿي چُڪو هو پر خون جي بيماري جي ڪري حمل ضايع ٿي ويو. ھاءِ بلڊ پريشر ھجڻ ڪري سائرا جو آپريشن نہ ڪرائي سگهياسين، حمل جو ضايع ٿيڻ اسان ﷲ جي رضا سمجهي برداشت ڪيو.
اسما سان شاديءَ جو معاملو ٿيو تہ ماڻھن اھي ڳالھيون گهڙڻ شروع ڪيون تہ دليپ ڪمار کي سائرا مان اولاد نہ ٿيڻ ڪري، ھن اسما سان شادي ڪئي آھي. اسان کي اولاد نہ ٿيڻ جو، ماڻھن کي وڏو تجسس هوندو ھو، مون کان اڪثر پڇيو ويندو آھي تہ اولاد نہ ٿيڻ سبب ناخوش آھيان؟ ھا اھو صحيح آھي تہ اسان کي پنھنجو اولاد ھجي ھا تہ سٺي ڳالھ ھئي، پر اولاد جو نہ هجڻ ڪا خامي يا محرومي ناھي، ﷲ اسان جي خاندان ۾ تمام پيارا ۽ خوبصورت ٻار ڏنا آھن. اسان جي جوانيءَ وارا ڏينھن منھنجي ڀائرن ۽ ڀينرن جي ٻارن سان گذريا آهن. انھن ٻارن کي جڏھن اسڪول ۽ ڪاليج جون موڪلون ٿينديون هيون تہ ھُو رھڻ لاءِ اسان وٽ ايندا هئا. انھن سان اسان کيڏندا ھئاسين، ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي کِلڻ ۽ ٽھڪ ڏيڻ وقت اسان کي وڏو سڪون ملندو هو. اھي ٻار اسان کي پنھنجا والدين سمجهندا ھئا. کير پيئندڙ ٻارڙن کي مون وٽ کڻي ايندا هئا، آئون انھن کي پنھنجي ڇاتيءَ تي سمھاري ڏاڍو لطف اندوز ٿيندو ھئس. سڀ ٻار مون کي ماما چوندا ھئا. جڏھن اھي ٻار وڏا ٿيندا هئا تہ دلچسپ راند کيڏڻ لاءِ اسان جي گهر ايندا هئا، ڪيترائي سال پھرين منھنجي وڏي ڀاءُ نُور صاحب جا پٽ امجد ۽ جاويد ھڪ ڪارپوريٽ آفيس ۾ تربيتي ڪورس سکڻ لاءِ ناسيڪ کان بمبئي آيا هئا، مون انھن کي ھر روز شام جو اسان جي گهر اچڻ لاءِ چيو ھو، مون سوچيو تہ انھن کي خراب صحبت کان بچايان. انھن ٻنھي ڀائٽين جي بمبئيءَ ۾ موجودگيءَ جي ڪري سائرا ۽ مون کي سٺو موقعو مليو تہ اسان ٻين ڀائٽين ۽ ڀاڻيجن کي گهر گهرائي وٺندا ھئاسين. اسان سڀ گڏجي پنھنجي گارڊن ۾ بيڊ منٽن کيڏندا ھئاسين. اھا سائرا ئي ھئي، جيڪا سڄي خاندان کي گڏ ڪندي ھئي، ھاڻي بہ اھو ڪم ھُوءَ ئي ڪندي آھي.
خاندان جا سڀ پوٽا پوٽيون، ڏھٽا ڏھٽيون پنھنجي والدين جي مامي ۽ چاچي سائرا وٽ گڏ ٿيندا آهن. ٻارن سان پيار ڪرڻ انھن جو پيار وٺڻ ھڪ حيرت انگيز تجربو ھوندو آھي. اسان کي انھن جي ضرورت ھوندي آھي تہ ھُو اسان وٽ پھچي ويندا آهن ۽ انھن کي اسان جي ضرورت ھوندي آھي تہ اسان انھن وٽ پھچي ويندا آھيون. اڄ منھنجا ڀائٽيا، ڀائٽيون، ڀاڻيجا، ڀاڻيجيون پنھنجي پنھنجي زندگيءَ ۾ مصروف آھن ۽ پنھنجي خاندان سان گڏ آھن. ھاڻي اسان جو انھن سان ملڻ تمام گهٽ ٿيندو آهي، ان ڪري ڪڏھن ڪڏھن اڪيلائي ۽ انھن جي ڪميءَ جو احساس ٿيندو آهي. جڏھن بہ اھي اسان وٽ ايندا آهن تہ انھن جي موجودگيءَ جي ھر لمحي مان لطف اندوز ٿيندو آھيان.
آئون سوچيندو آهيان تہ جيڪڏهن اسان جو پنھنجو اولاد ھجي ھا تہ اھو بہ پنھنجن خوابن جي تعاقب ۾ اسان کان پري ھليو وڃي ھا ۽ اسان پنھنجن پٽن ۽ ڌيئرن سان بہ سال ۾ مشڪل سان ھڪ دفعو ملون ھا. سچي ڳالھ اھا آھي تہ منھنجي ڄمار اڃا ٽيھ سال بہ نہ ٿي ھئي تہ آئون پنھنجن ڀائرن ۽ ڀينرن لاءِ ھڪ پيءُ جي حيثيت اختيار ڪري چڪو ھئس. ڀائرن ۽ ڀينرن سان ڳالھائڻ مھل آئون ھڪ ئي وقت ڏک ۽ خوشيءَ ۾ مبتلا ٿي ويندو ھئس. مون ان معاملي تي غور ڪيو تہ آئون پنھنجين ڇھن ڀينرن ۽ پنجن ڀائرن، جيڪي منھنجي لاءِ سڀ ڪجهہ ھئا، انھن تي لکان يا نہ... ان ڪري سوچڻو پيو ڇو جو آئون پٺاڻ آھيان ۽ پٺاڻ وڏي فخر سان پنھنجي خاندان جو تحفظ ڪندا آهن. خاص طور پٺاڻ پنھنجين زالن کي ماڻھن کان لڪائيندا آھن. ڀائرن ڀينرن متعلق آئون ان ڪري ڳالھائي رھيو آھيان، جو انھن جي ذڪر کان سواءِ منھنجي جِيوَن ڪٿا اڻپوري رھندي. ھي منھنجي لاءِ منھنجي دنيا آھن، اُنھن لاءِ مون وڏا خواب ڏٺا ھئا، اھي خواب مون پنھنجي لاءِ بہ نہ ڏٺا ھئا. اسان سڀ ڀائر ۽ ڀينرون وڏي لاڏ ڪوڏ سان نپنا ھئاسين، والدين طرفان اسان کي جيڪا تربيت ڏني وئي، اھا ڪنھن بہ طرح گهٽ نہ ھئي. قسمت ۾ ئي اھو لکيل ھوندو، جو ننڍي ڄمار ۾ آئون ڀائرن ڀينرن لاءِ پيءُ بڻجي ويو ھئس.
ان وقت ماڻھو پنھنجي ذاتي مفادن جي پورائي لاءِ جدوجھد ڪري رھيا ھوندا آھن. حالتن جي ستم ظريفيءَ جي ڪري آئون نہ يونيورسٽيءَ جي تعليم حاصل ڪري سگهيس ۽ نہ ئي ’آفيسر آف برٽش ايمپائر‘ (OBE) ٿي سگهيس. اھو بہ سچ آھي تہ آغاجيءَ کي مون بابت ڪوبہ پڇتاءُ نہ ھو، بلڪہ مون کي جيڪي ڪاميابيون مليون ھيون، اھي آغاجِي خود پنھنجين اکين سان ڏسي چڪو هو. ان جي دل جي مون کي خبر نہ ھئي پر منھنجو خيال آھي تہ مون جيڪا اعليٰ معاشي ۽ سماجي حيثيت حاصل ڪئي ھئي، ان کان آغاجِي تمام گهڻو خوش ۽ مطئمن ھو.
آغاجِي کي خبر ھئي تہ آئون پنھنجن ڀائرن ۽ ڀينرن کي پنھنجن چونڊيل شعبن ۾ اڳتي وڌڻ ۽ ترقي ڪرڻ جو ارادو رکان ٿو. مون پنھنجي محنت سان عزت، شھرت ۽ دولت حاصل ڪئي ھئي، پنھنجي شعبي ۾ ٽارگيٽ حاصل ڪري ورتو هو. منھنجي اولين ترجيح ھئي تہ ڀائر ۽ ڀينرون پنھنجن پنھنجن شعبن ۾ ڪاميابي حاصل ڪن، ان ۾ بہ ڪو شڪ ناھي تہ ھُو پنھنجن پسنديدہ شعبن ۾ ڪامياب ٿيڻ جي پوري صلاحيت رکندا هئا. انھن کي صرف ترغيب ۽ سھوليتن جي ضرورت ھئي. مون پنھنجي پاران انھن جي ڪاميابيءَ جي لاءِ ڪابہ ڪثر نہ ڇڏي. منھنجي خواھش ھئي تہ منھنجا ڀائر ۽ ڀينرون مون کان وڌيڪ عزت، شھرت ۽ پئسو ڪمائين. منھنجي خواھش ھئي تہ ھُو وڏو مقام حاصل ڪن ۽ ماڻھو ھنن جا مثال ڏين. مون انھن ۾ اميدون رکيون ھيون تہ ھنن جي ڪري آئون سڃاتو وڃان.
مصروف ترين زندگي ۽ گهڻي ڪم باوجود آئون وقت ڪڍندو ھئس تہ جيئن ڀائرن ۽ ڀينرن سان ڳالھائي سگهان، انھن سان ڳالھائڻ مھل مون کي خوشي بہ ٿيندي ھئي ۽ ڏک بہ، خوشي ان ڪري جو انھن جي خواھشن جي تڪميل ۽ مقصدن خاطر آئون انھن کي ٻاھرين ملڪن ۾ موڪلڻ ۾ ڪامياب رھيس ۽ ڏک ۽ تڪليف واري ڳالھ اھا تہ منھنجي سڄي محنت ضايع ٿي وئي، ڀائرن ۽ ڀينرن متعلق منھنجا ڏٺل خواب خواب ئي رھيا. ھاڻي آئون سوچيان ٿو تہ اسان ھئاسين تہ ھڪ ماءُ پيءُ جو اولاد، پوءِ ڪھڙي غلطي ٿي، ڪٿي خال رھجي ويو؟ صرف ڪاليج جي تعليم، محدود وسيلا، بغير ڪنھن سکيا جي، مون جيڪي ڪجهہ حاصل ڪيو هو، ڇا اھو سڀ ڪجهہ قدرت طرفان مليو ھو؟ جي ھا اھو سڀ ڪجهہ قدرت طرفان مليو ھو، مالڪ جي اھا ئي مرضي ھئي، پر مقصد جي حاصلات لاءِ منھنجي مسلسل ۽ سخت محنت شامل ھئي. منھنجي محنت ئي ھئي، جنھن جي ڪري منھنجين فلمن جا پروڊيوسر مون تي فخر ڪندا هئا. منھنجي فلمن جي ڪري انھن کي معاشي طور وڏو فائدو ٿيندو ھو. ڇا منھنجا ڀائر ۽ ڀينرون گهربل محنت نہ ڪري سگهيا، جنھن ڪري ھُو پنھنجين ۽ منھنجين اميدن تي پورو نہ لھي سگهيا؟ ڇا مون انھن ۾ وڌيڪ اميدون رکيون ھيون؟
اھي سوال مون پاڻ کان بار بار پڇيا آھن. وڏي ڀيڻ ادي سڪينہ پنھنجي طبيعت واري ھئي، ان کي تبديل ڪرڻ منھنجي لاءِ تقريبن ناممڪن ھو، وڏو ڀاءُ نُور صاحب پنھنجي انداز سان زندگي گذارڻ جو قائل ھو، ان کي بدلائڻ بہ منھنجي لاءِ ناممڪن ھو. منھنجي ڪوشش اھا ھئي تہ ننڍن ڀائر ۽ ڀينرن لاءِ ڪجهہ ڪيان، منھنجي ڀيڻ تاج ھڪ گهريلو ڇوڪري ھئي، ھُوءَ ڪوڪنگ زبردست ڪندي ھئي، مختصر وقت ۾ ھُوءَ بھترين کاڌا تيار ڪري سگهندي ھئي. تاج طبيعت ۾ امان وانگر ھئي، نرم مزاج، سٺي منتظم ۽ گهر وارن کي ھر وقت ڪجهہ نہ ڪجهہ سٺو ۽ مٺو کاڌو کارائڻ لاءِ تيار رھندي ھئي.
منھنجي ڀيڻ اختر شروع کان طبيعت جي تيز ھوندي ھئي، اسان جي خاندان ۾ منھنجي مرحوم ڀاءُ ايوب وانگر دانشور ھئي. ٻوليون سکڻ ۽ شاعري پڙھڻ ۾ وڏو ذوق رکندي هئي، ھن ۾ پروفيسر ۽ اديبہ ٿيڻ جي ڀرپور صلاحيت ھئي، ھن کي ملڪ کان ٻاهر پڙھڻ جو وڏو شوق هو، مون کي بي انتھا خوشي آھي تہ مون ھن جي ھر خواھش پوري ڪئي. اختر آمريڪا مان پنھنجي پڙھائي مڪمل ڪري جڏھن واپس آئي تہ آئون فلم ’مغلِ اعظم‘ جي شوٽنگ ۾ مصروف ھئس، مغلِ اعظم فلم، آصف جي ھدايتڪاريءَ ۾ ٺھي رھي ھئي، ان وقت آصف منھنجي گهر ڪثرت سان ايندو ويندو هو. مون کي اھو علم نہ ھيو تہ اختر آصف ۾ دلچسپي وٺي رهي آهي، اھا محبت ايتري وڌي وئي جو انھن چوري شاديءَ جو فيصلو بہ ڪري ورتو. ڇو تہ انھن کي اھا خبر ھئي تہ آئون ھنن کي شاديءَ جي ڪڏھن بہ اجازت نہ ڏيان ھا. آصف الڳ نظريو رکڻ ۽ متضاد خيالن ۽ نظرين وارو ماڻھو ھو. ھڪ باڪمال ۽ ڪيترين ئي خوبين جي مالڪ پنھنجي ڀيڻ کي ڪيئن اجازت ڏيان ھا تہ ھُوءَ ڪنھن اھڙي شخص سان شادي ڪري، جيڪو پھرين بہ ٻن زالن جو مڙس ھجي ۽ ڄمار ۾ بہ اختر کان گهڻو وڏو ھجي. اختر جي ان حرڪت تي مون دلبرداشت ٿي ھنن کان لاتعلقي اختيار ڪري ڇڏي، ايستائين جو اختر جو مڙس آصف لاڏاڻو ڪري ويو. مون اھو پھرين بہ ذڪر ڪيو آهي تہ اختر جڏھن سخت بيماريءَ جي حالت ۾ اسپتال ۾ داخل ھئي، تڏھن ھن مون کي ملڻ لاءِ فون ڪئي ھئي، ملڻ ڪڏھن بہ نہ وڃان ھا جيڪڏھن سائرا زور نہ ڀري ھا.
منھنجي ڀيڻ سعيدہ شڪل شبيھ ۽ قد بت ۾ امان جھڙي ھئي، امان وانگر آھستي ھلندي ھئي، ان کي امان وانگر ھلندي ڏسي مون کي سٺو لڳندو هو، سعيدہ جو ڳالھائڻ جو انداز بہ امان وانگر ھوندو ھو. ھن ڪوبہ ڪم نہ ڪيو، بلڪہ شادي ڪري گهريلو عورت وانگر زندگي گذاريائين.
منھنجي ڀيڻ فريدہ خاندان جي سڀ کان تيز عورت ھئي، ھُوءَ معاشيات ۽ صحافت ۾ وڏو مقام حاصل ڪرڻ چاھيندي ھئي، آئون ھن کي سن شائن سڏيندو ھئس. ھُوءَ ماکيءَ جي مک وانگر ڀُون ڀُون ڪندي رھندي ھئي، ھُوءَ ’ٽائيمز آف انڊيا‘ جي مئگزين ’فيمينا‘ ۾ ملازمت ڪندي ھئي، ان جي آفيس باندرہ کان 16 ڪلوميٽر پري بوري بندر ۾ ھئي، آفيس مان ھميشہ دير ٿي ويندي ھئس، ان ڪري مون کان ڪار وٺي ويندي ھئي، ھُوءَ چاھي ھا تہ وڏو مقام حاصل ڪري پئي سگهي. منھنجي ڀيڻ فريدہ گريجوئيشن ڪرڻ کان پوءِ ھڪ نوجوان دليپ سروي سان شادي ڪري ڇڏي، ھن جو مڙس ’مھندرا گروپ‘ جي ڪنھن ڪمپنيءَ ۾ سٺي ملازمت ڪندو ھو.
