آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

جيڪي ياد پيوم

فتاح ملڪ سنڌ ۽ سنڌين جي دردن جو احساس رکندڙ ۽ انھن کي شاعريءَ يا نثر ذريعي نمايان حيثيت ڏيندڙ شخص آھي. فتاح ملڪ پنھنجي يادگيرين ۾ اھڙا ورق پڻ کوليا آھن جيڪي نہ اعتبار ۾ ايندڙ آھن، خاص ڪري شيخ اياز ۽ ٻين بابت جيڪي اڳ ڍڪيل ھيا. فتاح ملڪ ھن ڪتاب ۾ ننڍپڻ جي يادگيرين، عوام جي مثالي نمائندن، اسڪولن ۽ مدرسن جي ماحول، گهر ڀاتين، خيرپور ۾ گهاريل ڏينھن، ون يونٽ جي تحريڪ، نوڪريءَ لاءِ جاکوڙ، سکر جي اڻمٽ يادن ۽ شخصيتن، غربت ۽ وڪالت جي ڏينھڙن، شاگرد جدوجھد، پرڏيھہ ياترا، ھندستان ۽ چين جي يادن، ڀلي پار جي سفر، سميت ڪيئي يادون شامل ڪيون آھن.

  • 4.5/5.0
  • 133
  • 36
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 2
Title Cover of book Jeki Yaad Payom

سنڌسلامت پاران

سنڌسلامت ڪتاب گهر پاران نامياري شاعر، نثرنگار، تعليمي ماھر، مشھور وڪيل ۽ سنڌ جي اڳوڻي ايڊوڪيٽ جنرل فتاح ملڪ جي لکيل يادگيرين تي مشتمل ڪتاب ”جيڪي ياد پيوم“ اوھان اڳيان حاضر آهي.
فتاح ملڪ سنڌ ۽ سنڌين جي دردن جو احساس رکندڙ ۽ انھن کي شاعريءَ يا نثر ذريعي نمايان حيثيت ڏيندڙ شخص آھي. فتاح ملڪ پنھنجي يادگيرين ۾ اھڙا ورق پڻ کوليا آھن جيڪي نہ اعتبار ۾ ايندڙ آھن، خاص ڪري شيخ اياز ۽ ٻين بابت جيڪي اڳ ڍڪيل ھيا. فتاح ملڪ ھن ڪتاب ۾ ننڍپڻ جي يادگيرين، عوام جي مثالي نمائندن، اسڪولن ۽ مدرسن جي ماحول، گهر ڀاتين، خيرپور ۾ گهاريل ڏينھن، ون يونٽ جي تحريڪ، نوڪريءَ لاءِ جاکوڙ، سکر جي اڻمٽ يادن ۽ شخصيتن، غربت ۽ وڪالت جي ڏينھڙن، شاگرد جدوجھد، پرڏيھہ ياترا، ھندستان ۽ چين جي يادن، ڀلي پار جي سفر، سميت ڪيئي يادون شامل ڪيون آھن.
ھن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو 2015ع ۾ سنڌيڪا اڪيڊمي، ڪراچيءَ پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي ايم ايڇ پنھور انسٽيٽيوٽ آف سنڌ اسٽڊيز جي ٿورن سان اپلوڊ ڪري رھيا آھيون.


 

محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com


نوٽ: ھن ڪتاب جي رڳو پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي.
 

حق ۽ واسطا

ڪتاب جا سمورا حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ

ڪتاب جو نالو: جيڪي ياد پيوم - يادگيريون
ليکڪ: فتاح ملڪ
ڇاپو ٻيون : 2015ع
تعداد: 1000 ڪاپيون
ڇپيندڙ: سنڌيڪا اڪيڊمي، ڪراچي.
قيمت: 400/- رپيا


Book Name: JEKI YAD PAYOAM
Author: Fatah Malik
Title: Fazlur Rehman Memon
Quantity: 1000 Copies
Edition: Second
Year : 2015
Printed by: Sindhica Academy, Karachi
Price: Rs. 400/=


ملڻ جا هنڌ
سنڌ جا سمورا وڏا بوڪ اسٽال

انتساب

منسوب ٿو ڪيان هي ڪتاب پنھنجي پيءُ ، ماءُ کي ۽ پنھنجي رفيق حيات ممتاز بيگم کي ۽ پنھنجي پياري وڇڙي ويل فرزند ڊاڪٽر عبدالسميع کي ۽ ان جي گهرواري صائمہ کي پنھنجي محسن ڀاءُ عبدالغفار کي بہ نہ ٿو وساري سگهان.

المنتسب

فتاح ملڪ

پڻ ڇڻ کان پوءِ جا ورق

عجب هيءَ داستان حيات آهي، ٽٻي هڻ تہ ٽٻي نہ لڳي، ترڻ جي ڪر تہ تري نہ سگهہ پر هن داستان جو انت ڪونھي، کٽڻ جو ئي ڪونھي، بحر هوندي بہ تراکڙو آهي، ڇا وطن جي عشق سان لاڳاپيل داستان ائين هوندا آهن؟ ڇا حياتي جي بي ثباتي جي ڪري يا داستان پوري ٿيڻ کان اڳ حياتي ختم ٿيو وڃي پوءِ نہ داستان گو رهيو نہ داستان پورو ٿيو. حياتي اڳ ئي پوري ٿي وئي.
اسان جو فتاح ملڪ هيءُ ڪھڙا داستان، ڪھڙا سفر کڻي ويٺو آهي. حياتيءَ جو سُٽ سلجهائڻ بابا! جي ائين منجهيل سُٽ سلجهي ها تہ پوءِ اسين سڀ هيءُ گانو نہ ڳايون ها!
فتاح سائين جو سُٽ انھيءَ ڪري منجهي پيو آهي، جو ڪالم لکندي داستان حيات بيان ڪري ويھي رهيو آهي. ڀلا ڪالمن ڪڏهن ڪڏهن حياتي جي لاهن چاڙهن جي سٽ جهلي آهي. اهي ڪٿائون هجن، يا ”عمر رفتہ کو آواز دينا“ واريون آپ بيتيون جن کي نہ منڍ هوندو آهي نہ پڇاڙي بيان پيون ٿينديون آهن. دفترن جا پنا، کٽي ويندا پر هيءُ آتم ڪٿائون هيءُ جيوڻيون، هيءُ من موهڻيون سھڻيون سلوڻيون يادگيريون، هر هڪ پڙهندڙ کي اهڙي وڪڙ ۾ آڻي ڇڏينديون آهن جو ڄڻ ائين پيو ڀائبو آهي تہ بيان ڪندڙ ۽ ٻڌندڙ يا پڙهندڙ وچ ۾ ڪو سنڌو نہ رهيو آهي. تڏهن ئي حياتي جو داستان ڪنھن نہ ڪنھن فلسفي يا عقيدي سان آخر تائين ڪميٽيڊ هجڻ سان ئي، پير کپي سگهي ٿو، وفا جا گيت ڳائي سگهجن ٿا. پر جيئن تہ ” جيڪي ياد پيوم“ (يادگيريون) عبدالفتاح ملڪ (مدظلہ) جو نئون ڪتاب آهي. هيءُ هڪ اهڙو داستان آهي جنھن ۾ ايترا تہ ور وڪڙ لاها چاڙها آهن جو ماڻھو سمجهي وڃي ٿو تہ سچ پچ حياتي ائين ئي ٿيندي آهي.
حسينائن جي زلفن جيان پر پيچ هنيانءُ ۾ جهير وجهندڙ ڏکن ڏونگرن جا لڙڪ آڻيندڙ Episodes هر وقت سفر وسيلئہ ظفر، لاءِ تيار، لڙڪن سان گڏ ٽھڪ“ ناممڪن مرڪون ان سان گڏ ڪي ڪاميابيون ۽ ڪي ناڪاميون جيڪي ياد پيوم“ جيئن مان عرض ڪري چڪو آهيان، تہ اخباري ڪالمن وسيلي بيان ڪيل داستان حيات آهي، ڪجهہ جهوريندڙ يادگيرين، ڪجهہ نہ ياد رهندڙ گهڙين ۽ پلن جون ڪي اڌوريون يادگيريون ڪي نامڪمل ڪھاڻيون آهن.
فتاح ملڪ جيڏو وڏو شاعر آهي اوڏو سٺو ڪھاڻيڪار ۽ نثر نويس آهي، جيئن هُن کي اوچتو خبر پئي تہ هو شاعر آهي ۽ دوستن نئين زندگي ۽ ”روح رهاڻ“ کيس مھميز ڏني ۽ هو اڳتي وڌي شاعر بڻجي ويو ، ائين ئي کيس خبر پئي تہ هو ڪھاڻيون بہ لکي سگهي ٿو. ائين روح رهاڻ ۾ سندس ڪھاڻيون” مامو“ اڃايل بکايل“ ۽ ٻيون ڪھاڻيون ڇپيون.
عبدالفتاح ملڪ ائين ڪمالات ڏيکاريندو رهيو، جيئن هن ”هلال پاڪستان“ ۾ ڪالم لکيا، انھن جو بہ هڪ ڪتاب جڙيو ”ڀينر هن ڀنڀور ۾“ سندس شاعري مختلف رسالن ۾ رنگ ڏيکاريندي رهي هن سنھڙي سيپڪڙي شاعري جا (ٻہ يا هڪ) ڪتاب ڇپيا.
اِجهو هاڻ سندس ”جيڪو ياد پيوم“ جو هيءُ ضخيم ڪتاب ڇپيو آهي وزن ڪبو تہ سندس وزن کان سندس ڪتاب ڳرا بيھندا.
عبدالفتاح ملڪ صاحب جي يادگيرين جو سفر ڪجهہ عجيب آهي، سندس ڪي ڳالھيون تہ ٺيڪ پر ڪجهہ ڳالھيون نہ اعتبار ۾ ايندڙ آهن ۽ ڪيترن هنڌن تي پنھنجا سڀ ڏوھہ گناھہ دوستن جي ڪاني ڪراتبين جي حوالي آهن، سندس ڪاني ڪراتبين لکڻ کان آجا ويٺا آهن.
مان پنھنجي همسفر ساٿين ۽ دوستن کي پنھنجو همزاد سمجندو آهيان اڳين زماني ۾ اعتبار ۽ ڀروسا هوندا هيا. هن زماني ۾ بقول جوڳي (اشفاق قاضي) جي ته
”همزاد بہ ائين ڏنڊي هڻي ويندو،
اها جوڳي کي خبر نہ هئي“
هيءُ 300 صفحا پڙهڻ کان پوءِ خبر پئي تہ فتاح سائين ڪيترن هنڌن تي تارازي کڻي ڏنڊي هئي پنھنجو بچاءُ ڪيو آهي، مون کي پوءِ ياد آيو تہ هيءُ ڪالم آهن، جيڪي آتم ڪٿا جو حصو بڻجي سگهن ٿا پر خود آتم ڪٿا نہ آهن هن ۾ جوڙ توڙ ٿي سگهي ٿو پر اصل آتم ڪٿا ۾ ڀڃ ڊاھہ جي گنجائش نہ هوندي آهي.
فتاح سائين ڪيترن ئي هنڌن تي پاڻ کي صحيح سمجهندي خبر هوندي بہ اصل نسل کان پاسو ڪيو آهي. اسان بابا انھيءَ ۾ خوش آهيون تہ اوهان اسان کي ياد تہ ڪيو، ناڪردھہ گناهن ۾ بہ شامل ڪيو.
هيءُ ڪتاب يادگيرين کي اٿلائڻ With Reference to context لاءِ ڪتب اچي سگهي ٿو پر ڪيترن انھن ساٿين کي ڏکوئڻ جو باعث بڻجي سگهي ٿو جن لاءِ پاڻ لکيو هو.

ولر کان جــــــدا ٿي پکيڙي پــــــڪاريـــو
ڪٿي آهيو ساٿي ڪٿي آهيو، ســــاٿيو
خوشيءَ ساڻ لھرون ڪنارن لڳن ٿيون
۽ سينا مــــــــلائي چپڙا چــــــــمن ٿيون،
اڃــــايل امنگن اوهان لاءِ نھاريـــــــــــــو،

