سنڌسلامت پاران
سنڌسلامت ڪتاب گهر پاران اردو ٻوليءَ جي نامياري افسانا نگار ۽ ناول نگار قرت العين حيدر جي ڪھاڻين جي مجموعي جو سنڌي ترجمو ”عجب اکڙيون“ اوھان اڳيان حاضر آهي، جنھن جو سنڌيڪار مدد علي سنڌي آھي.
قرت العين حيدر ڏکڻ ايشيا ۾ اردوءَ جي اها واحد ليکڪا ۽ ناول جي سرجڻھار آهي جنھن نسل در نسل اردو ادب پڙھندڙن کي پنھنجين لکڻين جي جادوءَ ۾ منڊيندي رهي آهي. ھن ڪتاب ۾ ڪل 7 ڪھاڻيون شامل آھن. قرت العين جي ڪجهہ ڪھاڻين ۾ تہ تصوف ۽ سنڌ جي حالتن جو پسمنظر شامل آھي.
ھن ڪتاب جو پھريون ڇاپو 1982ع ۾ ۽ ٻيو ڇاپو 2012ع ۾ نئون نياپو اڪيڊمي، سچل ڳوٺ، ڪراچيءَ پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي ايم ايڇ پنھور انسٽيٽيوٽ آف سنڌ اسٽڊيز جي ٿورن سان اپلوڊ ڪري رھيا آھيون.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي رڳو پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي.