ناول

جنسار

قاضي محمد ھي ناول ’جنسار‘ ۱۹۵۴ع ۾ سکر سينٽرل جيل ۾ لکيو، ناول ۾ ورهاڱي کان اڳ سنڌ جو نقشو چٽيل آهي. ان کان سواءِ ان ۾ هن سنڌ ۾ جاگيردارن جي ظلم ۽ هندو مسلمانن وچ ۾ نفاق پيدا ڪرڻ وارين سازشن کي پڻ  بي نقاب ڪيو آهي. هن ناول پڙهندي سنڌ جي اڳوڻي سکئي ستابي دور وارا نظاري اکين اڳيان تريو اچن ٿا. ساڳئي وقت تصوير جو ٻيو رخ بہ نھايت نمايان ڏيکاريو ويو آهي تہ ڪيئن نہ هن سٻاجهي سرزمين جي بيڪس ۽ بيوس انسانن کي ظالم زميندار ۽ سندن ڇاڙتا ڏاڍ جي چڪيءَ ۾ پيڙهين ٿا. هن ناول ۾ قاضي صاحب سنڌ جي سٻاجهڙن ماڻھن جي اصلوڪي صورت پيش ڪري هن ملڪ جي سنجيدہ ۽ سمجهدار طبقي کي معاشرتي ۽ ذهني انقلاب آڻڻ لاءِ اثرائتي نموني دعوت فڪر ڏني آهي. 

  • 5.0/5.0
  • 131
  • 25
  • 2 هفتا اڳ
  • 0
Title Cover of book Jinsaar
سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري اديب ۽ سياستدان قاضي فيض محمد جو لکيل ناول ”جنسار“ اوھان اڳيان حاضر آھي. 
قاضي محمد ھي ناول ’جنسار‘ ۱۹۵۴ع ۾ سکر سينٽرل جيل ۾ لکيو، ناول ۾ ورهاڱي کان اڳ سنڌ جو نقشو چٽيل آهي. ان کان سواءِ ان ۾ هن سنڌ ۾ جاگيردارن جي ظلم ۽ هندو مسلمانن وچ ۾ نفاق پيدا ڪرڻ وارين سازشن کي پڻ  بي نقاب ڪيو آهي. هن ناول پڙهندي سنڌ جي اڳوڻي سکئي ستابي دور وارا نظاري اکين اڳيان تريو اچن ٿا. ساڳئي وقت تصوير جو ٻيو رخ بہ نھايت نمايان ڏيکاريو ويو آهي تہ ڪيئن نہ هن سٻاجهي سرزمين جي بيڪس ۽ بيوس انسانن کي ظالم زميندار ۽ سندن ڇاڙتا ڏاڍ جي چڪيءَ ۾ پيڙهين ٿا. هن ناول ۾ قاضي صاحب سنڌ جي سٻاجهڙن ماڻھن جي اصلوڪي صورت پيش ڪري هن ملڪ جي سنجيدہ ۽ سمجهدار طبقي کي معاشرتي ۽ ذهني انقلاب آڻڻ لاءِ اثرائتي نموني دعوت فڪر ڏني آهي. 
قاضي صاحب هي تاريخي ناول قيد جي ڪوٺڙيءَ ۾ ڪاغذ جي ردي ٽڪرن، سگريٽ جي خالي پاڪيٽن وغيرہ تي لکي ٻاهر موڪليندو ويو، جنھن کي سھيڙي ڇپايو ويو.
ھن ڪتاب جو پھريون ڇاپو1956ع ۾ ڇپيو ۽ ان جو ٻيو ڇاپو سنڌي اديبن جي سھڪاري سنگت، حيدرآباد پاران محمد ابراهيم جويي ڇپائي پڌرو ڪيو. 2001ع ۾ ٽيون ڇاپو نيشنل بوڪ فائونڊيشن پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي ايم ايڇ پنھور انسٽيٽيوٽ آف سنڌ اسٽڊيز جي ٿورن سان اپلوڊ ڪري رھيا آھيون.

 

محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com


نوٽ : ھن ڪتاب جي رڳو پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي.    

سنڌسلامت پاران

ڪتاب تي آيل ريٽنگ ۽ رايا

5.0

(ڪُل 0 رائين آڌار)



ڪتاب تي راءِ ڏيڻ لاءِ مھرباني ڪري لاگ ان ڪريو.

  • مصنف قاضي فيض محمد
  • ڇپيو ويو 2001
  • ڇپائيندڙ نيشنل بوڪ فائونڊيشن
  • ڇاپو ٽيون
  • عالمي ڪتاب نمبر
  • آن لائين ٿيو 26/Aug/2025
  • ترجمو آھي؟ جي نہ
  • ٽيڪسٽ ۾ آھي؟ جي نہ
  • لاٿو ويو 25 ڀيرا

ڪتاب ۾ ٽِڪليون