ڇا مان هت ان آصف نصيح وردگ لاءِ اهو ايڊيٽوريل هت اتاريان جيڪو ان وقت جي روح رهاڻ ۽ هاڻوڪي روح رهاڻ ۾ ڇپيو جيڪو اياز ۽ اوهان کي نہ وڻيو هو، جيڪو آصف جي اڍنگي رويي ۽ ڪيل تقرير جي جواب ۾ هو.
اتي اسان حيدرآباد مان آيل دوست بہ موجود هئاسين، توهان مرحوم عبدالسميع (فرزند) جي وڇوڙي تي اڪيلائي جو اظھار ڪندي ڪجهہ يارن جي ساٿ جو ذڪر ڪيو آهي ۽ ڪيترن کي وساريو آهي پر يار پاڻ تہ ان ويلي کان گڏ هئاسين، جڏهن مومل ڄائي هئي. عبدالقيوم، عبدالسميع جي بيماري ۽ عبدالسميع صحتمند ۽ ارشد، عظمت، عائشہ ڄاوا هئا. موڪلاڻي تي بہ پل پل گڏ هئاسين توهان حيدرآباد مان لنگهيو تہ بہ پي پڇتايم، بيماري ۽ جڏي جيءَ ڪري مان نڪري نہ پي سگهيس، امالڪ ارشد کي ڏياري موڪليم، ٻئي ٽئين ڏينھن مان بہ سکر اچي نڪتس. ڪافي گهڙيون ۽ پل تڏي تي گذاريا هئاسين. اسين الڳ ڪڏهن ٿيا هياسين جو تو دوستن ڀائرن کي پنھنجو هم غم نہ سمجهيو تو پنھنجا درد لڪائي ۽ سانڍي اسان کي کلائيندو اسان سان ڀڳتيون وجهندو هلندو هلين. تو ڪالمن اندر جي سانڍيل ٻاف ڪڍڻ جي ڪوشش تہ ڪئي پر اها اسان لاءِ نہ هئي. اهي ڪالم بہ اسان لاءِ نہ هئا جيڪي اهڙي اخبار ۾ ڇپيا جيڪا نہ تنھنجي سڄڻ هئي نہ منھنجي جو ان ۾ هڪ ٻئي دوست نما دشمن جا ڪالم بہ ڇپيا هئا جنھن ۾ اسان جي خاندان ٻچن کي پڻيو ويو هو. اها اخبار ان ڪري نہ مون وٽ ايندي هئي نہ ٻين دوستن وٽ پوءِ ڪن وٽان خبر پئي تہ اسان جي ڦٽن فتاح کي رنج سپريان رسيو آهي.
اصل ۾ هيءُ ڪتاب انھيءَ Depression جو نتيجو آهي جڏهن فتاح انھيءَ Depression جي دور مان گذريو هو اسان کي ان ڳالھہ تي حيرت ٿيندي هئي تہ فتاح جھڙو اميد ڀريا گيت ڳائيندي هن وٽان اهڙا گيت نہ کٽندا هئا. ڪو وقت اهڙو بہ آيو جو فتاح جشن روح رهاڻ ۾ ڳايو ويو. اياز کان پوءِ فتاح، ۽ پوءِ تنوير، استاد بخاري، نياز ۽ ٻين جا شعر ڳلي ڳلي ڳائجڻ لڳا. فتاح جا ڪيترا اميد ڀريا گيت، نظم ۽ شعر ڪنھن کان وسريا ناهن سندس هڪ آزاد نظم مون کي اڃان بہ ياد آهي.“ او صبح ڇو نہ ٿو اڀرين اڃان“ ان نظم ۾ هو وڌيڪ چئي ٿو:

او صبح!
تو ساڻ منھنجو آھہ اهڙو ئي پيار
جهڙو ڪنھن ڪنواري جو
مرڪن رتلي
اکڙين ڀريل
انتظار
معصوم
اهڙو ئي
جهڙو ڪنھن ٻارڙيءَ جو ننڊ ۾ ٽھڪ
اهڙو ئي سچو، مٺو ۽
اڻٿڪ
جيئن مامتا جي چُمي

ھھڙا شاعر انھيءَ دؤر پيدا ڪيا جڏهن نوجوان نسل ون يونٽ جي قھري نظام، سماج ۽ نا انصافي جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل هو جنھن شاعر مايوسين مان ڪنڌ مٿي کڻي حياتي کي وزندار سمجهي مرڪي منھن ڏيڻ لاءِ هيئن چيو هو.

هاڻ حياتي هلڪي ناهي، مــــــــــرڪي نيٺ نڀايو
پنھنجو من پرچايو
پيو جي راڳ رڳن ۾ ناهين، گيت خــوشي جـا ڳايو
پنھنجو من پرچـايو
ڪوئي ناهين جــــي ڪو همدم ڳـــوڙهن سان ڳالھايو
پنھنجو من پرچايو
سارو ڏيھہ ڏکن ۾ سائين، ڪـــنھن کي ٿا پرچـــــايو
پنھنجو من پرچايو

منھنجا فتاح سائين، توهان پنھنجين تخليق ڪيل هنن سٽن تي غور ڪيو خاص طرح ” سارو ڏيھہ ڏکن ۾ سائين، ڪنھن کي ٿا پرچايو.“
هيءُ ڪتاب پنھنجي Catharsis جو ڪتاب آهي هن ۾ ٻين جي ڏکن ۽ ٻين کي آيل تڪليفون بيان ناهن ٿيل. شاباس اوهان جي والدين، ڀائرن، عزيزن، قريبن کي آهي جو انھيءَ ڏکئي دور مان! اوهان کي ڇپر ڇانءُ بڻجي ڪڍي آيا ۽ باقي واري دور ۾ اوهان ڏاڍ ڏمر کي منھن ڏئي پاڻ کي ۽ پنھنجي ٻچڙن کي ڪڍي آيا آهيو. اهي سڀ اوهان سان گڏ جيئا آهن ۽ سٺو بہ اٿن، پر ٿوري آسپاس تي نظر تہ ڪيترا سڄن ساٿي اوهان سان گڏ رهيا آهن. ڪي مُئا، ڪي جيئري ئي مئل آهن، انھن جي سارَ ڪيو ها تہ جيڪر باقي بچيلن مان ڪو ڪنڌ کڻي چئي ها.

جــــــي ديپ وسامي ويو، سڪرات هلي ويندي
۽ تيل ٻــــــرڻ کان پوءِ، فڪــــرات هـلي ويندي
جيسين هيءُ جياپو تيسين تہ رڳـــــــون رڙنديون
تارون جي ڇڳيون هيڪر، هر لات هلي ويندي

هيءُ ساروڻيون سنڌ جي هڪ وطن پرست شاعر جي ڏکن سکن جي وارتا آهي. جيڪا مٿانهس گذري تہ هو سنڌ سان عشق ڪرڻ لڳو ۽ ات عشق ۾ هو شاعر بڻيو. هن جي سڃاڻپ شاعري آهي. هن جي وڪالت سندس پروفيشن آهي ان ۾ مھارت سندس شاعري ۾ مھارت کان سيڪنڊري ڳالھہ آهي.
نثر نويسي، ڪھاڻي نويسي، ڪالم نويسي سندس ”آءُ ڪبوتر توکي ساز سڏي ٿو“، ”محفل مست بنايون يار.“ ”اسان مست الستي هون.“ ، ”ڪنھن پر ڪاڪلي کٽي ٿي“ ، ”سنڌڙي جا سينگار اجا ڀي ساڳياڙي“ ۽ ”هيءُ شھر بہ ڪو شھر هيو“ جھڙن گيتن کي ڌڪي پوئتي نہ ٿي ڪري سگهي، هنن ۾ ڪالمن جو مقصد سنڌ جي مظلومي واري صورتحال بيان ڪرڻ هو، جنھن ۾ ڪٿي تہ مصنف يقينن ڪامياب ويو آهي ۽ سندس ادائيگي هڪ سٺي داستان جيان ڏيان ڇڪي وٺي ٿي، ڪٿي جڏهن هن کي پنھنجو خيال اچي ٿو تہ ڪيترن حقيقتن کان منھن موڙيو اٿس هو ڪيترن هنڌن تي ڪي ڳالھيون، سچي مچي ڪرڻ کان الائي ڇو لنوائي ويو آهي، جنھن جا ڪي ساکي طلي مرڻ ڪنڌي تي هجن پر ڪي جيئرا جاڳندا ويٺا آهن. فتاح جا هيءُ ڪالم اميدن ۽ مايوسين جو سنجوڳ آهن. انھيءَ خودبياني کي بنھہ سچ بياني تہ نہ ٿو چئي سگهجي پر سنڌڙي جي غم گاڏر سنھري داستان جا ڪيترا ورق چئي سگهجن ٿا. جن کان منھن موڙي نہ ٿو سگهجي. فتاح جي خوبصورت انقلابي شاعري کان پوءِ هيءُ پن ڇڻ کان پوءِ جا ورق يقينن شڪل پنن جيان پھريان محسوس ٿيندا پر فتاح جي ڳلن تان وهندڙ ڳوڙهن سان اهي پن توهان کي تروتازو نظر ايندا. هيءُ هڪ شاعر جو داستان حيات آهي ڪو مذاق ناهي، سنڌ سان عشق جي رُوداد آهي ۽ انھيءَ شاعر جي جنھن چيو هو :

ڌرتي پنھنجي سر تي آهــي،
توکان ڪھڙو لڪُ لڪاءُ
سوري سيج اسان جي آهي،
مُرڪــي لائج ميندي ماءُ

حميد سنڌي
10 نومبر 2009ع

ڪجهہ پنھنجي طرفان

اسان ڇھہ ڀائر ۽ ٻہ ڀينر هياسون. هڪ ڀيڻ گذاري وئي آهي. باقي حال حيات آهيون. مون کان ٻہ ڀائر ۽ ڀينرون وڏا ۽ ٽي ننڍا ڀائر آهن.
مون کي ٽي پٽ عبدالقيوم، ڊاڪٽر عبدالسميع جيڪو 13 جون 2007 تي ﷲ کي پيارو ٿيو. عبدالصمد ۽ ڊاڪٽر مومل هڪ ڌيءُ آهي. سندس وَرُ منھنجو ڀائيٽيو ثناءُ ﷲ سول ايوي ايشن ۾ آفيسر آهي.
منھنجا ٻئي پٽ فرمانبردار ۽ هميشہ منھنجو ۽ پنھنجي والدہ جو خيال رکڻ وارا آهن.
منھنجي گهرواري، سگهڙ، ديندار ۽ هميشہ گهر ۽ گهروارن جي خيرخواھہ آهي ۽ هر ڏک ۽ سک ۾ همسفر ۽ هم رڪاب رهي آهي.
عبدالقيوم جي گهرواري ارجمند بانو بہ منھنجي ڀائيٽي آهي ۽ پڙهيل لکيل ۽ سلڇڻي آهي. صائما منھنجي ڀاءُ ڊاڪٽر عبدالجبار جي نياڻي آهي ۽ ڊاڪٽر عبدالسميع جي وڇڙي وڃڻ کان پوءِ مون سان گڏ آهي ۽ عبدالسميع جي ڏنل نشاني اسفند جي تعليم ۽ تربيت ۾ مون سان ساٿ ڏيو بيٺي آهي.
عبدالمعز منھنجو ٻيو پوٽو ۽ ڄامزادي رابيل جنھن تي مون پنھنجي امڙ جو نالو رکيو آهي. عبدالقيوم جي اولاد آهن.
منھنجا ٻہ ڏوهٽا شھر يار ۽ شھزاد مومل ۽ ثناءُ ﷲ جي اولاد آهن.
”جيڪي ياد پيوم“ ڪجهہ يادگيريون آهن ڪجهہ پنھنجي متعلق آهي. زندگيءَ جو ڪافي سفر ڪٽجي چڪو آهي. باقي اچي بچيو آهي سوبہ ڪٽجي ويندو. شاگرديءَ جي زماني کان وٺي ڪافي ارڏايون ڪيم. پنو عاقل، پير ڳوٺ ۽ خيرپور ناز هاءِ اسڪولن ۾ پڙهيس. ڊرامن، مشاعرن، هڙتالن، ڊبيٽ، سنڌي ادبي سنگت ۽ ان جي هلايل تحريڪن ۾ سرگرم رهيس. ننڍپڻ جون دوستيون اڄ توڻي ويٺو نڀايان. ڪجهہ امر جليل مان متاثر ٿي سندس ڪھاڻين جي عنوانن تي شعر لکيم، جھڙوڪ ”جڏهن مان هوندس“ ۽ ”لھندڙ سج وڌندڙ پاڇا“.
شيخ اياز، تنوير عباسي، رشيد ڀٽي، علي بخش ميمڻ، حبيب ﷲ شيخ، سليم خواجا، ڊاڪٽر محمد عمر جاگيراڻي، عبدالقادر صديقي، نور الدين سرڪي، سراج ميمڻ، عبدالحميد سنڌي، امر جليل ۽ ٻيا تمام گهڻا دوست هُيا ۽ آهن، جن مان ڪيترا هِنَ دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويا آهن.
منھنجن ڪالمن جو هڪ مجموعو اڳ ڇپجي چڪو آهي، ان کان پوءِ ٻيو چاپو مارڪيٽ ۾ آيو ۽ هينئر ٽئين ڀيري پيو اچي. ٻنھي ڇاپن ۾ جسٽس سيد ديدار حسين شاھہ صاحب ۽ برادرم حميد سبزوئي صاحب مدد ۽ رهنمائي ڪئي آهي جنھن لاءِ آءُ دل سان سندن ٿورائتو آهيان.

فتاح ملڪ

منھنجا وڏڙا

چون ٿا تہ اسان جو ڪو وڏو اڪيلي سر بلوچستان مان اڄ کان ڇھہ يا ست سؤ سال اڳ خبر نہ آهي تہ ڪھڙي سببان گهوٽڪيءَ جي شھر ۾ اچي مقيم ٿيو. گهوٽڪيءَ کي ان وقت جي بزرگن جي ڪري صاحبن جي لوءِ سڏيو ويندو هو. صاحب ڪريم ان وقت جا بزرگ سيد پير مونس شاھہ جن هئا، جن ڏينھن شاھہ عبدللطيف ڀٽائي بہ انھن جا مھمان ٿيا هئا. اسان جو وڏو ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ چواڻي : بلوچستان جي ڪنھن ننڍڙي رياست جو مالڪ هو، خبر ناهي تہ ڪھڙي ڳالھہ کين هتي اچڻ تي مجبور ڪيو، بھرحال هو اتان نڪري صاحب ڪريمن وٽ اچي حاضر ٿيو، ڪجهہ وقت تہ خادمن ۽ مريدن ۾ هو. سندس زبان شايد بلوچي يا فارسي هئي، ان ڪري ڪوبہ سندن حال احوال ڪونہ پيو وٺي، بعد ۾ پير صاحب جن جڏهن کانئن خبرگيري ورتي تہ کين معلوم ٿيو تہ همراھہ وڏ گهراڻو آهي. مدد طور کين ڪجهہ رقم ڏنائون. جنھن سان ڪو واپار ڪيائون ۽ ڪافي مال ڪمايائون. جيڪو سمورو اچي پير صاحب جن جي اڳيان رکيائون، پير صاحب جن فقط اوتري رقم کنئي جيتري کين ڏني هيائون. پوءِ کين پنھنجي حويلي سان گڏ گهر بہ ڏنائون، شادي وغيرہ بہ ڪرايائون ۽ شھر جي ڪوٽوالي بہ ڏنائون. ان گهٽيءَ جو اڄ تائين ”ڪوٽوال“ گهٽي نالو رکيل آهي.
اسان جو گهراڻو پير صاحب جن جي خاص خليفن مان سڏبو آهي ۽ تمام ٿورن فردن تي مشتمل آهي. ڪل سؤ سوا ڄڻا آهيون. تقريبن سمورا همراھہ نوڪرين پٺيان آهن. منھنجو ڏاڏو واحد ڏنو نوڪريءَ جي سبب ڪري پنو عاقل ۾ آيو ۽ اتان جو ئي ٿي ويو. ڏهر خاندان مان شادي ڪيائين. منھنجي والد صاحب بہ پنو عاقل کي پنھنجي ڳوٺ طور آباد رکيو. سندن شادي چانڊيا خاندان مان امروٽ شريف جي مولوي تاج محمد ڪرائي، مولوي تاج محمد امروٽي انگريزن جي خلاف هلايل تحريڪ جو خاص مھندار هو، سندس گادي اڄ بہ قائم ۽ دائم آهي.
اسان جي والدہ ماجده دٻي تعلقي ميھڙ جي هڪ ننڍڙي زميندار احمد خان چانڊئي جي نياڻي هئي، جنھن کي سندس ناني مولوي حبيب ﷲ نپايو هو. مولوي صاحب بہ پنھنجو ڳوٺ ڇڏي جھان ﷲ شاھہ جي ڪوٽ ڀرسان اچي روهڙي وسائي هئي ۽ خلافت تحريڪ ۾ مولوي تاج محمد امروٽيءَ سان شامل هو، جھان ﷲ شاھہ صوفي شاھہ عنايت جو ساٿي ٿي گذريو آهي. اسان ڇھہ ڀائر ۽ ڇھہ ڀينرون هئاسون. هڪ ڀيڻ راھہ رباني اختيار ڪري وئي، باقي حال حيات آهيون. مون کان ٻہ ڀائر ۽ ٻہ ڀينر وڏيون آهن. منھنجو ننڍپڻ پنو عاقل ۾ گذريو، پيءُ ملڪ ۽ ڏاڏي ڏهرياڻي، ماءُ چانڊياڻي جيڪي بہ هي فاني جھان ڇڏي ويا آهن. اهو اعزاز بہ مون کي حاصل آهي تہ والدہ جي خدمت ڪرڻ جو گهڻو شرف مون کي حاصل ٿيو ۽ اڃان بہ آس اٿم تہ مون کي ماءُ جي قدمن ۾ قبر نصيب ٿئي. منھنجو والد صاحب سنڌ مدرسة الاسلام مان شايد 1923ع ۾ ميٽرڪ پاس ڪري روينيو کاتي ۾ ملازم ٿيو. سدائين نوڪري سانگي والد صاحب ٻاهر هوندو هو ۽ هر ڇنڇر جي ڏينھن ڳوٺ ايندو هو، منھنجي ڄم جي تاريخ يقين سان نہ ٿي ٻڌائي سگهجي، ڇاڪاڻ جو اسان کي اسڪول ۾ داخل ڪرائڻ لاءِ ڪونہ ڪو ملازم وٺي ويندو هو ۽ داخل ڪرائيندو هو. اسڪولي رجسٽر مطابق منھنجي جنم تاريخ ڇوٿين اپريل 1939ع آهي ۽ مان هينئر 72 سالن جو ٿي چڪو آهيان ۽ هن دنيا جا ڏک سک پسڻ لاءِ حال حيات آهيان. زندگيءَ جو سفر ڪيئن گذريو؟ هي هيڏا سارا سال ڪيئن گذري ويا؟ خبر ئي نہ پئي!! ضروري ٿي پيو آهي تہ مان پنھنجون اهي يادگيريون رڪارڊ تي آڻيان، مون گهڻو ڪجهہ ڏٺو آهي. ڪيترن سان مليو آهيان، ڪجهہ تحريڪن سان بہ واسطو رهيو آهي، منھنجي سامھون ڇا وهيو ڇا واپريو، اهو ٻڌائڻ هاڻي ضروري ٿي پيو آهي مون ڇا محسوس ڪيو اهو بہ ٻڌائڻ گهرجي. ڪي ڳالھيون دماغ جون آهن ۽ ڪي دل جون آهن ۽ ڪري وري ٻنھين جون آهن. مان سمجهان ٿو تہ جيڪڏهن مان دل جي ڳالھہ مڃان ۽ دماغ جي نہ مڃان ها تہ شايد فقيري اختيار ڪري ڪنٺا قولابا پائي گيڙو ويس پھري ڪستو ڳچيءَ ۾ وجهي جهر جهنگ ۽ جبل جهاڳيان ها. منھنجي ڳالھہ سان ڪو اتفاق ڪري يا نہ ڪري تہ شاعريءَ جو واسطو دل سان آهي نہ دماغ سان. ان ڪري مون ڪجهہ دل کي مڃيو ۽ ڪجهہ دماغ کي. دل کي دماغ تي حاوي ٿيڻ نہ ڏنو.

ڀٽائيءَ جو ڀيرو

سنڌ تہ سيدن سان ڀري پئي آهي ڇاڪاڻ تہ عربن جي ڪاھہ کان اڳ بہ ڪجهہ عرب سنڌ ۾ اچي چڪا هئا، پر سنڌ جي فتح کان پوءِ مسلسل يلغار رهي. ڪي لشڪر سان گڏ هئا ڪن بزرگن اسلامي تبليغ جي خيال سان مختلف مدرسا ۽ خانقاهون اچي وسايون. عام ماڻھو (جيڪي سرڪاري ڪارندن ۽ ٻين ڏاڍن جا ستايل هئا) ۽ بيمارين جا لاعلاج مريض انھن خانقاهن کي ئي فقط پنھنجو ڏڍ ۽ سھارو سمجهي اچي حاضري ڀريندا هئا، ڪجهہ نذر ۽ نياز بہ ٿيندو هو، خير خيرات بہ عام هو. اهڙي ريت گهوٽڪي ۾ خاص طرح پير حضرت موسن شاھہ کي ڪنھن مريد اطلاع ڏنو تہ هڪڙو نوجوان فقير مسجد جي حُجري ۾ ڪنھن ساز سان راڳ آلاپي رهيو آهي اها ڳالھہ پير صاحب لاءِ ڇا پر ان وقت جي ماحول مطابق نھايت غير شرعي ۽ ناقابل برداشت هئي. پير صاحب جن پنھنجن مريدن کي سمجهايو تہ صبر ڪن جيستائين هو پاڻ حقيقت معلوم ڪري چون ٿا تہ پير صاحب جن مسجد ۾ آيا ۽ اچي شاھہ صاحب سان ملاقاتي ٿيا واقفيت مان معلوم ٿيو تہ نوجوان شاھہ عبداللطيف آهي. جيلاني سيد آهي ۽ شاھہ حبيب ﷲ جو فرزند آهي ۽ سير جي خيال سان نڪتو آهي.
اهو وقت نماز جو هو، ان ڪري پير صاحب شاھہ صاحب کي نماز جي امامت لاءِ چيو، سوچيائون تہ جيڪڏهن ڪو ملنگ موالي هوندو تہ پاڻھي ڀڄي ويندو پر شاھہ بيھي رهيا، پير صاحب سان گڏ سموري جماعت بہ سندن پويان اچي بيھي رهي. شاھہ صاحب جن نماز جي هن طرح سان شروعات ڪئي:

”الف ﷲ عليم، اعلى عالم جـــــــو ڌڻي
قادر پنھنجي قدرت سين، قائم آهي قديم
والي واحد وحــــــــده ، رازق، رب رحــــــيم
سو ساراھہ سچو ڌڻي ، چئي حمد حڪيم
ڪري پاڻ ڪريم جوڙون جوڙ جھان جي“

ﷲ اڪبر چئي رڪوع ۾ هليا ويا. سموري جماعت نماز ڀڃي پري ٿي بيھي رهي پر چون ٿا تہ پير موسن شاھہ بيٺو رهيو، وري شاھہ صاحب جن رخ بدلايو ۽ آيت جي بدران ڪو ٻيو شعر پڙهيو، انھيءَ ريت سمورا رخ بدلي جيڪو آخري شعر پڙهيائون اهو هي هو:

”جيڏانھن ڪريان نگاھہ تيڏا سڄڻ سامھان“

شاھہ عبداللطيف  جن تہ نماز پڙهائي هليا ويا پر سڄو شھر اچي پير صاحب جن تي ڪڙڪيو تہ سائين هيءُ اڄ ڪھڙي قسم جي نماز پڙهائي وئي؟ وغيرہ وغيرہ پير صاحب جن وراڻيو تہ جيڪا نماز بہ هئي پر مون هر طرف کان خانہ ڪعبہ ڏٺو. پير موسن شاھہ جن اصل بغدادي پير هئا. هنن جي گادي اڄ بہ آهي پر جيئن ٻين درگاهن ۽ مدرسن جو حشر نشر ٿي ويو آهي تيئن هن سان بہ ساڳي ڪار آهي. دين بدران سياست، علم ۽ فضل بدران جاگيرداري هن گاديءَ جو بہ ساڳيو حال آهي.
اتان جي خاندان وارا اڄ بہ اتي آهن. حويليون آهن پر نا اتفاقي آهي، سرمائيداري آهي غريب پر وري ڪانھي جتي وڏا وڏا سردار ۽ نواب اچي سرجهڪائيندا هئا، اتي در ڌڻي پاڻ بي علم جاهلن، فرعونن ۽ سردارن جي دروازن تي معمولي ملازمت لاءِ ڪلاڪن جا ڪلاڪ سوالي ٿيو ويٺا آهن.

طمع جـــــي تنوار متان ڪرين مگڻا
ڌڪي ڪندءِ ڌار، مڻيو ڏئي مُٺ ۾
(لطيف)

منھنجي جنم ڀومي عاقل خان ڌاريجي جي زمين تي ٻڌايل ڳوٺ کي پنو يعني زمين سڏيو ويو. زماني ۾ ڌاريجن جي وڏي زمينداري هئي. هينئر اها آهستي آهستي ختم ٿيندي پئي وڃي. پنوعاقل شھر ۾ هندو ، شيخ، ڏهر، مھر، بُلا بلوچ اڪثريت ۾ رهن ٿا. ان جي ڀرپاسي ۾ بہ تقريبن ساڳي صورتحال آهي. مھر ڏهر ۽ ڌاريجا قوم کي اچ شريف جي بزرگن جي تبليغ مسلمان ڪيو. اسان پنو عاقل ۾ جنھن جاءِ ۽ جڳھہ جا رهواسي آهيون، اها دراصل فقير محمد ڏهر جي ملڪيت آهي. فقير محمد ڏهر منھنجي ڏاڏي خليفي واحد ڏني جو سھرو هو. هن پنھنجي نياڻي يعني منھنجي ڏاڏيءَ کي اها جڳھہ ڏني. اسان جو گهراڻو تہ گهوٽڪي جو آهي. فقير محمد ڏهر جنھن پنو عاقل ۾ مسجد ٺھرائي، اها هينئر جامع مسجد آهي. ان کي ايترو وڏو ۽ ويڪرو مولوي فتح محمد شيخ ڪرايو، جيڪو هينئر خود مسجد جي اڱڻ ۾ دفن آحي. فقير محمد ڏهر جو فرزند قادر بخش سنڌ زميندار اخبار جو ايڊيٽر رهيو. اسان جو هي محلو هندن ۽ شيخ برادري سان ڀريل هو، پاڙي ۾ سنتي ماءُ ۽ سيتل ماءُ (مھراج سيتل داس) مشھور مايون هيون جن جو سڄي محلي تي ڌاڪو هوندو هو. سنتي ماءُ جو مڙس سائين رگهومل جيڪو پرائمري استاد هو ۽ پوءِ هيڊ ماستر ٿي رٽائرڊ ٿيو، سيتل ماءُ برهمڻ ۽ مھراج سيتل داس جي ماءُ هئي. سموريون هندو سماج جون رسمون يعني شاديون ۽ ڪرياڪرم اهي ماءُ پٽ ڪرائيندا هئا. استاد رگهومل وٽ هڪ کير لاءِ ٻڪري هوندي هئي، جيڪا هن لاءِ صبح جي لسي ۽ ڦٽي (مکڻ) ۽ رات جو کير ماني کائي سمھڻ جو سھارو هئي. منجهند جي ماني ڪڏهن کائبي ڪڏهن نہ کائبي. اڇو اجرو، ڪڙڪدار آواز ۽ بااصول شخصيت جو مالڪ، تعليم ۽ تعظيم ۾ ڪنھن داٻي هيٺ نہ اچبو.
هڪڙو پرائمري اسڪول بوائز ۽ ٻيو پرائمري اسڪول گرلز هوندو هو، هينئر اسڪولن جو تعداد ڳڻپ کان مٿي آهي. هاءِ اسڪول بہ هڪڙو هو. جيڪو ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ جي ملڪيت هو، ان جو پريزيڊنٽ ڪونہ ڪو سردار يا وڏيرو هوندو هو، پر تعليمي معاملن ۾ مداخلت ڪونہ ڪندو هو. هڪڙي سرڪاري اسپتال هئي، جنھن ۾ سرڪاري ڊاڪٽر هوندو هو، ان جو سڄي تعلقي تي رعب هو. ڊاڪٽر صاحب کي ڪو گهرائيندو هو، تہ سڄي شھر ۾ هوهوا ٿي ويندي هئي. جنھن وٽ وزٽ تي سرڪاري ڊاڪٽر اچي، اڌ شھر طبيعت پڇڻ ايندو هو. اها ڄڻ ڪا وڏي ڳالھہ ٿي آهي. سرڪاري اسپتال ۾ علاج مفت ٿيندو هو ۽ تعليم بہ سموري مفت هئي. انگريزي تعليم تي ڪجهہ في ڏيڻي پوندي هئي. غريبن ۽ اميرن لاءِ ساڳيا اسڪول هوندا هئا. اسڪول استادن جي نالن سان مشھور هوندا هئا. استاد فلاڻو فلاڻي اسڪول جو. پرائمري تعليم ۾ شاگرد کي ٻاراڻي يعني ڪي جي کان شروع ڪرڻو پوندو هو، اسان جو سائين کيٽومل اسان جي پاڙي ۾ هو، هو پاڻ سان گڏ اسڪول وٺي ويندو هو ۽ پاڻ سان گڏ وٺي ايندو هو. هارمونينم تي اسان کان سريلي آواز ۾ بيت ياد ڪرائيندو هو.
صبح جو هر اسڪول ۾ پرارٿنا ٿيندي هئي، يعني ڌڻيءَ جي ساراھہ ان کان پوءِ اها چڪاس ٿيندي هئي تہ ننھن لٿل آهن يا نه، تَڙ ڪيل آهي يا نه، ڦڻي ڏنل آهي يا نه، ڪپڙا صاف آهن يا نه. پوءِ ڪلاس شروع ٿيندا هئا. استادن جا مقابلا هئا. امتحانن جو اهو تاثر هو تہ امتحان شاگردن جو تہ آهي پر حقيقت ۾ استادن جو آهي، انھن جون ترقيون شاگردن جي تعليمي معيار تي ٿينديون، سستي ۽ سٺي تعليم ملندي هئي، ٻھراڙي جا ڇوڪرا ۽ هندو ڇوڪرا اسان شھر وارن کان گهڻو هوشيار هئا ۽ انھن جا هٿ اکر بہ سٺا هئا. هوشيار ۽ غريب شاگرد کي سرڪار طرفان اسڪالرشپ ملندي هئي، ان لاءِ بہ مقابلي جو امتحان ٿيندو هو، تعليمي نصاب ۾ ٽين درجي سنڌيءَ کان پھريائين تعلقي جي جاگرافي ۽ تواريخ ۽ سنڌي چوٿين ۾ ٻن يا ٽن تعلقن تي مشتمل ڊويزن جي تواريخ ۽ جاگرافي پڙهائي ويندي هئي. سنڌيءَ جا بہ ست درجا هئا، جيڪي پوري ڪرڻ کان پوءِ سنڌي فائنل جو امتحان ٿيندو هو. ان کي پاس ڪرڻ کان پوءِ سنڌي پرائمري ۽ ماستري يا تپيداري جي نوڪري ملندي هئي. اهڙي طرح انگريزي جا بہ ست درجا هئا، جن ۾ دنيا جي تواريخ ۽ جاگرافي پڙهائي ويندي هئي، سنڌي فائنل ۾ سڀ مضمون آلجبرا، جاميٽري، حساب ۽ سائنس سنڌيءَ ۾ هئا، پوءِ اهي مضمون انگريزي پڙهڻ وارن لاءِ ٽين يا چوٿين انگريزي ڪلاس کان انگريزي ۾ شروع ٿيندا هئا. بنيادي تعليم مادري زبان ۾ هئي. جيڪي سڄي دنيا جو مڃيل اصول آهي، سنڌ مدرسة الاسلام طرفان سڄي سنڌ ۾ غريب ۽ هوشيار شاگرن کي مفت تعليم، کاڌ خوراڪ سميت ملندي هئي، جنھن جي چونڊ لاءِ سڄي سنڌ ۾ ٽيمون اينديون هيون. منھنجي والد صاحب کي ۽ شيخ نور محمد جنھن جو فرزند جسٽس عبدالقادر شيخ آهي، کي بہ اهڙي ريت مدرسي ۾ تعليم ملي. هن مدرسي سنڌ جي ماروئڙن جي وڏي مدد ۽ خدمت ڪئي ۽ وڏيون وڏيون شخصيتون پيدا ڪيون، جن ۾ علامہ آءِ آءِ قاضي، اي ڪي بروهي، شمس العلماء عمر بن داؤد پوٽو ۽ ٻيا شامل آهن.

پراڻو پنو عاقل

اچو تہ ٿورو شھر پني عاقل جو سير ڪريون : سڄو شھر نمن جي وڻن سان ڀرپور، چؤڌاري کوهن تي انبن، کجين، ٻٻرن، ليمن جا باغ ۽ سبزيون پوکيل هيون. ماڻھو اونھاري جو کوهن تي هليا ويندا ها. زنانہ ۽ مردانہ گهاٽ بہ هئا، جر جي پاڻي سان وڻن هيٺان ويھي تڙ بہ ڪبو ۽ ڪچھري بہ ڪبي هئي، شھر گهڻو ڪري تعليم يافتہ وچولي طبقي جي ماڻھن سان ڀريل هو، شام جو اڪثر هندو ۽ مسلمان پنھنجي گهرن اڳيان پاڻيءَ جي ڇنڪارِ ڪرائي ڪرسيون ۽ کٽون وجهي ڪچھريون ڪندا هئا. رپند مل جون مٽ جون قلفيون، جواڻ مل جون ٿڌيون بوتلون گهرائبيون ۽ ڪباب کائبا ۽ حقا ڇڪبا هئا ۽ ڪچھريون ڪبيون هيون. اسان جي اوطاق جي سامھون سيٺ تنومل جو وڏو گهر ۽ اوطاق هئي. هو تمام وڏو سيٺ هو، پر سندس ڌڙ سڪل هو، تنومل ڏاڍو سريلو بہ هو، ان ڪري رات جو محفل مڇندي هئي، ۽ کيس نوڪر کڻي اچي ويھاريندا هئا. گهر جي اڳيان وڏو کوھہ هو، جنھن جو پاڻي پرائمري اسڪول جي باغ کي ملندو هو. سيٺ تنومل وٽ رات جي ڪچھري دير تائين هلندي هئي. قلفيون، فالودا، بوتلون ۽ مٿان پرڀاتي، راڻو راڳ! ڇا ڳالھہ ڪجي، چار وڏيون بازارون هيون. ڍڪ بازار ۾ ولايتي ڪپڙو، بوٽ، زنانو سامان ۽ پرفيوم وغيرہ ملندو هو. هن بازار ۾ گهڻي ڀاڱي عورتون خريداري ڪنديون هيون، ٻي گرني بازار، هيءَ گرني مل پاساريءَ جي نالي مشھور هئي. ٽين هئي ساساني مل جي، هن بازار ۾ گهڻي ڀاڱي سليٽون، ڪتاب قلم ۽ اسٽيشنري ملندي هئي ۽ چوٿين هئي شاهي بازار، هي بہ ڪافي وڏي هئي. ۽ اڄ بہ موجود آهي، باقي ٽي بازارون ختم تہ ڇا پر ويران ٿي ويون، انھن ۾ هندستان کان آيل ڀائرن کي وسايو ويو، جن پنھنجا گهر اڏيا، ان وقت تہ ڏاڍا غريب ۽ ڏتڙيل هئا، هڪ کي دڪان تہ هڪ کي گهر ڪيائون، ڇتين جو سامان هڪ هڪ ڪري وڪڻي ڇڏيائون، جيڪي شھري هندو هئا، سي گهڻو ڪري هليا ويا هئا، پڙهيل ڳڙهيل عزت وارا سڀ خوف کان هليا ويا، سڀ اوطاقون ويران ٿي ويون.
اهو وقت عجيب هو. سڄو ملڪ لڏپلاڻ جي حالت ۾ هو، هندو پنھنجا ٽپڙٽاڙي مٺ ڀڳڙن تي وڪرو ڪندا رهيا ۽ ڀارت روانا ٿيندا ويا. وڇوڙي جا وهڪرا وهڻ لڳا، هڪ طرف وطن ڇڏڻو هو ۽ ٻي طرف وسارڻو هو. وطن ڇڏي تہ ويا پر وساري نہ سگهيا. ”حيف تنين کي هوءِ وطن جنين وساريو“ جي ميار ڪانہ سٺائون. اڄ بہ پانڌيئڙا ٿي پراڻا وٿاڻ ڏسڻ اچن پيا، ڪيئي مسلمان پنھنجي سنڌي هندو دوستن کي ڀارت تائين ڇڏڻ ويا، ان وقت ايترو مذهبي ڪٽرپڻو ڪونہ هو، سنڌ صوفين جي آهي، شاھہ، سچل، سامي ۽ ٻين صوفين بزرگن ڀيد ڀاوَ ختم ڪري ڇڏيو هو. هڪ ٻئي جي ڏک سک ۾ سڀئي شريڪ ٿيندا هئا. ڏياريون، هوليون، عيدون ۽ محرم گڏ ملھايا ويندا هئا. پوءِ جڏهن سياسي جوڙتوڙ شروع ٿي تہ اسان جو گهر مني مسلم ليگ هائوس ٿي ويو ۽ مھراج سيتلداس جو گهر مھاسڀائي مسلمان ۽ ڪٽر هندو جدا جدا جنگ ڪرڻ جي اراد سان فوجي تربيتون ڏيندا هئا. اسان جي گهر تي هو لٺيون وسائيندا هئا ۽ مھراج جي گهر تي هيءَ نفرت ان وقت وڌيڪ شدت اختيار ڪرڻ لڳي، جڏهن هندوستان مان لاشن ۽ زخمين جون ريل گاڏيون ۽ پناهگير اچڻ لڳا. اسان جي شھر جا مسلمان بہ چندا ڪري ريلوي اسٽيشن تي ماني ۽ ٻوڙ جون ديڳيون جهليو بيٺا هوندا هئا ۽ لاشڻ کي دفنائڻ ، زخمين جو علاج ڪرڻ ۽ جيئرن کي پنھنجي جيءَ ۾ جايون ڏيڻ ۾ ڪا ڪسر نہ ڇڏيائون.
ڪيئي سنڌي هندو موڪلائڻ وقت اوڇگارون ڏئي پئي رُنا، مسلمان عورتن بہ پاڻ ۾ ڀاڪر پائي رنو ۽ موڪلايو. جاني جدا ٿي ويا الائي ڪھڙي سببان جنھن جي اڄ تائين ڪنھن کي بہ خبر نہ آهي، تہ ڪنھن اهو نعرو ٿي هنيو تہ هندو وڃن يھودي اچن، اسان جي ڳوٺ مان بھرحال ٻہ ماڻھو ڀارت نہ وڃي نہ ويا، ٿي سگهي تہ ٻيا بہ هجن پر هڪڙو مھراج سيتل داس ۽ ٻي پارتي مارواڙڻ پار بتي تہ ريلوي اسٽيشن کان ايندڙ پناهگير ن جي لاشن لھرائڻ، زخمين جي ملم پٽي ڪرائڻ، ڪفن دفن جي انتظام ڪرڻ سان گڏ ماني وغيرہ جي انتظامن ۾ ڪلھو ڪلھي ۾ ملايو بيٺي هوندي هئي، ڏينھن رات هڪ ڪيو بيٺي هوندي هئي، هوءَ ويچاري جيستائين جيئري هئي، پاڪستان جي وفادار شھري ٿي رهي پر کيس 1965ع واري جنگ دوران ٻين هندن سان گڏ جيل وڃڻو پيو ۽ مٿس جاسوسيءَ جو الزام هنيو ويو، جنھن کان پوءِ هوءَ جيسلمير راجستان هلي وئي، اتي سنڌ ڏانھن نھاريندي مري وئي. باقي مھراج سيتل داس پنھنجي سموري جائدا وڪرو ڪري ايم ايس انگلش ميڊيم اسڪول ٺھرايو، جيڪو اڄ بہ قائم آهي ۽هتي ئي مري ويو ۽ هڪ دفعو بہ هندوستان نہ ويو.

ماڻھو نہ وسرڻ جھڙا

اهي تہ هئا اهي هندو جيڪي اسان جي محلي ۾ رهندا هئا، باقي حقيقت ۾ سڄو تعلقو ٻن مذهبن ۾ ورهايل هو : هڪڙا هئا مسلمان ٻيا هندو، مسلمان بہ ٻن حصن ۾ هئا، هڪڙا زميندار ۽ سردار ۽ ٻيا هاري شھرن ۾ ڪو ورلي گهراڻو وچولو طبقو هو، جيئن، ڏهر يا شيخ صاحبان، تعليم ۾ بہ هندو ۽ مسلمانن جو وچون طبقو دلچسپي وٺندو هو، باقي زميندار پنھنجي اولاد کي گهڻو ڪري ڪونہ پڙهائيندا هئا ۽ نہ وري غريب کي پڙهڻ ڏيندا هئا، ٻھراڙين ۾ استاد کي ماستر ڪري سڏيو ويندو هو، ۽ پنھنجي منشي طور هلائبو هو، غريبن جي ننڍڙن ٻارن کي وڏيرن جي ٻارن کي کيڏائڻ لاءِ جبرا بنا پگهار جي گهر ۾ رکبو، ڇوڪريون تہ نہ پاڻ پڙهابيون ۽ نہ پڙهڻ ڏبيون. هارين جا فصل سندن منشين ڪوڙن حسابن ڪتابن ۾ هضم ڪري ڇڏيندا هئا. غريب ڇھن مھينن يا ٻارهن مھينن جو پورهيو خالي ڪپڙن ۾ کڻي ايندو، هندو وياج خور وٽ جيڪو خود وياج تي وياج چاڙهيو ويٺو هوندو هو ۽ اڇن پنن تي آڱوٺا هڻائي باقي ڏاندن جا جوڙا يا ٻني ٽڪرو هوندس تہ لکرائي وٺندو هوس. سنڌي مسلمان کي شل نہ ڪا سھڻي ڇوڪري هجي، هوندي تہ کيس وڏيرن ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائي ڇڏيندو، هندو وياج خور وٽ مجبورن قابو ٿيندو، ٻچن جون بکون ڪير بہ برداشت نہ ٿو ڪري سگهي، ان لاءِ هٽ واڻيو ويٺو آهي ڪوڙا کاتا کنيون. مون تہ شھر ۾ بہ پاڻيءَ جا ڌار ڌار مٽ ۽ گلاس بہ ڏٺا. مسلمانڪو پاڻي ۽ هندڪو پاڻي! اهي ڳالھيون بہ هيون دڪاندار هندن وٽ، باقي پڙهيل ڳڙهيل ديوان هندوءَ وٽ اها ڳالھہ گهٽ هئي. غريب لاءِ نفرت ۽ ان کي نيچ سمجهڻ تہ ٻنھي وٽ هو، هڪ دفعي مون کي اسڪول ۾ اڃ لڳي ۽ مان ڊوڙندو گهر ۾ پاڻي پيئڻ لاءِ آيس، اسڪول اسان جي گهر جي ڀرسان هو، جيئن گهر پھتس تہ حڪم ٿيو، ”بابا جلدي وڃي هي شيءِ ڏاڙهون مل جي دڪان تان وٺي اچ“ ڏاڙهون مل جو دڪان اسان جي گهر کان ويجهو هو، مان ڊوڙندو ويس، دڪان تي پاڻي جا مٽ ڳاڙهي ڪپڙي سان ويڙهيل رکيل هئا. آءُ اڳ ئي اڃايل هوس، سو چيومانس ”ڏاڙهون مل پاڻي تہ پيار.“ چيائين بابا ٻڪ جهل. مون ڪڏهن ٻڪ ۾ پاڻي ڪونہ پيتو هو، سو سڄو پاڻي وهي ويو ۽ ڪپڙا بہ آلا ٿي ويا، گهر ۾ پڇا تي مون ٻڪ ۾ پاڻي پيارڻ واري حقيقت ڪئي، شام جو منھنجا ڀائر گهر ۾ آيا! حقيقت ٻڌڻ کان پوءِ چڱو ڀلو فساد ٿيندي ٿيندي رهجي ويو. وياج خور هندو سنڌ ۾ اڄ بہ آهن. هاڻي تہ مسلمان بہ ان ڪم تي لھي پيا آهن. هڪڙا تہ فقير بہ هئا. جيڪي بغير ڪنھن ڀيد ڀاوَ جي خدمت ڪندا هئا. هڪڙو هندو هميشہ ٻارن جا پير پاڻ ڌورائيندو هو ۽ شيون کارائيندو هو. هاڻي جيڪي ننڍپڻ جون ڪن ماڻھن متعلق يادگيريون آهن جيڪي وسري نہ ٿيون وسرن، سي ٻڌائي ڇڏيان تہ بھتر آهي.
هڪ تہ اها ڍڪ بازار جيڪا پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ اجڙي وئي، ان جي ڪجهہ دڪانن تي اچي هندستان کان آيل دوستن گهر اڏيا، باقي تي ڪجهہ ٽانگي وارن پنھنجون بگيون ۽ گهوڙا اچي بيھاريا ۽ ٻڌا. هڪ دڪان تي هڪڙي ٻي عورت جيڪا هڪڙي پير کان معذور هئي اچي قبضو ڪيو، سندس نالو لال هو، اها بازار جي اڪيلي سدا سھاڳڻ هئي، سدائين سينگار ڪيو ٻاهر کٽ رکي ويٺي هوندي هئي ۽ ڪنھن نہ ڪنھن جو انتظار ڪندي رهندي هئي، منھنجي لاءِ ڄڻڪ آزار هئي مان اڪثر ڏاڙهون مل جي دڪان تي وڃڻ لاءِ اتان لگهندو هوس، جو اتان شارٽ ٽرن هو، بس لال جي نظر پوندي تہ ڊوڙائي پڪڙي سڄي سرخي منھنجي مٿان کپائي ڇڏيندي، مان روئندو گهر اچي دانھن ڏيان پر هوءَ چئي ”منھنجو ٻچو آهي وڻندو آهي“ ٻي هڪ عورت ”رسالو“ بہ انھيءَ احاطي جي هڪڙي دڪان ۾ گهر ڪيو ويٺي هئي، هندستان جي رهتڪ ضلعي سان سندس تعلق هو. سندس مڙس فسادن ۾ مارجي ويوو هو، هوءَ پاڻ سان هڪڙو پٽ ”ڪارو“ ۽ ڀاءُ ”ببري“ سميت هتي آئي هئي. اسان وٽ نوڪري ڪندي هئي، جواڻ جماڻ هئي، پر انتھائي باعزت ۽ باغيرت هئي. پنھنجي پٽ ۽ ڀاءُ کي پالي جوان ڪيائين ، جڏهن سندس پٽ ۽ ڀاءُ جوان ٿيا تہ اسان جي نوڪري بہ ڇڏي ڏنائين. پٽ جي شادي ڪرائي ان دڪان مان گهر کي آباد ڪيائين، ڪاري جي زال ڏاڍي سھڻي ڇوڪري هئي، رسالو خوشيءَ ۾ ڀرجي وئي پر اوچتو ئي اوچتو ڪنھن گهرو اڻبڻت جي ڪري ڪاري جي زال مائٽ وٺي ويا ۽ پوءِ طلاق بہ ٿي وئي. ڪارو ڪپڙا لاهي ديوانو ٿي ويو ۽ پوءِ گم ٿي ويو. ۽ وري نہ مليو، رسالو جو ڀاءُ ريل گاڏي ۾ ڪا شيءِ وڪڻندي ڪري مري ويو. رسالو جي دنيا ويران ٿي وئي، مان ويجھڙائي ۾ ڳوٺ ويس تہ رسالو کي ديوانگي جي عالم ۾ ڏٺم، کيس ڇوڪرا پٿر پيا هڻن ۽ ڊوڙائن پيا، مون وچ ۾ پئي سندس جان ڇڏائي. هن بہ مون ڏانھن نھاريو، سندس اکين ۾ سوين سوال هئا. مامتا جون اڃايل اکيون جن ۾ نھارڻ جي مون ۾ طاقت نہ هئي. هن جو نہ ڪو اوهي هو، نہ ڪو واهي، نہ ڪو ادارو جنھن جي حوالي ڪيان ها. ٻانھن کان جهلي کيس پنھنجي سڃاڻپ ڪرايم پر هن ڪونہ سڃاتو، فقط روئي پئي ۽ مون کي ايلازون پئي ڪري تہ مون کي هنن ڇوڪرن کان بچاءِ مون هن جا مائٽ ڳوليان تہ جيئن کيس انھن جي حوالي ڪريان پر ڪوبہ ڪونہ مليو ۽ مان هن کي پنھنجي حال تي ڇڏي هليو آيس. ٻيا ٻہ ڪردار هئا : دولي ۽ غلام حسين ، غلام حسين بلڪل بي ضرر پاڳل هو، هڪڙو ڊگهو چولو. پويان سندس ناني دولي ماڻھن کان خيرات وٺي گذر ڪندا هئا، غلام حسين فونوگرام ٻڌڻ جو شوقين هو، جيڪو اسان وٽ هو، اسان کيس گهر ۾ گهرائي فونوگرام ٻڌرائيندا هئاسين ناني جي مرڻ کان پوءِ نڌڪڻو ٿي پيو، ڪير هن جي سار سنڀال لھي، ڪير کيس ماني کارائي. اها شيوا ڌاري هندن ۾ هئي، سي تہ هليا ئي ويا، سو غلام حسين بہ بکن ۽ اڃ ۾ بيمار ٿي آخر جوانيءَ ۾ ها جوانيءَ ۾ مري ويو. ان وقت سندس عمر مشڪل سان ٽيھہ ورهيہ هوندي.
چوٿون ماڻھو هو ميوو فقير، جيڪو مسجد جي ڀرسان بخاري شاھہ جو سنڀاليندو هو، بخاري شاھہ تي ميخاني کان سواءِ بزرگ جي درگاھہ بہ آهي، وڏيون چوڪيون هيون، ڳائڻا ۽ ڳائڻيون چوڪيون ڏيندا هئا. برڪت ڀٽ جو والد رسول بخش بہ مون ڪيترائي ڀيرا بخاري شاھہ تي ڳائيندي ٻڌو. ميوو فقير هر جمعي تي رسمي طور تي گداگري لاءِ نڪرندو هو. ڪارو ويس پھري، ڪنٺا ڪولابا، ڪستو ۽ دست پناھہ ساڻ ڪري نڪرندو هو ۽ پنج سير اٽو ۽ ڳڙ جي صدا هڻندو هو ۽ دعا ڪندو هو ”ڪڻي مان ڪيچ ٿيندئي“ ، ”شل واڙي وڌندئي“ ، ”ڪوسو واءُ نہ لڳندءِ!“ ٿورو مليو گهڻو. جي ٻن گهرن مان ضرورت پوري ٿي تہ هليو ويندو. وري ٻي هفتي اچبو. اهو بہ بيمار ٿي مري ويو، بخاري شاھہ جا فقير هڪڙي خيرات جي ديڳڙي ٺاهي پچائي مسجد جي مولوي وٽ کڻي آيا تہ ختمو ڏئي ڏي. مولوي صاحب ختمي ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.“ چي : بابا موالين جا ختما ٿيندا آهن ڇا؟ پيو هوندو دوزخ ۾، کڻو پنھنجي ديڳڙي!“ فقيرن ويچارن منھن لاهي مايوس ٿي واپس اچي پاڻ ڪجهہ پڙهائي ماني ورهائي ڇڏي، جيڪو ايندو هين سو ڪري ڪم پورو ڪيائون.

عوام جا مثالي نمائندا

اسان جو ڳوٺ نوٽيفائيڊ ايريا هو. لوڪل گورنمنٽ ٽن يا چئن ميمبرن تي مشتمل هئي. آدمشماري بہ تقريبن ويھہ يا پنجويھہ هزار هئي. هندن جون جڳھيون پڪيون ماڙيون ۽ تمام وڏيون ۽ سھڻيون هيون. شھر جا رستا ڪچا ۽ گهٽيون بہ ڪچيون هيون پر صفائي جو انتظام زبردست هو، روزانو صبح شام صفائي ٿيندي هئي ۽ پخالين جي معرفت سڄي شھر ۾ ڇڻڪار ٿيندي هئي. ميمبر صاحبان پاڻ بيھي صفائي ڪرائيندا هئا. روشنيءَ جي لاءِ سڄي شھر ۾ فانوس لڳل هوندا، جيڪي گاسليٽ جي چمنين سان روشن ٿيندا هئا، روشني وارا روزانو ڏينھن جو فانوس کي صاف ڪري وٺندا هئا ۽ رات جو تيل ڀري روشڻ ڪندا هئا، ٻھراڙيءَ جو ماڻھو ورلي ڪو شھر ۾ جڳھہ وٺندو هو، جي وٺندو تہ زبردست اعتراض ڪبو، ڪنھن کي ڪرائي تي بہ جڳھہ وٺن نہ ڏٻي، چيو اهو ويندو هو تہ ٻھراڙين جا اڪثر ماڻھو پاڻ چوريون ڪندا يا چوريون ڪرائيندا. ڪنھن وڏي سردار يا زميندار کي بہ مجال نہ هوندي هئي تہ وچ شھر ۾ ڪا جڳھہ وٺي. شھر جا هندو مکي شھر ۾ روڊ بہ ٺھڻ نہ ڏيندا هئا. ”بابا چورن جا پير ڊهي ويندا. وڃي روڊ تي چڙهندا. پوءِ گم ٿي ويندا، ان ڪري پڪو روڊ نہ ٺھڻ کپي.“
امن امان ايترو هو جو پاڪستان جي ٺھڻ ۽ هندوستان جي آزادي جي هلچل سبب ريلوي جو نظام درهم برهم ٿي ويو هو، فقط بسون هلنديون هيون. هڪڙي اوٻاوڙي کان سکر، ٻي سکر کان اوٻاوڙي ويندي هئي. اوٻاوڙو سکر کان پنجهتر ميل ۽ سکر پنو عاقل کان پنجويھہ ميل آهي سکر لاءِ هڪڙو روڊ جيڪو نيشنل هاءِ وي آهي. اهو سيمينٽ جو ٺھيل هو، روڊ ي ٻنھي طرفن کان گهاٽو ٻيلو هو، جنھن ۾ هر قسم جا جانور تہ هئا پر ڌاڙيل ۽ چور ڪونہ هئا، ماڻھو آرام سان بگي گهوڙي ڪرائي تي ڪري ٻارين ٻچين رات ڏينھن پيا هلندا هئا. اسان پاڻ اونھاري ۾ گرميءَ سبب ٽانگي تي ٻارين ٻچين پني عاقل کان سکر رات جو سفر ڪيو، ٻن يا ٽن جاين تي گهوڙي کي ڪلاڪ ڪلاڪ جي ساهي ڏياري وئي. دڦ اونداهون ٻيلو هو، گدڙ وغيرہ اچي سامھون بيھي هليا پيا وڃن. صبح جو امن امان سان اچي سکر پھتاسون. شھر جي لوڪل گورنمنٽ خميسي شيخ جي ٻيڙين ٺاهڻ جي مانڊڻيءَ ۾ هلندي هئي، وڏي گهاٽي نم هيٺ خميسي شيخ جي پڙي (مانڊڻي) رکيل هئي، ٻہ ڪاٺ جون بئنچون رکيل هونديون هيون، جن تي ويھي چيئرمين صاحب ۽ ميمبر صاحبان شھر جا مسئلا حل ڪندا هئا، خميسو غير سياسي ماڻھو هو. هو هٿ جون ٻيڙيون ويٺو ٺاهيندو: سرڪاري ڌاڳي واري، يري ڌاڳي واري ۽ اڇي ڌاڳي واري ٻيڙي هو پنھنجو ڪم ويندو ڪندو ۽ هيڏانھن فيصلا پيا ٿيندا، ڀرسان حجم ۽ نير ولي وغيرہ پنھنجي ڪمن کي لڳا پيا هوندا. شيخ ڪمال الدين (جسٽس عبدالقادر جو ڀيڻيويو) امير بخش شيخ ۽ فضل الاهي ڪاسائي جيڪو اوائلي دور جو هو، شھر جا چيئرمين رهيا، شھر ۾ روڊ، رستا، مارڪيٽ وغيرہ امير بخش شيخ جي دور ۾ ٺھيا پر پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ فضل الاهي هر سال اليڪشن جي وقت شھر وارن کان رسي وڃي گهر ويھندو هو، جيستائين شھر جا چڱا مڙس کيس زبردستي گهران کڻي فارم ڀرائي ميمبر ڪن ۽ پوءِ بنا مقابلي چيئرمين بہ ڪيو ويندو هو، پن جون ٻيڙيون ڇڪيندو هو ۽ خميسي شيخ جي مانڊڻي تي پيل بئنچ تي ويٺو هوندو هو، پرائمري اسڪول جا چوڪرا ۽ چوڪريون نين پٽين تي اکر لکرائيندا هئا، سڄو ڏينھن ويٺو ٻارن تي پھرو ڏيندو، ڪنھن کي بہ بازار ۾ رلندو ڏسي هڪدم پڪڙي اسڪول پھچائيندو، وڏن وارن جو دشمن هو، ڪيترا ڀيرا منھنجا وار ڀرسان ويٺل حجم کان زوري ننڍا ڪرائي ڇڏيائين.
شادي غميءَ تي چاچو فضل الاهي پاڻمرادو پھچي ويندو سمورو بندوبست پنھنجي هٿ ۾ کڻبو، صفائي ڪرائڻ گلم غاليچا ، تنبو وغيرہ هڻائڻ ، ديڳيون پچرائڻ ۽ مھمانن جي سارسنڀال لھڻ جو سڄو ڪم سندس ذمي هوندو هو. مالڪ جن جو معاملو هوندو هو بالڪل بي فڪر ٿيا ويندا هوندا ها، فوتگيءَ جي حالت ۾ قبرستان جا معاملا بہ چاچو فضل الاهي سنڀاليندو، هڪ دفعي منھنجي والد صاحب جي ٻي هنڌ بدلي ٿي. اسان پنھنجي گهر کي تالو هڻي اوڏانھن وياسين. سردين جي موسم هئي، اڌرات جو اطلاع مليو تہ گهر جو تالو کليل آهي، اسان جو بابو جيئن تيئن ڪري اچي عاقل پھتو. تالو برابر کليل هو ۽ سڄي رات چاچو فضل الاهي دروازي تي باھہ ٻاريو ڪمبل ويڙهيو ڪرسيءَ تي ويٺو هو. بابي در کولي سڄو گهر چيڪ ڪيو . ٿيو ڪجهہ بہ نہ هو، غلطيءَ ۾ تالي ۾ چاٻي صحيح نہ ڦري هئي ان ڪري کليل رهجي ويو هو. اهي City father هئا، عوام جا صحيح نمائندا هئا، هڏڏوکي هئا، نہ رشوت، نہ پئسا، نہ پلاٽ، نہ پجيرو حرام خور ۽ چور سياستدانن جي بوکڙو دنيا نہ هئي، حلال خور عوام دوستن جي بي لوث دنيا هئي.
هڪڙي دفعي منھنجو والد صاحب ميرپور ماٿيلي جو تعلقي هيڊ منشي ۽ ٿرڊ ڪلاس مئجسٽريٽ هو، مان ٽين درجي انگريزي جو شاگرد هوس، اسان جي گهر جي ڀرسان پوليس اسٽيشن هئي، شھر جو صوبيدار سائين دائم شاھہ جيڪو پڻ پني عاقل جو هو، اتي مقرر هو. شاھہ صاحب جو نياپو آيو تہ .............. سردار صاحب آيو آهي اچي چانھہ وغيرہ پي وڃو. شام جو وقت هو. مان بہ مفت جا پستا باداميون کائڻ لاءِ بابي جي ڪڍ ڊوڙندو ويس. پوليس اسٽيشن جي ديوار جي ٻاهران سوَن جي تعداد ۾ ماڻھو بيٺا هئا. علائقي جو وڏو سردار صاحب آيل هو، سردار صاحب جي ملٽر ماڊل جيپ پوليس اسٽيشن جي ٻاهران بيٺل هئي. اندر ڪجهہ موڙا (ڪانن مان ٺھيل ڪرسيون) رکيل هئا. هڪ تي سردار صاحب ويٺل هو، صوبيدار صاحب بعد ۾ جڏهن بابو پھتو تہ گهران نڪتو ”سائين ! سردار صاحب جن آيل آهن. سوچيم تہ گڏجي چانھہ پيئون.“ ان کان پوءِ هيٺيان ڊائلاگ ٿيا :
صوبيدار : ”سردار صاحب ڪيئن اچڻ ٿيو!“
سردار صاحب هڪڙي ماڻھو کي سڏ ٿو ڪري، اهو اچي ٿو، سندس ڪلھي ۾ ويبلي جو ريوالور لٽڪيل آهي.
صوبيدار : ”بابا هٿيار ڪنھن جو آ؟“
سردار صاحب : ”اهو منھنجو آهي“
صوبيدار : ”پوءِ هي لاهي سردار صاحب کي ڏي.“
صوبيدار صاحب ريوالور وٺي پاڻ وٽ ٿو رکي.
صوبيدار وري مخاطب ٿو ٿئي. ”ها حڪم ڪيو سردار صاحب!“
سردار : ” شاھہ صاحب هيءُ ماڻھو اوهان کي فلاڻي خون جي ڏوھہ ۾ گهربل آهي. اسان کيس پاڻ سان وٺي آيا آهيون. هينئر هن کي اسان وٺي ٿا وڃون. اڇو ڪري وري اوهان کي موٽائي ڏينداسون.“
شاھہ صاحب جو منھن لھي ٿو وڃي ۽ سڏ ٿو ڪري ٿاڻي جي وڏي منشي کي ” هن جي ڪيس جا ڪاغذ کڻي اچ!“ منشي ڪاغذ کڻي ٿو اچي. شاھہ صاحب ڪاغذن کي اٿلائي پٿلائي ڏسي سنتري کي سڏ ڪري ان همراھہ کي لاڪ اپ ڪرڻ جو حڪم ٿو ڏي. سردار صاحب ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي فرمائي ٿو :
”شاھہ صاحب تون اسان جي بيعزتي ٿو ڪري.“
صوبيدار : ”نہ سائين مان پنھنجي ڊيوٽي ٿو ڪريان. خون جو جوابدار آهي يا تہ وٺي نہ اچو ها. هينئر هي ٿاڻي تي موجود آهي. مئجسٽريٽ صاحب بہ ويٺو آهي. هاڻي مان توکي اڇو ڪري ڏيندس.“
سردار صاحب بنھہ باھہ ٿي ٿو وڃي ۽ اٿي ٿو بيھي.
سردار : ”شاھہ ان جا نتيجا ڏاڍا خراب نڪرندءِ.“
صوبيدار : (ويٺي) ”موڪل ٿئي!“ ”(انتھائي وڏي آواز سان)
سردار صاحب هليو ويو ۽ پوءِ اسان بہ مڙئي چانھہ پي هليا آياسين. ڪافي عرصي کان پوءِ مان انھيءَ سردار صاحب جي جاءِ ڪنھن تي ڪنھن ڪم سان ويس جو هو ان وقت حڪومت ۾ وزير هو. هوندو تہ هر حڪومت ۾ وزير هو پر ان وقت ضياءُ الحق جو دور هو. هن منھنجو ڪم اهو چئي ڪونہ ڪيو جو کيس منھنجي والد صاحب تي ڪاوڙ هئي جو هن مٿين واقعي واري دور ۾ اسان وڏي سردار صاحب جي موڪليل ڪڻڪ سان ڀريل ڏاند گاڏي واپس ڪئي هئي. مون پنھنجي والد صاحب کان (جيڪو ان وقت حيات هو) ان باري ۾ پڇيو، مون چيو : بابا سائين! اسان ڇھہ ڀائر ۽ ٻہ ڀينر هئاسين. اوهان فقط تعلقي جا هيڊمنشي هئا. جي اوهان رشوت نہ وٺندا تہ اسان ڪيئن پپلندا هئاسين؟ مون کي بابا سائين ٻڌايو تہ ” بابا ! اسان جيڪڏهن ايماندار نہ هئاسين تہ ايترا رشوتي بہ ڪونہ هياسين، تعليم مفت هئي. ڪپڙو لٽو سادو، سٺو ولايتي ۽ سستو هو، شين جا اگهہ بہ وڏا ڪونہ هئا، سادگي هئي اجايو ڏيکاءُ ڪونہ هو، بجلي تہ هئي ڪونہ جو بل ڀرجن، وري بہ تپيدار هر کاتيدار کان ٻارهن مھينن جي ڍل وٺن مھل هڪ رپئي تي هڪ آنڪ وٺندو هو جنھن مان چپ چاپ ۾ ضلعي جي ڪليڪٽر کان وٺي هيڊمنشي تائين سندن ناٽڪ روزمرھہ جي ڀاڄي بنا ٻڌائڻ جي وٺي ايندو هو. جوڊيشل يا رڪارڊ جي هٿ چراند جي سلسلي م ڪير بہ رشوت ڪونہ وٺندو هو، پوءِ ڇو وڏيرن يا سردارن کان سال جو ان وٺي ناجائز ڪم ڪريون. “
انگريزي دؤر ۾ بابو سکر جو ٽيڪس انسپيڪٽر مقرر ٿيو، کيس هڪ سپاهي بہ مليل هو، هڪڙي انگريز بھادر، ريلوي انسٽيٽيوٽ ۾ اچي ڪارنيوال هنئي، جنھن ۾ کوھہ ۾ موٽر سائيڪل هلائڻ جو تماشو، باھہ ڏئي ٽپو ڏيڻ وغيرہ وغيرہ هئا. پر ان سان گڏ ڪجهہ غير قانوني معاملا بہ هئا، جھڙوڪ جوئا جي ڦرڻي ۽ اگهاڙيون ڊانسون جن جي کيس اجازت ڪانہ هئي. جڏهن کانئس پڇاڻو ٿيو تہ انگريز مالڪ نشي جي حالت ۾ بہ هو . گهٽ وڌ ڳالھائڻ لڳو، سندس هٿ ۾ پسٽل بہ هو. والد صاحب سموري ڪارنيوال ان اڪيلي سپاهي جي زور تي خالي ڪرائي سيل ڪئي ۽ انگريز کي گرفتار ڪري اي سيڪشن پوليس اسٽيشن تي لاڪ اپ ۾ وجهي سمھي رهيو. صبح جو انگريز ڪليڪٽر وٽ هنن جي پيشي لڳي. سڀني جو ساھہ مٺ ۾ هو، تہ خدا خير ڪري ان سموري ڪارروائي ۾ فقط هڪ خرابي هئي، ان وقت جي قانون مطابق انگريز ڪھڙو بہ ڏوھہ ڪري کيس گرفتار ڪري جيل ۾ نہ موڪلڻو هو، اهو قانون صدر ايوب خان اچي ختم ڪيو.
انگريز ڪليڪٽر کي جڏهن ٻڌايو ويو تہ ڪارنيوال جو مالڪ قانون جي ڀڃڪڙي ڪندي جوئا بہ ڪرائي پيو ۽ اگهاڙيون ڊانسون بہ ڪرائي پيو تہ ڪليڪٽر صاحب چيو تہ ”اها مون کي خبر آهي تہ هو اهي ٻئي غيرقانوني ڪم پيو ڪري جو اتي منھنجون ڌيئر ان شو ۾ موجود هيون، پر اوهان انگريز کي گرفتار ڇو ڪيو؟ ۽ وري هن کي جيل ۾ بہ بند ڪيو؟“ والد صاحب جڏهن کيس ٻڌايو تہ ڪارنيوال جو مالڪ نشي جي حالت ۾ هو ۽ هٿياربند بہ هو، يعني پسٽل کڻي بدشد پيو ڳالھائي ۽ حملو بہ پيو ڪري، کيس ڪھڙي ريت قبضي ۾ ڪري قانون تي عمل ڪرائجي ها. فقط اهو ئي طريقو هو جيڪو اسان ڪيو“ جوئا جي رقم، سامان ۽ انگريز مالڪ کان هٿ ڪيل پسٽل کڻي هن ڪليڪٽر صاحب جي ٽيبل تي رکيا. انگريز صاحب ايترو تہ خوش ٿيو جو هن والد کي آفرين نامو ڏنو.

اسڪولن ۽ مدرسن جو ماحول

هينئر مان هاءِ اسڪول ۾ پھچي چڪو آهيان مان اڳ بہ ٻڌايو هو تہ اسان جو هاءِ اسڪول ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ سکر جي ملڪيت هو، جنھن کي سرڪاري باغ وارو اسڪول سڏيو ويندو هو، ڪيترن ئي ايڪڙن ۾ ڦھليل انبن ، ليمن، املتاس جي پيلن گلن وارن سھڻن وڻن سان ڀرپور ، رتن جوت جا گل، گلاب ۽ رابيل جا گل انھن جي وچ ۾ فقط هڪڙي مين بلڊنگ باقي ڪلاس روم ۾ ڦھليل ، ڪو ڪٿي ڪو ڪٿي. نير ۽ ميندي بہ اتي پوکيل هئي. هڪڙو وڏو کوھہ انھن وڻن کي پاڻي پھچائيندو هو، تنھن کان سواءِ اونھاري جي آبڪلاڻي ۾ پيرواھہ مان درياھہ جو پاڻي بہ باغ کي ملندو هو، باغ جو ٺيڪيدار ۽ مالھي وڏي آزار ۾ هوندا هئا، جنھن وقت رسيس ٿئي يا موڪل ٿئي تہ وتندا چوڪرن کي هڪليندا، جيڪي انبڙيون پٽيو پيا ڊوڙندا.
هندو استاد هڪ ٿي آهستي آهستي هندستان هليا ويا، انھن جي جاءِ هندستان کان آيل ڪجهہ ديسي مقامي استادن ورتي، شروع ۾ هندستان کان آيل هيڊ ماستر مقرر ٿيو، زبردست منظم هو، بعد ۾ هيڊماستر تبديل ٿيندا رهيا. اسيمبلي ۾ پرارٿنا جي جاءِ مولوي صاحب جي وعظ ورتي پھريائين درس قرآن ۽ ان جي معنى جي پڙهائي شروع ٿيندي هئي. اسڪول جا فنڪشن بہ ٿيندا هئا. جھڙوڪ ڊيبٽ، چوڏهين آگسٽ يا وري ڪو صاحب انسپيڪشن تي ايندو تہ ان جي اعزاز ۾ فنڪشن ٿيندو، مان سڀني تقريبن ۾ حصو وٺندو هيس، گيت استاد لکي ڏيندا هئا. جيڪي ياد ڪري سريلي آواز ۾ ٻين پاڻ جھڙن جھڙن ڇوڪرن سان ڳاهائيندو هيس، گهڻو ڪري ڊبيٽ ۾ فرسٽ پرائيز کڻندو هيس. چوڏهين آگسٽ جي تقرير جا پنج رپيا خرچي ملندي هئي. هندن جي لڏپلاڻ جي ڪري ڪافي شھر خالي ٿي ويو، اساب بہ هڪ وڏي جاءِ هٿ ڪري ورتي ۽ ان ۾ رهڻ لڳاسين ، باقي جڳھن تي ٻين ماڻھن قبضا ڪيا. هندستان کان جيڪي مھاجر پنوعاقل آيا گهڻو ڪري غريب طبقي سان تعلق پيا رکن. انھن بہ ڪجهہ جڳھن ۾ رهائش اختيار ڪئي، لوهر، ڊکڻ، ڪوري، وغيرہ هئا، ڪيترا اڻ پڙهيل هئا. ڪيترا ويچارا ڪاٺيون ڪري پيا گذر ڪن يا ڪا مزدوري پيا ڪن ۽ پيٽ پالين.
پسگردائيءَ تي ڪجهہ سردارن ۽ ڪن پيرنما سردارن ۽ نوابن جو قبضو هو، ديني عالم پر وڏا زميندار ۽ دوستيون بہ اميرن سان، غريبن کي سکڻيون دعائون ۽ تعويذ، هنن جا مھمان خانا الڳ ۽ ننگر ماني بہ جدا، غريبن لاءِ هڪڙي ۽ اميرن لاءِ ٻي هڪڙي بزرگ وٽ تہ وقت جا وزير بہ ايندا هئا ۽ دعا ڌاڳي لاءِ اسڪندر مرزا پنھنجي نھايت خوبصورت گهرواري ناهيد مرزا سان گڏ وٽس آيو. هن کين دعا بہ ڏني تہ دوا بہ ڏني، جنھن ڪري بزرگ کي ناهيد مرزا سڄي ڄمار دعائون ڪندي هئي ۽ سندس مريدياڻي ٿي وئي، ان زماني ۾ مردانہ طاقت جون دوائون ناياب هيون، ڏاڍو خرچ کائينديون هيون، اهي نسخا ڪنھن ڪنھن وٽ هئاسون جو ڪشتو چاندي جو ڪشتو، سينکئي جو ڪشتو، فولاد جو ڪشتو، شير بري جو عرق وغيرہ وغيرہ سڀ ڪنھن کان نہ وٺندا هئا. هي اسان جو بزرگ اهڙي دعا ۽ تعويذ ڏيندو جو هڪ ٽڪ ٿي ويندو، ڪيئي مريد ۽ مريدياڻيون فيضياب ٿي ويا.
سڄو تعلقو ٻن گروپن ۾ ورهائجي ويو: هڪڙا چون نبي نور ٻيا چون بشر. هڪڙا ٻئي کي ڪافر ۽ واجب القتل سڏين، مسجدون آکاڙا ٿي ويون، جامع مسجد جو مولوي فتح محمد شيخ بريلوي خيالات جو مالڪ هو، پر ڪافي ماڻھو ان طاقتور بزرگ سان هئا، سو آخر جامع مسجد تي قبضو ڪري ٻہ مصلا وڇايا ويا، هڪ مسجد پر ساڳي وقت ٻہ اذانون ٿيڻ لڳيون، ٻہ نمازون پڙهجڻ لڳيون، آخر معاملو وڃي پوليس تائين پھتو، اسان ڪي عيدون اچي سکر ۾ پڙهيون. آخر منھنجي گهرواري جو ڏاڏو قادر بخش جنھن جو والد جامع مسجد ٺھرائي هئي تنھن کي وچ ۾۾ پوڻو پيو، معاملو ڊسٽرڪٽ ڪورٽ تائين ويو ۽ فيصلو مولوي فتح محمد جي حق ۾ ٿيو، جو محترم قادر بخش ڏهر مولوي فتح محمد سان گڏ هو ۽ متولي بہ اهو ٿيو. پر هينئر وري ڀانيان ٿو تہ مولوي فتح محمد ۽ ڏاڏي قادربخش ڏهر جي وفات کان پوءِ جامع مسجد ٻي ڌر جي ور چڙهي وئي آهي. افغانستان تي طالبان جي قبضي وارا تمام گهڻا همراھہ ان مسجد تي اچي قابض ٿيا پر هينئر اهي گم ٿي ويا آهن. اسان جو مولوي عبدالواحد سنڌي جيڪو جامع مليه مان سنديافتو ٿيو اهو بہ هاليجي شريف تعلقي پنوعاقل جو انڍڙ هو، ان جو چوڻ هو تہ راجا اندر جو اولاد آهي. مولوي صاحب جن علم جي خدمت ڪئي تہ ”نئين زندگي“ رسالي جو ايڊيٽر ٿي رهيا. اهو بہ ان بزرگ جو ويجهو عزيز هو. مولوي صاحب پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ دهلي مان مھاجرن جي قافلن سان آيو، مولوي صاحب هندستان جي ڪنھن جيلاني خاندان مان شادي ڪئي هئي. ان ڪري سندس اولاد انڍڙ سڏرائڻ بدران جيلاني پيو سڏائي. مولوي عبدالواحد سنڌي جو هڪ فرزند آصف جيلاني بي بي سي تان خبرون پڙهندو آهي، حڪم ۽ فتوائون اسان جي سمورين مسجدن ۽ مدرسن تي هلنديون هيون، اسان ڪابہ عيد اتان جي فتوى کان سواءِ نہ ملھائي سگهندا هئاسين، ڏير ڀاڄائي جي منھن نہ پوي، عورت ڪنھن بہ جانور مان کير نہ ڏهي . عورت جر جي پاڻي وارو نلڪو نہ گيڙي، سوره فاتح ڪيڻ پڙهجي. ”ض“ کي ”ڏ“ ڪري اچارجي يا نہ، نبي ڪريم  جن جو عرس ڪجي يا نہ ؟ ميلاد مناسب آهي يا نہ؟ نبي نور آ يا بشر؟ اهي هئا ديني مسئلا جيڪي اسان جي مسجدن ۾ سدائين زير بحث رهيا. ڏاڙهي ڪيتري ۽ ڪيئن هجي وغيرہ وغيرہ
مون کي هڪڙي مدرسي ۾ داخل ڪيو ويو، جتي ڪجهہ فارسي ڪجهہ قرآن پاڪ پڙهڻ ويندو هيس ۽ انھن سڀني معاملن ۾ ملوث ٿيندو ويس. نماز پابنديءَ سان پڙهندو هيس، روزا بہ سڀ رکندو هيس، حالانڪ مان صغير هيس، ۽ منھنجي ڏاڏي روزي کان منع ڪندي هئي پر مان بہ مڙن وارو ڪونہ هيس. اسڪول ختم ٿيڻ کان پوءِ مسجدن جي حوالي ٿي ويندو هيس، شل نہ ديني جلسو هجي، پابندي سان اتي پھچي ويندو هيس. سڄي سڄي رات وارا جلسا جن ۾ اهي فيضلا ٿيڻا هئا تہ نبي نور آهي يا بشر ۽ ڪھڙي ڳالھہ دين ۾ بدعت آهي، پابنديءَ سان ٻڌندو هيس، وار بہ مولوي صاحبن جي حڪم مطابق ۽ مٿي تي رومال ۽ ٽوپي ۽ ڪپڙن جي ڊزائن بہ انھن مطابق ڪيم.
انھن جلسن ۾ فلمي ڌنين تي ٺھيل مولود شريف ڳارايا ويندا هئا ۽ داد ملندو هو، اهو بزرگ تہ راھہ رباني وٺي ويو، سڄو علائقو ويران ٿي ويو، ٻي بزرگ کي ڌاڙيلن شھيد ڪيو، جنھن جو ڪيس اڃا تائين هلي رهيو آهي. مولوي عبدالواحد سان تہ ڪافي رفاقت رهي، جنھن جو ذڪر اڳتي هلي ڪبو، هو سدائين مون کي ”ڳوٺائي“ ڪري سڏيندو هو.

” اِنا لله وَاِنا اِلَيۡهِ راجعُوۡن“

سردارن ۽ زميندارن جو ذڪر

بھرحال مان مسجدون ڇڏي وري اچي اسڪول جي ڪمن ۾ لڳس ٿورو تعلقي جي سردارن ۽ زميندارن جو بہ ذڪر ٿي وڃي. هڪڙُ هو سردار محمد حسن خان بلو، انتھائي رعبدار، ڪلف جو وڳو، ڪلف جو پٽڪو بھترين ٽانگي تي ايندو هو، هو پنھنجي فيملي جي ماڻھن جو ڏک درد دور ڪرڻ لاءِ گهڻو ڪري پوليس اسٽيشن تي ڏٺو ويندو هو، سندس راڄ وارا بلوچ قوم جا ماڻھو اڪثر پوليس جا ستايل هوندا هئا، ڪيترا فيصلا يا جرڳا خان کي ٿاڻي تي بہ ڪرڻا پوندا هئا. هو ڏاڍو مصروف ماڻھو هو پنو عاقل جا اصلوڪا رهاڪو هندو لڏي وڃڻ کان پوءِ ٻين تعلقن مان ٻھراڙين ۾ بدامني سبب هتي لڏيل ڪجهہ شيخ صاحبان بہ ٻھراڙين مان آيا، پر بلوچ سردار جو انھن تي وڏو هٿ هو ۽ ڄڻ سندس امان ۾ هئا، ٻيو هو سردار علي نواز خان ڌاريجو، اهو بہ تمام وڏو زميندار ۽ وضعدار هو، چڱي ڀلي کي ڪجهہ نہ سمجهندو هو، سياسي ماڻھو بہ هو، هڪ دفعو اسيمبلي جو ميمبر بہ ٿيو هو، سندس پوين ڀينگ ڪري ڇڏي آهي. هينئر يا علي مدد تي گذارو اٿن. علي نواز خان کي راڳ جي ڄاڻ بہ هئي ۽ شوق بہ هو، استاد منظور علي خان ۽ زاهدو پروين اڪثر وٽس ايندا هئا ۽ مالا مال ٿي ويندا هئا.
ڇوٿون زميندار هو صدورل خان چاچڙ هي بہ ڪچي جو زميندار هو، شھر ۾ هڪ وڏو ڪارخانو لڳرايائين. اٽي جي چڪي ، آرا مشين ۽ تيل پيڙهڻ جون مشينون هونديون هيس. هي همراھہ ڪنھن جي معاملي ۾ نہ هو، نہ چور جو ساٿي نہ ساڌ جو حمائتي. اسپورٽس مين هو، ملاکڙو رپ ، ڪتي جي ويڙھہ، هر هفتي ڪونہ ڪو پروگرام هوندو هو. پنجاھہ ايڪڙ زمين ملھہ پھلوانن جي نالي ڪري ڇڏيائين، وٽس سدائين وڏا ملھہ پيا پلندا هئا. سنڌ جا مشھور پھلوان گهرايائين ۽ ملاکڙو ڪرايائين. انھن جا خرچ، خرچيون ، انعام وغيرہ پاڻ ڪندو هو، وڏو پٽڪو ٻڌندو هو جنھن ۾ صدورل خان جا وڏا وار ويڙهيل هوندا هئا. تترن جي بٽ هٿ ۾ شام جو وڏي شان سان پنھنجن سمورن پھلوانن سان شھر جو چڪر هڻبو، ڪتن جو شوقين ڄاهوڪي مينھن ڏئي ڪتي وٺڻ ۾ دير نہ ڪبي. سڄو ڏينھن غريبن ۾ پئسا ۽ ماني ويٺو ورهائيندو، هن جي مرڻ بعد سڀ ويران ٿيو ويو آهي. صدورل خان پونئرن جي ڳالھہ نہ ڪڍجي تہ بھتر آ.
باقي انھن سڀني سرڪردن ۾ هڪڙي ڳالھہ ساڳي هئي، يعني سندن سياسي پارٽي هڪ هئي، اها هئي حڪومت، حڪومت جو مڪمل ساٿ ڏبو، انگريز ڪليڪٽر کان وٺي ديسي آفيسر تائين سندن دعوتنامو اعزاز سمجهيو ويندو هو، سمورا شھري توڙي ٻھراڙي جا چڱا مڙس هڪ ئي پارٽي جا ماڻھو هئا، اها هئي سرڪاري پارٽي . ان وقت تہ هئي فقط مسلم ليگ، جنھن ۾ اهي سڀ هئا، ڪانگريس بہ هئي پر هندن سان هندوستان هلي وئي. آفيسر ڀلي ڪيترو نہ ننڍو هجي، ان جو سلام آيو تہ جتي هٿ نہ ايندن، ويندا ڊوڙندا، ”بابا سرڪار سڏ آهي، ”هندو جيترا شھرن مان هندستان ويا، اوترائي ٻين ڳوٺن مان لڏي آيا آهن، وري بازاريون برسجي ويون آهن، وڻج واپار چوٽ تي آهي. اها ٻي ڳالھہ آهي تہ ڪارخانو آهي هندو واپاريءَ جو پر چار آنا پتي سردار صاحب جي آهي. بس سروس جو مالڪ ديوان آهي، پر نالي سردار جي آهي. هينئر تہ هر حڪومت سردار صاحب جي آهي، هندو پنھنجي استادي سان ساڳيو مسلمانن کي وياج ۾ وڪوڙيو ويٺا آهن سردار صاحب جي اڻ کٽ طاقت جي زور تي.

