آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

جوھيءَ منجهہ جَھان ساروڻيون (ڀاڱو ٻيو)

حميد سومري جي ساروڻين جو ٻيون ڀاڱو “جوھي منجھ جھان“، جوھي جي ساروڻين تي مشتمل آھي جتي ھن پنھنجي جيون جا پنجاھ سال کان وڌيڪ گذاريا، جتان  شرڻارٿي بڻجي نڪرڻو پيس جنھنجو سبب ھڪ مئي 2015ع وارو اندوھناڪ واقعو آھي جنھنجو ھن ڪتاب ۾ ذڪر آھي. ھن ڪتاب ۾ اھي سموريون ادبي، سياسي، سماجي سرگرميون ڄاڻايون ويون آھن جن سان ليکڪ جو تعلق رھيو، جيسين ھن 2018ع ۾ جوھي کي الوداع ڪيو. ڪتاب ۾ ڪجهہ اڳ ڇپيل مضمون آھن،  جيڪي 2022ع واري ٻوڏ دوران لکيل ۽ ڇپيل آھن. ھڪ اڻ ڇپيل تاثر ليکڪ پنھنجي نوجوان ساٿي مريد کوسي جي پٽ جي ڏکوئيندڙ موت تي لکيو آھي، جڏھن تہ ٽي مضمون سائين بخش رند، لياقت علي لياقت ۽ سڪندر سرواڻ جي تخليقن تي لکيل آھن. 

  • 4.5/5.0
  • 149
  • 35
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book Johi Manjh Jahan

حق ۽ واسطا محفوظ

سڀ حق ۽ واسطا اداري/ليکڪ وٽ محفوظ

ڪتاب جو نالو : جوھيءَ منجهہ جَھان
موضوع : جيوڻي/سوانح حيات
ليکڪ : حميد سومرو
پهريون ڇاپو : ڊجيٽل ڇاپو 2025ع
ڇپائيندڙ : سنڌ سلامت ڪتاب گهر


ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
sindhsalamat.com
2025ع

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران ڊاڪٽر حميد سومري جي ساروڻين تي مشتمل ڪتاب ”جوھيءَ منجهہ جھانُ (حصو بيو)“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون.
حميد سومري جي ساروڻين جو ٻيون ڀاڱو “جوھي منجھ جھان“، جوھي جي ساروڻين تي مشتمل آھي جتي ھن پنھنجي جيون جا پنجاھ سال کان وڌيڪ گذاريا، جتان شرڻارٿي بڻجي نڪرڻو پيس جنھنجو سبب ھڪ مئي 2015ع وارو اندوھناڪ واقعو آھي جنھنجو ھن ڪتاب ۾ ذڪر آھي. ھن ڪتاب ۾ اھي سموريون ادبي، سياسي، سماجي سرگرميون ڄاڻايون ويون آھن جن سان ليکڪ جو تعلق رھيو، جيسين ھن 2018ع ۾ جوھي کي الوداع ڪيو. ڪتاب ۾ ڪجهہ اڳ ڇپيل مضمون آھن، جيڪي 2022ع واري ٻوڏ دوران لکيل ۽ ڇپيل آھن. ھڪ اڻ ڇپيل تاثر ليکڪ پنھنجي نوجوان ساٿي مريد کوسي جي پٽ جي ڏکوئيندڙ موت تي لکيو آھي، جڏھن تہ ٽي مضمون سائين بخش رند، لياقت علي لياقت ۽ سڪندر سرواڻ جي تخليقن تي لکيل آھن.
ھن ڪتاب جي 2025ع ۾ آنلائين ايڊيشن پيش ڪري رھيا آھيون. ٿورائتا آھيون حميد سومري جا جنھن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ لاءِ موڪلي.

محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

ارپنا

2010ع جي مھا ٻوڏ سان مھاڏو اٽڪائيندڙ،
رنگ بند تحريڪ جوھي جي سرويچن ۽ سندن سرواڻ
سرائي محمد رند جي نالي

ٻہ اکر

پنھنجي ساروڻين جو ٻيون ڀاڱو ”جوھي منجهہ جھان“، توھانجي آڏو آھي جيڪو پڻ ساروڻين جي پھرين ڀاڱي ”جيون جهاڳ اجهاڳ“ جيئن ڊجيٽل صورت ۾ شايع ڪيل آھي. پھرين ڀاڱي تي ڪجهہ تجويزون بہ آيون تہ تنقيد بہ ٿي. تجويزون اھي تہ، ڪتاب ۾ ڪافي پروف جون غلطيون آھن جڏھن تہ تنقيد اھا ٿي تہ پنھنجي سفر جي کوڙ ساٿين، دوستن، سندن متعلق ساروڻين کي اڻپورو قرار ڏنو ۽ ڪجهہ واقعا وسارڻ جي ڳالھ بہ ٿي جيڪي درست آھن. ليڪن ھي ساروڻيون بھر حال منھنجون ساروڻيون آھن، جيڪو ياد ھيو اھو ئي لکيو. ڪجهہ ذاتي دوستن، سنگتين، سياسي، سماجي شخصيتن جو سرسري ذڪر ڪيل آھي جيڪا ڳالھ پڻ درست آھي. پھرين ڀاڱي ۾ صرف انھن ساٿين، دوستن، ڪردارن جو تفصيلي ذڪر ڪيو جيڪي ھن دنيا ۾ نہ رھيا آھن جڏھن تہ جيڪي حال حيات ۽ زندہ آھن انھن تي خاڪن جي صورت ۾ آئيندہ ڪجهہ عرصي ۾ ضرور قلم ڪشائي ڪبي. مون پنھنجي طور تي ڪوشش ڪئي آھي تہ جيڪو لکجي اھو ذاتي پسند ناپسند کي پاسيرو رکي پنھنجي فھم مطابق سچ لکجي، باقي ساروڻين ۾ ڪجهہ رھجي بہ سگهي ٿو جنھن جو ڪارڻ منھنجي ويسر ۽ عمر جي تقاضا بہ آھي. ساروڻين جو ٻيون ڀاڱو، “جوھي منجهہ جھان“، جوھي جي ساروڻين تي مشتمل آھي جتي مون پنھنجي جيون جا پنجاھ سال کان وڌيڪ گذاريا جتان شرڻارٿي بڻجي نڪرڻو پيو جنھنجو سبب ھڪ مئي 2015ع وارو اندوھناڪ واقعو آھي جنھنجو ھن ڪتاب ۾ ذڪر آھي. ھن ڪتاب ۾ اھي سموريون ادبي، سياسي، سماجي سرگرميون ڄاڻايون آھن جن سان منھنجو تعلق رھيو، جيسين مون 2018ع ۾ جوھي کي الوداع ڪيو، انھي شھر جوھي ۾ جيڪومنھنجي ساھ ۾ ھاڻي بہ ساھ کڻي رھيو آھي جتي ھاڻي مھمان بڻجي وڃڻ ٿئي ٿو، جيڪا وري ھڪ ٻي اذيت آھي. ڪتاب ۾ ڪجهہ اڳ ڇپيل مضمون آھن، جيڪي 2022ع واري ٻوڏ دوران لکيل ۽ ڇپيل آھن. ھڪ اڻ ڇپيل تاثر پنھنجي نوجوان ساٿي مريد کوسي جي پٽ جي ڏکوئيندڙ موت تي لکيل آھي، جڏھن تہ ٽي مضمون سائين بخش رند، لياقت علي لياقت ۽ سڪندر سرواڻ جي تخليقن تي لکيل آھن جن مان سڪندر سرواڻ جي شاعري تي لکيل تبصرو سندس ڪتاب ۾ مھاڳ طور ڇپيل آھي. ڪتاب جي آخر ۾ ”آخري اکر“ پڻ لکيل آھن جيڪي منھنجي سوچ ۽ من اندر جي مانڌاڻ جو تت آھي.
ھن ڪتاب جو مھاڳ منھنجي دوست شبير نظاماڻي لکيو آھي جڏھن تہ ”جوھي جيئن مون ڏٺي“ جي سري سان ليک، منھجي ڀاءُ عزيز سومري جو لکيل آھي جيڪي وري 1999ع کانپوءِ روزانہ “ ڪوشش“ ۽ روزاني ”سنڌ ايڪسپريس“ ۾ ڪيل ڪالم نگاري واري عرصي ۾منھنجي لکڻين کي سنوارڻ ۽ مونکي ھمٿائڻ جوڪم سرانجام ڏيندا رھيا. شبير نظاماڻي ۽ عزيز سومري جي ليکن ھن ڪتاب جي ضخامت ۾ نہ صرف اضافو ڪيو آھي بلڪہ مثبت تنقيد بہ ڪئي آھي جنھن کي آءُ ڀليڪار ڪندي سندن شڪريو ادا ڪيان ٿو. ھر باب جي آخر ۾ ليک سان لاڳاپيل سرگرمي ۽ ڪردارن جون تصويرون ڏنل آھن جڏھن تہ ڪتاب جي آخر ۾ پنھنجي زندگي سان جڙيل يادن تي مشتمل تصويرون پڻ شامل آھن. ڪتاب ۾ شامل گهڻيون تصويرون منھنجي پنھنجي ذاتي ڪمپيوٽر ۾ موجود ھيون جڏھن تہ ڪافي تصويرون منھنجي مرحوم دوست سائين بخش رند جي فرزند آفتاب رند ۽ ڪجهہ تصويرون سائين اشرف امر لاشاري، ڊاڪٽر علي نواز سومري ۽ منھنجي محسن سائين محمد حسن پنھور جي فرزند سائين ابوذر پنھور موڪلي ڏنيون، جن لاءِ آءُ سندن تھ دل سان ٿورائتو آھيان.
آخر ۾ سنڌڙي گرافڪس جي نوجوان، خالد سومري جو شڪر گذار آھيان جنھن ڊجيٽل ڪتاب آڻڻ ۾ منھنجي مدد ڪئي جنھن ڪارڻ ھي ڪتاب ھن وقت توھان جي آڏو آھي.

حميد سومرو
اربع ، 17 سيپٽمبر 2025ع
حيدرآباد

مھاڳ

ڊاڪٽر حميد سومري جي ساروڻين تي ٻڌل ٻئي ڀاڱي "جوهي منجهہ جھان" جي متن تي ٻہ اکر لکڻ کان پھرين ڪجهہ ذڪر جوهي جو ڪجي، جنھن جي ڊاڪٽر حميد سومري جي لفظن ۾ ڪا آڳاٽي تاريخ لکت ۾ موجود ناهي. جوهي لفظ ڪٿان آيو؟ مطلب ڇا اٿس؟ ان جو بہ ڪو مستند اتو پتو موجود ناهي. پر تنھن رڪاوٽ هجڻ باوجود جوهي بابت ڪجهہ حوالن، ڪجهہ قصن ۽ ڪجهہ اندازن آڌار ٻہ ٽي ڳالھيون ڪري سگهجن ٿيون.
مون کي اجازت ڏيو تہ آئون پھرين ڪرشن چندر جو ذڪر ڪريان جنھن جي ڪھاڻي "يرقان" پڙهندي جڏهن جوهي جو لفظ اکين اڳيان آيو ۽ زبان اچاريو تہ خوشگوار حيرت منھنجي چپن تي مرڪ جي صورت وٺي بيھي رهي. ڪرشن چندر، جيڪو اردو فڪشن ۾ ڪھاڻيڪارن مان اعجاز منگي جو سڀني کان وڌيڪ پسند وارو ڪھاڻيڪار آهي. سچل ڳوٺ ڪراچي ۾ اعجاز مون کان پڇيو هو تہ تو کي ڪھڙا ڪھاڻيڪار وڻن ٿا؟ مون منٽو، چيخوف ۽ موپاسان جا نالا ورتا هئا. ورندي ۾ اعجاز ٻڌايو هو تہ هن کي ڪرشن چندر وڻي ٿو ڇو تہ هن وٽ نياپو آهي ۽ هو پورهيتن جو طرفدار آهي. هن ٻيو نالو چنگيز اعتماتوف جو ورتو هو. اها تہ ٿي ڪنھن جي پسند جي ڳالھ. ڪنھن کي ڪجهہ بہ پسند اچي سگهي ٿو.
مون کي جوهي لفظ بابت ڪرشن چندر جي ڳالھ ڪرڻي آهي. ڪرشن چندر جا انمول افسانا نالي ڪتاب عبدﷲ اڪيڊمي لاهور طرفان 2010ع ۾ ڇاپيو ويو آهي. ڪتاب جي صفحي 91 تي هو شاما نالي هڪ ڇوڪريءَ جي ڪردار بابت لکي ٿو تہ "مون هن کي پھريون ڀيرو باواجي جي باغيچي ۾ ڏٺو هو. هن جوهي جا گل وارن ۾ لڳائي رکيا هئا ۽ پوتيء ۾ گل چونڊي چونڊي رکي رهي هئي.. آه جوهي جا گل." ڪھاڻي اڳتي وڌي وڃي ٿي ۽ آئون جوهي تي سوچڻ لڳان ٿو جيڪا مون کي جاڙڪي ۽ ماتلي جيتري ئي وڻي ٿي. آئون پاڻ کي جاڙڪي ۽ ماتلي سان گڏ جوهي جو بہ ڀاتي سمجهان ٿو. جوهي سان منھنجو واسطو گذريل صدي جي نائين ڏهاڪي جي آخر ۾ تڏهن پوي ٿو جڏهن آئون سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پڙهان ٿو. عزيز سومرو منھنجو سينيئر آهي، قربان رودناڻي ڪلاس ميٽ ۽ مجيد ٿھيم جونيئر آهن. عزيز سومري جي ماتلي سان دوستي نثار سومري ذريعي ٿئي ٿي ۽ پوءِ ماتلي ۽ جوهي ۾ ڪو فرق نٿو رهي. ٻنھي شھرن جي دوستي کي چوٿون ڏهاڪو هلي رهيو آهي ۽ ڪيتريون ئي پيڙهيون هن دوستي جي سڳي ۾ پوئبيون ان کي سڳنڌ ڀري مالھا جو روپ ڏئي ويون آهن. مون کي لڳي ٿو تہ شايد جوهي تي اهو نالو ان ٻوٽي ۽ ان جي گلن جي ڪري پيو هجي جنھن کي پاڻ وٽ ياسمين، چنبيلي، موتيو جي نالن سان ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو، جنھن جي اڇن گلن جي سڳنڌ ماڻھو کي محبوب جي ياد ڏياريندي آهي. شايد جتي جوهي آهي، اتي ڪنھن آڳاٽي سمي ان گل ٻوٽي جا باغ هجن ۽ ڇوڪريون انھن جا گل پٽي وارن کي سينگارينديون هجن ۽ نوجوان ڇوڪرا ڀئونرن جيان ڀنڀليا انھن ڏانھن ڇڪبا ايندا هجن. جوهي جي باغن جو ذڪر ڊاڪٽر حميد پنھنجي هن ڪتاب ۾ تہ ضرور ڪيو آهي پر هو اهو ٻڌائڻ کان رهجي ويو آهي تہ جوهي جي انھن باغن ۾ گل ڪھڙا ٿيندا هئا؟ جوهي جي زرخيز مٽيءَ ۾ جوهي جا گل ڪيئن نہ ٿيندا هوندا!
قصي کي تاريخ ڏانھن وٺي هلجي. منھنجي هٿن ۾ اي ڊبليو هيوز جي سنڌ گزيٽيئر جو سنڌي ڇاپو موجود آهي. حسين بادشاھ جي ترجمو ڪيل گزيٽيئر جي صفحي نمبر 320 تي جوهي بابت ڏھ کن سٽون لکيل آهن. هي 1874ع جي جوهي آهي. اي ڊبليو هيوز لکي ٿو، "جوهي سيوهڻ ڊپٽي ڪليڪٽوريٽ جي تعلقي دادو ۾ شھر آھي، جيڪو دادو جي اولھ ۾ ٻارهن ميلن جي مفاصلي تي واقع آهي، جيڪو انھي شھر سميت رستي ذريعي ڀان، ڦلجي، ڇني، هئيرو خان ۽ حاجي خان سان بہ ڳنڍيل آهي. اهو اڳي مختيارڪار جو هيڊڪوارٽر اسٽيشن هوندو هو پر هينئر اهو تپيدار ۽ ڪوٽوال جو اسٽيشن آهي، جن مان ڪوٽوال ماتحت مئجسٽريٽ بہ آهي، جيڪو پنھنجي حدن ۾ ايندڙ سمورن مقدمن جو فيصلو ڪري ٿو ۽ مختيارڪار جي روينيو ذميوارين ۾ مدد بہ ڪري ٿو. هتي هڪ ماتحت جيل، ڊاٻو بنگلو، ڌرمشالا، ٽپال گهر ۽ ڍڪ آهي. هتي پوليس چوڪي بہ آهي، جنھن ۾ سورهن سپاهين جي رهائش جي گنجائش آهي، جن مان ٽي سپاهي سوار آهن. رهواسين جو ڪل تعداد 4419 آهي، جنھن ۾ 2637 مسلمان آهن، جن ۾ گهڻائي سيد، ڪوري، خاصخيلي ۽ سومرا قبيلن جي آهي. هندو 1782 آهن، جن ۾ گهڻا لوهاڻا، سونارا ۽ سک ذات وارا شامل آهن. هنن جو مک روزگار زراعت ۽ واپار آهي. هتي ڪنھن بہ اهميت جو ڪو واپار يا دستڪاري نٿي ٿئي."
گزيٽيئر ۾ جوهي بابت ڏنل ڄاڻ منجهان بہ هن ماڳ جي قدامت جو پتو نٿو ملي. ان ڪري پاڻ ان کي آئندي جي مورخ تي ڇڏي ڪتاب تي اچون ٿا. جيئن تہ آئون مٿي شروعات ۾ ذڪر ڪري آيو آهيان تہ ڊاڪٽر حميد سومري جي ساروڻين جو ٻيون ڀاڱو آهي. ساروڻيون جنم ڪٿا نہ، پر ان جو هڪڙو حصو هونديون. ساروڻيون مڪمل آپ بيتي نہ هونديون آهن. آپ بيتي جي هڪ ترتيب هوندي آهي جيڪا جنم، ٻاروتڻ کان شروع ٿي، ان وقت تائين هلندي آهي، جڏهن اها لکي وئي هجي. ساروڻيون اڳتي پوئتي ٿي سگهن ٿيون. زندگي جو جيڪو قصو جنھن وقت ياد آيو، اهو لکي ڇڏيو. ان ۾ ڪافي واقعا ياد نہ رهندا آهن، وسري ويندا آهن. جيڪو ڪجهہ وسري ويو، اهو سڀ ڄڻ تہ ماڻھو جيئو ئي ڪونہ. مٿان وري جيڪڏهن لکندڙ کي ويسر جو مرض لاحق ٿي پئي تہ هو ويچارو ٿي وڃي ٿو. ڊاڪٽر حميد سان بہ ايئن ئي ٿيو آهي. ان جو هو پاڻ بہ اقرار ڪري ٿو تہ ٿائيرائڊ جي ڪري هن کان طب جا ڪتاب وسري ويا، مريضن جا نالا وسري ويا، دوائون وسري ويون ۽ تاريخ ۽ ادب جا ڪتاب وسري ويا. ان ويسر هن کان سندس زندگي جا ڪيترائي باب، ڪيترائي قصا ۽ انيڪ واقعا وساري ڇڏيا هوندا. آئون ڀانيان ٿو تہ اهو ئي سبب آهي جو ساروڻين جي هن ڪتاب ۾ واقعا بيحد گهٽ ڏنل آهن. مون تازوئي برٽرينڊ رسل ۽ پابلو نيرودا جون جنم ڪٿائون پڙهيون آهن، جيڪي واقعن سان، ڪٿائن، قصن سان ڀرپور آهن. يا ميڪسم گورڪي، لڇمڻ ڪومل، منڊيلا، رئيس ڪريم بخش نظاماڻي، حفيظ ڪنڀر جون سندن زندگين بابت سوانح عمريون آهن. انھن ۾ واقعا کٽڻ جو نالو ئي نٿا وٺن. پر ڊاڪٽر حميد جي هنن ساروڻين ۾ واقعا نہ هجڻ جي برابر آهن. هنن ساروڻين جو اسلوب بہ تاريخي ۽ اڪيڊمڪ وڌيڪ آهي. جيئن جوهي ۾ لائبرري جي قيام جي جستجو آهي. اهو سڄو باب تاريخن سان ڀريو پيو آهي. ها، البت اهو باب ٻڌائي ٿو تہ جيڪڏهن ڪنھن مقصد جي حاصلات لاءِ اڻ ورچ ٿي جھد ڪجي ۽ ٿڪجڻ جو نالو نہ وٺجي تہ گهربل مقصد ماڻي سگهجي ٿو.
حميد سومري جي ساروڻين جو هي ڪتاب ٻن ڀاڱن ۾ ورهايل آهي. پھرئين ڀاڱي ۾ يارهن باب آهن. اتي ئي هي ڪتاب مڪمل ٿئي ٿو. ڪتاب جو ٻيو ڀاڱو جوهي بابت اڳي شايع ٿيل مضمونن تي مشتمل آهي، جيڪي مختلف اخبارن ۾ شايع ٿيل آهن. ترتيب سان پيرائتي ڳالھ رکجي تہ اها اتان کڻبي تہ ساروڻين واري حصي جي پھرئين باب جو عنوان "جوهي مکڻ موهي" ڏنو ويو آهي. ليکڪ پاڻ چئي ٿو تہ هن کي اها چوڻي سمجهہ ۾ نہ آئي تہ ان جو مطلب ڇا آهي. ان جو هڪڙو حل اهو هو تہ ليکڪ کي جوهي جي جهونن/جهونين وٽ وڃي تن سان ڪچھريون ڪرڻيون هيون. شايد اتان هن چوڻي جي ڳنڍ کلي پئي ها. آئون ڀانيان ٿو تہ هن چوڻي جو مطلب اهو ٿي سگهي ٿو تہ جوهي مکڻ جھڙي آهي.. سفيد، چاندي جھڙي، نرم ۽ سوادي. مکڻ آسودگي جو اهڃاڻ بہ آهي. مکڻ جو مطلب آهي تہ ان علائقي جا ماڻھو مالوند هئا، خوشحال هئا. ان ڪري ئي جوهي بابت اها چوڻي وجود ۾ آئي هوندي. هن باب ۾ ئي جوهي جي خوشحالي جا ڪجهہ اشارا ليکڪ پاڻ ڏنا آهن. مثال طور، جوهي جي هڪ پاسي درياءَ، ٻئي پاسي نئن گاج ۽ انھن جي وچ تي لٽاسيون ٻنيون. مونکي وفا برهماڻي جي هڪڙي ڳالھ ياد اچي ٿي جيڪا هو فقير محمد لاشاري جي حوالي سان ڪندو آهي. وفا چواڻي تہ فقير محمد لاشاري هتي هڪ تقريب ۾ خطاب ڪندي چيو هو تہ ڪاڇي جي زمين ايتري زرخيز آهي جو جيڪڏهن هن ۾ ماڻھو پوکجي تہ اهو بہ ڦٽي اچي. ماڻھو ڦٽائڻ جي سگهہ رکندڙ ڪاڇي جي موتي جھڙو شھر ماضيءَ ۾ شاندار اوج تي هو جنھن جو پتو انھن کوهن، باغن، نارن مان ملي ٿو جيڪي جوهي جي ٽن پاسن کان موجود هئا. ٽن پاسن کان نار هجن ۽ چوٿين پاسي گاج جو وهڪرو هجي، تہ اتي کير ۽ مکڻ ئي هوندا. آئون اڄ کان ڪجهہ ڏهاڪا اڳ، ايئن سمجهو تہ ورهاڱي کان پھرين واري جوهي جو تصور ڪريان ٿو تہ مون کي هڪ اهڙي ننڍڙي پر آسودي وسندي جو خيال اچي ٿو جتي کوهن تي نارن کي اٺ/ڏاند ڇڪي رهيا آهن. لوٽيون پاڻين سان ڀرجي نيسر ۾ ڪرن ٿيون. اڏون تارو تار پاڻي کڻي ٻنين کي سيراب ڪري رهيون آهن. باغ آهن. باغيچا آهن. طرحين طرحين جا ميويدار وڻ آهن. گل، گلڪاريون آهن. هٻڪارون آهن. ڌڻ آهن. کير آهي. ڌئونرا آهن. ڪچن پر صاف شفاف گهرن ۾ گهر ڌڃاڻيون ماٽين ۾ ڌئونرو ولوڙي لسي ٺاهي رهيون آهن ۽ ماٽين مان مکڻ چاڻا ڪڍي رهيون آهن. تازي جوئر ۽ ٻاجهر جي ماني پچي رهي آهي. ان کي مکڻ سان مک ڏئي لسي سان سڀ گهر ڀاتي کائي رهيا آهن. اوتاڪون آباد آهن. سگهڙ آهن. قصا گو ڪو داستان ٻڌائي رهيو آهي. ميلا آهن. ملھ، ملاکڙا آهن. اٺن، گهوڙن، ڏاندن جي گوءِ آهي. ونجهہ وٽي، ڪوڏي ڪوڏي جون رانديون آهن. جهنگ، ٻيلا آهن. پکي، جهنگلي جانور آهن. زندگيءَ جو هڪ توازن آهي. عيدون آهن. تھوار آهن. مذهبي ڀيد ڀاو جو نانءُ نشان ناهي. هندو مسلم جا ويڇا خوشيءَ جي ڏڻن ۾ ڪي رڪاوٽون نٿا وجهن. عيد جي ماني گڏجي پئي کاڄي ۽ مبارڪون پيون ڏجن ۽ وٺجن. هولي جا رنگ ۽ ڏياري جا ڏيئا گڏجي پيا هڪ ٻئي کي هنيا وڃن ۽ ٻاريا وڃن.
۽ پوءِ پردو مٽجي ٿو. اسٽيج ساڳيون جوهي، پر ڪردار ۽ انھن جا ڪم مٽجن ٿا. ڇو تہ ليکڪ ۽ هدايتڪار نوان، اوپرا اچي ويا آهن. جيئن ڊاڪٽر حميد سومرو ڪتاب ۾ لڏپلاڻ جو سرسري ذڪر ڪري ٿو، تہ سڀ کان پھرين مون کي اي ڊبليو هيوز جي گزيٽيئر ۾ اهي هندو ۽ سک سامھون اچن ٿا. ورهاڱو ٿئي ٿو ۽ ڌرتي ڌڻين جي دلين ۽ دماغن تي خوف ۽ نفرت جا ڪارا پاڇا ڇانئجي وڃن ٿا. هندو ۽ سک اباڻا پڊ ڇڏي، آب هاڻيون اکيون جهڪائي، پنھنجي جوهي کي آخري ڀاڪر پائڻ کان سواءِ ئي الوداع ڪن ٿا. سنڌي ماڻھو ويندو آهي تہ چوندو آهي "چڱو موڪلاڻي ناهي." پر آئون نٿو ڀانيان تہ ويندڙن ايئن چيو هجي ۽ ويٺلن کين ترسڻ جو چيو هجي. ڇو تہ ڪڏهن ڪڏهن ڪي دور پاڳل پڻي جي ور چڙهي ويندا آهن. سنڌ کي 1939ع ڌاري چريائپ جو دورو پيو. مسجد منزل گاھہ سکر کان شروعات ٿي. علي محمد راشدي پنجاب مان ويھي هشيون ڏنيون. هڪ ديس کي باھ لڳي. ۽ ماڻھو سڙندا، مرندا، رڙيون ڪندا، ڀڄندا رهيا. جوهي منجهان اها پھرين ڀاڄ هئي. ان ڀاڄ هڪ خال پيدا ڪيو، جنھن کي اوپرن ماڻھن ذريعي ڀريو ويو. حميد ان ڀاڄ کان پوءِ بہ ٻن وڌيڪ ڀاڄن جو ذڪر ڪيو آهي. ٻيءَ ڀاڄ جا بنياد اردو ميڊيا وڌا ۽ ان کي ضياء الحق جي منحوس پاڇي پروان چاڙهيو. ايم ڪيو ايم جي دهشگردي واري سياست ان کي مٿي کڻي آئي ۽ پوءِ جوهي منجهان ٻي لڏپلاڻ ٿي. لڏپلاڻ جو ٽيون دور بدامني، ڌاڙيل گردي جو نتيجو هو. انھن سڀني عنصرن جوهي جي زندگي، ڪاروبار، سياست تي لازمي اثر ڇڏيا. نتيجو اهو آهي جو جوهي جي آسپاس نہ باغ رهيا، نہ بھاريون رهيون ، نہ گل رهيا، نہ گلڪاريون رهيون ۽ نہ هولي جا رنگ رهيا ۽ نہ ئي ڏياري جا ڏيئا رهيا. پويان باقي وڃي رهي ڏاڍن جي ڏاڍائي ۽ سرڪاري بدانتظامي ، جنھن اها بتي بہ اجهائي ڇڏي، جيڪا بتي جوهي جي هڪ امڙ ٻاريندي هئي ۽ جيڪا کڻي ھوء مک چوڪ جو فانوس روشن ڪندي هئي.
حميد سومري پنھنجي يادگيرين ۾ جوهي تي قبضن جو سرسري ذڪر ڪيو آهي. هن ڇاپري تي، مندر تي، ڌرمشالا تي قبضن کي هڪ ٻن سٽن ۾ ئي اڪلائي ڇڏيو آهي. آئون سمجهان ٿو تہ اهو انصاف نہ ٿيو. اهو جوهي جي ڪک کي لڳل خنجر آهي جنھن منجهان رت ڦڙا اڃان بہ ٽيپو ٽيپو ٿي ڪري رهيا آهن. قبضا ئي تہ آهن جيڪي قومن، نسلن کي هڪ کاهي ۾ ڌڪي ڇڏين ٿا. قبضا گير قوتن جي منھن ڏيکائي بيحد ضروري هئي پر خبر ناهي ڇو رڳو انگ اکر ڏنا ويا تہ جوهي جي هيترن ايڪڙن تي قبضو ڪيو ويو آهي. اڻپوري، اڌوري ڳالھ وڌيڪ مونجهارو پيدا ڪندي آهي. مونکي اميد آهي تہ جڏهن هن ڪتاب جو ٻيو ايڊيشن ايندو تہ اسان کي قابض ٽولي جي سڃاڻپ ٻڌائي ويندي. پر جيڪڏهن هاڻي ئي، ان کي صاف چٽو ڪيو وڃي تہ ويتر ڀلو ٿيندو.
جيئن پھرين زماني جي ڳالھ ڪبي آهي ۽ پوءِ ڦري گهري حاصل مطلب تي اچبو آهي، ايئن ئي ڊاڪٽر حميد جوهي کان ٿي پنھنجي پاڻ ڏي اچي ٿو. ان ڏس ۾ هو سندي، گهرڀاتين جي ڳالھ ٻن حصن ۾ ڪري ٿو. هڪڙو حصو "جوهي واپسي" آهي ۽ ٻئي حصي کي عنوان ڏنو ويو آهي "امان راڄل." ان کي جيڪڏهن "امان راڄل جي اڪيلائي" جو عنوان ڏجي ها تہ ويتر ٺھڪي اچي ها. پھرين ٽارزن جي "جوهي واپسي" تي ڪچھري ٿا ڪريون. ان جي شروعات "بک بڇڙو ٽول، دانا ديوانا ڪري" واري چوڻي سان ڪئي وئي آهي. ڪتاب ۾ ڊاڪٽر حميد جو دليل اهو آهي تہ بک ۽ غربت سندس ڪٽنب کي پريشان تہ ضرور ڪيو ۽ تڪليف بہ ڏني، پر سندن ويڙھو ديوانگي کان بچي ويو. ديوانگي ڇا آهي؟ دانائي ڇا آهي؟ انھن ٻنھي سوالن جو ڪو حتمي جواب شايد نہ هجي. پر معاشي حالتن ۽ سماج ۾ ڪنھن فرد، ڪٽنب جي اهميت مان دانائي ۽ ديوانگي جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. اها بک ۽ بدحالي ئي هوندي آهي جيڪا هڪ ڪٽنب جي وڏي کان اهي ڪم ڪرائيندي آهي جن ۾ اجورو نہ هجڻ جي برابر هجي. اها بک نالي بڇڙي ٽول جي بڇيل ناداني هوندي آهي، جيڪا ماڻھو کان اهڙا ڪم ڪرائيندي آهي، جيڪي الھہ بخش ڊکڻ جي ڪٽنب جي ڀاتين ان وقت ڪيا جڏهن هن گهر کان سک منھن موڙيا. ڊاڪٽر حميد لکي ٿو: "بک بڇڙو ٽول، داناء ديوانا ڪري جو اصطلاح پاڻ ٻڌو آهي. اسان جي گهر ۾ 1977ع ايندي غربت بہ آئي ۽ بک بہ آئي. مايوسي، بيوسي بہ آئي. ليڪن اسان جي گهر ۾ ڪوبه ديوانو پيدا نہ ٿي سگهيو." ڪتاب ۾ اڳيون جملو هي آهي: "اسان جو وڏو ڀاءُ واليڏنو سمورو ڪاروبار ۽ ملڪيت ختم ٿيڻ کانپوءِ ڳوٺ جي مسجد ۾ پيش امام ٿيو." پورهيو ڪو بہ گهٽ، وڌ ناهي، پر وسيلن، صلاحيتن آڌار پورهئي جي چونڊ اهو طئہ ڪندي آهي تہ ماڻھو ڪٿي بيٺل آهي. آئون نٿو سمجهان تہ جيڪڏهن هڪڙو ڪٽنب غربت ۽ بک جي گهيري ۾ نہ هجي ۽ ان ڪٽنب جو وڏو پيش امام ٿيڻ واري پيشي جي چونڊ ڪري جنھن ۾ اجورو نہ هجڻ برابر آهي. اها مجبوري بہ آهي، تہ ٻي حالت ۾ فراريت ۽ ديوانگي بہ آهي. پر اڳتي هلي، هن ئي باب ۾ ﷲ بخش ڊکڻ جو ڪٽنب غربت سان جهيڙو جوٽي ٿو ۽ ان کي شڪست ڏئي، آسودگي جي واٽ تي وک وڌائي ٿو. غربت مان ڇوٽڪاري جي اها ويڙه بيحد اتساهيندڙ آهي. اها جنگ تعليم جي ذريعي کٽي وئي. پر اها تعليم رڳو گهر جي ڪجهہ ڇوڪرن تائين محدود رهي. ڇوڪرين کي ان کان پري رکيو ويو. ان ۾ گهر جي ۽ جوهي جي قدامت پسند ماحول بنيادي ڪردار ادا ڪيو. پر آئون قدامت پسندي کي فرد جي چونڊ نٿو سمجهان. اها ان سماج جي پيداوار هوندي آهي جنھن سماج جي جوڙجڪ رياست ۽ ان جا ادارا ڪندا آهن. سنڌ جي سماج کي صحيح نموني اسرڻ، اڳتي وڌڻ ۽ ترقي ڪرڻ جي واٽ تي هلڻ ئي نہ ڏنو ويو. ڊگهي قومي غلامي، بيٺڪيت، طبقاتي جوڙجڪ ان کي اهڙو تہ سوگهو ڪري ڇڏيو جو مٿين سطح تي پوري سنڌي قوم، ۽ هيٺ ان جو پورهيت عوام ۽ عورت ان ۾ جڪڙيل آهن. ان مان نجات حاصل ڪرڻ جي ويڙھہ صحيح معني ۾ وڙهي ئي نہ وئي آهي. ڇاڪاڻ تہ تعليم ڏيڻ جا وسيلا رياست /حڪومت وٽ ئي وڌيڪ هوندا آهن، ۽ بنيادي ذميواري بہ ان جي آهي، پر جڏهن رياست آهي ئي مٿئين طبقي جي مفادن جي تحفظ لاءِ ٺاهيل هڪ ٽڪساٽ، تہ اها ڪيئن چاهيندي تہ ان رياست جا سڀ فرد تعليم حاصل ڪن. ۽ پوءِ ان جو نتيجو اهو ٿو نڪري جو مجموعي طور تي سڄو پورهيت عوام ۽ خاص ڪري ان جي عورت کي تعليم جي حق حاصل ڪرڻ کان پري رکيو ويندو آهي. اهو الميو رڳو ان وقت جي جوهي جي ﷲ بخش ڊکڻ جو نہ هو، پر اهو سڄي سنڌ جي لڳ ڀڳ هر گهر جو هو، ۽ اڃان بہ آهي. نجات جي هڪڙي راھ ڇوڪرين جي تعليم مان بہ نڪري ٿي. ڇاڪاڻ تہ هن گهراڻي جي اڳين پيڙهي جون عورتون تعليم حاصل ڪرڻ کان محروم رکيون ويون، تہ اهي پنھنجي جوڙ جي چونڊ جي حق کان بہ محروم رهيون. ان المئي کي ڊاڪٽر حميد پنھنجي ساروڻين جي آخري باب "امان راڄل" ۾ انھن دردناڪ لفظن ۾ چٽيو آهي تہ هوءَ پنھنجي پاڙي ۾ پنھنجي ڌيئرن کي مڙسن جي مار کان بچائي نہ سگهي جيڪي روز ڪٽبيون هيون.
امان راڄل بابت جيڪو ڪجهہ هن ڪتاب ۾ لکيل آهي، اهو سچ ۾ بيان ڪرڻ جي مون ۾ سگهہ ناهي. پاڻ کان وڏي ڄمار واري مرد سان پرڻجي هوءَ هڪ گهر ۾ تہ اچي ٿي، پر هوءَ ڪڏهن بہ ان گهر جي مالڪياڻي نہ ٿي سگهي. هن کي زندگيءَ ۾ هڪڙي پل لاءِ بہ گهر ڌڃاڻي جي حيثيت نہ ملي. اتان ان عورت جي ڊگهي، ڪڏهن بہ نہ ختم ٿيندڙ اڪيلائي جي شروعات ٿئي ٿي. مڙس هن سان گڏ ويھي ماني بہ نٿو کائي. ان عورت کي ڪيترائي ورهيہ ٻار نٿو ٿئي. تصور ڪريو تہ جنھن کي مڙس بہ نہ ڀانئي ۽ ورهين تائين ان جو پير وزني نہ ٿئي تہ ان سان ان گهر ۾ ڇا ڇا نہ ٿي گذريو هوندو. هوءَ هڪ پورهيت جيان ان گهر ۾ هلندي رهي. ۽ وري جڏهن ڪيترائي سال پوءِ هوءَ پٽ ڄڻي ۽ اهو پٽ ننڍپڻ ۾ ئي گذاري وڃي! رڳو ان تي تصور ڪريو. پٽ ڄائو تہ هن پاڻ کي ڀاڳوان سمجهيو هوندو. ۽ جڏهن اهو پٽ سرد جسم بڻجي هن جي جهولي ۾ پيو هجي! آئون تہ هي لکندي ڏڪي رهيو آهيان. ڏک جي هڪ ٿڌي لھر منھنجي جسي ۾ لھي وئي آهي، جيڪا نڪري نٿي. هڪ عورت جي اڪيلائي کي هڪ پٽ اچي ختم ڪرڻ جي نويد ٻڌائي هوندي پر پوءِ جڏهن اهو بہ هليو وڃي! قيامت ان کي ئي چئبو آهي.
هلو اڳتي ٿا وڌون ۽ اتي ٿا اچون جتي هن ماءُ جي جهوليء ۾ اولاد جي صورت گلابن ۽ موتين جا گل ملندا ويا. سنڌ جي سماج ۾ زرخيز زمين، اولاد واري عورت ۽ کير ڏيندڙ مينھن جي وڌيڪ اهميت آهي. زرخيزي، اولاد ۽ کير آسودگي جا اهڃاڻ آهن. سنڌ ۾ کيڪار جي روايت ۾ کير، ڀت، پٽ، ٻارن ٻچن جي پڇا ڪئي ويندي هئي. اوڙي پاڙي جي بہ خبر چار وٺڻ سان گڏ سفر ساٿ جي بہ پچار ٿيندي هئي. سفر ساٿ جو حال احوال گهڻي معنا ٿو رکي. هڪڙو سفر ۽ ان جو ساٿ گهر، ڪٽنب کان ٻاهر جو هوندو هو. اهو دوستي کان اڳتي تنظيم سان بہ ڳنڍيل هو. حال احوال ڏيڻ وٺڻ جو اهو طريقو رڳو عام زندگي بابت نہ هوندو. آئون ڀانيان ٿو تہ سنڌ تي ٻاهرين ماڻھن جي قبضي خلاف جهيڙيندڙ ماڻھن هڪ ٻئي سان رابطي، سلامتي، خيريت، نياپي ۽ صف بندي لاءِ اهو طريقو اختيار ڪيو هوندو. پر ساڳي وقت سفر ساٿ جو ٻيو مفھوم جيون ساٿي هو. سفر ساٿ خوش، عافيت سان هجي، کير ڀت ۾ پاڻ ڀرائپ هجي، ٻار ٻچا خيريت سان هجن، تہ ان کان وڌيڪ خوش نصيبي ٻي ٿي ئي نٿي سگهي. هاڻي بظاهر تہ هڪ گهراڻي جي زندگيءَ سکي ۽ سھنجي آهي، ۽ سڄو ڪڙم هڪ ٻئي سان سلھاڙيل آهي، پر امان راڄل جي زندگيءَ جو جيڪو خاڪو هتي هن ڪتاب ۾ چٽيو ويو آهي، اتي هن جو ساٿ ڌڻي هن سان ڪڏهن بہ سلھاڙيل نظر نٿو اچي. ڊاڪٽر حميد بہ امان راڄل جي اڪيلائي جو اهوئي مک سبب ڄاڻايو آهي. ان ۾ هن جي گهر واري کي بہ ڏوهي قرار ڏئي نٿو سگهجي. ڇو تہ جنھن ماحول ۾ هو نپجي وڏو ٿيو ۽ جنھن سماج هن جي تربيت ڪئي، اهو زال کي برابر تہ ڇا، ڪا بہ حيثيت ۽ اهميت ڏيڻ کان انڪاريت تي ٻڌل هو. زال کي گوڏي هيٺان رکڻ ۽ ان تي هر وقت نظر رکڻ وارو سبق ايڏو تہ پڪو ڪرايو وڃي ٿو جو ڪو مڙس زال کي ڀانئي ۽ ان جو خيال رکي تہ ان ڪمزور سمجهيو وڃي ٿو. مڙس ۽ ڪمزور! مڙس ۽ هيڻائي ڏيکاري! ايئن ٿي ئي نٿو سگهي. ان ڪري مڙس تي آڪڙ وڻ ويڙهي جيان چڙهي وڃي ٿي، ۽ اها ان مان ٻاجهہ، رحم، نرمي ۽ پيار جھڙا گڻ چوسي، ان کي سڪائي ٺوٺ ڪري ڇڏي ٿي. ان جو اثر ڊاڪٽر حميد بيحد خوبصورتي سان بيان ڪيو آهي ۽ جيڪو ايئن سامھون اچي ٿو تہ هڪ ماءُ اولاد کان بہ ڇرڪي ٿي، ان کي ڪجهہ چوڻ جي همت نٿي ساري ۽ ايتري قدر جو اولاد لاءِ پنھنجو پيار بہ اظھاري نٿي سگهي. بس رڳو ڏسندي رهي ٿي ۽ ڏسندي ئي رهجي وڃي ٿي ۽ هڪ ڏينھن منجيء تان ڪري، پاڻ کي زخمي ڪري، پيڙائون سھي سھي، اکيون ٻوٽي ڇڏي ٿي.
ڪتاب ۾ ٻيو حال احوال لائبريري جي قيام، طبي پيشي جو سفر، گاج ندي ۽ گورک هل اسٽيشن جي سفر سان سلھاڙيل يادن، ادبي ثقافتي منچ جي جھان، سياسي جدوجھد ۽ جوهي سميت سنڌ جي وڏي حصي تي ٻين پارٽين کان پوءِ ڪجهہ عرصي کان پيپلزپارٽي جي وڏيرڪي طبقي جي پاتل پنجوڙ جي حال احوال تي ٻڌل آهي. ان کان سواءِ 2010ع واري ٻوڏ سان جوهي جي تاريخي ويڙھہ ۽ نتيجي ۾ مليل سوڀ جي ڪٿا بہ هن ڪتاب جو اهم باب آهي. اهو باب ٻڌائي ٿو تہ ڪنھن بہ منزل جي حاصلات لاءِ تنظيم ۽ مقصد جي چٽائي بيحد ضروري آهي. طبقاتي جدوجھد واري باب ۾ ليفٽ جي سياست جو هڪ ماهر ڊاڪٽر جيان بھترين تجزيو ڪيو اٿس. هن ليفٽ جي سياست جي هڪ المئي يعني ڀڃ ڊاھہ تي پنھنجي راءِ چٽي طرح رکي آهي. ايئن ئي هو پيپلزپارٽي جي مقامي ۽ مجموعي سياست بابت پڻ سڌي ڳالھ ڪندي نظر اچي ٿو.
جوهي ۽ سنڌ بابت هي هڪ اهم ڪتاب آهي. بھتر اهو ٿيندو تہ هن ڪتاب کي سندس پھرئين ڀاڱي سان گڏ پڙهيو وڃي. ان سان سڄي ڳالھ چڱي ريت سمجهڻ ۾ مدد ملندي. پنھنجي ڳالھ ٻولھ ڊگهي ٿي وئي آهي، ان ڪري پاڻ وڌيڪ ڪونہ ٿا ڳالھايون.

ساٿ سلامت.
سدائين گڏ.

شبير نظاماڻي
اڱارو، سورهين سيپٽمبر، 2025 ع
ڳوٺ ٽنڊو سومرو

جوھي جيئن مون ڏٺي

جيون جهاڳ اجهاڳ کانپوء ڊاڪٽر حميد سومري جو ساروڻين تي مشتمل ٻيو ڀاڱو جوھي منجهہ جھان جي ٽائٽل سان اشاعت لاء تيار آھي. ھي ڪتاب نئين دور جي سستي سھولت کي نظر ۾ رکندي اي بوڪ طور جاري ڪيو پيو وڃي. باقي ليکڪ چواڻي سندس ساروڻيون ٽن ڀاڱن تي مشتمل ھونديون، اڃا آخري ڀاڱو اچڻو آھي، جنھن بعد جڏھن جا مينھن تڏھن جا پاڻي، مقصد ان وقت جي ماحول کي ڏسي پني تي ڇپائي جو قدم کنيو ويندو. ڊاڪٽر حميد جي سموري زندگي، سواء چانڊڪا وارا پنج سال ۽ ھاڻوڪي حيدرآباد وارن پنج سالن کي ڇڏي باقي سموري زندگي جوھي ۾ ئي گذري آھي. شايد انڪري ئي سندس اڌ صدي جي زندگي جي ساروڻين جو گهڻو ڀاڱو جوھي جي چوگرد گهمي ٿو. اھو ئي سبب آھي تہ ليکڪ ھن ڀيري ساروڻين جي ٻئي ڀاڱي جو عنوان ئي ”جوھي منجهہ جھان“ رکيو آھي. پھرين ۽ ٻئي ڀاڱي تي مشتمل ساروڻين جي ھي ڀري ھڪ حوالي سان جوھي جي تاريخ جاگرافي جو ھڪ دستاويز آھي، جنھن ۾ جوھي تعلقي جي زميني بيھڪ، ٻوڏن جي تاريخ، ٽوپوگرافي، پاڻي جا نوان پراڻا لنگهہ، ڪاڇو، جبل، جبلن جا پنڌ، علائقي جا ماڻھو، سندن رھڻي ڪھڻي، گذر سفر جا وسيلا مطلب سمورا پاسا مختصر ۽ جامع انداز ۾ بيان ڪيل آھن. جوھي شھر جي حالتن، واقعن، اٺ ھزارن جي آبادي واري شھر جو اسي ھزار تائين پڄڻ جو جيڪو سفر آ، ان جو پورو پورو جائزو ورتل آھي. شھر جا پاڙا، انھن ۾ رھندڙ برادرين جا حوالا، شھر ۾ مھاجرن جي آبادڪاري ۽ پوء سندن وري ھتان لڏڻ جا سبب، شھر ۾ ڪاڇي جي ماڻھن جي آمد ۽ سندن ماضي ء حال جو داستان ھنن ٻنھي ڪتابن ۾ ملي ٿو. ليکڪ جوھي جي سموري تاريخ کي قلمبند ڪرڻ سان گڏوگڏ اتان جي سياسي، سماجي، ادبي سرگرمين، انھن جي ڪردارن، مزاحمتي ماڻھن جي تعريف ۽ اٻوجهہ ھارين مزدورن جي جدوجھد کي ساراهيو آھي. ھتي کيرٿر جي نئين، ڪاڇي جي فصلن، مصيبت بڻجي آيل ٻوڏن کي انتھائي خوبصورت نموني بيان ڪيو ويو آھي. ليکڪ جڏھن جوھي جي گهٽين ۽ بازارن جي تصوير ڪشي ڪري ٿو تہ اسان جي ٽھي کي پڙھي ائين ٿو لڳي تہ پاڻ چاليھ پنجاھ سال اڳ واري بازار ۾ گهمي رھيا آھيون. ڪٿي طفيل حلوائي جي مٺائي ياد اچي ٿي، ڪيڏي مھل بشير جي ھوٽل تي چانھ جي ڪپ تي بحث ڪندي محسوس ڪيون ٿا، ڪنھن ويل مختيارڪار آفيس، ٽائون ڪميٽي جي اڳيان لگهندي يا ڊاڪ بنگلي وٽ واڪ ڪندي ٽھڪ ڏئي رھيا آھيون. ھنن ساروڻين ۾ جتي جوھي جي رنگ برنگي تاريخ چٽيل آھي اتي مونکي ڪجهہ کوٽ پڻ محسوس ٿي رھي آھي
ڊاڪٽر حميد پنھنجي ساروڻين ۾ جوھي جي سياسي، سماجي سرگرمين، ادبي ۽ ثقافتي پرگرامن جو تفصيلي وچور ڏنو آھي، اتي ھن جوھي جي سئنيما جو ڪٿي ذڪر نہ ڪيو آھي، جيئن تہ اسان جي زماني ۾ سئنيما جوھي جي وڏي تفريح گاھ ھئي، ادبي محفلون، مشاعرہ، موسيقي جا پروگرام بہ شھر جي زندگي جو حسين حصو ھوندا آھن، پر ٽي چار ڏهاڪا اڳ جي زماني کي نظر ڦيرائي ڏسبو تہ سئنيمائون شھرن جي وڏي سڃاڻپ ھونديون ھيون . ھاڻي بہ دادو ھجي يا جوھي سئنيمائون وڏو ريفرنس آھن، توڙي جو اھي پلازائن ۽ ڪارخانن ۾ تبديل ٿي ويون آھن، پوء بہ شھرن جي طرف جو ڏس ڏين ٿيون. ڪنھن کان گهر يا آفيس جي ايڊريس پڇبي تہ جواب ملندو ھو تہ فلاڻي سئنيما جي ڏکڻ يا اوڀر طرف اھا جاء ھوندي. چوڻ جو مطلب سئنيما ڪلچر اسان جي زندگي ۾ رچي بسي ويو ھو. نوجوانن جي ڪچھرين جو موضوع فلمون ھونديون ھيون. ڊاڪٽر حميد خبر ناھي ڇو جوھي جي ان تفريحي پاسي کي پنھنجي ساروڻين ۾ بيان ناھي ڪيو. جڏھن تہ ان سئنيما جا ٻہ اھم ڪردار علي ٿھيم ۽ قادر ٿھيم ساڻس گڏ جيل ۾ بہ رھيا. جوھي ٽائون جي چيئرمن رھندڙ دين محمد ٿھيم شايد ستر جي ڏهاڪي ۾ قيصر ٽاڪيز جي نالي سان سئنيما کولي ھئي ھئي، جيڪا وي سي آر جي آمد تائين ڏھ ٻارنھن سالن تائين جوھي شھر جي وڏي تفريح ھئي ۽ ان سئنيما جو جوھي جي سڃاڻپ ۾ وڏو رول آھي. ساڳي ريت منھنجي خيال ۾ جوھي ۾ ان زماني ۾ڪجهہ اھڙا واقعا ٿيا، جن جوھي جي ماڻھن تي سماجي ۽ نفسياتي طور گهرا اثر ڇڏيا . ننڍڙي شھر ۾ ستر اسي جي ڏهاڪي ۾ رونما ٿيل ڪجهہ اھڙن واقعن کي ساروڻين ۾ شامل ڪجي ھا تہ مقامي ماڻھن کي ماضي جي حالتن جي سٺي ڄاڻ ملي ھا . جيئن وچ شھر ۾ نورو بروھي جو قتل، تڏھن مان پرائمري ۾ پڙھندو ھئس، جوھي شھر ۾ سرعام خون جي اھا پھرين واردات ھئي، ان واقعي جي ڪري شھر ۾ ڪيئي ڏينھن وڏو خوف ھو، اسان تڏھن ٻار ھئاسين، ھن واقعي جي ڪري ڪيترا ڏينھن شھر ۾ ڏھڪاء پکڙيل ھو، ھن واقعي جي ڪري ڪيئي سال باھوٽن جي پاڙي ۾ ھٿيارن سان پھرو ڏنو ويندو ھو. ٻيو وڏو واقعو واپاري اسحاق ٿھيم جو اغوا ھو، ھي بہ شھر جي تاريخ جو پھريون اغوا ھو. ھن واقعي جي ڪري شھر ۾ ڌاڙيلن جو ڏھڪاء پکڙجي ويو، ساڳي وقت اغوا جي ھن واردات ٿھيم ڀائرن سيٺ اسحاق ۽سيٺ محمد بخش جي ڪاروباري طور چيلھ ڀڃي ڇڏي، سيٺ ڀنگ ڀري زندہ واپس موٽي آيو پر سندس ڪاروبار ٺپ ٿي ويو. جوھي ۾ اغوائن جو پوء تہ سلسلو ھلي پيو، ڪجهہ عرصو پوء ساڳي روڊ تي دين محمد ھوٽل واري جي پٽ نوجوان غفور ٿھيم کي ڌاڙيل اغوا جي مزاحمت تي برسٽ ھڻي قتل ڪري ڇڏيو ھو. اھڙي ريت ڪجهہ سال اڳ ڪپڙي جي واپاري آچر سولنگي جو خون، حافظ عبدﷲ رند جو پراسرار قتل ۽ ڪجهہ ٻيا اھڙا واقعا، جيڪي اڄ بہ ماڻھن کي ياد آھن، ڊاڪٽر حميد انھن کي ليکي ۾ ناھي آندو.
باقي ليکڪ جنھن طريقي سان ٻنھي وڏين ٻوڏن ۽ ماڻھن جي مزاحمت کي بيان ڪيو آھي، اھي ڪنھن دستاويز کان گهٽ ناھن. جوھي جي شھرين ۽ رنگ بند جي آسپاس جي ڳوٺاڻن جي ھمت، حوصلي، سخاوت، جرئت مندي جو سنڌ ۾ ٻيو ڪو مثال ملڻ مشڪل آھي. عيد نماز مسجد ء عيدگاھ بدران بند تي پڙھي ويئي، ٻيو انوکو مثال ھڪ عورت جي فوتگي تي تڏو ڳوٺ کي ڇڏي رنگ بند تي وڇايو ويو تہ جيئن بند جي مضبوطي وارو ڪم ڪنھن بہ طور متاثر نہ ٿئي. رنگ بند تي ھزارين ماڻھن ڪم ڪيو، ڪنھن ڪوڏر سان پاچڪا ڀريا، ڪنھن امداد ۾ پاچڪا ٽوئا ڏنا، ڪنھن ھزارين ماڻھن کي ٽي ويلا ماني کارائي، ڪنھن شربت چانھون پياريون، ڪنھن اٺ ڪلوميٽر بند تي روشني جو بندوبست ڪيو، ڪنھن جان جي بازي لڳائي تيز وھڪري ۾ بند کي لڳل روڻون بند ڪيون. شھر جا وڪيل ۽ ڊاڪٽر ڪيئن پورهيتن جا خدمتگار بڻجي کين پاڻي پياريندا ھئا. اھا سنڌ جي ھڪ نئين تاريخ ھئي، جيڪا ڊاڪٽر پنھنجي ساروڻين ۾ ھميشه لاء محفوظ ڪري ڇڏي آھي.
ڊاڪٽر حميد پنھنجي ساروڻين ۾ سندي ذات، ڪٽنب، ڳوٺ پوء شھر ۽ ائين دادو ضلعي سميت سڄي سنڌ کي سياسي ۽ سماجي تحريڪن سان سلھاڙي لکيو آھي. ساروڻين جي پھرين ڀاڱي ۾ ڪميونسٽ پارٽي سميت کاٻي ڌر جي سياست جي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي آھي ء ان ۾ پنھنجي ذاتي ڪردار، جدوجھد، جيل، سختين، ڪاميابين، ناڪامين جو ذڪر ۽ سبب بيان ڪيا اٿس. ڀاڱو ٻيو گهڻو تڻو جوھي ۽ جوھي ۾ گذاريل زندگي جي يادن تي ٻڌل آھي. سندس ننڍپڻ ڪيئن گذريو، اسڪول ۽ ڪاليج جو زمانو ڪيئن ھو، ان کي تفصيلي بيان ڪرڻ بعد ٻئي ڀاڱي ۾ بہ ڊاڪٽر پنھنجي ڪٽنب جي ساروڻين کي ساريو آھي. جوھي واپسي ۽ امان جو پيار جي حوالي سان ٻہ مضمون پڙھڻ لاء ملن ٿا. اسان ڀائر ڀينرن ۾ منھنجي ۽ حميد جي عمر ۾ چار پنج سالن جو فرق آھي، انڪري ڊاڪٽر جي ساروڻين جو ائين سمجهجي تہ مان عيني گواھ آھيان بلڪ شريڪ آھيان. خاندان جي خوشحالي، ڪجهہ عرصي جي غريبي، وري پنھنجي پيرن تي بيھڻ سڄو سفر گڏجي ڪيو اٿئون. ائين ناھي تہ غربت ۽ اسان جو چولي دامن جو ساٿ ھو، غريبي اسان وٽ پنج اٺ سالن لاء ھئي، باقي زندگي ٺيڪ گذري . بابي جي ھوندي اسان خوشحال ھئاسين، سندس حياتي جي آخري سالن ۾ غربت اسان جي گهر واسو ڪيو ۽ ايستائين ان جو ديرو ڄميل رھيو، جيستائين حميد ڊاڪٽري پاس ڪري جوھي ۾ اچي ڪلينڪ نہ کولي. اھي بہ ڏينھن ھئا جو ويلو ويھي ويندا ھئاسين، ڊاڪٽر حميد جي ڪلينڪ ھلڻ سان ايترو ٿيو جو گهر ۾ سيڌو سامان، ڀاڄي ٻوڙ جو بندوبست ٿي پيو. تن ڏينھن ۾ ادو مولوي ننڍو ڪاروبار ڪندو ھو ۽ ادو حاجي سعودي ۾ ڪمائيندو ھو، پر جيئن تہ ڪھول وڏو ھو، انڪري ٽئي ڀائر گڏجي گهر جو گاڏو ھلائيندا ھئا. تڏھن مان سنڌ يونيورسٽي ۾ پڙھندو ھئس، پھرين سال مونکي پڙھائي ۽ ھاسٽل جو خرچ ادي حاجي ڏنو، پوء منھنجو بار بہ حميد پنھنجي ڪلھن تي کنيو. بابي 1982 ۾ وفات ڪئي ۽ ڊاڪٽر حميد کي 1990 تائين نوڪري بہ ملي ويئي ء سندس ڪلينڪ بہ ھلي پئي ھئي. مطلب اسان جي ڪٽنب ڏھاڪو سال غربت ۾ گذاريا ۽ پوء پاڻ سنڀالي وياسين. ھاڻي تہ غربت وارا ڏينھن بہ رومانوي لڳن ٿا. ڊاڪٽر حميد پنھنجي ساروڻين ۾ ڪٽنب جي لاھڻ چاڙھن، بابي ۽ ڀائرن ڀينرن جي جاکوڙ، غربت ۽ خوشحالي جو سفر ۾ تفصيلي بيان ڪيو آھي.
خوشحالي مان مراد اميري يا شاھوڪاري ناھي. مال ملڪيت، بنگلا گاڏيون سڀ اميري جون علامتون آھن، اسان پاڻ کي خوشحال انڪري سمجهون ٿا تہ اسان جو ذري گهٽ سڄو ڪٽنب شھرن ۾ رھي ٿو. سڀ پنھنجي سھنجي وارا آھن، کائڻ پيئڻ جي بک ناھي، اڀريون سڀريون گاڏيون ۽ رھڻ لاء فليٽ يا مسواڙي گهر آھن. ڊاڪٽر حميد پنھنجي ساروڻين ۾ اھو لکيو آھي تہ ڪيئن ھي ڪٽنب غربت مان نڪري پنھنجي پيرن تي بيٺو. ڊاڪٽر حميد پنھنجي زندگي ۾ پئسو ايترو ڪمايو جيتري ضرورت ھئي، ھن ڪڏھن بہ مال ميڙڻ جي ھٻڇ نہ ڪئي. جوھي جا کوڙ ڊاڪٽر ڪلينڪ جي ڪمائي مان ڪروڙ پتي ٿي ويا، پر ڊاڪٽر ڪڏھن بہ ھٻڇ نہ ڪئي. کيس بنگلن ۽ گاڏين جو ڪڏھن بہ شوق نہ رھيو. ڪمايائين ايترو جو بس سندس ٻار پڙھي ويا، شاديون ڪيائون، ھاڻي سکيا آھن، وٽس ھڪ فليٽ ۽ قسطن تي ورتل ڪار ڪل ملڪيت آھن. پئسو ڪمائڻ ء گهڻو ڪمائي گڏ ڪرڻ ڪڏھن بہ سندس زندگي جو مقصد ناھي رھيو. جوھي ۾ منصور جي نالي سان سندس ڪلينڪ ھئي. حميد صبح جو سرڪاري ڊيوٽي ڪندو ھو ۽ شام جو ڪلينڪ ھلائيندو ھو. ڪلينڪ بند ڪرڻ کان اڳ آخر ۾ حساب ڪندو ھو، ٻنھي ڪمپائونڊرن کي سڏي چوندو ٽي ٽي سؤ رپيا توھان کڻو، ھزار رپيا دوائن جا اسٽور واري کي ڏيو، گهر جي ڀاڄي ۽ کير جا پئسا الڳ ڪندو ۽ آخر ۾ ٻہ ٽي سؤ بچندا ھئس، چوندو ھو تہ ھي خرچ لاء سڀاڻي شام تائين کوڙ آھن، اھو سندس روز جو معمول ھو. ڪامريڊ ھوندي بہ توڪلي رھيو آھي، اڄ ڪمائي اڄ کاڌو، سڀاڻي جا ڀاڳ سڀاڻي سان.
ڪي ماڻھو ملڪيت کي پنھنجي ۽ پنھنجي ٻارن جي محفوظ مستقل جي ضمانت سمجهندا آھن، ڏٺو وڃي تہ ڊاڪٽر ائين بلڪل نہ ڪيو. ھن کي پنھنجي ٻانھن جي ٻل تي پورو ڀروسو ھو، سڄي زندگي ان اعتماد تي گذاري اٿس. ھن پنھنجي اولاد جي تربيت بہ اھڙي ڪئي آھي تہ کين جيڪڏھن ڪجهہ پئسو ڏوڪڙ، گهر، مال ملڪيت ٺاھڻو آھي تہ پاڻ پنھنجي محنت سان ٺاھين. ابي ڏاڏي وٽان ملڪيت نہ کيس ملي ھئي ۽ نہ وري ان جو ڪو ارمان اٿس . ساڳي ريت سندس اولاد
بہ اپڻي گهوٽ تہ نشا ٿيوي وانگر پاڻ ڪمائي پنھنجا پنھنجا گهر ھلائي رھيا آھن. ھڪ حوالي سان ڊاڪٽر حميد نہ رڳو پنھنجي ٻارن پر حاجي ﷲ بخش جي سڄي ڪٽنب جو رول ماڊل رھيو آھي. ھڪ روايت پسند ڪٽنب ۾ ھن ئي ھڪ نئين سوچ جو ٻج ڇٽيو، ترقي پسند سائنسي سوچ جو پرچار ڪري خاندان مان دقيانوسي روايتن کي ڌڪي ٻاھر ڪڍيائين. ذھين ۽ محنتي ھجڻ ڪري سڄي خاندان جو دادلو رھيو، اسڪول ء ڪاليج ۾ استادن جو پسنديدہ شاگرد ھو. جوھي تڏھن ننڍو شھر ھو، ٽيھ چاليھ شاگردن واري ميٽرڪ بينچ ۾ ٽاپر ھجڻ ڪري سڄو شھر کيس سڃاڻندو ھو. حميد جي اھڙي نيڪ نامي تي بابي امان سميت اسان سڀ مٿس فخر ڪندا ھئاسين. ائين حميد سڀني ڀائر ڀينرن، مٽن مائٽن، ڳوٺ توڙي شھر وارن جو لاڏلو رھيو. اھڙي ذھين نوجوان جڏھن مدي خارج سوچ خلاف خاندان ۾ بغاوت ڪئي تہ کيس تمام گهڻي پذيرائي ملي. ذھين سان گڏ دلير ۽ ھمت وارو ھجڻ ڪري اڳتي ھلي سڄي سماج کي تبديل ڪرڻ لاء عملي سياست شروع ڪيائين، جيڪا ڪنھن نہ ڪنھن طريقي سان اڃا بہ جاري رکيو اچي، لکڻ پڙھڻ بہ ان جو ئي تسلسل آھي. ڊاڪٽر حميد منھنجي مشاهدي موجب ڳالھين جو ڳھير نہ عملي ماڻھو رھيو آھي .
مستقل مزاجي ۽ جاکوڙ ڪرڻ سندس شخصيت جو خاصو آھي. انقلابي سياست ھجي، سماجي تحريڪ ھجي يا ذاتي زندگي ڊاڪٽر حميد سڄي ڄمار جدوجھد ۾ رھيو آھي. ساروڻين ۾ بہ جاکوڙ ء جستجو جي جهلڪ جابجا ملي ٿي. اسي جي ڏهاڪي جي ڳالھ آھي، ڊاڪٽر حميد جي شادي ٿي ويئي پر وٽس ڪو ڌار ڪمرو نہ ھو. گهر ۾ غربت جو بہ واسو ھو، بابي وٽ ايترا پئسا نہ ھئا جو کيس ڪمرو ٺھرائي ڏيئي . ھن پاڻ ھمت ڪري اوڏڪو ڪمرو ٺاھڻ جو سوچيو ۽ پوء اسان ٻئي ڀائر گڏجي کڏ جي پاسي ۾ چلھو کوٽي مٽي گڏيندا ھئاسين ۽ سڏ پنڌ کان مٽي جا پنوڙا کڻي اچي ڪمري کي اوڏڪا بار ڏيندا ھئاسين. نحيف جسامت وارو حميد مٽي گڏيندو ھو ء پوء اوڏڪي روڙ بہ پاڻ ڏيندو. مان، ننڍو ڀاء غفور ۽ ڀائيٽو فاروق سندس ھٿ ونڊائيندا ھئاسين. ڀتيون ٿيار ٿيڻ بعد بابي ھڪڙي ڪام ھٿ ڪري حميد کي ٽوئن ۽ ڪانن جي ڇت وارو ڪمرو ٺاھي ڏنو. ڊاڪٽر حميد جي اھا عملي ڪم واري روش سندس زندگي ۾ ھر ھنڌ نظر ايندي. ڳالھيون وڏيون ڪبيون، خيالي پلاءُ پچائبا پر عمل نہ ڪبو، اھڙا ماڻھو کوڙ توھان کي ملي ويندا، پر عملي ماڻھو تمام ٿورا آھن، ڊاڪٽر ڳالھيون سڌيون ۽ سوليون ڪندو، جيڪا بہ ڳالھ ڪندو، ان تي عمل بہ ڪندو. جنھن بہ پروجيڪٽ ۾ ھٿ وجهندو، عملي طور ان کي ڪري ڏيکاريندو، اڪبر جسڪاڻي ميموريل لائيبرري دوستن سان گڏجي زيرو کان شروع ڪيائين، اڄ خير سان ھڪ شاندار ادارو بڻجي ويئي آھي. جوھي کي ٻنھي وڏين ٻوڏن خاص ڪري 2010 واري ٻوڏ کي منھن ڏيڻ ۾ جتي سڄي شھر مزاحمت ڪئي، ھر ڪنھن پنھنجي حصي جو ڪم ڪيو، ان ۾ بہ ڊاڪٽر جو وڏو عملي ڪردار آھي. ائين حيدرآباد لڏي اچڻ کانپوء بہ ڊاڪٽر ورچي ناھي ويٺو، ڪنھن نہ ڪنھن ڪرت سان لڳو پيو ھوندو آھي. عملي ماڻھو ھجڻ ڪري ئي ڊاڪٽر فيملي توڙي دوستن ۽ سماج جو پسنديدہ شخصيت آھي. دوست يارن کي گڏ کڻي ھلڻ جو وٽس وڏو ڏانءُ آھي. ”جيون جهاڳ اجهاڳ“ ۽ “جوھي منجهہ جھان“ ۾ ڊاڪٽر حميد زندگي جي ڏکن سورن، جاکوڙ جدوجھد کي خوبصورتي سان بيان ڪيو آھي. اسان جي فيملي وڏا ڪشالا ڪيا، تنھن ھوندي بہ سک مڙيوئي ڪجهہ سوايا آيا آھن پر ھڪ ٻہ حادثن سڄي فيملي کي ڌوڏي ڇڏيو، جنھن مان اڃا تائين نڪري نہ سگهيا آھيون. ڏھ سال اڳ ڊاڪٽر حميد جي نوجوان پٽ مقصود جي اوچتي وڇوڙي اسان کي ڏک جي گھري ڪن ۾ اڇلي ڇڏيو. ھي اھڙو گهاء آھي، جيڪو ڀرجڻو ناھي، ٽيھن سالن جو چڱو ڀلو نوجوان سڄو ڏينھن ڪرڪيٽ کيڏي شام جو گهر آيو، سيني ۾ ھلڪي سور جي دانھن ڪيائين ۽ ويٺي ويٺي کلندي ڳالھائيندي ھليو ويو. سڄي شھر ۾ ڏک ء صدمي جي لھر ڇانئجي ويئي، ڪنھن کي اعتبار نہ پئي آيو تہ مقصود ھاڻي اسان ۾ ناھي رھيو، ھن وڇوڙي اسان سڀني جي روح کي سدا لاء زخمي ڪري ڇڏيو آھي. اڄ بہ فيس بڪ يا فيملي البم ۾ جڏھن مقصود جي تصوير سامھون ايندي آھي تہ مان پنو ورائي ڇڏيندو آھيان . ھي اھڙي مصيبت ھئي، جنھن مان نڪرڻ ڪنھن بہ طور سولو نہ ھو، پر وري ھتي بہ ڊاڪٽر حميد جو ھمت ۽ حوصلو ڪم آيو. ڊاڪٽر نہ رڳو پاڻ کي بہ سنڀاليو پر گهر جي ٻين سٻني ڀاتين کي بہ زندگي جي تلخ حقيقت کي قبول ڪري اڳتي وڌڻ جو حوصلو ڏنو. لکڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آھي، شاباس آ ڊاڪٽر حميد جنھن زندگي جي تلخ يادن کي سنڀالي وري انھن کي قلمبند ڪيو اٿس. ساروڻين جي ٽئين ڀاڱي جو انتظار رھندو.

عزيز سومرو
جمع 12 سيپٽمبر 2025ع
حيدرآباد

جوھي مکڻ موھي

پنھنجي وڏڙن کان ”جوھي مکڻ موھي“ جو محاورو ٻڌو ۽ انھي جو ٻيلھ محاورو ”کنڀن کوھي“ بہ ڪن پيو، ليڪن ٻنھي محاورن جي معني ۽ مفھوم ڪڏھن بہ سمجهہ ۾ نہ آيو نہ وري ڪنھن جي سمجهاڻي ۾ تسلي ٿي. اھا جوھي، دادو شھر کان ارڙھن ڪلوميٽرن جي فاصلي تي ۽ ھڪ سئو فوٽ اوچائي تي آھي. سنڌو درياءَ، کارو ڇاڻ ۾ جنگيسر ماڳ وٽ سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو جيڪو ماڳ سنڌو درياھ جي سنڌ جي حدن اندر داخل ٿيڻ واري جاءِ کان پنج سئو ڪلوميٽر پري آھي، ,جنگيسر ۽ سنڌو درياءَ ۾ داخل ٿيڻ واري ماڳ ۾ فاصلو 500 ڪلوميٽر آھي ليڪن اتي زمين جو مٿاڇرو سطح سمنڊ کان ڪي 350 فوٽ مٿي آھي. اھا ڳالھ مونکي سمجهہ ۾ نہ ايندي ھئي تہ 500 ڪلوميٽر فاصلي وچ۾ اوچائي صرف 350 فوٽ ۽ 18 ڪلوميٽرن جي فاصلي ۾ اوچائي جو فرق سئو فوٽ کان مٿي ڇو ۽ ڪيئن آھي جڏھن تہ جوھي دادو شھر وچ ۾ ارڙھن ڪلوميٽر فاصلي ۾ ڪو جابلو سلسلو ناھي، ٽوپوگرافي جو فرق ناھي. اھو فرق مونکي تڏھن سمجهہ ۾ آيو جڏھن مون 2010ع واري ٻوڏ ۽ ان ٻوڏ سان جنگ جوٽيندڙ جوھي کي ڏٺو. انھي ٻوڏ سان جهيڙيندي جوھي جي شھرين ھڪ رنگ بند ڏنو، بند کي وڌيڪ مضبوط ڪيو ۽ جوھي کي بچائي ورتو. جنھن ۾ ھزارين ماڻھن جي محنت ۾ ھڪ لک پاچڪا استعمال ٿيا، ٽوئن، لڪڙن جو تہ شمار ئي نہ ھيو. ان کان وڏي زوردار ٻوڏ 2022ع ۾ ھڪ دفعو وري جوھي جي حدن سان کيچل ڪئي ۽ ساڳي طريقي سان جوھي واسين جوھي کي بچائي ورتو. جوھي شھر جي ٻاھران اولھ ۾ نئين گاجي جي تيز وھڪرن کان بچاءُ لاءِ بچاءَ بند ٺھيل آھي جڏھن تہ جوھي شھر کان اوڀر طرف دادو شھر کان اڳتي ڪي 20 ڪلوميٽر جي فاصلي تي سنڌو درياھ وھي ٿو. سال 1932ع ۾ سکر بئراج ٺھڻ کان پوءِ نہ صرف دادو ڀرسان درياءَ جون ڪنڌيون ٽٽنديون، ٻوڏ آڻينديون رھيون بلڪہ منھنجي سانڀر ۾نئين گاج جي پاڻي جوھي شھر جي اتر اولھ ۾ ”تيرٿ“ وٽ ايف پي بند کي ڪيترائي ئي ڀيرا ٽوڙي پئي ڇڏيو. وڏڙا چوندا آھن تہ ياد تاريخ ۾ جوھي جو شھر ڪڏھن نہ ٻڏو آھي، پوءِ سمجهہ ۾ آيو تہ جوھي جي ماڻھن جو ٻوڏ سان وڙھڻ، وڙھندي بند ٻڌڻ، شھر مٿي ڪرڻ ئي جوھي جي قائم ۽ دائم رھڻ جو ڪارڻ آھي ۽ اھوئي ڪارڻ آھي جنھن جي ڪري جوھي جو شھر دادو شھر کان ھڪ سئو فوٽ کان مٿي اوچائي تي آھي اھائي جوھي جي مزاحمت جي علامت بہ آھي، جنھن 2010ع ۾ ڊپٽي ڪمشنر اقبال ميمڻ، پاڻي، آبپاشي ماھر ادريس راجپوت کي ڏندين آڱريون ڏياري ڇڏيون ۽ سنڌ حڪومت کي مداخلت ۽ شھر جي سھڪار لاءِ واپس اچڻ تي مجبور ڪيو. جوھي جي مزاحمت جوھي جي سرشت ۾ شامل ٿي ويئي آھي جيڪا سندس بچاءَ جو اھڃاڻ آھي ۽ اھا انھي جي تاريخ بہ آھي جيڪا بار بار جڏھن ورجاءُ ڪري ٿي تہ جوھي سنڌ جي تمام گهڻين وسندين کان مختلف نظر اچي ٿي.
جوھي شھر ڪيترا سو سال قديم آھي انجي جامع تاريخ اڃا سامھون نہ آئي آھي ليڪن جوھي شھر جي ھڪ پراڻي نشاني شھر جي ڏکڻ ۾ ڪنھن وقت موجود ”ٺل“ ھيو جنھن جي ڦٽل اڏاوت مٿان ھن وقت نجف شاھ جو مڪان ٺھيل آھي. جيڪڏھن سائين عزيز ڪنگراڻي جي اھا ڳالھ درست آھي تہ جوھي تعلقي ۾ موجود گولي فقير، ھيروخان، گل محمد گنب وارا ٺل ٻڌن جي عھد جا آثار آھن تہ پوءِ چئي سگهجي ٿو تہ جوھي جي وسندي لڳ موجود ٺل پڻ انھي عھد جي نشاني آھي ائين جوھي سوين سال نہ بلڪہ ذري گهٽ 2000 سال پراڻي وسندي آھي. پاڪستان ٺھڻ کان اڳ جوھي ڪيئن ھئي ان ۾ ڪھڙا ماڻھو، ڪيئن رھندا ھيا، ھتانجي معيشيت سياست، معاشرت ڪيئن ھئي انجي آبادي ڪيتري ھئي تنھن باري ۾ لکت ۾ ڪا معتبر ڄاڻ مون نہ پڙھي آھي ليڪن ٻھراڙي جا لوڪ اڳوڻي جوھي جا ڪجهہ قصہ ٻڌائيندا آھن تہ موجودہ چينجاڻي ڳوٺ ۽ چينجاڻي شاخ وچ ۾ ايسر داس ديوان جي زمين ۾ ھڪ باغ ھيو جنھن ۾ ھڪ کوھ ھيو جيڪو ڪنھن ڀلاري ڏينھن تي کنڊ جون ٻوريون وجهي مٺو ڪيو ويندو ھيو جيئن غريب غربو انھي مان مٺو پاڻي پي آسيس وٺي سگهي.
جوھي جو پراڻو شھر اڄ بہ آباد آھي جيڪو جوھي شھر کي آيل سرڪيولر باءِ پاس جي وچ ۾ موجود آھي جنھن ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ھر طرف چاڙھي چڙھڻي پوي ٿي. شو مندر جنھن کي ھاڻي ”قبي“ سڏجي ٿو ان مان داخل ٿجي يا اوڀر ۾ پراڻي ٽيڪسي اسٽينڊ کان يا ھاڻوڪي فاضل راھو چوڪ کان، گرلس ھاءِ اسڪول کان يا اولھ ۾ سرھين جي پاڙي کان شھر ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ھيٺان کان مٿانھين تي اچڻو پوي ٿو. ورھاڱي بعد منھنجي سانڀر تائين انھي پراڻي شھر ۾ مھاجر گهڻا رھندا ھيا جيڪي لڏي ويل ھندن جي پدن تي آباد ڪيا ويا جتان ٽائون ڪميٽي جي جنرل سيٽ تان ڪجهہ عرصو اڳ تائين ميون جو گاڏو ھڻي محنت مزدوري ڪندڙ صديق مُڇو ۽ ڪوھر وڪڻي گذارو ڪندڙ مشتاق غوري عرف ”پپُو“ چونڊبا پئي رھيا. پراڻي شھر جي پدن تي مھاجر آبادي جي موجودگي ٻڌائي ٿي تہ اتي گهڻو تڻو ھندو آباد ھوندا جن سان گڏ حجم، ڪنڀر، مڱڻھار، دايا، لوھر، ڊکڻ، ڪوري، چاڪي، کوکرن ۽ باھوٽن جا ڏس بہ ملن ٿا. پراڻي شھر جي ڏکڻ ۾ موجود عاليشان شو مندر ۽ ڪجهہ عرصو اڳ تائين انجي سامھون ڏکڻ پاسي مسافرن لاءِ ٺھيل ڇاپرو، کوھ ۽ انتي اڏيل پاڻي جو حوض پڻ شھر اندر ھندن جي حاڪميت جو حال ٻڌائيندا ھيا. سال 1932ع ۾ سکر بئراج ٺھڻ کان اڳ جوھي شھر جي اتر ۽ ڏکڻ ٻنھي پاسي نئين گاج سميت ڪاڇي جي نين جا وھڪرا بنا رنڊ روڪ پيا وھندا ھيا. منھنجي يادگيري ۾ جڏھن بہ جوھي جي اتر اولھ ۾ تيرٿ بند وٽ ئي بچاءَ بند کي گهارو لڳو ۽ ٻوڏ جو پاڻي شھر جي اتر مان گذري قريشي جي باغ وٽان ٿيندو بخش علي رند جي اوڀر ۾ وھندو ھيو جيڪو ٻڌائي ٿو تہ نئين گاج جي ڇڙواڳ پاڻي جو اھوئي لنگهہ ھيو. ائين نئين گاج جو پاڻي ٻوڏ بڻجي ايندو ھوندو، اوڀر ۾ سنڌو درياءُ ۽ انجي الھندي ناري جا وھڪرا جوھي شھر جي حدن سان کيچل ڪندا ھوندا ۽ پوءِ جوھي جا شھري شھر بچائڻ لاءِ بند ڏيندا مٿي ڪندا ويا نتيجي ۾ جوھي شھر ٽٻي تي اچي ويو جيڪو 18 ڪلوميٽر پري دادو شھر کان ھڪ سئو فوٽ اوچائي تي آھي.
جوھي شھر سان ڪلھو ھڻندڙ اڄوڪيون وسنديون ڪبير ٻٻر، وڏيري ميرل جو ڳوٺ، بخش علي رند، بچل رند توڙي جو پراڻيون وسنديون آھن ليڪن اھي اصل جوھي شھر جي پسگردائي ۽ شھر کان وٿيرڪيون ھيون. جوھي ۾ گهڻُو عرصو پوءِ روزگار سانگي ڊرگهہ بالا مان ڏاھري، سرھيا، ڪوري ۽ ٿھيم، واھي پانڌي مان ٿھيم، امير پير مان جسڪاڻي، مريد ديري. ولي محمد جو ڳنڍو، مزار جت مان مستوئي، ٽٻائين جي ڳوٺ ۽ پوٺي مان لنڊ جڏھن تہ ٽنڊو رحيم خان مان جمالي اچي آباد ٿيا. جوھي شھر کان وٿيرڪن علائقن ۾ ٻاھر ٽن پاسن کان باغ ۽ نار ھوندا ھئا، جوھي شھر جي اتر اوڀر ۾ َقريشي جو باغ، چينجاڻي شاخ جي اوڀر ۾ حاجي خير محمد رند جو باغ ۽ ڏکڻ ۾ قاسم جمالي ڳوٺ ۾ ڪورين جي گهرن جي اولھ اوڀر ۾ باغ پڻ شامل ھيا جن ۾ زيتون، انب، ليمي، صوفي ٻيرن سميت انبن جا وڻ پڻ ھيا. حاجي خير محمد رند جي باغ تي دُري بازمال کوسي نالي ھڪ سنڀاليندڙ رھندو ھيو، اھو باغ ڳوٺ بخش علي رند کي ويجهو ھوندو ھيو انڪري مون سميت ڳوٺ جا ٽاٻر ڇوڪرا انھي باغ مان چوري چوري انبڙيون پٽڻ ويندا ھئاسين. درو بازمال اسان کي جڏھن ڏسي وٺندو ھيو تہ پڇا ڪندو ھيو تہ ڇو آيا آھيو تہ اسان ڪوڙ ھڻي چوندا ھياسين تہ باغ گهمڻ آيا آھيون تہ ھو ڪاوڙجي سرائيڪي ۾ چوندو ھيو، ”تسان اٿان گهمڻ آئي او. . . . !، اي ڪو شھر اي. . . . . . ، ڪا بازار اي جو گهمڻ آئي او. . . نڪلو تہ موچڙي نہ مارانوي. . . . “ . جيڪڏھن جوھي شھر جي چوگرد نارن، واٽر ڪورسن جو ذڪر ڪجي تہ سکر بئراج ٺھڻ کان پوءِ بہ تعلقي اسپتال جي اوڀر ۾ ھڪ واٽر ڪورس وھندو ھيو جيڪو دادو جوھي روڊ پار ۽ ھاڻوڪي نئين ڪالوني جون حدون اُڪري باھوٽن جي پاڙي جي اوڀر تائين وھي زمينون آباد ڪندو ھيو، اھو واٽر ڪورس چينجاڻي شاخ جوھي ۽ شھر وچ ۾ موجود مساڻ کي پاڻي پھچائڻ جو ڪم ڪندو ھيو جتي ھندو پنھنجي مري ويلن جو ڪرياڪرم ڪندا ھئا. ھندن جي مساڻن واري جاءِ تي ھن وقت جوھي شھر جي سڀ کان وڏي ڪالوني نئين ڪالوني آباد ٿي آھي. جوھي شھر جي اتراولھ ۾ سرائي علي محمد رند، سرائي يعقوب رند، احمد رند ۽ ڏکڻ ۾ نار وارا رند جي نالي مشھور ڳوٺ سميت باقر رند جو نار ھوندا ھيا جن تي ٻارھن ئي مھينا زراعت ٿيندي ھئي. ڏاندن ۽ اٺن ذريعي وھندڙ انھن نارن تي ھوادار، ڇانو ڏيندڙ ڇنُون، بيِٺڪون، اوتاڪون ٺھيل ھونديو ھيون جتي سايہ دار گهاٽا ٽالھي ٻير ۽ ٻٻر جا وڻ موجود ھيا جيڪي نار جي پاڻي تي ساوا رھندا ھيا. انھن نارن جي اڏُن جي ڪپن تي سبزہ زار ۽ ٻوٽا پوکيل ھوندا ھيا. منھنجي ٻاروتڻ ۾ چوطرف، ڪڙين ۽ نارن جي پاڻي تي آباد، باغن ۽ نارن تي مشتمل اھا جوھي گهڻو تڻو صاف سٿري رھندي ھئي جنھن کي دادو سان ملائيندڙ ھڪ روڊ ئي پڪو ھيو، جيڪو سال 1950ع 1951ع ۾ ٺھيو. ڪاڇي سميت جوھي کي باقي علائقن سان ملائيندڙ رستا ڪچا ھيا. انھن رستن ۾ ھڪ ڪچو رستو ڪاڇي ويندڙ انجنيري رستو سڏبو ھيو. جوھي شھر جي اتر مان ايف پي بند کان نڪرندڙ رستو صاف سٿرو سنڀار ھيٺ ھوندو ھيو جنھن تي سرڪاري گاڏين کي گذر جي اجازت ھوندي ھئي. اھو رستو قريشي بورنگ جي اوريان ”بري تلاءَ “ کان ٿيندو حاجي خان تائين ھليو ويندو ھيو، انھي رستي جي ٽاپ اڄ جي روڊن کان گهڻي بھتر ھوندي ھئي. ائين جوھي برانچ سميت چنجاڻي شاخ جي ٽاپ تي مال متاع، گاڏي، بيل گاڏي کي گذرڻ جي اجازت نہ ھوندي ھئي جيڪڏھن انھي رستي تان مال متاع گذريو تہ اتي ڊيوٽي تي موجود بيلدار مال ڍڪ تي پھچائيندو ھيو. ڳوٺ بخش علي رند جي اوڀر ۾ وھندڙ چنجاڻي شاخ تي مامور ھاشم ٻٻر بيلدار ڪيترا ڀيرا رندن جو رولو مال چنجاڻي شاخ جي ڪڙ تي گهمندي ڏسي ڍڪ تي پھچائي چالان ڪرايو ھيو. منھنجي اسڪول جي زماني ۾ جوھي جي مک چوڪ وٽ توقير عالم جي ميڊيڪل اسٽور آڏو جوھي دادو روڊ تي فانوس لڳل ھيو جيڪو سج لٿي ٻاريو ويندو ھيو جنھن کي روشن ڪرڻ جو ڪم اڪبر جسڪاڻي جي بتين واري ناني ماسي ڄامل حوالي ھوندو ھيو جيڪو 1967ع ۾ جوھي ۾ بجلي اچڻ تائين ٻرندڙ ھيو. انھي عرصي ۾ جوھي شھر جي آبادي جو ھڪ بورڊ واٽر سپلاءِ اسڪيم واري جاءِ تي لڳل ھيو جنھن ۾ شھر جي آبادي اٺ ھزار ۽ انجي ضرورت جيترو پاڻي لکيل ھيو. آءُ جڏھن لاڙڪاڻي مان پڙھي واپس آيس تہ جوھي گهڻِي بدلجي ويئي ھئي. جنرل مشرف جي وقت ۾ جڏھن بلدياتي نظام آندو ويو ۽ ڳوٺ بچل رند کي جوھي ميونسپالٽي جي حدن ۾ شامل ڪيو ويو تہ ميونسپل جي آبادي 80 ھزار ھئي. جوھي مان ورھاڱي وقت ھندو لڏي ويا، ٻولي وارن فسادن جي ھوشري ۾ مھاجر آبادي جي اڪثريت لڏي ويئي، پوءِ جنرل ضياءَ جي دور جي آخري سالن ۾ جوھي ۾ ڌاڙيلن جو راڄ آيو، جوھي شھر مان ماڻھو اغوا ٿيڻ شروع ٿيا. جوھي ۽ دادو شھر وچ ۾ روڊ تي ٽپھري کانپوءِ روڊ تان ٽريفڪ گم ٿي ويندي ھئي ۽ سج لٿي کانپوءِ شھري گهر کان ٻاھر ڪونہ نڪرندا ھيا. ٻھراڙيون رھڻ لائق نہ رھيون جڏھن تہ ڪاڇي جي سرسبز شاداب، تاريخي وسندي ”بري“ جي ذري گهٽ سموري آبادي جوھي شھر ۾ اچي ويٺي جيڪا ھاڻي نئين ڪالوني يا بري ڪالوني سڏي وڃي ٿي. جوھي شھر ڪاڇي ڪنڌي جي مک وسندي آھي جنھن جي معيشت جو چرخو ڪاڇي جي وس تي ھلندو رھيو آھي. جڏھن بہ ڪاڇو وسندو آھي تہ جوئر، سرنھن، ڄانڀو، تر، گوار جھڙا فصل جوھي شھر ۾ معاشي سرگرمي جو ڪارڻ بڻبا آھن، ماڻھن وٽ پئسو ايندو آھي ۽ جوھي خوشحال نظر ايندي آھي. اڳوڻي جوھي ٽائون ڪميٽي ۾ چار وارڊ ھوندا ھيا جن ۾ اھم ترين ۽ ڳتيل آبادي وارو وارڊ قديم جوھي شھر وارو وارڊ ھيو. جوھي ميونسپل جي حدن ۾ ھن وقت اٺ وارڊ آھن. جوھي جي ڇاپري، ڌرم شالي ۽ مندر تي ليز جي نالي تي قبضا ٿيا، پراڻي ڪورٽ جج جي رھائش وارين جڳھين سميت جوھي جو گهڻو ڪجهہ تين وال ٿي ويو، ٽائون ڪميٽي جوھي جي زمين تي قبضا ٿيا. ٽائون ڪميٽي جي ھڪ اڳوڻي چيئرمين چواڻي جوھي شھر جي ساڍا 42 ايڪڙ زمين ھن وقت غيرقانوني قبضي ھيٺ آيل آھي. انھي جوھي ۾ 1988ع ۾ جڏھن آءُ پڙھي واپس آيس تہ اھا بلڪل بدليل ھئي. جوھي شھر جو وجود جوھي واسين جي سوين سالن تي محيط مزاحمت جو نتيجو آھي. جوھي واسي گاج جي پاڻي سان وڙھيا، انکي قابو ۾ رکيائون، درياھ جي الھندي ناري کي پنھنجي ضابطي ھيٺ آڻي پنھنجون ٻنيون آباد ڪيائون، 1942ع جي ڪاري ٻوڏ سان وڙھيا، اھا مزاحمت جوھي جي سرشت ۾ شامل ٿي 2010ع ۽ 2022ع وارين مھا ٻوڏن سان وڙھي ۽ ھميشہ بشير ٿھيم، شينھن رند، پيارو رستماڻي، ﷲ داد جمالي، امام علي رستماڻي، مير محمد لغاري، يونس سولنگي، قربان کوکر، غلام قادر لغاري، يوسف سولنگي، ميھر گاڏھي ۽ قادو لنڊ بڻجي جوھي جي روڊن رستن تي دانھيندي ٻاڪاريندي نظر آئي، جيڪا ئي جوھي جي زندھ ھجڻ ۽ زندگي جي علامت آھي.

جوھي واپسي

بک بڇڙو ٽول دانا ديوانا ڪري جو اصطلاح پاڻ ٻڌو آھي. اسانجي گهر ۾ 1977ع ايندي غربت بہ آئي ۽ بُک بہ آئي، مايوسي بيوسي بہ آئي ليڪن اسانجي گهر ۾ ڪو بہ ديوانو پيدا نہ ٿي سگهيو. اسانجو وڏو ڀاءَ واليڏنو، سمورو ڪاروبار ۽ ملڪيت ختم ٿيڻ کانپوءِ ڳوٺ جي مسجد ۾ پيش امام ٿيو. حال ڏکيا ھيا، غربت بہ ھئي، گهر ۾ ماني مشڪل سان پچي سگهندي ھئي، صبح جو ماني پچندي ھئي تہ امان راڄل جست جي ٺھيل ساڙھي کڻي رندن جي گهرن مان لسي وٺي ايندي ھئي جنھن سان ماني کائيندا ھئاسون. رات جو رکا ايري چانور ۽ انھن ۾ مستي ۽ کنڊ جو ٻرڪو غنيمت ھوندو ھيو. بابا جي اوج جي وقت ۾ جڏھن بہ اسانجي گهر ۾ چانور ڇڙھجي ايندا ھيا تہ جست جو وڏو ٿالھ چوٽي ڪري ان تي سچي گيھ جي وٽي ڀري ڊکڻن جي ويڙھي ۾ ورھائبو ھيو، ڏُکين ڏينھن ۾ پاڙي جي مسجد جي پيش امام اسانجي ڀاءُ کي ڪنھن صلاح ڏني تہ جتي ڪٿي مسجد جا ملان پاڙي جي گهرن مان ڦڪر جي ماني وٺي کائيندا آھن سا تنھنجو بہ حق آھي ليڪن اسانجي مولوي ڀاءُ قرض کنيو، وياج تي مال وٺي اھو گهٽ ملھ تي وڪرو ڪري قرض جون قسطون ڏيندو رھيو ۽ قرض وڌيڪ چڙھندو رھيو ليڪن ”ڦڪر جي ماني“ کي ”پِن جي ماني“، سمجهي اصل نہ ورتائين. منھنجي چانڊڪا مان پڙھي واپس اچڻ وقت مالي بگاڙ ڳڻتي جوڳي حد تي پھتل ھيو، ان دوران منھنجي ٻن وڏن ڀائرن جو عيال نہ صرف وڌي رھيو ھيو بلڪہ آءُ پڻ چار پٽن منصور، ﷲ بخش، مقصود ۽ نديم جو پيءُ بڻجي چڪو ھيس ۽ منھنجو ننڍو ڀاءُ عزيز شادي ڪري ٻن ٻارن جو بيروزگار پيءُ بڻجي چڪو ھيو. اسانجي گذر سفر جو ذريعو بابا جو ڪپڙي جو دڪان ۽ انبعد تيلي ٻج پيڙھائي جو اسپيلر (گهاڻُو) کپائي مونکان وڏو ڀاءُ غلام محمد ڪمائڻ لاءِ سعودي وڃي چڪو ھيو. منھنجي پڙھائي جو خرچ ھلي رھيو ۽ گهر جو گاڏو بہ منھنجي وڏي ڀاءُ ائين گهليو پئي. غربت ۽ تنگدستي جي حال ۾ اسانجي وڏي ڀيڻ ڪزي ۽ سندس مڙس غلام قادر اسانتي مھربان رھيا. اسانجي گهر ۾ ڏينھن جا ڏينھن “ڪُني“ نہ چڙھندي ھئي، انھي حال ۾ جڏھن منھنجي ننڍي ڀاءُ عزيز ۽ وڏي ڀائيٽي فاروق جي فيبروري 1987ع ۾ شادي ڪرائي ويئي تہ انوقت آءُ اڃا چانڊڪا ۾ ھيس. شادي جي پروگرام ۾ منھنجا گهاٽا يار عبد رحمان پيرزادو ۽ لالو نديم پڻ ڳوٺ آيا، کين رھائڻ لاءِ نہ اوتاڪ ھئي نہ وري الڳ ڪمرو ھيو نتيجي ۾ کين پنھنجي گهر پاسي ۾ چاچي ڀائيخان جي گهر ۾ ٻين مھمانن سان گڏ رھايو ويو. ھڪ شادي جي رش ٻيو وري اسانجي ويڙھي ۾ ڪاڪوس خاني جو ڪو فضيلت ڀريو بندوبست ڪونہ ھيو. انوقت حاجت پوري ڪرڻ لاءِ جهنگ منھن ڪرڻو پوندو ھيو، منھنجا ٻيئي دوست جيڪي شادي جي خوشي ۾ شريڪ ٿيڻ آيا ھيا سي ڏکي سکي رات گذاري ٻئي ڏينھن لاڙڪاڻي روانا ٿي ويا. بابا جنھن يتيمي ڏٺي جوھي ۾ ھڪ واپاري وارو اوج ڏٺو پوڙھو ۽ بيوس ٿي بيماري جي حالت ۾ پنھنجي ڪھول جي مخدوش مستقبل کي اکين اڳيان ڏسي رھيو ھيو. ائين لڏندي لمندي ڏسندي ڏسندي ڪجهہ سالن ۾ ﷲ بخش ڊکڻ جو ڪھول غربت جي لٺ ڦٽو ڪري اٿي کڙو ٿيو. ڪمائڻ لاءِ سعودي ويل منھنجو وڏو ڀاءُ مزدوري سان لڳو، منھنجي ننڍي ڀاءُ عزيز اسانجي چاچي جي اٽي جي چڪي تي مزدوري شروع ڪئي، فاروق شھر ۾ڪئبن کولي جنھن تي سندس ننڍو ڀاءُ غلام علي پڻ ويھندو ھيو. لاڙڪاڻي ۾ ھائوس جاب دوران ملندڙ وظيفي جو وڏو حصو گهر موڪليندو ھيس، واپسي تي اھو بند ٿيو ۽ گهر جون حالتون جو ڏٺم تي ڪلينڪ کولي ورتم جيڪا ٻن ٽن مھينن کانپوءِ ھلڻ شروع ٿي ويئي. عزيز ۽ فاروق شاديون ڪري ٻارن ٻچن جا پيءَ ٿيا تہ مٿن وزن بہ آيو، جوھي ۾ محنت مزدوري اڻپوري ھئي انڪري صحافت جي ميدان ۾ قسمت آزمائي لاءِ ڪراچي ھليا ويا. منھنجي ننڍي ڀاءُ غفور ٽيڪنيڪل ڪاليج دادو ۾ ڊپلوما پئي ڪئي انھي کي پڻ ماستري جي نوڪري ملي. 1993ع ۾ عزيز کي ليڪچرر شپ ملي، اڳتي ھلي غفور واپڊا ۾ ايس ڊي او ٿيو، ھيل تائين جي زندگي ۾مون گهر جو صرف نالو ٻڌو ھيو، ٽن ڪمرن، ورانڊي، رڌڻي ۽ غسل خاني تي مشتمل گهر پڻ ٺھيو، جنھن ۾ نلڪو پڻ لڳرايو جنھن سان بجلي جوٽيل موٽر پڻ ھلندو ھيو. منھنجي زندگي جا ننڍڙا خواب پورا ٿيا. مون سان گڏ منھنجا ٻار منھنجي امڙ سان الڳ ڪمري ۾ رھندا ھيا ائين ننڍي ڀاءُ غفور لا۽ ڪمرو پڻ ھيو. تيسين تائين مون وٽ موٽر سائيڪل بہ ھئي. وڏي ڀاءُ، ٻن ننڍن ڀائرن سميت ڀائيٽين کي سنڀالڻ جي ڪوشش ڪئي. انھي اُٿپ دوران سعودي مزدوري ڪندڙ ڀاءَ پڙھائي سان گڏ مونکي ڪلينڪ ڄمائڻ ۾ مدد ڪئي . 1990ع ۾ مونکي ڪانٽريڪٽ تي نوڪري ملي، ساڳي سال ڪميشن جو امتحان ڏنم جنھن ۾ پاس ٿي ريگيولر ملازم ٿيس. سال 1991ع، 1992ع تائين اسان سڀ ڀائر پنھنجي پيرن تي بيھي رھياسين، جڏھن تہ اسانجو وڏو ڀاءُ پڻ پنھنجي اولاد جي ھمت سان اٿاھ غربت مان نڪرڻ جا جتن ڪري رھيو ھيو ۽ کيس باقي ڀائرن جو ڏڍ بہ ھيو. ﷲ بخش ڊکڻ جي اولاد اٿاھ غربت ۾ ٿوري عرصي ۾ نڪري ڏيکاريو اھو پنھنجي جاءِ تي ھڪ الڳ داستان آھي. ڊاڪٽر ٿيڻ کان اڳ مونکي چار پٽ ھيا، مونکي ۽ آمنا کي شوق ھيو تہ اسانکي نياڻي جو اولاد ھجڻ گهرجي. نياڻي جي اولاد جي مون وٽ اھميت انھي ڪري ھئي تہ مون نياڻين کي پڙھائي باقي عزيزن، پاڙيوارن ۾اتساھ پيدا ڪرڻ پئي چاھيو. آمنا کي 1990ع ۾ ڪنول ۽ 1992ع ۾ صبا ڄائي. انھي دوران مون پنھنجن ڀائرن ۽ ڀينرن کي نياڻيون پڙھائڻ تي زور ڀريو، جنکي جڏھن اسڪول موڪلڻ شروع ڪيو تہ ڳوٺ ۾ شديد مزاحمت ٿي. ڪجهہ ماڻھن تہ رڪشا وارن کي جهليو تہ ڊکڻن جون ڇوڪريون اسڪول کڻڻ لاءِ نہ اچو. ڊاڪٽر ھجڻ ڪري منھنجي سماجي مرتبي ۽ زور آڏو ڀيڻين ۽ ڀائرن ۾ منھنجو زور ڪم ڪري ويو، تيسين منھنجا ننڍا ڀائر ۽ ڀائيٽيا بہ مونسان ٻٽ ٿي بيٺا. سال 92 ۽ 93 ۾ جوھي ۾ خوفناڪ برساتون پيون، نئين گاج پنھنجا ڪپر ڦاڙي ٻاھر نڪري آئي ۽ پوءِ جوھي کي چوطرف پاڻي وڪوڙي ويو. ٻوڏ ۾ اسانجو ڳوٺ بخش علي رند پڻ وري ٻڏو، ھيٺاھين ھجڻ ڪري پھريون حملو منھنجي نئين گهر جي چارديواري تي ٿيو. 1995 ۾ خوفناڪ برساتن کانپوءِ ھڪ ٻي خوفناڪ ٻوڏ آئي انھي ٻوڏ ۾ منھنجو نئون ٺھيل آشيانو زمين دوز ٿي ويو ۽ مان شرنارٿي بڻجي ڪجهہ ڏينھن پنھنجي دوست ڊاڪٽر جمن باھوٽي ۽ ڪجهہ ڏينھن پنھنجي ڀيڻ زبيءَ جي گهررھيس ۽ آخر تعلقي اسپتال جوھي ۾ اچي رھيس جتي مون پنھنجن ٻن ڀاڻيجين ۽ ڀائيٽين کي پڻ رھايو تہ جيئن پرائيمري کانپوءِ ھاءِ اسڪول جوھي ۽ دادو ڪاليج ۾ پڙھي سگهن. انھن چئني ڇوڪرين کي انٽر تائين تعليم ڏيارڻ ۾ تہ ڪاميابي ملي ليڪن وقت کان اڳ سندن شاديون آءُ نہ روڪي سگهيس، جنھن جو ارمان مونکي تہ ٿيو ليڪن انھن نياڻين ۽ سندن والدين جي واتان ھاڻي بہ ھاءِ نڪرندي آھي. انھن چئن ڇوڪرين جي پڙھائي کانپوءِ حاجي ﷲ بخش جي ھڪ بيوس نياڻي حضوران جي نياڻين کانسواءِ سندس ڪھول جي ھر نياڻي گهٽ ۾ گهٽ گريجوئيشن کي ضرور پھتي.
جوھي واپسي تي مون سڀ کان پھرين سائين محمد حسن پنھور جي دڪان ۾ ڪلينڪ کولي ھئي، انب جي چڪي جيان ڪلينڪ بہ جاءِ مٽائيندي رھي. ھڪ سال جي اندر نہ صرف مون پنھنجو گهر ھلايو بلڪہ ڀائرن سان بہ ھمراھي ڪرڻ شروع ڪئي. جڏھن 1988ع ۾ بينظير جي حڪومت آئي تڏھن”پليسمينٽ بيورو“ ٺھيو۽ ڪانٽريڪٽ تي نوڪريون پڻ مليون. انھي دوران ھڪ ڏينھن مون وٽ پيپلزپارٽي جوھي جو صدر بشير ٿھيم آيو ۽ چيائين تہ تون مارشلا خلاف جدوجھد ۾ اسانجي جدوجھد ۽ جيل جو ساٿي رھيو آھين انڪري نوڪري لاءِ پنھنجا ڪاغذ ڏي تہ مٿي پھچايون. مون کيس پنھنجا ڪاغذ ڏنا، تيسين پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان بہ ٿيو، سنڌ گورنمينٽ پاران جنوري 1990ع ۾ ڪانٽريڪٽ تي آرڊر مليو جڏھن تہ انھي سال ڪميشن جو نتيجو بہ ايو جنھن ۾ پاس ٿيس. منھنجي پھرين پوسٽنگ اسڪول ھيلٿ سروس ھيٺ پرائيمري اسڪول ڪمال خان لنڊ ۾ ٿي جتي ڪو ڪم نہ ھوندو ھيو، چڪر ڏئي ٻارن کان حال احوال وٺي موٽي اچبو ھيو جنھن ۾ مونکي بلڪل مزو نہ آيو. ھڪ ڏينھن مون ڊسٽرڪٽ ھيلٿ آفيسر دادو کي درخواست ڏني تہ مونکي جوھي اسپتال رکو جنھن اجائي عذر سبب منھنجي بدلي ٿيڻ ڪونہ ڏني. جڏھن پيپلز پارٽي حُڪومت جو خاتمو ٿيو تڏھن جوھي جو سماجي ڪارڪن ۽ صحافي نواز علي رند منھنجي دوست ڊاڪٽر عزيز احمد چانڊيو جي توسط سان منھنجو آرڊر جوھي اسپتال ڪرائي آيو ليڪن جوھي اسپتال ۾ نوڪري منھنجي نصيبن ۾ نہ ھئي ۽ ھڪ دفعو وري بدلي ڪري مونکي بنيادي صحت مرڪز سامتاڻي موڪليو ويو جتان منھنجي جان تڏھن ڇٽي جڏھن 1995ع جي مھا ٻوڏ آئي. تيسين آءُ جوھي اسپتال جي سرڪاري گهر ۾ منتقل ٿيس. جوھي اسپتال ۾ مونکي ڪجهہ عرصو شام جي ڊيوٽي ملي، ليڪن 1995ع جي ٻوڏ ۽ ان ۾ ٿيل نقصان مونکان برداشت نہ ٿيو ۽ آءُ بيمار رھڻ لڳس ۽ سڪي ڪانو ٿي ويس. ڪلينڪ تي سئي ھڻندي، پني تي دوا لکندي، منھنجا ھٿ ڏڪڻ لڳا، شديد سردي ۾ مونکي گرمي ۽ شديد گرمي ۾ منھنجي جسم کي باھ لڳي ويندي ھئي، ويسر ايتري ٿي وئي جو مريض ڏسي ڪرسي تي ويھان تہ مريض جو مرض وسري وڃي يا وري دوا جو نالو لکڻ وسري وڃي. ڊاڪٽر دوست چوندا ھيا تہ توکي ٻوڏ جي دربدري جو ٽينشن آھي جيڪو ڪنھن حد تائين درست بہ ھيو. نيٺ ھڪ ڏينھن حيدرآباد ۾ الھ بچائي ميمڻ کي ڏيکاريم جنھن ڏسڻ سان چيو تہ “ھائپر ٿائيراڊزم “ ٿو لڳي. ٽيسٽون ڪرائڻ کان پوءِ پڪ ٿي تہ اھوئي مرض آھي. ڇھ مھينن کانپوءِ صحت بھتر ٿي ليڪن ويسر جي مرض منھنجو پيڇو نہ ڇڏيو منھنجي دماغ جي سليٽ بلڪل ميسارجي ويئي ھئي. پاڻ سنڀالڻ لاءِ مون نہ صرف ميڊيڪل جا ڪتاب نئين سر پڙھڻ شروع ڪيا بلڪہ جيڪو ادب سياست پڙھي ھيم انکي بہ وري پڙھيم. انھي دوران ھڪ ڪتاب ڪلينڪ تي ھڪ ڪتاب گهر ۾جڏھن تہ ھڪ ڪتاب رات جي ڊيوٽي دوران اسپتال ۾ پيل ھوندو ھيو. پڙھائي سان ڪجهہ بھتري تہ آئي ليڪن رات ڏينھن جاڳڻ منھنجي صحت جي راھ ۾ رڪاوٽ بڻيل رھيو. انھي دوران چانڊڪا ۾ ڊي ايس ايف جو ساٿي رھندڙ منھنجو دوست ڊاڪٽر مظفر کونھارو ڊبليو ايڇ او ۾ نِيشنل پروگرام ڪوآرڊنيٽر ٿي آيو جنھن چيو تہ تعلقي اسپتال جوھي ۾ ٽي بي ڊاٽس جي ڪلينڪ جي ڪم کي سنڀاليان. اھو مونکي انھي جي ڪري بھتر لڳو جو ائين صرف صبح جي ڊيوٽي ڪرڻي ھئي ۽ ٻيا سمورا ڪم معاف ھيا ليڪن جوھي مان بدلي ٿيڻ منھنجو پيڇو نہ ڇڏيو ۽ ھڪ دفعو وري سال 2007ع ۾ منھنجي بدلي بنيادي صحت مرڪز حاجي خان ۾ ٿي. سال 2008ع ۾ جڏھن پيپلزپارٽي جي حڪومت آئي تہ منھنجو آرڊر ڊي ايڇ او آفيس دادو ۾ ٽي بي ڊاٽس جي ضلع ڪوآرڊينيٽر طور ٿيو. اھا خواھش بہ مظفر کونھاري جي ھئي جنھن مونکان ضلع ۾ ٽي بي جوڪم وٺڻ پئي چاھيو. 2010ع ۾ سنڌو درياءَ جي ساچي ڪنڌي تي وڏي ٻوڏ آئي تہ ٻوڏ متاثر ضلعن ۾ عالمي اداري يونيسيف، صحت کاتي سان گڏجي ھيلٿ ڪميونيڪيشن جو ڪم شروع ڪيو جنھن ۾ ضلع دادو ۾ آءُ ”پبلڪ ھيلٿ ڪميونيڪيشن ڪوآرڊينيٽر“ ٿيس جيڪو منھنجي زندگي ۾ ٽرننگ پوائنٽ ۽ ڪمپيوٽر جي دنيا ۾ داخل ٿيڻ جو سبب پڻ بڻيو. منھنجي جيون ۾ ھڪ زوردار جهٽڪو امان راڄل جي بيماري ۽ موت سان آيو جيڪا ڏاڍي پيار ڪرڻ واري ھئي، امان ڪيترو پيار ڏنو سو تہ بيان ڪرڻ جھڙو ناھي ليڪن امڙ مون سميت پنھنجي ڪنھن ٻار کي ڪڏھن ٻن آڱرين جو بجو بہ نہ ڏنو ھيو. جوھي اسپتال ۾ رھائش دوران ھڪ صبح آمنا نيرن تيارپئي ڪئي ۽ امان رڌڻي جي در تي ويٺي ساڻس ڪچھري پئي ڪئي تہ ننڍڙي منجي تان ترڪي پيئي سندس دُڏ وٽان ٽنگ ڀڄي پيئي ۽ 25 جنوري 2012ع جو رات مني ھڪ وڳي دم ڏنائين. امڙ وئي پڄاڻان ھڪ وڏو سانحو منھنجي زندگي ۾ قيامت بڻجي آيو جڏھن تہ پھرين مئي 2015ع تي منھنجي نوجوان پٽ مقصود شام ڌاري دل جي دوري سبب منھنجي ھٿن ۾ اسپتال واري گهر ۾ دم ڏنو ۽ کيس فرسٽ ايڊ بہ نہ پھچي سگهي. منھنجي دنيا ۾ ھڪ زلزلو آيو ۽ پاڻ کي پنھنجي ٻارن کي سنڀالڻ منھنجي لاءِ جبل سان مھاڏو اٽڪائن برابر ٿي ويو. مقصود جي موت، زندگي جو ڳري ۾ ڳرو امتحان بڻجي مونکي شرڻارٿي بڻائي حيدرآباد وٺي آيو ۽ آءُ پنھنجي من اندر جي ڏکندڙ ۽ وياڪل دنيا مان ھڪ نئين دنيا آباد ڪرڻ جي مھم تي نڪري پيس.

