سنڌسلامت پاران
سنڌسلامت ڪتاب گهر پاران نامياري ليکڪا ارتا پريتم جي ناول جو سنڌي ترجمو ”ھڪ سسئي سَوَ سور“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون، جنھن جي سنڌيڪار سندري اتمچنداڻي آھي.
امرتا پريتم ھونئن تہ پنجابي زبان جي ليکڪا آھي پر ھن جون لکڻيون قوم، ذات، ٻوليءَ کان مٿاھيون صرف سماج لاءِ آھن. امرتا پريتم جي لکڻين جا موضوع صرف ھندستان يا پنجابي قوم جا ناھن پر اھي موضوع، خاص ڪري اسان سنڌ جي ماڻھن جا پنھنجا موضوع آھن ۽ اھوئي سبب آھي جو اسان وٽ امرتا پريتم کي گهڻو پڙھيو وڃي ٿو. ھن ناول ۾ عورت خاص ڪر ماءُ جي دردن جو داستان بيان ڪيل آھي.
ھن ڪتاب جو پھريون ڇاپو 1963ع ۾ ڇپيو ۽ ٻيو ڇاپو مشعل پبليڪيشن، سڪرنڊ پاران 1984ع ۾ ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي ايم ايڇ پنھور انسٽيٽيوٽ آف سنڌ اسٽڊيز جي سھڪار سان اوھان سان شيئر ڪجي ٿي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي رڳو پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي.