سنڌ شناسي

تحريڪ پاڪستان ۾ سنڌ جو حصو

ھي ڪتاب تحريڪ ِ آزاديءَ جي تاريخ جو ھڪ اھم ۽ تاريخي دستاويز آھي، جنھن ۾ پاڪستان جي قيام جي تحريڪ ۽ اُن ۾ سنڌ واسين جو ڀرپور نموني ۾ حصو وٺڻ جي احوال کي مستند حوالن سان پيش ڪيو ويو آھي. ڪتاب ۾ آزاديءَ جي تحريڪ جي ٽڙيل پکڙيل مواد کي سنڌ جي نامور محقق ڊاڪٽر محمد لائق زرداريءَ وڏي محنت سان يڪجا ڪري، ھڪ دور جي سياسي تاريخ کي محفوظ ڪيو آھي ۽ گڏوگڏ سنڌ واسين جي آزاديءَ لاءِ ڪيل جدوجھد تي انتھائي باريڪ بينيءَ سان روشني وڌي آھي ۽ لڪيل ۽ گم ڪيل ڳالھين کي نروار ڪيو آھي. ڪيترن گمنام قومي ڪارڪنن جي ڪارنامن ۽ قربانين کي ھميشہ ھميشہ لاءِ ايندڙ نسل لاءِ محفوظ ڪري ڇڏيو آھي ۽ سنڌ جي ھزارين سپاھين جي قربانين جو احوال قلمبند ڪيو آھي. 

  • 4.5/5.0
  • 65
  • 10
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book Tehreek Pakistan Mein Sindh Jo Hiso

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري محقق ۽ اديب ڊاڪٽر محمد لائق زرداريءَ جي لکيل پي ايڇ ڊي جي مقالي تي مشتمل ڪتاب ”تحريڪ پاڪستان ۾ سنڌ جو حصو“ اوھان اڳيان پيش آهي.
ھيءُ ڪتاب سنڌ يونيورسٽيءَ جي شعبہ سياسيات ۾ سال 1980ع ۾ پي. ايڇ. ڊي. لاءِ پيش ڪيل تحقيقي مقالو آھي. ھي ڪتاب تحريڪ ِ آزاديءَ جي تاريخ جو ھڪ اھم ۽ تاريخي دستاويز آھي، جنھن ۾ پاڪستان جي قيام جي تحريڪ ۽ اُن ۾ سنڌ واسين جو ڀرپور نموني ۾ حصو وٺڻ جي احوال کي مستند حوالن سان پيش ڪيو ويو آھي. ڪتاب ۾ آزاديءَ جي تحريڪ جي ٽڙيل پکڙيل مواد کي سنڌ جي نامور محقق ڊاڪٽر محمد لائق زرداريءَ وڏي محنت سان يڪجا ڪري، ھڪ دور جي سياسي تاريخ کي محفوظ ڪيو آھي ۽ گڏوگڏ سنڌ واسين جي آزاديءَ لاءِ ڪيل جدوجھد تي انتھائي باريڪ بينيءَ سان روشني وڌي آھي ۽ لڪيل ۽ گم ڪيل ڳالھين کي نروار ڪيو آھي. ڪيترن گمنام قومي ڪارڪنن جي ڪارنامن ۽ قربانين کي ھميشہ ھميشہ لاءِ ايندڙ نسل لاءِ محفوظ ڪري ڇڏيو آھي ۽ سنڌ جي ھزارين سپاھين جي قربانين جو احوال قلمبند ڪيو آھي. ڪتاب ڏھن بابن تي مشتمل آھي ۽ 13 ضميما پڻ شامل ڪيا ويا آھن.
ھي ڪتاب 2012ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپايو ويو. ڪتاب جي اسڪين ڪاپي ايم ايڇ پنھور انسٽيٽيوٽ آف سنڌ اسٽيڊيز جي سھڪار سان پيش آھي.



محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

ڇپائيندڙ پاران

”تحريڪ پاڪستان ۾ سنڌ جو حصو“ تحريڪ ِ آزادي جي تاريخ جو ھڪ اھم ۽ تاريخي دستاويز آھي، جنھن ۾ پاڪستان جي قيام جي تحريڪ ۽ اُن ۾ سنڌ واسين جو ڀرپور نموني ۾ حصو وٺڻ جي احوال کي مستند حوالن سان پيش ڪيو ويو آھي.
ھيءُ ڪتاب سنڌ يونيورسٽيءَ جي شعبہ سياسيات ۾ سال 1980ع ۾ پي. ايڇ. ڊي. لاءِ پيش ڪيل تحقيقي مقالو آھي. جيڪو سندن استاد ڊاڪٽر محمد ابراھيم شاھ بخاري جي زير نگراني ۾ لکيو ويو. جيڪو ھن کان اڳ ڪتاب جي صورت ۾ سال 1984ع ڌاري شايع ڪيو ويو. ھِن ڪتاب ۾ آزادي جي تحريڪ جي ٽڙيل پکڙيل مواد کي سنڌ جي نامور محقق ڊاڪٽر محمد لائق زرداري صاحب وڏي محنت سان يڪجا ڪري، ھڪ دور جي سياسي تاريخ کي محفوظ ڪيو آھي ۽ گڏوگڏ سنڌ واسين جي آزاديءَ لاءِ ڪيل جدوجھد تي انتھائي باريڪ بينيءَ سان روشني وڌي آھي.
سنڌي ادبي بورڊ جي اِھا شروع کان ئي ڪوشش رهي آھي تہ، تاريخ تي مشتمل اعليٰ درجي جا معياري ڪتاب اداري طرفان شايع ڪرايا وڃن تہ جيئن تاريخ جي مختلف دورن جا باب محفوظ ٿي سگهن. اِن ڏَس ۾ تحريڪ ِ آزادي جي تاريخ تي مشتمل ھيءُ ڪتاب آءٌ پنھنجي ايامڪاريءَ ۾ بورڊ طرفان شايع ڪري سُرهائي محسوس ڪري رهيو آھيان. جنھن لاءِ آئون جناب مخدوم جميل الزمان صاحب چيئرمن سنڌي ادبي بورڊ، جو تھدل سان شڪر گذار آھيان، جنھن پنھنجي مفيد مشورن سان منھنجي رهنمائي ڪري اشاعتي مرحلي کي آسان ڪيو آھي.
اميد آھي تہ، اسان جو ھيءُ پيار ڀريو پورھيو تاريخ سان دلچسپي رکندڙن وٽ مانُ لھندو.


الهڏتو وگهيو
سيڪريٽري
21 - ذي الحج 1433ھہ
07- نومبر 2012ع

انتساب

منسوب ٿو ڪريان
پنھنجي پياري اَبي، احمد خان زرداريءَ ڏانھن -
جنھن کي 14- آگسٽ 1983ع تي ريءَ ڏوھ، ريءَ گناھ، راھ ويندي شھيد ڪيو ويو. اُن ڏينھن، ديس ۾ آزاديءَ جا جشن، خوشيون ۽ شادمانا ھئا
مگر
منھنجي بدنصيب اڱڻ تي روڄ، راڙو ۽ ماتم ھو.
وطن جي پوليس خاموش! قانون جا محافظ بي حس!! قاتل ڇڙواڳ! فرياديءَ جي دانھن - رڃ ۾ رڙ! سڃ ۾ سڏ!!

نہ ڪو ٻڌڻ وارو، نہ ڪو ورنائڻ وارو

- ڊاڪٽر محمد لائق زرداري

مھاڳ

سنڌي زبان ۾، سياسيات جي موضوع تي لکيل ڪتابن جو تعداد بنھ گهٽ آھي. ٿورا نصابي ڪتاب، سياسي اڳواڻن جون چند يڪ طرفيون تصنيفون ۽ ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ ترجمو ئي ھن کيتر ۾ ڪل علمي سياسي سرمايو چئي سگهجي ٿو. معياري تحقيقي سياسي ڪتابن جي اڻاٺ اڄ بہ محسوس ٿئي ٿي، توڙي جو ھيءُ موضوع ھاڻي، اڳ جي ڀيٽ ۾، وڌيڪ شوق ۽ دلچسپيءَ سان پڙهجي رهيو آھي.
اسان ڏسون ٿا تہ اڄ، ڌرتيءَ تي سڀ کان اھم ۽ مک تبديلي، سياسي تبديلي ليکي وڃي ٿي ۽ ان تبديليءَ جي ڪارڻن ۽ نتيجن کي نھايت تفصيل ۽ تحقيق سان بيان ڪيو وڃي ٿو. اڄ جو انسان، ڪوڙن قصن جي ڪوڙڪي ۾ گهٽ ڦاٿل نظر اچي ٿو. ھو قومن جي عروج و زوال جي داستانن کي نہ صرف دلچسپيءَ سان پڙهي ٿو بلڪہ انھن تي غور و خوض ڪرڻ جو پڻ عادي بڻجي چڪو آھي- جتي، ھو زوال جي سببن جي ڇنڊڇاڻ ڪري ٿو، اتي عروج جي اسباب جو پڻ عاقلانہ اڀياس ڪري ٿو - ھو ان سياسي روئداد، ڪارروائي يا قبضي کي صرف عبرت حاصل ڪرڻ، ان تي افسوس ظاھر ڪرڻ، يا پاڻ وندرائڻ خاطر نٿو پڙهي بلڪہ ان مان اخذ ڪيل نتيجن جي روشنيءَ ۾ پنھنجي سياسي ماحول جو جائزو وٺي ٿو ۽ ان رخ کي معلوم ڪري، سمجهي ٿو تہ سندس حالتون کيس ڪھڙي طرف وٺي وڃي رهيون آھن. مختصر طور، ائين چئي سگهجي ٿو تہ اھڙين لکڻين جو مقصد سياسي شعور جي سجاڳي آھي، جنھن کان وانجهيل، گروھہ، طبقو يا قوم، نہ اڳتي وڌي سگهي ٿي ۽ نہ قومن جي تاريخ ۾ ڪا اھم ۽ مانائتي جاءِ والاري سگهي ٿي، ڇاڪاڻ تہ اھا ڳالھہ ھر ڪو ڄاڻي ٿو تہ ٻي ھر آزادي، سياسي آزاديءَ پويان اچي ٿي. سياسيات جي موضوع جي دلچسپيءَ مان ئي ڪنھن قوم جي ذھني بلوغت ۽ پختگيءَ جو ثبوت ملي سگهي ٿو. ھن علم جي ڄاڻ ان جي قومي ايڪي جي سگهہ آھي. اھو ئي سبب آھي جو ھر ترقي پسند ۽ سڌريل ٻوليءَ ۾ سياسي رهنمائن جي جدوجھد جي داستانن کي فڪشن (Fiction) جي مقبول ۽ معروف ڪتابن کان وڌيڪ شوق ۽ دلچسپيءَ سان پڙهيو وڃي ٿو ۽ انھن ڪتابن جون لکين ڪاپيون وڪرو ٿين ٿيون ۽ ٻين ٻولين ۾ انھن جا ترجما ڇاپيا وڃن ٿا. سنڌيءَ ۾ اھڙين تحريرن جي اڃا شروعات مس ٿي آھي، جيڪا ڳالھہ نھايت ڏکوئيندڙ آھي. اڄ بہ اسان وٽ ڪيترا قلمڪار آھن جيڪي ھن موضوع تي سٺا ڪتاب لکي سگهن ٿا. ضرورت ان ڳالھہ جي آھي تہ اسان جا اھي ليکڪ ساٿي، ھن ڪم کي قومي اھميت ۽ ضرورت جي نقطئي نظر سان ڏسن ۽ ان کي قومي قرض ۽ فرض سمجهي ھٿ ۾ کڻن. ڊاڪٽر محمد لائق زرداري، ان لحاظ کان کيرون لھڻيون جو پاڻ سياسيات کي پنھنجو مخصوص ميدان ڄاڻي، ان تي لڳاتار قلم آزمائي ڪندو اچي. سندس نوڪ قلم مان ڪيترا سياسي مضمون نڪري نروار ٿي چڪا آھن ساڳئي وقت موصوف ھن موضوع تي لکڻ جو ھڪ جامع پروگرام جوڙيو آھي. ان سلسلي جو پھريون ڪتاب ”سنڌ جي سياسي جدوجھد“ ڇپجي پڌرو ٿي چڪو آھي ۽ ھيءُ ٻيو ڪتاب ”تحريڪ پاڪستان ۾ سنڌ جو حصو“ سندس پي.ايڇ.ڊي جي ڊگري لاءِ لکيل مقالو آھي جيڪو ڪيترين ترميمن ۽ اضافن بعد ڪتابي صورت ۾ ڇپجي اوھان جي ھٿن ۾ آھي. ڊاڪٽر صاحب، ھن ڪتاب ۾ گڏ ڪيل مواد کي، جنھن محنت ۽ پورهئي سان ھٿ ڪيو آھي، ان لاءِ سنڌ ۽ سنڌي ماڻھو سندس ٿورائتا رهندا. نوجوان نسل سندس ورتل ڪوشش ۽ ڪاوش کي قدر جي نگاھ سان ڏسندو، ڇاڪاڻ تہ ان نسل جي رهبري، رهنمائي ۽ عبرت واسطي ڪافي مواد، گهڻيءَ جاکوڙ ۽جدوجھد، بعد يڪجا ڪيو ويو آھي.
پاڪستان لاءِ تحريڪ ۽ ان ۾ سنڌ جي ماڻھن جو ڀرپور حصو، تاريخ جي صفحن تي ھڪ روشن باب آھي. ھن ساري تحريڪ مان ھڪ سدا جرڪندڙ نتيجو، اھو نڪري ٿو تہ سنڌ غلاميءَ جي طوق کي ھر دور ۾ لاھي اڇلائڻ لاءِ ھميشہ آتي نظر پئي آئي آھي - پوءِ اھا غلامي انگريزن جي ھجي يا ھندن جي - سنڌ جو عوام پر ماري قوتن جو دشمن رهيو آھي ۽ انھن جي مخالفت ۾ پنھنجو ڌن، من، تن - سڀ قربان ڪيو آھي. پنھنجي آزاديءَ کي محفوظ رکڻ جي اھا روش، قابل تحسين ۽ قابل قدر آھي. انساني تاريخ ٻڌائي ٿي تہ سياسي تبديليون، عوامي تحريڪون ۽ آزاديءَ لاءِ ھلچلون، گهڻو تڻو تباھين، بربادين ۽ ھولناڪين سان عبارت آھن ۽ ان ڪري ھر ڪنھن لاءِ ڳڻتيءَ ۽ فڪر جو سبب پئي رهيون آھن. مگر مقصد جي حصول خاطر انھن مڙني مصيبتن، مشڪلاتن، تڪليفن ۽ عذابن کي بھرحال ڀوڳڻو آھي - انسان، روشن ۽ بھتر مستقبل لاءِ تاريخ جي ھر دور ۾ عظيم قربانيون ڏنيون آھن. ماءُ پنھنجي ممتا کي نڇاور ڪيو آھي، معصوم ٻار پنھنجي مسڪراھٽ قربان ڪئي آھي نوجوان پنھنجو پيار ڀيٽا رکيو آھي ۽ ڪنواري ڪنيا پنھنجي ارمانن کي چکيا تي چاڙهيو آھي - ايترين ڀيٽائن ڏيڻ بعد بہ سچ، سک ۽ سرهائي جو واءُ نہ وري - اھو ھر دور ۾ تاريخ جو وڏو الميو پئي رهيو آھي.
ھن ڪتاب ۾ ڊاڪٽر محمد لائق زرداري، پاڪستان تحريڪ ۾ سنڌ جي مختلف طبقن طرفان ڪيل جدوجھد جو تفصيلي جائزو ورتو آھي ۽ ڪيترن گمنام قومي ڪارڪنن جي ڪارنامن ۽ قربانين کي ھميشہ ھميشہ لاءِ ايندڙ نسل لاءِ محفوظ ڪري ڇڏيو آھي- سنڌ جي ھزارين سپاھين جي قربانين جو احوال قلمبند ڪري، ڊاڪٽر صاحب، ساري قوم جو جس کٽيو آھي.
قاضي محمد قاسم نئين سنڌي لائبريري مورو سنڌ، لاءِ اھا ڳالھہ فخر ۽ عزت جو باعث آھي تہ سندس اشاعتي سلسلي جي شروعات، ڊاڪٽر صاحب جي زندگيءَ جي پورهئي ۽ سندس گران قدر علمي ۽ تحقيقي ڪم ڪئي وئي ۽ ھاڻي ھن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو سنڌي ادبي بورڊ پاران پھريون ڀيرو ڇپائي پڌرو ڪيو پيو وڃي. اميد آھي تہ پڙهندڙ ھي تحقيقي ڪتاب مان مستفيد ٿيندا.


- نذير قاضي

پيش لفظ

چڱي ڪم ڪرڻ جي سوچ ۽ ان کي پوري ڪرڻ لاءِ محنت ۽ خلوص وارو جذبو ھوندو آھي تہ قدرت انهي لاءِ وسيلو ۽ راھون پيدا ڪندي آھي. ھڪ استاد جي حيثيت سان پڙهڻ ۽ پڙهائڻ منھنجي فرض ۾ شامل آھي، عالم ۽ علم دوست ماڻھن جي صحبت ۾ رهڻ ڪري، مون کي ڪن مخلص دوستن پي ايڇ ڊي، ڪرڻ جي صلاح ڏني، انهيءَ مقصد سان مرحوم ڊاڪٽر نيازالحق سربراھ شعبہ سياسيات سان صلاح ڪيم، جنھن صاحب مون کي ھمٿايو ۽ ڪنھن بہ موضوع تي ڪجهہ لکي اچڻ لاءِ چيو: ڪو بہ موضوع منتخب ڪرڻ ۽ لکڻ مون اڻڄاڻ لاءِ نھايت ڏکيو ھو. جڏهن مان سنڌيالاجي لائبريري ۾ ويس تڏهن ڊاڪٽر جي الانہ مون کي نئين زندگي جا رسالا ڏنا. پھريون رسالو جيڪو منھنجي ھٿ ۾ آيو ان کي کوليم ورق اٿلائيندي، رسالو نئين زندگي جي ماھ آگسٽ 1969ع جي صفحه 25 تي ايڊيٽر جي طرفان اپيل جو موضوع پڙهيم. ان ۾ ليکڪن ۽ تاريخدانن جو ڌيان ڇڪايو ويو ھو ۽ ھي جملا لکيل ڏٺم ”دراصل سنڌ جي آزادي ۽ جدوجھد بابت ڪا بہ مستقل ۽ مستفيض تصنيف موجود نہ ٿي سگهي آھي، جنھن ۾ ڪنھن بہ دور جي ڪارنامن جو پيرائتو ۽ تفصيلي احوال يڪجا ھجي. سنڌ ھميشہ کان حب الوطني ۽ قرباني جا اھڙا انيڪ ڪارناما ادا ڪري چڪي آھي، جن مان ھتي جي ماڻھن جي قومي ۽ اخلاقي ڪردار جي عظمت اجاگر ٿئي ٿي. اڳ جي تاريخ کي ڇڏيندي، رڳو ھندستان جي آزادي ۽ پاڪستان جي قيام وارين تحريڪن ۾ سنڌ جي مجاھدن، جيڪي علمي ۽ عملي سرگرميون ۽ قربانيون ڏنيون، تن بابت ڪو ھڪڙو ئي ڪتاب اسان وٽ موجود نہ آھي. بيحد ضروري آھي تہ سنڌ جي تاريخ کي انهي انداز سان مرتب ڪيو وڃي، جنھن مان نہ صرف ايندڙ نسلن کي واقفيت ۽ رهنمائي ملي، بلڪہ اھا ھن سرزمين لاءِ دائمي فخر جو باعث پڻ بڻجي. اسان جي ڪنھن نہ ڪنھن تاريخدان کي اھو ڪم ترت ئي سرانجام ڪرڻ کپي.“ ھن اپيل کي پڙهي وري پڙهيم، سوچيم تہ موضوع ازخود ئي ذھن ۾ اچي ويم. ڪجهہ ڪتاب پڙهيم، پڪو ارادو ڪيم تہ ”تحريڪ پاڪستان“ تي لکان. جڏهن تحريڪ پاڪستان بابت مختلف ڪتاب پڙهيم، تڏهن نھايت ڏک ۽ صدمو پھتو. ڇاڪاڻ تہ جيڪي ڪجهہ انھن ڪتابن ۾ لکيو ويو ھو يا تحقيق ڪئي وئي ھئي، تن ۾ سنڌ جي ڪردار ۽ قربانين کي بلڪل نظرانداز ڪيو ويو ھو. معلوم ائين پيو ٿئي تہ ھندستان ۾ جيڪي بہ تحريڪون ھليون، سنڌ ڄڻ ھندستان ۾ ھئي ئي ڪا نه! جيڪڏھن ڪنھن محقق سنڌ جو ذڪر ٿي ڪيو تہ ان بہ بلڪل مختصر احوال ڏنو ھو. سنڌ ۾ ڪيل قربانيون منظم طريقي سان لڪايون ويون. نتيجي طور نوجوان نسل ”پنھنجن وڏن جي ڪيل خدمتن ۽ ڪارنامن کان غافل رهيو جن تي ھو فخر ڪرڻ جو مجاز ھو.
مٿين سببن کان متاثر ٿي مون پنھنجو مقصد بڻايو تہ اھي ڳالهيون منظرعام تي آڻيان، جن کي ڪن تاريخدانن ڄاڻي واڻي لڪايو. اھي حقيقتون ھٿ ڪيان جن کان سنڌ جو نوجوان نسل غيرواقف آھي. ان تاريخي دور کي ظاھر ڪريان جيڪو نہ صرف سنڌ بلڪہ پوري پاڪستاني قوم کان لڪايو ويو آھي.
مٿئين حقيقتن کي ذھن ۾ رکندي، مون پنھنجو موضوع ”تحريڪ پاڪستان ۾ سنڌ جو حصو“ منتخب ڪيو. موضوع ننڍو ۽ آسان پيو لڳي مگر جڏهن فھرست بنايم تڏهن پاڻ کي ھڪ رڻ پٽ ۾ سمجهيم. ڇاڪاڻ تہ تحريڪ پاڪستان تي جيڪي ٻہ ڪتاب لکيا ويا ھئا تن ۾ سنڌ جو مختصر ذڪر بہ نہ ھئڻ جھڙو ھو. توڪل جو ترهو ٻڌي تحقيقي ڪم ۾ لڳي ويس. کوجنا ڪرڻ لاءِ سنڌ جو سيلاني ٿيڻو پيو. ھن تحريڪ ۾ جن سنڌ جي سڄڻن بھرو ورتو ھو، سي گهڻو ڪري پنھنجي جدوجھد ۾ ادا ڪيل ڪردار، تڪليفن ۽ مصيبتن جي جدوجھد واري تاريخ سيني ۾ سانڍي ھميشہ لاءِ پاڻ سان کڻي ابدي آرامي ٿي ويا ھئا. باقي جيڪي ھئا تن پنھنجي ياداشتن کي ٿورو گهڻو قلم بند ڪيو ھو. بھرحال سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ مان جيڪي ڪجهہ ملي سگهيو تنھن کي سھيڙي توھان جي آڏو آندو اٿم. 1971ع کان 1977ع تائين پورا ڇھه سال مون ڪوشش ڪري موضوع کي مڪمل ڪرڻ جي پوري ڪوشش ڪئي اٿم. تاھم مان ھن پنھنجي ڪم تي ڪو بہ فخر نہ ٿو ڪريان. ممڪن آھي تہ مون کان گهڻو ڪجهہ رهجي ويو ھجي، تحقيقي ڪم ڪڏهن بہ مڪمل چئي نہ ٿو سگهجي. مون کان پوءِ جيڪي بہ ھن موضوع تي ڪم ڪندا، ٿي سگهي ٿو تہ اھي وڌيڪ حقيقتون اوھان جي آڏو آڻين. خدا ڪري تہ ھي مختصر محنت قبول پوي.

محمد لائق زرداري
آڪٽوبر 1978ع
مورو سنڌ

ٻہ اکر

”تحريڪ پاڪستان ۾ سنڌ جو ڪردار منھنجي پي.ايڇ ڊي جي مقالي جو موضوع“ ھو، ھن مقالي تيار ڪرڻ وقت، منھنجي تحقيقي ڪم جو رهبر محترم مرحوم ڊاڪٽر نيازالحق خان ھو. ھن صاحب منھنجي صحيح رهبري ڪئي. مون کي ھر وقت ھمٿائيندو رهيو. ھڪ سال مون سندس رهبري ۾ ڪم ڪيو. مان جڏهن ڪراچيءَ مان تحقيقي مواد گڏ ڪري سندس گهر پھتس، تڏهن اوچتو سندس جنازي تي وڃي بيٺس. ھي منظر ڏسي منھنجي دل کي گھرو صدمو پھتو. مان ڳوڙها ڳاڙيندو پنھنجي قسمت تي سوچيندو نااميد ٿيس. سندس رهنمائي ۽ تعاون تي مون کي فخر آھي. دعا آھي تہ رب سائين کيس جنت الفردوس ۾ جڳھہ عطا ڪري آمين. ڊاڪٽر نياز الحق جي وفات بعد محترم محمد حسن ڀٽو، جيڪو بعد ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي شعبہ سياسيات جو سربراھ مقرر ٿيو تنھن سان پنھنجي مشڪلات جو حال اوريم. ھن صاحب مون کي دل داري ڏني ۽ پنھنجي مدد ۽ تعاون جو يقين ڏياريو. مون دوبارہ ڪم شروع ڪيو – مگر جلدي محمد حسن ڀٽو صاحب اسلام آباد ۾ نئين ذميواري سنڀالي. مان وري بي سھارو ٿي پيس. مگر ھن اسلام آباد ۾ ھوندي بہ پنھنجو ڪيل واعدو ياد رکيو. سندس ھدايت تحت مان محترم ڊاڪٽر سيد ابراھيم شاھ بخاري صاحب سان پنھنجي تڪليف جو ذڪر ڪيو. ھن صاحب منھنجو رهبر ٿيڻ قبول ڪيو. کين گذارش ڪيم تہ منھنجو مقالو ايم فل لاءِ رجسٽر ٿيل آھي. ڪافي وقت گذري چڪو آھي. ھاڻي مون کي پي ايڇ ڊي لاءِ رهبري ڪريو. ھن صاحب مون کي يقين ڏياريو تہ محنت ڪر – تحقيق ڪر تہ پوءِ مقالي جي نوعيت ۽ ڪم ڏسي توکي حق پلئہ وجهبو. مون پنھنجي تحقيقي ڪم ۾ رات ڏينھن لڳايو. ھر ھفتي ڊاڪٽر صاحب سان پنھنجي موضوع متعلق ھدايتون وٺندو رهيس. ڊاڪٽر صاحب ھڪ شفيق استاد وانگر ھر گهڙي، ھر وقت رهبري ڏيندو رهيو. سندس خلوص ۽ تعاون مون کي تاحيات مثالي حيثيت سان ياد رهندو. سندس شفقت ۽ ڪيل تعاون جا ٿورا ۽ احسان ادا ڪرڻ لاءِ مون وٽ ڪي بہ موزون لفظ نہ آھن، جنھن سان پنھنجي جذبات جو اظھار ڪريان. منھنجي ھن محنت ۾ سائين ڊاڪٽر ابراھيم شاھ بخاري برابر ڀاڱي ڀائيوار آھي. مقالي جي فني ترتيب ۽ گهربل مواد جي معلومات محترمہ پروفيسر ڊاڪٽر حميدہ کھڙي ڏني. ھن تحقيقي مقالي جي تياري وقت، سنڌيالاجي جي سربراھ ڊاڪٽر جي.الانہ ۽ سندس عملي جو تعاون رهيو جنھن لاءِ مان ٿورائتو آھيان، برادرم خان محمد پنھور صدر شعبہ صحافت سنڌ يونيورسٽي ۽ محترم شيخ عبدالمجيد سنڌي مرحوم جي مدد ۽ تعاون کي ڪڏهن بہ وساري نہ سگهندس.
سائين جي.ايم.سيد جي لائبريريءَ مان مواد مليم ۽ ساڻس سنڌ جي سياسي جدوجھد متعلق رهاڻيون بہ ڪيم، مان سندن مھمان نوازيءَ جو ٿورائتو آھيان. ميرپور بٺوري مان محترم غلام محمد جوھر جو بہ احسان مند آھيان، جنھن صاحب مون کي الوحيد اخبار جي ٻارنھن سالن جا فائل مھيا ڪيا. جن مان مون مفيد مواد ورتو. پندرنھن ڏينھن وٽس ٻن مددگارن محترم محمد اسلم پٺاڻ (سجاول) ولي محمد چانڊيو (ضلع لاڙڪاڻو) سميت رهيس. محترم جوھر صاحب اسان سڀني جي طعام ۽ قيام جي تڪليف خلوص ۽ خوشيءَ سان برداشت ڪئي. سندس خلوص ۽ ڪيل مدد جو مان گهڻو ٿورائتو آھيان.
مان پنھنجي تعليمي دوستن، استادن، محترم مرزا حيدر عباس ڪراچي، محترم ابوبڪر ڳورڙ (دادو) محترم عبدالحميد بلوچ (ڪنڌڪوٽ) نذير احمد قاضي (مورو) نذير حسين پٺاڻ (قمبر) ۽ لياقت عزيز سولنگي جو بہ احسان مند آھيان جن وقت بہ وقت مفيد مشورن سان پئي نوازيو. آخر ۾ محمد عظيم سولنگي ۽ اعجاز حسين لغاري، شھمير علي سيال، ھدايت الله ميمڻ ۽ غلام محمد لاکو صاحب (مورو) جن جا بہ ڳڻ ڳايان جن مقالي جي ترتيب ۽ تصنيف ۾ منھنجي مدد ڪئي. محترم گل شير بلوچ ھن مقالي کي ٽائپ ڪرائڻ ۾ مدد ڪئي. انھن بزرگن ۽ عالمن، اديبن، سياستدانن ۽ آفيسرن جو پڻ احسان مند آھيان، جن پنھنجي ڄاڻ ۽ علم مطابق (انٽرويو) احوال ٻڌايا. تن جو بہ گهڻو ٿورائتو آھيان انھن وٽان گڏ ڪيل ڄاڻ کانسواءِ ھي پي.ايڇ.ڊي جو مقالو مڪمل نہ ٿي سگهي ھا. سندن اسم گرامي آخر ۾ مددگار مواد جي لسٽ سان شامل ڪيا اٿم. ھن مقالي کي وڌيڪ سڌاري ۽ ڇپائي ۾ پيش ڪرڻ وقت ڪجهہ مواد محترم محمد قابل ڏاھري (شاھپور چاڪر) کان مليو جنھن لاءِ سندن ٿورائتو آھيان. سنڌ يونيورسٽيءَ جي ايڊوانس اسٽڊي ۽ ريسرچ بورڊ جي ميمبرن جو احسان مند آھيان. جن پنھنجي ڪيل ميٽنگ جي مطابق مئي 8، 1983ع ۾ ھڪ ٺھراءَ پاس ڪري اھو مقالو مون کي پنھنجي خرچ تي ڇپائڻ جي اجازت ڏني. اھڙو اطلاع ڊپٽي رجسٽرار سنڌ يونيورسٽي پنھنجي ھڪ خط نمبر AC-I – 297 مطابق، 28 جون 1983ع ذريعي ڏنو. مان محترم آصف علي خان زرداري، محمد سلام خان زرداري، غلام رسول خان زرداري جو بہ احسان مند آھيان، جن جي مدد ۽ تعاون سان ھن ڪتاب جو ڇپجڻ ممڪن ٿي سگهيو.

ڊاڪٽر محمد لائق زرداري
مورو سنڌ
مئي 15، 1984ع