سامتاڻي، ليڊي ھيلٿ ورڪرز پروگرام، پوليو مھم

سال 1991ع ۾ منھجي بدلي تعلقہ اسپتال جوھي ۽ اتان کان 1994ع ۾ بنيادي صحت مرڪز سامتاڻي ٿي، سامتاڻي ڳوٺ ضلع ۽ تعلقي دادو جي ڦڪا يونين ڪائونسل ۾ جوھي کان پندرھن ڪلوميٽر پري ڀان سعيد آباد روڊ تي آھي. صحت مرڪز وري جوھي ڀان سعيد آباد روڊ کان ھڪ ڪلوميٽر اندر ڳوٺ کان پرڀرو اتر پاسي آھي. جڏھن ڊيوٽي جوائن ڪرڻ لاءِ سينٽر ۾ پھتس تہ اھو غيرآباد ۽ پاڙي وارن جي ڪاڪوس طور استعمال پئي ٿيو، سينٽر ۾ اسٽاف تعينيات ڪونہ ٿيل ھيو، نتيجي ۾ ھيڏانھن ھوڏانھن جو اسٽاف ڪڍي، ڊي ايڇ او آفيس مان دوائون موڪلي سينٽر کي ھلايو ويو. او پي ڊي ۾ بہ صرف عورتون ۽ ٻار ڏيکارڻ ايندا ھيا جيڪي روز تقريبن ساڳيا ھوندا ھيا ھن ڳوٺ ۾ برھماڻي لوڪ اڪثريت ۾ آباد آھن جيڪي سرائيڪي ڳالھائيندا آھن سو مون بہ ساڻن سرائيڪي ڳالھائڻ شروع ڪئي. توڙي جو منھنجي ماءُ ٻولي سنڌي آھي ليڪن سرائيڪي ڳالھائڻ ۾ مونکي مزو ايندو ھيو ڇو تہ مون ننڍپڻ ۾ پنھنجي سنگتي ٻارن سان سرائيڪي ۾ ڳالھايو ھيو. صحت مرڪز ۾ ھڪ پوڙھي روز ڪونہ ڪو ٻار کڻي ايندي ھئي ۽ مريض ڏسڻ دوران منھنجي منھن ۾ تجسس سان چتائي ڏسندي ھئي. ھڪ ڏينھن مون کانئس سرائيڪي ۾ پڇي ورتو تہ، ”امان تون ڪيون ميڪون چتا ڏيکدي پئين ھنوين. . . . ؟“، تنھن تي پڇيائين، ” ابا تون ڪير ائين. . ؟“ . مون کيس ٻڌايو تہ امڙ آءُ سومرو آھيان، تنھن تي مورڳو کل ۾ ٻڏي ويئي. مان حيران ٿي پڇيو تہ ” امڙ ڪيون کلدي پئين ڀلا؟“ جواب ۾ چيائين“ ابا مئين سمجهيا تون جت ائين“. ، شايد برھماڻين جي پوڙھي جي ذھن ۾ اھو ويٺل ھيو تہ سرائيڪي صرف جتن جي ٻولي آھي. ائين ھڪ ڀيري پوليو جي ھڪ مھم جي خاتمي تي ڊي ايڇ اوآفيس دادو مان صحت جي عالمي اداري پاران پوليو مھم کي چيڪ ڪرڻ لاءِ شھداد ڪوٽ موڪليو ويو. آءُ شھداد ڪوٽ شھر جي پسگردائي ۾ ھڪ ڪچي وسندي ۾پھتس تہ ھڪ ڪکائين اوطاق ۾ ماڻھن تاس پئي کيڏي ۽ پاڻ ۾ سرائيڪي پئي ڳالھايائون. مون کين سلام ڪري ٻڌايو تہ ڪجهہ ڏينھن اڳ ھتي پوليو جي بيماري کان بچاءَ جي مھم ۾ قطرا پيارا ويا ھيا اھو ڪم ڏسڻ لاءِ ڪجهہ گهر چيڪ ڪرڻا آھن سو توھان مان ڪو گڏجي ھلي. ھڪ نوجوان ٽپ ڏئي اٿيو. مون ساڻس گڏجي ست گهر چيڪ ڪيا انھي دوران سڀني ماڻھن سميت انھي نوجوان سرائيڪي پئي ڳالھايو، مون موڪلائڻ وقت سندس شڪريو ادا ڪندي پڇيو تہ ادا توھان ڪير آھيو. ھن جواب ڏنو تہ آءُ سومرو آھيان. مون کانئس پڇيو سومرا سرائيڪي ڳالھائيندا آھن ڇا؟، تنھن تي ٺھ پھ ورايائين تہ ”جيڪو سومرو سرائيڪي نٿو ڳالھائي اھو پيءُ جو پٽ ئي ناھي. “ نتيجي ۾ مون کلندي کيس پنھنجي ذات ئي نہ ٻڌائي. ساڳي سال 1994ع ۾ نيشنل پروگرام پڻ شروع ٿيو، جنھن دوارن سموري سنڌ سميت انھي ڳوٺ ۽ صحت مرڪز کي لڳندڙ ڳوٺن سامتاڻي، ڪانھري، خيروپنھور، عباس پيرزادو، يعقوب پيرزادو، مختيار نگر مان ڇوڪريون ھيلٿ ورڪرطور ڀرتي ڪيون ويون. تنھن وقت نيشنل پروگرام ۾ بحيثيت ھيلٿ ورڪر ڪم ڪرڻ لاءِ ڪير تيار نہ ھيو ليڪن پوءِ تہ انھي نوڪري وٺڻ لاءِ لٺ لڳي. انھي پروگرام ھيٺ سنڌ ۾ذري گهٽ پنجٽيھ ھزار ڇوڪريون ڀرتي ٿيون، انھن ڇوڪرين سنڌ جي ڳوٺ ڳوٺ ۾ بنيادي صحت ۽ خانداني منصوبه بندي جو پروگرام پھچايو جڏھن تہ پوليو جي خاتمي جي مھم ۾ ”ريڙھ جي ھڏي“ جو ڪردار ادا ڪيو. حفاظتي ٽڪن جي مھم ۾ سندن گهر ۾ ٺھيل ”ھيلٿ ھائوس“ پڻ ڪليدي ڪردار ادا ڪيو. ڪافي صحت مرڪزن ۾ قائم حفاظتي ٽڪن جي مرڪز ۾ ليڊي ھيلٿ ورڪرن حفاظتي ٽڪن لڳائڻ جو ڪم پڻ سنڀاليو. ڪافي ليڊي ھيلٿ ورڪرن کي ٽي بي جي مرض کان بچاءَ لاءِ ڄمڻ سان ٻارن ۾ لڳندڙ بي سي جي جو ٽڪو بہ صحيح نموني لڳائڻ ايندو ھيو جنھن جي مھارت ڪافي ويڪسينيٽرن کي بہ نہ ھئي ائين سنڌ اندر منھنجي صحت کاتي ۾ ھوندي جڏھن بہ وبائون ڦھليون جنھن ۾ ارڙي، دستن جون بيماريون شامل ھيون تہ، ليڊي ھيلٿ ورڪر ئي جهجهي تعداد ۾ موجود اھڙي تربيت يافتہ افرادي قوت ھئي جنھن وبائن متعلق ڄاڻ سميت پنھنجي ڪئچمينٽ ايريا ۾ صحت جون سھوليتون پڻ پھچايون جڏھن ڪووڊ 19، جي وبا ڦھلي تہ اھا ليڊي ھيلٿ ورڪر ئي ھئي جنھن ڳوٺ ڳوٺ ۾ صحت کاتي جو پيغام، ڪورونا متعلق ڄاڻ پھچائي بلڪہ جڏھن ڪووڊ 19 خلاف وسيع پيماني تي ويڪسينيشن مھم شروع ڪئي ويئي تہ انھي مھم ۾ ھيلٿ ورڪر کي تربيت ڏيئي کانئن ٽڪا ھڻائڻ جو ڪم ورتو ويو. ٻارن کي اپاھج ڪندڙ مرض پوليو کان بچاءَ جي مھم جيڪا 1994ع کان جاري آھي تنھن مھم جو گهڻو تڻو بار اڄ بہ ليڊي ھيلٿ ورڪرن جي ڪلھن تي آھي. سال 1994ع ۾ آءُ پوليو جا قطرا پيارڻ جي مھم جو سامتاڻي ۾ انچارج ھيس، جنھن کانپوءِ جوھي جي يونين ڪائونسل پٽ گل محمد جو سپروائيزر، تعلقي جوھي جو انچارج ۽ ضلع دادو جو پڻ فوڪل پرسن رھيس ۽ ائين انھن پروگرامن کي صوبائي سطح تي چيلھار، ڪاسبو، شاھ گودڙيو، گورک، ڪشمور، درياءَ جي ڪچي ۾ ڀنڊ ماڙي، ڪمال ديري ۾ پڻ ڏسڻ جو موقعو مليو جنھن ۾ ليڊي ھيلٿ ورڪر جو ڪردار ڪليدي نظر آيو. 2021ع ۾ ريٽائر ٿيڻ تائين ڪنھن نہ ڪنھن شڪل ۾ پوليو، اي پي آءِ، نِيشنل پروگرام جنھن کي بعد ۾”ليڊي ھيلٿ ورڪرز پروگرام“ جو نالو ڏنو ويو، کي ڏسڻ جو موقعو مليو جنھن سان لاتعداد ڪھاڻيون وابستہ آھن. پوليو مھم جو ھڪ واقعو ٻڌائيندو ھلجي تہ غالبن سال 2015ع ۾ دادو ضلع ۾ ھڪ پوليو مھم جي پھرين ڏينھن ئي ضلع دادو جي چئني تعلقن دادو، جوھي، خيرپور ناٿن شاھ، ميھڙ مان تمام گهڻا ٻار انڪاري رپورٽ ٿيا جن جي والدين پوليو مھم ۾ قطرا پيارڻ کان انڪار ڪيو ھيو. درٻار ھال ۾ روزاني ٿيندڙ شام واري گڏجاڻي ۾ اھڙي رپورٽ تي ڊپٽي ڪمشنر دادو ناصر عباس سومرو ناراض ٿي پيو، سو چئني تعلقن جون ٽيمون ٺاھي مون کي واھي پانڌي جي باگڙين ڏانھن پوليس اسڪواڊ ساڻ اماڻيائين تہ انھن کي قطرا پياري سڀاڻي شام واري گڏجاڻي ۾ رپورٽ ڪيان. مون وٽ انڪار ڪندڙ ٻارن جو تفصيل درج ھيو جيڪي واھي پانڌي شھر لڳ دودو برھماڻي جي اوڀر ۾ باگڙين جي وسندي جا ھيا جيڪوعلائقو منھنجو ڏٺل وائٺل ھيو. ٻئي ڏينھن وڏي گاڏي ۾ اسڪواڊ ساڻ ڪري باگڙين وٽ پھتس، جهڳين ٻاھران بيٺل ھڪ شخص کي لسٽ ۾ ڄاڻايل گهر جي وڏي جو نالو ٻڌائي انھي جي جهڳي جو پڇيو. ھن باگڙي ويچاري وڏي گاڏي پوليس اسڪواڊ جو ڏٺو سو ڊڄندي ڊڄندي چيائين تہ انھن مان ھڪڙو تہ آءُ آھيان ۽ سامھون منھنجو گهر آھي اتي پھچو تہ آءُ سامھون دڪان تان وکر وٺي اچان ٿو. آءُ سندس جهڳي وٽ پھتس تہ ھڪ نوجوان عورت ھڪ ٻار کي ھٿ منھن پئي ڌوئاريو جنھن زوري منھن ڌوئارڻ تي رانڀاٽ پئي ڪيا، مون کيس کيڪاري ٻارن جا نالا ٻڌائيندي چيو تہ پوليو جي ٽيم کي توھان قطرا نہ پياريا آھن سو مونکي موڪليو ويو آھي، انھن ٻارن کي قطرا پياريو، مون کيس قطرا نہ پيارڻ جا نقصان پڻ ٻڌايا. ھيڪر تہ پوليو وارن لاء گار پٽي ڪڍيائين ۽ چيائين امداد ڏيو ڪونہ ٿا باقي قطرا پيارڻ لاءِ ڀڳا بيٺا آھيو. مون جو ماحول گرم ڏٺو سو چلھ جي پاسي ۾ پيل واڻ جي منجي تي ويھي رھيس جتي سيء کان بچاءَ لاءِ باھ پئي ٻري. منھنجي منجي تي ويھڻ تي ناگواري جو اظھارائين ڪيائين جو روئيندڙ ٻار کي ٻہ ٽي چنبا ٻيا بہ وھائي ڪڍيائين، ھن روئيندڙ ٻار جي سنگهن ھاڻن ھٿن سان پيالي کي ڌوئي ديڳڙي مان ٻار کي ٻٽالا ڪڍي ڏنا کيس ماني ڏنائين ۽ منھن خراب ڪري سامھون ويھي رھي. تيسين اوڙي پاڙي جي جهڳين مان ٻار عورتون پھچي ويا ليڪن سڀني ٻارن کي قطرا پيارڻ کان ٺپ جواب ڏئي ڇڏيو. مون سوچيو تہ ڪيئن انھي باگڙياڻي کي رام ڪري ٻارن کي قطرا پيارجن. سندس ٻار ماني ٻٽالا کاڌا پئي ۽ رنو بہ پئي. ايتري ۾ مون کيس چيو تہ مان تنھنجو ڀاءُ آھيان ۽ مھمان بہ آھيان مونکي بک لڳي آھي ڀلا مون کي ماني کاراءِ. سندس ڪاوڙ ڪافور ٿي وئي ۽ حيرانگي مان پڇيائين تہ تون اسان باگڙين جي ھٿن جي ماني کائيندين مون ھائوڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو، ھن ”سڳوريءَ“ ساڳي طريقي، ٻار جي سنگهن ھاڻن ھٿن سان ھڪ ٻيو پيالو ڌوئي مونکي ٻٽالا ۽ ماني ڏنا جيڪي مان کائڻ شروع ٿي ويس. اھو ڏسندي ئي چيائين جيڪڏھن مان تنھنجي ڀيڻ آھيان تہ پوءِ سڀني کي قطرا پياريان ٿي ھن نہ صرف پنھنجا بلڪہ پاڙي جي جهڳين ۾سڀ ٻار گهرائي کين پوليو جي بيماري کان بچاءَ جا قطرا پياريا. ڊي سي آفيس ۾ ٿيل شام واري گڏجاڻي ۾ اھا ڳالھ مان ڪجهہ مسالا ملائي پيش ڪئي پوءِ تہ مونکي باگڙي ڊاڪٽر سڏيو ويندو ھيو. پوليو جي خاتمي جي مھم، نيشنل پروگرام ۽ ڪووڊ 19 جي مھمن جا ٻيا تہ تمام گهڻا فائدا ٿيا ليڪن انھي نتيجي ۾ صحت کاتي جو پيغام گهر گهر پھتو ۽ انجي مھمن کي مليل سگهہ جيڪا انھن پروگرامن ذريعي ملي اھو غيرمعمولي آھي. ڪووڊ 19 ۾ تہ اھو ثابٿ ٿيو تہ جيڪڏھن ھيلٿ ورڪر کي مناسب تربيت ڏئي سھوليتون فراھم ڪيون وڃن تہ اھا ڳوٺ ڳوٺ ۾موجود اھا افرادي قوت آھي جيڪا سنڌ اندر صحت جي سھوليتن کي عوام تائين پھچائڻ ۾ جوڳو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. سنڌ ۾ ڪم ڪندڙ 35 ھزار ليڊي ھيلٿ ورڪر ۽ سون جي تعداد ۾ سندن ھيلٿ سپروائيز گهٽ ۾ گهٽ 50 ھزار ھر مھيني پگهار کڻي ٿي، ھر سال ڪيتريون پوليو مھمون ھلن ٿيون جن ۾ پڻ ليڊي ھيلٿ ورڪر جي گهر پئسا اچن ٿا، انکان سواءِ عورت سوشل ورڪر بہ پوليو ٽيمن ۾ ٽيم ميمبر طور ڪم ڪري ٿي ۽ پئسا حاصل ڪري ٿي، ھر ٽئين مھيني بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ذريعي ھر عورت وٽ ذري گهٽ ٽيھ ھزار روپيہ اچن ٿا. انھي پئسي، عورت کي پاڻ ڀرو ڪرڻ سميت ڳوٺاڻي، مقامي، معيشيت ھلائڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو آھي. جيڪڏھن اھي انگ اکر گڏ ڪجن، عورت جي انھي پئسي جي ريل پيل ذريعي ھلندڙ ڳوٺاڻي معيشيت جا انگ اکر جائزي ھيٺ آڻجن تہ انھي ڳوٺاڻي معيشت جي اھميت جو دلچسپ منظر سامھون اچي سگهي ٿو.

ٽي بي ڊاٽس پروگرام

قابل علاج مرض سلھ يعني “ٽي بي“ ٽيوبر ڪلوسز جومرض دنيا ۾ خطرناڪ نموني سان وڌندڙ آھي، ليڪن مرض جي بدلجندڙ نوعيت سبب اھو مرض ھر سال ڪروڙين ماڻھن جي مرض ۽ موت جو ڪارڻ بڻجي ٿو. سلھ جي مرض سبب سال 2023ع ۾ دنيا ۾ سوا ڪروڙ ماڻھو مري ويا جڏھن تہ انھي مرض ڪري ھن وقت بہ پاڪستان ۾ ھر سال ذري گهٽ پنجاھ ھزار ماڻھو مري وڃن ٿا. انھي مرض کي منھن ڏيڻ لاءِ، نظرداري ھيٺ دوا کارائڻ جي حڪمت عملي 1990ع ۾ اپنائي وئي. جنھن کي صحت جي عالي اداري فريم ورڪ طور 1994ع ۾ اپنايو. ”ٽِي بي ڊاٽس واري حڪمت عملي“ پاڪستان سميت سنڌ ۾ بہ 1995ع ۾ شروع ڪئي ويئي ۽ انھي ڏس ۾ تعلقي اسپتال جوھي ۾ پڻ تشخيصي ۽ علاج جو مرڪز 2002ع ۾ شروع ٿيو، جتي تنھن عرصي ۾ مان نوڪري ڪندو ھيس. تعلقي اسپتال جوھي ۾ انھي پروگرام جو آءُ انچارج ٿيس. انھي ٽي بي ڊاٽس پروگرام جي تشخيصي ۽ علاج جي مرڪز ۾ ٽي ماڻھو مقرر ۽ مختص ٿيل ھوندا ھيا جن ۾ ھڪ انچارج ڊاڪٽر، ھڪ ليباريٽري ٽيڪنسيشن، ھڪ ڊاٽس فيسيليٽيٽر شامل ھيو. ٽي بي ڊاٽس ڪلينڪ ۾ ڪم ڪندڙ ڊاڪٽر کي باقي ڊيوٽيون معاف ھونديون ھيون. جيئن تہ آءُ ”ھائيپر ٿائيرائيڊزم“ جي مرض مان تازوعلاج ڪرائي بھتر ٿيو ھيس ۽ رات جو ڊيوٽي پنھنجي صحت لاءِ نا مناسب ھجڻ سبب اھا پوزيشن مونکي بھتر لڳي. اھا ذميداري مون ڊبليو ايڇ او ۾ ٽي بي ڊاٽس سان نيشنل پروگرام آفيسر طور ڪم ڪندڙ پنھنجي لاڙڪاڻي واسي دوست ڊاڪٽر مظفر کونھاري جي چوڻ تي سنڀالي. ٽي بي ڊاٽس ٽيم جي تربيت ٿي ۽ انھي ڪم کي مچائڻ ۾ لڳي وياسين. ٽي بي ڊاٽس جي طريقہ علاج ۾ مرض جي تشخيص جو دارمدار بلغم جي چڪاس تي رکيل ھيو، تشخيص کانپوءِ گهٽ ۾ گهٽ پھريان ٻہ مھينا مريض کي ٽي بي جي دوا ڪنھن مددگار جي ذريعي کارائي ويندي ھئي، جنھن ۾ صحت ڪارڪن خاص طور ليڊي ھيلٿ ورڪر، ڪائونسلر، پاڙي جي پڙھيل سمجهدار ماڻھو شامل ھوندا ھيا. مريض کي پنھنجي نظرداري ۾ ٽي بي جي دوا کارائيندڙ جونالو رڪارڊ ۾ لکيو ويندو ھيو. سلھ جي مرض جا سوين مريض ڏسڻ کان پوءِ اھا ڳالھ ڏسڻ ۾ آئي تہ اھو مرض غذا جي کوٽ جي شڪار ماڻھن غريبن ۽ ھڪ گهر ۾ گهڻا ڀاتي رھڻ وارن خاندانن ۾ وڌيڪ ھيو ليڪن اھو مرض خوشحال ماڻھن ۾ بہ نظر آيو. اھي ماڻھو جيڪي سگريٽ سان گڏ، چرس واپرائيندا ھيا انھن ۾ پڻ اھو مرض گهڻو ڏٺو ويو. جوھي شھر جي غريب، ڳتيل آبادين سميت منڇر ۾ رھندڙ مھاڻن ۾ پڻ اھو مرض ڪافي ڦھليل ھيو. جيئن تہ ٽي بي جي مريض کي توجھہ ڏيڻ جي حڪمت عملي ھئي ان ڪري اھڙن مريضن سان پنھنجائپ وارو خاص تعلق بہ جڙيو تہ ساڻن لاڳپيل ڪافي ڪھاڻيون بہ سامھون آيون. منڇرجو نوجوان سليمان نالي ھڪ مھاڻو تمام خراب حال ۾ اسپتال آيو، ھو جنھن مھل ھليو پئي تہ ڪڏ ڏئي پئي ھليو، مون کانئس پڇيو تہ تون سڌو ٿي ڇو نٿو ھلين تنھن تي وراڻيائين تہ سموري ڄمار ”گاليئي“ ۽ ”ٻيڙي“ ۾ گذري آھي، زمين تي پنڌ ئي نہ ڪيواٿم انڪري زمين تي ھلڻ اولو ٿو لڳي. اھا منھنجي لاءِ حيراني جھڙي ڳالھ ھئي ليڪن پوءِ ٻين مھاڻن کان پڇڻ ۽ منڇر ۾ وڃي مھاڻن سان ملڻ کان پوءِ خبر پئي تہ واقعي ائين ئي ھيو. منڇر جا مھاڻا چون ٿا تہ اڳ ۾ منڇر جي اوج ۾ ائين ھيو تہ ڪي ڪي ماڻھو فوتگي جي نتيجي ۾ ئي ٻيڙي مان ڪڍي پورڻ لاءِ ٻاھر آندا ويندا ھيا. ھڪ اڌڙوٽ منڇر واسي مھاڻي، رب رکيو کي کنگه ۾ رت اچڻ جي شڪايت سان اسپتال کٽ تي کڻي آيا، جيڪو ھڪ مھيني جي علاج ۾ ٺيڪ ٿي ويو، رب رکئي جي زال مونکي روئي پيرن تي ھٿ رکي چيو تہ ادا اڄ کان وٺي تون منھنجو ڀاءُ ۽ آءُ تنھنجي ڀيڻ سڏرائيندم، مون وٽ ڪو آپشن ڪونہ ھيو کيس مٿي تي ھٿ رکي ڳوڙھا اگهيم ۽ ادي ڪري سڏيم. جيسين جوھي ۾ ھيس منھنجي اھا ڀيڻ مون سان ملڻ ضرور ايندي ھئي ۽ منھنجي روڪڻ باوجود ڪڏھن ڪڏھن مڇي ۽ پکي پڻ کڻي ايندي ھئي. منڇر جا مھاڻا ڳالھائڻ جا صفا ڇُڙيل آھن، ھڪٻئي سان گار ڏئي ڳالھائيندا آھن ۽ ائين ٽي بي ڪلينڪ تي منھنجي آڏو پاڻ ۾ ڳالھائيندا ھيا . ھڪ لڱا منڇر جا مھاڻا ھڪ نوجوان ڇوڪري کي انتھائي خراب حالت ۾ کڻي آيا، علاج شروع ٿيندي اھا ڇوڪري ٻن مھينن ۾ نوبنو ٿي پئي، انھي جي امڙ مونکي چيو ادا ڏس منھنجي ڇوري ڪيڏي نہ سھڻي ٿي پيئي آھي. نون مھينن جي علاج پوري ٿيڻ تي اھا ڇوڪري جڏھن تيل ڦليل ڪري سامھون آئي تہ انھي جو صحت مند ڏيک، سانورو رنگ ۽ ڊگها وار ڏسي مونکي بہ پاڻ تي فخر ٿيو تہ ھڪ مرندڙ نينگر منھنجي علاج ذريعي چاڪ ٿي ڪيئن زندگي سان ٻھڪي رھي آھي. واھي پانڌي جو ھڪ نوجوان شفيع برھماڻي پڻ ھڪ ڏينھن کنگهندي کنگهندي مون وٽ پھتو، جنھن نموني ھن کنگهيو پئي مونکي پڪ ٿي تہ انھي جي بلغم ۾ سلھ جا جراثيم ھوندا ۽ پوءِ ائين ئي ٿيو، شفيع برھماڻي جو علاج ٿيو ۽ نو مھينن ۾ نوبنو ٿي ويو. اھو شفيع برھماڻي، گهڻو عرصو پوءِ حيدرآباد ۾ دوست جامي چاندئي وٽ ملازم ٿي رھيو ۽ ھڪ ڏينھن شبير نظاماڻي وٽ مليو. ھڪ دلچسپ قصو ھڪ زال مڙس جو بہ آھي. ھڪ ڏينھن جوھي شھر جو ھڪ ڪوري مون وٽ ٽي بي جي مريض طور رجسٽر ٿيو سندس علاج ٿيو ۽ اھو چاڪ بہ ٿيو. ٽي بي جا مريض مون سان ڪچھري ڪندا ھيا ۽ پنھنجا ڏک سک بہ ونڊيندا ھيا، ائين ڳالھين ٻولھين ۾ مون انھي ڪوري مريض کان گهر جا حوال بہ پڇيا. چيائين غريب ھيس، بيمار جو ٿيس تہ ڪمائڻ کان بيھي ويس سو زال مونکي ڇڏي پنھنجي مائٽن ڏي ھلي ويئي آھي. مون کيس چيو تہ ڪنھن طريقي زال کي مون ڏي موڪل تہ سمجهانيانس. ھڪ ڏينھن ٽي بي ڪلينڪ ۾ آيو تہ مون ھڪ عورت مريض کي پئي ڏٺو، جيڪا پڻ ٽي بي جي مريض ھئي ۽ علاج بعد ٺيڪ ٿي رھي ھئي. ھن مون وٽ ويٺل مريض عورت ڏانھن کلندي اشاروڪيو، مون کيس چيو ڇا ٿو چئين. چيائين ڊاڪٽر اھا منھنجي زال آھي. مون سندس زال کي چيو تہ تنھنجومڙس چڱوڀلوٿي ويو آھي ھاڻي توکي ڪمائي کارائيندو، گهر ٻار سنڀاليندو انڪري ساڻس ناراضگي ختم ٿيڻ گهرجي. پوءِ تہ انھي عورت رڙيون ڪندي سرائيڪي ۾ چيو تہ” سائين تيڏي آفيس نہ ھووي ھا تہ انھن ذليل ڪون مئين ايڏي مھل پادر ماران ھا. “ پوءِ تہ اسپتال ۾ ٻڙڌڪ مچي ويو، مون سوچيو تہ ٺاھ پئي کڏ ۾ ھاڻي رڳو ڦشري ٽري. ائين ڪجهہ سالن ۾ سوين اھڙا مريض تشخيص ٿي رجسٽر ٿيا، چاڪ بہ ٿيا ۽ شھر ۽ ڀرپاسي منھنجي سڃاڻ ٽي بي ڊاڪٽر طور مشھور ٿي ويئي. سال 2007ع ۾حاجي خان سان واسطو رکندڙ يونين ڪائونسل ڊرگهہ بالا جي ناظم سڪندر خان لغاري جي فرمائش تي منھنجو آرڊر بنيادي صحت مرڪز حاجي خان ٿيو، ليڪن منھنجي دل ۾اھا خواھش ھئي تہ ھاڻي ٽي بي پروگرام ۾ ڪم ڪبو جنھن کي آءُ سمجهي بہ ويو ھيس ۽ علائقي ۾ منھنجي سڃاڻ بہ اھا ٿي چڪي ھئي. سال 2008ع ۾ جڏھن پيپلزپارٽي جي حڪومت آئي تہ انھي پروگرام جو آءُ ضلع ڪوآرڊينيٽر ٿيس، اھو آرڊر بہ مون پنھنجي دوست ڊاڪٽر مظفر کونھاري جي چوڻ تي ڪرايو تہ جيئن ھڪ صحت مرڪز بجاءِ سموري ضلعي جي ٽي بي جي ڪم کي ڏسي سگهجي. ضلع ڪوآرڊنيٽر ٿيڻ سان ڪم وڌيو تہ ذميواريون بہ وڌيون. انھي عرصي ۾ ”برج ڪنسلٽنٽ“ پڻ ٽي بي ڊاٽس سان آگاھي ۽ رابطہ ڪاري ۾ بھتري لاءِ ڪم پئي ڪيو جنھن ذريعي سموري ضلعي ۾ مختلف اسٽيڪ ھولڊرس سان ملاقاتون ڪيون، کين آن بورڊ رکيو ۽ سندن آگاھي سيشن پڻ رکيا ويا. ھر سال 24 مارچ تي سلھ جو عالمي ڏھاڙو ملھايو ويندو آھي. 2008ع ۾ بہ اھو عالمي ڏھاڙو پوري ضلع ۾ ملھايو ويو ليڪن سال 2009ع ۾ سول اسپتال دادو کان پريس ڪلب تائين وڏي ريلي ڪڍي ٽي بي جو عالمي ڏھاڙو ملھايو ويو جنھن ۾ جوھي ڪاليج جي پرنسپال غلام سرور لغاري جي سھڪار سان ڪاليج ۾ شاگردن جي بس انھي ڏھاڙي ۾ شرڪت لاءِ ڀرجي آئي، دادو مان پڻ مختلف اين جي اوز جي ڀرپور شرڪت رھي. انھي ريلي ۾ منھنجي زال آمنا ۽ منھنجا ٻاڙا پڻ شريڪ ٿيا. سال 2010ع ۾ جوھي ۾ خطرناڪ برساتن کانپوءِ ٻوڏ آئي ۽ جوھي شھر کي چوطرف پاڻي وڪوڙي ويو، ڪيترن ڏينھن تائين جوھي دادو وچ ۾ رستو ڪٽيل رھيو ۽ ٻيڙي ذريعي ڇنڊڻ تائين اچڻو پوندو ھيو. ٻوڏ جي خاتمي کان ڪجهہ ڏينھن بعد ڊي ايڇ او دادو ھڪ رات مونکي فون ڪري چيو تہ سڀاڻي توکي ڊائريڪٽر جنرل ھيلٿ جي آفيس ۾ گڏجاڻي ۾ حيدرآباد وڃڻو آھي، اتي جڏھن پھتس تہ خبر پئي تہ گڏجاڻي بجاءِ يونيسيف جي ٽيم صحت کاتي سان گڏجي ٻوڏ ۾ ھيلٿ ڪميونيڪيشن جي پروگرام ھيٺ ڪميونيڪيشن ڪو آرڊينيٽر طور آفيسر پئي کنيا. منھنجي ضلع مان آيل ٽن آفيسرن جي پئنل ۾ ھڪ دوست ايم پي ايڇ ھيو، ٻيو ھيلٿ ايجوڪيشن آفيسر ھيو. انٽرويو ڪندڙ جرمني مان آيل ڪنسلٽنٽ مونکان پڇيو تہ توھان کي ڪميونيڪيشن جي خبر آھي تہ اھو ڇا آھي؟ مون رواني سان ابتي سبتي انگريزي ۾ ڳالھائيندي چيو تہ بحيثيت ٽي بي ڪوآرڊينٽر ۽ ٽي بي ڊاٽس انچارج مون ڪميونيڪيشن جو ڪم پئي ڪيو آھي. سياست سان ماضي ۾ وابستگي ۽ سنگت ساٿ ۾ بي حجاب ۽ واتڙيو ھجڻ سبب مونکي ڪابہ ھٻڪ نہ ٿي ۽ مونکي سليڪٽ ڪري ٻن ڏينھن کان پوءِ ليپ ٽاپ ۽ انٽرنيٽ ھلائڻ واري يو ايس بي ڏني ويئي. ڪجهہ ڏينھن کانپوءِ ھيڏانھن ھوڏانھن پڇا ڳاڇا ڪري، ”ورڊ“، ”پاور پوائنٽ“، ”ايڪسل“ جي ڪم سميت گراف ٺاھڻ سکي ويس. ڊي ايڇ او آفيس دادو ۾ ڪلھي تي لڙڪندڙ ليپ ٽاپ مون تڏھن ڦٽي ڪيو جڏھن 31 مارچ 2021ع تي نوڪري مان ريٽائر ٿيس.

گورک ۽ نئين گاج جو پنڌ

شايد سال 1996ع جي ڳالھ آھي تہ ھڪ لڱا تعلقي اسپتال جوھي ۾ نوڪري دوران ھڪ ليٽر اچي پھتو تہ گورک تي شھ ذات جي ھڪ عورت جو مبينہ قتل ٿيو آھي جنھن جي حقيقت معلوم ڪرڻ لاءِ مختيار ڪار جوھي جي اڳواڻي ۾ ٻن ڊاڪٽرن جي ٽيم قبر ڪشائي ڪندي جنھن ۾ منھنجو ۽ ڊاڪٽر جمن باھوٽي جو نالو شامل ھيو. اسان جي ٽيم ۾ سوئيپر بشير شيخ بہ شامل ھيو، کيس لاش جي پوسٽ مارٽم، چير ڦاڙ جو وسيع تجربو ھيو ۽ کيس خبر ھوندي ھئي تہ دل، جيري، گردي سميت جسم جو ڪوئي عضوو ڪڍڻ لاءِ ڪٿي چير ڏبو. تن ڏينھن گورک وڃڻ لاءِ ”فور ويل“ يعني اسپيشل گيئر واري گاڏي ذريعي جهانگارا، ٽنڊو رحيم خان جي مٿان کيرٿر جبل جي ٽاپ ڊوگر ٽاپ کان وڃڻو پوندو ھيو جڏھن تہ ٻيو رستو انڊس ھاءِ وي ذريعي ڪڪڙ کان قصبو، گاج بنگلو ھيو، باقي پنڌ اٺن ذريعي نئين گاج جي پيٽ مان اُڪري گورک وڃي رسبو ھيو. گورک وڃڻ لاءِ مختيار ڪار جوھي آفيس رابطہ ۾ ھئي، ائين ھڪ ڏينھن صبح سوير گاڏين تي اسان کي گاج بنگلي تي نيو ويو، جتي پھچندي شام ٿي ويئي، رات جو گاج بنگلي تي ماني جو انتظام ٿيل ھيو. ڏينھن گرم ھيا انڪري گورک جي اڻانگي سفر لاءِ رات جو سفر ڪرڻ جو فيصلو ٿيل ھيو. رات جو ماني کائي اٺن تي ويھاريو ويو ۽ ڪجهہ اٺن تي مشتمل قافلو سامان سميت گورک روانو ٿيو. انھي علاقي جا لنڊ اسان جي قافلي جا سونھان ھيا، جن جو ليڊر وري” پوٺي“ جو لنڊ ھيو. مختيار ڪار جوھي محمد صفر چني جي اڳواڻي ۾ رات جو تقريبن ڏھين وڳي قافلي جي روانگي ٿي. سڄي رات پنڌ ڪرڻ کانپوءِ صبح جو جڏھن سج ڪني پئي ڪڍي تہ اسان اڃا نئين گاج جي پيٽ ۾ پئي ھلياسين، ٿوري پنڌ کانپوءِ نئين گاج جي پيٽ مان ڏکڻ اولھ طرف لڙندي شڪلوئي لڪ وٽ پھتاسين جتي اٺن کي چرڻ، پير ساھڻ لاءِ ڇڏيو ويو. ٿوري پنڌ کانپوءِ ھڪ چشمي تي پھتاسين جنھن کي ”بازگر“ يا ”ڦاسگر“ جو چشمو سڏيو پئي ويو. چشمي ۾ ماٺار ھئي ۽ ان جو پاڻو سائو ھيو جنھن ۾ ڏيڏريون، ننڍڙيون بلاڙيون، عجيب غريب قسم جون ننڍيون مڇيون تري رھيون ھيون. اسانجي سونھين لنڊ لوڪن تہ اھو پاڻي ڍئو تي پيتو ۽ اھو اعلان ٿيو تہ جيئن سج اولھ طرف سامھون ڪر کڻي بيٺل جبلن ۾ لڙندو تہ قافلو پنھنجي سفر تي پنڌ روانو ٿيندو. نيٺ اٺ پلاڻي سنڀائيا ويا ۽ سفر شروع ٿيو ليڪن پنڌ ڪندي ڪندي بيک نڪري ويئي نہ پنڌ کٽي نہ وري جبلن جو سلسلو ختم ٿئي. اسانجي سُونھين لُنڊ بار بار چيو پئي تہ گورک جي چوِٽي بس ٻہ ٽڪريون اڳتي آھي، نيٺ اسان ڏئي وٺي بيٺاسين ھڪ ٽڪري تي چڙھندي سج لٿو پئي تہ اسان واري سوئيپر بشير شيخ چيو تہ مان ھاڻي ھڪ وک بہ نہ ھلي سگهندس ۽ ويھي رھيو. ھڪ پوليس جمعدار اسان سان گڏ ھيو اھو بہ بيھي رھيو، نتيجي ۾ اسان کي بہ وجه مليو سو ويھي رھياسين . اڳتي ويندڙ ٽيم اسان کي گهڻو ئي چيو تہ ھمت ڪيو ھاڻي تہ اچي پھتا آھيون، ائين چوندي مختيار ڪار جوھي مٿي چڙھي ويو ۽ اسان پوئتي رھجي وياسين. رات جو جبل جي ٽڪر تي رھياسين سڄي رات جيتن بہ پٽيو ۽ اگهاڙي پھاڙ تي نانگ بلا جو خوف بہ ھيو ليڪن اسان اھڙا ٿڪل ھياسين جو ننڊ اچي ويئي. صبح جو سوير اٿياسين تہ اسانجي سوئيپر اڳتي ھلڻ کان ٺپ جواب ڏنو ۽ اسان واپس گاج بنگلي تي موٽي آياسين جتي جوھي واسين قيوم شاھاڻي ۽ عمر مستوئي اسانجي لاءِ ماني ڪرائي. اسان سڄي رات ماني ڪانہ کاڌي ھئي، بک بہ ڏاڍي لڳل ھئي سو جام ماني کائي جيپ تي نڪري پياسين ۽ شام جو اچي جوھي پھتاسين، اھو ٿڪ ڪافي ڏينھن کانپوءِ لٿو.
جوھي سميت سنڌ جي اولھ ۾ کيرٿر جابلو سلسلو آھي جيڪو سنڌ کي بلوچستان کان الڳ ڪري ٿو. نئين گاج وري کيرٿر پھاڙن جي ٻن سلسلن گورک ۽ ڪچرڪ کي الڳ ڪري ٿي. نئين گاج جي اتر ۾ ڪچرڪ پھاڙن تي ڪتي جي قبر جو ماڳ آھي جيڪو سطح سمنڊ کان ست ھزار فوٽ مٿي آھي جڏھن تہ نئين گاج جي ڏکڻ ۾ گورک جي سڀ کان اوچي بينظير پوائنٽ ذري گهٽ ڇھ ھزار فوٽ اوچائي تي آھي. جڏھن بينظير ڀٽي جي حڪومت 1988ع ۾ اقتدار ۾ آئي ۽ قائم علي شاھ سنڌ جو وزير اعلي ٿيو تڏھن ٻڌبو ھيو تہ گورک جي تفريحي ماڳ کي روڊ ذريعي انڊس ھاءِ وي ۽ دادو سان ڳنڍڻ لاءِ شروعاتي اسڪيم مطابق ڪڪڙ کان گاج بنگلو روڊ ٺھڻوھيو، جنھن کي، ”ڇُٽي جي ڪنڊ“ وٽ انگريزن جي دور جي ڪئمپ وٽان نئين گاج پار ڪرائي شڪلوئي کان گورک تائين پھچائڻو ھيو. اھڙو بورڊ ڪڪڙ شھر وٽ انڊس ھاءِ وي تي لڳل ھيو جنھن تي اولھ طرف تير ڏيئي گورک جو فاصلو ڏيکاريل ھيو، اھو رستو موجودہ دادو گورک رستي کان فاصلي ۾ ڪافي گهٽ ھيو ليڪن جڏھن 1993ع ۾ عبدﷲ شاھ سنڌ جو وڏو وزير ٿيو تہ انھي اسڪيم جو طرف ئي مٽجي ويو.
نئين گاج، جوھي ڪاڇي جي تمام وڏي نئين آھي جيڪا اڪثر ڪري سال جا ٻارھن مھينا وھندي رھندي آھي. موجود رڪارڊ مطابق اھا نئين سانوڻ ۾ 28 فوٽ تائين بہ وھي آھي، جنھن تير ڀت کي پرزا پرزا ڪري جوھي کي سرجي پئي لاتي آھي. گاج نئين جي پيٽ ۾گاج بنگلي کان مٿي اتر اولھ ۾ لنڊ برادري جي ماڻھن جون مختلف وسنديون آھن جيڪي ”ڪُنڊن“ جي نالي سان سڏجن ٿيون. اولھ طرف ويندي مختلف ڪُنڊون يارو توک، عمر، نغزاني، ڏوئي، ڇٽي ڪنڊ نالي سان سڏجن ٿيون . انھن ڪنڊن ۾ آبادي جي لحاظ کان يارو توک وڏي وسندي آھي. انھي علاقي ۾ ھڪ ڀيرو 2009ع ۾ نومبر مھيني ۾ پوليو مھم ڏسڻ لاءِ وڃڻ ٿيو تہ اھا ڪنڊ سرسبز شاداب ھئي، ڦڪن گلن سان جهنجهھيل لوھيڙي جي وڻن ۾ موجود انھي وسندي ۾ تڏھن ٻہ سئو کان وڌيڪ ماڻھو رھيا پئي. گاج جون ڪنڊون اھي علائقا آھن جتي نئين گاج جو پاڻي لھڻ کان پوءِ ريج ۾ پوکي ٿيندي آھي يا وري مٿان پاڻي کي ھيٺاھين تي لاڙي مڏ يا ڪاريز ذريعي آبادي ٿئي ٿي جن ۾ تڏا ۽ ٽوئا استعمال ٿين. ڇٽي جي ڪنڊ وٽ انگريز دور جي ڪئمپ، جنھن کي مقامي لوڪ ”ڇٽي“ سڏين، ھڪ ڪوٺي ٺھيل آھي جتان نئين گاج جا ڪنارا پاڻ کي صفا ويجهو آھن. انھي جاءِ تي ڪنھن وقت رسن جي پل پڻ ٺھيل ھئي. جيڪڏھن گاج جي انھي لنگهہ تي پل ٺھي وڃي تہ مقامي لوڪن چواڻي گورک تي ڪڏھن بہ رستو بند نہ ٿيندو ۽ اتان گورک تي چڙھڻ لاءِ جبل اڀو بہ ناھي جيئن کاول لڪ آھي. ڇُٽي جي ڪنڊ کانپوءِ مٿي بلوچستان جي حدن وٽ بروھي ۽ آلکاڻي لوڪ آباد آھن. سال 1995ع ۾ نئين گاج ۾ وڏو پاڻي آيو جنھن ۾ يارو توک، عمر، نغزاني، ڏوئي ۽ ڇتي جي ڪنڊن تي ويٺل لنڊ لوڪن جا ڪيترائي ماڻھو لڙھي وڃڻ جا قصا ڪھاڻيون ڪنن تي پيون. گاج بنگلي ۽ تير ڀت کان ھيٺ نئين گاج جي اولھ ۾ ڊرگهہ بالا شھر جي سامھون لنڊ لوڪن جي پراڻي وسندي ”پوٺو“، آباد آھي، جتي جو قدرتي حسن ڏسڻ وٽان آھي. جبل جي ڪڇ ۽ نئين گاج جي وھڪري وچ ۾سرسبز وادي قدرت جي حسن جو شاھڪار ۽ خوبصورت پڪنڪ پوائنٽ جھڙي آھي ليڪن اتان جا لنڊ لوڪ ھميشه پاڻ ۾ جهيڙا ڪندا رھن ٿا جتي ٿيل خونريزي ۾ ڪيترا ماڻھو مارجي ويا آھن. گورک جي شروعاتي ناڪام سفر کانپوءِ گورک تي گهمڻ لاءِ وڃڻ ٿيو جنھن ۾ واھي پانڌي جو صحافي سوشل ورڪر ارباب رستماڻي اسانجو سونھون ھيو ۽ اسان سان گڏ ناليوارو صحافي شبير نظاماڻي بہ ھيو. ھي سفر اسان موٽر سائيڪلن تي ڪيو، کاول لڪ تي چڙھڻ وقت اسان کي اھو سفر پنڌ ڪرڻو پيو. جبل جي چاڙھي چڙھڻ دوران مون ڪجهہ تڪڙ ڪئي ۽ ڪجهہ وڏا قدم بہ کنيم سو ڏيئي وٺي بيھي رھيس. ان وقت مان ايترو ھچ ٿي پيس جو دل چيو رڙيون ڪري روئان، شبير نظاماڻي ۽ ارباب روستماڻي ھمت ڏياري ۽ نيٺ وڃي گورک رسياسين. انکانپوءِ اھو سبق سکيو تہ جبل چڙھڻ لاءِ تڪڙو بہ نہ ھلجي ۽ وڏو قدم بہ نہ کڻجي. انھي تي عمل ڪندي گورک سميت ڪافي جبلن تي چڙھڻ جو موقعو مليو ۽ پوءِ ڪڏھن بہ اھڙي جٺ نہ ٿي.
انھي کانپوءِ ھڪ ڀيرو ”گورک ايڪسپلوررز“ نالي اشتياق انصاري جي تشڪيل ڏنل 28 ڄڻن جي ٽيم سان گڏ گورک وڃڻ ٿيو. انھي ٽيم پاران گورک تي پھريون مشاعرو ۽ پھرين ڪرڪيٽ ميچ پڻ ٿي. ائين سال 2007ع ۾ وليج شاد آباد آرگنائيزيشن پاران گورک ميلولڳايو ويو، جنھن ۾ راڳ رنگ سميت ڪچھري جا سيشن ٿيا آخر ۾ڪئمپ آفيس کان گورک چوٽي تائين ريلي ڪڍي ويئي. انھي ميلي دوران زوردار مينھن پيا ۽ شديد سردي ٿي ويئي، برسات ۾ کاول لڪ تي ڪافي ماڻھن جون گاڏيون ڦاسي پيون جن ۾مشھور اديب رئوف نظاماڻي ۽ صنم مارئي جون گاڏيون شامل ھيون. انھي ميلي ۾ ڪراچي مان حسين ھارون، علي رند، نصرت لاشاري سميت بي بي سي جي نمائندن ادريس بختيار، علي حسن سميت حيدرآباد ڪراچي جي تمام گهڻن صحافين شرڪت ڪئي. ميلي واري رات کانپوءِ صبح جو واپسي شروع ٿي، سموريون گاڏيون واپس ٿيون پوئتي صرف چند دوستن سميت سامان کڻڻ لاءِ ھڪ وڏي گاڏي رھيل ھئي جنھن ۾ سامان سٿيِ جڏھن چالو ڪيو ويو تہ ھڪ جهٽڪي ۾ گاڏي جي ٽائر راڊ ٽٽي پئي. انھي دوارن ھڪ دفعو وري زوردار مينھن شروع ٿيو جنھن ۾ پٺتي رھجي ويل چار ڄڻا اڪبرلاشاري، عزيز روستماڻي، عباس جنگواڻي ۽ آءُ صرف ھڪٻئي کي ڏسي پئي سگهياسين، سامھون اوندہ انڌوڪار ھئي. مينھن بند ٿيڻ کان پوءِ خراب گاڏي آلکاڻين ۽ ڊرائيور جي حوالي ڪري، واھي پانڌي لاءِ پنڌ نڪري کاول لڪ ٽپي ياري سائين تائين پنڌ آياسين جتي اھو مستري بہ مليو جنھن کي گورک تي خراب ٿيل گاڏي کي ٺاھڻو ھيو.
سال 2009ع ۾ ھڪ ڀيري صبح سويري ڊي ايڇ او دادو قلندر بخش کيڙي فون تي چيو تہ تياري ڪر گورک تي ھلڻو آھي. اھا ڊسمبر مھيني جي ھڪ سرد صبح ھئي. جڏھن گاڏي مان چڙھي گورک لاءِ روانا ٿياسين تہ ٻاھر ھوا پئي لڳي ۽ سيءَ ۾ کاڏي پئي کڙڪي، مون کين ٻڌايو تہ ھن وقت جيڪا ھوا ھتي گهلي رھي آھي اھا گورک تي وڏيڪ تيز بہ ھوندي ۽ شديد سرد بہ ھوندي. . ڊاڪٽر قلندر بخش جنھن مھمان جي لاءِ گورک پئي ويو ان چيو تہ اھو ڏسڻ لاءِ تہ گورک پيا ھلون. گورک جي چوٽي تي پھچي گاڏي کان ٻاھر آياسين تہ ايتري تيز ۽ سرد ھوا پئي لڳي جو منھنجي اکين ۽ نڪ مان پاڻي وھڻ شروع ٿي ويو. مون مھمانن کي چيو تہ توھان گهمي وٺو تہ مان ۽ ڊرائيور جبل جي آڙ ۾ گهر اڏي ويٺل فيضو آلکاڻي جي بيٺڪ تي چانھ ٺاھي ٿا اچون. گورک اچڻ ۽ فيضو جو بيماري سانگي جوھي اچڻ سبب ھن سان، سندس ڀاءُ نھال ۽ چوڪري نبن سان واقفيت ھئي جيڪي سڏ تي ٻاھر نڪري آيا ۽ اسان چانھ ٺاھي مٿي کڻي آياسين. ھيڏي ھوڏي ڏٺوسين تہ اسان وارا مھمان نطر ئي نہ آيا. کڻي جو ڏسون تہ ٻئي ڄڻا گاڏي چالو ڪيون گاڏي ۾ اندر ھيٽر آن ڪيو ويٺا آھن، اسانکي ڏسي کلندي ۽ ٿڙڪندي چيائون تہ ٻاھر سيءَ کان لڪي ويٺا آھيون، ائين اسان جي ڊي ايڇ او جي سنگتي ڊسمبر مھيني ۾ گورک گهمڻ جو شوق پورو ڪيو. ھڪ ٻئي دفعي لاڙڪاڻي مان دوست ڊاڪٽر عنايت مگسي فون ڪئي تہ ھڪ مھمان کي گورک تي وٺي ھلڻو آھي، تيار ٿي ويھجائين. جوھي مان ويگو گاڏي تي نڪتاسين، جڏھن گاڏي کاول لڪ جي وچ تي پھتي تہ بند ٿي ويئي، ڊرائيور ھيڏي ھوڏي ڏسي چيو تہ گاڏي ٽريڪر وارن بند ڪئي آھي. گاڏي بلڪل اڀي بيٺل ھئي سو مون سوچيو تہ اڄ بچياسين تہ نوان ڄاياسين. انھي لوڪيشن تي موبائيل جا سگنل بہ ڪونُه ھيا، نيٺ جبل جي ھڪ ٽڪري تي چڙھي ڊرائيور جو ٽريڪر وارن سان رابطو ٿيو ۽ گاڏي اسٽارٽ ٿي ۽ گورک گهمي آياسين. ڊاڪٽر عنايت سان گڏ آيل مھمان بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻي جو وائيس چانسلر ھيو. انکانپوءِ تہ تقريبن سال جي ھر مھيني جي موسم کي گورک تي ڏسڻ جو بار بار موقعو مليو، پوليو جي مھمن ۽ حفاظتي ٽڪن جي پروگرام جو ڪم جاچڻ لاءِ ڪافي ڀيرا گورک وڃڻو پيو. اسانجو دوست ڊاڪٽر زبير احمد پنھور گورک جو اسپيشلسٽ سڏبو آھي جنھن گورک پار ڪرڻ لاءِ چوڪڙي لڪ جھڙا خطرناڪ لنگهہ پار ڪري ڏٺا، ليڪن ھڪ وقت ۾ گورک متعلق معلومات مونکان پڻ ورتي ويندي ھئي ۽ آءُ وري ان نتيجي تي پھتس تہ، گورک گهمڻ، اتي رھڻ، انجواءِ ڪرڻ لاءِ بھترين موسم لڪن ۽ جهڪن واري آھي جڏھن ھيٺ جهولا جسم ساڙي ڇڏيندا ھجن. جهولن واري گرم ۽ تيز ھوا گورک تي وڌيڪ شديد بہ ھجي ٿي ۽ اوچائي جي ڪري سرد بہ ھجي ٿي. ھاڻي تہ گورک تي ھر وقت، ھر مند ۾ ماڻھو ويندا رھن ٿا، جتي رھائش بہ ملي وڃي ٿي تہ جمن جمالي جو ھوٽل بہ کليل آھي. جوھي گورک روڊ ٺھڻ سان جوھي جي معيشت تي ڪيترو اثر پيوآھي تنھن جا انگ اکر گڏ ناھن ٿيا ليڪن واھي پانڌي شھر ۾ ھاڻي فور ويل جيپون جام اچي ويون آھن جيڪي ھن وقت بہ ھر وقت مناسب اگه تي گورک کڻي اچن وڃن ٿيون ۽ ان طريقي سان سوين ماڻھن جي گهر جي چلھ ضرور ٻري آھي. آخري دفعو جولائي 2025ع ۾ گورک وڃڻ ٿيو. بينظير پوائنٽ جي اتر ۾ ھاڻي تہ فوج پنھنجي رھائش ٺاھي اچي ويھي رھي آھي، سول ڊريس ۾نظر ايندڙ اھا فورس في الحال تہ ڪنھن ڪم ۾ مداخلت نٿي ڪري ليڪن خبرون تہ اھي پيون ٻڌجن تہ آئين کان ماورا قانون ”ايس آءِ ايف سي“ ھيٺ گورک جي اٺ ھزار ايڪڙ زمين فوج حوالي ڪئي ويئي آھي، مستقبل جي پيٽ ۾ ڇا لکيل آھي اھا صرف انھن کي خبر آھي جيڪي ملڪ کي ھلائڻ جا ذميدار بہ آھن تہ ٺيڪيدار بہ آھن.

بي نام لائيبرري کان، اڪبر جسڪاڻي ميموريل ميونسپل لائيبرري تائين، فڪر جو ھڪ سفر

پنھنجي عمر کان وڏن، پڙھيل ڳڙھيل ماڻھن ۽ ساڃاھ وندن کان ٻڌبو ھيو تہ 1961ع ۾ جوھي ۾ پھرين اخبار نواءِ سنڌ، سيھوڻ کان ايندي ھئي، جيڪا حسن خاصخيلي عرف ”گپو“ کڻي ورھائيندو ھيو، تنھن کانپوءِ ھلال پاڪستان اچڻ شروع ٿي. انھي کان اڳ اخبار پوسٽ ذريعي جوھي ۾ جنھن وٽ ايندي ھئي انھن ۾ پيپلزپارٽي جو جوھي ۾ شروعاتي ڪارڪن ڳوٺ بچل رند واسي اعظم رند سر فھرست آھي. اھي اخبارون پڙھيل ڳڙھيل ماڻھن ۾ ونڊ ٿينديون ھيون جن ۾ اڪثريت استادن يا فرسٽ ييئر انٽر جي شاگردن جي ھوندي ھئي، انھن استادن ۽ شاگردن جي ميل جول منجهان ڪتاب گڏجي پڙھڻ ۽ لائيبري ٺاھڻ جي سوچ جنم ورتو، ائين ھڪ بي نام لائيبرري سال 1964ع ۾ بشير پنجابي جي ھوٽل جي اوڀر ۾ ھڪ دوڪان ۾ قائم ٿي. انھي گمنام لائيبري قائم ڪرڻ وارن ۾ ماستر غلام محمد راجپوت، محمد بخش پنھور، الھورايو پنھور، احمد خان مدھوش، محمد ڇٽل رند، مشتاق باھوٽو ڪئنال، عثمان باھوٽو، محمد ھاشم ممتاز سومرو ۽ ڊاڪٽر علي نواز سومرو شامل ھيا. جيئن تہ ڄاڻايل جوھي جي محسنن منجهان صرف ڊاڪٽر علي نواز سومرو حال حيات آھي انڪري سندس بقول اھا لائيبرري لنڊ برادري جي ھڪ شھري جي دوڪان ۾ قائم ٿي جنھن جو ان وقت ماھوار ڪرايو ڏھ روپيہ ھوندو ھيو. انھي لائيبرري ۾ سون جي تعداد ۾ ڪتاب رکيل ھيا جن ۾ ڊاڪٽر علي نواز سومري چواڻي ھن اڪيلي سر ٻہ سئو کان وڌيڪ ڪتاب ڏنا، جن ۾ شيخ اياز جو ”ڪلھي پاتم ڪينرو“ شامل ھيو. بي نام لائيبرري ۾ ڪتاب ”ڪلھي پاتم ڪينرو“، رکڻ تي ڪجهہ دوستن شديد اعتراض ڪيو تہ شيخ اياز دھريو آھي انڪري انجو ڪتاب لائيبرري ۾ نہ ھجڻ گهرجي. ان تنازعي، دوستن پاران ڪتاب گهر کڻي وڃڻ واري ڳالھ سميت ڪجهہ ٻين تڪرارن سبب اھا لائيبرري غير فعال ٿي ويئي ۽ ھڪ ڏينھن بند ٿي ويئي. بي نام لائيبرري کان اڳ 1958ع 1959ع ۾ ڳوٺ پيرعلي شاھ ۾ جوھي جي ھڏ ڏوکي ۽ محسن، ”سپرينٽينڊنگ انجنيئر“، عزيز سولنگي المعروف، اي سي صاحب، پنھنجي اوطاق ۾ لائيبرري کولي ھئي جتي اوڙي پاڙي جا ٻار، نوجوان، ڪتاب پڙھڻ ايندا ھيا. ڊاڪٽر علي نواز سومري چواڻي انھي لائيبرري ۾ ھن پاڻ، پشو پاشا ۽ بلو کوکر ڪھاڻين جا مجموعا پڙھيا. انومان ڪري سگهجي ٿو تہ جوھي ۾ لائيبرري کولڻ جي اتساھ، شايد اتان جنم ورتو. انھي ڳوٺ پير علي شاھ ۾ قائم اسڪول ۾ دادو واسي نواز قريشي نالي استاد ھوندو ھيو جنھن انھي لائيبرري کي مچائڻ ۾ مک ڪردار ادا ڪيو، نواز قريشي اڳتي ھلي سنڌ يونيورسٽي جو رجسٽرار ٿيو.
جوھي ۾ لائيبرري جي ھڪ سنجيدہ ڪوشش اڪبر جسڪاڻي ۽ ٿھيم ڀائرن پاران ٿي. جنرل ضياءَ جي مارشلا دوران اھا لائيبرري ساٿي ٻارڙا سنگت لائيبرري جي نالي سان قائم ٿي جنھن ۾ شريف ٿھيم جي ذاتي لائيبرري جا انمول ڪتاب آڻي رکيا ويا. انھي لائيبرري کي ھلائڻ واري ٽيم ۾ خادم ٿھيم، فاروق سومرو، حيدر سيال، عاجز جمالي شامل ھيا جنکي اڪبر جسڪاڻي ۽ شريف ٿھيم جي سرپرستي حاصل ھئي. انھي لائيبرري کي ٽائون ڪميٽي جوھي پاران جڳھ پڻ مليل ھئي. اھا لائيبرري نہ صرف ڪافي سالن تائين سرگرم رھي بلڪہ انھي لائيبرري ۾ سياسي ادبي موضوعن تي ڳالھ ٻولھ بہ ڪئي ويندي ھئي ليڪن ٽيم ليڊر خادم ٿھيم سميت ڪجهہ نوجوانن پاران تعليم سانگي جوھي ڇڏڻ، باقي سنگت جي روزگار جي تلاش ۾ نڪرڻ، ڪميونسٽ پارٽي ۽ ڊي ايس ايف جي غير سرگرم ٿيڻ جي نتيجي ۾ ڪجهہ سالن کانپوءِ اھا لائيبرري بند ٿي ويئي ۽ لائيبرري جي عمارت ٽائون ڪميٽي پنھنجي عملداري ۾ واپس ورتي. آءٌ جڏھن 1988ع ۾ ڊاڪٽر ٿي واپس جوھي آيس تہ اھا لائيبرري بند ٿي چڪي ھئي.
جوھي ۾ لائيبرري جي ھڪ ڪوشش جوھي جي ساڃاھ وندن پاران 3 جولائي 1999ع ۾ ٿي، جنرل ضِياءَ جي دور ۾ سياست تي لٺ پئي وسي تہ انھي وقت سنڌ جي نوڪري پيشہ ماڻھن ۽ گريجوئيٽس، سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن جي نالي سان سماجي ڪم ڪار پئي ڪيا جنھن ۾ روشن تارا اسڪول، مفت طبي ۽ اکين جون ڪئمپون لڳايون ويون. گهوٽڪي کان ڪراچي تائين سنڌ جا گريجوئيٽ سگا سان سلھاڙيل ھيا. جوھي ۾ سائين الھرکيو کوسو جيڪو ھاءِ اسڪول ۾ منھنجو استاد رھي چڪو ھيو سگا جو مرڪزي عھديدار ھيو تنھن جي اتساھ تي ٻين نوجوانن سان گڏ مون سميت جوھي جا ڊاڪٽر سگا جي طبي ڪئمپن، اکين جي مفت ڪئمپن جو حصو رھيا. تنھن وقت منھنجي ڊيوٽي رات جو تعلقي اسپتال جوھي ۾ ھئي ۽ سڄو ڏينھن ڪلينڪ تي فارغ ھوندو ھيس. منھنجي ڪلينڪ تي صبح جو ڪوشش ۽ شام جو ڊان اخبار ايندي ھئي جوھي جي نوجوانن ۾ ڊان اخبار پڙھڻ جو شوق ھوندو ھيو انڪري اھي شام جو اھا اخبار پڙھڻ لاءِ منھنجي ڪلينڪ تي ايندا ھيا. ان وقت جوھي ۾ ڊان اخبار ٿورن ماڻھن وٽ ايندي ھئي. انھي عرصي ۾ سگا جي پليٽ فارم سميت ادبي سنگت جي پليٽ فارم تان ٿيندڙ سرگرمين ۾ شريڪ ٿيندو ھيس انڪري منھنجي جوھي جي نوجوانن، ساڃاھ وندن سان ڊيگه بہ وڌيڪ ھوندي ھئي. انھي عرصي ۾ اڪبر جسڪاڻي مون وٽ صبح شام ويٺو ھوندو ھيو. ڪاليج جا نوجوان ڊان اخبار مون وٽ پڙھڻ ايندا ھيا ۽ آءُ پنھنجي ڪلينڪ ھلائيندو ھيس ليڪن ڪڏھن ڪڏھن اھي نوجوان ٻاھران ئي ڪلينڪ تي گهڻا ماڻھو، مريض ڏسي واپس موٽي ويندا ھيا، اتان ذھن ۾ ھڪ خيال پيدا ٿيو تہ ڇو نہ پڙھڻ کان پوءِ اھا اخبار اھڙي جاءِ تي رکجي جيئن جوھي جا نوجوان انھي مان مستفيد ٿي سگهن جيڪا ڳالھ سڀ کان پھرين اڪبر جسڪاڻي بعد ۾ شريف ٿھيم، سائين بخش رند سان رکي. آخر ۾ اھا راءِ جڙي تہ ھڪ جڳھ ڪرائي تي وٺجي جتي ڊان سميت ڪجهہ ٻيون اخبارون جيڪي مختلف دوست اڳ۾ ئي وٺن ٿا پڙھڻ کان پوءِ اتي رکجن تہ جيئن سڀ ڪو انھي مان لاڀ حاصل ڪري سگهي. جيئن تہ انوقت سگا ۾ تحرڪ ھيو ۽ ان سان آءُ بہ جڙيل ھيس، شريف ٿھيم، سائين بخش رند، غلام قادر ٻٻر، محمد بخش پنھور، طارق عالم رند، ظفرﷲ ڏاھري، عبدالجبار ڏاھري جيڪي سڀ سگا جوھي شاخ جا سرگرم ڪارڪن ھيا جي مشاورت سان سگا جي پليٽ فارم تان گاج نالي لائيبرري قائم ڪئي ويئي. مون سميت انھن دوستن تي مشتمل انتظامي ڪميٽي ٺھي، پراڻي ٽيڪسي اسٽينڊ وٽ ”کدڙن جي مڙھي“ سامھون ڊاڪٽر سڪندر جمالي کان ڪرائي تي جڳھ ورتي ويئي ۽ پھرين فرصت ۾ اتي اخبارن سان گڏ ڪجهہ ڪتاب پڻ رکيا ويا. جيئن تہ منھنجي ويجهڙائي ڊاڪٽرن سان ھوندي ھئي ۽ اھي سرندي وارا بہ ھيا انڪري اخبارن ۽ فنڊ جو گهڻُو تڻو انھن تي وزن رکيو ويو جيڪي نہ صرف ماھوار في ڏيندا ھيا بلڪہ روزاني ڊان، ڊيلي ٽائيمز، دي نيوز، دي نيشن، ايڪسپريس ٽربيون، جنگ، ايڪسپريس اردو سميت اخبارون ڏيندا ھيا، سموريون سنڌي اخبارون پڻ اينديون ھيون. انھي سان گڏ اخبار جھان، عبرت ميگزين سھڪاري دوست ڏيندا ھيا، ٽائيم، ھيرالڊ، نيوز لائين جي سالانہ سبسڪرپشن ٿيل ھئي جنھنجو مڪمل رڪارڊ رکيل ھيو. لائيبرري ۾ روز ايندڙ جي حاضري ٿيندي ھئي ۽ جيڪو ڪتاب کڻي پڙھندو ھيو انجو نالو پڻ درج ٿيندو ھيو. لائيبرري جو وقت شام پنجين کان اٺين وڳي تائين ھوندو ھيو. صرف 300 روپيہ ماھوار جي معمولي اعزازيہ تي جوھي جي نوجوان حامد لاشاري کي لائيبرري سنڀالڻ لاءِ مقرر ڪيو ويو، جيڪو لائيبرري کلڻ کان اڳ مختلف ڪلينڪن ۽ جاين تائين اخبارون گڏ ڪري ”پنچ“ ڪري پوءِ رکندو ھيو، نتيجي ۾ اخبار سنڀالجڻ بہ لڳي. لائيبرري کلڻ جي ھڪ مھيني کان پوءِ اڪبر جسڪاڻي مونکي چيو تہ گاڏي ڪري ھل تہ حيدرآباد پيل ڪتاب لائيبرري لاءِ ڏيائين. 9، آگسٽ 1999ع تي اسان گڏجي سندس سحرش نگر واري جاءِ تي پھتاسين جتي ھن سمورا ڪتاب منھنجي حوالي ڪيا ۽ پاڻ وٽ صرف شاھ جو رسالو رکيائين، بدقسمتي سان اڪبر جسڪاڻي سان اھا آخري ملاقات ثابت ٿي ۽ 13 آگسٽ تي مبينہ طور سندس موت ٿيو۽ سندس لاش سحرش نگر واري گهر مان مليو. گاج لائيبرري انتظامي ڪميٽي جي دوستن اڪبر جسڪاڻي جي سنڌي ٻاراڻي ادب ۾ ڪيل خدمتن ۽ لائيبرري ٺاھڻ، مچائڻ جي ڪردار جي پيش نظر کيس مڃتا ڏيڻ لاءِ لائيبرري جو نالو اڪبر جسڪاڻي ميموريل لائيبرري رکيو. ھتي اھو بہ ياد ڏيارجي تہ لائيبرري قائم ٿيڻ کان ڪجهہ ڏينھن پوءِ سگا جو چيئرمين ڊاڪٽر سليمان شيخ جوھي آيو تہ سائين الھرکئو کوسو کيس لائيبرري ڏيکارڻ وٺي آيو، ڊاڪٽر سليمان شيخ وزٽ دوران چيو تہ لائيبرري کي ڪارگل جي شھيدن جو ڏينھن ملھائڻ گهرجي، ڊاڪٽر سليمان شيخ جي انھي ڳالھ تي آء سائين الھرکيو ۽ موجود دوست ھڪٻئي کي ڏسندا رھجي وياسين. اڪبر جسڪاڻي جي نالي ٿيڻ سان لائيبرري ۾ ڪجهہ وڌيڪ چاھ وڌيو، شروعات ۾ مون پاڻ ڪتاب ۽ رسالا عطيہ طور ڏنا، شريف ٿھيم، ڊاڪٽر جمن باھوٽو، عزيز ڪنگراڻي، محمد علي ماجد، سائين بخش رند، ڊاڪٽر علي نواز سومري، ڊاڪٽر غلام مصطفي سومري، محرم سومري، اڪبر جسڪاڻي جي استاد فتاح ھاليپوٽي سميت تمام گهڻن ماڻھن پڻ ڪتاب ڏنا جن جو رجسٽر ۾ اندراج ٿيل آھي. نتيجي ۾ ٿوري عرصي ۾ ڪتابن جو انگ پنج ھزار ٿي ويو. ڊان، دي نيوز، نيشن، ڊيلي ٽائيمز، ايڪسپريس ٽربيون، جنگ، ڪاوش، عوامي آواز سميت سڀني اخبارن جا ماھوار جلد ٻڌرائي رکيا ويندا ھيا. ڪجهہ عرصو تہ لائيبرري ۾ حيدرآباد ۾ رھندڙ جوھي جا صحافي دوست ھڪ اڌ ڏينھن پراڻي ” خليج ٽائيمز“ ۽ “گلف نيوز “ بہ موڪليندا ھيا جيڪا پڻ رڪارڊ ۾ موجود ھئي. انھي وقت ۾ انٽرنيٽ ڪونہ ھئي نہ اخبارون آن لائين ھيون، لائيبرري ۾ ڪتاب، رسالا ۽ اخبارون محفوظ ھيا جتان جوھي کان سواءِ ڪافي شھرن جا نوجوان، محقق ريفرنس طور اخبارون ڏسڻ ايندا ھيا ۽ کين ڪيئي مھينا ۽ سال پراڻي اخبار، رسالو ملي ويندو ھيو. سال 2001ع ۾ ھڪ ڏينھن سب جيل جوھي جو جمعدار لطيف پنھور لائيبرري آيو تنھن سائين بخش رند سان ڳالھ ڪئي تہ کيس 1999ع سال جي ڪنھن تاريخ جي ڊان اخبار کپي ٿي جيڪا دادو واري لائيبرري سميت ڪٿي نٿي ملي. انھي اخبار ۾ خبر لڳل آھي تہ ”جوھي سب جيل ۾ قيدي کي ھٿ ڪڙيون ھڻي رکيو ويو آھي. “ نتيجي ۾ مونکي ۽ سب جيل انچارج سب جيلر کي ڪورٽ سڳوري شوڪاز نوٽيس اماڻيو آھي. اصل ۾ اھا ڳالھ ”جوھي“ بجاءِ ”جاتي“ سب جيل جي ھئي جنھن ۾ جاتي بجاءِ جوھي لکجي ويو ھيو. لائيبررين حامد لاشاري جلد ٻڌل فائيل مان کيس گهربل ڊان اخبار ڪڍي ڏني. ٽي جولاءِ لائيبرري قائم ٿيڻ جو ڏينھن ۽ تاريخ آھي جيڪو ھر سال لائيبرري جي سالگرھ طور ملھايو ويندو ھيو جنھن ۾ لائيبرري جي سالانہ ڪارڪردگي، فنڊ جو مڪمل وچور پيش ڪيو ويندو ھيو، انھي تقريب ۾ سھڪار ڪندڙ دوستن کي گهرايو ويندو ھيو ۽ سندن نالو کڻي شڪريو ادا ڪيو ويندو ھيو. لائيبرري جو شروعاتي ماھوار فنڊ 20 روپيہ ھيو جيڪو بعد ۾ 50 رپيه ڪيو ويو. لائيبرري جو فنانس سيڪريٽري عبدالجبار ڏاھري، محنتي ۽ ڪمٽيڊ نوجوان ھيو جيڪو فنڊ جو باقائدي حساب ڪتاب رکندو ھيو. ماھوار فنڊ ھر ميمبر کان ورتو ويندو ھيو، اھو فنڊ اڪثر حامد لاشاري، عبدالجبار ڏاھري، سائين بخش رند وصول ڪندا ھيا ۽ ڪجهہ ميمبرن کان آءُ پاڻ فنڊ وصول ڪندو ھيس جڏھن تہ ڪافي ميمبر پاڻ لائيبرري اچي لئيبررين وٽ ماھوار فنڊ جمع ڪرائيندا ھيا. لائيبرري جو گهڻو عرصو چيئرمين سائين غلام قادر ٻٻر رھيو جيڪو 2001ع ۾ جوھي يونين ڪائونسل جو ناظم ٿيو تہ سندن يوسي پاران مالي سھڪار پڻ رھيو. اھڙوئي سھڪار تعلقہ ميونسپل ائڊمنسٽريشن جوھي جي ناظم بندہ علي لغاري پڻ ڪيو جنھنجو وچور پڻ لائيبرري جي رڪارڊ ۾ درج ٿيل آھي. ڪجهہ عرصي کانپوءِ مقامي سماجي تنظيم”جارڊن“ پاران تجويز آئي تہ لائيبرري سندن تنظيم حوالي ڪجي تہ بھتر انتظام، سنڀال ذريعي بھتر سرگرميون ڪري سگهجن ٿيون. لائيبرري انتظامي ڪميٽي غور ويچارکانپوءِ انھي تجويز کي مان ڏيندي منظور ڪيو. جارڊن، اڪبر جسڪاڻي ميموريل لائيبرري بجاءِ انھي کي ”اڪبر جسڪاڻي رسورس سينٽر“ طور ھلايو. انھي کان پوءِ وري ڪاڇو فائونڊيشن لائيبرري کي سنڀاليو، جنھن کي وري بي ايڇ پي بليٽن جي فنڊنگ ھئي. ھڪ عرصو ھلائڻ کانپوءِ اھا لائيبرري واپس انتطامي ڪميٽي حوالي ٿي، لائيبرري تڏھن مختيار ڪار آفيس آڏو ھڪ ڪرائي جي خانگي جاءِ ۾ ھلي پئي جنھنجي مالڪ ڪجهہ عرصو تہ ڪرايو وڌائڻ جي ڳالھ ڪئي ليڪن بعد ۾ مورڳو جڳھ خالي ڪرائڻ لاءِ چيو ويو ۽ لائيبرري کي تالو ھڻي ڇڏيائين. لائيبرري انتظاميہ، نوجوانن سان گڏجي سرڪار کي لائيبرري لاءِ متبادل جڳھ ڏيڻ لاءِ مھم ھلائي، نيٺ ھڪ ڏينھن ڊپٽي ڪمشنر دادو سليم رضا کھڙو لائيبرري انتظاميہ سان رابطو ڪري مختيارڪار آفيس گهرايو. ڊي سي دادو سليم رضا کھڙو لائيبرري گهمي ڏسڻ کانپوءِ ٻاھر آيو ۽ پڇيائين تہ توھان کي ڪا جاءِ ذھن ۾ آھي تہ ٻڌايو، مون کيس سامھون ٽائون ڪميٽي جي اجاڙ ۽ خالي پيل جاءِ ڏيکاري جيڪا بينظير جي شھادت جي نتيجي ۾ ٿيل وڳوڙ ۾ ٽوڙ ڦوڙ جو شڪار ٿي ھئي، جنھن تي ڊي سي دادو چيو تہ اھا تہ خراب حالت ۾ آھي ۽ ڪنھن ڪم جي نہ آھي. مون کيس چيو تہ جوھي جو شھر وڏو آھي چندو ڪري عمارت ٺاھينداسين ھن کلي منھنجي ڪلھي تي ھٿ رکي مختيار ڪار آفيس آڏو چاوڙي جي نئين سفيد عمارت ڏي اشارو ڪري چيو تہ لائيبرري لاءِ اھا عمارت ڪيئن رھندي. انڌي ھڪ اک پئي گهري ھي جو ٻيئي اکيون مليون تہ موجود دوستن ۽ پڙھندڙن کڻي ھا ڪئي ۽ موقعي تي موجود نوجوانن سرھائي جو اظھار ڪيو. ڊي سي دادو چيو تہ اڄ ئي ٽپڙ کڻي ويھو، انتظامي ڪميٽي جي سنگت سميت نوجوانن دير ئي نہ ڪئي ۽ لائيبرري نئين عمارت ۾ منتقل ٿي جنھن ۾ ٻہ وڏا ڪمرا، ھڪ اسٽور، ورانڊو ۽ وڏو اڱڻ موجود ھيا، جنھن ۾ نہ صرف شام جو اڱڻ تي ويھي نوجوان اخبار پڙھندا ھيا بلڪہ اتي لائيبرري جا پروگرام بہ ٿيا. سال 2010ع ۾ جوھي ۾ تمام گهڻيون برساتون پوڻ ڪري لائيبرري جي عمارت ڪري پئي ۽ صرف ھڪ خستہ حال حصو بچيو جنھن ۾ ويھي شاگرد ڪتاب ۽ اخبارون پڙھندا ھيا. انھي دوران انتظاميہ سان رابطا ٿيندا رھيا ليڪن ڪٿان آسرو ئي نہ پئي مليو. سال 2008ع کان منھنجي ڊسٽرڪٽ ھيلٿ آفيس دادو بدلي ٿيل ھئي ۽ نوڪري جي مصروفيت ۽ شام جو دير اچڻ ڪري لائيبرري کي وقت نہ ڏئي سگهندو ھيس. لائيبرري جوچيئرمين تہ سائين غلام قادر ٻٻر رھيو ليڪن لائيبرري جي سار سنڀال لائيبررين سان گڏ ڪتابن جي پڙھاڪو نوجوان گلشير پنھور ۽ نوجوان ڊاڪٽر عزيزﷲ لغاري رضاڪارانہ طور ڪئي جنھن دوران غلام قادر ٿھيم ۽ يونس سولنگي پڻ انھي ٽيم جو حصو رھيا. 2010ع ۾ جوھي ۾ پيل برساتن سبب لائيبرري ٿيل نقصان جي پيش نظر، انتظامي ڪميٽي حُڪومتي نمائندن سان مسلسل رابطي ۾ رھندي آئي، آخرڪار 31 آگسٽ 2016ع جي بلدياتي چونڊن ۾ عبدالمجيد جمالي ميونسپل ڪميٽي جوھي جو چيئرمين ٿيو. عبدالمجيد جمالي سان نہ صرف سٺا تعلقات ھيا بلڪہ ھن ۾ جوش جذبو ڏسي مون کيس لائيبرري جي مدد لاءِ گذارش ڪئي. ڪجهہ ڏينھن کان پوءِ مونکي چيائين تہ لائيبرري جو پروپوزل ٺاھيو آھي سو توھان ڊي سي دادو راجا شاھ زمان کھڙو کي چئو تہ گهربل مدد ڪري. ڊي سي دادو راجا شاھ زمان کھڙو پاڻ ادب دوست، پڙھاڪو ۽ پڙھڻ پڙھائڻ جي ڪمن ۾ دلچسپي رکندڙ ھيو، ڊي ايڇ او آفيس ۾ ھجڻ دوران ساڻس پوليو ۾گڏ ڪم ڪرڻ معمول ھيو، نتيجي ۾ ساڻس ويجهڙائي بہ ٿي. ڊي سي دادو کي جوھي لائيبرري متعلق چڱي خاصي آگاھي ھئي ڇو تہ سندس مامي، اڳوڻي ڊپٽي ڪمشنر دادو سليم رضا کھڙي لائيبرري کي عمارت ڏني ھئي جيڪا ھاڻي ڊٺل حالت ۾ موجود ھئي. ھڪ ڏينھن پوليو جي مھم دوران سندس جوھي اچڻ ٿيو تہ کيس خستہ حال لائيبرري ڏسڻ جي درخواست ڪيم جنھن دوران ميونسپل چيئرمين عبدالمجيد جمالي سان رابطو ڪري کيس ڊي سي دادو پاران دوروڪرڻ بابت ٻڌايم. ٻنھي کي لائيبرري ۾ موجود سھوليتن ۽ سرگرمين متعلق ٻڌايو ويو جيڪي لائيبرري جي خستہ حالي سبب ذري گهٽ معطل ھيون. ڊي سي دادو کي ڳالھ دل سان لڳي سو انھي اسڪيم ٺھڻ ۾ دير ئي ڪونہ لڳي. ڪجهہ ڏينھن کانپوءِ ڊي سي دادو راجا شاھ زمان کھڙي مونکي فون تي ٻڌايو تہ لائيبرري جي عمارت جون چريون کوٽجي رھيون آھن سو وڃي ڏسو ۽ ڪم ڪار جي باري ۾ ڄاڻ ڏيندا رھو. مان لائيبرري واري جاءِ تي ويس ۽ عمارت جو ڪم شروع ٿيندي ڏسي منھنجي خوشي جي انتھا نہ رھي، ھڪ اھڙو ڪم جيڪو جوھي جي ڪجهہ دوستن 17 سال اڳ گڏجي ھٿ ۾ کنيو ھيو انکي منزل ملي رھي ھئي. جوھي لائيبرري جي عمارت جي تعمير دوران اسسٽنٽ مختيار ڪار جوھي جو بنگلو بہ سامان رکڻ لاءِ لائيبرري انتطاميه کي مليو جنھن ۾ نہ صرف سامان رکيو ويو بلڪہ اتي ھر ھفتي پروگرام بہ شروع ڪيا ويا. سال 2016، 2017ع ۽ 2018ع ۾ اڪبر جسڪاڻي ميموريل لائيبرري پاران تمام گهڻيون سماجي، ادبي، تعليمي سرگرميون ٿيون، ھفتيوار ٿيندڙ پروگرامن ۾ دادو، خيرپور ناٿن شاھ، ميھڙ، شاھ پنجو ۽ راڌڻ جا نوجوان پڻ شريڪ ٿيندا رھيا. لائيبرري جي نئين عمارت 2017ع جي آخر ڌاري تيار ٿي ۽ منجهس سامان منتقل ڪيو ويو. انھي لائيبرري کي ميونسپل ڪميٽي جوھي حوالي ڪرڻ وقت ھڪ ”ميمورينڊم آف انڊر اسٽينڊنگ“، ايم او يو بہ صحيح ٿيو، جنھن مطابق لائيبرري جو انتظام ۽ خرچ ميونسپل ڪميٽي ھلائيندي، جڏھن تہ لائيبرري انتظامي ڪميٽي وقت بوقت مشورا ڏيندي رھندي. لائيبرري جو نئون نالو ”اڪبر جسڪاڻي ميموريل ميونسپل لائيبرري جوھي“ رکيو ويو.
سال 1999ع جي 3 جولاءِ تي قائم ٿيندڙ لائيبرري جو پھريون چيئرمين محمد شريف ٿھيم، ٻيون محمد بخش ٿھيم، بعد ۾ غلام قادر ٻٻر ٿيو. انھي دوران انتظامي ڪميٽي جو آءُ سيڪريٽري ۽ عبدالجبار ڏاھري خزانچي ھيا. جڏھن لائيبرري جارڊن حوالي ٿي تہ انجو چيئرمين طارق عالم رند ٿيو، لائيبرري انتظامي ڪميٽي کي واپس ٿي تہ انجو چيئرمين غلام قادر ٻٻر ٿيو جڏھن لائيبرري ميونسپل ڪميٽي جي حوالي ٿي تہ انھي وقت لائيبرري عبدالفتاح جوکئي جي نظرداري ھيٺ ڪم پئي ڪيو جڏھن تہ ميونسپل ڪميٽي وٽ ”ايم او يو“ صحيح ڪرڻ وقت عبدالفتاح جوکيو، سائين غلام قادر ٻٻر ۽ آءُ شامل ھئاسين. لائيبرري جو شروعاتي لائيبررين، ڪافي سالن تائين حامد لاشاري رھيو جڏھن تہ ان کانپوءِ وقار سرھيو، محمد بخش مستوئي، ساجد جوکيو، حسن ٿھيم، لائيبرري جي سار سنڀال ڪئي. الھورايو سومري پڻ لائيبرري ۾ گهڻو عرصو خدمتون سرانجام ڏنيون ۽ ڏکئي حال ۾ لائيبرري جي ڪم کي ڏسندو رھيو، ڄاڻايل سڀني نوجوانن ذري گهٽ رضاڪارانہ طور لائيبرري جي سار سنڀال ڪئي.
اڪبر جسڪاڻي ميموريل لائيبرري ۾ جڏھن ھفتيوار پروگرام شروع ٿيا تہ سنڌ ۾ پنھنجي مدد پاڻ ھيٺ ڪم ڪندڙ ادارن ۾ انھي کي پذيرائي ملي. لائيبرري ۾ سھيل سانگي، شبير نظاماڻي، قربان بلوچ، اسحاق مڱريو، پروفيسراعجازقريشي، ظفر جوڻيجو، احسان عرساڻي، جاويد راڄپر، ڊاڪٽر جمن باھوٽو،. ڊِپٽي ڪمشنر راجا شاھ زمان کھڙو، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر نصرﷲ عباسي، پروفيسر ممتاز قمبراڻي، شاھ زمان ملڪاڻي، طفرﷲ ڏاھري، عاشق سومرو، اياز کوسو سميت ڪافي عالمن، صحافين، ڏاھن ۽ تعليمي ماھرن پاران لاتعداد ليڪچر ٿيا، جن ۾ ادبي، سماجي، سياسي موضوعن سميت سي ايس ايس امتحان جي تياري ڪرڻ لاءِ پڻ سيشن ٿيا. ميونسپل ڪميٽي پاران لائيبرري ۾ ملٽي ميڊيا پڻ فراھم ڪيو ويو جنھن جي نتيجي ۾ مختلف موضوعن تي دستاويزي فلمون ھلايون ويون جن ۾ ڪئناڊا ۾ رھندڙ سڄاڻ دوست، سنڌ ۾ سائنس پڙھو ۽ سائنس پڙھايو جي مھم تي نڪتل نواز سومري پاران ”ڪاسموس“ تي دستاويزي فلم تي ڳالھ ٻولھ پڻ ڪرائي ويئي. دستاويزي فلمن ھلائڻ، ماڊريٽ ڪرڻ ۾ مک ڪردار امجد سومري، عاشق سومري ۽ خادم کوسي جو رھيو. لائيبرري ۾ ”اچو تہ ڪتاب پڙھون“ سلسلي ۾ لاتعداد سيشن ٿيا جن ۾”واءِ نيشنس فيل“، ”اسپاءِ ڪرانيڪلس“، ”قليله و دمنہ“، ”منٽو جون سئو ڪھاڻيون“، ”سر لوھيڙا ڳڀيا“، عزيز ڪنگراڻي پاران ترتيب ڏنل ڪتاب، ”دادو ائٽ گلانس“ سميت لاتعداد ڪتابن تي پر مغز پروگرام ٿيا. لائيبرري ۾ ”پنھنجن جي پچار“ سلسلي ھيٺ جوھي جي پنجن عورتن، پنجن استادن ۽ پنجن آبادگار اڳواڻن سان پڻ مڃتا پروگرام ٿيا. ھڪ نسل آھي جيڪو انھي لائيبرري ۾ پڙھي پروان چڙھيو آھي جنھن کي اڪبر جسڪاڻي ميموريل لائيبرري اخبار، ڪتاب، ڪرسي، سميت آشياني جيئن پناھ ڏني. سھڪار ڪندڙ ۽ پڙھندڙن لاءِ سال 2009ع ۾ ھڪ مڃتا پروگرام ٿيو جنھن۾ لائيبرري کي سال 2008ع ۾ نئين عمارت ڏيندڙ ڊپٽي ڪمشنر دادو سليم رضا کھڙي خصوصي شرڪت ڪئي. انھي مڃتا پروگرام ۾ گلشير پنھور کي ”بيسٽ ريڊر“ جو حقدار قرار ڏنو ويو. لائيبرري جي ھڪ سالگرھ تقريب تي سنڌ ۽ جوھي جي سدا بھار شاعر سائين احمد خان مدھوش ”اجمل“ ( اڪبر جسڪاڻي ميموريل لائيبرري) جي قافئي ۽ تڪرار سان ھڪ خوبصورت غزل لکيو جيڪو سائين لائيبرري جي ھڪ پروگرام ۾ پڙھيو ھيو جيڪو سندس لکڻين جي ذخيري ۾ ڪٿي پيل ھوندو جنھن ۾لائيبرري جي لاڀ جونقشو چٽيل آھي. اڪبر جسڪاڻي ميموريل لائيبرري ميونسپل ڪميٽي جي انتظام ھيٺ ڪم ڪري پئي جنھن ۾ ھاڻي بہ اڪثر شاگرد ۽ نوجوان اچن ٿا، اچڻ وقت حاضري لڳائڻ جي روايت جاري آھي جيڪا مون 26 جولائي تي پڻ ڏٺي ۽ ان ڏينھن لائيبرري اچي صحيح لڳائڻ وارن ۾ مان بہ شامل ھيس انھي ڏينھن تي اياز رند ايڊووڪيٽ جو ليڪچر پروگرام رکيل ھيو. منھنجي پھچڻ وقت ھال کچا کچ ڀريل ھيو ۽ گهڻا نوجوان ھال کان ٻاھر بيٺل ھيا. ان ڏينھن اندازو ٿيو تہ جوھي جي نوجوانن لائيبرري کي سنڀالي ورتو آھي، جن ۾ منير ملاح، منصور ٿھيم، شازم رند، منير مستوئي عرف خاڪ نشين ۽ دانش راجپوت شامل آھن جنکي سائين گل شير پنھور، امين لغاري، وفا برھماڻي، جنيد عباسي، عاشق سومري سميت اڳوڻي ميونسپل ڪميٽي چيئرمين عبدالمجيد جمالي جھڙن ماڻھن ۽ نوجوانن جو سھڪار ۽ دست شفقت حاصل آھي. اڪبر جسڪاڻي ميموريل لائيبرري 26 سال پورا ڪري ستاويھين سال ۾ داخل ٿي ويئي آھي، لائيبرري جي گيٽ ٻاھران گل ٻوٽا ڦوٽھڙو ڪري وڌي ويجهي رھيا ھيا جيڪي جوھي جي زندہ جاويد ھجڻ، مشڪل حالتن ۾وڌڻ ويجهڻ جي علامت محسوس ٿيا ۽ اھو پيغام ڏين پيا تہ جوھي ۽ جوھي جي نوجوانن جا خواب مرڻا ناھن. اڃا بہ ائين چئجي تہ وڌاءُ نہ ٿيندو تہ انھي لائيبرري ۾ جوھي جي نوجوانن جي دلچسپي نہ ھجي ھا تہ اھا لائيبرري گهڻُو عرصو اڳ بند ٿي وڃي ھا. اڪبر جسڪاڻي ميموريل لائيبرري جو ڪو اڪيلو ماڻھو، ڪا اڪيلي ڪميٽي، ڪا اڪيلي تنظيم مالڪ نہ ھئي، بلڪہ جوھي جا سڀ نوجوان، سمورا ساڃاھ وند، لائيبرري جو پاڻ کي مالڪ، لائيبرري کي پنھنجي ملڪيت سمجهندا رھيا جنھن لائيبرري کي بند ناھي ٿيڻ ڏنو ۽ شايد جوھي جي مخصوص مزاحمتي ڪردار بہ انھي لائيبرري کي زندہ جاويد رکيو آھي. اڪبر جسڪاڻي ميموريل ميونسپل لائيبرري جو قيام، انجي ڦوھ جواني کي رسڻ ۽ سال 2010ع ۽ 2022ع واري ٻوڏ خلاف وڙھي ويل ”رنگ بند تحريڪ“، جوھي جي ساڃاھ جي قابل فخرميراث ۽ جوھي جي شاندار مزاحمت جو آئينو آھي جنھنجو ڪريڊٽ کڻڻ ھر جوھي واسي کي سونھين ٿو.

جوھي جو مزاحمتي، ادبي، ثقافتي، صحافتي منچ

سال 1988ع کان 1995ع جي وچ ۾ منھنجي زندگي منھنجي ذات جي روايت کان مختلف ڊگر تي ھلي پئي. سياست جي ڀڃ ڊاھ، جنھن تنظيم سان منھنجو تعلق ھيو انجو ويھي وڃڻ، ذاتي گهرو مسئلا غربت سان جنگ، مونکي پنھنجي ذات ۽ خاندن ۾ گم ڪري ڇڏيو ۽ منھنجو ڪردار پنھنجي ذات ۽ پنھنجي پيشہ جي ماڻھن سان ئي اٿڻ ويھڻ رھيو. ليڪن سال 1995ع جي ٻوڏ کانپوءِ لڳندڙ ٿائيرائيڊ جي مرض ۽ 2000ع ۾ شوگر جي بيماري مون وٽ اھو سوال کڻي آيا تہ ڇا منھنجي زندگي اھا ھئي جيڪا مون گذاري، اھو تہ ھاڻي بيمار رھي مونکي اڌ ماڻھو ٿي رھڻو آھي ۽ ھڪ ڏينھن مري وڃڻو آھي. ائين ھڪ ڏينھن پاڻ سان ڳالھائيندي ذري گهٽ 10 سالن جي وقفي کان پوءِ سياسي سماجي دنيا ۾ واپس موٽي آيس. جوھي ۾ انوقت سنڌي ادبي سنگت ۽ سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن ”سگا“ سرگرم ھيون، انھن ٻنھي ۾ منھنجي واپسي کي مقصد وري1999ع ۾ لائيبرري جي قيام ڏنو، پنھنجي ھمعصر دوست، ساٿي اڪبر جسڪاڻي جي ناگھاني موت ھڪ نئون سبق ڏنو. جنھن حلقي ۾ ۾ منھنجو اٿڻ ويھڻ ھيو انھن جي ساٿ سان سال ۾ ھڪ ڀيرو لائيبرري جي سالگرھ، ھڪ دفعو اڪبر جسڪاڻي جي ورسي ٿيڻ لڳي. جوھي اچڻ کان اڳ منھنجو واسطو ڪميونسٽ پارٽي جي اقليتي ڌڙي سان ھيو جيڪو اڳتي ھلي قومي انقلابي پارٽي بڻيو جيڪا نہ ھلي سگهڻ سبب آھستي آھستي بي عمل ٿي ويئي ۽ ائين مان بہ سياسي طور بي عمل ئي رھيس. انھي دوران ڪميونسٽ پارٽي ۽ انجي محاذن جي دوستن سان ميل جول پيو ٿيندو ھيو. سياست کي نئين سر پڙھڻ ۽ سمجهڻ دوران منھنجو واسطو طبقاتي جدوجھد جي دوستن سان ٿيو جيڪي دادو، ڀان، خيرپور ناٿن شاھ ۾ سرگرم ھيا. لائيبرري ٺھڻ کانپوءِ، روزاني ڊان سميت ڪيئي انگريزي اخبارون ڏسڻ جو موقعو ملندو ھيو. انھن ڏينھن ۾ ڊان سميت ڪجهہ انگريزي اخبارن ۾ ليون ٽراٽسڪي جي آتم ڪٿا تي لکيل ڪتاب” منھنجي زندگي“ تي ڪافي تبصرا شايع ٿيا. ڪتاب تي تبصرا پڙھي اھو ڪتاب مون بہ گهرائي پڙھيو. اھو ڪتاب پڙھي انھي تي تبصرو پڻ لکيم جيڪو ڪوشش اخبار ۾ شايع بہ ٿيو. ڪجهہ نہ ڪرڻ جي ڀيٽ ۾ ڪجهہ ڪرڻ جي ھر کر جي نتيجي ۾ فيصلو ڪيم تہ ڪنھن نہ ڪنھن سان جڙيل ھجڻ گهرجي ائين طبقاتي جدوجھد سان واڳجي ويس. انھي تنظيم جوھي جي سياست ۾ سياسي آگاھي ڏيڻ ۾ چڱو ڪردار ادا ڪيو. جوھي جي سياست ھونئن تہ پيپلزپارٽي جي ھٿ ھيٺ رھي آھي ليڪن 2008ع کان پوءِ مسلسل اقتدار ۾ رھڻ سبب جوھي جي سياست جو مزاحمتي رنگ سدائين ان جي مخالف ڌرين وٽ رھيو جنھن ۾ جوھي برانچ ۾ پاڻي کوٽ خلاف جدوجھد ۽ مزاحمت اھميت جوڳو رھيو. انھي جدوجھد جا سرواڻ شينھن رند، بشير ٿھيم، پيارو خان روستماڻي، امام علي روستماڻي، ميرمحمد لغاري، ميھر گاڏھي، قادو لنڊ ۽ سندن آبادگار ساٿي رھيا انھي مزاحمت ڪاري ۾ حُڪومت مخالف تنظيمن سان لاڳاپيل سياسي ڪارڪن شامل رھيا ۽ حڪومتي ڌر کي ساھ کڻڻ نہ ڏنائون. انھي مزاحمت جوھي جي روڊن رستن تي جدوجھد کي زندھ رکيو جيڪا وري گهڻو تڻو علامتي رھي، مزاحمتي تحريڪ کي جوھي جي صحافت پڻ مھميز ڏني جنھن ۾ روزاني ڪوشش، ڪاوش، سنڌ ايڪسپريس، ايڪسپريس اردو، عوامي آواز، تعمير سنڌ، سميت سنڌي ۾ نڪرندڙ اخبارن، رسالن جي رپورٽرن جو اھم ڪردار رھيو آھي. 2010ع جي ٻوڏ دوران ڪاوش ۽ انجي رپورٽر جي خبرن جي ٻيگهي متل رھي ۽ ڪاوش جوھي جو رپورٽر حاڪم لغاري بي بي سي تائين جوھي جي ٻوڏ جو ڪيس رکندو رھيو، ڪاڇي ۾ چمڙي جي بيماري ”ليشميينياسز“ ڪر کنيو تہ روزاني ڪوشش جي رپورٽر اشرف امر لاشاري ”ھل واھي“ جھڙي اسٽوري لکي عوامي مفادن جي مالڪي ڪئي، ائين جوھي جا مسئلا کڻڻ سبب کاھوڙي صحافي وفا برھماڻي جي پورھئي سان سنڌايڪسپريس جوھي جي تمام وڏي اخبار ٿي سامھون آئي. جوھي مان ڪافي نوجوان صحافي اسلام آباد، لاھور، ڪراچي، حيدرآباد ۾ اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا ۾ رھي ڪري جوھي جي مزاحمت ۾ پنھنجو حصو وجهندا رھيا ۽ جوھي جي زندگي ۽ موت جھڙن مامرن ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪندا رھيا. جوھي جي صحافتي منچ کي ماضي ۾ مينھون خان کوسو، توقير عالم، نواز علي رند، عثمان جمالي، غلام قادر ٿھيم، غلام رسول ٿھيم مچايو ھيو جنھن کي اڄ جو نئون نسل موجود حالتن ۽ گهرجن ھيٺ مڃائيندو اچي پيو. جوھي جي صحافت نہ صرف جوھي ۾ ٿيندڙ سرگرمين کي اجاگر ڪيو، بلڪہ مقامي وڏيرن ۽ مفاد پرست سياست جي ارھ زوراين کي پڻ وائکو ڪيو آھي جيڪو جوھي جھڙي ڏاڍ مڙسي واري ماحول ۾ اوکو ڪم آھي. اھڙي اوکي ڪم ۾ روزاني ڪوشش جي رپورٽر، ايم بي ٻٻر جو اخبار سميت گاج نيوز ۾ ادا ڪيل ڪردار نانگن جي ٻرن ۾ ھٿ وجهڻ جھڙو رھيو. سوشل ميڊيائي صحافت ۾ اسلم سومري جي سوشل ميڊيا چئنل ”سنڌ آءِ“ مقامي معاملن کي اجاگر ڪرڻ ۾ ڪمال جو ڪم ڪيو جنھن جي چئنل جا ھزارن جي تعداد ۾ فالوئرس انجي اھميت ۽ لوڪ پذيرائي جو داستان ٻڌائين ٿا.
جوھي ۾ منھنجي ادبي سرگرمين ۾ شرڪت جو سھرو سائين بخش رند جي سر تي آھي، جنھن ادبي پروگرامن ۾ مدعو ڪري ڳالھائڻ جو موقعو ڏنو ۽ منھنجي سنڌي ادبي سنگت جي دوستن نقاد ٿھيم، جاني ملاح، لياقت علي لياقت سان ڊيگه ڪرائي جنجا اڳ وارا تعلق گهڻي قدر ويجهڙائپ وارا نہ ھيا. ادبي سنگت جي پروگرامن ۾ ڳالھائڻ کان اڳ شاگردي واري دور ۾ مونکي تقرير ڪرڻ بہ نہ ايندي ھئي. اھي سڀ دوست شام جو منھنجي ڪلينڪ تي ويٺا پروگرامن جو سٽاءُ ڪندا ھيا. ان وقت ادبي سنگت مٿي ڄاڻايل چئن دوستن جي اردگرد ڦري پئي. سنڌي ادبي سنگت منڇر تي زوردار سيمينار، لياقت علي لياقت، طالب لغاري، جاني ملاح جي شاعري تي ويھڪن سيمت ڪافي پروگرام ڪرايا. انھي دور ۾ ئي جوھي ۾ وليج شاد آباد، جارڊن، سجاڳ سنسار، ڪاڇو فائونڊيشن، چائلڊ ڊيولپمينٽ آرگنائيزيشن جي دوستن سان ويجهڙائي ٿي.
جوھي جو ادبي منچ پنھنجي ھڪ تاريخ رکي ٿو جيڪا ڪافي پراڻي آھي. احمد خان مدھوش شاعري جي دنيا جو شھسوار ٿي اڀريو. سندس غزل ”جڏھن کان چاڪ ڪئي دل تو تڏھن کان چاڪ ٿي ناھي“ سميت لاتعداد غزل لوڪ پسند ٿيا. محمد ھاشم سومرو ”نجار“ جي تخلص سان شاعري ڪندو ھيو، عربي ٻولي ۾ ”نجار“ مان مراد ڊکڻ آھي، جيڪو سائين ھاشم سومري جو اباڻو پيشو ھيو. محمد ھاشم سومري جي ”ممتاز“ جي تخلص سان ”نئين زندگي“ رسالي ۾ پڻ شاعري ڇپندي رھي. سائين الھورايو ”عقاب “ پنھور جي طنزيہ شاعري مشھور ھوندي ھئي، ھن ڪجهہ ڪھاڻيون بہ لکيون، جوھي جي زورآور شخص ٻانھي خان ٻبر جي ڪردار تي ڪھاڻي لکيائين جنھن ۾ ﷲ کي مخاطب ٿيندي ٻانھي خان کي سڌارڻ جي استدعا ٿيل ھئي، سائين الھورائي جي دوستن ۾ مزو وٺي انھي ڪھاڻي جو ذڪر ڪيو ويندو ھيو. سال 1962ع 1963ع دوران محمد ھاشم ”ممتاز“ سومري ۽ احمد خان مدھوش جي ڪوشش سان ھڪ ادبي ويھڪ” انجمن آفتاب ادب“ جي عنوان سان پڻ ٿي جنھن ۾ اديبن، شاعرن، ساڃاھ وندن، پنھنجون لکڻيون ونڊ ڪيون. ان وقت استاد محمد ڇٽل رند، محمد ڇٽل ”مشتاق“ جي تخلص سان شاعري ڪندو ھيو اسانجو دوست ڊاڪٽر علي رند ڪوشش ڪري تہ ڪٿي نہ ڪٿي کيس پنھنجي والد سائين محمد ڇٽل رند جي پراڻن ڪتابن ۽ ڪاڳرن ۾ اھا شاعري ضرور ملندي. 1962ع ۾ ايوب کھڙي جي نظر ڪرم ھيٺ سنڌ نيوز اخبار نڪرندي ھئي، جنھن جي ”ٻارن جي ٻاري“، صفحي ۾ ڊاڪٽر علي نواز سومرو مختصر ڪھاڻيون لکندو ھيو. ڊاڪٽر علي نواز سومري شاعري پڻ ڪئي، جيڪا سندس چواڻي رسالي روح رھاڻ ۽ سوجهري ۾ شايع ٿي. سال1964ع ۾ جوھي جو ادبي منچ واضح طور ترقي پسند وطن دوست ۽ پراڻ پرست روايت پرست ۾ ورھائجي ويو، جڏھن سائين احمد خان مدھوش بزم فيض بخشاپوري سان جڙيو. ترقي پسند وطن دوست لڏي ۾ ڊاڪٽر علي نوازسومرو، محمد بخش پنھور، اڪبر جسڪاڻي، شريف ٿھيم، غلام قادر ٿھيم، سڪندر سرواڻ، عزيز ڪنگراڻي، سائين بخش رند سميت ادبي سنگت جي روايت شامل ھئي، جڏھن تہ قدامت پسند سوچ يعني بزم فيض سان سائين احمد خان مدھوش سلھاڙيل ھيو، بزم فيض بخشاپوري جي فڪر جون پاڙون محمد بن قاسم جي ورثي سان سلھاڙيل ھيون. ڪجهہ عرصي کانپوءِ سائين احمد خان مدھوش بہ ادبي سنگت جي سٿ سان سلھاڙجي ويو. ستر جي ڏھاڪي ۾ جڏھن جوھي ۾ سنڌي ادبي سنگت جي شاخ کلي تہ انھي جو پھريون سيڪريٽري راھي چنا ٿيو، جيڪو پاڻ بہ ڀلوڙ شاعر ھيو راھي چنا جو نظم، ”اچو اچو ۽ اچو، مشعل مان ٻي مشعل ٻاريون، سورج کي رستو ڏيکاريون“ ڪافي مشھور ٿيو. سنڌي ادبي سنگت جي پليٽ فارم تان محمد بخش ٿھيم، غلام قادر سومرو عرف ھوچي منہ، جوھي جي ادبي کيتر ۾متحرڪ رھيا. ذوالفقار علي ڀُٽي جي سياسي اڀار دوران جوھي واسي بخشل مڱڻھار بہ عوامي شاعر طور سامھون آيو جنھن، “ ذوالفقار، ڌو ڀار، ڪيل اقرار پاريندو. . . !“ جھڙي شاعري ڪئي جنھن جي جواب ۾ ٻيڙي ڪاريگر ۽ مزاح جي بادشاھ ميرڻ کوسي پيروڊي ٺاھي تہ، “ بخشل وڃي سڏايم، ڪُتن اچي ورايم“. اھڙي پيروڊي ٻيڙي جي ڀانڊن ۾شاعرن تي ٿيندڙ پيروڊي کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا. سنڌي ادبي سنگت جي سفر ۾ اڪبر جسڪاڻي، عزيز ڪنگراڻي خلاف ڪردار ڪشي مھم ھلائي ويئي ۽ مٿن فتوائون پڻ جاري ڪيون ويون ليڪن اھڙيون حرڪتون، مستقبل جي نويد بڻيل وطن دوست فڪر آڏو بيھي نہ سگهيون. اڪبر جسڪاڻي جي موت کان پوءِ جوھي ۾ ھر سال گهٽ ۾ گهٽ چار پروگرام ضرور ٿيندا رھيا جن ۾اڪبر جسڪاڻي ميموريل لائيبرري جي سالگرھ، اڪبر جسڪاڻي جي ورسي تہ باقاعدگي سان ٿيندا رھيا، جن لاءِ سھڪار جو طريقہ ڪار اھو ھيو تہ خرچ جو سمورو وزن اڪبر جسڪاڻي جي دوستن تي رکيل ھوندو ھيو ۽ باقي ڪم ڪار پاڻھي ٿي ويندو ھيو.
ملڪ ۾ 1977ع ۾ مارشلا لڳو تہ سنڌ جي پڙھيل ماڻھن 1981ع ۾ سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن ”سگا “ ٺاھي جنھن جي شاخ جوھي ۾ بہ قائم ٿي. سگا جو پھريون صدر محمد بخش پنھور ۽ جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر علي نواز سومرو ٿيا. سگا جي پليٽ فارم تان سال 1983ع ۾ تعلقه اسپتال جوھي ۾ اکين جي ڪئمپ ھڻائي ويئي، جنھن ۾ ذري گهٽ اڍائي سئو اکين جا آپريشن ٿيا. انھي فلاحي ڪم ۾ جوھي نوجوان تنظيم ”جنت“، پڻ ھٿ ونڊايو. سنڌي ساڃاھ وندن جي سگا ذريعي ٿيندڙ زوردار سرگرمي مان خطرو محسوس ڪندي 1983ع ۾ جنرل ضياءُ انھي تنطيم ۾ سرڪاري ملازمن جي ميمبر ٿيڻ تي بندش وجهي ڇڏي، جنھن کانپوءِ سگا ذري گهٽ بي عمل ٿي ويئي ليڪن 1988ع ۾ بينظير ڀٽو جي حڪومت اچڻ سان انھي تان پابندي ھٽائي ويئي. سگا جوھي جو مک ڪم روشن تارا اسڪول ھيو جنھنجو چيئرمين ڊاڪٽر علي نواز سومرو ۽ غلام قادر ٻٻر رھيا، منھنجون پنھنجون ٻئي نياڻيون ڪنول ۽ صبا روشن تارا اسڪول جوھي ۾ پڙھيون. اسان واري سنگت ۾ اڪبر جسڪاڻي سميت شريف ٿھيم، سائين بخش ۽ مون پڻ سگا ۾ ڪردار ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ انھي جي برانچ عھدن تي اليڪشن وڙھياسين. شريف ٿھيم کي سگا جي صدارت ڪرڻ جو ڏاڍو شوق ھيو جنھن لاءِ ھو اليڪشن بہ وڙھيو ليڪن سگا ۾ استادن جي عددي اڪثريت شريف ٿھيم کي ڪڏھن بہ ڪامياب ٿيڻ نہ ڏنو. جوھي جي سماجي منچ ۾ وليج شاد آباد، جارڊن، ڪاچو فائونڊيشن، سجاڳ سنسار، چائلڊ ڊيولپمينٽ آرگنائيزيشن، ڪاڇو بچايو تحريڪ، ناري ڊيولپمينٽ آرگنائيزيشن جو ڪم بہ رھيو، جن نہ صرف سماجي ڪمن ڪارين، بلڪہ ادبي آگاھي جي پروگرامن ۾ پڻ حصو وڌو تہ ثقافتي منچ کي پڻ مچائي رکيو. وليج شاد آباد آرگنائيزيشن، لياقت علي لياقت، يامين غمگين ٻٻر جا شعري مجموعن جا ڪتاب ڇپرايا ۽ انھن تي پروگرام سميت ڪيترا موسيقي جا پروگرام ڪرايا ۽ 2007ع ۾ گورک ميلو ڪرايو جنھن ۾ پوري سنڌ مان ماڻھو ڪٺا ڪيا ويا. سجاڳ سنسار آرگنائيزيشن آرٽ، موسيقي ۽ نون فنڪارن کي اڳتي آڻڻ ۾ ڪافي ڪم ڪيو. سائين بخش رند جي ڪھاڻين جي مجموعي” ڪارو پاڻي“ تي ويھڪ ڪرائي جنھن ۾ ڪراچي مان مشھور ليکڪ رئوف نظاماڻي ڪھي آيو. ڪاڇو بچايو تحريڪ، سنڌي ٻولي جي خوبصورت شاعر عبدالحميد آس ٻٻر سان ھڪ تاريخي رھاڻ رچائي جنھن ۾ امداد حسيني، اسحاق سميجي ۽ فاروق سومري شرڪت ڪئي. ائين لياقت علي لياقت سان پڻ زبردست محفل ڪئي ويئي جنھن ۾ حاڪم علي شاھ، حفيظ ڪنڀر شرڪت ڪئي. ڪاڇو بچايو تحريڪ، ڪاڇي ڪنڌي جي مشھور شاعر طالب لغاري سان شام ملھائڻ سميت ڪيئي مچ ڪچھريون ڪرايون. جارڊن اڪبر جسڪاڻي ميموريل لائيبرري کي سنڀاليو ۽ انجا اخراجات برداست ڪيا ائين ڪاڇو فائونڊيشن پڻ لائيبرري کي سنڀالڻ اڳتي وڌائڻ ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪيو. سماج ڪاري ڪندڙ انھن تنظيمن ۾ شامل دوست وري اڪبر جسڪاڻي ميموريل لائيبرري جي ڪم ۾ سھڪاري رھيا. بلڪہ ھڪ وقت اھڙو بہ آيو تہ لائيبرري جي انتظامي ڪميٽي ۾ ڄاڻايل سماجي تنظيم جا دوست پڻ شامل رھيا.
جوھي جو ثقافتي منچ مچائڻ ۾ مک ڪردار تہ سجاڳ سنسار جو رھيو ۽ ڪوشش رھي تہ فن، فنڪار، ٿيئٽر جي حوصلہ افزائي ڪجي. جوھي جي ھڪ نوجوان حامد لاشاري پڻ آرٽ ڪلبن جي پليٽ فارم تان مختلف وقتن تي اسٽيج ڊراما ڪرايا جنھن ۾ حڪيم غلام قادر سومري جا ڊراما قابل ذڪر آھن. ان سان گڏ فن جي دنيا جي شخصيتن، استادن سان مڃتا پروگرام ڪيا ويا . جنھن ۾فنڪارن، آچرمشڪري، نزاڪت فقير، استاد مجنون، ديدار مڱڻھار، ملنگ فقير، ادبي شخصيتن احمد خان مدھوش، طالب لغاري، خليل عارف سومرو، شمن لاشاري، مير محرم لغاري، اشرف امر لاشاري، محرم راز سومرو، گلزار لاشاري، تعليم جي دنيا جي اھم شخصيتن احمد خان لاشاري، ظفر ﷲ ڏاھري، جيئندو خان کوسو، سماجي شخصيتن الھيار رودناڻي، رياض چانديو، حڪيم غلام قادر سومري سان رھاڻيون رچايون ويون. ٿيئٽر ڊراما لکڻ وارن ۾ وري حڪيم غلام قادر سومري جو ڪم ڳڻائڻ جھڙو آھي، جنھن کي توڙي جو سنڌي اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ شوبز ۾ جاءِ نہ ملي ليڪن ھن لوڪل ٿيئٽر ۽ ڊرامي ۾ پاڻ ملھايو. ائين آرٽ جي دنيا ۾ ماضي جي ھڪ زبردست آرٽسٽ غلام محمد سولنگي جو يادگار ڪردار پڻ آھي جنھن حڪيم غلام قادر سومري سان گڏجي جوھي ۾ ٿيئٽر ۽ ڊراما ڪيا. غلام محمد سولنگي مزاحيہ شاعري پڻ ڪئي. سوشل ميڊيا ۽ شوبز جي دنيا ۾ اصغر کوسو ڪافي مشھور ٿيو۽ اياز ڀٽو پڻ مزاح جي دنيا جو اھم نالو ٿي اڀريو. سنڌ جي لوڪ ساز چنگ وڄائڻ ۾ مرحوم ماستر قيصر باھوٽي جو نالو پڻ ياد رکڻ جھڙو آھي.

طبقاتي جدوجھد

جيئن مان ٻڌائي چڪو آھيان تہ 1997ع ۾ ٿيل ٿائرائيڊ جي مرض کانپوءِ منھنجي دماغ جي سليٽ بلڪل ميسارجي ويئي ھئي ۽ ياداشت کي واپس آڻن لاءِ مون نئين سر نہ صرف پنھنجي ميڊيڪل جي ڪتابن بلڪہ سياست ۽ ادب کي بہ پڙھڻ شروع ڪيو. پڙھڻ جو اھو سلسلو اڪبر جسڪاڻي ميموريل لائيبرري ٺھڻ کانپوءِ وڌيڪ مستقل ٿي ويو. شام جو لئيبرري وڃڻ وقت ڊان اخبار سميت ڪافي انگريزي اخبارون نطر مان گذرنديون ھيون. ائين ليون ٽراٽسڪي جي آتم ڪھاڻي ”ميري زندگي“، متعلق تبصرا پڙھيم تہ اھو ڪتاب گهرائي پڙھيم. ڪتاب انتھائي ضخيم ۽ دلچسپ ھيو جنھن ۾ ڪجهہ جملا تہ ياد ڪرڻ جھڙا ۽ اتساھيندڙ ھيا، ڪتاب جي آخر ۾ ليون ٽراٽسڪي لکي ٿو تہ، ”انقلاب ھڪ نئون سماجي تجربو آھي، ھڪ اھڙو تجربو جيڪو ھر بار نين تبديلين مان گذري پنھنجا بنياد نئين سر تعمير ڪري ٿو. “. انھي ڪتاب تي مون پوءِ تبصرو بہ لکيو، جيڪو روزاني ”ڪوشش“ اخبار ۾ پڻ ڇپيو جنھن ۾ آءُ 1999ع کان مسلسل لکي رھيو ھيس. ٽراٽسڪي جي انھي ڪتاب کان پوءِ مون سندس ڪتاب ”انقلاب سان غداري“ پڙھيو. ڪامريڊ سوڀو چوندو ھيو تہ انقلاب روس تي سڀ کان بھترين ڪتاب ليون ٽراٽسڪي جو لکيل ”روسي انقلاب جي تاريخ“ آھي، سو پڻ گهرائي پڙھيم. ائين ٽراٽسڪائيٽ سوچ کي سمجهڻ جو اتساھ بہ وڌيو. تن ڏينھن ۾ انھي سوچ جو پاڪستان ۾ اھم نالو ڊاڪٽر لال خان ھيو، جنھن سان طبقاتي جدوجھد جي سينيئر دوست ڪامريڊ انور پنھور ذريعي رابطو ٿيو ۽ انکي جوھي ۾ ليڪچر ڏيڻ لاءِ گذارش ڪيم جيڪا ھن قبول ڪئي. انھي دوران لال خان جو ڪتاب ”پارٽيشن، ڪين اٽ بہ ان ڊن“، سندس 1967ع 1968ع جي انقلابي تحريڪ تي ڪتاب، ٽيڊ گرانث جو ”انقلاب کان رد انقلاب “، ”بالشويزم راھ انقلاب“ ايلن ووڊز جو ”مارڪسي فلسفو“ پڻ پڙھيم ۽ انھن ڪتابن تي تبصرا لکيم. ھڪ ڏينھن دعوت مطابق لال خان منھنجي ڪلينڪ تي اچي پھتو. ھن جي ھٿ ۾ سگريٽ جو پاڪيٽ ھيو جنھن مان ھن سگريٽ مان سگريٽ پئي دکايو مون کيس لائيٽ لائيٽ موڊ ۾ چيو تہ ڪامريڊ توھان جي زندگي قيمتي آھي ۽ سگريٽ زندگي جو دشمن آھي سو توھان کي نہ پيئڻ گهرجي. لال خان چيو تہ ”ِيار ڊاڪٽر، اب ڇوڙو ڀي سگريٽ پيني دو زندگي ڪا ڪيا پتہ ھي ڪب ڪيا ھوجائي. “. لال خان کي پرائيمري اسڪول جي پراڻي عمارت جنھن ۾ ان وقت ھڪ اين جي او جو دفتر ھيو وٺي وياسين، جتي ليڪچر رکيل ھيو. ليڪچر جو عنوان کاٻي ڌر جي سياست ھيو. لال خان برصغير جي انقلابي سياست تي تفصيلي ڳالھ ٻولھ رکندي چيو تہ انقلابي سياست جي ناڪامي جو ڪارڻ انقلابي بجاءِ اصلاحي راھ وٺڻ آھي. ڪچھري ۾ ڪافي سوال ٿيا جنھن جا جواب ھن خندہ پيشاني سان ڏنا. لال خان جي سياست سان منھنجو اختلافي نڪتہ نظر پيپلزپارٽي ۾ انٽرزم ذريعي سياست ھئي، جنھن جو جواب بہ ھن ڏنو تہ محنت ڪش طبقي جي روايتي پارٽي پيپلزپارٽي آھي ۽ ايندڙ وقت ۾ ماڻھو انھي روايت ذريعي ئي جڙبا ۽ انقلاب برپا ٿيندو، جنھن سان منھنجي تشفي نہ ٿي. ان وقت لال خان جي طبقاتي جدوجھد رجحان ۾ ڇڪ جو ڪارڻ ننڍي کنڊ جي ورھاڱي جي مخالفت ڪرڻ ھيو، جنھن مونکي اپيل ڪيو. پروگرام ۾ خاتمي تي لال خان ڪجهہ ڏينھن ۾ منعقد ٿيندڙ ڪانگريس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني جيڪا مون قبول ڪئي ۽ ان ۾ شرڪت بہ ڪئي. انھي ڪانگريس ۾ مونکي پنھنجي اڳوڻي سياست جا رفيق بہ مليا، ڪانگريس ۾ ذري گهٽ 2000 ماڻھو شامل ھيا جن ۾ قومي اسيمبلي ميمبر قمرزمان ڪائرہ، پيپلزپارٽي پنجاب جو صدر غلام عباس ۽ منڊي بھاءُ الدين جو ضلع ناظم محمد نوازگوندل شامل ھيا. ان وقت طبقاتي جدوجھد جو رجحان ملڪ اندر کاٻي ڌر جو سڀ کان اھم رجحان ھيو، انھي تنظيم جو اھم اڳواڻ چوڌري منظور پيپلزپارٽي جي پليٽ فارم تان رڪن قومي اسيمبلي ھيو. لال خان جو کاٻي ڌر ۾ پنھنجو مرتبو ھيو، ھو نہ صرف ٽيليويزن ٽاڪ شوز ۾ ايندو ھيو، اخبارن ۾ لکندو ھيو بلڪہ کيس پڙھيو پڻ ويندو ھيو. انھي تنظيم جي ڪشمير ۾ سياسي اثر رسوخ جو چرچو ھيو. ان رجحان پنھنجو پرچو مستقل ڪڍيوپئي ۽ سندس پارن قائم ڪيل جدوجھد پبليڪشنز پارن ڪيترا ئي ڪتاب ڇپرايا ويا، جنھن ۾ ”انقلاب روس جي تاريخ “، ”1976ع 1968ع جو انقلاب ھڪ ٻي ڪھاڻي“ قابل ذڪر آھن. انھي وقت وينزويلا ۾ ھوگو شاويز جي 21 صدي جي سوشلزم جو چرچو پڻ ھيو. ٿوري عرصي ۾ انھي تنظيم ۾ ڄام ساقي شامل ٿيو ۽ حميدہ گهانگهرو بہ شامل ٿي. انھي تنظيم پاران منھنجي رول ماڊل نذير عباسي جا ورسي پروگرام پڻ ملھايا ويا. انھي تنظيم جي دادو، خيرپور ناٿن شاھ ۾ سٺي تنظيمي سرگرمي ھئي انڪري مون سوچيو تہ واندو ويھڻ کان ڪجهہ نہ ڪجهہ ڪرڻ بھتر آھي انڪري انھي ۾ پنھنجي حد اندر سرگرم ٿيس. جوھي ۾ طبقاتي جدوجھد جي برانچ قائم ٿي ۽ طبقاتي جدوجھد جي کليل محاذن ٽريڊ يونين ڊفينس ڪئمپين، بيروزگار نوجوان تنظيم جا يونٽ کليا ائين ٿوري عرصي ۾ ڪافي دوست سلھاڙجي پيا، جن ۾ سائين بخش رند، وفا برھماڻي، رزاق رند، امين لغاري، خادم کوسو، عزيز رودناڻي، نقاد ٿھيم، لياقت علي لياقت، جاويد رانجهاڻي، الھورايو سومرو، شبير روستماڻي، شبير شيخ، حسن ڏاھري شامل ھيا. طبقاتي جدوجھد جي تنظيم ڪاري ٿي جنھن ۾ ھڪ برانچ مان وڌي اھا ھڪ ايريا بڻجي ويئي. طبقاتي جدوجھد ڪرائي تي آفيس پڻ ورتي. طبقاتي جدوجھد جي پليٽ فارم تان ڪيترن ڪتابن ۽ موضوعن تي ويھڪون ٿيون. بي اين ٽي جي پليٽ فارم تان زوردار سيشن پڻ ٿيا. جڏھن تہ 2007ع ۾ طبقاتي جدوجھد، پي ٽي يو ڊي سي، بي اين ٽي جي پليٽ فارم تان جوھي جي تاريخ جو تاريخي مئي ڊي ملھايو ويو جنھن ۾ سون جي تعداد ۾ ماڻھن شرڪت ڪئي. ان کانپوءِ بہ يوم مئي جا پروگرام ٿيڻ معمول رھيو. انھي پليٽ فارم تان نذير عباسي شھيد جا ورسي پروگرام پڻ جوھي ۾ ٿيا. بيروزگار نوجوان تحريڪ پاران نوجوانن جي مسئلن تي احتجاج ۽ سيشن ڪرايا ويا. بيروزگار نوجوان تحريڪ جي سڀ کان اھم سرگرمي سال2010ع جي ٻوڏ دوران رھي جنھن ۾ ٻوڏي جي خطري کان ماڻھن کي باخبر ۽ شامل ڪرڻ لاءِ بي اين ٽي جي دوستن شھر جي چوطرف ھڪ موٽر سائيڪل ريلي ڪڍي ماڻھن کي پنھنجي پنھنجي حد ۾ رنگ بند ٻڌڻ تي اتساھيو. رنگ بند جي تحريڪ ۾ طبقاتي جدوجھد ۽ بي اين ٽي جي دوستن رنگ بند جي مختلف حصن جي نظرداري جو ڪم پڻ سنڀاليو ۽ رابطہ ڪاري رکي. بي اين ٽي سميت شھر ۾ موجود سياسي تنظيمن جي پھلڪاري شھر ۾ ھڪ نئون روح ڦوڪيو ۽ سمورو جوھي شھر سندرو ٻڌي شھر کي بچائڻ لاءِ نڪري پيو ۽ ٻوڏ جي اجهاڳ پاڻي سان جهيڙندي جوھي ھڪ نئين تاريخ رقم ڪئي. جيئن تہ طبقاتي جدوجھد ۽ بي اين ٽي جا ساٿي سنڌي ادبي سنگت سان پڻ لاڳاپيل ھيا تنھن ڪري انھي جي سرگرمين ۾ پڻ شرڪت ڪئي ويندي ھئي، ائين سنڌي ادبي سنگت دادو ۾ پڻ طبقاتي جدوجھد جا دوست سرگرم ھيا جتي پڻ جوھي جا ساٿي شرڪت ڪندا ھيا. انھي دوران طبقاتي جدوجھد جي پيپلزپارٽي ۾ انٽرزم تي سوال ٿيندا رھيا تہ ماضي ۾ پيپلزپارٽي سينٽر ليفٽ جي پارٽي ھئي انھي ۾ اھڙو تجربو ناڪام ٿي چڪو آھي تہ پوءِ ھاڻي اھو بيانيو رکڻ تہ پيپلزپارٽي جي روايت مان ئي عوامي اڀار اٿندو سو ڪيئن درست آھي ۽ اھو تہ ڊسيپلين ھڪ پارٽي جو ھجي ۽ ويھجي پيپلزپارٽي ۾ اھو ڪيئن مناسب آھي. اڳتي ھلي طبقاتي جدوجھد رجحان جو سرگرم اڳواڻ منظور چوڌري انھي تضاد سبب طبقاتي جدوجھد کان الڳ ٿيو، ھڪ ٻيو وڏو تڪرار لال خان ۽ ايلن ووڊز ۾ ٿيو ۽ اھا تنظيم ٻہ ٽڪر ٿي پيئي. پاڪستان مان آدم پال ۽ پارس جان ايلن ووڊز سان شامل ھيا. ”ڏٻري تي مڇر گهڻا“وري ائين تہ لال خان جي موت کان پوءِ انھي رجحان ۾ ھڪ ٻيو جهِيڙو گذريل سال ٿيو ۽ سنڌ مان تمام گهڻا ڪارڪن طبقاتي جدوجھد کان الڳ ٿي منظور چوڌري سان گڏ بيٺا يا وري گهر ويھي رھيا، جنھن جا جوھي ۾ پڻ اثر پيا. انھي تنظيم کي ٺاھڻ، ھلائڻ ۾ لال خان جي ڪرشماتي شخصيت جو وڏو ھٿ ھيو، جنھن جي ويئي پڃاڻان کاٻي ڌر جو ھڪ اھم رجحان ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويو ۽ کاٻي ڌر وٽ اڄ بہ اھو سوال حل ڪر کنيون بيٺل آھي تہ مارڪسزم جي نالي ۾ سياست ڪندڙ ھر ڌڙو آخرڪار ڇو ٽٽي وڃي ٿو. طبقاتي جدوجھد جي رجحان جا کاٻي ڌر جي سياست تي اچڻ جا پنھنجا محرڪ آھن. 1991ع ۾ سوويت يونين ٽٽڻ پڄاڻان کاٻي ڌر جون اڪثر تنظيمون ٽوڙ ڦوڙ جو شڪار ٿي ويھي رھيون جنھنجي نتيجي ۾ سينٽرليفٽ جي پارٽي پيپلزپارٽي بہ پنھنجون سموريون چڱيون روايتون ختم ڪري سينٽر رائيٽ جي بڻجي ويئي جيڪا بينظير ڀٽو جي وئي پڄاڻان وڌيڪ چٽي ٿي سامھون آئي. انوقت کاٻي ڌر جي سياست جي خلا کي لال خان ۽ سندس طبقاتي جدوجھد جي رجحان ڀرڻ جي ڪوشش ڪئي جنھن ۾ سنڌ مان وطن دوست انقلابي پارٽي، ڪميونسٽ پارٽي جي ڪارڪن جي شموليت اھميت جوڳي آھي. طبقاتي جدوجھد، رجحان جي سياست جو پروگرام سوشلسٽ انقلاب ھيو جيڪو ملڪ ۾ سياست ڪندڙ ڪميونسٽ پارٽي، وطن دوست انقلابي پارٽي ۽ ڪافي کاٻي ڌر جي ڌڙن کان مختلف ھيو. تنھن وقت بوليويا، برازيل چلي سميت لاطيني آمريڪا جي ملڪن ۾ کاٻي ڌر جي تحريڪن جو زور ھيو جيڪي ووٽ ذريعي اقتدار ۾ اچڻ جا جتن ڪري رھيون ھيون انھي جو ھڪ مظھر وينزويلا ۾ ھيوگو شاويز جو چونڊ عمل ذريعي اقتدار ۾ اچڻ ھيو جنھن عالمي انقلابي تحريڪن کي مھميز ڏني. شاويز جي اقتدار ۾ اچي عوامي فلاحي پروگرام لاڳو ڪرڻ کي ايڪويھين صدي جو سوشلزم سڏيو ويو. سوويت يونين جي انھدام ۽ ديوار برلن جي ٽٽڻ کانپوءِ، “ قومي جمھوريت“ ۽ ”عوامي جمھوريت“ بجاءِ جڏھن سوشلزم جي پروگرام جي ڳالھ کاٻي ڌر ۾بحث ھيٺ ايجنڊا تي آئي تہ ليون ٽراٽسڪي کي نئين سر پڙھڻ جي ڳالھ بہ آئي نتيجي ۾ طبقاتي جدوجھد جي سرگرمي واري دور ۾ ٽراٽسڪي ۽ ٽراٽسڪائيٽ فڪر سان لاڳاپيل دانشورن جا ڪتاب جهجهي تعداد ۾ شايع ڪيا ويا. انھي رجحان کي جوڙڻ، ترويج ڏيڻ ۾ لال خان جي ڪرشماتي شخصيت جو وڏو ھٿ ھيو جيڪو عالمي صورتحال، خطي ۽ پاڪستان جي سياست، معيشت مان مرضي جا انگ اکر ڪڍي بيانيو ۽ تناظر ٺاھي وٺندو ھيو جنھن کي پيش ڪرڻ ۾ کيس ملڪو حاصل ھيو. 1991ع ۾ سويت يونين جي ٽٽڻ ۽ کاٻي ڌر جي زوال کانپوءِ کاٻي ڌر جي سياست سان چاھ ڪندڙ سياسي ڪارڪن طبقاتي جدوجھد ڏانھن ڇڪجي آيو، جن ۾ ڄام ساقي جھڙو مشھور ڪميونسٽ رھنما ۽ ھڪ ٻئي ڪميونسٽ ھيرو نذير عباسي جي گهر واري حميدہ گهانگهرو جھڙا پراڻا ڪارڪن شامل ھيا. ڄام ساقي ۽ حميدہ گهانگهرو جون قربانيون ھيون تہ سڃاڻ بہ ھئي. طبقاتي جدوجھد، ڪميونسٽ پارٽي جي لڏي کي پاڻ ڏانھن متوجہ ڪرڻ لاءِ سوڀي گيانچنداڻي کي بہ مھمان ڪري پنھنجي پروگرامن ۾ گهرائڻ شروع ڪيو ۽ لال خان پاڻ بہ سوڀي گيانچنداڻي ڏانھن ڪافي پنڌ ڪيا جنھنجي ڪري بہ طبقاتي جدوجھد جي رجحان کي انھي حلقي مان موٽ ملي ۽ سندس صفن ۾ عددي واڌ ٿي ليڪن مرضي جون شيون ۽ انگ اکر جوڙي تناظر ٺاھڻ سان وقتي ٻاڙ تہ پوري ڪري سگهجي ٿي، ڪارڪن جو خون تہ گرم ڪري سگهجي ٿو، حقيقي تحريڪ نٿي جوڙي سگهجي نہ وري اسٽيٽس ڪو کي ٽوڙي سگهجي ٿو. پاڪستاني رياستي ڍانچي کي ڪمزور سمجهڻ ۽ سرمائيدارنہ نظام جي خاتمي جي نويد لال خان پڻ ڏني، جيڪا ماضي جي ڪميونسٽ سياست جي سوچ جو شاخسانو ۽ فاش غلطي ھئي. طبقاتي جدوجھد ۾ تنظيم ۽ محاذ جي سياست کي نہ سمجهڻ واري کاٻي ڌر جي روايتي علت بہ طبقاتي جدوجھد ۾ نظر آئي. طبقاتي جدوجھد تنظيم ۾ اھي ماڻھو ھوندا ھيا جيڪي انجي کليل محاذن تي ھوندا ھيا، ايستائين جو تنظيم ۽ محاذن ۾ سياست ۽ نعرا بہ ساڳيا ھوندا ھيا، نتيجي ۾ بي اين ٽي، پي ٽي يو ڊي سي، طبقاتي جدوجھد ۾ ڪو فرق نہ رھيو، انجي سماجي بنياد ۾ واڌ نہ ٿي سگهي ۽ آخرڪار سڪڙجي ويئي. طبقاتي جدوجھد کي پھريون گهاءُ چوڌري منظور جي نڪرڻ، ٻيو انھي رجحان جو آءِ ايم ٽي کان الڳ ٿيڻ ۽ ٽيون گهرو گهاءُ لال خان جي بيماري کان پوءِ انجي وفات سبب لڳو. لال خان وئي پڄاڻان انھي رجحان جو بہ اھوئي انجام ٿيو جيڪو ماضي ۾ باقي ڪميونسٽ تحريڪ ۽ کاٻي ڌر جو ٿيو. سوال ساڳيا بحث ساڳيو آھي تہ ڪميونسٽن، مارڪسسٽن ۾ ٻہ مان چار ۽ اٺ ٿين ٿيا ليڪن پوءِ رورس گيئر لڳي ٿو وڃي ۽ ٽٽڻ جو عمل شروع ٿئي ٿو تہ بند ئي نٿو ٿئي. ھن وقت بہ طبقاتي جدوجھد رجحان جا ڌڙا پنھنجي توانائي انقلابي سياست جوڙڻ بجاءِ ھڪٻئي جي ڄنڊا پٽ ۾ صرف ڪن ٿا ۽ وقت جو واءُ کاٻي ڌر جي سياست تي واڇون پٽي کلي رھيو آھي.

سال 2010ع واري ٻوڏ سان جوھيءَ جو جهيڙو

سال 2010 جي سانوڻ ۾ سنڌ سميت جوھي ۾ تمام گهڻيون برساتون پيون ۽ آگسٽ مھيني جي آخر ۾ سنڌو درياھ کي ”ٽوڙي“ بند وٽ ڪٽ ڏنو ويو. ٻوڏ جو پاڻي بيگاري بند جو ڪنارو ڏيئي ڪشمور، جيڪب آباد، شڪارپور، قمبر شھداد ڪوٽ ضلعن کي ٻوڙيندي اچي ايم اين وي ڊرين ۾ پيو. جڏھن پاڻي ضلع قمبر شھدادڪوٽ جي حدن ۾ ھيو تڏھن پيپلزپارٽي جو شھدادڪوٽ تر جو ايم اين اي نادر مگسي چوندو ھيو تہ پاڻي کي ھن مھل ئي رستو ڏيو جيئن اھو بنا ڪنھن دٻاءَ جي منڇر ۾ پئي ۽ ضرورت آھر منڇر کي ڪٽ ڏيئي سنڌو درياھ ۾ ڇوڙ ڪيو وڃي. نادر مگسي جي حوالي سان سندس اھو چوڻ مشھور ٿيو تہ سندس ضلع ۾ ميلن تي ڦھليل علائقي مان جڏھن پاڻي نڪرڻ بجاءِ علائقا ٻوڙي رھيو آھي تہ پوءِ جوھي جي علائقي “ جتي ايم اين وي ڊرين ۽ ايف بند ۾ فاصلو گهٽ آھي اتي جوھي ڪيئن بچندي. اھو درست آھي تہ جوھي رنگ بند ۽ ايم اين وي ڊرين وچ ۾ دادو روڊ تي فاصلو 8 ڪلوميٽر آھي ليڪن بخش علي وٽ ايم اين وي ڊرين وچ ۾ فاصلو ٻہ ڪلوميٽر کان بہ گهٽ آھي. ٻوڏ جو پاڻي قمبر شھداد ڪوٽ جي حدن کي ٻوڙي جڏھن خيرپور ناٿن شاھ مٿان خدا واھ وٽ پھتو تہ بند ڪمزور ھجڻ سبب انھي ۾ گهارو پيو ۽ 80 ھزار آبادي وارو شھر ٻڏي ويو. پاڻي جو دٻاءَ وڌيو تہ ھڪ ڏينھن ڪاري موري وٽ ڪٽ ڏيئي پاڻي کي ايم اين وي ڊرين ۾ ڇڏيو ويو. ٻوڏ جو پاڻي ايم اين وي ڊرين ۽ ايف پي بند وچ ۾ منڇر طرف ڇوڙ ڪئي ۽ ائين پاڻي جوھي دادو وچان رستو ڪٽي ڇڏيو. جوھي شھر اڳ ۾ ئي نئين گاج جي پاڻي سبب اولھ ۾ ٽٻ ٽار ٿيل ايف بند جي نشاني تي ھيو. ھڪ ڏينھن اھڙو آيو جو جوھي جي حدن ۾ چوطرف پاڻي ھيو صرف جوھي شھر واري ٽڪري ۽ آسپاس رندن جا ڳوٺ، حاجي قاسم جمالي جو ڳوٺ، شير خان لنڊ رنگ بند اندر ھجڻ سبب محفوظ ھيا . جڏھن ٻوڏ جو پاڻي جوھي دادو روڊ کي پار ڪري رھيو ھيو تہ ھڪ ڏينھن، ڊپٽي ڪمشنر اقبال ميمڻ جوھي آيو ۽ پاڻي جي مقدار ۽ آبپاشي ماھرن جي راءِ جي نتيجي ۾ ائين چيائين تہ جوھي شھر جو ٻڏڻ اڻ ٽر آھي انڪري شھر کي خالي ڪيو وڃي. پوءِ تہ جوھي شھر مان لڏ پلاڻ شروع ٿي وئي، گهڻا ماڻھو حيدرآباد، ڪراچي، دادو شفٽ ٿيا، ڪجهہ خاندان ڪاڇي جي محفوظ ۽ مٿانھن علاقن ڏانھن، مٽن مائٽن، دوستن ڏانھن منتقل ٿيا. انھي موقعي تي، بي اين ٽي جي دوستن ۽ منھنجي ھم سفرن صلاح ڪئي تہ ماڻھن ۾ بيداري پيدا ڪرڻ لاءِ ھڪ مھم ھلائجي تہ جيئن پنھنجي پنھنجي حد ۾ رنگ بند جي سنڀال ڪن. ھڪ شام، بي اين ٽي جي دوستن سان گڏجي علامتي موٽر سائيڪل ريلي ڪڍي ويئي. جوھي جي اتر طرف ڦلجي ويندڙ روڊ تي شھر جي واپاري رمضان لغاري جو ڪارخانو ۽ دڪان ھيا، اتي وياسين ۽ کيس چيوسين تہ نوجوانن کي گڏ ڪري پنھنجي حصي واري چينجاڻي شاخ جي ٻانھين سنڀالي ان کي بند ڏين. ائين ٻٻر محلہ ۾ ٻٻرن جي نوجوانن وٽ وياسين. بخش علي رند وارو پاڻ ئي متحرڪ ھيا. ائين ھڪ مھم ٺھي پئي. جوھي شھرجي پسگردائي ۾ 1995ع ۾ پڻ ٻوڏ آئي ھئي جنھن کي روڪڻ لاءِ چينجاڻي شاخ کي ھلڪو مٽي جو بند ڏئي مٿي ڪيل ھيو. شھر جي اولھ ۾ ٻوڏ کان بچاءَ بند اڳ۾ موجود آھي، جڏھن تہ ٻوڏ جي پاڻي جي منھن ۽ ھيٺاھين تي بخش علي رند جو ڳوٺ آھي. 2010ع ۾ آيل ٻوڏ پاڻي چينجاڻي شاخ کي ٽڪرايو تہ بخش علي رند جي ڳوٺاڻن پاڻ ھرتو چنجاڻي شاخ جي ڪڙ کي مضبوط ڪرڻ شروع ڪيو. پاچڪا، ٽوئا، ٻوريون گڏ ڪيون ويون ۽ بند تي چوڪسي رکي وئي. ڳوٺاڻن ۾ صلاح مشوري سان بند تي رات ڏينھن ڪم جون ذميواريون ورھايون ويون. ڏسندي ڏسندي بخش علي رند جي ڀرپاسي بچل رند ۽ خان جي ڪور جي لنڊن پڻ پنھنجي ڳوٺن کي لڳندڙ چينجاڻي شاخ جي رنگ بند واري حصي جي سار سنڀال شروع ڪئي. جوھي شھر کي اتر واري گورک باءِ پاس کان گل محمد گنب جي ڳوٺ تائين ڪڙو چڙھي ويو ۽ پوءِ انھي ڪڙي مٿان ڪڙو چڙھندو ويو ۽ پاڻي ۾ چاڙھ سان بند بہ مٿي ٿيندو ويو. تنھن وقت سوشل ميڊيا جي آمدآمد ھئي جنھن کي رابطي لاءِ استعمال ڪيو ويو. نوجوان، شھري، ساڃاھ وند، سياسي ڪارڪن ھر وقت انھي بند کي وقت ڏيندا رھيا. جڏھن تہ انھي بند جي ڀر پاسي وارا ڳوٺ ۽ جوھي واسي پنھنجي بند جي حفاظت ۾ لڳي ويا. حڪومت جوھي واسين جي ھمت ڏٺي تہ ايم اين اي رفيق جمالي تي بہ دٻاءَ پيو، جنھن پنھنجي پارٽي جي سمجهدار ماڻھن جي چوڻ تي ھڪ چنبي واري مشين ۽ ڪجهہ ٽريڪٽر، ٽراليون رنگ بند جي حفاظت لاءِ موڪلي ڏنا. جن کي يامين کوسو جي پيٽرول پمپ تان تيل مھيا ڪيو پئي ويو جنھن ڪم جي نظرداري وري امداد سومري ۽ عبدالمجيد جمالي پئي ڪئي. جيئن جيئن پاڻي وڌندو ويو تيئن بند کي مضبو ط ڪرڻ لاءِ سڪل مٽي جي ضرورت پئي آئي جيڪا آخر ۾ اريگيشن بنگلي وٽ موجود خالي جاءِ تان کنئي ويئي. لڪڙا، ٽوئا، تڏا ڏيڻ ۾ شھرين وڌي چڙھي حصو ورتو. ڊاڪٽر محبوب رند جي رابطہ ڪاري ۾ گهٽ ۾ گهٽ پندرنھن ڏينھن تائين منجهند جي ماني جو بندوبست ڪيو ويو جيڪا رنگ بند تي ڪم ڪندڙ رضاڪارن تائين پھچائي پئي ويئي. رنگ بند تي ماڻھن جو حوصلو ڏسندي ڪيترا صحافي جوھي واسين پاران وڙھي ويندڙ نرالي قسم جي جنگ کي ڏسڻ ۽ رپورٽنگ ڪرڻ آيا جن ۾ ”جيو“ ٽي وي حيدرآباد جو احمد ڪمال ۽ ”اي آر واءِ“ نيوز جو ارباب چانديو شامل ھيا. انھي دوران تمام گهڻين سياسي تنظيمن جا اڳواڻ پڻ ٻيڙين ذريعي جوھي آيا ۽ جدوجھد سان سھڪار ڪيو. ڪامريڊ لال خان لاھور مان سيڙھجي ڇنڊڻ تائين آيو ليڪن اسان جي منع ڪرڻ تي اتان واپس موٽي ويو. سنڌ يونائيٽڊ پارٽي جو سربراھ جلال محمود شاھ ڪھي آيو. ڪجهہ ڏينھن ۾ بخش علي رند جي ڪيترن گهرن ۾ راشن جي کوٽ ٿي پئي جن جي گهر ۾ اٽي جي کوٽ ٿي اتي پڪل ماني کانسواءِ اٽو چانور پھچايا ويا جنھن ڪم کي سنڀالڻ، ڏسڻ ۾ مک ڪردار ڳوٺ جي سرائين ادا ڪيو. انھي وقت راشن جي کوٽ سان گڏ پيٽرول جي کوٽ بہ ٿي پيئي. حيدرآباد مان اشتياق انصاري ۽ عزيز رانجهاڻي پڻ ٻوڏ دوران جوھي آيا جن منھنجي فرمائش تي پيٽرول جي ڊمڙي ڀري آندي. اھو پيٽرول گاڏي ۾ وجهي رنگ بند جي مانيٽرنگ ڪئي ويئي. ان وقت ڊاڪٽر مشتاق ڦل سنڌي ادبي سنگت جو مرڪزي سيڪريٽري جنرل ھيو جيڪو پڻ ٻيڙي ذريعي ادبي سنگت جوھي جي دوستن سان ملڻ آيو. ان وقت ٿر ديپ ۾ ظفر جوڻيجو ڪم ڪندو ھيو، سندس ڪوشش سان اداري جي طرفان چانورن جي گاڏي موڪلي وئي جيڪا مرحوم سائين بخش رند جي اڳواڻي ۾ متاثرين ۾ ورھائي وئي. انھي ڏکئي موقعي تي حيدرآباد جي دوست شبير نظاماڻي جو ذڪر ڪرڻ ضروري آھي جنھن دوستن کان فنڊ گڏ ڪري روڪ پئسا موڪليا جيڪي پڻ ڪامريڊ امين لغاري جي ھٿ ھيٺ ٺھيل ٽيم ذريعي ٻوڏ متاثرين ۾ ورھايا ويا. ٻوڏ جي پاڻي کي روڪڻ ۾ تہ ڳوٺ ۽ جوھي واسي خوب وڙھيا ليڪن مينھن بند ٿيڻ جو نالو ئي نہ پئي ورتو. اھورمضان جو مھينو ھيو۽ 27 روزي تي جوھي سميت رنگ بند مٿان نہ صرف خوفناڪ برسات پئي بلڪہ رنگ بند ھنڌان ھنڌان ڇيھون ڇيھون ٿي رھيو ھيو جنھن ۾ ھيٺاھين ھجڻ ڪري ڪمزور ۽ نازڪ ترين، بخش علي رند واري پوائنٽ ھئي. بخش علي رند جي ڳوٺاڻن اصل ھمت نہ ھاري جنھن جو ھڪ سبب رندن جو ڳوٺ مان لڏ پلاڻ نہ ڪرڻ ھيو. ھي ٻوڏ جي گهيري ۾ آيل جوھي جي واحد وسندي ھئي جتان جي رندن جي ڪاني جيتري ٻار بہ ڳوٺ ڪونہ ڇڏيو ۽ ويٺا رھيا. الائي ڇو کين پڪ ھئي تہ ٻوڏ کي منھن ڏئي وڃبو. ٻوڏ سان جهيڙي ۾ سرموڙ ڪردار سرائي محمد رند جو ھيو جنھن جي ھڪلن نوجوانن کي ويھڻ ئي نہ پئي ڏنو. 27 رمضان واري طوفاني برسات جي شام تي سائين بخش رند مايوسي مان چيو تہ“ يار لڳدا پيائي سڄي محنت اجائي ڳئي. ، بس ھڻي ڪجهہ ڪونہ ٿيسين. ، ڄاڻ ٻُڏسي“. سومھڻي ويل طوفان ۽ برسات بند ٿي ۽ لڙي رات پاڻي چاِڙھ بجاءِ ٽڪ ٻڌي بيھي رھيو. صبح جو رنگ بند تي ويٺل سرائي محمد اھا خوشخبري ڏني تہ ڏھن ڏينھن ۾ پھريون ڀيرو پاڻي لھڻ شروع ڪيو آھي. ٻہ ڏينھن کانپوءِ پاڻي جا ڪر وڌيڪ ھيٺ لھي ويا. عيد جو ڏھاڙو آيو ۽ عيد نماز بچل رند ۾ قائم عيد گاھ بجاءِ بخش علي رند ڳوٺ ۾ رنگ بند جي اولھ پاسي ميدان صاف ڪري پڙھي ويئي جنھن ۾ جوھي شھر جا مون جھڙا کوڙ بي نمازي، نماز ۾ شريڪ ٿيا. ائين جوھي دادو روڊ واري پاسي پڻ رنگ بند مٿان نماز پڙھي ويئي. جوھي پنھنجي ويجهي تاريخ جي وڏي اوکي، اڻانگي، صبر آزما، اعصاب شل ڪندڙ جنگ وڙھي ۽ کٽي بہ ڏيکاري جنھن مثالي جدوجھد کي اڄ بہ عوامي مزاحمت جي مثال طور ياد ڪيو وڃي ٿو

جوھي جي چونڊ سياست

پنھنجي روز مرھ جي معاملن تي ڳالھ ٻولھ ڪرڻ جو نالو سياست آھي. انھن مسئلن جي حل لاءِ سياست جي ميدان ۾ بہ اچڻو پوي ٿو. سياست مزاحمتي بہ ٿئي تہ سياست جي روايتي عمل ۾ شريڪ ٿي چونڊ وڙھجي ٿي تہ اقتدار جي ايوانن ۾ بہ رسائي ڪجي ٿي. ھن ملڪ ۾ مزاحمتي سياست جي تمام ڊگهي تاريخ آھي انھي سياست ذريعي بہ ھڪ وقت ۾ روز مرھ جا مسئلا حل ڪيا ويندا ھيا. احتجاج ۽ ڌرڻا لڳندا ھيا تہ ردعمل ۾ ڪجهہ نہ ڪجهہ ٿي پوندو ھيو ليڪن اھڙو واءُ وريو آھي جو احتجاج براءِ احتجاج تي، رياست ۽ انجي ادارن تي ھاڻي جونءِ بہ ڪونہ ٿي چري اھو دور جديد جو نئون مظھر بہ آھي نتيجي ۾روز مرھ جا مسئلا حل ڪرڻ جي لاءِ احتجاج ڪرڻ طرف وڃڻ کي ھاڻي اجايو ۽ وقت جو زيان سمجهيو وڃي ٿو. اھا سوچ پختي ٿي رھي آھي تہ اڄ جي عھد ۾ جيڪا سياست روزمره جا مسئلا حل ڪرڻ ۾ آخري سبيل بڻجي ٿي اھا اقتدار جي ايوانن ۾ پھچڻ واري سياست آھي انھي لاءِ وري ملڪ جي روايتي چونڊ عمل جو حصو ٿيڻو پوي ٿو. ٻئي طرف اھڙي سياست مزاحمتي انقلابي سياست وٽ صبح شام ٿڪ لعنت ھيٺ رھي ٿي ليڪن ٿڪ لعنت ڪرڻ وارن جا مسئلا بہ اتفاق سان اھڙي سياست ڪندڙن طفيل ئي حل ٿين ٿا. مزاحمتي سياست تي تہ پيو لکبو آھي ۽ ڳالھائبو آھي ليڪن اقتدار تائين رسڻ لاءِ چونڊ وڙھڻ جي سياست ڪيتري اھم آھي انتي ڳالھ ٻولھ ڪرڻ جي ضرورت آھي. جوھي تعلقي ۾ قومي اسيمبلي جي تڪ جيڪو دادو تعلقي سان جڙيل آھي، صوبائي اسيمبلي جو تڪ ۽ بلدياتي ادارن جي چونڊ اليڪشن ڪافي دلچسپ پئي رھي آھي. ماضي ۾ جوھي جي اليڪشن سياست جا، رئيس علڻ خان لغاري، حاجي محمد بخش جمالي، غلام شاھ جيلاني مھندار رھيا. علڻ خان لغاري ۽ سندس پٽ، ننھن، پوٽا، اسيمبلي ميمبر ۽ بلدياتي ادارن جا چيئرمين، ناظم رھيا جڏھن تہ حاجي محمد بخش جمالي قومي اسيمبلي جو ميمبر رھيو ۽ سندس پٽ رفيق احمد جمالي سڀ کان پھرين پيپلزپارٽي ضلع دادو جو صدر ۽ 2002ع کان ھاڻوڪي اسيمبلي تائين قومي اسيمبلي جو ميمبر آھي. سندس ڀائر ضلع ڪائونسل، تعلقي ميونسپل ڪميٽي ۽ يونين ڪائونسل سطح تي چونڊبا پئي رھيا آھن. رفيق احمد جمالي 2008ع ۾ پيپلزپارٽي جي وفاقي حڪومت ۾ مملڪتي وزير ۽ گورک ڊيولپمينٽ اٿارٽي جوچيئرمين پڻ رھيونتيجي ۾ رفيق جمالي جوھي جي سياست جو سرخيل بڻجي ويو. ائين نئيگ جو گادي نشين غلام شاھ جيلاني 1990ع کان سنڌ اسيمبلي جو ميمبر رھيو، دادو ضلع جي ڊيولپمينٽ ڪميٽي جو سربراھ رھيو، سموريون اسڪيمون سندس ھٿ ھيٺ ٺھنديون رھيون. سيد غلام شاھ جيلاني جنرل ضياءَ جي دور ۾ ضيا حمايت تحريڪ جو ضلع ۾ مک اڳواڻ رھيو. 1988ع جي چونڊ ۾ پيپلزپارٽي جي ٽڪيٽ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائين ليڪن ڪڻو نبن خان لنڊ جو نڪتو. 1990ع ۾ پيپلزپارٽي جي ٽڪيٽ کيس ملي کيس 2002ع واري عام چونڊ ۾ مشرف جي حمايت يافتہ ڌڙي جي اڳواڻ، ڊاڪٽر منظور لغاري، فاروق لغاري جي ملت پارٽي جي پليٽ فارم تان شڪست ڏني. غلام شاھ جي وفات کانپوءِ سندس پٽ صالح شاھ سنڌ اسيمبلي جوميمبر آھي جيڪو سنڌ حُڪومت ۾ غلام شاھ جيترو اثر رکندڙ آھي ڇوتہ ھو سنڌ جي وڏي وزير جو ماسات بہ آھي ۽ غلام شاھ جي ڀيٽ ۾ پنھنجي ھلائڻ وارو بہ آھي. حاجي خان جو مرحوم علڻ خان لغاري پيپلزپارٽي سان لاڳاپيل ھيو سندس پٽ اڪبر خان لغاري پڻ پيپلزپارٽي سان وابستہ رھيو. جڏھن جنرل ضياءَ جي مارشلا خلاف 1983ع ۾ مزاحمت ٿي تہ اڪبر خان ايم آر ڊي تعلقي جوھي جو ڪنوينر ھيو. مارشلا جي مارا ماري ۾ ھڪ وقت اھڙو آيو جو اڪبر خان پيپلزپارٽي کان پاسيرو ٿي ويو. 1985ع جي غير جماعتي چونڊ جو پيپلزپارٽِي بائيڪاٽ ڪيو ليڪن حاجي محمد بخش جمالي قومي اسيمبلي ۽ اڪبر خان لغاري صوبائي اسيمبلي تڪن تي چونڊ وڙھيا. اڪبر خان سنڌ اسيمبلي جي تڪ تان ڪامياب ٿيو جڏھن تہ حاجي محمد بخش جمالي جيڪب آباد مان آيل خير محمد پنھور کان چونڊ ھارائي ويو. بينظير جي ملڪ واپسي کانپوءِ 1988ع ۾ جڏھن چونڊون ٿيون تہ اڪبر خان کي پيپلزپارٽي ٽڪيٽ نہ ڏني ليڪن محمد بخش جمالي کي قومي اسيمبلي جي سيٽ ڏني ويئي ائين جوھي جي اقتداري سياست ۾ جمالي خاندان حاوي ٿي ويو. لغاري خاندان مان ڊاڪٽر منظور لغاري جي چونڊ سياست ۾ زوردار انٽري ٿي ۽ ھو 2002غ واري عام چونڊ ۾ غلام شاھ کي ھارائي سنڌ اسيمبلي جو ميمبر ٿيو ليڪن سندس اڻ مندائتي موت لغاري خاندان جا سياست ۾ پير روڪي ورتا. ڊاڪٽر منظور لغاري جي گهر واري ڊاڪٽر سجيلا لغاري بعد ۾ پيپلزپارٽي سان جڙي ويئي ليڪن اڪبر خان جو پٽ ڊاڪٽر بندہ علي لغاري ضلع دادو ۾ پيپلزپارٽي جي مک مخالف لياقت جتوئي سان جڙيل رھيو. ڊاڪٽر بندہ علي تعلقہ ميونسپل ائڊمنسٽريشن جوھي جو ناظم رھيو ليڪن بعد جي مسلسل ھار ۽ وسيلن جي کوٽ سندن آپشن محدود ڪري ڇڏيا ۽ اھي مجبور ٿي ھڪ ڏينھن جوھي جي سياست ۾ رفيق جمالي، صالح جمالي جا جونيئر پارٽنر ٿي پيپلزپارٽي ۾ شامل ٿيا. پيپلزپارٽي ۾ شموليت کان پوءِ ڊاڪٽر بندہ علي لغاري وزير اعلي جو مشير پڻ رھيو. ھن وقت سندس ڀاءُ علڻ خان لغاري ميونسپل ڪميٽي جوھي جو چيئرمين ۽ عورتن جي سيٽ تي ڊاڪٽر منظور جي گهر واري ڊاڪٽر سجيلا لغاري سنڌ اسيمبلي جي ميمبر آھي. لغاري برادري جي چونڊ عمل ۾ گهٽ اثرائتو ھجڻ جو ڪارڻ مسلسل ھارائڻ ۽ وسيلن جي کوٽ تہ آھي ليڪن ٻيو اھم ڪارڻ سندن اتحادين جو ڇڏي وڃڻ آھي. سموري سنڌ جيان جوھي ۾ بہ پيپلزپارٽي ھر بااثر ماڻھو جنھن سان چار ماڻھو گڏ آھن انکي پاڻ سان ملائڻ جي ڪرت سان لڳل آھي. لغاري برادري جوھي تعلقي سميت جوھي شھر جي وڏي ۾ وڏي ۾ وڏي برادري آھي. جوھي شھر جي اٺن وارڊن مان ٽن ۾ انھن جا جام ووٽ آھن، تعلقي ۾ ڦلجي وليج ۽ بھاولپور يونين ڪائونسل جا ٻٻر، ساوڙو جا رودناڻي، ڪمال خان جا لنڊ، سولنگي، ڊرگهہ بالا جا ڏاھري سندن اتحادي ھئا. ڊاڪٽر منظور لغاري جي منفرد يار ويس شخصيت لوڪ پسند ھئي ۽ ھو پنھنجي مرضي بہ ھلائيندو ھيو. سندس مئي کان پوءِ لغاري برادري جي سياست لياقت جتوئي جو پڇ بڻجي ويئي. لياقت جتوئي پڻ مسلسل ھارائڻ اقتدار کان پري رھڻ سبب ڪمزور ٿيندو رھيو ۽ انجون پڻ پيپلزپارٽي سان جوڙ توڙ لاءِ پس پردہ ڳالھيون گرم رھيون جنھن پڻ ٻين برادرين جي چڱن ۽ وس وارن کي مجبور ڪيو تہ اھي پنھنجو رستوچونڊين متان گهڻي دير ٿي وڃي. ھن وقت جوھي جي اقتدار جي سياست تي پيپلزپارٽي سان جڙيل وس وارن جو قبصو اھي جنجا مشترڪ مفاد کين پاڻ ۾ جوڙي ويٺا آھن. پيپلزپارٽي مخالف سياست جي ڪمزوري جو اھو مامرو گذريل بلدياتي اليڪشن ۾ وڌيڪ چٽو ٿيو. جوھي جي بلدياتي سياست جي ھڪ تاريخ آھي. منھنجي يادگيري ۾ جوھي ۾ 1983ع جي ايم آر ڊي تحريڪ واري سال بلدياتي ادارن جون چونڊون ٿيون جنجو پيپلزپارٽي بائيڪاٽ ڪيو. ان وقت ضياءَ حمايت تحريڪ ٺھي ھئي جنھن جو ضلع سربراھ غلام شاھ جيلاني ھيو. پيپلزپارٽي پاران بائيڪاٽ جي نتيجي ۾ ضِياءَ حمايت تحريڪ سان لاڳاپيل سمورا ماڻھو کٽي آيا، غلام شاھ جيلاني ضلع ڪائونسل دادوجو چيئرمين ۽ دين محمد ٿھيم ٽائون ڪميٽي جوھي جا چيئرمين ٿيا. پٽ گل محمد مان دريا خان لغاري ۽ ٽوڙ مان بخشل خان لغاري ڪاميابي ماڻي آيا جڏھن تہ اسانجو سوٽ حڪيم غلام قادر سومرو پڻ درياءَ خان سان واسطيداري سبب ضلع ڪائونسل جو ميمبر بڻيو. 1986ع جي ايم آر ڊي تحريڪ، بينظير جي وطن واپسي، ملڪ جي سياست ۾ نئون ماحول پيدا ڪيو ائين 1987ع ۾ بلدياتي چونڊون ٿيون جن ۾ بشير ٿھيم ۽ حسين رند جھڙا جيالا پيپلزپارٽي جي ٽڪيٽ تي رڪارڊ ووٽ کڻي سرندي وارن ماڻھن کي ھارائي چونڊجي آيا. بشير ٿھيم جوھي ۾ رڪارڊ ووٽ کنيا جڏھن تہ مٺ تي سگريٽ پيئندڙ، غريب ڪارڪن حسين رند جيڪو پيپلز ھاري ڪميٽي جوھي جو صدر ھيو جنھن کي ”حسين صدر“ سڏيو ويندو تنھن جمالي برادري جي واپاري ۽ سرندي واري شخص حاجي در محمد جمالي کي شڪست ڏني. انھي اليڪشن جي نتيجي ۾ وڏيرو ميرل باھوٽو ٽائون ڪميٽي جوھي جو چيئرمين ٿيو. 1992ع جي بلدياتي چونڊ ۾ ڊاڪٽر علي نواز سومرو ٽائون ڪميٽي جوھي جو چيئرمين ٿيو. انکان پوءِ بلدياتي چونڊون جنرل مشرف جي دور ۾ ٿيون. تڏھن نئين اکاڙ پڇاڙ تحت جوھي ٽائون ختم ڪري يونين ڪائونسل قائم ٿي جنھن ۾ ھڪ ڀيرو ناظم عثمان جمالي، بعد ۾ غلام قادر ٻٻر ٿيو. تعلقه ميونسپل ائڊمنسٽريشن جو ناظم ڏاتل خان، ڊاڪٽر بندہ علي رھيا جڏھن تہ 2016ع ۾ ميونسپل ڪميٽي جو چيئرمين عبدالمجيد جمالي ۽ ھاڻي ميونسپل ڪميٽي جو چيئرمين علڻ خان لغاري آھي. اڄڪلھ جي جوھي جي بلدياتي سياست، قومي اسيمبلي ۽ صوبائي اسيمبلي جيان پيپلز پارٽي جي سگهارو ٿيڻ جو ڏس ڏئي ٿي. موجودہ بلدياتي چونڊ کان اڳ ٿيل چونڊ ۾ تعلقي جوھي جي گهٽ ۾ گهٽ ڏھن مان پنج يونين ڪائونسلن ڊرگهہ بالا، ٽوڙ، پٽ گل محمد، ساوڙو، ڪمال خان(جوھي ٽو) ۾ لغارين جي قيادت ھيٺ پيپلزپارٽي مخالف اميدوار چونڊبا ھيا ائين جوھي جي اٺن وارڊن مان ٽن وارڊن تي پيپلزپارٽي مخالف اتحاد جا ماڻھو چونڊبا ھيا ليڪن لغارين ۽ سندن اتحادين جي پيپلز پارٽي ۾ شموليت کانپوءِ صرف ڪبير ٻٻر واري وارڊ ۾ پيپلزپارٽي مخالف صرف ھڪ ڪائونسلر آھي. بلدياتي اليڪشن ۾ باقي تعلقي جو چونڊ نقشو بہ اھڙو ئي سامھون آيو آھي. ھن وقت جوھي تعلقي ۾ اڪثر برادريون ۽ اليڪٽ ايبل سڏيا ويندڙ ماڻھو پيپلزپارٽي جي جمگهٽِي ۾ شامل آھن نتيجي ۾ پيپلزپارٽي جي تعلقي جي سياست تي بادشاھي قائم ٿي ويئي آھي. ھن وقت رفيق احمد جمالي کي چيلينج صرف سنڌ اسيمبلي ميمبر سيد صالح شاھ مان لاحق آھي ۽ اھا ئي سندس مخالف ڌر بہ آھي. باقي چونڊ سياست انھن ٻن ڌرين جو پڇ بڻيل آھي. ائين بہ ڪونھي تہ پيپلزپارٽي خلاف چونڊ وڙھڻ لاءِ ماڻھو ناھن. ھاڻي بہ قومي اسيمبلي تي لياقت جتوئي جو پٽ ۽ صوبائي اسيمبلي تي امداد لغاري صوبائي اسيمبلي تي چونڊ وڙھي ٿو ۽ کين اسٽيٽس ڪو مخالف ووٽ ملي ٿو جيڪو ٿورو ناھي ليڪن موجودہ حالتن ۾ جڏھن پيپلزپارٽي کي مٿان آشيرواد مليل آھي تنھن ۾ ڪي نوان نتيجا اچن سو في الحال ڏکيو ٿو لڳي. 2008ع جي ڀيٽ ۾ پيپلزپارٽي جي عوامي حمايت گهٽِ ٿي آھي ليڪن چونڊ عمل ۾ سرگرم ڌڙن ۽ برادري سياست ۾ سندس حمايت وڌي آھي. چوڻ لاءِ تہ سولو آھي تہ عوام سان رابطي ۾ رھڻ لاءِ ھر چونڊ عمل ۾ شرڪت ضروري آھي ليڪن ڊگهي عرصي تائين اقتدار جي ايوان مان ٻاھر رھي چونڊ وڙھڻ انتھائي مشڪل ٿي ويو آھي. چونڊ عمل ڪو ھڪ ڏينھن جو قصو ناھي، انھي عمل ۾ رھڻ لاءِ سال جا ٻارنھن مھينا ماڻھن سان رابطي ۾ رھي جهيڙو جوٽڻو پوي ٿو ۽ گهٽ ۾ گهٽ سنڌ ۾ پيپلزپارٽي انھي سلسلي ۾ گهڻُو سکيو آھي تہ اقتدار کان ٻاھر رھي چونڊ عمل ۾ اثرائتو ڪردار ادا نٿو ڪري سگهجي. پيپلزپارٽي جڏھن بہ اقتدار کان ٻاھر ھوندي آھي عوام سان جڙت رکندي آھي ۽ سينٽر ليفٽ طرف لڙندي آھي. اھو جنرل ضياءَ جي وقت ۾ بہ ٿيو. پيپلزپارٽي اقتدار کان ٻاھر ھئي ايم آر ڊي جدوجھد جي نتيجي ۾ انھي قبول ڪيو تہ اقتدار ۾ اچي مرڪز کي صرف چار کاتا ڏبا ۽ اھڙي پيش رفت ارڙھين آئيني ترميم جي صوورت ۾ سامھون آئي. جنرل مشرف جي وقت ۾ پڻ ائين ٿيو جڏھن بينظير 2007ع ۾ چونڊ عمل ۾ حصو وٺڻ لاءِ واپس موٽي آئي تہ اھا سينٽر ليفٽ جي پارٽي جو ڏک ڏيندي نظر ھئي، جوھي ۾ 2007ع جي چونڊ مھم ۾ پيپلزپارٽي جا چونڊ وڙھندڙ ماڻھو درزين ۽ محنت ڪشن جي دعوت تي سندن پروگرام ۾ شريڪ ٿيندا ھيا ۽ انھي وقت ۾ ملڪ سميت ۽ سنڌ ۾ کاٻي ڌر جي رجحانن کي پذيرائي ھئي. رفيق احمد جمالي لاءِ مشھور ٿيوتہ اھو دلير اڳواڻ آھي جنھن 2002ع واري اسيمبلي ۾ پنھنجو ووٽ وڪجڻ نہ ڏنو ھيو. 2008ع ۾ پيپلزپارٽي اقتدار ۾ آئي تہ ھن وقت چوٿون ڀيرو سنڌ اسيمبلي جي وڏي پارٽي ۽ حڪمران جماعت آھي جيڪا گهربل ڪارڪردگي نہ ڏيکارڻ ۽ ڪرپشن ۾ گار ٿيڻ باوجود پنھنجو مادي ۽ سماجي بنياد وسيع ڪري رھي آھي ۽ سندس خلاف چونڊ وڙھندڙ ڌريون ڏينھون ڏينھن ڪمزور ٿي رھيون آھن. گذريل بلدياتي ۽ عام چونڊون پيرپاڳاري، جي ڊي اي جي خاتمي جي نويد بڻيون ۽ پيپلزپارٽي سنڌ جي سمورن بلدياتي ادارن تي مالڪي حاصل ڪري ورتي جتان جا فنڊ ڪٿان جو ڪٿي استعمال ٿين ٿا ۽ اھي فنڊ ۽ اقتدار اعلي جا مزا آھن جيڪي سنڌ جي روايتي وڏيري جي لاءِ تمام ضروري آھن. جنھن طريقي سان پيپلزپارٽي سنڌ ۾ قومي سوال تي سياست ڪندي نظر اچي ٿي ۽ وري اسٽيبلشمينٽ جي اکين جو تارو بڻيل آھي سو ٻڌائي ٿو تہ پيپلزپارٽي ايم ڪيو ايم جي سياست کي بہ ھڪ ڏينھن کائي ويندي. پيپلزپارٽي عوامي مزاحمت جي نتيجي ۾ اقتدار مان ٿڏي ڪڍي ويئي ھئي اھا ٻئي طريقي سان اقتدار جي ايوانن کي وڻ ويڙھي جيئان چنبڙي پيئي آھي ۽ اھو سبق پيو ملي تہ ھن ملڪ جي سياست جا پنھنجا رموز ۽ اسرار آھن جن تي ھلي اقتدار ۾ رھي سگهجي ٿو ۽ عوام جي نالي ماتر خدمت بہ ڪري سگهجي ٿي. اھڙي اقتدار ۾ عوام جي خدمت جا رستا ڪيئن نڪري سگهن ٿا تنھن جو ماڊل ضررور زرداري اسٽائيل سياست جي من ۾ بہ ھوندو ليڪن وقت ضرور بدلبو آھي ۽ ناقابل شڪست نظر ايندڙ سامري جادوگر جي ڪا نہ ڪمزوري نيٺ ظاھر ٿي پوندي آھي ۽ پوءِ ڳالھ، ”ھو ھوا“ ٿي ويندي آھي تہ “ سامري جادوگر جي حڪم جي غلام، ديو جو ساھ ڪنھن طوطي ۾ آھي“ ۽ پوءِ اھو طوطو ھٿ اچي ويندو آھي ۽ سامري جادوگري جو طلسم ٽٽي پوندو آھي، ائين باقي جھان سميت جوھي جي سياست ۾ بہ اوس ٿيڻو تہ آھي.

امان راڄل، پيار ۽ ارپنا جو نرالو مثال

بابا جي يادگيرين ۾ لکي آيو آھيان تہ بابا ﷲ بخش ڇٺي جو ڇورو ھيو ۽ پنھنجي مامي ڪريم بخش عرف ڪرمو ڊکڻ سان پيرعلي شاھ ڳوٺ لڳ ڪمال خان ۾ رھندو ھيو. جڏھن 1942ع جي ڪاري ٻوڏ آئي تہ بابا پنھنجي مامي سان ڪاڇي جي ڳوٺ ”بري“ لڏي ويو جتي ئي بابا ﷲ بخش جي امان راڄل سان شادي ٿي. منھنجي امان بري لڳ جوھي جي تاريخي ڳوٺ ھيرو خان جي رھندڙ ھئي. ھيرو خان ڪاڇي جي مشھور وسندي آھي جنھن ۾ پراڻو ٺل خستہ حال ۾ ھاڻي بہ موجود آھي جنھن کي اسان جو محقق دوست عزيز ڪنگراڻي ٻڌ مت جي عھد سان ڳنڍيندو آھي، اھو ٺل ٻڌ مت جي عھد جي نشاني ۽ ھزارين سال پراڻو آھي، باقي ھيرو خان جي وسندي ڪيتري پراڻي آھي سا خبر ناھي. امان ٻڌائيندي ھئي تہ سندن ٻاروتڻ ۾ ھيرو خان ۾ تمام گهڻا ھندو رھندا ھيا جن سان اچڻ وڃڻ رھندو ھيو. ھيرو خان شھر ۾ اڪثر دوڪان ھندن جا ھوندا ھئا. جن ۾ مٺائين جا دوڪان بہ ھوندا ھيا. ھيرو خان شھر جي مشھور مٺائي ”ميسو“ انھي دور جي نشاني آھي. اگهي سگهي ھيرو خان جا ھندو مسلمانن سان گڏ ھوندا ھيا ۽ ائين مسلمان بہ ھندن کي پنھنجو سمجهندا ھيا. عيد ڏياري ھولي گڏجي ملھائبي ھئي. مسلمانن جي گهرن ۾ ڪير بيمار ٿيندو ھيو تہ ڪنھن نہ ڪنھن ھندواڻي کي ضرور ڏيکاربو ھيو. منھنجي امڙ راڄل جي والد جو نالو محراب ڊکڻ ھيو جيڪو پنھنجي ڳوٺ ۾ ڊکاڻڪي ڪرت سان لاڳاپيل ھيو، کيس ٽي نياڻيون ٿيون جن ۾ امان راڄل سڀني کان وڏي ھئي، امان جي امڙ ھڪ ڏينھن سندس چواڻي ”سر سام“ جي مرض سبب فوت ٿي ويئي. نانا کي جيئن تہ پٽ جو اولاد ڪونہ ھيو انڪري ھن ناني جي موت کان پوءِ ٻي شادي ڪئي جنھن مان بہ کيس گهڻيون نياڻيون ڄايون ۽ آخرڪار کيس پٽ ڄايو، سڪيلڌو ھجڻ ڪري انجو نالو الھبچايو رکيو ويو. نانو محراب اسان جي گهر ايندو ھيو تہ اسانجو ننڍڙو مامو ﷲ بچايو بہ سندس ساڻ ھوندو ھيو جنھن کي ھو پاڻ کان پري نہ ڪندو ھيو. ھڪ ڏينھن الھبچايو بہ بخار کان پوءِ اھڙو بيمار ٿيو جو فوت ٿي ويو. نانا سان پاڻ کان ننڍي عمر واري زال، حاجران چرچائڻ ۽ وات جي ڇڙيل ھئي ۽ نانا تي ٽوڪون پئي ڪندي ھئي. ناني ھڪ دفعي اسان جي ڳوٺ امان وٽ آيل ھئي تہ ھڪ ڀولائي فقير رڇ ڪاھي اسانجي ويڙھي ۾ لنگهي آيو. ناني حاجران امان کي چرچي ۾ چيو، “ راڄل ! ڏس تہ سھي اھو رڇ صفا تنھنجي پيءَ جھڙو ٿو لڳي“ جنھن تي امان کيس ڦڪي کل کلندي ڪجهہ نہ چيو. ناني محراب کي ٽي ڀائرعمر، عثمان، ڪوڙو خان ھوندا ھيا جيڪي کيس ڀائيندا ھيا ۽ انھن جو اولاد بہ امان کي پنھنجي ”اديءَ“ سڏي احترام سان پيش ايندو ھيو. بابا وڏي عمر ۾ شادي ڪئي، امان کي ڪافي عرصو اولاد نہ ٿيو نيٺ بابا جي خواھش پوري ٿي ۽ امان کي پٽ ڄايو جنھن جو نالو غلام علي رکيو ويو جيڪو بدقسمتي سان ٻاروتڻ ۾ فوت ٿي ويو. بابا کي سڪيلڌي پٽ جي موت تي ڏاڍو صدمو رسيو ۽ امان چواڻي ھو ھميشه ڏکارو رھڻ لڳو. امان کي ڪافي عرصي کان پوءِ وري پٽ ڄايو جنھن جو نالو بابا پنھنجي پيءَ جي نالي تي واليڏنو رکيو، انکان بعد نياڻي تنھن بعد پٽ وري ٻہ نياڻيون ڄايون. مان بابي امان جو ڇھون ٻار ھيس. مون جڏھن ھوش سنڀاليو تہ پاڻ کي امڙ جي گود بجاءِ ٽن ڀينرن جي ڪڇ تي ڏٺم جيڪي مونکي سڄو ڏينھن کنيون، کيڏارينديون وتنديون ھيون جڏھن تہ منھنجي امڙ ڦڦي خيري جي ڪمن ڪارين ۾ مصروف ھوندي ھئي جيڪا اسان جي گهر جو نظام ھلائيندي ھئي. جڏھن وڏي ڀاءُ جي شادي ٿي تہ گهر جو نظام امان کي باءِ پاس ڪري سڌو اسانجي وڏي ڀاڄائي جي حوالي ڪيو ويو. امان جھڙي اڳ ۾ بي اختيار ھئي اھا ھاڻي سمورا اختيار ننھن جي ھٿن ۾ ڏسندي رھجي ويئي. اسان ڀائرن ڀينرن سميت امان کي ڪجهہ بہ کپندو ھيو اھو ڀاڄائي کان گهرڻو پوندو ھيو، اسانجي گهر ۾ امان جي اھڙي ڪردار جو اھو تعين ڪنھن ڪيو انجو اصل سبب بابا ۽ امان وچ ۾ رشتو ھيو. بابا امان کي ڪونہ ليکيندو ھيو ۽ کيس ڪڏھن پاڻ سان گڏ ڪونہ ويھاريائين نہ گهر ۾ ”وڏڙِيءَ“ جا اختيار کيس ڏنائين بلڪہ اسان جو نانو جڏھن اسان جي گهر ايندوھيو تہ انکي بابا گڏ ويھاري ڪچھري نہ ڪندو ھيو. گهر ۾ امان جي اھڙي حيثيت سبب امڙ جو ڪنھن بہ ڪم يا شئي ۾ عمل دخل نہ ھوندو ھيو، گهر جي وڏي جو وٽس اسٽيٽس ڪونہ ھيو، کيس جيڪو ملندو ھيو اھو کائيندي ھئي ۽ کيس ڪپڙو لٽو مليو نہ مليو تہ انھي تي کيس ڪا ارھائي نہ ٿيندي ھئي. منھنجي ٻيون نمبر ڀاءَ غلام محمد کي شايد انھي جو اندازو ھيو تہ امان کي گهر ۾ گهربل حيثيت ناھي. جڏھن ھو ڪمائڻ جھڙو ٿيو تہ امان کي ڪپڙا بہ وٺي ڏيندو ھيو تہ کيس پئسا بہ ڏيندو ھيو ۽ پاڻ سان ويھاري ڪچھري بہ ڪندو ھيو. امان جي گهر ۾ گهٽ اسٽيٽس جو ھڪ مظھر اھو بہ ھيو تہ ھو ڪنھن جي سامھون ويھي ماني نہ کائيندي ھئي ۽ جيڪڏھن ماني کائيندي کيس ڪنھن ڏسي ورتو تہ اھا ھيٺ رکي کائڻ بندڪري ڇڏيندي ھئي. امان جي مون سان گهٽ ويجهڙائي ٻاروتڻ کان ئي عجيب لڳندي ھئي جڏھن آءُ پاڻ ڀرو ٿيس تہ کيس ڀوڳن ۾ چوندو ھيس تہ امان تو مونکي ڪڏھن ڀاڪر پائي چمي ڏني ھجي مونکي ياد ناھي تہ ويڙھجي سيڙھجي چوندي ھئي تہ “ ھا ابا تون ڄڻ پاڻھي وڏو ٿي ويو آھين“. امان کي مونکان پوءِ ٽي ٻار ٻيا بہ ٿيا جيڪي پڻ اسان جي ڀيڻين جي ڪڇ تي کڄي پليا ۽ وڏا ٿيا، . منھنجون ٽي وڏيون ڀيڻيون پرڻيون تہ اسان ڇڙھن ڀائرن جو خيال اسانجي ننڍي ڀائر ذُلي ڪندي ھئي. ٻاروتڻ ۾ آءُ رندن جي گهرن ۾ کيڏندو وتندو ھيس ليڪن پوئتي گهر ۾ ڪنھن کي منھنجي سار نہ ھوندي ھئي شايد انھي ڪري مان پاڻ کي رند سڏرائيندو ھيس. مان جڏھن پڙھڻ لاءِ پرائيمري اسڪول جوھي پھتس تہ اڪثر ٻار صاف سٿرا ڪپڙا پائي تيل ڦليل ڪري سينگارجي ايندا ھيا ليڪن انھن ۾ آءُ مختلف ھوندو ھيس. جڏھن آءُ ھاءِ اسڪول ۾ ويس تہ گدلائپ، ڇيڳرائپ سبب مونکي استاد نذير سومري مانيٽري تان ھٽائي ڇڏيو. امان جو ھڪ مختلف روپ مون تڏھن ڏٺو جڏھن آءُ لاڙڪاڻي پڙھڻ لاءِ ويس. ڪجهہ ڏينھن گهر رھي جڏھن منھنجي ڪاليج وڃڻ جي تياري ٿيندي ھئي تہ آمنا کان اڳ امان منھنجي ٿيلھي جي جاچ ڪندي ھئي تہ ڪٿي ڪو سامان رھجي تہ نہ ويو آھي. انھن ڏينھن ۾ ڪڏھن حيدرآباد وڃڻ ٿيندو ھيو تہ صبح سوير نڪرڻو پوندو ھيو امان نہ صرف مونکي اٿاريندي ھئي بلڪہ مونکي تيار ٿيڻ، سامان جي سنڀال ۾ مدد ڪندي ھئي. انھي موقعي تي امان جا حال ڏسڻ جھڙا ھوندا ھيا ھو کٽ جي پيراندي تي ويھي منھن ۾ چتائي پئي ڏسندي ھئي جنھن ۾ عجيب سادگي محبت ۽ اٻالڪائي شامل ھوندي ھئي، آءُ ماني کائيندو ھيس، آمنا ڪم سان ھوندي ھئي تہ امان سامھون ويھي منھن ۾چتائي پئي ڏسندي ھئي. پيار جو اھڙو انداز مونکي گهڻو پوءِ سمجهہ ۾ آيو. ٻھراڙي ۾ اسان وٽ گهر ۾ سس ننھن جا جهيڙا معمول ھوندا آھن جنجو بنيادي ڪارڻ گهر ۾ مالڪي جتائڻ ھوندو آھي اسان جي گهر، ويڙھي ۽ شايد پوري ڳوٺ ۾ راڄل اھا اڪيلي عورت ھئي جنھن پنھنجي ننھن سان ڪڏھن جهيڙو نہ ڪيو، اھو بہ مونکي دير سان سمجهہ ۾ آيو تہ انھي رويئي جو ڪارڻ گهر ۾ سندس بي اختيار ھجڻ ھيو، جيڪي اختيار بابا کيس ڄاڻ يا اڻ ڄاڻائي ۾ ڪڏھن بہ ڪونہ ڏنا. آءُ جڏھن ڊاڪٽر ٿي آيس ۽ پاڻ ڀرو ٿيس تہ امڙ مون سان گڏ رھي، آءٌ امان سان چرچا بہ ڪندو ھيس. اسان ڊکڻ مرد توڙي عورتون خوشي جي موقعي تي گڏجي نچندا آھيون. مون بابا جي ماروٽن چاچي عثمان ۽ پھلوان کي نچندي ۽ شادي تي ”ڏاڪا“ راند تي جهمر پائيندي ڏٺو. انھي دوران اسانجون عورتون بہ ساڻن گڏ ھونديون ھيون، جيڪا ڇڪ مون ۾ بہ ھئي. ڪجهہ سوجه بوجه کان پوءِ مونکي احساس بہ ٿيو تہ ماڻھو لاءِ راڳ ۽ ناچ ضروري آھي، . نتيجي ۾ مون شعوري طور ڪوشش ڪئي ۽ پنھنجي ٻارن، ڀائرن ڀينرن جي ٻارن کي ھمٿايو تہ خوشي جي موقعي تي ڇوڪرا ڇوڪريون گڏجي ناچ ڪن. ھڪ ڀيري امان کي مون چيڙائن لاءِ ڀوڳ ھنيو تہ، ”امان جڏھن دھل وڄي ٿو تہ منھنجي دل چوي ٿي آءُ نچان. . . مان ڀلا ڪنھن مڱڻھار جو پٽ آھيان ڇا؟“ مون سوچيو تہ امان کي چرچو ھنيو اٿم سو اڄ ضرور ڪاوڙبي ۽ بجو ڏيندي ليڪن منھن جي مٿي مان ٺڪاءَ نڪري ويا جڏھن امان کلي چيو تہ“ ابا تون تہ ”حاجي“ جو پٽ آھين باقي ”پڻھين “ جي پيءَ جي مونکي خبر ڪانھي. ؟“. امان بابا کي حاجي ڪري مخاطب ٿيندي ھئي. امڙ راڄل بابا جي بيرخي تي ڪڏھن شڪايت نہ ڪئي، سندس پاڙي ۾ رھندڙ ٽي نياڻيون مڙسن ھٿان ڪٽبيون، مارون کائينديون رھيون، امان ڪڏھن مداخلت نہ ڪئي، امان ڪنھن ننھن سان جهيڙو نہ ڪيو بلڪہ ھن ويڙھي ۽ ڳوٺ ۾ ڪنھن سان تيز ٿي نہ ڳالھايو. . پنھنجي ڪنھن بہ اولاد کي ٿڦڙ مار موچڙو تہ پري رھيو، سندس پاران ڪنھن ٻار کي ٻن آڱرين جو بجو بہ نہ ڏيڻ ٻڌائي ٿو تہ ھو ڪيڏي نہ وڏي ۽ غيرمعمولي خصلت جي مالڪ ھئي. 1995ع جي ٻوڏ ۾ جڏھن ڳوٺ ڇڏي جوھي آياسين تہ ٻن ننڍن ڀائرن سان گڏ امان بہ مون سان اچي رھي، . جتان ڪجهہ عرصي بعد منھنجا ننڍا ڀائر عزيز ۽ غفور حيدرآباد شفٽ ٿيا. ٻارن ۾ امان جي سڀ کان گهڻي دل غفور سان ھئي جيڪو امان جو سڀني کان ننڍو ٻار بہ ھيو. جڏھن غفور حيدرآباد شفٽ ٿيو تہ امان کيس روڪي نہ سگهي ليڪن کيس اھوڏاڍو ڏکيو لڳو. تنھن وقت اسانجي گهر ۾ ڪڏھن ”ويڙھو ويران ٿي ويو“ ڪلام ھلندو ھيو تہ امان پڇندي ھئي تہ ابا اھو گانو تو ھلايو آھي، منھنجي جواب ڏيڻ کان اڳ پاڻ چئي ڏيندي ھئي تہ، ”تو اھو گانو نشاط وارن جي لڏي وڃڻ ڪري ِ ھلايو آھي. “، نشاط غفور جي نياڻي جو نالو آھي. اھا ڳالھ بہ اصل ۾ امان جي دل جي ھئي جيڪا ھو منھنجي کاتي ۾ ڪري پنھنجو درد لڪائڻ جي ڪوشش ڪندي ھئي. اسانجو ڀاءُ غلام محمد جڏھن سعودي ڪمائڻ ويو تہ امان جو ڏاڍو خيال ڪندو ھيو، ھوکيس الڳ پئسا ڏياري موڪليندو ھيو. اسان پٽ کيس ڪپڙا وٺي ڏيندا ھئاسين تہ اھي امان نياڻين يا ننھن کي ڏيئي ڇڏيندي ھئي. 2012ع جي سانوڻ ۾ امان ھڪ صبح رڌڻي ڀر سان منجي رکي ويٺل ھئي جتي آمنا نيرن تيار پئي ڪئي. امان اچانڪ انھي منجي تان ترڪي ڪري پئي ۽ سندس دُڏ واري جاءِ تان ھڏ ڀڄي پيو. کيس حيدرآباد نيو ويو جتي رئيس پرويز سندس علاج ڪيو۽ ھڪ آپريشن بہ ٿيو، ڪجهہ بھتر ٿيڻ کان پوءِ امان جوھي واپس موٽي آئي. ھڪ ڏينھن ِ 24 جنوري شام تي امان جي حالت خراب ٿي پئي ۽ انھي رات 25 تاريخ مٽجندي صرف 45 منٽ ٿيا ھيا تہ امان جو ساھ کڄڻ بند ٿي ويو ۽ پوءِ اھو آواز ھميشه لاءِ ٻڌجڻ بند ٿي ويو جيڪو ڪڏھن ڪنھن لاءِ تکو مٺو ڪونہ ٿيو. سادي سٻاجھڙي عورت راڄل جنھن کي پنھنجي مڙس گهر ڌياڻي جا اختيار نہ ڏنا، جنھن پنھنجي ڪنھن ننھن سان رھڙ ڏئي ڪونہ ڳالھايو، جنھن پنھنجي ڪنھن ٻار کي ڪڏھن اف نہ چيو، ڪڏھن ٻن آڱرين جو بجو نہ ڏنو، جنھن کي روايتي پيار ڪرڻ ۽ جتائڻ بہ نہ آيو ليڪن املھ اجهاڳ پيار کي الڳ معني ڏئي، پنھنجو انمول يادون ڇڏي ھلي وئي. بيشڪ راڄل جھڙي ماءُ ڪنھن خوشنصيب کي ملي ھوندي. سال 2012ع کان پوءِ ھر سال 24 جنوري تي منھنجي من اندر مان ڪو آواز اڀرندو آھي جيڪو ياد ڏياريندو آھي تہ انھي ڏينھن جي پڄاڻي جي 45 منٽن کانپوءِ آءُ سچ پچ يتيم ۽ دنيا جو غريب ترين ماڻھو ٿي ويو ھيس.

جوھي برانچ جو ڪيس

سنڌ حُڪومت پاڻي کوٽ جي پيش نظرصوبي ۾ سارين جي پوک تي بندش ھڻي ڇڏي آھي. سکر بيراج منجهان اُلھندي پاسي نڪرندڙ ٽن ڪئنالن مان ھن وقت صرف کيرٿر ڪئنال ۾ نالي ماتر پاڻي ڇڏيو ويو آھي، جڏھن تہ ساريالو ڪئنال يعني رائيس ڪئنال ۽ ٻارھو وھندڙ دادو ڪئنال ۾ پاڻي نہ ڇڏيو ويو آھي جنھن جوسبب سنڌوءَ دريا ۾ پاڻي جي غيرمعمولي کوٽ ۽ ان جيترو ئي اھم سبب سنڌو مان ٻوڏ جي وقت پنجاب ۾ وھايو ويندڙ ڪئنالن مان پاڻي کڻڻ کي قرار ڌنو پيو وڃي. نتيجي ۾ پوري سنڌ جي ٽنھي بيراجن ۽ انجي ڪئنالن واھن ۾ پاڻي کوٽ جي رڙ متل آھي. آبپاشي کاتي جي رِٽ جي حد اھا آھي تہ عدالت جي حڪم ھيٺ رينجرس فورس ڪئنالن ۽ واھن تي پاڻي جي قانون مطابق ورڇ لاءِ آبپاشي کاتي جي مدد ۾ اماڻي ويئي آھي. ليڪن اھا رينجرس بہ جڏھن آبپاشي کاتي جي مدد لاءِ پھچي ٿي تہ اھا ڇا ٿي ڪري انجو بہ ھڪ قصو ٻُڌندا ھلون.
جوھي تعلقي کي سيراب ڪندڙ جوھي برانچ سيتا روڊ جي اتر اوڀر ۾ دادو ڪئنال مان نڪري ٿو جوھي برانچ جڏھن خانپور جي اولھ ۾ ۽ ٻيلي پتڻ جي ڀرسان ڇنڊڻ کي ڪراس ڪري جوھي تعلقي ۾ داخل ٿيڻ جي سنبوتي ڪري ٿو تہ اتي پاڻي جو گيج 600 ڪيوسڪ بدران صرف 300 ڪيوسڪ ھجي ٿو جيڪو مھڙ ۾ ئي ڏاڍا مڙس ڏنڊي جي زور تي استعمال ڪري ڇڏين ٿا ۽ نتيجي ۾ جوھي تعلقي ۾ اڃ ۽ ڀينگ واڪا ٿي ڪري. جوھي جي آبادگارن جي گُهر تي جوھي برانچ جي آبادگار انجنيئر منظور سولنگي کي ئي جوھي برانچ تي تعينيات ڪيو ويو جيڪو ڪجهہ مھينا اڳ ريٽائر ٿي آيو آھي تنھن عيد کان بعد تازو ھڪ ملاقات ۾ ٻُڌايو تہ گذريل سال جڏھن آبپاشي کاتي جي مدد ۾ رينجرز مقرر ٿي تہ جوھي برانچ تي ڪجهہ واٽر ڪورس، مُوريون ۽ شاخون ڀڳل ھيون جنمان زبردستي پاڻي کنيو پئي ويو انھن کي رينجرس جي موجودگي ۾ لٽي بند ڪيو پئي ويو تہ ڪجهہ ھٿياربند ڦري آيا ۽ ٻُڌايائون تہ سامھون سندن زمينون آھن رينجرس جي موجودگي ۾ تہ ھنن ڪجهہ ڪونہ ڪڇيو ليڪن اسانجي ٽيم ڀڳل واٽر ڪورس لٽي بند ڪري جڏھن ٿورو اڳتي نڪري ويئي تہ پويان فائر جو آواز آيو جنھن تي رينجرس جي اھلڪاران بابت پڇيو، جنھنجو جواب کين ڏنو ويو تہ فائرنگ جو آواز انھي طرف کان آيو آھي جتي پاڻ ڀڳل ماڊول لٽي بند ڪري آيا آھيون، بجاءِ واپس ورڻ جي رينجرس اھلڪارن اڳتي ھلڻ جو اشارو ڪيو. منظور سولنگي سان سندس ڳوٺ حاجي خدابخش سولنگي ۾ ملاقات ذاتي نوعيت جي ھُئي ليڪن ڪچھري جو مُک موضوع جوھي ۾ پاڻي جي کوٽ ۽ جوھي برانچ تي پاڻي گردي جو ئي رھيو جيڪو جوھي ءِ انجي تر جو مک موضوع ۽ مسئلو بہ آھي. منظور سولنگي ۽ سندس ڀائرن جي جوھي برانچ مان نڪرندڙ دڙا مائينر ۽ چينجاڻي مائينر تي سوين ايڪڙ زمين آھي. ٻہ ڏھائيون اڳ تائين اھا سموري زمين آباد ٿيندي ھئي. شاخن ۾ پاڻي نہ ھجڻ ڪري ٿوري گهڻي زمين جيڪا آباد ٿئي ٿي اھا ڇنڊڻ جي کاري پاڻي تي آباد ڪئي وڃي ٿي جنھن سان زمينون خراب ٿي ويون آھن. ٻارھو وھندڙ چينجاڻي شاخ ۾ تہ ھاڻي پيئڻ جو پاڻي بہ ڪونہ ٿو اچي. اھا چينجاڻي شاخ ئي آھي جنھن جي پڇڙي جڏھن ڏنگڙي (سکر بيراج کان اڳ الھندي ناري جي ڇاڙ) ۾ ڇوڙ ڪندي ھئي تہ مال متاع ۽ پيئڻ لا۽ پاڻي ٿي پوندو ھيو ليڪن ڏنگڙي تي رھندڙ ھزارين ماڻھن جي اھڙي غريباڻي عياشي بہ ھاڻي ختم ٿي ويئي آھي. سندن ڳوٺ جي اتر اولھ ۾ وھندڙ دڙا شاخ ساريالي شاخ آھي، ليڪن انھي ۾ ڪيتري عرصي کان پاڻي نہ ملڻ ڪري سنگت ساٿ کي ساريون تحفي ۾ ڏيڻ وارن حاجي خدابخش سولنگي جي پُٽن کي گهر لا۽ چانور بہ ھاڻي مارڪيٽ مان وٺڻا ٿا پون. منظورسولنگي چواڻي جوھي برانچ دادو ڪئنال مان نڪرندڙ” پيرينيل “ واھ آھي جيڪو ٻارھو ئي وھڻو آھي جڏھن تہ ڪجهہ شاخون نان پيرينيل (موسمي) آھن، جڏھن تہ ڪجهہ پيرينيل شاخن جا ڪجهہ واھ “نان پيرينيل”۽ ڪجهہ نان “پيرينيل “شاخن جا ڪجهہ واھ وري “پيرينيل “به آھن. سکر بيراج ٺھڻ وقت انھي طريقي سان پاڻي پھچائڻ ۾ انھي ڳالھ جو خيال رکيل ھيو تہ جيئن زراعت سان گڏ پيئڻ جي پاڻي جي اڻ ھوند وارن علائقن ۾ بہ پاڻي پھچائي سگهجي. منظور سولنگي چواڻي تمام گهڻين ڪوششن باوجود نہ صرف ڇني شاخ کي باقائدي نہ وھائي سگهياسين جيڪا منڇر ۾ ڇوڙ ڪري ٿي تہ جيئن منڇر ۾ مٺو پاڻي ويندو رھي نہ ئي جوھي برانچ ۾ ھر ڪنھن جي حصي مطابق پاڻي جي قانون موجب ورڇ ڪرائي سگهياسين جنھن جو سڌو سبب سياسي مداخلت آھي نتيجي ۾ انتظاميہ جو سھڪار نٿو ملي. پوليس ۽ رينجرس وٺي دِڪا ھڻايا، غيرقانوني پاڻي چوري بند ڪرائي ليڪن زوري پاڻي کڻندڙ آبادگار چئي ڏيندا ھيا تہ اسان پنھنجا فصل سُڪڻ ڪونہ ڏينداسين ۽ واقعي ٻئي ڏينھن ائين ئي ٿي ويندو ھيو. انھي سوال پُڇڻ تي تہ پوءِ آخر جوھي برانچ جي اھڙي منجهيل مامري جو ڪھڙو حل آھي تہ ھن حيران ڪن جواب ڏنو تہ متاثر ماڻھو گڏ ٿي ڊگهي ويڙھ ڪرڻ لاءِ تيار ناھن انڪري انھي جو ڪوئي ٻيو حل ناھي. بس دعا گهرندا آھيون تہ برسات وسي پوي ڪو پاڻي جو ريڙھو اچي وڃي تہ مال متاع لاءِ پاڻي بہ ٿي پوندو تہ ڪجهہ زمين تي مند آھر فصل بہ ٿي پوندو” 2020 ۾ جوھي جي آبادگارن جي احتجاج کانپوءِ ڪيئن پاڻي آيو ھيو جو سمورو جوھي تعلقو ۽ انجون زمينون جل ٿل ٿي پيون ھيون” جي جواب ۾ ھن چيو تہ ڪو فضيلت ڀريو سيڪريٽري آيو ھيو جنھن جي مھرباني ھئي ۽ ڪجهہ ان وقت ۾ واھن ۾ پاڻي بہ ھيو ۽ مٿي ضرورت بہ ڪونہ ھئي. مون کيس ٻُڌايو تہ ٻُڌڻ ۾ آيو آھي تہ انوقت ڇنڊڻ مان 240 ڪيوسڪ پاڻي جوھي برانچ ۾ وڌو ويو ھيو جنھنجي جواب ۾ ھن چيو تہ انھي جي تصديق ڪرڻي پوندي. ھي جوھي برانچ جي انجيئر ۽ جوھي برانچ جي کاتيدار جي راءِ آھي تہ، جوھي برانچ جي حالت آئيندہ ھاڻي ائين ۽ اھائي رھڻي آھي.
جوھي برانچ ۾ پاڻي جي لاءِ ھلندڙ جدوجھد ۾ شامل آبادگار اڳواڻن جي راءِ ٿوري مختلف آھي. مان جڏھن جوھي ۾ رھندو ھيس تہ انوقت بہ چيٽ جي پاڻي جي کوٽ دوران احتجاج ٿيندا ھيا ليڪن انوقت مايوسي جي ڪيفيت اھڙي نہ ھوندي ھئي. آبادگار تحريڪ جو مک اڳواڻ ميرمحمد لغاري چينجاڻي شاخ جي مھڙ جو آبادگار آھي اھوتڏھن ڪچھري ڪندي سيني تي ھٿ ھڻي چوندو ھيو تہ ھر بہ ڏيئي ڇڏيو ٻج ۽ ڀاڻ بہ وٺي رکو توھان ڏسجو پاڻي وٺي ڏيکارينداسين ۽ ائين ھر دفعي ٿي ويندو ھي ليڪن 2008 ۾ پيپلزپارٽي حڪومت اچڻ کانپوءِ صورتحال اھڙي بدلي جو بجاءِ بھتر ٿيڻ جي خراب ٿيندي ھاڻي انتھائي خراب ٿي ويئي آھي ۽ ڪجهہ عرصو اڳ آبادگار تحريڪ جي مٿي ڄاڻايل ڏاميش اڳواڻ بہ ائين چوڻ تي مجبور ٿي ويو تہ يار وقت اھڙو ڦيرو کاڌو آھي جو ھاڻي سڌو جواب ٿو ملي تہ پاڻي آھي ئي ڪونہ تہ ڪٿان ملندو. ياد رھي تہ دادو جوھي تڪ تان 2002 کان مسلسل ھڪ ايم اين اي قومي اسيمبلي جي سيٽ والاري ويٺو آھي جنھنجي ڀائرن، مٽن مائٽن، سنگتين سياسي رفيقن جون زمينون مُھڙ ۾ آھن جيڪي پاڻي گهڻو کڻندڙ ساريءَ جو فصل پوکي رھيا آھن ۽ انھي ساريءَ جي فصل کي پاڻي پھچائڻ لاءِ شاخون ۽ واٽر ڪورس ڀڃي ذرا ذرا ڪيا ويا آھن. انھن زورآورين ۽ ڏاڍاين کي جيڪڏھن ڪجهہ نٿو ٿئي ۽ ضلع انتظاميہ سميت رينجرس بہ بيوس آھي ۽ اھا فائرنگ جي آواز تي ڪن لاٽار ڪري اڳتي نڪري وڃي تہ سمجهہ ۾ اچڻ گهرجي تہ جنھن عوامي نمائيندي کي جيڪو ضلع ۾ اڇي ڪاري جو مالڪ سمجهيو وڃي ٿو(پيپلزپارٽي سنڌ جي ھر ضلع ۾ اھڙا ماڻھو مقرر ڪيا آھن جيڪي انھي ضلع جي وزيراعلي جيترو اختيار رکن ٿا) جنھن جي چوڻ تي انتطاميه حرڪت ڪري ٿي اھو تہ مسئلي جي حل جو حصو ھجڻ گهرجي ليڪن اھو خود پاڻي کوٽ ۾ مامري جو حصو ۽ فريق آھي. اھا ڳالھ جوھي جي ھر گهٽِي ھر گام واھڻ واھن ۽ خدا جي خلق جي وات تي ملندي. جيڪڏھن ڳالھ مخصوص ۽ پنھنجي برادري جي مفاد جي ھجي ھا تہ انھي ايم اين اي صاحب جي برادري جا ماڻھو ئي انھي ويڌن ڪارڻ سڀ کان گهڻو متاثر آھن ايف پي بند کان ھيٺ ڪمال خان، ڇني ۽ ساوڙو يونين ڪائونسلن جا وڏا ڳوٺ جن۾ ايم اين اي جي برادري جا ماڻھو وڏي انگ ۾ آباد آھن پاڻي کوٽ سبب ڪنھن رُڃ ۽ سُڃ جو ڏيک ڏين ٿا ۽ اڪثر آبادي ٻين علائقن لاءِ لڏپلاڻ ڪري دربدر ٿي ويئي آھي. پاڻي کوٽ خلاف آبادگار ھاري تحريڪ ۾ انھي برادري جا ماڻھو بہ ٻين متاثربرادرين جيترا ئي سرگرم آھن پاڻي جي تحريڪ تيز ٿئي ٿي سگهہ وٺي ٿي ليڪن پوءِ ڪجهہ ھٿ حرڪت ۾ اچن ٿا نتيجي ۾ ڪنھنکي لٺ ڪنھن کي چٺ ڏيکاري تحريڪ کي ڪمزور ڪري ختم ڪيو وڃي ٿو. ھاڻي بہ ڪجهہ عرصو اڳ پاڻي جي کوٽ خلاف تحريڪ ھلي ھن وقت جوھي شھر سميت آسپاس جي ڳوٺن ۾ پيئڻ جو پاڻي بہ ڪونھي. ھن دفعي سندرو ٻڌي جوھي جا آبادگار، سياسي سماجي ڪارڪن احتجاج تي ويھي رھيا ليڪن ھميشه جيان انھي عوامي دٻاءُ کي بہ تارپيڊو ڪيو ويو. جوھي ۽ انجي پسگردائي جا ماڻھو، ھاري ناري آبادگار شھري روئڻ جھڙا ٿي ويا آھن. جوھي مان سدا حيات سنڌ اسيمبلي ميمبر سيد علام شاه جي وفات کانپوءِ سندس پٽ سنڌ اسيمبلي ميمبر ٿيو جيڪو سنڌ جي وڏي وزير جو ويجهو عزيز آھي ان بہ چونڊجڻ کان پوءِ شروع شروع ۾ ڪجهہ ڦٿڪ ڦثڪان ھا ھا ھو ھو اچو اچو ڪئي ۽ جوھي جي ماڻھن ۾ اميد پيدا ٿي تہ ٻيلي متان ھاڻي مالڪي ٿي پوي ليڪن ساڳيو لاٽون ساڳيا چُگه وارو محاورو شايد جوھي جي نصيبن لاءِ ئي ٺھيو آھي.
ھاڻي تہ جوھي جا مجبور آبادگار ھاري ناري شھري وري 2008 کان اڳ واري صورتحال تي وڃڻ جي ڳالھ پيا ڪن جڏھن جوھي ۾ پيئڻ ۽ زرعي پاڻي جي کوٽ نہ ھئي. جيڪڏھن جوھي دادو جي قومي اسيمبلي جي تڪ تان ميھڙ مان سيڙھجي لياقت جتوئي جو پٽ ڪريم علي جتوئي ذري گهٽ تي ھارائي ٿو تہ اھو ھڪ سبق آھي جنھن کي سمجهڻ جي ضرورت آھي. سبق انھي پيپلزپارٽي جي ٽڪيٽ تي روسي صدر پيوٽن جيان 20 سال کان وڌيڪ عرصي لاءِ دادو تي حُڪمراني ڪندڙ عوامي نمائيندي لاء بہ آھي تہ جوھي جي خلق لاءِ بہ آھي تہ پاڻ کي عوامي پارٽي سڏرائيندڙ پيپلزپارٽي لاءِ بہ آھي تہ اھڙا عوامي نمائيندا جيڪي ماڻھن جا مسئلا حل ڪرڻ بجاءِ انھي مسئلي جي پاڻ ئي پاڙ ۽ حصو ھجن تہ پوءِ اھڙن نمائندن کي ايندڙ اليڪشن ۾ ٽڪيٽ ڇو ڏيڻ گهرجي. جلسن لاءِ ماڻھو ۽ گاڏيون ڪٺيون ڪرڻ ئي جيڪڏھن اھڙن عوامي نمائندن جي ميرٽ آھي تہ پوءِ جمھوريت ۾ سماجي انصاف وارو نڪتو بہ پارٽي پروگرام مان ڪڍي ڇڏجي. اھا ذميواري پيپلزپارتي جي قيادت جي تہ آھي ليڪن جوھي جي باضمير پيپلزپارٽي ورڪرن جي بہ آھي تہ اھڙي انڌير تي پارٽي گڏجاڻين ۾ آوازاٿاريو پنھنجي قيادت کي ٻڌايو تہ گهڻو ٿي ويو مھرباني ڪري ھاڻي بس ڪيو. تازو فيس بوڪ تي جوھي جي ھڪ پيپلزپارٽي جي ڪارڪن جي پوسٽ پڙھي تہ “ اڳ۾ سڀ وڏيرا لياقت جتوئي سان ھوندا ھئا ۽ عوام پيپلزپارٽي سان ھوندي ھئي ھاڻي سڀ وڏيرا پيپلزپارٽي ۾ آھن ۽ عوام لياقت جتوئي سان آھي“. جوھي جي ھڪ ٻئي جيالي پنھنجي پوسٽ ۾ لکيو آھي تہ “ نہ پاڻي آھي نہ بجلي نہ گيس نہ روڊ نہ رستا نہ ناليون نہ تعليم نہ صحت آھي . . . . . . . ۽ اسان ۾ وري شرم ڪونھي”. انھن پوسٽن ۾ بہ سمجهہ ۾ اچي ٿو تہ جوھي جي مسئلن سميت جوھي برانچ ۾ پاڻي تي ڌاڙي جو ڪيس ڪٿي لڳل آھي جنھن جو فيصلو تہ پري جي ڳالھ ليڪن انجي ڪا شنوائي بہ نہ پئي ٿي. جوھي ھڪ مزاحمت جو نالو آھي اميد ڪري سگهجي ٿي تہ جوھي جي اھا جڳ مشھور مزاحمت، آبادگار تحريڪ پاڻ ۾ جهُٽ ٿي ايندڙ بلدياتي چونڊ ۾ پنھنجو رنگ ڏيکاريندي، مدي خارج عوام ڀوتار ۽ ڀوتارڪي نظام کي چيلينج ڪندي جيئن جوھي کي جيئندان ملي سگهي.

سنڌ بڻجي وئي ڍنڍ نہ بڻي درياءَ

تحقيق مطابق سنڌ جي زمين کي پيدا ٿئي ذري گهٽ ساڍا ٽي ڪروڙ سال ٿيا آھن ۽ انھي سرزمين کي، عظيم ٿر جي صحرا جي اولھ ۽ کيرٿر جابلو سلسلي جي اوڀر ۾ موجود زرخيز پٽ کي سنڌو درياءَ جي سوين ھزارين سالن جي لٽ ٺاھيو آھي. سنڌو دريا کي “ سنڌ مھا ساگر“ بہ سڏيو ويو آھي، جڏھن ” سائر “ جو لفظ سنڌو جي لاءِ استعمال پئي ٿيو آھي، جنھنجي معني سمنڊ آھي. ڪجهہ رايا اھي آھن تہ سنڌو مھا ساگر ھندي سمنڊ کي سڏيو ويندو آھي ليڪن ھڪ راءِ اھا بہ آھي تہ پراڻي وقت ۾ جڏھن سنڌو دريا وھي ھلندو ھيو تہ پنھنجي ٺاھيل زرخيز پٽن کي بہ لٽي ڇڏيندو ھيو ۽ پوءِ اھو علائقو ۽ سمنڊ ھڪ ٿي ويندا ھيا. سڪندر اعظم جڏھن سنڌو درياءَ جو پيٽ ڏٺو تہ ان وقت بہ انھي کي دريا نہ بلڪہ سمنڊ ئي سمجهيو ۽ سڏيو ويو انھي ڪري ئي شايد دنيا جو ھي واحد ۽ انوکو درياءُ آھي جنھن کي ”ساگر“ ۽ ”سائر “ سڏيو ويو آھي. سنسڪرت ٻولي ۾ بہ لفظ ”سنڌو “ جي معني سمنڊ يا وڏو درياءَ آھي. انھي درياءَ جي الھندي پاسي سندس لٽ ھيٺ آيل زرخيز پٽن جي وچ مان اولھ پاسي الھندو نارو ۽ اوڀر ۾ اڀرندو نارو نڪرندا ھئا. الھندو نارو اڄ جي رائيس ڪينال، ميھڙ ويجهو گذري اڄ جي گوزو شھر وٽان ھڪ طرف اڄ جي ايم اين وي جو رستو وٺي منڇر ۾ ڇوڙ ڪندو ھيو جڏھن تہ ڪجهہ حصو اڄ جي ٻوڏ ۾ ٻڏل خيرپور ناٿن شاھ جو ڏکڻ پاسو وٺي سيتا روڊ شھر جو ڏکڻ وٺي دريا ۾ ڇوڙ ڪندو ھيو. سيتا روڊ شھر جي ڏکڻ ۾ وس ۽ اڻ وس باوجود ڍنڍ جي موجودگي انجو اھڃاڻ آھي. ائين ئي اڀرندو نارو جيڪو سنڌو درياءَ جو مددي درياءَ جي حيثيت رکندڙ ھيو، ستلج دريا جي پڇڙي سمجهيو وڃي ٿو ۽ ڪنھن جاءِ تي ھاڪڙو يا پراڻ سڏيو وڃي ٿو اڄ جي نارا ڪئينال جي راھ جي لنگهن کي پار ڪري ”ڪاري کاريءَ“ وٽ گهاري وٽ سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو ھيو يا ڪڇ طرف ھليو ويندو ھيو جنھن کي ڪڇ جي حڪمرانن سان جهيڙي کانپوءِ سنڌ جي حاڪم غلام شاھ ڪلھوڙي بند ڏيئي روڪي ڇڏيو ھيو. ائين بہ ٿيو آھي تہ مختلف ڍورن ۾ ڦھليل ۽ وھندڙ سنڌو جي ٻوڏ جو پاڻي درياءَ لھڻ جي صورت ۾ ٻوڏ جو پاڻي ڪوٽڙي ڪبير کان ڦيرو کائي سڳيون وٽ دريا ۾ واپس ھليو ويندو ھيو. اڃا بہ دريا جي ٻوڏ ڍورو ڪري شھدادپور تائين وھي ھلندي ھيو ۽ دريا جي لاٿ جي نتيجي ۾ اھو پاڻي ٽنڊو آدم جي اتر ۾ سڪرنڊ وٽ دريا ۾ واپس ڇوڙ ڪندو ھيو. حاصل مطلب اھو تہ سنڌو دريا ۾ غيرمعمولي ٻوڏ پنھجي لٽ واري پٽن تي پنھنجي تاريخي حدن ۾ ئي پنھنجو وھڪرو مٽائي مسلسل اڳتي پوئتي پيو ٿيندو ھيو ۽ الھندي توڙي اڀرندي ناري جي مختلف وھڪرن ۾ سفر ڪري واپس دريا ۾ پنھنجي ٻوڏ ڇڏيندو ھيو ۽ درياءَ ۾ وھڻ شروع ڪندو ھيو. سنڌ کان سوين ميل پري اتر اولھ ۾ ڪوھ سليمان ۾ برسات جو پاڻي بہ اڄ جي ڊيرا غازي خان ۽ راجنپور سميت سنڌ سان ڪھلو ڪلھي ۾ ملائي بيٺل بلوچستان جي درياءِ مُولا ۽ درياءِ بولان سميت نئين گاج جي مددي وھڪرن جو برساتي پاڻي ڍورا بڻجي سنڌو درياءَ جي اولھ ۾ ئي ڇوڙ ڪندو ھيو انھي پاڻي سان ڪچي ڪاڇي جا ماڻھو جهيڙيندا بہ ھيا پنھنجون وسنديون بہ بچائيندا ھيا تہ انجي پاڻي کي پنھنجون ٻنيون سيراب ڪرڻ لاءِ استعمال بہ ڪندا ھيا. اھي ماڻھو ئي اڄ جي سنڌو جي الھندي ۽ اڀرندي ڪنڌي ۽ الھندي اڀرندي ناري ذريعي وچان سير ڏنل زرخيز لٽن ۽ پٽن کي آباد ڪندا ھئا انھن ئي ماڻھن سکر،. شڪارپور، لاڙڪاڻو، دادو، نوابشاھ، شھداد پور، ٽنڊو آدم، حيدرآباد، سجاول ۽ ٺٽو آباد ڪيا جنھن سنڌ جي معيشِت ۾ ڪرنگهي جو ڪردار ادا ڪيو ۽ ھتانجي تھذيب ۽ تمدن کي وڌايو ويجهايو. اھا ڪھاڻي سکر بيراج کان اڳ جي آھي. 2022 جي غير معمولي بارشن جي نتيجي ۾ برپا ٿيل مھا ٻوڏ سنڌو دريا جي آباد ڪيل شھرن، واھڻين ۽ وسندين کي تاراج ڪري ڇڏيو آھي سنڌو دريا جي تازي قھر کان صرف سندس جاگرافيائي حدن ۾ موجود اھا سنڌ ئي بچي سگهي آھي جنھنکي سنڌ پنھنجو لٽ ڇڏي زرخيز نہ بڻايو ھيو. ڪوھ سليمان کان ايندڙ ٻوڏ سکر بيراج کان پوءِ پاڻي جا لنگهہ روڪيندڙ ايف بند ٽوڙي حمل کان منڇر ۽ ڪرمپور وٽ درياءَ جا بند ٽوڙي ھڪ سئو ڪلوميٽر ڊگهي ايراَضي ۾ ڦھليل شھر ۽ ڳوٺ تاراج ڪندو واپس درياءَ ۾ ڇوڙ ڪري رھيو آھي جڏھن تہ اڀرندي ناري جي حدن واري درياءُ جي لٽ ذريعي آباد ٿيل سنڌ کي برساتن ٻوڙي ڇڏيو آھي ۽ ڪنھن کي ڪا خبر ڪانھي تہ خيرپور ميرس ضلعي جي وسندي ٺيڙھي کان ٻانڌي تائين ۽ ايل بي او ڊي جي ابتدا نوابشاھ کان بدين ۽ نئون ڪوٽ تائين ڦھليل پاڻي جو نيڪال ڪيئن ٿيندو. ٿي سگهي ٿو تہ ايل بي او ڊي ذريعي انتھائي نقصان ڏيڻ ۽ لاڙ جا اھم شھر تاراج ڪرڻ کانپوءِ اھو پاڻي سمنڊ ۾ ڇوڙ ٿي بہ وڃي ليڪن سري واري سنڌ جي پاڻي کي ڪو لنگهہ ڪونھي جنھن پاڻي کي يا تہ اڀرندو نارو کڻي ويندو ھيو يا ٻوڏ لھڻ کانپوءِ پنھجي قدرتي لنگهن ذريعي واپس درياءُ برد ڪيو ويندو ھيو جڏھن تہ اھي ٻيئي آپشن درياءَ جي قدرتي وھڪرن جي رنڊ روڪ ڪري ھن وقت بند آھن ۽ سوين ميلن تي ڦھليل درياءَ جي اوڀر واري سنڌ پنج کان ڏھ فوٽ پاڻي ۾ ٻُڏل آھي ۽ حڪومت جي مٿي تي ھٿ آِيل آھن. سنڌ جو وزير اعلي چوي ٿوتہ سموري سنڌ ۾ ھن وقت اتر کان ڏکڻ طرف ھڪ درياءَ وھي رھيو آھي. اھو اڌ سچ آھي. سنڌو درياءَ جا تازا وھڪرا موجودہ چوماسي ۾ 6 لک ڪيوسڪ جو انگ ئي پار ڪري سگهيا آھن. جيڪڏھن درياءَ جي ٻنھي ڪنڌين ٻُڏڻ دوران درياءَ ۾ 2010 جي ٻوڏ جيترو چاڙھ ھجي ھا تہ پوءِ سنڌ جي صورتحال ڇا ھجي ھا؟. اڃا بہ اھو تہ جيڪڏھن سنڌ ۾ پيل تازيون برساتون پنجاب ۽ اترين علائقن ۽ سنڌو جي مٿاھين حدن ۾ بہ ايتري مقدار پون ھا تہ پوءِ ڇا ٿئي ھا؟ ۽ اڃا بہ اھو تہ جيڪڏھن انھي سموري خطي ۾ بارشون اڃا بہ وڌيڪ پون ھا تہ پوءِ سنڌ جو ڪھڙو حشر ٿئي ھا ۽ پوءِ جيڪڏھن سنڌو درياءُ قيد مان آزاد ٿي پنھجي لٽ واري الھندي اڀرندي زرخيز پٽِي ۽ قدرتي لنگهن تي وھڻ شروع ڪري ھا تہ پوءِ ڇا ٿئي ھا. سنڌ جنھن جي انساني زندگي جي عمر ھزارين سال ٻُڌائي پئي وڃي انھي عرصي دوران ھيلوڪي برساتن سميت اڃا بہ وڌيڪ خوفناڪ برساتن ۾ ڇا ڇا نہ ڏٺو ھوندو ۽ دريا بادشاھ ڪيئن نہ مستي ۾ جهومي اٿيو ھوندو ۽ پوءِ ائين ئي ڪنھن سال ڪنھن چوماسي ۾ موھن جو دڙو جي تھذيب ڪيئن نہ تاراج ٿي ھوندي سمجهي سگهجي ٿو. ائين بہ ناھي تہ پنھنجا اجها بچائڻ، ان اپائڻ، چوپائي مال جي گاھ چاري لاءِ ڪو سنڌو درياءِ ۽ انجي ڇاڙن جي ماضي ۾ پاڻي جي عارضي رستا روڪ نہ ڪئي ويندي ھوندي. بلڪل ھئي ليڪن اھو صرف عارضي بندوبست ھوندو ھيو تہ جيئن پاڻي کي ڪتب بہ آڻجي ۽ انجي رستا روڪ بہ نہ ٿئي انڪري سنڌ جي سنڌو دريا جي لٽ وارن پٽن ۾ جابجا ۽ ھر ھنڌ واھ ۽ ڪينال بہ ملندا ليڪن دريا جي باقاعدہ رنڊ روڪ 1932ع ۾ سکر بيراج جي تعمير سان ٿئي ٿي درياءَ جي قدرتي وھڪرن۽ لنگهن کي روڪيو ويو يا محدوود ڪيو ويو ۽ ڪوھ سليمان کان ڪاڇي جي پٽن تي بادشاھي ڪندڙ پاڻي جي وشال وھڪرن جي سمورن رستن کي ايف پي بند ذريعي موڙي محدود لنگهہ ذريعي180 چورس ميل جيتري محدود منڇر طرف موڙي انتھائي معمولي ءِ ننڍي گهيڙ ذريعي دريا ۾ ڇوڙ ڪرڻ جو منصوبو عمل ۾ آندو ويو. انھي رستا روڪ ۾ ٻيو مرحلو گُڊو بيراج ۽ دريا جي آزادي تي ٽيون وار ڪوٽري بيراج جي صورت ۾ مليو آھي. سون تي سھاڳو درياءِ سنڌ جي انھن وھڪرن سميت اڀرندي ناري کي نارا ڪينال جي نالي ۾ سوڙھو ڪري، ھاڪڙي، پراڻ سميت الھندي پاسي بلوچستان جي دريائن، ڍورن جا لنگهن تي مسلسل رڪاوٽون کڙيون ڪري روڪڻ آھي جتي شھر، ڳوٺ آباد ٿي ويا آھن . ان کان سوا۽ وڌيڪ ويڌن اھا ٿي آھي تہ سنڌو درياءُ تي دريا جي مزاج کي سمجهڻ کانسوا۽ قائم ڪيل لاڙڪاڻو، دادو، جهرڪ، ٺٽي واريون پليون آھن جن درياءَ جي پاڻي جي رستا روڪ ڪئي آھي نتيجي ۾ دريا جي بندن تي دٻاءُ وڌيو آھي. اڃا سنڌ سان ويڌن اھا بہ ٿي آھي تہ دريا جي ڪچي ۾ زمينداري بند قائم ڪيا ويا آھن جن دريا جي پاڻي کي آزادي سان وھڻ کان روڪي رکيو آھي. جڏھن جولاءِ ۽ آگسٽ ۾ غير معمولي برساتون پيون تہ دريا بادشاھ ذريعي سمنڊ ويندڙ ٻوڏ جي پاڻي اھي رستا ورتا جتان ھو صدين کان سفر ڪرڻ جو عادي ھيو ۽ پوءِ نقصان ڪندو پنھنجا رستا ٺاھيندو وسنديون ٻوڙيندو سمنڊ طرف ڌوڪيندو وڃي رھيو آھي. درياءِ پنھجي الھندي حصي واري ٻوڏ سمنڊ ڏانھن موڪلي رھيو آھي جڏھن تہ اوڀر ۾ گهڻيون رڪاوٽون ھجڻ ڪارڻ پنھجي راھ ٺاھڻ جي جستجو ۾ سڀ ڪجهہ ڊاھڻ جي سفر ۾ آھي. سنڌ جي زرخيز ضلعن ۾ زمينن جو واڌو پاڻي اسڪارپ پروگرام ھيٺ ٽيوب ويلن ذريعي سم نالن ذريعي ايل بي او ڊي ۽ آر بي او ڊي ذريعي سمنڊ ۾ چوڙ ڪرائڻو ھيو ليڪن نہ ڪٿي اسڪارپ پروگرام ئي موجود ھيو نہ موجودہ برساتن ۾ انھي اسڪارپ کاتي جا ٽيوب ويل ئي نظر آيا. دريا جي رستا روڪ ناقص منصوبه بندي ۽ ھنگامي صورتحال جي صورت ۾ ڪو ٻيو پلان نہ ھئڻ جي ڪارڻ ئي سنڌ جي زرخيز پٽن ۽ سنڌو جي لٽ واري زمين تي قيامت صغري برپا آھي. ڊگهي عرصي جي ادارتي ڪرپشن ۽ گذريل ڪجهہ عرصي کان مورڳو ادران خاص طور آبپاشي کاتي جي غير موجودگي صورتحال کي انتھائي گنڀير بڻائي ڇڏيو آھي ۽ سنڌ حڪومت کي سمجهہ ۾ نٿو اچي تہ ڇا ڪجي. تازي ٻوڏ دوران ملڪ جي وزيراعظم شھباز شريف کي شھداد ڪوٽ جي دوري دوران بلاول ڀٽو جي موجودگي ۾ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاھ ۽ نادر مگسي وچ ۾ بريفنگ دوران پاڻي کي رستي ڏيڻ جي تڪرار تي شھباز شريف جي چپن تي مسڪراھٽ پيغام ڏيئي رھي ھئي تہ سنڌ جي آبپاشي کاتي کي آبپاشي کاتي جا ماھر، انجنيئر، ٽيڪنيڪل ماڻھو نہ بلڪہ سنڌ جا سياستدان، وزير سندن ڪمي، ڪاراوا ئي ھلائي رھيا آھن. پاڻي کي ڪٽ بہ انھن جي مرضي سان اچن پيا ۽ پاڻي کي رستو ڏيڻ جو ڪم بہ انھن حوالي آھي. اھا ڳالھ تہ اقوام متحدہ جو سيڪريٽري جنرل اينتونيو گوتريس بہ پنھنجي دوري ۾ وزيرن ۽ ڪامورن جي بريفنگ ۾ سندن مھانڊا ڏسي سمجهي ويو ھوندو تہ سنڌ ۾ غيرمعمولي برساتن جي نتيجي ۾ ٿيل تباھي ۽ بربادي جو ڪارڻ صرف ماحولياتي گدلاڻ ۽ ماحول جي تبديلي ناھي ڳالھ گهڻي اڳتي، گهريءَ ۽ گنڀير آھي.
سنڌ جيڪا قيامت صغري ڏٺي ۽ جيڪا تباھ برباد ٿيڻي ھئي اھا تہ ٿي ويئي، وسنديون شھر مليا ميٽ ٿي ويا، روڊ رستا انفرا اسٽرڪچر مٽي جو ڍير ٿي ويا، زراعت ختم ۽ گهر يا تہ رھيا ناھن يا رھڻ جي لائق ناھن . چوطرف بيٺل ٻوڏ جو پاڻي ٻوڙڻ کانپوءِ ھاڻي مليريا، دست الٽين، پيچش جو مرض۽ ڊينگي سميت مختلف موتمار بيمارين جو جو ڪارڻ بڻجي آدم بو ڪندو، بي سروسامان سنڌ جي مخلوق ۾ ڪاھي پيو آھي جنھن مان ظاھر اھوئي ٿئي ٿو تہ تباھي بربادي سنڌ ۾ پنھجا نوان رڪارڊ قائم ڪرڻ جي ڪڍ لڳل آھي.
گذريل ھڪ سئو سالن ۾ سنڌو دريا جا قدرتي پيچرا بند ڪرڻ جو نقصان سنڌ جي تباھي ۽ بربادي جي صورت ۾ ظاھر ٿيو آھي ۽ سنڌ جيڪب آباد کان نئون ڪوٽ تائين ڪيئي ڍنڍن جو ڏِک ڏيئي رھي آھي، جنھن مان پار اڪرڻ لاءِ ڊگهو عرصو ۽ وسيلا درڪار آھن ليڪن موجودہ ماحولياتي گدلاڻ جي نتيجي ۾ پيدا ٿيل تبديلي کي ڏسي لڳي رھيو آھي تہ جيڪڏھن آئيندہ ڪا غير معمولي بارش پئجي ويئي، 2010 جي ٻوڏ ۽ 2022 جي بارش جو ميل ٿي پيو، سنڌو درياءَ، جيڪڏھن سنڌ جو سائر، مھا سنڌ ساگر بڻجي پنھنجي لٽ ھيٺ آيل پٽن تي ھڪ ئي وقت اتر کان ڏکڻ طرف سفر ڪرڻ شروع ٿيو تہ پوءِ جوھي ۽ ميھڙ بڻجي ڪي وسنديون تہ متان بچي بہ وڃن ليڪن باقي سنڌ جيڪا سنڌو جي لٽ تي زرخيز پٽ بڻجي پنھنجي وطن جي ڌن وان بڻيل آھي اھا تاريخ جي ورقن ۾ موھن جي دڙي جيان ھڪ ياد بڻجي تہ رھجي ويندي ليڪن سنڌ وارا شايد ڳولئي بہ ڪو نہ لڀيندا.

جوھي رنگ بند 2010 کان 2022 جو سفر

جوھي شھر جي وسنديءَ بچل رند جي اوڀر۽ حاجي خير محمد رند جي باغ جي اولھ ۾ بند تي ھڪ شامياني ۾ ڪجهہ ماڻھو وِيٺل آھن جيڪي عذر خواھي وصول ڪري رھيا آھن. بچل رند واسي مشھور زمانہ جيالي مرحوم اعظم رند جي نياڻي، سرائي قربان رند جي گهر واري ڪراچي ۾ روڊ حادثي ۾ فوت ٿي ويئي انجو تڏو نہ ڪراچي ۾ ٿيو نہ اھو ڳوٺ بچل رند ۾ ڪيو ويو بلڪہ اھو تڏو بچل رند جي اوڀر ۾ جوھي جي رنگ بند تي ڪيو ويو. ھي رنگ بند جي اھا انتھائي نازڪ پوائنٽ آھي جنھنکي بچل رند واسي گذريل ڏھ ڏينھن کان سنڀاليو ويٺا آھن. بند تي پاڻي جو چاڙھ ٿئي، ان ۾ ڪا رُوڻ لڳي رندن ۾ رُومڙ پئجي ويندي، ”جوھي رنگ بند “ نالي ٺھيل وآٽس اپ گروپ تي وائيس ميسيجن ذريعي سرائيڪي ۾ ھڪ ٻئي کي سڏ شروع ٿي ويندو، راڙا پئجي ويندا ۽ پوءِ رُوڻ تي ائين حملو ٿيندو جيئن چيتو شڪار تي حملو ڪندو آھي ۽ چند منٽن کان پوءِ اھي سڀ سرائي انھي رنگ بند جي ڪنھن ڪُنڊ ۾ سگريٽ پيئندي، تاڙا ملائيندي نظر ايندا ۽ ھر طرف سڪون ٿي ويندو. ”تڏي“ جو رنگ بند تي ڪرڻ ھنگامي صورتحال جي احساس جي علامت آھي تہ جيئن ڪيرعذر خواھي جي نالي پنھنجي حوالي ٿيل رنگ بند جي ٻانھِين ۽ دنگ کي ڇڏي نہ وڃي. پنھنجي ڳوٺ، جوھي شھرکي بچائڻ جو احساس ذميداري کين نہ صرف ٻوڏ جي پاڻي سان جهيڙڻ تي مجبور ٿو ڪري ھو انھن لُنڊين، نانگ بلائن سان رات جو ڪنھن ڪاٺي سان کيڏندي، انھيءَ جو مٿو چٿيندي ملي ٿو جنھن کي ڏسڻ سان شھري بابوئن جو شايد ساھ ئي نڪري وڃي. ھي منظر نامون صرف بچل رند جي سامھون رنگ بند جو ناھي بلڪہ ساڍا ست ڪلوميٽرتي ڦھليل جوھي شھر کي ٻوڏ کان بچاءُ لاءِ ڏنل انھي رنگ بند جو آھي جيڪو جوھي جي ماڻھن اجهاڳ ٻوڏ کان پنھنجي جوھي شھر کي بچائڻ لاءِ ڏنو آھي تہ جيئن سندن ڳوٺ بچي شھر بچي، ٻار ٻچا محفوظ ھجن، ھتان جو روزگار بچي، ڌنڌا ڌاڙي بچن تہ جيئن در در جي ٺوڪر کائڻ لاءِ سرڪار سميت ڪنھن جو ڳيجهو نہ ٿيڻو پوي. اھو احساس جيڪڏھن گهرو ٿي وڃي تہ پوءِ اھو ماڻھو پنھنجي دنگ ۾ موجود پنھجا ننگ بہ ٻاھر نہ ڪڍندو آھي تہ دنگ بہ نہ ڇڏيندو آھي، پنھجا بند ٻڌي جوھي بچائي ڏيکاريندو آھي تہ مشھور زمانہ آبپاشي ادريس راجپوت سميت 2010 جي ٻوڏ ۾ جوھي جي لازوال ڪردار تي دنيا دنگ بہ رھجي ويندي آھي.
ساڍا ست ڪلوميٽر ڊگهي رنگ بند تي ڪوئي چند ڪلاڪ گهمي ڏسي تہ انساني، شھري دماغ دنگ رھجي ٿو وڃي. رنگ بند جي 10 کان 15 فوٽ گھري ٻوڏ واري پاڻي جي پاسي سڀ کان اڳ لڪڙن جي ڊگهي قطار لڳل آھي جنھن کان پوءِ پلاسٽڪ جي ڪلي وڇايل آھي جيڪا ڪناري تي لڳل پلاسٽڪ جي پاچڪن کان مٿان آيل آھي، انکانپوءِ مٽي جو تقريبن 15 فوٽ ڊگهو بند آھي. جنھن جي ٻئي ڇيڙي تي مٽي سان ڀريل پلاسٽڪ جا پاچڪا پيل آھن. جيئن ئي پاڻي چڙھڻ شروع ڪري ٿو ڊگهي رنگ بند تي تہ ھڪ ئي وقت پاچڪا لڳي وڃن ٿا ۽ انھن جي پويان اڳ۾ ئي ڪنھن جاءِ تي موجود مٽي سان ڀريل ڊمپر جي انجڻ ۾ چرڙاٽ ٿين ٿا ۽ سڄي بند تي ٻوڏ جي پاڻي کان بچاءَ لاءِ لڳل پاچڪن کي پندرھن فوٽ بند کي مٽي جي سپورٽ ڏين ٿا. انھن جو ڪم ختم ٿئي ٿو تہ ڪيڻ لڳل ٽريڪٽر اچن ٿا ۽ انھي مٽي کي ليول ڪري ڇڏين ٿا تيسين سموري رنگ بند تي ھڪ ئي وقت پاچڪن جي ھڪ ٻي کيپ مٽي سان ڀرجي وڃي ٿي ۽ صورتحال وري نارمل ٿي وڃي ٿي. اھو سمورو ڪم ھڪ ئي وقت کن پل ۾ ٿيو وڃي ٿو انھي ڪم ۾ ڪو انجنيئر ڪونھي، ڪوئي آبپاشي کاتو ڪونھي ڪوئي روينيو کاتو شامل ناھي جيڪي ٻوڏ جي پھرين ڏينھن کان رنگ بند تان گڏھ جي مٿي تان سڱ جيان گم آھن. انھي سڄي رنگ بند تي غيرمعمولي روشني ڏيندڙ سرچ لائيٽون لڳل آھن جيڪي غائب رھندڙ بجلي ڪارڻ جنريٽر تي ھلايون وڃن ٿيون جنھن کي لڳائڻ سميت ھلائڻ جو ڪم بہ رنگ بند تي ڪم ڪندڙ شھرين ۽ نوجوانن جو آھي. ائين ئي رنگ بند تي موجود رضاڪارن جي ماني کاڌ خوراڪ چانھن پاڻي جو ڪم شھرين ۽ مخير حضرات سنڀالي ورتو آھي. رنگ بند تي ھڪ ئي وقت موجود ھزارين رضاڪارن جي ايڏي غيرمعمولي سرگرمي ڪا معمولي سرگرمي ناھي بلڪہ تحريڪ بڻيل آھي جنھن ۾ جوھي شھر ۾ موجود صحافين سميت جوھي شھر سان واسطو رکندڙ قومي، مقامي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ سوشل ميڊيا سان لاڳاپيل اسلام آباد ڪراچي حيدرآباد لاھور ۾ موجود صحافين جي جوھي جي ٻوڏ ۽ رنگ بند جي تحريڪ کي توانائي ڏيڻ ۾ اھم ڪردار آھي. ھن ٻوڏ جي ڪارڻ جوھي تعلقي جون اڪثر اسپتالون ٻوڏ ۾ ٻُڏل آھن انڪري مريضن جو سمورو وزن تعلقي اسپتال جوھي تي اچي پيو آھي جيڪا اڳ۾ ئي وسيلن جي اڻاٺ ۽ شھر کان ٻاھررھندڙ عملي جي ٻوڏ ڪارڻ نہ پھچڻ جي ڪري گهربل سھوليتون ڏيڻ کان قاصر آھي. جيئن ٻوڏ آئي ۽ ماڻھو پنھجا اجها ٻوڙائي اچي جوھي شھر جوھي شھر جي روڊن رستن، ايف پي بند تي بي يار و مددگار اچي ويٺا تہ جوھي شھر ۾ موجود ھڪ شادي ھال کي ان ھال جي مالڪ مھرﷲ جمالي ڪجهہ پنھنجي ھڙان وڙان ڏيئي فري ميڊيڪل ڪيمپ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو جتي روزانہ ھڪ ھزار جي لڳ ڀڳ مريضن جو مفت علاج ٿي رھيو آھي جنھنجي دوائن جو روزانو خرچ 4 کان پنج لک آھي ۽ اھو سمورو خرچ جوھي شھر سميت ٻين علائقن جا مخير حضرات برداشت ڪري رھيا آھن ائين ئي انھن ڪيمپ ۾ ڊاڪٽرن سميت باقي عملو بہ گذريل ڏينھن کان رضاڪار طور ڪم ڪري رھيو آھي. انھي ڪيمپ ۾ مريضن جو گهڻو تعداد عورتن ۽ ٻارن تي مشتمل آھي جيڪي جوھي جي باءِ پاس ۽ بچاءُ بند تي بنا پناھ جي ويٺل آھن. اھي ٻوڏ متاثر ماڻھو نہ صرف ڪنھن پناھ ۽ خيمي کانسواءِ ويٺل آھن بلڪہ انھن کي صاف کاڌو بہ ميسر ناھي جڏھن تہ اھي سيلاب جو گندو پاڻي پي رھيا آھن نتيجي ۾ دست الٽين پيچش تيز بخار ليس کنگه جھڙيون بيماريون ماڻھن کي موت جي منھن ۾ ڌڪي رھيون آھن. ائين ئي جوھي شھر جيڪو چئوطرف ٻوڏ جي پاڻي ۾ گهيريل آھي ۾ ھر طرف گندگي جا ڍير پيل آھن ۽ ھر گهٽي، پاڙي، روڊ رستي ۾ بدبو ڦھليل آھي جنھن سان بہ بيماريون وڌي رھيون آھن جڏھن تہ شھر ۾ ميونسپل ڪميٽي، روينيو سميت ٻيا حُڪومتي ادارا گم آھن. نتيجي ۾ جوھي ۾ انتھائي ننڌڻڪائي واري صورتحال آھي.
ھن سموري روداد ۾ جوھي سميت آسپاس جي شھرين جي ڪاوشن ڪوششن جو ذڪر آھي ليڪن انھي سموري قصي ۾ رياست انجا ادارا جھڙوڪ ميونسپل ڪميٽي، آبپاشي کاتو، روينيو کاتو سميت ٻيا ادار گم نظر ايندا توڙي جو جوھي کي ڏنل رنگ بند تي ٿيندڙ ڪم ۾ آبپاشي کاتي ۽ انجي انجنيئير جو ھجڻ انتھائي ضروري آھي ليڪن ڪوئي موجود ڪونھي، جوھِي شھر گندگيءَ جي ڍير ۾ تبديل ٿي ويو آھي انھي جي صفائي لاءِ عملو بہ مقرر ٿيل آھي ليڪن آفيسرن ۽ ڪم وٺڻ واري مجاز عملي جي غيرموجودگي ۾ شھر جي صفائي جو برو حال آھي جنھنجي ڪري دستن پيچش کان پوءِ ٽائيفائيڊ، سائي جھڙين مھلڪ بيمارين جي منھن ڪڍڻ ۾ ڪا دير نہ لڳندي. توڙي جو شھري جي حيثيت ۾ حُڪمران پارٽِي جا ڪارڪن ھر جڳھ ڪم ڪار ۾ نظر بہ اچن ٿا ليڪن جنھن شئي جو نالو حُڪومت ۽ حُڪومتي ادارا آھن اھي ڪٿي بہ ناھن.
ھتي اھو سوال ضرور پيدا ٿئي ٿو تہ ھي رياست جيڪا ھن ملڪ جي شھرين جي جان ۽ مال جي رکوال آھي ھتي قائم حُڪومت جيڪا اھڙي ناگھاني ۽ المياتي صورتحال ۾ بي يار و مددگار بڻيل شھرين جي بچائڻ، مدد ڪرڻ ۽ بحال ڪرڻ جي ذميدار آھي انکي ڇونہ انصاف جي ڪٽھڙي ۾ آڻجي. اھي ادار ڇو حرڪت ۾ ناھن جيڪي روز روز جي مسخري تي دنيا جھان کي ڪٽھڙي ۾ بيھاري ٿا ڇڏين.
2010 جي مھا ٻوڏ ۾ پنھنجي شھر کي جان جي بازي لڳائي جوھي واسين جوھي کي بچائي مثال قائم ڪيو ھيو ۽ پنھنجا دنگ ۽ رنگ بند نہ ڇڏي رمضان شريف جا روزا بہ رنگ بند تي رکيا ۽ ڇوڙيا ھيا ۽ عيد نماز بہ رنگ بند تي پڙھي ھئي. اڄ بہ سرائي اعظم رند جي نياڻي جي موت تي قربان رند، بالو رند، سعيد رند، سرور رند، منير رند ڳوٺ بچل رند ۾ تڏو ڪرڻ بجا۽ رنگ بند تي تڏو وڇائي عذر خواھي وصول ڪري رھيا آھن تہ پنھنجي رنگ بند جي چوڪسي بہ ڪري رھيا آھن. اھو تڏو سرائي اعظم رند جي نياڻي جو تڏو ناھي شايد اھو سنڌ حُڪومت جي ڪارڪردگي جو تڏو بہ آھي جيڪا 2010 ۾ ڪونہ ھئي ۽ ھاڻي بہ غيرموجود آھي. جوھي واسين 2010 ۾ ڏسي ورتو ھيو ۽ ھاڻي بہ سمجهي ورتو آھي تہ ھي رياست، ھتي قائم وفاقي ۽ سنڌ حُڪومتون سندن حال ڀائي ناھن ٿيڻيون. اھائي سوچ ھر گذرندڙ پل ھر ايندڙ آفت کان پوءِ وڌيڪ گهري ٿي رھي آھي. جنھن طريقي سان ڪشمور گهوٽڪي کان حيدرآباد ۽ نئون ڪوٽ تائين سنڌ لُڙھي ويئي آھي ۽ لوڙھائي ويئي آھي تہ پوءِ نتيجي ۾ اھو ٿيڻ ۾ بہ دير ناھي لڳندي جيئن مرتضي ڀٽي جي موڀي پٽ ذوالفقار جونيئر ڪجهہ ڏينھن اڳ چيو آھي، “ھونئن بہ جنگيون ۽ سيلاب انقلابن کي جنم ڏيندا آھن يا انارڪي کي، ٻي عالمي جنگ آڪتوبر انقلاب کي جنم ڏنو ۽ اڀرندي بنگال جي سيلاب بنگلا ديش کي. “
ڏسجي 2022 جي مھا ٻوڏ جي وچ سِير ۾ گذرندڙ پل ۽ وقت سنڌ، ھن ملڪ کي ڪھڙي پاسي وٺي وڃي ٿو.

2022 جي ٻوڏ ۽ وقت سان جهيڙيندڙ سنڌ

منھنجا گهر ڀاتي اباڻي وطن جوھيءَ گهمڻ ويا، ٽن ڏينھن کانپوءِ واپس حيدرآباد پھتا تہ سندن سامان ۾ سرنھہ جي ڪچڙي ڪچڙي ساڳ سان گڏ تازي تازي پالڪ بہ ھئي. ساڳ ۽ پالڪ جي تازي تازي ھُٻڪار پلازا جي ننڍڙي فليٽ کي مھڪايو پئي. ھن مُند ۾ ھر سال جڏھن ڳوٺان ٿي اچبو آھي تہ گهر ڀاتي ائين ئي سرنھہ، ڄانڀي جو ساڳ ۽ باقي سبزيون ترڪاريون کڻي ايندا آھن. ڪاڇو وُٺو آھي انڪري ڪاڇي جي سرنھہ جي تہ توقع ھئي ليڪن سامان جي ڳنڍڙين ۾ پالڪ جو ھجڻ منھنجي لاءِ غير متوقع ھيو ڇو تہ منھنجي گهر جوھي مان ايندڙ پالڪ ۽ باقي ترڪاريون تہ سائين سليمان رند جي ٻنيءَ مان اينديون آھن جيڪا رنگ بند کان ٻاھر ھئي ۽ ٻوڏ جو پاڻي لھڻ ۽ گپ ھجڻ ڪري اتي پالڪ ٿيڻ جو امڪان نہ ھيو انڪري مون گهر وارن کان سوال ڪيو تہ ڇا ھيل، ڪاڇي ۾ پالڪ بہ پوکي ويئي آھي ؟، جنھنجو جواب مليو تہ اھا پالڪ سائين سليمان رند جي ٻني ۾ ئي ٿي آھي جتان ٻوڏ جو پاڻي نيڪال ڪيو ويو آھي جڏھن تہ چينجاڻي شاخ جي اوڀر ۾ ڪڻڪ پوکڻ جي تياري ٿي رھي آھي. جوھي تعلقي جو ذري گهٽ اسي سيڪڙو علائقو ۽ 70 سيڪڙو آبادي ڪاڇي تي مشتمل آھي ۽ جوھي جي مارڪيٽ جي ريل پيل جو گهڻو تڻو دارومدار بہ ڪاڇي جي زراعت سان وابستہ آھي ڪاڇي ۾ ھن وقت جوئر، گوار، ڄانڀو، سرنھن، تر جهجهي مقدار ۾ پوکيا ويا آھن ۽ پڪي ۾ ٻوڏ ھجڻ ڪري گهڻا خاندان ڪاڇي جي ڪکاون گهرن، پنھجي فصل واري ٻني ۾ ئي رھيل آھن. جوھي شھر ۽ انجي باقي ننڍن شھرن ۽ وسندين کي دادو ۽ انڊس ھائي وي سان ملائيندڙ رستا اڃا پاڻي ۾ ٻُڏل آھن ڇوتہ ٻوڏ جو پاڻي ھنوقت بہ ڇنڊڻ يعني ايم اين وي ڊرين جي الھندي ڪڙ سان گڏ منڇر ڏانھن وھي رھيو آھي. سامان سڙو، سبزيون، دوائون، روزمره جو سامان، دادو مان ٻيڙي يا ٽريڪٽر ٽرالي ذريعي گهرائڻو پوي ٿو جيڪو انتھائي مھانگو پوي ٿو ۽ مھانگو وڪرو ٿئي ٿو. ليڪن جوھي جي زندگي جي آزمائش وارين گهڙين ۾ ڪاڇي جو سرسبز آباد ٿيڻ ۽ ڪجهہ بيراج ايريا ۾ ڪي سبزيون ترڪاريون ٿيڻ ۽ شايد مقامي بوسي طريقي سان ڪڻڪ ٿيڻ جي اميد ڪنھن نعمت کان گهٽ ناھي.
اڄوڪي 31 آڪٽوبر واري سنڌ ايڪسپريس کي انٽرنيٽ تي ڏسندي خيال آيو تہ ڇونہ ٻوڏ ۽ پاڻي ۾ ڦاٿل سنڌ جي علائقن جون خبرون ڏسجن. سنڌ ايڪسپريس جي ٻئي صفحي تي ذري گهٽ ٻاويھ خبرن ۾ ٻوڏ ۽ انجي پاڻي نيڪال ٿيڻ جي ڪا خبر ڪونہ ھئي، جاتي ۾ فلٽر پلانٽ متعلق احتجاج، لاڙڪاڻي ۾ پيرسن جوڙِي جي نياڻي جي مبينہ قتل تي احتجاج، دادو ۾ دوڪان تي مبينہ قبضي، مورو ۾ ڪوٽا تي نوڪريون نہ ملڻ، نصيرآباد ۾ صحافي کان ڦر، خيرپورميرس ۾ بااثر جوابدار خلاف احتجاج، ڪشمور ۾ وڌندڙ بدامني، حيدرآباد ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ ۽ باڊھ کي تعلقي جي حيثيت ڏيڻ جون خبرون ھيون جنھن مان اندازو ٿئي پيو تہ سنڌ جو ماڻھو ٻوڏ ۾ برباد ۽ دربدر ٿيڻ باوجود پنھنجي مدد پاڻ ھيٺ پنھنجي روزمره جي ڪرت سان لڳي ويو آھي. اخبار جي بيڪ پيج تي سنڌو دريا جا قدرتي لنگهہ، رستا بحال ڪرڻ جي حوالي سان ميرپور خاص ۾ ٿيدڙ ھڪ سيمينار جي خبر آھي، ھڪ ٻي خبر ٽنڊو آدم شھر مان سانگهر جي ڊپٽي ڪمشنر پاران روڊ جي ڪٽ مان پاڻي نيڪال ٿيڻ واري ھنڌ گُندڙا ھڻي رستو بحال ڪرڻ جي آھي جڏھن تہ اڳئين صفحي تي سنڌ جي وزيراعلي جي بيان جي خبر آھي تہ سنڌ مان 70 سيڪڙو برساتي ٻوڏ جو پاڻي نيڪال ڪيو ويو آھي ۽ باقي پاڻي بہ جلدي نيڪال ڪرائي ربيع جو فصل ڪرايو ويندو. انھي خبر سان گڏ اسلام آباد مان خبر آھي تہ ھن سال ڪڻڪ جو پيداواري حدف 28 ڏھائي 37 ملين ٽن مقرر ڪيو ويو آھي. ساڳي ڏينھن واري انگريزي روزنامي ڊان اخبار ۾ پوئين صفحي تي اھم خبر اقوام متحدہ جي ھڪ اداري جي حوالي سان ھيٺين سرخي طور ڏنل آھي تہ “ٻوڏ جو پاڻي نڪرڻ کانپوءِ سنڌ جي 98 سيڪڙو زرعي زمين ايندڙ فصل لاءِ تيار آھي انڪري ڪوشش ڪري آبادگارن کي ٻج ۽ ڀاڻ جي سھولت مھيا ڪئي وڃي. “
ڪجهہ ڏينھن کان چيو پئي ويو تہ سنڌ ۾ ھن سال ڪو بہ فصل نہ ٿيندو تنھن کي سنڌ جي ماڻھن جي حيران ڪندڙ خودرو سرگرمي غلط ثابت ڪيو آھي ۽ اھو انھي ڳالھ کي بہ ثابت ٿو ڪري تہ رياستون ۽ ادارا ٺھڻ کي تہ 200 سال بہ نہ ٿيا آھن ليڪن اھڙين ٻوڏن ۽ برساتن سان منھن ڏيڻ، سنڌ ۽ سنڌ واسين جي جاکوڙ ۽ جدوجھد جُڳن کان ۽ گهڻي پراڻي آھي. سنڌ جو زرخيز خطو اولھ ۾ کيرٿر ۽ اوڀر ۾ ٿر جي صحرا وچ ۾ پنھجي ئي زرخيز لٽ جو تحفو آھي جيڪو سنڌو درياءُ جي ٻنھي پاسي گڏائي 150 کان 200 ڪلوميٽر ويڪرو ۽ تقريبن پنج کان ست سئو ڪلوميٽر ڊگهو آھي. گُڊو کان مٿي جتان اڄ جي سرزمين سنڌ شروع ٿئي ٿي سو ماڳ سمنڊ جي سطح کان ساڍا ٽي سئو فوٽ مٿي آھي . جنھنجو مطلب تہ ايتري ڊيگه ۾ موجود پاڻي کي صرف ساڍا ٽي سئو فوٽ ھيٺ سمنڊ ۾ ڪرڻو آھي تہ پوءِ ايتري معمولي لاھندي ۾ پاڻي جو سمنڊ ۾ ڇوڙ ٿيڻ تہ تمام گهڻو وقت وٺندو جنھنکي ھاڻي تہ الائي ڪيترا روڊ رستا وسنديون رڪاوٽ جي صورت ۾ موجود آھن انڪري انھي پاڻي سان نڀائڻ بہ سنڌ سکي ورتل آھي جنھنجا ڳولھا ڦولھا کانپوءِ تاريخ ۾ گس ۽ پيرا ملي پوندا. ڪچو، ڪاڇو، ٿر، ڪوھستان جو ماڻھو سال ۾ ھڪ دفعو ھڪ ماڳ کان ٻئي ماڳ طرف ويندو پئي رھيو آھي. سانوڻ وسندو آھي، ڪچو ٻڏندو آھي تہ سنڌو جي الھندي ڪچي ۽ ڪنڌي وارا ماڻھو ڪاڇي ۽ ڪوھستان ڏي ھليا ويندا ھئا ۽ اڀرندي ڪچي ۽ ڪنڌي وارا ماڻھو بدين ذريعي ٿر جو رخ ڪندا آھن. سانوڻ ۽ درياءُ ۽ ڪچي ۾ ٻوڏ جي نتيجي ۾ اھي ماڻھو درياءُ جي ٻوڏ لھڻ کانپوءِ ڪچو ۽ بيراج علائقو آباد ڪرڻ لاءِ ڪڻڪ جي پوکي جي مند ۾ واپس پنھنجي اڳين ماڳن ڏانھن موٽي ايندا آھن. انھي وقت جي سنڌ واسي جا ڪچي ڪاڇي، ٿر ڪوھستان ۾ ڪکاوان گهر ھوندا ھئا جنتي ڪو گهڻو کشٽ ۽ ڪشٽ ڪونہ ٿيندو ھيو ۽ ٿوري لم ٺپ کانپوءِ اھي گهر رھائش لاءِ تيار ھوندا ھئا. ھن دفعي جڏھن برساتي ٻوڏ اچانڪ قھر کڻي آئي تہ ھيڪر ماڻھو روڊن رستن بندن ۽ ٽينٽن ۾ ويھي رھيا ۽ ڪجهہ انتظار بہ ڪيو ويو تہ متان ڪا سرڪاري واھر ٿئي ليڪن اھو سمجهڻ ۾ سنڌ واسين کي ڪو گهڻو وقت ڪونہ لڳو تہ پنھنجي مڙسي نہ ڪبي تہ نہ واپس پنھجي ماڳن ڏي وڃي سگهبو نہ وري ايندڙ فصل ئي ٿي سگهندو ماڻھن پنھنجي مقامي لوڪ ڏاھپ کي ڪتب آڻيندي، پنھجي ماضي ڏي موٽ کائيندي، تاريخ دھرائيندي آسپاس جي ماڻھن، وسندين سان پراڻا رابطا بحال رکيا ھڪٻئي کان معلومات بہ ورتي ۽ سرڪار جي مدد ۽ انتظار ۾ ويھڻ بجاءِ پنھجون ٻنيون، دنگ ھڪٻئي جي مدد سان پاڻي کان خالي ڪيا ويا بلڪہ پنھنجي ماڳن ڏانھن موٽي پنھنجي زمينن کي آباد ڪرڻ جي منصوبه بندي بہ ٿي رھي آھي، جڏھن تہ سنڌ حڪومت اڃا تائين پنھنجون اوليتون طئي ڪرڻ ۾ پوري آھي تہ پھريان روڊ رستا بحال ڪجن، پوءِ پاڻي نيڪال ڪجي، پوءِ زمين جي ريج ھيٺ ٿئي ۽ پوءِ ڪھڙو ۽ ڪيئن فصل ھجي انجي تياري ڪجي.
ھڪڙو سبق ھن ٻوڏ ۾ سامھون آيو آھي تہ جتي عوامي سرگرمي ۾ سگهہ ھئي اتي حُڪومت کي ماڻھن سان گڏ بيھڻو پيو آھي ليڪن جتي صرف ۽ صرف سرڪار تي ڀاڙيو ويو اتي نہ صرف شھر وسنديون ٻُڏيون بلڪہ اتي ھن وقت تائين پاڻي نيڪال نہ ٿي سگهيو آھي. ھن ٻوڏ جي دلخراش داستان خيرپورناٿن شاھ، جهڏو ۽ ٺري ميرواھ شھرن جي آھي. خبرن مطابق 28 آگسٽ جي ڏينھن چند ڪلاڪن جي سرگرمي سان خيرپور ناٿن شاھ جي ماڻھن 32 لک روپيہ چندو ڪري ورتو ليڪن سرڪاري ڪارندن جي ھٿ ھمراھي نہ ڪرڻ ۽ عوامي نمائندن جي غيرسرگرمي جي نتيجي ۾ اھا پھل ڦلدائڪ نہ ٿي سگهي ۽ ذري گهٽ ھڪ لک آبادي جو خوبصورت شھر گندي پاڻي جي ڍنڍ ۾ تبديل ٿي ويو. ليڪن پوءِ خيرپور ناٿن شاھ سکي ورتو جتي غيرمعمولي ۽ ڪمال جي انفرادي توڙي باھمي سرگرمين جنم ورتو نتيجي ۾ خيرپور ناٿن جو شھر ڪافي شھرن کان اڳ روڊ رستي بحال ٿيو آھي انھي ۾ شھرين جي خودرو سرگرمي جو اھم ڪردار آھي ائين ساھتيه پرڳڻي جون جيڪي وسنديون گندي پاڻي مان آزاد ٿي فصل لائق ٿي رھيون آھن انھي ۾ بہ مقامي ماڻھن جو پورھيو ۽ ڦوڙيءَ اھم ڪردار ادا ڪري رھي آھي. ماڻھو پنھجي حال سارو چندا، ڦوڙيون ڪري گندو پاڻي نيڪال ڪري ربيع جي فصل جي لاءِ زمين تيار ڪري رھيا آھن جڏھن تہ انھي معاملي ۾ حُڪومت جو ڪردار اھو ناھي جيڪو جديد رياست جي دين آھي جيئن اھڙين آفتن جي نتيجي ۾ ڪيوبا سميت ڏکڻ آمريڪا، فلپائين، جاپان ۽ آسٽريليا ۾ ٿيو آھي اھو سڀ ڪجهہ انھي ڳالھ جو مظھر آھي تہ پراڻي پنچائتي نظام، ڀائپي . برادري، پاڙيگيري جي ھاڻي بہ اھميت موجود آھي جنھن کي استعمال ڪري گهڻو ڪجهہ ڪري سگهجي ٿو. اقوام متحدہ جي ھڪ اداري جي مٿي ڄاڻايل رپورٽ مطابق سنڌ جي 98 سيڪڙو زمين فصل لاءِ تيار آھي تہ پوء گهٽ ۾ گهٽ اھو ڪجي تہ جتان پاڻي نڪري ويو آھي اتي ڀڳل واھ ٻڌجن، آبادگارن کي ٻج ۽ ڀاڻ جي سھولت بہ ڏجي.
2010ع جي ٻوڏ بہ درياءَ جي ساڄي ڪنڌيءَ جي ڇھن ضلعن کي تاراج ڪري لکھا ماڻھو دربدر ڪري ڇڏيا ھيا ۽ خيرپورناٿن شاھ شھر تڏھن بہ گندي پاڻي جي ڍنڍ بڻجي ويو ھيو ليڪن پوءِ ماڻھو پنھنجي پيرن تي بہ بيٺا ۽ انھي علائقي ۾ ربيع جي مند ۾ فصل بہ ٿيا جن ۾ انھي علائقي ۾ وسيع پيماني تي تازو وارد ٿيل، سورج مکي جو پيلو فصل تہ نظر ۾ ئي نہ پئي ماپيو ۽ خيرپور ناٿن شاھ جي ھڪ لک آبادي جو شھر زندگي جي بھار سان واسجي ويو ھيو.
ھاڻي بہ سنڌ جا ماڻھو ضرور آباد ٿيندا، سرنھہ جا پيلا گل ڦلھار بڻجي ھر وسنديءَ کي واسي بہ ڇڏيندا ۽ سورج مکي جي پيلي گل ۾ موجود تيل سنڌ جي سينڌ جو سيندور بڻجي کيس خوشحالي جي ھڪ نئين سفر ڏي وٺي ويندو، ڇو تہ ٻُڏي، تري، اٿي، بيھڻ سنڌ جي تاريخ آھي. ليڪن پوءِ اھو بہ ياد رھندو تہ انھي مشڪل، اذيت، آزمائش جي گهڙي ۾ کيس جديد رياست، انجا گهربل وسيلا، انجا ادارا نہ مصيبت کان اڳ خبردار ڪرڻ ۾، نہ دربدري ۾، اٽي لٽي اجهي لاءِ نہ وري، بحالي ۾ ھٿ ھمراھي ٿيا، جنتي ملڪ جي آئين قانون ۽ ماڻھن جي ڀروسي ذميواريون عائد ڪيون ھيون. اھي ذميواريون جنجي نڀائڻ سان قومي قيادت بڻبي آھي ۽ قومون بہ بڻبيون آھن جيڪي دنيا آڏوغيرمعمولي عظيم قوم جو مثال ٿي سامھون اينديون آھن.

ٻوڏ منجهہ جيون جي جنگ (چوماسي جي برساتي ٻوڏ 2022ع)

خيرپور ناٿن شاھ شھر جي باءِ پاس تي کونھارو پيٽرول پمپ جي ڏکڻ ۾ قائم پٺاڻ ھوٽل تي ماڻھن جو ڳاھٽ ۽ غيرمعمولي چھل پھل آھي. ھوٽل جي نسبتن صاف سٿري ڊائيننگ ھال ۾ ٻوڏ متاثرين جي واھر لاءِ علائقي ۾ ڪم ڪندڙ اين جي اوز جا ماڻھو، سفيد پوش جڏھن تہ ٻاھر شٽر ھيٺان روڊ تائين ڦھليل ڪرسين تي شيو وڌيل، ميرن ڪپڙن، اٻالن حالن ۾ ماڻھوئي ماڻھو ويٺل آھن. ڪرسين ميزن تي پيل جڳن، گلاسن، چانھ جي ڪوپن، ڀاڄي جي خالي پليٽن، رڌڻيءَ ۽ چانھ ٺاھڻ واري جاءِ تي مکِيُن جو راڄ آھي ۽ ھوٽل سميت پوري ماحول ۾ گندي پاڻي جي اڻ وڻندڙ بوءِ ڦھليل آھي جڏھن تہ ڊٺل گهرن جي چوڦير پري پري حد نگاھ تائين سائو ميرو گندو پاڻي بيٺل آھي. خيرپورناٿن شاھ جي باءِ پاس تي مسترين جا دوڪان، ٽائر ٽيوب پنچر لڳائڻ وارا دُوڪان، ھوٽل، پيٽرول پمپ کليل آھن ۽ روڊ جي ٻنھي پاسي ٽريفڪ جاري، ساري آھي. خيرپور ناٿن شاھ باءِ پاس تي ٽي مھينا اڳ 28 آگسٽ تي بہ ٽريفڪ جاري ھُئي ليڪن ان ڏينھن ساڳي پٺاڻ ھوٽل سميت باءِ پاس تي راڪاس گهمي ويو ھيو. پڇا ڪرڻ تي ھوٽل جي بيري ٻڌايو ھيو تہ ٻوڏ جي ڊپ کان ماڻھو شھر خالي ڪري ويا آھن جڏھن تہ ماڻھن جو ڪافي انگ ڪاري موري وٽ احتجاج ڪندي ڌرڻي تي ويٺل آھي تہ جيئن جوھي برانچ کي ڪٽ ڏيارجي، ٻوڏ جي پاڻي کي رستو ملي ۽ خيرپورناٿن شاھ شھر تان ٻوڏ جو خطرو ٽري . ان شام ڪاري موري وٽ جوھي برانچ کي ڪٽ بہ آيو ليڪن پوءِ بہ خيرپور ناٿن شاھ شھر ٻُڏي ويو. ٽن مھينن جي دربدري کانپوءِ خيرپور ناٿن شاھ واسي ٻوڏ جي گندي پاڻي ۾ گهيريل پنھنجي ڊٺل گهرن ڏانھن موٽي پاڻي لھڻ جو انتظار ڪري رھيا آھن. پٺاڻ ھوٽل جي ڏکڻ اوڀر ۾ موجود شھباز ڪالوني بہ ٻوڏ جي پاڻي جي گهيري ۾ آھي انھن گهرن ۾ ئي روڊ کي ويجهو ھڪ گهر جي وچ ۾ ڳاڙھي چولي ۽ سفيد شلوار ۾ ملبوس نوجوان ناري چيلھ ۾ پوتي جو سندرو ٻڌي ڪوڏر سان ڊٺل گهر جو ملبو تغاري ۾ ڀري رھي آھي. وڄ جيئن وراڪو ڏئي پاسي ۾ بيٺل ھڪ اڌڙوٽ عورت جي مٿي تي تغاري رکرائي وري ڪوڏر سان ڪجهہ کوٽڻ شروع ڪري ٿي. شھباز ڪالوني ۾ باءِ پاس تان اھو منظر پسندي ڪنھن ڊرامي جو سين پئي لڳو ڄڻ ڊائريڪٽر جي اشاري تي ھڪ ئي وقت سڀ ماڻھو پاڻي جي گهيري ۾ آيل ڊٿل گهرن جي قطار ۾ پنھنجي ڪم سان لڳي ويا آھن. ڪولاچي واھ کان جوھي برانچ وچ ۾ موجود انڊس ھائي وي جي ٻنھي پاسي ڊٺل گهرن جي چوطرف ٻوڏ جو پاڻي ڦھليل آھي. انھن گهرن ۾ بہ ڪوڏرن، بيلچن، ڪھاڙين، ٽريڪم، ٽيانگُھن، کھِيُن سان ماڻھو حرڪت ۾ آھن جيڪي بہ شھباز ڪالوني واري ساڳي اسڪرپٽ مطابق ساڳي ڊراما ڊائريڪٽر جي اشاري تي ڪوئي ڪردار ادا ڪري رھيا آھن. خيرپور ناٿن شاھ کان دادو ايندي ” لڌاڻ “، ” لُولجا “، ”نانگڻ “، ”يوسف نائچ “، جوھي برانچ جي اترين ڪنڌي تي آباد ڳوٺ ” کاٿڙي “ ۾ ماڻھو ٻوڏ منجهہ جهيڙيندي ھڪ نئين زندگيءَ جي شروعات لاءِ جُنبيل آھن. جوھي برانچ ۾ پاڻي جي ٺِنڀ بہ ڪونھي جڏھن تہ ٻوڏ جو پاڻي ڪڍي جوھي برانچ ۾ وجهڻ لاءِ ڪجهہ ڏينھن اڳ جيڪي ”ڊي واٽرنگ مشينون “ ڪتب پئي آيون انھن جو پري پري تائين ڪو نالو نشان ڪونھي. ڪولاچي واھ کان جوھي برانچ وچ۾ ھن مند ۾ انڊس ھائي وي جي ٻنھي پاسي” دخل “ تي پٻڻ ۽ بھ رکي ھر ايندڙ ويندڙ گاڏي کي ڏسي بھ پٻڻ جا ھوڪا لڳندا آھن ماضي جي اھڙي منظر جو ھن وقت ڪو نالو نشان ڪونھي جڏھن تہ ڳوٺ يوسف نائچ جي اتر ۾ ھميشه پٻڻن جي ويڪرن ساون پنن سان سر سبز رھندڙ کڏ ۾ پٻڻ جي ٻُوڙن جون صرف سُڪل چوٽيون ئي نظر اچن ٿيون. لولجا ڳوٺ جي اتر ۾ ٻوڏ جي ڇڏي ويل پاڻي واري ذري گهٽ آلي زمين تي ٻار ڪرڪيٽ کيڏي رھيا آھن. انڊس ھائي وي تي ئي ڪڪڙ جي وسندي لڳ ڳوٺ جاکرو ۾ قائم خيمہ بستي ۾ ايڪڙ ٻيڪڙ عورتون ۽ ٻار موجود آھن جنجا مرد ماڻھو ”لڌاڻ “، ” لولجا“، ”ميرحسن گاڏھي “، ”ڪنڊي چُکيءَ “، ”بيد“، ”مٺي جو ڳوٺ “ ۾ پنھجي ٻڏي ويل گهرن ۾ شايد ٻوڏ جو پاڻي لھڻ جي جاچ تي نڪري ويا آھن .
ٽيپھري ڌاران جڏھن خيرپور ناٿن شاھ کان واپس ٿيندي اسانجي گاڏي دادو کان جوھي موڙ ڏي مُڙِي تہ ٽريفڪ روان دوان ھئي. اسان جي گاڏي آڏو يوريا ڀاڻ جي ٻورين سان ڀريل ٽرڪ جوھي وڃي رھي ھئي جنھن کي ڪراس ڪيو تہ ٻہ ٻيون يوريا ڀاڻ جون ٽرڪون ۽ ھڪ پي ايس او جو آئل ٽينڪر بہ جوھي طرف روان دوان ھيا جڏھن تہ اناج جي ٻورين سان سٿيل ڊاٽسنون وري دادو ڏانھن پئي آيون جن ۾ تازو ڪاڇي ۾ لٿل جوئر جو فصل لڏيل ھيو جنھن جو مطلب اھو ئي ھيو تہ جوھي ۾ معاشي سرگرمي جاري آھي. ڇنڊڻ جنھن مان اٿل کاڌل ٻوڏ جي پاڻي جوھي دادو روڊ ڪٽي ڇڏيو ھيو ان ۾ پاڻي ڪر ھڻي لھي چڪو ھيو جڏھن تہ ٽي سي ايف اسڪول وٽ لڳل روڊ ۾ پائيپ ۽ نول وجهي جوھي دادو روڊ ٽريفڪ لاءِ بحال ڪيو ويو آھي. روڊ جي ڏکڻ ۾ ٻوڏ ۽ گهر ٻڏڻ کان بي نياز ڇوڪرا نُولن، مورين ۾ منڇر ڏانھن رووان دوان تيز وھندڙ پاڻي ۾ ڄار ذريعي مڇي ماري رھيا آھن. ڀڳل روڊ تي موجود گهرا کڏا کٻا سفر جي غير محفوظ ھئڻ جي چغلي کائي رھيا ھيا. جوھي کان ڪجهہ ڪلوميٽر اوڀر ۾ روڊ جي ڏکڻ اتر ۾ ڳوٺ محبت لنڊ ۽ شھمير گاڏھي جي آلي زمين ۾ ڇٽيل ڪڻڪ زمين کي سائو ڪري ڇڏيو ھيو. روڊ سان لڳ ڳوٺ علي محمد مغيري جي اتر ۾ خالي ميدان تي ٻارڙا ڪرڪيٽ جي راند ۾ بيٽ جي مالڪي تان ھٿين پيل آھن، سرائيڪي ۾ ھڪ ٻئي کي گار جا ڌوڙيا ۽ ٻارن ۾ ٽھڪن جا ھوڪرا پيل آھن. جوھي ڪاليج جيڪو سيپٽمبر جي شروع ۾ مڙس تار پاڻي ۾ ٻڏل ھيواتان پاڻي لھي چڪو آھي جڏھن تہ انجي ڊھي پيل ڪمپائونڊ وال واري ھنڌ وڻن جون ٽاريون پناھ طور ڏنل ٻڌائي رھيون ھيون تہ ڪاليج انتظاميہ پنھنجي ڪاليج جي حدن جي سنڀال کان باخبر آھي. ڪاليج سامھون ئي قائم چانھ جي ھوٽل تي روڊ جي ٻنھي پاسي ڪرسين تي جوھي واسي نوجوان پڪا پوڙھا نومبر جي آخري ڏينھن جي ٿڌڙي اس ۾ گرم گرم چانھن جي چسڪين مان مزو وٺي رھيا آھن. رنگ بند جنھنجي ٻوڏ جي پاڻي کان سنڀال ۾ سيپٽمبر ۽ آڪٽوبر ۾ ماڻھن جو ھجوم رھندو ھيوانتي پھر بہ ڪانھي جڏھن تہ انجي پاڙ ۾ وھندڙ چنجاڻي شاخ پاڻي کان وانجهيل ھئي . دادو کان جوھي ۾ داخل ٿيندڙ روڊ تي شھر واري حد ۾ بيٺل گندو پاڻي ميونسپل ڪميٽي جي ڪارڪردگي جو قصو بيان ڪري رھيو ھيو. جڏھن تہ فاضل راھو ۽ مُک چوڪ جيڪي شام جو عام حالتن ۾ پڪوڙن، سمبوسن، مرغي جي سوپ، مڇي، مرغي، ميون جو مرڪز ھوندا آھن اتي ماڻھن، ٻارن، موٽر سائيڪلن، رڪشائن جي ٻيگهي متل ھئي. شھرجي مٽي ھاڻي آلودہ فضا ۾ معمول کان وڌيڪ رش معاشِي ريل پيل جي علامت طور موجود ھئي، جوھي شھر ۽ ان مان نڪرندڙ روڊن رستن تي موٽر سائيڪلن، سائيڪلن، رڪشائن ۽ پيدل ماڻھن جي ڪلھن تي ڄانڀي، سرنھن جو ساڳ ھجڻ اھڃاڻ ھيو تہ ڪاڇي سميت پڪي ۾ بہ ڄانڀو ۽ سرنھن جو فصل ٿيو آھي ۽ اناج کان پھرين قسط ساڳ جي صورت ۾ ھاري ناري جي گهر پھچي ويئي آھي جيڪو مليريا، موسمي بخارن، بک، غذا جي کوٽ جي ماريل جوھي جي ماڻھو لاءِ سوکڙي ۽ نعمت کان گهٽ ناھي. جوھي جي ھڪ مشھور حڪيم جي دعوي آھي تہ جڏھن بہ ساڳ لھندو آھي تہ بخار ۽ مليريا ختم ٿي ويندو آھي ڇوتہ ان ۾ مليريا ڪش دوا ڪوئنين موجود آھي. جوھي واسين چواڻي ڪاڇي ۾ جوئر جو فصل جهجهو ٿيو آھي ليڪن في ايڪڙ پيداوار گهٽ ٿيڻ ٻُڌائي ٿي تہ ھميشه جيان ھن وقت بہ زراعت کاتو آبادگار ۽ ھاري جي رھنمائي لاءِ موجود ناھي جيڪو مند ۽ حالتن آھرفصل ۽ ٻج جي چونڊ ۾ سندن مدد ڪري.
صبح سان جڏھن سيھوڻ ٽپي ٻوڏ جي حد ۾ داخل ٿيا ھياسين تہ انڊس ھاءِ وي وٽان ان ڪٽ ڀرسان بہ گذرڻو ٿيو جتي ڪجهہ ڏينھن اڳ دائود ڦلپوٽو ڳوٺ مان سُکا کڻي ايندڙ وين ڪلٽي ٿي ھئي ۽ 20 کان وڌيڪ عورتون ۽ ٻارڙا اجل جو شڪار ٿي ويا ھيا. انتھائي اونھي ڪٽ ۽ کاھي کي پٿر جي روڙي سان ڀريو پئي ويو جڏھن تہ ڪٽ جي اتر ۾ پٿر سان لوڊ ٿيل ٽرڪن جي قطار لڳل ھئي ۽ روڊ جي انھي پاسي خبرداري لاءِ رڪاوٽون کڙيون ڪيل ھيون. اھڙي ھلچل ڏسندي ذھن ۾ پھريون سوال اھو ئي پيدا پئي ٿيو تہ ڪاش، اھو سڀ ڪجهہ 17 نومبر کان اڳ ٿئي ھا تہ ڳوٺ دائود ڦلپوٽو قيامت جھڙي ڪرب مان نہ گذري ھا. ڀان ۽ سيھوڻ وچ ۾ 17 ڪلوميٽر ڊگهي روڊ ۾ ” آراضيءَ “، ”بختيار پور“، ”ٽنڊو شھبازي “، ”پڪا چنا “ جي مٿاھين وسندين کان سواءِ شايد ئي ڪوئي گهر سلامت ھجي ليڪن ٻوڏ جو پاڻي پري پري تائين لھي ويل نظر آيو، جڏھن تہ ڊٿل گهرن وارن ڳوٺن جي چوطرف سائي زمين ۽ نئين ڦُٽل ڪڻڪ انھي جو اھڃاڻ ھئي تہ سيوھڻ جي نگري جو ماڻھو ڪنھن آسري ۾ ويھڻ بدران پنھجي ھمت، حوصلي سان ٻوڏ ۽ مصيبت سان جهيڙيندي ھڪ نئين زندگي جي سفر تي نڪري پيو آھي.
26 اپريل 1986 ۾ يوڪرين جي چرنوبل ائٽمي بجلي گهر ۾ حادثو ٿيو ھيو، ائٽمي تابڪاري اثرن ڪارڻ ماڻھو مئا، تابڪاري اثرن جي ڪارڻ ڪينسر سميت خطرناڪ لاعلاج بيماريون ۽ صحت جا مسئلا پيدا ٿيا، چرنوبل سميت آسپاس جا شاد آباد خوشحال علائقا ماڻھن کان خالي ڪرايا ويا. 2016 ۾ ھڪ رپورٽ مطابق تابڪاري اثرن جي ڪري ٻہ صدين تائين اتي انساني زندگي جو پروان چڙھڻ ناممڪن ھيو. ليڪن صرف ٻہ ڏھائين ۾ زندگي، فطرت جو سينو چيري ٻاھر نڪري آئي. چند سالن جي برساتن کان پوءِ چرنوبل جي ڇڏي ويل شھر سميت عمارتن ۾ ساوڪ ٿيڻ شروع ٿي، ڪيڙا ماڪوڙا، جيت جڻيا، پکي پکڻ ظاھر ٿيڻ شروع ٿيا اڄ انھي چرنوبل جي ترڪ ڪيل، ناقابل رھائش عمارتن، روڊن، رستن تي، آسپاس موجود جهنگ جي ھر جانور، ماڻھو ڇيڻھُون جي پھر نہ پسندي اچي ديرو ڄمايو آھي. ائين ئي خيرپورناٿن شاھ جي شھباز ڪالوني جي ناري جيان پنھنجي پوتي سندرو ڪري جوھي، ميھڙ سميت سنڌ جو ٻوڏ سٽيل ماڻھو مصيبتن جي مزار تي متولي بڻجي ماتم ڪرڻ بجاءِ زندگي بڻجي اٿي کڙو ٿيو آھي. ٻوڏ جو پاڻي نيڪال ڪرڻ، ٻوڏ جو پاڻي لھڻ کانپوءِ، ٻج، ڀاڻ، فصل جي چونڊ ڪرڻ ۾ گهربل حُڪومتي سھڪار ملي وڃي تہ ھوند ھتانجو ماڻھو ڏھائين بجاءِ تمام ٿوري عرصي ۾ نہ صرف پاڻ بلڪہ پنھنجي وسندين، شھرن ۽ خيرپورناٿن شاھن کي پنھنجي پيرن تي بيھاري سگهي ٿو.

سنڌ جي ٻوڏ ۽ سنڌ حُڪومت جي ذميداري

اڄ ملڪ جي وزيراعظم شھبازشريف خيرپور ناٿن شآھ جي جاکرو خيمہ بستي جو دورو ڪيو جنھن ۾ سنڌ جو وڏو وزير بہ موجود ھيو. 17 لک 60 ھزار آبادي رکندڙ ضلع دادو جي باري ۾ بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو تہ داو ضلع ۾ 8 لک ماڻھو ٻوڏ ۾ دربدر ٿيا آھن. وزير اعظم جي ھڪ سوال تي وزيراعلي سنڌ جواب ڏيندي چيو تہ سڀني ٻوڏ متاثرن تائين خيما نہ پھچائي سگهيا آھيون.
ڪالھ ھڪ ٽي وي چينل سان ڳالھائيندي وزيراعلي سنڌ چيو پئي تہ سنڌ ۾ ھڪ ڪروڙ 80 لک ماڻھو سيلابي ٻوڏ کان متاثر ٿيا آھن جڏھن تہ متاثر خاندانن جو انگ 15 لک آھي. جن ۾ ھن وقت تائين صرف ٽي لک جي لڳ ڀڳ ماڻھن کي تنبوءَ مھيا ڪيا ويا آھن جڏھن تہ ڪافي انگ ۾ ماڻھو سرڪاري عمارتن ۽ اسڪولن ۾ رھايا ويا آھن.
دادو ضلع جي آبادي سترھن لک 60 ھزار آھي جنھن ۾ پراڻي ڊيلميٽيشن مطابق خيرپورناٿن شاھ تعلقي جي ٻارھن يونين ڪائونسلن مان صرف سيتا روڊ، ڪڪڙ، ٻورڙي پاڻي کان ٻاھر آھن ۽ خود تعلقي جو ھيڊ ڪوارٽر، تقريبن 80 ھزار آبادي جو شھر خيرپورناٿڻ شاھ پاڻي ۾ ٻڏل آھي. ميھڙ تعلقي جون پندرھن ئي يونين ڪائونسلون برساتي ٻوڏ جي پاڻي ۾ مڪمل يا جزوي طور ٻُڏل آھن. جن ۾ شاھ پنجو، ڪولاچي، ميھڙ، گاھي مھيسر، ٻيٽو ئي ڪجهہ بچي سگهيون آھن جڏھن تہ پوڻا ٽي لک آبادي رکندڙ جوھي تعلقي ۾ صرف جوھي شھر، بھاولپور، ڦلجي وليج جا ڪجهہ حصا بچي سگهيا آھن جڏھن تہ دادو تعلقو ايم اين وي ڊرين جي سيلابي قھر کان تہ بچيل رھيو ليڪن انجون بہ موندر، پپري، سيال، ڦلجي اسٽيشن يونين ڪائونسلون درياءُ جي ٻوڏ ۾ ٻُڏي ويون آھن. ائين ئي ميڊيا ۾ آيل انگن اکرن مطابق دادو ضلع 90 سيڪڙو ٻوڏ ۾ ٻُڏل ڄاڻايو ويو آھي.
وزيراعظم کي سنڌ سرڪارجي بريفنگ مطابق جيڪڏھن دادو ضلع جي ٻوڏ متاثر آبادي 8 لک مڃي بہ وٺجي تہ ان حساب سان اھي تقريبن سوا لک خاندان ٿين ٿا جن مان تمام گهڻو تعداد اسڪولن ۽ سرڪاري عمارتن کان ٻاھر ايم اين وي ڊرين، ايف پي بند، سپريو بند جي ڪڙُن تي ويٺل آھن جيڪي ميڊيا ۾ مسلسل ايندڙ رپورٽن موجب ھن وقت بہ خيمي ۽ ڪنھن اجهي کان سواءِ ويٺل آھن. ائين جيڪڏھن 8 لک آبادي ۾ حمل وارين عورتن جو انگ ڪڍجي تہ اھو 24000 بيھي ٿو. مطلب تہ دادو ضلع ۾ چوويھ ھزار عورتن کي حمل دوران، ويم دوران ۽ ويم کان پوءِ گهٽ ۾ گهٽ ڪنھن تجربيڪار مڊ وائيف جي ضرورت ۽ سھوليت درڪار آھي ۽ اھو ڪيئن ممڪن آھي تہ جنھن ضلع جي ھڪ تعلقي اسپتال مڪمل پاڻي ۾ ٻڏل ۽ غير فنڪشنل ھجي، جنھن ضلع ۾ موجود صحت مرڪز۽ انھن ۾ موجود ويم گهر پاڻي جي گهيري ۾ ھجن، جتي اسٽاف خاص ڪري زنانو تربيت يافتہ اسٽاف پاڻ ئي ٻوڏ ۾ ڪنھن بند تي اجهي، خوراڪ ۽ پاڻي جي تلاش ۾ سرگردان ھجي تہ اتي حمل وارين عورتن کي اھي سھوليتون ڪيئن ڏئي سگهبيون. اھو تہ ھڪڙي دادو ضلع ۾صرف حمل وارين عورتن سان درپيش مسئلو آھي. سنڌ سطح تي سرڪاري اکرن مطابق تازي برساتي ۽ سيلابي ٻوڏ ۾ھڪ ڪروڙ اسي لک ماڻھي بي گهر ٿيا آھن ۽ پاڪستان ۾ في خاندان 5 کان 6 ماڻھن تي مشتمل آھي ان حساب سان اھي ٻوڏ متاثر خاندان ٽيھ لک ٿيندا جڏھن تہ وزيراعلي سنڌ انھن خاندان جو انگ 15 لک ٻُڌايو آھي. وزيراعلي مطابق سنڌ ۾ ٽي لک جي لڳ ڀڳ خيما ورھايا ويا آھن تہ پوءِ باقي ٽيھ لک خاندانن جي اڪثريت بہ اسڪولن، سرڪاري عمارتن ۾ نہ بلڪہ اھي روڊن رستن بندن تي کليئي آسمان ھيٺ ويٺل آھن جنھنجو ڪو اوھي واھي ڪونھي. جيڪڏھن مڃي وٺجي تہ متاثر آبادي ھڪ ڪروڙ اسي لک آھي تہ پوءِ انھي آبادي ۾ بہ 5 لک کان مٿي حمل واريون عورتون ھونديون جنکي حمل ۽ ويم دوران ديک ڀال جي سھوليت گهربل آھي جيڪا نہ صرف ھن وقت موجود ناھي بلڪہ انجي باري ۾ حڪومت ۽ صحت کاتي جي ڪا پلاننگ بہ نظر نہ اچي رھي آھي نتيجي ۾ ھاڻي بہ روڊن رستن بندن تي اللھ جي آسري تي ويٺل سنڌ جي ماءُ ڪئمپ ۾ پنھنجي ٻار کي بنا ڪنھن تجربيڪار مڊوائيف جي جنم ڏئي، جي بہ رھي تہ شايد مري بہ رھي آھي. ڪجهہ ڏينھ اڳ جڏھن سيلابي ٻوڏ پنھنجي چوٽي تي ھئي تہ خيرپور ناٿن شاھ جو صرف ھڪ ڳوٺاڻو صحت مرڪز سيتا روڊ ۽ ٽي بنيادي صحت مرڪز پاڻي ۾ ٻڏل ڪونہ ھئا جڏھن تہ باقي تعلقي جا سمورا صحت مرڪز پاڻي ۾ ٻُڏل ھيا جڏھن تہ ڪجهہ اھڙي صورتحال جوھي ۽ ميھڙ تعلقن جي ھئي. جڏھن تہ اڻ ٻُڏل صحت مرڪزن جي صورتحال بہ عملي جي غيرموجودگي ڪارڻ مناسب سھوليتون ڏيڻ کان لاچار ھئي. انوقت جي خبرن مطابق سنڌ جا ستر سيڪڙو صحت مرڪز برساتي پاڻي ۾ ٻُڏل ھيا. ضلع دادو جا 98 مان 53 صحت مرڪز پاڻي ۾ ٻڏل ھئا، خيرپور ضلع جا 100 مان 85، ضلع نوشھرو فيروز جا 124 مان 114، ڪشمور جا 95 مان 65 صحت مرڪز پاڻي ۾ ٻڏل ھئا. ائين ئي قمبر شھدادڪوٽ ضلع سميت باقي سنڌ جي ضلعن ۾ صحت مرڪزن جي مخدوش صورتحال ھئي. انھي گنڀير صورتحال ۾ سنڌ حُڪومت ۽ صحت کاتي پاران ڪا بہ پلاننگ سردست ظاھر ڪانہ ٿي آھي تہ سيلابي ٻوڏ ۾ ڦاثل انھن حمل وارين عورتن جا ويم ڪيئن ٿيندا. برساتي ٻوڏ ۾ ڦاٿل علائقن ۾ اجهي، صاف کاڌي، صاف پاڻي جي اڻ ھوند، چوطرف ڦھليل گندي پاڻي جي اُٻ، موتمار تپش، گرمي انھن عورتن سميت مستقبل ۾ جنم وڍندڙ خدا جي مخلوق جي زندگي تي ڪيترا سوال کڙا ڪري ڇڏيا آھن. جتي بيوس، بي سگهہ صحت کاتي آڏو ھماليه جھڙو اھو وڏو چيلينج اڳ ۾ موجود ھجي اتي نئون چيلينج برساتي ٻوڏ ۾ ڦاٿل ماڻھن لاءِ مليريا ڊينگيءَ، دست الٽيون، پيچش، ھيپيٽائٽس اي، چمڙي جي بيمارين جي وبائي صورت ۾ سامھون آيو آھي. صحت کاتي پاران روزانہ جاري ٿيندڙ بيمارين جي وچور ۾ وڏو انگ سيلابي ٻوڏ جي ڪارڻ ٿيندڙ بيمارين جو آھي جنھن جو سنڌ سطح تي روزانہ جو انگ ھڪ لک مريضن جي لڳ ڀڳ آھي جنھن ۾ ماڻھو وڪوڙجي مري رھيا آھن جنھن جي ڪري انھن بيمارين ڪارڻ رزانہ درجنين ماڻھن جي موت رپورٽ ٿي رھي آھي.
سنڌ سميت ھن ملڪ جا حڪمران انھي بيانيئي کي مسلسل دھرائي رھيا آھن جنھن جي ڳالھ اقوام متحدہ جو سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس ڪري ويو آھي تہ پاڪستان ماحول جي آلودگي ۾ ھڪ سيڪڙو کان بہ گهٽ جو ذميوار آھي جڏھن تہ انتي ماحولياتي گدلاڻ سبب آيل آفت انھي کان تمام گهڻي آھي انڪري عالمي برادري کي پاڪستان جي واھر لاءَ ٻاھر اچڻ گهرجي اھا ئي ڳالھ جنرل اسيمبلي ۾ ملڪ جو وزيراعظم شھباز شريف بہ ڪري آيو آھي ۽ اھا ڪيسيٽ بلاول ڀٽو پاران بہ مسلسل وڄائي پئي وڃي تہ پاڪستان ۾ آيل برساتي ٻوڏ قيامت کان گهٽ ناھي ۽ اھا انھي ٻوڏ جھڙي آھي جنھن کي حضرت نوح واري ٻوڏ سان تشبيه ڏئي سگهجي ٿي جنھن ۾ ڪجهہ بہ نہ بچيو ھيو. سنڌ حڪومت، ملڪ جو وزيراعظم، ملڪ جو آرمي چيف ۽ ملڪ جو سنڌ ڄائو وزيرخارجہ بہ اھا ئي ڳالھ ڪري رھيا آھن تہ سنڌ ۾ ھڪ سئو ڪلوميٽرن تي ھڪ ڍنڍ ٺھي ويئي آھي جيڪا حمل کان منڇر ۽ درياءَ ذريعي سمنڊ ڏانھن روان دوان آھي. اھو شايد اڌ سچ آھي. سڄو سچ اھو آھي قمبر شھداد ڪوٽ، دادو ۽ ڄامشورو جا گهٽ ۾ گهٽ 6 تعلقا ٻوڙي، مڪمل تباھي بربادي ڪري حمل کان منڇر ذريعي درياءَ ذريعي سمنڊ ڏانھن ويندڙ ٻوڏ جو پاڻي تہ شايد ڪجهہ ڏينھن ۾ لھي بہ وڃي ليڪن درياءَ جي کاٻي پاسي ٺيڙھي کان ٻانڌي، نوابشاھ کان شادي لارج تائين جيڪي ڍنڍون ٺھيون آھن جنکي نہ شڪور ڍنڍ سموئي سگهي آھي نہ ٽائيڊل لنڪ نيڪال ڪرڻ جي پوزيشن ۾ آھي انھي جو، جانورن، فصلن ۽ اتي موجود حمل وارين مائرن سميت باقي ماڻھن جو ڇا ٿيندو.
ڳالھ ائين آھي تہ غيرمعمولي برساتن جي خبر موسميات کاتي سميت سڀني کي ھئي. ھنن گناھگار اکين سان مون پاڻ جولاءِ جي ٻئي ھفتي ۾ بي بي سي تي پاڪستان جي ڏکڻ ۾ خوفناڪ بارشن جي اڳڪٿي ٻڌي ۽ ڏٺي ھئي ۽ ممڪنہ شديد برساتن جي ڳالھ تي پاڪستان ڏانھن اشارو ڪري خبر پڙھندڙ جي خراب منھن ۾ سمجهہ ۾ آيو پئي تہ پاڪستان جي ڏکڻ ۾ ڇا ٿيڻ پيو وڃي ان صورتحال کي منھن ڏيڻ جي تياري ڪٿي ھئي. جڏھن بلوچستان ۾ برساتون ٻوڏ بڻجي سنڌ طرف ئي اچڻيون ھيون تہ انکي منھن ڏيڻ جي منصوبه بندي ڪٿي ھئي. اڃا بہ اھو تہ ھيڏي تباھي کانپوءِ پنج لک حمل وارين مائرن جي پيٽ مان ننڍڙن ملائڪن جو سنڌ ۾ اچڻ جو استقبال ۽ انھن کي اڄ جي دور جون سھوليتون ڏيڻ جو انتظام ڪٿي آھي. شايد سھولت ڏيڻ واري ڳالھ اڃا اڳتي جي آھي. انھن مائرن ۽ سندن ڪک ۾ پلجندڙ جيو جو جيئدان ڪيئن ۽ ڪٿي ٿيڻو آھي انھي سموري بندوبست جو فائيل ڪھڙي ڪٻٽ ۾ پيل آھي.
ڇا انھي جو ڪارڻ بہ ماحولياتي آلودگي کي قرار ڏيئي، بار بار انھي تباھي کي طوفان نوح سان تشبيھ ڏيئي ۽ ھر ھر ھڪ سئو ڪلوميٽر ڍنڍ کي ڄاڻائي جان ڇڏائڻ سنڌ جي ماڻھو کي سمجهہ ۾ ايندو. برسات ۽ ٻوڏ ۾ تہ وس آھر ڪردار ادا نہ ڪيو ويو نہ منصوبه بندي ڪئي ويئي ليڪن ھاڻي بہ چار سمجهہ وارا درد دل رکندڙ ماھر ويھاري موجودہ چيلينج کي منھن ڏيڻ جو تہ روڊ ميپ ڏيڻ کي پنھنجو فرض سمجهي ضرور ادا ڪرڻ گهرجي نتہ تمام گهڻا ۽ ڏکيا سوال ٿيندا جن جا جواب پوءِ شايد پنھنجي معني ۽ مڃتا بہ وڃائي ويھندا.

2022 ۾ مريد کوسي جي پُٽ جي ناگھاني موت تي لکيل

جوھي جي وسنديء بازمال کوسي جي ھڪ خاندان جي ٽين پيڙھي ء جو چراغ جنھنجو نانءُ علي خان کوسو آھي، پنھنجي جوڀن ماڻڻ کان اڳ اجهامي ويو آھي . ھيٺ ڏنل ٽي تصويرون صرف ٽي ڪھاڻيون ناھن بلڪہ ڪمٽمينٽ ۽ درد جو اھو اوڙاه آھن جنھن کي پار ڪرڻ ڏاڍو اوکو آھي ۽ ٽنھي جو ڪاڇي ۽ ان جي ٻوڏ سان گهرو تعلق آھي. ڪاڇي جي اوائلي وسنديء بازمال کوسي جو سائين رحمعلي کوسو ۱۹۷۶ جي ٻوڏ کانپوء پنھنجو ڳوٺ بازمال کوسو ڇڏي جوھي اچي ويٺو. پنھجي پرائمري استاد جي نوڪري دوران جتي بہ رھيو دوست ۽ خلوص ئي ڪمايائين. جڏھن ريٽائر ٿيو تہ ھليلي جي سنگت جي ٻارن جي تعليم ۾ رنڊڪ پيدا نہ ڪرڻ لا۽ پنھنجي پٽ صادق کي ھليلي جي اسڪول ۾ نوڪري ڪرڻ لاء پابند بڻايائين. وت ۽ وس آھر نہ صرف لوڪ جي اولاد کي تعليم ڏنائين، پنھنجي ستن پٽن کي تعليم ڏياريائين بلڪہ پاڙي اوڙي مسڪينن لاء اتساه ۽ مدد جو وسيلو بڻيو رھيو. سندس ستن پٽن منجهہ سندس ھڪ پٽ مريد بہ اھي جيڪو ۱۹۷۶جي ٻوڏ کان ٻہ سال اڳ پيدا ٿيو. مريد روشن تارا اسڪول جوھي ۾ استاد ٿي پنھنجي ابي واري علم عام ڪرڻ جي ڪرت سان لڳي ويو. سماجي سياسي ڪمن ۾ سرگرم رھيو. بيروزگار نوجوان تحريڪ جي پليٽ فارم تان نوجوان ۽ سياست جو جوڙ ڪيائين. ۲۰۱۰ واري ٻوڏ ۾ جڏھن جوھي ٻڏڻ جي نويد جاري ٿي تہ ھي انھي ٻوڏ سان جهيڙي ۾جوھي بچائڻ ۾ پيش پيش ھيو . جوھي تہ بچي ويئي ليڪن سندس معصوم پٽ علي حيدر جو دان وٺي ويئي. پاڻي پاڻي ٿيل جوھي کي ڪاڇي کان الڳ ڪندڙ بچاءُ بند جي ڪوڀ ۾ علي حيدر ٻڏي موت جي منھن ۾ ھليو ويو ليڪن ھيتري ساري پھر، ادارن، ماڻھن، ٻيڙين، ملاحن ھوندي مريد کوسي جي ھٿن ۾ سندس ٻچڙي جو لاش ئي اچي سگهيو. 12 سال پوء ساڳي سانوڻ مند ۽ ٻوڙان ٻوڙ ۾ ماڻھن جي ھجوم ۾، ادارن ۽ ريسڪيو ٽيمن، ٻيڙين ۽ ملاحن وچ۾ علي خان تار پاڻي جي تيز وھڪري ۾ رڙيون ڪندو، اشارا ڪندو، مدد گهرندو رھجي ويو، ماڻھو وڊيو ڀريندا رھيا ليڪن نہ صرف علي خان جي جان ھلي ويئي بلڪہ ھنجي لاش ھٿ ڪري ڏيڻ جون مريد کوسي جون آزيون ۽ نيازيون بہ ڪنھن نہ ٻڌيون. علي حيدر ۽ علي جي موت ۾ ۱۲ سالن جو وقفو آھي ليڪن ڪاڇي جو مقدر خراب گهڙيال جيان ھڪ جاء تي ٽِڪ ٻڌي بيھي رھيو آھي. تنھن ڏينھن فون تي مريد سان ڏک ونڊڻ جي ڪوشش ڪيم. منھجي افسوس ڪرڻ تي چيائين منھجو درد اھوئي محسوس ڪري سگهي ٿو جنھن سان اھڙو ڪلُور ٿيو ھوندو. مونکي سندس بيوسي، ڏک ۾ ادا ڪيل اھو جملو من اندر ۾ بڙڇي ٿي لڳو. ائين محسوس ٿيو تہ منھجي نوجوان پٽ جي ست سال اڳ واري موت کانپوء منھنجي من اندر ۾ موجود قبر ۾ ڪائي جنبش آئي آهي ۽ انجي ڀر ۾ھڪ ٻي قبر بہ جاء والاري ويئي آھي جيڪا ھڪ ئي وقت مريد جي پٽ علي جي قبر بہ آھي تہ انھي سماج ۽ بيرحم بيحس حڪمراني جي قبر بہ آھي جنھن ۾ اڄوڪي سنڌ، اسانجي جوھي، پنھنجو ڪاڇو ساه کڻي رھيو آھي جتي سالن جي بيوسي بيحسي ساه کڻي رھي ھجي، جتانجي ڪاڇي جي ٻہ لک ماڻھن جي وقت جي حڪمرانن وٽ ڪا شنوائي نہ ٿي رھي آھي، جتي سنڌ جو وزير اعلي جڏھن جوھي جي لوڪ کان لِڪي ٻوڏ متاثرن سان سجاول آلکاڻي ۾ دوري تي اچي ٿو تہ انجي سوال جواب ۾ مشڪري ڪرڻ، وقت پاس ڪرڻ، پنھنجن واٺن سان ٻٽيھي ڪڍڻ کانسواء ڪوئي انساني جذبو ڪائي ھمدردي نہ ھوندي آھي. انساني جذبن کان عاري ھن وزير اعلي کي تہ اھا توفيق بہ نصيب نہ ٿي تہ ھو پنھنجي ميڊيا ٽاڪ ۾ علي خان جو نالو وٺي ھا، فون تي ئي مريد سان رضا ﷲ جي ڪري ھا. اھو بازمال کوسو جنھنجا بازمال، انمول انسان الھرکيو کوسو بڻيا، انجنيئر ڊاڪٽر بڻيا، ماڻھن جا بنا تفريق جي ڀرجهلا بڻيا، استاد بڻجي جوھي کي تعليم سان منور ڪيائون، اھو بازمال ڳوٺ جنھنجي سائين رحم علي ڪاڇي جي ٻارڙن ۾ تعليم جي لاٽ ٻاري. ھئي انھن جي علي حيدر، علي خان، مريد سان اھڙو انياءُ انھي جو مظھر آھي تہ ماڻھپو ڪنھن ٻي دنيا جو قصو آھي. اڄوڪي سنڌ ۾ ھاڻي اھو معمول ٿي ويو آھي تہ ڪنھن آفت اچڻ تي ڪوئي ڪردارادا ڪرڻ، ذميداري قبول ڪرڻ بجاء رسمي جملا ادا ڪجن، مشڪري ڪجي ۽ خلق جي زخمن تي لوڻ ٻُرڪجي ليڪن چوڻي آھي تہ غريب جي ھائي ڏاڍي پري تائين ويندي آهي ۽ رحم علي کوسو جي ايندڙ پيڙھي، علي خان کوسي جي والد مريد، والدہ ۽ سندس ٻچڙن جي ھائي ڏاڍي پري پري تائين مار ڪئي آھي. ڪاوڙ، ڪروڌ ۽ فيصلي وچ۾ وٿي صرف وقت جي آھي جيڪو شايد ھاڻي گهڻو پري ناھي

بيداد نگرِيءَ ۾ چرٻٽ جو راڄ

پاڪستان آبزرور اخبار ۾ 21 نومبر ايڊيٽوريل لڳو آھي جنھن مطابق خناق Diptheria جي بيماري جيڪا دنيا منجهان ختم ٿي ويل آھي جنھنجي ويڪسين حفاظتي ٽُڪن واري پروگرام ۾ شامل آھي ان ڪارڻ پاڪستان ۾ 39 ٻارڙا مري ويا آھن، جيو نيوز مطابق انھن مري ويل ٻارڙن مان 23 يعني 59 سيڪڙو ٻارڙن جو تعلق سنڌ سان آھي. خناق جي بيماري تازي برساتي ٻوڏ کان پوءِ پوري سنڌ ۾ خاص طور ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ڦھليل آھي. سنڌ ۾ برساتي ٻوڏ کان پوءِ موت مسلسل آدم بُو بُو ڪري رھي آھي جنھجو تازو شاخسانو خناق جھڙي قابل بچاءُ مرض جو ڦھلجڻ آھي. گذريل سترھين نومبر 2022 تي خيرپور ضلع جي ڳوٺ دائود ڦلپوٽو مان قلندر جي درگاھ لا۽ سُکا کڻي ويندڙ وين انڊس ھائي وي تي ٻوڏ ۾ ڏنل ھڪ سئو فوٽ اونھي کاھي واري ڪٽ ۾ ڪلٽي ٿي پئي جنھن ۾ 12 ٻارڙا ۽ 8 عورتون سھرا لاڏا کائيندي اچانڪ موت جي منھن ۾ھليا ويا. خطرناڪ ڪٽ واري جاءِ تي نہ سيڪيورٽي ھئي نہ وري ڪو خبردار ڪرڻ لاءِ سگنل ھيو نہ ڪو سائين بورڊ ئي ھيو نتيجي ۾علائقي کان اڻ واقف انڌ جي گهوڙي تي سوار ويگن جي ڊرائيور، جنھن ويگن کي خيرپور جا ماڻھو دٻو سڏين ئي ڌُو وڃي پاڻي جي گهري کڏ ۾ ھنيائين ۽ 20 جانيون ضايع ٿي ويون. ڪجهہ ڏينھن اڳ کيرٿر جي دامن ۾ نئين تڪيءَ جي ڪنڌي تي آباد تعلقي جوھي جي ڳوٺ بکر جماليءَ ۾ صرف چند ڏينھن ۾ 28 ماڻھو مليريا بخار وگهي مري ويا، صحت کاتي ميڊيڪل ٽيمون موڪليون موت ۽ مرض جو ڪارڻ مليريا جو بخار، رت سميت غذا جي کوٽ کي قرار ڏنو ويو. گذريل سيپٽمبر جي وچ ڌاري ٻوڏ متاثر مغيري برادري جيڪا ڳوٺ ٿلھو خيرپورناٿن شاھ جي رھواسي آھي اھا ٻوڏ کانپوءِ ڪراچي منتقل ٿي ويئي ھئي، ڪوچ ڀري پنھنجي ڳوٺ واپسي لاءِ موٽي تہ سپر ھائي وي تي ڪوچ کي باھ لڳي ويئي ءِ ذري گهٽ ٽي ڊزن ماڻھو سڙي رک ٿي ويا. سيپٽمبر مھيني جي وچ ڌاري ٽلٽي ڀرسان ٻڏي ويل ھڪ ڳوٺ جا ڪجهہ خاندان ٻارين ٻچين پناھ لا۽ قلندر جي نگري لاءِ ٻيڙي ۾ نڪري پيا، وزن ۽ ماڻھو وڌيڪ ھجڻ سبب ٻيڙي ملاح جي ڪنٽرول مان نڪري ڪرمپور وٽ ڪلٽي ٿي پيئي نتيجي ۾ ڊزن کان وڌيڪ ماڻھون ٻڏي لڙھي مري ويا. موجودھ چوماسي جي برساتن ۽ ٻوڏ ڪارڻ سنڌ ۾ 646 ماڻھو مري ويا آھن انھي عرصي دوران مختلف حادثن، قابل علاج بيمارين سبب مري ويل ماڻھن جو تعداد ٻوڏ ۾ مري ويل ماڻھن جي انگ کان ٻيڻ تي وڌيڪ آھي. ھن ملڪ جو قانون آھي تہ ڪير ڪنھنجو قتل ڪري يا ڪير پنھنجي جان ئي ڇونہ وٺي انھي جي ايف آءِ آر درج ٿيندي آھي، قانوني چاره جوئي ٿيندي آھي، ڏوھاري ڪٽھڙِي ۾ ايندو آھي، اھڙو ڪيس رياست وڙھندي آھي ليڪن ھن ملڪ ۾ ۽ شايد سنڌ ۾ اھڙو ڪيس وڙھڻ بدران، ماڻھن سان، رياست، حُڪومت پاڻ وڙھي رھي آھي ۽ ھن ٻوڏ کان پوءِ تہ واھ جو وڙھي آھي. اھو ٺيڪ آھي تہ سنڌ ۾ تمام گهڻيون برساتون ماحولياتي گدلاڻ ۽ ڪاربان جي اخراج ڪارڻ ٿيون آھن ليڪن برسات، ٻوڏ کان پو۽ سنڌ حُڪومت جي مجموعي ڪارڪردگي غيرمعمولي مجرمانہ غفلت سان عبارت آھي. جڏھن ٻوڏ آئي ھئي تہ سنڌ جي وزيراعلي پئي چيو تہ جلدي پاڻي نيڪال ڪرائي ڪوشش ڪبي تہ ربيع جو فصل ڪرائي وجهجي، جڏھن تہ انھن ڏينھن ۾ آبپاشي ماھرن چيو پئي تہ کيرٿر جي پھاڙي سلسلي ۽ صحراءِ ٿر وچ ۾ درياءَ جي ٻنھي ڪنڌين ۾ڦاٿل پاڻي ڇھ مھينا ڪونہ نڪرندو. ماڻھو ٻڏندا رھيا، مرندا رھيا، ھڪ ڪروڙ اسي لک دربدر ماڻھن مان اڌ پنھجن مٽن مائٽن وٽ شھرن ۾ وڃي رھيا، جڏھن تہ باقي دربدر خدا جا بندا، ڪئنالن جي ڪنارن، روڊن، رستن ۽ خيمہ بستين ۾ خوار ٿيندا رھيا ۽ نيٺ مجبور ٿي انھن مان بہ اڌ دربدر ماڻھوپنھجا ٻار، ٻچا وٺي ٻوڏ ۽ نانگن جي گهيري ۾ آيل پنھجي ڊٺل گهرن طرف موٽي ويا آھن جتي نہ کين اجهو آھي نہ لٽو آھي نہ وري کائڻ لاءِ اٽو آھي. ڪراچي جي ھڪ پروگرام ۾ ڳالھائيندي، پيپلزپارٽي جي سربراھ ۽ وزير خارجہ بلاول ڀٽو جنھن جي پارٽي جي سنڌ ۾ گذريل 14 سالن کان حُڪومت آھي تنھن چيو آھي تہ ٻوڏ واري صورتحال جي نتيجي ۾ سنڌ غذائي قلت جو شڪار ٿيندي جنھن سان غربت جي شرح 75 سيڪڙو ٿي ويندي. جنھن جو مطلب اھو نڪري ٿو تہ سنڌ جيڪا اڳ ۾ ئي غربت، جهالت جو شڪار آھي اھا وڌيڪ جاھل، ڏُٻري ۽ غريب ٿيندي. سنڌ ۾ آيوڊين جي کوٽ ظاھر ٿيڻ کانپوءِ ھڪ عرصي کان سنڌ ۾ آيوڊين مليل لوڻ استعمال ڪرڻ جو قانون موجود آھي ليڪن ھتي ھر شھر ڳوٺ ۾ دوڪانن تي عام رواجي لوڻ وڪرو ٿي رھيو آھي نتيجي ۾ سنڌ، ننڍي قد ۽ ڊينڊڙائپ ۾ خودڪفيل ٿي ويئي آھي بلڪہ سنڌ جو نئون نسل آيوڊين جي کوٽ ڪارڻ عقل کان بہ عاري ٿي ويو آھي جنھن جو ھڪ مثال سنڌ يونيورسٽي جي تازي ٿيل انٽري ٽيسٽ مان ظاھر آھي تہ 18 ھزار کان مٿي ٽيسٽ ڏيندڙن مان صرف 25 سيڪڙو شاگردن ڪواليفاءِ ڪيوآھي. ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ 5 لک حمل واريون عورتون پنھجي مستقبل جي مھمان سميت غذآ جي کوٽ، ويم جي سھوليت جي اڻھوند ۽ جهٽڪي جي بيماري جي ٽڪن کان پري ھجڻ سبب خطري سان دوچار آھن. سنڌ ۾ ٻارنھن خطرناڪ بيمارين کان بچاءُ لاءِ حفاظتي ٽُڪن جو پروگرام موجود آھي جن ۾ نمونيا، دستن جي بيماري، خناق، ٽي بي کان بچاءُ جي ويڪسين موجود آھي ليڪن اھو ٻڌي ۽ پڙھي اچرج ٿي ٿئي تہ پنج سال جي عمر ۾ ٿيندڙ بيمارين ۾ سڀکان وڌيڪ موت بہ ساھ کڻڻ جي بيمارين، نمونيا، دستن وگهي ٿين ٿا جڏھن تہ دنيا ۾ ذري گهٽ گُم ٿيل بيماري ” خناق “ سنڌ جي ٻارڙن ۾ ڪاھي پيئي آھي . انھي کان وڌيڪ نااھلي ۽ الميو ٻيو ڇا ھوندو تہ حفاظتي ٽُڪن جي صورت ۾ بچاءُ موجود ھجڻ باوجود انھن بيمارين سميت مليريا بيماري ۾ ٽيسٽ ۽ علاج جي اڻ ھوند ڪارڻ ماڻھو بيمار ٿي مري رھيا آھن. خيرپورناٿن شاھ تعلقي جي جوھي برانچ ۽ ڪولاچي واھ جي وچ واري علائقي ۾ ٽي لک کان وڌيڪ ماڻھو ٻوڏ جي پاڻي جي گهيري ۾ زندگي گهاري رھيا آھن ليڪن پاڻي ۾ ٻُڏي ناڪارہ بڻيل تعلقي اسپتال سميت انھي سموري علائقي ۾ ڪنھن بہ صحت مرڪز تي چوويھ ڪلاڪ ويم جي سھوليت موجود ناھي. چوماسي جي برسات ۽ ٻوڏ دوران 1082 صحت مرڪز پاڻي ۾ ٻُڏل ھيا انھن مرڪزن مان اڪثر مرڪز ھن وقت بہ گهربل سھوليتون ميسر ڪرڻ کان قاصر آھن. انھن صحت مرڪزن ۾ چوويھ ڪلاڪ ويم جي سھوليت ۽ حفاظتي ٽڪن جي مرڪزن جي بہ آھي. حفاظتي ٽڪن جي پروگرام جنھن جي رپورٽن تي غيرجانبدار ادارا اڳ ۾ ئي سوال اٿاريندا ھيا انھن جي فعاليت ٻوڏ کان بعد وڌيڪ خراب ٿي آھي.
ٻوڏ کان متاثر سنڌ ھن وقت بہ امداد جي مرحلي منجهہ ڦاٿل آھي، سنڌ نہ صرف ٻوڏ ۾ دربدر بلڪہ اڻپوري غذا، آيوڊين جي کوٽ، اڻپورين صحت جي سھوليتن ڪارڻ ڪمزور، غريب، ڪاھل، جاھل ۽ بيمار بنجي رھي آھي ۽ ھڪ بيمار، لاچار، نٻل نئون نسل، نئين مستقبل بہ ڏئي رھي آھي جڏھن تہ روڊن رستن جي اڻ ھوند ۽ خستہ حالي، چيڪ ۽ بيلنس، مانيٽرننگ، سپروين جي ناقص نظام ۽ خراب حُڪمراني ڪارڻ ڪرمپور وٽ ٻيڙيُن، ڊُونڊيُن مان ڪِري، ڌِڪا کائي، ٻوڏ جي پاڻي ۾ ٻُڏي، سپر ھائي وي تي ڪوچن ۽ انڊس ھائي وي جي وينن جي غير محفوظ سفر ۾ سڙي، ٻُڏي، ڌڪا کائي ۽ خناق جھڙي قابل بچاءُ مرض ۾مري رھي آھي. ھتانجي رياست کي، نہ وفاقي ۽ سنڌ حُڪومت کي اھو ياد آھي تہ سنڌ جي ھر شھري جي جان مال جا ھو امين ۽ ساکِي آھن جنھن کي نہ نڀائڻ ملڪ جي قانون مطابق جرم آھي. قلندر جي نگري تي سونا قبا اڏائيندڙن، ھر آئي ڏينھن انجي درگاھ تي سايون، نيريون، ڳاڙھيون چادرون چاڙھيندڙن کي ياد ڪرڻ گهرجي تہ ھن رياست، حُڪومت جي مجرمانہ غفلت سبب ھڪ ھزار جي قريب بيگناھن جي موت سميت سيھوڻ جي نگري جي سفر تي سُکا کڻي، قلندر لال سان خوشيون ونڊڻ نڪتل اھا ماءُ بہ سندن ئي ذميواري ھئي جنھن پنھنجي سڪيلڌي پٽ ۽ پنھجي نياڻين سان سيوھڻ ڏانھن زندگي ۽ مستقبل جي سلامتي جو سفر ڪيو ھيو ليڪن موت ئي سندن ميزبان بڻجي سچل جي نگري جو آلاپ بڻجي ويئي، شايد ھي اھا ئي بيداد نگري آھي جنھن ۾ دور جديد جي چرٻٽن جو راڄ آھي.

