ڪھاڻيون

رُڃ ۾ رابيل

رضوان گُل لکي ٿو؛ ”اخلاق انصاري پنھنجي طرز جو نرالو ڪھاڻيڪار آهي جننن وٽ لکڻ جو پنھنجو الڳ ڏانءُ آهي سندس ڪھاڻين جا پلاٽ ۽ ڪردار پڻ منفرد آهن. جيتوڻيڪ اهي پلاٽ اسان جي سماج مان ئي کنيل هجن ٿا پر اخلاق انصاري انھن موضوعن کي بنھہ مختلف ۽ نئين رخ سان ڏسي، پرکي ۽ لکي ٿو. سندس ڪھاڻين جا اڪثر ڪردار سماج جا اهڙا فرد آهن جيڪي نفسياتي الجهنن جو شڪار آهن. انھن ڪردارن جي داخلي ڪيفيت کي جھڙي ريت باريڪ بينيءَ سان اخلاق انصاري بيان ڪيو آهي سا يقينن قابلِ داد آهي. اخلاق انصاري لفاظيءَ بجاءِ مقصديت کان ڪم وٺي ٿو“. 

  • 4.5/5.0
  • 84
  • 26
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 2
Title Cover of book Runj Main Rabel

سڀ حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ آهن

ڪتاب نمبر : 80
ڪتاب جو نالو : رُڃ ۾ رابيل
موضوع : ڪھاڻيون
ليکڪ : اخلاق انصاري
پھريون ڇاپو : 1987ع
ڪمپوزنگ : سليم ﷲ سولنگي
ٽائيٽل ڊزائين : عباس ڪوريجو
ڪيلگرافي : عبدالخالق چنا
ٻيو ڇاپو : 2023ع مئي
پھريون ڇاپو ڇپائيندڙ: مارئي ڪتاب گهر سکر
ڇپيندڙ : پوپٽ پرنٽنگ پريس خيرپور
ڇپائيندڙ : سڦلتا پبليڪيشن، حيدرآباد
03333788478Cell:
safalta.mag@gmail.comEmail: safalta.mag@gmail.com

ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
sindhsalamat.comsindhsalamat.com
2025ع

Runj Main Rabel
(Stories)
Akhlaq Ansari
Year : 2023
Published by: Saphalta Publication Hyderabad

پھرئين ڇاپي جي ارپنا

ڪمري 49
انٽرنيشنل هاسٽل
سنڌ يونيورسٽي
جي نانءُ

ٻي ڇاپي جي ارپنا

شوڪت حسين شوري
جي نانءِ

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار اخلاق انصاريءَ جي ڪھاڻين جو مجموعو ”رُڃ ۾ رابيل“ اوھان اڳيان پيش آهي.
رضوان گُل لکي ٿو: ”اخلاق انصاري پنھنجي طرز جو نرالو ڪھاڻيڪار آهي جنھن وٽ لکڻ جو پنھنجو الڳ ڏانءُ آهي سندس ڪھاڻين جا پلاٽ ۽ ڪردار پڻ منفرد آهن. جيتوڻيڪ اهي پلاٽ اسان جي سماج مان ئي کنيل هجن ٿا پر اخلاق انصاري انھن موضوعن کي بنھہ مختلف ۽ نئين رخ سان ڏسي، پرکي ۽ لکي ٿو. سندس ڪھاڻين جا اڪثر ڪردار سماج جا اهڙا فرد آهن جيڪي نفسياتي الجهنن جو شڪار آهن. انھن ڪردارن جي داخلي ڪيفيت کي جھڙي ريت باريڪ بينيءَ سان اخلاق انصاري بيان ڪيو آهي سا يقينن قابلِ داد آهي. اخلاق انصاري لفاظيءَ بجاءِ مقصديت کان ڪم وٺي ٿو“.
ھن ڪتاب جو پھريون ڇاپو 1987ع ۾ مارئي ڪتاب گهر سکر ۽ ٻيو ڇاپو 2023ع ۾ سڦلتا پبليڪيشن، حيدرآباد پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آھيون سڦلتا پبليڪيشن جي سرواڻ ھوش ڀٽيءَ جا جنھن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي ۽ مھرباني اخلاق انصاري صاحب جي جنھن ھي ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

مھاڳ: اخلاق جي ڪھاڻيءَ ۾احساس محرومي

پوري اڻپوري ماڻھوءَ جي ڪھاڻيءَ جو هڪ ڊائلاگ آهي ”سندس محبوبا جي منھن تي سنجيدگي ۽ حيراني پکڙجي ويئي ٿورو خاموش رهي چوڻ لڳي: مان پنھنجا Complex انھن ۾ نہ ٿي وجهڻ چاهيان.“
سندس ڪھاڻيءَ ۾ هڪ پئراگراف آهي: (جڏهن شيو مھراج ڪيلاش پربت تي ويھي پنھنجن وارن ۾ گنگا پئي لائي، چوڌاري وڄ، کنوڻيون، گوڙ، هيو تڏهن مان ننڍڙو نيري نڪر ۾ وڏي پٿر جي اوٽ وٺي سڀ ڪجهہ بيٺي ڏٺم-)
جنھن پل اهو پئراگراف پڙهجي ٿو تہ سوچ اچي ٿي وڏي پٿر جي اوٽ وٺي بيٺل ڪھاڻيءَ جو ڪريڪٽر نيري نڪر ڇو اوڍيل آهي!!؟ ڪنھن ٻئي رنگ جي ڇو نہ؟ تڏهن ذهن ۾ هڪ خيال اچي ٿو تہ ڪٿي اخلاق انصاري جي ننڍي ڄمار جو Complex نيري نڪر تہ نہ رهي آهي جيڪا هو ان عمر ۾ پائي نہ سگهيو هجي ۽ اڄ جڏهن اخلاق انصاري 28 سالن جو ٿي چڪو آهي، باوجود ان جي بہ نيري نڪر جو رفليڪشن سندس ڪھاڻي ۾ ڪنھن نئين ورتل مٽ مان سمندڙ پاڻيءَ وانگر سندس ذهن جي سيرن مان سمي ڪھاڻيءَ جو پيراگراف بڻجي ويو هجي پنھنجي سوچ جي وضاحت چاهيندي مان اخلاق کان هڪ ڀيري پڇيو هو ”اخلاق تون پنھنجي ٻار کي نيري رنگ جي نڪر ڇو پارائي آهي؟ اخلاق وراڻيو هيو – نيري نڪر منھنجي ننڍي هوندي جو Complex آهي، تنھن گهڙي مون سوچيو هيو تہ ڇا پوري اڻپوري ماڻھوءَ جي هيروئن ڪٿي اخلاق انصاري تہ ناهي جو هوءَ ٻارن کي پيدا ڪرڻ واري سوال جي جواب ۾ چئي ٿي مان پنھنجا ڪامپليڪس انھن ۾ نہ ٿي وجهڻ چاهيان-
اڇا – جيڪڏهن اهڙي ئي ڳالھہ آهي تہ پوءِ اخلاق جون سموريون رومانٽڪ ڪھاڻيون، ان ڪھاڻيءَ جي ڪردار وانگر آهن، جيڪو بيحد رومانٽڪ خط لکي، لفافي ۾ بند ڪري. لفافي تي پنھنجي ئي گهر جي ايڊريس لکي، پوسٽ ڪري پنھنجي خطن جو انتظار ڪندو هو.
پر هروڀرو ائين بہ ناهي. مون کي خبر آهي تہ اخلاق يونيورسٽيءَ واري زماني ۾ هڪ بي حد سگهارو رومانس ڪيو هيو – هڪ اهڙي ڇوڪري سان جنھن سان رومانس ڪرڻ جون سڌون سانڍي ڪيترائي سڌڙيا سنڌ يونيورسٽيءَ جا روڊ چٽيندا رهيا-
۽ سچ تہ اهو آهي جو ان زماني ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جا روڊ چٽڻ وارا ڇوڪرا بہ خوش نصيب هئا – ها سائين ان زماني جي يونيورسٽي ائين ڪونہ هلي جيئن اڄ ٿي پئي آهي. نہ سڏ نہ پڙاڏو ڄڻ سڀ مري ويا هجون. رستي تي گهمندي بہ ڊپ پيو ٿئي تہ ڪٿي ڪو سپاهي چماٽ نہ هڻي ڪڍي هاڻ تہ يونيورسٽيءَ ۾ گهمندي بي ڏوهي بہ پاڻ کي ڏوهي سمجهڻ لڳي ٿو – جيڪڏهن توهان يونيورسٽيءَ جي اوج کي ڏسڻ چاهيو ٿا تہ اخلاق جون ٻہ خوبصورت ڪھاڻيون پڙهي سگهو ٿا. هڪ ”پورو اڻ پورو ماڻھو“ ٻيو ”اڪيلو ڪمرو ۽ سيلف پورٽريٽ“ انھن ٻنھين ڪھاڻين جو ماحول ڪيڏو بہ فرسٽيڊ ڇو نہ هجي پر پوءِ بہ اڄ جي سنڌ يونيورسٽيءَ کان گهڻو رليڪسڊ آهي، ۽ ان زماني جي سنڌ يونيورسٽيءَ جي تاريخ آهن.
اخلاق جي ڪھاڻيءَ ۾ رفرنس: اخلاق عملي ڄاڻ جي لحاظ کان ايترو اڳتي وڌيل آهي جو مون جھڙا ماڻھو هن جي آڏو پاڻ کي ڄٽ ۽ وائڙو محسوس ڪندا آهن – سائنس – سوشالاجي – سياست – ادب – هو گهڻو اڳتي وڌيل ۽ مٿي بيٺل آهي ان سبب جي ڪري ئي سندس ڪھاڻين ۾ گهڻي ڀاڱي مٿين مڙني سبجيڪٽن جا رفرنسز شامل هوندا آهن. مان جڏهن بہ اخلاق جي ڪھاڻي پڙهي آهي. تہ مون کي پوري اڻ پوري ماڻھوءَ واريءَ ڪھاڻيءَ جو هڪ پئراگراف ڏاڍو ککندو آهي – جنھن ۾ هيروئن هيرو کي چئي ٿي ”تون ئي تہ چوندو آهين تہ اسان ۽ هي سڀ سلسلا Frame of refrence ۾ بند آهن، جيڪا شي ٻئي جي حوالي سان سڃاڻي وڃي، ان جي ڪھڙي اهميت؟“
۽ سچ تہ اهو آهي جڏهن اخلاق جي آرٽ ۽ ڪرافٽ جي لحاظ کان مڪمل ڪھاڻي هلندي هلندي ڪنھن رفرنس وٽ اچي اٽڪي بيھندي آهي – تڏهن سندس آرٽ ۽ ڪرافٽ پنھنجي سموري اهميت وڃائي ڪو معلومات جو ڪتاب ٿي پوندو آهي تڏهن مون کي اخلاق جي گهڻي ڄاڻ تي چڙ ۽ سندس آرٽ تي ڏک ٿيندو آهي –
اهڙو احساس اخلاق جي پنھنجي لاشعور ۾ بہ شايد ويٺل آهي، تڏهن ئي تہ سندس ڪھاڻي ”ڏک: اڻکٽ سلسلو“ ۾ ڊونا ڪھاڻيءَ جي هيروئن اخلاق کي چئي ٿي ”ڇو.... تون پاڻ کي ائين ڇو ٿو سمجهين تو وٽ ڇا ناهي. تون ذهين آهين شاعري کان وڌيڪ مئٿميٽڪس جھڙي ٽف سبجيڪٽ تي بہ آسانيءَ سان ڳالاهي سگهين ٿو.“
۽ اهائي ڄاڻ، ذهانت هن جي تخليق ۾ جڏهن ڪاهي پئي ٿي تہ ڪھاڻيءَ مان ڪھاڻيءَ جو چس نڪري ٿو وڃي.
اخلاق وڏو ڪھاڻيڪار: مان پنھنجي هڪ انٽرويو ۾ چيو هو، اخلاق جيڪڏهن فل ٽائيم ڏي تہ اسانجي ٽھيءَ ۾ اخلاق کان وڌيڪ ٻيو شايد ئي ڪو سگهاري ڪھاڻي لکي سگهي. سندس جيڪي بہ ڪھاڻيون لکيل آهن سي گهڻي ڀاڱي سنڌ يونيورسٽيءَ جي زماني جون لکيل آهن جتي هو فزڪس جو شاگرد هيو، صبح جو فزڪس جو پرچو ڏئي ايندو هو ۽ امتحان جي انٽرويل وارن ڏينھن ۾ ڪنھن شام جو ڪھاڻي بہ لکي وٺندو هو. ۽ منھنجو پنھنجو ذاتي خيال آهي تہ ڪھاڻي ائين ڪڏهن مڪمل ناهي سرجي سگهبي – ڪھاڻي تي فل ٽائيم جاب آهي انٽرويلن ۾، لکيل ڪھاڻي ٻارن ۾ پنجن وچڙندڙ خطرناڪ بيمارين وانگر ڪھاڻيءَ کي اپاهج ڪري ڇڏيندي آهي – سو پيارا پڙهندڙو منھنجو اهو ايمان آهي تہ اخلاق جڏهن بہ ادب کي فل ٽائيم ڏيندو – تڏهن اسان جھڙا گهٽ پڙهيل وائڙا ليکڪ سندس ڪھاڻي پڙهي چپ چٽيندا رهجي ويندا.

اخلاق جي ڪھاڻين ۾ احساس ۽ آرٽ: اخلاق جي ڪھاڻي پوري اڻپوري ماڻھو ۾ آهي ”ها، مون کي بہ دنيا جي نقشي ۾ مختلف ملڪن جي نقشن کي ڏسندي لڳندو آهي. هر ملڪ ماڻھو آهي، اڇو، ڪارو، بندرو، ڊگهو، هر ماڻھوءَ جي هٿ ۾ خنجر، تلوارون، رائفلون، بم ۽ منھن تي ڪاوڙ آهي.
(هاڻي هتي) اخلاق ڪنھن تاريخ ڪنھن مئٿالاجي يا فزڪس مان اڳ چيل / لکيل ريفرنس نہ کنيو آهي. پر مٿيان جملا اخلاق جي پنھنجي بلڪل اون ڪريئيشن آهي. جيڪي اڳتي هلي ريفرنس بڻجي ويندا ۽ هڪ سٺي ليکڪ جو ڪم ئي اهو هوندو آهي تہ هو ريفرنس تشبيھون – توڻي مٿس پاڻ تخليق ڪري ايندڙ ماڻھن لاءِ يا سندس ساڳي ڪھاڻيءَ ۾ هڪ ڪردار پنھنجي ڏک کي لڪائڻ لاءِ. چپن کي گول ڪري سيٽي وڄائڻ لڳي ٿو اهڙي قسم جي ڳالھہ ڪو حساس ليکڪ ئي محسوس ڪري سگهي ٿو. تہ ماڻھو ڏک مٽائڻ لاءِ ظاهري طرح سيٽي بہ وڄائيندو آهي جڏهن تہ ان وقت سندس من ۾ دک جون هزارين سيٽيون هڪ منو وڄنديون آهن اخلاق جي ڪھاڻي ”ڏک اڻ کٽ سلسلو“ ۾ بہ تشبيھون آهن جنھن ۾ موت کي بليڪ باڪس سان ڀيٽيو ويو آهي ۽ ذهن کي ان ڪرندڙ هوائي جھاز سان ڀيٽيو ويو آهي، جيڪو ڪرڻ وقت جنھن مان يا سندس ڪھاڻي S.O S جا آواز ايندا آهن. يا سندس ڪھاڻي ”ماڻڻ نہ ماڻڻ جي وچ تي“ ۾ ڪھاڻيءَ جو هيروئن کي چوي ٿو: ”مان هنداڻي جيان ڪنھن گل مان ڦٽي نڪتو آهيان“ اخلاق جي ان جملي ۾ هڪ ئي وقت آرٽ ۽ ڪرافٽ جو ڪمال آهي، يا ساڳي ڪھاڻيءَ ۾ پلستر لٿل ڀت کي ڪوڙھہ سان ڀيٽيو آهي –
اخلاق جي ڪھاڻين ۾ هڪ سٺي پڙهندڙ کي اهڙا ڪيترائي خوبصورت جملا ۽ نيون تشبيھون ۽ انساني احساس سان ڀرپور منظر ڪشي بہ محسوس ڪرڻ لاءِ ملندي - ۽ اها ئي هڪ حساس باشعور ۽ تخليقي سگهہ رکندڙ ليکڪ جي سڃاڻپ هوندي آهي.


طارق عالم
1987 – 7 – 15
B – 26 سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو

انيس انصاري: اخلاق، منھنجو دوست

اخلاق سان چڱي واقفيت 1974ع ۾ ٿي، جڏهن پنھنجو گريڊ امپروو ڪرڻ جي لاءِ ڪراچيءَ ۾ فليٽ ۾ اچي مون سان رهيو. نوڪريءَ ۾ مسلسل ٻاهر رهڻ ڪري پنھنجي اولاد سان (خاص ڪري ننڍن سان) اهو رابطو رهي نہ سگهيو. جيڪو هڪ پيءُ ۽ پٽ/ڌيءَ ۾ هئڻ گهرجي. ان وقت پيءُ ۽ ماءُ جا فرض سندن والدہ ادا ڪري رهي هئي (جنھن جھڙي مڙداڻي مائي منھنجي نظر مان گهٽ نڪتي هوندي) منھنجو ڪم هو هر ماھہ پگهار جا پئسا کين پھچائڻ.
هڪ ڏينھن اخلاق چيو ”بابا! سڀاڻي منھنجي هڪ دوست ڇوڪري ڏهين وڳي صبح جو هتي اچڻي آهي.“
سڀاڻو موڪل جو ڏينھن هو. مان سوير شيو ڪري وهنجي لٽا بدلائي نڪرڻ وارو هيس تہ اخلاق بہ هڪ اک کولي پڇيو ”بابا! ڪاڏي؟“
چيومانس دوستن وٽ وڃان ٿو. اوهان جي دوست ڇوڪري جو اچڻي آهي.“
چيائين ”بيھہ بابا مان بہ توسان ٿو هلان.“
چيومانس ”اهو ڪيئن؟“
چيائين ”مان کيس ملندس تہ اوهان جي موجودگيءَ ۾ نہ تہ نہ.“
”بزدل...“ منھن تي چئي ڏنومانس.
اخلاق انھن ڏينھن ۾ ڪراچيءَ ۾ رجسٽريشن ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪري ڪندو هو. اسٽور جون چاٻيون وٽس هونديون هيون. خالي شناختي ڪارڊ کڻي اچڻ لاءِ ڪنجيون سنڀاليندو هو تہ ڪا نہ ڪا ڇوڪري کيس چرچي ۾ چوندي هئي.. ”اخلاق بيھہ تہ گڏجي ٿا شناختي ڪارڊ کڻي اچون.“
اخلاق اتان هڪ بہ وک نہ وجهندو هو. جيستائين ڪنھن ڇوڪريءَ کي آمادہ نہ ڪندو هو تہ هوءَ بہ ساڻس گڏ اسٽور روم ۾ وڃي.
يونيورسٽيءَ ۾ آيو. معلوم ٿيو تہ اخلاق رومانس ٿو ڪري! کلي ويٺم. چيم
Faint hearts never win fair ladies.
يونيورسٽيءَ ملڻ ويومانس تہ دور کان درشن ڪرايائين. مون کي وڻي.
چيومانس ”تنھنجي پاران Purpose ڪيانس.“ نرڙ تي پگهر جون بوندون جرڪڻ لڳس ۽ منھن ٽامڻي هڻي ويس.
چيومانس ”ميان! محبت ڪرڻ جي موڊ ۾ آهين يا فلرٽ ڪرڻ جو خيال اٿئي؟ محبت ڪندين تہ تنھنجو ساٿ ڏيندس. باقي جي فلرٽ ڪرڻ چاهين تہ پوءِ پاڻ ڄاڻ.“
اخلاق دوستن جي حق ۾ ڏاڍو حساس آهي. سندن خوشيون پنھنجون خوشيون ۽ سندن غم پنھنجو غم ڪري سمجهندو آهي. پنھنجن خلاف ڪوڙا الزام بہ ماٺ ڪري ويٺو ٻڌندو. زيادہ ۾ زيادہ مرڪي چوندو ”يار ائين نہ آهي.“ پر هو ڪڏهن بہ پنھنجي دوست جي خلاف سچي ڳالھہ بہ ٻڌڻ گوارا نہ ڪندو. اڳلي کي اشارو ڏئي چوندو هاڻي بس ڪر. پر جي اڳلو نہ مڙيو تہ اخلاق جون اکيون ڦري وينديون، نڪ ڦنڊي ويندس، رنگ بدلجي ويندس ۽ هڪ وڏي رڙ ڪري اڳلي کي بس ڪرائي ڇڏيندو. مون کيس دوستن لاءِ ايڏو فڪرمند ڏٺو آهي جيڏو هُو پنھنجي لاءِ بہ پاڻ نہ هوندو آهي.
ضدي بہ ڏاڍو آهي. شل نہ چڙهي هوڏ تي. تہ دڙڪي سان ئي نہ وري محبت سان کيس مڃائي سگهبو.
اخلاق ڏاڍو جذباتي آهي. ان ڪري ڪڏهن ڪڏهن هوش کان زيادہ جوش کان ڪم وٺندو آهي. ان وقت کيس نہ نفع جي پروڙ پوندي آهي ۽ نہ نقصان جي. پنھنجن جذبن تي قابو پائي نہ سگهندو آهي. انھن جو اعلان سندس منھن ۾ تبديلي اچڻ سان محسوس ٿي سگهي ٿو.
هڪ ڏينھن نيشنل ميوزم وياسين. خطاطيءَ جا نمونا ڏسڻ. مان سرسري طرح ڏسي هڪ طغري جي مٿان اچي بيٺم. جنھن ۾ اکرن جي ذريعي خطاط شينھن جي شڪل بڻائي هئي. مان ڏسڻ ۾ ايترو محو ٿي ويس جو ماحول وساري ويٺس. ايتري ۾ ٻانھن تي ڪنھن جو هٿ محسوس ڪيم. ڪنڌ ورائي جو ڏسان تہ اخلاق بيٺو آهي. هيڊ جھڙو پيلو، اکين ۾ چمڪو ۽ هٿن ۾ ڏڪڻي.
”خير آهي؟“ مان پڇيس.
”بابا رت...!“
”ڪنھن جي رت؟” مان پريشان ٿي کائنس پڇيم.
”حضرت عثمان جي رت!“
مان حيرانيءَ مان ڏانهس ڏٺم. هڪ محراب دار ڏانھن اشارو ڪري چيائين ”حضرت عثمان رضہ جو قرآن جنھن جي تلاوت ڪندي کيس شھيد ڪيو ويو هو.“
مان اتان لنگهيو بہ هيم. پر خيال سان ان قرآن مجيد جي تعارف ڪندڙ ڪتبي کي ڪو نہ پڙهيو هيم. اهو قرآن پاڪ ان مصحف عثماني جي فوٽو اسٽيٽ ڪاپي هئي جو سندس شھادت وقت سندس نظر جي سامھون هيو. اها فوٽو اسٽيٽ ڪاپي روس وارن پاڪستان کي تبرڪ طور سوکڙي ڪري ڏني هئي.
طبعن اخلاق ڳنڀير آهي. پر وقتائتو سندس شرارتون بہ گهٽ ڪين هونديون آهن. اهڙي وقت سندس ساٿ ننڍو ڀاءُ اسحاق ڏيندو آهي. شل نہ ڪنھن جي ڪڍ پون. اڳلي کي اهڙو پريشان ڪندا جو ان کي يا تہ ٻانھون ٻڌي يا اتان ڀڄي جان ڇڏائڻي پوندي. مان خود بہ انھن جي ان بداخلاقي (سندن چوڻ مطابق خوش اخلاقي) جو شڪار ٿيندو آهيان. اهڙن موقعن تي چوندو آهيان...
”ظالمو! آخر مان اوهان جو پيءُ آهيان.“
کلي چوندا آهن ”دوست نہ آهيو ڇا؟“
انڪار نہ ڪري سگهندو آهيان.
اخلاق جي پنھنجي والدہ سان گهڻي محبت آهي. گهر ايندو تہ وڃي وٽس ويھندو ۽ ليٽي پنھنجو مٿو سندس هنج ۾ رکندو. هوءَ بہ آهستي آهستي سندس وارن تي پئي هٿ ڦيريندي ۽ ڳالھيون ڪندي.
اخلاق ٻڌو اٿم اديب آهي. مان سندس هڪ ڪھاڻي ڪتاب پڙهي رهيو هوس پڙهندي منھنجي زبان مان ڏاڍيان ”بڪواس“ اکر نڪري ويو ۽ ڪتاب گولي وانگر وڃي ڀت کي لڳو. ان بعد سندس ڪھاڻي کي پڙهڻ جو ست ساري نہ سگهيو آهيان. البت هڪ اڌ نظم جو لکيو اٿائين سو سندس جذبن ۽ اُڌمن جي صحيح عڪاسي ڪري ٿو. مان کيس شاعر مڃڻ لاءِ تيار آهيان.

ٻي ڇاپي جو مھاڳ: سڀ رنگ سانول ڪھاڻيون

هُو پنھنجو پاڻ ۾ ڪائنات آهي تہ ڪڏهن اڪيلو اواڪ آهي. وري پنھنجو پاڻ کي ڳولھڻ تي بہ نڪتل آهي. هن جي رڃ ۾ رابيل آهن. هو ڪھاڻين جي ڪائنات آهي. اهو سڀ اخلاق انصاري جي تخليقي سگهہ جو ئي ڪرشمو آهي جنھن ۾ ايتري نواڻ ۽ Gravity جھڙي ڇڪ آهي.
نڀاڳو: جيون جي بي اننت Absurdity هن ڪھاڻي ۾ ڀريل آهي. ان کان بہ وڌيڪ واهيات پڻو اهو آهي تہ جڏهن انسان ڪن سماجي وارتائن کي ڪنھن انساني جيون سان منسلڪ ڪري ڪا مخصوص معنيٰ ڏئي ڇڏي. اها معنيٰ نڀاڳ ۽ سڀاڳ آهي. دينو جو ڪردار ان معنيٰ جو نشانو آهي. انھن معنائن جو جن ۾ رشتا، احساس ۽ زندگي شڪار ٿي وڃن ٿا.
آءٌ ائين سمجهندو آهيان تہ موت ڪو بہ سور ناهي، نہ ئي ڪو الميو! پر وڏو صفا وڏو سانحو حياتي آهي.
جيئن هن ڪھاڻي جي هيءَ سٽ آهي:
”ٻيا ماڻھس جي مرڻ ڪري پئي رنا ۽ هي وري پنھنجي ڄمڻ ڪري ڇڙيون پئي هنيون.“ ص _ 64
هيءَ ڪھاڻي يتيمي جو نوحو آهي جنھن جو نالو ئي يتيمي هجي ها. جاهل سماج يتيم کي ڪيئن نھاري ٿو اهو هن ڪھاڻي ۾ عيان آهي. ڪھاڻي ۾ دينو جي ڪردار جي والد جو بہ ذڪر نہ آهي تہ اهو ڪيئن ۽ ڪاڏي ويو؟ جو ماسيءَ هن کي نپايو.

اولڙا اولڙا زندگي اولڙا: هن ڪھاڻي تي مون محمد دين راڄڙي جو هڪ سٽ جو تبصرو پڙهيو هو. جيڪو هن ”اخلاق انصاري نيئن دؤر جو عھد ساز ڪھاڻيڪار“ واري مضمون ۾ هن ريت ڪيو هو. ”اولڙا اولڙا زندگي اولڙا“ ڪھاڻي ۾ رشتن جي بي رخيءَ کي وڏي Craft سان بيان ڪيو ويو آهي.“
(ڪتاب: عملي تنقيد نگاري ۽ سنڌي ادب)
مون ائين محسوس ڪيو آهي تہ مٺ مان واريءَ جيان وهندڙ زندگي کي اخلاق انصاري اولڙن ۾ ڀٽيو آهي. اولڙا کن پل جا هوندا آهن. حيات بہ ائين آهي کن پل جو ڇانورو، جهٽ پل جو اولڙو. اهي اولڙا ڪھاڻيڪار جا داخلي آهن ۽ هيءَ سموري ڪھاڻي هن جي ذات سان سلھاڙيل آهي جيڪا هن جي ڀائرن جي ويندڙ جوڀن جي بہ آهي.
سندس ڪھاڻي جو پئراگراف آهي: ”ڏک کي سدائين ٽھڪ جي بيٽ سان سڪس هڻي بائونڊري پار ڪرائي هئي. اڄ هُو بيڪ فوٽ ۾ ايل بي ڊبليو ٿي ويل ڪرڪيٽر جيان ايمپائر جي آڱر جي انتظار ۾ تہ ”ڪڏهن ٿي اٿي“ ۽ پاڻ ايڪسپائير ٿي.“ ص_ 93
جيئن شيخ اياز چيو هو تہ:
تون ڳجهارت ڪٿي ڀڳي آهي،
زندگاني سموري ٺڳي آهي.
اخلاق انصاري جي لکڻي ۾ ڇا تہ گهري ۽ ڳوڙهي ڳالھہ ڪيل آهي. جنھن ۾ زندگي جي بي معنويت جو اظھار آهي ۽ ارمان بہ آهي تہ اهو سڀ ڇاهي!؟ هي ڪھاڻي وجوديت جي لاڙي واري ڪھاڻي آهي.

عطيہ دائود موجب:
”اخلاق انصاري جي ڪھاڻين کي جيڪڏهن سنڌي ۾ نہ پڙهجي ها انگريزيءَ، اردو، هندي، تامل يا ڪنھن بہ ٻوليءَ ۾ پڙهجي ها تہ هي ان خطي ۽ ان ٻوليءَ جون ڪھاڻيون لڳنديون. هي هر ان سماج جون ڪھاڻيون آهن جتي ڏکن جو ڪارڻ غربت آهي. اٽي، لٽي ۽ اجهي جي پويان انسان پنھنجي خوشي، ننڊ ۽ سڪون وڃائي چڪو آهيان.“ (2)
اخلاق انصاري زندگي جي پيچيدگيءَ ۽ دماغي خلط کي چٽو ڪري عڪس بند ڪيو آهي. جيڪو هڪ ڪلاڪار ۽ حساس ذهن انسان ئي ڪري سگهجي ٿو.

رڃ ۾ رابيل: هن ڪھاڻي ۾ ليکڪ لکي ٿو تہ ”منھن مان نور پئي بکيس.“ ص_25
منھنجي خيال ۾ اهو مڪالمو ڪو ڪردار چوي ها تہ ٺھڪندڙ لڳي ها پر ليکڪ بيانيہ انداز ۾ چئي ويو آهي. جيڪو درست ناهي. هيءَ ڪھاڻي پير پرستي، جنسي گهرج، ڪارو ڪاري ۽ جھالت جھڙن موضوعن کي ڇھي وڃي ٿي. ورسٽائيل تخليقڪار گهڻ رخو هوندو آهي. هن ڪھاڻيءَ جي منظرڪشي، لفظيات درد وند ڪھاڻيڪار ئي ڪري سگهي ٿو.
رستا: سمورا اهنج ۽ عذاب بک مان جنم وٺن ٿا. بک جيڪا گهڻي جي طمع ۾ ڦٽي ٿي. پوءِ بہ انھن جي پوري ناهي. رستا ڪھاڻي جا ڪردار وارڊ بواءِ، ڊائريڪٽر، اسٽور ڪيپر ۽ پٽيوالا بدانتظامي ۾ غريب جي بک ۽ اهنجن جا محرڪ آهن. جن کي صرف پنھنجي پيٽ جي پريشاني آهي پر ٻين جا پيٽ ڪپن ٿا.
ڊگهي سفر جي آخري ملاقات: اخلاق انصاري جي ڪھاڻين ۾ ڳوڙها بحث ۽ مڪالما سمايل آهن. فلسفي جا عنوان عشق، موت ۽ عورت مرد جي لاڳاپن جي اپٽار آهي. هن سرئيلسٽڪ ڪھاڻيءَ ۾ ڏک بہ بحث جو موضوع آهن.
ڪھاڻي جي هن پئراگراف کي ڏسون ٿا:
”پر... عورت جي ٽرئجڊي اها آهي تہ هوءَ جسماني طرح Unfit آهي.“
۽ تو چيو هو ”مرد ذهني طرح. ڇاڪاڻ تہ عورت Creater آهي ۽ تڏهن تہ ٻئي Balanced ٿي نہ سگهيا آهن.“ ص_11
ڪھاڻي جي مٿيئن پئراگراف تي پورو ڪتاب لکي سگهجي ٿو پي ايڇ ڊي بہ ڪري سگهجي ٿي. مختصر ان لاءِ ائين چوندس.
فرائيڊ چيو آهي تہ عورت اونداهون کنڊ آهي. پر هن ڪھاڻي ۾ نفسياتي طور مرد منڌل آهي ۽ عورت سڌي آهي. روايتي مڪالمي کان هيءَ ڪھاڻي هٽيل آهي. مرد جو ڪردار خود پسند آهي. عورت روايتي بہ آهي. هي ڪھاڻي مڪمل وجودي ڪھاڻي آهي. جنھن ۾ گهڻو وجوديت جو متن آهي.
وجودي فلسفي چون ٿا تہ وجود جو ڪو بہ طئي ٿيل مطلب يا نصب العين آهي ئي ڪو نه، نہ وري ماڻھو ڪنھن مقصد مطابق ٺاهيو ويو آهي. ان لاءِ انسان سوچي ٿو تہ هو ڇو آهي ۽ سندس مقصد ڇا آهي؟
ڪھاڻي جو هن پئراگراف سنڌي نوجوان ليکڪ جو وجودي بحران اڄ بہ ساڳيو آهي: ”هونئن مون وٽ هو بہ تہ ڪجهہ نہ رڳو لفظن کان سواءِ، مان ٻہ لک خوبصورت لفظ تہ هئا (آهن) پر ٻہ لک روپيا ڪو نہ هئا.“ ص_17

اڪيلو ڪمرو ۽ سيليف پورٽريٽ: طارق عالم ابڙي هن ڪھاڻي کي سنڌ يونيورسٽيءَ جي تاريخ چيو آهي. هيءَ ڪئمپس ڪھاڻي آهي. هن جي پس منظر ۾ انيڪ موضوع آهن پر بک هن ڪھاڻي جو پسمنظر آهي. ڪھاڻي جو ڪردار سوچي ٿو: ”علامہ آءِ آءِ قاضي جي مزار تي، ايلسا قاضي ڀر ۾...! تڏهن سوچيم: قاضي پاڻ کي ڇو ماريو؟“ ص _35
علامہ آءِ آءِ قاضي پاڻ نہ ماريو هو اهڙو ذڪر مون پنھنجي ڪتاب جيڪو ليکڪن جي خودڪشين بابت آهي ۾ ڪيو آهي. علامہ قاضي کي ائڊاپٽيڊ سن ماريو هو. جيڪو جمال ابڙي جي آتم ڪٿا ۾ بہ لکيل آهي. ان پٽاڙ ۾ نہ ٿا پون.
منشي پريم چند ڪھاڻي جي لاءِ چيو آهي تہ ”زندگيءَ جي ڪنھن بہ هڪ پھلوءُ ۽ جذبي کي افسانو ظاهر ڪري ٿو.“
اخلاق انصاري جي ڪھاڻين ۾ هڪ خاص پھلو تہ آهي ئي آهي پر اهي ڪھاڻيون سڀ رنگ سانول آهن. هن ڪھاڻي جو هڪ پھلو بک آهي ۽ ٻيو آهي انسان. جنھن لاءِ ليکڪ لکيو آهي:
”انسان ڇا آهي؟
مادو، جو جڳھہ ولاري ۽ وزن رکي.“ ص_42
پوسٽ ماڊرن سماج ۽ مشيني دؤر ۾ انسان ڇڙو جڳھہ والاري ٿو ۽ وزن رکي ٿو. ڪيڏي اهم ڳالھہ هن ڪھاڻي ۾ لکيل آهي.
ٻيو هن ڪھاڻي جو نقطو جنھن گهڻو پريشان ڪيو آهي اهو آهي: ”سيٽسفيڪيشن ڪانھي ڪٿي..“ ص_ 36
اخلاق جون ڪھاڻيون جديديت جي فڪر ۾ زندگي جي ڳوڙهن نقطن ۽ وجودي احساسن بابت آهي. اها سوچ ۽ مسئلا حاوي آهن هرڪھاڻي ۾.

سروپ ڪروپ: ڪي سال اڳ جڏهن سائين جي ايم سيد جو ڪتاب ”سنڌو جي ساڃاھہ“ پڙهيو هيم تہ ان ۾ اها ڳالھہ بہ هئي تہ قلندر جي درگاھہ تي 90 جي ڏهاڪي ۾ لنگ پوڄا ٿيندي هئي جيڪا بعد ۾ هاڻي ختم ڪئي وئي آهي. ڪھاڻي ۾ ڪلاسيڪل سنڌي شاعري جي فڪر جا اولڙا آهن لفظن ۾ ميٺاج ۽ نج پڻو آهي. ڪلاسيڪل سنڌي شعر جون سٽون سمائي ليکڪ ڪردار واتان پنھنجي من جي ڀاونائن کي چٽيو آهي. جيڪو سلاست سان ڀرپور آهي. دقيانوست جي پاڙ پٽيندڙ تہ هن ڪھاڻي جو ڪلائيمڪس آهي پرملا جيڪا ڏاڍي ڀولي آهي.
هن ڪتاب تي لکندي مون گهڻي ڪوشش ڪئي آهي تہ اجائي پٽاڙ نہ ڪريان ۽ ڪي ڪم جون ڳالھيون ڪري پورو ڪري وڃان.
سروپ ڪروپ ڪھاڻي ۾ است جي وردتا بہ عجيب نموني عڪس بند ڪيل آهي. اولاد ڪاتر هوءَ ڇا ڇا پئي ڪري. اخلاق انصاري ڪھاڻين جي ڪائنات آهي جيئن ڪائنات کي ڏس تہ اچرج اچيو وڃي ائين هن جون ڪھاڻيون پڙھہ تہ ڏاهي کي ڏک وڌيو وڃن ۽ حيرت سمان ڪيفيت ۾ ٿيو وڃي.

Balanced/Unbalanced ماڻھو: جارج ڪارٽن George Cartin جو چوڻ آهي تہ ”ڪجهہ راتيون اهڙيون هونديون آهن، جڏهن بگهڙ خاموش هوندا آهن، ۽ رڳو چنڊ دانھون ڪندو آهي. پر اسان جي زندگين ۾ هر رات اهڙي هوندي آهي. جڏهن چنڊ پوري سگهہ سان دانھون ڪندو رهندو آهي.“ (4)
”بئلنسڊ ان بئلنسڊ ماڻھو“ واري ڪھاڻي جو ڪردار بہ دانھون ڪندو رهي ٿو. پر اخلاق جي ڪھاڻين جا ڪردار راتين ۾ رڙندا رهن ٿا. هن جي ڪھاڻين ۾ رات جا منظر بہ جماليات سان ڀرپور آهن.
شعور جي دانھن اوچي هوندي آهي. اها ئي دانھن هن ڪھاڻي جو محور آهي. ماءُ سان اونسيت اخلاق جي اڳين ڪھاڻي ”نڀاڳو“ ۾ بہ آهي تہ هن ڪھاڻي ۾ بہ آهي. ماءُ سان محبت جي ڳالھہ دنيا جي بي شمار ليکڪن ڪيون آهن. جيئن سائمن ڊي بوار پنھنجي ماءُ جي پوين ڏينھن ۾ بيماريءَ جي گهڙين تي هڪ احساساتي ناول A Very Easy Death لکيائين.
انيس انصاري لکي ٿو: ”اخلاق پنھنجي والدہ سان گهڻي محبت آهي. گهر ۾ ايندو تہ وڃي وٽس ويھندو ۽ ليٽي پنھنجو مٿو سندس هنج ۾ رکندو. ص_ 109
تخليق ڪار جا داخلي احساس هنن جي ڪردارن ۾ پيوست ٿي ويندا آهن ائين اخلاق انصاريءَ سان بہ ٿيو آهي.

ڏک: اڻ کٽ سلسلو: آئون اڪثر سوچيندو آهيان دنيا ۾ جيڪڏهن ڪو بہ Confilct آهي تہ اهو صرف ڪميونيڪيشن نہ هجڻ جي ڪري آهي. هن ڪھاڻي جو هيرو بہ پنھنجي محبوبہ ڊونا سان ڪميونيڪيشن ڪرڻ ٿو چاهي! جن بہ ڪميونيڪيشن پڙهي هوندي. اهي هن ڪھاڻي کي ضرور ڪميونيڪيٽ ڪري ويندا. ڪھاڻي جو هيرو Hybirdized آهي ۽ ان دؤران هُو نہ ڄاڻ ڇا ڇا چوي ٿو ان مان هڪ مڪالمو هتي توهان پڙهندڙن جي لاءِ لکان ٿو:
”ڊونا! بس لاش جي اهميت گلن سان وڌي ويندي ڇا؟“ ص_74
اختلاط ۾ هو پيو ٿو ڳالھائي ۽ ڊونا جو پيو ٿو هنياءُ ڇڏي!
اخلاق انصاري اڄ کان چاليھہ سال اهڙين ڪيفيتن ۾ رهيو آهي ۽ اهڙي ڪھاڻي لکي اٿس تہ پوسٽ ماڊرن سماج ۾ تہ هن جي ڪيفيت سارتر جي Nuassa جھڙي هوندي. ڏک پيڙا تمام وڏو ۽ وسيع ترين موضوع آهي پر ڪھاڻيڪار جھڙي طرح ان کي هن ڪھاڻي ۾ سمايو آهي اهو ڪلا جو ڪمال آهي.
ماڻڻ نہ ماڻڻ جي وچ تي:
”پيار ڊگرين جو محتاج نہ هوندو آهي.“ ص_ 83
يا وري هي پئراگراف:
”ڏس نہ ائين نہ آهي تہ توکي حاصل ڪرڻ جي هينڊريڊ ميٽر ريس ۾ اهو پنجابي انجنيئر ماري ويو مون کي.“ ص_ 89
هن ڪھاڻيءَ جو هڪ نقطو طبقاتي گهٽ وڌائي جو آهي. هيءُ اڄ جي ڇوڪرو/ڇوڪري جو عام ذهني مونجهارو آهي ۽ خاص ڪري ڇوڪرو سدائين ان نوڪري/پئسي ۽ ملڪيت جي تارازي وڃي ٿو ۽ پوءِ ئي رشتا ناتا جڙن ٿا.
اڃا تہ ان نفسياتي اوچ نيچ ۾ واڌ اچي پئي. ازدواجي مسافتون ضرورتن جي پورائي سان سڦل ٿين ٿيون نہ تہ علحيدگي عام سنوڻ آهي. هيءَ ڪھاڻي طبقاتي ڪشمش جڏهن انساني ذهن جي پاڙن ۾ پوي ٿي تہ ان جو جنم هي ڪھاڻي آهي. هن ڪھاڻي ۾ ٻيو بہ گهڻو ڪجهہ آهي سمجهو ڪي سمجهن.
هيٺ طبقي جي Complexes کي ڪھاڻيڪار ڏاڍي بري/بي رحمي سان نندي ٿو/پيش ڪري ٿو. اهڙو پئراگراف هيٺ ڏجي ٿو:
”اسان جي هيٺين ڪلاس جا ماڻھو پنھنجي زالن کي پيار نہ ڪندا آهن، هو اسان جي مائرن کي Rape ڪندا آهن ۽ مان بہ پنھنجي پيءُ جي زيادتيءَ جو نتيجو آهيان. ڀل منھنجا پنج ئي ڀائر پنھنجي نالي اڳيان پيءُ جو نالو ڳنڍين پر مان ائين ٺيڪ آهيان _ توهان کي اجازت آهي مون کي حرامي چوڻ جي.“
ص_81
ڪھاڻيڪار هن سماج جي بي ڍنگائي ۽ فرسٽيشن کي ائين ظاهر ڪري ٿو وڌيڪ پڙهندڙ پڙهن ۽ ڄاڻن. اخلاق انصاري مون کي ڪھاڻيڪار سان گڏ هڪ نفسياتدان بہ لڳي ٿو.
هن ڪھاڻي جي هيروئن موکي آهي. جا ڪھاڻيڪار جي Narrator کان وڇڙي وڃي ٿي ۽ لامحدود سورن جي حوالي ٿي وڃي ٿو.
ماڻڻ نہ ماڻڻ جي وچ تي ڇا آهي؟ منھنجي خيال ۾ موت آهي يا وري خليل جبران جي هنن خيالن سان ڳالھہ کي چٽو ڪري سگهجي ٿو.
جبران جو چوڻ آهي تہ: ”منھنجو شروع کان وٺي اهو ويساھہ رهيو آهي تہ ”انسان اوچتو نہ ٿو مري پر تنھا ٿورو ٿورو ٿي مرندو رهندو آهي. جڏهن هن جو ڪو دوست مري ويندو آهي ته، هو ٿورڙو مري ويندو آهي ۽ جڏهن ان جو پيارو کيس ڇڏي ويندو آهي ته، ٿورڙو وڌيڪ مري ويندو آهي ۽ پوءِ انھن سڀني مئل ٽڪرن کي ڳولھڻ لاءِ موت ايندو آهي ۽ انھن سڀني کي ميڙي هليو ويندو آهي.“

ٻار جي ٽرئجڊي: هي ڪھاڻي فليش فڪشن ۾ اچي ٿي. ٻاراڻي ذهنيت کي ڪھاڻيڪار جيئن جو تيئن چٽيو آهي ڪا بہ مصنوعيت نہ اپنائي آهي.
اندر ڪارو ڪانءُ: جيئن مون مٿي چيو آهي تہ سمورا ايذاءُ ۽ عذاب بک مان جنم وٺن ٿا. ائين اها بک فقير جي هجي يا ليڊر جي اها بس بک آهي ٻنھي کي ماني کپي پر ليڊر هن ڪھاڻي ۾ ڪانءُ آهي ۽ فقير جي ماني کسجڻ جو ڪارڻ به!
داس ڪئپٽال: هي ڪھاڻي کاٻي ڌر جي ساٿين تي Satire آهي. مجبوري ۽ ڪسوٽي ڪھاڻين ۾ بہ ماڻھن جون عجب ڪسوٽيون آهن انھن کي پرکڻ جون.
اخلاق انصاريءَ جون هي ڪھاڻيون جديد ڌارئن سان سلھاڙيل آهن جن ۾ انسان جي نفسياتي ڳر جو تذڪرو آهي.
جلال الدين رومي جي لفظن ۾:
”هي ڳالھيون ارهن ۾ پيل کير وانگر آهن،
اهو کير چوسي ڪڍڻ وارن کان سواءِ
ٻاهر نہ نڪرنديون!“

