سفرناما

مريم جي ديس ۾

هي ڪتاب يوسف سنڌيءَ جي چين ۾ گذاريل سُندر ۽ ساھ سڌير ساروڻين جي روئداد آهي. ڪتاب پنجن ڀاڱن ۾ ورهايل آهي. پھريون حصو ”ڏٺم چين چاھ مان“ ۾ اسلام آباد کان گوانچو تائين روانگي ۽ ڪجهہ ٻين هنڌن جي سفر جون ساروڻيون آهن. ٻيو حصو، ”چين جا ڏينھن ۽ راتيون“ جي عنوان سان چين جي شھر نئننگ (Naning) ۾ گذاريل ڏينھن جي روزاني ڊائري آهي، ٽيون حصو ”چيني سياست ۽ سماج“ بابت آهي، چوٿون حصو ”چين ترقيءَ جي رستي تي“ جي عنوان سان ڏنو ويو آهي،  پنجون حصو ’چيني ادب‘ بابت ڏنو ويو آهي، جنھن ۾ چيني اديبن، شاعري ۽ ڪھاڻيءَ بابت مختصر حال احوال سان گڏ ڪجهہ چيني شاعري ۽ ٽن ڪھاڻين جا ترجما ڏنل آھن. 

  • 4.5/5.0
  • 20
  • 6
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book Maryam Jy Des Mein

حق ۽ واسطا

سچائي اشاعت گهر جو ڪتاب نمبر _ 150

ڪتاب جو نالو : مريم جي ديس ۾
موضوع : سفرنامو
ليکڪ : يوسف سنڌي
ڇاپو (پھريون) : 2025ع
ٽائٽل ڊزائن : مور ساگر
ڪمپوزنگ : ناصر قاضي
ڇپيندڙ : ساحل پرنٽرز رابعہ اسڪوائر گاڏي کاتو
حيدرچوڪ حيدرآباد (12) 03332634650
ڇپائيندڙ : سچائي اشاعت گهر- دڙو فون: 3640468-0301

قيمت : 1000 روپيا

ارپنا

پنھنجي پُٽ ڊاڪٽر وشال ميمڻ
Dr. Vishal Memon
سندس وني
وانگ ين هونگ
Wang yun Hong
۽ پنھنجي پوٽي مريم وشال
Mariam Vishal
جي نالي.

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري ليکڪ ۽ پبلشر يوسف سنڌيءَ جو لکيل چين بابت سفرنامو ”مريم جي ديس ۾“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون.
هي ڪتاب ”مريم جي ديس ۾“ يوسف سنڌيءَ جي چين ۾ گذاريل سُندر ۽ ساھ سڌير ساروڻين جي روئداد آهي. ھي ڪتاب پنجن ڀاڱن ۾ ورهايل آهي. پھريون حصو ”ڏٺم چين چاھ مان“ ۾ اسلام آباد کان گوانچو تائين روانگي ۽ ڪجهہ ٻين هنڌن جي سفر جون ساروڻيون آهن. ٻيو حصو، ”چين جا ڏينھن ۽ راتيون“ جي عنوان سان چين جي شھر نئننگ (Naning) ۾ گذاريل ڏينھن جي روزاني ڊائري آهي، جنھن ۾ زندگي جي عام ڪاروهنوار سان گڏ چين بابت ڪيل مطالعي ۽ چين جي ترقي ۽ تاريخ بابت ليکڪ جا هلڪا ڦلڪا ويچار پڻ آهن. ٽيون حصو ”چيني سياست ۽ سماج“ بابت آهي، جنھن ۾ حڪمران جماعت ڪميونسٽ پارٽيءَ سميت مائوزي تنگ کان وٺي شي چن پنگ تائين جو حال احوال ڏنل آهي. چوٿون حصو ”چين ترقيءَ جي رستي تي“ جي عنوان سان ڏنو ويو آهي، جنھن ۾ ’چيني ٻولي‘، ’زراعت‘، ’ٽيڪنالاجي‘، ’ڪرپشن‘ وغيرہ بابت حال احوال ڏنو ويو آهي. پنجون حصو ’چيني ادب‘ بابت ڏنو ويو آهي، جنھن ۾ چيني اديبن، شاعري ۽ ڪھاڻيءَ بابت مختصر حال احوال سان گڏ ڪجهہ چيني شاعري ۽ ٽن ڪھاڻين جا ترجما ڏنل آھن. ليکڪ ڪوشش ڪئي آھي تہ سير سفر جي احوال سان گڏ چين جي سياست، سماج ۽ ادب بابت پڻ ڄاڻ مھيا ڪجي.
هي ڪتاب سچائي اشاعت گهر دڙو پاران 2025ع ۾ ساحل پرنٽرز وٽان ڇپايو ويو آھي. اسان ٿورائتا آهيون مور ساگر ۽ يوسف سنڌيءَ جا جن ڪمپوز ٿيل ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر لاءِ موڪليو.




محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

ڏٺم چين چاھہ مان

---

ليکڪ پاران

زندگيءَ ۾ ڪي سُندر لمحا ۽ ساھہ سڌير ساروڻيون اهڙيون هونديون آهن، جن کي ماڻھو بار بار سارڻ ۽ انھن ۾ گم ٿي وڃڻ چاهيندو آهي. ايئن 8 آڪٽوبر 2024ع تي جڏهن آءٌ ۽ منھنجي گهر واري اسلام آباد ايئرپورٽ تان چين جي شھر گوانچو ڏانھن اڏام ڪري رهيا هئاسين، جتي ٻي ڏينھن نائين آڪٽوبر تي صبح جو سوير چيني وقت موجب اسان کي اٺين بجي پھچڻون هو تہ اسان ٻنھي جا چھرا ٻھڪي رهيا هئا ۽ اسان جي خوشي ڏسڻ وٽان هئي. اتي اسان اٺن سالن کان پوءِ پنھنجي پُٽ ڊاڪٽر وشال ميمڻ سان ملڻ وارا هئاسين. ساڻس گڏ سندس چيني وني ۽ ننڍڙي پتڪڙي ڏيڍ سال جي ڌيءَ مريم بہ هئي. جھاز پنھنجي رفتار سان هلي رهيو هو، پر اسان کي ايئن محسوس ٿي رهيو هو، ڄڻ اهو سست رفتاريءَ سان پي هليو، بلڪل اهڙي ڪيفيت هئي، جھڙي حيدرآباد جي رستن تي رڪشا آهستي هلندو آهي تہ رڪشا واري کي چئبو آهي تہ يار جلدي هل بس نہ نڪري وڃي.
اٺ سال اڳ جڏهن وشال چين ويو هو تہ مون تصور بہ نہ ڪيو هو تہ هڪ ڏينھن آءٌ ۽ سندس امڙ ساڻس ملڻ جي لاءِ چين وينداسين.
چين ۾ اسان جو قيام 9 آڪٽوبر کان وٺي 3 ڊسمبر تائين رهيو. چوٿين ڊسمبر تي اسان واپس پنھنجي ماتر ڀومي سنڌ وطن پھتاسين.
هي ڪتاب ”مريم جي ديس ۾“ انھن سُندر ۽ ساھہ سڌير ساروڻين جي روئداد آهي. جيڪو مون پنجن ڀاڱن ۾ ورهايو آهي.
پھريون حصو ”ڏٺم چين چاھہ مان“ ۾ اسلام آباد کان گوانچو تائين روانگي ۽ ڪجهہ ٻين هنڌن جي سفر جون ساروڻيون آهن. ٻيو حصو، ”چين جا ڏينھن ۽ راتيون“ جي عنوان سان چين جي شھر نئننگ (Naning) ۾ گذاريل ڏينھن جي روزاني ڊائري آهي، جنھن ۾ زندگي جي عام ڪاروهنوار سان گڏ چين بابت ڪيل مطالعي ۽ چين جي ترقي ۽ تاريخ بابت منھنجا هلڪا ڦلڪا ويچار پڻ آهن. ٽيون حصو ”چيني سياست ۽ سماج“ بابت آهي، جنھن ۾ حڪمران جماعت ڪميونسٽ پارٽيءَ سميت مائوزي تنگ کان وٺي شي چن پنگ تائين جو حال احوال ڏنل آهي. چوٿون حصو ”چين ترقي جي رستي تي“ جي عنوان سان ڏنو ويو آهي، جنھن ۾ ’چيني ٻولي‘، ’زراعت‘، ’ٽيڪنالاجي‘، ’ڪرپشن‘ وغيرہ بابت حال احوال ڏنو ويو آهي. پنجون حصو ’چيني ادب‘ بابت ڏنو ويو آهي، جنھن ۾ چيني اديبن، شاعري ۽ ڪھاڻي بابت مختصر حال احوال سان گڏ ڪجهہ چيني شاعري ۽ ٽن ڪھاڻين جا ترجما ڏنا اٿم. ايئن ڪوشش اها ڪئي اٿم تہ سير سفر جي احوال سان گڏ چين جي سياست، سماج ۽ ادب وغيرہ بابت بہ ڄاڻ مھيا ڪجي.
چين ۾ گذاريل انھن ڏينھن جي سُندر ۽ ساھہ سڌير ساروڻين کي جڏهن ذهن ۾ تازو ڪريان ٿو تہ اهو احساس شدت سان ٿيم ٿو تہ چيني قوم جو زوال کان عروج جو سفر بنا ڪنھن شڪ جي محنت، قربانين سان گڏ عوام ۽ چيني قيادتن جي دورانديشي ۽ ڪمٽمينٽ جو سفر آهي، جنھن مان سکڻ گهرجي.
هر لکندڙ جو لکڻ جو پنھنجو اسلوب آهي، جنھن جي ذريعي هو پنھنجي ڳالھہ پڙهندڙن تائين پھچائي ٿو. مون بہ ڪوشش ڪئي آهي تہ مون جيڪو ڏٺو، وائٺو، سکيو ۽ سمجهيو اهو پڙهندڙن سان ونڊيان.
اميد اٿم تہ منھنجي هن سفرنامي ’مريم جي ديس ۾‘ مان پڙهندڙ ساٿين کي وندر ۽ ورونھن سان گڏ ڄاڻ بہ ملندي.
آءٌ ٿورائتو آهيان محترم راز محمد لغاريءَ جو، جنھن منھنجي سَنھن ۽ نہ سمجهہ ۾ ايندڙ اکرن کي نھايت محنت سان ڪمپوز ڪيو ۽ هِتي هُتي لکيل خيالن کي هڪ هنڌ ترتيب سان ڪمپوز ڪيو. سندس وڏا قرب.

- يوسف سنڌي
حيدرآباد، 5 فيبروري 2025ع

جڏهن وشال چين ويو

اهو ڊسمبر 2016ع جي پڇاڙي يا جنوري 2017ع جي پھرين هفتي جو ڪو ڏينھن هو. شام جا ست يا ساڍا ست ٿيا هئا، آءٌ حيدرآباد جي ’عبدﷲ ٽائون‘ جي مسواڙي گهر جي مٿينءَ ڪمري ۾ ويٺو ڪتاب هيٺ مٿي ڪري رهيو هئس، جو ڪمري جو دروازو کليو ۽ منھنجو ٻيو نمبر پٽ وشال اندر گهڙيو ۽ گهڙڻ شرط چيائين، ”ابو ابو... آءٌ چين وڃڻ ٿو گهران!“
”چين؟“ مون کيس ڏسندي چيو، ”مون توکي ڪيترا ڀيرا چيو هو، پر تون سدائين چوندو هُئين تہ چين ۾ پڙهيل ڊگريءَ جي پاڪستان ۾ ڪابہ ويليو ڪونھي، هاڻ وري چين؟“
”راهول بہ وڃي ٿو. اسان گڏجي فيصلو ڪيو آهي تہ ميڊيڪل پڙهڻ جي لاءِ چين وينداسين.“ مون وشال ڏانھن ڏٺو. منھنجون اکيون ڀرجي آيون. انٽر پاس ڪرڻ کان پوءِ وشال ۽ سندس دوست راهول گڏجي ميڊيڪل جي تياري ڪئي. لمس ۾ انٽري ٽيسٽ ٻنھي گڏجي ڏني، پر ٻيئي ڄڻا ٿورين مارڪن تان رهجي ويا. پوءِ ٻنھي گڏجي وري نئين سر امپروومينٽ ڪرڻ جو سوچيو ۽ ان جي تياريءَ ۾ لڳي ويا.
اوچتو منھنجي گهر واري ڪمري ۾ گهڙي آئي ۽ اسان ٻنھي کي ايئن بيٺل ڏسي سواليا نظرن سان مون ڏانھن ڏٺائين. اُن وچ ۾ لڙڪ منھنجي اکين مان ڳڙهي اچي منھنجي ڳلن تي پيا هئا.
اهي لڙڪ خوشيءَ جا لُڙڪ هئا.
منھنجي خواهش هئي تہ منھنجا سڀ ٻار يونيورسٽيءَ تائين پڙهن ۽ منھنجي هڪ ڌيءَ ۽ پُٽ ڊاڪٽر ٿين. منھنجون ٻيئي نياڻيون تہ يونيورسٽيءَ تائين پڙهيون. هڪ سنڌيءَ ۾ ايم. اي ڪئي ۽ ٻيءَ باٽني ۾ MSc ڪئي. حالتن سبب هو ميڊيڪل جي انٽري ٽيسٽ ۾ ويھي نہ سگهيون. وشال وڏي محنت ڪئي، سڄيون سڄيون راتيون پڙهيو، پر انٽري ٽيسٽ ۾ ٿورين مارڪن تان رهجي ويو.
وشال جو اها ڳالھہ ڪئي تہ خوشيءَ سبب منھنجا لڙڪ لڙي پيا، جن کي ڏسي منھنجي گهر واري پُڇيو، ”خير تہ آهي... روئين ڇو پيو...؟“
وراڻيم، ”خوشي بہ روئاڙيندي آهي.“
منھنجو اهو جواب کيس سمجهہ ۾ نہ آيو ۽ وشال کان پڇڻ لڳي، ”پڻھين ڇو پيو روئي؟“ منھنجن لُڙڪن تي وشال خود حيران ٿي ويو هو ۽ مُنجهي پيو تہ ابوءَ کي ڇا ٿي ويو آهي.
وشال منھنجو اهڙو پُٽ آهي، جنھن سان منھنجون ٽي نسبتون آهن، پھرين اها تہ هو منھنجو پُٽ آهي. ٻي اها تہ کيس منھنجي جيجل امڙ سانڍيو، هو رهندو ئي امان سان هو. سندس ڪپڙي لٽي، کاڌي پيتي جي ذميواري ڄڻ امان جي هئي. سُمھندو بہ امان وٽ هو. ماڻھنس يعني منھنجي گهر واري، جڏهن مٿس ڪنھن ڳالھہ تان ڪاوڙبي هئي تہ چوندي هُيس، ”وڃ پنھنجي ماءُ ڏانھن.“ ۽ هو اُٿي امان ڏانھن هليو ويندو هو. وشال، امان کي ’امان‘ ۽ منھنجي گهر واري يعني ماڻھنس کي ’امي‘ چوندو آهي.
امان وري وشال کي وشال بدران ’اشال‘ چوندي هئي. وشال جي بہ امان سان گهڻي لڳندي هئي. امان جيستائين جيئري هئي، تيستائين هو ساڻس گڏ رهيو، پوءِ جڏهن امان 22 آڪٽوبر 2010ع تي وفات ڪئي تہ هو اسان سان رهڻ لڳو. پھرين تہ ويڳاڻون ۽ اٻاڻڪو رهندو هو، پر پوءِ اسان سان هِري مري ۽ ايڊجسٽ ٿي ويو.
امان سدائين اها دعا ڪندي هئي ۽ چوندي هئي تہ ”ڏسجو، منھنجو پٽ اشال وڏو ٿي پڙهي ڊاڪٽر ٿيندو.“
اڄ جڏهن وشال ڊاڪٽر وشال بنجي ويو آهي تہ سوچيندو آهيان تہ امان جي دعا اگهامي ويئي.
وشال سان منھنجي ٽين نسبت اها آهي تہ هو منھنجو پُٽ تہ آهي، پر ان کان وڌيڪ منھنجو دوست آهي.
’ايوو‘ ۾ جڏهن وشال جي دوست حيدر وشال جي اها ڳالھہ ٻڌي تہ آءٌ ۽ ابو پاڻ ۾ دوست بہ آهيون تہ چيائين، ”جب باپ اور بيٽا دوست بن جائين تو پھر ڪيا بات هي.“
مون سدائين اها ڪوشش ڪئي تہ پنھنجي اولاد سان دوستاڻو رويو رکان. منھنجي ان رويي مون کي فائدو بہ ڏنو تہ نقصان بہ. بس اهو بہ زندگيءَ جو هڪ تجربو رهيو، جيڪو هنن لفظن ۾ اظھاري سگهان ٿو تہ،”هڪ پيءُ کي پنھنجي اولاد سان دوستاڻون رويو تہ هلڻ گهرجي، پر کيس پيءُ بہ ضرور ٿيڻ گهرجي ۽ پنھنجي پيءُ واري حق تان دستبردار نہ ٿيڻ گهرجي ۽ ضرورت آهر اهو حق بہ استعمال ڪرڻ گهرجي.“
وشال جي ان فيصلي ۽ منھنجي هائوڪار ڪرڻ کان پوءِ تياريون شروع ڪري ڏنيوسين. هوريان هوريان سڀ مرحلا اُڪري وڃي پار پياسين. ٻين سڀني معاملن ۽ مسئلن جي ڀيٽ ۾ اصل مسئلو پئسن جو هو. ان وقت ايئن سمجهو تہ منھنجي گهر ۾ ٻہ ڪاڄ هئا. 24 فيبروريءَ تي منھنجي ننڍي نياڻي امرتا جي شادي هئي. مون وٽ سواءِ ان جي ٻي ڪا واھہ نہ هئي تہ دڙي ۾ پنھنجي گهر جو اڌ وڪڻان. ان لاءِ بھترين گراهڪ منھنجو ماسات محمد الدين ميمڻ هو. مون کيس اها آڇ ڪئي، هن ها ڪار ڪئي. پر جڏهن سوڌو طئي ٿيو تہ هن ايترو تہ گهٽ اگهہ ڏنو، جو منھنجو ساھہ ئي نڪري ويو ۽ ان مھل هو صفا سڀ رشتا ناتا، لڳ لاڳاپا وساري ويھي رهيو.
ٻاهر نڪتاسين تہ وشال مايوسيءَ مان چيو، ”چاچا پپوءَ تہ پاڻ کي صفا ڦري ڇڏيو پنھنجي مرضي سان اگهہ لڳايائين. ڄڻ مفت ۾ وٺي ويو. هل تہ واپس هلي کيس پئسا واپس ڏيون. گهر نہ ٿا وڪڻون. آءٌ چين نہ ٿو وڃان..“ اهو چئي هو بيھي رهيو. مون سندس هٿ جهليو ۽ چيو، ”پنھنجي سامھون وڏو مقصد آهي، تنھنجي پڙهائي... پاڻ کي جيڪو نقصان ٿئي پيو، ان کي ڏسڻون ڪونھي. بس اڳتي وڌڻون آهي. وقت ايندو تہ ويندا سڀ ڏک ۽ غم لھي ويندا. بس مڙس ماڻھو ٿي.“
پوءِ ڄڻ آءٌ وشال کي گهيلي گهر وٺي آيس.
وقت گذري ويو. ان ڳالھہ کي اٺ ساڍا اٺ سال گذري ويا آهن. وشال، چين ويو، ﷲ جي مھربانيءَ سان ڊاڪٽر ٿيو. کيس پالڻھار سڀ ڪجهہ ڏنو آهي، پر ماسات محمد الدين جو اهو رويو نہ اڃا وشال کان وسريو آهي ۽ نہ مون کان.
نيٺ سڀ مرحلا پار ڪري 24 مارچ 2017ع تي چين پڙهڻ جي لاءِ روانو ٿيو. سندس چين روانگي جي روئداد منھنجي ڊائري ۾ هن ريت لکيل آهي:
[25 مارچ 2017ع]
وشال خير سان ميڊيڪل جي تعليم حاصل ڪرڻ جي لاءِ چين روانو ٿي ويو. رات ٻارهين بجي ’ٿائي ايئرويز‘ ۾ پھرين بئنڪاڪ ۽ اتان چين. ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جو اهو گروپ پنجويھن شاگردن تي مشتمل هو. جنھن مھل هو سڀ لائونج اندر سامان جون ٽراليون گهلي وڃي رهيا هئا تہ مون کي عجيب منظر نظر آيا. مائٽ پنھنجي اولاد سان ڪيتري محبت ٿو ڪري، اهو ٻار تڏهن ئي محسوس ڪري سگهي ٿو، جڏهن هو پاڻ پيءُ يا ماءُ بنجي. ڪن جي اکين ۾ لڙڪ هئا تہ ڪي دل ۾ دعائون گهري رهيا هئا. ڪن پنھنجن پُٽن کي حفاظت لاءِ امام ضامن ٻڌا هئا، تہ ڪي قرآن ۽ درود پڙهي مٿن دَم ڪري رهيا هئا. مائٽ واقعي پنھنجي اولاد لاءِ چريو هوندو آهي. خود منھنجي حالت اها آهي، تہ منھنجي اکين مان لڙڪ بيٺا ئي نہ ٿي. اڃا بہ نٿا بيھن، پر آءٌ پنھنجن لڙڪن کي ٻي معنيٰ ڏيندس. منھنجا لڙڪ خوشيءَ جا آهن. اهو سڀ منھنجي انتھائي غريب پس منظر هئڻ سبب آهي، بابا مزدور هو، پھرين ڍڳا گاڏي هلائيندو هو ۽ پوءِ رازن سان گڏ مزدوري ڪيائين ۽ آءٌ ماستر، جنھن جو ﷲ تعاليٰ کان سواءِ ٻيو تہ ڪو اوهي، نہ واهي.
ايئرپورٽ تي موڪلائڻ مھل مون جڏهن سمير کي روئندي ڏٺو تہ حيران ٿي ويس. وشال وڃڻ مھل کيس پنج سؤ روپيا خرچي ڏني ۽ چُميون ڏنيون. آءٌ سمير جو اهو روپ ڏسي اڃا تائين حيرت ۾ آهيان. وشال کيس گهڻو ڀائيندو آهي. ايئرپورٽ تي سالن کان پوءِ وشال ۽ شھزاد ڀاڪر پائي موڪلايو. ٻئي نون ڏهن سالن کان ڪونہ ڳالھائين. ان ۾ وشال جو گهٽ ۽ شھزاد جو ضد وڌيڪ هو. وشال پنھنجي بائيڪ بہ شھزاد کي ڏيئي ڇڏي، جيڪا هن ٻہ هزار ٻارهن ۾ پنھنجي خرچي ميڙي ورتي هئي.
وشال جي روانگي کان پوءِ آءٌ هڪ خال محسوس ڪندس، اسان جو پاڻ ۾ رشتو پيءُ ۽ پٽ کان وڌيڪ دوستن جھڙو رهيو. آءٌ ساڻس ڪيتريون ئي ڳالھيون شيئر ڪندو هئس.
انشاءَ ﷲ منھنجو پِشو جڏهن ’ڊاڪٽر وشال يوسف‘ ٿي موٽندو تہ اسان گڏجي منھنجي خواب موجب ”امان صفوران اسپتال“ کولينداسين. جيئن غريبن جي خذمت ڪري سگهون.
[26 مارچ 2017ع]
وشال فون ڪري حال احوال ٻڌايو تہ، ڪراچي کان بئنڪاڪ، اتان پوءِ ڪنيڪٽ فلائيٽ سبب جھاز بدلائي گوانگسي ۽ اتان وري ٻي جھاز ۾ نئننگ پھتاسين. جتان ايئرپورٽ تان اسان کي بس کڻي يونيورسٽي پھچايو. يونيورسٽي گهڻي وڏي آهي، هاسٽل جو مرمتي ڪم هلي رهيو آهي، تنھنڪري اسان کي هڪ هوٽل ۾ رهايو اٿن، جيڪا يونيورسٽيءَ جي احاطي ۾ ئي آهي. آءٌ ۽ راهول هڪ روم ۾ آهيون، رات برياني کاڌيسين. مزو نہ ڏنائين، اسان کان ماني جا 550 يوان ورتائون. مھيني لاءِ. هڪ سؤ يوان ڏيئي سم ورتم. وڌيڪ ٻڌايائين تہ، ڏهن ڏينھن کان پوءِ ڪلاس شروع ٿيندا. اسان سان گڏ ’سيان‘ جو جيڪو نمائندو آهي، تنھن ٻڌايو تہ هڪ سيمسٽر هلي ويو آهي، اوهان کي ڇھن مھينن کان پوءِ سيپٽمبر ۾ وري فيءَ جا ٻہ لک نوي هزار ڏيڻا پوندا، جنھن ڪري سڀ ڇوڪرا پريشان آهن. اها سيان (Sayan) وارن حرامپائي ڪئي آهي. اهو بہ ٻڌايائين تہ ”هتي سڀئي ڇوڪرا پنھنجي في کڻي آيا آهن. مون ۽ راهول،’ سيان‘ وارن کي ڏيئي غلطي ڪئي. هنن اسان کان ارڙهن هزار روپيا وڌيڪ ورتا آهن. وشال اهو بہ ٻڌايو تہ مھيني جي ماني جي 550 يوان سان گڏ 25 يوان پاڻيءَ جا بہ ورتا اٿن. هتي هر شئي پئسي جي آهي، پاڻي بجلي وغيرہ.
پوءِ وشال وڊيو ڪال ذريعي ڪمرو ڏيکاريو. سٺو صاف سٿرو ڪمرو آهي. ٻڌايائين تہ چيني سڀ هڪجھڙا چھرا آهن، خبر ئي نہ ٿي پوي تہ منجهن فرق ڪيئن ڪجي. اهو بہ ٻڌايائين تہ شام جو پارڪ ۾ وياسين تہ چيني ٻارڙا اسان تي ڄڻ عاشق ٿي پيا، صفا هِري مِري ويا. وشال انھن چيني ٻارن سان گڏ فوٽو بہ ڪڍي موڪليا.
وشال سان ڳالھائڻ، کيس ڏسڻ ۽ حالي احوالي ٿيڻ کان پوءِ منھنجي طبيعت ۾ سڪون اچي ويو. نہ تہ ڪالھہ سڄو ڏينھن ڳوڙها ڳڙندا رهيا. جن جو آءٌ تجزبو ڪندو رهيس. هاڻ ڳوڙها بند ٿي ويا آهن. نتيجو اهو ڪڍيم تہ اهي ڳوڙها ڄڻ وڇوڙي جا هئا. هاڻ رابطا بحال ٿيا ۽ سندس خيريت معلوم ٿي تہ اندر مان اُلڪا ختم ٿي ويا.
وشال ٻڌايو تہ ٻيا ڇوڪرا ڪجهہ بہ کڻي نہ آيا آهن. صفا پريشان لڳا پيا آهن. چيومانس اهو سڀ سندن صحيح رهنمائي نہ ٿيڻ سبب ’سِيان‘ وارا بالادي ڇوڪرن جي صحيح رهنمائي نہ ٿا ڪن، هو ايجنٽ آهن. سندن ڪم شاگردن مان پئسو ڪڍڻ هوندو آهي. پاڻ کي ماما اڪرم سٺي نموني گائيڊ ڪيو، جنھن جو پُٽ پڻ چين ۾ ميڊيڪل ۾ پڙهي ٿو. جنھن ڪري تون گهڻيون شيون کڻي وين. چيومانس تہ هروڀرو ڪنھن ٻي پاڪستاني ڇوڪري سان فري ٿيڻ يا دوستي جي ضرورت ڪونھي. بس تون ۽ راهول گڏ رهجو، جيسين ماحول سمجهو ۽ پنھنجي شين کي هوريان هوريان ۽ مناسب نموني استعمال ڪجو، جيئن گهڻو وقت هلن، البت چيني ٻولي سکڻ لاءِ چيني ڇوڪرن سان لھہ وچڙ ۾ رهجو. انھن جو لھجو، آواز ۽ اُچار سمجهڻ جي ڪوشش ڪجو. مون کي چيائين، ”راهول کي چيم تہ تون ڪنجوس آهين، حيدرآباد ۾ گهڻي ڪنجوسپائي ڪندو هئين. پر توسان ليکو نہ ڪندو هئس، پر هتي پئسي پئسي جو حساب ڪنداسين.“ راهول چيو، ”ٺيڪ آهي.“ مون کلندي وراڻيومانس، ”هڪ ديوان ۽ ٻيو ميمڻ گڏيا آهيو، ڪٿي ايئن نہ ٿئي تہ خرچ بچائڻ جي چڪر ۾ ٻئي بُک مرو.“ تہ وشال وڏو ٽھڪ ڏنو.

[29 مارچ 2017ع]
وشال سان مسلسل رابطو رهي ٿو. پارس ساڻس وڊيو ڪال ذريعي ڳالھائيندي رهندي آهي. منھنجي موبائيل نوڪيا. دٻلي آهي، جنھن ۾ اها سھوليت ڪونھي، جيسين نئين موبائيل ۽ زونگ جي سم وٺان يا موبلينڪ کي زونگ ۾ ڪنورٽ ڪرايان. زونگ جي ڪال سستي ٿي پوي.
ڪالھہ وشال ٻڌايو تہ پاڪستان مان هڪ ڇوڪري آئي آهي، جنھن وٽ اي. ٽي. ايم ڪارڊ نہ آهي، وٽس پئسا بہ ڪونھن. هِتان هُتان وٺي پئي ڪم هلائي. مون کيس چيو تہ مون وٽ ٻن اڪائونٽن جا ڪارڊ آهن، هڪ يو. بي. يل جو ۽ ٻيو حبيب بئنڪ جو، تون ڀلي منھنجو حبيب بئنڪ وارو ڪارڊ استعمال ڪر. سندس مائٽ سعودي عرب ۾ آهن، مون کين اڪائونٽ موڪليو، پر سعودي عرب مان ان ۾ پئسا منتقل نہ پيا ٿين. ابو، تون بئنڪ مان پروسيجر پُڇي ٻڌائي. آءٌ بئنڪ ويس ۽ کيس پُڇي پروسيجر ٻڌايم. اڄ ٻڌايائين تہ ان ڇوڪريءَ جا پئسا اچي ويا آهن، جيڪي کيس ڪڍرائي ڏنم. چيومانس پرڏيھه ۾ ڪنھن جي مدد ڪرڻ سٺي ڳالھہ آهي، پر ڇوڪري کي چئج تہ مائٽن کي چوي تہ ٿورا ٿورا پئسا موڪلين. اڄ ڪلھہ مني لانڊرنگ وغيرہ جا معاملا آهن، ايئن نہ ٿئي جو ڳالھہ ڳچيءَ ۾ پوي.
وشال واٽسپ تي تصويرون موڪليندو رهندو آهي. جن ۾ پاڪستاني ڇوڪرين سان بہ هونديون آهن. پارس کي چيم تہ ”چوينس تہ پاڪستاني ڇوڪرين کان بچج.“
جواب ۾ وائيس ميسيج ڪيائين، ”ابو کي چئو، ٽينشن نہ وٺي. آءٌ انھن ڇوڪرن مان نہ آهيان، جيڪي ڇوڪرين جي پويان هوندا آهن.“
[30 مارچ 2017ع]
وشال سان ڳالھايم، سڪون ملي ويو. ٻڌايائين تہ 50 يوان فيرويل پارٽيءَ جا ورتا اٿن. 40 يوان ڏيئي ’چيني سکڻ‘ جو ڪتاب ورتو اٿم. ٻڌايائين تہ جم جا سڄي سال جا تيرهن سؤ يوان ٿا وٺن، جنھن ۾ في الحال داخلا نٿو وٺان. هتي حيدرآباد ۾ وشال سالن کان ريگيولر ’جم‘ تي ويندو رهيو آهي. جنھن ڪري سندس باڊي بہ سڍول ٿي ويئي آهي ۽ ڏورا بہ نڪري پيا اٿس. چيومانس في الحال تون جوگر پائي شام جو رننگ ڪندو وڃج. اهو بہ ٻڌايائين تہ اڄ ٽي ڪلاس ٿيا، هاڻ هوريان هوريان ڪلاس وڌندا. بھرحال همراھہ خوش نظر آيو، چيومانس، يونيورسٽيءَ جي ڪنھن سُٺي پوائنٽ تي ڪا سُٺي تصوير ڪڍي موڪل تہ پرنٽ ڪڍرائي، فريم ڪرائي هڻان، جيئن هر وقت توکي ڏسندو رهان.
[31 مارچ 2017ع]
وشال ٻڌايو تہ اڄ اسان سڀ ڇوڪرا جمع جي نماز پڙهڻ جي لاءِ مسجد وياسين، جتي رڳو چيني هئا. خطبو بہ چينيءَ ۾ ڏنائون. اسان جي وڊيو بہ ڀريائون. وشال جي اها ڳالھہ ٻڌي مون کي حيرت ٿي ۽ چين جي ان ڏورانھين شھر نئننگ ۾ مسلمان رهن ٿا. پھرين خيال آيم تہ چوانس نماز ڪمري ۾ ئي پڙهندو وڃج، مسجد ۾ نہ ويندو ڪر، دھشتگرديءَ جي ڪري سڄي دنيا ۾ مسلمانن، خاص ڪري پاڪستانين تي وڏي نظر ٿا رکن. پر پوءِ خيال بدلائي ڇڏيم تہ چين ۾ مسلمانن کي مذهبي آزادي آهي، تڏهن تہ نئننگ ۾ مسجد آهي ۽ ان ۾ جماعت سان نماز ٿئي ٿي، ٺيڪ آهي. مسجد ۾ وڃڻ سان ڪافي ماڻھن سان ميل جول ٿئي ٿي ۽ ان سان وشال کي چين جي باري ۾ ڄاڻ حاصل ڪرڻ جو موقعو ملندو. وشال ننڍي هوندي کان ئي نمازي آهي، چار وقت پابنديءَ سان پڙهندو آهي، باقي فجر جي ڪونہ پڙهي. آءٌ وري چار ئي وقت نماز ڪونہ پڙهان پر فجر جي نماز سعيو ڪري پڙهندو آهيان. ايئن گهر ۾ مذاق ۾ ڪڏهن چوندو آهيان، ”اسان ٻيئي پيءُ ۽ پُٽ گڏجي نماز جا پنج ئي وقت پورا ڪندا آهيون.“
ٻڌايائين تہ يونيورسٽي ڏاڍي سُٺي آهي، وڻڪاري بہ سٺي اٿس، چيومانس يار گلن جا تہ فوٽو ڪڍي موڪل، اهو بہ ٻڌايائين تہ يونيورسٽيءَ ۾ مارڪيٽ بہ آهي، جتان شاگرد سامان سڙو وٺندا آهن. ٻڌايائين تہ ڇنڇر ۽ آچر موڪلون آهن، سومر کان وري ڪي چيني ڏڻ آهن، جنھن ڪري هفتو موڪل آهي، پڇيومانس، ”شھر ويا آهيو؟“ چيائين، ”اڄ ويا هئاسين، پر ڀُلجي وياسين، پوءِ دوست کان فون ڪري پڇيوسين. ڪيئن اچون تہ ٻڌايائين 18 نمبر بس ۾ چڙهي اچو.“ ٻڌايائين تہ ابو، هتي گاڏين جو ڪو مسئلو ڪونھي، هڪٻئي جي پويان منٽ منٽ ۾ بسون اچن ٿيون.
وشال جون ڳالھيون ٻڌي خوشي ٿيندي اٿم تہ ڀلي دنيا جھان ڏسي، تجربا پرائي جيڪي کيس ايندڙ وقت جي عملي زندگيءَ ۾ ڪم ايندا.
[4 اپريل 2017ع]
پشوءَ سان ڳالھہ ٻولھہ ٿي، چيائين تہ ڪمرو بدلايان ٿو. راهول صفا سست آهي. صفائي بہ نہ ٿو رکي ۽ پاڻ سان ڪو سامان سڙو بہ نہ آندو اٿس، سڀ شيون منھنجون ٿو استعمال ڪري. چيومانس گڏجي هڪڙي سائيڪل وٺون، پر اها ڳالھہ بہ نٿو مڃي وغيرہ. چيومانس، جيڪڏهن توکي راهول سان رهڻ ۾ مزو نٿو اچي تہ ڀلي ڪمرو بدلائي. پر روم پارٽنر ڪو سُٺو ڪج. ٻڌايائين تہ هتي بائيڪ هلائڻ نٿا ڏين، گهڻا ماڻھو سائيڪلن تي اچن وڃن، ٻين ڇوڪرن بہ سائيڪلون ورتيون آهن. آءٌ بہ وٺان ٿو. مون کيس ٻڌايو تہ چيني انقلاب جو باني چيئرمن مائوزي تنگ بہ سائيڪل تي پنھنجي آفيس ايندو ويندو هو. اهو نہ رڳو صحت لاءِ سٺو عمل آهي، پر ٻارڻ جي بہ بچت ٿئي ٿي. اڄ مون وشال جي اڪائونٽ ۾ چار هزار جمع ڪرائي ڇڏيا. ٻڌايائين تہ پنج سؤ يوان جم ۾ داخلا وٺڻ تي ڏنم. جم کان سواءِ وشال کي مزو ئي نٿو اچي. ٻڌايائين تہ چيني ٻولي سيکارڻ جا ڪلاس ڇھين اپريل کان شروع ٿيندا. باقي ميڊيڪل جا ڪلاس هلن پيا.
[8 اپريل 2017ع]
رات امرتا ميسيج ڪري چيو تہ سڀاڻي 8 اپريل تي وشال جي سالگرا آهي، مون چيس تہ اٺين مارچ تي هئي. پوءِ چيومانس هاڻ مون کي گهڻو ڪجهہ وسري ٿو وڃي، ٿي سگهي ٿو وشال جي سڀاڻي اٺين اپريل تي سالگرا هجي، مون امرتي ۽ پارس کي چيو تہ وشال کي فون ڪري کيس سالگرا جون مبارڪون ڏجو، پنھنجي پاران بہ ۽ منھنجي پاران بہ. ٿوري دير اڳ پارس ٻڌايو تہ وشال جي دوستن وشال جي سالگرا ملھائي، جنھن جون تصويرون بہ وشال موڪليون آهن. من اڇلَ کاڌي تہ اهي تصويرون ڏسان، پنھنجي پشوءَ کي ڪيڪ ڪاٽيندي ڏسان، پر مون وٽ تہ دٻلي موبائيل آهي، جنھن ۾ واٽسپ جي سھوليت نہ اهي. ان ڪري صبر ئي ڪرڻون پيو. ٻيو تہ هينئر سفر ۾ آهيان. گوجرانوالا وڃي رهيو آهيان، انجمن ترقي پسند مصنفين جي مرڪزي ڪنوينشن ۾ شرڪت جي لاءِ وِشال کي سالگرا مبارڪ.

اسلام آباد کان گوانچو تائين

اسلام آباد کان ’سائو درن چائنا‘ ايئرلائين جو بوئنگ جھاز 9 لڳي 55 منٽن تي گوانچو لاءِ اُڏاڻون. جڏهن سڀ ڪاغذي ڪاروايون پوريون ڪري جھاز ۾ چڙهڻ لاءِ قطار ۾ بيٺاسين تہ جھاز ۾ چڙهڻ کان اڳ جھاز جي چيني عملي چڪاس جي جديد اوزارن سان هڪ ڀيرو ٻيھر چڪاس ڪئي ۽ پوءِ اندر ڇڏيو. جھاز ۾ قدم رکيوسين تہ ڳاڙهي ڊريس پاتل اُپسرائن جھڙين چيني ايئرهوسٽس ’ني هائو‘ چئي اسان جو استقبال ڪيو. سندن سونھن ڏسندي ايئن محسوس ٿيم، ڄڻ جنت جي ڪنھن جھان ۾ اچي ويو هجان. انھن ايئر هوسٽس هر مسافر کي ٽڪيٽ موجب مُرڪي پنھنجين سيٽن تي ٿي ويھاريو. پوءِ بہ هر وقت خدمت چاڪريءَ ۾ مصروف رهيون. انھن ۾ هڪ اُپسرا اهڙي هئي، جنھن ڏانھن هر هر منھنجون نظرون کڄي ٿي ويون.، پر هڪدم خيال آيم تہ ’ڀائو خيال ڪر، بيگم صاحبہ پاسي ۾ ويٺي اٿئي، متان کڻي نہ تنھنجي کر.‘ اڳ ۾ بہ هڪ ڀيرو مون سان ايئن ٿي چڪو هو.
ڇا ٿيو جو منھنجي پٽ منظر جي گهرواريءَ جو ويم حيدرآباد جي ليڊي گراهم اسپتال ۾ ٿيو هو، اها اسپتال ڪئٿولڪ چرچ مشنري تحت هلندي آهي ۽ نھايت مناسب ريٽ اٿس. ان جو سڄو انتظام عيسائي نرسون هلائينديون آهن. اسان ٻہ ڏينھن اسپتال ۾ هئاسين. ٻي ڏينھن مون ٻاهر ويٺي سسٽر سان ڪچھري ڪئي. مون کانئس چرچ بابت سوال پي پُڇيا. ٻڌايائين تہ اسان وٽ اسپتال ۾ مٿي هڪ روم کي اسان عبادت گاھہ جي شڪل ڏني آهي، جتي روزانو صبح جو دعا گهرندا آهيون. منھنجي چوڻ تي هوءَ مون کي پاڻ سان وٺي مٿي ويئي ۽ اهو ڏسي موٽي آياسين. اسان جي ڪچھري ۽ پوءِ اسان کي مٿي ويندي، سامھون ڪمري مان منھنجي گهر واريءَ ويٺي ڏٺو. بس پوءِ منھنجو ڪمري ۾ وڃڻ ۽ منھنجي گهر واريءَ جو پارو مٿي چڙهڻ. هڻي تڻي وڃي جند ڇڏايم. بھرحال پوءِ بہ جڏهن بہ ايئرهوسٽ آئي ٿي تہ مون اک ٽيٽ ڪري کيس ٿي ڏٺو. ۽ منھنجي ذهن ۾ مرزا قليچ بيگ جو شعر اُڀرڻ ٿي لڳو:
سھڻا سڀئي دنيا جا ٿا سڀني کي وڻن
ڇا چيني، ڇا ڪشميري، ڇا تاتاري هجن.
اسلام آباد کان گوانچو جو سفر ڇھن ڪلاڪن ۾ پورو ٿيو. ان وچ ۾ فضائي ميزبانڻين اسان جي خدمت چاڪري بہ ڪئي. جھاز ۾ پاڪستانين سان گڏ ڪافي چيني بہ سوار هئا، جيڪي شايد پاڪستان مان موڪلن تي واپس چين وڃي رهيا هئا.
گوانچو، اسلام آباد کان 2804 ميل پري آهي، جيڪو مفاصلو هوائي جھاز ڇھن ڪلاڪن ۾ پورو ڪيو ۽ ڇھين بجي گوانچو ايئرپورٽ تي لينڊ ڪيائين. چين جي سرحدن ۾ داخل ٿيڻ سان ئي موبائيل ۾ ٽائيم پاڻمرادو بدلجي ويو. جھاز ۾ اسان کي هڪ هڪ ڪارڊ ڏيئي ويا، جنھن ۾ اسان کي بنيادي ڄاڻ لکي ايئرپورٽ تي اميگريشن مھل ڏيڻي هئي. جيڪي ڪارڊ پوءِ ايئرپورٽ تي لٿاسين تہ جھاز ۾ منھنجي ڀر ۾ ويٺل هڪ سواتي همراھہ ڀرڻ ۾ مدد ڪئي، جيڪو ’ووهان‘ ۾ نوڪري ڪندو هو ۽ موڪلون ملھائي واپس چين وڃي رهيو هو.
اسان قطار ۾ هلندا اميگريشن ڪائونٽر تي پھتاسين، مون پنھنجو پاسپورٽ ۽ اهو ڪارڊ اتي ويٺل ڇوڪريءَ کي ڏنو ۽ پاڻمرادو رهنمائي ڪندڙ بايو ميٽرڪ مشين تي پنھنجي آڱرين ۽ آڱوٺن جا نشان هنيا تہ ڇوڪريءَ پڇيو، ”اوهان جي پٽ جي ايڊريس“ ڪارڊ ۾ اهو بہ لکيل هو تہ اوهان ڇو چين آيا آهيو، جنھن تي مون لکيو هو، پٽ سان ملڻ لاءِ-
ڇوڪريءَ جي ان سوال تي آءٌ ٿورو مُنجهي پيس جو مون وٽ ايڊريس نہ هئي. مون چيومانس تہ مون وٽ ايڊريس تہ ڪونھي، تہ هڪدم چيائين تہ پوءِ اوهان واپس پنھنجي گهر وڃو، جنھن تي آءٌ پگهرجي پيس ۽ مون هڪدم موبائيل کولي وشال جو ’وي. چيٽ‘ نمبر ڏيکاريو. جيڪو ٿوري دير ڏٺائين ۽ پوءِ چيائين، ”ٻي ڪا ثابتي.“ ان مھل مون کي وشال جو چين جو موبائيل نمبر ياد آيو. هڪدم اهو ڪڍي ڏيکاريومانس. پاڻ پين کڻي ڪارڊ تي اهو لکيائين ۽ مون کي چين ۾ انٽري جو ٺپو هڻي ”شي شي“ چئي پاسپورٽ واپس ڏنائين. اصل ۾ ٿيو هيئن هو تہ جنھن سواتي همراھہ منھنجو ۽ نسيم جو ڪارڊ ڀريو هو، ان ۾ نسيم جي ڪارڊ ۾ تہ وشال جو نمبر لکيائين، پر منھنجي ۾ نہ، جنھن تي مون کيس چيو بہ، پر چيائين ان جي ضرورت ڪونھي، جو اوهان جي وائيف جي ڪارڊ ۾ لکيو اٿم. ان ننڍڙي ڳالھہ منھنجا پگهر ڪڍي ڇڏيا. پوءِ نسيم جا آڱوٺا ۽ فنگر پرنٽس هڻايم ۽ ٻي گهڙي هن ان جي پاسپورٽ تي ٺپو هڻي واپس ڪيو.
اسان هٿ ۾ سامان کڻي ٻاهر نڪري آياسين. موبائيل جا تہ جھاز ۾ چڙهندي ئي سگنل ختم ٿي ويا هئا. سو وشال سان رابطو ممڪن نہ هو، ٻاهر اچي مون ٽرالي کنئي ۽ سامان اتي ايندڙ گول چڪري تي ڦرندڙ ٻنھي بيگن کي کڻي ٽرالي تي رکيو ۽ سامھون واش روم مان ٿي، ٽرالي گهليندا ٻاهر نڪرڻ لڳاسين.
جڏهن چين اچڻ جي تياري شروع ٿي تہ ننڊ توڙي جاڳ ۾ وشال منھنجي اکين جي اڳيان ڦرڻ لڳو هو ۽ سوچيندو هئس تہ وشال سان هيئنءَ ملندس، هيئنءَ ڀاڪر پائي مِٺيون ڏيندو سانس. ساڻس ملڻ جي خوشيءَ ۾ وڏا وڏا ٽھڪ ڏيندس ۽ کيس ڀاڪرن ۾ ڀري ڦيريون ڏيندس، اٺ سال ڀريا اٺ سال مون پنھنجي پشوءَ کي روبرو نہ ڏٺو هو.
سامان جي ٽرالي گهليندي منھنجون نظرون ٻاهر وشال کي ڳولھڻ لڳيون، تيسين نسيم چيو، ”وشال، سامھون وشال بيٺو آهي. کشين ۽ مريم بہ گڏ اٿس.“
ٻي گهڙي منھنجي نظر بہ وڃي وشال تي پئي، ۽ سوچيم، پيءُ جي ڀيٽ ۾ اولاد کي ڳولھڻ ۾ ماءُ جون نظرون تيز آهن. تڏهن تہ وشال تي پھرين نظر منھنجي پوڻ بدران ماڻھنس جي پئي.
ٻي گهڙي وشال منھنجي ڀاڪرن ۾ هو. جڏهن وشال چيو تہ، ”اٺن سالن کان پوءِ مليا آهيون.“ تہ دل ۾ چيم: پشو اٺ سال نہ پر منھنجي لاءِ تہ ڄڻ اٺ صديون گذريون آهن. ۽ منھنجي اکين ۾ لڙڪ ڇلڪڻ لڳا.
نسيم کشين سان ملي، وري وشال سان ملي ۽ کيس مٺيون ڏيڻ لڳي. مون کشين جي مٿي تي هٿ رکي پوءِ ساڻس هٿ ملايو تہ کشين چيو ”ابو... ويلڪم ٽو چائنا.“
۽ مريم اسان کي شوخ نظرن سان ڏسڻ لڳي.
پوءِ مون مريم کي کڻڻ جي ڪوشش ڪئي تہ هوءَ رڙيون ڪرڻ لڳي. اسان هن لاءِ نوان هئاسون. سو اسان ڏانھن اچڻ جي لاءِ تيار نہ هئي ۽ اسان کي عجيب نظرن سان ڏسڻ لڳي. وشال مريم کي ڪلھي تي ويھاريو ۽ مون کان سامان جي ٽرالي وٺي گهلڻ لڳو. اسان ٻاهر نڪرڻ لڳاسين.
وشال ۽ کشين رات ئي گوانچو اچي ويا هئا ۽ هڪ هوٽل ۾ ترسيا هئا ۽ جھاز جي لينڊنگ وقت ايئرپورٽ پھتا هئا. ٻاهر نڪرندي وشال پڇيو، ”مسجد هلئون يا نئننگ؟“ڪجهہ ڏينھن اڳ جڏهن مون دلبر سائينءَ جي ڪتاب ۾ پڙهيو هو تہ گوانچو ۾ اصحابي رسول حضرت سعيد بن ابي وقاص جي مزار آهي ۽ وشال سان فون تي ڳالھہ ٻولھہ ٿي هئي تہ، چيو هومانس گوانچو هونئن ئي اچون ٿا، سو اها زيارت ٿي وڃي تہ بھتر.
مون چيس، ”جيئن تنھنجي مرضي.“
”بھتر اهو تہ پھرين نئننگ هلون. جو اوهان بہ ٿڪل هوندا ۽ شام جو منھنجي هڪ دوست جي شادي آهي، ان ۾ بہ شرڪت ڪرڻي آهي. وچ ۾ گوانچو اينداسين.“
مون بہ ٿڪاوٽ ۽ سامان کي نظر ۾ رکندي چيو، ”ايئن بھتر رهندو.“
اتي ٽئڪسين وارن جا ايجنٽ بيٺا هئا، اسان کي ڦري آيا، وشال هڪ سان ڳالھايو ۽ پوءِ فون تي ڳالھائيندو ٻاهر روڊ تائين آيو.
گوانچو ايئرپورٽ تمام گهڻو وڏو ۽ خوبصورت هو، جنھن مھل جھاز ليڊنگ پي ڪئي، ان مھل مون ڏٺو تہ نہ رڳو ’سائودرن چائينز ايئر ويز‘ جا جھاز پر ٻين بہ ڪيترن ئي ملڪن جا جھاز بيٺا هئا. گوانچو جو نظارو ڏاڍو خوبصورت هو. صبح جو پھر هو، سو سڄو آسمان جھڙالو نظر آيو ۽ ٽڪرين جي مٿان ڪڪر ٽيلارا ڪندي نظر آيا.
ڏھہ منٽ کن اتي بيٺاسين. هڪ ڇھہ سيٽر پراڊو ٽائيپ گاڏي اچي اسان جي اڳيان بيٺي. چيني ايجنٽ اسان کي ڊرائيور جي حوالي ڪيو. جيڪو نھايت صاف سٿرو ۽ خوبرو چيني نوجوان هو. سامان پويان رکيوسين ۽ اچي گاڏي ۾ ويٺاسين، پوئين سيٽ تي وشال ۽ آءٌ اسان کان اڳين سيٽن تي نسيم ۽ کشين. مريم کشين جي گود ۾ ويٺي. هاڻ گاڏي گوانچو ريلوي اسٽيشن ڏانھن وڌڻ لڳي. گوانچو چين جو وڏو ڪاروباري شھر آهي. آءٌ گاڏي هلندي، ٻاهر ڏسڻ لڳس. ڪشادا ۽ خوبصورت رستا، جن جي ٻنھي پاسي وڻ هئا، گل ۽ ٻوٽا پوکيل هئا. ماحول نھايت خوبصورت لڳي رهيو هو. آسمان سان ڇھندڙ عمارتون، رستن تي ٽريفڪ روان دوان.
”پھرين ڪٿي هلي ناشتو ڪريون. پوءِ اسٽيشن ٿا هلون.“ وشال چيو. پوءِ ڊرائيور کي ڪجهہ چيائين. ٿوري دير کان پوءِ گاڏي اچي هڪ هوٽل جي اڳيان بيٺي.
”هي مسلم هوٽل آهي ۽ هتي حلال کاڌو ملندو آهي.“ وشال چيو-
اسان گاڏيءَ مان لھي اچي هوٽل اندر ويٺاسين. مون کي تہ بک نہ هئي جو مون جھاز ۾ ماني کاڌي هئي. البت نسيم جھاز ۾ ماني نہ کاڌي هئي. وشال چانور، چپس ۽ ڊرنڪس ۽ ڪجهہ ٻيون شيون بہ گهرايون. مون کيس ايترو ڪجهہ گهرائڻ کان روڪيو، پر همراھہ ٻُڌڻ جي لاءِ تيار نہ هو. اسان کي جيتري کائڻي هئي سا کاڌيسين ۽ ٻي پيڪ ڪرائيسين. هتي هوٽلن ۾ مون اهو ڏٺو تہ ماني کائڻ کان پوءِ جيڪا بچندي هئي، سا پيڪ ڪرائي کڻي ٿي ويا.
ٿانوَ رکڻ مھل چيني همراھہ کائڻ لاءِ اسٽڪ بہ رکيون، چيني تہ انھن اسٽڪس سان آرام سان پيا کائيندا آهن. وشال بہ هِري ويو آهي، مون ڪوشش ڪئي، پر کائي نہ سگهيس. جنھن تي سڀ مون تي کلندا رهيا. پوءِ اسٽڪس ڇڏي چمچي سان کائڻ شروع ڪيم تہ هوٽل واري چيني مسلمان، جنھن جو نالو ’محمد‘ هو. چيائين، ”مسلمان هٿ سان ماني کائيندا آهن.“
ماني کائي وري گاڏيءَ ۾ چڙهياسين. جنھن اچي اسان کي اسٽيشن تي ڇڏيو، ان مھل صبح جا ساڍا نوَ ٿي رهيا هئا. سامان گاڏي مان لاهي هڪ پاسي رکيوسين. اسٽيشن جي ٻاهر بيٺي مون وشال کان پڇيو، ”هيءَ اسٽيشن آهي يا ايئرپورٽ؟“
”هيءَ گوانچو ريلوي اسٽيشن آهي.“
اسٽيشن ڏسي دنگ رهجي ويس، هيڏي وڏي ۽ خوبصورت. پاڻ وٽ تہ اهڙي ريلوي اسٽيشن جو تصور بہ نہ ٿو ڪري سگهجي.
نسيم ۽ کشين کي هڪ هنڌ بيھاري وشال چيو تہ، ”ابو هلو تہ ٽڪيٽ وٺي اچون.“ ائين چئي وشال مون کان منھنجو ۽ ماڻھنس جو پاسپورٽ ورتو ۽ اسان ٽڪيٽ واري پاسي وڃڻ لڳاسين. اتي پھچي وشال پنھنجو ۽ اسان ٻنھي جا پاسپورٽ ۽ کشين جو آڊنٽي ڪارڊ ڏنو. اٺ سؤ يوانن ۾ چار ٽڪيٽون مليون. هاڻ اسان جي سڄي ڊيٽا ڪمپيوٽر ۾ فيڊ ٿي چڪي هئي ۽ اسان جڏهن بہ چين ۾ جتان بہ ريل جي ٽڪيٽ وٺنداسون تہ پاسپورٽ نمبر لڳائڻ سان سڄي ڊيٽا اچي ويندي. ٽرين ڏھہ لڳي 32 منٽن تي نئننگ لاءِ رواني ٿيڻي هئي. ان مھل 9 لڳي 50 منٽ ٿيا هئا. اسان تڪڙا تڪڙا هلندا نسيم ۽ کشين وٽ پھتاسين، جيئن ٽرين تائين پھچي سگهون. ٽڪيٽ ۽ سامان ڪمپيوٽرائيز چيڪ ڪرايوسين تہ چيڪرياڻي هڪ بئگ ڏانھن اشارو ڪندي چيو تہ هيءَ کوليو. مون هڪدم چاٻيون ڪڍي کولڻ شروع ڪئي، پر ان سان گڏ اهو بہ خيال آيم تہ هن بئگ ۾ ڪھڙي بلا پئي آهي جو مائي کولرائي پئي. تالو کولي بئگ کوليم تہ مائي سڀ پيل سامان ڪپڙا وغيرہ هيٺ مٿي ڪري ڇڏيا، نيٺ بئگ ۾ پيل باڊي اسپري ڪڍي چيائين، ”هي کڻي وڃڻ جي موڪل ڪونھي.“ ان سان گڏ بئگ بند ڪرڻ جو اشارو ڪيائين. اهو باڊي اسپري کڻي هيٺ پيل ڊسٽ بين ۾ ڦٽو ڪيائين. مون تڪڙ ۾ سامان بئگ ۾ وڌو ۽ تالو هنيو ۽ وشال بئگ گهلڻ شروع ڪئي ۽ اسان اڳتي وڌڻ لڳاسين. اسٽيشن تمام وڏي ۽ خوبصورت هئي. اسان جي بہ هل هلان. نسيم کي هلڻ سان سھڪو ٿيو پوي. سو آءٌ بيھندو کيس پاڻ سان وٺي هلڻ لڳس. نيٺ اليڪٽرڪ ڏاڪڻ تان لھي هيٺ پليٽ فارم تي پھتاسين. جتي ڪيتريون ئي هاءِ اسپيڊ ٽرينون بيٺيون هيون، اهڙيون جھڙا ڪر جھاز هجن، نيٺ ڇڪي تاڻي ڇڪ ڇڪان ۽ ڊوڙ ڊوڙان ڪري نئننگ ويندڙ ٽرين جي اسان جي ٽڪيٽ واري بوگي ۾ پھتاسين. ٽرين تمام وڏي هئي. سامان ڇڪي مٿي چاڙهي اسان بہ چڙهياسين. ڳرو سامان رکڻ لاءِ ڌار خانو ٺھيل هو، بئگون اتي رکيوسين ۽ هٿ جو سامان پاڻ سان کڻي پنھنجي سيٽن جي مٿان رکيوسين. وشال، کشين ۽ مريم کي پويان سيٽون مليون ۽ اسان ٻنھي کي بلڪل بوگي جي در وٽ، سيٽون ٽي هيون، ٽي خالي هئي، سيٽ جي اڳيان ننڍيون کلندڙ ٽيبلون هيون، مون ويھي آسپاس جو جائزو ورتو، مسافر سڀ چيني هئا. منھنجي ساڄي پاسي واري سيٽ تي هڪ ٻارهن تيرهن سالن جو صحتمند چيني ڇوڪرو ۽ سندس ماءُ ويٺل هئا. جنھن مھل اسان ٽرين ۾ چڙهياسين ان مھل ڏھہ لڳي پنجويھہ منٽ ٿيا هئا. ٺيڪ ڏھہ لڳي 32 منٽن تي ٽرين هلڻ شروع ٿي ۽ هوريان هوريان پليٽ فارم کان نڪرڻ لڳي. مون شيشي واري دريءَ مان ٻاهر ڏسڻ شروع ڪيو. وڏيون وڏيون عمارتون، پارڪ، روڊن تي روان دوان ٽريفڪ هلندي نظر آئي. ٽرين رفتار پڪڙڻ شروع ڪئي تہ منھنجي اکين جا ڇپر بہ ڳرا ٿيڻ لڳا. سو اکيون ٻوٽي ڇڏيم. ٽرين ۾ نہ گوڙ نہ گهمسان نہ سامان وڪڻندڙن جا هوڪا، بي حد پُرسڪون ماحول هو. اک کلي تہ ڏٺم سامھون هڪ سوئيپر مائي، جنھن جي عمر ساٺيڪو کن سال هئي، سا وائپر سان ٽرين جي فرش جي صفائي ڪري رهي هئي ۽ ٽرين جون بوگيون گڏ هيون تنھنڪري اسان واري بوگي ۽ سامھون واري بوگيءَ مان صفائي ڪري هڪ ڪاري بئگ ۾ رکي رهي هئي. ٽرين ۾ صفا مک ٿي تِرڪي. ان دوران ٽرين جا گارڊ بہ اچ وڃ ڪري رهيا هئا. سوئيپر مائيءَ صفائي ڪري پوري ڪئي تہ سامھون خاني مان گرم پاڻيءَ جو ٿرماس ڪڍي، ان ۾ هڪ ٽي بيگ وجهي سرڪون ڀرڻ لڳي. ان دوران ڪيترائي ڀيرا وشال ۽ کشين پنھنجي جاءِ تان اٿي اسان وٽ آيا ۽ جوس وغيرہ ڏيئي ويا.
منھنجي پاسي واري سيٽ تي ويٺل چيني ڇوڪرو مون ڏانھن ڏسي مُرڪڻ لڳو. مون بہ جوابي مرڪ مُرڪي. ٻارڙي جي معصوميت مون کي موهي وڌو، پوءِ هو بئگ مان ڪو ڪتاب ڪڍي پڙهڻ لڳو تہ مون بہ پنھنجو نوٽ بوڪ ڪڍي ان ۾ نوٽس وٺڻ شروع ڪيا. مون کي لکندو ڏسي ڇوڪرو اک ٽيٽ ڪري مون ڏانھن ڏسڻ لڳو، تہ هي ڪھڙي ٻوليءَ ۾ پيو لکي. ان دوران کشين مريم کي کڻي مون وٽ آئي ۽ مون کي لکندو ڏسي، جهُڪي ڏٺائين ۽ حيرت مان نوٽ بوڪ منھنجي هٿ مان وٺي وشال ڏانھن کڻي ويئي تہ ’پاپا ڪھڙي ٻولي پيو لکي، اڙدو.“ وشال چيس نہ ”هيءَ اردو نہ پر سنڌي آهي، جيڪا منھنجي بہ مادري زبان آهي.“
کشين ڏاڍي خوش ٿي، سچي ڳالھہ اها آهي تہ کشين سان ملي مون کي ڏاڍي خوشي ٿي هئي، ۽ وري جو بار بار پاپا پاپا... ابو ابو ٿي چيائين تہ سندس چيني ٽون ٻڌي، آءٌ بہ ڄڻ خوشيءَ مان ٽڙي ٿي پيس. ڳالھہ ڳالھہ تي کلي ٿي پئي ۽ ٽھڪ ٿي ڏنائين، نھايت کلڻي ۽ ملڻي هئي، منھنجي چينائڻ ننھن، منھنجي پٽ ڊاڪٽر وشال جي وني.
ٽرين وچ وچ ۾ ڪنھن اسٽيشن تي پنجن منٽن لاءِ بيٺي ٿي، مسافر چڙهيا ۽ لٿا ٿي، پوءِ وري پنھنجي منزل ڏانھن روان دوان.
چئن ڪلاڪن جي سفر کان پوءِ اڍائي وڳي ٽرين نئننگ سٽي جي پليٽ فارم تي پھتي. اسان پنھنجو سامان سنڀالي کنيو ۽ هيٺ لٿاسين. هي ريلوي اسٽيشن بہ ڪافي وڏي ۽ خوبصورت هئي. سامان گهلي اسٽيشن کان ٻاهر اچي روڊ تي بيٺاسين. مريم، وشال جي ڪلھن تي هئي ۽ اسان کي عجيب ۽ شوخ نظرن سان ڏسندي رهي. وشال بڌايو تہ ٽرين ۾ مريم اسان کان ناراض ٿي ويئي تہ پاڻ سان گڏ ڪير پيا وٺي هلو، جنھن تي اسان کلي پياسين.
وشال ٽئڪسي گهرائي، جنھن ۾ وشال، نسيم، مريم ۽ آءٌ ويٺاسين ۽ گهر روانا ٿياسين، هتان جي قانون موجب ڊرائيور کان سواءِ ٽئڪسيءَ ۾ فقط ٽي ماڻھو ويھي سگهن ٿا. هڪ اڳيان ڊرائيور سان گڏ ۽ ٻہ پويان. تنھنڪري کشين ڌار ٽئڪسي ڪري گهر پھتي.

ويٽنام توکي سلام

چين جي شھر نئننگ پھچي هِتان هُتان جون خبرون چارون ڪندي ڊاڪٽر وشال کان پُڇيم، ”ويٽنام هتان کان ڪيترو پري آهي؟“
”ٻن ڪلاڪن جي پنڌ تي ويٽنام جو بارڊر آهي.“ وشال وراڻيو.
”هلي سگهجي ٿو؟“ مون پڇيو.
”هلنداسين، ڪو مسئلو ڪونھي.“ وشال وراڻيو.
پر، پروگرام ٺاهيندي ٺاهيندي سڄو مھينو گذري ويو. هڪ تہ وشال جون مصروفيتون، ٻيو ڊگهي مسافري هئڻ سبب ڪنھن اهڙي دوست جي گهرج هئي، جنھن وٽ ڊرائيونگ لائسنس هجي. ايندي ويندي لڳ ڀڳ پنج سؤ ڪلوميٽرن جو مفاصلو آهي. جنھن لاءِ کشين چيو تہ هوءَ ايتري ڊرائيو نہ ڪري سگهندي. وشال ڪار تہ هلائي ٿو وڃي، پر ڊرائيونگ لائسنس نہ هئڻ سبب چيني قانون موجب هو ڪار ڊرائيو نہ ٿو ڪري سگهي.
منھنجا پاڪستان ورڻ جا ڏينھن ويجها ٿيندا ويا تہ مون ويٽنام بارڊر ڏسڻ جو آسرو لاهي ڇڏيو. اهو تہ شڪر ٿيو جو هڪ سال جي وڌيڪ ويزا لڳي ويئي، نہ تہ اڄ اٺين نومبر تي آءٌ ويٽنام بارڊر جي شھر ’تونگ شين‘ وڃڻ بدران، ايئرپورٽ تي پاڪستان لاءِ فلائيٽ جي انتظار ۾ ويٺل هجان ها.
ڊاڪٽر وشال جي هڪ دوست ڊاڪٽر ذيشان سان گذريل هفتي پروگرام ٺھيو، جيڪو لائسنس هولڊر آهي، تہ هو گڏجي هلندو، پر ان ڏينھن کشين اڪو پنڪچر ڊاڪٽر کي مون کي ڏيکارڻ لاءِ وقت ورتو هو، تنھنڪري ”پھرين صحت سرير جي، پوءِ پرينءَ جو پاسو“ تي عمل ڪندي، ڊاڪٽر کي ڏيکارڻ کي ترجيح ڏنم. پوءِ وري ڊاڪٽر ذيشان پنھنجي مصروفيتن جي ڪري وقت ڪڍي نہ سگهيو.
ڪلھہ رات وشال، کشين سان اها ڳالھہ ڪئي تہ، ”ابو، يونان بارڊر وارو شھر ’تونگ شين‘ ڏسڻ ٿو گهري. پر ڪيئن هلجي؟ جو پروگرام بيھي ئي ڪونہ ٿو.“ ٿوري دير کشين ڪجهہ سوچيو، پوءِ چيو، ”تونگ شين“ منھنجو ڏٺل وائٺل شھر آهي. اُتي مون گهڻا سال اڳ ’پرفيومز‘ جو ڪاروبار ڪيو هو ۽ ان ۾ گهڻو نقصان ٿيو هئم. ابوءَ کي چئو تہ پرينھينءَ ’يونان‘ بارڊر هلنداسين.
وشال مون کي ان ئي مھل چيو تہ، ”کشين چوي ٿي تہ پرينھن يونان بارڊر هلنداسين.“
”يونان...؟“مون سواليا نظرن سان وشال ڏانھن ڏٺو.
”چيني ويٽنام کي يونان چوندا آهن.“ وشال ٻڌايو، اهو ٻڌي منھنجي خوشيءَ جي حد ئي نہ رهي، ”پر کشين کان وعدو وٺ... متان ڦِري نہ وڃي.“ وشال کشين ڏانھن ڏسندي چيو.
مون کشين کي اشارو ڪندي چيو تہ، ”شنگ شين (پرامز). پڪو وعدو ٿي ڪرينءَ.“
”شنگ شين (پرامز)“، کشين آڱوٺو مٿي ڪندي، وراڻيو. جنھن تي مون ڏانھنس پنھنجو هٿ وڌايو ۽ هٿ ملائي پڪو وعدو ورتو.
اڄ جڏهن اسان پنج ئي ڄڻا، آءٌ، وشال، کشين، نسيم ۽ مريم، نئننگ مان ڪار ۾ روڊ ذريعي چيني سرحدي شھر ’تونگ شين‘ وڃي رهيا آهيون تہ آءٌ نہ رڳو گهڻو ايڪسائٽيڊ آهيان، پر خوشيءَ مان ڄڻ کِليو پيو کِجڪان ڪريان. هڪ اهڙي سرزمين کي سلام ڪرڻ جي لاءِ وڃي رهيو آهيان، جيڪا سورمن ۽ سورمين جي سرزمين آهي. جنھن جي تاريخ بھادري، قرباني، سورهيائي ۽ پرماريت جي خلاف جدوجھد سان ڀري پئي آهي. هڪ اهڙي قوم جنھن نہ رڳو فرانس کي ملڪ مان ڊوڙائي ڪڍيو، پر آمريڪا جھڙي اَجگر کي بہ تيڪائي تيڪائي ماري مڃايو.
ڪار نئننگ ڇڏي ’تونگ شين‘ واري رستي تي چڙهي. روڊ ڏاڍو خوبصورت ۽ ٽو وي هو ۽ ٻنھي پاسن يعني اچڻ ۽ وڃڻ واري پاسي ٽن ٽن گاڏين جي هلڻ لاءِ لائينون ٺھيل هيون. ٻنھي پاسن کان جبل ئي جبل هئا. پر انھن جو هڪ پٿر بہ نظر نہ ٿي آيو. ساوڪ ئي ساوڪ، وڻڪار ئي وڻڪار. لطيف سرڪار جي لفظن ۾ ’وڏا وڻ وڻڪار‘ جا هئا. پر اتي نيلا نانگ نہ هئا، روڊ جا ٻئي طرف، جتي فوٽ پاٿ ٽائپ ڌڪا ٺھيل هئا. اهي بہ وڻن ۽ ٻوٽن سان ڀريا پيا هئا. ٻنھي روڊن جي وچ ۾ جيڪو اسپيس هو، اهو بہ وڻن ۽ گلن سان جنجهيو پيو هو. حڪومت پاران انھن وڻن جي حفاظت ۽ سار سنڀال ڪئي ويندي آهي، هر هفتي فوڪر جھازن جي ذريعي انھن وڻن مٿان ڦوهارو ڪيو ويندو آهي. جنھن سان نہ رڳو اهي وڻ ڌوپجي ويندا آهن، پر ان ڦوهاري سان گڏ وڻن جي واڌ ويجهہ لاءِ دوا ڇٽڪارڻ سبب اهي وڌيڪ نکرجي ويندا آهن. منھنجون اکيون ٻاهرين ساوڪ تي کُتل هيون،کشين چيني موسيقي هلائي ڇڏي هئي. جنھن جي سُر سان هوءَ بہ سُر ملائي رهي هئي.
اڳتي وڌياسين تہ وشال پڇيو، ”واش روم جي ضرورت ڪونھي.“
”في الحال تہ ڪونھي.“ جواب ڏنم.
”ضرورت پئي تہ ٻڌائجو. هر ويھن ڪلوميٽرن کان پوءِ واش رومز ٺھيل آهن.“ وشال ٻڌايو.
”واھہ... واھہ.“ دل ۾ چيم، ”حڪومت ڪيتري نہ ذميوار آهي ۽ پنھنجن ماڻھن جو ڪيترو نہ خيال ٿي رکي.“
رستي جي ٻنھي پاسن ننڍا ڳوٺ نظر اچي رهيا هئا. جيڪي پنھنجن ڳوٺن جھڙا نہ پر پڪا هئا، انھن کي پڪن رستن، بجلي، گئس، پاڻي ۽ ٻيون گهربل سھولتون مليل هيون. رات جو جڏهن واپس موٽياسين تہ پري ۽ ويجهو انھن ڳوٺن جون روشنيون ڏاڍو وڻندڙ لڳي رهيون هيون.
ان سفر لاءِ وشال پاڻيءَ جون بوتلون، جوس، ٽافيون، بسڪوٽ ۽ ٻين الائجي ڪيترين ئي کاڌي پيتي جي شين جون ٿيلھيون ڀري کنيون هيون، جيڪي ان سفر جي دوران اسان جي وات کي هلائينديون رهيون.
ڪار جڏهن ’تونگ شين‘ کان پنجاھہ ڪلوميٽر اورتي هُئي تہ اسان بارڊر پوليس چوڪي تي بيٺاسين. هنن اسان کان حال احوال پڇيو، جيڪو کشين کين چيني ۾ ٻڌايو. پوءِ هنن اسان کي پريان وڃي ڪار بيھارڻ جي لاءِ چيو.
”خير تہ آهي؟“ مون اُلڪي مان پڇيو.
”ها خير آهي، ڪو مسئلو ڪونھي، پوليس تنگچي (رجسٽريشن) ڪندي.“ وشال چيو. اسان چارئي ڪار مان لٿاسين، وشال پنھنجو ۽ اسان جا پاسپورٽ کنيا. اسان وري ساڳئي هنڌ تي موٽي آياسين تہ انچارج کشين ۽ وشال کي اتي بيھڻ جو چيو ۽ اسان کي ’شي شي‘ چئي وڃي ڪار ۾ ويھڻ جي لاءِ چيو. آءٌ ۽ نسيم، مريم کي کڻي واپس اچي ڪار ۾ ويٺاسين. کشين ۽ وشال کي اتي پندرهن منٽ کن لڳي ويا. پوءِ هو ٻيئي هڪ پوليس واري سان گڏ ايندي نظر ايا. مون سمجهيو تہ متان هنن ڪو اعتراض نہ واريو هجي، ڪو بھانو نہ ڪيو هجي تہ ”کشين مائي تون هنن پاچيستانين کي سرحدي شھر ڏانھن ڇو پئي وٺي وڃين.“ وغيرہ وغيرہ. جيئن پنھنجي پياري پاڪستاني پوليس ڪندي آهي. پر اهڙي ڪابہ ڳالھہ نہ هئي. ڪارجي ڊگي کولي ڏٺائين. پوءِ ٻہ ٽي منٽ بيھي وشال ۽ کشين سان دوستاڻي نموني ڪچھري ڪري ”شي شي“چئي، اسان کي اڳتي وڃڻ جي موڪل ڏنائين. اڌ ڪلاڪ کان پوءِ وري ڪار ٽول ٽئڪس ڏيڻ جي لاءِ ’ٽول پلازا‘ تي بيٺي. جتي پاڻ وانگر گاڏين جون قطارون هيون. هڪ ڇوڪري ٺھيو جُڙيو چمن گڏي ٿيو ويٺي هئي. هتي ٽول ٽئڪس بہ ’وي چيٽ‘ جي ذريعي ادا ڪري سگهجي ٿو. کشين پنھنجي موبائيل کي سامھون لڳل ڪوڊ سان اسڪين ڪيو تہ سندس اڪائونٽ مان اسي يوان ڪٽجي ويا ۽ ميسيج سان گڏ گاڏيءَ جو نمبر سامھون آيو ۽ سامھون ’بئريئر‘ کليو ۽ ڪار اڳتي رواني ٿي. واپسي ۾ بہ اسي يوان ڏيڻا پيا. يعني اوٽ موٽ هڪ سؤ سٺ يوان ٽول ٽئڪس ڏيڻون پيو. بظاهر تہ اهو ٽئڪس گهڻو ٿو لڳي، پر رستا، انھن جي سار سنڀال، گلڪاري ۽ سيفٽي ڏسي اهو چوڻون نہ ٿو پوي تہ ”حڪومت سڀ پئسا کايو وڃي.“
نيٺ ڪار ’تونگ شين‘ ۾ داخل ٿي. جڏهن هيڏانھن پي آياسين تہ مون سمجهيو تہ سرحدي شھر هئڻ سبب مڙيئي ڪو ننڍو ۽ پٺتي پيل شھر هوندو، پر شھر ۾ گهڙندي ايئن لڳو تہ ڪنھن وڏي شھر ۾ اچي ويا آهيون. وڏيون عمارتون، شاپنگ مال، مارڪيٽون، پارڪنگ وغيرہ. گهڻن هنڌن تي اڏاوتي ڪم بہ جاري هو. کشين ڪار پارڪنگ ۾ بيھاري. سڄي چين ۾ مارڪيٽن ۽ پلازائن جي هيٺان پارڪنگ ٺھيل آهن. اتي گاڏي اندر ڪريو، پاڻمرادو انٽري بئريئر کلندو ۽ ڪمپيوٽر جي ذريعي گاڏي جي انٽري ٿي ويندي آهي. واپسيءَ مھل بئريئر وٽ ’وي چيٽ‘ اسڪين ڪرڻ سان پارڪنگ في ڪٽجي ويندي. گاڏي پارڪ ڪري ماڻھو هر اُلڪي کان آجو ٿي وڃي گهمندو.
ڪار هيٺ پارڪ ڪري لفٽ وسيلي مٿي چڙهياسين تہ هڪ مارڪيٽ ۾ اچي نڪتاسين، جيڪا بہ ڪافي وڏي هئي. ڪپڙن، رانديڪن، فرنيچر ۽ ٻي سامان جا دڪان هئا. منھنجي نظر ڦرندي رهي. نيٺ وڃي هڪ شوپيسن جي دڪان تي پئي. مون ڏٺو تہ اتي ٻين ڪيترن ئي خوبصورت شوپيسن سان گڏ ڪنفيوشس، گوتم ٻڌ ۽ مائوزي تنگ جا خوبصورت مجسما رکيل هئا. مون وشال کي سڏ ڪري چيو، ”پشو! هيڏانھن ڏس! پاڻ سڄو مھينو نئننگ ۾ هنن يارن کي ڳولھيندا وتياسين، پر هي اُتي پاڻ کي نہ مليا ۽ هِتي پنھنجي استقبال لاءِ بيٺا آهن.“
”ٺيڪ آهي... واپسيءَ مھل وٺنداسين.“
مارڪيٽ مان ٻاهر نڪري ’تونگ شينگ‘ جي مکيہ چوڪ تي پھتاسين. گاڏين جي اچ وڃ جاري هئي. هوٽلون ۽ مختلف شين جا دڪان بہ هئا. صفائي سُٿرائي اهڙي جو مک پي تِرڪي. سامھون وڏو گيٽ ٺھيل هو. ان جي مٿان رستو هو. ان جي ڀر ۾ ڏاڪڻيون هيون، جيڪي چڙهي ماڻھو مٿي پي ويا.
”اچو، مٿي هلئون، هن جي پرينءَ پاسي ويٽنام آهي.“ وشال چيو ۽ اسان پٿر جون ٺھيل ڏاڪڻيون چڙهي مٿي پھتاسين. اتي هڪ چڱيرڙو ميدان هو، جنھن جي چوڌاري هوٽلون ۽ دڪان هئا. دڪانن تي چيني شين سان گڏ ويٽنامي شيون ۽ سووينئر رکيل هئا. انھن ۾ مخصوص ويٽنامي ڇٻيءَ واري ٽوپي نمايان هئي.سامھون اميگريشن آفيس هئي. جتان ڪي ماڻھو اچي رهيا هئا تہ ڪي بئگون ڇڪي وڃي رهيا هئا، جيئن ويٽنام ۾ داخل ٿي سگهن. اسان هلندا وري ڏاڪڻين تان هيٺ لٿاسين. وچ ۾ رستو هو، رستي سان گڏ هڪ ڀت ڏنل هئي. ڀت سان گڏ هڪ ننڍي ندي وهي رهي هئي. جنھن جي پرينءَ پاسي ويٽنام جو شھر ’مانگ اسٽريٽ‘ هو. سامھون ندي جي ٻي پاسي ڪافي وڻ ۽ ٻوٽا بيٺل هئا. هڪ قسم جو ننڍو جهنگ هو.ساڄي پاسي ٿورو پرڀرو هڪ وڏي عمارت نظر اچي رهي هئي. جنھن جي مٿان ويٽنام جو ڳاڙهو ۽ وچ ۾ پنجن ڪنڊن واري تاري سان جهنڊو ڦڙڪي رهيو هو.
ويٽنام منھنجي سامھون هو. ندي ٽُپان ها تہ ويٽنام ۾ داخل ٿي وڃان ها،پر مون وٽ ويٽنام ۾ گهڙڻ جي ويزا نہ هئي. جيتوڻيڪ اتان ويٽنام جي ويزا ملڻ سولي آهي، اها آن لائين اپلاءِ ڪرڻ سان ملي وڃي ٿي. مون اهڙي ڪوشش نہ ڪئي هئي. البت ارادو اٿم تہ ايندڙ سال مارچ ۾ ٻيھر ايندس تہ ويٽنام جي ويزا وٺي اچبي ۽ هنوئي تائين وڃبو، جيڪو اتان کان ايترو پري بہ نہ آهي.
اسان هلندا اچي ڀت وٽ بيٺاسين. هيٺ ندي هئي، جيڪا خاموش ۽ بيٺل هئي. ان ننڍي ندي ويٽنام ۽ چين کي ڌار ٿي ڪيو. ڪامريڊ مائوزي تنگ جي ملڪ مان ’چاچا هو‘ (ويٽنام ۾ هوچي منھه کي ’انڪل هو‘ بہ چون) جي ملڪ ويٽنام کي سلام ڪيم ۽ پنھنجن انھن سڀني سنڌي ڪامريڊن کي سلام ڪيم ۽ ياد ڪيم، جن لاءِ ويٽنام دل جي ڌڙڪن ۽ آزاديءَ جي جدوجھد جي علامت رهيو. محترم رسول بخش پليجي کي ياد ڪيم، جنھن هوچي منھه جي آتم ڪھاڻي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪئي. عظيم سنڌي کي ياد ڪيم، جنھن ’ويٽنام ۽ ويٽنامي انقلاب‘ جھڙو شاندار ڪتاب لکيو. رشيد ڀٽي کي ياد ڪيم، جنھن آنھه ڊڪ جي مشھور ناول جو ’ويرن جي وسندي‘ جي نالي سان سنڌي ترجمو ڪيو. منير احمد ماڻڪ کي ياد ڪيم، جنھن هوچي منھه جي لکڻين جو سنڌي ترجمو ڪيو. جنھن کي پوءِ مون سُڌاري سنواري ان تي تفصيلي مھاڳ لکي 2017ع ۾ ”انقلاب آزادي ۽ سوشلزم“ جي نالي سان ’روشني پبليڪيشن‘ پاران ڇپرايو. نجم عباسي، سيد اڪبر ۽ پرويز کي ياد ڪيم، جن ويٽنامي ڪھاڻين جا سنڌي ترجما ڪيا. آنھه ڊڪ جي هڪ ڪھاڻي جو ترجمو ”ڌرتيءَ جو قرض“ جي نالي سان مون بہ ڪيو آهي، انھن سڀني ڪامريڊن کي ياد ڪيم جن جون دليون ويٽنامي ڪامريڊن سان گڏ ڌڙڪنديون هيون. جڏهن ويٽنامي ڪا سوڀ ماڻيندا هئا تہ هو اها پنھنجي سوڀ سمجهي خوشيون ملھائيندا هئا ۽ هڪٻئي کي مبارڪون ڏيندا هئا. جڏهن ويٽنامي سورما ڪٿي ناڪام ٿيندا هئا تہ هو اها پنھنجي ناڪامي سمجهي، ڏک ۾ وٺجي ويندا هئا. انھن سنڌي ڪامريڊن جي پنھنجي ڌرتي سان تہ محبت هئي، پنھنجي ماڻھن سان تہ هو ڪميٽيڊ هئا، پر هنن جي نظر ۾ سڄي دنيا جي مظلومن جو درد هنن جو پنھنجو درد هو. اهي نيشلسٽ هوندي بہ انٽرنيشنلسٽ هئا. نہ فقط اسان جا اهي سنڌي ڪامريڊ، پر اسان جي شاعرن ۽ اديبن جون دليون بہ ويٽنامي سورمن سان گڏ ڌڙڪنديون هيون. سنڌي شاعرن ويٽنامي سورمن جي ڪاميابي تي کين پنھنجن شعرن ۾ زبردست خراج تحسين پيش ڪيو. جڏهن ويٽ ڪانگن سائيگان (جنھن جو هاڻ نالو هوچي منھه سٽي آهي) تي حملو ڪيو تہ عظيم شاعر شيخ اياز ”ويٽ ڪانگ جو سائيگان تي حملو“ جي عنوان سان شاندار نظم لکيو.

ڪوڪرا ڪن پيا سامراجي گدڙ
سامراجي ڪتا هونءَ ڪيڏا بہ پڙ
شير جمھُور جا گرجندا ٿا وڌن شير جمھور جا ڏسي ٿا ڏرن

اي وطن! هيءَ خبر بي وطن بي ڪفن
سج جھڙي مگر لاش تن جا مٿن
هت تہ ڪارا ڪڪر ڀرجندا ٿا وڃن ائٽمي ڏند جانسن جا ڏڪن

واءُ ۾ وڍ آ سوڀ هر سچ جي
ڀو بہ هي ڏڍ آ آس جي آرسي
ڏاڍا جي آڍ ڏاري وڌي آ ڪن. هانءَ هارين مٿان اي وطن، اي وطن

ڪوڙ ڪيڏو ڪُڏيو ڪوڪرا ڪن پيا
سچ ناهي لڏيو سامراجي ڪتا
سچ جي ناوَ تاري وڌي آ ڪن. شير جمھور جا گرجندا ٿا وڌن.

جيتوڻيڪ چين شروع ۾ ويٽنامين جي مدد ۽ ويٽنامين سان گڏجي وڙهيا ۽ لڳ ڀڳ پندرهن سؤ چيني سپاهي ويٽنامين سان گڏ وڙهندي شھيد بہ ٿيا، پر پوءِ هنن جي وچ ۾ ايڏا تہ اختلاف ٿيا، جو چين سندن مدد ڪرڻ بند ڪري ڇڏي. مائوزي تنگ جي ڳاڙهي ڪتاب تي اُتر ويٽنام ۾ پابندي مڙهي ويئي.ويٽنام آزاد ٿيو تہ هنڌ- چيني علائقي مان بظاهر تہ آمريڪا شڪست کائي ڀڳو، پر هو پنھنجي سازشن کان نہ مُڙيو. ڪمبوڊيا جي مسئلي تي چين ۽ ويٽنام ۾ 1979ع ۾ جنگ بہ ٿي، پر هاڻ ٻنھي ملڪن ۾ بھتر لاڳاپا آهن. ويٽنام ۾ بہ ڪميونسٽ پارٽي جي حڪومت آهي، پر چين کان گهڻو پوئتي آهي. ڪرنسي جي ويليو بہ گهٽ اٿس ۽ آمريڪا سان ويجهڙائي ۽ بھتر لاڳاپا قائم ڪيا اٿس.
چين ۽ ويٽنام جي آزاديءَ جي جدوجھدن جي اڳواڻي ٻن شاعرن ڪئي، مائوزي تنگ بہ شاعر هو، تہ هوچي منھه بہ شاعر هو. جيتوڻيڪ ٻنھي جي سُڃاڻپ شاعر واري ڪونھي، پر ٻنھي جي شاعريءَ چينين ۽ ويٽنامين جي رت گرمائڻ سان گڏ، سڄي دنيا جي آزادي پسندن کي متاثر ڪيو. هوچي منھه جي شاعري جو ڪتاب The prison diary سڄي دنيا ۾ مشھور آهي. ان ۾ ڇا تہ متاثر ڪندڙ نظم آهن.

شعر چوڻ منھنجي عادت تہ ڪونھي
پر، هِتي جيل ۾ ان کان سواءِ ٻيو ڪريان بہ تہ ڇا؟
پر غلاميءَ جي هنن ڏينھن ۾ آءٌ شاعري ڪندس
۽ اُن شاعريءَ کي سُر ۾ ڳائيندس
آزاديءَ جي ڏينھن کي ويجهو آڻيندس.
*

دنيا ۾ انسان جون بُرايون هزارين ٿي سگهن ٿيون،
پر آزادي ڦرجڻ کان وڌيڪ
بُري ٻي ڪا بہ ڳالھہ ڪونھي
انسان کي اهو حق بہ نہ ٿو ملي تہ هو
ڪو گُفتو وات مان ڪڍي سگهي يا ڪو هلڪو
اشارو ڪري سگهي.
اسان کي گهوڙن ۽ جانورن وانگر هڪليو وڃي ٿو
سڄي دنيا ۾ جنگ جا شعلا ڀڙڪي رهيا آهن.
۽ ماڻھو لامَ ٿي وڃڻ لاءِ هڪٻئي سان ريس ڪري رهيا آهن
جيل ۾ قيدي بي وس ٿي رهجي ويو آهي
منھنجي اُڌمن ۽ اُمنگن جو هڪ ٽڪي جيترو بہ قدر ڪونھي.
*
غلاميءَ کان موت ڪيترا
درجا وڌيڪ بھتر آهي
منھنجي ملڪ ۾ هر هنڌ آزاديءَ جا جهنڊا جهولي رهيا آهن
آھہ! اهڙي وقت ۾ قيدي هئڻ بہ بدقسمتي آهي.
آءٌ ڪڏهن آزاد ٿيندس جو،
آزاديءَ جي جنگ ۾ پنھنجو ڪم ڪري سگهندس.
*

روزانو صبح جو جبلن جي چوٽين تان سج اُڀري،
جبلن جي لاهين کي ڳاڙهي رنگ ۾ رڱي ٿو ڇڏي
فقط جبل جي سامھون اونداها پاڇا ڇانيل رهن ٿا
۽ جبل جي ڪوٺڙين ۾ سج کي اندر اچڻ جي موڪل ڪونھي
قوما (ويٽنام جو شاعر) فطرت جي حُسن
برف، ڌنڌلڪي، گلن، هوائن، جبلن، دريائن جا گيت ڳائيندو هو،
اڄ اسان کي لوھہ ۽ فولاد کي بہ شاعريءَ جو موضوع بنائڻ گهرجي.
*

منھنجا ديس واسيو! اوهان پنھنجن گهرن ۾
آرڻ جي فصل لھڻ تي خوشيون ملھائي رهيا آهيو
قيد ۾ مصيبتن جي پيالن پيئڻ وارن کي بہ ياد ڪندا رهجو.
*

۽ هڪ شاعر ۾ حملي
جي اڳواڻي ڪرڻ جي
صلاحيت هئڻ گهرجي.
دل تہ چوي ٿي تہ ’چاچا هو‘ جي سڄي جيل جي ڊائري هتي ترجمي جي صورت ۾ اُتاري ڇڏيان.
مائوزي تنگ جي شاعريءَ ۾ آزادي جي تڙپ سان گڏ فطرت جي حسن جا رنگ بہ آهن ۽ هوچي منھه جي شاعريءَ جي لفظ لفظ ۾ آزادي لاءِ تڙپ موجود آهي.
مائوزي تنگ جيڪو چوندو هو، ”سامراج ڪاغذي شينھن آهي.“ اهو جڏهن سامراج کي للڪاري ٿو تہ سندس لفظ هيئن ٿا شاعريءَ جو روپ اختيار ڪن:
او! ظالم سامراجي هوا
توکي خبر آهي،
چانڊوڪيءَ جي پوياڙيءَ ۾
جهنگلي ڪڪڙ جو آواز ٿئي ٿو،
چانڊوڪي جي پوياڙيءَ ۾
گهوڙن جا سُنب وڄندا آهن،
انھيءَ مھل
اسان دڙي وٽ بيٺل ديوار کي،
پار ڪريون ٿا،
اسان جا ساٿي ۽ اسين
سڀني ديوارن کي پار ڪريون ٿا.
انھن پھاڙن کي
نيري سمنڊ کي
رت جي رڱيل سج کي
پار ڪريون ٿا
مضبوط ارادن سان
فولادي ضابطن سان
وڏي جوش ۽ ولولي سان
سڄي جھان کي پار ڪريون ٿا.
آءٌ ڪيتري ئي دير ان ڀت تي هٿ رکيو بيٺو هوس، منھنجون نظرون پرينءَ پار ويٽنام جي ڌرتي تي کُتل هيون ۽ منھنجي ذهن ۾ سوچن جي يلغار هئي ۽ هڪ سوال بار بار اُڀري رهيو هو. ’منھنجي سنڌي قوم ڪڏهن آزاد ٿيندي، ويٽنامين جيان پنھنجي ڇيڙي نبيريءَ جي مالڪ ٿيندي.‘
”ابو هاڻ هلنئون. اوهان کي بُک لڳي هوندي.“ وشال جي لفظن منھنجي خيالن جو سلسلو ٽوڙيو ۽ وشال ڏانھن ڏسي مرڪي پيس. مون تہ هڪ سپنو پي اُڻيو پنھنجي ذهن ۾ پنھنجي وطن جي آزاديءَ جو سپنو ۽ وشال جا لفظ مون کي حقيقي دنيا ۾ وٺي آيا.
”هائو... هلو.“ مون هڪ نظر وري سورمن جي سرزمين تي وڌي ۽ جهڪي هٿ جوڙي ان ڌرتيءَ کي پرڻام ڪيو ۽ وشال سان هلڻ لڳس. مريم اسان جي اڳيان ڦڏڪ ڦڏڪ ڪري هلڻ لڳي. سندس خوشي ۽ کل اندر ۾ بھاريون پيدا ڪري رهي هئي. ان مھل مون کي منھنجي پوٽين افق، شفق ۽ منھنجي ڏهٽي حرم الزهريٰ جي ياد آئي. مائي ايشال تہ اڃا ننڍي آهي، اهي ٽيئي جي هتي هجن ها تہ مريم سان گڏجي کڻي آسمان مٿي تي کڻن ها.
اسان ونڊو شاپنگ ڪندا، هوريان هوريان هلندا، سامھون هڪ هوٽل ڏسي، ان ۾ وڃي ويٺاسين. اسان کي اندر ايندي ڏسي، چيني هوٽل واري ”ني هائو“ چئي اسان جو آرڊر ڀاءُ ڪيو. چيني گهڻا قربائتا، پنھنجائپ ۽ پيار ڏيندڙ آهن.
ڪرسين تي ويٺاسين تہ وشال کي چيم تہ ”ڪا هلڪي ڦلڪي ماني گهرائج. اهڙي جيڪا کائي سگهون.“
وشال ۽ کشين ڪائونٽر تي ويا. وي چيٽ ذريعي پئسا ڏيئي ماني جو آرڊر ڏنائون. سڄي چين ۾ اهو آهي تہ مينو ڏسي، ان مان ائٽم سليڪٽ ڪري پئسا ادا ڪري پوءِ چونڊيل شين جو آرڊر ڏيندا آهن. ڪھڙي شئي ڪيتري جي آهي. اگهہ مينيو تي لکيل هوندو آهي، چين هڪ لحاظ کان ڄڻ ڪرنسي فري ملڪ ٿي ويو آهي. وي چيٽ ۽ علي پي اڪائونٽ اٿوَ تہ پوءِ کيسي ۾ ڪرنسي کڻڻ جي ضرورت ئي ڪونھي. سڄي ڏيتي ليتي ان وسيلي، نہ پئسا وڃائجڻ جو ڊپ، نہ چوري چڪاري يا ڦرجڻ جو اُلڪو.
ماني آئي تہ ان ۾ چانورن جو پيالو، سلاد، موريءَ جو سوپ ۽ هڪ بوائل چڪن پيس هو. چيني پاڻ واري ماني يا نان ڪونہ کائين. باقي چانور، گوشت، مڇي، سبزين ۽ فروٽ ۽ سي فوڊ تي وڏو مارو اٿن. مون چانور ۽ سلاد کاڌو، ۽ موريءَ جو سوپ پيتو. پر ڪوشش جي باوجود چڪن پيس مان فقط هڪ ٻہ ٻوٽيون ئي کائي سگهيس. باقي وشال ڏانھن سيريم، جيڪو چائينيز کاڌو کائڻ تي هريل آهي. مانيءَ مزو تہ نہ ڏنو، پر پيٽ پوڄا تہ ڪرڻي هئي. کشين نوڊلس کاڌا.
ماني کائي آءٌ ٻاهر اچي بيٺس ۽ واءُ سواءُ وٺڻ لڳس. تيسين کشين، وشال، ۽ نسيم بہ ماني کائي ٻاهر نڪتا. وشال چيو تہ، ”پوليس آئي آهي، پنھنجو انتظار پئي ڪري.“ دل ۾ چيم، وري ڪھڙو مسئلو ٿيو؟ خير اسان چارئي ڄڻا گڏجي ان ديوار جي اڳيان ٺھيل هوٽل وٽ پھتاسين، جتي ڪيترائي فارينرس بيٺا هئا. پر سڀئي فار ايسٽ جي ملڪن جا هئا. سامھون پوليس جي ڪار بيٺي هئي. اسان کي ايندي ڏسي انھن مان هڪ ڄڻو لھي آيو ۽ کشين کان خبرون چارون پڇڻ لڳو ۽ چيائين ’ڪو مسئلو يا تڪليف ٿئي تہ ٻڌائجو.‘ اسان سندن مھرباني مڃي. اصل ۾ هڪ تہ ويٽنامي سرحد ڀر ۾ هئي ۽ ٻيو تہ اسان جي شڪل ۽ صورت وارو ٻيو ڪو اتي نہ هئڻ سبب پوليس الرٽ هئي. ويٽنامي اڪثر موقعو ۽ مھل ڏسي، ندي اُڪري، هٿڙي ڪري ڀڄي ويندا آهن. ٻيو تہ اڪثر ويٽنامي ڇوڪريون، جن جو چيني ڇوڪرن سان رابطو هوندو آهي، اهي بہ ندي اڪري هن پاسي هليون اينديون آهن ۽ چيني ڇوڪرن سان پرڻجي ويھي رهنديون آهن. چيني ۽ ويٽنامين جي مُنھن مُھانڊن ۾ ڪو گهڻو فرق ڪونھي. ٿوري دير پوليس اسان سان بيٺي رهي ۽ پوءِ اهو پڇي موڪلايائون تہ ”واپس ڪڏهن ويندا؟“ کشين وراڻيو تہ ”شام جو واپسي آهي.“ ”اوڪي! ڪو مسئلو ٿئي تہ رابطو ڪجو.“ ۽ پوءِ همراھہ مُرڪي سڀني سان هٿ ملايو. موڪلائڻ مھل همراھہ جي خوش اخلاقي ڏسي چيومانس، ”اوهان سان هڪ فوٽو ڪڍائي سگهجي ٿو؟“ جواب ۾ مرڪي وردي تي هٿ هڻندي چيائين، ”ضرور ڪڍرايان ها، مون کي خوشي ٿئي ها، پر هينئر وردي ۾ ڊيوٽي تي آهيان.“
پوليس پوءِ يڪو اسان سان رابطي ۾ رهي. واپسيءَ مھل بہ جڏهن کشين شارٽ ڪٽ ڪندي ۽ هڪ ٻيو رستو ورتو ۽ ڀلجي ويئي تہ بہ هو رابطي ۾ رهيا ۽ بار بار لوڪيشن پُڇندا رهيا ۽ رهنمائي ڪندا رهيا. چيني پوليس جي اهڙي ذميواراڻي رويي تي مون کي حيرت ٿي- اصل ۾ اهو سرحدي علائقو هو. ڪيترائي چيني ۽ ويٽنامي منشيات هيڏانھن هوڏانھن ڪرڻ سان گڏ وارداتون بہ ڪندا آهن، ان ڪري پوليس ’فارينرس‘ جي حفاظت لاءِ هر وقت الرٽ رهندي آهي. پوليس اسان سان تيستائين رابطي ۾ رهي، جيستائين اسان ’بارڊر چوڪي‘ ڪراس نہ ڪئي، جتي اسان وڃڻ مھل رجسٽريشن ڪرائي هئي. اها چوڪي ڪراس ڪرڻ کان پوءِ پوليس وري اسان سان رابطو نہ ڪيو.
پوليس ويئي تہ اسان بہ پويان پير ڪيا ۽ واپسي ساڳئي چوڪ وٽ آياسين. جتي ڪيترائي ڏيھي ۽ پرڏيھي گهُمي ڦري رهيا هئا. کاڌي پيتي جي شين ۽ ٻي سامان جا ڪيترائي دڪان هئا. هلندي کشين ناريل جو پاڻي ورتو. جيڪو خوبصورت ناريلن ۾ پيل هو. اهو اسان اسٽڪ سان پيتو. ناريل کي اهڙي تہ خوبصورت نموني پشم ويڙهيل هئي، جو اُن جو پاڻي پيئڻ کان پوءِ اهو ڊسٽبن ۾ اڇلائڻ جي بدران شوپيس طور کڻي اچڻ تي دل پي چيو.
ڀرسان ئي شوپيسن جو هڪ دڪان هو. جنھن ۾ گهڙي وياسين، جتي ٻين ڪيترن ئي شوپيسن سان گڏ گوتم ٻڌ، ڪنفيوشس ۽ مائوزي تنگ جا سٺا ۽ وڏا، ڏيڍ، ٻن فوٽن جيترا اسٽيچو رکيل هئا. هيڏانھن آيس پي تہ ٻن دوستن شاهزيب نوناري ۽ ضمير عباس ابڙي فرمائش ڪئي هئي تہ سندن لاءِ گوتم ٻڌ جا ننڍا مجسما وٺي اچان. مون سڄي نئننگ ۾ اهي ڳولھيا، پر نہ مليا. هتي جام رکيا هئا، پر ڪافي وڏا هئا ۽ جڏهن انھن جو اگهہ پڇيم تہ ساڻن وڌيڪ کؤنس ڪرڻ مناسب نہ سمجهيم. ٽنھي مجسمن جي قيمت پاڪستاني روپين ۾ پندرهن سورهن هزار پي ٿي. منھنجي گهر واري نسيم کي بہ اهي گهڻو وڻيا ۽ چيائين تہ ”حيدرآباد ۾ پنھنجو گهر وٺنداسين تہ اهي وٺي اتي رکنداسين.“ مون سندس ڳالھہ کي ٽيڪو ڏيندي چيو، ”تڏهن تہ نٿو وٺان... پنھنجو گهر هجي ها تہ وٺان ها...“ پر اصل ڳالھہ پئسن ۽ ان کان پوءِ پاڪستان پھچائڻ جي هئي. وشال پڇيو، ”ابو وٺڻا آهن؟“
مون هڪدم چيو، ”نہ! جھاز ۾ کڻڻ مسئلو ٿيندو. بيجنگ بہ هلنداسين تہ ڪير پيو گهليندو وتندو، باقي ننڍا ملن تہ وٺنداسين.“
جي ’ها‘ ڪريان ها تہ ڊاڪٽر وشال وٽ دير نہ هجي ها. منھنجو پُٽ منھنجي هر خواهش پوري ڪرڻ جي لاءِ تيار هو، پر منھنجي ڪوشش اها رهي تہ پٽڙي وشال کي گهٽ خرچ ڪرايان. ايئن پوءِ ڪيترن ئي گفٽ شاپس تي ٻڌ جا ننڍا مجسما ڳولھيم، پر نہ مليا. وشال کي چيم، ”بيجنگ مان وٺنداسين.“
وشال وراڻيو، ’اتي صفا باھہ ٻريل هوندي.“ جنھن تي کلندي چيومانس، ”گوتم ٻڌ چين ۾ ئي سونھين ٿو. کيس پاچيستان وٺي هلڻ جي ضرورت ڪونھي، جو اتي انتھاپسند ثواب ڪمائڻ لاءِ کيس ڀڃي ڇڏيندا.“
اسان ڳچ دير تائين اتي وڙڪندا ۽ ونڊو شاپنگ ڪندا رهياسين. پوءِ واپس ورڻ جي ڪئيسين. ڇو تہ واپسي ۾ اسان کي سامونڊي بيچ تي وڃڻو هو. جيڪا اتان کان پنجاھہ ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي هئي. ان دوران کشين اسان کي هڪ شاپ تي ويھاري ويٽنامي پرفيومز وٺڻ جي لاءِ ڪنھن پاسي نڪري ويئي. آءٌ مارڪيٽ ۾ گهمندو ۽ فوٽو ڪڍندو رهيس. ويٽنامي تغاري واري ٽوپي ڏٺم، پھرين خيال آيم تہ وٺان ٿو، پر پوءِ ارادو بدلائي ڇڏيم تہ ”هيڏي وڏي تغاري جيڏي ٽوپي پاڪستان ڪيئن کڻي ويندس.“ تنھنڪري اها مٿي ۾ پائي، ان سان فوٽو ڪڍرائي، وٺڻ جو ارادو بدلائي واپس رکي ڇڏيم.
اتي هڪ دڪان تي بيٺا هئاسين تہ دڪاندار پڇيو، ”اوهان شنچيان مان آيا آهيو؟“ ”نہ، پاچيستان مان.“ کيس جواب ڏنوسين.
شنچيان چين جو هڪ وڏو صوبو آهي، جنھن جي سرحد پاڪستان سان ملي ٿي، جنھن جي ٻولي ۽ ڪلچر ڌار آهي، اتي مسلمانن جو وڏو تعداد رهي ٿو. سندن ٻولي ’ايغور‘ عربي اسڪرپٽ ۾ لکي ويندي آهي. چين جي سڀني ڪرنسي نوٽن تي ٻين چئن ٻولين سان گڏ اها بہ لکيل آهي.
اهو ٻڌي دڪاندار آڱوٺو ڏيکاري خوشيءَ جو اظھار ڪندي چيو تہ، ”چونگو، پاتيا ڦنگيو ڦنگيو“ (يعني چين ۽ پاڪستان دوست آهن).
کشين موٽي آئي تہ اسان ڪار ۾ ويٺاسين ۽ بيچ ڏانھن روانا ٿياسين. وچ ۾ وشال ٻُڌايو تہ، منھنجو ۽ کشين جو ٽڪ ٽاڪ جي ذريعي رابطو ٿيو ۽ اسان جي پھرين ملاقات بہ هتي ئي ٿي هئي ۽ کشين مون تي وڏو خرچ ڪيو هو.
”هونھه! تہ چئبو اها ڳالھہ آهي. مون بہ سوچيو پي تہ بيچ جو ايئن اوچتو پروگرام ڪيئن ٺھي ويو. يعني پنھنجي ان پھرين ملاقات جي تجديد ڪرڻ پيا هلو.“ مون کلندي چيو.
جنھن تي وشال کشين ڏانھن ڏسندي وڏو ٽھڪ ڏنو، جنھن تي کشين وشال کي ڏٺو تہ وشال منھنجي ڳالھہ جو ترجمو ڪري ٻڌايو تہ هوءَ بہ کلڻ لڳي ۽ وشال کي سٿر تي ڌڪ هنيو. ڪار هلندي منھنجي اک لڳي ويئي. اوچتو وشال چيو، ”ابو... بيچ اچي ويئي.“ جنھن تي مون اک کولي، ڏٺم تہ منھنجي سامھون نيڻ نھار تائين سمنڊ ئي سمنڊ هو. ڪار بيھاري اسان سڀ هيٺ لٿاسين. سمنڊ لٿل هو ۽ ڪجهہ ماڻھو بيچ تي موجود هئا. موڪل وارن ڏينھن خاص ڪري ڇنڇر ۽ آچر تي هتي وڏي رش هوندي آهي. ’تونگ شين‘ مان بہ کشين کاڌي پيتي جون ڪافي شيون ورتيون هيون، جن ۾ ويٽنامي کاڄا، پڪل انب جو سڪل ڦارون، جنھن جو هڪ پئڪٽ بہ هو، جيڪو ايترو تہ لذيذ هو، جو بيچ تائين ايندي ايندي اهو سڄو رڙڪي ويس. کاڄا بہ ڏاڏا ٽيسٽي هئا.
ڪار مان لھي، کشين ۽ نسيم ’ريسٽ روم‘ جي ڳولا ۾ ويون. هاڻ سڄي دنيا ۾ واش رومن يا ڪاڪوس خانن کي ريسٽ روم چيو وڃي ٿو. آءٌ ۽ وشال هوريان هوريان هيٺ سمنڊ ڏانھن لھڻ لڳاسين. سامھون پريان سمنڊ ۾ ڪجهہ بحري جھاز بيٺا هئا ۽ هڪ موٽر بوٽ اتان تيزيءَ سان وڃي رهي هئي. اسان وٽ ٻہ موٽرسائيڪلون واريون مايون اچي بيٺيون، جيڪي پنھنجي بائيڪ تي ماڻھن کي چاڙهي بيچ جو سير ڪرائينديون آهن. چين ۾ مون کي هر شعبي ۾ عورتن جي اڳيان هئڻ جي ڳالھہ وڻي. دل ۾ آيم تہ جيسين سنڌي عورتون تعليم، نوڪرين، واپار وري سميت سڀني شعبن ۾ اڳتي نہ وڌنديون، تيسين اسان جي ترقي ۽ خوشحالي بس هڪ خواب ئي چئي سگهجي ٿو.
وشال منھنجي اڳيان مريم کي ڪلھي تي چاڙهي هلي رهيو هو. جتي بہ وڃون مائي مريم بابھينس جي ڪلھي تي چڙهيو بالم بنجيو ويھيو رهي ۽ پوءِ کلندي گهمندي رهي. اوچتو مون وشال کي سلپ ٿيندي ڏٺو ۽ وڃي پٺيءَ ڀَر ڪريو. پٿر جي ٺھيل ان لاهياريءَ تي ڪافي ترڪڻ هئي. وشال کي ايئن ڪرندو ڏسي منھنجو ساھہ ئي بيھي رهيو. ڪرڻ سان مريم بہ روئڻ لڳي. پر ﷲ اهو خير ڪيو تہ ڪرڻ مھل وشال مريم کي مٿي ڇڪيو، جنھن ڪري کيس ڪو ڌڪ نہ لڳو. وشال هڪدم کلندي اٿيو ۽ مريم کي کنيائين. وشال کي ڌڪ تہ ضرور لڳو هوندو، پر لکا نہ ڏنائين. تيسين آءٌ بہ جيڪو ٿورو پوئتي اچي رهيو هئس، پھچي ويس. وشال پنھنجو ڌڪ وساري مون کي ٻانھن مان جهلي هيٺ لاٿو. هيٺ واري هئي ۽ پريان سمنڊ هو. مريم کي گڏجي ماٺ ڪرايوسين، پر مائي صاحبہ جو موڊ خراب ٿي ويو. هيٺ لھي، ٿورو پرتي وڃي وشال کشين کي ميسيج ڪيو تہ ”هتي ترڪڻ آهي، پنھنجو ۽ اميءَ جو خيال ڪج.“ اڃا اتي ئي بيٺا هئاسين، جو ان ئي هنڌان هڪ چيني لُڏندي لَمندي ايندي نظر آيو. ان کان اڳ جو وشال کيس هڪل ڪري خبردار ڪري همراھہ وڃي چوٽي هنئين ۽ وڏي رنڀ ڪيائين، جنھن تي اسان ٻنھي سميت اتي بيٺل چيني بہ کلڻ لڳا.
سمنڊ جي پاڻيءَ ۾ پير پسائي، هلندا، فوٽو گرافي ڪرڻ ۽ مووي ڀرڻ لڳاسين. ان مھل شام هئي ۽ سج لھي رهيو هو ۽ لھندڙ سج جي لالاڻ سمنڊ تي پئجي رهي هئي، سج ڪنھن وڏي هئڊي ٿالھہ وانگر سمنڊ ۾ لھي رهيو هو. ڏاڍو خوبصورت منظر هو. ان مھل اسان پريان کشين ۽ نسيم کي ايندي ڏٺو. کشين جون اکيون موبائيل ۾ هيون. اوچتو نسيم ترڪي وڃي ڪري. کشين کيس هڪدم اٿاريو. اسان بہ ڊوڙي وياسين، ڪرڻ جي ڪري کيس پير جي هڏي ۾ چڱڙو ڌڪ لڳي ويو ۽ ٻن هنڌن تان کل بہ رهڙجي ويئي هئي ۽ رت وھڻ لڳو. بھرحال ان مھل تہ هوءَ ڌڪ برداشت ڪري ويئي، پر پوءِ ٻہ ٽي ڏينھن پير جهليو گهر ۾ ويٺي هئي.
سمنڊ جون لھرون اسان جي پيرن کي ڇُھي اڳتي وڌي ٿي ويون، مريم وري موڊ ۾ اچي ويئي ۽ واريءَ تي ڊوڙڻ لڳي. هاڻ سمنڊ جي وير بہ چڙهڻ لڳي هئي ۽ اسان لي شان يوسن (Lesshanguyucan beatch) تان واپسي اختيار ڪري نئننگ جو رخ ورتو.
ڪار جڏهن ٽول پلازا وٽ پھتي تہ ڪار جي چيڪنگ ٿي. بارڊر ويجهو هئڻ سبب پوليس هر ايندڙ ويندڙ گاڏيءَ جي چيڪنگ ڪري رهي هئي. اتي بيٺل همراھہ هڪ آلو کڻي کشين جو وات کولائي ان جي اڳيان جهليو ۽ پوءِ اسان کي اڳتي وڃڻ جي موڪل ڏني. مون ان اوزار کي کشين جي وات اڳيان جهلڻ بابت پڇيو، ٻڌايائين تہ، ”هتي شراب پي ڊرائيونگ ڪرڻ جي منع آهي، جيڪو بہ شراب پي ڊرائيونگ ڪندو آهي، ان تي ڳرو فائين لڳايو ويندو آهي. ان فائين کان بچڻ لاءِ چيني شراب پي ڊرائيونگ نہ ڪندا آهن.پر پوءِ بہ ڪيترائي اهڙا جوڌا آهن، جيڪي ان قانون جي پرواھہ نہ ڪندا آهن.“
ڪار اڳتي وڌي تہ کشين چيني موسيقي چالو ڪري ڇڏي ۽ پاڻ بہ ان جي سُر سان گڏ سُر ملائڻ لڳي... مون کي سندس اهو سُر ملائڻ ڏاڍو وڻندو آهي. آءٌ ڌيان سان ٻڌڻ لڳندو آهيان.
آءٌ چيني موسيقي ۽ ان سان کشين جي سُر ملائڻ تي هلڪو هلڪو ڪنڌ ڌوڻڻ لڳس ۽ ڪار نئننگ ڏانھن روان دوان هئي.