ڪي ٻيا اڻوسرندڙ ڪردار

هينئر جيڪي ٻين ڳوٺن مان هندو لڏي ويا. انھن ۾ اڪثر غريب ۽ ٻھراڙين جا پورهيت قسم جا ماڻھو هئا. اسان جو پاڙو بہ مٽجي ويو ۽ پاڙي وارا بہ مٽجي ويا. اسان جي گهر جي لڳولڳ ٻيو وڏو گهر هو، گهر ڇا پر حويلي هئي، اسان جي گهر ۽ ان حويليءَ جي وچ ۾ هڪ وڏو دروازو پيل هو، ڍڪيل پاڻيءَ جي کهي غسل خانو ۽ هڪ اصيل کجي هئي، حويلي ۾ هندو هئا. رامون ماءُ، شيوڪ ماءُ، وشنو ماءُ، سنتي ماءُ، ۽ سيتل ماءُ جي جاءِ والاريل. ٽنڊڻ مل ڪلھي تي ڪپڙو وڪرو ڪندو هو، پوءِ سڀ سيٺيون ٿي ويا. گهر ڌار ڌار هئا پر ڄڻ گڏ هياسين. جڏهن ڪا ڇوڪري پرڻائي ايندا هئا تہ اسان جي امڙ وٽ آشيرواد لاءِ آڻيندا هئا. هندن جا جيڪي بہ ڏڻ آهن. مون سڀ ڏٺا. شاديون ڏٺيون. غميون ڏٺيون، ڏاڍي عزت ڪندا هئا. انھن جون مايون اسان کي نالو کڻي سڏ ڪنديون هيون، گهٽيءَ جو نالو بہ منھنجي والد جي نالي سان سڀني جي راضپي سان رکيو ويو ۽ هينئر بہ رڪارڊ ۾ آهي. هڪ ٻہ همراھہ تہ مون سان گڏ اسڪول بہ هلندا هئا ۽ گڏجي پڙهائي بہ ڪندا هئاسين.
اسڪول ۾ ڀارت کان آيل شاگرد بہ ڪافي وڌي ويا . اردو وارن کي سليس سنڌي ۽ سنڌين کي سليس اردو پڙهائي ويندي هئي. مان حسابن ۾ بنھہ ڪورو هيس. موهن منھنجو دوست هو. حسابن ۾ ڏاڍو هوشيار هو. اسان ننڍپڻ ڏاڍيون دوستيون هيون. اسان جڏهن بہ پنھنجي جڳھہ وڪرو ڪئي تہ سڄو پاڙو ذري گهٽ روئي پيو، جيتوڻيڪ جڳھہ بہ هڪ هندوءَ ورتي. منھنجي ماءُ کي ان جڳھہ جي وڪري جو ۽ پاڙي ڇڏڻ جو غم مرڻ گهڙيءَ تائين هو، امڙ جي وفات تي رامون ۽ شيوڪ ايترو غمگين هئا. جيترو اسان پاڻ هئاسون. پاڪستان ٺھڻ وقت هندستان کان ايندڙ مھاجرن ۾ ڪيترائي زخمي ۽ مئل ريلوي ذريعي پئي آيا، انھيءَ بندوبست لاءِ ريلوي اسٽيشن تي پيش پيش منھنجا وڏا ڀائر هئا. هنن شھر مان چندا ڪري ريلوي اسٽيشن تي هڪ مسجد تعمير ڪرائي. جيڪا اڄ بہ قائم آهي. مصري دايو خزانچي هو، جيڪو جواڻ مل کان چدي واريون بوتلون ڀرڻ جون مشينون وٺي ڏاڙهي رکرائي مولانا ٿي ويو، اهو مھڻو سڄي ڄمار کيس ملندو هو ۽ هو وتندو هو پنھنجي ايمانداري کي ثابت ڪندو. رسول بخش درزي پنھنجي گهر جي هڪڙي ڪمري کي رستي پاسي در ڪڍي درزي خانو ٺاهيو ۽ ”راشدي ٽيلرز“ جو بورڊ هڻي ڇڏيو. سندس ماٽيلو پيءُ هڪ تپيدار هو ۽ وڏي شان سان رهندو هو، هو نھايت حسين، انگريز کان بہ اڇو ۽ يونانين کان بہ سھڻو هو، مون ننڍي هوندي کيس ڪرشن ڀڳوان جي روپ ۾ ڏٺو، زنانا ڪپڙا ۽ زنانو سينگار ، بغل ۾ ڀاڳوت گيتا، چئي ”نيلي گهوڙي ڪا سوار، ڪل جڳ ڪا اوتار“ وري هن ٻيو روپ ڪيو، عيسائي پادرين واري ڊريس پھري وڏي برائون ڏاڙهي رکيائين ۽ پاڻ کي حضرت عيسى سڏائڻ لڳو، بعد ۾ ان ماٽيلي پيءُ تمام سھڻي ڇوڪريءَ سان شادي ڪرايس ، جنھن مان ڪئين ٻار ڄايس. همراھہ درزي جو دڪان کولي ويھي رهيو، بخاري شاھہ جو مئخانو گڏ هيس ۽ جماع مسجد بہ ڪٺي ، سکو پاڻي بہ پيئبو ۽ نماز بہ پڙهبي. شاھہ جو رسالو گهڻو ڪري سمورو ياد هوندو هيس. مان ننڍپڻ کان وٽس وڃي ويھندو هيس. ڀلو ماڻھو هو. ٽاپ جو درزي هو، اڪثر وڏا ماڻھو کانئس ڪپڙا سبرائيندا هئا. هڪڙو واقعو جيڪو وسري نہ وڃي ٻڌائيندو هلان تہ اسان جي ڳوٺ ۾ بجلي بنھہ ڪونہ هئي. تفريح لاءِ سرنديءَ وارن وٽ بئٽري وارا ريڊيا هئا. باقي ڪڏهن ڪڏهن بخاري شاھہ تي ڪو ڳائڻو آيو تہ سڄو شھر پلٽجي پوندو، سکر جي هڪ مشھور مڪينڪ ديوان ڪشنچند سئنيما جو پروجيڪٽ تيار ڪيو، هو ان کي هڪ وڏي جنريٽر سميت پنو عاقل کڻي آيو، جنريٽر بہ شايد سندس ئي تيار ڪيل هو، اتي پنھنجي هڪ شاگرد جي مدد سان هڪ وڏو پلاٽ ڪرائي تي وٺي اچي فلمون هلايائين.
سائين ڏنو حجم جنھن کي عرف عام ۾ ”سئنو“ ڪري سڏيو ويندو هو، پنھنجي گهر جي اڳيان صندل تي ماڻھن جي سيرب ويٺو ٺاهيندو هو، سئنو هڪ اڌيڙ عمر جو ماڻھو ، ڀڳل چشمي جي هڪ پاسي کان فريم ۾ ڳنيءَ بدران ڌاڳو ٻڌل، پنھنجي روزي ۾ مصروف هوندو هو، هن جو هڪڙو ئي پٽ هو حاجي جيڪو تمام عاليشان ڪپڙا پھري پنھنجي سينگاريل اوطاق ۾ ويٺو هارمونيم تي راڳ آلاپيندو رهندو هو. هو تہ حاجي بہ حجام پر وڏي اسٽينڊرڊ وارن ماڻھن جا وار ٺاهيندو هو، سو سائين ڏٺو يعني ”سئني“ کي ڪنھن اچي ٻڌايو تہ ڪريم ڏنو مڱڻھار توکي دهل وڄائي سڄي شھر ۾ گهٽ وڌ ٿو ڳالھائي. سئني کي اها ڳالھہ سمجهہ ۾ نہ آئي تہ ڪريم ڏنو ڇو کيس گارگند ڪندو هوندو، اڳ اسان جي شھر ۾ ڪنھن کي بہ ڪنھن ڳالھہ جي مشھوري ڪرائڻي هوندي هئي تہ ڪريم ڏني کان دهل تي پڙهو گهمرائيندو هو. سو ڪشنچند بہ پنھنجي فلم جي مشھوري لاءِ ڪريم ڏني جون خدمتون حاصل ڪيون. ڪريم ڏنو سڄو شھر گهمي نيٺ اچي سائين ڏني جي ڀرسان بيھي دهل وڄائڻ لڳو، سائين ڏنو پنھنجا اوزار رکي خيال سان ٻڌڻ ويٺو، هاڻي ڪريم ڏني دهل وڄائي اعلان ڪيو: ”پڙهو بادشاھہ جو، حڪم سرڪار جو پنوعاقل ۾ ڪشنچند”سئنيما“ آندي آهي، جيڪا رات جو کيل ناٽڪ ڏيکاريندي، اٺ آنا، رپيا ان جي ٽڪيٽ آهي“ سائين ڏني سمجهيو تہ هي پڪ سندس ماءُ کي ٿو گاريون ڏي، سو وڏو جهيڙو ٿي پيو ۽ ڳالھہ وڃي چڱن مڙسن تائين پھتي. ڪريم ڏني جو ضد هو تہ کيس ڪشنچند جيئن لکي ڏنو آهي. هو ان تي عمل پيو ڪري، جڏهن سائين ڏني کي سمجهايو ويو تہ انگريز جي ”سئنيما“ فلم ڪمپني کي چئبو آهي ۽ هرگز ان جو مطلب سئني جي ماءُ نہ آهي، تڏهن وڃي ڳالھہ ٺري.
سو هاڻي اچون ٿا حاجيءَ واري وارن ٺاهڻ واري سيلون تي، اتي ٻيو بہ هڪڙو ڳري اسٽائيل وارو همراھہ هو، ڪندو وار سڌار هو پر ٺٺ سان هوندو هو، نالو هوس اڪبر، اڪبر کي سڀ ماڻھو حسرت سان نھاريندا هئا. ڇاڪاڻ جو هن هڪڙي سدا سھاڳڻ سان عشق جي شادي ڪئي هئي. هئي اها بہ نفس جي پوري ساري ۽ رنگ ٻنھي گهوٽ ڪنوار جو اونداهون هو. پر مڙس شوقين مزاج هو، وڏا ڀلا زميندار ساڻس سنگت رکڻ لاءِ وٽس گراهڪ ٿي ايندا هئا. سو اڪبر ۽ حاجي جي جوڙي ٺھي وئي، ٻنھي گڏجي نھايت سجايل دڪان کوليو، انھن جي مقابلي ۾ شاهوءَ جي سئلون هوندي هئي، هو بہ راڳ جو شوقين هو، مون اسڪولي پروگرامن ۾ هارمونيم تي سر تار ان کان سکيو، هن همراھہ وٽ بہ هڪ خوبصورت ننڍي عمر وارو ڪاريگر هو، ان ڪري شاهوءَ وٽ لئي لڳي پئي هوندي هئي. آخر ۾ مون شاهو ۽ اڪبر کي نمن جي وڻن هيٺان حجامت ڪندي ڏٺو، ڪيڏانھن ويون اهي مستيون ۽ ٺٺ پيريءَ ۾ پيٽ گذر لاءِ نٽھڻ اس ۽ سڪائيندڙ سردين ۾ پيا پاڪيون ۽ قينچيون هلائيندا هئا. مون کين انتھائي غربت ۾ صندل تي ويھي غريبن جون سستيون حجامتون ڪندي ڏٺو ۽ ٻئي تنگدستي ۾ گذاري ويا. شاھہ محمد، اڪبر ۽ حاجي جون حجامتون مشھور هيون.
بھرحال قصو ڪوتاھہ آخر ۾ اهي سڀ هليا ويا. هينئر جڳ مشھور پياري حجام جي پٽن جون حجامتون مشھور آهن. پياري حجام حضرت پير سائين جي ڪري مشھوري ماڻي ڏاڍو حسين هو، مون کيس آخري عمر ۾ هيروئن ۾ ٻڏل ڏٺو، ٿيڙ پيو کائيندو هو، اهو اعزاز بہ اسان جي ڳوٺ کي حاصل آهي تہ پاڪستان ۾ پھريون ماڻھو کڻي ڀنگ وٺڻ واري واردات بہ پنوعاقل ۾ ٿي، هڪ مشھور ڌاڙيل سائيڪل تي هندوءَ کي کڻي پستول جا ٺڪاءَ ڪري اغوا ڪري ويو ۽ پئسا وٺي موٽايائين. هينئر ويجھڙائي ۾ حاجي حجم جي ڏوهٽيءَ پيار جو پرڻو ڪري ورتو آهي. پريزيڊنٽ کان وٺي وڏين عدالتن کي وچ ۾ پوڻو پيو، سڄي سنڌ جا سردار هڪ طرف ۽ هيءَ ڇوڪري ٻي طرف، نيٺ راڄوڻا فيصلا لتاڙي کٽي وئي ۽ هيومن رائيٽس کان وٺي اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا جي مدد سان هينئر آزاديءَ سان يورپ ۾ مستقل سڪونت اختيار ڪئي اٿائين. ”واھہ حاجي واھہ“ ڪلھہ جي ڇوڪري ڇا ڪري ڏيکاريو، ڏندين آڱريون اچي ويون.