هوش محمد ڀٽي

رستا

اندر گهڙيو تہ آفٽر شيو لوشن جي خوشبو پاڻ ۾ گم ٿيندي محسوس ڪيائين. هلڪي ٿڌ ۾ هلڪي بدبو نڪ ۾ تيزيءَ سان گهڙي ويس. هن رسيپشن ڪائونٽر ڏانھن ڏٺو تہ رش هئي. مريض دريءِ جي سيخن سان چنبڙيل، ڪنھن جو ڳلو سڄيل تہ ڪي سنھڙا سڪڙا، ڪن جا منھن ڦريل، سخت عذاب ۾ ٻانھون لڙڪائيندڙ، ڪارڊ تي نمبر نہ هڻائيندڙ ڄڻ تہ زلزلي جا ستايل امداد وٺندا هجن.
صوفن تي مريض ليٽيل ۽ ويٺل ڏسندو. اڌ گول ۾ ڪاريڊور لتاڙي (Radio-therapy) جي حصي ۾ ڪوبالٽ 60 سيڪشن ۾ پنھنجي ڪرسيءَ تي ويٺو تہ تھائين تيز ڌپ محسوس ڪيائين.
اڃا ويٺو ئي مس تہ پٽيوالو آيس.
ڊائريڪٽر صاحب....
”ها سڏي ٿو“، وچ مان ڪٽيندي چيائينس: ”اچان ٿو.“
ڊائريڪٽر جي آفيس ۾ تيز ايئرڪنڊيشنڊ جي ٿڌ ۾ ايئرريفريشر جي خوشبو.
ــــــــ ليٽ ڇو آيو آهين.
ــــــــ ڪم هو.
ــــــــ پنھنجو ڪم ڪر يا تہ نوڪري.
ــــــــ جي.
ڊائريڪٽر ڪرڙيون اکيون ڪري ڏٺس ۽ پوءِ ٽيبل ليمپ جي روشني ۾فائيل پڙهڻ لڳو. هي ڪجهہ سيڪنڊ بيٺو، خاموشي ڏسي ٻاهر نڪري آيو.
پنھنجي سيٽ تي ويھي، هن پلاسٽڪ جي ٿيلھيءَ مان ٻہ بوائل آنا ڪڍي آهستي آهستي کائڻ لڳو. نيرن ڪيائين تہ در مان سندس هيڊ سائنٽفڪ ون زبير داخل ٿيو. ٻنھي ڪنڌ لوڏيا، سلام ٿيو. هو پنھنجي پارٽيشن ٿيل آفيس ۾ وڃي ويٺو.
ــــــــ ديدار.
ــــــــ جي سر.
ــــــــ ديدار بابا، ڪھڙا حال آهن.
ــــــــ سر، مان تباھہ ٿي رهيو آهيان.... ڪاڏي وڃان؟
سائنٽفڪ ون زبير هن کي جذباتي ڏسي مرڪيو ۽ اوچتو در جي شيشي مان ٻاهر ڏٺائين. ٻاهر وارڊ بواءِ شمس نڪ ۾ ٿيل ڪينسر واري مريض کان پئسا وٺي هيڏي هوڏي ڏسي کيسي ۾ وجهي ڇڏيا. هن کي ائين لڳو، هن جيڪي جيت ان نڪ ۾ ٿيل ڪينسر واري مريض مان ڪڍيا هئا، جن سان سڄي گينڊي ڀرجي وئي هئي، اهڙو اڇو جيت وارڊ بواءِ شمس هجي.
سائنٽفڪ ون، هن ڏي ڏسي چيو: ديدار، وارڊ بواءِ تون بہ آهين ۽ وارڊ بواءِ شمس بہ آهي.... فرق رڳو ذهنن جو آهي. هو فوم واري ڪرسيءَ ۾ اندر هليو ويو.
سوچي ٿو ــــــــ
سپاهي، جنھن کان هن کي ڪيڏي نفرت هئي، ان ئي سپاهيءَ شھر ۾ ريڙهيءَ واري تي دهمان ڪري ڏھہ روپيا ورتا هئا. ان ريڙهيءَ وراي ڪيڏي عذاب سان ويھن مان ڏھہ گهٽ ڪري، هن کي ٻانھون ٻڌي ڏھہ رپيا ڏنا هئا ۽ اهوئي سپاهي جڏهن اٺن سالن جي پٽ کي چيڪ ڪرائڻ لاءِ آيو تہ ڊائريڪٽر جنھن کي ”ڪلينڪ الائونس“ ملندي بہ ڊيوٽي ٽائيم ۾ چيڪنگ جا سٺ رپيا ورتا هئا.
ڊائريڪٽرـــــــ
سپاهي،
۽ پاڻ، پاڻ جنھن پھرين تاريخن ۾ ئي گوشت کاڌو هو. ۽ پنجاھہ رپيا دوست جي شاديءَ تي ڏئي، خوشي نہ پر ڏک ۽ عذاب سَٺو هئائين.
هن چيمبر جي ٻاهران ڏٺو، مريض گڏ ٿيندا پئي ويا.
ايپران پائي در کولي ٻاهر بيھي سڏيندو ويو.
”پھريون نمبر.“
”جي صاحب.“
هن ڪارڊ وٺي پڙهيو. مريض جي ڳلي تي ڏٺائين مارڪر جو نشان. مريض کي ”گاماٽران“ جي هيٺان اسٽريچر تي سمھاري، اسٽريچر کي هيٺ مٿي، کاٻي ساڄي ڦيرائي مريض کي چيائين، ”چُرجانءِ نہ.“
مريض اسٽريچر تي ۽ ائيرڪنڊيشنڊ جي ٿڌ ۾ ننڊا کڙو ٿي ويو هو، تنھن آهستي چيو ”نہ.“
۽ هن ٻاهر اچي در بند ڪري ٽي ــــــ وي سيٽ تي ڏسي بٽڻ آن ڪيائين. اسڪرين تي ڪرڻن جي ڌار مريض جي ڳلي ۾ هلي وئي. ڪجهہ سيڪنڊن کانپوءِ هن در کولي مريض کي اسٽريچر تان اٿاريو. مريض جي منھن ڦڪي پر روشن مُرڪ هئي.
ٻيو نمبرـــــــ
.... سندس منھن سڄيل ۽ زخميل، ڄڻ ڪنھن اڏيءَ تي رکي مٿان قيمي ڪرڻ لاءِ ڪات هنيا هجن. رت، پونءِ ۽ ڌپ.
هن سوچيو، بچندو ڪونه، وڌ ۾ وڌ چار هفتا.
ـــــــ سائين ـــــــ
ـــــــ ها بابا،
”الاهسئون مران ٿو.“ چچريل گهگهو آواز.
هن گاماٽران مشين سان گاماريز ڏنس تہ کيسي مان ڏھہ روپيا ڪڍي ڏيڻ لاءِ ڪيائين مس تہ چيائينس، ”نہ بابا نہ.“
مريض کيسي ۾ ڏھہ روپيا واپس وجهي ڀڻ ڀڻ ڪندو هليو ويو.
ٽيون نمبر....
چوٿون.......
پنجون.......
ڇھون........
۽ پوءِ ٻُڌل، مريض جي آوازن جا لڳاتار پڙاڏا:
ـــــــ سائين... مران ٿو، پھرين مون کي....
ـــــــ ائي لي ڙي
ـــــــ کئون، کئون ـــــــ
ـــــــ اڙي ڳچي ٿي ڪپجي ڙي.
ـــــــ ۽
ـــــــ صبح جو ماءُ کان ٻڌل جملا:
ـــــــ پٽ
ـــــــ فدا کي اسڪول جو يونيفارم....
ـــــــ گيس جو بل
ـــــــ بجلي جو بل
ـــــــ ڀاڄي واري جا ٽن ڏينھن جا پئسا.
گهر ۾ عذاب.
سينٽر ۾ عذاب.
ايپران لاهي آهستي آهستي آفيس جو در کولي، اڌ گول ڪاريڊور ۾ اچي شيشي واري در مان ٻاهر ڏسڻ لڳو. ٻاهر ڳاڙها گل ۽ اندر پيلا چھرا. ٻاهر چمپا جي هيٺان سنگمرمر جي اڇي پليٽ تي لکيل لفظ ياد اچي ويس، جيڪي کيس ڏاڍا وڻندا آهن
Silent Spring
In the memory of those
Who perished in the service of mankind.
سوچ ذهن ۾.
ڪير ڪنھن جي لاءِ ڪري بہ ڇا ٿو؟
ڇا جي خدمت.
پٽيوالي کان وٺي وڏي صاحب تائين سڀ ڄڻ تہ ڪينسر جي فٽ مان رت چوسيندڙ جيت.
اسٽور ڪيپر.
جيڪو پرچي وٺي ستن دوائن مان ٽي مريض کي ڏئي چار کيسي ۾ وجهي پرچي تي نمبروار ٽڪ ڪري چوندس، ”هي ٽي آهن، باقي چار ختم ٿي ويون آهن، وڃي شھر مان وٺ.“
ان ئي اسٽور ڪيپر پنھنجو علاج ڪرڻ لاءِ ابتيون سبتيون دوائون کائڻ ڪري ڪنڌ ۾ سور وڌي ويس ۽ آخر هڪ هنڌ بيھجي ويس. هاڻ رڳو Tranquillizer کائي ڪرسيءَ تي ليٽيو پيو هوندو.
وارڊ بواءِ
ڊائريڪٽر
اسٽور ڪيپر
پٽيوالا.
(ڪير ٿو خدمت ڪري؟ ڪير نہ ٿو ڪري!)
ديدار.
هن پٺتي ڏٺو. پٽيوالو بيٺو هو، جنھن چيس:
ـــــ ”ڊائريڪٽر صاحب سڏيو ٿو.“
ـــــ جي.... اچان ٿو.
هو روم مان ايپران پائي، شفاف شيشي مان نظر ايندڙ شيڊ کي ڏسي، وار سڌاري آهستي آهستي ڪاريڊور پار ڪري ڏاڪڻ تي چڙهيو. در کولي اندر ٿيو.
ڊائريڪٽر کيس ڏسي چيو، ”فلم بيج ۽ پينٽوزيميٽر جي چئن هفتن جي رپورٽ مان اهو آهي تہ توکي بہ Radiation لڳا آهن. وڌيڪ لڳئي تہ ڪينسر نہ ٿي پوئي.... سو تون ڀلي وڃي مھينو آرام ڪر.... هونءَ بہ حرامخورآن... توکي تہ رڳو موڪل کپي، وڃ هتان!“
هي تيز اچي، ايپران لاهي سائنٽيفڪ ون کي سلام ڪري، مين گيٽ مان سينٽر کان ٻاهر نڪتو. هڪ وڏي ساھہ سان آڪسيجن اندر ڪري وات مان ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ ڪڍي ڳاڙهن گلن کي ڏسڻ لڳو:

”Stop Frame“
”هو شھر ۾ دڪان تي ويلڊنگ ڪري ٿو.“

ڊگهي سفر جي آخري منزل

[پڇاڙيءَ جي شروعات]
ڏس، ٿيو هاڻي اهو ئي جيڪو ٻنھي نہ چاهيو. مان توتي بار ٿيڻ نہ ٿي چاهيان. ڏس، تون سوچ تہ مان توسان هن حالت ۾ ڇا ٿي ”شيئر“ ڪري سگهان!
.........
.........
توکي ياد هوندو تہ اسان هڪ ٻئي جي ڊائرين تي هر سال جي پھرين ڏينھن اهو لکندا هئاسين:
نہ ڪو واعدو وٺنداسين
نہ ڪو واعدو ڏينداسين
ڇو؟
ڇو جو سڀ واعدا ڪوڙا هوندا آهن.
اسان هڪ ٻئي سان اوستائين گڏ هلنداسين
جيستائين هلي سگهون بنا ڪنھن بار جي،
جڏهن بہ بار بڻجون تنھن کان اڳ
ڇو نہ دوستن وانگر هٿ لوڏي مرڪي جدا ٿي وڃون.
نہ ڪو واعدو ڏيون
نہ ڪو واعدو وٺون.
سارو شھر اوندھہ ۾ آهي. هوا جا سوساٽ آهن. ڪجهہ وقت اڳ تيز طوفان سان مينھن پيو هو. بجلي فيل ٿيڻ ڪري چوڌاري اوندھہ آهي. رڳو مائڪرو ويو جون ٻہ ڳاڙهيون بتيون ٻرن اجهامن ٿيون. هي اسٽيشن تي شيڊ جو پِلر کي ٽيڪ ڏئي سوچي ٿو:
کيس مان يونيورسٽيءَ جي پھاڙين تي گهمندي چيو هو : شاهي ڏس، تو وٽ ڇو ايندو آهيان؟
.............
هونئن؟
سيٽسفڪيشن لاءِ.
ها، سيٽسفڪيشن رڳو ان ۾ ملندي آهي تہ ڪو ڪنھن لاءِ سچائيءَ سان سوچي. تون بہ مون لاءِ سچائي سان سوچ ۽ مان پڻ تو لاءِ، پر.... هونئن تہ شھر ۾ پنجاھہ روپين ۾ عورت ملي ٿي وڃي. عورت ڏاڍي سستي هوندي آهي. شاهي، توکي اڳ چيو هئم تہ سارتر سچ چيو آهي: ”زندگي رڳو انتظار جي ڪيفيت ۾ گذري وڃي. ورڻو ڪجهہ بہ نہ آهي“.
۽ تون هئينءَ سارو وقت سمجهائڻ ۾: هي ڪهڪشائون، هي حادثا، هي ڄمڻ مرڻ جو سرڪل ـــ ڇا اهو سڀ ڪجهہ بي مقصد آهي؟ ڇا ان ۾ ڪجهہ بہ حاصل نہ ٿو ٿئي؟
مون تو سان بحث ڪرڻ نہ ٿي چاهيو: پر.... پر عورت جي ٽريجڊي اها آهي تہ هوءَ جسماني طرح Unfit آهي.
۽ تو چيو هو: مرد ”ذهنيءَ طرح“. ڇاڪاڻ تہ عورت Creater آهي ۽ تڏهن تہ ٻئي Balanced ٿي سگهيا آهن.
شاهي، اها منجهند ڪيڏي نہ خوبصورت ۽ ڪيتري نہ نفرت لائق هئي! جهڙ ٿي ويو هو ۽ مينھن جو هلڪو وسڪارو ٿيو. سڄي ڪيمپس جا ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون پُر امن بائڪاٽ ڪري ڪلاسن مان نڪري ائين ئي ٽولا ٺاهي پھاڙين تي پئي گهميا ۽ کليا.
۽ ها، ان ئي ڏينھن تو ۽ مان ڪيڏو نہ سيڪس تي بحث ڪيو هو ڪيڏو کليا هئاسين فرائڊ جي ان خيال تي تہ هر وڏو ماڻھو ــــ ليکڪ، شاعر، سنگيتڪار، جنسي مريض هوندو آهي.
۽ پاڻ فرائڊ کي پاڻ تي Confidence نہ هو. پوءِ سوچيوسين تہ جي ماڻھو Bisexual هجي ها تہ نہ فرائڊ سيڪالاجسٽ هجي ها ۽ شايد ئي ڪو ڪامپيلڪس هجي ها.
ان خوبصورت موسم کي ٻئي Enjoy نہ ڪري سگهياسين جڏهن خبر پئي تہ هڪ شاگرد يونيورسٽي ڏانھن ايندي بس اسٽينڊ تي بس پٺيان ڊوڙندي اونڌي منھن ڪري پيو. بس مٿائنس چڙهي ويس، ڦٿڪيو ئي نہ. ڄڻ رسي ويو هجي. ڏک هو تہ ٻنھي کي اندر ۾. پاڻ کي سيٽسفاءَ ڪرڻ لاءِ تو ڪيمسٽري ڊپارٽمينٽ ٻاهران بيٺل املتاس جي وڻ مان پيلا گل پٽي اولھہ طرف شاگرد جي نالي ڪري اڇلايا هئا. پوءِ ڇوڪرن ٽھڪ ڏنا هئا، تنھنجي ان حرڪت تي. ڀرسان بيٺل ڊپارٽمينٽ جي پٽيوالي اسان کي چيو هو: ڏسو هو کلن پيا. اٿن ڪو احساس! پڙهيل آهن! ۽ مون ڏي منھن ڪري چيو هئائين: ”صاحب، ڇوڪريءَ ۽ بس پٺيان ڊوڙجي ئي نہ اهي هڪ ٻئي پٺيان پيون اينديون.“ توکي ان جو جواب وڻيو بہ هو، الائي نہ، بس تون ۽ مان خاموش هئاسين سارو ڏينھن.
مان تہ يونيورسٽي پيريڊ ۾ ڪنھن ڇوڪريءَ لاءِ نہ ڪو گل پٽيو هو ۽ نہ ئي ڪو شعر ياد ڪيو. بس تون هئينءَ جو ان اصول تحت تہ ٻئي شيئر ڪنداسين دوستن جيان.
جڏهن هڪ ڀيري ڊپارٽمينٽ ٻاهران فري پيريڊ ۾ ڏاڪڻ تي ويھي منھنجي رف ڪاپي وٺي چيئه: اڄ، توکي اسائينمينٽ ٿي ڏيانءِ. تون چوندو آهين نہ تہ ميٿميٽڪ جو اصول آهي تہ اها Accuracy ٻڌائي ڇڏي ۽ هن سوال جو ميٿميٽيڪل Accurate جواب لک:
تون + مان
مان + تون =؟
۽ مان جواب ۾ لکيو هو:
تون + مان
مان + تون = مان، تون
تون وائڙي ٿي وئي هئينءَ. شايد سوچيو هئي تہ مان لطيف سائين وارو جواب ڏيندس: مون ۾ آهين تون.... پر ڏس، توکي چيو هئم: هر هڪ کي الڳ ۽ بلڪل مڪمل پرسنلٽي آهي. هڪ ٻئي ۾ گم ٿي پنھنجي شخصيت ڇو وڃائجي.
ڪيڏو خوبصورت ٽائيم هو. پاڻ اڪثر سونھري شام جو نڪرندا هئاسين، تون پنھنجي ۽ مان پنھنجي هاسٽل مان. ملندا اُت هئاسين، جت روڊ اچي ڪراس ٺاهيندا هئا. ڪراس جي وچ تي گول دائري ۾ ٿوهر پوکي ڇڏيا هئائون. مان توکي چيو هو: اهي عيسيٰ اٿئي. سڀ ڄڻ تہ ڪراس تي ٽنگيل آهن. تو چيو هو: تنھنجون سڀ تشبيھون رڳو ڏک تي هونديون آهن، تون ڳائين بہ تہ رڳو ڏک ۾ ۽ تنھن تي چيو هئم:
ڏس، اڄ بہ ڏک آهــــي
سـڀاڻـي بہ ڏک هــونـدو
زنــدگــي بہ ڏک آهــــي
مـــــــــوت بہ ڏک آهـــــي
شـروعـات بہ ڏک آهي
۽ انت بہ ڏک آهي. ڏک کانپوءِ بہ ڏک آهي. ڏک ئي ڏک آهي.
۽ موٽ ۾ چيو هيئي: پوءِ مون وٽ اچي سک جون گهڙيون گهار ؟
چيم: ها، ماڻھون ڪڏهن ڪڏهن ڏک مان بہ سک حاصل ڪري وٺي.
ان رات جڏهن مٿي ستارا هئا ۽ هيٺ تون ۽ مان تڏهن پنھنجا چپ تنھنجي چپن تي رکي توکي چيو هئم: اڄ مان توکي دنيا جي ڊگهي ۾ ڊگهي ڪِس ڪندس. پنجويھن منٽن جي لڳاتار ڪس ڪرڻ کانپوءِ پاڻ ڇڏائي تو پڇيو هو: تون ڪنھن جو آهين؟
پنھنجو.
۽ پوءِ پرتي ٿي چيو هيئي: تنھن جي معنيٰ تہ منھنجي ڪا اهميت ڪانھي.
نہ، بلڪل آهي، شيئر ڪرڻ جي حد تائين.
۽ پوءِ چپ رهي چيئي: I want to marry you.
توکي وري بہ چيو هئم: حاصل ڇا ٿيندو؟ ڪجهہ بہ نہ. شاديءَ کان اڳ بہ ڏک آهي، شاديءَ کان پوءِ بہ ڏک هوندو. جڏهن ڪا Change ڪانھي تہ پوءِ مان شادي ڇو ڪريان؟
هو پنھنجي عينڪ جي شيشن کي رومال سان اگهي اکين تي رکي ٿو. چوڌاري اوندھہ آهي. مينھن وري شروع ٿي ويو آهي. هوا جا سوساٽ آهن. هو تيلي ٻاري ٿو. ٻہ ٽي ڀيرا وسامي وڃڻ کانپوءِ هو ٻڪ کي سوڙهو ڪري هوا جي رخ کي پٺي ڏئي وري تيلي ٻاري ٿو. هن جي منھن تي روشني پوي ٿي: اکين ۾ ڳوڙها اٿس. سگريٽ دکائي ڇڪي ٿو. دونھون تيزيءَ سان گم ٿي ويو. هن کي وري يادون اچن ٿيون. پراڻا منظر پڪاسو جي ايبسٽريڪٽ آرٽ جيان ذهن جي ڪينواس تي اڀري ٿا اچنس:
تو چيو هو: خبر اٿئي، ڇوڪرين وٽ تنھنجو ڪھڙو اميج آهي؟
ڪھڙو؟؟
تہ تون ”Corrupt“ آهين.
ڀلا ڪير نہ آهي! هر هڪ آهي، تون بہ آهين، مان بہ آهيان، هو بہ آهن. جي ڪرپٽ آهن تہ سڀ آهن، جي نہ، تہ پوءِ ڪير بہ ڪونھي. ڇا ٻاهران خوبصورت ڇوڪرين جي ذهنن ۾ چڪلا نہ آهن؟
۽ ڏس پوءِ وري تو چيو: تو نانءَ چون تہ هر نئين سال جي رات وسڪي پيئندو آهي ۽ اگهاڙو ٿي وڏي واڪي روئندو ۽ ڳائيندو آهي. مان انڪار ڪٿي ڪيو هو! ڇا ڪپڙن ۾ ئي شرافت ڍڪجي وڃي ٿي. اهو شعر توکي ياد نہ آهي جنھن تي مون کي يونيورسٽيءَ جي اسٽيج تي پڙهڻ کان روڪيو ويو هو. مان وري ”گريٽ هال“ ٻاهران اهو شعر پوسٽر تي لکي لڳائي ويو هئم. ياد اٿئي اهو شعر.
”مون کي توهان کان لڪائڻ جي ڪا ضرورت ڪانھي. مان توهان جيان ئي آهيان بلڪل اڳيان توڙي پٺيان هيٺان توڙي مٿان
سڀ جسماني عضوا توهان وانگر ئي آهن.
مون کي توهان کان لڪائڻ جي ڪا ضرورت ڪانھي.
مان توهان جيان ئي آهيان
اسان سڀ هڪجهڙا آهيون
اچو تہ اسان سڀ ڪپڙا لاهي ڇڏيون“.
پر.... پر ڪپڙا تہ ڪنھن ڪونہ لاٿا. رڳو پوسٽر لاهي ڇڏيائون. وري جت ڪٿ هوٽنگ شروع ٿي وئي.
تنھنجو ساٿ سٺو رهيو. هونئن مون وٽ ٻہ لک خوبصورت لفظ تہ هئا (آهن) پر ٻہ لک روپيہ ڪونہ هئا.
۽ منھنجو Complex تہ هڪ ننڍڙو گهر هجي:
تو چيو هو: ڪڏهن سوچيو اٿئي تہ گهر ٿيڻ ۽ گهرواريءَ ٿيڻ ۾ ”سيٽسفيڪشن“ ڪنھن وٽ آهي؟ چپ ٿي ويو هئم. واقعي ڏک تہ هر هنڌ آهي. ۽ توکي چيو هئم: بس، ايم.ايس.سي ڪندس. جي نوڪري نہ ملي تہ ٿيلھو ڪلھي تي لٽڪائي ملڪ گهمندس. برما، سيلون، ٿائيلينڊ.
تون ڏاڍو کلي هئينءَ ۽ چيو هيئي: اُت ڇا رکيو؟ هِت ڀلا ڇاهي رکيو؟
۽ وري چيم: جي انھن ملڪن ۾ نہ گهمي سگهيس تہ لاڙڪاڻي واري چڪلي ۾ رهندس. لاڙڪاڻي کان پرتي هڪ ننڍڙو شھر پور وڇوٽ ويڪريون گهٽيون. هر گهر جو در کليل. ٻاهر عورتون ۽ ڇوڪرا ڇوڪريون گهمن بلڪل يونان جي ڪنھن اڳين خوبصورت ”اسٽيٽ“ جيان. تون کلي هئينءَ ڏاڍو ان ڏينھن.
اها اسان جي پھرين رات هئي گڏ گهاريل ڪلارڪ کان اڌاري ورتل ڪوارٽر ۾. هو ساري رات ٻاهر ستو هو ۽ تون ۽ مان اندر هئاسين. توکي چيو هئم: توکي Nude ڏسڻ ٿو چاهيان؟ تون اگهاڙي ٿي هئين تہ وري چيو هئم: تو سان سيڪس انجواءِ ڪرڻ ٿو چاهيان.
موٽ ۾ تو چيو هو: تنھنجي ۽ منھنجي وچ ۾ ”اٽريڪشن“ جو سبب اهو ئي آهي؟ روڪيانءِ ڪانہ ٿي. پر نہ ڪرين تہ سٺو منھنجي خواهش جو احترام ڪر، نہ تہ مون وٽ ڪجهہ بہ نہ رهندو. ۽ تون بلڪل ائين محسوس ڪندين تہ سڀ جيڪو زهر تو وٽ هو اهو منھنجي اندر ۾ اوتي پوءِ تون هليو ويندين. مان ائين اندر ۾ وھہ وٽا سنڀالي جڳ ۾ جيئنديس. ۽ پوءِ شاهي خبر اٿئي، مان چپ چاپ باٿ روم ۾...............
تو اڄ جڏهن حيدر لاءِ پڇيو تہ بس وري ذهن ۾ اچي ويو. پھريون ڀيرو شدت سان ياد ٿو اچي: حيدر توکي پيار ڪندو هو، بي انتھا پيار. پر هو سياستدان هو ۽ توکي سياستدان نہ وڻندا هئا. تون چوندي هئينءَ: اهي سڀ ”سئڊسٽ“ هوندا آهن. پر جڏهن توکي اها خبر پئي تہ هڪ رات حيدر مون کي هاسٽل جي مٿان وٺي وڃي ريوالور ڏيکاري چيو هو: چاهيان تہ توکي ماري بہ سگهان ٿو. پر منھنجو اهو وڙ نہ آهي. ڏس، مٿي هيءُ چوڏهين جو چنڊ ! هوا ۾ سرنھن جي خوشبوءِ توکي وڻي ٿي؟
بلڪل وڻي ٿي.
ها، اها مون لاءِ بہ آهي. مان بہ انسان آهيان. اهو سڀ ڪجهہ تون وري بہ ماڻي سگهين ٿو. بس، مان شاهي کي ايترو حاصل ڪرڻ چاهيان ٿو تہ مون لاءِ سوچي. ۽ مون کي خبر ناهي تہ مان اهو سڀ ڪجهہ وري زندگيءَ ۾ ڏسي بہ سگهندس الائي نہ. اسان انقلابي يا ڪال ـــــ ڪوٺڙين ۾ يا ڦاهيءَ گهاٽ تي.
پڇيو هو: حيدر ڪٿي آهي؟؟
جيل ۾ ــــ
ٻڌڻ سان چپ ٿي وئينءَ. ڪجهہ وقت کان وري پوءِ پڇيئي: گهڻي عرصي کان؟
ٽن سالن کان، ستن سالن جي سزا ۾.
تون چپ ٿي وئينءَ ۽ الائي ڪيترو وقت ماٺ ۾ رهينءَ. هو سارو سگريٽ پي ويو. هن کي ڪنبڻيءَ اچي ورتو. هوا تيز ٿي وئي. هن کي اندر ۾ ڏک آهي، بي انتھا ڏک. جڏهن ڪيترن سالن کان پوءِ کيس پراڻي محبوبا لکيو هئس اسٽيشن تي ملڻ لاءِ تہ هو بي انتھا خوش ٿيو. پوءِ وڍجي ويو جڏهن هن پنھنجي محبوبا ٻڌو:
ڏس، مون شادي ڪئي. سچ، ڏک اڄ بہ آهي، ڪالھہ بہ ڏک هو. ڏک شادي کان اڳ بہ هو، اڄ بہ آهي. بس ڏک ئي ڏک آهي. مون شادي بہ ڪئي ۽ ختم بہ ٿي وئي. مڙس ان ڪري ڇڏي ڏنو جو مونکي فالج ٿي پيو.
پوءِ.... پوءِ؟؟
بس، مان سندس لاءِ برڊن هيس، تڏهن تہ سيپريشن ٿي. مان.... هاڻ مان توسان شادي ڪرڻ ٿو چاهيان. مون کي خوشي ٿيندي توسان شادي ڪندي.
Sorry
ڇو؟!
ڏس، ٿيو هاڻي اهو آهي جيڪو ٻنھي نہ چاهيو. مان توتي بار ٿيڻ نہ ٿي چاهيان. ڏس، تون سوچ تہ مان توسان هن حالت ۾ ڇا ٿي شيئر ڪري سگهان.
.......
توکي سيءُ ٿو لڳي؟ تون ڏڪين پيو. هان هي شال ويڙھہ.
نہ.
ڇو؟
نہ، اها تنھنجي آهي. توکي ويڙهيل سٺي ٿي لڳي.
نہ.... نہ، تون کڻ نہ تہ مونکي ڏک ٿيندو. کيس محبوبا چيو.
نہ، مان نہ ويڙهيندس. ڀل ڏک ٿيئي. گهڻن ڏکن ۾ اهو هڪڙو ٻيو بہ ڏک ئي سھي.
سندس محبوبا جي منھن تي ڏک هو. هوءَ ڏک گاڏڙ، هلڪي ڳوري آواز ۾ کيس چئي رهي هئي: ڏس نہ، ڀل تہ هڪ ٻئي لاءِ پيار هجي. توکي ياد هوندو تہ اسان هڪ ٻئي جي ڊائرين تي هر سال جي پھرين ڏينھن اهو لکندا هئاسين:
نہ ڪو واعدو ڏينداسين
نہ ڪو واعدو وٺنداسين
ڇو؟
ڇو تہ سڀ واعدا ڪوڙا هوندا آهن
اسان هڪ ٻئي سان اوستائين گڏ هلنداسين
جيستائين هلي سگهون بنا ڪنھن بار جي
جڏهن بار بڻجون تنھن کان اڳ
ڇو نہ دوستن وانگر هٿ لوڏي مرڪي جدا ٿي وڃون
نہ ڪو واعدو ڏيون
نہ ڪو واعدو وٺون
۽ هاڻ، جڏهن مان توتي بار ٿي پوندس پوءِ ڇو نہ مرڪي موڪلايون. دوستن جيان هٿ لوڏي الوداع ڪيون.
هو چپ
هي چپ.
[شروعات جي پڇاڙي]
سيٽي وڳي آهستي آهستي گاڏي هلي پليٽ فارم کان پرتي ٿيندي وئي، تمام پرتي. هو هٿ لوڏيندو رهيو، لوڏيندو رهيو جيسيتائين ريل گاڏيءَ جي آخري ڪمپارٽمنٽ جي ڳاڙهي بتي پرتي ٿيندي ٽٻڪو بڻجي ڊهي نہ وئي. هو اڃان بہ هٿ لوڏيندو رهيو، هن جي اکين ۾ ڳوڙها هئا ۽ پوءِ هلڪي مرڪ.

رڃ ۾ رابيل

سائين اچي ويو“! ڏاڏي پيرل اٿندي چيو. ويٺل جون نظرون دونھين جي تھن کي چيرينديون در ۾ کپي ويون.
مرشد گل شاھہ در ٽپي اندر ٿيو. سڀ تڪڙ ۾ اٿي بيٺا. هر هڪ پيرين پئي مليس. عورتون تڪڙ ۾ مٿو ڍڪي سائينءَ سان ملڻ لڳيون، سائين کين مٿي تي هٿ رکي دعائون ڏيندو وين. مرشد سڀني سان ملي کٽ تي ويٺو.
”ڀاڳل وڃ رلھي کڻي آ“ مولوءَ رڙ ڪندي چيو. ”سائين واڻ تي ويٺو آهي.“ ڀاڳل رلھي کڻي اچي کٽ تي وڇائي. مرشد جتي لاهي کٽ تي ويٺو.
”بابا ڪيئن آهيو؟“ سائين منھن مٿي ڪري سڀني کان پڇيو:
”سائين سڀ سکيا آهيون“..... ٻہ ٽي آواز اٿيا.
سڀ خوش، چڱا ڀلا، جوڙ ئي جوڙ، مال وٿاڻ، ٻني ٻارو، دين ايمان، خير ئي خير آهن نہ؟؟ سائينءَ هٿن جا اشارا ڏئي سڀني کان پڇيو.
”سائين سڀ خوش ﷲ جي مھرباني آھي.... سڀ خير لڳا پيا آهن.“ مولوءَ وراڻيو.
”اوڙو پاڙو سڀ چڱا ڀلا، بھاريون ئي بھاريون آهن؟“
”سائين سڀ سکيا آهيون.“ نورل چيو.
”الحمدﷲ شڪر آ رب جو“ مرشد منھن تان هٿ گهمائيندي چيو.
”پيرل تون ڪيئن آن“؟؟
”سائين بس مولا جون مھربانيون آهن، مڙئي پيا ڏينھڙا گذاريون.“ ڏاڏي پيرل هڪ ساهيءَ ۾ ورندي ڏنس.
”اڙي ڪمون ڀيڻان، ڏس ڪڪڙ کي، ٻيلي سائين ڪوهن کان ڪھي آيو آهي. وارو ڪر ڙي!“ ڏاڏي پيرل ڇڙٻ ڏيندي ڪمونءَ کي چيو.
سائينءَ جي منھن تي مرڪ مڙي آئي. منھن مان نور پئي بکيس. اڇن کير جھڙن ڪپڙن ۾ فرشتو پئي لڳو. سائين آهي بہ فرشتو. سڀ سان سٺو هلي. پر اسان تي مڙئي مھرباني اٿس. سال سال جڏهن اوڳاڙي تي نڪرندو آهي، تہ سڀ کان پھريائين اسانجي ڳوٺ ايندو آهي. ۽ رهندو بہ اسان وٽ.
مرشد جي منھن تي ڪپھہ جھڙي اڇي سونھاري ڏاڍي پئي ٺھيس. ڪنڌ ۾ ڪفني ۽ ٻانھن ۾ ڪولابا پيل، پيرن ۾ ملتاني گهيتلو واھ جو پئي ٺھيس. سائين آهي بہ ڇا؟ فرشتو آهي فرشتو.
اڙي هوءَ ساران ڪٿي آهي؟ سائين پڇيو.
”ڪُتر پئي مَلي“ مامي جان محمد وراڻيو.
”جانو ابا سڏ ڪرينس. منھن تہ ڏيکاري وڃي پوءِ ڀل وڃي ڪم کي لڳي.“ سائين گل شاھہ چيو.
”سائين اچي پئي“ مامي جان محمد در ڏانھن ڏسندي چيو.
ساران آلن هٿن کي پوتيءَ جي پلوءَ سان اگهندي پئي آئي. ڪارن ڪپڙن ۾، بلڪل ڪڪرن ۾ وڪوڙيل چوڏهينءَ جي چنڊ وانگر پئي لڳي. ماسي اچي سائين سان ملي. سائينءَ مٿي تي هٿ رکي پڇيس.”مائي ڪيئن آهين“.
”خوش آهيان.“ ماسيءَ جي منھن تي الوڻي مرڪ ڦھلجي وئي. ماسي ساران آهي جھڙي شڪل جي معصوم، اوڏي آهي طبيعت جي غريب، نہ ڪنھن ڦڏي ۾ هٿ وجهي، نہ ڪنھن جي هڪ نہ ٻن ۾، بس پنھنجي منھن. ماسيءَ گلن جي آس رکي بہ ڪنڊن تي پنڌ ڪيو آهي. ڪيڏيءَ تڪليف کانپوءِ شادي ٿيس پر ويچاري ماسڙ جي بہ ڪا عمر کٽي هئي. چورن سان مقابلو ڪندي وڃي مورن جي هنج ۾ پيو.
ڪيڏو نہ ڏک ٿيو هو ماسيءَ کي، ان ڏينھن پنھنجي مٿان ڇپون ڪرندي محسوس ڪيون هيائين. اڳ خوشين جي ٽھڪن ڏيڻ واري، اڄ غم جي سڏڪن ۾ گم هئي ڪيڏي آس هيس تہ پٽ ڄمندو، هر هڪ کي چوندي هتي تہ ” مان پنھنجي پٽ کي پڙهائي مختيارڪار بڻائيندس“.
ماسڙ مراد ﷲ کي پرتو تہ سندس آسون جيڪي اڳ آسمان ۾ ٽنگيل هيس سي پاتال ۾ پيھي ويس. هاڻي تہ ماسي ساران جي زندگي ڇا آهي؟ جيئري دوزخ جو عذاب. ڪڏهن روئڻ ۾ ڇٽڪندي آهي، ڄڻ وڏ ڦڙو مينھن لھي پيو. ماسي سارو وقت گهر جي ڪم ۾ رڌل رهندي آهي. عبادت بہ اهڙي ڪندي جو مجال آهي جو پنجن وقتن مان ڪا نماز گسي وڃيس. روزا بہ سڀ رکي.
سڄي ڳوٺ ۾ سائينءَ جي اچڻ جي خبر سرنھن جي خوشبوءِ وانگر ڦھلجي وئي. ٻار ٻچو، ننڍو وڏو، اچي اسانجي ويڙهي ۾ گڏ ٿيو. چوٻول مچي ويو. شروع ٿيا ٽوڻا ڦيڻا، تڙ تعويذ، دعائون وٺڻ مھل هر ڪو خوش ڏسڻ ۾ پئي آيو. پر ماسي ساران جي نماڻن نيڻن ۾ نير ڇلڪي رهيا هئا.
اهو وقت ياد ڪري کيس ڏک کان اکيون آليون ٿي وينديون اٿس. جڏهن مراد جي جيئري سائينءَ کان ڪک سائي ٿيڻ لاءِ دعا پنندي هئي.
مرشد بہ وسان ڪونہ گهٽايو. دم دلاسا دعائون تعويذ ڏنائين تہ بہ آس پوري ڪونہ ٿيس. ڪيتريون ئي باسون باسيائين ماسڙ جي مرڻ کان اڳ آخري گهمرو، مرشد کي دعا، تعويذ لاءِ چيائين. سائين چيو هيس وقت اچڻ تي توکي پٽ ڏيندس.“ ان ڏينھن پاڻ کي ڪيترو نہ خوش نصيب سمجهيو هئائين ايتري خوشي جيتري ڪنھن ننڍي ٻار کي رانديڪي جي مليل دلاسي ڪري ٿيندي آهي.... پر... پر اڄ سائين ءَ کان ڪھڙي دعا پني؟! ائين ئي ٻين کي ڏسي پنھنجيون ڳالھيون ياد پيس تہ اکين ۾ پاڻي اچي ويس.
مامي جان محمد ڪاٺين کي هڪ ٻئي سان ٽڪرايو دکندڙ ڪاٺين کي ڦوڪ ڏنائين. باھہ ڀڙڪو کائي ٻري پئي، ڪنھن جوانيءَ وانگر وئي وڌندي. دونھون ٻاراڻي وهيءَ وانگر غائب ٿي ويو.
ماني اچي وئي ۽ سائينءَ کي کارائي وئي.
پتو ئي نہ پيو ڪافي دير ٿي چڪي هئي. سائين بہ سفر جو ٿڪل هو، ۽ باھہ وسائي هر ڪو سمھي پيو.
گوڙ تي اک کلي وئي. ويڙهي جا سڀ مرد عورتون ۽ ٻار هڪ هنڌ ڳاهٽ ٿيو بيٺا هئا. مردن جا منھن ٽامڻي هڻي ويا هئا. عورتون هراسيل هيون. ٻار روئي رهيا هئا. مامو جان محمد ماسي ساران کي ڄنڊن کان جهليون بيٺو آهي. ماسي ثڙڪي پئي. منھن جو پنو ئي لھي ويو اٿس. مامي جان محمد جو سٽر وٽر بدن ڪاوڙ ۾ ٿڙڪيو پئي. تڪڙ ۾ ٽپ ڏئي اٿيم. سوٽ انوءَ کان هٿ جي اشاري سان سوال ڪيم؟ ڀرسان آيو. ڏڪندڙ هٿ ڪلھي تي رکي ڪن ۾ آهستي چوڻ لڳو: ”اسر ويل ماسي ساران کي سائين گل شاھہ جي ڪوٺيءَ مان چرين وانگر ڀڄندي ڏٺو ويو. سندس چولو ڦاٽل هو. پوءِ سائين واھ جي ڪڙ ڏيئي ڀڄي ويو. پر ماسي... ماسي... جملو پورو ڪري نہ سگهيو. لفظ نڙيءَ ۾ اٽڪي پيس.
مان ڏڪي ويس اعتبار ئي نہ پئي آيو. هٿ ۾ ڦرندڙ تسبيح زبان تي ﷲ ﷲ.... نہ.... نہ سائينءَ ائين ڪيئن ڪيو هوندو؟!
اوچتو ماسيءَ رڙ ڪئي ”مونکي نہ ماريو ڙي.“
خيال منتشر ٿي ويا. ماسيءَ کي ميڙ جي وچ ۾ پڪڙي بيٺا هئس. ماسي هراسيل پکيءَ وانگر پئي لڳي، جيڪو کنڀراٽين هڻڻ سان آزاد تہ ٿي نہ سگهندو آهي. پر موٽ ۾ پڃرو لڏيو رهجيو وڃي.
مختلف آواز اٿيا.
”ماريوس ڙي ماريوس“
”اڃا نہ اڃا نہ.“
”اڙي هڻوس ڪھاڙي.“
”اڙي ڏاڏو پيرل اچي پوءِ ماريوس.“
”اڙي مون کي نہ ماريو ڙي، مون کي نہ ماريو مان حقي آهيان مون سان ناحق نہ ڪيو ڙي ”.... نہ ماريو اڙي.“ ماسي روئي بہ رهي هئي ۽ وڏي واڪي دانھون بہ ڪري رهي هئي. سندس منھن هيڊو پپل جي پنن وانگر ٿي لڳيس زبان هٿ جيڏي ٻاهر نڪتل. جنھن منھن تان ڪريل ڳوڙهن کي چٽي ٿي ڇڏيو. ڏاند جي اکين جيڏيون ڦوٽاريل اکيون، سندس ڦاٽل چولو ۽ اڻڀا وار هوا ۾ اڏري آزاديءَ لاءِ آتا هئا.
پريان ڏاڏو پيرل پئي آيو. ڏاڏي ڏسڻ سان رهندو ماسيءَ جي پٺن تي ڪھاڙيءَ جا ڳن هڻڻ لڳا. منھنجي بدن مان سيسراٽيون نڪري ويون. آس نراس جي ويرن ۾ وڪوڙجي ويس. اوچتو ازخود منھنجي جسم مان خوشيءَ جي لھر ڊوڙندي وئي ڇاڪاڻ تہ ڏاڏو ڏاڍو رحمدل ۽ نيڪ نمازي آهي ضرور ساران کي بچائيندو منھنجي اميد جو ڏيو وري بہ ٽم ٽم ڪري روشن ٿيڻ لاءِ آتو هيو.
ڏاڏو ويجهو اچي پھتو. ڏڪندي ڏڪندي وڏي آواز سان چيائين ”اري اڃان بيٺا آهيو“.... ماريو.... اڃان بيٺا آهيو، هي اسانجي خاندان تي اڻمٽجندڙ ٽڪو آهي اڙي ماريوس.... ڏاڏو ٿڙڪيو پئي.
اڙي مون کي نہ ماريو.... اڙي مان.... حقي آهيان....
”بس ڪر نامراد،“ غيرت ڀريل آواز اٿيو.
چانديءَ جھڙي چلڪندڙ ڪھاڙي هوا ۾ ڦرڙاٽ ڪندي وڃي ماسيءَ جي مٿي ۾ ڦاٿي ميڄالو ٻاهر نڪري آيس. اکيون ڦوٽارجي ويس پوءِ بہ اڃا ماڻھون جهلي بيٺا هئس. سندس بدن ۾ اڃا ڪجهہ ساھہ هيو. ٻہ ٽي ٻيون ڪھاڙيون لڳس زمين تي اچي ڦھڪو ڪيائين. ٻہ ڇڙيون هڻي، هڪ وڏي هڏڪي ڏئي منھن ڦيري ڇڏيائين.
منھنجي اکين آڏو اوندھہ اچي وئي. زالن ۾ روڄ راڙو مچي ويو.
”اڙي مرشد کي بہ تہ ماريو“ ڪنھن آواز ڪڍيو.
سڀني کي ڄڻ ڪاريھر ڪکي ويو، قبرستان جھڙي خاموشي ڇانئجي وئي سڀ وائڙا ٿي ويا، منھنجا لڱ ڪانڊارجي ويا.
ڏاڏي ڏڪندي غيرت مان ڀريل آواز ۾ چيو!
”بس ڪر نامراد قيامت ڪاري ڪرڻي آهي ڇا؟؟“

اڪيلو ڪمرو ۽ سيلف پورٽريٽ

خاموشي،
بلڪل خاموشي........!!
چپ چپات
ڪجهہ گهڙيون اڳ اقبال هاسٽل جي ميس مان چمچن جو پليٽن تي لڳڻ جو سريلو آواز ڄڻ تہ ڪي سرسوتيءَ جا سر هجن.
۽ هاڻ....؟!
خاموشي آهي، هاسٽلن جون بيتون هڪ هڪ ٿينديون، بند پيون ٿين! منھنجو مٿو ڦري ٿو. پڙهڻ لاءِ دل نہ ٿي چوي لکي بہ تہ، نہ ٿو سگهان، هٿ ڏڪن ٿا. بک تي ننڊ بہ نہ ايندي.
سوچيان؟
زندگيءَ تي،
زندگيءَ جي ڏاڪن تي،
کير پياڪ،
اسڪولي نينگر،
۽ لور (Lover)
ٽئي اسٽيجون، ٽن اسٽيجن تي الڳ الڳ سوچون، چاهنائون! ڇو تہ وقت، حالتون، مفاصلو انساني خواهشون بدلايو ڇڏي.
اڄ فوزيہ ملي. چيائين ڄاڻان ٿي تہ ”Silence is good“ پر پوءِ بہ ڇا ڳالھہ آهي.
جنھن جي ڄاڻ نہ اٿم. جنھن توکي چپ ڪرايو آهي.
چيومانس هر وقت، حالتون ساڳيون نہ هونديون آهن. حالتون جو اثر ذهن قبول ڪن. ائين الائي ڇو مان اصليت کي اداڪاري سان لڪائي نہ سگهيو آهيان.
آخر ڇا آهي ــــ؟
ڪجهہ بہ نہ.....!
ڀلا اڄ سَر ڇا پڙهايو؟

Everybody in the universe attracts every other body with a force which is directly proportional to the products of their masses and inversely proportional to the square of the distance between them.
(هر شيءَ ٻي شيءَ کي ڇڪي ٿي، مفاصلو ڇڪ کي گهٽائي ٿو.)
چيائين: بلڪل مان هاڻي سڀڪجهہ سمجهي ويم. تہ ٻڌ، پريشان نہ ٿي، پاڻ ائين آهيون جيئن ”ڏور بہ اوڏا سپرين“.
نہ فوزي.... وقت ۽ مفاصلي اڳيان، اسان مجبور آهيون، حالتون ناڪيلي آهن تہ مفاصلو ۽ وقت مھار ۽ جت، جنھن اڳيان اسان پنھنجيءَ مرضي مطابق اُٿي ويھي نہ سگهون. ٻن مھينن جي وئڪيشن ۾ تون پھريون ۽ آخري هفتو ياد پوين....!
هوءَ ڪاوڙ مان مئٿاميٽڪ ڊپارٽمينٽ ڏانھن هلي ويئي....
سوچيم، ڀلي ڪاوڙجي. مان ۽ هن ڀلا هڪٻئي کي ڏنو بہ ڇا آهي. يا ٻيو ٽئين کي ڏئي بہ ڇا ٿو؟
بڪواس.
مئٿاميٽڪ ڊپارٽمينٽ جي سامھون هيٺ ساوڪ پريان سنڌوءَ تي ڪوٽڙيءَ ۽ ڄامشوري جون پليون. سنڌو ڪنھن ڪنوار جي سينڌ جيان پئي جرڪيون. سج جا ڪرڻا ڄڻ تہ سينڌور!سچ يونيورسٽيءَ جي پھرئين ڏينھن، بابا سائين ڏي خط لکيو هوم. ڪالھہ سارنگ ساٺ ڪيا پلر جي پالوٽ ٿي، کنوڻين کيجڪارون ڪيون. برکا ڦڙين جي سنگيت تي عرب شاگردن گيت ڳايا، ۽ شام جو آياسين علامہ آءِ آءِ قاضي جي مزار تي، ايلسا قاضي ڀر ۾....، تڏهن سوچيم، قاضي پاڻ ڇو ماريو؟؟
سڪون لاءِ، ۽ اها ھر ساهواري جي خواهش آهي. شيڪسپيئر تڏهن تہ چيو:
Under the greenwood tree
Who loves to lie with me,
اهو سڀ ڇا لاءِ آهي. ايتري فراريت ڇو؟ ڇو نہ ٿا ڀڄي سگهون، ماڻھون Social Animal ڇو؟ گڏ رهون، ڏک ۽ سک ڏسون، پر سک ڪٿي آهي. سک ڳولڻ لاءِ ذرتشت عيسيٰ، ڪرشن ۽ گوتم، سڀني گيان ڪري. موٽ ۾ روشن راھہ ڏسي ــ پر رڳو حالتن ۾ ڦيرو اچڻ کانسواءِ ڪجهہ بہ نہ ٿيو، اڄ بہ دنيا جا اسي سيڪڙو انسان گهڙيءَ گهڙيءَ جي عذاب ۾ ٿا مرن ڪو مقصد ڪونھي ۽ پيار ئي هڪ اهڙي شڪتي آهي، جا سک جو ساھہ کڻڻ ڏئي.
پيار؟
حسين دوکوـــــــ؟
ماءُ جو پٽ سان پيار ڪرڻ پنھنجي آرام لاءِ پيءُ جي شفقت پنھنجي سڪون لاءِ، دوست جو دوست کي چاهڻ ذهني Satisfaction سيٽسفيڪشن هونئن بہ تہ پيءُ ماءُ مجبور آهن ــ پيار ڪرڻ لاءِ هو ٻارن تي ٿورو نہ ٿا ڪن.
سچ جو احساس تڏهن ٿئي ٿو جڏهن ڪوڙ جو وجود آهي. بھشت تڏهن، جڏهن دوزخ آهي. ها ـــ هيگل جي ”Theory“ ٿيوري ڪيڏي نہ صحيح آهي، ٻن قوتن ۾ ٽڪر ڪري وري ٽين قوت جو پيدا ٿيڻ وري اينٽي قوت جو وجود ۾ اچڻ اهو سلسلو ائين هلندو ٿو رهي هونئن بہ سوچڻ تہ سرچڻ، پوکڻ تہ لڻڻ، لوچڻ تہ لھڻ، ڪنھن شيءِ جو ٽٽڻ ئي سبب آهي. ٻيءَ شيءِ جو ٺھڻ نظريي جو نظرئي سان تضاد، وري ٽيون نظريو پيدا ٿيڻ، اهو ارتقا جو اصول آهي. سيٽسفيڪشن ڪانھي ڪٿي.
اسان سڀ يوناني ڏند ڪٿا جا اهي ڪردار آهيون. جي پاتال ۾ رهن ۽ ڀوڳن پر هو مرن نہ ٿا. اسان مري وينداسين تہ وري جنم وٺنداسين، ڇو تہ مادي جو ڪٿي بہ انت ڪونھي. پر تبديل ٿو ٿئي، ٻيءَ شڪل ۾، ۽ مان ايندڙ روپ ۾ بگهڙ ٿيندس: جهنگ ۾ رهندس چير ڦاڙ ۾ ئي سيٽسفيڪشن آهي.
خط ڪيئن بہ هو پر جيڪو ڪجهہ هو ائين هو. ڀل اها ڳالھہ صحيح هجي سڪون ڪٿي بہ نہ هجي پر سنڌ يونيورسٽي اهو سڀ ڪجهہ ڏئي ٿي. جيڪو چرين کي مينٽل هاسپيٽل، ڪوڙھہ وارن کي لپروسي سينٽر ۽ ٽي بيءُ وارن کي سنيٽوريم....!!
شايد نہ، پر پڪ سان. ٽيون نمبر ڳالھہ صحيح آهي. بلڪل سينٽوريم جيان شھر 18 ڪلو ميڙ پوئتي، پھاڙين تي پياريون پياريون عمارتون اولھہ ۾ حد نظر تائين، پھاڙن جون هيٺاهيون مٿاهيون. بلڪل الڳ ڳوٺ جو احساس۽ مون جھڙا مريض اچي پناھہ وٺن يونيورسٽيءَ جي هر شيءَ کي الڳ حيثيت پر جا ڳالھہ ڌيان ڇڪائي سي آهن سياسي نعرا ـــ ڄاڻ اٿم تہ هر هڪ ڏينھن هڪ انقلاب آهي ــ پر وري بہ لڳندو اٿم تہ هر ڏينھن ٻئي ڏينھن کان ڪيئن مختلف آهي. انقلاب کان اڳ ۽ انقلاب کان پوءِ حاصل ٿئي ڇا ٿو....!!
مون کي گئيريج ۾ بيٺل گريس ۾ ٻڏل اُهي ننڍڙا ڇوڪرا ڏاڍا وڻندا آهن، جيڪي ڪارون ٺاهين، پر ويھن ٻيا ۽ پاڻ بسن جي درن تي لڙڪي سفر ڪن، ۽ سئيءَ ۾ ٿڙڪي گذارين ها انقلاب هوندو ئي انھن لاءِ آهي. پر ماڻيندا ٻيا آهن، اُهي ائين ئي ائين ڪارا ڪارا نٽ بلٽ جيان ”جاني دوس“ چئي زندگي گذاري ڇڏين. ڏک تہ ان تي اٿم تنھن ڏينھن بي- بي- سي ٻڌندي خبر پئي تہ ويٽنام جي هاريءَ کي چين جي سپاهين هٿن ۾ ڪليون هڻي وڻن ۾ لٽڪائي گولين هڻڻ لاءِ ٽارگيٽ بنايو. الائي ڇو منھنجي دل ان وقت چيو:
”ايڏو آواز هجي جو سڄي دنيا ٻڌي ۽ مان ايفل ٽاور تي چڙهي گوتم جو گيان ڏيان جيءَ هنسا تہ ڪيو.
اهنسا/هنسا ٻئي ريلوي جي پٽڙين جيان هلن ٿا. تبديل ٿين ٿا، سرءُ بھار جان.
هونءَ تہ جڳديش، چندر بوش، ٻڌائي ڇڏيو تہ ٻوٽا بہ جيئن، مرن، ڳالھائن ٿا اِنسان جيان – ٻوٽن کي نہ ماريون تہ اسان جو جيئڻ بند. هونئن بہ وڏو ننڍي کي کائي ۽ ڄڻي نَسل وڌائي هڪ جا جُزا ٻئي ۾ تبديل ٿين ٿا- جي ائين نہ ٿئي تہ جيڪو دنيا بيھجي وڃي- ۽ مان ڊڄان ٿو موت کان....!!
ڪائنات ڪيڏي نہ وڏي آهي- ائٽم کان وٺي ﷲ تائين اميبا کان انسان تائين، ڌرتيءَ کان آسمان تائين، اُن ۾ الائي ڪيترا ستارا، هزارين گرھہ، ڪروڙين وڻ، پهڻ، سمونڊ، پھاڙ، مڇيون ۽ ٻيو ايترو سڀڪجهہ هوندي بہ انسان ڊڄي ٿو. پاڻ کي اڪيلو ٿو سمجهي. اڪيلائپ کي پرچائڻ لاءِ ٿو چئي تہ ”هيءُ سڀ ڪجهہ مون لاءِ آهن“ پر پوءِ بہ اڪيلو....!! هر شئي سان واسطو رکندي بہ نہ ٿو رکي. هي سڀ ستارا ڪروڙن سالن کان ائين بيٺا آهن. نہ هي اسان لاءِ آهن ۽ نہ اسان هنن لاءِ آهيون. ان ڪري ئي انسان امن پسند هوندي بہ وحشي آهي، اڪيلائپ جي ڊپ کان گڏ رهون، سوچيو هيم تہ يونيورسٽيءَ جي ڪمري ۾ اڪيلو رهندس، پر نہ رهي سگهيم، سلطان سان رهيس، ڪيڏي بہ انڊر اسٽينڊنگ هوندي بہ ڄڻ نہ آهي. هر ماڻھونءَ ۾ ڪا نہ ڪا خامي هوندي آهي. مون کي منھنجي خامين جي ڄاڻ آهي. ڪنھن کي پنھنجي خامين جي ڄاڻ نہ هوندي آهي. سلطان چوي، ”منھنجي هر ڳالھہ صحيح.“
تنھن ڏيھاڙي ڀت تي ڪرشن مھاراج جو قول لکيائين تہ.
“The wisidom is like the Sun.”
مون کي الائي ڇا ٿي ويو. چيومانس واقعي صحيح آهي. ڪرشن سچ چيو ”پر خود هن جي سڃاڻپ سج جيان نہ هئي.“ سج سڀني لاءِ ساڳيو پر هي شودرن لاءِ ٻيو تہ برهمڻن لاءِ ٻيو. موٽ ۾ چيائين تہ تون گيتا جا شلوڪ پڙھہ تہ ڪرشن جي ذهانت جو پتو پئجي ويندءِ.
چيم ڪرشن سان گڏ محمد صلعم، عيسيٰ، گوتم بہ عظيم هئا. هونئن عظيم اهو جيڪو سچو آهي. گيتا ۾ ڪرشن چوي:
”ڪام مان ڪروڌ پيدا ٿيو، ڪروڌ مان وري موھہ، موھہ سان سمرتي ڀرم، سمرتي ڀرم سان ٻڌي ناس ٿيندي. ۽ جنھن وقت ناس ٿي تہ ماڻھون برباد ٿي ويندا.“
۽ ٻئي هنڌ چيائين ”ڪام مان هٺ پيدا ٿئي.“ ماٺ مان سڀ ڪجهہ ڇڏائي وڃي.“
ڪرشن ڪام ڪيو؛ سوين گوپين ۽ شادي شده راڌا سان ڪام واسنا پوري ڪيائين ڪروڌ ٿيو، سندس ٻڌي ناس ٿي ويئي. ۽ پاڻ چئي ”پربتن ۾ ميرو مان آهيان، جبلن ۾ هماليه مان آهيان نانگن ۾ واسينگ، جانورن ۾ شينھن، پکين ۾ گرڙ مان آهيان. ندين ۾ گنگا ۽ موسمن ۾ بسنت مان آهيان“ مان.... مان هٺ نہ آهي تہ ٻيو ڇا آهي مان تہ ڪجهہ بہ نہ آهيان ۽ دنيا جا سڀ ماڻھو باٿ روم ۾ اچڻ کانپوءِ ڪجهہ بہ نہ هوندو آهن. هاڻ سوچڻ ڪري سور کان مٿو ٿو ڦاٽي بک جي ڪري پيٽ ۾ وڪڙ ٿا پون. ٻن ڏينھن کان ماني نہ کاڌي اٿم رڳو گلوڪوز پئي پيتم ياد اٿم تہ ننڍي هوندي بک لڳي هئي. سڄو ڏينھن ماني نہ ملي هئي. فقير در تي اچي چيو. نالي ﷲ جي ڏيو ڪو ٽڪر ڳڀو. مون کيس چيو هو ”تون نہ ٿو ڏين ﷲ جي نالي“ ۽ نان وٺي اونداهي گهٽيءَ ۾ ماني کائي اچي گهر ڪريو هوم. هت فقير بہ تہ ڪونہ آهن. ڪنھن کان وٺجي، ٽڪر ڳڀو......!! پاڻ مارجي؟
۽ پاڻ مارڻ واريءَ ڳالھہ تي ياد اچي ويو تہ اخبارن ۾ خبر آئي هئي تہ نوجوان پنھنجو مخصوص عضوو ڪٽي ڇڏيو ڪيڏي نہ عجيب فلاسافي آهي. پاڻ کي ماريائين ڇو، ڇو نہ؟ ها هو زندہ رهڻ پيو چاهي مون وانگر....!!
پيٽ ۽ سيڪس سچ تہ اهي ٻئي جذبا هڪ آهن. جيڪا ڳالھہ انھن ۾ هڪجھڙي آهي، اها آهي بک-
ان ڪري ئي چوري ڪيون ۽ اندر ۾ چڪلا ٺاهي ڦرون پيا. جڏهين بہ باٿ روم جي آرسين کي زبانون ٿيون تہ پوءِ خبر پوندي تہ ڪنھن ڪيتري..... ڪئي.
هونءَ بہ مان Sexual Enjoyment لاءِ ڇيڳرين ڇورين ۽ نرسن لاءِ وڌيڪ ڇڪ محسوس ڪندو آهيان.
ڄاڻ اٿم تہ ”پنر جنم“ جو نظريو صحيح آهي. ۽ ايندڙ روپ ۾ ڪتو ٿيندس ڪنھن سھڻي ڪتيءَ جي ڪن ۾ چڪ پائي انھيءَ کي چيڙائي وقت گذاريندس.
انسان ڇا آهي ـــــ؟
مادو، جو جڳھہ والاري، وزن رکي، ۽ ٻئي روپ ۾-؟ مان ٻلو ٿيندس، ٻلا مونکي ڏاڍا وڻندا آهن، صاف صاف ڪنھن سنھري وارن واري ٻليءَ سان شادي ڪندس.
پر هاڻي نہ ٿو چاهيان- رڳو سوچيان ٿو، ڪا گول مول ڇوڪري هجي، گول گپي جيان ان کي ٽافيون کارائجن، بحث ڪجن، تمام گهڻا، پوءِ چڙي پئون، وڙهي پرچون. دوستن چيو تون نفسياتي مريض آهين. ۽ آهيان بہ، پر هر ڪو آهي.
هونءَ بہ مون کي نفسياتي سبجيڪٽ تمام گهڻو وڻي، پر مان ”un-fit“ آهيان. پنھنجي اکين تي چشمو چڙهيل ڏسي ڪڏهن ڪڏهن لڳندو اٿم. گانڌي گارڊن ۾ ويٺل چشمي پاتل باندر وانگر آهيان. ماڻھون مون ڏي ڏسي کلن ٿا. ائين هڪ ڏينھن چشمو ڀڳم چوان اسان پنھنجي ٺھيل شين جا پاڻ غلام ڇو ٿيون. ۽ پوءِ ماڻھون ڌنڌلا، وڻ ڌنڌلا، دوست ڌنڌلا، نہ سڃاڻڻ جي ڪري ڪاوڙجي پيا. دوستن کي پرچائڻ لاءِ چشمو پاتم پاڻ کي پرچائڻ لاءِ چيم. اسان هنن جا نہ، هي اسان جا غلام آهن. اسان هنن کي ٺاهيو ۽ پنھنجي مرضيءَ مطابق استعمال ڪيون. ڀل توهان چئو ”گدڙ ڊاک نہ پڄي آکي ٿو کٽا“، پر اهو سڀ ڪجهہ صحيح نہ آهي، هاڻي تہ فوزيہ تي ڏاڍو پيار ٿو اچيم.
فوزيہ مون کي ڏسندي هئي، اڪيلو اڪيلو، ڊپارٽمينٽ کان هاسٽل ۽ هاسٽل کان ڊپارٽمينٽ ايندي ويندي. هن ائين سمجهيو، هو خاموش (ائين نہ آهي) ڇوڪر ڪنھن يتيم ٻار جيان نھاري، پيو پيار پني...!! مان ڪڏهن بہ هن سان ڳالھائڻ جي ڪوشش نہ ڪئي ۽ نہ وري هن ئي.
ٽوئر لڳي، مان حرڪتي ٻار وانگر ٽڪرين تي ڊوڙندي ڪري پيس. ٻانھون ٽنگون رهڙجي ويون. ڇوڪرا، ڇوڪريون همدريون ڪري هليا ويا. مان اڪيلو انھن کي ڊوڙندي ڏسڻ لڳس. ريڊيو تي ڪامينٽري پئي هلي.
آئوٽ....!! رڙ نڪري وئي.
ڪير_؟ پٺيان آواز آيو.
مان_
نہ راند ۾،
پرسنا،
ڪنھن جي هٿان_؟
رچرڊ هيڊلي کان_
۽ فوزيہ هلي ويئي. هڪ ڏينھن ڪلاس ۾ ليڪچرار پڇيو:
What do you know about progress of science now a days?
چيومانس هڪ نيوٽران بم آهي. جيڪو انسان کي ختم ڪري ٿو. پر جڳھون ائين جو ائين بيٺيون هونديون، سڀ ۽ سڀ ساهوارا ختم ٿي ويندا ۽ شھر ديو مالائي ڪھاڻين وانگر راڪاس کي ڏنل_!! اها ڀلي پراگريس هجي پر تباهي بہ تہ اهائي آهي. جيڪا شئي پنھنجو پاڻ کي ختم ڪرڻ لاءِ پيدا ڪئي وڃي. اها ڪھڙي پراگريس آهي_؟
ليڪچرار چيو: Sitdown young philosopher
ٽھڪ ڦھلجي ويا. مان ڪلاس روم مان نڪري آيس، پوءِ هوءَ ملي.
چيائين، تنھنجو مطلب ڇا هو_؟
ڪجهہ بہ نہ.
آخر ڪجهہ تہ هو!!
ڪجهہ بہ نہ.
ڳالھہ ٻڌ_ جيڪو سر پڙهائي اهو ئي جواب ڏجي_ وڌيڪ......
هون سر اهو پڙهائي تہ نيوٽران بم پراگريس آهي. تہ ڇا هو صحيح آهي!؟
مان حقيقت کان انڪار نہ ڪندس. جي سائنس اها ترقي ڪئي تہ ايندڙ پنجن سالن ۾ انسان جهنگن ۾ موٽي ”Nudeist paradise“ ۾ رهندو، ۽ مون کي اهو ئي پسند آهي. فوزيہ چيو:
سائنسدان اهو تہ سوچيندو آهي تہ سندس ٺھيل شئي تباهي آڻيندي_ ”اوٽوان“ جنھن ايٽم بم تخليق ڪيو. اهو هيروشيما ۽ ناگا ساڪي ڏسي رنو هيو. الفرڊ نوبل، ڊائنا_ مائيٽ جي غلط استعمال تي چرئي ٿيڻ جي حد تي پھتو. ماءُ ڪڏهن بہ ٻار خراب نہ ڄڻيندي آهي. ان کي سٺو يا خراب معاشرو ڪندو آهي. سائنس سٺي آهي ۽ ان جو علم بہ سٺو آهي پر ان کي استعمال ڪندڙ سٺو يا خراب ٿي سگهي ٿو. سچ تہ فوزيہ ڏاڍي ذهين آهي مان شادي بہ ان سان ڪندس. آغا سليم پنھنجي ڪنھن ناول ۾ لکيو هو تہ فلپ ۽ مارگريٽ ٻئي ڪيمبريج يونيورسٽي ۾ گڏ پڙهندا هئا. ٻئي يوناني ۽ لاطيني ادب جا شاگرد هئا. ڪلاس پورو ٿيندو هو تہ ”ڪيم“ نديءَ جي ڪناري تي اچي ويھندا هئا ۽ ڳالھيون ڪندا هئا. مان ۽ فوزيہ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ٻئي فزڪس جا شاگرد آهيون ڪلاس پوري ٿيڻ کان پوءِ سنڌوءَ ڏانھن منھن ڪري ڳالھيون ڪندا آهيون. پر فلپ شايد مارگريٽ کي حاصل نہ ڪيو ۽ مان فوزيہ کي حاصل ڪندس.
پر _ پر، فوزيہ اڄ مان توکي ائين نہ چوان ها، هونئن تہ تون هر وقت مونسان ساڻ آهين ڏس تہ ٻنھي اسان گڏ پڙهيو آهي.
“Energy can neither be created nor destroyed.”
انرجي ڇڪ آهي. ڇڪ سڪ آهي جيڪا نہ پيدا ڪئي وڃي ٿي (پيدا ٿي وڃي ٿي) نہ ختم_
سچ_
_ پر مون کي هن وقت فوزيہ نہ کپي منھنجو بک کان پيٽ ٿو وڍجي، مٿو ڦري ٿو اجهڪا ٿا اچن، مون کي بس ٻہ گرھہ مانيءَ جا ڏيو_
ٻہ گرھہ مانيءَ جا........!!

سروپ ڪروپ

سر نسريا پاند، ڪنھن لاءِ جاٽون ڏئي، ڏيئا موهي سھسين سکائون ڪري، وڻجارو اونھي ۾ اوهري ويو. ماڳ نہ موٽي ايندو ڪنھن سان جهيڙيندي ڪنھن کي ور وجهي.
اندر ۾ :- سڙڻ، پڄرڻ، کامڻ، تن تنوئس ڇاجي؟؟
سي ئي جوڀن ڏينھن :-
سوچي ٿي.... ”جيئري دوزخ ۾ آهيان، ڌرتي ڦاٽي تہ اندر هلي وڃان سورن کان تہ ڇٽي پوندس.... ڪيڏو نہ سک هيو اڳي.... ۽ هاڻ.... ان مندر ۾ ويندس....... گل آڏو بيھندس.... اتي.... مون کان پاٺ نہ پڄندو........ اڄ وڃان بہ نہ ها، پر بابا چيو ”پٽ وڃ سنسار جو نيم ئي اهو آهي. ڀڳوان کي وڃي وينتي ڪر تہ جيئن حياتي تہ سک سان گذرئي......“
ڪانڊين، ٽانڊين، ٻاٻرين پچي پئي، ويڄون ويل، اندر ۾ شمشان سمايل، پيرن ۾ پکڙ پيل، گرڪن جا کرڪا سنکن جا گهگها آواز ٻڌندي بہ مرگهٽ جيان مئل قدم کڻندي وڃي رهي آهي. اڳ آرتي هٿن ۾ وک وک تيز مندر ۾ پھچڻ جو اجهل اُتساھہ ۽ هاڻ.
سوچي ٿي.... ”مان سماڌيءَ آڏو بيھندس، ان سماڌيءَ آڏو....“ ۽ اها سماڌي جوڳيءَ جي آهي. ڇو تہ من جون مرادون ماڻڻ لاءِ جوڳيءَ در وينتي ڪجي، ڀڳوان جي دل وارو آهي، ان سماڌي آڏو سڀ جهونگارين:
اوم اوم پرڀو شانتي!
اوم اوم پرڀو شانتي!
ان سماڌيءَ آڏو گجر گهڻا گهايا. نيٺ پاڻ ئي لڳس گهاءُ، انھن شانت اکين جو، جيڪي هيون چندر جون. مک موڪرو، چندر نسورو چنڊ پر چنڊ منجهہ چندر جهڙيون شانت ٻہ اکيون ٽيون نڪ ڪٿي اکيون مليون اکين سان ڪي ڏور بہ اوڏا سپرين. ٻنھي جي منھن تي مرڪ، قرب جي ڪانڊ ”اکين ۾ ٿي ويھہ تہ آءٌ واري ڍڪيان“ سڀ جهونگارين:
اوم اوم پرڀو شانتي!
اوم اوم پرڀو شانتي!
چندر سندس ڀرسان بيھي جهونگاريو پيو:
اوم اوم پــرڀــو شـــانــتـي!
اوم اوم ”پرملا“ شانتي!
ٽھڪ اُٿيا، گل کڙيا، فاصلا گهٽيا، سک ٿيا. املھہ پرين مٿان ٻرڪيا راڻو ريجهي آيو. من اندر سمونڊ خوشين جون ڇوليون.
جيئن مينھن ڪنڍيءَ پور، جيئن ڳنڍيون منجهہ ڳنڍير، جيئن ڪڙو منجهہ ڪڙي، جيئن لايو لام الف سين، جيئن پاڻياريءَ سر ٻھڙو، تيئن چندر ۽ پرملا لڪي لوڪان رائين“.... ”پرملا جت آڪاش پتا، ڌرتي ماتا ڀاڪر پائن ٿا. تون ۽ مان بہ اوستائين هلنداسين........ سنھن تنھنجو“
ڪامڻ ڪري ويس اهي اونھيون ڪلاچيءَ جي ڪن جهڙيون اکيون ڳڙڪائي ويس. هوش آيس ان وقت جڏهن ميھار سڏ سڻيس ۽ کيس سسئي ۾ سيسنار ڄنگهہ ڄرڪي وات ۽ سنسار جي اونھي دهشت دم درياه ۾ لڙهڻ لڳي، جت ڪنن جھڙا ڪڙڪا ۽ هن جا سڏڪا. بس موت جي انتظار ۾؟؟! ڇو؟؟
هيڪلي ڪيئن ويندي، آڪاش پتا ڌرتي ماتا جي ڀالڪ پاتائين. ڍول، ڍولڻ، پرين، سپرين، مٺو، منٺار، محبوب موڪلائڻ بنا وڃي باھ جي ڀنڀٽ ۾ پيو.
ارٿيءَ مٿان مچ مھل هن جي اندر ۾ باھہ پڄرڻ لڳي. آسون چڻنگن جيان اُڏنديون گم ٿينديون ويون، هڪ وڏو ٽڪاءُ ٿيو ۽ هن جي جيون جي وڏي ۾ وڏي آس وڏي ٽڪاءَ سان گم ٿي ويئي. ”پٽ“؟؟ ”پٽ“!!؟
سوچي ٿي:-....... مان.... ان کي گل آڏو نہ بيھندس لنگ مٿان رکيل گل کي نہ ڏسندس.... ڀائي چئي تہ ”پٽ“ پن ان لنگ کان اهو ڳاڙهو گل ”سنيل“ جي صورت وٺي تنھنجي پيٽ جي دلي مٿان ترندو.......
پر – پر، وينجهار ويو، راڻو رسي ويو، متارو مري ويو، لاهوتي لڏي ويو، ڪھڙي منجهہ رهندي هوت ريءَ...... نہ وارث نہ ويجهو نہ سڱ نہ سياڪو. پرين پڄاڻا آيس اولاڪو.... ”نہ ڄمان ها يا ڄاپندي ئي مران“ سوچيندي سوچيندي اچي پھتي مندر ۾ در ٽپي اندر ٿي. سماڌيءَ ڏي وڃڻ کان سواءِ اچي اڱڻ ۾ ويھي رهي، جڏهن سڀ سماڌيءَ تان ٿي اچي اندر مندر ۾ بيٺا تہ پاڻيءَ پاٺ شروع ڪيو:
”ناگين ڪين نمايو، ناٿ نمايو نينھن، مڙهين اُٺا مينھن، جوڳيان سندي ذات کي.“
جڏهن ڪاڙو کي ڪڍي نينھن سان نڀاءُ ڪجي ٿو تہ پوءِ ناٿ انھن جو ئي آهي. گيتا ۾ آهي تہ ”ڪروڌ دروازو آهي نرڳ جو.“
سوچي ٿي:...... هونئن سدائين ساڳي ڳالھہ.... چئي ڪام ڪروڌ لوڀ اهنڪار دروازا آهن، نرڳ جا. جيڪو انھن ڏانھن ويندو، اهو نرڳ جي باھہ ۾ سڙندو. ڀلا هاڻ وري ڪھڙي سرڳ ۾ آهيان.... سڙان پئي..... نہ ڪيم ڪروڌ نہ لوڀ نہ لالچ.... چندر ويو تہ ”سنيل“ جي مراد نہ ماڻيم... چئي جنھن پتنيءَ پتيءَ جو مان رکيو، انھن جون سوچون سپنا ساڀيا ٿيندا... پر... ڀائي بہ ڇا ڪري پيٽ پالڻ لاءِ طوطي وانگر گيتا جا سلوڪ رٽي... ڀلا ڪري بہ ڇا؟ نہ اٿس گهر نہ گهاٽ....“
ڀائيءَ سلوڪ بند ڪيا، تہ سڀ اُٿي اندران ڪمري ڏي هليا. هي بہ سورن جي سانڍيل، پورن جي پاليل وک وک وجهي ڪمري جي ڪنڊ ۾ لنگ آڏو اکيون بند ڪري بيھي رهي. لنگ مٿان لوٽي مان جل ڌار ڪرندڙ، گل ڳاڙهو لوٽي مٿان.
ڀائي چوڻ لڳو:
اگم اگوچر اگڻا الک ابناسي آهين، شاهن جو تون شاھہ.
سڀ پوڄاري پٺيان چوڻ لڳا، ڀائي چوندو پئي ويو.
پورن پرڀو پرماتما آهين بي انت بي پرواھہ.
سرڀ وياپڪ سرو شڪتي وال آهين، هيڻن جو همراھه-
ڀڳت وشل پورن ڪرپال آهين مالڪ مٺڙا
يار طاقت ڪھڙي هن زبان کي
جو ڪري تنھنجي ساراھہ.
سڀ ورجائيندا پئي ويا.
ڀائي چوندو پئي ويو.
مڙئي مدايون مون مسڪين ۾ هردم گنھگار ڍڪج ڍڪڻھار ڏئي پاند پناھہ جو. مون مسڪين ۾ عيبن جي داتا ڪمي آهي ڪانہ بابا پار ڪجو اچي پاڻ صدقي ست گرن جي.
لک شڪر، هزار شڪر، بي انت شڪر، شڪر ئي شڪر، بي انداز شڪر، هردم شڪر، هروار شڪر، شڪر ئي شڪر.
اڻ ڳڻيا احسان تنھنجا بي حد ڀلايو، ڪر ٻاجهہ سان ٻانھن جون سڀ معاف خطائون، ڏس نہ مٺا منھنجا سڄڻ منھنجون مدايو.
مندر ۾ خاموشي ٿي ويئي.
پاٺ شالا ۾ سڀ اندر ئي اندر ۾ پاٺ ڪرڻ لڳا.
پاڻ خاموش بيٺي آهي. ڪانڌ نہ ڪيائين ٻيو - اندر اڌ ٿيس، حياتي گذارڻي اٿس. وک وک تي سيڻن جا ويڻ.... ”آهين بہ راڻي، وتي ٿي ٽلندي.... اهو منھن نہ سڄاءِ، جڏهن کان گهر ۾ پير رکيو اٿئي.... نڀاڳ کڻي آئي آهين....“
سوچي ٿي:.... سس بہ ڇا ڪري؟؟ ڪونہ گهٽايائين نياڻيون کارايائين..... اَن ڏي ڌن ڏي، ڏوليءَ ۾ ننھن ڏي ڪاڪو کائي ڪوڪلا، جوڻس ڄڻي ڇوڪرا اُکري ۾ ڪلا ڪاڪو کڻي آيو لک، اُکري ۾ داڻا، دعا ڪنس نياڻيون.“.... نہ نہ.... ڇا جي دعا.... ڇا جي ديا.... قادر وٽ ڪرپا ڪانھي، رکپال وٽ رکي ڪانھي.... پاٺ ڪيم.... دان ڏنم ڪجهہ ڪونھي.... موتيءَ ماءُ اچي پوٽن واري ٿي آهي، نہ کارايائين نياڻيون نہ اچي مندر ۾ نہ ڪريس ڪو مڙسھنس پاٺ.... سڀ.
”پرملا“ سڏ تي مٿي ڏٺائين هر هڪ وڃي چڪو هو. رڳو پاڻ هئي.
سوچي ٿي..... ڀائي چوندو ڪام ڪروڌ لوڀ اهنڪار دزوازا آهن دوزخ جا.“
پرملا، ڀائي چوڻ لڳو، ”هي پٿر آهي.“ لنگ ڏي اشارو ڪري چوڻ لڳو. ”هيءُ ڪٿان پٽ ڏيندءُ، هن ۾ ساھہ ڪٿي آهي، اسان هن جو پاٺ نہ ڪيون، تہ هي رڳو پٿر آهي. آهي بہ پٿر. پٽ ڏيندءُ تہ هي. هن سامھون ڏٺو. ڀائيءَ جي ڌوتي مٿي هئي جتي، جيئرو جاڳندو ”لنگ“ هو.

N-BALANCED/BALANCED ماڻھو

سامھون ڍنڍ آهي. ڍنڍ ۾ پاڻي ۽ پاڻيءَ ۾ ڪنول. ڍنڍ چوڌاري پام جا ڊگها ڊگها وڻ ۽ بوگن ويلا جا ڳاڙها پيلا گل، ڀرسان روڊ جي سرميءَ ليڪ وري ڍنڍ ۽ ٻاهر ڊگها ڊگها وڻ.
هو ٻئي هوٽل جي مٿائين ڪمري جي دريءَ ڀرسان ويٺا آهن. ڪافي پيئندي ڇوڪري سامھون ڏٺو. ڍنڍ جي چوڌاري پکڙيل لان تي ٻار ڊوڙي رهيا آهن. اُتان نظرون هٽائي پنھنجي Beloved جي اکين ۾ گهوريندي چيو: ”توکي ٻار وڻندا آهن؟“
”مان انسان آهيان.“
هو پريشان ٿي ويو، ٿورو مرڪي چوڻ لڳو: ”ڇا انھن کي حاصل نہ ڪجي.“
سندس محبوبہ جي منھن تي سنجيدگي ۽ حيراني پکڙجي ويئي. ٿورو خاموش رهي چوڻ لڳي: مان پنھنجا Complex انھن ۾ نہ ٿي وجهڻ چاهيان. توکي ٻڌايو اٿم تہ مان پڙهڻ کان اڳ اتي رهندي هيس، جت منھنجي مان رات جو ٻئي گهر هوندي هئي. در بہ بابا کوليندو هئس. بابا ڏينھن جو آفيس تہ امان ننڊ ڪندي هئي. مان ۽ منھنجي ڀيڻ گهر ۾ ائين هئاسين بلڪل ائين، ڄڻ تہ اسان جي ڪا بہ اهميت نہ هجي. منھنجي ڀيڻ ڀرسان رهندڙ Banker سان ڀڄي وئي. مان ماستري ڪئي ۽ هاڻ هت پڙهان ٿي.
هو بليڪ ڪافيءَ ۾ چمچو گهمائي غور سان پنھنجي Beloved جي منھن ۾ ڏسي رهيو هو. کنڊ گڏائي سپ ڪري، ڪوپ هيٺ رکي چوڻ لڳو: ”ڏس نہ سلسلا آهن، ان کان پوءِ سلسلا ۽ انھن سلسلن مان ٻارن جا سلسلا ئي نڪرن ٿا. جي ائين نہ ٿي تہ جيڪر دنيا بيھجي وڃي. آخر دنيا جي بہ تہ سونھن کي برقرار رکڻو آهي.“
گهڙيءَ جي خاموشيءَ کان پوءِ ٿورو ڪاوڙ گاڏڙ تيز لھجي ۾ کيس Beloved چيو: ”تون ڪوڙو آن.“
”ڪيئن؟“
”تون ئي تہ چوندو آهين تہ اسان ۽ هي سڀ سلسلا Frame of refrence ۾ بند آهن، جيڪا شي ٻئي جي حوالي سان سڃاڻي وڃي، ان جي ڪھڙي اهميت؟“
ڇوڪريءَ مرڪي چيس: ”اهميت ڀل نہ هجي پر....“
”ها، ائين نہ تہ اسان کي شادي ڪري ٻار ڄڻڻ کپن.“ ڇوڪري ٿورو منھن اڳتي ڪري تيز لھجي ۾ چوڻ لڳي: ”اهو مون کان نہ پڄندو، منھنجا تنھنجا ۽ سوسائٽيءَ جا Complex انھن ۾ وجهڻ نہ ٿي چاهيان، انھن کي ڄڻي مارڻ نہ ٿي چاهيان.“
ڇوڪري پرتي پام جي چوٽين ڏانھن نھاريو. سج جي پوين ڪرڻن ڪري چلڪندڙ چوٽين کي ڏسندي، اندر ۾ ڏک محسوس ڪندي، هلڪي آواز ۾ چوڻ لڳو: ”مان.... مان ڏس ڪيان بہ ڇا. مان اسپيس ايج ۾ ڪلاسيڪل ماڻھو آهيان. ٽيڪنالاجي جي دور ۾ مون کي مندر ڏاڍا وڻندا آهن.
”سوسائٽيءَ ۾ Move مرڻ لاءِ فزڪس پڙهان. سچ تہ ڪائنات جي اسٽيڊي ڪندي وري مون کي Spiritualism ڏانھن موٽڻو ٿو پوي، هاڻ مان ختم ٿي چڪو آهيان. نہ اسپيس ايج ۾ رهي ٿو سگهان، نہ وري مان هاڻ مندر مان مزو ماڻي سگهندس. جڏهن تہ سونھن جا سڀ معيار ٽٽي چڪا آهن، تہ Relation ۾ ڪھڙو اعتبار. پيءُ پاڻ گهر مان ڪڍيو ۽ ماءُ کي ان ڪري ڇڏي آيم تہ هن جي مرڪ ۽ ڳوڙها رڳو منھنجي ڪمائيندڙ ڀاءُ لاءِ هئا. سڀ سلسلا ٽوڙي پني سني گٽار وٺي پاڻ پيو پرچايان.“ ڇوڪري جو آواز ڳورو ٿيندو ويو ۽ شڪل روئڻھارڪي ٿي ويس، چپ ڪري مٿي آسمان ڏانھن ڏسڻ لڳو.
ڇوڪريءَ مگ پرتي رکي ان کي چتائي ڏسندي چيو: ”منھنجي يا تنھنجي دوستي رڳو ايستائين رهندي، جيستائين اسان ٻنھي کي هڪ مان سيٽسفيڪشن ملي. تون مون کي ان ڪري ئي وڻندو آهين جو تون مون سان دوستي رکڻ لاءِ ”ادي“ چئي Short cut نہ ڪيو هئي هوئين بہ ادي ۽ ادا چوڻ وارا هڪ ٻئي جو توهين ڪندا آهن. ۽ توهين ڪندڙ سان ڪھڙو پيار ۽ ڇا جي دوستي. سچ تہ انڪري بہ تون بي حد پيارو آهين.“
ڇوڪرو ڪنڌ هيٺ ڪري ٽيبل تي آڱريون گهمائيندي چوڻ لڳو: ”چوڌاري آهن رڳو بمن ۽ جنگين جون ڳالھيون. هر طرف آهن باهيون، رڙيون ۽ بيماريون. اهڙي دور ۾ ماڻھو وري Idealism ۾ پناھہ ٿو وٺي. ڏس ڏند ڪٿائن ۾ ڪيترو نہ سڪون آهي. ڪڏهن ڪڏهن لڳندو آهي، جڏهن شيو مھراج ڪيلاش پربت تي ويھي پنھنجي وارن ۾ گنگا پئي لاٿي، چوڌاري وڄ، کنوڻيون، گوڙ هو، تڏهن مان ننڍڙي نيري نِڪر ۾ وڏي پٿر جي اوٽ وٺي سڀڪجهہ بيٺي ڏٺم. سچ جيڪو سڪون ان کان پوءِ هيو سو اڄ ڪٿي.“
ڇوڪري سمجهائڻ جي انداز ۾ چوڻ لڳس: ”ها مون کي بہ دنيا جي نقشي ۾ مختلف ملڪن جي نقشن کي ڏسندي لڳندو آهي. هر ملڪ ماڻھو آهي اڇو، ڪارو بندرو ڊگهو هر ماڻھوءَ جي هٿ ۾ خنجر، تلوارون، رائفلون، بم ۽ منھن تي ڪاوڙ آهي. پر Destruction اڄ بہ آهي، شيو جي دور ۾ بہ هئي. تباهيون ۽ تخليقون بلڪل ڏينھن ۽ رات وانگر گڏ آهن. هونديون پر تون بزدل ٿي ويو آهين. تو ۾ وڙهڻ جي طاقت ڪونھي، شادي ڪري عورت جي ڪڇ ۾ لڪڻ ٿو چاهين. ڇا دوستيءَ ۾ سڀ ڪجهہ نہ ٿو ڏئي وٺي سگهجي؟“
ان کان اڳ جو هوءَ لاڳاتار ڳالھائيندي رهي، سفيد ڊريس ۾ ويٽر آيو مگ کڻندي پليٽ ۾ بل رکيو. سج لھي چڪو هو بلب ٻرڻ شروع ٿيا هئا، ڇوڪرو پينٽ ۾ هٿ وجهي ان کان اڳ ڇوڪريءَ پرس کولي، پيسا رکندي چيو: ”اڄ بل مان ڏيندس.“
”ڇو؟“
”ان ڪري تہ مون کي توسان همدري آهي.“
”همدردي؟!“ بي عزتي محسوس ڪندي هلڪي رڙ سان چيو.
ٻئي اٿيا. ڇوڪري جي اکين ۾ ڳوڙها هئا. سڀ منظر ڌنڌلا. پريان بس اچي بيٺي بس هارن ڏنو ڇوڪرن سيٽيون وڄايون.
”بس اچي وئي“ ڇوڪريءَ چيو.
هو سامھون نھارڻ کان سواءِ ڏاڪڻ لھي آهستي آهستي هلي اچي بس ۾ ويٺو. بس هلڻ لڳي، شھر ڇڏي سپر هاءِ وي جي هيٺاين مٿاين تان هلندي، ڪارن، بسن ٽرڪن کي اورٽيڪ ڪندي وڃي رهي هئي. ڇوڪرا ڇوڪريون، رڙيون، سيٽيون ۽ تاڙيون وڄائيندا ڳائيندا نچندا ٿي هليا. هو ۽ هوءَ ٻئي هڪ سيٽ تي خاموش ويٺا آهن. هو ٻاهر نھاري رهيو آهي. ٻاهر اوندھہ آهي تيز هوا ڪري هن جا وڏا ڏار هوا ۾ اُڏامن پيا، بٽڻ کليل، ڇاتيءَ تي ننڍڙين ڪوڏين جو هار لڏي رهيو آهي.
ڇوڪريءَ دري بند ڪري چيو: ”چپ ڪري نہ ويھہ.“
”ڇا ڳالھايان؟“
”ڀلا، ٽوئر ۾ Enjoy ڪيئي؟
”بس- صبح جو سمنڊ ڪناري گٽار وڄائيندي ڳائيندي Enjoy ڪيم.“
هو چپ ٿي ويو. ٻئي ٻانھون اڳين سيٽ تي رکي منھن ٻانھون تي لڙڪائي هيٺ ڏسڻ لڳو. چپ چپ. ڏک مٽائڻ لاءِ چپن کي گول ڪري آهستي آهستي هلڪي سيٽي وڄائيندو رهيو.“
پوءِ ٿورو ڪنڌ مٿي ڪري Beloved کي چيائين: ”تو Enjoy ڪيو؟“
”ها Enjoy ڪيم. ريسٽورينٽ ۾ جتي مان پاڻ تي فتح حاصل ڪئي شڪست تڏهن ملي هئي، جڏهن گهر مان نڪري يونيورسٽيءَ ۾ اچي پناھہ ورتي هئم. جڏهن ڳوٺ جي سڀني گهرن جون ديوارون مٿي ٿي ويون هيون ۾ مون وٽ رهڻ لاءِ ڪو بہ سبب ڪونہ هو.“
هو چپ ڪري ٻاهر ڏسڻ لڳو اوندھہ ۾. بس تيز کان تيز هلي رهي هئي.“
سڀ ساري ڏينھن جا ٿڪل ڪنڌ ڍرڪائي ۽ ڪي ٻاهر اوندھہ ۾ نھاري رهيا هئا.
هن ٻاهران نظرون هٽائيندي ڇوڪريءَ کي چيو: ”ٻڌ، جڏهن هاسٽل ڇڏي گهر ويندينءَ، اڱڻ ۾ ويھي آسمان ۾ سنجها ويل ورندڙ پکين کي ڏسندينءَ نہ، تہ سچ ان وقت تون وري آئيڊلزم ڏانھن موٽندينءَ، ائين ئي سڀ ڪجهہ ڦرندڙ رهي ٿو. سرڪل ۾ بلڪل سولر سسٽم جيان. سڀ سلسلا ڦرن ٿا. ڏينھن ۽ رات وانگر.... ڏک هاڻ بہ نڙيءَ ۾ ڳوڙهو بڻجي اٽڪي پيو آهي. هاڻ مان گهر وڃڻ ٿو چاهيان.... امڙ کي ڏسڻ ٿو چاهيان. جي امڙ مري وئي تہ مان ڪنھن ٽٽل سياري جيان پرتي هليو ويندس. پولار ۾ گم ٿي ويندس.“

نڀاڳو

رڳ رڳ، نس نس ۾ تڙپ اٿس، اڇل اٿس، ننڍا ننڍا ساھہ، وڏا وڏا ساھہ ٿيڻ لاءِ اُتا اٿس. هر گهڙيءَ ٽنگن ٻانھن جو سيٽجڻ، ڄڻ سڀ هڏا، رڳون نسون ۽ ساھہ هڪ جهٽڪي سان نڪرڻ کانپوءِ سڀ سک جي ننڊ سمھندا. پوءِ اهي ڪنھن نڀاڳي جي وجود جو حصو نہ لڳندا.
نفرتن جو انت، پوءِ ٿي محبت جي منزل- پر هن لاءِ نفرتون آسمان وانگر اڻ کٽندڙ پيڙا جي پاڇاون کان سڪون جي سرحد. پر نڀاڳي ماڻھو کي سڪون ڪٿي (شايد مون کان پوءِ) راتيون جاڳندو آهي، اکين هيٺان ڪارا نشان اوجاڳي جا شاهد ئي تہ اٿس. اوجاڳو ڇا کان ٿو ڪري؟؟ پيڙا جو اٿس. پيڙا جو انت تڏهن ٿيندو جڏهن نڀاڳي جو ٺپو لھيس. نڀاڳو تڏهن ٿيو جڏهن ڄميو ئي مس تہ ماڻس مري ويس، سڄي گهر ۾ روڄ راڙو، ٻيا ماڻس جي مرڻ ڪري پئي رنا ۽ هي وري پنھنجي ڄمڻ جي ڪري ڇڙيون پئي هنيون.
ماسي پالڻ لڳس، ڏهن سالن جو اچي ٿيو. هڪ رات اچي تہ ورايس. ماسيھنس ملان ملوڪ کان وئي ڌاڳو وٺڻ تہ ڪک ڪکي ويس. بس جبل ڪريس مٿان ڪريس سڀ نڀاڳي هئڻ ڪري بڇان پيا ڪنس، ماسي هئس اها بہ ويس- ڇا ٿيندس؟ ياد اٿس- ماسيھنس جي مرڻ تي پڦي اوڇنگاريون ڏئي پئي رنو، هي اڻڄاتل پيار کان پڦي ڏي ويو. پڦي ڇڙٻ ڏيندي چيس: ”نڪر هتان نڀاڳا، ماسي ۽ ماءُ ماري هاڻ اچي منھنجي ڪڍ پيو آهين، نڪر هتان نڀاڳا شل ٽنگ ڀڄئي، پئو وڃي دوزخ ۾.“ چوڌاري ڏٺائين نفرتن جون ڄڀون، سمجهيئين ان ۾ سڙي مري ويندو ڄڻ تہ دوزخ هئس.
اتان ڊوڙندو، سڏڪندو، وار پٽيندو، ٻانھن ۾ چڪ هڻندو، واڙي ڏانھن آيو. در مس ٽپيو تہ ڪڪڙ ڪُ ڪُ ڪُ ڪُ ڪري چوزن کي پيرن هيٺان پئي لڪايو ڇرڪ نڪري ويس ڄڻ تہ ڪنڊو لڳس. زبان مان نڪتو هئس ”مان.... مان نڀاڳو آهيان نہ، مون سان رهندي تہ مري ويندي، پوءِ وڏي اوڇنگار ڏئي وڃي ڪتر جي کوڙ تي ڪريو، سڏڪندي سڏڪندي ننڊ اچي ويس. ٻيو ڪٿي بہ هن جي رهڻ لاءِ ڪنڊ خالي ڪانہ هئي ڪنھن کي بہ هن سان پيار ڪونہ هو. ساڻس ڳالھائيندو بہ ڪير ڪونہ هو- نڀاڳو جو ٿيو. ڪجهہ وقت کان پوءِ پنڌ ٿيس جهنگ ڏانھن، ڇاڪاڻ تہ مامھنس ڏنس وڇ، جنھن جو نالو رکيائين ”ڀوري.“
باک ڦٽڻ مھل جڏهن نمن ۾ جهرڪين جي چين چين هوندي آهي، جڏهن گهرن ۾ مائرون ٻارڙن لاءِ مکڻ ڪڍڻ لاءِ ڏڌ ولوڙينديون آهن، ان وقت هي ڪھاڙي ساڻ ڪري وڇ ڪڍي ويندو جهنگ- جي هوندا واھہ ٽمٽار پوءِ تہ هن لاءِ بھاري- سڄو ڏينھن تڙ ڳڻ ۽ وڻن تي چڙهڻ، شام جو جڏهن جهانگي لوڙائو ڳائيندا ايندا آهن تڏهن هي وڇ جي پيرن مٿان پير ڏيندو، ”هون مان هون“ ڪندو اچي واڙي ۾ پھچندو. هڪ رات گلر جي ڪونڪاٽن تي جاڳ ٿيس- هنيانءَ ۾ جهٻو اچي ويس، سوچيو هئائين ”نڀاڳو هوندو، ماري هوندائين ماءُ تڏهن تہ ڪڍي ڇڏيو اٿنس- پوءِ ڇو نہ واڙي ڏي ايندو.“
وڇ، گلر، ۽ پاڻ ٽئي گڏجي واڙي ۾ رهڻ لڳا- ٽئي سنگتي هئا، پر هڪ ڏينھن آس ٿيس، ڏيٽي ڏڪر کيڏان. کيڏندڙ ٻارن کي چيو هئائين، ”اڪو او اڪو مان بہ کيڏان.“ اڪو ڪجهہ وقت سندس دوست هو، پر پوءِ الائي ڇو سنگت ڦٽائي ويس. هن جي آواز تي سڀ، ڪا مھل تہ کيس ڏسندا ئي رهيا پر پوءِ اڪوءَ رڙ ڪئي، ”نہ کيڏايوس ڙي نہ کيڏايوس نڀاڳو اٿوَ.“ ان وقت ائين لڳس ڄڻ اڪ جو کير اندر ۾ لھندو پئي ويس. ڏڪر کسي ٻہ ٽي اڪو کي وهائي ڪڍيائين. هڪ رات ڪتيءَ ٻچا ڄڻيا ايترو خوش ٿيو پئي، ڄڻ هن جا ئي ٻچا هجن. هن ڪتيءَ جي ٻچڻ کي هٿ ۾ کڻڻ پئي چاهيو تہ ڪتيءَ چڪ هڻي ڪڍيس رڙ نڪري ويس. ”مان نڀاڳو آهيان.“
واڙو ڄڻ دوزخ پئي لڳس. ٽاڪ منجهند جو مينھن کي ٽالھي هيٺان ويھاري ڪھاڙي وڻ ۾ ٽنگي، واھہ ۾ ٽٻيون هڻي ٿڪو، تڏهن وڻ تي چڙهڻ جي ڪيائين تہ کٻو پير ترڪي ويس، اچي پٽ تي پيو. ٽنگ ڀڄي پيس. ڌنارن گهر تائين پھچايس. سمجهائين پڦيءَ جو پاراتو لڳو آهي، هاڻ بنا علاج پيو آهي، نم جي وڻ هيٺان. اڄ پورا ٻہ مھينا ٿيا اٿس کٽ تي. سڄي ٽنگ سُڄي کٽ جو پائو پئي لڳس، سوچي پيو چاڪ ٿي ٻاهر لٺ تي گهمندس تہ ماڻھون دينو منڊو چوندا. ٻار ”دينو منڊو“، ”دينو منڊو“ ڪري چيڙائيندا. ڏک ۾ هنيانءِ اچي نڙي ۾ اٽڪيس.
دينو اڪيلو آهي- ماءُ نہ پيءُ، ڀاءُ نہ ڀيڻ، اڪيلو ڄڻ تہ رڻ ۾ ٻوٽو، ڪنڊن سان ڀريل. سمھيو پيو ئي آهي تہ اچي کنگهہ ورايس. کنگهي کنگهي ٻيڻو ٿي پيو، اَلي لڪڻ وانگر- ان وقت ڀر واري گهر مان لولي جو آواز، مٺڙو مٺڙو لاها ۽ چاڙها- هن کي ڄڻ چيرڻ پئي آيو. ڪنن ۾ آڱريون وجهي ڇڏيائين. بڇان کان ڪنڌ لاڙيائين تہ نظر ڪتيءَ تي پيس جيڪا پنھنجي ٻچن کي کير پياري پئي. رڙ نڪري ويس، امڙ.... پيار.... نہ ڀلا.... مان نڀاڳو آهيان ڪنڌ ورايائين تہ نظر نم جي ڏار تي پيس جتي جهرڪيءَ پنھنجن ٻچن کي چوڳو پئي ڏنو.
او امڙ.... او امڙ.... نہ.... نہ.... نڀاڳو آهيان؟
کنگهہ ورايس، کنگهي کنگهي نستو ٿي پيو. رڳون، نسون، ساهن هڏن ۾ تڙپ اڇل ڄڻ ڄاڻ بدن چيري ٻاهر نڪتا. کنگهڻ چاهيائين، منجهي پيس. وڏا اوجهڪا، الٽي، رت ئي رت وري الٽي وري رت، ساڻو ٿي پيو رهيو وري نہ اٿيو- ساڳي گهڙيءَ مينھن ڦر ڪڍيو.... پر.... پر.... اهو ڦر نڀاڳو نہ هو.

ڏک: اڻ کٽ سلسلو

هيلو
هيلو.
جي هيلو ڊونا.
جي هيلو. –
ڏس ڊونا ٻن وڇوٽين جي وچ کي مفاصلو سڏين ڊائل جا ڏھہ نمبر آهن. جي مفاصلي کي گهٽ ڪن ۽ مان توکي سڀ ڪجهہ ڪميونيڪيٽ ڪري ٿو سگهان.
ها بلڪل ڪميونيڪيشن بہ تہ گهڻن مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ مدد ڪر ٿي. ڪيڏو فائدو آهي انسان کي.....
۽ ها ڊونا ڪميونيڪيشن ماڻھن کي ويجهو ڪيو آهي. پر لڳي ٿو. جيڪا دوريءَ ۾ ويجهڙائي ۽ پنھنجائپ جو احساس هيو سو ختم ٿي ويو آهي. لڳي ٿو سڀ بند آهيون. سڀ اڪيلائپ جي ٻيٽ تي ملڪ کان جلاوطن ڪيا ويا آهيون. جي ڪجهہ بہ ٿورو سو آهي تہ اهو باٿ روم ۾.
......
هيلو....
جي هيلو ڊونا
آزادي باٿ روم ۾ بہ نہ آهي. شاور هيٺان تون سڀ سوچي ۽ ڪرين سگهين ٿو. پر لڪي لڪي. سڀ ڪجهہ ڀَوَ جي ڪيفيت ۾.
ها ڊونا سڀ ڪجهہ ڪجي بہ تہ Open بلڪل گڏهن وانگر.
Shut Up
ها.... ڊونا بڪواس ٿو ڪيان نہ؟ اڄ مون کي ڳالھائڻ ڏي. مان بس Relex ٿيڻ ٿو چاهيان. ڏس نہ Life is shit
.....
.....
هيلو. ڊونا ٻڌين ٿي نہ.... هيلو.
ها ٻڌان ٿي. ڏس سچ ٻڌاءِ اڄ وري Drink ڪئي اٿئي نہ؟
نہ.... نہ ڊونا اڄ مان Irregular ڳالھيون ڪندس اڄ مون کي پنھنجو وجود ئي الائي بہ ڇو بي معنيٰ ٿو لڳي.... جڏهن ڪنھن کي معنيٰ نہ ايندي آهي تہ وائڙو ٿي ويندو آهي. خالي خالي. ڏس کوکليون شيون جلد ٽٽيو پون.
ڇو.... تون پاڻ کي ائين ڇو ٿو سمجهين تو وٽ ڇا نہ آهي. تون ذهين. شاعريءَ کان وٺي ميئٿميٽڪ جھڙي ٽف سبجيڪٽ تي بہ آسانيءَ سان ڳالھائي ٿو سگهين....
ڊونا.... اهو سڀ ڪجهہ نہ آهي. دنيا ۾ هر وڏي ماڻھوءَ کي ڪڏهن ڪڏهن نہ هئڻ جو شديد احساس ٿيندو آهي. اڄ ائين نہ ٿئي.... بس مون کي ڳالھائڻ ڏي!
بس ائين نہ ٿي؟ ڇا ٿي مطلب-؟
ڊونا My life....ائين نہ ٿئي تہ منھنجو ذهن بہ ان هوائي جھاز وانگر جيڪو SOSجا آواز ڏئي پولار ۾ ڦاٽي پوندو آهي ۽ ها منھنجو موت بہ ائين ٿئي بس مون کي ڳالھائڻ ڏي مان Relex ٿيان- ائين نہ ٿئي تہ منھنجي موت جو بليڪ باڪس بہ نہ ملي.
ڏس- ائين نہ سوچ. تون ٺھڻ ۽ ڊهڻ تي ايڏا وڏا بحث ڪرين. ڏس جت بہ تباهي گهڻي ٿي آهي تہ اُت چئوڻي تخليق ٿي آهي.
ها.... ڊونا. ان ۾ وقت لڳندو آهي. ڪڏهن تہ شڪاگو ۽ هيروشيما بہ ڊولپ ٿين تہ ڪڏهن رڳو ڌرتي تي موهن جو دڙو رهجي وڃي.
تون چاهين ڇا ٿو-؟
ڊونا Relaxation.
بس پوءِ آرام ڪر.
ها- ڊونا- بلڪل آرام ڪندس مان وڃڻ ٿو چاهيان هائبرنيشن تي هوئين بہ هائيبرنيشن تي ويل ڏيڏر وري بہ کوھہ جي ڏيڏر کان بهتر آهي نہ؟
ڏس- هروڀرو ائين نہ. تہ ماڻھو ماڳھين لڪي وڃي- سڀ کي ڳولا آهي ڏس تون مون کي ڳولھي لڌو نه! تون مون کي چوندو آهين- تہ مان تنھنجي پناھہ گاھہ آهيان.

نہ وڊنا- توکي ڳولھي پاڻ وڃايو اٿم هونئن بہ ويدن ۾ آهي، ”ترشنا جو ڪٿ بہ انت ڪونھي.“
تو پاڻ وڃايو آهي.؟!
ها وڃايو اٿم- جڏهن احساس جي اهميت نہ هوندي آهي. تہ ماڻھو بي معنيٰ خالي- ۽ ها- مان اڄڪلھہ Remote ڪنٽرول تي ٿو هلان. Off ۽ On ڪرڻ لاءِ بٽڻ تنھنجي هٿ ۾ آهي منھنجي ڊونا.
بڪواس ٿو ڪرين.
ها مان بڪواس ڪندس مون کي Relex ٿيڻ ڏي نہ تہ مان ڀليل ٻار جيان روئي پوندس....
تو رستو ڪٿي وڃايو آهي؟
حاصل ڪٿي ڪيو اٿم؟! ٽئگور چوائي
I lose my way
And I wander
I seek what I cannot get
I get what I donot seek.
ڏس تو جيڪي چاهيو آهي اهو مليو آهي. ڀلا توکي ڇا گهرجي.
ڪجهہ بہ نہ ڊونا.
ڪجهہ بہ نہ بہ ٿو ڪرين. تو اڄ ڊرنڪ ڪئي آهي. سچ ٻڌاءِ؟
نہ ڊونا- نہ.... بس موت ۽ زندگي بہ تہ ڪڏهن ڪڏهن بڪ لڳندا آهن موت ڪڏهن زندگيءَ جي معنيٰ وٺي وڃي تہ ڪڏهن زندگي بہ Fossil ٿي وڃي.
ها تو وٽ رڳو لفظ آهن. وڌيڪ بڪ نہ ڪر- بس اچ مون وٽ.
نہ ڊونا اڄ مون کي پنھنجي مرضي تي هلڻو آهي هونئن بہ اڄ توڏي
نہ ايندس. تنھنجي ڊرائنگ روم ۾ ويھندي مون کي پنھنجي پينٽ لنڊي محسوس ٿيندي.
ها.... پوءِ-؟
بس پوءِ.... پوءِ مان مران تہ منھنجي لاش تي گل نہ رکجان ڊونا.
Shut up
ڇو؟ ڊونا بس لاش جي اهميت گلن سان وڌي ويندي ڇا؟
.... ڏس بڪ نہ ڪر.... بڪ نہ ڪر مان چوان ٿي بڪ نہ ڪر.
ڊونا- مون کي ڳالھائڻ ڏي مون کي Relex ٿيڻ ڏي هاڻ جڏهن تہ مون کي سڀ ڪجهہ بي معنيٰ ٿو لڳي ٽيليفون بوٿ ٻاهران ڏسان ٿو. روڊ تي بسون، ٽرڪون، رڪشائون، ڪارون بي معنيٰ ڊوڙن پيون. آخر حاصل ڇا ٿو ٿي ڪنھن کي؟
آخر.... تون.... ڏس ائين نہ چئو تون مون کي مان توکي حاصل ڪيو آهي.
نہ ڊونا-.... حاصل ڪجهہ بہ نہ ڪيو آهي. تون مون کي ۽ مان توکي بيوقوف ڪرڻ ۾ لڳا پيا آهيون.
ڏس.... بڪ نہ ڪر نہ تہ ٽيليفون بند ٿي ڪيان. نہ تہ ٻڌاءِ اڄ توکي ٿيو ڇا آهي؟؟؟
ڊونا....
جي.
توکي قبرستان وڻندا آهن؟ ڊونا.
يار.... مون کي پريشان نہ ڪر.
ڏس نہ ڊونا.... قبرستان مون کي ڏاڍا وڻندا آهن.... قبرستانن ۾ لائبررين جيان خاموشي هوندي آهي ۽ هر قبر ڪتاب ۽ هر ڪتبو ڄڻ تہ ٽائيٽل.
نہ.... نہ ڏس.... سچ ٻڌاءِ اڄ ڊرنڪ ڪئي اٿئي نہ ڏس، تنھنجي ڳالھين ۾ ڪو Sequence ڪونھي.
ڊونا.... نہ، بس جيڪو ذهن ۾ ايندو اهو ڳالھائيندس. جيڪو وڻندو ائين ڪندس. هونئن- اڄ بس ڳالھائڻ وڻي ٿو. وڻڻ لاءِ ڇوڪرن کي ويڪرن منھن واريون بوتلون ۽ ڇوڪرين کي موم بتيون بہ وڻنديون آهن- پر اڄ مون کي ڪجهہ نہ ٿو وڻي....
مان بہ نہ؟....
نہ تون بہ نہ، ڊونا.
تون تہ چوندو آهين تنھنجي سونھن کي ماپڻ لاءِ ڪو بہ Unit ڪونھي.
ها ڊونا.... بلڪل.... بلڪل سونھن کي ڪڏهن بہ محفوظ ڪري نہ ٿو سگهجي. ها- هر شيءَ جو ايندڙ روپ خراب هوندو آهي- جڏهن نتيجو ئي خراب ملي تہ ڊوڙجي ڇو؟-
Shut up
Thank you ڊونا-
تون اڄ مون تي اٽيڪ ٿو ڪرين.
.........
.........
نہ ڊونا نہ- مان ڪڏهن بہ اٽيڪ نہ ڪيو اٿم- مان تہ شطرنج ۽ ٽيبل ٽينس ۾ بہ Defence ڪيان-
تہ ڏس پريشان نہ ڪر نہ هروڀرو تون....
ها.... هروڀرو مان بڪ ڪندس، مان پريشان آهيان- هر ڪو پريشان آهي- ڊونا- جي زندگي سک آهي ۽ خواهشون ڏک آهن تہ زندگي هڪ آهي- ۽ سک هڪ آهي- خواهشون هزارين آهن ڏک هزارين آهن.
پوءِ تون ڇو چوندو آهين تہ منھنجو سک ۽ ڏک تون آهين- منھنجي Life تون آهين.
ها- بڪ ڪندو آهيان- سڀ ڪجهہ بڪواس آهي ڊونا بڪواس آهي.
تہ.... تہ مان ٽيليفون بند ٿي ڪيان-
ها- ڊونا- بلڪل بند ڪر ۽ ها پنھنجي ڪمري جون سڀ کڙڪيون بہ بند ڪري ڇڏ ٻاهر پن ڇڻ آهي.

ماڻڻ نه ماڻڻ جي وچ تي

شروعات
۽
انت
جي وچ ۾ جو اسپيس آ-
ڇا؟ - اها زندگي نہ آهي؟
جي نہ.
تہ پوءِ ڇا آهي زندگي؟؟
سقراط ڇا سوچيو هوندو، پيالي پيڻ وقت موت جي سرحد کي ڇھندي ڇا زندگيءَ کي پاتو هوندو؟ ميران وھہ کي کير ڇو سمجهيو؟
ميران جو انت
سقراط جو انت
انت، انت آ؟ ڇا انت جو اننت نہ آهي؟
جي آهي تہ اننت جو انت ڪھڙو هوندو؟؟
تہ پوءِ جي انت موت آ؟
تہ زندگي ڇا آهي!؟
هو سوچي ٿو ۽ ڀوڳي ٿو.
اڄ اداس آهي. ليٽي پڙهڻ جي عادت اٿس. فرش تي رلھي وڇائي اونڌو سمھيو پيو آهي سندس اڳيان ٽيبل ليمپ ٻري ٿي. مڇر اڏامن ٿا – ڪرن ٿا.
هو سوچي ٿو:
هي مڇر بہ ڪنھن ڀڪشوءَ جا ڀٽڪيل روح آهن، جي جوڻ مٽائي ڳولھن پيا سچ. ۽ ليمپ جي ڪوڙي روشنيءَ ۾ پاڻ وڃائن پيا.
اڃا بہ نرواڻ ڪونھي.
تہ ڇا نرواڻ زندگي آ؟
يا موت؟
نرواڻ
۽
انرواڻ ۾ جو اسپيس آ
اهو ڇا آهي؟
هو سوچي ٿو.
اڄ کيس موکيءَ چيو. ”زندگي ڇا آهي“؟
ٻن لفظن جي جملي جو جواب هو ڪيئن ڏي آرٽسٽ آهي – پنھنجا ماڻ ماپا – زندگيءَ کي ڏسندڙ پنھنجي نظر.
چيائين – ”پيڙا“ ۽ ان جا احساس آهن ”رنگ“. موکي چيو هئس تہ پوءِ ”حادثا“؟
هو چپ ٿي ويو هو.
موکيءَ چيو هوس، مان چوان ٿي زندگي ڇا بہ هجي – پر ان ۾ آهي سوسائٽيءَ جو وجود جا پاڻ.
Upper
۽
Lower ۾ مڃائي ٿي ۽ جي مان اهو چوان تہ جا حاصلات آهي اها زندگي آ ۽ مون کي حاصل ڪرڻ جي هنڊريڊ ميٽر ريس ۾ اهو ئي کٽندو جيڪو Upper سوسائٽيءَ جو هوندو ڇاڪاڻ تہ Lower واري وٽ Stamina ڪانھي. هن جي موکي جا سوشيالاجي پڙهي – جنھن زندگيءَ کي جيئن ڏٺو، تيئن سمجهو.
سوچي ٿو.
ها موکي نہ مان اپر ۾ جمپ ڪري سگهان ٿو ۽ نہ نوان لوور سوسائٽي ۾ لھي سگهندين ان ۾ ٻنھي جو ڏوھہ ڪونھي.
نہ مان پنھنجي مرضيءَ سان لوئر سوسائٽي ۾ نہ تون پيدا ٿي هان. اسان جي هيٺين ڪلاس جا ماڻھو پنھنجي زالن کي پيار نہ ڪندا آهن، هو اسان جي مائرن کي RAPE ڪندا آهن ۽ مان بہ پنھنجي پيءُ جي زيادتيءَ جو نتيجو آهيان. ڀل تہ منھنجا پنج ئي ڀائر پنھنجي نالي جي اڳيان پيءُ جو نالو ڳنڍين پر مان ائين ٺيڪ آهيان – توهان کي اجازت آهي مون کي ”حرامي“ چوڻ جي.
ڏس.... ڏس موکي توکي ان ڳالھہ تي چڙ اچڻ نہ گهرجي. جڏهن ننڍپڻ ۾ ئي مون کي بابا گهر مان ڪڍي ڇڏيو تنھن تہ ايترو ذهن ۾ ويھاري ڇڏيو تہ مان هنداڻي جيان ڪنھن گل مان ڦٽي نڪتو آهيان.
مان پنجن سالن ۾ نوڪر ٿيم. پوءِ اٺين کان ميٽرڪ تائين يونيورسٽيءَ ۾ ٽيليفون اٽيڊنٽ، تتن ڪاڙهن ۾ ماڻھن جا در کڙڪائيندو هئس ۽ سياري جي پوھه راتين ۾ پيرن کي سٿڻ ۾ لڪائي ڳياڙي کڙڪائي صبح ڪندو هئم. تنھن ڏينھن امڙ مون کي اوڇنگارون ڏيندي حيران ٿي. ڏس نہ مان ان کي پيءُ جي آڱر وٺي – ٿيلھو ۾ ٿرماس ڪلھي ۾ لٽڪائي ننڍڙا ننڍڙا قدم کڻندو ويندو ڏسي ڪيترو شاڪ ٿيو مون کي.
ياد اٿم مان ان عمر جا ڏينھن اس ۾ پيرن اگهاڙو گهميم. پير پير تي رکي ٺاريندو، ڊوڙندو ڪواٽرن جي اڌ فوٽ جي ڇانوءَ ۾ گهر اچي رکي ماني ڳھندو هئس.
هو اٿيو – سيف کولي ان مان سگريٽ ڪڍيائين تيلي ٻرڻ سان سڄو ٻڪ روشنيءَ سان ڀرجي ويس ۽ اکين ۾ ڳوڙها هئس.
سوچي ٿو-
تو چيو هو تہ مان ڊگري وٺان ۽ پوءِ سوچيان MARRIAGE لاءِ
تو چيو مان OVER – CONFIDENCE آهيان – انا پرست آرٽسٽ ڇا توکي منھنجي ان جواب مطمئن نہ ڪيو تہ مان OVER – CONFIDENCE نہ آهيان پر CONFIDENT ضرور آهيان، هونئن ڏس نہ لطيف کان هيل تائين ڪافي ڪلاڪار، دانشور بنا ڊگرين جي آهن ڇا انھن کي مانُ نہ مليو انھن جون شاديون نہ ٿيون – ڏس تنھنجي ان ڏينھن جي ڊائري تي مان گهڙيال جي ڪانٽن تي بيٺل ڇوڪري جي تصوير ٺاهي – هو ڊگرين جي ڏاڪڻ تي چڙهيو، منزل تي پھچڻ کان پوءِ بہ هو آئيڊل کي پائي نہ سگهيو ۽ ان ڏينھن ان تصوير جي هيٺان ليکو هئم تہ ”پيار ڊگرين جو محتاج نہ هوندو آهي.“
موکي مان ۽ منھنجي ڪمري ۾ ڪوبہ فرق نہ آهي هو پلستر لٿل ڪوڙھه جيان. پر مان ان کان نفرت نہ ٿو ڪيان – هي جو ڪمرو آهي نہ منھنجو ڄڻ منھنجي ننڍڙي DISNEY LAND سان سڀ ڏک ٻاهر رکي سک سان اچي اندر ويھندو آهيان ۽ سوچيندو آهيان –
خوبصورتي ڇا آهي؟
موکي تون ڇو خوبصورت آن؟؟
انت آهي بہ نہ بہ آهي منھنجي سوچن جي پوءِ RESULT مٿان ملندي؟ پوءِ چوندو آهيان – هي سڀ حقيقت آهي ”ENJOY IT.“
ها، سچ اهو دوکو آهي ڏس اسان ڪيڏا ڪوڙا آهيون، منھنجي پھرين BELOVED جي شادي سندس مالڪن جي مرضيءِ سان ٿي. اها اڄڪلھہ اڪيلي آهي. ان کي شادي کان پوءِ مھيني اندر طلاق ملي جي مان چاهيان ها تہ ساڻس شادي ڪري سگهان ٿو. پر اسان سڀ ڪوڙا آهيون پر ڇو نہ هجون. ڪير آهي اسان سان سچو – تون ئي پيار کي UPPER ۽ LOWER ۾ ورهايو – جڏهن تہ پھرين BELOVED جي فاصلي ئي ڇڪ کي گهٽايو – ڪو ٽٽل موتي جڙيو آ.
ڏس.... ڏس.... مان توکي معاف نہ ڪيو هو.
تنھن ڏينھن جڏهن ڄامشوري ۾ لاڙڪاڻي جھڙي گرمي هئي اصل ٻٽ - ۽ مارئي هاسٽل جي لان ۾ صرف تون، مان ۽ هو گلر هو جو اچي ڀرسان ويھي تنھنجي پيرن کي پٽيندو هو ۽ ان ڏينھن تون پنھنجي پيرن کي سٿڻ سان ڍڪي ٻئي پير ڪرسي تي رکي چپ چپ ويٺي هئينءَ مان توکي چيو هو.
”چپ آن.“
”ائين..“
”ائين بہ ڇو؟“
”ڪجهہ بہ نہ آهي.“
”نہ ڪجهہ تہ آهي.“
۽ پوءِ تو ڳيت ڏئي چيو هو ”ڳالھہ ٻڌايانءِ.“
”ٻڌاءِ.“
”توکي ڏک ٿيندو.“
”جي ٿيو بہ تہ مان برداشت ڪندس.“
”سچ اها سالن کان سانڍيل آهي مان ان جي عذاب ۾ جهرندي رهي آهيان.“
”چئہ نہ هاڻي.“
”ها...... مان.... ڳوٺ ۾ هڪ ڇوڪري ڏي مذاق ۾ خط لکيو هو.“
تون چپ ٿي وئي هئين ڪنڌ جهڪائي ويٺي هئين – مان هٿ سان ڪنڌ کي مٿي ڪري توکي چيو هو ”سچ مان انھن مان نہ آهيان – اها پاڻ سٺي ڳالھہ آهي – اها UNDER-STANDING جي انتھا آهي – پر جي تون ان کي مذاق ۾ نہ جي سچ ۾ بہ لکين ها تہ فڪر نہ آهي – هر هڪ کي چاهڻ جي پوري آزادي هئڻ کپي، جي تون مونکي نہ چاهين تہ مان OK ڪري هليو ويندس وري نہ ملندس توسان. پر.... تون.... جو پيار کي سچائيءَ سان نہ پر سوشيالاجيءَ جي نظرين سان ماپيو.
هن سگريٽ کي ايش ٽري ۾ وڌو - ۽ ڊائري کولي ان مان مرڪندڙ منھن واري موکيءَ جو ڦوٽو ڪڍي ڏسي ٿو –
ڏسي سوچي ٿو.
موکي LOVER کڻي ڪيڏو بہ مٽيرلسٽ هجي پر پيار ۾ هو بلڪل هيٺ ڪري ننڍڙو ٿي وڃي – وهمي جي قسمت جي ستارن کان وٺي ڪيرو جي پامسٽري ۾ يقين ڪري.
ڏس اڄ اڄ ڪيڏو اهو عجيب ٿو لڳي، سال جي نئين رات پاڻ اهو فيصلو ڪيو هئوسين تہ تون پنھنجي هاسٽل جي خاردار تارن پٺيان بند ڪمري ۾ منھنجو ۽ مان پنھنجي اڪيلي ڪمري ۾ تنھنجو ڏسي مرڪن جي گلن جي ڀيٽا ڏينداسين نئين سال کي ۽ موٽ ۾ ملندي ”خوشي.“
۽ اڄ هن ئي سال جي اڀرندڙ سج سان ذلتون کڻي ڊوڙيو آهيان چوٿين مھيني جي پڇاڙيءَ ۾ جي مليو آهي تہ ”ڏک“.. هان سوچيان ٿو – ”جيئان ڇو ٿو؟“. ڏس نہ مان هاڻ بہ تہ پل پل ۾ مران ۽ جيئان ٿو – وقت وڏو منھنجو دشمن آ – زندگيءَ جي قيد ۾ - پيڙا جي سزا پيو ڀوڳيان ۽ هاڻ جي زندگيءَ جي پيڙا ۾ گڏ آهن تہ مون سان دوست آئي (امڙ) ۽ ڀائر بہ ڄڻ تہ دوست آهن –
”طارو“ وڍ وجهندو آهي ”جڏهن هو اداس رهي چئي کيس روشني نہ ملي تہ آپگهات ڪندو.“
آئي آهي جا سئون سڌو پروپورشنل پيار سان ۽ بابا آهي ان ورسلي پروپرشنل.
تون؟
غلطي اسان جي اها آهي تہ اسان سڀ ڪجهہ ارپي ڇڏيون پنھنجي BELOVED کي مان ايترو بہ نہ سوچيم:-
هر ڪا عورت امرتا نہ آهي. هر ڪو شاعر ساحر نہ آهي.
امرتا، ساحر جي ڇڪيل سگريٽن جا ٽوٽا اڪيلائي ءَ ۾ ڇڪي آنند ماڻيندي هئي – جڏهن تہ توکي زوري ڇڪايل سگريٽن جا اڌڙ اڄ بہ سانڍيل آهن. مون وٽ جيڪي مان اڪيلائيءَ جي ٻيٽ تي جلاوطنيءَ مھل ڇڪي، سڪون جي سرحد تي پھچي وڃان – ۽ ان مھل لڳندو هو تنھنجي چپن جا پرنٽس منھنجن سان ملي KISS ٿا ڪن.
سچ
SO MUCH WONDER FULL
هاڻ ڪجهہ بہ خوبصورت نہ آهي –
تون بہ نہ –
مان بہ نہ –
زندگي بہ نہ –
اها عيد جنھن کي تو ئي خوبصورت ڪيو هو اها بہ نہ –
ڏس نہ – عيد آهي جيڪا انڊلٺ جھڙن رنگن جي ٺھيل ۽ اها عيد لڳندي هئي تہ مون تي ٺٺوليون ٿي ڪري – اٺ آنہ ملندا هئا ننڍي هوندي، اچي بيھندو هئم – رانديڪن جي گاڏي مٿان.
”ڇا وٺجي؟“
۽
اها
”ڇا آهي؟ جا منھنجي زندگيءَ جو مسئلو بڻيل. ۽ هاڻ عيد آهي وري عذاب مون لاءِ. اڳ جڏهن اڪيلو عيد واري ڏينھن ڪمري ۾ تنھنجو خوبصورت پورٽريٽ ٺاهي چوندو هئس:-
”اي منھنجي تخليق.
منھنجي فڪر جي ڪلاڪار تخليق ڪيو آ توکي – اڄ جڏهن تنھنجي وڇوڙي جي ڏنگ کان بچڻ لاءِ اچي اڪيلائيءَ ۾ پناھہ ورتي اٿم.
۽
جڏهن پسندو آهيان توکي تنھنجي بي جان بت ڏي – تڏهن لڳندو آ –
تصوير چئي ٿي –
اي ڪلاڪار –
تنھنجي ڇھڻ سان تنھنجي هن وقت جي سوچن جيان دوکو آهي –
تڏهن منھنجي تخليق جي ڪائنات اچي مون جيان ڊهي پٽ پوندي آهي-
پوءِ
دري مان اڪيلائي جي ڀوَ کان اڪيلائي ۾ پناھہ وٺندو آهيان –
ڏس نہ اها اڪيلائي بہ ڪيڏي نہ خوبصورت هئي ۽ هاڻ اها اڪيلائي ڏنگيندي –
سوچيان ٿو –
جڏهن تہ مان هاڻ ڊگري حاصل نہ ڪئي آ – هاڻ مان LOWER کان UPPER جمپ ڪري نہ سگهندس توکي ميرج ڪري ماڻي نہ سگهندس تہ ڇا؟ مان زندگيءَ سان نہ نڀائي سگهندس – جا آهي حاصلات جي ٺھيل ۽ منھنجي مٺ آ خالي –
پر –
ڏس نہ ائين نہ آهي تہ توکي حاصل ڪرڻ جي هنڊريڊ ميٽر ريس ۾ اهو پنجاپي انجنير ماري ويو مون کي –
پر – ميرج حاصل ڪرڻ نہ آهي – پر ڪنھن جي دل ۾ جڳھہ پيدا ڪرڻ پاڻ لاءِ، ئي حاصلات آهي – معراج آهي محبت جي –
موکي منھنجي کاٻي ڪلھي تي ڏس تنھنجي چڪن جا گول گول ڪارا نشان ئي تہ پيار جو ثبوت آهن –
هاڻ ڏس مان ڪيڏو خوش آن – تون.... منھنجي ويجهو هجين تہ منھنجا ٽھڪ بہ ٻڌي سگهين ها....
ڏس – نہ
شروعات
۽
انت جي وچ ۾ جو اسپيس آ.
ان ۾
ڏک ۽ سک آ –
ڏک ۽ سک زندگي آ –
ان زندگيءَ ۾ –
ڏک ڀوڳي سک ماڻي – سرهو ٿيندس.
”مان جيئندس.“

اولڙا اولڙا زندگي اولڙا

اجرڪ اوڍي کٽ تي ليٽي ٻانھون پٺيان ورائي مٿي تي ڏئي نڀاڳن ونگر، سوچي ٿو ۽ ڀوڳي ٿو.
سڄي زندگي گهمي گذاري اٿئين سنڌ جو چپو چپو واهڻ وستيون ٿر بر شھر لتاڙي زندگيءَ جا ٽيھہ سال پورا ڪيا اٿئين پاڻ کي ڪراڙو محسوس ڪري ٿو. هاڻ هو نستو ٿي پيو آهي. زندگيءَ سان وڙهندي رڻ جي ميدان ۾ جيئن ڪنھن سپاهيءَ کي محبوبا ياد اچي وڃي ۽ هو ان گهڙيءَ ويڙھہ کي اجايو سمجهي ڀاڙيائپ ڪري تيئن هو بہ ڀاڙي ٿي پيو آهي. هٿيار اڃان ڦٽي نہ ڪيا اٿئين – من ۾ هورا کورا ۽ اڻ تڻ.
هاڪڙو هلي پاري ننگر کي ڏنو اٿئين – ڏوتڙ – ۽ ڀوڏيسر جي تلاون تي مورن جي راڙ ٻُڌي من ۾ مونجهہ محسوس ڪري سڏونت ۽ سارنگا جيان رڙيون ڪيون اٿس سارنگا.... سارنگا.... ۽ سارنگا تہ ڪنھن گهر جي اڱڻ ۾ پپيتي جي وڻ هيٺان ستل هوندي –
ننگر پارڪر جي بازار ۾ ”ماسي ليڙون“ جا چيل لفظ ”مريئي پر مڪئي نھين ڪارونجهر ني ڪور“ پوءِ جڏهن ڪارونجهر تي گورڌڙي نئين جيان وٽ سٽ کائيندڙ ڪولھڻ کي ڊيل جيان ڊڪندڙ نينگر کي وساري نہ سگهيو.
پر پنھنجن لاءِ ڪارونجهر جي ڪور ڇڏي آيو.
زندگي ساروڻيون
سارڻيون زندگي.
ڪينجهر تي شام جي رک مان چنڊ جڏهن دُکي دُکي ٻرندو، وڻ ڪينجهر چوڌاري هٿ هٿ ۾ ڏئي جهومندا ۽ پاڻي هزارين چنڊ چمڪائي لھرين لھرون ڊوڙندو هو – گونگي ويرانيءَ ۾ سڀ اوجاگيل الھڙ ڇورا آلاپيندا هئا. تاڙيون ڦھڪنديون هيون – هوائون ٽھڪ کڻي اڏري ڇيڳرين ڇورين جيان کجڪنديون گم ٿينديون وينديون. جسم جهومندا هئا آهستي آهستي لس لھرون لس –
ڇا اهو سڀ ڏک هو –
فوٽو گرافس؟
هاڻ ڪير ڪٿي آهي؟
ڪير ڪيڏانھن ويو؟
يونيورسٽيءَ ۾ سڄي سنڌ جي هر ڪنڊ مان آيل شاگرد سڀ سڪ ۾ سڪ ڏئي وکري ويا.
ڪير ڪيڏانھن ويو.
ڪير ڪنھن جي ، ڪير ڪنھن جو –
پيار ڪيڏانھن ويو؟
حوا ۽ آدم ڄڻ تڙجي ويو –
حوا – هوائن ۾ گم ٿي وئي – ڪيڏانھن وئي.
ڪيڏانھن......
پڙاڏا سڏ
سڏ پڙاڏا.
هاڻ ٿڪي ٽٽي گهوماٽيون کائي نستو پيو آهي هو جو سرڪش هو – ڏک کي سدائين ٽھڪ جي بيٽ سان سڪس هڻي بائونڊري پار ڪرائي هئي. اڄ هو بيڪ فوٽ ۾ ايل-بي-ڊبليو ٿي ويل ڪرڪيٽيئر جيان ايمپائر جي آڱر جي انتظار ۾ تہ ”ڪڏهن ٿي اٿي“ ۽ پاڻ ايڪسپائر ٿي.
هاڻ تہ WILL POWER جو اينٽي بايوٽڪ بہ اثر نہ ٿو ڪريس –
ڪاليج ۾ پيرڊ وٺي – تيز آواز ۾ ليڪچر ڏئي شاگردن کي آسمان جي اُٺاهين کان زمين جي اندر ۽ نيوڪلس جي ذرڙن جي علم ۽ فاصلن تي ڳالھائيندي پاڻ کي بہ فاصلي تي محسوس ڪري ٿو. ”ڇا اڃان زندگيءَ جي ڊوڙ ۾ اسٽمنا رکي سگهندس؟“
ڪڏهن راتين جي رولاڪ ڏينھن جو بہ رستو وڃائي ويھن
۽
راتين جو رولاڪ ڏينھن جي پيچرن تي قسمت جي لائين وانگر ڀڳل ٽٽل اصل وسامجي ويل –




هو ڊرائيور جي ڀرسان اڳين سيٽ تي ويٺو آهي – خميس تي هر هڪ ڀاءُ ٻاهران ايندو چوڪڙي لڳندي تاس تي برج ۽ رمي ٿيندي جنھن تي راند ايندي اهو چانھہ ٺاهيندو ”جيڪو نہ ٺاهيندو“ نعرو لڳندو ”گدڙ کائيندو.“
تاڙيءَ تي تاڙي لڳندي هارائي ڪير بہ پر چانھہ ننڍو ڀاءُ ٺاهيندو – راند هلندي. گرين ٽي جي سپ ۽ ڀائرن جا ٽھڪ، ٽيپ تي غزل ۽ ڇھين ڀاءُ کي ڇڏي پنج ئي ڪنوارا – اکين اکين ۾ اشارا ڪنھن ڪٿي نيھن اٽڪايو؟ -
پاڙي جا ٻار ۽ ڇوڪرا – ڀائرن جي قرب کي شاھه جي واين جي وراڻيءَ جيان خوبصورت ۽ وڻندڙ لڳن –
ڀائر تہ نہ آهن – دوست آهن –
هن ويگن جي دري مان ٻاهر ڏٺو ڪڻڪن جا فصل پچي تيار ٿي ويل سونھري شام ۾ چلڪندڙ ڪٽ جي وٽن وانگر.
اهڙين شامن جو هاسٽل جي ڇت تي چپ چپات ۾ گهمندي – آسمان ۾ تتر کرڙي ڏسندي هن جو من ڏارون ٿي پوندو – اڪيلائپ ۽ وحشت –
ڪاليج جي اوپن جيل ۾ ڄڻ هزارين سالن جي سزا ڪاٽي گهر موٽي ٿو – هو ڏيڍي ٽپندو ڀاٽيا اچي چنبڙندس اسڪول ۽ ٽيچر جا حال ڏيندس.
”مس اسان کي کٽمٺڙا ڏيندي آهي.“
”هن منھنجو بال لڪايو آهي.“
ننڍڙي دنيا ننڍڙا ڏک ۽ اڇن وارن واري سٻاجهي ماءُ در ۾ اکيون اٽڪايون ويٺي هن بہ تہ سوچيو هوندو – ”مون کي منھنجو ننڍپڻ موٽائي ڏيو.“
پر
هاڻ – زندگي ساروڻيون
ساروڻيون زندگي



ماءُ جي پيرن تي هٿ رکي هن سيف ۾ ڏٺو – جتي سندس دوست جي شاديءَ جو ڪارڊ پيو هو. ”اڄ ئي شادي آهي.“ منھن تي هٿ گهمايائين ڏاڙهي وڌيل لڳس تڪڙ ۾ ٿيلھي جي زپ کولي هٿ وڌائين – ڪجهہ ڳولھي ڀاءُ کي چيائين –
يار.... تڪڙ ۾ شيونگ ريزر وسري وئي اها تہ....... وڏو ڀاڻس سيف جي آئيني ۾ ڏسندي وارن ۾ برش ڪندي چيس:- ڏيان ٿو پر.... پر پنھنجي استعمال ڪندو ڪر ڏس منھنجي ڏاڙهيءِ ۾ بہ اڇا پئجي ويا آهن مان بہ ”ادا وڏي“ جي استعمال ڪئي هئي –
هو چپ ٿي ويو –
هُن کي پنھنجيون مڇيون اڇيون محسوس ٿيڻ لڳيون.

ٻار جي ٽرئجڊي

”پٽ انو“
جي ”بابا“
”جي مان مران تہ تون ڇا کڻندين.“ پڻس چيس.
.............
”پٽ ٻڌاءِ نہ.“
”چڱو بابا سڪينا.“
”جي بابا“
”جي مان مران تہ تون ڇا کڻندينءَ“ پڻس چيو.
.............
”ٻڌاءِ نہ بابا شاباس“
”هو ڪتو! (رانديڪو)“
”نہ نہ نہ ڪتو مان کڻندس.“ انو ضد ڪندي چيو.
”نہ نہ.... مان کڻندس ڪتو. سڪينا“ جواب ڏنس.
پڻھن چين چڱو جڏهن مان مران ۽ جيڪو اڳ ۾ کڻندو ان جو ٿيندو.
۽
ڪتو (رانديڪو) تہ ڀڄي پيو. پر پڻھن اڃان جيئرو آهي.

اندر ڪارو ڪانءُ

سڄي ڳچي گلن جي هارن سان ڀريل، هٿن ۽ ٻانھن کي مختلف انداز سان هوا ۾ اڇلي چوي ٿو:- ”اڄ مون کي پنھنجي آزاد ٿيڻ تي ڪابہ خوشي نہ ٿي آهي. مون کي خوشي تڏهن ٿيندي جڏهن هن ڌرتيءَ جا وارث بکيا، ڏکيا، اگهاڙا، هاري، مزدور پرمارن کان آزاد ٿيندا.
ساٿيو – هي ڪيترا بہ کڻي جيل ٺاهن پر اسان جو عزم ان جي جيلن، ڪوٽن کان اوچو آهي“ تاڙين جي ڦھڪن تي تقرير ختم ڪيائين. سيٽي وڳي گاڏي چري تہ هي اچي اندر ويٺو. بک محسوس ڪيائين ماني گهرائي کائڻ لڳو. اوچتو پريان بدن ۾ مضبوط اڇن وارن وارو پوڙهو مٿان بيھي چوڻ لڳس.
”گهوٽ! شل سدائين سکيو رهين. بس مانيءَ جو سوال اٿئي. مسافريءَ تي ويو هئم. ٻن ڏينھن کان بکيو آهيان ڀلائي ڪر ٻہ گرھہ کاراءِ.“ هن جي آخري گرھه وات جو رستو ورتو. اوڳرائي ڏئي سيٽ تي آهلي ايندڙ اسٽيشن تي استقبال لاءِ آيل ماڻھن آڏو تقرير لاءِ سوچڻ لڳو...... ”مون کي قسم آهي امڙ جي کير جو مان هن ڌرتيءَ جي بکين، ڏکين، ظلم جي ماريلن، ماڻھن؛ مزدورن لاءِ پنھنجا ٻچا ڪھائڻ کان نہ ڊڄندس....“ مرڪي ٻانھن اکين تي رکي سمھي پيو.

داس ڪئپيٽال

”ڪينجهر ريسٽورينٽ“ ۾ چانھہ پيئندي دوستن جو بحث ڇڙي پيو. دنيا جي انقلابن تي سڀني کان وڌيڪ اسان جي سڀني کان ننڍي عمر واري دوست پئي ڳالھايو. آخر اچي ڳالھہ چين جي انقلاب تي پھچي ختم ٿي. هڪڙي دوست چيو، ”هڪ ڳالھہ تہ جي ”داس ڪيپيٽال“ نہ هجي ها تہ ڪٿي بہ انقلاب نہ اچي ها.“
”ننڍڙي ساٿيءَ“ آهستي مون کي چيو ”داس ڪيپيٽال ڪٿان جو ”رهاڪو“ هو؟

ڪسوٽي

دوست جي ملاقات تي جيل ويم. هو سيخن پٺيان ۽ مان سيخن ٻاهران. حال احوال ڏئي موڪلائي موٽيم پئي تہ آواز ٻڌم: ”پٽ“ بيٺم سامھون اڇن وارن سان مضبوط جسم واري ڪراڙي چئي رهي هئي ”پٽ، ڪھڙو نہ نوجوان آهي! ابا ڇا ۾ جهليل آهي؟“
کيس ڪيئن سمجهايان تہ ماڻھن جي حقن لاءِ وڙهڻ ڪري جيل ويو آهي. آخر چئي ڏنومانس، ”امان سچ ڳالھايو اٿئين.“ منھن چٻو ڪري چيائين – ”مڃانس تڏهن جڏهن ڪاري ڪارو ماري ها.“

مجبوري

روز شام جو جڏهن پنھنجي ساٿيءَ سان رائيس ڪينال تي گهمڻ وڃان تہ هو بہ ملي – سياري، اونھاري، جت ڏس اجرڪ ويڙهيون پيو گهمي. هڪ ڏينھن ڀرسان پئي لنگهيو تہ پاڻ واري ننڍڙي ساٿيءَ کي اک هڻندي چيم ”ڪم ڪن ڪونہ ٺلھو اجرڪ پائي لئي ڪندا وتن.“
مڙي بيھي رهيو چيائين، ”ڀائو مجبوري آهي.“ اجرڪ لاٿائين تہ سندس هڪ ٻانھن اڌ رنگ ڪري سسيل هئي.