ننڍن ڀائرن احسن ۽ اسلم کي بمبئي اسڪاٽش اسڪول ۾ داخل ڪرايو ھئم، ھي ٻيئي اعلي تعليم لاءِ آمريڪا وڃڻ چاھيندا ھئا، مون وڏين اميدن سان انھن کي اتي موڪليو. انھن ٻنھي ڀائرن مون کي مايوس ڪيو، منھنجي اميدن تي پورو نہ لٿا، پر انھي باوجود مون کي ياد ڪونھي تہ مون انھن کي ڪڏھن دڙڪو ڏنو ھجي. مون زندگيءَ جي لاھين چاڙھين ۾ گهڻو ڪجهہ سکيو آهي، ان مان ھڪ حقيقت اھا بہ آھي تہ ڪاميابين جون وڏيون اميدون رکڻ ٺيڪ آهي، پر ھر ماڻھو جيڪي ڪجهہ ھُو چاھي اھو ملي، اھو ناممڪن آهي.
منھنجو ڀاءُ ناصر مون کان عمر ۾ ٻہ سال ننڍو هو، پنھنجي پرڪشش ۽ جسماني خوبصورتي جي ڪري عورتن جي ڌيان جو مرڪز ھوندو ھو، ھن جو لباس قيمتي ۽ شاندار ھوندو ھو، پالي مالا جتي اسان رھندا ھئاسين، عورتون ھن کي لڪي ڏسنديون هيون. 1945ع ۾ ھُن جڏھن پھريون دفعو فلمستان جي ٺھيل فلم ’مزدور‘ ۾ ڪم ڪيو تہ مشھور ٿي ويو. ڪيترين ئي فلمن ۾ ھن نرگس، مينا ڪماري ۽ نوتن جهڙين باصلاحيت اداڪارائن سان گڏ ڪم ڪيو، اداڪارہ بيگم پارہ ۾ دلچسپي وٺڻ لڳو، پارہ سٺو خانداني پسمنظر رکندڙ عورت ھئي. وٽامن جي ڪمي يا ڪنھن اندروني بيماريءَ جي ڪري ناصر جي مٿي ۽ جسم جا وار ڇڻي ويا، ان دوران ھن پارہ سان شادي ڪئي. ھُو پاڻ ھڪ فلم ٺاھڻ ۽ ان ۾ ڪم ڪرڻ چاھيندو ھو. مون ھن کي چيو تہ آئون ھڪ فلم ٺاھيندس، جيڪا توکي ھڪ پليٽ فارم مھيا ڪندي، ڇاڪاڻ تہ ھُو ٻيھر فلمن ۾ اچي اھو مقام حاصل ڪري، جنھن جو ھُو مستحق آھي.
1961ع ۾ منھنجي ريليز ٿيندڙ فلم ’گنگا جمنا‘ ۾ ناصر کي زبردست داد مليو تہ مونکي فخر ٿيو. تمام گهڻي احتياط ۽ علاج کان پوءِ بہ ھن جي بيماري وڌندي وئي ۽ ھن اداڪاريءَ کان بس ڪئي.
مون کان اھو سوال بہ ڪيو ويندو آهي تہ مون پنھنجن پيارن ڀائرن ۽ ڀينرن جي وڇوڙي کي ڪيئن برداشت ڪيو. اھو سچ آھي تہ نُور صاحب، ايوب صاحب، ناصر، ادي سڪينہ ۽ تاج ھر ڪنھن جو موت منھنجي لاءِ وڏو صدمو کڻي آيو. پر موت تہ برحق آهي، ھر ڪنھن کي نيٺ اچڻو آهي، انھن پيارن جي وچوڙي ٻہ اڌ ڪري ڇڏيو آھي.
1972ع جَي ھڪ صبح ناصر جي موت جي خبر واري اھا فون مون کي اڄ بہ ياد آهي، سائرا جو ويجهو مائٽ نقي احمد اسان سان گڏ رھندو ھو، مشھور مصنف ۽ ھدايتڪار ابرار علوي ڊلھوزي مان ٽيليفون ڪيو، جيڪو نقي احمد کنيو ھو، ھن ٻڌايو ھو تہ ناصر دل جو دورو پوڻ سبب گذاري ويو آهي.
ناصر پنھنجي فلم ’ضدي‘ جي فلمبنديءَ لاءِ جڳھ جي چونڊ لاءِ اتي ڪئمپ لڳائي ھئي. ناصر جي ھدايتڪاريءَ ۾ ٺھندڙ ھن فلم ۾ سائرا ۽ سنجي خان کي بطور ھيروئين ۽ ھيرو اچڻو هو، پر طبيعت جي ناسازيءَ جي ڪري سائرا کي ڊاڪٽرن مڪمل بيڊ ريسٽ ڏنو ھو، سائرا کي معدي جي تڪليف ھئي. دوائون ڊاڪٽرن جي نگرانيءَ ۾ وٺڻيون ھيون، ان ڪري آئوٽ ڊور وڃڻ سندس لاءِ ممڪن نہ ھو. ان ڪري فلم جي شوٽنگ ۾ ڪجهہ دير ٿي، ناصر سوچيو تہ کيس گهڻو ٽائم آھي پوءِ ڇو نہ پنجاب ۾ بہ ڪجهہ منظرن جي عڪسبندي لاءِ ڪا جڳھ ڳولي وڃي. اتي ويو تہ کيس دل جو دورو پيو، جنھن دوران گذاري ويو.
مون ناصر جي موت جي خبر ٻڌي تہ سڪتي ۾ ھليو ويس، مون کي اھا خبر سائرا کان لڪائڻي ھئي، ڇو جو ڊاڪٽرن منع ڪيو ھو تہ ڪابہ جذباتي خبر ھن لاءِ سخت خطرناڪ ٿي پئي سگهي. منھنجي لاءِ ضروري ھو تہ ناصر جي موت جي خبر ٻڌي بہ سائرا جي سامھون ائين ظاھر ڪيان جيئن ڪجهہ ٿيو ئي ڪونھي. مون ھن کي ٻڌايو تہ ناصر کي دل جو ھلڪو دورو پيو آھي ۽ ان کي اسپتال داخل ڪيو ويو آهي. اھا صرف مون کي خبر آهي تہ ڪيئن مون پنھنجي جذبات کي قابو رکيو ھو ۽ دلي ڪيفيت سائرا کان لڪائي ھئي.
نسيم آپا کي اصل صورتحال جو علم ھو، ھن چيو تہ، ”ھُوءَ سائرا کي سنڀاليندي. مون کي چيائين تہ تون وڃي ناصر جي تدفين جو انتظام ڪر.“
ناصر ۽ سائرا ھڪٻئي جي تمام گهڻي عزت ۽ احترام ڪندا هئا، ناصر منھنجي خاندان جو واحد ماڻھو ھو، جنھن سائرا کي تمام گهڻي عزت ۽ محبت ڏني ھئي. ناصر کي جڏھن بہ ڪا پريشاني ٿيندي ھئي تہ ھُو سائرا وٽ ويندو هو.
ناصر جي جنازي نماز ۽ تدفين کان پوءِ جڏھن شام جو گهر آيس تہ سائرا منھنجو انتظار ڪري رهي هئي، مون کي چيائين، ”اسپتال وٺي ھلو، ناصر سان ملنديس.“ سائرا جي اھا ڳالھ ٻڌي پنھنجي پاڻ کي قابو نہ رکي سگهيس، بي اختيار روئي پيس، اسان وڏن ۾ تہ اھو درد برداشت ڪرڻ جي سگهہ ھئي پر ناصر جي ننڍن ٻارن کي ڪيئن ٻڌايان تہ ھنن جو پيءُ ھاڻ ڪڏھن بہ واپس نہ ايندو.
ايوب صاحب، نُور صاحب، ناصر، ادي سڪينہ ۽ تاج جي وڇڙڻ جو ڏک ياد ايندو آھي تہ اھي عظيم ماڻھو بہ ياد اچي ويندا آهن، جيڪي مون سان زندگيءَ جي سفر ۾ گڏ ھئا، پر اڄ اھي سڀ ھي فاني دنيا ڇڏي چڪا آهن. راج ڪپور، اشوڪ ڪمار، ايس مکرجي صاحب، محبوب صاحب، نتن دا، بمل دا، تپن دا، بي آر چوپڙا، ديوآنند، پران، يش چوپڙا ۽ پروڊيوسر جوھر مون کي ائين ياد ايندا آهن، جيئن مون کان وڇڙيل ڀائر ۽ ڀينرون ياد اينديون آھن.
مون کان عام طور اھو پڇيو ويندو آھي تہ زندگيءَ جا اھي ڪھڙا لمحا آھن، جن ۾ مون کي خوشي ۽ فخر جو احساس ٿيو ھجي ۽ ان دوران منھنجو آواز بہ نہ نڪتو ھجي؟
ھي اھي لمحا ھئا جڏھن لتا منگيشڪر کي 26 جنوري 1963ع تي دھليءَ ۾ ’يومِ جمھوريہ‘ جي موقعي تي چين ھند جنگ ۾ مارجي ويل فوجين کي شرڌانجلي پيش ڪيو ويو ھو. دھليءَ ۾ ھي پروگرام منعقد ٿي رھيو ھو، پنڊت جواھر لعل نھرو صاحب بہ تقريب ۾ موجود ھو. پنڊت صاحب جي اکين ۾ بہ لڙڪ اچي ويا. ان تقريب ۾ شرڪت لاءِ منھنجي رھائش بہ اشوڪا ھوٽل ۾ ھئي، لتا منگيشڪر بہ ان ھوٽل ۾ ترسيل ھئي. مون پنھنجي ڪمري مان لتا کي فون ڪئي ۽ چيو مھرباني ڪري منھنجو پسنديدہ گيت ’ﷲ تيرو نام‘ ٻڌايو، ھي گيت فلم ’ھم دونون‘ جو آھي، جيڪو ’ساحر لڌيانويءَ‘ لکيو ۽ ’جئي ديو‘ ڪمپوز ڪيو ھو. لتا جي مھرباني جنھن مون کي گيت ٻڌايو. گيت ٻڌندي مون کي ننڍ اچي وئي. ٻئي ڏينھن تقريب ۾ لتا، پرديپ جو لکيل ۽ رام چندر جو ڪمپوز ڪيل گيت ’اي ميري وطن ڪي لوگو‘ ڳايو ۽ ڀرپور داد مليس.
1947ع ۾ اسان جي پھرين ملاقات ٿي، مشھور ڪمپوزر انيل بسواس اسان جو تعارف ڪرايو. مارچ 2014ع ۾ لتا منگيشڪر اسان جي گهر آئي تہ بمبئي ٽاڪيز ۾ گذاريل وقت کي ياد ڪيوسين، بمبئي ٽاڪيز ۾ اسان جون گهڻيون ملاقاتون ڪينٽين تي ٿينديون هيون. ھڪ کٽي ڊش ’بٽاٽا وڙا‘ لتا کي بيحد پسند ھئي، ان ڪينٽين تي لتا اھا ئي ڊش کائيندي ھئي. محبوب اسٽوڊيو ۾ بہ اسان جو ملڻ ٿيندو رھندو ھو، جتي ھُوءَ پنھنجا گيت ريڪارڊ ڪرائيندي ھئي. جڏھن ھُوءَ بمبئيءَ ۾ منھنجي گهر ملڻ آئي تہ ھن جي چپن تي اھا ئي ستر سال پھرين واري مرڪ موجود ھئي. ھُوءَ مون سان جڏھن ملي تہ ھن جي اکين ۾ لڙڪ اچي ويا هئا. مون کي 1974ع وارو واقعو ياد اچي ويو، رائل البرٽ ھال لنڊن ۾ ھڪ تقريب دوران مون ھن کي پنھنجي ننڍي ڀيڻ چئي متعارف ڪرايو تہ ھُوءَ شرمائجي وئي ھئي. جڏھن ھڪ سرپرائيز وزٽ تي ھُوءَ مون وٽ بمبئي آئي تہ حيران ٿي ويس. ھُوءَ ھڪ فرمانبردار ڀيڻ وانگر گهر ۾ ترسيل ھئي، جڏھن مون خوشيءَ سان ھن کي وڃڻ جي اجازت نہ ڏني.
پراڻا دوست ۽ ساٿي جيڪي شھرت ۽ شان شوڪت ملڻ کان پوءِ بہ بدلبا ناھن، انھن سان ملي مون کي ڏاڍي خوشي ٿيندي آهي.