سائين بخش رند، هڪ منفرد ڪھاڻيڪار

سائين بخش رند گُذريل 23 فيبروري تي خوفناڪ بيماري سان جهيڙِندي هي دنيا ڇڏي ويو ۽ هاڻي سندس چاليھو ٿي رهيو آهي. سائين بخش رند ڪمال جو شخص هو جنھن جا تمام گهڻا تعارف آهن هو هڪ بھترين استاد هو، ڪمال جو ڦوٽو گرافر هو، ماضي جي انقلابي سياست جو هڪ سرگرم ڪردار هيو، جوهي جي لڳ ڀڳ چاليھ سالا ادبي، سياسي، سماجي سرگرمين جي جان بہ هيو، نوجوانن ۽ خاص طور شاگردن جي غيرنصابي سرگرمين ۾ هو اتساه ڏيندڙ هي، بھترين ڪالم نگار سان گڏ ڪنھن بہ تصوير کي چند سٽن ۾ بيان ڪرڻ ۾ کيس خاص ڏانءُ حاصل هيو. هو زبردست ۽ نرالي سڀاءُ وارو ڪھاڻيڪار هيو ۽ بحيثيت ڪھاڻيڪارئي اڄ جي ڪالم جو موضوع بہ آهي.
سائين بخش رند جي سنڌي ٻولي تمام سگهاري هئي انجو هڪ ڪارڻ ادب، سياست ۾ سندس گهري دلچسپي ۽ غيرمعمولي مطالعو آهي. هن جي لکڻي جا موضوع حقيقت جو ڏِک پيا ڏيندا هئا انجو سبب وري سندس غيرمعمولي مشاهدو هيو.
سائين بخش هونئن تہ تمام گهڻو لکيو آهي ليڪن سندس ڪھاڻين جو صرف هڪ مجموعو ڪارو پاڻي جي نالي سان 2005 ۾ اچي سگهيو. توڙي جي سائين بخش رند جي ادبي ۽ قلمي پورهئي کي صرف انھي ڪتاب ذريعي تورڻ انصاف نہ ٿيندو ليڪن انھي ۾ شامل 15 ڪھاڻيون ٻُڌائين ٿيون تہ هو ڪيڏو نہ ڪمال جو ليکڪ هيو. هنجي ڪھاڻين جا موضوع عام زندگي جا موضوع هوندا هيا جنمان سماج جي اونچ نيچ ۽ انجون برايون جهلڪا پيون ڏينديون هيون .
ڪتاب ”ڪارو پاڻي “جي پھرين ڪھاڻي”دردمندي جو ديس“ جو موضوع ڪاڇي ۾باز جو شڪار ڪندڙ عرب شڪاري ۽ انسان جهيڙيندڙ ڪاڇي جو پڙهيو لکيو نوجوان آهي جيڪو سنڌ سميت ملڪ ۾ جاري سياسي هلچل کان متاثر ٿي عرب واٺن سان جهيڙي ٿو، تڪرار ڪري ٿو ۽ انھن موضوعن تي ڳالھائي ٿو جنتي انھن سان ملڪ ۽ سنڌ جي ماڻھو جو ڳالھائڻ ڪنھن گناه ڪبيره کان گهٽ ڪونھي. ڪتاب ۾ شامل ڪھاڻي ”گٽر جو ڍڪڻ“ ۾ ڪھاڻيڪار سماج جي ٻُوث تي پاتل ماسڪ کي چيري ڦاڙي ٿو ڇڏي جنھن مان ايس ڊي او قاسم شاه جو بدبودار چھرو ظاهر ٿئي ٿو ۽ خبر پوي ٿي تہ ڪيئن سعيد جھڙا نوجوان ۽ سادا ماستر ڪامورن هٿان مسلسل بليڪ ميل ٿين ٿا. ڪتاب ۾ هڪ ٻي ڪھاڻي ”پوياڙي جا پاڇا“ آهي جنھنجو موضوع پنھنجا ڳوٺ ڇڏي پيٽ جو دوزخ ڀرڻ لا۽ ڪراچي جو رخ ڪندڙ مختيار سميت لاتعداد اهي نوجوان ۽ انھن جي ڇڙهائپ واري جيون ڪٿا آهي جيڪي ڪراچي جھڙي شھر جو رُخ انڪري ٿا ڪن تہ جيئن پنھنجي گهر وارن جي زندگي جو گاڏو گهلڻ ۾ مدد ڪن ليڪن ٿئي ائين ٿو تہ اهي پنھنجو پاڻ ئي پيٽ ڀري ماني نٿا کائي سگهن ليڪن جڏهن ڪنھن پاڙي واري تي مھل اچي ٿي تہ انجي مدد کان نٿا ڪيٻائن ۽ جتي وري اتفاق سان محبت جون ڪھاڻيون بہ جنم وٺن ٿيون. موضوع جي حساب سان رونءُ رونءُ ڪانڊاريندڙ ڪھاڻي ”ٻُسي ٻانھن “به آهي جنھن ۾ تنوير ڊرائيور کي سندس جيپ جي ڪرائي جي مد ۾ جڏهن ڪوئي ادا چوندي سونا ڪنگڻ ٿو آڇي تہ هنکي پنھنجي نوجوان ڀيڻ ياد اچي ٿي جيڪا سونوڪنڱڻ پائڻ جي حسرت کڻي بيماري وگهي وقت کان اڳ ازل جو شڪار ٿي وڃي ٿي. ”رات بہ مينھڙا وُٺا“ موضوع جي اعتبار سان سائين بخش رند جي زبردست ڪھاڻي آهي جنھن ۾ ميرل هاري مقامي زوراور وڏيري جي برسات ۽ نئين وهي اچڻ جي نتيجي ۾ ڀريل ٻني کي جڏهن ڪوڏر سان پنھنجي ٻني ۾ لوڙهي ٿو تہ لڳي ائين ٿو تہ پوري سماج ۾ وڏيرڪي ڏاڍ کي کاٽ لڳي ويو آهي ۽ هزارين ڪوڏرون، هزارين ڏاٽا اُڀا ٿي وڃن ٿا. ”پاتال جو موتي“ نوجوان صحافي ۽ جديد صحافت جو قصو آهي جيڪو عوام سان جڙيل آهي، جنھن مرڪزي ڪردار جي من اندر ۾ آزادي جي امنگ، ظلم نانصافي خلاف بغاوت جا طوفان آهن جيڪو وڏيرڪي نظام خلاف بہ آهي تہ پاڙيسري ملڪن سان جنگين جي خلاف بہ تہ انھي زرد صحافت جي خلاف بہ جيڪا جنم جنم کان حُڪمرانن جي ڪاسه ليسي ۽ ڏاڍن جي چمچاگيري جي روايت رکي ٿي، جيڪا اشتھارن جي سھاري ئي جيئڻ ۽ مرڻ جي ريت رکي ٿي. اها صحافت عوام جي درد جو درمان ٿيڻ جي جنگ ۾ جوٽڻي تہ جوٽي ٿي ليڪن ظفر جي گهر جوگاڏو گهلڻ جو ڪارڻ نٿي بنجي. هڪ ٻي ڪھاڻي ”اُماوس رات جي ڪارنھن“ ۾ ٻُڌايل آهي تہ ڪيئن ڪنھن لاورث کي ماري پوليس ڪيترن جا وارث پڪڙي عيد جو خرچ ڪڍندي آهي. ”جنازا جنازا زندگي“ان دور جو اولڙو آهي جڏهن ايڊز جو مرض هڪ پراسرار وچڙندڙ ۽ لاعلاج بيماري ۾ ظاهر ٿيو هيو. انھي ۾ گهر جو ڌنوان وڏو ڀاءُ وٺجي وڃي ٿو ۽ ننڍي ڀاءُ کي پنھنجي جنسي بي راه روي مان اهو اچي گمان ٿئي ٿو تہ هو بہ انھي موتمار، گهراُجاڙ ايدز ڪلب جو ميمبر بنجي ويو آهي ۽ پوءِ پنھجي نوجوان ڀائٽئي لاءِ سوچي ٿو جنھنکي وقت کان اڳ پنھجي پيءُ ۽ چاچي جي گهر جا بار کڻڻا آهن. ”نذراني جي پيتي“ڪھاڻي جي صورت ۾ ليکڪ جي سماج تي هڪ چٿر آهي جنھن ۾ هڪ گادي نشين رشوت ۾ ٿاڻي جي نئين صوبيدرا کي ڌاڳي ڦيڻي جي بھاني زنجيرن ۾ ٻڌل هڪ نوجوان چوڪري آڇي ٿو ليڪن هڪ رات اڳ ساڳي پوليس عملدار وٽ هڪ اپسرا اچڻ واري ڳالھ متعلق جڏهن اهو انڪشاف ٿئي ٿو تہ اها انھي ئي گادي نشِين جي حق بخشرايل ڀيڻ آهي تہ پوليس وارن جي کل ڪونہ ٿي بيھي، پڙهندڙ پگهرجي ٿو وڃي. ”ڌُريان ئي ڌار“سنڌ جي هڪ مڱڻھار خاندان جو ئي داستان آهي جيڪو پنھنجي سموري ڪٽنب سميت ڳوٺ جي وڏيري جي خدمت ڪري ٿو ليڪن سونھارو فقير مڱڻھار جڏهن مري ٿو تہ انجي ڪفن دفن جو بندوبست ڪرڻ ۾ وڏيري کي تپ چڙهي وڃي ٿو. ڪتاب جي آخري ڪھاڻي ”ڪارو پاڻي“ آهي جيڪا سنڌي ادبي سنگت شاخ جوهي جي منڇر جي بحالي جي اها جدوجھد آهي جنھن بيوس سنڌ ۾ اهو سڏ ڏنو آهي تہ ساڃاه جڏهن سندرا ٻڌندي آهي تہ جوهي ادبي سنگت ٿي پوندي آهي ۽ سائين بخش رند، عزيز ڪنگراڻي، جاني ملاح ۽ نقاد ٿھيم جا ڪردار عيسو ۽ خانو ملاح ٿي پنھجي منڇر جي بحالي جو نعرو ٿي پوندا آهن.
سائين بخش رند جي ڪھاڻين جا موضوع ئي طاقتور ناهن بلڪہ اهي جڏهن ڳالھائين ٿا تہ متڀيد واري سماج جي لوڻي تي لپاٽ ٿي لڳن ٿا. ”رات بہ مينھڙا وٺا“ ۾ منظر نگاري ۾ ڇا تہ جان آهي، ”ليڪن تڪليف جي باوجود بہ ميرل ڪوڏر وهائيندو رهي ٿو۽ جڏهن آخري لپو هڻي ٿو تہ هن جي ٻني سان اولھ ۾ بھادر خان جي ڀريل ٻني جو پاڻي تيزي سان هن جي ٻني ۾ وهڻ شروع ٿئي ٿو. هن کي ائين محسوس ٿئي ٿو ڄڻ پاڻي بہ اوڏانھن وڃڻ چاهيو پئي. “. ايڊز جي موضوع تي لکيل ڪھاڻي “جنازا جناز زندگي “جو انوکو ڪلائيميڪس آهي، ”شاباس پٽ، شاباس لمبو . . پنھجي نازڪ ڪلھن تي وزن کڻڻ جي مشق هينئر ئي شروع ڪري وٺ ڇو تہ ايڊز جي ڪاري اڏوهي تنھنجي بابا کي کائي کوکلو ڪري ڇڏيو آهي ۽ خدا نہ ڪري جيڪڏهن مان بہ انھي ڪاري اڏوهي جي ور چڙهي ويس تہ زندگي جي هن بنواس م تو اڪيلي کي ئي جهيڙڻو آهي. “. ”اماوس رات جي ڪارنھن“ جي شروعات آهي تہ . . ، ” شام کان شروع ٿيل برسات بس ٿيڻ جو نالو ئي نہ پئي ورتو جنھن تيزي سان برسات اوهيرا ڪري آئي هئي ان ۾ ڪمي ضرور اچي وئي هئي شھر تہ روز جي معمول کان گهڻُو اڳ بند ٿي چڪو هيو ليڪن رات جي سناٽي ۽ هلڪي برسات سبب پورو شھر سنسان ۽ پراسرار لڳي رهيو هو نہ رولو ڪتن جا اوناڙ ٻڌڻ ۾ ٿي آيا نہ وري چوڪيدارن جون هوڪرون. پوري شھر ۾اهڙي خاموشي طاري هئي جو برسات جون ڪڻيون، دڪانن جي ڇاپرن، روڊ تي وکريل پنن ۽ ڪچري تي پوڻ جو آواز نہ اچي ها تہ زندگي ۽ دنيا جي جامد ٿي وڃڻ جو گمان ٿئي ها. “
سائين بخش رند جي ڪھاڻي جا موضوع اسانجي سماج جا موضوع آهن ۽ ان سماج خلاف بغاوت جو علم بلند ڪرڻ وارا بہ هتان جا ماڻھو نوجوان، شاگرد، صحافي ۽ هاري آهن جنکي هن زبان بہ ڏني آهي تہ جوت بہ ڏني آهي جيڪي هر وقت جهيڙيندا ئي رهن ٿا. جيسين هي مت ڀيد جو سماج آهي تيسين اهي جهيڙيندا ئي رهندا، انڪري هنجي ڪھاڻين، انھن جي ڪردارن ۾ جان بہ آهي تہ جوت بہ آهي ۽ اها جوالا بہ آهي جيڪا سائين بخش رند جي ذات ۽ ڏات جو خاصو آهي. سائين بخش رند جي موت کي چاليھ ڏينھن ٿي ويا آهن ليڪن جوهي جي ادبي، سياسي، سماجي چُرپرُ اڄ بہ تڏي تي ويٺل آهي.
سائين بخش رند جي موت سان ابراهيم رند ۽ ڳوٺ ۾ ڊکڻن جي ويڙهي جي اوڀر۾ هڪ گهر جي کٽ خالي ٿي آهي سو تہ سچ آهي ليڪن اها خالي کٽ جوهي ۾ خاص طور ۽ سنڌ ۾ عمومي طور مسلسل وڌندڙ خال کي اڃا وسيع ڪري وئي آهي جيڪا سنڌ جي مزاحمت سان عبارت آهي.
جوهي شھر جي اوڀر ۾ چينجاڻي شاخ جي اولھندي ڪنڌي تي آباد ڳوٺ ابراهيم رند جا رند پنھجي پيءءُ، ماءُ، پٽ، ڌيءُ جي موت تي تڏو ڪندا آهن ليڪن عمومن روئيندا ناهن. 23 فيبروري 2022ع واري شام، حسن درويش جي قبرستان ۾ عجيب منظر ڏٺو. ابراهيم رند ڳوٺ جا ڪجهہ پڪا پوڙها رند بہ ٻارن وانگي ٻاڪاريندي رُنا، ان شام نقصان ڪو وڏو ٿي ويو هيو شايد. . . . !

سماج ۽ رواج جو باغي شاعر، لياقت علي ”لياقت“

سنڌي ۾ تمام گهڻا ۽ سُٺا شاعر لکي رهيا آهن جن ۾ ڪاڇي ۾ جنم وٺندڙ جوهي واسي لياقت علي لياقت بہ شامل آهي. ڪيئي سال اڳ سندس شعري مجموعو ” تقدير ملي نہ ملي “ جي نالي سان اچي چڪو آهي جيڪو اڄڪلھ مارڪيٽ ۾ اڻلڀ آهي. سندس شاعري اخبارن، رسالن ۽ سوشل ميڊيا ۾ بہ وقفي وقفي سان نظر ايندي ۽ ڌيان ڇڪائيندي رهندي آهي. لياقت جو غزل تمام گهڻو طاقتور آهي ليڪن سندس شاعري ۾ موضوع ڏاڍو ڇرڪائيندڙ هوندا آهن جيڪا ڳالھ کيس سنڌ جي شاعرن ۾ منفرد بڻائي ٿي. هنجي شاعري جا لاتعداد موضوع آهن ليڪن انھن موضوعن ۾ خدا سان سندس ڪلام ڪافي معني خيز آهي. هي اهو اسلوب آهي جيڪو صوفين سان عبارت بہ آهي.
هنجي هُجت خدا سان ڪجهہ هيئن هم ڪلام آهي
”ڪڏهن جھان سڄي جو سڄو ڪبو پنھنجو. ،
هنر اسانکي خُدا کان وٺڻ جو ايندو آ. . . . . . “
714ع ۾ عراق جي شھر بصري ۾ جنم وٺندڙ صوفين جي دنيا جي اڌ قلندر رابعہ بصري لاءِ مشھور آهي تہ هو هڪ ڀيري حج ڪرڻ لاءِ ويئي ليڪن مڪعو اڃا 14 ڪوه پري هيو تہ هو اڳ۾ ئي موٽي آَئي. کانئس پڇيائون تہ تون حج ڪرڻ ويئي هئين تہ پوءِ واٽان ڇو موٽي آئين، هن ٺھ پھ وراڻيو تہ آءُ حج ڪري موٽي آهيان ڇو تہ ڪعبو 14 ڪوه پنڌ ڪري مون وٽ پاڻ آيو هيو ۽ ائين منھنجو حج ٿي ويو آهي. پنھنجي قلندرن سان گڏجي جهمريون پائي عبادت ڪندڙ اها رابعہ بصري انوکيون ڳالھيون اڃا ٻيون بہ ڪندي هئي. رات جو بغداد جي بازارن ۾ هڪ هٿ ۾ پاڻي جي بالٽي ۽ ٻئي هٿ ۾ باه کڻي هلندي هئي ۽ چوندي هئي تہ پاڻي سان دوزخ کي وسائڻ پئي وڃان جڏهن تہ باه سان انھي جنت کي ساڙڻ پئي وڃان جنھن کي حاصل ڪرن جي لالچ ۾ خدا جي عبادت ٿئي ٿي يا وري خدا جي قھر کان ڊڄي عبادت ڪري جنت جي تمنا ڪئي وڃي ٿي جڏهن تہ خدا سان رشتو محبت سان مشروط آهي.
خدا کي پنھنجو يار، ڄاڻائيندي ”لياقت“ ساڻس هيئن هم ڪلامي ڪندي نظر اچي ٿو. . .
”اسانجي يار خدا وٽ، نڪي جنت نڪي دوزخ. ،
ڪوئي مڃي نہ مڃي، ڇو ڏٽو ڏجي ڪنھن کي. . . ”
يا وري شاعر جي هيٺين شعر ۾ جنت ۽ دوزخ جو مفھوم روايتي دنيا جي مفھوم کان رابعہ بصري جيان ڪيئن نہ مختلف آهي،
”جنت، تنھنجي ملڻ جو نانءُ آهي،
دوزخ، توکان ڇڄڻ جو نانءُ آهي. . . . . . “
لياقت علي لياقت، بغداد جي منصور حلاج کان ڏاڍو متاثر آهي انڪري اهو هنجي شاعري ۾ وسندي نظر اچي ٿو. حسين بن منصور حلاج کي سوري چاڙهڻ جو ڪارڻ اناالحق جنھنجي معني مان سچ آهيان صرف نہ هيو بلڪہ انجو ڪارڻ ان وقت جي اسٽيٽس ڪو کي چيلينج ڪرڻ هيو. منصور حلاج، عباسي خلافت جي قاضي القضات جنيد بغدادي جو شاگرد هيو. منصور حلاج جنيد بغدادي جي ڪجهہ ٻين شاگردن سان گڏجي کانئس سوال ڪيو تہ خدا جيڪڏهن هر هنڌ موجود آهي تہ پوءِ صرف ڪعبي کي ئي ﷲ جو گهر ڇو ٿو سڏجي. جنيد بغدادي وٽ ان انوکي سوال جو جواب ڪونہ هيو بغداد ۾ هُوڪ مچي ويئي. منصور حلاج بغداد شھر جي دجله دريا جي ڪنڌي تي آستانو ٺاهيو جتي ماڻھن جا هشام گڏ ٿي ويا. بغداد ۾ طاقت، سياست، فڪر جو ھڪ ٻيو مرڪز جنم وٺي رهيو هيو. اسٽيٽس ڪوڌمڪي ڏيندي اعتراض واريو تہ اهو سچ ناهي. منصور جو جواب هيو تہ اهو سچ آهي ۽ مان سچ تي آهيان. کيس نو سال پابند سلاسل رکي 26 مارچ 822ع ۾ سوري چاڙهيو ويو. سندس تعزير تي صحيح ڪندڙ ڪو ٻيو نہ بلڪہ سندس استاد، دوست، نيشاپور واسي جنيد بغدادي هيو. ٻنھي ۾ اهو بہ مشترڪ هيو تہ ٻئي صوفي ۽ ٻنھي جا ڏاڏا ساساني مذهب سان تعلق رکندا هيا ۽ ٻيئي سچ، علم، فڪر، دانش جي تلاش ۾علم جي مک مرڪز بغداد آيا هيا.
جيڪي ڳالھيون منصور حلاج ڪندو هيو 400 سال پوءِ افغانستان جي صوبي بلخ ۾ جنم وٺندڙ، ترڪي جي قونيا آباد ڪندڙ مولانا جلال الدين رومي ڪيون ۽ پوءِ عباسي خلافت جي باني منصور جي نالي تي قائم عباسي سلطنت جي سنڌ جي دارالخلافه المنصوره جي اولھ ۾ ڀٽ شاه تان بہ منصور حلاج جا ساز آواز بڻجي شاه لطيف بڻجي پيا. .
”سو هي سو هو، سو اجل سو ﷲ. ،
سو پرين سو پساه، سو ويري سو واهرو. . “
يا وري سر سھڻي ۾ شاه سائين ساڳيو موضوع بيان ڪندي ٻُڌائي ٿو. . .
”سائر سا سھڻي، سائر پڻ سوئي. ،
آهي نجو ئي، ڳجهہ ڳجهاندر ڳالھڙي. . . . “
روايتن، رسمن جو باغي منصور حلاج، شاه لطيف جي تصوف جو پانڌيئڙو، عھد جديد جو شاعر لياقت علي لياقت ساڳي ڳالھ الڳ پيرائي ۾ هيئن بيان ٿو ڪري. . ،
”ڪو مظلوم ماڻھو، خدا کي سڏي جيئن. ،
توکي تنھنجي لياقت، ائين آ پڪاريو. . . “
شاه لطيف سر يمن ڪلياڻ ۾ چوي ٿو
”ملھ مھانگو قطرو، سڪڻ شھادت. ،
اسان عبادت، نطر ناز پرين جو. . . . “
انھي ساڳي موضوع کي زير بحث ڏات ڌڻي ۽ عھد حاضر جو سونھون لياقت، هيٺين طرح نڀائيندي نطر اچي ٿو،
”اکيون اورتي ڪر، ڏسان مان خدا کي. ،
اڃا ويجهڙو آ، ڇُهان مان خدا کي. . . . “
يا وري سندس هيٺيون شعر کيس ڪيئن وڏن شاعرن جي سٿ ۾ آڻي ٿو بيھاري. ،
”ڏات سان گڏ قرار ۾ آهيان. ،
روح ڀٽڪڻ، ڇڏي ڏنو آهي. . . . “
”هاڻي ڪنھن کي خدا ڪندو نہ ”لياقت“. ،
توکي پُوڄڻ، ڇڏي ڏنو آهي. . . . . “
دنياءِ اسلام جي نامور هستي امام احمد غزالي ايران ۾ ڄائو، پھرين اثنا عشري هيو، علم ۽ ڏاهپ جي تلاش ۾ علم، دانش، طاقت، سياست جي تنھن وقت جي علمي مرڪز بغداد وڃي پھتو پوءِ سني ٿيو، عباسي خليفي مامون رشيد جي درٻار ۾ قاضي القضات ٿيو، آخر ۾ سڀڪجهہ ڇڏي رڻ جو راهي ٿيو۽ صوفي ٿي ويو ڪنھن کانئنس پڇيو تہ خدا کي ڪٿي ڳولجي چيائين خدا کي ماڻھو ۾ ڳوليو. پنھنجي خدا کي ماڻھو ۾ پنھنجي محبوب ۾ لياقت هيئين ڳولي ورتو آهي. ،
”پنھنجي بندگي ۾ کڻي وٺ اسانکي. ،
ڪٿي ڳوليان بي نشان مان خدا کي. . . . . “
ليڪن لياقت جڏهن هيئن شعر ٿو لکي تہ پوءِ واقع ڪمال لکي ٿو. .
”ملڻ پنھنجو ممڪن ڪري جي ڏيکاري. ،
پرين پو۽ ڪيڏو مڃان مان خدا کي. . . . “
”اوهان کي وڻيس مان اهو کوڙ آهي. ،
ڇا ٿي پيو نٿو جي وڻان مان خدا کي. . . “
”رکان پاڪ اڄڪلھ مان لياقت ٿو خُود کي. ،
وڃي روز جو ٿو ملان مان خُدا کي. . . . “
هي تہ اهو لياقت آهي جيڪو خدا سان محبت ۾ ڳالھائي ٿو ليڪن اڄ جڏهن ﷲ جي نالي تي ھن ملڪ سميت دنيا ۾ رت جي راند ٿو ڏسي ٿو تہ پوءِ هو اهڙي خدا کي ڳولڻ جي ڳالھ ٿو ڪري. .
”درد دل جي دوا، سُجهئي دنيا. ،
ڏس ڏي ڪٿ ڪا وفا، سُجهئي دنيا. . . “
”نانءُ جنھنجي تي آ، قتل غارت. ،
آ ڪٿي سو خُدا، سُجهئي دنيا. . . . “
جڏهن سنڌ جي ڪراچي، شڪارپور ۾ مسجدون ۽ امام بارگاهون ﷲ جي نالي تي لھو سان لال ٿي ويون، نمازين جي جسم جا ٽڪرا بہ ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويا تہ لياقت ۽ اڄ جي دور جي سونھين کان رڙيون نڪري ويون. . .
”خُدا بي پرواه انسان خُود غرض آهي. ،
غريب جي حالتن جو ذمو، ڏجي ڪنھن کي. . . “
مئه ڪشي عيش ٿي پئي ۽ مسجدون دهشت. ،
مسيت يا ميڪدي کي، ڪڙو ڏجي ڪنھن کي. . . “
سماج ۾ جڏهن مذهب جي نالي تي دهشت هجي، ﷲ جي گهر ۾ وڃڻ، انجو نالو وٺڻ واري جاءِ ۾هر روز، هر جمعي تي قتل ۽ غارت برپا هجي، جڏهن ﷲ جي نالي تي ٿيندڙ محفل بہ خوف جي علامت هجي تہ پوءِ شاعر جيڪو مفلس بہ آهي جنھنجو من نراس بہ آهي تنھنجي سندس گهر ۽ پاڙي ۾ اُڊڪا ئي اُڊڪا آهن. .
”ماڻھو مفلس اداس ڪيڏو آ. ،
منھنجو من ڀي نراس ڪيڏو آ. . . “
. منھجي پاڙي ۾ رات واعظ آ. ،
منھجي گهر ۾ هراس ڪيڏو آ. . . “
دنيا اهڙو جهنگل هجي جنھن ۾ خدا جو نہ بلڪہ دهشت جو راڄ هجي جتي انساني خون سستو ٿي وڃي، جتي ماڻھو ظلم خلاف ٻڙڪ بہ ٻاهر نہ ڪڍن ۽ جيئري ئي مردہ بڻجي وڃن تہ پوءِ شاعر ۽ اڄ جي سونھين جي زبان بہ احتجاج ڪندي نظر اچي ٿي.
”سماج منھن سوا نڪتو، بُجو ڏجي ڪنھن کي. ،
هتي جيئرا بہ جنازا، ڪُلھو ڏجي ڪنھن کي. . . . . “
”امن پياسو، ۽ انصاف بہ پياسو آ. ،
مون ۾ تہ رت جو هڪڙو وٽو ڏجي ڪنھن کي. . . . . “
ماڻھو مايوس ٿيندا آهن ليڪن ڏات ڌڻي وقت جو هوڪو بڻبا اهن. زمانا ظلم ڪندا آهن ليڪن شاعر هر هر جنم وٺڻ جي ڳالھ ٿو ڪري.
”ڀلي اُڊيڙ زمانا، سبڻ جو ايندو آ. ،
ٻہ ٽي غزل لکي وٺبا، لکڻ جو ايندو آ. . . . . “
بھار ۾ تہ بھار ڏٺي ۽ ٻُڌي ويئي آهي ليڪن شاعر جڏهن آئيندي جو سونھون بڻبو آهي تہ کيس خزان ۾ بہ بھار جي آمد جي آهٽ ٻُڌڻ ۾ ايندي آهي.
”ڏسو خزان ۾ محبت، گلاب آندو آ. ،
نگاه ڪنھنجي اسان لاءِ، حجاب آندو آ. . . “
”ائين بہ وقت ڪڏهن، مھربان ٿيندو آ. ،
مُلان لڪي لڪي مون لاءِ، شراب آندو آ. . . “
انسان خطا جو گهر آهي ليڪن انھي خطا ۽ پنھنجي ڪوتاهين جي وضاحت جو اقرار لياقت ڪجهہ هن طريقي سان ڪيو آهي.
”مون جيئڻ لاءِ خطا ڪئي هوندي. ،
مون ۾ ٻي ڪا خطا، سُجهئي دنيا. . . . . “
”ڪوئي ڇيڙي تہ ماٺ ڪيئن رهجي. ،
ساز ڪو بي صدا، سُجهئي دنيا. . . . . . . “
لياقت جي خوابن جي تعبير بہ سندس شاعري جيان ڪيڏي نہ خوبصورت آهي. .
”اهو ڏٺم تہ آدمي کي جهُڪيو پئي سورج. ،
ڪڍو تعبير انھي جي مون خواب آندو آ. . . . “
”اچو اچو ڏسو مذهب اوهان مان ڪنھن جو آ. ،
گناه منھنجي ڪٿان کان ثواب آندو آ. . . . “
”نچوڙ جنھن ۾ فلڪ جي سڀن صحيفن جو . ،
اسان اهو ئي زمانا ڪتاب آندو آ. . . . . “
لياقت جي شاعري ۾ خدا بہ آهي، زمانو بہ آهي ۽ وقت بہ آهي اهي سندس محبوب آهن اسٽيٽس ڪو جي علامت بہ آهن. رستو آهن رند بہ آهن تہ هڪ اڻانگي پنڌ جو اهڃاڻ بہ آهن، ماڻھو جو مقدر بہ آهن. سھڻي بہ آهن تہ سھڻي کي وچ سير ۾ ٻوڙيندر سائر بہ آهن. پرين بہ آهن تہ پساه بہ آهن، شڪار بہ آهن تہ شڪاري بہ آهن، سندس شاعري جي استعارن ۾ رابعہ بصري قلندر بہ ٻولي ٿي تہ ان ۾ منصور هلاج جھڙا جنيد بغدادي کان چڀندڙ سوال بہ آهن تہ منجهس رومي بہ جهومي ٿو. ان ۾ لطيف جي فڪرجا عڪس بہ آهن تہ اڄ جي دور جا درد ۽ نوحا بہ آهن ۽ پوءِ هڏ ۽ ماس جو ٺھيل انسان ڪپجي، وڍجي ۽ لڇي جڏهن هيئن ٿو چوي تہ پوءِ اڄ جو سونھون لياقت علي لياقت سنڌ جي اڄ جي شاعرن ۾ ڪيڏو نہ ممتاز محسوس ٿئي ٿو. . .
”زهر هاڻو بہ پي وڃان هيڪر. ،
تو ستايو پياس ڪيڏو آ. . . . “
”رات تارو ٽُٽو لڇيو ڪيڏو. ،
تنھنجو لياقت حساس ڪيڏو آ. . . “.

سڪندر سرواڻ جي شاعري جي ڳٽڪي، ”مٽي لڌو مان“ تي تبصرو

سڪندر سرواڻ ادب جي دنيا ۾ ڄاتل سڃاتل نالو آھي. سنڌيءَ ۾ ايم اي جي ڊگري رکندڙ سڪندر سرواڻ کي ادبي کيتر ۾ لکندي ذري گهٽ پنجاھ سال ٿي چڪا آھن. ريڊيو پاڪستان سان لاڳاپيل سڪندر سرواڻ صنف وار، شاعري، ڪالم۽ ڪھاڻيون لکيون آھن جن تي مشتمل سندس پنج ڪتابن جا مجموعا پڻ ڇپجي چڪا آھن جڏھن تہ ڪي ٽي اين ۽ سنڌ ٽي وي تي سندس لکيل 15 ڊراما پڻ ھلي چڪا آھن. ”مٽي لڌو مان “ ڪتاب سندس نڪور غزلن تي مشتمل ڪتاب آھي جيڪو ھن وقت توھان جي ھٿن ۾ آھي. ھن ڪتاب ۾ موجود شاعري ۾ قلمڪار ڪافي موضوعن تي قلم کنيو آھي. جن ۾ سنڌ ۽ انجي سياست جا موضوع جابجا موجود آھن.
سنڌ ۾ جاري ويساھ گهاتين جو ذڪر ڪندي سرواڻ غزل لکي ٿو،
”سنڌ تي ڪاھون ڏسو ڌارين سنديون
اھڙي ۾ ننڊون ڪرڻ ڏاڍو ڏکيون. . . . “
يا وري سندس ھڪ ٻئي غزل ۾ ھمت ڪرڻ جو سڏ ڏيندي نظر اچي ٿو،
”وقت اچي ويو آھي سائين
ڀالا ڀڙڇيون ھڻ ڌرتي تي. . . . “
سنڌ ڌارئي آبادي جي يلغار ھيٺ آھي تنھن ۾ قوم واسين جي افعالن جو ذڪر ڪندي چوي ٿو،
”ڀڳوڙا افغاني ۽ ٻيا ڪيئي ڌاريا
انھن کي رستو پاڻ ئي ڏسيو ٿئون. . . ”
سنڌ ۾ اھڙي خراب صورتحال ۾ بار بار جدوجھد کي ڳالھ ڪندي نظر اچي ٿو،
”ڌرتي جا جي دشمن آھن
سي ڀڄايون سڀ للڪاري. . . . ”
ڳالھ سنڌ جي وسيلن ۽ڪارونجهر تي ڪاھ جي ھجي تہ پوءِ سرواڻ چپ رھڻ وارو ناھي.
”ڪارونجهر تي ڪاھڻ وارا نامنظور
سنڌ جي سونھن کپائڻ وارا نامنظور. . . . . ”
سنڌ ۾ ثقافت کاتي ھوندي سنڌ جو قلم ڪار لوڙيندي مري وڃي ٿو انجو ڪارڻ سرواڻ ڪجهہ ھينئن بيان ڪري ٿو.
”ثقافت کاتو گڏجي فنڪارن جو فنڊ کائي
فنڪار ٽرسٽن جا سڀ اداڪار مٽجي ويا. . . . ”
سنڌ ۾ سياستدانن ۽ اقتداري ايوانن ۾ ويٺلن جي وارتا ڪجهہ ھينئن بيان ٿيل آھي.
”ووٽن جي موسم جڏھن بہ آئي
اچي ھو ڪن ٿا خطاب ساڳيا. . . . ”
جڏھن تہ سنڌ جي وجود کي چنبڙيل بيمارين جو ذڪر ليکڪ ھينئن ٿو ڪري،
”پيرمرشد پوليس وڏيرو
دشمن ڌرتي جا ٽيئي پيارا. . . . “
ڪراچي تي ھر دور ۾ اک ميري رھي آھي ۽ اڄ بہ آھي جنھن کان سرواڻ خبروار آھي،
”ڪراچي بہ سنڌ آ الڳ ناھي سائين
ڪراچي تي ڇا لاءِ ايڏيون ھلائون. . . . ”
ڪارونجهر جي قيمتي پٿر تي جڏھن ڳجهن لامارا ڏنا تہ شاعر جو من بہ اڌما کائي ٿو.
”ڪارونجهر جي ڪور تي ھرگز
ايرو غيرو ساھ نہ گهرجي. . . “
سڪندر سرواڻ روايتي سياست ۽ انجي ڪردارن تي قلمزني ڪندي چوي ٿو
”شريف عمران يا فضل رحمان
سنڌ جو زرداري نامنظور. . . ”
انڪري ئي سرواڻ ياد ڏياري ٿو تہ انسان جي آمد لاءِ ڪھڙو مقصد ڪارفرما ھيو.
”فرشتا عبادت لاءِ آھن گهڻا
انساني پيدائش مقصد ٻيو لڳو. . . . ”

سرواڻ شاعري جي ھن ڪتاب ۾ غزل ۾ ”باٺو کڻ “، ” دل ۾ ڪاتہ رھي ٿي“، ”جذبا ڀتو ڀاڻ“، ” ترميمي دستور“، جھڙا دلچسپ ۽ وقت جو ڏس ڏيندڙ استعارا پڻ استعمال ڪيا آھن،
”روز آلاپن راڳ نوان جي تن لاءِ باٺو کڻ ڌرتي تي. . . “
”محبت ۾ ھي ليکا ڇو ھن تنھنجي دل ۾ ڪاتہ رھي ٿي. . . “
”رشتا ناتا ٻڪ ۾ واري جذبا ڀتو ڀاڻ آ ھرھنڌ. . . . “
”اوڏو ھوندي ڏور لڳو ٿا ترميمي دستور لڳو ٿا. . . “
ھن ڪتاب ۾ موجود غزل ۾ ڪٿي ڪٿي سرواڻ خيال بجاءِ “بحر وزن “ تي وڌيڪ زور ڏنو آھي جنھن جي ڪري شاعري لفظن، رديف، قافين “ جي استعمال جي ور چڙھيل نظر اچي ٿي،
”موبائيل ماڻھن ۾ ايڏو آ گهر ڪيو
ماڻھن منجهان اڳوڻا ويچار مٽجي ويا. . . “
” گهڻو ئي سٺو ٿئون گهڻو ئي ٻڌو ٿئون
زھر کي بہ زم زم ڪري پي ڏٺو ٿئون. . “
ھيٺين غزل ۾سنڌ جي مھان ڪوي لطيف پارن ” چلولو بڻجڻ کان روڪڻ“ ڪجهہ عجيب بہ لڳي ٿو ۽ سوچڻ تي مجبور بہ ڪري ٿو.
”چيو ھي ڀٽائي نہ ٿي چلولو تون، انھي ۾ ڀلائي نہ ٿي چلولو تون. . . “
ائين ھيٺيان ٻيئي غزل پڻ خيال بجاءِ رديف قافيئي جي گردان ۾ زيرگردش آھن،
”وڇوڙي اوھان جي ڏنا سور سائين پيا مفت ماريو ڄڻ گذاري ويا ھون. . . “
”ملان توسان کلان توسان خواھش آ اھا دل جي
رسان پرچان ھجان توسان خواھش آ اھا دل جي. . . ”
ائين ڪجهہ غزلن ۾ لفظ جانان جو بہ باربار استعمال پڻ پراڻو محسوس ٿئي ٿو.
غزلن جي ھن ڪتاب ۾ شاعري ۾ سرواڻ ڪجهہ انوکا لفظ ۽ استعارا استعمال ڪيا آھن جيڪي پڙھڻ وقت عجيب تاثر ڇڏين ٿا. جيئن سندس ڪجهہ غزلن جون سٽون آھن. . ،
محبت جي خوشبو سنگهائي ٿو ڪو ڪو. . .
ٻئي کي خوشبوءِ سنگهائڻ جو احساس ڪو بھتر تاثر نٿو ڇڏي جڏھن تہ خوشبوءِ سنگهائڻ بجاءِ سنڌي ادب ۾ واس وٺڻ، واس ڏيڻ جو استعمال وڌيڪ پئي ٿيو آھي.
”مرڪون وکاري اڄ ھلون. . . . . . . . . . . . . . . “
ھي استعارو ”مرڪون وکيرڻ “ آھي ليڪن قافيئي جي پابندي ”وکيرڻ “ کي وکارڻ بڻائي ڇڏيو آھي. ائين لفظ جنگاھ جو استعمال پڻ انوکو محسوس ٿئي ٿو.
”ٻيو ڪوئي جنگاھ نہ گهرجي. . . . “
ائين شاعري کي پڙھندي ڪنھن وقت ائين بہ محسوس ٿئي ٿو تہ غزل ۾ موجود ” طرح “ ۽ ”قافين “ سان اڳ ۾ بہ شاعري ٿيل آھي.
جئين سرواڻ جي غزل جي ھڪ سٽ آھي
”سانجه کان پھرين سنڀاري اچ ھلون. . . . . . . . . . . “
جڏھن تہ غزل جي ساڳي مفھوم خيال ۽ طرح وارو ڪلام اڳ ۾ بہ موجود آھي ۽ سنڌي ۾ وسيع پيماني تي ڳايو پڻ ويو آھي.
”سانجه ٿي آ ديپ ٻاري پوءِ ھلون ترس ٿورو ھوءَ نھاري پوءِ ھلون. . “
ائين ”تون ڪيئن منھنجو ڀاءُ وڏيرا. . . . “ پڻ اڳ ۾ لکيل ۽ جلسن ۾ ڳايل آھي جنھن مفھوم، طرح ۽ قافيئي سان شاعري سرواڻ بہ ڪئي آھي.
”مار پوئي شل مار وڏيرا. . . . . . . “
سندس ھڪ غزل ۾ ”وانگي“ جو قافيو استعمال ٿيل آھي
”گذريل ڳالھيون خوابن وانگي. . . . . . . . . . . . . . “
جڏھن تہ ساڳي طرح ۽ مفھوم وارو غزل سرواڻ جو جوھي واسي جاني اسحاق ملاح پڻ، ”وانگي “ جي قافيئي تي”تو بن کامان کُوريءَ وانگي“، ڪيئي سال اڳ لکي، ڇپرائي ۽ ڳائي ويو آھي. توڙي جو ساڳي مفھوم ساڳي طرح ساڳي رديف قافيہ تي شاعري ڪرڻ ڪو غلط ناھي ليڪن پڙھندڙ وٽ اھو احساس ضرور ٿئي ٿو تہ اھڙي قسم جي شاعري اڳ ۾ بہ ٿيل آھي نتيجي ۾ تاثر سٺو نٿو جڙي.
ھن مجموعي ۾ شاعر چار غزل ڊسمبر مھيني ۾ محبت پيار پنھنجائپ ملن سنجوڳ جي ڪيفيت تي پڻ لکيا آھن. ڊسمبر کي ايترو ڳائڻ “ سمنڊ منھن ڪيان تہ سُرڪيائي نہ ٿئي “ جو اظھار ئي ٿي سگهي ٿو.
ڪتاب ۾ موجود شاعري پڙھندي بار بار اھو احساس پئي ٿيو تہ ھر غزل ۾ ھڪ ڪيفيت موجود آھي ۽ پڙھندي اھو گمان بہ غالب رھي پيو تہ ھڪ غزل ۾ موجود ڪيفيت ٻئي غزل ۾ موجود ڪيفيت سان تڪرار بہ ڪندي ھلي ٿي.
جيئن غزلن جون ڪجهہ سٽون آھن،
”توبن سڪندي سڪندي سائين، سرواڻ ٿيو بيمار آ ڪيڏو. . . “
ڄاڻايل ڪيفيت ۾ سرواڻ بيمار آھي ۽ ميارون بہ ڏئي ٿو ليڪن ھيٺين غزل ۾ وري ڪنھن سان ڪو حساب ئي نٿو ڪري،
”پيار ۾ سرواڻ ڪھڙا ليکا، انگن جي تہ حسابن وانگي. . . “
ھن غزل ۾ ليکڪ جدوجھد جي مڪمل موڊ ۾ آھي
”ڏاڍ جو ڌونگر ڏرڻو آھي، ھٿ ڳنڍيل جي ھڪ اشاري. . . “
جڏھن تہ ھيٺين غزل ۾ شاعر جيون کي مھمان سڏيندي نظر اچي ٿو
”جيون آ مھمان سمورو، تنھن سان توڙ نڀائي ڪير. . . “
جڏھن تہ ھن غزل ۾ سرواڻ دنيا کي اميدن تي قائم سڏي ٿو
”اميدن تي قائم سڄي ساري دنيا، اڄ ۾ سڀان جو ڇو آ کٽڪو لڳو. . . “
ائين ڪنھن ويلا تہ شاعر جي من تي ڪاري رات جو واسو آھي جيئن سندس غزل جون ھيٺيون سٽون ڏس پتو ڏين ٿيون.
”گڏ ھجومن ھوندي اڪيلو، مون لاءِ ڪاري رات رھي ٿي. . . . “
ڪتاب ۾ موضوع جام آھن، ڪي غزل تازگي جي واس ۾ واسيل آھن تہ اڪثرغزل نغمگي ۾ غوطا کائيندي بہ ملن ٿا، غزل ۾ خيال جي اڏام بہ آھي تہ اھي خيال سچل چواڻي ”ڪڏھن من ماڪوڙي ڪڏھن ڪيھر شينھن “ جھڙي ڪيفيت جو اظھار بہ آھن. اھا ڪيفيت غزل جي ھن ڳٽڪي جي سرجڻھار سنڌ جي جاکوڙي شاعر سڪندر سرواڻ جي بہ آھي.
سرواڻ جي ھن شعري مجموعي ” مٽي لڌو مان “ ۾ لطيف جي سرجيل ڪجهہ استعارن جي تڪرار۾ ھڪ خوبصورت غزل رچيل آھي جنھن ۾ سنڌ ۽ سنڌ واسين لاءِ لطيف جو پيغام نئين انداز ۾ ڏنل آھي جنھن کي ھن شعري ڳٽڪي جي سونھن چئجي تہ وڌاءُ نہ ٿيندو. ھن غزل ۾ جھڙو لفظن جو تال ميل ۽ سٽاءُ آھي تھڙي ان ۾ تازگي ۽ نغمگي بہ آھي.
”ڀٽ ڌڻي سد بار چئي ويو، دل جا وھم وسار چئي ويو،
سوڀ جي خاطر سر جو سانگو، آڏي ڍال م ڍار چئي وي،
پنھنجو پاڻ ۾ پاڻ سمائي، پاڻ کي ڳولي ڳار چئي ويو،
ڌرتي خاطر ٻولي خاطر، پنھنجو سر بہ وار چئي ويو. . . . . . . . . . . . . . . . . . . “

آخري اکر

مون، امان حوا جي ڪک مان جنم نہ ورتو نہ وري انجي ٿڃ پيتي ليڪن سليمان رند جي امڙ حوا، منھنجي بہ امان ٿي پئي.
ٻاروتڻ ۾ شام جو آءُ رندن جي ٻارن سان کيڏندو رھندو ھيس ۽ منھنجو پڙاءُ امان حوا جو گهر ھوندو ھيو جتي امان حوا مونکي کير پيارڻ کانسواءِ گهر واپس وڃڻ نہ ڏيندي ھئي، تيسين منھنجي گهر وارن کي بہ ياد پوندو ھيو ۽ اڪثر منھنجي وڏي ڀيڻ حجو مونکي گهر وٺي ويندي ھئي. امان حوا جي محبت ۽ پيار منھنجي جيون جي وڏي وٿ ٿي رھيو.
پرائيمري اسڪول جوھي ۾ سائين محمد حسن پنھور ھڪ ڏينھن ڪلاس ھلندي ٻڌايو تہ سنڌي ٻولي، شاھوڪار ٻولي آھي ۽ سنڌوءَ جي تھذيب ھزارين سال پراڻي آھي. اھي ٿورڙا اکر، پوري زندگي پيڇو ڪندارھيا.
ھاءِ اسڪول جوھي جي ڇھين ڪلاس جي ڪمري جي اڀرندي ڀاڪر ۾ ڊرائينگ ھال ھوندو ھيو جنھن جو در کلڻ سان ھال جي چئني ديوران تي مارئي، نوري، سھڻي، سسئي جون قد آدم تصويرون چٽيل ھيون جنتي جيئري جاڳندي ماڻھوءَ ھجڻ جو گمان ٿيندو ھيو ۽ نظر وجهڻ سان ڪنھن داستان جو ڏس ملندو ھيو. انھن چترن جي ھڪ ڪنڊ تي ھيٺ فتاح چترڪار جو نالو چٽيل ھوندو ھيو. ستر جي ڏھاڪي ۾ چٽيل اھي چتر سوين ذھنن جي فڪري آبياري ڪندا رھيا ۽ مونکي بہ وڻ ويڙھي جيان چنبڙي پيا. اسڪول جي ھڪ استاد ڪجهہ ڏينھن اڳ ٻڌايو تہ اھو ڊرائنگ ھال ڊاھي پٽ ڪيو ويو آھي، منھنجي وجود مان درڙيون نڪري ويون تہ اھو ٻڌي فتاح ھاليپوٽي جي من تي ڇا گذرندو جنھن پنھنجو نور نچوئي اھي چتر چٽيا ھيا.
انھي ڊرائينگ ھال ڊھڻ ۽ چتر زمين دوز ٿيڻ جھڙي بي حسي ۽ ستم ظريفي وقت ڪنھن ذِي شعور جوھي واسي کي چھنڊڙِي بہ نہ آئي، ڪا جهٻي بہ نہ آئي !!!
اڪبر جسڪاڻي ميموريل لائيبرري 3 جولائي 1999ع ۾ پنھنجي مدد پاڻ تحت ٺھي، انھي جي فنڪشنل رھڻ ۽ برقرار ھجڻ ۾ جوھي جا سوين ھٿ ھمراھي ٿيا.
جوھي جي عام شھري، ساڃاھ وند کان جوھي جي يونين ڪائونسل، تعلقہ ميونسپل ائڊمنسٽريشن ۽ ميونسپل ڪميٽي، ميونسپل ڪميٽي چيئرمين عبدالمجيد جمالي، ڊپٽي ڪمشنر سليم رضا کھڙو ۽ راجا شاھ زمان کھڙو جو سھڪار رھيو. 27 سالن کانپوءِ بہ اھا لائيبرري فنڪشنل آھي ۽ علم، فڪر جو ڪاروان، روان دوان آھي.
ڪاميابي جو اھوماڊل، اھو سبق ڏئي ٿو تہ عوام ۽ حڪومتي ادارن ۾ سھڪار سان گهڻُو ڪجهہ ڪري سگهجي ٿو.
سال 2010ع ۾ جوھي ۾ قھري ٻوڏ آئي، جنھن کي جوھي جي ماڻھن جي تاريخي مزاحمت شڪست فاش ڏني. انھي فتح ۾ ھڪ ڪردار ”چنبي واري مشين“، ٽريڪٽرن، ٽرالين ۽ انھن ۾ استعمال ٿيل ھزارين لٽر تيل جو بہ آھي.
اھڙي سھڪار کان سواءِ رنگ بند کي سگهارو ۽ ناقابل شڪست بڻائڻ ڏکيو ھيو.
آخري اکرن ۾ ڪجهہ اکر اھي بہ تہ، عوامي ڀلائي جي اھا سرگرمي لاڀا. ئتي رھي ٿي جيڪا پنھجي جوھر ۽ عمل ۾ جوڙڻ جو وکر رکندي ھجي.
سماج جي مختلف پرتن کي جيترو جوڙبو، نتيجو اوترو ھمہ گير ۽ ڪارگر ھوندو.
انھي خيال جو سونھون لطيف سرڪار بہ آھي،
”محبتي ميڙي، ڳوٺ ٻڌجي ھڪڙو
تنين جي ويڙھي، پاڻيھي ايندو پاتشاھ. . “







چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جا ساٿي ۽ ڪلاس فيلو دوست

ليکڪ جا شايع ٿيل ڪتاب

1. سنڌ جا سياسي ڪردار
2. سنڌ جو بلاگر عبدالرحمان پيرزادو
3. مھين جو سرجڻھار
4. مينھن نينھن نباھ
5. مت جي ڪٿ
6. سرن سندو سنگ
7. پگهر جو پيار
8. راءِ بڻجي ٿي راھ
9. اميد ڀرئي آئيندي جو پنڌ
10. ”جيون جهاڳ اجهاڳ“ ساروڻيون ڀاڱو پھريون
”سنڌ جا سياسي ڪردار“، ھارڊ ڪاپي تي جڏھن تہ باقي سڀ ڪتاب ڊجيٽل طريقي شايع ٿيل آھن. سمورا ڪتاب ايم، ايڇ، پنھور انسٽيٽيوٽ، آف سنڌ اسٽڊيز، ڄامشوري جي ويبسائيٽ
Lib. sindh. pk، جڏھن تہ ”جيون جهاڳ اجهاڳ“ ساروڻيون ڀاڱو پھريون سنڌ سلامت ڪتاب گهر جي ويب سائيٽ، books. sindhsalamat. com تي پڻ موجود آھي.