ايوو ڏانھن اُڏامَ

”ابو، ايوو چڪر ڏيڻ هلون؟“ ڪجهہ ڏينھن اڳ وشال مون کان پُڇيو.
”جتي بہ وٺي هلين. ايوو يا آسمان تي، پر نئننگ مان تہ ڪڍ. هِتي اچي صفا پيرن ۾ نيئر پئجي ويا آهن. ڪيڏانھن نڪرڻ ئي نہ پيو ٿئي.“ مون وشال جي سوال تي مُرڪندي وراڻيو. جنھن تي وشال بہ کلي پيو. سمجهي ويو تہ آءٌ ڪٿي پيو سُر ملايان.
”ٺيڪ آهي تہ پوءِ سومر جي رات واري فلائيٽ ۾ ايوو هلنداسين، اتي منھنجا دوست حيدر ۽ منور رهن ٿا. ٻنھي تازو اتي هوٽلون کوليون آهن، چون ٿا اچو ۽ چڪر هڻي وڃو.“
”ٺيڪ آهي... مون کي رڳو ٽئڪسي ۾ ويھڻ جي دير آهي.“ مون وراڻيو.
وشال جي مصروفيتن سبب ڪيترائي پروگرام ٺھندا ۽ ڊهندا ٿي رهيا. ٻي ڏينھن ابوذر اقبال آيو تہ وشال کيس نئننگ کان ايوو تائين فلائيٽ سرچ ڪرڻ جي لاءِ چيو، ٿوري دير سرچ ڪرڻ کان پوءِ ابوذر ٻڌايو تہ ان تاريخ تي ايوو ڏانھن تہ فلائيٽ ڪونھي البت هانگچو تائين آهي. اوهان هانگچو وڃو ۽ اتان ايوو هليا وڃو.
وشال هڪدم حيدر سان رابطو ڪيو ۽ کيس صورتحال ٻڌائي، جنھن چيس تہ ”اوهان ڀلي هانگچو اچو. اتان آءٌ اوهان کي کڻڻ ايندس.“
”هانگچو کان ايوو ڪيترو پري آهي؟“ وشال پڇيس.
”ڪلاڪ مُني جي ڊرائيو تي.“ حيدر وراڻيو.
”اهو تہ گهڻو پري آهي. توکي تڪليف ٿيندي.“ وشال چيس.
”نو پرابلم جاني اها ڊرائيو عام ڳالھہ آهي. تون بس اچ.“ حيدر وراڻيو.
”بس پوءِ ڊن.“ وشال چيس.
ايئن پوءِ ابوذر اقبال سومر جي ڏينھن اڱاري جي رات نوَ لڳي پنجاھہ منٽن تي نئننگ کان هانگچو ويندڙ فلائيٽ تي آن لائين ٻہ ٽڪيٽون بوڪ ڪرائي ڇڏيون. تڏهن وڃي پڪ ٿيم تہ هاڻ هانگچو پھچي، اتان ايوو وڃبو.
سومر جي ڏينھن پنجويھن نومبر تي ديدي (ٽئڪسي) ڪري نئننگ ايئرپورٽ پھتاسين، نئننگ ايئرپورٽ تي اڳ ۾ بہ 9 نومبر تي آيا هئاسين. جڏهن اسلام آباد مان وشال جي هوٽل جو نئون شيف وايا گوانچو نئننگ پھتو هو ۽ اسان کيس کڻڻ جي لاءِ ايئرپورٽ آيا هئاسين، پر کيس ٻاهران ئي کڻي موٽي آيا هئاسين، اندر گهڙڻ جي نہ ضرورت هئي ۽ نہ موقعو مليو هو.
ايئرپورٽ پھچي، پاسپورٽ ۽ ٽڪيٽ ڏيکاري، چيڪنگ جي مختلف مرحلن مان لنگهي اچي گيٽ نمبر 19 تي پھتاسين ۽ فلائيٽ جي انتظار ۾ ويٽنگ روم ۾ ويٺاسين، جتي ٻيا بہ ڪيترائي مسافر ويٺل هئا، پر سڀني جا منھن موبائيلن ۾، آسپاس کان لاتعلق. پاڻ وٽ پاڪستان ۾ بہ ماڻھن جا منھن موبائيلن ۾ هوندا آهن، پر هھڙو حشر ڪونھي، جھڙو هنن چينين جو آهي. هلندا پيا يا هنگدا پيا، پر اک موبائيل ۾. موبائيل هنن چينين لاءِ سڄو جھان آهي، چيني موبائيل جا ايئن موالي آهن، جيئن پٺاڻ نسوار جا. جيڪڏهن اها چينين کان کسي وڃي تہ رڙيون ڪري مري وڃن.
ايئرپورٽ تمام وڏو هو. عمارت جھڙي ٻاهران خوبصورت هئي، تھڙي اندران بہ. نئننگ چين جو آخري چيني وڏو شھر ۽ گوانگسي خودمختيار ريجن جي گاڌي جو هنڌ آهي. ويٽنام جو بارڊر هتان کان ٻہ سؤ ڪلوميٽر پري آهي، پر پوءِ بہ هن کي سرحدي شھر چوندا آهن. جيتوڻيڪ هي ڪو ايترو مصروف ايئرپورٽ چئي نہ ٿو سگهجي، پر پوءِ بہ جيڪڏهن ڪراچي ۽ اسلام آباد جي ايئرپورٽ جي هِن ايئرپورٽ سان ڀيٽ ڪجي تہ هي ايئر ٽريفڪ جي حوالي سان گهڻو مصروف ايئرپورٽ آهي. هتان ڪيترين ئي ايئرلائينز جون ملڪ جي مختلف شھرن ڏانھن اڏامون وڃن ٿيون، پر انٽرنيشنل اڏامون بہ اچن ۽ وڃن.
اتان اسان جوس ۽ کائڻ لاءِ هلڪيون ڦلڪيون شيون ورتيون. جيتوڻيڪ گهران نڪرڻ مھل اسان بيف شورما کائي نڪتا هئاسين، پر هِتي جو پھتاسين ۽ وشال ٽڪ شاپ ڏٺو تہ چيو، ”ابو، ڪجهہ هلندو؟“ ۽ منھنجي جواب کان اڳ ئي اندر گهڙي ويو ۽ جوس ۽ ٻيون شيون وٺي آيو. مون کيس نہ روڪيو، جو خبر هيم تہ منھنجي منع جي باوجود بہ وشال اهي وٺي ها. ان معاملي ۾ وشال جي خواهش آهي تہ اسان سڄو چين کائي وڃون. روزانو رات جو بہ الائجي ڇا ڇا وٺي ايندو آهي. منھنجي ۽ ماڻھنس جي منع ڪرڻ باوجود بہ ناهي مُڙندو. ڀلا کائي کائي اسان ڪيترو کائينداسين؟ وشال ۾ بہ چينين جھڙيون عادتون ٿي ويون آهن. جيڪو بہ سڄو ڏينھن پيو کائيندو آهي. جنھن ڪري سندس وزن بہ وڌي ويو آهي. هاڻ اهو گهٽائڻ جي لاءِ مٺاڻ ۽ ٻيون شيون واپرائڻ بند ڪري ڇڏيون اٿس ۽ ورزش بہ شروع ڪري ڇڏي اٿائين ۽ هاڻ اهو کائڻ جو ڪم اسان جي حوالي ڪيو اٿس. حيدرآباد ۾ گهر هوندو آهيان تہ منھنجي پوٽي اُفق هٿ ۾ ڪانہ ڪا شئي کڻيو اچي منھنجي وات ۾ وجهندي آهي ۽ جڏهن چوندو آهيان، ”اُفق بابا نٿو کاوان.“ تہ پيار مان ڪنڌ ڌوڻي چوندي آهي، ”دادا.... ڪا... ڪا...“ سو وشال بہ پيو چوندو آهي، ”ابو ۽ امي کائو... کائو....“
۽ ان کائڻ اسان جو تہ وزن ئي وڌائي ڇڏيو آهي ۽ چھرن جا رنگ ئي نکري پيا آهن، ڪنھن سان وڊيو ڪال تي ڳالھائجي ٿو يا فيس بوڪ تي ڪا تصوير رکجي ٿي تہ دوست چون ٿا، ”صفا نکري پيو آهين.“
ڪجهہ ڏينھن اڳ نسيم مون کي چيو، ”حيدرآباد ۾ گرمين ۽ ٻين ٽينشنن پاڻ ٻنھي کي اهڙو ڪري ڇڏيو هو، جو اُتي هجون ها تہ ڪر پاڻ ٻنھي مان ڪو هڪڙو هيستائين پورو ٿي وڃي ها.“
ٿوري دير کان پوءِ جھاز ۾ ويھڻ جي لاءِ چيو ويو. وشال اڳيان ۽ آءٌ سندس پويان هلندا، جھاز ۾ گهڙياسين، جتي XIAMEN AIR سُھڻي صورت وارين ايئر هوسٽس ”ني هائو“ چئي، مُرڪي اسان جو آڌر ڀاءُ ڪيو. سندن نقش ۽ نگار تہ چيني هئا، پر قد جون بہ ڊگهيون، جنھن کي پاڻ ’سروقد‘ چئون ۽ منھن بہ ٺيڪ هئن. اهي اصل ۾ ’هانگچو‘ جون رهاڪو هيون. هانگچو جا رهاڪو چين جي ٻين علائقن جي ڀيٽ ۾ قد جا ڊگها آهن. هي ايئر هوسٽس بہ هانگچو جون هيون، جيڪا ڳالھہ سندن ڊگهن قدن مان پڌري هئي.
اسان پنھنجون سيٽون سنڀاليون ۽ بيلٽ ٻڌاسين. ٿوري دير کان پوءِ اڏام جو اعلان ٿيو تہ اندريون بتيون بند ٿيون ۽ جھاز رن وي تي ڊوڙڻ شروع ڪيو ۽ پنھنجي اڏام شروع ڪئي. پرواز سڌي ٿي ۽ هانگچو ڏانھن منھن ڪيو تہ جھاز جون اندريون بتيون ٻريون. موبائيل تہ ڪم نہ پي ڪيو، سو اڳيان رکيل XIAMEN AIR جو رسالو، جيڪو چئن ڪلرن ۾ آرٽ پيپر تي نھايت خوبصورت ڇپيل هو، کڻي ڏسڻ شروع ڪيم. رسالو سڄو چيني ۾ هو، البت انھن جون هيڊنگس چيني سان گڏ انگريزي ۾ هيون. ايڊيٽوريل پڻ هڪ پاسي چيني تہ ان جي سامھون انگريزي ۾ هو. ڪجهہ مضمونن جا انگريزي ۾ عنوان هن ريت هئا:
1. Hsotory Book of wood and stone
2. Encountering of Tang dynasty
3. The context of ancient temples hidden in Deep mountain
4. Bay flowing green
5. Symphony of water and flames six day tour of Indonesia.
ٿوري دير مون رسالي جون تصويرون ڏسي مون واپس رکي ڇڏيو. چيني زبان منھنجي لاءِ ”زبان يار من چيني- من چيني نمي دانم“ واري ڪار هئي. چيني جنھن کي سرڪاري طور تي مينڊرين (Mendaren) چئجي ٿو، دنيا جي سڀ کان وڏي زبان آهي. حڪومت ان کي آسان بنائڻ لاءِ ڪافي ڪوششون ڪيون آهن، جيڪا پڙهي ۽ سمجهي تہ سگهجي ٿي، پر ان جو اسڪرپٽ ڏاڍو ڏکيو آهي، هاڻ اها ڦينن ۾ لکي وڃي ٿي (جنھن بابت هن ڪتاب ۾ منھنجو مضمون شامل آهي)، پر لکڻ لاءِ ڪنھن غير چيني کي وڏي محنت ڪرڻي ٿي پوي.
ان مھل مون کي هڪ عجيب خيال آيو تہ هينئر آءٌ پنھنجي پٽ سان گڏ انسان جي ٺاهيل هوائي مشين ۾ زمين ۽ آسمان جي وچ ۾، سفر ڪري رهيو آهيان. اها مون تي منھنجي پالڻھار جي ڪرم نوازي آهي، جو هن مون کي چين ولايت ۽ دنيا جا ٻيا ملڪ گهمايا. منھنجو ڪُٽنبي پسمنظر نھايت غريب ۽ هيٺينءَ طبقي وارو آهي. بابا ڍڳا گاڏي هلائيندو هو، پوءِ رازن سان گڏجي مزدوريون ڪيائين، امان ويچاري ساريون ڏريندي هئي، ڪپڙو وڪڻندي هئي. هُنن زندگيءَ جو گاڏو هلائڻ لاءِ ڪيتري نہ محنت ڪئي ۽ ڏک ڏٺا. بابا ۽ امان ٻيئي ﷲ جا صابرين بندا هئا. اڄ سندن پٽ، سندن ئي محنت ۽ دعائن سان پنھنجي پٽ يعني سندس پوٽي سان گڏ دنيا پيو گهمي.
مون ڊاڪٽر وشال ڏانھن ڏٺو، جيڪو اکيون ٻوٽيون ڪنڌ پويان ڪريو سيٽ تي آهليو پيو هو. مون کيس پيار ڀرين نظرن سان ڏٺو ۽ پوءِ پنھنجي اکين کي ڀڄندي محسوس ڪيو. تيسين هوائي ميزبانڻ، کاڌي پيتي جو سامان کڻي ٽري گهليندي اچي پھتي ۽ اسان پنھنجي سيٽ جي اڳيان ٽيبلون کوليون. هنن اسان کي چڪن بن، جوس ۽ ڪوڪ ڏني. اهو سوچي واپس نہ ڪيوسين تہ ويچاريون ڊگهيون ۽ سُھڻيون هوائي ميزباڻيون کڻي آيون آهن. سو بھتر آهي تہ سندن دل رکڻ خاطر کڻي کائي ڇڏجي، جيئن هو دل ۾ نہ ڪن. اسان ٻنھي پيءُ ۽ پٽ کڻي انھن تي هٿ صاف ڪيا.
جھاز پنھنجي رفتار سان هلي رهيو هو ۽ نيٺ هانگچو جي هوائي حدن ۾ داخل ٿيو. مون جھاز جي دري مان ٻاهر ڏٺو تہ نيڻ نھار تائين روشنيون ئي روشنيون نظر اچي رهيون هيون. ان مھل هانگچو ۾ هلڪي برسات وسي رهي هئي ۽ برسات جا ڦڙا جھاز جي درين تي پئجي رهيا هئا ۽ هانگچو جون روشنيون برسات سبب ترورن وانگر نظر اچي رهيون هيون.
جھاز لينڊنگ ڪئي تہ مون دري مان ٻاهر ڏٺو. XIAMAN AIR جا ڪيترائي ئي جھاز قطار ۾ بيٺا هئا. ٻاهر نڪرڻ مھل مون ڏٺو تہ مختلف ٽرمنلس تي ٻين بہ ڪيترين ئي هوائي ڪمپنين جا جھاز قطارن ۾ بيٺا هئا. اهي سڀ نجي ايئرلائينز هيون. انھن مان هڪ هڪ ايئر لائين وٽ ايترا تہ جھاز آهن، جو پاڪستان سميت ڪيترن ئي ملڪن وٽ انھن جي اڌ جيترا بہ هوائي جھاز نہ آهن.
حيدر لڳاتار وشال سان فون تي رابطي ۾ هو. جيڪو اسان کي وٺڻ لاءِ هانگچو ايئرپورٽ پھچي چڪو هو. ٻاهر نڪرڻ مھل وشال چيو تہ منھنجي حيدر ۽ منور سان اڳ ۾ ڪڏهن بہ ملاقات نہ ٿي آهي. اسان جو رڳو فون تي ڪمن ڪارين جي سلسلي ۾ هڪٻئي سان رابطو رهي ٿو. ان مھل وشال جي سامھون بيٺل حيدر ۽ منور تي نظر پئي ۽ پوءِ هڪٻئي کي ٻکين پئجي ويا. ان مھل وشال چيو، ”ٻيئي حريف گڏ آيا آهيون.“ جنھن تي سڀئي کلياسين. مذاق ۾ حريف اُن ڪري چيو تہ ٻنھي ساڳئي علائقي ۾ هوٽلون کوليون آهن. منور ’معطم بيري بيري‘ جي نالي سان ماني جي هوٽل ۽ حيدر ’پانڊاز ڪيف (Panda’s cafe) جي نالي سان ڪافي شاپ، جيڪو اڃا اسٽارٽ نہ ڪيو اٿس. هفتي کن ۾ افتتاح ڪندو. حيدر وشال کي اهو ڪونہ ٻڌايو هو تہ منور بہ ساڻس گڏ آيو آهي، اها وشال لاءِ سرپرائيز هئي. هانگچو ۾ ڏاڍو سيءَ هو، ٿوري دير اڳ اوڙڪون ڪري برسات پئي هئي، جيڪا هاڻ رڪجي چڪي هئي. حيدر اڳ ۾ ئي وشال کي چيو هو تہ هتي گهڻو سيءَ آهي، تنھنڪري جيڪٽ وغيرہ کڻي اچجو. وشال کي تہ جيڪٽ پاتل هو، پر مون کي پاتل نہ هو، جنھن ڪري ڏند وڄڻ لڳا ۽ وشال بيگ کولي مون کي جيڪٽ ڪڍي ڏنو، تڏهن وڃي بُت جهليم.
حيدر ۽ منور کي شابس هجي، جيڪي هيڏي برسات ۾ ڪلاڪ سوا جي ڊرائيو ڪري اسان کي وٺڻ آيا هئا. حيدر ٻڌايو تہ پاڻ اها ڪار ڪجهہ ڏينھن اڳ ورتي آهي، جيڪا اليڪٽرڪ آهي. سامان ڪار جي ڊگيءَ ۾ رکيوسون. حيدر ڊرائيور سيٽ سنڀالي. وشال، منور کي زوري اڳيان ويھاريو ۽ ڪار پنھنجو سفر شروع ڪيو. ان دوران ڪچھري بہ جاري رهي.
هانگچو چين جو صنعتي ۽ ڪاروباري شھر آهي. هتي ’علي بابا‘ گروپ گهڻن ڪاروبارن کي سنڀالي ٿو. ”جيڪ ما“ ان ڪمپني جو ايگزيڪيوٽو چيئرمن آهي. 2008ع ۾ ’جيڪ ما‘ جو شمار دنيا جي امير ترين ماڻھن ۾ ٿيندو هو ۽ سندس ذاتي ملڪيت 38.6 بلين ڊالر هئي. ’جيڪ ما‘ کي عالمي ڪاروباري سفير مڃيو وڃي ٿو. نئون ڪاروبار شروع ڪندڙ همراھہ ’جيڪ ما‘ کي رول ماڊل تصور ڪن ٿا. سندس زندگي ۽ ڪاروباري تجربن جي ڪھاڻي انگريزي ۽ ٻين ٻولين ۾ ڇپجي چڪي آهي. ان ڪتاب جو اردو ۾ بہ ترجمو بہ ڇپجي چڪو آهي. ’جيڪ ما‘ سيپٽمبر 2018ع ۾ ’علي بابا‘ گروپ تان استعيفيٰ ڏيئي تعليمي ۽ فلاحي سرگرمين ۾ مصروف ٿي ويو.
هانگچو- ايوو مصروف ترين روڊ آهي. هانگچو مان مال جا ڪنٽينر ڀرجي ٻين شھرن ۽ ملڪن ڏانھن ويندا آهن. ان مھل رات جو ڏيڍ ٿي رهيو هو، ان هوندي بہ روڊ تي گهڻي ٽريفڪ هئي ۽ ٿوري دير اڳ وٺل برسات جو نالو نشان بہ نہ هو. چين جي ٻين شاهراهن وانگر هانگچو کان وٺي ايوو تائين، ٻنھي پاسن کان ’شاهراھہ‘ وڻن ۽ ساوڪ سان جنجهيل هئي. روڊ جي ٻنھي پاسن کان روشنيون رات جي اونداهيءَ ۾ تارن وانگر چمڪي رستي جي سونھن وڌائي رهيون هيون.
مون کي ڪنھن مھل ننڊ جو جهٽڪو اچي ٿي ويو. پر وشال، حيدر ۽ منور جي وچ ۾ ڪچھري جاري هئي. ڪار ۾ ٿورو اڳيان وڌياسين تہ حيدر، وشال کي چيو، ”وشال يار آپ ڪا ابو تو جوان لگا پڙا هي.“ جنھن تي مون کان ٽھڪ نڪري ويو ۽ چيومانس، ”آءٌ جوان اُن ڪري آهيان تہ وشال منھنجو دوست آهي.“
جنھن تي حيدر چيو، ”اگر باپ دوست بن جائي تو پھر ڪيا بات هي.“
ڪلاڪ سوا جي ڊرائيو کان پوءِ اسان ايوو (Yiwu) ۾ داخل ٿياسين. حيدر ٻڌايو تہ ”هينئر ’ايوو انٽرنيشنل بزنيس اينڊ ٽريڊ سٽي‘ آهي. 2004ع کان اڳ هي شھر ايترو ترقي ڪيل نہ هو. هفتي جو هڪ ڏينھن يا وچ ۾ ٻھراڙي جا چيني لوڪ اچي خيما کوڙي شيون وڪڻندا ۽ ڌنڌو ڌاڙي ڪندا هئا. پوءِ حڪومت ڌيان ڏنو ۽ شھر جي قسمت بدلجي ويئي. هينئر دنيا جي وڏي ’هول سيل مارڪيٽ‘ آهي ۽ ڪھڙي شئي ڪونھي، جيڪا هتي نہ ٿي ٺھي.“ روڊ جي ٻنھي پاسن دڪانن تي چيني سان گڏ انگريزي، شنچيان (سنڪيانگ) جي زبان ايغور، ترڪي، فارسي، عربي ۽ ڪجهہ ٻين زبانن ۾ بہ بورڊ نظر اچي رهيا هئا. منور ۽ حيدر ٻڌايو تہ پوئينءَ پاسي واري مارڪيٽ ۾ ڪٿي ڪٿي اردو بہ بورڊ نظر اچن ٿا، جيڪي پاڪستانين جا آهن.
ايوو (Yiwu) ڪاروباري شھر هئڻ سبب هتي فارينرس تمام گهڻا آهن. ايشيا جي ملڪن کان وٺي آفريقا کنڊ جي ڏورانھين ڏيھن جا ماڻھو هتي نظر اچن ٿا.
حيدر اسان کي ماني کارائڻ جي لاءِ ڪار اچي هڪ افغاني هوٽل جي اڳيان بيھاري، جيڪا چوويھه ئي ڪلاڪ کليل رهي ٿي. حيدر ٻڌايو تہ هن هوٽل جي ماني ڏاڍي لذيذ آهي. اسان کي ماني جي گهرج نہ هئي. حيدر کي چيوسين تہ فقط چانھه ٿا پيئون، پر همراھہ ڪٿي ٿو مُڙي. اندر گهڙياسين تہ هوٽل جو ماحول ڏاڍو وڻندڙ هو. ڪيترائي افغاني ويٺا شيشو پي رهيا هئا ۽ ماني پڻ کائي رهيا هئا. ساڻن گڏ سندن چيني ني ڦنگيو (گرل فرينڊس) بہ گڏ هيون، افغاني بہ عجيب آهن. نشو بہ ويٺا ڪندا، پنھنجي ’ني ڦنگيو‘ سان چُم چٽ بہ پيا ڪندا، وري جي نماز جو وقت آيو تہ اُٿي وڃي نماز پڙهندا ۽ موٽي اچي چينائڻ ’ني ڦنگيو‘ کي ٻک وجهيو چم چٽ ۾ شروع ٿي ويندا.
ويٽر ڇوڪري مينيو کڻي آئي تہ حيدر ڪجهہ شين جو آرڊر ڏنو. پھرين افغاني قَھوو شيشي جي ڪٽلي ۽ ننڍين ننڍين پيالين سان گڏ آيو، جيڪو پيتوسين. پوءِ سلاد آيو، ۽ ان کان پوءِ چانورن جي هڪ وڏي ڊش آئي، جنھن جي مٿان ڇيلي جي ران جو وڏو ٽڪر رکيل هو. ان کان پوءِ مِٺن چانورن جي ڊش آئي، ان جي اندر نرم گوشت جو هڪ گولو رکيل هو. اهي افغاني چانور، گوشت ۽ سلاد ڏاڍا لذيذ هئا، بک نہ هوندي بہ انھن کي چڱو سٽڪو ڏيئي ويس. مون افغاني کاڌو پھريون ڀيرو کاڌو هو ۽ گهڻو وڻيم.
ماني کائي، هلڪي ڦلڪي ڪچھري ڪري اٿياسين، حيدر پھرين منور کي ڊراپ ڪيو ۽ پوءِ اسان کي هڪ هوٽل Oitin Boutique Hotel تي اچي ڇڏيو، جتي پاڻ اسان لاءِ ڪمرو اڳ ۾ ئي بوڪ ڪرائي ڇڏيو هئائين. ڪمري جي ’ڪُنجي ڪارڊ‘ وٺي اسان کي ڏنائين. رسيپشن تي اسان جا پاسپورٽ جمع ٿيا. جيڪي انٽري کان پوءِ صبح جو اسان کي واپس ڏنائون. حيدر اسان کي صبح جو يارهين بجي ملڻ جو چئي موڪلايو ۽ اسان لفٽ ۾ چڙهي هوٽل جي ٿرڊ فلور تي ڪمري 202 ۾ اچي ديرو ڄمايو ۽ جلد ئي ننڊ جي آغوش ۾ هليا وياسين.
ٻي ڏينھن صبح جو يارهين ڌاري تيار ٿي هيٺ اچي هوٽل جي لائونج ۾ ويٺاسين. جتي ڪجهہ ٻيا فارينرس بہ ويٺل هئا. سامھون رينڪس ۾ ڪافي ڪتاب بہ رکيل هئا، ۽ ڀر ۾ ٻہ چار چيني ٻوليءَ ۾ اخبارون ۽ رسالا، جيڪڏهن ڪو چاهي تہ کڻي ويھي پڙهي سگهيو ٿي. ڪتابن مان هڪ ٻہ ڪتاب مون کڻي ڏٺا. ڪتاب سڀ چيني ۾ هئا. هڪ ڪتاب کڻي ان جي ڪور ۽ بيڪ ڪور جو فوٽو ڪڍيم، جيڪو ڪور جيڪو پوءِ مون بيدو ذريعي انگريزي ۾ ترجمو ڪري پڙهيو، لکيل هو.
No one can pull to heaven
With one hand
No one can kick you to hell
Fate is both bitter and Joyul
In your own hands,
So,
Doing can chang me’s destiny!
صوفا تي ويھي، شيشي مان هوٽل جي ٻاهر ڏٺم، هڪ ٿلھو متارو شيدي بادشاھہ، جنھن جو نالو سندس اڳيان رکيل ننڍي صندلي تي ’يوسف‘ لکيل هو. مني ايڪسچينج ڪري رهيو هو، جنھن کان ڪافي ماڻھو خاص ڪري ايفريقن پئسا چينج ڪرائي رهيا هئا. ان ڳالھہ تي حيرت ٿي تہ چين ۾ بہ ائين ڪم هلي ٿو. پوءِ تہ ٻيا بہ ڪيترائي مني ايڪسچينجر نظر آيا. حيدر ۽ منور ٻڌايو تہ ايوو ڪاروباري شھر آهي، تنھنڪري ائين بہ ڪم هلي ٿو. واپاري همراھہ انھن کان ئي مني ايڪسچينج ڪرائيندا آهن. جو ائين ڪم جلدي ٿيو وڃي ۽ ريٽ بہ مناسب ٿو ملي. بئنڪن مان چينج ڪرائڻ سان وڏي پراسيس مان گذرڻون ٿو پوي. هنن اهو بہ ٻڌايو تہ هتي پٺاڻ بہ اهو ڪم ڪن ٿا ۽ ان ۾ گهڻو اڳتي آهن. ايوو انٽرنيشنل بزنيس اينڊ ٽريڊ سٽي هئڻ ڪري حڪومت ان سڄي مني ايڪسچينج جي ڪاروبار کان اکٻوٽ ڪري ٿي، ڪنھن بہ طريقي سان پئسا تہ وري بہ چين ۾ ئي اچن ٿا. ٻين لفظن ۾ اهو چئي سگهجي ٿو تہ جتي ڪاروباري مفاد آهن تہ اتي قانون کان اکٻوٽ ڪندي چيني بہ دير نہ ٿا ڪن.
اُتي ئي ويٺا هئاسين جو حيدر بہ اچي ويو، جيڪو اسان کي ناشتو ڪرائڻ لاءِ پاسي ۾ ئي هڪ ’معطم پاڪستاني ريسٽورينٽ‘ ۾ وٺي هليو. ان هوٽل جي ڀر ۾ ئي منور ’معطم بيري بيري‘ جي نالي سان هوٽل کولي آهي. جيڪو منھنجي خيال ۾ وڏو رسڪ هو، پر منور ٻڌايو تہ معظم پاڪستاني جو مينيو ڌار آهي ۽ اسان جو مينيو ڌار آهي، ۽ اسان اگهہ بہ صفا گهٽ رکيا آهن. هوٽل جي اُٿڪ سُٺي آهي، مون کي فيوچر ۾ ان جي هلڻ جا سٺا امڪان نظر آيا.
’معطم پاڪستاني‘ ۾ ناشتي ۾ اسان بيدا ۽ پراٺا کاڌا. گذريل ڏيڍ مھيني ۾ اهو پھريون ڀيرو هو، جو اسان ڪڻڪ جا ڳاڙها پراٺا کاڌا. نہ تہ هيستائين اسان مئدي جي ماني کائي کائي صفا ڀرجي ٿي پياسين. مئدي جي ماني کائڻ سان پيٽ بہ ڀريل ٿي رهيو، معطم پاڪستاني جو ناشتو ڀلو هو، مٿان وري چانھه دل خوش ڪري ڇڏي.
مون ڏٺو تہ ’معظم پاڪستاني‘ ۾ ويٽر ڇوڪرين کي اسڪارف پاتل هئا ۽ پوءِ منور جي هوٽل ۾ ويٽر طور ڪم ڪندڙ هڪ ڇوڪري کي بہ اسڪارف پاتل هو، جنھن جو نالو ڪريما هو. مون حيدر کان انھن بابت پڇيو، ٻڌايائين تہ، ”هي شنچيان جون مسلمان آهن ۽ هتي جي ڪم ڪندڙ اڪثر مسلم هوٽلن ۾ ڪم ڪندڙ عملو شنچيان جو ۽ مسلمان آهن. تنھنڪري هنن کي اسڪارف پاتل آهن. شنچيان جا مسلمان نسلي طور تي ايغور يعني ترڪ نسل جا آهن. جيتوڻيڪ 2014ع ۾ چيني حڪومت شنچيان ۾ ڏاڙهي رکڻ ۽ اسڪارف پائڻ تي پابندي هڻي ڇڏي، پر ٻين علائقن/ صوبن ۾ اها سختي يا پابندي ڪونھي. شنچيان جون اهي ڇوڪريون يا مرد جڏهن واپس شنچيان موٽندا آهن، تہ هو نہ رڳو حجاب لاهي ڇڏينديون آهن، پر پنھنجا ’وي چيٽ اڪائونٽ‘ بہ ڊليٽ ڪري ڇڏينديون آهن. جيئن هو شنچيان ۾ ڪنھن جانچ يا پوليس جي وٺ پڪڙ کان بچي سگهن. چيني حڪومت، شنچيان جي مسلمانن کي پاسپورٽ نہ ڏيندي آهي، جيئن هو ملڪ کان ٻاهر وڃي نہ سگهن. کين شنچيان مان ٻي صوبي يا علائقي ڏانھن وڃڻ لاءِ پوليس کي انفارم ڪري، خاص موڪل وٺڻي پوندي آهي.
شنچيانگ، جنھن جو پراڻو نالو ’ايسٽ ترڪستان‘ هو. ڪڏهن آزاد رياست تہ ڪڏهن چين جي قبضي ۾ رهيو آهي. 1993ع ۾ جمھوريه ايسٽ ترڪستان جي نالي سان آزاد رياست بہ رهي. 1949ع ۾ انقلاب کان پوءِ ايسٽ ترڪستان جي آزاد حيثيت ختم ٿي ويئي ۽ اهو چين جو حصو بنجي ويو.
’ايوو‘ ۾ ڪيترن ئي شنچيان جي مسلمانن جون هوٽلون بہ آهن، جن تي اها پابندي آهي تہ هو ’حلال‘ کاڌي جي فرج رکڻ سان گڏ ’حرام‘ کاڌي جو فرج بہ رکن.
شنچيان جي ايغور نسل جي مسلمانن سان ٿيندڙ انھن زيادتين تي آمريڪا چين کي عالمي سطح تي بدنام ڪرڻ جي لاءِ اهو مسئلو اُ ٿاريو ۽ دنيا جي ملڪن کي هُشڪاريو تہ اهي گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪميشن کي خط لکي احتجاج ڪن. آمريڪا جي اهڙي ٻٽي ڪردار تي حيرت ٿئي ٿي. کيس چين جي انھن مسلمانن جو وڏو درد آهي، ۽ سندس ننڊ ئي ڦٽل ٿي رهي، پر اسرائيل، فلسطينين سان جيڪو ڪجهہ ڪري رهيو آهي، ان تي چپ سُبيل اٿس. گذريل سوا سال کان اسرائيل غزه ۾ جنھن نموني فلسطينين جي نسل ڪشي ڪري رهيو آهي، جنھن ۾ هڪ لک کان بہ وڌيڪ فلسطيني مري چڪا آهن، ان کي هو اسرائيل جي بقا لاءِ ضروري ۽ اسرائيل جو حق ٿو سمجهي. شيم ٽو آمريڪا.
آءٌ مذهبي بنيادن تي سياست جو قائل نہ آهيان، جيتوڻيڪ شنچيان جا مسلمان جبر جو شڪار آهن، پر هنن پنھنجي حقن لاءِ جيڪو مذهبي سياست جو رستو اختيار ڪيو آهي، اهو سندن لاءِ وڌيڪ هاڃيڪار ثابت ٿيندو. ’ايسٽ ترڪستان اسلامڪ موومينٽ‘ پاران ڪيتريون ئي دھشتگرديءَ واريون ڪاروايون ڪيون ويون، پر انھن جو الٽو نقصان ٿيو. منھنجي خيال ۾ جيڪڏهن هو ’مسلم سياست‘ بدران ’ايغور قوميت‘ جي حقن جي پليٽ فارم تان پُرامن هلچل هلائين تہ کين پنھنجا مقصد حاصل ٿيڻ ۾ ٻين قوميتن جي بہ سپورٽ ملي سگهي ٿي.
حيدر سان اهو حال احوال ٿيندو رهيو، جڏهن هڪ عجيب ڳالھہ ٻڌائي تہ ”ايوو“ ۾ جمع جي نماز جو وڏو اجتماع ٿيندو آهي. نمازين جو تعداد هزارن ۾ هوندو آهي. جن ۾ هر رنگ ۽ نسل جا مسلمان شامل هوندا آهن. حڪومتي ادارا ڀرپاسي وارا رستا بند ڪري کين خصوصي سيڪيورٽي مھيا ڪندي آهي، جيئن کين نماز پڙهڻ ۾ ڪا تڪليف نہ ٿئي. جيتوڻيڪ اسان کي اتي جمع نماز پڙهڻ جو موقعو تہ نہ مليو، پر پوءِ حيدر جمع نماز دوران نمازين جون وڊيو ڪلپ ڏياري موڪليون. جيڪي ڏسي ايئن لڳو، تہ اها نماز چين ۾ نہ پر پاڪستان جي ڪنھن شھر ۾ ٿي رهي آهي. ’ايوو‘ جي ڀيٽ ۾ چين جي ٻين شھرن ۾ ايئن ڪونھي. اتي مسجد جي اندر ئي ٻانگ ڏيڻ ۽ نماز پڙهڻ جي موڪل آهي، کلي عام پڙهڻ جي اجازت ڪونھي. حيدر اهو بہ ٻڌايو تہ عيد جي نمازن جي موقعي تي نمازين جو انگ هڪ لک کان بہ ٽپي ويندو آهي، جن ۾ مقامي ماڻھن سان گڏ فارينرس جو بہ وڏو انگ هوندو آهي ۽ انتظاميا انھن جي تحفظ جو بندوبست ڪندي آهي.
معطم پاڪستاني تان اٿي، ڀر ۾ ’معطم بيري بيري‘ آياسين، پر منور اڃا نہ آيو هو، تنھنڪري اسان سوچيو تہ مارڪيٽ مان چڪر هڻي اچجي، جيڪا ٿورو پريان هئي. حيدر پھرين پنھنجي ڪمپني آفيس وٺي ويو. حيدر ’ايوو‘ ۾ هڪ چيني همراھہ سان گڏ بيڊ منٽن جي سامان جي سپلائي جو پڻ ڪاروبار ڪري ٿو ۽ آرڊر وٺي پاڪستان ۽ ٻين ملڪن ڏانھن موڪليندو آهي. سندس ڪمپني آفيس ۾ هڪ چينائي نوجوان ۽ هڪ چينائي ڇوڪري ويٺا هئا. ڇوڪرو، حيدر جي چيني پارٽنر جو پُٽ هو، جيڪو اتي ويھندو آهي. آفيس ڏاڍي سھڻي سجايل هئي، شام جو جڏهن اتي ٻيھر آياسين تہ حيدر اسان کي ڀر ۾ مٿي چوٿين ماڙ تي بيڊ منٽن راند کيڏڻ وٺي ويو. حيدر ان راند جو شوقين آهي ۽ ڪلاڪن جا ڪلاڪ پيو کيڏندو آهي. اتي حيدر، منور، وشال ۽ حيدر جي چينائي پارٽنر ڪلاڪ کن راند کيڏي. ڪجهہ هٿ مون بہ هنيا، پر اڻ تجربيڪاريءَ سبب کيڏي نہ سگهيس. ٿوري دير جيڪا بہ کيڏيم، ان مان محسوس ٿيو تہ اها راند جسم کولي ڦڙت ڪري ٿي ڇڏي. سو گهڙي سوا آءٌ ڦڙت ٿي ويس.
حيدر جي ڪمپني آفيس جي پاسي ۾ بال پينن، اسٽيشنري، ميڪ اپ ۽ ٻين شين جي هول سيل جا ڪمپني شاپس هئا. جيڪي اسان سرسري طور ڏسي، اگهہ پار معلوم ڪري، پنھنجي مقصد واري مارڪيٽ روانا ٿياسين. اسان کي ليڊيز پرسن ۽ مرداڻن وايوليٽس يعني ٻٽوئن سان گڏ شوز جي مارڪيٽ بہ ڏسڻي هئي. حيدر چيو تہ شوز ۽ موبائيل ايسيسريز جي مارڪيٽ ڏسڻي اٿئو تہ پوءِ گوانچو يا فنچيان شھرن جو ڪڏهن چڪر هڻجو، جو هتي اهي شيون اتان ٿيون اچن.
حيدر اصل پنجاب جو پنجابي نوجوان آهي، عمر ڇوويھه سال اٿس، پر وڏو ٽئلنٽيڊ ۽ گُڻائتو نوجوان آهي. شادي پاڪستان مان ڪئي اٿس. هڪ ٻارڙو بہ اٿس. هِتي ڪاروبار ڪري ٿو، وڏو محنتي همراھہ آهي. پاڻ جيڪو ”پانڊا ڪافي شاپ“ کوليو اٿس، اهو منور جي ’معطم بيري بيري‘ کان ٿورو اڳتي مين روڊ تي نھايت سٺي جاءِ تي آهي. ان جي آرائش تي بہ وڏو خرچ ڪيو اٿس. سندس چوڻ موجب ٽي لک آر. ايم. بي خرچ ڪري چڪو آهي، واپسيءَ ۾ اسان کي اتي وٺي هليو ۽ هٿ سان ڪافي ٺاهي پياريائين. رڳو ڪافي ٺاهڻ واري مشين ئي سندس چواڻي تہ چاليھن هزار يوانن ۾ ورتي اٿائين. ڪافي شاپ جو فرنيچر، ڪپ ۽ ٻي ڪراڪري ڏاڍي خوبصورت ۽ جاذب نظر هئي، جنھن مان سندس ذوق جي خبر ٿي پئي. ڪافي شاپ جي هڪ ٽيبل تي مون چيني زبان ۾ قرآن شريف جو ترجمو رکيل ڏٺو. جنھن ۾ فقط چيني ٻولي ۾ ٽيڪسٽ هو، عربي نہ هئي. حيدر ٻڌايو تہ سندس شنچياني مسلمان چيني ويٽر ڪريما پڙهندي آهي، ڪريما في الحال منور جي هوٽل تي ڪم ڪري رهي هئي، جيسين حيدر ڪافي شاپ چالو ڪري. ڪريما ڪم جي سَچلي لڳي، مون کيس معطم بيري بيري تي ڪم ڪندي ڏٺو. حيدر ۽ منور ٻيئي سندس واکاڻ ڪري رهيا هئا. ٻاهر نڪرڻ مھل حيدر ڪافي شاپ جي اڳيان ٻہ وڻ بيٺل ڏيکاريا. چيائين تہ انھن تي هو خوبصورت لائٽنگ لڳائيندو، جنھن سان ڪافي هائوس جي سونھن ۾ واڌارو ٿيندو.
حيدر ڳالھين ڪندي هڪ دلچسپ ڳالھہ ٻڌائي. چيائين رشوت چين ۾ بہ هلي ٿي، پاڻ ’پانڊا ڪافي هائوس‘ هلائڻ لاءِ هڪ وڪيل وسيلي اجازت نامون حاصل ڪرڻ لاءِ درخواست ڏنائين. چين ۾ آفيسن جا اڪثر ڪم ڪار وڪيلن جي وسيلي ٿين. تنھن ڪري وڪيل مون کي چيو تہ واسطيدار آفيسر تو وٽ ڪافي هائوس وزٽ ڪرڻ ايندو ۽ سندس خدمت چاڪري ڪج. هڪ ڏينھن هو مون وٽ آيو، ڪچھري ٿي ۽ مون سندس خدمت چاڪري ڪئي. ڪيڪ کارايومانس ۽ ڪافي پياري مانس، پوءِ هو هليو ويو.
ڪجهہ ڏينھن مون اوسيئڙو ڪيو ۽ پوءِ وڪيل کان پُڇيم تہ مون وارو اجازت نامون صحيح ٿيو؟ چيائين تہ پُڇا ڪري ٻڌايان ٿو. ڪلاڪ کن کان پوءِ فون ڪري ٻڌايائين تہ اڃا مجاز آفيسر صحيح نہ ڪيو آهي.
پڇيومانس، ”صحيح ۾ ايتري دير ڇو؟“
وراڻيائين، ”همراھہ تو وٽ آيو هو.“ چيومانس، ”آيو هو.“
”تو کيس خرچي پاڻي ڪرائي؟“ وڪيل چيو.
”نہ..... هن چيو ئي ڪونہ.“
جنھن تي وڪيل چيو، ”مون توکي چيو هو تہ تو وٽ ايندو. باقي زبان سان نہ گهرندو.“
نيٺ خرچي پاڻي ڏيئي پيپر صحيح ڪرايم.
حيدر جي هڪ ٻي ڳالھہ تي بہ ڏاڍي حيرت ٿيم، مون ۽ وشال جڏهن پاڻ ۾ سنڌيءَ ۾ ڳالھائڻ ٿي شروع ڪيو تہ هڪ ڀيري حيدر پُڇيو، ”اوهان ڪھڙي ٻولي پيا ڳالھايو؟“ ٻڌايوسين تہ ”سنڌي ۾“ تہ چيائين، ”مون سمجهيو سرائيڪي پيا ڳالھايو. مون ڪڏهن بہ ڪنھن کي سنڌي ڳالھائيندي نہ ٻُڌو آهي.“
اسان سڌو پرس مارڪيٽ آياسين. جنھن ۾ سوين دڪان هئا. چار ماڙ اهو شاپنگ مال سڄو ڏينھن گهمجي تہ بہ پورو نہ ٿئي. ٻين وکرن جا بہ اهڙا ئي وڏا وڏا مال هئا، جن ۾ سوين دڪان آهن. ’ايوو‘ انٽرنيشنل بزنيس اينڊ ٽريڊ سٽي‘ آهي. ڪجهہ سال 2022ع جي انگن اکرن موجب ان سال ستر بلين آمريڪي ڊالرن جيترو مال هتان ايڪسپورٽ ڪيو ويو هو. ان هڪ سال جي انگن اکرن مان هن شھر جي ٽريڊ جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو.
اسان پرس مارڪيٽ گهمي ڦري اگهہ پار معلوم ڪيا. اهي سڀ دڪان ڪمپني آئوٽ ليٽ هئا. اوهان جھڙو بہ وڙ پسند ڪريو ۽ جيترو بہ ٺھرائڻ گهرو، مضبوط يا پاڪستانين جي لفظن ۾ ’چائنا جو مال‘ آهي، جنھن جي گارنٽي ڪونھي. اهڙو بہ. همراھہ اوهان کي ٺاهي ڏيندا. سنڌي ماڻھن جو هن پاسي ڌيان ڪونھي، پر پنجابي ۽ پٺاڻ هن فيلڊ ۾ گهڻا ٿا نظر اچن. وشال جو هڪ پنجابي دوست آهي، جنھن کي نہ چيني اچي نہ انگريزي، اهو هر ٽين، چوٿين مھيني چين ايندو آهي ۽ لکين روپين جو مال وٺي پاڪستان موڪليندو آهي. اهو همراھہ چينين سان اگهہ پار طئي ڪرڻ ۽ بارگيننگ وغيرہ ۾ ۽ ڳالھہ ٻولھہ وشال کان فون وسيلي انھن سان ڪرائيندو آهي.
اسان ڏيڍ ٻہ ڪلاڪ پرس مارڪيٽ گهمي ڦري واءُ سواءُ وٺي، اگهہ پار پڇي واپس ورياسين. ان وچ ۾ منور جي وشال ۽ حيدر کي ٻہ ڀيرا فون اچي چڪي هئي تہ لنچ متان ڪجو، مون وٽ اچجو گڏجي ڪنداسين. مارڪيٽ مان نڪري سڌو منور جي هوٽل ’بيري بيري معطم‘ تي پھتاسين، پر منور اڃا نہ آيو هو. اسان هوٽل تي ويھي رهياسين. هوٽل جو شيف جيڪو پنجاب جو هو، ان اسان کي چانھه چڪو پياريو ۽ مانيءَ جو پڇيو ۽ پوءِ ان جي تياري ۾ لڳي ويو. اسان چانھه پيئندا ۽ ڪچھري ڪندا رهياسين. آسپاس ٻيون بہ ڪيتريون ئي هوٽلون ۽ دڪان هئا. جن جو ماني کائڻ کان پوءِ مون جائزو ورتو. گهڻو ڪري مسلمانن جون ۽ حلال هوٽلون آهن. جن جي بورڊن تي چائنيز سان گڏ انگريزي، ترڪي ۽ ايغور ٻوليءَ بہ لکيل هئي. هڪ دڪان ٿلھن افغاني نانن جو بہ ڏٺم. ان جي ڀر ۾ هڪ وڏو ۽ خوبصورت وائين شاپ، ۽ وائين جا مختلف قسم نھايت خوبصورت پيڪنگ ۾ پيڪ ٿيا مستن کي مستيءَ جي دعوت ڏيئي رهيا هئا. پوءِ شام جو اسان جڏهن منور سان گڏجي علائقي جو چڪر هنيو تہ منور ٻڌايو شام ٿيندي ئي پاڻ وارن ايفريقن شيدين جا هتي ڊنبلا نظر ايندا آهن.
شيف ماني لڳائي تہ اسان بسم ﷲ ڪري شروع ٿي وياسين، ماني ۽ پيزا سميت ٽي چار ٻيا ائٽم بہ هئا. بورچي جي هٿ ۾ وڏي ’شيري‘ هئي. اهي ڏاڍا لذيذ هئا. اسان لنچ ڪري دنگ ڪئي تہ منور بہ اچي ويو. جيڪو ڀر سان ئي ٻن ڪمرن جي فليٽ ۾ رهندو هو. منور پنجاب جو آهي. ڪاروبار ۾ ڏاڍو ڪامياب آهي. پاڪستان مان پٿر هيڏانھن موڪليندو آهي ۽ ٻيا ڪم بہ ڪندو آهي. سندس شادي بہ هڪ چينائڻ سان ٿيل آهي. جنھن کي پاڻ ’بائسو‘ ۾ هوٽل کولي ڏني اٿس تہ اتي مصروف رهي. مائي صاحبہ ساڻس گڏ پنج سال پاڪستان ۾ بہ رهي آئي آهي. کيس ٻہ ٻار بہ آهن، جيڪي زالھنس سان گڏ ’بائسو‘ ۾ رهن ٿا. منور بائسو ۾ پنھنجي زال کي نہ رڳو گهر ۽ ڪار وٺي ڏني آهي، پر کين خرچ پکي لاءِ پندرهن هزار آر. ايم. بي پڻ ڏيندو آهي. جنھن تي مون وشال کي چيو تہ ”منور تہ زالھنس کي صفا اڏي ڇڏيو آهي.“
البت اهو آهي تہ منور پنھنجي زال کان پنھنجن ٻين ڪاروبارن کي لڪائي ٿو. سندس چواڻي تہ چيني زالون ڏاڍيون ڏکيون آهن. کين حد اندر رکجي. منور وٽس مھيني ٻي ويندو آهي، باقي وقت پنھنجي ڌنڌي ڌاڙيءَ کي ڏيندو آهي. زالھنس، جي ذڪر تي منور بار بار ٿي چيو، ”ميري بڊي، ميري بڊي“ جنھن تي مون سمجهيو تہ چوي ٿو، ”منھنجي پوڙهي، منھنجي پوڙهي.“ ڇو تہ زالھنس عمر ۾ کانئس گهڻي وڏي آهي. پر پوءِ خبر پئي تہ چينيءَ ۾ زال کي ”بڊي“ چئبو آهي.
ان مھل تہ ’معطم بيري بيري‘ ۾ ايتري رش نہ هئي، پر رات جو اسان جڏهن ٻيھر اچي ماني کاڌي تہ هوٽل ۾ گراهڪن جي چڱڙي آوت جاوت نظر آئي. جن ۾ فارينرس ڪورين ۽ ايفريقن سان گڏ چيني بہ هئا.
ان علائقي کي ڏسي ايئن محسوس ٿيو تہ اهو چين نہ پر ڪراچي شھر جو ڪو حصو آهي. اُتي چيني صفا گهٽ ٿي نظر آيا. باقي سڀ فارينرس، خاص ڪري پاڪستاني، افغاني، ايغور، ترڪ، عرب ۽ ايفريقن جي گهڻائي ٿي نظر آئي.
ڪلاڪ کن ڪچھري کان پوءِ اٿياسين. منور چيو تہ رات جو ايوو جي نائٽ مارڪيٽ ڏسنداسين. حيدر چيو تہ اوهان ڀلي ڪلاڪ ٻہ هوٽل تي آرام ڪيو، تيسين آءٌ پنھنجي ڪمپني آفيس مان چڪر هڻي اچان. ايئن اسان منور کي اتي ڇڏي هوٽل اچي پنھنجو ڪمرو والاريو ۽ حيدر پنھنجي آفيس هليو ويو.
شام جو حيدر آيو تہ منور، وشال ۽ آءٌ ساڻس گڏجي سندس بيڊ منٽن ڪمپنيءَ جي دڪان تي آياسين ۽ مٿي وڃي بيڊ منٽن کيڏي سين، جنھن جو اڳيان ذڪر ڪري آيو آهيان.
جڏهن ايوو (Yiwu) پي آياسين تہ حيدر چيو تہ ٻي ڏينھن سندس هڪ دوست سان گڏجي شنگهائي هلنداسين. هو اتي ٿيل هڪ واپاري نمائش ڏسنداسين. پر اڄ سڄو ڏينھن حيدر جو ان سان رابطو نہ ٿيو، بيڊمنٽن کيڏندي وشال حيدر کان پڇيو تہ سڀاڻي شنگهائي هلڻ جو پروگرام آهي، يا نہ؟ جيئن آءٌ نئننگ جي ٽڪيٽ بوڪ ڪرايان، حيدر وراڻيو تہ، ”هاڻ اهو دوست 3 ڊسمبر تي ايندو.“ ٻين لفظن ۾ شنگهائي نہ هلبو.
اتان ئي چڪر چاڙي هڻي واپس منور جي هوٽل تي آياسين. جتي هڪ ڀيرو ٻيھر منور نھايت لذيذ ماني کارائي. حيدر چيو تہ سڀاڻي رهي پئو فلاڻي هنڌ گهمڻ هلنداسين، پر وشال معذرت ڪئي ۽ آن لائين ’ايوو کان نئننگ تائين ’هاءِ اسيپڊ‘ ٽرين جون ٻہ ٽڪيٽون بوڪ ڪرائي ڇڏيون. ماني کائي ڪافي دير ڪچھري هلندي رهي، پوءِ سڀ اٿياسين. منور اسان کي نائيٽ بازار وٺي هلڻ لاءِ پنھنجي ڪار ڪڍي ۽ حيدر اهو چئي موڪلايو تہ سڀاڻي سوير ايندس ۽ اوهان کي ريلوي اسٽيشن ڇڏي ايندس. اسان جي ٽرين جو وقت ڏھہ لڳي 35 منٽ هو ۽ نون ڪلاڪن جي سفر کان پوءِ اسان کي نئننگ ڇڏيندي.
ڪار ۾ منور ۽ وشال پاڻ ۾ ڪچھري ڪندا رهيا ۽ آءٌ پوئين سيٽ تي ويٺو ايوو جا نظارا ڪرڻ لڳس. نئننگ جي ڀيٽ ۾ ايوو ۾ وڏين عمارتن جو انگ ايترو گهڻو نہ هو، پر جيڪي بہ عمارتون هيون، اهي نھايت شاندار هيون ۽ ايندڙ وقت ۾ رهائشي ضرورتون پوريون ڪرڻ جي لاءِ وڏين عمارتن ۽ پلازائن ٺھڻ جا امڪان وڌيڪ آهن.
منور هڪ هنڌ ڪار پارڪ ڪئي ۽ اسان ٽنھي لھي پنڌ ئي پنڌ نائيٽ بازار وڃڻ لڳاسين. حقيقت ۾ هڪ سياح کي پنڌ گهمڻ ۾ جيترو مشاهدو ٿئي ٿو، ايترو ڪار يا ڪنھن سواريءَ ۾ نہ ٿو ٿئي. هڪ چوڪ تي ڏٺوسين تہ هڪ چينائڻ پٽ تي چادر وڇائي ان تي ڪجهہ شيون رکي ويٺي هئي. ان جي اڳيان رکيل ننڍي ميگا فون تي قرآن شريف جي هلڪي آواز ۾ تلاوت جاري هئي. جنھن مون کي سخت حيرت ۾ وڌو تہ مائي رستي تي ائين قرآن شريف جي تلاوت پئي هلائي. منور کان پڇيم، چيائين ”شنچيان جي مسلم خاتون آهي، خيرات وٺي رهي آهي. ايوو ۾ مذهبي حوالي سان گهڻي سختي ڪونھي.“ جنھن تي وشال چيو تہ، ”نئننگ ۾ ايئن ويٺل هجي ها تہ ڪڏهوڪي پوليس کڻي وڃيس ها.“ هر ماڻھو پنھنجي انداز مان ٿو پني. نائيٽ بازار ۾ اندر گهڙياسين تہ اتي بہ هڪ فقير نظر آيو. جنھن جون ٽنگون ڪپيل هيون. پَٽ تي پيٽ ڀر ليٽيل هو. سندس اڳيان هڪ پيالو رکيل هو، جنھن ۾ ڪجهہ يوان پيا هئا تہ وي چيٽ اڪائونٽ بہ رکيل هو، هاڻ اوهان جي مرضي تہ وي چيٽ ذريعي خيرات ڏيوس يا ڪئش جي صورت ۾.
اسان هلندا ونڊو شاپنگ ڪندا اچي نائيٽ بازار ۾ گهڙياسين، جيڪا تمام وڏي هئي، کاڌي پيتي جي اسٽالن کان وٺي بوٽ، ميڪ اپ، ڪپڙو لٽو، جيڪٽ، جوراب، سڀني جا اسٽال هئا. رش بہ وڏي هئي. ڪلاڪن کن اتي وڙڪندا ۽ شين جا اگهہ پار پُڇندا، پاڻ ۾ کل ڀوڳ ۽ هِتان هُتان جي ڪندا واپس ورياسين ۽ اچي هڪ ’ڪيفي‘ ۾ ويٺاسين. جنھن جو ماحول ڏاڍو سُٺو هو. ٻاهريون لُڪ بہ وڻندڙ هو. اندر ڪافي فارينرس هئا، جن ۾ عرب، افغاني، ايفريقن ۽ ٻين ملڪن جا ماڻھو شامل هئا. شراب سان گڏ شيشو بہ هلي رهيو هو. اسان بہ هڪ ميز سنڀالي ۽ شيشي پيئڻ جو موڊ ٺاهي آرڊر ڏنوسين. ان سان گڏ آئسڪريم ۽ قھُوو ۽ سورج مکيءَ جا ٻج بہ گهراياسين. شيشو تہ مون نئننگ ۾ بہ پيتو هو، پر هن شيشي واھہ جو مزو ڏنو. اصل سرور اچي ويا. اسان جي پاسي ۾ ڪجهہ عربي همراھہ ويٺا هئا، انھن جي بہ شيشي جي دم لڳي پيئي هئي. تيسين هڪ چيني ڳڀرو ’ني هائو‘ چئي اچي هنن سان ويٺو ۽ هنن ۾ شرارتون شروع ٿي ويون. چيني ڳڀرو بہ انھن جي ساڻس شرارتن تي خوش ٿي کل کل ڪرڻ لڳو. ڪلاڪ کن اتي ويٺل رهيس. ماحول صفا پُرڀاش لڳو پيو هو. دل ۾ آيم تہ ٿورو اڪيلو ٻاهر جو مزو وٺجي ۽ وانڊرنگ ڪجي. تنھنڪري وشال ۽ منور کي اهو چئي اٿيس تہ ٻاهران چڪر چاڙي هڻي موٽي ٿو اچان. ٻاهر اچي مون هوريان هوريان هلڻ شروع ڪيو ۽ مکيہ روڊ تي اچي پھتس. مون سان ڪڏهن ڪڏهن عجيب ڪيفيت ٿي ويندي آهي ۽ ويٺي ويٺي ڪو اهڙو دورو پوندو اٿم جو دل چوندي هجي تنھائي هجي، رستا هجن ۽ آءٌ هُجان. ائين پري تائين نڪري ويس. مون ڏٺو تہ جيئن جيئن رات مَچي رهي هئي، تيئن ’ايوو‘ جي فوٽ پاٿن جون رونقون وڌڻ لڳيون هيون. ڪلاڪ سوا اڳ جن فوٽ پاٿن تان لنگهي نائٽ بازار ويا هئاسين. اهي هاڻ خود نائٽ بازار بنجي چڪا هئا. گهوريئڙن ڀانت ڀانت جون شيون کڻي اچي وڪري لاءِ اسٽال لڳايا هئا. جن ۾ ولايتي ڪُتا ۽ ٻليون بہ هيون، چيني هونئن بہ ڪتا ۽ ٻليون سانڍڻ جا شوقين ٿين. آءٌ انھن کي ڏسندو اڳتي وڌندو ويس ۽ هڪ هنڌ بيھي رهيس. هڪ ننڍي اسٽال جي مٿان لکيل هو Sex tools مون بيھي ان کي ڏٺو. ان مھل مون کي ڪجهہ ڏينھن اڳ هڪ دوست فون تي ڪيل فرمائش ڪئي هئي تہ “منھنجي لاءِ چين مان ڪا خاص شئي وٺي اچج.“ ان مھل مون کي شرارت سُجهي آئي سو ويجهو وڃي، ”خاص اوزار“ جي تصوير ڪڍي کيس واٽسپ ڪيم ۽ وائيس ڪيومانس، ”هن کان وڌيڪ ٻي ڪا خاص شئي مون کي چين ۾ نظر نہ آئي آهي. چئو تہ تنھنجي لاءِ هيءَ ’خاص شئي‘ وٺي اچان.“ همراھہ ان مھل آن لائين هو، سو واٽسپ تي فوٽو ۽ منھنجو ميسيج ٻڌي، جواب ۾ مون تي گارين جا دَس لائي ڏنائين ۽ پوءِ ٻيئي ڏاڍو کلياسين.
مون کي ايئن وڙڪندي ڪلاڪ کن گذري ويو ۽ هاڻ مون واپسي جي ڪئي، پر مون کان واپسيءَ جو رستو وسري ويو. دم هن پاسي وڃان تہ دم هُن پاسي. جڏهن رستو نہ لڌم تہ وشال کي فون ڪيم تہ ”ڀائو، تو وارو ابو رستو ڀلجي ويو آهي. سو کيس وڃائجڻ کان بچائڻ لاءِ واهر ڪر.“ مون کيس نشان ۽ پار پتا ڏنا، پر کيس سمجهہ ۾ نہ آيا. اتي جي ڪنھن خاص شئي جو فوٽو ڪڍي موڪلڻ لاءِ چيائين. سامھون ئي Kasion pugis Hotel هئي، جنھن جو وي چيٽ تي فوٽو ڪڍي موڪليومانس. اهو ڏسي چيائين، ”بس اجهو ٿا پھچون.“
اصل ۾ آءٌ کانئن ڪو پري نہ هئس، پر گهوريئڙن جي اسٽالن لڳائڻ سبب ڄڻ لوڪيشن ئي بدلجي ويئي هئي. سو ٿورو پرڀرو نڪري ويو هئس.
آءٌ اتي ئي رستي تي ايندڙ ويندڙ گاڏين کي ڏسندو رهيس. دير ئي نہ گذري جو وشال ۽ منور کي پريان ايندي ڏٺم. مون سندن رنگ ۾ ڀنگ وڌو هو، سو معذرت ڪيم، پر ٻئي ڄڻا مُرڪي پيا. رات بہ گهڻي گذري چڪي هئي. سيءَ بہ ڏند ڏيکارڻ شروع ڪيا هئا. تنھنڪري وڌيڪ ترسڻ جي بدران واپس ورڻ جي ڪئيسين. منور اسان کي سندس هوٽل تي وٺي آيو، جتان اسان جي ٻي ڏينھن جي سفر لاءِ ”ٻہ پيڪ ٿيل چڪن شوارما“ اسان جي حوالي ڪيا. اسان کانئس اتان ئي موڪلايو، جو اسان کي صبح جو ڏھہ لڳي پنجٽيھن منٽن تي ٽرين ۾ نئننگ روانو ٿيڻو هو.
هوٽل پھچي لت کوڙي سمھي رهياسين جو سڄي ڏينھن جي هل هلان ٿڪائي ڇڏيو هو.
صبح جو سوير جاڳ ٿي تہ مون دري جو پردو هٽايو. اڃا ڌنڌلڪو هو. تنھنڪري ڪمبل ۾ ويڙهيو ليٽيو پيو هئس. پوءِ وري اٿي پردو ورائي ڇڏيم. اٺين بجي ڌاري بسترو ڇڏيم. برش، شيو وغيرہ مان واندو ٿي گرم پاڻي سان وهنجي ڪپڙا بدلائي تيار ٿي ويٺس. تيسين وشال بہ اُٿي ويو. هن بہ تيار ٿيڻ ۾ دير نہ ڪئي، ان دوران حيدر جي فون بہ اچي ويئي تہ بس پندرهن منٽن ۾ پھچان ٿو. سامان تہ ايترو هو ئي ڪونہ جو پريشاني ٿئي. سو لاٿل ڪپڙا رات ئي ويڙهي سيڙهي بئگ ۾ وجهي ڇڏيا هئاسين.
هيٺ لٿاسين تہ حيدر اڳ ۾ ئي پھچي چڪو هو. وشال ڪارڊ ڪائونٽر تي جمع ڪرايو ۽ بل جو پڇيائين، پر حيدر اهو اڳ ۾ ئي ڏيئي ڇڏيو هو. اسان اچي حيدر جي ڪار ۾ ويٺاسين. پھرين حيدر ڪار ۾ ڀرپاسي جا چڪر هنيا تہ ڪا هوٽل کليل هجي تہ ناشتو ڪجي، پر ڪابہ کليل نہ هئي. معطم پاڪستاني بہ ڏهين بجي کلندي آهي. اسان حيدر کي چيو تہ ”ناشتي کي ڇڏيو، اهو اسٽيشن تي ڪري وٺنداسين.“ جنھن تي حيدر چيو، ”انڪل، بنا ناشتي جي اوهان کي ڇڏڻ مناسب تہ نہ پيو لڳي.“
هاڻ حيدر جي ڪار ايوو ريلوي اسٽيشن ڏانھن رواني ٿي، وشال ۽ حيدر پاڻ ۾ ڪچھري ڪرڻ لڳا ۽ آءٌ ڪار مان ايوو جا نظارا ڪرڻ لڳس. نئننگ جيان هن شھر ۾ بہ ساوڪ ئي ساوڪ هئي ۽ اکين کي ٿڌو ڪري رهي هئي، ويھن منٽن جي ڊرائيور کان پوءِ ’ايوو‘ ريلوي اسٽيشن پھتاسين. حيدر اتان اسان کان موڪلايو. حيدر ۽ منور ٻنھي ڄڻن جنھن نموني پنھنجو وقت ڏنو ۽ خدمتون ڪيون، اهي وسارڻ جھڙيون ناهن. ريلوي اسٽيشن ايندي حيدر ٻڌايو تہ هن ارڙهن سالن کان سفر شروع ڪيا، ۽ هيستائين ايشيا، يورپ، آفريقا جا ڪيترائي ملڪ گهمي چڪو آهي. حيدر ويو تہ اسان بئگ ڪلھي ۾ پائي اسٽيشن ۾ گهڙياسين. پھرين ٻاهران ڪجهہ کائڻ جون شيون بہ ورتيون سين، جو نون ڪلاڪن جو ڊگهو سفر هو. ان مھل اڃا ساڍا انوَ ٿي رهيا هئا. بورڊ تي ڏٺوسين تہ اڃا اسان واري ٽرين نہ آئي هئي. تنھنڪري سامھون هڪ ڪيفي ۾ ناشتو ڪرڻ هليا وياسين. اهڙو بي لذت ناشتو مون ڪڏهن بہ نہ ڪيو هو، پر ڪاٺياواڙي واري ڳالھہ تہ ”پيٽ تہ ڀرڻون ئي هو، سو ڀاءُ ڪرو ڪجي.“
اتان وري ٻي شاپ تان ڪجهہ بسڪوٽ ۽ منھنجي فرمائش تي ٻہ وڏا بوائل ٿيل مڪئي جا سنگ بہ ورتاسين. چيني مڪئي جا سنگ پاڻيءَ ۾ کنڊ وجهي، پوءِ بوائل ڪري اڪثر نيرن مھل کائيندا آهن. نئننگ ۾ اڪثر وشال جي سالي وانگ ين ڇنگ سوير وڃي ڀاڄي ڀتي وٺي ايندي هئي، جن ۾ اڪثر ڪري مڪئي جا سنگ بہ هوندا هئا. جيڪي هو رڌي سڄا سارا ٻہ سنگ اچي منھنجي ۽ نسيم جي اڳيان رکندي هئي. پاڻ وٽ هتي سنڌ ۾ اهي سنگ ننڍا ٿين، پر چيني سنگ ڪافي وڏا ۽ گهڻو ڀرتو آهن، تنھنڪري اسان ٻہ ڄڻا هوندي بہ ٻيئي سنگ کائي نہ سگهندا هئاسين.
سوا ڏھہ اچي ٿيا هئا، پر اڃا ٽرين نہ پھتي هئي، جنھن تي مون وشال کان پڇيو ”ٽرين ليٽ تہ ڪونھي.“ نہ ليٽ ڪونھي. ٽرين جي روانگي کان پندرهن منٽ اڳ بورڊنگ ڪري اندر ڇڏيندا آهن، وشال چيو. ان مھل سامھون بورڊ تي اسان جي ٽرين جو ڪوڊ نمبر بہ اچي ويو تہ پليٽ فارم تي پھچي چڪي آهي. تہ ڏسندي ئي ڏسندي قطارون ٺھي ويون ۽ ماڻھو ٽڪيٽ ڏيکاريندا اندر روانا ٿيڻ لڳا. اسان بہ ٽڪيٽ ڏيکاري اندر روانا ٿياسين. اصل وٺ وٺان، پندرهن منٽن ۾ ٽرين تائين پھچڻو هو، نہ تہ سورهون منٽ ٽرين اسان جو انتظار نہ ڪري ها. پليٽ فارم ڪافي وڏو ۽ سُھڻو ۽ صاف سٿرو هو. اسيڪليٽر تان هيٺ مٿي چڙهندا اچي اسان واري ٽرين وٽ پھتاسين. جيڪا ان مھل سامھون ايندي نظر آئي. اسان چوٿين نمبر تي بيٺاسين ۽ چوٿون نمبر بوگي بلڪل اسان جي سامھون اچي بيٺي. ان مھل پورا ساڍا ڏھہ ٿيا هئا. ٽرين جا دروازا کليا ۽ مسافر چڙهيا. اسان بہ چڙهي پنھنجون سيٽون ڳولھي اچي ٽرين ۾ ويٺاسين ۽ پليٽ فارم تائين اچڻ لاءِ جيڪو تيز تيز هليا هئاسين، سو پاڻ کي سامت ۾ آڻڻ لڳاسين.
چين جي هاءِ اسپيڊ ٽرين، چيني عوام جي سفر جو بھترين ذريعو آهي. اهي ٽرينون مختلف شھرن جي وچ ۾ هلن ٿيون. چين جي هاءِ اسپيڊ ٽرين جي شروعات 2008ع کان ٿي. اهي هاءِ اسپيڊ ٽرينون سڄي دنيا ۾ چين جي سُڃاڻپ آهن. چين ۾ هاءِ اسپيڊ ريلوي نيٽ ورڪ 124000 ڪلوميٽرن کان بہ وڌيڪ آهي. ان ٽريڪ جي 2595 کان وڌيڪ هاءِ اسپيڊ ٽرينون هلن ٿيون. اهو تعداد دنيا ۾ هلندڙ هاءِ اسپيڊ ٽرينن جو سٺ سيڪڙو آهي. چين جي سرڪاري انگن اکرن موجب 2024ع ۾ چئن ارب کان بہ وڌيڪ ماڻھن انھن ٽرينن ۾ سفر ڪيو.
ٺيڪ ڏھہ لڳي پنجٽيھن منٽن تي ٽرين هلي. ان کان اڌ منٽ اڳ ٽرين جا گيٽ بند ٿيڻ جو اعلان ٿيو. هاڻ اسان کي نوَ ڪلاڪ هن ٽرين ۾ گذارڻا هئا. ٽرين هلي، مون ٻاهر ڏسڻ شروع ڪيو. ٿوري ئي دير ۾ ٽرين ’ايوو‘ ڇڏي ايندڙ اسٽيشن چنگهائو (Longhuo) ڏانھن ڊوڙڻ لڳي. سامھون لڳل اسڪرين تي ايندڙ اسٽيشن جو نالو ۽ ٽرين ڪيتري رفتار سان هلي رهي هئي، لکجي ٿي آيو.
ايوو کان نئننگ تائين نون ڪلاڪن جي ان سفر ۾ اسان جي ٽرين سترهن اسٽيشنن تي بيٺي ۽ هر اسٽيشن تي بيھڻ جو دورانيو پنج منٽ هو. ان دوران مسافر لٿا ٿي ۽ چڙهيا ٿي، پر نہ ڪو هُل ۽ هنگامو، نہ ڪلھي گس، نہ وٺ وٺان. هر ڪو خاموشيءَ سان قطار ۾ لٿو ٿي ۽ چڙهيو ٿي.
ٽرين هلي تہ وشال چيو، ”ابو سمھي رهو، ڊگهو سفر آهي.“
”هائو سُمھان ٿو.“ مون کيس وراڻيو. وشال تہ اکيون ٻوٽي ليٽي پيو، پر مون سمھڻ پاڻ تي حرام ڪري ڇڏيو. سمھڻ لاءِ رات ئي ڪافي آهي ۽ ڏينھن جاڳڻ جي لاءِ آهي، تنھنڪري مون سمھڻ بدران پَٽيل اکين سان هي ملڪ ڏسڻ ٿي گهريو.سچي ڳالھہ اها آهي تہ اسان جھڙن جهنگ جي بلائن لاءِ چين جي ترقي ڏسي لفظ ’حيرت تي‘ ’حيرت‘ ٿي ٿئي.
ٽرين هلندي رهي ۽ ان دوران ڪيترائي ننڍا وڏا شھر، ۽ ڳوٺ، جبل، ڍنڍون، ڍورا، ٻنيون ٻارا منھنجي اڳيان ڪنھن فلم جي ريل جيان گذرندا ويا. ٻنين ۾ ٺھيل پڪا رستا، گند ڪچھري کان صاف، ڳوٺن ۾ پڪا گهر، گهرن جي اڳيان بيٺل ڪارون، ٻنين ۾ بيٺل ٽراليون ۽ ٽريڪٽر نظر ٿي آيا، جن مان چين جي هاريءَ جي خوشحالي جي پروڙ ٿي پئي. آباديءَ لائق زمين جي هڪ ٻاري بہ آباديءَ کان خالي نظر نہ آئي، پوکي راهي بہ جديد طريقي سان ٿيل نظر آئي. جيتوڻيڪ چين جو گهڻو علائقو جابلو آهي، پر اهي جبل بہ اسان جي جبلن وانگر ٺوڙها نہ پر ساوڪ سان ڀرپور نظر آيا.
ڳوٺن جا گهر ننڍا، پر ٻہ يا ٽي ماڙ نظر آيا ۽ ڊزائين سڀني جي هڪجھڙي هئي، اهي گهر زندگيءَ جي سڀئي سھوليتن سان آراستہ هئا.
چين ۾ ڳوٺن ۽ ننڍن شھرن جو انتظام مقامي ليول تي چونڊيل نمائندن جي هٿن ۾ آهي ۽ اتي چونڊون ٿينديون آهن، جن ۾ نمائندا چونڊيا ويندا آهن، اهي چونڊيل نمائندا پاڻ وارن نمائندن وانگر چونڊجي پوءِ گم ٿي نہ ويندا آهن، پر هر وقت الرٽ ۽ پنھنجن علائقن جي ترقيءَ لاءِ ڪوشان هوندا آهن، نہ ڪي پاڻ وارن چونڊيل نمائندن وانگر هر وقت فنڊ کائڻ جي چڪر ۾. وڏيرا شاهي نہ هئڻ سبب اهي نمائندا موروثيت جي بنياد تي نہ پر خدمت جي بنياد تي چونڊجي ايندا آهن. چين ۾ احتساب جو ڪڙو نظام آهي. تنھنڪري ڪرپشن ٿيندي بہ کڻي هوندي تہ بہ هلڪي ڦلڪي، پر جي همراھہ جهليو تہ پوءِ سزا کان بچڻ مشڪل آهي.
هي ملڪ، هن ملڪ جون خوبصورتيون، ماڻھن جون هن ملڪ کي ترقي ڏيکارڻ لاءِ جانين جون قربانيون ۽ محنتون چين جي قيادتن جو پنھنجي ملڪ کي ترقي وٺرائڻ لاءِ vision ۽ سچائي، ايمانداري ۽ لگن سان ڪم ڪرڻ جو ئي نتيجو آهي. جو اڄ چين دنيا جي ٻيون نمبر وڏي معيشت آهي ۽ ايندڙ وقت چين جو ئي آهي.
چين ۽ چين جو انقلاب سدائين منھنجي لاءِ آئيڊيل رهيو آهي. سنڌ بدترين وڏيرائي شاهي جو شڪار آهي. جيئن 1949ع کان اڳ چين هو. سنڌ ۾ بہ ڪيترائي وڏيرا وانگ آهن. جيڪي پنھنجن هارين کي چٿي چُپي، سندن محنت کائي، مچي مواڙ ٿيل آهن. منھنجي اکين جي ماڻڪين ۾ اهڙي انقلاب جا خواب اڃا ڌنڌلا نہ ٿيا آهن. پنھنجي وطن ’سنڌ‘ ۽ ان جي خوشحاليءَ جا خواب، منھنجي پنھنجي خوشحاليءَ جا خواب آهن. جيڪي هڪ ڏينھن ضرور ساڀيان ماڻيندا.
هاءِ اسپيڊ ٽرين پنھنجي رفتار سان هلي رهي آهي. ڪيڏي مھل اها 340 ميل في ڪلاڪ جي رفتار سان ٿي هلي تہ ڪنھن مھل گهٽ، پر ڪو هلڪو لوڏو بہ محسوس نہ پي ٿيو.
اها ٽرين ايوو (Yiwu) اسٽيشن کان رواني ٿي ۽ پوءِ سترهن اسٽيشنون، چنگهائو (Long hou)، لونگهائو (Longyou)، چوزائو (Quzhou)، شنگارائو (Shangrao)، شنگهتا تائو (Ying tanhou)، نانشنگسي (Nanchangn)، يي چن (Yichan)، پنگشي زنگبي (Pingshningbeic)، چنگ شينن (Changshanan)، هنگ يانگ ڊونگ (Hengyang dong)، چيانگ (Qying)، يونگزوهو (Yongzhou)، تونگان تانگ (Dongon dong)، چنجو (Quonzhounnan)، گيولين بي (Gui lin bei)، لي زوهائو (lizuhou) تي پنجن پنجن منٽن جو اسٽاپ ڪندي نيٺ آخري اسٽيشن نئننگ (Naning dong) تي اچي بيٺي.
ايوو کان نئننگ تائين هاءِ اسپيڊ جي ان سفر مون کي صحيح معنيٰ ۾ ڏسڻ ۽ مشاهدو ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪيو. منھنجي خيال ۾ چين کي ڏسڻ لاءِ چين ويندڙ دوستن کي هاءِ اسپيڊ ٽرين جو سفر ضرور ڪرڻ گهرجي.
اسٽيشن تي لھي، اسان سب وي پڪڙي ۽ سڌو وڃي ’هوچو لو‘ جي ويجهي اسٽيشن تي لٿاسين، پوءِ اتان پنڌ ڪري گهر پھتاسين. جتي مريم پنھنجي سدا بھار مُرڪ سان ۽ پنھنجن ٻاتن ٻولن ”شي شا‘ چئي اسان جي آجيان ڪئي. کيس ڏسندي ئي اسان جا سڀئي ٿڪ لھي ويا.

بائيسو جو هوائي چڪر

اڄوڪو ڏينھن يعني ٻين ڊسمبر چين جي هن سُھڻي من مُھڻي سرزمين تي اسان جو آخري ڏينھن هو. پر ڪالھہ وشال چيو تہ ’اڄ بائيسو‘ هلنداسين، جيڪو نئننگ کان ٻن سؤ ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهي. اهو کشين جو اباڻون ضلع آهي، اتان کان وري ٽن ڪلاڪن جي پنڌ تي کشين جو ڳوٺ آهي، پرَ خواهش باوجود بہ اوڏانھن وڃڻ ٿي نہ سگهيو. جڏهن وشال چيو تہ سڀاڻي بائيسو هلنداسين تہ چيم، ’پرينھن پاڪستان روانگي آهي، اهو سفر تہ صفا ٿڪائي ڇڏيندو‘. بھرحال چين جو اهو پاسو ڏسڻ کان نہ گُسائبو، ٿڪَ پيا ڀڃبا.‘
بائيسو ۾ منور جي چيني زال هوٽل هلائيندي آهي، منور جنھن وٽ ڪجهہ ڏينھن اڳ اسان ’ايوو‘ ويا هئاسين. منور کيس بائيسو ۾ اها هوٽل ان ڪري کولي ڏني آهي، جيئن هوءَ مصروف رهي ۽ کيس ڌنڌي ڌاڙيءَ ۾ ڊسٽرب نہ ڪري، پر هاڻ جوڻھنس ضد لايو ويٺي آهي تہ آءٌ ٻنھي ٻارن سان تو وٽ ’ايوو‘ اچي رهڻ ٿي گهران. منور وٽس مھيني ٻي بائيسو ايندو آهي، ٻارڙن کي ڏسي هڪ ٻہ راتيون رهي واپس ’ايوو‘ هليو ويندو آهي. منور ’ايوو‘ ۾ ’معظم بيري بيري‘ ريسٽورينٽ کولي هئي، جيڪا اسان ’ايوو‘ ۾ ڏسي آيا هئاسين. منور جي ان چينائڻ زال کي شڪ ٿيو آهي تہ ’ڪٿي منور ٻي مائي تہ ڪونہ ويھاري آهي.‘ تنھنڪري منور هاڻ اها هوٽل وڪڻڻ ٿو گهري. منور جي اها چينائڻ زال ساڻس گڏ پنج سال پاڪستان ۾ بہ رهي آئي هئي ۽ ٿوري اردو سمجهي ۽ ڳالھائي بہ ٿي. منور وشال کي چيو تہ، ڏس جيڪڏهن تون اها هوٽل هلائڻ ۾ انٽريسٽيڊ هُجين تہ توکي مناسب پئسن تي ڏيندس. جڏهن ان هوٽل جو افتتاح ٿيو هو تہ وشال بہ منور جي چوڻ تي ’بائيسو‘ ويو هو ۽ هوٽل جي سيٽنگ ۾ منور جي زال جي گهڻي مدد ڪئي هئائين. آءٌ ۽ وشال گذريل ڪيترن ئي ڏينھن کان نئننگ ۾ ’ذائقہ‘ جي ٻي برانچ کولڻ يا ڪنھن ٻي شھر ۾ ڪا نئين هوٽل کولڻ جو سوچي پاڻ ۾ ڊسڪس ڪندا رهيا هئاسين. ’ايوو‘ وڃڻ جو هڪ مقصد اهو بہ هو.
هاڻ وشال، کشين، نسيم، کشين جي ڀيڻ وانگ ين ڇنگ آءٌ ۽ مريم ڪار ۾ بائيسو وڃي رهيا هئاسين. ڪار کشين هلائي رهي هئي. آءٌ پنھنجي عادت موجب روڊ جي ٻنھي پاسن جو جائزو وٺندو ويس. جبل ئي جبل، اهي جبل وڻن ۽ ساوڪ سان جنجهيل هئا. آباد ٻنيون، خوبصورت گهر، سُھڻا ڳوٺ ڏسندي اکيون ئي نہ پيون ڍاپن. بائيسو ويندڙ رستو ويڪرو ۽ ٽو وي هو ۽ رستن جي ٻنھي پاسن بيٺل وڻ رستي جي سونھن وڌائي رهيا هئا.
ڪلاڪ سوا جي ڊرائيو کان پوءِ کشين هڪ ننڍي اسٽاپ تي ڪار جهلي، جيئن ڪجهہ کائڻ ۽ پيئڻ لاءِ وٺڻ سان گڏ واش روم بہ استعمال ڪري سگهجي، چينيءَ ۾ ليڊيز واش روم کي ’نيوشنگ‘ ۽ جينٽس واش روم کي ’نانشنگ‘ چون. اهو هڪ ننڍو، پر خوبصورت اسپاٽ هو. جنھن ۾ کاڌي پيتي جي شين سان گڏ ڪجهہ گفٽ شاپس بہ هئا. واش روم مان واندو ٿي، هڪ گفٽ شاپ ۾ گهڙي ويس. جنھن ۾ ڪيتريون ئي خوبصورت شيون ۽ مورتيون، مَٽ، دلا، شينھن ۽ ڪنفيوشس جا مجسما رکيا هئا. جيڪي بي حد جاذب نظر ۽ من موهيندڙ هئا. آءٌ انھن کي ڏسڻ ۽ فوٽو ڪڍڻ لڳس. دڪاندار بہ منھنجي پويان لڳو ۽ مون کي شين جي اهميت ۽ قيمت بابت ٻڌائڻ لڳو. پر ’زبان يار من چيني، من چيني نمي دانم‘ واري ڪار هئي. سندس ڳالھين تي مُرڪي مون ها ٿي ڪئي، ڄڻ سڀ ڪجهہ سمجهيم پي. پوءِ ساڻس گڏ هڪ سيلفي ڪڍائي ’شي شا‘ چئي ٻاهر نڪري آيس. پويان دڙيو تہ ضرور هوندائين تہ هيتري مٿا ماري ڪيم، پر همراھہ نہ ڦاٿو. ٿورو اڳيان ويس تہ هڪ ٻيو شاپ نظر آيو، جيڪو بہ گفٽ شاپ هو، ان ۾ ڪائونٽر تي هڪ ڇوڪري ڪه الائجي مائي ويٺي هئي. ڇوڪري يا مائي اُن ڪري تہ چينين جي عمر جي خبر ئي نہ ٿي پوي. لڳيون صفا جواڻ جماڻ پيون هونديون آهن، پر خبر پوندي تہ ويھن سالن جي لڳندڙ هيءَ ڇوڪري چاليھن سالن واري اولادي اوڪادي مائي آهي. ان شاپ ۾ چين ۽ ڪميونسٽ پارٽي جا جهنڊا پڻ وڪري لاءِ رکيل هئا. سامھون ڏٺم تہ چيئرمين مائوزي تنگ جو هڪ خوبصورت سونھري ڪلر واري جاذب نظر مورتي رکي هئي. کڻي ڏٺم، ڏاڍي وڻيم. قيمت پڇيم، ڇوڪري 78 يوان ٻڌايو. مون کي وٺڻو تہ نہ هو، تنھنڪري ايئن ئي چيم ’ويھه يوان‘ ڇوڪريءَ ٻُوٿ ڦٽائي انڪار ڪيو. مون وري کلندي اگهہ وڌائي ٽيھه يوان ڪيو، بس ايئن ئي دل لڳيءَ خاطر، هڪدم چيائين ڏي. ٻين لفظن ۾ ڦاسائي وڌائين. ڦاسڻ کان پوءِ ڦٿڪڻ ڪھڙو، تنھنڪري زبان کي پاڻي ڏيندي ٽيھه يوان ڪڍي ڏنامانس ۽ ڪامريڊ مائو کي کڻي مُٺ ۾ قابو ڪيم ۽ جڏهن مون اشارن سان مائو بابت پنھنجي پسنديدگيءَ جو اظھار ڪيو، تہ اشارن سان چيائين، ’ايڏو سُٺو بہ نہ هو.‘ بھرحال مائو کيس سُٺو لڳي نہ لڳي، پر مائوءَ جا مجسما وڪڻي هوءَ روزي ضرور ڪمائي رهي هئي. کيس ’شي شا‘ چئي ٻاهر نڪري آيس. کشين ۽ وشال ڏٺو تہ کين ٻڌايم تہ هيتري ۾ ورتو اٿم. وشال کيس ترجمو ڪري ٻڌايو، جنھن تي کشين هلڪو ٽھڪ ڏنو ۽ چينيءَ ۾ چيو، ”ابو ٽيھن يوانن ۾ مائوسي تونگ کي خريد ڪري ورتو!“
جواب ۾ وشال چيس، ”اوهان چينين تہ ڪڏهوڪو مائوزي تنگ کي وساري منجهائنس هٿ ڪڍي ڇڏيا آهن، پر ابو ۽ سندس ڪامريڊ دوستن اڃا بہ مائوزي تنگ کي چُھٽيا پيا آهن.“ جنھن تي مون کان ٽھڪ نڪري ويو ۽ مائوزي تنگ جي اسٽيچو کي زور سان جهليم تہ متان اها ڳالھہ ٻولھہ ٻڌي هو ناراض ٿي پويان پير نہ ڪري.
ڪار ۾ ويٺي مون سوچيو، ”چين جي هاڻوڪي ترقيءَ جو بنياد مائوزي تنگ وارو آندل انقلاب ئي آهي، جنھن جو ڦل اڄ چين جا ماڻھو کائي رهيا آهن. غلطيون مائوءَ کان بہ ٿيون ۽ انھن غلطين جي باوجود بہ مائوزي تنگ جي عظمت کان انڪار ڪري نٿو سگهجي.“
اسان جي ڪار ’بائيسو‘ ڏانھن روان دوان هئي. ڪلاڪ سوا جي ڊرائيونگ کان پوءِ ڪار ’بائيسو‘ جي حدن ۾ داخل ٿي. اهو سڄو عرصو آءٌ ڪار جي شيشي مان ٻاهر ڏسندو رهيس ۽ چين جي ترقي ۽ خوبصورتيءَ جا عڪس پنھنجي اکين جي ماڻڪين ۾ محفوظ ڪندو رهيس. ٽول پلازا ڪراس ڪندي هڪ موڙ تي چيني اڳواڻ ’ڊينگ زيائو پنگ‘ ۽ ٻين اڳواڻن جو پتل مان ٺھيل هڪ خوبصورت مونومينٽ نظر آيو، جن کي ڏسي کشين مون کي چيو، ”ابو، ڊينگ زيائو پينگ، برادر مائوسي تونگ.“ هيستائين لڳ ڀڳ ٻن مھينن جي عرصي ۾ اهو پھريون موقعو هو جو مون ڪنھن چوڪ تي چيني اڳواڻن جو اهڙو مونومينٽ ٺھيل ڏٺو ۽ منھنجي دلچسپي سبب کشين اشارو ڪري مون کي ڏيکاريو، نہ تہ کشين سميت چينين جي گهڻائي غير سياسي ۽ ملڪي معاملن کان لاتعلق نظر آئي، بس هو پنھنجي مستيءَ ۾ مست ٿي رهيا. جيتوڻيڪ مون کيس گهر ۾ ڪڏهن بہ ڪو ڪتاب پڙهندي نہ ڏٺو، پر سندس ڪمري ۾ ويھارو کن چيني ڪتاب موجود ڏٺا، جن مان هڪ اڌ کي ڇڏي، جيڪي مزاحيہ ڪھاڻين جا هئا، باقي سڀ وزڊم، ٻارن جي پالنا ۽ صحت بابت هئا.
گوگل ميپ جي ذريعي اسان بائيسو جا رستا لتاڙيندي اچي Batai Restorant جي اڳيان بيٺاسين، ڀر ۾ ٻيا دڪان ۽ هڪ ٻہ چيني هوٽلون بہ هيون. اهو اولڊ بائيسو هو، ڀرسان ئي هڪ ’ميڊيڪل يونيورسٽي‘ بہ آهي، جتي چين سان گڏ سڄي دنيا مان شاگرد پڙهڻ لاءِ ايندا آهن، ان علائقي کي جيڪو ڪراچي، پنڊي، لاهور، يا اسلام آباد جي ڪنھن سٺي هنڌ جھڙو پي لڳو. جن جن دوستن سان ملاقات ٿي، اهي غريبن جو علائقو سڏي رهيا هئا.
ڪار پارڪ ڪري، هيٺ لھي هوٽل ۾ گهڙياسين، جتي منور جي زال اسان جو اوسيئڙو ڪري رهي هئي. ڏسڻ ۾ ٽيھارو سالن جي پي لڳي، پر عمر جي پنجين ڏاڪي ۾ هئي. هٿ ملائي هيلو هاءِ ڪري اچي ڪرسين تي ويٺاسين. هوٽل جو ظاهري ڏيک ويک سُٺو هو، ۽ ٻن حصن تي مشتمل هئي. واش روم بہ هئس، جيڪو هِتي اڪثر اهڙين هوٽلن ۾ نہ هوندو آهي. سامھون هڪ رينڪ ۾ ڪجهہ ڪتاب، ايراني زعفران ۽ پٿرن جا ڪجهہ نمونا موجود هئا. منور بنيادي طور تي پٿر سپلاءِ ڪندو آهي، تنھنڪري نشانيءَ طور پٿر بہ رکيا هئائين. ان رينڪ جي مٿان عمران خان جي وڏي تصوير لڳل هئي، جنھن مان اندازو ٿيم تہ منور ’عمران خان‘ جو حامي آهي. ڪجهہ ڪتاب بہ رکيل هئا. جن ۾ چيني ٻوليءَ ۾ ڪتابن سان گڏ اردو ۾ ’حياة صحابہ‘ ۽ ان قسم جا ٻيا ڪتاب هئا. انھن ۾ يھودين جو مذهبي ڪتاب ’تالمود‘ بہ هو، جيڪو چيني ٻوليءَ ۾ هو. ڪجهہ ٻيا ڪتاب بہ هئا، چيني زبان سکڻ لاءِ. انھن ۾ هڪ ڪتاب Standard Course HSK-1 بہ هو، جيڪو مون نئننگ ۾ ڇائو يانگ جي وڏي بوڪ شاپ تان خريدڻ جو ارادو ڪيو، پر قيمت ڏسي ڇڏي ڏنو هئم. منھنجي دلچسپي ڏسي، منور جي زال اهو مون کي ڏيئي ڇڏيو.
منور جي زال هڪدم اسان جي اڳيان نارنگين جي ڇٻي آڻي رکي. چيني نارنگيون ننڍيون ٿين ۽ ٿوري دير کان پوءِ قھوو ٺاهي ان ۾ ايراني زعفران وجهي کڻي آئي. پوءِ وري پاڻ واري کير پتيءَ واري چانھه بہ پياريائين. کشين ۽ سندس ڀيڻ وانگ ين ڇنگ ڀرواري چيني هوٽل ۾ نوڊلس کائڻ هليون ويون. اسان منور جي زال سان ڪچھري ڪرڻ لڳاسين. ٿوري دير ۾ وشال جو هڪ دوست آيو، جيڪو اُتي ميڊيڪل يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندو آهي ۽ وشال سان رابطي ۾ هو. جنھن کان اسان هوٽل جون خبرون چارون پُڇيون. هوٽل ۾ گراهڪن جي آمد نہ هئڻ برابر هئي. هلائڻ جو بہ ڪو سسٽم نہ هو، نہ وري چيني طريقي موجب ڪاپبلسٽي هئي. شيف نہ هئڻ سبب ماني جي ڪوالٽي بہ سٺي نہ هئي. سراسري طور تي هر روز اٺ سؤ يوان جو ڌنڌو ٿيو ٿي، جيڪا ايتري ڪا سُٺي سيل نہ هئي. وڏي ڳالھہ تہ چيني ماڻھن جي آمد نہ هئڻ جي برابر هئي. وشال جي چوڻ موجب هوٽل رڳو فارينرس جي سھاري هلائي نہ ٿي سگهجي. مقامي ماڻھن جي گراهڪي ضروري هئي. البت پلس پوائنٽ اها هئي تہ هوٽل جو رينٽ صفا گهٽ يعني چار هزار يوان هو. وشال جي نئننگ واري هوٽل ’ذائقہ‘ هن هوٽل جي اڌ جيتري هئي، پر ان جي مسواڙ سورهن هزار يوان هئي.
آءٌ اتان اٿي پريان هڪ ٻي ٽيبل تي وڃي ويٺس. تيسين ڏٺم تہ چار نوجوان هوٽل ۾ گهڙيا. ڏسڻ ۾ پاڪستاني ٿي لڳا. هو ڀر واري ٽيبل تي اچي ويٺا. ٿوري دير کان پوءِ ڪنن تي سنڌي ٻولي جا ٻول پيم. هڪدم ڪن کڙا ڪيم گهڙي کن ترسي انھن کي مخاطب ٿي چيم، ”نوجوانو لڳو تہ سنڌي ٿا... سو سنڌين کي سنڌين سان ملڻ گهرجي.“ جنھن تي هو اٿيا ۽ هڪٻئي کي ڀاڪرن ۾ ڀري ورتوسين. انھن مان هڪ نوجوان چيو، ”اسان هوٽل ۾ گهڙياسين تہ اوهان کي سنڌي ٽوپي سان ويٺل ڏٺوسين. پاڻ ۾ چيوسين تہ همراھہ آهي تہ سنڌي.“
چيومانس سنڌي ماڻھو سڄي دنيا ۾ لکن ۾ پڌرا. انھن مان سنڌ جي مٽيءَ جي خوشبو ايندي آهي. اها خوشبو فقط سنڌ جي سڳوري مٽيءَ جي آهي. جيئن لطيف چيو آهي. آءٌ پري کان ئي ماروئڙن جي لوڏ ڏسي سمجهي ويس تہ اهي منھنجا اباڻا آهن.
انھن مان هڪ نوجوان جو واسطو عمرڪوٽ ۽ ٻي جو سکر سان هو. باقي ٻہ ٻيا نوجوان سندن ڪلاس ميٽ ۽ پنجاب جا هئا. سڀئي بائيسو ۾ ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ پڙهي رهيا هئا.
ٻولي جو رشتو بہ عجيب رشتو آهي. ان ۾ ڪيڏي نہ ڇڪ ۽ پنھنجائپ آهي. ڪيڏو نہ ساءُ آهي، جيئن شيخ اياز چيو آهي.
پنھنجي ٻوليءَ ۾ ميان، جڏهن چوندين ماءُ
اهڙو توکي ساءَ، ٻي ٻولي ڏيندي ڪٿي.
اسان ٿوري دير پاڻ ۾ ڪچھري ڪئي. هو مانجهاندو ڪرڻ آيا هئا. وشال بہ ساڻن مليو، هڪٻئي سان نمبرن جي ڏي وٺ ڪيائون. گڏجي فوٽو ڪڍايوسين ۽ پوءِ هڪٻئي کان موڪلايوسين.
چين جي هن ڪنڊ ۾ ٻن سنڌي نوجوانن کي ڏسي، مون کي جيڪا خوشي ٿي، اها لفظن ۾ بيان نہ ٿو ڪري سگهان.
هاڻ اسان جو واپسيءَ جو سفر هو. ان وچ ۾ کشين اڌ ڪلاڪ کن ڪار ۾ وڃي اک هڻي ورتي. مائي وڏي مڙس ماڻھو ۽ هڏ ڪاٺ جي هلڪي، پر سگهاري آهي. مريم کي بہ پنھنجي پويان ٻَڌي پئي هلندي آهي، جيڪا ماشاءَ ﷲ صحت مند آهي، کيس آءٌ بہ گهڻي دير کڻي نہ سگهندو آهيان ۽ سَھڪي پوندو آهيان.
بائيسو ۾ مون سان دلچسپ صورتحال تڏهن ٿي، جڏهن واش روم ۾ ويس ۽ وانڌو ٿيڻ کان پوءِ پينٽ جي زپ بند ڪيم تہ اها ٽٽي پئي. هاڻ مسئلو تہ هو، پر منھن تہ ڏيڻون هو. ٻاهر نڪري وشال کي ٻڌايم پوءِ ٻئي ڄڻا ڏاڍو کلياسين. بھرحال نموني سان ڪم هلايم ۽ وڏي فنڪاري سان ٻيئي هٿ اڳيان ٻڌي پي ڪم ٽپايم. ان مھل مون کي هڪ صحافڻ ايماڊ نڪن جي ڪتاب ’بريڪنگ دي ڪرفيو‘ ۾ جنرل ضيا الحق جي باري ۾ لکيل جملا ياد آيا تہ ”ضيا پنھنجا هٿ پرائيويٽ پارٽس تي رکي ٿو.“ بھرحال ڪم تہ ٽپائڻون هو...
بائيسو بہ چين جي حساب سان ننڍو پر پنھنجي حساب سان ڪافي وڏو شھر آهي. ريلوي جنڪشن هئڻ ڪري هيستائين هاءِ اسپيڊ ٽرين بہ هلي ٿي. شھر جي اهميت جو اندازو ان ڳالھہ مان لڳائي سگهجي ٿو تہ هتي ميڊيڪل يونيورسٽي بہ آهي، جنھن ۾ سڄي دنيا مان شاگرد پڙهڻ اچن ٿا، جن ۾ سنڌ بہ شامل آهي.
واپسيءَ جو سفر جاري هو. ساڳئي ساوڪ، ساڳيا روڊ ۽ رستا، وچ ۾ ايندڙ وستيون ۽ واهڻ، جن جي خوبصورتي ۽ ترقي ڏسي اکيون ئي نہ پي ڍاپيون. اڄ اسان جو چين جي سرزمين تي آخري ڏينھن، سڀاڻي صبح جو سوير نئننگ مان گوانچو وينداسين، جتان اسان جي پاڪستان ڏانھن روانگي ٿيندي. سڀاڻي اسان کي هيءَ سرزمين ڇڏڻي آهي، جنھن اسان کي ٻن مھينن تائين پنھنجي هنج ۾ ڪنھن ماءُ جي هنج جيان سڪون ۽ اطمينان ڏنو.سڀاڻي رات جو اسان پنھنجي ’سنڌ وطن‘ جي سرزمين تي هونداسين. جنھن لاءِ حافظ نظاماڻيءَ چيوآهي:
مڪو مدينو گهٽ ڪونھي
پر سنڌ جو ڪو مَٽ ڪونھي
مون جڏهن سوشل ميڊيا تي رکيو تہ ’واپس وطن پيو اچان‘ تہ منھنجي دوست ڊاڪٽر خالق چيو، ”جھنم ۾ واپسيءَ تي خوش آمديد.“ ۽ ٻين بہ ڪيترن ئي دوستن لکيو، ”سائين واپس ڇو پيا اچو... هتي ڇا آهي... چين ۾ ئي رهي پئو.“
سڀئي دوست پنھنجي جاءِ تي صحيح هئا. اسان جي سَرڳ سمان ڌرتيءَ کي نَرڳ بنايو ويو آهي. ماڻھن جو جيئڻ جنجال ڪيو ويو آهي، هر قسم جي بربادي اسان جي وطن جي نصيب ۾ لکي ويئي آهي، پر دوستن کي ان ڳالھہ جو اندازو ئي ڪونھي تہ سُرڳ ڀلي نرڳ بنجي ويو هجي، پر پنھنجي ڌرتيءَ جي سڪ ۽ ڇڪَ جو احساس ٻاهر وڃي ٿئي ٿو. پرڏيھه، ڏيھه ٿي نہ ٿو سگهي. گهوريو سو پرڏيھه، توڙي ڦلن ڇانئيو. لطيف سرڪار جو سر مارئي تہ ڪير پڙهي ڏسي تہ مارئي ڪيئن ٿي وطن جي ياد ۾ پل پل تڙپي:
سَنھي سُئيءَ سُبيو، مون ماروءَ سين ساھہ
ويٺي ساريان سومرا، گولاڙا ۽ گاھہ
هينئون منھنجون هِت ٿيو، هُت مِٽي ۽ ماھہ
پکن منجهہ پساھہ، قالب آهي ڪوٽ ۾.
ڪار نئننگ ڏانھن روان دوان هئي. مون مريم کي سندس ماسيءَ جي هنج مان وٺي پنھنجي گود ۾ ويھاريو ۽ کيس ڀاڪرن ۾ ڀري ڇڏيو. هن پنھنجو ڪنڌ منھنجي سيني تي رکي ڇڏيو. مريم فاطمہ، جيڪا ’سنڌي- چيني‘ دوستيءَ جي نشاني هئي، جنھن جي نسن ۾ سنڌي رت ڊوڙي رهيو هو. شايد مريم پھرين چيني نسل جي ٻارڙي آهي، جنھن جي رت ۾ سنڌي رت شامل آهي.
ڪار هلندي رهي، اُن ۾ کشين جي پسند جي موسيقي هلي رهي هئي، جنھن جي سُر سان کشين بہ سُر ملائي رهي هئي. مون ڏٺو تہ مريم منھنجي ڀاڪرن ۾ سُمھي رهي هئي. مون جيڪي کيس پيار ڪيو ۽ چيم، ”مريم تون مون کي سدائين منھنجي ساھہ کان بہ ويجهو هوندينءَ. تون منھنجي پشوءَ جي پيار جي نشاني آهين، پالڻھار توکي پنھنجي ماءُ ۽ پيءَ سميت ڪڏهن بہ ڪوسو واءُ لڳڻ نہ ڏيندو.“

نئننگ ڊائري

---

چين جا ڏينھن ۽ راتيون

[نئننگ ڊائري]


[پھرين آڪٽوبر-2024ع]
اڄ پھرين آڪٽوبر، منھنجو جنم ڏينھن آهي، اصل جنم سال جي حساب سان اڄ آءٌ سٺ سالن جو ٿي چڪو آهيان، يعني منھنجي جنم جو سال پھرين آڪٽوبر 1964ع آهي. اسڪولي رڪارڊ ۾ اهو 02 جنوري 1967ع لکيل آهي.
رات سُتو پيو هوس، جو ميان سمير عليءَ اچي مون کي اٿاريو... ’اچ ڪيڪ ڪٽيون...‘آءٌ اکيون مھٽي اٿيس، منھن تي پاڻيءَ جا ڇنڊا هنيم ڏٺم تہ سڀ گهر ڀاتي، نسيم، پارس، ايشوريا، صنوبر، شھزاد، سمير ۽ ٻہ ٻارڙا پياري (ايشال) ۽ بابا (هيشم) موجود هئا. اُفق ۽ شفق سُمھي رهيون هيون. منظر اڃا گهر نہ آيو هو. بھرحال ڪيڪ ڪٽيو، تاڙيون وڳيون، فوٽو نڪتا ۽ ڪيڪ جو ذرو ذرو کائي، کل خوشيءَ مان وڃي سُتس.
گذريل ڪيترن ئي مھينن کان چين وڃڻ جي جيڪا تياري پي هلي، سا مڪمل ٿي ويئي آهي. هاڻ اٺين آڪٽوبر تي اول خير حيدرآباد مان ڪراچي اُسھبو، جتان هڪ بجي واري فلائيٽ ۾ اسلام آباد روانو ٿبو. جتان وري ساڍين نوين واري فلائيٽ ۾ گوانچو روانو ٿبو، جتي چيني وقت موجب صبح جو پنجين وڳي پھچبو. جتي وشال، سندس وني وانگ ين هونگ (کشين) ۽ مريم منھنجي پوٽي وٺڻ ايندا، جتان وري اسان ريل ۾ نئننگ وينداسون. جتي سندن رهائش آهي. منھنجي خواهش هئي تہ پھرين آڪٽوبر کان اڳ چين پھچان ۽ چيني انقلاب جي سالگرھہ جون تقريبون ڏسان، پر وشال جي ڪمن ڪارين ۽ ڪجهہ هتي جي مسئلن مامرن جي اُڪلاءُ سبب اهو پروگرام جُڙي نہ سگهيو. پھرين آڪٽوبر کان ستين آڪٽوبر تائين ست ڏينھن چين ۾ قومي ڏڻ طور ملھايا وڃن ٿا. جھازن ۽ ٽرينن ۾ رش هوندي آهي، ٽڪيٽون ملڻ مشڪل ٿيو پون. اهو ئي سبب آهي، جو وشال اٺين آڪٽوبر جون ٽڪيٽون بوڪ ڪرايون. چين ۾ اسان جو قيام مليل ويزا موجب هڪ مھينو هوندو ۽ انشاءَ ﷲ اٺين نومبر تي واپسي ٿيندي.
چين جي سفر تي اُسھڻ کان اڳ، چين بابت وڌ ۾ وڌ ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ پوين ڏينھن ۾ ڪافي ڪتابن جو مطالعو ڪيو اٿم. رات کان قيوم نظامي جو مرتب ڪيل ڪتاب ”چین کے 100 سال‘‘ پڙهڻ شروع ڪيو اٿم، جيڪو ڪالھہ عوامي تحريڪ جي دوست ايڊوڪيٽ اسماعيل خاصخيليءَ کان کڻي آيس. جنھن منھنجي گهرڻ تي وڏي فراخدليءَ سان اهو ڪتاب ڏنو.
مون جنھن ڳالھہ کي وڌيڪ سمجهڻ پي گهريو، اهو هي تہ مائوزيتنگ جي وفات کان پوءِ چين جي قيادت ڊينگ زيائو پينگ سنڀالي، تنھن چين ۾ ڪھڙيون تبديليون آنديون ۽ چين ۾ ٻاهرين سيڙپڪاريءَ جي اجازت ڏني ۽ نجي ملڪيت رکڻ جي آزادي ڏيڻ سان گڏ سرمائيداريت ڏانھن بہ رخ رکيو، جنھن سبب چين بدلجڻ ۽ دنيا جي معاشي طاقت طور اُڀرڻ شروع ٿيو. پاڻ وٽ ڪامريڊيءَ واري دور ۾ ’ڊينگ زيائو پنگ‘ تي مائوازم جي نظريي تان هٽڻ ۽ ترميم پسند هئڻ ۽ سوشلزم جي واٽ ڇڏي سرمائيداريت واري واٽ اختيار ڪرڻ جا الزام هنيا ويندا هئا. ڪجهہ ڏينھن اڳ مون ’ڊينگ زيائو پنگ‘ تي يوٽيوب تي هڪ ڊاڪيومينٽري بہ ڏٺي، جنھن ۾ ڊينگ کي چين کي ’ڪميونسٽ پئراڊائز‘ [ڪميونسٽ بھشت] اڏڻ وارو چيو ويو هو.
پاڻ وٽ عام طور تي مائو ۽ چو اين لاءِ کان پوءِ چين جي ٻين اڳواڻن بابت ايڏي ڪا وڏي ڄاڻ ڪونھي. وڌ ۾ وڌ لِن پيائو ۽ لي شائوچي جا نالا ورتا وڃن ٿا، پر چين جي اڏاوت ۾ تمام گهڻا ڪردار شامل آهن. هن ڪتاب ۾ انھن جو سرسري، پر جامع ذڪر موجود آهي. ڪتاب پڙهي مڪمل ڪجي تہ وڌيڪ پوءِ ئي ڪا راءِ قائم ڪري سگهجي ٿي.
مائوزيتنگ تي ڪجهہ ڪتاب پڙهيل اٿم. جيڪو پھريون ڪتاب پڙهيم، اهو محترم رسول بخش پليجي جو لکيل ’مائوزيتنگ‘ هو، جيڪو چيئرمن مائو جي زندگيءَ ۾ ئي لکيو ويو هو. پليجو صاحب مائوزي تنگ کان گهڻو متاثر هو ۽ ’سنڌي عوامي تحريڪ‘ جو بنياد ئي ’فڪر مائوزيتنگ‘ تي رکيو ويو هو. پليجي صاحب جو اهو ڪتاب مون کي هڪ قلمي دوست نثار ٻرڙي موڪليو هو، جيڪو پاڪيٽ سائيز ۾ هو. مون اهو ڏاڍي دلچسپيءَ سان پڙهيو ۽ گهڻو وڻيم. مائوزي تنگ تي پوءِ ڪجهہ ٻيا ڪتاب بہ مطالعو ڪيم، پر پليجي صاحب جنھن دلچسپ ۽ جامع نموني اهو ڪتاب لکيو آهي، ان کان پوءِ جيڪڏهن مائو تي ڪي ٻيا ڪتاب نہ بہ پڙهجن، تڏهن بہ فرق محسوس نہ ٿو ٿئي. ان وقت پليجي جي مٿين ڪتاب کان سواءِ سنڌي عوامي تحريڪ پاران مائوزي تنگ جي ڪجهہ لکڻين/ ڪتابن جا بہ سنڌي ۾ ترجما ڪري ڪتابي صورت ۾ ڇپرايا ويا. جن ۾ ’قومي انقلابي جدوجھد ۾ ادب ۽ فن جي اهميت‘ پليجي صاحب پاڻ ترجمو ڪيو. ’هارين جي بغاوت‘ ملڪ آگاڻي ترجمو ڪيو، ۽ ’مائوءَ جا قول‘ لکاني بھراڻي ترجمو ڪيو. ’ادب ۽ فن جي اهميت‘ جو ٻيو ڇاپو مون پنھنجي اداري ’سچائي اشاعت گهر دڙو‘ پاران 1987ع ڌاري ڇپرايو. ’هارين جي بغاوت‘ کان سواءِ مٿيان ٽيئي ڪتاب هاڻ روشني پبليڪيشن سھڻي نموني ڇپرايا آهن. مائو جي هڪ ڪتاب ’تضاد بابت‘ جو ترجمو رشيد ڀٽي ڪيو ۽ ان کان سواءِ ’مائوزيتنگ جا مضمون‘ جي نالي سان بہ هڪ ڪتاب ترجمو ٿي ڇپيو، جنھن جي مترجم جو نالو ياد نہ پيو اچي. نظرياتي ادب ۾ ليو شائوچي جو ڪتاب ’سٺو ڪميونسٽ ڪيئن ٿجي؟‘ سائين عطا محمد ڀنڀري ترجمو ڪيو آهي. ڀنڀري صاحب هڪ ٻيو ڪتاب ’سن زو‘ جو جنگ جو فن‘ بہ سنڌي ۾ ترجمو ڪيو آهي.
[2- آڪٽوبر (اربع) 2024ع.]
ڪالھہ جيئن ئي شھر (گاڏي کاتي) وڃڻ لاءِ تيار ٿي بيٺس تہ مور ساگر فون ڪري پھرين جنم ڏينھن جون مبارڪون ڏنيون ۽ پُڇيو تہ چين بابت ڪيترا ڪتاب پڙهيا اٿئي، چيومانس اڄ ڪلھہ پڙهان ئي چين بابت ڪتاب ۽ سفرناما پيو. ’ڀلا ’چين ۽ چيني‘ پڙهيو اٿئي؟‘ پُڇيائين. مون سمجهيو تہ مرزا قليچ بيگ جي ڪتاب ’چين ۽ چيني ماڻھو‘ بابت پيو پُڇي. چيومانس ’اهو نہ پڙهيو اٿم‘. ’اچ تہ اهو ڪتاب ڏيان.‘ مور ساگر وراڻيو. هيٺ لھي رڪشا ڪري حيدر چوڪ پھتس ۽ سڌو ’ساحل پرنٽرس‘ تي ويس. هٿ ملائي ويٺس، حال احوال کان پوءِ مون کي ’دلبر سائين‘ جو سفر نامو ’چين ۽ چيني‘ ڏنائين، جنھن تي لکيائين ’سنڌ جي ساڃاھہ وند ليکڪ ۽ پياري دوست، وڏي ڀاءُ برابر يوسف سنڌيءَ لاءِ چين وڃڻ جي خوشيءَ ۾ کيس چين جو هي سفر نامو شال قبول پوي.‘
اڄ شھدادپور ويس تہ اهو پاڻ سان کڻيو ويس ۽ ايندي ويندي ڏيڍ سؤ صفحا پڙهيم. گهڻو معلوماتي سفرنامو آهي. هڪ هنڌ لکيو اٿائين ”اڪثر چيني ماڻھو پنھنجي چيني ٻوليءَ بنا ٻي ڪا ٻڙڪ ٻڌڻ لاءِ تيار نہ آهن، اهڙي صورتحال ۾ توهان اتي وڃي ڪنھن کي ڪيئن سمجهائي سگهندا تہ توهان کي ڪھڙي جاءِ تي وڃڻو آهي؟ ان ڪري سڀني گهمڻ وارين جاين جا نالا ۽ ايڊريسون انگريزي ۽ چيني ٻوليءَ ۾ لکي پاڻ وٽ محفوظ ڪري ڇڏيو تہ جيئن ضرورت وقت ڪنھن بہ ماڻھوءَ کان آساني سان مدد وٺي سگهو يا هن وري هي ڪجهہ ضروري سافٽ ويئر آهن، جيڪي پاڪستان مان ئي پاڻ سان ڊائون لوڊ ڪري پاڻ وٽ انسٽال ڪري وڃو، اهي اوهان لاءِ نھايت ڪارآمد ٿيندا.“ (ص-16)
اهي سافٽ ويئر هي لکيا اٿائين. (1) We chat, (2) Zero VPN, (3) Baidu translation .
پير محمد اڪرم ﷲ عرف دلبر سائين جا ٻيا بہ ڪافي ڪتاب ۽ سفرناما آهن، سندس لکيل ڪتابن جو انگ چار سئو کن آهي. گهمڻ ڦرڻ جو وڏو شوقين آهي ۽ ڪافي ملڪ گهميا اٿائين ۽ اتان جا سفر ناما لکيا اٿائين، جيڪي گهڻا معلوماتي آهن.
سنڌي ۾ ٻيا جيڪي سفرناما ڇپيا آهن، انھن ۾ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي جو ’مائو جي ملڪ ۾‘، ڊاڪٽر سليمان شيخ جو ’پيڪنگ پچارون‘، علي احمد رند جو ’چار گهڙيون چين ۾‘، الطاف شيخ جو، ’جنھن چين ڪيو بي چين‘ ۽ قربان منگي جو ’چوڏهن ڏينھن چين ۾‘ پڙهيل اٿم. پير علي محمد راشدي چين ۾ سفير هئڻ دوران جيڪا ڊائري لکي، اها ’چين جي ڊائري‘ جي نالي سان ڪتابي صورت ۾ ڇپي. دودي چانڊئي بہ چين جو هڪ مضمون ٽائپ سفر نامو لکيو آهي، جيڪو سندس ڪالمن ۽ مضمونن جي ڪتاب ۾ ڇپيل آهي. شاهنواز مھيسر جو ’چين جي ياترا‘ ۽ آفتاب سومري جو ’بيجنگ کان بينڪاڪ جي بازارن تائين‘ بہ ڇپيل ۽ پڙهيل آهن. ٿي سگهي ٿو ڪيو ٻيو سفرنامو بہ هجي پر مون کي ياد نہ ٿو پوي.
اهي تہ ڪجهہ سفرناما آهن. البت ڪافي چيني ادب بہ سنڌي ۾ ترجمو ٿي ڇپيو آهي. جيڪو گهڻو ڪري انقلابي ادب آهي. انھن ۾ ڪھاڻين جو چڱو موچارو تعداد شامل آهي، ڪجهہ تہ ننڍن ڪتابڙن جي صورت ۾ پڻ ڇپيون. جھڙوڪ پرويز جي ترجمو ڪيل ڪھاڻي ’ پراڻو ڳوٺ، نئون ڳوٺ‘ اياز لطيف پليجي جي ترجمو ڪيل ڪھاڻي ’چمڪندڙ تارو‘. اهي ٻيئي چيني انقلابي جدوجھد تي لکيل آهن. اهي ٻيئي ۽ ٽي ٻيون ڪھاڻيون جيڪي نجم عباسي ۽ ٻين ترجمو ڪيون آهن. مون سھيڙي 1987ع ۾ ’چيني انقلاب جون ڪھاڻيون‘ جي نالي سان ڪتابي صورت ۾ ڇپرايون. چيني ڪھاڻين جي ترجمي جي سلسلي ۾ چيني ليکڪ زوشيءَ جي ٻن ڪھاڻين جو مون ترجمو ڪيو، جيڪي منھنجي ڪتاب ’مسواڙي زال‘ ۾ شامل آهن، پرويز بہ ڪجهہ ڪھاڻين جا ترجما ڪيا، جيڪي سندس پھرين ڪتاب ’سُڻي تنھنجو سڏ‘ ۾ شامل آهن.
ان کان سواءِ نجم عباسي ’ڳاڙهو لالٽين‘ جي نالي سان هڪ ڊرامون ترجمو ڪيو. ان وقت ان ڪتاب کي سٺي موٽ ملي هئي. چيني ليکڪہ ’يانگ مو‘ جو شاندار ناول Song of youth جيڪو اردو ۾ ’نوجوانون ڪا گيت‘ جي نالي سان چين مان ئي اردو ۾ ترجمو ٿي هِتي پھتو هو، ان جو اختصاريل ترجمو مرحوم جعفر ميمڻ ’نوجوانن جو گيت‘ جي نالي سان ڪيو هو ۽ ڪاوش گروپ وارن ڇپرايو هو. منھنجي سدائين خواهش رهي آهي تہ اهو ناول مڪمل سنڌي ۾ ترجمو ٿي ڇپجي. مشھور نوبيل يافتہ ليکڪہ پرل ايس بڪ جيڪا ويھارو کن سال چين ۾ رهي تنھن جو چيني پس منظر ۾ لکيل ناول ‘Good Arth’ جا سنڌي ۾ ٻہ ترجما، هڪ ڊاڪٽر عمر ميمڻ ’سون ورني ڌرتي‘ جي نالي سان ڪيو، ٻيو ترجمو ’سُھڻي ڌرتي‘ جي نالي سان رشيد ڀٽي ۽ لکا ڏني ڪلال گڏيل طور ڪيو، جيڪو سنڌالاجي پاران ڇپيو. مٿين ڪتابن کان سواءِ چيني انقلابي شخصيتن تي پڻ ڪجهہ ڪتابن جا سنڌي ۾ ترجما ٿيا آهن. نجم عباسي، ’چو اين لائي‘ جي ننڍپڻ تي هڪ چيني ليکڪ ’هو هُئا‘ جو لکيل ڪتاب ’هڪ انقلابي جو ننڍپڻ‘ جي نالي سان ترجمو ڪيو. وفا منصور ٻرڙي، مائوزيتنگ جي هڪ خاص خدمتگار ’ڪئان يانچي‘ جو سندس ذاتي زندگيءَ ۽ ساروڻين تي ٻڌل ڪتاب ’مائوزي تنگ‘ جي نالي سان ترجمو ڪيو. الطاف ملڪاڻي چو اين لائي جي بايوگرافيءَ جو اختصاريل ترجمو ڪيو، جيڪو ’چو اين لائي جي سوانح‘ جي نالي سان ڇپيو. ڊاڪٽر نواز علي شوق ’چين جون مشھور شخصيتون‘ جي نالي سان ڪتاب ترجمو ڪيو. ڊاڪٽر محبت ٻرڙي تہ چيني انقلاب تي ايڊگر سنو جي مشھور ڪتاب Red star over China جو سنڌي ترجمو ’چين مٿان ڳاڙهو تارو‘، جي نالي سان ڪيو، جيڪي سڀ ڇپيل آهن. چيني انقلاب تي هڪ ٻيو ڪتاب ’چين جو انقلاب‘ جي نالي سان عزيز ڏاهري جو لکيل پڻ ڇپيل آهي.
جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ-
[7 آڪٽوبر 2024ع ڪراچي]
گذريل ڪيترن مھينن جي هڻ وٺ، ڪاغذي ڪاروائي ۽ ڪراچي جي چڪرن کان پوءِ 24 آگسٽ تي هڪ مھيني جي لاءِ چين جي ويزا ملي، اسان وري سمير جي ويزا جي ڪوشش ڪئي، پر ايمبسيءَ انٽرويوءَ ۾ کيس فيل ڪري ڇڏيو، اهو منھنجي لاءِ ۽ ماڻھنس لاءِ وڏو شاڪ هو. اسان چاهيو پي تہ هو اسان سان گڏ هلي ۽ کيس اتي ڊاڪٽر وشال وٽ ڇڏي اچون. سندس ورڪنگ ويزا اپلائي ڪئي هئيسين. سمير جون ارڏايون پنھنجي جاءِ تي، پر ننڍو پُٽ هئڻ سبب اسان ٻنھي جي اک جو تارو آهي.
هينئر آءٌ ۽ نسيم جناح انٽر نيشنل ايئرپورٽ تي اسلام آباد وڃڻ لاءِ جھاز ۾ چڙهڻ جي بورڊنگ ڪرائي هاڻ اڏام جي اوسيئڙي ۾ ويٺا آهيون. فلائيٽ نمبر 308 جيڪا پھرين چئين بجي هئي، سا ڪلاڪ ليٽ ٿيڻ سبب پنجين بجي اُڏام ڪندي، هونئن اسان کي سڀاڻي اسلام آباد هڪ بجي واري فلائيٽ ۾ وڃڻو هو. پر هڪ واري فلائيٽ ڪئنسل ٿي چئين بجي ٿي تہ وشال چيو، رسڪ نہ ٿا کڻون، اوهان هڪ ڏينھن اڳ اسلام آباد وڃو، جو سڀاڻي ساڍي نوين بجي اسلام آباد کان ’سائودرن چائينز ايئر لائين‘ جي فلائيٽ نمبر 8070 CZ گوانچو ويندي، جتان اسان کي وشال ۽ سندس وني کشين وٺڻ ايندا.
حيدرآباد مان يارهين بجي نڪتاسين. گاڏي ڪيم، جيئن سڀ گهر وارا بہ ڪراچي ايئرپورٽ جو چڪر هڻي اچن، پارس، شھزاد، منظر، صنوبر ۽ ايشوريا گڏ آيا. ٻار بہ سڀ گڏ اُفق، شفق، ايشال ۽ بابا (هشيم) بہ گڏ، جن کان مھينو جدا رهڻ البت ڏکيو پيو لڳي. ڪالھہ ارباز بہ شھدادپور مان آيو تہ ايئرپورٽ ۽ جھاز ڏسندس. افق، شفق ۽ ارباز تہ ايئرپورٽ تي ڏاڍو انجواءِ ڪيو، اصل ڊوڙ ڊوڙان، باقي هيشم بابا تہ روئڻ ۾ پورو هو.
اسلام آباد ۾ ڊاڪٽر منظور ويسريي کي چيم جنھن اڪادمي ادبيات جي رائٽرس گيسٽ هائوس ۾ بوڪنگ ڪرائي ڇڏي آهي، رات اتي رهبو.
هوائي مشين يعني جھاز ۾ ويٺا آهيون، ﷲ تعاليٰ انسان کي جيڪو عقل ڏنو آهي، ان کان ڪم وٺي انسان جيڪي سائنسي ايجادون ڪيون آهن، جھاز ان جو بس هڪڙو مثال آهي، ڏينھن جا فاصلا ڪلاڪن ۾، قرآن ۾ چيو ويو آهي تہ سمنڊ جي مٿاڇري تي جيڪي جھاز هلن ٿا، اهي خدا جي حڪم سان هلن ٿا، قرآن ۾ ﷲ پاڪ ڪيترن ئي شين جا نالا ڏنا آهن ۽ انسان کي عقل کان ڪم وٺڻ ۽ بار بار سوچڻ جو حڪم فرمايو آهي.
جھاز جي دريءَ مان لھندڙ سج جي لالاڻ جي لڪير ڏاڍي خوبصورت نظر اچي رهي هئي.
هنن سٽن لکڻ کان اڳ مون لڇمڻ ڪومل جي آتم ڪھاڻي ’وهي کاتي جا پنا‘ پڙهڻ شروع ڪئي ۽ ان جا پندرهن کن صفحا پڙهيم.
[رائٽرس گيسٽ هائوس- اسلام آباد]
هينئر اڪادمي ادبيات پاڪستان اسلام آباد جي رائٽرس گيسٽ هائوس ۾ ويٺا آهيون، ايئرپورٽ تي ٽئڪسين وارا اصل چُنبڙي پيا. نيٺ گهڻي بارگيننگ کان پوءِ پندرهن سئو روپين ۾ ٻولي اچي هِتي پھتاسين. جتي زاهد نالي همراھہ سان مليس، ڪمرو مليو، جيڪو اي. سي آهي. ماني بہ هئي، دال ۽ ڦلڪا کائي هي سٽون لکڻ شروع ڪيون اٿم. اسلام آباد عمران خان جي پي ٽي آءِ جي ٻہ ڏينھن اڳ واري جلسي جي ڪري ٽينشن ۾ پي لڳو. ڊرائيور اسان کي فتح جنگ روڊکان ڦيري ڪلاڪ کن ۾ اچي ڇڏيو. ڊاڪٽر منظور ويسريو رابطي ۾ هو. هن ماني گڏجي کائڻ لاءِ زور ڀريو، پر مون کيس چيو تہ تون گهڻو پري آهين، رڳو ماني لاءِ اچين، گهر وٺي وڃين ۽ وري ڇڏي وڃين، بھتر آهي تہ سڀاڻي ملجي. زوري اُن ڳالھہ تي راضي ڪيومانس. فيس بوڪ تي اسلام آباد هئڻ جو اسٽيٽس رکيم تہ دلدار خاصخيلي ۽ اويس جوڻي فون ڪئي، دلدار اڄڪلھہ اسلام آباد ۾ ٿو رهي، ٻن سالن کان ڪا نوڪري ٿو ڪري، ٻنھي کي سڀاڻي ملڻ جو چيم.
ان سڄي عرصي دوران وشال رابطي ۾ رهيو. مون کي هر ننڍي ننڍي ڳالھہ ائين پيو سمجهائي، ڄڻ آءٌ صفا ٻار هُجان ۽ مون کي ڪا خبر ئي ڪونھي، جنھن تي کل بہ ٿي آيم تہ خوشي بہ تہ وشال ڪيترو نہ خيال ٿو رکي. منھنجو سڌورو پٽ اِهو بہ چيائين تہ جي رهائش جو بندوبست نہ ٿئي تہ هوٽل بوڪ ڪرائي ڏيانوَ. چيومانس نہ نہ... اسان رائٽرس گيسٽ هائوس ۾ بھتر رهنداسين. ٻي پاسي ٿورو اندر خالي بہ اٿم تہ ڪاش منھنجو سمير بہ هينئر گڏ هجي ها.
ڪراچي ايئرپورٽ تي وشال کي فون ڪري چيم تہ ڪجهہ يو آن وٺان تہ چيائين، ڇو تہ چيم متان ضرورت پوي... تہ چيائين فلائيٽ ڊائريڪٽ گوانچو جي آهي، وچ ۾ گهرج نہ پوندي، باقي هتي آءٌ آهيان.. پر سچي ڳالھہ اها آهي تہ مون اڳ ۾ ئي 22500 جا 500 يوآن وٺي ڇڏيا تہ ڀلي مون وٽ بہ ڪجهہ هجن. اها ڳالھہ کيس نہ ٻڌايم، ايئرپورٽ تي آر. ايم. بي (يوان) جا مختلف ريٽ هئا. 45 کان وٺي 48 تائين، مون 45 روپين ۾ ورتا.
[8 آڪٽوبر 2024ع، اسلام آباد]
رات ماني کائي جلدي سمھڻ جي ڪئيسين، نسيم تہ سمھي رهي، پر مون کي ننڊ نہ آئي، پوءِ اُٿي ننڊ جي گوري کاڌم. هاڻ ائين ئي ٿيندو آهي، گهر بہ ڪڏهن ڪڏهن ننڊ جي گوري کائيندو آهيان. اڳ ائين نہ هو، ويٺي ويٺي ننڊ اچي ويندي هئي تہ سڀ دوست پيا کلندا هئا. هاڻ خيال آيم تہ ڪوشش ڪري پاڻ کي گوري جو عادي نہ ڪندس.
رات ڪيترن ئي دوستن فونون ڪيون، شبير سيال، گل حسن درس ۽ محبوب سنڌي، سڀني چين وڃڻ تي خوشي ۽ نيڪ تمنائن جو اظھار ڪيو.
-
سوير جاڳ ٿي تہ پھريون ڪم اهو ڪيم تہ پارس کي فون ڪيم خبر چار وٺڻ کان پوءِ پُڇيومانس تہ ٻار جاڳيا آهن. چيائين شفق ۽ ايشال سُتيون پيون آهن، باقي ارباز، افق ۽ بابا جاڳيا آهن، مون ۽ نسيم کين وڊيو ڪال تي ڏٺو ۽ ساڻن ڳالھايو. گهر هوندا آهيون تہ اُفق ۽ شفق سوير اٿي اچي مون سان ملنديون آهن ۽ پوءِ جيترو وقت گهر هوندو آهيان تہ ٻنھي جي ’دادا- دادا‘ پئي پوندي آهي. ٻار ڪيڏي نہ ڪمزوري بنجي ٿا وڃن.
[اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ]
ڏهين بجي ڌاري تيار ٿي، ناشتو ڪري ٻاهر نڪتس، جيئن مير نواز سولنگيءَ سان بہ ملان ۽ اڪادمي جي بوڪ شاپ جو بہ چڪر لڳائي وٺان ۽ جيڪڏهن چيني ادب جو ڪو ڪتاب ملي تہ اهو بہ وٺان. پھرين بوڪ شاپ تي ويس. ڪتابن کي هيٺ مٿي ڪيم ۽ ٻہ ڪتاب هڪ چيني ادب ۽ ٻيو چيني ليکڪہ شائو هونگ جو ناول ”دريائي هولن کي ڪھانيان“ جو ناول ورتم، جنھن جو اردو ترجمو انعام نديم ڪيو آهي. بوڪ شاپ واري کان ڪنفيوشس بابت ڪتاب جو پُڇيم، چيائين ختم ٿي ويو آهي. اسان 25 ڪتابن جي فھرست ٺاهي انتظاميہ کي ڏني آهي، پر فنڊن جي کوٽ سبب في الحال انھن جو جلد ڇپجڻ ممڪن ڪونھي. اڪادمي مان اها بہ خبر پئي تہ اڪادمي جي وفاقي حڪومت بجيٽ ڇھن ڪروڙن مان گهٽائي ٽي ڪروڙ ڪري ڇڏي آهي. دل ۾ آيم تہ حڪومت ايترا تہ فضول خرچ ٿي ڪري، انھن کي گهٽائڻ بدران ڪاتي علمي ادبي ادارن تي ٿي ڦيرائي. اڪادمي جا هيستائين ٽي سنڌي چيئرمن رهيا آهن. غلام رباني آگرو، ڊاڪٽر محمد قاسم ٻگهيو ۽ ڊاڪٽر محمد يوسف خشڪ. ربانيءَ جي دور ۾ ڇا ٿيو، ان بابت تہ خبر نہ اٿم، باقي ڊاڪٽر قاسم ٻگهئي ۽ ڊاڪٽر يوسف خشڪ جي ڪارڪردگي ۽ سرگرمين جي هرڪو واکاڻ ٿو ڪري. ڊاڪٽر خشڪ جي دور ۾ عالمي ادب جا گهڻا ڪتاب اردو ۾ ترجمو ٿي ڇپيا. ٻولين جو ميوزيم ٺاهيائين. سندس ئي دور ۾ منھنجو پينڊنگ ۾ پيل ڪتاب ’نجم عباسي: شخصيت اور فن‘ پڻ ڇپيو.
بوڪ اسٽال تان ٿي، سنڌو مير نواز وٽ ويس، جتي اختر رضا سليمي بہ ويٺو هو، ٻنھي سان اڌ ڪلاڪ کن ڪچھري ڪري، چانھه جو ڪوپ پي، موڪلائي سڌو ڪمري تي آيس، پھرين ليٽي ’وهي کاتي جا پنا‘ پڙهڻ شروع ڪيم. ڏهاڪو کن صفحا پڙهڻ کان پوءِ ’ڦو اي‘ جي آتم ڪھاڻي ’شھنشاھہ کان شھري تائين‘ جا چار صفحا ترجمو ڪيم. اهو ڪتاب پاڻ سان کڻي آيو آهيان، جيئن چين جي آخري شھنشاھہ جي آتم ڪھاڻي چين ۾ رهڻ دوران ترجمو ڪريان.
ان وچ ۾ ڊاڪٽر منظور ويسريي فون ڪري چيو تہ سائين ٿوري دير ۾ پھچان ٿو. ان وچ ۾ آءٌ ٻاهران برياني وٺي آيس، جيڪا اسان ٻنھي کائي پيٽ پوڄا ڪئي. اڌ ڪلاڪ کان پوءِ ڊاڪٽر منظور آيو ۽ اچڻ شرط پڇيائين تہ ’ماني تہ نہ کاڌي اٿوَ‘. ٻڌايومانس تہ اسان تہ کائي ڇڏي آهي. گهڙي کن ويھي هِتان هُتان جي ڪري، چيائين تہ هلو تہ ڪٿي چڪر هڻي چانھه چُڪو پي اچون. پھرين تہ مون نھڪار ڪئي جو ڏٺم تہ منظور ٿڪل ٿڪل لڳي رهيو هو ۽ اوٻاسيون بہ ڏيئي رهيو هو. پر هن جو خلوص جو چيائين، ”نہ ايئن ڪيئن ٿيندو؟“ بھرحال پوءِ اُٿياسين ۽ ڪار ۾ چڙهي ويجهو ئي هڪ هنڌ وياسين. جتي منظور ڪافي پيتي ۽ مون اسٽرا بيري ذائقي واري آئس ڪريم کاڌي. اتي هڪ اڌ فوٽو بہ ڪڍيوسين، پر اڃا تائين فيس بوڪ تي اپلوڊ ڪري نہ سگهيو آهيان. جو هتي اسلام آباد ۾ نيٽ سڪرات ۾ آهي، کٽَ تي پيو آهي. ڪافي پي ۽ آئسڪريم کائي ڪچھري ڪندا واپس گيسٽ هائوس پھتاسين. منظور چيو تہ سائين تيار ٿيو تہ اوهان کي ايئرپورٽ ڇڏي اچان. مون انڪار ڪيو ۽ کيس تڪليف ڏيڻ مناسب نہ سمجهيم. پوءِ هن گيسٽ هائوس جي انچارج کي پئسا ڪڍي ڏنا تہ ”سر يوسف منھنجو مھمان آهي.“ مون گهڻو ئي روڪيس، پر همراھہ نہ مڃيو، اڪادمي وارا غير اديبن کان اڍائي هزار ۽ اديبن کان پندرهن سئو وٺندا آهن، چوويھه ڪلاڪن جا پنجويھه ۽ پندرهن سئو مناسب آهن. اسلام آباد جھڙي شھر ۾ جتي ٽيڪسي وارو ئي هزارن ۾ ڀاڙو ٿو وٺي، اتي اهي پئسا نھايت مناسب آهن.
ڊاڪٽر منظور ويو تہ آءٌ ڪمري ۾ آيس تہ مون نسيم جي ٽھڪن جا آواز ٻڌا، چئي رهي هئي، ”آءٌ جھاز ۾ ايئن ويٺي هُيس، جھڙي شھدادپور جي وين ۾.“
جنھن تي مون کان بہ ٽھڪ نڪري ويو.
نسيم ڳالھائيندي رهي ۽ مون سامان سھيڙڻ شروع ڪيو، ان مھل ساڍا چار ٿيا هئا، پارس جي فون آئي تہ وشال چوي ٿو تہ ”هاڻ ايئرپورٽ ڏانھن نڪرڻ جي تياري ڪريو.“
”يار، وشوءَ کي وڏي تڪڙ آهي.“ مون کلندي چيس ۽ پوءِ نسيم کي اشارو ڪندي چيم تہ هاڻ ڳالھائڻ بند ڪر پُٽھين جي توسان ملڻ لاءِ تڪڙ لڳي پئي آهي.
اهو ٻڌي نسيم چيو، ”چڱو تھمينہ... وري پوءِ ٿا ڳالھايون.“
مون ٻاهر وڃي گيسٽ هائوس جي مئنيجر زاهدکي ايئرپورٽ تائين ڪا ٽئڪسي گهرائي ڏيڻ جي لاءِ چيو. هن هاڪار ڪئي، جيسين ٽئڪسي اچي تيسين اسان تيار ٿي وياسين.
ٽئڪسي آئي تہ گيسٽ هائوس جي مئنيجر زاهد ۽ سندس ساٿيءَ سامان ٽئڪسي ۾ رکرايو. مون سندن ٿورا مڃي کانئن موڪلايو.
اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ شھرکان 29 ڪلوميٽر پري آهي ۽ ڪافي سٺو ۽ وڏو ڪري ٺاهيو اٿن. نہ تہ اڳ جيڪو ايئرپورٽ هو، اهو ڪو ايڏو وڏو نہ هو. هي ايئرپورٽ ڏسي لڳي نہ ٿو تہ هڪ اهڙي ملڪ جو ايئرپورٽ آهي، جنھن جو عوام مھانگائي ۽ بنيادي سھولتون نہ هئڻ سبب ڏينھن رات پيو لوڙي. چين جي سھڪار سان ٺھيل هن انٽرنيشنل ايئرپورٽ کي مستقل ۾ ’پاڪستان جو نئون گيٽ وي‘ چئي سگهجي ٿو، جيڪو چيني ڪمپني ’چائنا اسٽيٽ ڪنسٽرڪشن ڪارپوريشن‘ تعمير ڪيو. پھرين مئي 2018ع تي هن ايئرپورٽ جو افتتاح ٿيو ۽ 3 مئي تي سرڪاري طور تي اڏامن جي لاءِ کوليو ويو. ايئرپورٽ جي ڪل پکيڙ لڳ ڀڳ ٻہ لک مربع ميٽر آهي. مستقل ۾ هي ايئرپورٽ ’سي پيڪ‘ رٿا ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو.
ڇھين بجي ڌاري ايئرپورٽ پھچي وياسين. سامان لاهي ٽرالي ۾ رکيم، جنھن ۾ ڊرائيور بہ مدد ڪئي. ڪرايو 1890 روپيا ٻڌايائين کيس ٻہ هزار ڏنم ۽ ٽرالي ڌڪيندو اندر هلڻ لڳس، پاسپورٽ ۽ ٽڪيٽون ڪڍي هٿ ۾ جهليم. انفارميشن بورڊ تي ڏنم تہ اسان واري فلائيٽ جي ’چيڪ ان‘ شروع ٿي چڪي هئي. اسان ٻيئي اندر گهڙندڙ قطار ۾ لڳي وياسين. اندر گهڙي ٽرالي ڌڪيندا، سڌو اچي چين ويندڙ فلائيٽ جي ڪائونٽر تي بيٺاسين، جتي هڪئي وقت ڪيترائي ڪائونٽر ڪم ڪري رهيا هئا. واري اچڻ تي ڪائونٽر واري ڇوڪريءَ کي پاسپورٽ ۽ ٽڪيٽون ڏنم. مون واري پاسپورٽ ۽ ٽڪيٽ سان گڏ ايڪس سروس پاڪستان ليو ۽ اين او سي وارو ليٽر بہ ڏنم، پر ڪائونٽر تي ويٺل نياڻي سڳوريءَ ان کي ورائي بہ نہ ڏنو ۽ هڪدم ٻہ بورڊنگ ڪارڊ اسان جي حوالي ڪيائين. سامان جون ٻہ بئگون بہ اتي ئي جمع ٿيون. ياد آيم تہ جڏهن اندر گهڙياسين تہ اسان کان ٻنھي بيگن جا تالا کولي سامان چيڪ ڪيائون. اسان جي ٻنھي بيگن ۾ ڇھه ڇھه ڪلو مسالا بہ هئا، جيڪي وشال پنھنجي هوٽل جي لاءِ وٺي اچڻ جي لاءِ چيو هو. ايترا مسالا ڏسي همراھہ پڇيو، ”سر سڄو سال رهندا ڇا؟“ جنھن تي کلندي چيومانس ”في الحال تہ مھيني جي ويزا آهي. باقي پھچڻ کان پوءِ ڏسبو تہ ڪھڙو ٿو ارادو بيھي.“ چيائين ”اوڪي“ تہ اسان بہ سڀ سامان ٻيھر کڻي بيگن ۾ وڌو، جنھن جي سڄي ترتيب هيٺ مٿي ٿي ويئي.
بورڊنگ ڪارڊ وٺي ٽرالي ڌڪيندا اندر وڃڻ لڳاسين. ان مھل سوچيم هيڏي ڊوڙ ڊڪ ڪري ۽ پئسا خرچ ڪري اين او سي ۽ موڪل ورتم، سا ڄڻ اجائي ويئي. هتي تہ نياڻي سڳوريءَ اهو پنو رڳو اُٿلائي بہ نہ ڏٺو.
ڪراچي ايئرپورٽ تان جڏهن اسلام آباد لاءِ بورڊنگ ڪارڊ پي ورتم تہ ڪائونٽر تي ويٺل همراھہ کي چيم، جيڪو سنڌي هو، تہ اسان کي ڪا ونڊو سيٽ ڏي. ها چئي، ٿوري دير کان پوءِ چيائين نہ ونڊو سيٽ لاءِ اوهان کي پندرهن سئو ڏيڻا پوندا. ڇا؟ پُڇيم... ها سائين ها سائين... پندرهن سئو روپيا. حيرت تہ ٿي، پر چيم، ابا ڇڏ کڻي جيڪي کپئي سي سيٽون ڏي. پوءِ جڏهن سامان بوڪ ڪرايوسين تہ چيائين، ”سامان تہ وڌيڪ آهي.“ چيم، ”آهن تہ پورا چاليھه ڪلو.“ ڇاڪاڻ تہ مون حيدرآباد کان نڪرڻ مھل ٻئي بئگون تورايون هيون. ”پر هتي تہ وزن وڌيڪ پيو نظر اچي.“ چيائين، ”پوءِ ڇا ڪجي.“ چيم، ”پندرهن سؤ روپيا لڳندا.“ وراڻيائين- ”اهي تہ الاهي آهن.“ چيم، ”ڪجهہ تہ ڏيو ڀلا..“ چيائين تہ، سمجهي ويس تہ همراھہ مھذب نموني سان خرچي پيو گهري. ماٺڙي ڪري پنج سؤ ڪڍي کيس ڏنم ۽ باقي هلڪو ڦلڪو هٿ وارو سامان کڻي اڳتي وڌي وياسين.
اها ڳالھہ جڏهن وشال کي ٻڌايم تہ هن کلي ٻڌايو، ”ابو، 2018ع ۾ جڏهن آءٌ چين پي آيس تہ مون سان بہ ائين ٿيو، ڪائونٽر وارو سامان تي اَڙي ڪري بيھي رهيو ۽ خرچي گهريائين، چيائين اوهان 5 سئو يوان ڏيو. مون چيس تہ ٺيڪ مون وٽ آهن، تہ چيائين، اوهان ويٽنگ ۾ هلي ويھو، آءٌ اچان ٿو. اڌ ڪلاڪ کان پوءِ هو آيو تہ مون وٽ جيڪي چار پنج ڏهين ڏهين وارا نوٽ هئا، سي ويڙهي سندس هٿ ۾ ڏنم ۽ هن بہ ڏسڻ کان سواءِ کڻي کيسي ۾ وڌا ۽ هليو ويو.“ جنھن تي مون کان ٽھڪ نڪري ويو. ”معنيٰ ڏاڍي ٿيس.“
سو اهي آهن اسان جي ڪراچي ايئرپورٽ وارن جا حال.
ٽرالي ڇڪي وري ٻئي ڪائونٽر تي پھتاسين، جتي پاسپورٽ ۽ بورڊنگ ڪارڊ ڏنوسين.
”اوهان چائنا ڇو پيا وڃون؟“ پاسپورٽ وٺندي همراھہ پڇيو، ”اُتي اسان جو پُٽ ٿو رهي. ان سان ملڻ.“ جواب ڏنم. هن هڪدم ٻنھي پاسپورٽن تي آئوٽ جو ٺپو هڻي، پاسپورٽ اسڪين ڪري اسان جي حوالي ڪيا ۽ اسان اڳتي وڌي وياسين. هاڻ آفيشلي طور تي اسان پاڪستان مان نڪري چڪا هئاسين.
اسان اچي گيٽ نمبر A-1 تي ويٺاسيون. جتي ٻيا بہ ڪافي ماڻھو ويٺا هئا. اتي ويھي مون شھزاد، منظر، پارس ۽ ڪجهہ دوستن کي فونون ڪيون ۽ پوءِ فون نسيم جي حوالي ڪيم ۽ آءٌ هي سٽون لکي رهيو آهيان.
[9- آڪٽوبر 2024ع نئننگ، چين]
چين، جنھن کي انگريزيءَ ۾ ’چائنا‘ ۽ چيني زبان ۾ ’چونگو‘ چيو وڃي ٿو، ان جي پکيڙ 9596961 مربع (3،700،000) ڪلوميٽر آهي، جنھن جي بنياد تي اهو ڪل زميني پکيڙ جي لحاظ کان دنيا جو ٽيون نمبر وڏو ملڪ آهي ۽ آبادي 2024ع جي تخميني موجب 278، 32،419،1 آهي. چين جو سرڪاري نالو ’عوامي جمھوريه چين‘ آهي. چين جا 23 صوبا ۽ پنج خودمختيار علائقا، چار ميونسپلٽيز ۽ ٻہ مخصوص علائقا هانگ ڪانگ ۽ مڪائو آهن. اهي خودمختيار علائقا چين جو اٽوٽ انگ آهن. هونئن چين جي حڪمراني ۾ ٻاويھه صوبا آهن. تائيوان کي هو پنھنجو ٽيويھون صوبو ٿو قرار ڏي، ۽ نقشي ۾ بہ شامل اٿس. پر في الحال تائيوان تي سندس اٿارٽي قائم ڪونھي. هو ڌار ملڪ طور وجود رکي ٿو. تبت ۽ سنڪيانگ ۾ عليحدگي پسند تحريڪن کان پوءِ مقامي اختيار محدود ڪيا ويا آهن. صوبن جي ماتحت شھر، ڪائونٽيز ڊسٽرڪٽ ۽ ٽائون پنھنجو ڪاروهنوار هلائين ٿيون. آئين موجب چين جون سڀ قوميتون برابر آهن ۽ ننڍين وڏين قوميتن جي عصبيت جي حوصلي شڪني ڪئي ويندي آهي. سڀني قوميتن کي پنھنجي زبان ۽ مقامي ڪاروهنوار ۾ خودمختياري ڏنل آهي. چين ۾ هن وقت 56 زبانون ڳالھايون وڃن ٿيون. چيني انھن مان سڀ کان وڏي زبان آهي. نہ رڳو اهو پر چيني دنيا جي سڀ کان وڏي زبان آهي. اڪثر چيني چوندا آهن تہ ’اسان جي چيني زبان دنيا جي سڀ کان وڏي زبان آهي، پر دنيا تي راڄ انگريزي پئي ڪري.‘
چين جو قومي ترانو، جنھن کي عام طور تي نيڪ ۽ بھادر فوج جي مارچ جو گيت [March of the Volunteers] چيو ويندو آهي. مشھور چيني شاعر ۽ ڊرامه نويس ’ٿيان هان‘ (Tain Han) لکيو هو. اهو ترانو ’رضاڪارن جو مارچ‘ پھريون ڀيرو شنگهائي ۾ 1934ع ۾ هڪ ٿئٽر جي دوران وڄايو ويو هو ۽ 2004ع‘ عوامي جمھوريه چين جي آئين جي فقري 136 ۾ ان تراني کي قومي ترانو تسليم ڪيو ويو. اهو ترانو عوامي جمھوريه چين، هانگ ڪانگ (1- جولاءِ 1997ع) ۽ مڪائو (20 ڊسمبر 1997ع) جو بہ قومي ترانو آهي.
ترجمي جي صورت ۾ هن ريت آهي:

اُٿو اُٿو
جيڪڏهن اوهان کي ڌارين جي غلاميءَ کان انڪار آهي،
پگهر جي پورهئيءَ مان جوڙيل جيڪڏهن نئين ديوار آهي،
اڄ چيني قوم تي سڀ کان وڏو آيل امتحان آهي،
ڄاڻي وٺو، اها هر ماڻھوءَ لاءِ آخري للڪار آهي.
اُٿو اُٿو
اُٿو.... اُٿو.... اُٿو.... اُٿو

چين دل آهي ۽ اسان آهيون ان جا اربين ذرڙا
سَھي وار سڀ دشمن جا هاڻ اڳتي وڌو،
سَھي وار سڀ دشمن جا هاڻ اڳتي وڌو.
وڌندا هلو، وڌنڌا هلو، وڌنڌا هلو.
China is Hearts and were the heart lings
Braving the enemy meleught, march on,
Braing the enemy one laaght march on
March on!
March on!
March on!

I told up
Those who refuse to be slaves, after all
With sweet and blood, pledge to make creat wall
Chonese poople face the greatest challenge,
Each one must let out a full- throted call
Stand up! Stand up! Stand up!
نئننگ، جنھن کي پنھنجي ساوڪَ ۽ وڻڪاري جي ڪري ’گرين سٽي‘ بہ چيو ويندو آهي. چين جي صوبي ’گوانگسي خودمختيار ريجن‘ جي گاڌيءَ جو هنڌ آهي.
وشال پڙهيو بہ هتي تہ شادي بہ هتي ڪيائين، هڪ ٻارڙيءَ مريم جو پيءَ بہ هتي ٿيو ۽ هتي ’ذائقہ پاڪستان اسٽائيل ريسٽورينٽ‘ کولي ڪاروبار شروع ڪيو اٿس. گوانچو مان جڏهن نئننگ پي آياسون تہ وشال چيو، ”ڀلي ڪھڙي بہ شھر ۾ رهان، پر مون کي نئننگ جي ڏاڍي سڪ ٿيندي آهي ۽ جلد اوڏانھن وڃڻ چاهيندو آهيان.“
کلندي چيومانس، ”مون دڙي ۾ پنجيتاليھه سال گذاريا آهن. حيدرآباد ۾ ٻہ هزار يارهن ۾ پاڻ آياسين. منھنجي دڙي لاءِ ڪيڏي سڪَ هوندي، اندازو اٿئي ۽ جڏهن بہ دڙي هلڻ جو ذڪر ڪندو آهيان تہ تو سميت سڀ گهر وارا چوندا آهن تہ دڙي ۾ ڇا رکيو آهي؟“
پر دڙو منھنجي لاءِ ايئن آهي، جيئن حبيب جالب چيو آهي:
اک حسین گاؤ ‏ں تھا کنار آب
کتنا شاداب تھا دریا آب
کیا عجیب بے نیاز بستی تھی
مفلسی میں بھی اک مستی تھی
کتنے دلدار تھے ہمارے دوست
وہ بے چارے وہ بے سہارے دوست۔
نئننگ پھچي وشال جي فليٽ تي پھتاسين. جيڪو ٽي ماڙ تي هو. وشال کي چيم ’چائنا پھچي هڪ ماڙ تہ گهٽيو‘. حيدرآباد ۾ اسان جو فليٽ چوٿين ماڙ تي آهي ۽ هتي وري ٽين ماڙ تي. هوڏانھن بہ لفٽ ڪونھي تہ هتي بہ لفٽ ڪونھي. لفٽ ڄڻ اسان سان ٺھي ئي ڪونہ.
وشال جو فليٽ خلاصو ۽ ٽن ڪمرن، رڌڻي، ٻن واش رومن ۽ لائونج تي مشتمل آهي. جنھن جو ڪرايو پندرهن سؤ يوان آهي. وشال ٻڌايو تہ هتي جيڪي گهر مسواڙ تي ملندا آهن. فرنيچر بہ گڏ ان ئي مسواڙ ۾. تنھنڪري سامان جي شفٽنگ کان بچيو وڃجي.
فليٽ تي پھچي وشال چيو تہ ٿڪل هوندؤ، سو آرام ڪري وٺو، ڇھين ڌاري تيار ٿي سڀ گڏجي دوست جي شادي تي هلنداسين.
ساڍي پنجين ڌاري وشال اُٿيو، مون کي تيار ٿيڻ لاءِ چيائين، ان دوران پاڻ بہ تيار ٿي ويو، کشين کي چيائين تہ اميءَ کي تون وٺي اچج، اسان بائيڪ تي وشال جي هوٽل تي پھتاسين، جيڪا پنجن منٽن جي پنڌ تي هئي. وشال ٻڌايو تہ ”فريڊم فيسٽيول“ جا ست ڏينھن هوٽل تي وڏي رش رهي هئي، سو ڇوڪرن چيو تہ اڄ موڪل ٿا ڪريون، تنھنڪري اڄ هوٽل سڄو وقت وقت بند رکي اٿئون. البت دوست عادي جي دعوت جي ماني جو اسان کي آرڊر مليل آهي، جيڪا ڇوڪرن تيار ڪري ڇڏي هوندي، اها پاڻ کڻي ٿا هلون. اسان هوٽل پھتاسين، جنھن جي اندر ڏاڍي خوبصورت آرائش ٿيل هئي. دروازي وٽ پاڪستان ۽ چين جي جهنڊي جون جهالرون لڳل هيون. فريڊم فيسٽيول جي مناسبت سان، ٻيئي شيف ڇوڪرا رضوان ۽ شھزاد اڳ ۾ ماني تيار ڪريو اوسيئڙي ۾ هئا. تيسين ابوذر اقبال ۽ عمران بہ اچي ويا. وشال، ابوذر اقبال سان منھنجي واقفيت ڪرائي، ابوذر سان جڏهن هو پاڪستان هو تہ هڪ ٻہ ڀيرا وشال جي حوالي سان فون تي ڳالھہ ٻولھہ ٿي هئي، عمران بہ هتي پڙهندو آهي ۽ پارٽ ٽائم طور ’ذائقہ‘ تي ڪم ڪندو آهي. وشال ٽئڪسي ڪرائي ۽ ان جي ڊگيءَ ۾ ماني رکرائي. هتي ٻن قسمن جون ٽئڪسيون هلن، هڪ ايپ تي گهرائبي آهي، جيئن هينئر وشال گهرائي، جن جو ڪرايو اٺن ڏهن يوانن تائين ٿئي يا ڪجهہ وڌيڪ- ٻيون ميٽر تي هلن، جن جو ميٽر ئي ٻارهن يوانن کان شروع ٿئي. اهي ٽئڪسي ڊرائيور وڏا حرامي هوندا آهن، هِتان هُتان ٽئڪسي ڦيرائي ميٽر هلائي مسافر کان وڌيڪ ڪرايو وٺن. وشال ٻڌايو تہ شروع ۾ ايپ وارين ٽئڪسين جي خبر نہ هئي، تنھنڪري اسان ميٽر وارين ٽئڪسين وارن هٿان ڏاڍو ڦرياسين.
ٽئڪسي مقرر هنڌ تي پھتي، ڏاڍو خوبصورت هنڌ هو، ان جي هڪ حصي ۾ عادي جي شاديءَ جو وليمو هو. اسان اندر هلندا هڪ هال وٽ پھتاسين. جنھن جي ٻاهران ڪافي نوجوان بيٺا هئا. ڪجهہ چيني ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي هٿن ۾ ٽري هئا، جن ۾ ٽافيون، سگريٽ ۽ ٻيون شيون رکيل هيون. جيڪي ايندڙ دعوتي کڻي رهيا هئا ۽ سگريٽ دکائي ڪَش هڻي رهيا هئا. هال جو چڪر هنيوسين، جنھن ۾ سٺ کن ماڻھن جي ويھن جي گنجائش هئي ۽ ماني بہ ايترن جي ٺھرائي وئي هئي. ٽيبلن تي جوسن، ڪولڊڊرنڪس سان گڏ وائين جون بوتلون بہ رکيل هيون. آءٌ هال مان ٻاهر نڪتس ۽ چيني ٽريڊيشنل لباس ۾ بيٺل ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي هٿن ۾ جهليل ٽرين مان هڪ ٽري مان هڪ سگريٽ کنيم ۽ ڇوڪري لائيٽر سان اهو دکايو، اڃا ٻہ ڦوڪون ئي مس ڀريم، تيسين وشال، کشين ۽ نسيم کي وٺي آيو. نسيم مون کي سگريٽ پيئندي ڏسي حيرت مان چيو تہ، ”آ تون بہ سگريٽ پيو پيئنءَ؟“ وشال بہ ڏٺو تہ کلندي سگريٽ منھنجي هٿ مان ورتو، جنھن تي مون کلندي چيو تہ، ”اڳ هيئن ٿيندو هو تہ مائٽ سدائين اولاد کي سگريٽ پيئڻ کان منع ڪندو هو، پر هتي اُبتي ڳالھہ ٿي آهي. اولاد پيو مائٽ کي سگريٽ پيئڻ کان روڪي تہ متان ابو کَري نہ وڃي.“ جنھن تي ڏاڍو کلياسين.
سڀ اچي اندر ويٺاسين. عاديءَ مون کي وٺي اچي پنھنجي ماءُ ۽ پيءُ سان گڏ ويھاريو، پاڪستان مان خاص هن تقريب ۾ شرڪت جي لاءِ عادي جو پيءُ، سندس ماءُ ۽ ڀيڻ آيا هئا. عادي جي پيءُ سان واقفيت ٿي، هو مظفر ڳڙھہ جي ڀرسان هڪ ڳوٺ جا رهندڙ هئا ۽ عادي جو پيءُ رٽائرڊ استاد هو. عادي جي امڙ ۽ ڀيڻ چُپ چُپ ويٺيون هيون، ٻھراڙيءَ جون هُيون. منھن تي مُرڪ بہ نہ هئُن. ايئن پي لڳو تہ هو ان شاديءَ ۾ خوش نہ هيون. ڳالھين دوران عادي جي پيءُ چيو تہ، ”هم اپني بچون ڪو يھان ايڪ ڪام ڪيلئي بھيجتي هين، يھان آڪر وه دوسرا ڪام ڪرتي هين.“ انھن لفظن ۾ هو وڏي ڳالھہ چئي ويو.
خبر پئي تہ جنھن ڇوڪريءَ سان عادي شادي ڪئي آهي، اها اڳ ۾ طلاقيل آهي، کيس ٻہ ڌيئرون آهن، جيڪي جوان آهن. عادي ڪوبہ ڪم نہ ٿو ڪري، بس سُتو پيو هوندو آهي ۽ مائي گهڻي پئسي واري آهي، ان جي خرچ تي هلندو آهي. بھرحال ٻيا بہ گهڻا احوال ٻُڌم. چين ۾ اها روايت آهي تہ ڇوڪرو جنھن ڇوڪريءَ سان شادي ڪندو آهي، ان ڇوڪريءَ جي ماءُ کي پئسا ڏيندو آهي، جيڪي پئسا ماءُ جو حق هوندو آهي.
ٿوري دير کان پوءِ عادي ۽ سندس ڪنوار شادي جي ڊريس ۾ مٿي اسٽيج تي آيا. پھرين عادي چيني ٻوليءَ ۾ هٻڪي هٻڪي ڪجهہ پڙهيو ۽ پوءِ عاديءَ جي ڪنوار ساڳيا لفظ چيا. ايئن ٻنھي جي شادي جو اعلان ٿي ويو. پوءِ سڀئي کائڻ پيئڻ ۾ شروع ٿي ويا. عادي بہ هٿ ۾ وسڪيءَ جو گلاس ۽ چپن ۾ سگريٽ دکائي زال سميت هڪ هڪ مھمان وٽ وڃي سندن ٿورا مڃڻ لڳو. اها اُتان جي رسم آهي. مھمانن ۾ ڪافي چيني بہ هئا، هو اسان جي ٽيبل تي بہ آيا. ٿوري دير کان پوءِ اسان اٿياسين، گهوٽ ڪنوار سان گڏ فوٽو ڪڍايوسين ۽ سڀني کان موڪلائي سڌو گهر هليا آياسين.
اهو آهي اسان جو چين ۾ گذاريل پھرين ڏينھن جو احوال.
[10 آڪٽوبر 2024ع
نئننگ- چين]
نيٺ آءٌ ڪامريڊ مائوزي تنگ جي ملڪ چين پھچي ويس. مائو جي هينئر چينين وٽ حيثيت اها آهي، جيڪا پاڻ وٽ جناح صاحب جي. بس ڪرنسي نوٽن تي کيس هر وقت پيا ڏسندا آهيون، باقي سوچيندا ئي نہ آهيون تہ جناح صاحب ڪير هو، سندس ڪم ۽ ڪارناما ڪھڙا هئا؟ ڪنھن دور ۾ تہ سنڌ جو قومپرست لڏو جناح کي عجيب و غريب لقبن سان ياد ڪندو هو.
مون کي اها تہ خبر ڪونھي تہ چيني مائوءَ کي اسان قومپرست سنڌين وانگر جناح کي ڏنل لقبن جھڙا ڪي لقب القاب ڏين ٿا يا نہ. البت مائو جي ثقافتي انقلاب کي مائو جي وڏي غلطي چيو وڃي ٿو. چيني هاڻ مائوءَ جي باري ۾ نيو ٽرل آهن. سندس بابت ڪنھن خاص راءِ جو اظھار نہ ٿا ڪن. مون کي تہ نٿو لڳي تہ ڪو چينين جي گهڻائي کي مائوءَ بابت ان کان وڌيڪ خبر بہ هوندي تہ هو ڪرنسي نوٽن تي ڇپيل آهي ۽ چيني انقلاب جو باني آهي. چيني معاشرو غير سياسي معاشرو آهي. تنھنڪري هو سياست ۽ سياسي معاملن جي باري ۾ يا تہ صفا سوچين ئي نہ ٿا يا صفا گهٽ ٿا ان پاسي ڌيان ڏين.
نئنگ شھر، جتي وشال رهي ٿو ۽ آءٌ ويٺو هي سٽون لکي رهيو آهيان. اهو چين جي ڏکڻ ۾ گوانگسي صوبي جو شھر آهي. گوانگسي خودمختيار ريجن آهي. هتان کان ويٽنام ويجهو آهي ۽ تائيوان بہ هن ئي پاسي، چيني سرحد کان سمنڊ ۾ سؤ ميل کن اندر هڪ ٻيٽ آهي، جنھن کي چين پنھنجو حصو ٿو قرار ڏي. 1949ع ۾ جڏهن انقلاب ڪامياب ٿيو ۽ ڪميونسٽ پارٽيءَ جي مائو جي اڳواڻيءَ ۾ حڪومت قائم ٿي تہ شڪست کاڌل ڪومنتانگ سرڪار جي اڳواڻ چيانگ ڪائي شيڪ ڀڄي وڃي تائيوان ۾ حڪومت قائم ڪئي ۽ آمريڪا جي مدد سان تائيوان کي ڌار حيثيت ڏني. چيانگ ڪائي شيڪ تہ 1975ع ۾ مرڻ تائين تائيوان جو صدر رهيو، پر تائيوان اڃا تائين هانگ ڪانگ ۽ مڪائو وانگر چين جو حصو بنجي نہ سگهيو آهي. چين جي ڪوشش آهي تہ 2040ع تائين تائيوان چين جو حصو بنجي وڃي، پر في الحال اهڙا آثار گهٽ ٿا نظر اچن، جو جيستائين آمريڪا جي تائيوان کي سپورٽ آهي، تيستائين اهو مسئلو، ڪشمير جي مسئلي وانگر حل ٿيندي نظر نہ ٿو اچي. البت جنھن ڏينھن آمريڪا تائيوان مان هٿ ڪڍيا تہ پوءِ تائيوان پاڻ کي ڌار حيثيت سان برقرار رکي نہ سگهندو.
ٽم مارشل پنھنجي ڪتاب ’جاگرافي جا قيدي‘ ۾ تائيوان بابت هنن خيالن جو اظھار ڪيو آهي:
تائيوان جو سرڪاري نالو جمھوريه چين (ROC) ’ريپبلڪ آف چائنا‘ آهي. جيڪو کيس ’عوامي جمھوريه چين کان ڌار ڪري ٿو. جيتوڻيڪ ٻيئي ڌريون ٻنھي علائقن تي اختيار رکڻ جو عقيدو رکن ٿيون. هي اهو نالو آهي، جنھن سان بيجنگ گڏ رهي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ تہ اهو نہ ٿو ٻڌائي تہ تائيوان هڪ ڌار رياست آهي. آمريڪي 1979ع جي ’تائيوان لاڳاپن واري قانون‘ تحت چيني والار خلاف تائيوان جو دفاع ڪرڻ لاءِ مخلص آهن. ان هوندي بہ جي تائيوان چين کان مڪمل آزادي جو اعلان ٿو ڪري تہ آمريڪا ان جو بچاءُ ڪرڻ لاءِ اچڻ جو پابند ڪونھي. ڇاڪاڻ تہ اهڙو اعلان چڙ ڏياريندڙ هوندو ۽ چين ان کي جنگي قدم چوندو.
ٻيئي حڪومتون برابري سان پنھنجو پاڻ کي تسليم ڪرائڻ ۽ دنيا جي هر ملڪ ٻي جي سڃاڻپ نہ ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪن ٿيون. اڪثر حالتن ۾ بيجنگ کٽي وڃي ٿو. جڏهن اوهان هڪ ارب چاليھه ڪروڙ ماڻھن جي اهم مارڪيٽ ٻہ ڪروڙ ٽيويھه لک ماڻھن جي ڀيٽ ۾ آڇيو ٿا تہ گهڻا ملڪ سوچڻ ۾ دير ئي نہ ٿا ڪن. تنھن هوندي بہ ٻاويھن ملڪ (جن ۾ اڪثر ترقي پذير آهن: جھڙوڪ: سواري لينڊ، برڪنا فاسو، سائو نوم جا ٻيٽ ۽ پرنسپ شامل آهن). اهڙا آهن جن تائيوان کي ڌار ملڪ طور تسليم ڪيو آهي ۽ (تائيوان ياون) انھن کي گهڻو نوازيو ويو آهي. (ص-80)“
*
سوير ڇھين بجي ڌاري جاڳ ٿي، ٻاهر نڪري اچي صوفي تي ويٺو آهيان... اڃا ڌُنڌلڪو آهي. پاڪستان ۾ هينئر رات جا ٽي ٿيا هوندا ۽ هتي چين ۾ صبح جا ڇھه. چين جو وقت پاڪستان کان ٽي ڪلاڪ اڳيان آهي.پر ڏسجي تہ چين پاڪستان کان ٽي صديون اڳتي آهي. پراچين دور ۾ بہ چيني تھذيب ٻين تھذيبن کان گهڻو اڳتي هئي، چيني واپاري عربستان تائين وڃي واپار وڙو ڪندا هئا.
پاڻ سڳورن جي حديث آهي تہ، ’اطلبو العلم ولو کان بالسين [علم حاصل ڪريو، پوءِ ڀلي چين وڃڻو ڇو نہ پوي]. جيتوڻيڪ ڪن ماڻھن جو خيال آهي تہ اها حديث غلط ۽ وضعي آهي، پر ڇو؟ ڇاڪاڻ تہ ان ۾ چين جو لفظ آهي ۽ جنھن کي ٻُڌي هروڀرو گهڻن ماڻھن جو سُک ۽ چين ختم ٿيو وڃي.
مولانا ڪوثر نيازي جي لفظن ۾ ”ان ارشاد جي روشنيءَ ۾ خود منھنجي سوچ موجب جيڪڏهن ان جو مطلب ديني علم ورتا وڃن تہ ان جو مرڪز تہ ”مدينة الرسول“ هو. تنھنڪري ٻاهروڃڻ جي ڪھڙي ضرورت هئي. البت سائنسي علمن جي حوالي سان چين ان زماني ۾ منفرد ۽ ممتاز هو. چقمق اُتي ايجاد ٿي چڪي هئي، جهنگلي ٻوٽن جي تندن مان ڪاغذ ٺاهيو ويو هو،پريس جي ايجاد سان ڪتاب ڇپجڻ شروع ٿي ويا هئا. ريشم جي ڪيڙن پالڻ جو رواج بہ پئجي چڪو هو. اها ٻي ڳالھہ آهي تہ چيني رهاڪو انھن ايجادن کي ترقي وٺرائي نہ سگهيا. پر ان حقيقت کان انڪار ڪونھي تہ انھن ايجادن جو سھرو چينين تي آهي. مغرب جي رهاڪن چينين کان گهڻو ڪجهہ سکيو ۽ انھن جي ايجادن کي ترقي ڏيئي اها شڪل ڏني، جيڪا اسان جي سامھون آهي. چينين جو ڪمال اهو آهي تہ انھن نہ رڳو انھن ايجادن کي معراج تي رسايو، جن ۾ لڳاتار محنت، استقلال ۽ دستڪارانہ مھارت جي گهرج هئي، پر اڄ تہ اها ٽين زبردست سگهہ بنجي سامھون آئي آهي، ان حوالي سان حديث رسول جو حوالو اڃا بہ ٻي واکاڻ جوڳي معنيٰ ۾ وٺي سگهجي ٿو.“ (مولانا ڪوثر نيازي- سفر شرط هي، جنگ پبلشرز 1997ع ص، 35-34).
چيني تھذيب جو ٻين تھذيبن جي ڀيٽ ۾ گهڻين خاصيتن جي ڪري هڪ ڌار مقام رهيو آهي. ان تھذيب ڪيترائي لاها چاڙها ڏٺا، پوءِ بہ پنھنجي انفراديت کي برقرار رکيو. ’شانگ خاندان‘ جيڪا رسم الخط پھريون ڀيرو ايجاد ڪئي، اها ئي رسم الخط اڄ سوڌي هلندي پئي اچي. ان تھذيب جي ٻين همعصر تھذيبن ۾ مصر ۽ ميسو پوٽاميه هيون، جن جي رسم الخط پنھنجي اصلي حالتن ۾ نہ ٿي ملي ۽ نہ ئي وري اهي تھذيبون پنھنجي اصليت برقرار رکي سگهيون. چيني تھذيب ۾ بادشاھہ جي سامھون بيھڻ جي لاءِ درٻارين کي آداب سيکاريا ويندا هئا. ان تھذيب جا ماڻھو پاڻ کي برتر سمجهندا هئا. تنھنڪري انھن نہ ڪنھن ٻي تھذيب مان اخذ ڪيو ۽ نہ انھن کان سکيو. هتي نيون ايجادون بہ پنھنجون گهُرجون پوريون ڪرڻ جي لاءِ ڪيون وينديون هيون ۽ انھن جو استعمال فقط پنھنجي علائقي جي حد تائين ڪيو ويندو هو. اهي ماڻھو پنھنجي تھذيب کي پڪو ۽ ترقي يافتہ سمجهندا هئا.
چين ۾ جيڪڏهن گهرو لڙايون شروع ٿينديون هُيون تہ انھن کي روڪڻ لاءِ قدم کنيا ويندا هئا. حملو ڪندڙن جي حملن کي روڪڻ لاءِ کين کاڌ خوراڪ مھيا ڪئي ويندي هئي تہ جيئن حملو ڪندڙ ذهني ۽ جسماني اطمينان حاصل ڪري سگهن. يا وري کين رشوت ڏني ويندي هئي. حملي آور قبيلن جي سردارن جون شاديون چيني شھزادين سان ڪرايون وينديون هيون تہ جيئن امن قائم ڪري سگهجي. پر پوءِ بہ جيڪڏهن حملي آوار نہ مُڙندا هئا تہ ٻن ’باربيرين ‘جي وچ ۾ لڙائي ڪرائي ويندي هئي. جڏهن يورپي قومن چين جو رخ ڪيو تہ چينين يورپين ۽ فرانسيسن کي پاڻ ۾ ويڙهائي ڇڏيو. چين ۾ جڏهن انقلابي حڪومت آئي تہ چين ٻن مخالف قوتن (باربيريز) روس ۽ آمريڪا کي پاڻ ۾ ويڙهائي پنھنجو تحفظ برقرار رکيو. چين نہ ڪنھن ملڪ تي حملو ڪيو ۽ نہ وري ڪنھن ملڪ تي غاصباڻو قبضو ڪري ڪالوني بنايو. ان حد تائين جو جيڪڏهن ٻين ملڪن جي حڪمرانن جا ماڻھو هتان جي بادشاهن ۽ حڪمرانن لاءِ تحفا آڻيندا هئا تہ اهي گهٽ سمجهي واپس ڪيا ويندا هئا.
يورپي لوڪَ جڏهن واپار وڙي لاءِ آيا تہ چينين يورپين جو حدون مقرر ڪيو ۽ پنھنجي عوام کي حڪم جاري ڪيا تہ مقامي ماڻھو نہ تہ ٻين ملڪن جون زبانون سکن ۽ نہ وري ٻين کي سيکارين ۽ نہ وري ٻين قومن جون عادتون ۽ ريتون رسمون پنھنجي تھذيب جو حصو بنائين، جڏهن يورپي قومن چين ۾ هڪ سفارتخانو کولڻ جي موڪل گهري تہ چيني بادشاهن صفا منع ڪري ڇڏي. پنھنجن انھن قدمن جي ڪري چيني تھذيب دنيا ۾ بلڪل اڪيلي رهجي ويئي. چين جي پنھنجي انا ئي کيس دنيا کان ڌار ڪري ڇڏيو، جنھن جو اثر اهو ٿيو تہ جڏهن يورپي لوڪَ فوج سان گڏ چين آيا تہ هِتان جي درٻارين اڳيان انھن جو مرتبو مٿانھون هوندو هو. جنھن ڳالھہ جو چينين کي شديد احساس ٿيو. جڏهن چينين پنھنجن بندرگاهن کي يورپين جي حوالي ڪيو تہ يورپين مٿن ٿاڦجڻ ٿيڻ شروع ڪيو ۽ چينين تي حملا ڪري کين پنھنجو مطيع بنائي ورتو ۽ قديم تھذيب شڪست کائي دم ٽوڙي ويئي.
چيني تھذيب مان ٻين ملڪن تہ گهڻو ئي سکيو، پر خود چين ان مان سبق حاصل نہ ڪيو، جڏهن 1911ع ۾ چين ۾ بادشاهت جو خاتمو ٿيو ۽ ’ڊاڪٽر سن يات سين‘ جي اڳواڻيءَ ۾ عوامي حڪومت قائم ٿي تہ ان حڪومت قومي ۽ بين الاقوامي سطح تي گهڻيون ئي سياسي ۽ سماجي تبديليون ڪيون. چين ۽ جاپان جي وچ ۾ جنگيون بہ ٿيون. جڏهن قومپرست (ڪو منتانگ) ۽ ڪميونسٽن جي وچ ۾ جنگ ٿي تہ ڪميونسٽ پارٽيءَ مائوزيتنگ جي سربراهيءَ ۾ عوامي جمھوريه جو بنياد رکيو ۽ ائين زواليل چيني تھذيب ماضيءَ مان سبق سکندي ترقي جي راھہ تي اڳتي وڌي ۽ ان جي جديد شڪل اڄ ڏسي سگهجي ٿي.
*
يارهين بجي ڌاري وشال سان گڏجي وشال جي ’ذائقہ پاڪستاني اسٽائيل ريسٽورنٽ‘ تي وڃي بيدي، پراٺي ۽ چانھه سان ناشتو ڪيوسين، ڳچ دير اتي ويٺو رهيس ۽ پوءِ ٻاهر نڪري ڊگهو چڪر هڻي آيس، موٽي آيس تہ وشال چيو ”ابو وڃائجي نہ وڃين.“ جنھن تي وڏو ٽھڪ ڏيندي چيم، ”پوءِ پيو ڳولھج“، جنھن تي وري گڏجي ٽھڪ ڏنوسين.
ٿوري دير کان پوءِ وشال چيو تہ ابو هل تہ ’والمٽ مال‘ جو چڪر بہ هڻي اچون، کير ۽ ٻيو سامان بہ وٺي اچون.
ٻاهر نڪري وشال بائيڪ اسٽارٽ ڪئي ۽ آءٌ سندس پويان ٿي ويٺس. وشال جي اها بائيڪ بيٽريءَ تي آهي. هتي ٻن قسمن جون گاڏيون هلن ٿيون. هڪڙيون بيٽري تي، ٻيون پئٽرول تي، بئٽري تي هلندڙ گاڏين جي نمبر پليٽ سائي ۽ پئٽرول تي هلندڙن جي نمبر پليٽ بليو رنگ جي آهي. اسان جي بائيڪ رستن تان ٿيندي ’والمٽ مال‘ ڏانھن هلڻ لڳي. هتي گاڏين جي رفتار مقرر آهي. ان موجب ئي هلائڻيون پون ٿيون. ان کان ٿوري بہ تيز ٿي تہ فائين لڳي ويندو ۽ فائين پاڻمرادو اوهان جي ’وي چيٽ‘ اڪائونٽ مان ڪٽجي ويندو. جن کي لائسنس ڏيندا آهن. انھن کي ٻارهن پوائنٽون مليل هونديون آهن. جي مقرر رفتار کان تيز هلائي ۽ قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي تہ هڪدم ڇھه پوائنٽون ڪٽجيو وڃن ۽ وري جي ٻيو ڀيرو قانون جي ڀڃڪڙي ٿي تہ باقي ڇھه پوائنٽون بہ ڪٽجي وينديون، پوءِ نہ رڳو فائين پوندو، پر ليسن بہ رد ۽ همراھہ گاڏي هلائڻ کان ويو. پر هِتان جي همراهن ان جو بہ حل ڪڍي ورتو آهي. جي پھريون ڇھه پوائنٽون ڪٽجي وڃن ٿيون، تہ هو پنھنجي ڪنھن دوست کي ڪجهہ پئسا ڏيئي، ان کان ڇھه پوائنٽون خريد ڪندا آهن، پر ان لاءِ بہ پوليس جو تعاون ضروري آهي ۽ اهي پوليس وارا وري لڪ ڇُپ ۾ ’ڏنو پٽ ڇٽي جو‘ تي هلن ٿا. وشال ٻڌايو تہ سندس زال تيز رفتار گاڏي هلائي تہ سندس ڇھه پوائنٽون ڪٽجي ويون، سو اچي پريشان ٿي، نيٺ پنھنجي هڪ دوست کان ڇھه پوائنٽون ڪجهہ ڏوڪڙن جي عيوض خريد ڪري، پنھنجون ٻارهن پوائنٽون مڪمل ڪيائين. ان عيوض پوليس کانئس لڪ ڇپ ۾ ٻہ سئو آر ايم بي ورتا. معنيٰ چين ۾ بہ اهڙا صدورا پوليس وارا آهن، پر سڀ ڪم لڪ ڇپ ۽ رازداري ۾، جي ڳالھہ ڦاٽي پئي تہ وٺندڙ جو سرئي ويو.
اسان مختلف رستن تان ٿيندا نيٺ ’والمٽ مال‘ اچي پھتاسين. رستا صاف سٿرا هئا ۽ رستن جي ٻنھي پاسن وڻ لڳل هئا ۽ ننڍا ننڍا پارڪ جام هئا، جنھن سبب رستن جي خوبصورتيءَ ۾ اضافو ٿي رهيو هو. بائيڪ بيھاري اسان ٻئي اليڪٽرڪ ڏاڪڻ تي چڙهي هيٺ لٿاسين. هت تہ وڏو جھان هو. وشال هڪ دڪان ڏانھن اشارو ڪري ٻڌايو تہ هتي ٻليون وڪامن ٿيون، مون چيس تہ پوءِ ڏسون، دڪان ۾ گهڙياسين تہ ننڍيون توڙي وڏيون ٻليون نھايت صاف سُٿريون، شيشي جي شوڪيس ۾ ويٺيون هيون ۽ انھن جي ٻاهران انھن جي قيمت بہ لکيل هئي. خير اسان کي تہ ڪا ٻلي يا ٻلو وٺڻون نہ هو، سو سرسري طور ڏسي ٻاهر نڪري آياسين ۽ ٿورو اڳتي وڌي هڪ دڪان ۾ گهڙياسين. دڪان ڇا هو، بس سپر مارڪيٽ هئي، هر شئي موجود هئي، وشال ٽرالي کنئي ۽ گهربل سامان اُن ۾ وڌو. مون ڏٺو تہ هڪ هنڌ شرابن طھورا نھايت خوبصورت بوتلن ۽ پيڪنگ ۾ سجايو رکيو هو. خبر هوندي بہ وشال کان پڇيم، ”وشو هي ڇا آهي؟“ شراب آهي، جواب ڏنائين تہ چيومانس يار منھنجو هتي هڪ فوٽو ڪڍ تہ يارن کي موڪليان ۽ سندن گِگَ ڳاڙهيان، جنھن تي کلندي وشال منھنجو فوٽو ڪڍيو ۽ اسان ورتل سامان جي ادائيگي ڪري مال مان ٻاهر نڪري آياسين ۽ بائيڪ تي چڙهي ڪچھري ڪندا واپس اچي پنھنجي ماڳ پھتاسين.
شام جو وري وشال، نسيم، کشين ۽ سندس وڏي ڀيڻ وانگ ين ڇنگ سڀ گڏجي ڇائو يانگ اسڪوائر وياسين. ڇائو يانگ اسڪوائر نئننگ جو مرڪزي هنڌ آهي، جتي اڪثر ماڻھو تفريح لاءِ ايندا آهن. فيصلو ڪيوسين تہ سب وي ۾ هلجي، جنھن جي اسٽيشن وشال واري رهائش کان مُنو ميل کن پري هئي. اسان چارئي ڄڻا پنڌ ئي پنڌ سب وي اسٽيشن پھتاسين، جيڪا زمين جي هيٺ سمجهو تہ ٽه ماڙ هئي. ان جو پنج لائينون هيون سب وي چين ۾ نھايت سستو ۽ تيز رفتار سفر جو ذريعو آهي. ٽڪيٽ وٺي اليڪٽرڪ ڏاڪڻين تان هيٺ لھي، ٻيو نمبر لائين تي پھتاسين تہ اسان جي اڳيان ويندڙ هڪ چيني جهوني چيو تہ ’اوهان سڀ خوبصورت آهيو.‘ اڳتي وڃي وري هن ٻي چينيءَ کي چيو ’تون خوبصورت آهين.‘ جنھن جو ترجمو ڪري وشال ٻڌايو. اسان اچي کلياسين تہ صفا ڪو چريو آهي. جو هر ڪنھن کي چوندو وتي تہ تون سھڻو آهين. لائين نمبر 2 جي گيٽ وٽ بيٺاسين، ٿوري دير ۾ سب وي اچي ويئي لھڻ وارا لٿا ۽ اسان چڙهياسين، اسٽيشن توڙي سب وي سڀ اي. سي هئڻ سبب ماحول پُرسڪون هو. اسان مان هر ڪنھن سيٽون سنڀاليون ۽ سب وي رواني ٿي اتي مريم جي کل کل جاري هئي. وڏي شرارتي آهي. اڄ ٻيو ڏينھن آهي، پر اڃا تائين اسان ڏانھن نہ ٿي اچي. سب وي توڙي هر هنڌ ماڻھن جو منھن موبائيل ۾، ويندا پيا تڏهن بہ اک موبائيل ۾، مون سمجهيو تہ اهو مرض رڳو اسان وٽ آهي، پر هتي تہ ڳالھہ ئي ٻي آهي. موبائيل ۾ منھن هئڻ سبب آسپاس ڪا سڌ ئي ڪانہ هُين. البت پاڻ وٽ ائين موبائيل ڪڍي رستي ويندي ڏسندا وڃون تہ اوچتو يا تہ ڪو ڦورو اچي يا وري موٽرسائيڪل وارا ڇورا جهپو هنيو هٿ مان اُڏايو وڃن، پر هتي اهڙو ڪو خطرو ڪونھي.
چين ۾ سب وي جي شروعات 1969ع ۾ بيجنگ کان ٿي. هاڻ تہ هر شھر ۾ انڊر گرائونڊ سب ويز جو ڄار وڇايل آهي. يعني زمين جي هيٺان هڪ نئون جھان.
اسان ٻن ٽن اسٽيشن گذرڻ کان پوءِ ’ڇائويانگ اسڪوائر‘ اسٽيشن تي لٿاسين. ٽڪيٽون ٽچ ڪري اليڪٽرڪ ڏاڪڻين جي ذريعي مٿي چڙهي آياسين، ڇائويانگ اسڪوائر جي روشنين اسان جو استقبال ڪيو. اتي وڏا وڏا مال ۽ هر شئي جون مارڪيٽون آهن. سڀني جا سائين بورڊ چينيءَ ۾ هئا، البت ڪٿي ڪٿي گڏ انگريزي ۾ بہ لکيل هئا. اسان اتي وڙڪڻ ۽ فوٽو گرافي شروع ڪئي. هڪ هنڌ کشين اسان کي بيھڻ جو اشارو ڪيو. اسان اتي پيل بئنچن تي ويٺاسين ۽ تيسين کشين ۽ سندس ڀيڻ ليمن جوس جا وڏا وڏا گلاس وٺي آيون. گڏوگڏ مريم لاءِ آئسڪريم، جوس، پيئڻ لاءِ اسٽڪ کوليسين تہ ان جي هڪ پني اسان کان هيٺ ڪري پئي، جيڪا اڏي پريان هلي ويئي، ٿوري دير ۾ ئي هڪ صفائي ڪندڙ مائي آئي ۽ اسان کي عجيب نظرن سان ڏسي اها ٻھاري هلي ويئي. صفائي جو هر هنڌ ايڏو تہ بندوبست جو ڪٿي بہ هڪ پنو بہ نظر نہ ٿو اچي ۽ روڊ رستا ائين پيا چمڪن ڄڻ انھن جي مٿان مک پئي ترڪي. صفائي ڪندڙ عملو هر وقت ڦڙت نظر ٿو اچي، ڪٿي ڪو ڪاڳر يا ڪا ٻي شئي پيل ڏسي ٿو تہ هڪدم صاف ڪريو ڇڏي.
جوس پي ۽ آئسڪريم کائي، اسان اڳتي وڌياسين تہ سامھون روڊ تي ڊگهي قطار نظر آئي، چينين جي ويٺل. هنن جي اڳيان ننڍن ننڍن پڃرن ۾ مختلف نسلن جا ڪتا، ٻلا، ڪئا، طوطا ۽ جهرڪيون وغيرہ رکيون هيون، جيڪي سڀ وڪري لاءِ هيون. چيني جانورن، خاص ڪري ڪتن ۽ ٻلين پالڻ جا شوقين آهن. ڪئا بہ سانڍين ٿا، ڪئا بہ پاڻ وارن ڪوئن کان ٿورا مختلف هئا اڇي رنگ جا. سڀني جي اڳيان قيمتن جي چٽڪي لڳل هئي. انھن وڪرو ڪندڙ همراهن ۾ مايون، نوجوان ۽ پوڙها بہ هئا، پر منھن سڀني جو موبائيلن ۾. نہ هوڪو نہ ريڙھہ پيڙھہ، نہ گوڙ نہ گهمسان. مريم جو اهي ڏٺا تہ ماڻھنس جي ڪڇ مان لھي، انھن کي ڏسندي هلڻ لڳي ۽ اسان بہ کلندا سندس پويان پويان هلڻ لڳاسين. ائين هلندا اچي ٻي مارڪيٽ ۾ پھتاسين، جتي هر قسم جي شين خاص ڪپڙن، بوٽن ۽ سون جا دڪان هئا. ان مارڪيٽ ۾ ٽريفڪ جي اچڻ جي بندش هئي. دڪانن جي ٻاهران نوجوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون هٿن ۾ ڊسڪائونٽ وارا بينر جهلي گراهڪن کي متوجھہ ڪري رهيا هئا. سڄي مارڪيٽ ۾ هر دڪان جي اڳيان چيني جهنڊو لڳل هو. چين ۾ پھرين آڪٽوبر کان وٺي ستين آڪٽوبر تائين ’آزادي جو هفتو‘ ملھايو ويندو آهي. اهي ست ئي ڏينھن عام موڪل هوندي آهي. اهو ڄڻ سندن قومي عيد جو هفتو هوندو آهي، جيڪو چيني ڀرپور نموني ملھائيندا ۽ انجواءِ ڪندا آهن. گهرن ۽ دڪانن کي سينگاريندا آهن. قومي جهنڊا جهولائيندا آهن. ائين ڪنھن بہ چيني اڳواڻ جي تصوير يا ڪو پينافليڪس لڳل نہ آيو. جيئن پاڻ وٽ اهڙن موقعن تي حشر هوندو آهي. اسان اتي ڪافي دير هلندا رهياسين، پوءِ هڪ شوز هائوس ۾ گهڙياسين. جتي سيل لڳل هئي، کشين، نسيم کي ٻہ نرم سينڊل وٺي ڏنا. وشال مون کي بہ ڪو بوٽ وٺڻ جي لاءِ چيو، پر مون نہ ورتو ۽ چيومانس هڪ بوٽ ۽ سئنڊل پاڪستان مان کڻي آيو آهيان، ٻيو بوٽ تو اچڻ شرط مون کي ڏنو آهي، سو هيترن بوٽن کي ڇا ڪندس. سندس ڪافي زور ڀرڻ جي باوجود بہ مون نہ ورتو.
زيور هر عورت جي ڪمزوري هوندا آهن. سو بوٽن جي دڪان تان لھي مايون پاسي ۾ سون جي دڪان تي چڙهيون ۽ چوڙيون، جهومر، جهومڪ وغيرہ ڏسڻ لڳيون. وشال وري ڇا ڪيو جو ڪارن سھڻن ياقوتي بلورن وارو هڪ چوڙو وٺي منھنجي ٻانھن ۾ وڌو، چيائين تہ ابو هي پٿرلڪي آهي. مون چيومانس ’مون کي پٿرن ۾ لڪَ ٻڪَ تي اعتبار ڪونھي.‘ پر بھرحال کيس خوش ڪرڻ لاءِ ٻانھن ۾ وڌم.
اسان کي اتي گهمندي رات جا ٻارهن ٿي چڪا هئا، هاڻ دڪان بہ بند ٿيڻ شروع ٿيا. چين ۾ رات جو ٻارهين بجي سب ڪاروبار ۽ مارڪيٽون بند ٿيڻ شروع ٿي وينديون آهن. سب وي بہ ٻارهين بجي بند ٿي ويندي آهي، سو اسان بہ ٽئڪسيون ڪري گهر پھتاسين. هڪ ۾ آءٌ، وشال ۽ ماڻھنس ۽ ٻي ۾ کشين ۽ ڀيڻس. وشال تہ مريم کي کڻي اسان سان گڏ پويان ويٺو، کيس اڳيان ويھڻ لاءِ چيم تہ چيائين هتي چين ۾ ننڍي ٻار کي کڻي اڳينءَ سيٽ تي ويھڻ جي پابندي آهي ۽ ساڳئي نموني ٽئڪسي ۾ ڊرائيور کان سواءِ باقي ٽي ماڻھو ئي ويھي سگهن ٿا. جي هجي ها پاڪستان تہ اسان پنجئي هڪئي ٽئڪسي ۾ سوڙها سنگهڙا ٿي ويھون ها، پر هي تہ سائين چين آهي، جتي هر ننڍي توڙي وڏي ڳالھہ ۾ قانون جي پاسداري ڪرڻي ٿي پوي، جي ڀڃڪڙي ٿي تہ ڏنڊ ۽ ٻي سزا. البت ذاتي گاڏيءَ ۾ چئن ڄڻن جي ويھڻ جي اجازت آهي.
[11- آڪٽوبر-2024ع]
جاڳ ٿي، پر سڄي جسم ۽ ٻانھن ۾ سور ۽ سخت ٿڪاوٽ جو احساس ٿيو، جنھن ڪري ٻاهر صوفي تي اچي ليٽي پيس. پيٽ بہ ڀريل لڳو. اصل ۾ جڏهن کان هتي آيا آهيون تہ وشال کارائڻ سان حد ڪري ڇڏي آهي. مختلف قسم جا فروٽ، قسمين قسمين جوس، اکروٽ، بسڪوٽ، روٽيون. چيومانس پشو هيترو سارو ڪير کائيندو تہ چيائين ”ابو اوهان ٻيئي پنھنجي حالت تہ ڏسو، صفا ڪمزور ٿي ويا آهيو.“ جنھن تي کلي پيس. سو انھن مان چڱو چَٻڙاٽو ڪرڻ سبب پيٽ صفا ڀرجيو وڃي، معدي جي اڳ ۾ ئي ٿوري گهڻي تڪليف اٿم. سو صفا وٺجي ويو آهيان. ٻيو تہ ڪالھہ ڇائويانگ اسڪوائر تي هل هلان بہ گهڻي ڪئيسين، سو ٽنگن ۾ سور پيو محسوس ٿئي. تنھنڪري اڄ سڄو ڏينھن نہ بک محسوس ٿي، نہ وري ڪجهہ کاڌم. ٻارهين بجي وشال ۽ آءٌ گڏجي هوٽل تي وياسين تہ ڇوڪرن پھرين اچي گرم پاڻيءَ جو گلاس اڳيان رکيو، جيڪو پيتم. چين ۾ ماڻھو ٿڌو پاڻي نہ پيئندا آهن. يا تہ گرم پيئندا يا وري نارمل. سندن چواڻي تہ ٿڌو پاڻي ماڻھوءَ کي سست ۽ بيمار ٿو ڪري، گرم پاڻي پيئڻ سان نہ رڳو چرٻي ڳري ٿي وڃي، پر ماڻھو ڦڙت بہ ٿو رهي. سندن اها ڳالھہ درست بہ آهي. جو مون هتي اڃا تائين ڪنھن بہ چينيءَ جا پيٽ وڌيل نہ ڏٺا آهن. ماڻھو وهنجن بہ گرم پاڻيءَ سان. هر گهر ۾ گرم پاڻي جي لائين لڳل آهي، جتان هر وقت گرم پاڻي ايندو آهي. ڪالھہ آءٌ گرم پاڻي سان وهنتس ۽ اڄ بہ گرم پاڻي سان وهنتس، جنھن سبب ڪنھن حد تائين ٿڪاوٽ دور ٿي ويئي.
انقلاب کان پوءِ مائوزيتنگ چين جي هيلٿ جي ماهرن جي گڏجاڻي سڏائي ۽ کين چيو تہ چيني ماڻھن جي صحت بھتر بنائڻ ۽ بيمارين جي خاتمي لاءِ ڪو پلان جوڙيو. ماهرن وڏي محنت ڪري اربين ڊالرن جو هڪ پروگرام جوڙيو. ان وقت چين وٽ پئسو ڪونہ هو، ۽ نہ وري ٻاهريان ملڪ چين جي انقلابي حڪومت جي مدد ڪرڻ لاءِ قرض ڏيڻ جي لاءِ تيار هئا. سو مائوزيتنگ ، ماهرن کان پُڇيو تہ بيمارين جو بنيادي سبب ڪھڙو آهي. ماهرن جواب ڏنو، پاڻي...اهو صاف نہ هئڻ جي ڪري بيماريون ٿين ٿيون، جنھن تي مائوزيتنگ حڪم جاري ڪيو تہ ’اڄ کان چيني ماڻھو پاڻي اوٻاري گرم ڪري پيئن.‘ ان حڪم تي عمل ڪرڻ سان ڪافي بھتر نتيجا نڪتا.
جمع جي ڏينھن هئڻ ڪري وشال چيو تہ نماز مسجد ۾ هلي پڙهنداسين. هڪ بجي ڌاري ٽئڪسي ڪري ’نئنگ اسلامڪ سينٽر‘ پھتاسين. جيڪو تمام وڏو ۽ پنج ماڙ هو، سينٽر جي ٻاهران حلال گوشت ۽ ٻين شين کي وڪرو ڪندڙ بيٺا هئا. اندر گهڙياسين تہ وڏي هال ۾ ڪيفي ٺھيل هو، جيڪو حلال کاڌي پيتي جو هو ۽ مايون ۽ مرد اتي کائي پي رهيا هئا. ڪيفي جي هڪ ڪنڊ ۾ لڳل شيلف ۾ ڪتاب رکيا هئا، جيڪي ڏاڍا خوبصورت ڇپيل ۽ سڀ چيني ٻولي ۾ هئا. مون کڻي اٿلائي پٿلائي ڏٺا، اهي ڪتاب اتي ان ڪري رکيا ويا هئا تہ ڪير بہ کڻي پڙهي سگهيو ٿي، مون نظر ڦيرائي تہ سڀ کائڻ پيئڻ ۾ لڳا پيا هئا. ڪنھن جو بہ ڪتاب کڻي پڙهڻ ڏانھن ڌيان نہ هو ۽ نہ پڙهي رهيو هو. اسان مٿي چڙهياسين، ٻي ماڙ تي چيني زبان ۾ مسجد جي هسٽري لکيل هئي. ٽي ماڙ تي وضو خانو ۽ نماز جو هال هو. اسان وضو ڪري، وڃي مسجد هال ۾ ويٺاسين. جتي ڪيترائي چيني، افغاني، آفريقي، پاڪستاني وغيرہ نمازي موجود هئا. پوڙهن سان گڏ ڪافي نوجوان چيني بہ هئا، اتي وشال پنھنجي دوست ناصر سان تعارف ڪرايو، جنھن سان ڪچھري ڪندي مون پڇيو تہ ’هي چيني مسلمان باءِ برٿ آهن، يا نوان.‘ تہ چيائين هي سڀ باءِ برٿ مسلمان آهن. نوان چيني تمام گهٽ مسلمان ٿين ٿا. هن اهو بہ ٻڌايو تہ نماز کان پوءِ فوري طور تي هتان سڀ هليا ويندا آهن ۽ مسجد بند ڪئي ويندي آهي. عيد جي موقعن تي عيد نماز کان پوءِ پيش امام اعلان ڪندو آهي تہ نماز پڙهي هٿ ملائي سڀ هليا وڃو. هتي هر سرگرمي تي نظر رکي وڃي ٿي ۽ چيني ظاهر ظھور نماز پڙهڻ يا ٻي عبادت کي پسند نہ ٿا ڪن. وشال ٻڌايو تہ ڪجهہ وقت اڳ هڪ دڪان ۾ ڪير نماز پڙهي رهيو هو تہ هڪ چيني ان جو فوٽو ڪڍي پوليس کي روانو ڪري ڇڏيو ۽ پوليس هڪدم پھچي ويئي ۽ ان کي ظاهر ظھور نماز پڙهڻ کان منع ڪيائون. البت گهرن ۾ پڙهڻ جي ڪابہ جهل پل ڪونھي. مسجد ۾ مردن کان سواءِ عورتن جي نماز پڙهڻ جو پورشن بہ هو، جتي ڪيتريون ئي عورتون نماز پڙهڻ جي لاءِ آيون هيون. وشال ٻڌايو تہ هو اڳ کشين کي نماز پڙهڻ جي لاءِ وٺي ايندو هو، پر نوڪري تان موڪل نہ ملڻ سبب هاڻ هوءَ نہ ايندي آهي. مسجد ۾ قرآن پاڪ جي تلاوت هلي رهي هئي. خطبي کان اڳ ٻانگ آئي، پوءِ جن سنت نہ پڙهي هئي، انھن سنت پڙهي ۽ مولوي خطبو ڏنو پوءِ امام نماز پڙهائي. امام چيني هو، کيس ننڍو پٽڪو ٻڌل هو ۽ پھراڻ ۽ پاجامون پاتل هئس. البت ڏاڙهي ۽ مڇيون نہ هئس. مولويءَ جي قرات ڏاڍي چٽي هئي. نماز پوري ٿي تہ امام دعا نہ گهري. ۽ پوءِ هر ڪو باقي سنتون ۽ نفل پڙهڻ لڳو. چين ۾ سرڪاري طور تي پڌرائي موجب مسلمانن جو تعداد 25 ملين آهي، پر ذريعن جي دعويٰ آهي تہ ان کان وڌيڪ آهن. جو اڪثر نون ٿيندڙ مسلمانن کي رجسٽريشن ڪرائڻ ۾ تڪليف ٿئي ٿي، يا هو لھرائين ٿا، جو کين حڪومت جو ڊپ هوندو آهي، خود منھنجي چينائڻ ننھن کشين مسلمان ٿي، پر هن مٿين خدشن سبب مسلمان جي حيثيت سان رجسٽريشن نہ ڪرائي آهي. منھنجي پوٽي مريم فاطمہ جي بہ مسلمان جي حيثيت سان رجسٽريشن ٿي نہ سگهي آهي.
[12آڪٽوبر 2024ع]
چين واقعي بہ پنھنجي منفرد حيثيت، تيز رفتار ترقي ڪرڻ جي حوالي سان هڪ حيرت جو جھان آهي. چين جي سياسي نظام جي حوالي سان پڙهندي جڏهن اهو معلوم ٿيو تہ چين ۾ جيتوڻيڪ آئين موجب هڪ سياسي پارٽي ڪميونسٽ پارٽي حڪمراني ڪري ٿي، پر چين ۾ ٻيون سياسي پارٽيون بہ آهن، جيڪي ڪميونسٽ پارٽيءَ جي اپوزيشن ڪرڻ جي بدران ان سان مشاورت ۽ مدد ڪن ٿيون. انھن ۾ هڪ پارٽي ’ريوولوشنري ڪميٽي آف چائنيز ڪومن تانگ ‘ آهي، جنھن جي ميمبرن جو تعداد 81000 هزارن جي لڳ ڀڳ آهي، ان کان سواءِ چين جي شھر ’چونگ چنگ‘ ۾ چاليھه واري ڏاڪي ۾ قائم ٿيندڙ ’چائنہ ڊيمو ڪريٽڪ ليگ‘ آهي، ان پارٽيءَ ۾ گهڻو تڻو ادب، تعليم، سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ سان لاڳاپيل ماڻھو شامل آهن. ان جي ميمبرن جو تعداد 1،81000 هزار آهي. ’جيوسن سوسائٽي‘ بہ سياسي نوعيت جون سرگرميون سرانجام ڏي ٿي، هن ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي سان لاڳاپيل نمايان ۽ مشھور ماڻھو شامل آهن. هن جي ميمبرن جو تعداد 105000 کان وڌيڪ آهي. 1945ع ۾ قائم ٿيندڙ ’چائنا ڊيموڪريٽڪ ڪنسٽرڪشن ايسوسيئيشن‘ جو شمار بہ پراڻي سياسي پارٽي ۾ ٿئي ٿو. هن ۾ گهڻو ڪري ڪاروباري ماڻھو شامل آهن. هن جي ميمبرن جو تعداد 108000 آهي. شنگهائي ۾ قائم ٿيل ’چائنا ايسوسيئيشن فار پروموٽنگ ڊيموڪريسي‘ بہ هڪ ڌار سياسي سڃاڻپ رکي ٿي. هن جي ميمبرن جو تعداد 130000 آهي، جيڪي گهڻو ڪري ثقافت، تعليم ۽ اشاعت جي شعبن سان لاڳاپيل سينيئر ماڻھو شامل آهن. ’چائنيز روپرنٽس اينڊ ورڪر ڊيموڪريٽڪ پارٽي‘ بہ پنھنجو سياسي وجود برقرار رکيو اچي. هن پارٽي ۾ چين جي طب جي شعبي سان لاڳاپيل ماڻھو شامل آهن. هن جي ميمبرن جو تعداد 9900 هزارن کان بہ وڌيڪ آهي. پر ڏيھي ملڪن مان واپس ايندڙ چين جي وچينءَ ۽ مٿين طبقي جي پسند جي سياسي پارٽي ’چي گانگ پارٽي‘ آهي، جنھن جي ميمبرن جو تعداد اٺاويھن هزارن کان وڌيڪ آهي. ان کان سواءِ ’تائيوان ڊيموڪريٽڪ سيلف گورنمنٽ ليگ‘ نالي سياسي پارٽي بہ سياسي منظرنامي تي موجود آهي، جنھن جي ميمبرن جو تعداد ٻہ هزار کن آهي. ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا انھن سڀني محب وطن سياسي پارٽين سان بھترين جمھوري تعلقات قائم رکيو اچي. چين جي آئين ۾ لکيل حقن موجب انھن پارٽين کي پنھنجون سياسي سرگرميون جاري رکڻ جي اجازت آهي. اهي پارٽيون سياسي سرگرمين سان گڏوگڏ چين جي سوشلسٽ اڏاوت ۾ بہ پنھنجو ڪردار ادا ڪن ٿيون، چين جي مختلف سطح جي عوامي ڪانگريسن ۾ انھن جا نمائندا چونڊجندا آهن. ان کان سواءِ انھن جا ڪيترائي ميمبر مختلف رياستي ادارن ۾ بہ اهم عھدن تي مقرر آهن.
چين جي ڪميونسٽ پارٽي 1921ع ۾ شنگهائي ۾ قائم ٿي. ان وقت پارٽي جي ميمبرن جو تعداد 58 هو ۽ هاڻ ان جي ميمبرن جو تعداد 90 ملين کان بہ وڌيڪ آهي. پارٽي جو اهم عھديدار سيڪريٽري جنرل هوندو آهي. اڄڪلھہ ’شي چن پنگ‘ سيڪريٽري جنرل آهي. جيڪو چين جو صدر ۽ سينٽرل ملٽري ڪميشن جو چيئرمن بہ آهي. چين ۾ اظھار جي ۽ ميڙاڪن جي آزادي ڪونھي. اڳواڻن جو خيال آهي تہ انسانن جو بنيادي حق باعزت زندگي گذارڻ جو آهي، جيڪو سندس بنيادي گهُرجون پوريون ڪري ئي ڏيئي سگهجي ٿو. هر شھريءَ کي کائڻ پيئڻ، ڪٽنب جي پالنا ڪرڻ جو حق ملڻ گهرجي. جيڪڏهن ماڻھو غريب ۽ پيٽ بکيا هجن تہ کين رڳو ڳالھائڻ جو حق ڏيڻ سان سندن زندگين تي ڪوبہ فرق نٿو پوي.
ڪميونسٽ پارٽي جي ميمبرشپ اوپن ڪونھي، پر مشروط آهي، ميمبر بنجڻ واري جي خيالن ۽ مزاج ۽ ڪردار جو جائزو ورتو وڃي ٿو، ميمبر لاءِ ضروري آهي تہ هو ڪميونسٽ پارٽيءَ جي منشور، قاعدن ۽ ضابطن ۽ بنيادي اصولن سان سھمت هجي. پارٽي جو ميمبر باقاعدگي سان ميمبر شپ في ڏي ٿو. ميمبر بنجندڙ شخص کي اهليت جي ٽيسٽ ڏيڻي پوندي آهي. پارٽي جو سينيئر ميمبر، نئين ميمبر جي تصديق ڪندو آهي، پروبيشن پيرڊ هڪ سال جو هوندو آهي، جنھن دوران ان جي تربيت ڪئي ويندي آهي، جيڪڏهن سندس ڪارڪردگي تسلي جوڳي هوندي آهي تہ ان جي ميمبرشپ ڪنفرم ڪئي ويندي آهي. پارٽي جي هر ميمبر لاءِ ترقي جا موقعا موجود هوندا آهن ۽ پنھنجي ڪارڪردگي ۽ قربانيءَ جي روشني ۾ پارٽي جي اعليٰ عھدن تي پھچن ٿا.
[13 آڪٽوبر 2024ع]
ڪالھہ ننڊ مان اٿي ٻاهر صوفي تي اچي ويٺس تہ وشال بہ ننڊ مان اٿي آيو ۽ چيائين تہ ابو اميءَ کي اُٿار ۽ تون بہ تيار ٿي تہ تنگچي ڪرائي اچون، تنگچي رجسٽريشن کي چئبو آهي، چين ۾ هر ٻاهران ايندڙ ماڻھوءَ کي پوليس وٽ تنگچي يعني پنھنجي اچڻ جي رجسٽريشن ڪرائڻي پوندي آهي، آن لائين تنگچي تہ وشال اسان جي ٻي ڏينھن ئي فوٽو ڪڍي ڪرائي ڇڏي هئي، پر تصديق جو پنو کڻڻ لاءِ پوليس اسٽيشن وڃڻ ضروري هو. سو اسان ٽئي هٿ منھن ڌوئي، برش ڪري تيار ٿي هيٺ لھي اچي روڊ تي بيٺاسين، ٻي گهڙيءَ ٽئڪسي بہ اچي اسان اڳيان بيٺي، جيڪا وشال آن لائين لوڪيشن ڏئي گهرائي هئي. ان ٽئڪسي جا ڪرايا مقرر آهن. پنج کان پندرهن يوآن تائين، جيڪي پڻ وي. بيٽ اڪائونٽ ذريعي ادا ڪجن ٿا. اسان ٽئڪسي ۾ ويٺاسين ۽ پنجن ستن منٽن ۾ اچي پوليس اسٽيشن پھتاسين ۽ اندر گهڙياسين تہ اتي ڪيترائي پوليس وارا پنھنجي ڊريسن ۾ ڪمپيوٽر جي اڳيان ويٺا هئا. اسان ٻيئي سامھون ڪرسين تي ٿي ويٺاسين. وشال ساڻن ڳالھايو ۽ ٻي گهڙي، هنن ڪمپيوٽر مان ٻہ پرنٽون ڪڍي وشال جي حوالي ڪيون ۽ وشال اسان کي واپس هلڻ جو چيو، ان سڄي عمل ۾ پنج منٽ بہ ڪونہ لڳا ۽ اسان جي تنگچي يعني رجسٽريشن ٿي ويئي. هت تہ بيٺي پير ڪم ٿي ويو. ان تنگچي جي پني تي اسان جي سڄي بايو ڊيٽا لکيل هئي. وشال وري بہ آن لائين ٽئڪسي گهرائي ۽ گهر موٽي آياسين.
منھنجي هاڻ عادت ٿي ويئي آهي تہ معمول موجب ڇھين بجي جاڳ ٿيندي اٿم تہ اُٿي اچي ٻاهر صوفي تي ليٽي پوندو آهيان، يا تہ ڪو ڪتاب پڙهندو آهيان، يا وري نوٽس لکندو آهيان. ڪلھہ کان ’ڦو اي‘ جي آتم ڪھاڻي جي ترجمي کي وري بہ هٿ ڳنڍيا اٿم. ان دوران وشال جي گهر واري کشين اٿي تيار ٿي پنھنجي جاب تي هلي ويندي آهي ۽ شام جو ڇھين تائين اتي هوندي آهي. هتي نجي طور نوڪري ڪندڙن وٽ موڪل جو تصور بہ نہ آهي، هِتي هفتي جا ست ئي ڏينھن ڪم، سندن پگهارون بہ ايتريون گهڻيون ڪونھن، ڪلاڪ ڏيڍ کان پوءِ کشين جي وڏي ڀيڻ ’وانگ ين ڇنگ‘ بہ اٿندي آهي، جيڪا ساڻن گڏ رهندي آهي ۽ مريم کي سنڀاليندي آهي، ڇو تہ يارهين ڌاري وشال بہ هوٽل تي هليو ويندو آهي. وشال ٻڌايو تہ کشين پنھنجي ڀيڻ کي مريم جي سنڀالڻ جا ٽي هزار يوان معاوضو ڏيندي آهي. ٻين لفظن ۾ ائين کڻي چئجي تہ رشتي ناتي جي ڪابہ اهميت ڪونھي. پاڻ ۾ مٽ مائٽ هوندي بہ هڪٻئي کان معاوضو وٺندا آهن.
چين ۾ مرد توڙي عورتون ڪم ڪن ۽ سخت هارڊ ورڪر آهن. مون ڏٺو تہ شام جو پنجين کان پوءِ مرد توڙي عورتون ۽ نوجوان ڇوڪرا گاڏي توڙي لوڊر ٽائپ گاڏين تي ڪوبہ وکر کڻي اچي فوٽ پاٿ تي وڪرو ڪرڻ لاءِ بيھندا آهن. دڪانن ۽ ٻين هنڌن تي بہ عورتن جو وڏو انگ ڪم ڪندي نظر اچي ٿو، ان حد تائين جو شام جو پوڙها ۽ پوڙهيون بہ پڙي لڳائي ويٺل نظر اينديون آهن. کين وانڌو ويھڻ ۽ اولاد تي چٽي ٿيڻ پسند ڪونھي.
صبح جو اٿي ڏسندو آهيان تہ سڄي ميز فروٽ، جوسن ۽ ڊبل روٽين سان ڀري پئي هوندي آهي. فروٽ ۾ وڏا انگور، سردو، صوف، ڪيلا، ڏاڙهون ۽ ٻہ چار ائٽم اهڙن چائنيز فروٽن جا، جن جا نالا ئي ياد نہ ٿا بيھن. سڀ وشال ۽ سندس وني وٺيو اچن. چوندو آهيانس ابا هيترو ڪير کائيندو تہ کلي چوندو آهي، اوهان ٻيئي ٻيو وري ڪير؟ سچي ڳالھہ اها آهي تہ انھن مان هڪ هڪ داڻو يا ذرو ذرو کائجي تہ بہ سڄو ڏينھن پيٽ ڀرجيو وڃي، وري جي شام جو هوٽل تي وڃي ويھان تہ وشال هر هر ڪانہ ڪا شئي، شوارمو، ڪباب، ٻوٽيون يا بوتل کڻيو اچي. بس هي وشال تہ ڄڻ اسان کي کارائي کارائي مم ڪندو. پاڪستان مان سوچي آيو هئس تہ هتي کاڌي پيتي ۾ ڪنٽرول ڪري ۽ واڪ ڪري وزن گهٽائيندس، پر وشال جيڪو هٿ ورتو آهي، ان مان لڳي ٿو تہ مرڳو پنج ست ڪلو وزن وڌي نہ وڃي.
چيني مٺاڻ ڪونہ کائين. جو سندن چوڻ آهي تہ مٺاڻ بيماريون ٿو پيدا ڪري ۽ وزن ٿو وڌائي. باقي کائڻ جا صفا کرا آهن. سڄو ڏينھن چرچران. وشال جي هوٽل جا گهڻا گراهڪ چيني آهن، سو ڏسندو آهيان تہ کائڻ تي ٿا. ويھن تہ پوءِ ڄڻ دشمن جي در تي ٻڌڻ جھڙا آهن. تڏهن تہ چوڻي مشھور آهي تہ چيني چارپائيءَ کان سواءِ باقي هر شئي چٽ ڪريو وڃن. پر هڪ ڳالھہ مڃبي تہ کائڻ جا کرا ضرور آهن، پر ڪم لاءِ اصل ٻرَو نہ ٿو چڙهين. نھايت محنتي، ڪم جا سَچلا آهن، جيڪو ڪم حوالي ڪرين، اصل منٽ ڪريو ڇڏين. چين جي هيڏي وڏي ترقي جو راز اها ”محنت“ ئي تہ آهي.
چيني مايون بہ سگهاريون ۽ جڙد مرد آهن. مردن وانگر ڪم ڪن ۽ هر ڪم ۾ اڳڀريون، ٽئڪسي ڊرائيور، پارڪنگ، دوڪانن تي سيلز مين کان صفائي سٿرائي جي ڪمن تائين، ٻارهن ٻارهن ڪلاڪ ڪم ڪن. ائين چين جي ترقي ۾ مردن سان گڏ عورتن جو بہ حصو آهي. باقي اها ڳالھہ ضرور آهي تہ چيني مرد توڙي عورتون گهڻيون جذباتي آهن. شادي شدہ جوڙا جي گس هلندي ڪنھن ڳالھہ تان اٽڪيا تہ مڙس لت هڻي زال کي اُتي ئي ڇڏي روانو ٿي ويندو تہ زال بہ. ۽ جي ٻار هوندن تہ اتي پيو روئندو. چين ۾ ٻارن جي چوري بہ جام آهي. اڪثر مايون ٻارن کي چورايو وڃيو ٻي هنڌ وڪڻن، تنھنڪري مائٽ اڪثر ٻارن جي معاملي ۾ الرٽ هوندا آهن.
چين ۾ ارڙهن سالن کان پوءِ ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون پنھنجن معاملن ۾ آزاد آهن. اڪثر ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون گرل فرينڊ يا بواءِ فرينڊ رکن ۽ هڪٻئي سان هٿ ۾ هٿ ڏيو، پيا هلندا آهن ۽ هوٽلنگ ڪندا آهن. هٿ ۾ هٿ بہ ٻانھن ۾ ٻانھن، چيلھہ ۾ هٿ، همراھہ دنيا جھان کان بي خبر.
چين ايندڙ اڪثر ٻين ملڪن جا شاگرد هتي اچيو چيني ڇوڪرين سان دوستيون رکن. هتي عام تاثر اهو آهي تہ چيني سکڻي آهي تہ چيني ڇوڪرين سان دوستي رکو، باقي چيني ڇوڪري گهڻي جذباتي آهي، پنھنجي بواءِ فرينڊ کي تحفا ڏينديون ۽ سندن خرچ بہ ڀرينديون آهن، پر جي ڇوڪرو ڪنھن ٻي ڇوڪريءَ سان ملندي ۽ ڳالھائيندي ڏٺائين تہ پوءِ اُن ڇوري جو سر ويو، ساڻس اهڙو حشر ڪنديون آهن، جھڙو ٻُرڙي ڪيو ٻارن سان. ڇوري کي ڏنل سڀ تحفا کانئس ڳڻي وٺنديون ۽ ٻاهر ڦٽو ڪري در بند ڪري روئندي هليون وڃن ۽ اهو سامان ڦٻيو ٻين کي، جي ڇوڪرو، ڇوڪري سان گڏ ٿو رهي تہ سندس سامان ٻاهر اڇلي کيس ڌڪا ڏيئي ڪڍيو ڇڏين، پوءِ پيو ڇورو ڌڪا جهلي، جي ٺھي ويا تہ وري ڪجهہ ڏينھن ۾ اهڙي جا اهڙا، ڄڻ ڪجهہ ٿيو ئي نہ هو. اهڙا ڪيترا ئي قصا هتي ٻڌڻ ۾ آيا.
*
مٿيون سٽون لکي بس ڪيم تہ وشال چيو تہ، ”ابو هلو تہ يورپين ٽائون جو چڪر هڻي اچون.‘
يورپين ٽائون، يورپ جي گوٿڪ طرز تي اڏيل هڪ پڪنڪ پوائنٽ آهي، جنھن ۾ ڪيترين ئي ڪمپنين جو آفيسون، ڪافي شاپس، ٽڪ شاپس وغيرہ آهن. اسان ٽئڪسي ڪري اتي پھتاسين. ڏاڍو خوبصورت هنڌ هو. ايتري رش بہ نہ هئي. وچ ۾ ننڍي ندي ٺھيل هئي. جنھن جي مٿان خوبصورت پل اڏيل هئي. چوڌاري وڻڪار هئي. چيني ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون بہ هٿ ۾ هٿ ڏيو گهمي رهيا هئا. وشال جا دوست ابوذر اقبال ۽ ڊاڪٽر فيصل محمود بہ وشال جي چوڻ تي آيا هئا، سو ڳچ دير اتي چڪر هڻندا ۽ فوٽو گرافي ڪندا رهياسين. مريم بہ وشال جي ڪلھي تي هئي. هاڻ مريم اسان سان هري ويئي آهي. اڄ صبح جو کيس گهران کڻي هوٽل تي آيس تہ ماٺ هئي، گهر ۾ بہ ڏاڍو کلايومانس. سندس ٽھڪ جهرڻن جھڙا آهن. اتي ڪيترن ئي چينين مُرڪي اسان جو آڌر ڀاءُ ڪيو ۽ هٿ ملايو، ڪن فوٽو بہ گڏجي ڪڍرايا. جڏهن پاڪستان جو نالو ٿي ٻڌائون تہ ”پاچيستان“ چئي خوش ٿي ٿيا. هر علائقي جي ماڻھن جو پنھنجو پنھنجو مزاج آهي. نئننگ جا ماڻھو ملڻا، کلڻا ۽ ملنسار آهن.
اتان موٽي واپس هوٽل آياسين، نسيم ۽ مريم کي وشال گهر ڇڏڻ ويو ۽ آءٌ اڌڙي چانھہ جي پي اُٿيس. ڪلھہ شام وشال جي دوست ڊاڪٽر فيصل محمود کان پُڇيو هئم تہ هتي آسپاس ڪو بوڪ شاپ آهي تہ ٻڌايائين تہ اڳتي جيڪو موڙ اچي ٿو. ان کان کاٻي پاسي لڳ ڀڳ ٻہ ڪتاب گهر آهن، پر ڪتاب سڀ چيني ٻولي ۾ آهن. چيم خير آهي. مڙيئي دل پشوري ڪرڻي اٿم. سو هوريان هوريان واڪ ڪندو موڙ تائين ويس ۽ پوءِ کاٻي پاسي مُڙيس. روڊ جي ٻنھي پاسي هوٽلون ۽ کاڌي پيتي جي شين جا شاپ هئا. ڏسندو اڳتي وڌيس تہ ٻہ بوڪ شاپ نظر آيا، وڌي وڃي ان تي چڙهيس. اندر ڪافي ڪتاب هئا، پر سڀني جي ٻولي منھنجي لاءِ ڄڻ ماڪوڙن جون ٽنگون يعني چيني ٻولي ۾. وري ٻي دڪان تي چڙهيس ۽ ’ني هائو‘ چئي سيلز گرل کان انگلش لفظ چئي اشارن ۾ پڇيم تہ هتي انگريزي ۾ ڪتاب آهن. مُرڪي اُٿي ۽ اندر وٺي ويئي ۽ هڪ هنڌ بيھي هڪ انگريزي ڪتاب کڻي مون کي ڏنائين. کل اچي ويم... بس هڪ ڪتاب سو بہ منھنجي ڪم جو نہ هو، پوءِ بوڪ شاپ ۾ ڦرندو ڪتاب ڏسندو رهيس. اوچتو هڪ ٻي انگريزي ڪتاب تي نظر پئي، کڻي ڏٺم، اهو چيني صدر ’شي چن پنگ‘ جي تقريرن جو مجموعو هو، جنھن جو اردو ۾ ترجمو: ”چين ڪي طرز حڪمراني“ جي نالي سان پاڪستان ۾ ڇپجي چڪو آهي ۽ مون وٽ آهي. ڪتاب رکي بوڪ شاپ مان نڪري آيس، ايئن منھنجو بوڪ شاپ ڏسڻ جو شوق پورو ٿيو.
[14 آڪٽوبر 2024ع]
چين هن وقت آمريڪا کان پوءِ ٻي وڏي معاشي سگهہ آهي. انقلاب کان اڳ چين نيم بيٺڪي ۽ نيم جاگيرداراڻو ملڪ هو. سامراجي طاقتون چين جي ڪسٽم، پرڏيھي واپار ۽ ٽرانسپورٽ کي ڪنٽرول ڪنديون هيون. چار پراڻا سرمائيدار گهراڻا پيداواري وسيلن جا مالڪ هئا. ٻہ ڏهائي صنعتي پيداوار تي انھن جي اُجاري داري هئي. معاشي طور تي چين پٺتي پيل ملڪ هو. هارين ۽ مزدورن جي حالت خراب هوندي هئي. انقلاب کان پوءِ چين جو معاشي نظام سوشلسٽ معيشت جي اصولن تي رکيو ويو. سامراجي مداخلت ختم ڪئي ويئي. جاگيرداري ختم ڪري، زمينون هارين ۾ ورهايون ويون. ٺيڪيداري سسٽم ختم ڪيو ويو. معاشي نظام ۾ انقلابي نوعيت جي تبديلين جي ڪري صنعتي ۽ زرعي پيداوار ۾ واڌارو ٿيو. هاري ۽ مزدور ترقيءَ ۾ شامل ٿي خوشحال ٿي ويا. استحصال، ذخيري اندوزي ۽ ناجائز منافع خوري جي خلاف سخت قدم کنيا ويا.
مائوزي تنگ جي وفات کان پوءِ چين جي ٻي عظيم اڳواڻ ’ڊينگ زيائو پنگ‘ بدلجندڙ عالمي حالتن ۽ چين جي مقامي تجربن جي روشنيءَ ۾ چين جي معاشي نظام ۾ جوهري تبديليون ڪيون ويون. پرڏيھي سيڙپڪاريءَ لاءِ چين جا دروازا کوليا ويا، سوشلزم سان عوام جي وابستگي کي ختم ٿيڻ نہ ڏنو. ڊينگ جي نئين معاشي پاليسي جي نتيجي ۾ چين دنيا جي اهم معاشي سگهہ بنجي ويو ۽ چين جي مڪسڊ اڪاناميءَ جي ذريعي 80 ملين غريب عوام کي غربت مان ٻاهر ڪڍي دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو. چين دنيا جي سامھون سوشلسٽ معاشيات جو ڪامياب ماڊل پيش ڪيو. سيڙپڪاري جي اجازت ڏني ويئي، پر اجارا داري قائم ٿيڻ نہ ڏني. پبلڪ ۽ نجي سيڪٽر ٻنھي سيڪٽرن ۾ صنعت سازي کي پروموٽ ڪيو ويو، جنھن جي ڪري معيشيت متوازن رهي ۽ معاشي مافيائون پيدا ٿي نہ سگهيون. چين جو معاشي نظام دنيا جو ڪامياب ترين ماڊل ثابت ٿيو.
چيني اڳواڻ پنھنجي معاشي نظام کي مارڪيٽ سوشلسٽ اڪانامي قرار ٿا ڏين، جڏهن تہ ڪن معاشي ماهرن موجب چين جو معاشي نظام ”اسٽيٽ ڪيپيٽلزم“ آهي. چين جي صدر شي چن پنگ جو چوڻ آهي تہ ”چين هاڻ ٻاهرين دنيا جي لاءِ پنھنجا دروازا ڪڏهن بہ بند نہ ڪندو.“
مائوزيتنگ عوامي جمھوريه چين جو بنياد رکيو. ڊينگ زيائو پنگ چين جا دروازا پرڏيھي سيڙپڪاريءَ جي لاءِ کولي ڇڏيا ۽ شي چن پنگ چين کي دنيا جي معاشي سپر پاور بنائي ڇڏيو.
*
چئين بجي ڌاري وشال جو دوست ابوذر اقبال آيو تہ اسان ٽيئي گڏجي ٻن بائيڪن تي موبائيل مارڪيٽ وياسين. وشال مون وٽ جيڪا موبائيل آهي، اها ڏسي پھرين ئي ڏينھن چيو تہ ’ابو موبائيل بدلائبي‘ پر مون لنوايو تہ ڪم هلي پيو، اجايو خرچ ڇو ڪجي. پر وشال صفا نہ ڇڏ ٿي لڳو ۽ اڄ نيٺ مون کي راضي ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. چين ۾ سائيڪلن ۽ موٽر سائيڪلن جا رستا ڌار ٺھيل آهن. مکيہ روڊ جي ٻنھي پاسن اهڙا روڊ ٺھيل آهن، جتان رڳو سائيڪلون ۽ موٽرسائيڪلون هلن ٿيون. جنھن ڪري وڌيڪ آساني ٿئي ٿي. اڳ چين ۾ سائيڪلون تمام گهڻيون هونديون هيون. هاڻ انھن جي جاءِ اليڪٽرانڪ موٽرسائيڪلن اچي والاري آهي. جيڪي بجليءَ تي چارج ٿين. هاڻ تہ اهي پاڪستان ۾ بہ اچي ويون آهن. ماڻھن وٽ اڃا تائين سائيڪلون بہ آهن، پر گهٽ ٿيون نظر اچن. مون ڏٺو تہ رستن جي مختلف هنڌن تي هئڊي ڪلر جون ڪيتريون ئي بائيڪ ٽائپ سائيڪلون پڻ بيٺيون هيون، پُڇڻ تي خبر پئي تہ حڪومت پاران عوام جي سھولت لاءِ اهي رکيون ويون آهن. جيڏي مھل بہ دل چوي کڻو ۽ پنجن يوانن ۾ سڄو ڏينھن پيا هلايو.
اسان موبائيل مارڪيٽ پھتاسين. جيڪو وڏو مال هو ۽ الائجي ڪيترا ماڙ هو. اُتي سڀ موبائيل شاپ هئا. سھڻيون سھڻيون چيني گُڏيون پنھنجي ڪاروباري مُرڪ سان گراهڪن کي پنھنجي ڄار ۾ ڦاسائڻ لاءِ بيٺيون هيون. انھن جي ڪافر ادائن کان چيني تہ بچي ٿي ويا، پر ڪو پرڏيھي بچي تہ ڄڻ ان لک کٽيو. اسان ٻن ٽن ماڙن جو اليڪٽرڪ ڏاڪڻين جي ذريعي لھي ۽ چڙهي جائزو ورتو ۽ پوءِ هيٺ لھي آياسين ۽ هڪ چينائڻ جي ڪافر ادا نيٺ اسان کي ڦاسائي وڌو. اگهہ تہ هر موبائيل تي فڪس لکيل هئا. پر پوءِ بہ بارگينگ هلي ٿي ۽ هڪ موبائيل پسند ڪئيسين، جنھن جي قيمت 2699 يوان هئي. مون وشال کي چيو تہ ڪا هڪ هزار يوان تائين خريد ٿا ڪريون، پر همراھہ ٻڌي اڻ ٻڌي ڪري ڇڏي ۽ اها پسند ڪيائين. هڪ سؤ يوان چينائڻ رعايت ڪئي. ائين اها 2599 يوان يعني هڪ لک ڇھن هزارن ۾ پئي. مون فقير جا تہ پگهر ئي نڪري پيا. پر وشال کلندي موبائيل منھنجي هٿ ۾ ڏيندي چيو، ”ابو، سدائين ڪنجوسپئي بہ نہ ٿي ٺھي، تو وٽ سٺي موبائيل هئڻ گهرجي.“
”پر پاڪستان وڃڻ کان پوءِ خدا ڪري اها ڀاڻھين سمير کان بچي.“ چيومانس جنھن اڳ ۾ ئي فرمائش ڪئي هئي تہ منھنجي لاءِ چين مان موبائيل وٺي اچجو.
”ڪوشش ڪج تہ بچي...“ وشال مرڪندي چيو.
”زور تہ گهڻا ڏبا تہ سمير کان بچي، باقي منھنجو نصيب.“ وراڻيم.
وشال علي پي ذريعي ادائيگي ڪئي ۽ اسان مال مان ٻاهر نڪري آياسين. دل ۾ خوش هئس تہ هاڻ مون وٽ بہ هڪ سٺي موبائيل آهي. ائين ٿوري دير اتي ڀرپاسي رلندا موٽي وشال جي ’ذائقہ پاڪستاني اسٽائل ريسٽورينٽ‘ آياسين.
ريسٽورينٽ تي چانھہ جي ادڙي پي بس ڪيم، تيسين کشين ۽ سندس ڀيڻ سان گڏجي اچي نسيم بہ پھتي. کشين نسيم کي تمام گهڻو ٿي ڀانئين. ڊيوٽي تان ايندي آهي تہ ٿڪل هئڻ جي باوجود، نسيم کي اشارن سان چوندي آهي، ”مما.... تيار ٿي تہ وشوءَ ڏانھن هلئون.“ نسيم ۽ منھنجي لاءِ ’زبان يار چيني، من چيني نمي دانم‘ واري ڪار آهي. باقي وشال تہ صفا چينائي بنجي ويو آهي. چيني ائين ٿو ڳالھائي، ڄڻ سندس مادري زبان هُجي. نيٺ بہ تہ اٺ سال چين ۾ رهڻ جو اثر تہ ٿئي ٿو. اسان مريم سان سنڌي ۾ ڳالھائيندا آهيون تہ هوءَ بہ چوندي آهي بابا... دادا... کشين بہ ڪنھن ڪنھن مھل چوندي آهي، ”پاپا...مما... ماني کاڌي...“ سندس چوڻ جو ٽون بہ عجيب هوندو آهي ۽ وري کلڻي بہ اهڙي جو ڳالھہ ڳالھہ تي پئي کلندي آهي. وشال چوندو آهي تہ کشين ڪاوڙ جي بہ تکي. سو دعا ڪندو آهيان تہ منھنجي سامھون ڪڏهن نہ ڪاوڙجي، جيئن منھنجي ذهن ۾ سندس ڪاوڙيل بدران مُرڪڻون چھرو محفوظ هجي.
ان مھل ابوذر، عمران ۽ شھزاد شيشو کڻي اچي هوٽل جي هڪ ميز تي ويٺا. ابوذر وشال جو دوست آهي، باقي ٽيئي سندس هوٽل تي ڪم ڪن ٿا. ٻہ پٺاڻ ۽ هڪ پنجابي آهي. مون کي چيائون تہ ’سر پيئندا؟‘ پھرين تہ مون انڪار ڪيو، پر پوءِ سوچيم تہ ڀلا ان فليور کي بہ چکي ڏسجي. سو اُٿي وڃي سندن ڀر ۾ ويٺس. هنن شيشي جو نڙ منھنجي حوالي ڪيو ۽ مون ٻہ ٽي ڦوڪون ڀري دونھون نڪ ۽ وات مان ڪڍيو، پر اندر نہ ڇڪيم، جو ڊپ ٿيم تہ متان کنگهہ نہ ٿئي ۽ ٿئي پرائي ملڪ ۾ خواري. بھرحال ٽيسٽ سُٺي هيس. مون کي ائين پيئندي ڏسي وشال، نسيم ۽ کشين کلڻ لڳيون ۽ وشال تصوير ڪڍي ورتي. جيڪا پوءِ فيس بوڪ تي ان عنوان سان رکي تہ ”چين اچي آءٌ بہ کري ويو آهيان.“ جنھن تي دوستن ڏاڍا مزيدار ريمارڪ ڏنا.
ڦوڪون ڀري واندو ٿيس تہ کشين چيو،... ”ابو وو.... چه.... لين....“ مون بہ کلندي وراڻيومانس ”چلين جي....“
اسان سڀ هوٽل مان ٻاهر نڪتاسين، جو مون کشين کان پڇيو... ”مريم؟“ کشين هڪدم هيڏانھن هوڏانھن ڏٺو، پر مريم اُتي نہ هئي. کشين هڪدم پريشان ٿي ويئي ۽ هڪدم ”ماليا... ماليا....“ چئي هيڏانھن هوڏانھن ڏسڻ لڳي تہ آءٌ بہ پريشان ٿي ويس. تيسين وشال بہ هوٽل مان نڪري آيو. کشين کيس چيو، ”ماليا...“ اسان سڀ هيڏانھن هوڏانھن واجهائڻ لڳاسين. کشين روئڻھارڪي ٿي ويئي. پوءِ آءٌ دڪانن ۾ ڳولھڻ لڳس. تيسين ڏٺم تہ وشال ۽ کشين مريم کي وٺي پيا اچن، مريم وشال جي ڪلھي تي ويٺل هئي. کشين جي ڀيڻ بہ انھن سان گڏ هئي. اصل ۾ ٿيو هيئن هو تہ کشين جي ڀيڻ مريم کي کڻي ٿورو پرتي هلي ويئي هئي. اسان ان جي سار لھڻ بدران پريشان ٿي وياسين. انھن ٿورن لمحن جنھن تڪليف مان گذاريو، اهو هرڪو اولاد وارو سمجهي سگهي ٿو.
پوءِ سڀئي رستو ڏيئي سب وي واري پاسي وڃڻ لڳاسين. کشين کي ڪو سامان وٺڻون هو. هلندي کشين مون کان پڇيو. ”پاپا.... چين اوهان کي وڻيو...؟“ ”بلڪل وڻيو... آءٌ تہ اڳ ۾ چين جي عظمت ۽ ترقيءَ جو معترف آهيان.... هتي اچي چين جي عظمت کان گهڻو متاثر ٿيو آهيان. آءٌ هونئن بہ عظيم مائوزي تنگ جو مداح آهيان...“ مون وراڻيو.
اسان جي وچ ۾ وشال ترجماني جا فرائض ادا ڪري رهيو هو.
”مائو... مائو... ييس... اهو بيجنگ ۾ آهي.... پر ان جو فوٽو ڪڍڻ نہ ٿا ڏين.“ کشين وراڻيو.
”منھنجي خواهش آهي تہ بيجنگ هلجي ۽ عظيم مائو جو ديدار ڪجي.“ مون جواب ڏنو.
”وشو! بيجنگ هلنداسين ۽ پاپا جي اها خواهش پوري ڪنداسين.“ کشين وراڻيو ”شي... شي... (يعني مھرباني)“ مون وراڻيو.
ان دوران اسان هلندا سب وي جي اسٽاپ کان ٿورو پرتي هڪ لفٽ وٽ اچي پھتاسين. ڀر ۾ شايد ڪو ڪلب هو. جو ٻہ ڇوڪريون، ٻاهر دروازي وٽ ڊانس ڪري رهيون هيون. اسان لفٽ ۾ چڙهياسين ۽ کشين بٽڻ دٻايو تہ لفٽ مٿي وڃڻ بدران هيٺ وڃڻ لڳي. جڏهن لفٽ مان ٻاهر نڪتاسين تہ سب وي جو ٽڪيٽ گهر نظر آيو. جتان ٽيون ڏينھن ٽڪيٽ وٺي اسان سب وي ۾ چڙهي ’ڇائويانگ اسڪوائر‘ ويا هئاسين. کشين اڳيان ۽ اسان پويان ٿورو اڳيان وڌياسين تہ زمين جي اندر جھان ئي ٻيو نظر آيو. هيٺ تہ وڏو شاپنگ سينٽر هو. جنھن ۾ سوين دڪان، ڪافي شاپس ۽ ٻيو گهڻو ڪجهہ هو ۽ الائجي ڪيتري ڊگهي هئي. ميل سوا تہ اسان بہ هلياسين پوءِ واپس ورياسين، اڃا تہ ڪو ڇيڙو سِرو نظر نہ پي آيو. اتي دڪانن تي مختلف شين جي سيل بہ لڳل هئي. عورت سنڌي هجي يا چيني بازار وڃي ۽ ڪنھن دڪان ۾ نہ گهڙي ۽ ڪجهہ نہ ڪجهہ نہ وٺي، تيسين ڄڻ کيس مزو ئي نہ اچي. سو ٽيئي ڄڻيون ڪنھن نہ ڪنھن دوڪان ۾ گهڙي ٿي ويون ۽ ڪانہ ڪا شئي ورتائون ٿي. کشين جي ڀيڻ هڪ شاپ تان ڪا کائڻ جي ڪيڪ نما شئي وٺي آئي هئي تہ ڏاڍي ٽيسٽي، سو هڪ اڌ ڪيڪ آءٌ رڙڪي تہ ويس، پر بار بار خيال پي آيو تہ منجهس الائجي ڇا وڌل آهي؟ ائين هڪ دڪان تي سيل ۾ هڪ خوبصورت جيڪٽ نظر آيو تہ اهو سمير لاءِ ورتم. مون کي بہ هڪ شرٽ وڻي هٿ لائي ڏٺم تہ وشال پڇيو ابو وڻي ٿي، وراڻيم هائو تہ هڪدم کڻي ڏنائين تہ پائي ڏس. مون پاتي تہ اهڙي تہ فٽ آئي جو ڄڻ ٺھي ئي مون لاءِ هئي. سيل لڳل هئي، سو مون سمجهيو تہ ستر اسي يوان جي هوندي، ڇو تہ جيڪٽ بہ ستر يوان ۾ پئي هئي. شرٽ جو بل وشال ڏنو، جنھن اڃا سوڌي مون کي هڪ يوآن بہ خرچ ڪرڻ نہ ڏنو آهي. پوءِ جو گهر اچي بل چيڪ ڪيم تہ اصل وڄي ويس. اصل قيمت 480 يوان هيس، ۽ رعايت ۾ هاف پرائس تي 240 يوان يعني لڳ ڀڳ نوَ هزار پاڪستاني روپين ۾ پئي. وشال کي چيم تہ هيءَ تہ مھانگي ورتي اٿئون. تہ مُرڪندي چيائين ’ابو يوان کي پاڪستاني روپين ۾ ڪنورٽ نہ ڪندو وڃ... نہ ڪجهہ وٺي سگهندين نہ کائي سگهندين.“
اسان گهمندا ڦرندا اليڪٽرڪ ڏاڪڻين جي ذريعي مٿي چڙهي آياسين. ٻاهر برسات وسي رهي هئي ۽ موسم ٺنڊا ٺار ٿي ويئي هئي. نئننگ جي موسم هونئن بہ نارمل هئي، پر هاڻ تہ وڻندڙ بنجي ويئي هئي. برسات جي بند ٿيڻ جي اوسيئڙي ۾ اسان اتي هڪ جوس شاپ تي ويھي رهياسين. کشين ليمن جوس وٺي آئي، جيڪو هٿ ۾ کڻي سپ سپ پيئندو اچي روڊ جي ريلنگ وٽ بيٺس ۽ وسندڙ برسات ۾ روڊ تان لنگهندڙ گاڏين کي ڏسڻ سان گڏ سامھون وڏن وڏن اپارٽمينٽس کي بہ ڏسڻ لڳس، جيڪي وسندڙ مينھن ۾ روشنين ۾ جَرڪي رهيا هئا.
جنھن مھل کشين جوس وٺي آئي تہ نسيم وشال کان پڇيو، ”وشو! هتي مينھن وسندو آهي تہ بجلي ويندي آهي؟“
”نہ امي! هتي بجلي وڃڻ جو تصور ئي ڪونھي، جي ٿوري دير لاءِ بہ بجلي وڃي تہ هتي جو سڄو نظام درهم برهم ٿي وڃي.“
جنھن تي نسيم حيرت جو اظھار ڪيو ۽ چيو، ”پاڻ وٽ پاڪستان ۾ مينھن جي ڦڙي بہ وٺي تہ بجلي گم. يعني ٺونٺ لڳي، ساهيڙي ڀڳي.“
[15 آڪٽوبر 2024ع]
سڄي رات وقفي وقفي سان برسات پي وٺي، اڄ سڄو ڏينھن جُهڙ رهيو، اُس نہ نڪتي، موسم نارمل هئي. عادت موجب ننڊ مان اُٿي هٿ منھن ڌوئي ٻاهر صوفي تي اچي ويٺس ۽ ڪتاب پڙهي رهيو هئس، جو وشال ڪمري مان نڪري چيائين ”ابو تيار ٿي تہ هوٽل تي هلي ناشتو بہ ڪريون ۽ پوءِ مارڪيٽ بہ هلئون سامان وٺڻ.“ آءٌ بہ ڪتاب ٺپي رکي تيار ٿي بيھي رهيس ۽ انھن ئي ڪپڙن ۾ وشال سان بائيڪ تي چڙهي مارڪيٽ روانو ٿيس. وچ وچ ۾ وشال ڪن خاص خاص عمارتن ڏانھن اشارو ڪري انھن بابت ٻڌائڻ ٿي لڳو. هڪ تمام وڏي بلڊنگ جيڪا تمام گهڻ ماڙ هئي، ٻڌايائين تہ پندرهن مھينن ۾ ٺھي راس ٿي آهي. ڏينھن رات ڪم چالو هو، ڪم کي اصل ماڪوڙين وانگر چھٽي ٿا وڃن. هڪ ٻي وڏي عمارت جيڪا صفا نئين پي لڳي، ان بابت ٻڌايائين تہ اها ان ڪري ڊاٺي پئي وڃي، جو اُن جي اڏات کي ستر سال ٿي ويا آهن، هتي جي قانون موجب جنھن عمارت کي ستر سال ٿي ويندا آهن، اها ڊاٺي ويندي آهي ۽ ان عمارت جي مالڪن کي اڌ پئسا حڪومت ڀري ڏيندي آهي. وچ ۾ وشال هڪ وڏي گيٽ جي اڳيان بيٺو، جنھن جي مٿان لکيل هو. ’گوانگسي يونيورسٽي آف ميڊيسائين.‘
”هي منھنجو اسڪول آهي، جتي مون ايم. بي. بي. ايس ڪئي.“ وشال چيو.
”اسڪول يا يونيورسٽي؟“ مون چيو.
”هتي يونيورسٽي کي بہ اسڪول چون.“ وشال چيو.
نئننگ ۾ ڪيتريون ئي يونيورسٽيون ۽ ٻين يونيورسٽين جا ڪئمپس آهن، جتي ڏيھي توڙي پرڏيھي هزارين شاگرد پڙهن ٿا، جن مان ڪيترن کي تہ چيني گورنمينٽ اسڪالرشپون بہ ڏي ٿي.
”سڀاڻي هتي اچي فوٽو ڪڍنداسين.“ وشال چيو ۽ بائيڪ اڳتي وڌايائين. هاڻ اسان جي منزل مارڪيٽ هئي. وشال رستن جو ايئن واقف هو، ڄڻ ڄائو ۽ نپنو ئي هتي هجي.
مارڪيٽ پھچي وشال بائيڪ پارڪ ڪئي ۽ مون کي چيائين تہ هن مارڪيٽ جو نالو تہ ٻيو آهي، پر پاڪستاني هن کي ’ڪُتا مارڪيٽ‘ چوندا آهن. جنھن تي مون کي کل اچي ويئي.
اندر گهڙياسين تہ ڇا کڻي ڏسون، قسمين قسمين ميون ۽ ڀاڄين جا دڪان هئا. ”ابو، اچ توکي هڪڙي نئين شئي ڏيکاريان.“
پوءِ تہ سائين منھنجا جيڪو ڏٺم، سو اڳ ۾ رڳو ٻُڌو ۽ پڙهيو هئم تہ چيني هر شئي کائي وڃن ٿا، تازا ڪُٺل سوئر، انھن جا ڇليل ۽ صاف ڪيل ڪن ۽ مُنڍيون، سڄا سارا کل لٿل ڪُتا، جن جا وات پٽيل، ڄڻ کلن پيا، ڪميون، ڏيڏر، نانگ، سي فوڊ جا قسم ۽ قسمين قسمين مڇيون، جن مان ڪن جا چھرا ئي ايترا ڀوائتا هئا، جو ڏسڻ سان ئي ڊپ وٺي ٿي ويو. سڀ وڪري لاءِ موجود هئا ۽ ماڻھو خريد ڪري رهيا هئا. اڪثر اهو ڪاسائڪو ڪم مايون ڪري رهيون هيون. جن هر گراهڪ جو مُرڪي آڌر ڀاءُ ٿي ڪيو. صفائي بہ اهڙي جو مک نہ ماڪوڙي، نہ وري ڪو پاڻي هاريل، بس ڪٿان ڪٿان ڪنھن جانور جي بدبو پي آئي. ان ’ڪُتا مارڪيٽ‘ ۾ ايتري صفائي ڏسي آءٌ حيران ٿي ويس. پاڻ وٽ تہ مڇي ۽ گوشت مارڪيٽ ۾ اهڙو تہ گند ۽ بدبو هوندي آهي، جو ساھہ پيو گهُٽبو آهي. انھن دڪانن تي مايون توڙي مرد گڏجي ڪم ڪري رهيا هئا. کين صاف سٿرا ڪپڙا ۽ هٿن تي دستانا پھريل هئا. اسان ٿوري دير ان ’ڪُتا مارڪيٽ‘ جو چڪر هنيو، ڪجهہ فوٽو ڪڍيا. پوءِ گهربل ڀاڄي ۽ فروٽ وٺي ٻاهر نڪري آياسين.
ان سڄي سفر ۾ مريم اسان سان گڏ هئي، مريم جو سڄو نالو مريم فاطمہ آهي ۽ چيني نالو ’وانگ ماليا‘. سندس امڙ جو نالو ’وانگ ين هوانگ‘ آهي، جنھن کي پيار مان مائٽ کشين چوندا آهن تہ وشال ۽ اسان بہ کشين ئي چئونس. ’وانگ‘ ذات آهي، جنھن جي چينيءَ ۾ معنيٰ آهي ’بادشاھہ.‘ چيني اڪثر ذات اڳيان لڳائين، جيئن ’ميمڻ وشال يوسف‘ تيئن ’وانگ ماليا‘ يا ’وانگ ين هوانگ‘.
مريم سڄي مارڪيٽ ۾ وشال جي ڪلھي تي ويٺل هئي ۽ سندس ٽھڪ پي پيا، جنھن تي سڀ ماڻھو خوش ٿي رهيا هئا ۽ کيس ’کھه آئي‘ چئي رهيا هئا. جنھن جي معنيٰ ٿي Cute. مريم پنھنجي طبيعت جي حوالي سان کلڻي ملڻي آهي، پاڙي ۾ سڀ کيس سڃاڻن، وشال جي هوٽل جي ٻاهران پئي ڦرندي آهي تہ هرڪو پيو کيس سڏيندو آهي، ”مريم.... مريم... ماليا ماليا...“
مريم ڄائي تہ ماڻھنس جي پيٽان آهي، پر سانڍي ڄڻ وشال آهي، ماڻھنس سوير ستين بجي نوڪريءَ تي هلي وڃي ۽ وري ڇھين بجي موٽي، تيسين اڪثر مريم گهر هجي يا هوٽل تي وشال جي حوالي يا وري ٿورو وقت کشين جي ڀيڻ وانگ ين ڇنگ جي حوالي.
*
شام جو هوٽل ۾ ويٺو هئس تہ وشال مون کي سڏ ڪيو تہ، ”ابو... اڄ تہ هڪ شئي ڏيکاريانوَ.“
ٻاهر نڪتس تہ وشال روڊ تي بيٺل پوليس جي گاڏين ۽ پوليس وارن ڏانھن اشارو ڪري چيو، ”اڄ ڪنھن پوليس کي اطلاع ڏنو هوندو تہ هتي روڊ جي ٻنھي پاسن گاڏين وارا ۽ مختلف شيون وڪڻندڙ گهوريئڙا ۽ سامان ڪندڙ مرد ۽ زائفائون بيٺيون آهن، سو پوليس هنن تي ريڊ ڪيو آهي. قانوني طور تي فوٽ پاٿ تي يا روڊ جي ڀر ۾ ائين ڪرڻ ڏوھہ آهي.“
”پر هي تہ روز بيٺا هوندا آهن، اها ڳالھہ پوليس کان لڪل تہ ڪونھي؟“ چيم.
”اڄ ڪنھن ڪمپلين ڪئي هوندي، سو پوليس ائڪشن کنيو آهي... باقي نہ تہ انھن پوليس وارن مان بہ ڪيترائي ڊيوٽي کان پوءِ پاڻ بہ اچي ريڙهيون هڻندا آهن.“ وشال وراڻيو. جنھن تي مون کي حيرت ٿي.
مون ڏٺو تہ اڌ ڪلاڪ اڳ جتي گاڏين ۽ گهوريئڙن جي رش لڳي پئي هئي، اتي ميدان صاف هو، ڪي تہ پوليس کي ايندو ڏسي ٽپڙ کڻي ڀڄي ويا هئا، ڪي وري سامان ٻڌي رهيا. هڪ يا ٻن جو سامان پوليس کڻي گاڏيءَ ۾ وڌو هو. جنھن بابت وشال ٻڌايو تہ هن کان ڏنڊ وٺي، پوءِ کيس سامان واپس ڪندا. باقي نہ ڪا پوليس جي وٺ پڪڙ، نہ لٺ بازي، نہ گارگند، نہ سامان کي اڇلائڻ، بس هڪ مھذب طريقو هو. فوٽ پاٿ ۽ رستو صاف ڪرائڻ جو-پوليس وارن ۾ پوليس واريون بہ هيون. ائين نئننگ ۾ اڪثر روڊ جي ٻنھي پاسن، گاڏن وارا ۽ گهوريئڙا، سامان رکيو پيا وڪڻندا آهن. خاص ڪري شام ۽ رات جو، ڪلاڪ ٻن کان پوءِ اسان هڪ هنڌان چڪر هڻي موٽياسون تہ ڏٺم، ساڳيا لاٽون، ساڳيا چگهہ. پوليس پنھنجي ڪاروائي ڪري رواني ٿي تہ همراهن وري موٽي اچي گاڏا ۽ پڙيون لڳايون هيون ۽ پنھنجي ڪرت ۾ لڳي ويا هئا. اهي گاڏا لوڊرن تي ٺھيل هئا.
پوليس جي ڳالھہ تان هڪ ڳالھہ ياد آئي تہ وشال واري فليٽ جي ڀر ۾ ئي پوليس اسٽيشن آهي، ٽه ماڙ عمارت ڏاڍي خوبصورت ٺھيل. صاف سُٿري، جنھن جا دروازا مون سدائين بند ڏٺا. ڪڏهن بہ ڪو پوليس وارو ٻاهر نہ ڏٺم، نہ ايندي ويندي، نہ ڪو گوڙ گهمسان، نہ هُل هنگامون. ڄڻ پوليس اسٽيشن هئي ئي ڪانہ ۽ نہ ئي وري ڪو مجرم ٻڌجندي ايندي ڏٺم. باقي گهٽي گهٽيءَ ۾ لڳل ڪئميرائن جي ذريعي هر شئي ۽ سرگرمي تي نظر رکندا آهن.
[16 آڪٽوبر 2024ع]
چين ۾ اڄ منھنجو اٺون ڏينھن آهي. في الحال تہ رڳو نئننگ ۾ رولاڪيون ڪندو وتان، روز شام جو وشال جي وني کشين نوڪريءَ تان موٽي، فريش ٿي، ڪار کڻي ايندي آهي ۽ اسان ڪنھن نہ ڪنھن پاسي نڪري ويندا آهيون. ڪار تہ وشال بہ هلائي ڄاڻي، پر ڊرائيونگ ليسن نہ هئڻ سبب هتي جي قانون موجب هلائي نہ ٿو سگهي. اڄ بہ نئننگ جي هڪ قديم ۽ تاريخي جاءِ Xiangs Lakes Town وياسين. جتي ڪافي دير وڙڪي ۽ فوٽوگرافي ڪئيسين. عمارتون ڏاڍيون لاجواب ۽ قديم طرز جون هيون. اتي ڪيتريون ئي مايون قديم ٽريڊيشنل لباس پھري ۽ مٿي تي تاج رکي وڙڪي رهيون هيون، جن سان گڏ ڪيترائي ماڻھو فوٽو ڪڍرائي ۽ مووي ڀرائي رهيا هئا. پر انھن ماين پاڻ سان گڏ فوٽو ڪڍرائڻ جا بہ پئسا ٿي ورتا. پاپي پيٽ لاءِ انسان کي ڇا ڇا نہ ٿو ڪرڻو پوي.
ڪار هلائيندي کشين ڪا ميوزڪ رکي آءٌ ساڻس اڳينءَ سيٽ تي ويٺس. وشال ۽ ماڻھنس مريم سان گڏ پويان ويٺا. ميوزڪ ڏاڍي خوبصورت هئي ۽ کشين بہ هلندڙ گاني سان گڏ ڳائيندي هلي، سندس آواز ڏاڍو سٺو هو ۽ گاني جي لئہ سان لئہ ملائيندي پي هلي، مون کيس غور سان ٻڌڻ شروع ڪيو. جڏهن گهر پھتاسين تہ مون کشين جي ڳائڻ ۽ آواز جي تعريف ڪئي، جنھن جو وشال ترجمو ڪري کيس ٻڌايو تہ خوشيءَ مان ٽڙي پئي ۽ چيائين تہ، ”پاپا توکي بہ ميوزڪ سان دلچسپي آهي.“ جواب ۾ ”هائو“ چيم تہ وٺي ٽھڪ ڏنائين ۽ چيائين، ”پاپا اچ تہ گڏجي ڳايون.“ خير اسان گڏجي تہ ڪونہ ڳايو، باقي جڏهن مون قلندر لال شھباز جي ڌمال ۾ هنيل پنھنجي ڌمال جي مووي ڏيکاريمانس تہ.... خوشي مان آڱوٺو مٿي ڪري ٽھڪ ڏيڻ لڳي.
ان دوران نسيم، وشال کان پڇيو. ”کشين جھڙي گُڏي ڪيئن هٿ ڪيئي.“ جنھن تي وشال مرڪندي کشين کي اها ڳالھہ ٻڌائي، جنھن وڏو ٽھڪ ڏيئي وشال جي گوڏي کي ڌڪ هنيو. وشال وراڻيو، ”اها وڏي ڪھاڻي آهي.“ جنھن تي مون چيو، ”پوءِ اها ڪھاڻي ڪڏهن ٻُڌبي.“
*
چين اچي چيني انقلاب ۽ حڪومتي نظام بابت ڳالھہ ٻولھہ نہ ڪجي تہ ڄڻ سفر مان ڪجهہ سکيو ئي ڪونہ.
1949ع ۾ جڏهن عوامي جمھوريه چين جو قيام عمل ۾ آيو تہ ڪميونسٽ پارٽيءَ ملڪ جو ڪاروهنوار هلائڻ لاءِ اشتراڪي فلسفي کي بنيادي اهميت ڏني. چين جي قيام وقت ڪميونسٽ پارٽيءَ جي اڳواڻن جو مقصد هڪ جديد، سگهاري ۽ اثرائتي سوشلسٽ قوم بنائڻ هو. تنھنڪري چين جي آزاديءَ کان پھرين موجود سڀني سرمائيدار ڪمپنين ۽ ادارن کي قومي ملڪيت ۾ ورتو ويو. 1950ع کان وٺي 1978ع تائين چين جو معاشي نظام هڪ بئنڪ ’پيپلز بئنڪ آف چائنا‘ تائين ئي محدود رهيو. اها ئي بئنڪ مرڪزي حڪومت تحت ۽ خزاني واري وزارت جي نگرانيءَ ۾ ڪم ڪندي هئي. اها ئي بئنڪ سينٽرل بئنڪ ۽ ڪمرشل بئنڪ طور ڪم ڪندي هئي ۽ سڀئي معاملا اها ئي بئنڪ سرانجام ڏيندي هئي. جيستائين مائوزيتنگ جيئرو هو، ان وقت تائين چين روايتي اشتراڪي فلسفي جي سختيءَ سان پيروي ڪندو رهيو. ذاتي ملڪيت جو ڪو تصور نہ هو. معاشي سرگرمين ۽ زرعي پيداوار تي مڪمل طور حڪومت جو ڪنٽرول هو. شھرين کي هڪ رٿابنديءَ تحت کاڌي پيتي ۽ ضرورت جون ٻيون شيون ملنديون هيون. معيشت جي ان اشتراڪي بندوبست سبب چين کي زرعي پيداوار ۾ ڪمي ۽ ڏڪار کي منھن ڏيڻون پيو.
پر هاڻ صورتحال بدلجي چڪي آهي. اهو دور تہ ماڻھن کي هاڻ ڄڻ ياد ئي ڪونھي، جڏهن شھرين تي خوراڪ ۽ لباس جي معاملي ۾ راشن بندي يا ڪوٽا جي پابندي هئي (مرد توڙي عورتون هڪ ئي رنگ جا ڪپڙا پھريندا هئا) ۽ هاڻ ڳالھہ اتي اچي بيٺي آهي جو هوٽلن جون قطارون، غير ملڪي فوڊ آئوٽ ليٽس ۽ ڪپڙن جون نت نيون ڊزائيون ۽ نمونا، چيني مرد توڙي عورتون جديد فيشن وارا ڪپڙا پايو پيا هلن. اها تبديلي ڪيئن آئي.؟
1978ع ۾ چين ۾ سُڌارن جو عمل شروع ٿيو، انھن سڌارن جي عمل جو اڳواڻ ڊينگ زبائوپنگ (Deng Xiaoping ) هو. جنھن ان وقت چين جي اشتراڪي مارڪيٽ ۾ مارڪيٽ پرنسپل (Market principle) متعارف ڪرايو. سڌارن جو اهو عمل مختلف دورن ۾ ٿيو. 1970ع ۽ آخر ۽ اسي واري ڏاڪي جي شروع ۾ ان جو پھريون مرحلو شروع ٿيو. ان مرحلي ۾ زرعي شعبي، پر ڏيھي سيڙپڪاري ۽ ڪاروبار شروع ڪرڻ جي لاءِ گهربل اجازت جي حوالي سان سڌارن جو عمل شروع ڪيو ويو. پر ان پھرينءَ مرحلي ۾ گهڻي تڻي صنعت حڪومت جي هٿ ۾ رهي. ٻيو مرحلو 1980ع جي آخر ۽ 1990ع جي شروعات ۾ ٿيو. ان دوران نجڪاري جو واڌارو، رياستي ملڪيتي ادارن کي ٺيڪن تي ڏيڻ ۽ پرائس ڪنٽرول ختم ڪيو ويو ۽ نيون پاليسيون ۽ قانون جوڙيا ويا ۽ نجي سيڪٽر ۾ واڌارو ٿيو. جنھن سان غربت ۾ ڪمي ۽ آمدني ۾ واڌارو ٿيو. زرعي شعبي ۾ سڌارن جو عمل 1978ع کان 1984ع تائين ٿيو. جنھن ۾ سڀ کان پھرين ’هائوس هولڊ ريسپانسلٽي سسٽم‘ جي شروعات ڪئي ويئي. ان سسٽم جي شروعات جو سلسلو بہ دلچسپ آهي. چين ۾ زمين جي نجي ملڪيت جو ڪو تصور ڪونھي. اهو نظام زراعت ۾ بہ لاڳو هو. جتي هاري گڏيل پوکي راهي ڪندا هئا. نامناسب زرعي پاليسين ۽ حڪومتي بي ڌيانيءَ سبب چين کي 1950ع جي آخر ۾ ۽ 1960ع جي شروعات ۾ سخت ڏکاين ۽ ڏڪار کي منھن ڏيڻون پيو. اهڙي صورتحال ۾ چين جي علائقي Chengdu (چينگ ڊو) جي هڪ ڳوٺ جي رهاڪن 1960ع جي شروع ۾ وقت جي حڪومت جي پاليسيءَ جي خلاف وڃڻ جو فيصلو ڪيو ۽ هنن ”عوامي ڪميون‘ جي بدران ’هائوس هولڊ فارمنگ‘ شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. ڪميون جي زمين کي هرڪٽنب ۾ هڪ جيترو ورهايو ويو ۽ هر ڪٽنب پنھنجي حصي ۾ ايندڙ زمين تي پوکي ڪرڻ جو ذميوار هو ۽ جڏهن فصل تيار ٿي ويندو هو تہ هر ڪٽنب پنھنجي حصي جي رياستي ڪوٽا ڏيڻ جو پابند هو. ان سسٽم ۾ اهو فائدو هو تہ رياستي ڪوٽا ڏيڻ کان پوءِ جيڪو فصل بچندو هو، اهو اُن ڪُٽنب جو هوندو، جيڪو اهو مارڪيٽ ۾ وڪڻي وڌيڪ ناڻو ڪمائي ٿي سگهيو. ان سسٽم جو اطلاع 1962ع ۾ بيجنگ جي مرڪزي حڪومت تائين پھتو. حڪومت فوري طور تي اهو ختم ڪرڻ جون بہ هدايتون ڏنيون ۽ پراڻو سسٽم جاري رکڻ جو چيو. ڳوٺاڻن حڪومتي فيصلي کي مڃي ورتو. اڳتي هلي 1970ع ۾ اهو نظام ٻيھر اُڀريو. جڏهن ان ’هائوس هولڊ فارمنگ‘ سسٽم جو اطلاع ’ڊينگ زيائوپنگ‘ تائين پھتو تہ هن ان ۾ وڏي دلچسپي ورتي. ڊينگ زيائوپنگ جي ساٿين انھوئي (Anhui) ۽ سيچوان (Sichuan) ۾ ’هائوس هولڊ فارمنگ‘ جا آزمائشي تجربا ڪيا. جڏهن ڊينگ زيائوپنگ سُڌارن جو عمل شروع ڪيو تہ هن 1979ع ۾ ڪجهہ پارٽي اڳواڻن جي مخالفت جي باوجود ان ’هائوس هولڊ فارمنگ‘ کي سڄي چين ۾ لاڳو ڪري ڇڏيو ۽ صوبائي اڳواڻن کي پنھنجن حدن ۾ ان سسٽم کي جاري ڪرڻ جون هدايتون بہ ڪيون. جيتوڻيڪ زمين اڃا بہ رياست جي ئي ملڪيت هئي، پر ڪُٽنبن کي پندرهن سالن جي ليز تي پوکيءَ لاءِ ڏني ويئي. کين رياستي ڪوٽا پوري ڪرڻي هئي، واڌو فصل سندن ٿيڻون هو. اڳتي هلي ان ليز جي مدت ۾ واڌارو ڪيو ويو. 1993ع ۾ ان جي مدت پندرهن سالن مان وڌائي ويھه سال ڪئي ويئي ۽ 2003ع ۾ اها وڌائي ٽيھه سال ڪئي ويئي. ’هائوس هولڊ ريسپانسيبلٽي سسٽم‘ ڏاڍي تيزي سان وڌيو. 1984ع تائين چوويھه ملين گهراڻا ان سسٽم ۾ شامل ٿيا. هڪ ڏاڪي جي اندر ئي هارين جي آمدني 47 ڊالرن مان وڌي 105 ڊالرن تائين پھچي ويئي. اسي واري ڏاڪي ۾ زرعي پيداوار ۾ ساليانو پنج سيڪڙو واڌارو ٿيو. ان سان گڏوگڏ مخصوص زرعي پيداوار جي بہ شروعات ٿي. ڪئشن ڪراپ ۽ لائيو اسٽاڪ بہ ان ڏهاڪي ۾ شروع ٿي. ان سسٽم هارين جي مالي حالت کي بدلائي کين وڌيڪ سُکيو ستابو ڪيو. اهو سسٽم سخت اشتراڪي نظريي جي بدران وڌيڪ آزاد هو. جيڪو اختيار ڪرڻ سان چين جي ترقي جي دور جي شروعات ٿي، هينئر چين ۾ ’ڪميون سسٽم‘ بدران ’هائوس هولڊ سسٽم‘ لاڳو آهي.
اهي ئي قومون ترقي ڪري اڳتي وڌن ٿيون، جيڪي حالتن جي تقاضائن موجب پنھنجي سسٽم کي بدلائين ٿيون ۽ ان ۾ سُڌارا ڪن ٿيون، ۽ چين ان جو روشن مثال آهي.
[17 آڪٽوبر 2024ع]
رات جيئن ئي Minsheng wharf پڪنڪ پوائنٽ تان موٽندي گهرجي ويجهو پھتاسين، تہ مينھن وسڻ لڳو ۽ ٿوري دير کان پوءِ تيز ٿي ويو. ان مھل منھنجي ذهن ۾ ڳالھہ آئي ’جي هھڙو مينھن حيدرآباد ۾ وسي تہ بجلي موڪل ڪندي دير ئي نہ ڪري.‘ پاڪستان ۾ بجلي جي بحران سبب نہ رڳو ملڪي معيشيت ۽ ماڻھن جا ڪاروبار تباھہ ٿي ويا آهن، پر ماڻھن جي زندگي بہ عذاب بنجي ويئي آهي. مٿان وري بجلي جا ڳاٽي ڀڳا بل، جن ماڻھن کي ذهني ۽ نفسياتي مريض بنائي ڇڏيو آهي.
برسات ڪلاڪ سوا وسندي رهي. ڏينھن جو ڪافي جُھڙ هو. رات ٿوري ٿڌ ٿي، پر ڏينھن جو گرمي محسوس ٿي. وشال ٻڌايو تہ نئننگ ۾ اڪثر برسات وسندي رهندي آهي. معمول موجب صبح جو سوير جاڳ ٿي، وشال بہ سوير اُٿيو، جو کيس سندس هڪ هوٽل جي شيف رضوان جي ويزا وڌرائڻ لاءِ واسطيدار آفيس وڃڻون هو. ان کان اڳ پاڻ چانھه ڪاڙهي وڏو پيالو مون کي ڀري ڏنائين، ٻيو پاڻ پيتائين. ڊبل روٽيون سوير وٺي آيو هو. جيڪي کاڌم، ڏاڍيون لذيذ هيون. پھرين ڏينھن بہ وٺي آيو تہ ٻي ڏينھن مون خاص فرمائش ڪئي مانس تہ سڄو اڌ ڊزن وٺي آيو، جيڪي سڀ مون رُکيون ئي چٽ ڪري ڇڏيون.
رات Minshen wharf پڪنڪ پوائنٽ تي وياسين، جيڪا نئننگ مان وهندڙ ندي جي ڪناري تي ٺھيل آهي. نديءَ ۾ بوٽ بہ هلي رهيا هئا. ماڻھن جي رش گهٽ هئي، جو هتي هر پڪنڪ پوائنٽ تي پنجين بجي کان پوءِ رش گهٽجي ويندي آهي. يا ڪي وري بند ٿي وينديون آهن. اندر گهڙياسين تہ مختلف هنڌن تي ڪيتريون ئي مايون ٽولين جي صورت ۾ ايڪو سائونڊ لڳائي موسيقيءَ جي ڌُن تي ڊانس ڪري رهيون هيون. معلوم ٿيو تہ اهي سٺ سال يا ان کان وڏي عمر جون آهن. ۽ روزانو هتي اچي ڪلاڪ ڏيڍ ڊانس ڪنديون آهن. جيئن پاڻ کي جسماني طور تي فٽ رکي سگهن. هونئن بہ چينين جي عمرين جو اندازو مشڪل سان لڳائي ٿو سگهجي، جو هو سڻڀ، کنڊ وغيرہ تہ کائين ئي ڪونہ. اڪثر کاڌا اوٻاري کائين ۽ سُمھن ڀلي ڪيڏي مھل بہ، پر ماني ڇھين بجي کائي ڇڏيندا آهن ۽ لنچ ٻارهين بجي ڪندا آهن. باقي چٽو تہ سڄو ڏينھن پيا ڪندا آهن. ان ڪري سندن صحت سٺي هوندي آهي.
آسپاس وڏيون وڏيون عمارتون هيون جيڪي روشنين سان جڳمڳائي رهيون هيون، بوٽس ۽ پُليون بہ روشني سان ٻري رهيون هيون. آسپاس ڏاڍا خوبصورت ۽ دل لڀائيندڙ منظر هئا. ڪافي دير اتي وڙڪندا رهيا، پوءِ موٽي آياسين.
اڄ مريم اڳوڻن سڀني ڏينھن جون ڪسرون ڪڍيون ۽ مون کي واھہ جو ڊوڙايو، جنھن سبب ٿڪجي پيس. سچي ڳالھہ اها آهي تہ مريم کان هڪ گهڙي بہ ڌار ٿيڻ تي دل نہ ٿي چوي، سڄو ڏينھن پئي ٽھه ٽھه ڪندي، کلندي ۽ ڊوڙندي آهي.
وشال ٻڌايو تہ هڪ سنڌي دوست علي زين جيھجو آهي، جيڪو توسان ملڻ ٿو گهري. تنھنڪري شام جو تيار ٿي وشال جي هوٽل تي پھتس. ڏهن منٽن اندر علي بہ اچي پھتو، وڏي حُب مان ملياسين ۽ ڪلاڪ سوا ڪچھري ڪندا رهياسين. علي اصل ٽنڊي ڄام جو آهي. وٽرنري ڊاڪٽر آهي ۽ هتي ڪنھن يونيورسٽيءَ ۾ پڙهي رهيو آهي. جيترا بہ ڏينھن نئننگ ۾ رهيو آهيان، علي پھريون سنڌي آهي، جنھن سان ملاقات ٿي آهي. علي ٻڌايو تہ گوانگسي يونيورسٽي ۾ سئو کن پاڪستاني شاگرد آهن، جن مان فقط ٽي سنڌي آهن. هتان جون يونيورسٽيون داخلائون بہ آسانيءَ سان ڏين ٿيون تہ اسڪالرشپ بہ ڏين ٿيون. مون ۽ وشال ڪوشش ڪئي تہ سنڌي ڇوڪرا اچن، پر سنڌي ڇوڪرا ريسپانس گهٽ ٿا ڏين. علي سان ڪلاڪ کن ڪچھري ٿيندي رهي، پوءِ وري ٻيھر ملڻ جو چئي موڪلائي ويو. عليءَ زندھہ دل ۽ کلمک همراھہ هو.
جڏهن چين آياسين تہ ان جي ٻي ڏينھن وشال چيو تہ کشين جي اميءَ فون ڪري چيو آهي تہ ابو ۽ اميءَ کي ڳوٺ وٺي اچج. ٽيون ڏينھن چيائين تہ: سڀاڻي نہ پرينھنءَ کشين جي ماءُ اوهان سان ملڻ جي لاءِ ايندي. علي موڪلائي ويو تہ ٿوري ئي دير ۾ وشال ٻڌايو تہ کشين جي ماءُ اچي ويئي آهي. اچ تہ ساڻس ملون. آءٌ اٿي ٻاهر نڪتس، ڏسان تہ هڪ اڇي رنگ جي ڪار بيٺي هئي، جنھن مان هڪ چيني نوجوان ۽ ٽي جهونيون چينياڻيون لھي هيٺ بيٺيون هيون. ٽيئي هڪ جھڙيون ۽ جھڙوڪر هم عمر. آءٌ ٿورو مُنجهيس تہ هنن مان وشال جي سس ڪھڙي آهي؟ تيسين وشال اچي هڪ جهونيءَ ڏانھن اشارو ڪري مون کي چيو، ”ابو هيءَ کشين جي امي آهي.“ ان جهوني کي چيائين، ”مما... هي منھنجو پپا آهي.“ جنھن تي هن کلي مون سان هٿ ملايو، پوءِ نوجوان ۽ ٻنھي جهونين بہ کلندي کلندي مون سان هٿ ملايو. وشال ٻڌايو تہ هي ٽيئي پاڻ ۾ ڀينرون آهن. هي کشين جو ڪزن ۽ هي ٻيئي ماسيون اٿس. جن بہ کلندي ۽ ٽھڪ ڏيندي هٿ ملايو. کشين جي ماءَ کي ڪلھي ۾ موبائيل پئي هئي ۽ پاڻ سان تمام گهڻو سامان کڻي آئي هئي، جنھن ۾ ڪُٺل ديسي ڪڪڙيون، بدڪون، اکروٽ، ونگا، مڪئي جا سنگ، سلاد جا پنا ۽ ٻيو گهڻو ڪجهہ ۽ ان سان گڏ رنگا رنگي رڌيل چانور بہ. جيڪو سڀ سامان وشال کڻائي اندر رکرايو. کشين جي ماءُ جون ڀيڻيون ٻاهران ئي موڪلائي کلندي هليون ويون. وڃڻ مھل ماسين دعوت ڏني تہ سڀاڻي اسان جي گهر اچجو.
کشين جي ماءُ يعني مريم جي ناني ۽ نسيم يعني مريم جي ڏاڏي اندر اچي گڏ ويٺيون ۽ هوءَ نسيم ۽ مون سان چائينز ۾ ڳالھائڻ لڳي، پر ’زبان من چيني، نمي دانم‘ واري ڪار هئي، [آءٌ سنڌيءَ ۾ سعيو ڪيان، هو پٺاڻڪيون پُڇن] سو رڳو کلندا رهياسين. ان مھل کشين ۽ سندس ڀيڻ سندس آندل ونگا وڍي ڇلي کائڻ لڳيون، ڪجهہ ٽڪرا اسان بہ کاڌا تہ اهي ونگا اسان وارن ونگن کان گهڻا ٿلھا ۽ ڊگها هئا. هڪ هڪ ونگو اڌ اڌ مُني مُني ڪلي جو. هن پاڻ سان آندل رنگارنگي چانور بہ اسان کي کائڻ لاءِ چيو، جيڪي هو آڪٽوبر فيسٽيول جي موقعي تي پڻ ٺاهينديون آهن. سندن دل رکڻ لاءِ ٻہ ٽي گروھہ وڌاسين، پر صفا ٿڌا ۽ ڦڪا هئا. چيني هونئن بہ ڦڪا کاڌا کائين ۽ چانورن جا تہ وڏا شوقين. پر نہ وڻيا، سو ”شي- شي“ (مھرباني) چئي کڻي هٿ ڪڍيوسين. ٿوري دير کان پوءِ ماءَ ۽ ٻيئي ڌيئرون ماني کائڻ لاءِ ٻي هوٽل روانيون ٿيون، اسان کي بہ صلاح هنيائون، پر اسان اڳ ۾ ئي ماني کائي ڇڏي هئي، سومعذرت ڪئيسين.
اڄ مون پھريون ڀيرو بازار ۾ چيني ڪرنسيءَ ۾ لين دين ٿيندي ڏٺي، نہ تہ هيستائين ٽئڪسيءَ جي ڪرائي کان وٺي هڪ يوان جي شئي جي ڏيتي ليتي ’وي...چيٽ‘ ايپ ذريعي ٿيندي ڏٺي. هيستائين مون کي ائين محسوس ٿيو، ڄڻ چين ۾ ڪرنسي نوٽن ۽ سڪن جو وجود ئي ڪونھي، پر هڪ دڪان تي بيٺا هئاسين تہ هڪ چيني ڪرنسي نوٽ ڪڍي دڪاندار کي ڏنا. جيتوڻيڪ مون پنج سؤ آر. ايم. بي ڪراچي مان ورتا هئا ۽ ايترائي يوان جا مختلف نوٽ هڪ يوان کان وٺي سؤ يوان تائين مون کي وشال ڏنا تہ رک متان ڪٿي کپن، پر انھن مان هڪ يوان بہ ڪٿي خرچ ڪرڻ جو موقعو نہ ڏنو اٿئين.
رات جو ڀرواري مارڪيٽ جو چڪر هنيوسين، جيڪا سڄي ماڻھن سان ڀري پئي هئي. اتي اگهہ هر شئي تي چٽڪين جي صورت ۾ لڳل هئا، ۽ ان سان گڏ دڪان جي ٻاهران اهو بہ لڳل هو تہ هيتري ڊسڪائونٽ ڏني ويندي. هتي بہ اڪثريت عورتن جي ڪم ڪندي نظر آئي. جنھن تي مون وشال کان پڇيو تہ ”ڀلا چين جا مرد ڪم نہ ڪندا آهن ڇا، جو هر هنڌ ماين جو وڏو تعداد ڪم ڪندو پيو نظر اچي.“
جواب ڏنائين تہ، ”مرد صبح جو نوڪرين تي وڃن ۽ ٻيا ڌنڌا ڪن، هتي ساڍي ستين کان وٺي ڇھين تائين آفيس ٽائم آهي. ٻيو تہ هنن جو پگهار ايتري تہ گهٽ آهي. يعني ٽي يا چار هزار يوان، جن مان سندن گهر هلڻ مشڪل ٿيو پوي، تنھنڪري عورتون بہ ڪم ڪن. هو اسان کي چوندا آهن تہ اوهان غير ملڪين جا ٺٺ آهن. جن کي حڪومت وڏيون پگهارون ٿي ڏي. ان ڪري چيني بہ ٻاهر وڃي ڪمائڻ يا نوڪريون ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، ٻيو سبب اهو آهي تہ هتي هر ڪو ڪمائي، ڪير واندو ڪونہ ويھي. ان ڪري عورتون ڪم ڪري ۽ نوڪريون ڪري گهر هلائڻ ۾ حصو پتي وٺن.“ اهي ڳالھيون ٻڌي منھنجي ڄاڻ ۾ واڌارو ٿيو، چيني عورت هونئن بہ بھادر ۽ سيلف ميڊ آهي، زندگي جي هر شعبي ۾ اهي وڏي تعداد ۾ نظر اچن ٿيون. فوج ۾ پڻ انھن جو وڏو تعداد آهي. آزاديءَ جي جنگ ۾ بہ انھن ڀرپور حصو ورتو. ’مائوزيتنگ‘ چين جي اهڙين سمورين عورتن کي پنھنجي هڪ شعر ۾ هن ريت خراج تحسين پيش ڪيو آهي.
صبح جا پھريان ڪرڻا
سکيا جي ميدانن کي سُھائون ڪن ٿا
۽
هي سُھڻيون بھادر ڇوڪريون
هوا ۾ دليريءَ سان
پنج فوٽ ڊگهين رائفلن سان
سکيا جي ميدان ۾ موجود آهن
چين جون ڌيئرون
هڪ وڏي اٽل ارادي واريون
اوهان سخت فوجي لباس کي
نرم ريشمي لباس تي
ترجيح ٿيون ڏيو.
مائوزيتنگ جي دور ۾ عورتن کي برابري جا حق ڏيڻ لاءِ ڪيترائي قدم کنيا ويا. 1950ع ۾ قانون منظور ڪري جبري شادي جي رسم ختم ڪئي ويئي. عورتن جا پير ٻڌڻ جي رسم بہ ختم ڪئي وئي. ڊينگ زيائوپنگ جي دور ۾ عورتن ۽ مردن جي وچ ۾ معاشي اڻ برابري ختم ڪرڻ لاءِ ڪيترائي فيصلا ڪيا ويا.
مائوزيتنگ جي مشھور چوڻي آهي تہ ’عورتون اڌ آسمان جهلين ٿيون.‘ جديد چين ۾ جيتوڻيڪ عورتن کي برابريءَ جا حق حاصل آهن، پر سياست جي ميدان ۾ مردن کي بالادستي حاصل آهي. شھري ۽ ملڪي سطح تي اعليٰ عھدن تي عورتن جو حصو ڏھہ سيڪڙو آهي. ڪميونسٽ پارٽيءَ جي اعليٰ سطحي ادارن ۾ عورتن جي نمائندگي گهٽ آهي. اسٽيڊنگ ڪميٽيءَ ۾ ڪابہ عورت شامل ڪونھي. تنھنڪري پاڻ اهو چئي سگهون ٿا تہ سياست ۾ مردن جي ڀيٽ ۾ عورتن جي نمائندگي گهٽ آهي.
هڪ سروي موجب مردن جي ڀيٽ ۾ عورتن جي تعليم جو تناسب گهٽ آهي. عورتن کي صحت جا هڪجھڙا حق حاصل آهي. چين ۾ آبادي کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ’ون چائلڊ‘ پاليسي لاڳو ڪئي ويئي. جڏهن گهربل هدف حاصل ٿي ويو تہ ڪٽنبن کي ٽي ٻار پيدا ڪرڻ جي موڪل ڏني ويئي. 2021ع ۾ پاپوليشن ڪنٽرول جي سلسلي ۾ سڀئي پابنديون ختم ڪيون ويون. عورتن کي ملڪيت جو حق ڏنو ويو تہ جيئن هو معاشي طور تي سگهاريون ٿي سگهن. 1991ع ۾ نوڪرين جي سلسلي ۾ هر صنفي متڀيد کي ختم ڪيو ويو ۽ مردن ۽ عورتن کي نوڪريون حاصل ڪرڻ جي سلسلي ۾ هڪجھڙا موقعا ڏنا ويا آهن.
[18 آڪٽوبر 2024ع]
جاڳ ٿي تہ وشال جيڪو جوگر ڏنو هو، اهو پاتم ۽ ٻاهر واڪ تي نڪري ويس. ميل سوا پري چوڪ تائين ويس، ٽريفڪ اڃا گهٽ هئي. ماڻھو بائيڪن تي پنھنجي نوڪرين تي وڃي رهيا هئا، ڪي پنھنجي ٻارن کي پويان ويھاري اسڪول ڇڏڻ پي ويا. روڊن کي سئيپر صاف ڪري رهيا هئا. واڪ ڪندي ڏاڍي فرحت محسوس ٿي. گهر موٽيس تہ وشال جاڳي چڪو هو ۽ ٻاهر ويٺو هو. آءٌ جوگر لاهي صوفي تي ليٽي پيس، ۽ ننڊ کڻي ويم. رات جو ڪيترائي ڀيرا ٻانھن جي سور جي ڪري جاڳ ٿئي ٿي ۽ ڪلھہ کان وٺي ٽنگن ۾ بہ سور ٿو پوي. جڏهن کان هتي آيو آهيان تہ بھتر ۽ ٺيڪ هئس. هاڻ ٻن ڏينھن کان اهي سور وري بہ چُريا آهن. دوائون بہ کاوان پيو... شايد اي سي ۾ سمھڻ جي ڪري جو اها عادت نہ اٿم. ڪمري ۾ پکو لڳل ڪونھي، گهر جي ٽنھي ڪمرن ۽ ٻاهر اي سيون لڳل آهن. سڄي فليٽ ۾ فقط هڪ پکو ٻاهر لائونچ ۾ لڳل آهي، نئننگ جي موسم ٿوري گرم هئڻ سبب ايئر ڪنڊيشن جو واهپو وڌيڪ آهي، ٻيو نہ ڪو بجلي جو بحران نہ وري ڪو ڳاٺي ڀڳا بل. بجلي جا اگهہ مناسب آهن.
ٿوري دير کان پوءِ اک کلي تہ وشال کي چيم ”پشو! چانھہ تہ ٺاهي وٺ.“ شاگردي واري زماني ۾ پاڻ ئي رڌ پچاءُ ڪرڻ ۽ ماني ٺاهڻ سبب وشال ڏاڍي سٺي رڌ پچاءَ بہ ڪري ويندو آهي. انھن ڏينھن مون کي ياد آهي تہ جڏهن ڪا ٻوڙ وغيرہ ٺاهيندو هو تہ ماڻھنس کي فون ڪري پُڇندو هو ۽ ماڻھنس رهنمائي ڪندي هيس. وشال چانھه ٺاهڻ ويو تہ مون کي وري ننڊ اچي ويئي. الائي ڇو ٿڪاوٽ پي محسوس ٿي.
وشال چانھه ٺاهي کڻي آيو ۽ مون کي چانھه ڏيندي چيائين، ”ابو! چانھه پي پوءِ تيار ٿي وٺ تہ زو zoo هلئون. پوءِ وري جمع نماز پڙهڻ هلنداسين.“
اڄ جمع جو ڏينھن هو ۽ کشين کي بہ ڪم تان موڪل هئي. سو اها بہ اسان سان گڏ هلڻي هئي.
جڏهن هتي آيو هئس تہ مون وشال کي چيو هو تہ مون کي زو zoo ضرور وٺي هلج جو مون کي ’پانڊا‘ ڏسڻا آهن. پانڊا جو نسل فقط چين ۾ ملي ٿو ۽ نھايت ئي دلچسپ جانور آهي. منھنجي خيال ۾ تہ چين جو قومي جانور بہ آهي، هو بانس جي ٻيلن ۾ رهي ٿو ۽ سندس کاڌو بہ بانس جا پتا ۽ لٺيون آهن. بس الائجي ڇو مون کي پانڊا ڏسڻ جو ڏاڍو شوق هو. اها ٻي ڳالھہ آهي تہ پاڪستان ۾ پانڊا صابڻ تي آءٌ پانڊا جي تصوير ڏسندو رهندو آهيان.
طبيعت ۾ مزو نہ هئڻ سبب پھرين مون سوچيو تہ وشال کي چوان تہ اڄ نہ ٿا هلون، پر کشين ۽ سندس ماءُ تيار ٿي رهيون هيون ۽ سندس راتوڪيون ٻئي ماسيون بہ اتي اچڻيون هيون. سو نہ چاهيندي بہ اٿي تيار ٿيڻ لڳس.
تيار ٿي پنج ئي ڄڻا آءٌ وشال ماڻھنس، کشين جي ماءُ ۽ کشين اچي ڪار ۾ ويٺاسين. مريم تہ هونئن بہ اسان کان ڌار نہ هئي. کشين ڪار جو اسٽيرنگ سنڀاليو ۽ ڪار نئننگ جي رستن تي ڊوڙڻ لڳي. زو zoo ايترو پري نہ هو، پندرهن منٽن جي ڊرائيونگ کان پوءِ اتي پھچي وياسين. کشين جون ٻئي ماسيون اڳ ۾ ئي اتي پھچي چڪيون هيون.
Nanningپارڪنگ ۾ ڪار پارڪ ڪري اسان هيٺ لٿاسين ۽ ٿورو هلي زو جي گيٽ تي پھتاسين. جتي مٿي چيني ۽ انگريزي ۾ لکيل هو. zoo ان دوران کشين ٽڪيٽون وٺي آئي، جيڪي خود ڪار مشين سان ٽچ ڪري اسان اندر گهڙياسين. سامھون ئي کشين جون ٻيئي ماسيون، ٺھيون جُڙيون، روايتي چيني لباس ۾ ٽوپلا پايو بيٺيون هيون. هو موبائيل سان فوٽوگرافي بہ ڪري رهيون هيون. ساڻن ٽي ڀيڻ کشين جي ماءُ گڏي تہ سندن خوشي ڏسڻ وٽان هئي. اسان ٿورو اڳيان وڌي هڪ هنڌ بيٺاسين تہ ٽيئي ڄڻيون، سامھون ٺھيل هڪ ڪمري ۾ گهڙي ويون. ٿوري دير کان بہ اهي ۽ هڪ ٻي مائي سندن ئي جھڙي ڊريس ۾ اچي اسان جي اڳيان بيٺيون، جنھن تي مون وشال کان پڇيو تہ، ”کشين جي ماءُ ڪيڏانھن ويئي.“ جنھن تي وشال وراڻيو، ”هيءَ تہ تنھنجي ڀر ۾ بيٺي آهي.“ مون کيس غور سان ڏسي وٺي ٽھڪ ڏنو. اصل ۾ هوءَ ڪمري ۾ وڃي ڀيڻن جھڙو لباس ۽ مٿي تي ٽوپلو پائي آئي هئي، تنھنڪري مون نہ سُڃاتي مون کي ٽھڪ ڏيندي ڏسي وشال ۽ ماڻھنس سميت هو ٽيئي بہ کلڻ لڳيون. البت کين اهو نہ ٻڌايوسين تہ اسان ڇو کليا آهيون.
انھن ٽنھي ڀيڻن جي پاڻ ۾ وڏي پريت هئي. اسان ٿورو اڳتي وڌي وياسين، پر هي ٽئي پاڻ ۾ کلنديون، کجڪا ڪنديون، فوٽوگرافي ڪنديون ڄڻ ڪي الھڙ ڇوڪريون هجن، پنھنجي منھن گهمڻ لڳيون. اسان جڏهن ڪافي اڳتي هلي پانڊا ڏسي، ٿڪي ٻاهر اچي پھتاسين تہ هي ٽيئي پري کان کلنديون، ٽوپلا پايو اچي پھتيون. منھنجي مٿي تي پگهر جا ڦڙا ڏسي کشين جي ماءُ پھرين پنھنجي نرڙ ڏانھن پوءِ منھنجي نرڙ ڏانھن اشارو ڪندي چيو، ”ڏس تون پگهريو پيو آهين، پر منھنجي مٿي تي پگهر جو ڦڙو بہ ڪونھي.“
دل ۾ چيم مايون سڳوريون اوهان آهيو بنا ملاوٽي ۽ سچن گيھن ۽ سخت محنت ۽ ڊسيپلين ۾ پليل نپيل ۽ اسان آهيون اسلامي ڀائيچاري واري ملڪ ۾ ملاوتي کاڌن تي پليل، سو اسان جي ايمان جي سلامتي آهي، باقي اسان جا ٽپڙ پورا آهن. سو اوهان سان ڪير پُڄي.
ان مھل مون ٽنھي ماين سان گڏجي فوٽو ڪڍايو، جيڪو پوءِ فيس بوڪ تي ’پنھنجي چيني مائٽياڻين سان گڏ‘ جي عنوان سان رکيم تہ دوستن ڏاڍا دلچسپ ۽ مزيدار تبصرا ڪيا. ’مسافر هاليپوٽي‘ تہ مرڳي ان تي بيت جوڙي ورتو:
دڙي جون دانھون، ويون توکان وسري
ڪيئن چوان آءٌ تہ چاھہ نہ رکو چينين سان.
انھن ٽنھي جي پاڻ ۾ اهڙي پريت ڏسي منھنجي گهر واريءَ چيو، ”هنن ڀيڻن ۾ ڪيتري نہ محبت آهي، هڪ اسان جون ڀيڻيون آهن، جيڪي ڳالھہ ڳالھہ تي ڇتيون ٿيو پون.“
جنھن تي مون کان وڏو ٽھڪ نڪري ويو ۽ چيومانس، ”هي مايون وانديون ويھن ڪونہ، سڄو ڏينھن ڪم ڪار ۾ رڌل ۽ جڏهن ملن ٿيون تہ وڙهڻ بدران خوب انجواءِ ڪن ٿيون. ڏٺئي ڪونہ تہ ڪھڙيون نہ بود ۾ ڀريل آهن.“
انھن ماين کي پويان ڇڏي اسان اڳتي هلڻ لڳاسين. ڀولڙا، بدڪون ۽ ٻيا جانور ڏسندا پنڌ ئي پنڌ... زو zoo تمام وڏو ۽ تمام سھڻو ۽ صاف سٿرو آهي، هنڌ هنڌ تي ٽوائليٽ، ٽڪ شاپ، ويھڻ لاءِ بئنچون رکيل ۽ سھڻيون عمارتون ٺھيل آهن ۽ وري وڻن ۽ گلن جو جھان ئي الڳ. صفائي سُٿرائي تہ ڄڻ هنن جو سڄو ايمان هجي. اهڙي وڻندڙ ماحول ۾ سچ پچ تہ ماڻھو مست ٿيو پوي. اسان رستو ڏيئي اڳتي وڌياسين، پر هاڻ هلڻ نہ پي پُڄيو. زو ۾ گهمندڙن کي وزيٽر گاڏيون بہ کڻي گهمائي رهيون هيون. هو هڪ ايندڙ گاڏي کي هٿ ڏنوسين. بيٺي تہ ڊرائيور مائي کان پُڇيوسين تہ کڻي هلندينءَ. هن هائوڪار ڪئي. ٽڪيٽ جا پئسا ورتائين ۽ اسان چئني جي ڪرائين ۾ هڪ پٽو ٻڌائين. جيئن سڃاڻپ ٿي سگهي تہ هنن ٽڪيٽ ورتي آهي. گاڏي ٿورو اڳيان هلي ۽ هڪ هنڌ بيٺي تہ ڊرائيور مائيءَ اشارو ڪيو تہ سامھون ڏسي اچو. اسان ۽ ڪجهہ ٻيا ماڻھو لٿا. زو zoo جو اهو پورشن ڏيڏرن، ڪڇن ۽ نانگن جو هو. اسان اهو ڏسي موٽياسين تہ گاڏي نہ هئي، جنھن تي پريشان ٿي وياسين. وشال چيو تہ گاڏي کڻڻ ايندي، اسان ان آسري ۾ اتي بيھي رهياسين. ان وچ ۾ ٽي چار گاڏيون آيون ۽ لنگهي ويون، پندرهن ويھه منٽ گذري ويا، پر اسان واري گاڏي نہ آئي. تيسين هڪ ٻي گاڏي آئي. ان مان ڪجهہ ماڻھو لٿا تہ ڊرائيور مائيءَ اسان کي اشارو ڪندي چيو تہ هلو ٿا. اسان چيو ها تہ ڪرائي مٿي ڪيائين تہ پٽو ڏيکاريو. پٽو ڏيکاريوسين تہ چيائين اچو ويھو. اسان وڃي گاڏيءَ ۾ ويٺاسين، وشال چيني ۾ ڪجهہ پڇيس تہ چيائين ”اوهان ٽڪيٽ جا پئسا ادا ڪري چڪا آهيو، هاڻ ڪنھن بہ گاڏي ۾ چڙهي سگهو ٿا.“ جنھن تي اسان ”شي شي“ چئي سندس مھرباني مڃي.
”واھہ واھہ چڱو ٿيو جو محترمہ تو اسان جي رهنمائي ڪئي نہ تہ اسان بيھي بيھي ڪاٺ ٿي وڃون ها.“
رستي تي ڪيترائي ماڻھو، مرد، عورتون ۽ ٻار پنڌ بہ وڃي رهيا هئا ۽ ڪيترن ئي اسڪولن جا ٻار بہ پنھنجي پنھنجي اسڪولن جي ڌار ڌار ڊريسن ۾ پنھنجن استادن ۽ استادياڻين سان گڏ زو گهمي رهيا هئا. ٻارڙا نھايت ڊسيپلين ۾ ۽ قطارن ۾ پي هليا، نہ ڪو هُل نہ هلڙ بازي. ڪٿي ڪٿي تہ استاد ٻارن کي ڪسرت بہ ڪرائي رهيا هئا. چيني ٻارن کي ڏسي سچ تہ خوشي ٿي، مِنا، چُونچا، ڄڻ سڀ هڪ ئي سانچي مان نڪتا هجن.
اسان هڪ هنڌ لٿاسين، جتي زرافه ۽ زيبرا هئا. زرافه کي اڳ ۾ رڳو جاگرافي چينل تي ڏٺو هئم، سندن ڪنڌ ڊگها ۽ ٽنگون سگهاريون، رنگ پٽا پٽي. ڏاڍو خوبصورت جانور هو. اتي ڪيترائي ننڍا وڏا زرافه هئا، جن کي سندن قدرتي ماحول ٺاهي رکيو ويو. ٿورو اڳيان وڌياسين تہ مسٽر زيبرا تي نظر پئي، اهو گڏھہ جيڏو جانور بہ خوبصورت هو. پٽاپٽي. ائين اسان پوءِ ڪافي هنڌ ڏسندا اڳتي وڌڻ لڳاسين. سڄو زو ڏسڻ لاءِ سڄو ڏينھن کپي. سو مون وشال کي چيو تہ ’هاڻ گرمي ٿيندي پئي وڃي. هل تہ پانڊا ڏسون، پوءِ گهر هلئون، جو جمع جي نماز تي بہ هلڻون آهي.‘
پوءِ اسان مسٽر پانڊا وٽ پھتاسين. جتي ٻاهر پانڊا جا پشم جا گڏا وڪجي رهيا، اندر گهڙياسين تہ هڪ وڏي هال نما جاءِ ۾، جنھن جي ڏسڻ واري پاسي شيشا لڳل هئا ۽ اندر بلڪل پانڊن جي رهڻ جھڙو ماحول ٺاهيو ويو هو، هڪ وڏو پانڊو وڻ تي چڙهيو آرام فرمائي رهيو هو ۽ اڳيان وري ٻيو وڏو پانڊو ويٺو بانس چٻاڙي رهيو هو.سندس اکيون تمام ننڍيون هيون، انھن جي چوڌاري وڏا ڪارا گول هئا. سندس اکيون نظر نہ پي آيون. بھرحال چين جو اهو عجوبو جانور ڏسي خوشي ٿي. فوٽو بہ ڪڍياسين ۽ مووي بہ ڀريسين. انھن جي پاسي ۾ هڪ بانسن جو ننڍو ٻيلو ۽ ان جي وچ ۾ ڍنڍ ٺاهي ويئي هئي. ٿي سگهي ٿو تہ ان ۾ بہ پانڊا هجن، پر ان مھل نظر نہ آيا.
هاڻ اسان جي واپسي هئي. اسان سڀ هوريان هوريان ٻاهر نڪرڻ لاءِ هلڻ لڳاسين. ٻاهر نڪري کشين جي ماسين موڪلايو، کشين جي ماءُ بہ انھن سان رواني ٿي ۽ اسان گهر روانا ٿياسين. واپسي ۾ آءٌ چينين کي داد ڏيڻ کان سواءِ رهي نہ سگهيس تہ هنن پنھنجي عوام جي وندر ۽ ورونھن لاءِ ڪھڙو نہ سٺو زو Zoo ۽ پارڪ ٺاهيو آهي. اسان وقت جي تنگيءَ سبب زو جو فقط ڪجهہ حصو ڏسي سگهياسين، پر اهو يقين اٿم تہ دنيا مان ڪٿان بہ ڪو جانور يا پکي هٿ چڙهيو هوندو، اهو هن زو ۾ ضرور موجود هوندو.
واپس اچي هوٽل وٽ لٿاسين ۽ وشال مون کي چيو تہ هتي ويھه تہ گهران ڪپڙا بدلائي اچان تہ نماز تي هلئون. آءٌ اتي ئي ويھي رهيس. اڌ ڪلاڪ اندر وشال موٽي آيو ۽ ٽئڪسي گهرايائين ۽ اسان نماز لاءِ مسجد روانا ٿياسين. ان مھل سوا هڪ ٿي رهيو هو ۽ نماز پوڻين ٻين بجي ٿيڻي هئي، وقت تي نظر رکندي وشال چيو، ”نماز تي مشڪل پھچون.“ پر ٽئڪسي واري کي تيز هلڻ جي لاءِ بہ چئي نہ ٿي سگهياسين، جو ٽئڪسي مقرر رفتار کان تيز هلي ها تہ مٿس ڏنڊ پئجي وڃي ها. بھرحال، جماعت سان نماز اسان جي نصيب ۾ هئي، مسجد پھتاسين تہ خطبو پي پڙهجيو، اسان وضو ڪري اندر گهڙياسين تہ نماز بہ شروع ٿي وئي. مون ﷲ جو شڪر ادا ڪيو، جنھن پنھنجي وسيع ڪائنات جي هڪ ٽٻڪي زمين تي پنھنجي ملڪ کان هزارين ميل پري نئننگ ۾ مون کي اڄ ٻيو ڀيرو جمع جي نماز پڙهڻ جي توفيق عطا فرمائي.
نماز پڙهي ٻاهر نڪتاسين تہ ڏٺم هڪ آفريقي ۽ ٻہ ٽي ٻيا همراھہ پنھنجي موبائيل جهليو بيٺا هئا. وشال منھنجو انھن ڏانھن ڌيان ڇڪرايو تہ ”ابو هي خيرات پيا وٺن.“ مون هنن ڏانھن ڏٺو، پر ڳالھہ نہ سمجهيم، تيسين هڪ همراھہ آفريقن سان پنھنجي موبائيل سامھون ڪري ڪنيڪٽ ڪئي ۽ هليو ويو. ”ابو، چين ۾ پنڻ تي سخت پابندي آهي. تنھنڪري هنن يارن پنڻ جو اهو جديد طريقو اختيار ڪيو آهي تہ موبائيل جهلي بيٺا هوندا آهن، پوءِ جنھن کي خيرات ڏيڻي هوندي آهي، اهو سندس موبائيل سان ڪنيڪٽ ڪندو آهي ۽ کيس ٻہ چار يوآن خيرات طور ڊجيٽل ذريعي ڏياري موڪليندو آهي.“
”واھہ! خيرات وٺڻ جو جديد ۽ سائنسي طريقو.“ مون چيو، ”تڏهن تہ چوندا آهن، ضرورت ايجاد جي ماءُ آهي.“
[19 آڪٽوبر 2024ع]
رات وشال چيو تہ ”ابو هوٽل بند ڪري، پوءِ منھنجي هڪ بنگالي دوست بار کولي آهي، ڪجهہ ڏينھن اڳ ان بار جي افتتاح جي مون کي دعوت ڏني هئائين، پر وڃي نہ سگهيو هوس. هلو تہ چڪر هڻي اچون.... ابوذر بہ اچي ٿو.“
چيومانس تہ، ”جيڏانھن بہ وٺي هلندين هلندس...“
ائين اسان تيار ٿي ٻاهرنڪري اچي بائيڪ تي ويٺاسين ۽ بائيڪ نئننگ جي رستن تي روان دوان هئي. ان وقت رات جا ٻارهن ٿيا هئا. روڊن تي گاڏين جي رش هئي. هينئر چين ۾ طرح طرح جون ڪاريون وغيرہ آهن. مھنگي کان مھنگيون. هوٽلون ۽ بارون کليل هيون. دڪان بہ کليل هئا. مون اڪثر سفرنامن ۾ پڙهيو هو تہ چيني ڇھين بجي ماني کائي نوين بجي تائين سمھي رهندا آهن ۽ ڪڪڙو ڪو ٿي ويندي آهي. ٿي سگهي ٿو تہ 1978ع کان اڳ ۾ جڏهن چين اڃا ٻاهرين ماڻھن لاءِ دروازا نہ کوليا هئا، ائين هجي، پر هاڻ تہ چين ڄڻ مغرب جو ٻيو روپ بنجي ويو آهي. ڪي. ايف. سي، ميڪڊونلڊ، ماني جون هوٽلون، بارون، سڄي رات کليون پيون آهن ۽ اهو بہ تہ ٿي سگهي ٿو تہ چين جي ٻھراڙين ۾ ماڻھو نوين بجي تائين سمھي رهندا هجن ۽ ڪڪڙو ڪو ٿي ويندي هجي. مون کي ٻين شھرن جي تہ خبر ڪونھي، پر نئننگ منھنجي اکين اڳيان آهي، سو منھنجو هي مشاهدو فقط نئننگ شھر جو آهي. اڃا ٻين شھرن ۾ نہ ويو آهيان. جڏهن ويس تہ اتي جيڪو مشاهدو ٿيو يا جيڪو ڏٺم اهو لکندس.
وشال، بائيڪ مختلف رستن تان ڦيرائيندو، هڪ هنڌ اچي بيٺو، ابوذر اڳ ۾ ئي اتي بيٺو هو. ٻنھي ڄڻن بائيڪون هڪ هنڌ پارڪ ڪيون ۽ ٿورو اڳيان وڌياسين تہ هڪ شاپ جي اڳيان ڪجهہ ٽيبلون ۽ ڪرسيون رکيون هيون، جن تي ڪافي نوجوان ويٺا هئا. ائين محسوس ٿيم تہ حيدرآباد ۾ علي سي. اين جي ڪيفي ارسلان تي پھچي ويو هجان، جتي بہ شام جو ائين ئي ٽيبلون ۽ ڪرسيون رکيل هونديون آهن. اسان کي ڏسي هڪ ننڍي قد جو نوجوان، جنھن کي ڪارو پھراڻ ۽ اڇو پاجامو پاتل هو، مرڪندو اچي اسان سان مليو. ”هي ياسين آهي ۽ هن جو واسطو بنگلاديش سان آهي ۽ تازو ئي هيءَ بار کولي اٿائين.“ وشال هن جو مون سان تعارف ڪرايو ۽ پوءِ چيائين، ”هي منھنجو ابو آهي.“
”ويلڪم! انڪل! ڪيئن آهيو؟“ چيائين هو اردو ڳالھائي رهيو هو، پر سندس لھجو ڏاڍو مزيدار هو. پوءِ اتي ويٺل ٻيا نوجوان بہ اٿي اچي اسان سان مليا. سڀ بنگالي نوجوان هئا، رنگ جا سانورا ۽ قد جا ننڍا، پر ياسين رنگ جو ڳورو هو. سڀني سان ملي خوش خيرعافيت ڪري، اسان ياسين سان گڏ اندر اچي ويٺاسين. بار ڇا هئي، هڪ دڪان هو، جنھن ۾ هڪ پاسي دخل هو، دخل جي پويان ڀت ۾ لڳل شيلف ۾ قسمين قسمين شراب رکيا هئا. پريان هڪ ننڍو ڪچن هو، باقي بار ۾ ڪرسيون ۽ ٽيبلون رکيون ويون هيون. انھن مان هڪ ٽيبل جي چوڌاري ڪجهہ چيني ۽ بنگالي ڇوڪريون ۽ ڇوڪرا ويٺا پي رهيا هئا. سگريٽ جي بہ ڌم لڳي پئي هئي. خوب انجواءِ ڪري رهيا هئا. ڪرسين تي ويھندي ئي ياسين پڇيو، ”انڪل! ڇا هلندو... وائين، بيئر يا ڪولڊرنگ.... کائيندا ڇا؟“
”ماني تہ اسان کائي آيا آهيون، باقي ڪولڊرنڪ بھتر رهندو.“ وشال چيو.
”آءٌ بيئر پيئندس.“ ابوذر چيو.
ٿوري دير کان پوءِ ياسين ويو ۽ ڪچن مان هڪ پليٽ چانورن جي کڻي آيو، جيڪا اسان ٿوري ٿوري ڪري کاڌي ۽ بنگالي طريقي سان ٺھيل اهي چانور بي حد لذيذ هئا.
هتي مون اچي ڏٺو تہ چين ۾ ڪاروبار جا تمام وڏا موقعا آهن، هتي جيڪي شاگرد پڙهڻ اچن ٿا، انھن مان پوءِ ڪيترائي هتي ٽِڪيو پون ۽ ورڪ ويزا تي پنھنجا ڪاروبار ٿا ڪن يا شاگرديءَ جي دوران ئي هو ننڍا وڏا ڪم ڪريو پنھنجو پيٽ ڇڏايو ويٺا آهن. چيني کاڌي پيتي جا بہ تمام گهڻا شوقين آهن، تنھن ڪري تمام گهڻيون کاڌي جون هوٽلون، فوڊ شاپس کلي ويا آهن، انھن ۾ هڪڙا چيني عام کاڌن جا آهن ۽ ٻيا پاڪستاني ۽ بنگالي، جنھن شاهراھہ ’هوچو لو‘ تي وشال جي هوٽل آهي، ان تي ٻہ تہ رڳو پاڪستاني اسٽائيل ريسٽورينٽ آهن ۽ ڪيتريون ئي چيني ريسٽورينٽ پڻ.
چين ۾ ارڙهن سالن جي عمر کان پوءِ ڇوڪرو ۽ ڇوڪري آزاد هوندا آهن ۽ هو پنھنجي مرضيءَ جي زندگي گذارڻ جو حق رکن ٿا. مون ڏٺو تہ اڪثر چيني نوجوان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جا بواءِ ۽ گرل فرينڊ آهن. هو شام جو هٿ هٿ ۾ ۽ چيلھه ۾ هٿ ڏيو پيا ٽيلارا ڪندا آهن. شراب ۽ سگريٽ تہ هنن جي زندگي جو حصو هوندو آهي.
هتي جيڪي پرڏيھي شاگرد اچن ٿا، اهي بہ جلد ڪانہ ڪا چيني ڇوڪري گرل فرينڊ ٺاهيو وٺن، هتي گرل يا بواء فرينڊ ٺاهڻ ڪو مسئلو ڪونھي، پرڏيھي ڇوڪرا جيڪي گرل فرينڊس ٺاهيندا آهن، ان جو هڪ سبب چيني ٻولي سکڻ بہ آهي. ڪلھہ وشال هڪ پنجابي نوجوان عمر سان ملايو، جيڪو ٽيون ڏينھن منھنجي موجودگي ۾ پنھنجي چيني گرل فرينڊ کي پاڻ سان وٺي آيو. عمر وشال جي هوٽل تي پارٽ ٽائيم ڪم ڪندو آهي. وشال چيو تہ، ”هن نوجوان چئن مھينن ۾ چيني سکي آهي.“ مون پڇيومانس ”عمر... ڪيئن؟“ تہ چيائين تہ، ”آءٌ چيني ٻوليءَ جا ڪلاس بہ وٺندو هوس، پر مون گهڻي پنھنجي گرل فرينڊ کان سِکي. آءٌ ڳالھائيندو هوس تہ هوءَ منھنجو تلفظ ۽ جملا درست ڪندي هئي.“
گهڻا ڇوڪرا جيڪي چين ۾ رهي ڪونہ ڪو ڪاروبار يا ٻيو ڪم ڪار ڪرڻ گهرندا آهن تہ هو چيني ڇوڪرين سان شاديون ڪندا آهن ۽ پوءِ کين ان بنياد تي فئملي ويزا ملي ويندي آهي. جنھن ڏينھن اسان نئننگ آياسون، ان ڏينھن وشال پنھنجي هڪ دوست عادي جي شاديءَ ۾ وٺي هليو، جنھن پڻ هڪ چيني ڇوڪري سان شادي ڪئي، جيڪا طلاق يافتہ هئي ۽ ٻن ڇوڪرين جي ماءُ هئي. وشال ٻڌايو تہ عادي هتي ڪوبہ ڪم ڪار نہ ٿو ڪري، ڇوڪري ڪافي امير آهي، ۽ ڪافي بيوٽي پارلر اٿس. عادي ان جي ئي خرچ تي هلي ٿو. اتي ئي هڪ ٻي پنجابي نوجوان عليءَ سان ملاقات ٿي، جيڪي اڳ ۾ ٽي شاديون ڪري چڪو هو ۽ ٽنھي کي طلاق ڏيئي ڇڏيائين. هاڻ چوٿين شادي جي تيارين ۾ آهي. اهڙيون ڪجهہ ٻيون بہ ڳالھيون معلوم ٿيون. نہ فقط اهو، پر ڪيترين ئي پاڪستاني ڇوڪرين جون چينين سان پڻ شاديون ٿيل آهن. وشال وٽ هوٽل تي پنجاب جو هڪ نوجوان شھزاد مسيح بورچي طور ڪم ڪري ٿو، ان جي ڀيڻ جي هڪ چيني نوجوان سان شادي ٿيل آهي.
اسان ياسين سان ڪچھري ڪري رهيا هئاسين، جو ياسين ابوذر کي ڪن ۾ ڪجهہ چيو، جنھن تي ابوذر کليو ۽ وري وشال جي ڪن ۾ چيائين، جنھن تي وشال کليو ۽ مون کي چيائين، ”ياسين چوي ٿو تہ انڪل سگريٽ پيئندو آهي؟“ جنھن تي مون ياسين کي چيو تہ ”نہ باقي اوهان پيئو تہ اجازت اٿوَ.“
جنھن مھل ابوذر چيو تہ ”آءٌ بيئر پيئندس.“ تہ وشال مون کان پڇيو، ”ابو بيئر پيئندين؟“ مون نھڪار ڪندي چيو تہ ”نہ، باقي اوهان پيئو تہ ڀلي پيئو.“ جنھن تي وشال چيو تہ، ”مون نہ ڪڏهن شراب پيتو آهي نہ بيئر.“
اسان ڪلاڪ کن ياسين وٽ ويٺا رهياسين. پوءِ کانئس موڪلائي، ساڻس گڏ فوٽو ڪڍي روانا ٿي وياسين، ابوذر پنھنجي ماڳ ۽ اسان فليٽ تي.
اڄ وشال۽ کشين جي شاديءَ جي ٽين سالگرا هئي. شام جو کشين هڪ خوبصورت ڪيڪ وٺي آئي، جيڪو اسان تاڙين جي گونج ۾ ڪٽيو کاڌو. ان مھل هوٽل ۾ جيڪي گراهڪ ويٺل هئا، تن کي ڪيڪ کارايوسين. کشين جي امڙ کشين کي ٻہ سو يوان تحفي طور ڏنا. اسان اڳ ۾ ئي پاڪستان مان آندل سون جو سيٽ کشين کي تحفي طور ڏيئي چڪا هئاسين. ڪيڪ ڪٽڻ دوران مريم بار بار ذرو ذرو ڪيڪ جو کائيندي ۽ وري ٽشو پيپر سان وات اگهندي ”شي شا“ ڪندي رهي. جنھن تي اسان سڀ کلڻ ٿي لڳاسين.
*
[20 آڪٽوبر 2024ع]
وشال جي سس يعني کشين جي ماءُ ڏاڍي دلچسپ زندہ دل ۽ محنتي خاتون آهي، هر وقت کلندي ٿي رهي. ناني هئڻ جي ناتي مريم سان وڏي دل اٿس. هر وقت سندن خيال پئي رکندي آهي ۽ پٽَ تي ڪو ڇلڪو بہ ڏسندي آهي تہ کڻي ڊسٽبين ۾ اڇليندي آهي. ڏاڍي صفائي پسند آهي. هر وقت مون کي ۽ پنھنجي سيڻ يعني نسيم کي ڪانہ ڪا شئي کڻي ڏيندي آهي تہ کاءُ، جنھن تي آءٌ ’شي شي‘ چئي سندس ٿورو مڃيندو آهيان.
ڪلھہ مون وشال کان چيني ٻوليءَ جا ٻہ ٽي جملا سکيا تہ اڄ انھن جو واھہ جو استعمال ڪيم. بک لڳي اٿئي کي چيني ۾ چئبو آهي. ”وو آ لا“، ۽ جي نہ لڳي هوندي آهي تہ جواب ڏبو آهي. ”وو پائو لا“يعني ”مون کي ڍؤ ٿيو پيو آهي.“
اڄ بہ صبح جو جيئن اٿي منھن ڌوئي ٻاهر صوفي تي اچي ويٺس تہ هڪ پيالو چانورن يعني ڀت جو ڀري اچي مون کي ڏنائين، ان جي مٿان ڪا شئي ٻُرڪيل هئي، چانور اوٻاريل هئا. آءٌ سندس دل رکڻ خاطر ڪنھن بہ شئي کان انڪار نہ ڪندو آهيان، سو ورتم ۽ ٻہ ٽي چمچا کاڌم، صفا ڦڪا، لوڻ بہ نہ هو. چيني اڪثر اوٻاريل ۽ ڦڪا کاڌا کائين. باقي ذائقي مٽائڻ خاطر ڪڏهن ڪڏهن هوٽلن تي مصالحي دار کاڌا بہ وڃي کائيندا آهن. پر اهڙن چينين جو تعداد ٿورو آهي.
منھنجي گهر واري جيڪي بہ ڪپڙا پائيندي آهي، تنھن جي هوءَ وڏي واکاڻ ڪندي ۽ خوش ٿيندي آهي، اسان پاڪستان مان کشين، سندس ڀيڻ ۽ ماءُ لاءِ سلوار ۽ گهاگهريون ٺھرائي کڻي آيا هئاسين، سو اهي سڀ کشين ۽ سندس ڀيڻ کي ڏناسين. ان مان ڪالھہ هڪ وڳو کشين پاتو تہ کيس ڏاڍو پي ٺھيو. مون سندس واکاڻ ڪئي ۽ فوٽو ڪڍيو تہ گهڻي خوش ٿي. ٻہ ڏينھن گذري وڃڻ جي باوجود بہ کشين ماڻھنس لاءِ آندل وڳو کيس نہ ڏنو تہ اڄ جڏهن نسيم جي ڪپڙن جي واکاڻ ڪيائين تہ مون نسيم کي چيو تہ،”کشين کان ڪپڙا وٺي هن کي ڏي.“ پوءِ جڏهن کيس ڪپڙا ڏناسين تہ ان ئي وقت کڻي پاتائين ۽ ڏاڍي خوش ٿي، ان کان سواءِ هڪ پر س بہ کيس ڏنوسين، جنھن تي موتي جُڙيل هئا، سو بہ کڻي ڪلھي ۾ وڌائين ۽ مائي خوشيءَ مان اصل ٽڙي پئي. مون انھن ڪپڙن ۾ سندس فوٽو ڪڍيو ۽ پوءِ مڙسھنس لاءِ کيس هڪ لُنگي پڻ ڏنيم. جنھن تي پاڻ ۽ کشين ”شي شي“ چئي ٿورا مڃيا ۽ اسان کي بار بار چوندي رهي تہ ”منھنجي ڳوٺ اچو، اوهان کي ڏاڍو مزو ايندو.“ جنھن تي وشال کي چيم تہ ”يار هن جي ڳوٺ وٺي هل تہ چين جي ٻھراڙي بہ ڏسان.“
بھرحال ايندڙ هفتي اسان سندس ڳوٺ وڃڻ جو پروگرام ٺاهيو، سندس ڳوٺ نئننگ کان چئن ڪلاڪن جي مفاصلي تي آهي.
صبح مھل کشين جي ماءُ جنھن جو نالو ’وانگ هي ڪو‘ آهي، ۽ سندس ٻي ڌيءَ يعني وشال جي سالي، جنھن کي وشال ’جي جي‘ (يعني ڀيڻ) چوندو آهي، سندس نالو وانگ ين ڇنگ آهي، پاڻ ۾ ويٺيون ڳالھائي رهيون هيون تہ وشال مون کي چيو تہ،”هي پنھنجي ڳوٺاڻي ٻولي ۾ ڳالھائي رهيون آهن.“
”تون سمجهين ٿو؟“ پڇيومانس.
”ٿوري ٿوري....“ وشال وراڻيو.
مون ڌيان سان انھن جي ڳالھہ ٻولھہ ٻڌڻ شروع ڪئي. پر مون کي ڪوبہ فرق ان ڪري محسوس نہ ٿيو تہ منھنجي لاءِ چيني بہ دٻي ۾ ٺڪري مثل آهي. ٻنھي جا ٽونز/ آواز سمجهڻ کان سواءِ انھن ۾ فرق ڪرڻ مشڪل هو. مون نيٺ وشال کي چيو تہ پُڇينس تہ اها ڪھڙي ٻولي آهي؟ وشال کانئن پُڇيو. هنن وراڻيو تہ ”چنگ چائو.“ يعني اها چينيءَ کان ڌار ٻولي هئي، چيني سرڪاري انگن اکرن موجب چين ۾ 56 ٻوليون ڳالھيون وڃن ٿيون، ٿي سگهي ٿو تہ اها ”چنگ چائو“ ٻولي بہ انھن مان هڪ هجي، ڪجهہ ٻوليون اهڙيون بہ آهن، جيڪي خاتمي جي قريب آهن ۽ چيني ٻولي انھن کي ڄڻ کائيندي پئي وڃي.
چيني زبان جي نمايان ۽ امتيازي خاصيت سندس چار ٽونز (آواز Tones) آهن، جن جا نالا هن ريت آهن. هڪ: فيلٽ (Flate)، ٻيو: رائزنگ (Rising)، ٽيون: فالنگ ۽ رائزنگ (Falling and Rising) ۽ چوٿون: فالنگ (Falling). هڪ چيني شھري ئي ٻي چيني شھريءَ جي لفظن جي لاھہ چاڙھہ سان بدلجندڙ مفھوم سمجهي سگهي ٿو.
ان کان سواءِ چيني زبان جي ڪئريڪٽرز ۾ اسٽروڪس (Strokes) بنيادي اهميت رکن ٿا. بنيادي اسٽروڪس اٺ آهن. دراصل ٻہ يا ان کان وڌيڪ اسٽروڪس جيڪي پاڻ ۾ جڙيل هوندا آهن ۽ هڪ مجموعي يا سيٽ جي صورت ۾ هوندا آهن، انھن جو ڪل تعداد 29 آهي ۽ 39 قسم جي مختلف اسٽروڪن سان چيني ڪئريڪٽرز جُڙن ٿا. چيني ڪئريڪٽر لکڻ جا ڪجهہ متفق اصول آهن. انھن اسٽروڪس کي صدين کان چين ۾ اختيار ڪيو ويندو رهيو آهي ۽ انھن ۾ اسٽروڪس جي ترتيب ڏاڍي نمايان ۽ چٽي آهي. چيني ڪئريڪٽرز کي چئن قسمن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. پھريون قسم شيانگ سنگ (Xiang xings) آهي، جنھن جو مطلب شڪلين جي ذريعي چيني ڪئريڪٽرز جو اظھار آهي. ان قسم جون علامتون انھن شين جي خصوصيتن سان ميلاپ رکن ٿيون يا ائين بہ چئي سگهجي ٿو، اهي دنيا ۾ موجود شين جو عڪس هونديون آهن، جھڙوڪ: ٻني، سج ۽ جبل جي چيني زبان جي علامت. شيانگ تنگ اصولن جي بنياد تي چيني علامتن يا ڪئريڪٽرز جا پھريان يا شروعاتي سيٽ ترتيب ڏنا ويا آهن. ٻيو قسم ذي شي (Zhishi) علامتن/ نشانين جي پاڻمرادو وضاحت هوندي آهي. تصويري نشانين يا ڪئريڪٽرز جي ابتڙ اهي ڪنھن بہ شئي جي جسماني ساخت سان هڪجھڙائي نہ ٿيون رکن. البت انھن ۾ ڪجهہ اشارا هوندا آهن. جھڙوڪ: مٿينءَ يا هيٺين طرف اشارو يا نشاني. ٽيون قسم هوئي اي (Huiyi) نشانين يا ڪئريڪٽرن ۾ باهمي ربط/ ڳانڍاپو قائم ڪندڙ مجموعا هوندا آهن. اهي گهڻو ڪري ٻہ يا ٻن کان وڌيڪ ڪئريڪٽرز گڏي ڪنھن شئي جو مطلب سمجهائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. چوٿون قسم شنگ شينگ (Xing sheng) ڪئريڪٽرز آهن، جن کي تصويري يا موت وارا ڪئريڪٽر بہ چيو ويندو آهي. ان قسم جي ڪئريڪٽرز ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٻہ نشانيون جڙيل هونديون آهن. هڪ نشاني جو مطلب اظھار هوندو آهي ۽ ٻئي جو مطلب آواز هوندو آهي. چيني زبان جا گهڻا تڻا ڪئريڪٽرز شنگ شينگ (Xing sheng) آهن.
چيني دنيا جي واحد زبان آهي، جنھن ۾ مٿي ڇڪي ڳالھائڻ، ڌيمو ڳالھائڻ ۽ تيز ڳالھائڻ سان مفھوم بدلجي ٿو وڃي.
اڄ ئي شام جو جڏهن هڪ رستي تان لنگهي رهيا هئاسين تہ ٻہ مايون پاڻ ۾ ڳالھائي رهيون هيون، تہ وشال مون کي چيو، ”هي مايون مقامي زبان ڳالھائي رهيون آهن.“
”اها ساڳئي جيڪا کشين جي ماءُ ۽ ڀيڻ ڳالھائي رهيون هيون... چنگ چائو.“
”نہ، هيءَ ٻي ٻولي آهي.“ وشال وراڻيو.
[21 آڪٽوبر 2024ع]
گذريل ٻن ٽن ڏينھن کان طبيعت ۾ مزو ڪونھي. ٻانھن جي سور سبب بي چيني رهي ٿي، ٽنگن ۾ پڻ سور ٿئي ٿو. ڪالھہ صبح جو هوٽل تي ناشتو ڪرڻ وياسين تہ وشال جو دوست ڊاڪٽر فيصل محمود ويٺو هو، فيصل پي. ايڇ. ڊي ڊاڪٽر آهي ۽ هتي گوانگسو مينزو يونيورسٽيءَ ۾ پڙهائي ٿو. ان سان ذڪر ٿيو تہ هن چيو تہ مون کي بہ پُٺن ۾ سور پوندو هو، مساج ڪرايم تہ بھتر ٿي ويو، نسن جو مسئلو هو. مون بہ ٻڌايو مانس تہ حيدرآباد ۾ ڊاڪٽرن مون کي بہ ائين ئي چيو هو. وشال چيو تہ پوءِ ڪو مساج وارو ڳولھيون ٿا، جنھن کان ابوءَ جي ٻانھن جو مساج ڪرائجي. ٿوري دير کان پوءِ ابوذر بہ آيو، جنھن سان بہ ذڪر ٿيو تہ چيائين هتي مساج وارا جام آهن. هلو تہ ڪو ڳولھيون. ائين اسان ٽيئي ٻن بائيڪن تي نڪري پياسين ۽ گهمندا ڦرندا نيٺ هڪ هنڌ اچي هڪ دڪان جي اڳيان بيٺاسين، جنھن ۾ هڪ ٻاڏو چيني موبائيل ۾ مُنھن وجهيو ويٺو هو.
وشال ان سان ڳالھايو، ان مساج جا ستر يوآن چيا. مون وشال کي چيو تہ ستر يوان تمام گهڻا آهن، تہ وشال چيو، ”ابو پئسن کي ڪونہ ڏسبو، جيءَ خوش تہ جھان خوش.“
ان مھل مون کي هڪ پھاڪو ياد آيو. ”پھرين صحت سرير جي، پوءِ پرينءَ جو پاڇو.“
آءٌ ڪرسيءَ تي ويٺس، پوءِ چيني ڄڻ مون تي چڙهي ويو. ڪلھن کي ٻانھن کي اهڙو تہ اچي ورتائين جو بُت مان ٺڪاءَ ڪڍائي ڇڏيائين. وشال مون کي چيو تہ جي سور ٿئي تہ چئجنيس ”ٿونگ- ٿونگ“ معنيٰ ’مون کي سور پيو ٿئي.‘ اها مالش مُني ڪلاڪ جي هئي، سو وشال ۽ ابوذر چيو تہ ڀرسان ٿورو ڪم آهي، سو لاهي ٿا اچون. اڌ ڪلاڪ مھٽ سھٽ کان پوءِ مون کي چيائين تہ ”شرٽ لاهي“ شرٽ لاٿم تہ هڪ پلاسٽڪ جي ننڍي وٽي کڻي ڪلھي تي ان هنڌ فٽ ڪيائين تہ سور جي سٽ اُڀري تہ چيومانس ”نڀاڳا ٿونگ ٿونگ“ جنھن تي کليو، پوءِ الائجي ڪھڙا تيل کڻي اچي ٻانھن ۽ ڪنڌ کي مالش ڪيائين. سور ٿيو تہ چيومانس، ”نڀاڳا ٿونگ ٿونگ.“ جنھن تي هٿ جهليائين ۽ مون ڏانھن ڏسي چيائين، ”نہ پانا.“ جنھن تي کل اچي ويم ۽ چيومانس ”اڙي چنڊا... ٿونگ ٿونگ.“ مون کي کلندو ڏسي پاڻ بہ کلڻ لڳو ۽ وري ڪم تي چڙهي ويو. نيٺ وقت پورو ٿيو تہ هٿ ڪڍيائين ۽ ڪلھي مان دٻلي بہ ڪڍيائين. جتي ڏٺم تہ رت مِڙي آيو هو ۽ وڏو نشان ٿي ويو هو. چيائين تہ صحي ٿي ويندو. پوءِ هڪ ٻہ ورزش ڏسيائين ۽ اسان واپس موٽي آياسين. مون ٻانھن ۾ ڪافي بھتري محسوس ڪئي، پر وشال چيو تہ سڀاڻي اسپتال هلي ڊاڪٽر کي بہ ڏيکاريون ٿا. سڀاڻي اٺين بجي هلنداسين. پر اڄ اٺين بجي وشال جي سالي ’وانگ ين ڇنگ‘ تہ جاڳي تيار ٿي ويئي، جيڪا اسان کي اسپتال وٺي وڃڻي هئي، پر وشال دير سان نوين بجي جاڳيو، سو پروگرام ڪئنسل ڪري سڀاڻي جو رکيوسين. پر اڄ ٽين بجي چيائين ابو هل تہ ڊاڪٽر ڏانھن هلئون. وشال ايپ ذريعي ٽئڪسي گهرائي ۽ اسان چار ئي ڄڻا يعني ’وانگ ين ڇنگ‘، وشال، ابوذر ۽ آءٌ چارئي ’گوانگسي مينزو هاسپيٽل‘ پھتاسين. پھرين ڪائونٽر تي پھچي هڪ سلپ ڀريسين، جنھن ۾ منھنجو نالو، پاسپورٽ نمبر ۽ جنم جي تاريخ لکي، پوءِ اها سلپ ڪائونٽر واري کي ڏنيسين. جنھن هڪ ٻي پرچي ڪمپيوٽر تان ڪڍي ڏني ۽ پندرهن يوان في ورتي. جنھن تي مون وشال کي چيو تہ في تہ مناسب آهي. ”هائو، باقي اها ڪسر دوائون لکي ڏيڻ ۾ ڪڍندا.“ وشال جواب ڏنو. هيءَ خانگي ۽ تمام وڏي اسپتال هئي. جيڪا انڊر گرائونڊ بہ هئي تہ مٿي بہ ڪيترائي ماڙ هئس. چين جو صحت پبلڪ ۽ پرائيويٽ ٻنھي سطح تي هلايو پيو وڃي، ثقافتي انقلاب کان پوءِ چين جي هيلٿ سسٽم کي هڪ حد تائين پرائيويٽ ڪيو ويو هو.
حڪومت ماڻھن کي اها سھوليت ڏي ٿي تہ هو ’هيلٿ انشورنس‘ ڪرائين ۽ ڏھہ هزار آر. ايم. بي تائين ايندڙ خرچ جو نوي سيڪڙو حڪومت ڏيندي آهي. چين ۾ لڳ ڀڳ هر ماڻھو انشورنس ٿيل آهي، ان کان سواءِ چين ۾ رهندڙ پرڏيھي ماڻھو بہ جيڪي نوڪريون ڪن ٿا ۽ پڙهن ٿا، پاڻ کي انشورنس ڪرائين ٿا.
پرچي وٺي اسان اليڪٽرڪ ڏاڪڻيون چڙهي ٻي ماڙ تي آرٿو پيڊڪ ڊاڪٽر وٽ پھتاسين. ٻاهر انتظار گاھہ ۾ آرامدہ ڪرسيون رکيون هيون جن تي ڪافي ٻيا ماڻھو بہ ڊاڪٽر کي ڏيکارڻ لاءِ ويٺل هئا، ماحول ڏاڍو سٺو هو، لڳي ئي ڪانہ پئي تہ ڪا اسپتال آهي. ڄڻ ڪنھن ايئرپورٽ تي يا ڪنھن آفيس جي انتظار گاھہ ۾ ويٺل هجون. سامھون لڳل اسڪرين تي مريض جو نالو اچي رهيو هو ۽ نالي جي انائوسمينٽ بہ ٿي رهي هئي. ’وانگ ين ڇنگ‘ پرچي کڻي وڃي ڊاڪٽر جي ڪمري جي ٻاهران بيھي رهي. اسپتال جي ڊوڙ ڊوڙان ۾ وانگ ين ڇنگ اسان جي ڏاڍي رهنمائي ۽ مدد ڪئي. ٿوري ئي دير ۾ وارو اچڻ تي مون کي اندر سڏيو ويو، جتي هڪ چيني ڊاڪٽر ڊاڪٽرن وارو اڇو ايپران پايو اڳ ۾ ويٺل چينائڻ مريض کي ليٽائي گوڏن ۾ انجيڪشن هڻي رهيو هو. اتان واندو ٿيو تہ مون کي ڏٺائين. اتي منھنجي ٻانھن چيڪ ڪري هلائي، اٿلائي پٿلائي ڏٺائين. مون ٻڌايومانس تہ 5 جنوري 2023ع تي منھنجو ايڪسيڊنٽ ٿيو هو، پوءِ اهو مسئلو ٿيو. بھرحال سڄا تفصيل ڏنامانس، جيڪي وشال کيس ترجمو ڪري ٻڌايا. پوءِ مون کان شرٽ لھرائي اهو هنڌ چيڪ ڪيائين، پوءِ موبائيل کولي، جسم جي ان حصي جو ذرو پرزو ڏيکاريائين ۽ چيائين تہ مون کي شڪ آهي تہ هتي انجري آهي. ايم. آر. آءِ ڪرايون ٿا، جيئن خبر پوي تہ دوائن ذريعي ٺيڪ ٿيندي يا آپريشن ڪجي. بھرحال هن ڪابہ دوا وغيرہ لکي نہ ڏني. ٻاهر نڪري وشال چيو جي پاڪستان ۾ هجو هان تہ ’ايم. آءِ آر‘ کان اڳ ئي دوائن جي وڏي پرچي لکجي ملي ها، پر هتي بہ اڪثر ٽيسٽن کان سواءِ هڪ گوري بہ نہ ٿا ڏين.
اسان وري ڏاڪڻيون لھندا ۽ چڙهندا ٻي ڪائونٽر تي پھتاسين، جتي ايم. آءِ. آر ڪرائڻ جي فيس ڏني سين، جيڪا چار سئو يوان هئي. اتان پرچي وٺي مذڪوره هنڌ تي پھتاسين، جتي ويٺل مائيءَ پرچي وٺي ڪمپيوٽر ۾ نوٽ ڪري، پوءِ ٻي پرچي ڪڍي ڏنائين تہ سڀاڻي شام جو ستين بجي اچجو. يعني ايم. آءِ. آر سڀاڻي ٿيندي. ٻاهر نڪرندي وشال مون کي چيو، ”ابو، آپريشن بہ هتي ڪرائينداسين. هتي علاج جي گارنٽي آهي.“
جنھن تي کلندي چيومانس، ”ٺيڪ ٿيڻ، مرڻ ۽ جيئڻ جي گارنٽي تہ فقط ﷲ وٽ آهي. باقي ايم. آءِ. آر ٿئي تہ پوءِ فيصلو ڪنداسين.“
ٻاهر ديدي لاءِ بيٺاسين (چينيءَ ۾ ٽئڪسي کي ديدي چوندا آهن، وري زير ڏيڻ يعني ٻي آواز ۾ ديدي چوڻ سان ان جي معنيٰ ننڍوڀاءُ ٿيو وڃي). اتي ڪجهہ پاڪستاني نوجوان اڳ ۾ بيٺا هئا. جن مان هڪ کي وشال اڳ ۾ سڃاڻندو هو. وشال انھن سان وڃي مليو. جڏهن ان وشال جو ٻين سان تعارف ڪرايو تہ انھن چيو تہ ”اسان وشال جو نالو ٻڌو آهي.“ مون وشال کي چيو هتي توکي تہ سڀ سُڃاڻن، ان ڏينھن ياسين سان ملاقات ٿي تہ ان بہ مون کي چيو، ”انڪل يھان وسال بڙا پاپولر هي.“ [هتي انڊين ۽ بنگالي همراھہ وشال کي وسال چون. هو-ش- بدران س جو استعمال ڪن] منھنجي ان ڳالھہ تي وشال ڏاڍو کليو.
اڄ شام جو ڇھين بجي کشين جي ٻن چاچين هڪ هوٽل ۾ ”بوفي ڊنر“ جي دعوت ڏني آهي. ٿوري دير ۾ اوڏانھن روانا ٿينداسين.
[22 آڪٽوبر 2024ع]
رات پارڪسن چوڪ جيڪو ڇائو يانگ وانگر ئي نئننگ جو مشھور ۽ مصروف هنڌ آهي، ان جي هڪ هوٽل De. Sheet ۾ کشين جي هڪ ماسي ’وانگ ڦان‘ جنھن لاءِ وشال ٻڌايو تہ تمام گهڻي امير ۽ بزنيس وومين آهي ۽ سندس ڪيتريون ئي ڪمپنيون آهن. سندس هڪ پٽ آمريڪا ۾ آهي، اسان جي رات جي ڊنر رکي ڊنر بوفي هئي. ان ڊنر ۾ وشال، کشين، وانگ ين ڇنگ، وانگ هي ڪؤ (وشال جي سس) کشين جي ٻن ماسين (هڪ اها امير مائي ۽ هڪ ٻي جيڪا ان ڏينھن زو (Zoo) ۾ اسان سان گڏ هئي) کشين جي هڪ ڪزن، مون، نسيم ۽ وشال شرڪت ڪئي. اسان ٻہ ٽيبلون والاريون. بوفي جو سسٽم هن ريت هو تہ ٻنھي ميزن تي گوشت پچائڻ ۽ اوٻارڻ لاءِ هيٽر لڳل هئا، جن تي بوفي ۾ رکيل مختلف قسم جي گوشت جا ٽڪرا ۽ سبزيون کڻي اوٻاري يا پچائي کائي ٿي سگهجيون. مون وشال کي چيو تہ هتي رهنمائي ڪج تہ ڪھڙي شئي کائون. ڇو تہ جتي بوفي جا طعام رکيا هئا، اتي قسمين قسمين مختلف کاڌا، جن ۾ سي فوڊ، سبزيون، گوشت، مرغيون، مڇيون، فروٽ، مٺايون، جوس، وائين، آئسڪريم ۽ ٻيو الائجي ڇا ڇا رکيو هو. سڄي جو جائزو وٺڻ کان پوءِ ڪنھن شئي کڻڻ تي دل ئي نہ پي چيو. نيٺ هڪ ٻہ مٺائي جا ٽڪرا، ٽي چار اوٻاريل ڀينڊيون، مٽر ۽ بيھه جو هڪ اڌ ڪچو، اڌ پڪو اوٻاريل ٽڪر کنيم، نسيم ۽ وشال بہ اهي ئي شيون کنيون. باقي چينائي ميزبانڻين تہ ٻيو تہ گهڻو ڪجهہ کنيو، پر گوشت جا ڪچا ٽڪرا ۽ سبزيون بہ کنيون، جن ۾ کُنڀيون بہ هيون، پوءِ هنن اهي اوٻاري ۽ پچائي کاڌيون. اهو بوفي ڊنر ٻن ڪلاڪن جو هوندو آهي، جنھن ۾ في فرد اسي يوان ورتا وڃن ٿا ۽ پوءِ انھن ٻن ڪلاڪن ۾ جيترو ۽ جيڪو کائي سگهو، اهو کائو ۽ موج ڪريو. جڏهن اسان هٿ ٿي روڪيو تہ وري کائڻ لاءِ زورٿي ڀريائون.
ميزبان ’ماسي وانگ ڦان‘ ڏاڍي گريس فل ۽ کل مک ليڊي هئي، ڪجهہ وشال جي مدد سان ۽ ڪجهہ انڌي منڊي انگريزي ۾ گهڻا سارا حال احوال ٿيا. وشال جي واکاڻ ڪيائين ۽ چيائين تہ ”پاڪستان ۾ ڪاروبار جا ڪافي امڪان آهن، اوهان هِتان سامان گهرائي، اتي ڪاروبار ڪريو، آءٌ اوهان جي رهنمائي ڪنديس.“
ماني کائيندي وشال ڪو گهانگهٽ يا ڪا ڪڪڙ جي پڪل ٻوٽي ٿي کنئي تہ مون ماڻھنس کي ٺونٺ هڻندي ٿي چيو، ”ڏس، پُٽھين چينين سان گڏجي صفا کري ويو آهي. الائجي ڇا پيو کائي.“ تہ ماڻھنس ڪرڙين اکين سان کيس ٿي ڏٺو ۽ مون ۽ وشال وٺي ٽھڪ ٿي ڏنا تہ نسيم چوڻ ٿي لڳي، ”نيس ﷲ... ڪيئن نہ پيا کائين“ ۽ پوءِ گهر اچي ڌيئرن ۽ ڀيڻين کي فون تي مزي مزي سان ان دعوت جون ڳالھيون ٻڌايائين.
ٻہ ڪلاڪ ڏاڍي مزي ۽ کل خوشيءَ ۾ گذريا. پوءِ ٻاهر نڪري گروپ فوٽو ڪڍرايوسين، موڪلائڻ مھل وانگ ڦان، انگريزي ۾ مون کي چيو، ”اميد تہ وري هڪٻئي سان ملنداسين.“
واپسيءَ ۾ ڪار تائين ايندي مون ٻہ عجيب لقاءُ ڏٺا. هڪ ڪُنڊ ۾ ڏٺم تہ هڪ پوڙهو ۽ پوڙهي چينائڻ ڪستو رکي ويٺا پني رهيا هئا. ڪستي ۾ ماڻھن طرفان وڌل يوان پيا هئا. مون بيھي کين ڏٺو ۽ فوٽو ڪڍيو تہ ٻئي وات پٽي کلڻ لڳا، سندن منھن پوپلا هئا يعني ڏندن ڏاڙهن کان خالي. مون کي سندن ائين پنڻ تي حيرت بہ ٿي ۽ عجب بہ ٿيو. ٿورو اڳيان وڌيس تہ هڪ ٻي چينيءَ کي پٽ تي ويٺي ڪستو اڳيان رکي پنندي ڏٺم. گهڙي کن بيھي رهيس، سندس ڪنڌ جهڪيل هو. ان وقت مون کي سقراط جو قول ياد آيو، ”هر شھر ۾ ٻہ شھر وسن ٿا، هڪ اميرن جو ۽ ٻيو غريبن جو.“ چين جھڙي ملڪ ۾ جتي غربت جي خاتمي لاءِ وڏيون ڪوششون ڪيون پيون وڃن ۽ حڪومتي رپورٽن موجب هنن وڏي انگ ۾ غربت ختم ڪرڻ لاءِ قدم کنيا آهن. اتي هنن فقيرن کي ائين پنندو ڏسي خيال آيو هيڏي وڏي ترقي ۽ دنيا جي ٻي وڏي معاشي طاقت بنجڻ جي باوجود بہ چين جو هڪڙو روپ اهو بہ آهي، جيڪو هينئر مون ڏٺو.
فرلانگ کن اڳتي وڌياسين تہ فوٽ پاٿ تي سامان وڪڻندڙن ۾ هڪ پوڙهو ۽ پوڙهي ڏٺم، جيڪي هڪ ننڍي ٽپائيءَ تي چين جو جهنڊو لڳائي، ڪجهہ شيون وڪڻي رهيا هئا. سندن وهي اسي سال کن هوندي. مون کين ’ني هائو‘ چئي سلام ڪيو تہ هو ٻيئي مُرڪيا ۽ مون سندن فوٽو ڪڍيو تہ ٻنھي مرڪي پوز هنيو. جنھن تي مون کان کل ڇڏائجي ويئي. مون کي سندن اها ڳالھہ وڻي تہ هو اٽي تي چٽي ٿيڻ بدران هيئن شيون وڪڻي رهيا هئا. ايئن هو بہ چار ڏوڪڙ ڪمائي بہ وٺندا هوندا ۽ بازار ۾ وندريو بہ ويٺا هوندا. اڳيان ڪٿي لکي آيو آهيان تہ چيني پوڙها هجن يا جوان ڪونہ ڪو ڪم ڪار ۽ ڌنڌو ڌاڙي پيا ڪندا آهن.
صبح جو اٿي ٻاهر ويٺس تہ خبر پئي تہ وانگ هي ڪؤ (وشال جي سس) سوير اٿي ڳوٺ هلي ويئي آهي. هوءَ ڪالھہ صبح جو موڪلائي ويئي هئي، ڌيڻس وان ين ڇنگ کيس ڇڏڻ ويئي، پر ڪلاڪ کان پوءِ وري موٽي آيون ۽ چيائين تہ منھنجي ڀيڻ مون کي فون تي چيو تہ ”اڄ نہ وڃ.“ تنھنڪري موٽي آيس. رات دعوت ۾ پڻ موجود هئي. ڪلھہ رات جڏهن مون کيس سندس مڙس لاءِ لُنگي ڏني هئي تہ ان مھل آءٌ اندران ”سرها ڏٺم سي“ ڪتاب کڻي آيس ۽ وشال کي ان جي پويان منھنجي ۽ امان جي ڇپيل تصوير ڏيکاريم، وشال وري کيس ڏيکاري تہ هوءَ ڏاڍي خوش ٿي ۽ وري ڪتاب جي ڪوَر تي منھنجو فوٽو ڇپيل ڏٺائين تہ آڱوٺو ڏيکاري خوشيءَ جو اظھار ڪيائين ۽ وشال جڏهن کيس ٻڌايو تہ ابو ليکڪ بہ آهي تہ هٿ جي اشاري سان چيائين تہ واھہ، پوءِ نوٽ بوڪ ۾ سنڌي ۾ منھنجا ورتل نوٽس کڻي ڏٺائين ۽ دلچسپيءَ جو اظھار ڪيائين. وشال جڏهن کيس چيو تہ آءٌ مائوزي تنگ کي پسند ڪندو آهيان تہ خوشي مان چيائين، ”مائوزي تنگ جو مڙھہ بيجنگ ۾ رکيو آهي. بيجنگ وڃو تہ ضرور ڏسجو.“ اڄ جو ائين هلي ويئي تہ بي حد ڏک ٿيم ۽ وشال کي چيم تہ سندس ڳوٺ ضرور هلبو، سندس ڳوٺ نئننگ کان چئن ڪلاڪن جي مفاصلي تي آهي.
اڄ صبح جو تيار ٿي ڊاڪٽر فيصل محمود جي ڏنل دعوت تي ’گوانگزو مينزو يونيورسٽي‘ وياسين. ڊاڪٽر فيصل اصل پنجاب جو آهي، بيجنگ مان پي. ايڇ. ڊي. ڪري اتي ئي اڍائي سال استاد ٿي، پڙهايائين، پوءِ پاڪستان هليو ويو، جتي سندس چواڻي تہ روزگار لاءِ ڏاڍو ’رليس ۽ خوار ٿيس‘. نيٺ چين موٽي آيس ۽ گوانگزو مينزو يونيورسٽي ۾ اٺن سالن جي ڪانٽريڪٽ تي آهي، پگهار ماهوار ڇھه هزار يوان اٿس، جيڪو ايترو ڪو گهڻو ڪونھي، رهائش ۽ بجلي وغيرہ پڻ يونيورسٽيءَ پاران ڏنل اٿس. ڊاڪٽر فيصل وشال جو دوست آهي ۽ شام جو روز وشال جي هوٽل تي ماني کائڻ ايندو آهي. اسان کي ڪافي ڏينھن کان چيائين پئي تہ مون وٽ اچو، نيٺ ڪالھہ کيس ٻڌايوسين ۽ اڄ وڃي نڪتاسين.
’گوانگزو مينزو يونيورسٽي‘ تمام وڏي آهي، نئننگ ۾ ئي ڪيترا ڪئمپس اٿس شھر اندر هڪ شھر آهي، منھنجي ورتل ڄاڻ موجب رڳو نئننگ ۾ ئي پندرهن کن يونيورسٽيون ۽ انھن جا ڪئمپس آهن. جن ۾ ڏيھي توڙي پرڏيھي شاگرد پڙهن ٿا. يونيورسٽين جون عمارتون شاندار ۽ ميلن ۾ پکڙيل آهن ۽ هر قسم جي جديد ٽيڪنالاجي سان ليس. چيني حڪومت جو تعليم ڏانھن وڏو ڌيان آهي. چين عالمي ريڪنگ ۾ تعليم جي اعتبار کان 22 هين نمبر تي آهي. تعليم رياست جي ڪنٽرول ۾ آهي. البت پرائيويٽ اسڪولن ۽ ڪاليجن جي بہ اجازت آهي، پرائيويٽ اسڪول چين جي تعليمي نظام ۽ سليبس جي پابندي ڪن ٿا. چين ۾ ٻارن کي 9 سالن تائين مفت ۽ لازمي تعليم ڏني ويندي آهي. تعليم جو ميڊيم چيني زبان آهي. گريڊ فور کان انگريزي زبان سيکاري ويندي آهي.
يونيورسٽيءَ جي ڏسيل گيٽ وٽ لٿاسين، جتي ڊاڪٽر فيصل اسان جي اوسيئڙي ۾ بيٺو هو ۽ اسان کي وٺي پنھنجي ڊارميٽري آيو، جيڪا سڏ پنڌ تي هئي. اسان هلندا سندس رهائش واري ڊارميٽري آياسين. جتي ڊاڪٽر فيصل سميت ڪيترن ئي استادن کي رهائش ڏنل آهي. سڄي يونيورسٽيءَ ۾ استادن ۽ يونيورسٽي جي عملي جي رهائش لاءِ اهڙيون ڪيتريون ئي ڊارميٽريون ٺھيل آهن. اسان لفٽ ۾ چڙهي ٻي ماڙ تي آياسين، ڊاڪٽر فيصل پنھنجي رهائش گاھہ جو دروازو کوليو ۽ اسان اندر گهرياسين، اها فليٽ ٽائپ ٺھيل رهائش گاھہ هڪ بيڊ روم، خُلاصي ٽي وي لائونج، ڪچن، ننڍي اسٽور روم ۽ واش روم تي مشتمل هئي ۽ سڄي ايئرڪنڊيشنڊ ۽ صاف سٿري هئي. ڊاڪٽر فيصل هتي فيملي سان رهي ٿو، سندس گهر واري ۽ پُٽ پاڪستان ويل هئا. ڊاڪٽر فيصل الائي ڪيترين شين جو بندوبست ڪيو هو. اسان کائيندا بہ رهياسين ۽ ڪچھري بہ ڪندا رهياسين. مون ڊاڪٽر فيصل کان پُڇيو تہ، ”مون اڪثر چين جي سفرنامن ۽ ڪتابن ۾ پڙهيو آهي تہ چيني ماڻھو شام جو ڇھين بجي ماني کائي ڇڏيندا آهن ۽ نوين تائين ڪڪڙوڪو لڳي ويندي آهي. پر هتي نئننگ ۾ اچي مون تہ معاملو ان جي اُبتڙ ڏٺو آهي. نئننگ تہ سڄي رات کلي پئي هوندي آهي ۽ چيني ماڻھو تہ ڇھين کان پوءِ بہ کائڻ پيئڻ لاءِ هوٽلن تي وڏي تعداد ۾ نظر ايندا آهن؟“
”مون بيجنگ ۾ اڍائي سال نوڪري ڪئي آهي، اُتي سردي تمام گهڻي ٿئي ٿي، اڪثر مائنس کان بہ هيٺ هلي ٿي وڃي. ان ڪري ڏينھن جو ٻارهين بجي ڪاروبار کلي ٿو ۽ پنجين بجي تائين بند ٿيو وڃي ۽ ماڻھو سرديءَ سبب گهرن ۾ واڙجيو وڃن ۽ سواءِ ڪنھن ضروري ڪم جي ٻاهر نہ ٿا نڪرن. آءٌ جڏهن نئننگ آيس تہ هتي مون صورتحال بيجنگ جي ابتڙ ڏٺي، هتي موسم معتدل آهي، نہ ايتري سردي نہ گرمي، ان ڪري ڪاروبار بہ رات جو دير تائين کليل رهي ٿو تہ ماڻھو بہ هلندا وتن. جن دوستن سفرنامن ۾ اها ڳالھہ لکي آهي، اها بيجنگ جي ماحول ۽ موسم کي نظر ۾ رکندي لکي آهي...“ ڊاڪٽر فيصل جواب ڏنو.
ڪلاڪ سوا ويٺا ڪچھري ڪندا رهياسين، پوءِ موڪلائڻ لاءِ اٿياسين ۽ ڊاڪٽر جو زور هو تہ نہ وڃو، پر وشال کي ڪم هئا ۽ منھنجي طبيعت ۾ بہ مزو نہ هو. سو هيٺ لھي آياسين ۽ پنڌ ئي پنڌ يونيورسٽي ڏسندا هلڻ لڳاسين ۽ ڊاڪٽر ٻڌايو تہ يونيورسٽي جي هي ڪئمپس ننڍي آهي. ٿورو پرتي هڪ ٻي ڪئمپس بہ آهي. ڊاڪٽر اسان کي اتي هڪ ننڍي مصنوعي ڍنڍ بہ ڏيکاري، ڀرسان ئي يونيورسٽي جو هڪ وڏو ڪنسرٽ هال بہ هو. اسان وري اڳتي وڌياسين ۽ ’چائنا- ايشين لا اسڪول‘ تائين پھتاسين. جيڪو پڻ يونيورسٽيءَ جو حصو هو. اندرينءَ گيٽ وٽ چيني ۽ انگريزي ۾ نالي لکيل هئڻ سان گڏ ڪيترن ئي ملڪن جا جهنڊا پڻ پينٽ ٿيل هئا، پر انھن ۾ پاڪستاني جهنڊو نہ هو. اتي هڪ ننڍي لئبريري بہ هئي، جنھن ۾ بہ ڪتاب چيني ٻولي ۾ رکيل هئا، البت ٽي چار ڪتاب ڊويلپ مينٽ تي انگريزي ۾ بہ هئا. ان کان سواءِ چيني صدر شي چن پنگ جي ڪتاب ”چين جي طرز حڪمراني“ جا پڻ چيني ۽ انگريزي ۾ ڪجهہ جلد رکيا هئا. اتي چيني ۾ ڪجهہ اخبارون پڻ رکيل هيون. آءٌ گذريل ڪيترن ئي ڏينھن کان ڪنھن اخباري اسٽال جي ڳولا ۾ هئس، وشال مون کي هڪ اسٽال ڏيکاريو، جيڪو بند هو ۽ مون کي سدائين بند ئي نظر آيو. اڄ ڏينھن سوڌي مون نہ ڪنھن جي هٿ ۾ اخبار ڏٺي آهي ۽ نہ ڪو ڪتاب. بھرحال اسڪول ڏسي اسان ٻاهر نڪتاسين تہ هڪ شٽل اچي لنگهي، ڊاڪٽر فيصل چيو، ”ڇو نہ شٽل ۾ چڙهي يونيورسٽيءَ جو چڪر هڻون.“ اسان ها ڪئي تہ ڊاڪٽر ٻي ايندڙ شٽل کي هٿ ڏنو، جيڪا بيٺي، اسان ان ۾ چڙهي ويٺاسين. في ماڻھو هڪ يوان ۾. يونيورسٽيءَ جي ان چڪر ڏاڍو مزو ڏنو. سڄي ڪئمپس خوبصورت عمارتن، وڻن ٽڻن، سُھڻن رستن جو هڪ نمونو هئي. چڪر پورو ڪري واپس اچي مکيہ گيٽ وٽ لٿاسين. وشال ايپ ذريعي ديدي (ٽئڪسي) گهرائي، تيستائين ڊاڪٽر فيصل بيٺو رهيو. سندس محبت ۽ ميزبانيءَ جي مھرباني مڃي اسان ٽئڪسي ۾ ويٺاسين تہ ڊاڪٽر فيصل بہ روانو ٿيو.
شام جو ساڍي ڇھين ڌاري وشال مون کي بائيڪ تي کڻي اسپتال ويو، جتي منھنجي ايم. آر. آءِ. ٿيڻي هئي. اسان اسپتال پھچي واسطيدار هنڌ پھتاسين. جتي هڪ چينائڻ ويٺي هئي. کيس رسيد ڏيکاريسين تہ هن مون کي اندر سڏيو، کيسن مان سڀ سامان ۽ پينٽ جو بيلٽ بہ لھرائي ورتائين ۽ پوءِ مون کي کڻي سمھاريائين ۽ چرڻ پرڻ کان منع ڪيائين ۽ منھنجي جسم جو اڌ مشين ۾ هليو ويو. مون لمس ڄامشوري مان ٻہ ڀيرا اڳ ۾ ايم. آر. آءِ ڪرائي هئي، تنھنڪري مون کي خبر هئي تہ مون کي پندرهن ويھه منٽ بي سڌ ٿي ليٽيو رهڻون آهي. مون اکيون ٻوٽي ذهن خالي ڇڏي ڏنو. پندرهن ويھن منٽن تائين مشين جا آواز ۽ ٺڪاٺوڪي ٿيندي رهي، پوءِ مون کي مشين مان ٻاهر ڪڍي اٿڻ جي لاءِ چيائين. وشال بہ اتي بيٺو هو. جنھن مون کي بيلٽ ڏنو ۽ اسان ٻاهر نڪري آياسين. وشال مون کي ٻڌايو تہ هو سڄو وقت ڪمپيوٽر وٽ مشين آپريٽ ڪندڙ خاتون وٽ ويٺو ساڻس ڪچھري ڪندو رهيو. وشال مون کي ٻڌايو تہ مائيءَ چيو، ”ڪلھي ۾ ڪو مسئلو ضرور آهي. باقي رپورٽ اچي تہ خبر پوي.“
”رپورٽ ڪڏهن ملندي؟“ مون پڇيو.
”سڀاڻي-“ وشال چيو، ”جي آپريشن جي ضرورت پئي تہ ڪرائي ڇڏينداسين.“
”پر هتي منھنجي تہ انشورنس بہ ٿيل ڪونھي، تنھنڪري تمام گهڻو خرچ ايندو، ايترا پئسا ڪٿان ايندا؟“
”ﷲ مالڪ آهي، ابو، پئسا اچڻا وڃڻا آهن.“ وشال چيو گهڙي کن ترسي وري چيائين، ”باقي ابو توکان مون کي شڪايت آهي، تہ تون پنھنجي صحت جو خيال نہ ٿو رکين.“ جنھن تي آءٌ کلي پيس ۽ چيم، ”پوءِ ماڻھو چوندا تہ يوسف بہ وڏن ماڻھن وانگر علاج ڪرائڻ جي لاءِ چين ويو هو.“
جنھن تي وشال ڏاڍو کليو.
[23 آڪٽوبر 2024ع]
جيئن ئي فيس بوڪ کوليم تہ رئوف نظاماڻي جي پوسٽ تي نظر پيئي، جنھن ۾ هن ڪالھہ راحت سعيد جي گذاري وڃڻ جي حوالي سان پنھنجن خيالن جو اظھار ڪندي راحت سعيد کي خراج تحسين پيش ڪيو هو. راحت سعيد جي گذاري وڃڻ جو پڙهي سخت صدمون رسيم. راحت منھنجو پيارو دوست هو، جنھن سان 2006ع کان وٺي دوستي رهي. راحت سعيد ئي مون کي انڊيا وٺي ويو. کيس ڦڦڙن جي ڪئنسر هئي. چين اچڻ کان اڳ تائين منھنجو ساڻس رابطو هو. اڪثر ٻي چوٿين ڏينھن فون تي ڳالھائيندو هومانس. پوين ڏينھن ۾ ٻہ ٽي ڀيرا چين لاءِ ويزا وٺڻ لاءِ جڏهن ’چئريز‘ ويندو هئس، تہ ساڻس وڃي ملندو هئس. آخري ڀيرو پنھنجي گهر واري نسيم ۽ نياڻي پارس کي بہ وٺي ويو هئس، جنھن تي هو گهڻو خوش ٿيو هو. هن نسيم کي ڪپڙن جو جوڙو ۽ پارس کي ڪتاب تحفي طور ڏنو هو.
راحت جي وفات جي خبر هِتي پرڏيھه ۾ منھنجي لاءِ سخت صدمي جو سبب بڻي. راحت پنھنجي زندگي ڀرپور گذاري. دنيا جھان ڏٺائين، پاڻ صحيح معنيٰ ۾ سنڌ دوست هو، سنڌ جي قومي مسئلن تي سدائين پنھنجو چٽو ۽ واضح موقف رکندو هو.
*
حيدرآباد ۾ هئس تہ ڏينھن گذرندو ئي نہ هو ۽ هتي نہ ڪو ڪم نہ ڪار، پر خبر ئي نہ ٿي پوي ۽ ڏينھن گذريو وڃي. اصل ۾ هتي ڏينھن ننڍا ٿا لڳن يا وقت جي تبديليءَ جي ڪري، سج جو ڦيرو گهٽ وڌ ٿئي ٿو ۽ ڏينھن ائين گذريو وڃي اصل گولي.
صبح جو ساڍي اٺين ڌاري وشال، ماڻھنس ۽ آءٌ گڏجي ويزا آفيس وياسين، جتي منھنجي ۽ نسيم جي وڌيڪ هڪ سال لاءِ ويزا اپلاءِ ڪئيسين. ويزا آفيس تمام وڏي ۽ ڪيترائي ماڙ هئي. اسان ٽي ماڙ تي پھچي، مذڪوره ڪائونٽر تي پھتاسين. جتي ويٺل ڇوڪريءَ جو رويو ڏاڍو سٺو هو، هن ڪافي رهنمائي ڪئي ۽ پوءِ چيائين تہ ’وانگ ين هونگ‘ (يعني کشين) پاڻ اچي، صحيح ڪري، ڇو تہ اسان جي ميزبان ”کشين“ ئي آهي، وشال فئملي ويزا تي رهي ٿو، في الحال وشال جو اهو اسٽيٽس ڪونھي تہ هو اسان کي گهرائي ۽ رهائي سگهي. وشال کي چين ۾ سٽيزن ڪارڊ 2027ع ۾ ملندو، جنھن کان پوءِ هو ڏھہ سالن تائين ان ڪارڊ جي بنياد تي چين ۾ رهي سگهي ٿو ۽ کيس ويزا جي ضرورت نہ پوندي. ڪوبہ ٻاهريون شھري ڪنھن چيني عورت سان پرڻجڻ کان پنج سال پوءِ، جيڪڏهن شادي قائم آهي تہ ان ڪارڊ لاءِ اپلا ڪري سگهي ٿو. اهو ڪارڊ ملڻ کان پوءِ وشال کي ڪيترائي ٻيا فائدا بہ گورنمينٽ قاعدن موجب ڏيندي، ان دوران چيني ڇوڪري سان شادي ڪندڙ فئملي ويزا تي رهي سگهي ٿو. چيني گورنمينٽ ڪنھن بہ ٻاهرين ماڻھو کي شھريت نہ ٿي ڏي، باقي اهو ڪارڊ ڏي ٿي.
ان دوران اسان ٻيون سڀ فارمليٽيز پوريون ڪري ڇڏيون. ڪلاڪ کن کان پوءِ جڏهن کشين آئي ۽ هن فارم تي صحيحون ڪيون تہ پراسيس مڪمل ٿيو ۽ في ماڻھو چار سؤ يوان في ادا ڪئيسين. وشال جو خيال آهي تہ آءٌ ۽ ماڻھنس هتي رهي پئون ۽ آءٌ پاڪستان وڃي رٽائرڊمينٽ وٺي اچان. مون کيس سمجهايو تہ في الحال منھنجي لاءِ ائين ڪرڻ ممڪن ڪونھي. البت وچ وچ ۾ اچي سگهجي ٿو ۽ مھينو ٻہ رهي سگهجي ٿو، پاڪستان مان ويزا پراسيس ٿورو ڏکيو آهي. تنھنڪري هتان ئي ويزا وڌرائي ڇڏڻ گهرجي. ان وچ ۾ ڪا رڪاوٽ نہ ٿي تہ انشاءَ ﷲ مارچ- اپريل 2025ع ۾ وري اچبو.
ويزا آفيس ۾ ويزا آفيسر جڏهن ايف آر سي چيڪ پئي ڪئي تہ اسان جا ڇھه ٻار داخل ڏسي چيائين، ”هل هيترا ٻار“. جنھن تي مون چيو تہ ”اسان تہ اڌ ڊزن ٻار ڄڻيا آهن، پر پاڪستان ۾ تہ ماڻھو ڊزن ٻار ڄڻي بہ چوندا آهن تہ اڃا بہ ٻار ٿين.“ تہ اچي کليو. چيني وڌ ۾ وڌ هڪ ٻار ڄڻين يا ٻہ. اها ٻي ڳالھہ آهي تہ مون ٻھراڙين ۾ رهندڙ چينين جا چار چار ٻار بہ ڏٺا آهن. ٻہ مثال تہ منھنجي سامھون آهن. کشين واريون پاڻ ۾ ٽي ڀيڻيون ۽ هڪ ڀاءُ يعني چار ڄڻا آهن. کشين جي ماءُ کي بہ ٻہ ٻيون بہ ڀينرون آهن، ٿي سگهي ٿو تہ ڪو ڀاءُ بہ هجين. بھرحال جتي ڪٿي سڀ ڪام چلتا هي.
فليٽ تي پھچي نسيم چيو تہ ”هتي وشال پنھنجي ڪيڏي نہ خدمت پيو ڪري، زبان مان لفظ ڪڍ تہ پورو، سڄو ڏينھن سُتا پيا آهيون. واپس هلي وري پريشان ٿينداسين. دل چوي ٿي تہ نہ هلون.“
چيومانس، ”پريشانيون پاڻ پاڪين جي نصيب ۾ آهن. بجلي ڪونھي، پر بجلي جا بل ڏيڻ ۾ پريشان، گئس ڪونھي، پر گئس جي ميٽر جي هزار رپيا مسواڙ، گهر ۾ اٽو ڪونھي، بصر ڪونھي، پٽاٽو ڪونھي وغيرہ، اهي اهڙيون پريشانيون آهن ۽ حڪمرانن ان ڪري پيدا ڪيون آهن تہ جيئن اسان سڄو وقت ڳڻتين ۾ ڳري پريشانين ۾ پورا ٿي وڃون. هِتي تہ ويٺي ويٺي وقت ئي نہ ٿو گذري.“
جنھن تي کلي پيئي.
شام جو وشال، وانگ ين ڇنگ ۽ آءٌ ايم آر آءِ کڻڻ جي لاءِ اسپتال وياسين. اها رپورٽ کڻي ڊاڪٽر کي ڏيکاريسين. جنھن ڏٺي ۽ چيائين تہ ”في الحال دوائون لکي ٿو ڏيان، هفتي کن کان پوءِ ڪو فيصلو ڪنداسين.“
هن رپورٽ جي نمبر تي گول وجهي ڏنو ۽ اسان ٻاهر نڪري آياسين.
”وشو دوا تہ ڪونہ لکيائين.“ مون چيو.
”لکيون اٿس هلي وٺون ٿا.“ جواب مليو.
خاموش ٿي ويس تہ ڏسجي.
هيٺ لھي وشال هڪ ڪائونٽر تي ويو، جتي ان ٽيسٽ جو ڊاڪٽر پاران گول دائري وارو نمبر ڏيکاريائين. ان وري ڪمپيوٽر مان ٻہ ننڍيون پرچيون ڪڍي ڏنيون، جيڪي وري ٿورو اڳيان هڪ وڏي ميڊيڪل اسٽور تي ڏنائين، جنھن ڍڳ دوائن جا ڏنا، جيڪي سڀ ’چائنيز ميڊيسين‘ هيون. جيڪي سڀ کڻي ٻاهر نڪتاسين، مون کي وشال کان پُڇڻ جي همت ئي نہ ٿي تہ دوائون گهڻن پئسن جون ٿيون.
ٻاهر نڪري وشال چيو،”ابو تون پنھنجي صحت جو خيال نٿو ڪرينءَ، ان ڏينھن مساج واري ٻاڏي چينيءَ بہ ائين چيو تہ ايڪسر سائيز ڪر، ٽيون ڏينھن بہ ۽ اڄ بہ ڊاڪٽر ائين چيو... ڊاڪٽر جي چوڻ موجب اوهان نہ گهڻو پاڻي ٿا پيئو، نہ فروٽ ٿا کائو، نہ وري بھتر ڊائيٽ. ڊاڪٽر جو چوڻ آهي تہ گهڻي ڪمزوري اٿوَ.“
آءٌ دل ئي دل ۾ کلڻ لڳس.
گهر پھچي وشال پھريون ڪم اهو ڪيو جو مون کي گورين جو وزن کارايائين ۽ ’وانگ ين ڇنگ‘ منھنجي ڪلھي تي جتي سور هو، اتي پلاسٽر رکيو. جيڪو ڪلاڪ کان پوءِ لاهڻون هو. ڏهين بجي ڌاري وري ٻيو ڊوز کارايو ۽ سندس ونيءَ کشين ’ابو ابو‘ چئي منھنجي ڪلھي تي پلاسٽر هنيو. مون کي ٻنھي ڀيڻن پاران منھنجو اهڙو خيال رکڻ تي خوشي ٿي ۽ مون ’شي شي‘ چئي سندن مھرباني مڃي.
[24 آڪٽوبر 2024ع]
صبح جو سوير اٿي، وشال جيڪو جوگر ڏنو هئم، اهو پاتم ۽ واڪ تي نڪري ويس، هتي ڪي دڪان خاص ڪري، ڊبل روٽي ۽ جوسن وارا سوير ئي کليو وڃن، ڪي تہ وري سڄي رات بند ڪونہ ٿين. آءٌ سڌو رستو ڏيئي گوانگسي يونيورسٽي سب وي اسٽيشن تائين ويس ۽ پوءِ وري موٽي واپس پنڌ ڪندو روڊ جي ٻي ڇيڙي تائين ويس ۽ پوءِ واپس گهر ويندي ننڍي پارڪ ڏانھن لڙي ويس، جتي اُن ڏينھن مريم سان گڏ ويو هئس، جتي ڪجهہ جهولا ۽ ورزش لاءِ اوزار رکيا هئا، سو هٿن پيرن ۽ ٻانھن جي ورزش ڪيم ۽ گهر موٽي آيس.
ڊاڪٽر جيڪي دوائون ڏنيون آهن، اهي هر ٽن ڪلاڪن کان پوءِ کاوان پيو. ٿورو فرق محسوس ڪريان پيو.
ڪجهہ ڏينھن اڳ جڏهن ’ڪُتا مارڪيٽ‘ ويو هئس تہ وشال کان پڇيو هئم تہ چيني جانور ڪيئن ذبح ڪندا آهن. چيائين جانورن جي معاملي ۾ چيني وڏا ظالم آهن، هو پھرين جانور کي مٿي ۾ مُترڪو هڻندا آهن، جنھن سان جانور گهوماٽجي ڪري پوندو آهي. پوءِ ڳچيءَ ۾ سڌي ڪاتي هڻي رت ڪڍي ٿانوَ ۾ جمع ڪندا آهن ۽ پوءِ يا تہ ان کي گرم ۽ ٽھڪندڙ پاڻي ۾ اڇلائيندا آهن، ائين سندن کل لھي ويندي آهي. ڪڪڙين، بدڪن، نانگ ۽ ٻين جون پھرين ڳچيون مروڙيندا آهن. پوءِ کين ٽھڪندڙ گرم پاڻي ۾ اڇلائيندا آهن، ائين سندن کل لھي ويندي آهي.
اڄ ابوذر اقبال سان اهو ذڪر نڪتو تہ هن هڪ وڊيو ڏيکاري، جنھن ۾ ڪاسائي هڪ ڇيلي ۽ هڪ ٻي جانور کي ائين مترڪا هڻي ڪيرائي، پوءِ سندن ڳچين مان رت ڪڍي رهيا هئا. ابوذر کي چيم تہ ”چيني تہ وڏا ظالم آهن، جو ايئن ٿا جانورن تي ڪِيس ڪن.“
مون اڄ ڏينھن تائين هتي ڪابہ جهرڪي، ڪانگ، ڪٻر يا ڪو پکي، پکڻ نہ ڏٺو آهي. جتي وڻ هوندا آهن، اُتي پکي پکڻ تہ هوندو آهي. حيدرآباد ۾ جڏهن صبح جو واڪ تي نڪرندو آهيان تہ وڻن مان جهرڪين جي چھہ چھہ جا آواز ڪنن تي پوندا آهن ۽ شام جو بہ جنھن مھل هو آرام ڪرڻ لاءِ وڻن تي اچي ويھنديون آهن تہ اها ئي چھه چھه. قرآن پاڪ ۾ فرمايو ويو آهي تہ ’پکي پکڻ ۽ ساھہ وارا صبح ۽ شام پنھنجي رب جي ثنا ۽ ساراھہ ڪندا آهن‘ ۽ آءٌ انھن وڻن جي هيٺان اچي بيھي رهندو هئس ۽ جهرڪين جي اها چھه چھه ڏاڍو سڪون ڏيندي هئي، پر هتي وڻ پکين کان خالي آهن. مون وشال کان پڇيو تہ هتي تہ ڪو پر بہ نظر نٿو اچي تہ چيائين، ”اهي سڀ چينين کائي چٽ ڪري ڇڏيا.“
فليٽ ۾ اسان جنھن ڪمري ۾ سمھندا آهيون، اتي رات جو کڙ کڙ ٿيندي آهي، اسان سمجهيو تہ اهو آواز ڪٿان پاسي مان ٿو اچي، هڪ ڏينھن وشال پڇيو: ”ڪمري ۾ آواز اچن ٿا.“ اسان چيو ”هائو.“ جواب ۾ وشال چيو اهو ڪُئو اٿوَ. ڪلھہ وشال جي هوٽل ۾ ڪوئا ڪئميرا جي تار ڪُتري ويا، جيڪا پوءِ وشال ستر يوان ۾ ٻي ورتي. وشال چيو تہ هتي جام ڪوئا آهن، ۽ وڏو نقصان ٿا ڪن. وڏا حرامي آهن. جنھن تي ماڻھنس چيس تہ ”ڪوئن کي گهٽ وڌ ڳالھائيندي تہ اهي ججهو نقصان ڪندئي. چوين تہ اوهان گهر ڌڻي آهيو، گهر جي پارت اٿوَ.“ جنھن تي وشال کلندي چيو ”هي چيني ڪوئا آهن. سنڌي ڪونہ سمجهندا.“ جنھن تي کلي پياسين. هوٽل ۾ پاسي ۾ بوٽن جو هڪ دڪان آهي، اتي ڪو ڪوئو مري ويو آهي، سو دڪان ۾ ڏاڍي ڌپ آهي، جنھن ڪري دڪاندار مائي ڏاڍي پريشان آهي. مون چيومانس تہ ڪٿي پڙهيو هئم تہ چيني ڪئا بہ کائي ويندا آهن ۽ ڪنھن وقت چين ۾ ڪُئا مار مھم شروع ڪئي ويئي هئي ۽ في ڪُئو مارڻ تي حڪومت هڪ يوان انعام ڏيندي هئي.“ ”شايد اها پراڻي دور جي ڳالھہ آهي. ڪئا تہ چيني اڃا بہ کائيندا آهن، پر جيئن چينين جي آبادي وڌندي پئي وڃي، تيئن ڪوئا بہ پنھنجي آبادي وڌائيندا پيا وڃن.“ وشال کلندي چيو، تہ مون کان بہ ٽھڪ نڪري ويو.
[25 آڪٽوبر-2024]
رات پروگرام ٺاهيوسين تہ اڄ گلاس برج ڏسڻ هلنداسين، جيڪا نئننگ جي بھترين تفريح گاھہ آهي، ان جو سڄو نالو آهي. Long men water capital science
پر هتي آءٌ ان کي پنھنجي سھوليت خاطر ’ڊريگن واٽر پارڪ‘ لکندس. جو هن پارڪ ۾ هنڌ هنڌ تي ڊريگن جا ننڍا ننڍا نھايت خوبصورت سونھري رنگ سان پينٽ ٿيل مجسما نصب ٿيل هئا ۽ شروع ۾ ڊريگن جو هڪ وڏو نھايت خوبصورت مجسمو کتل هو، جنھن جي وات مان پاڻي ڦوهاري جي شڪل ۾ وهي هيٺ ڪري رهيو هو. اهو پاڻي سندس پويان پري کان نھايت خوبصورت ٺھيل ننڍي ڪسيءَ جي وسيلي اچي رهيو هو.
چين ۾ ڊريگن، خير، برڪت ۽ خوشحالي ۽ شينھن قوت ۽ اقتدار جون علامتون/ نشانيون آهن. ماڻھو اڪثر پنھنجي گاڏين جي پويان ۽ گهرن ۾ ڊريگن جون تصويرون ۽ اسٽيڪر هڻندا آهن.
اڄ جمع جو ڏينھن هئڻ ڪري کشين کي بہ موڪل هئي، سو وشال، نسيم، مريم، کشين ۽ آءٌ ڏهين بجي ڌاري ’ڊريگن واٽر پارڪ‘ روانا ٿياسين. گاڏي کشين هلائي رهي هئي ۽ جڏهن اسٽيرنگ تي ويھندي آهي تہ ڏاڍي جذباتي ٿي ويندي آهي، کيس تيز ڊرائيور ڪرڻ جو وڏو شوق آهي، پر مجبور آهي تہ پاڻ تي ضبط رکي، نہ تہ جي سندس پوائنٽس ڪٽجي ويون تہ پنجن سالن لاءِ لائسنس رد ٿي ويندس. وشال اڳيان ويٺو تہ چيومانس ”ابا، اسپيڊ تي ڪنٽرول رکرائجينس.“ ڪار پنھنجي رفتار سان هلندي رهي ۽ آءٌ ٻاهر ڏسڻ لڳس. هاڻ مريم اسان سان هِري ويئي آهي، سو اسان سان گڏ پويان مزو لايو ويٺي هئي، سندس کل بہ مزيدار آهي. منھنجي پوٽي شفق جھڙي. ماڻھنس وشال کي چيو تہ ”مريم جو نڪ تہ صفا آهي ئي ڪونہ....تنھنجي نڪ تي تہ ويو ئي ڪونھي.“
مون چيس، ”وشال ماڻھين تنھنجو نڪ ڇڪي ڪڍيو هو. جي ماڻھين هتي هجي ها تہ مريم جو نڪ بہ ڇڪي وڏو ڪري ها.“
جنھن تي وشال چيو، ”چينياڻيون منھنجي نڪ تي صفا چَريون آهن.“
جنھن تي کلندي چيم تہ، ”لڳي ٿو تہ کشين بہ تنھنجي نڪ تي چري ٿي هئي.“ جنھن تي وشال، مون ۽ ماڻھنس وٺي ٽھڪ ڏنو تہ کشين بہ کلڻ لڳي. وري وشال جڏهن چينيءَ ۾ ترجمو ڪري ٻڌايس تہ وري کلي. ان کي چئبو آهي، ٻوڙو کلي ٻہ دفعا.
نيٺ اسان ’ڊريگن پارڪ‘ وٽ پھچي وياسين. ٻاهريون Look نظارو ئي اهڙو سُھڻو هو، جو ڪيا بات هي. ڪار پارڪ ڪري اسان هوريان هوريان پارڪ ڏانھن وڌڻ لڳاسين. ڇا تہ وڻ گل ۽ ٻوٽا هئا، ساوڪ ئي ساوڪ، اکيون ان ساوڪ سبب ڄڻ وڌيڪ روشن ٿيڻ لڳيون. رستي جي ٻنھي پاسن ستن اٺن فوٽن جي فاصلي تي ٺھيل ٿنڀن ۾ ڊريگن جا خوبصورت سونھري مجسما لڳل هئا. جيڪي الائجي ڪيترا هئا- روڊ جي مٿان چين جا جهنڊا ۽ سينگار لڳل هو. ڪجهہ وقت اڳ جيڪو آزاديءَ جو هفتو ملھايو ويو هو. اها سجاوٽ ان موقعي تي ڪئي ويئي هئي. اسان هلندا اندرينءَ گيٽ وٽ ٽڪيٽ گهر وٽ پھتاسين. آسپاس ڪولڊ ڊرنڪس، ٽوپين ۽ سوينرس جا ننڍا ننڍا شاپس هئا، جيڪي مايون هلائي رهيون هيون. اتي کشين اندر ٽڪيٽ وٺڻ ويئي، في فرد 20 يوان جي ٽڪيٽ هئي. وشال وري اتان ٻہ ٽوپيون ورتيون، هڪ منھنجي لاءِ ٻي ماڻھنس لاءِ. ماڻھنس پاتي تہ چيومانس ”هاڻ تہ صفا منڊم ٿي لڳين، بس رڳو پينٽ پائي.“ جنھن تي کلي. پوءِ سڄي پارڪ جي سير جي دوران اسان کي اهي ٽوپيون پاتل رهيون. ٽڪيٽ ڏيکاري اندر گهڙياسين تہ شٽل بيٺي هئي، جنھن ۾ وڃي ويٺاسين. پنڌ هلون ها تہ اڌ ۾ ئي ويھي رهون ها. ڇاڪاڻ تہ پارڪ تمام وڏو آهي. سڄو ڏينھن گهُم، تڏهن بہ شايد کُٽي. پارڪ ۾ ماڻھو تمام گهٽ هئا. شايد پويون تاريخون هيون ان ڪري. اسان شٽل ۾ ويٺاسون تہ شٽل هلڻ لڳي. شٽل ۾ ٻيا بہ چيني ويٺا هئا. اتي شٽل گاڏي کان سواءِ ريل بہ شٽل جي صورت ۾ هلندي آهي. جيڪا پڻ اڳيان بيٺي هئي. شٽل هلڻ شروع ڪيو تہ اسان آسپاس ڏسڻ شروع ڪيو. جڏهن ٻاهريون ماحول خوبصورت هوندو آهي تہ اندر پاڻمرادو بُود ۾ اچي ويندو آهي. بس ڇا ڏسي ڇا ڏسجي، ايڏا تہ خوبصورت نظارا هئا، جو ڍؤ ئي نہ پي ٿيو.
شٽل پنھنجي آخري اسٽاپ تي بيٺي، جتي سامھون هڪ وڏو ڊريگن جو مجسمو ٺھيل هو، جنھن جي وات مان پاڻي نڪري رهيو هو، جيڪو ڦوهاري جي شڪل ۾ وهي هيٺ ٺھيل وڏي حوض ۾ پئي رهيو هو. جنھن ۾ وري ننڍيون ننڍيون مڇيون تري رهيون هيون. اهو پاڻي مٿي ٺھيل سمينٽ جي اڇي ڪنول جي گل مان ننڍين ننڍين ڪَسين جي صورت ۾ وهي اچي ڊريگن جي وات مان ٿي نڪتو. اسان کي پريان کان ئي گلاس برج نظر اچي رهي هئي، جنھن تي چين جو ڳاڙهو پنجن تارن وارو جهنڊو ڦڙڪي رهيو هو. ڪجهہ پريان هڪ ريسٽورينٽ ٺھيل هئي. اسان مٿي چڙهي ٿڪاسين تہ اتي ويھي پاڻ سان آندل پاڻي ۽ جوس پيتوسين، کشين ٿيلھيءَ مان اوٻاريل بيدا ڪڍي اسان جي اڳيان رکيا، جيڪي هوءَ گهران رڌي کڻي آئي هئي، اسان ٻہ ٻہ بيدا کاڌا تہ بہ بچي پيا. پھرينءَ ڏينھن ڇا ٿيو جو فليٽ تي صبح جو آءٌ اندران ڪمري مان نڪري ٻاهر صوفي تي اچي ليٽي پيس، جاڳ ٿيم تہ ڏٺم تہ منھنجي اڳيان ٽيبل تي ڇھه اوٻاريل بيدا ۽ گرم کير جنھن ۾ سويا بين پيل هو رکيا هئا. جيڪي صبح جو سوير کشين ڊيوٽي تي وڃڻ کان اڳ منھنجي اڳيان رکي ويئي هئي.چيني اوٻاريل بيدن جا بہ شوقين آهي. هڪئي مھل ڇھه ست بيدا کائڻ سان بہ سندن ڪُک سائي نہ ٿئي. اسان تہ هڪ کائون تہ ڄڻ لک کٽيوسين.
بيدا کائي، پاڻي ۽ جوس پيئڻ دوران آسپاس جا نظارا بہ ڪندا رهياسين. ٿڪ ڀڃي، تازا توانا ٿي وري پنڌ پياسين. وچ تہ هيٺ هڪ ننڍي ڍنڍ نظر آئي، جنھن ۾ ڪسيءَ جي صورت ۾ ڪٿان پاڻي اچي رهيو هو. اتي ئي هڪ پل ٺھيل هئي. جنھن جي ڀرسان هڪ حوض ٺھيل هو ۽ ان ۾ ڪيتريون ئي وڏيون هئڊيون مڇيون تري ۽ ٽپا ڏيئي رهيون هيون. مون سوچيو تہ جي اهڙيون مڇيون اسان وٽ ائين ترنديون نظر اچن ها تہ ڪڏهوڪيون کاڄي پيچي هضم ٿي وڃن ها. پر سائين چيني وڏا ذميوار قسم جا ماڻھو آهن. پنھنجي شين کي سنڀالين ٿا. اهو ڊريگن پارڪ جبلن جي وچ ۾ هو، جن تي ننڍيون ننڍيون ڏاڪڻيون ۽ هٽس ٺھيل هئا، روڊ جي ڪنارن تي ڪافي هنڌن تي ڪنفيوشس جا ننڍا ننڍا مجسما ڪي هٿ ٻڌيو تہ ڪي ٻين شڪلين ۾ ٺھيل هئا. ڪنفيوشس قديم چيني فلاسافر آهي، جنھن جي تعليم جا چينين تي وڏا اثر آهن. ويھين صديءَ جو هڪ اهم چيني مورخ ’ننگ يولان‘ چيني تاريخ تي ڪنفيوشس جي اثرن کي مغرب ۾ سقراط جي اثرن جھڙو قرار ٿو ڏي.
ڪٿي ڪٿي وري هلندڙ ڦيٿا ٺھيل هئا. مطلب تہ پارڪ کي سُھڻو بنائڻ ۾ ڪا ڪسر نہ ڇڏي هئائون. اتي هڪ هوٽل بہ ٺھيل آهي، جتي سياح رات رهي بہ سگهن ٿا. بھرحال ڪافي هلڻ ۽ ڏسڻ کان پوءِ هاڻ اسان گلاس برج تي وڃڻ جو فيصلو ڪيو. جيڪا مٿي اسان کي نظر اچي رهي هئي. اچڻ مھل مون سوچيو هو تہ هتي ضرور ڪي پکي، ڪانگ، ڪبوتر ۽ جهرڪيون وغيرہ نظر اينديون. انھن جي ڪان ڪان، ڳٽرڳون ۽ چھه چھه ٻڌڻ ۾ ايندي، پر هتي ڪاريءَ وارا ڪک هئا. هڪ هنڌ هڪ پڃري ۾ بند مور نظر آيو ۽ بس. حقيقت ۾ باغ ۽ بَستان پکين ۽ پکڻن کان سواءِ ائين ٻُسا ٻُسا لڳندا آهن، جيئن لوڻ کان سواءِ کاڌو بي سوادي هوندو آهي.
اسان هلندا مٿي چڙهڻ لڳاسين. ڪافي ور وڪڙ ۽ ڏاڪڻيون چڙهندا مٿي تہ پھتاسين پر گلاس برج جي ڊيگهہ ڏسي همت ئي نہ پي ٿي. کشين کي چيم ني ڇو (چڙھہ)، تہ هٽي پري ٿي دل تي هٿ رکي چيائين، ”ابو، ڦان.. ڦان...“ (ابو مون کي ڊپ ٿو ٿئي). پوءِ وري مون کي چيائين، ”ابو... ني ڇو....“ [ابو، تون چڙھہ] مون کان کل نڪري ويئي ۽ چيم ”ڦان.... ڦان..“ پوءِ تہ سڀ اچي کلياسين. ٿوري دير بيھي آسپاس ڏسي، روح تازو ڪري، هوريان هوريان هيٺ لھي آياسين. ’ڊريگن پارڪ‘ جي وزٽ گهڻو ٿڪائي ڇڏيو هو. گهر پھچي ڦان ٿي اچي ڪرياسين. ڊريگن پارڪ گهمڻ جي ڪري اڄ جمع نماز پڙهي نہ سگهياسين. اڄ نئننگ (چين) ۾ اسان جو ٽيون جمع آهي.
*
شام جو ابوذر اقبال آيو ۽ پاڻ سان ڪتاب Common knowledge about Chinese Culture کڻي آيو، جنھن جي هڪ پاسي چيني ۾ تہ ٻي پاسي انگريزي ۾ لکيل آهي، جنھن ۾ هڪ باب قديم چيني ادب بابت بہ آهي. ڪجهہ ڏينھن اڳ جڏهن مون کيس پنھنجو ڪتاب ’دلي جيسا مين ني ديکھا‘ ڏنو تہ چيائين، ’انڪل!‘، مون وٽ بہ هڪ ڪتاب پيو آهي، جيڪو اوهان کي ڏيندس پنھنجي ان اردو ڪتاب جي هڪ ڪاپي پاڻ سان کڻي آيو هئس. هيستائين ٻہ باب پڙهيا اٿس، جن کيس مزو ڏنو. مون ڪتاب ڏيڻ تي سندس مھرباني مڃي تہ کلندي چيائين، ”حساب برابر هوگيا.“
ابوذر هتي گوانگسي يونيورسٽي ۾ پي. ايڇ. ڊي ڪري رهيو آهي. اصل صوابي، ڪي پي ڪي جو آهي. لڳ ڀڳ روز شام جو ايندو آهي. ڪلھہ چيائين تہ انڪل ڪلب چلين؟ چيومانس هل تہ اهو جھان بہ ڏسون. چيائين، هڪ ٻن ڏينھن ۾ بوڪنگ ٿو ڪرايان.
هاڻ ڏسان تہ ڪڏهن ٿو وٺي هلي.
اسان کي ڪلب جو پروگرام ٺاهيندي ڏسي رضوان ۽ شھزاد چيو تہ، ”ابوذر هم بھي چلينگي.”
[26 آڪٽوبر 2024ع]
هاڻ روز وشال کان ڪجهہ چيني ٻولي جا لفظ سکان ٿو ۽ نوٽ بوڪ تي انھن جا اُچار لکي ٿو ڇڏيان. ڪڏهن ڪڏهن آواز غلط سمجهندو آهيان، ڪالھہ هيٺيان جملا لکيم، ياد ڪيم ۽ پوءِ اهي انڌا منڊا ڳالھائڻ جي ڪوشش بہ ڪندو آهيان. وشال ڳالھائيندو آهي تہ ڌيان سان ٻڌندو آهيان، پر مسئلو اهو آهي تہ هر هر وسريو وڃن.

اهي جملا هن ريت آهن:
- ني جائو شما منگز؟ [تنھنجو نالو ڇا آهي؟]
- وو جائو يوسف [منھنجو نالو يوسف آهي]
- ني ڇو نالي؟ [ڪيڏانھن پيو/ پئي وڃين؟]
- وئي مِن [ٻاهر پئي وڃان]
- شمان لا؟ [تو ماني کاڌي آهي؟]
- وو الا؟ [بک لڳي اٿئي؟]
- و پائو لا [ڍءُ اٿم]
- وو آئي ني [مون کي توسان پيار آهي]

ڪجهہ لفظ ۽ انھن جون معنائون:
- وو- منھنجو My
- ني- تون/ توهان You
- لو- شاهراھہ/ اسٽريٽ
- شُوشُو- چاچا
- لاچي- ڪچرو
- ڦنگيو- دوست
- مَيو- ڪونھي
- ڦان ڦان- ڊپ ٿو ٿئي
- که آئي- معصوم (Cute)
- چي هون ڪُنگ شي- شادي جون مبارڪون هجئي/ شادي مبارڪ

ان کان سواءِ هڪ کان وٺي ڏهن تائين ڳڻپ بہ ياد ڪيم.
- اِي هڪ One
- اَ ٻہ Two
- سن ٽي Three
- يسه چار Four
- اُو پنج Five
- ليو ڇھه Six
- ڇي ست Seven
- پا اٺ Eight
- چُو نوَ Nine
- شِه ڏھہ Ten
*
ويٺو هئس، جو وشال آيو. ”ابو، ڪتا مارڪيٽ سامان وٺڻ ٿو وڃان. هلين تہ هل.“ چيائين. مون تہ گهمڻ جو ڪوبہ موقعو گسائڻ نہ پي گهريو، چيم، ”دير ڇاجي؟“
ٻيئي بائيڪ تي چڙهي ڪتا مارڪيٽ روانا ٿياسين. اها ئي ڪتا مارڪيٽ جتي گوشت، مڇيون، نانگ بلائون، سوئر، بدڪون ۽ ڀاڄيون وڪري لاءِ موجود هونديون آهن. بائيڪ تي پويان ويٺي آءٌ وشال سان ڪچھري بہ ڪندو رهيس. ڪتا مارڪيٽ جي ويجهو پھچي وشال هڪ شاپ جي اڳيان بائيڪ بيھاري، ”ابو، سياري لاءِ جئڪٽ يا ڪوٽ وٺون، هن دڪان جي ڪوالٽي بہ سٺي آهي تہ اگهہ بہ مناسب آهن.“
”پر سيارو تہ اڃا پري آهي...پاڪستان ۾ تہ هاڻ سيارو ڄڻ موڪلائي ويو آهي.“ چيومانس.
”بيجنگ هلنداسين... اُتي سخت سردي هوندي. اتي بہ ڪم اچي ويندو...“ وشال چيو. سمجهي ويس تہ يار نہ ڇڏيندو. بس رڳو موقعو مليس، ”ابو هي وٺ، ابو هو وٺ....“ ڪجهہ ڏينھن اڳ بہ ”هو چولو (هو چو اسٽريٽ) جي آخر ۾ هڪ دڪان تي چڙهياسين. کيس هڪ شرٽ پسند اچي ويئي ۽ هڪ ٻي شرٽ کڻي مون کي ڏنائين. ”ابو پائي ڏس.“ چيومانس، ”يار مون کي ضرورت ڪونھي.“
”ٿورو پائي تہ ڏس...“ چيائين. نيٺ مون پاتي، مون کي فٽ آئي تہ لھرائي ڪائونٽر واري ڇوڪريءَ کي پيڪ ڪرڻ لاءِ چيائين ۽ منھن ٻي پاسي ڪري کلي پيو. آءٌ بہ مُرڪڻ لڳس.
دڪان ۾ گهڙياسين تہ ڪوٽ ۽ جيڪٽ تہ منھنجي ماپ ۽ پسند جي نہ ملي، پر سڄيون ساريون ٽي پينٽون پسند ڪيائين ۽ مون کي اندر وڃي پائڻ لاءِ چيائين، مون گهڻي ئي نہ نہ ڪئي تہ بابا آءٌ پاڪستان ۾ ڪونہ پايان، پر اصل نہ ٻڌائين ”ايندڙ سال مارچ ڌاري چين ايندين تہ ڪم اينديون.“
زور اڳيان زاري،سو چُپ ٿي ويس.
ٻاهر نڪرندي چيائين، ”ابو پئسا آهن تہ پوءِ ماڻھو پاڻ کي ڇو سِڪائي.“
”پر فضول خرچي بہ مناسب ڪونھي، تو هنن ٽن پينٽن جا جيترا پئسا ڏنا آهن، انھن مان تہ منھنجا پاڪستان ۾ ٽي زبردست جوڙا ٺھي وڃن.“ وراڻيم.
”اهي بہ وٺنداسين.“ وراڻيائين.
مون بہ اهو چئي کلندي کڻي چپ ڪئي تہ ”ميان پشو پاشا توسان پُڄڻ منھنجي وس ۾ ڪونھي“ تہ اچي کليو.
مائٽ تہ سدائين اولاد تان ٻلھار ٻلھار پيا ويندا آهن،پر جڏهن اولاد ماءُ ۽ پيءُ جو خيال رکي تہ ماءُ ۽ پيءُ ڪيڏو نہ خوش ٿو ٿئي، ان جو احساس آءٌ بيان ئي نہ ٿو ڪري سگهان. ماڻھنس کي بہ دل کولي، جيڪو چوندي آهي، اهو وٺي ڏيندو آهي.
ڪُتا مارڪيٽ مان سامان وٺي واپس پھتاسين تہ هوٽل ۾ ٽي افغاني نوجوان ويٺا هئا، انھن مان هڪ سان ڪجهہ ڏينھن اڳ سرسري ملاقات ٿي هئي. انھن جي ڀرسان تاجڪستان جا شاگرد ويٺا هئا. ڪالھہ منھنجي دوست ڊاڪٽر خالق ميمڻ سان ڳالھہ ٻولھہ ٿي هئي تہ مون تي فرمائش رکيائين تہ منھنجي لاءِ مختلف ملڪن جي ڪرنسي/ سڪا هٿ ڪري اچجئين، همراهن کي ڏٺم تہ اها يادگيري اچي ويئي. افغاني نوجوانن سان دعا سلام ٿي تہ مون کين چيو تہ جيڪڏهن اوهان وٽ افغانستان جي ڪرنسي ’افغاني‘ هجي تہ مون کي هڪ نوٽ يا سِڪو ڏيو، ان جي بدلي ۾ اوهان کي ’يوآن‘ ڏيندس. چيائون اسان وٽ آهن، ٻي ڀيري اينداسون تہ کڻي اينداسون. مون سندن مھرباني مڃي تہ انھن مان هڪ ڪلين شيو نوجوان پڇيو تہ اسان جڏهن بہ ايندا آهيون تہ اوهان نوٽ بوڪ تي ڇا لکي رهيا هوندا آهيو ۽ ڪھڙي ٻولي ۾. مون چيس: ”آءٌ پنھنجي چين جي سفر جا نوٽس لکي رهيو آهيان ۽ واپس وڃي سفرنامون لکندس“، جنھن تي پڇيائين تہ اوهان ليکڪ آهيو؟ چيم، هائو. تہ هڪدم چيائين، ”آءٌ بہ شاعر آهيان ۽ شاعري ڪندو آهيان.“
بس ٻيو ڇا کپي. سندس نالو حامد فضلي هو. اصل قندار جو هو. مادري زبان دري يعني فارسي هُيس (افغانستان ۾ فارسيءُ کي دري چوندا آهن). بس شروع ٿي وياسين ڪچھريءَ ۾. سندس عمر ارڙهن سال هئي، ڪچھري مان محسوس ڪيم تہ حافظ شيرازي، سعدي ۽ عمر خيام وغيرہ پڙهيل اٿس ۽ ٻيو جديد ادب بہ. سندس ننڍي وهي ڏسي ۽ مطالعو ڏسي حيرت ٿيم. اسان جڏهن عمر خيام جو نالو ورتو تہ سامھون ويٺل تاجڪ نوجوان مان هڪ ڄڻي چيو تہ، ”عمر خيام تاجڪستان جو آهي.“
چيومانس، ”خيام تہ ايران ڄائو آهي ۽ سندس قبر بہ نيشاپور ايران ۾ آهي ۽ آءٌ ڏسي آيو آهيان.“
وراڻيائين، ”ڀلي ايراني هجي، پر اسان تاجڪ کيس پنھنجو شاعر سمجهندا آهيون ۽ اسان وٽ بہ گهڻو مشھور آهي، تاجڪستان ۾ بہ فارسي ڳالھائي ۽ سمجهي ويندي آهي.“
مون سندس مھرباني مڃي تہ پاڻ منھنجي معلومات ۾ واڌارو ڪيائين.
ان موقعي تي حامد فضليءَ پنھنجا ٻہ ٽي فارسي ۾ غزل ٻڌايا، جن مان هڪ هن ريت آهي:
امشب ميخواهم چند سطر خطا بنويسم
ازهمان دوره اي وگذشتہ ها بنويسم

از غم وشادي درهم آميختہ اي زندگي ما
از درد و تنھايي خويش بانجوا بنويسم

از دوست و دشمن، ازشب و روزِ درگذر
دل بہ دريا واز جدايي ها بنويسم

از حال خويش بہ سوي گذشتہ سفر کنم
دنيا رافر موش کردہ و از قديم ها بنويسم

از سوگواري مرگ، از وصال و شادي دونسان
از اشک و لبخنداز ناميدي واميدھا بنويسم

از نامردي روزگار که بر آرزو هار ماخط کشيد
از عشق وهجرا، ازشور و تلخ دنيا بنويسم.

از شيرين و فرهاد و استقامت در راه عشق
امشب از درد فرهاد وتيشه زون ها بنويسم

ازليلي و مجنون تاوحلت عشق هان امروز
امشب ميخو اهم چند سطر سادہ وزيبا بنوسيم

دلتنگي هاي غربت حالم راپريشان مي کُند
از پريشاني، پراکندہ بہ خطا چليپا بنويسم
[27 آڪٽوبر 2024ع]
اڄ موسم جُھڙالي ٿي ويئي آهي، ٿورو سيانڊڙو بہ محسوس پيو ٿئي. وقفي وقفي سان برسات بہ وسي رهي هئي. وشال جي سالي ’وانگ ين ٿنگ‘ ڳوٺ وڃڻ جون تياريون پئي ڪري، کشين جي وڏي ڀيڻ آهي. هتي نئننگ ۾ پنھنجو فليٽ ورتو اٿس، جنھن جي ڪجهہ ڏينھن اڳ ۾ وڊيو بہ ڏيکاري هئائين. سندس چواڻي تہ اهو پاڻ بوڪ ڪرايو هئائين ۽ قسطون ڪري پئسا جمع ڪرايا هئائين. هتي رهندي آهي ۽ وشال ۽ کشين جي غير موجودگيءَ ۾ مريم کي سنڀاليندي آهي. شادي ٿيل اٿس، ٻہ ٻار بہ اٿس، پر اهي سندس مڙس سان رهندا آهن. مڙس سان ٺاھہ نہ اٿس، وشال ٻڌايو تہ مڙسھنس ڏاڍيون گاريون ڏيندو اٿس. چين ڀلي ڪيڏو بہ ترقي ڪري ويو هجي، پر عورت تي اڃا بہ مار موچڙو ٿئي ٿو. مڙس عورت کي اڃا بہ دٻائي ٿو.
وانگ ين ٿنگ جي عمر 45 سال کن ٿيندي، پر لڳندي ٽيھن سالن جي آهي. چيني مرد توڙي مايون پاڻ کي فٽ رکن ٿيون ۽ صحت جو خيال رکن ٿيون. پُڇيومانس تہ ڇو پيئي وڃي تہ اشارن ۾ چيائين ”آپريشن ڪرائڻون اٿم.“ بھرحال سمجهي نہ سگهيس تہ ڇا جي آپريشن ڪرائڻ پيئي وڃي. بظاهر تہ ٺيڪ ۽ تندرست پئي لڳي. ٻارهين ڌاري ابوذر آيو، چيومانس تہ ”اڄ سج نہ اُڀريو آهي، تڏهن سوير اٿيو آهين.“ جنھن تي کليو. همراھہ فجر جو سمھين ۽ ٻي اڍائي بجي اُٿي.
چيائين، ”اڄ هلو تہ منھنجي يونيورسٽي اوهان کي گهمايان.“ چيم، ”پوءِ دير ڇا جي! اُٿ تہ هلئون.“
ايئن آءٌ، وشال ۽ ابوذر ٻن بائيڪن تي چڙهي گوانگسي يونيورسٽي روانا ٿياسين، جيڪا اتان ڏهن منٽن جي فاصلي تي هئي، مريم بہ اسان سان گڏ هئي. يونيورسٽيءَ جي گيٽ تي پھتاسين تہ پھرين ابوذر مون کي اندر داخل ڪري هڪ هنڌ لاهي بيھاريو. گيٽ تي پھچي ابوذر پنھنجو چھرو ڪئميرا جي اڳيان ڪيو تہ گيٽ کلي ويو. وشال کي بہ ائين ئي اندر وٺي آيو. اسان اندر گهڙياسين تہ هلڪي بوندا باندي شروع ٿي ويئي. اسان بيھڻ بدران هلڻ شروع ڪيو. هڪ عمارت ڏانھن اشارو ڪري ابوذر چيو تہ ”انڪل، هي يونيورسٽيءَ جي لائبريري آهي.“ ”پوءِ تہ ٻيا سڀ ڪم ڇڏي لئبريري ٿا هلون“، وراڻيم. لئبريري جو دروازو ٻي پاسي کان هو. اڳتي وڌياسين تہ يونيورسٽي جو ڪنسرٽ هال نظر آيو. نھايت شاندار، بلڪل گوانگزو مينزو يونيورسٽيءَ جي هال جھڙو. ان جي سامھون هڪ ميدان هو، جنھن ۾ سائي ڇٻر پوکيل هئي. ٿورو اڳيان جمنازيم هال هو. موٽر سائيڪلون بيھاري اسان اندر گهڙياسين. جتي شاگردن جي ورزش لاءِ طرح طرح جي ڪسرت جا اوزار رکيل هئا. عمارت بہ ڏسڻ وٽان هئي. ابوذر ٻڌايو تہ هتي جم تي ايندڙ شاگردن کان يونيورسٽي 1300 سؤ يوان في ڌار وٺندي آهي. جنھن تي اسان چيو تہ اها زيادتي چئبي، اسان مختلف روڊن تان ڦرندا اچي لئبريري جي عمارت جي سامھون بيٺاسين. اڳيان وڏو ميدان هو، جنھن ۾ نھايت خوبصورت ڇٻر پوکيل هئي. وڻ هئا، گل هئا، ٻوٽا هئا ۽ ان جي وچ ۾ اسٽيل جو هڪ نھايت خوبصورت ’مونومينٽ‘ ٺھيل هو. جنھن جي اڳيان لڳل پٿر تي ’ٽائم گيٽ‘ لکيل هو ۽ انگريزي ۾ زهو برا درس (Zhou Brothers) لکيل هو، جيڪو ڪنھن همراھہ جو نالو هو. شايد ان اهو ٺھرايو هو، يا ان جي ياد ۾ اهو ٺاهيو ويو هو. باقي چيني ۾ لکيل هو، جيڪو سمجهہ ۾ نہ آيو.
اتي بيھي فوٽوگرافي ڪري لئبريري ڏانھن وڌياسين. وشال اندر نہ هليو، جو مريم گڏ هئي. اندر ٻارن کي وٺي وڃڻ جي اجازت نہ هئي. وشال چيو ’اوهان چڪر هڻي اچو آءٌ هتي بيھان ٿو.‘ ان مھل زوردار برسات شروع ٿي ويئي.
آءٌ ۽ ابوذر اندر گهڙياسين تہ هڪ وڏو هال نظر آيو، جنھن ۾ سامھون ڪتابن جو هڪ رينڪ رکيل هو، صوفا پيل هئا، انھن تي ڪجهہ شاگرد ويٺا هئا. کاٻي پاسي ڏٺم تہ لکيل هو ”گوانگسي هسٽاريڪل ميوزيم“ شيشي جا دروازا کولي اندر گهڙياسين تہ ساڄي پاسي ڀت تي گوانگسي صوبي جو نقشو لڳل هو. کاٻي پاسي وري نقشي جي مدد سان ميوزيم جي هال بابت لکيل هو. سامھون ئي گوانگسي جي انقلابين جا نھايت خوبصورت اسٽيچو لڳل هئا. اسان سڄو ميوزيم گهمي ڏٺو، فوٽوگرافي ڪئيسين ۽ مووي بہ ڀريم. هال جي ڀتين تي انقلابين ۽ تعليمدانن جون تصويرون، اخبارن جا تراشا، لڳل هئا، جن جي هيٺيان چيني ٻولي ۾ تفصيل بہ لکيل هئا. هالن ۾ ٻيا بہ ڪيترائي نھايت خوبصورت اسٽيچو ٺھيل هئا، جن ۾ هارين ۽ مزدورن جا بہ هئا. هارين جي هٿن ۾ ڪوڏر ۽ مزدورن جي هٿن ۾ مُترڪا هئا.هيٺ شوڪيسن ۾ ڪيترائي پراڻا ڪتاب، مسودا ۽ هٿ اکر رکيل هئا. جن وٽ بہ چيني ۾ تفصيل لکيل هئا. سواءِ سال ۽ سن جي باقي احوال چيني ۾ هو. ميوزيم نھايت متاثر ڪندڙ هو. هن ميوزيم جو بنياد 2019ع ۾ رکيو ويو هو. اتي لڳل تصويرن ۾ مائوزيتنگ ۽ چو اين لائي جون تصويرون بہ هيون، جن ۾ هو ڪن ڪامريڊن سان ڪچھري ڪري رهيا هئا. تصويرون بليڪ اينڊ وائيٽ هيون. وشال ٻاهر بيٺو هو. سو سندس خيال ڪندي ٻاهر نڪري آياسين، اڃا اسان کي لئبريري بہ ڏسڻي هئي، پاڻ وٽ سنڌ يا پاڪستان جي يونيورسٽين ۾ ان قسم جا ميوزيم ٺاهڻ جو تصور بہ ڪونھي.
لفٽ ۾ چڙهي مٿي ٽي ماڙ تي وياسين. هي لئبريري ڇھن ماڙن تي مشتمل آهي. هڪ وڏي هال ۾ گهڙياسين تہ شاگرد نھايت خاموشيءَ سان مطالعي ۾ محو هئا. چوڌاري نھايت خوبصورت رينڪ رکيل هئا، جن ۾ نھايت خوبصورت ترتيب سان ڪتاب رکيل هئا، جن جي ڇپائي ۽ پنو نھايت خوبصورت هو. ڪتاب سڀ چيني ٻولي ۾ هئا. اتي ويٺل لئبررين ڇوڪريءَ کان پڇيوسين تہ هتي ڪو انگريزي ڪتابن جو سيڪشن بہ آهي، پر ڳالھہ نہ سمجهائين، نيٺ لفٽ ۾ چڙهي پنجين ماڙ تي وياسين. اتي بہ نوجوان خاموشيءَ سان پڙهي رهيا هئا. ڪن جي اڳيان ليپ ٽاپ رکيا هئا ۽ ڪتاب کليل هئا، جن مان هو نوٽس وٺي رهيا هئا. اتي بہ سڀ ڪتاب چيني ۾. لئبررين ڇوڪري کان انگريزي ڪتابن جو پڇيوسين، پر جواب نہ ۾ مليو. اتي سرسري جائزو وٺي واپس هيٺ لھي آياسين. منھنجي اندازي موجب لئبرري جي ڇھن ئي ماڙن تي جنھن ترتيب سان ڪتاب رکيل هئا، انھن جو تعداد هڪ لک کان بہ وڌيڪ هوندو. جيستائين يونيورسٽي لئبررين جو تعلق آهي، اهي تہ هر يونيورسٽي ۾ هونديون آهن. چين ۾ شھرن ۾ پبلڪ لئبرريون بہ آهن، جنھن مان چيني قوم جي مطالعي جي رجحان جي خبر پوي ٿي. چين جي ’اڪيڊمي آف پريس اينڊ پبليڪيشن‘ موجب 58.4 سيڪڙو چيني باقاعدہ ڪتاب پڙهن ٿا. بيجنگ ۾ قائم ’نيشنل لائبرري آف چائنا‘. نہ رڳو چين، پر ايشيا کنڊ جي سڀ کان وڏي لئبريري آهي، پر ان جو شمار دنيا جي وڏين لئبريرين ۾ ٿيندو آهي ۽ جنھن جو قيام 9 سيپٽمبر 1909ع ۾ ’ڇنگ سلطنت‘ جي دور ۾ پيو. شروع ۾ ان جو نالو ’امپيريل لئبريري آف پيڪنگ‘ هو. پوءِ ان جا نالا بدلبا رهيا ۽ 22 ڊسمبر 1988ع ۾ مٿس اهو نالو رکيو ويو. ان جي پکيڙ 2،80،0000 اسڪوائر ميٽر آهي. ان ۾ 35 ملين کان بہ وڌيڪ ڪتاب موجود آهن. هڪ سؤ پندرهن کان وڌيڪ ٻولين ۾ هتي ڪتاب موجود آهن. غير ملڪي زبانن ۾ موجود مواد جو تناسب لئبريري جي ذخيري جو چاليھه سيڪڙو ٿئي ٿو. البت اها خبر نہ اٿم تہ انھن هڪ سؤ پندرهن ٻولين ۾ سنڌي ٻولي آهي يا نہ؟
نئننگ ۾ گوانگسي يونيورسٽي سميت، يونيورسٽين جو تعداد پندرهن کان بہ وڌيڪ آهي. ان کان سواءِ ڪيترين ئي يونيورسٽين جا ڌار ڌار ڪئمپس بہ آهن. گوانگسي يونيورسٽي جو بنياد 1928ع ۾ رکيو ويو هو.
چين جو تعليمي نظام دنيا جو بھترين تعليمي نظام آهي. هايئر ايجوڪيشن جي لاءِ هر شھريءَ جي لاءِ ڪاليج ۽ يونيورسٽين جي سھولتون موجود آهن. چين جي تعليم واري وزارت چين جي تعليمي نظام کي ڪنٽرول ڪري ٿي. چين جو تعليمي نظام ترقي، خوشحالي ۽ غربت جي خاتمي ۾ مددگار ثابت ٿيو آهي. تعليمي معيار کي قائم رکڻ جي لاءِ استادن جي چونڊ ميرٽ ۽ قابليت جي بنياد تي ڪئي وڃي ٿي. چين جو تعليمي نصاب هڪجھڙو، چين جي نظريي ۽ عالمي اصولن موجب آهي. ماڊرن ايجوڪيشن، سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ تي خاص ڌيان ڏنو وڃي ٿو تہ جيئن دنيا جو مقابلو ڪري سگهجن. چين عالمي ريڪنگ ۾ تعليم جي لحاظ کان 22 هين نمبر تي آهي.
اڄ هڪ مزو ٿيو، جنھن تي ڏاڍو کليس.
ڪالھہ وشال وار ٺھرائي آيو تہ چيومانس مون کي بہ وار ٺھرائڻا ۽ ڪلر ڪرائڻو آهي، سو فليٽ جي هيٺ چيني حجام کان وقت ورتائين، جنھن چئين بجي جو ڏنو. چئين بجي ڌاري ويومانس، هڪ ننڍي قد جو نوجوان چيني حجام مون کي سلام عليڪم چئي اچي مليو. مون بہ وعليڪم سلام چئي هٿ ملايو. چيني اڪثر پاڪستانين سان سلام عليڪم چئي هٿ ملائيندا ۽ مُرڪندا آهن. دڪان صاف سٿرو ۽ ايئر ڪنڊيشنڊ هو. دڪان ۾ فرنيچر بہ صاف سٿرو ۽ سٺو رکيل هو. پاڻ بہ صاف سٿرا ۽ صاف سٿري ڊريس ۾ هئا. وشال کيس سمجهائي ويو هو تہ وار ٺھندا ۽ ڪلر ٿيندو. سو پھرين هن هلڪا ڦلڪا وار ٺاهيا ۽ پوءِ ڪلر ڪيائين. مون اشاري ۾ چيومانس تہ منھنجي مُڇين کي بہ ڪلر ڪر. پر هن سمجهيو تہ چوان پيو تہ منھنجون مُڇيون ڪوڙ. اشارو ڏسي پاڪي کڻي لڳو مُڇيون ڪوڙڻ، تہ مون هٿ جهليندي اشارن سان چيومانس، ”ڇورا ڇا پيون ڪرينءَ؟“ تہ اشارن ۾ چيائين ”تو چيو مڇيون ڪوڙ. سو ڪوڙيان پيو.“ جنھن تي اچي کليس مون کي کلندي ڏسي پاڻ بہ کلڻ لڳو. چيومانس ”ميان، مُڇ اسان سنڌين جي مُڙسي ۽ مَرڪ آهي، سو تون ڪوڙي مون کي راڄ ۾ بُڇڙو ڪندين ڇا؟“
جي حجام جو هٿ نہ روڪيان ها تہ هينئر ڪلين شيو هجان ها ۽ محترم عبدالحئي پليجي جي اها خواهش پوري ٿي وڃي ها، جيڪا هو منھنجون فيسڪ بوڪ تي پوسٽون ڏسي ڪمينٽ ڪندو آهي تہ، ”چين ۾ اسان يوسف سنڌي کي ڪلين شيو ڏسڻ ٿا گهرون.“
همراھہ جڏهن تيار ڪري ڪرسي تان اٿڻ لاءِ چيو ۽ آرسي ڏانھن اشارو ڪندي چيائين، ”ڪيئن؟“
جواب ڏنومانس، ”لَش پَش ڪري ڇڏيو اٿئي.“
”لش پش...“ پاڻ چيائين.
مون کيس سمجهايو تہ ’لش پش‘ معنيٰ ”بيوٽي فل“. جنھن تي اصل ٽڙي پيو.
[28 آڪٽوبر 2024ع]
حيدرآباد فون ڪري پُڇان ٿو تہ گهر وارن جي گهوڙا گهوڙا تہ گرميءَ ماري ڇڏيو آهي ۽ وري بجلي بہ ڪونھي. هِتي ڄڻ سيارو اچي ويو آهي. ٻن ڏينھن کان جُھڙ ۽ برسات سبب چيني ماڻھن ڪوٽ، جيڪٽ ۽ سوئيٽر پائڻ ۽ ڇٽيون کڻڻ شروع ڪيون آهن. ڇٽيون تہ هونئن بہ پاڻ سان کڻن، جو اُس ۾ مٿان کولي هلن، جيئن سندن رنگ ڪارو نہ ٿئي. اها ٻي ڳالھہ آهي تہ يورپين جي نظر ۾ هي ايشيائي چيني بہ ڪارا آهن. پاڻ رنگن جا ڀورا ضرور آهن، پر يورپين ڳورن کان گهڻو متاثر ۽ مرعوب آهن. جي ڪنھن جي چمڙي ڳوري آهي ۽ هو وري زٽ هڻي، ڳورو نہ هوندي بہ يورپين سڏائي ٿو تہ پوءِ ان جي ڄڻ لئہ ٿي ويندي آهي.
اڄ صبح جو سوير چئين بجي ڌاري ’وانگ ين ڇنگ‘ کي کشين پنھنجي ڪار تي اسٽيشن ڇڏڻ ويئي ۽ پوءِ اتان ئي آفيس هلي ويئي. آءٌ سوير واڪ ۽ ڪسرت لاءِ اٿي لھي هيٺ آيس تہ ڪار بيٺل نہ هُيس، مون سمجهيو تہ مون کي اٿڻ ۾ دير ٿي ويئي آهي، پر ڪلاڪ کن کان پوءِ موٽيس ۽ ٽائيم ڏٺم تہ صبح جا ساڍا اٺ ٿيا هئا. مٿين ڳالھہ پوءِ وشال ٻڌائي. سندس ڳوٺ جو سفر هاءِ اسپيڊ ٽرين ۾ چئن ڪلاڪن جو آهي ۽ لوڪل ٽرين ۾ ارڙهن ڪلاڪن جو. وشال چيو تہ ”جي جي هزارا ’ايڪسپريس‘ ۾ ڳوٺ ويئي آهي ۽ ارڙهن ڪلاڪن کان پوءِ ڳوٺ پھچندي.“ جنھن تي مون ڪن کڙا ڪيا ۽ پڇيم، ”چين ۾ وري هزاره ايڪسپريس ڪيئن؟“ جنھن تي چيائين تہ لوڪل ٽرين معنيٰ هتي هتي بيھندي ويندي آهي، ’جي جي‘ پئسا بچائڻ لاءِ ان ٽرين ۾ ويئي آهي. لوڪل ٽرين جا ڪرايا صفا سستا آهن ۽ هاءِ اسپيڊ ٽرين جا مھنگا. پر نالو ڀلي لوڪل ٽرين هجيس، پر ماحول صفائي سٿرائي وغيرہ جي لحاظ کان هاءِ اسپيڊ ٽرين جھڙي ئي آهي. وانگ ين ڇنگ ٻن سالن کان پوءِ ڳوٺ ويئي آهي. مائٽن سان ڄڻ تہ ڪا اُنسيت ئي ڪونہ اٿن. جو مائٽ کين ڄڻي پوءِ ڄڻ گهر ۾ پاڻ ئي پلجڻ ۽ نپجڻ لاءِ ڇڏي ڏين ۽ پاڻ ڪمن ڪارين جي پويان، اولاد وري ارڙهن سالن جو ٿيو تہ پوءِ آپي خان... سو وٽن رشتن جو احساس ۽ قدر گهٽ آهي. هونئن بہ چوندا آهن تہ مائٽن اسان کي ڪھڙو پيار ڏنو ۽ پاليو جو سندن خيال رکون، پوءِ جي ڪنھن اولاد مائٽ جو خيال رکيو تہ غنيمت، نہ تہ هرڪو پنھنجو ڪمائي، پنھنجو کائي. وشال چيو تہ ”پاڻ بہ 2 نومبر تي هاءِ اسپيڊ ٽرين جي ذريعي کشين جي ڳوٺ هلنداسين. چار سؤ ڪلوميٽر جو مفاصلو آهي، يڪي ڊرائيونگ ڪندي کشين ٿڪي پوندي. مون کي هلائڻ تہ اچي ٿي، پر لائسنس نہ اٿم، تنھنڪري ڊرائيو نہ ٿو ڪري سگهان.“ چيومانس ٺيڪ.
ٻارهين ڌاري کشين آفيس مان موٽي تہ ڀڳل ٽٽل انگريزي ۽ اشارن ۾ چيائين ”ابو گهمڻ هلون.“
”هلو، دير ڇا جي.“ مون آڱوٺي جو اشارو ڪندي چيو. جيتوڻيڪ ٽنگن ۾ ڪافي سور هئم، پر انڪار ڪريان ها تہ وشال ۽ کشين جي وچ ۾ بدمزگي پيدا ٿيڻ جو انديشو هو، جو لکا تہ پوڻ نہ ڏنن، پر مون اندازو لڳايو تہ ٻئي هڪٻئي کان ڇڊا ڇڊا پي هليا. زال مڙس جون ناراضگيون تہ ٿينديون رهنديون آهن. جي انڪار ڪريان ها تہ نٿا هلون تہ متان کشين سمجهي ها تہ ابو ۽ امي وشال جي چوڻ تي مون سان نہ ٿا هلن. عورت جي پنھنجي نفسيات آهي.
ساڍي ٻارهين ڌاري کشين اسان کي هلڻ جو اشارو ڪيو، اسان ٻاهر نڪري اچي ڪار ۾ ويٺاسين. وشال کشين سان اڳيان ٿي ويٺو. آءٌ، نسيم ۽ مريم پويان ٿي ويٺاسين. سڀ کان پھرين ڊاڪٽر فيصل محمود کي اسپتال ڏسڻ وياسين، جتي هو ايڊمٽ هو ۽ سندس موڪن جو آپريشن ٿيو هو. رات وشال چيو هو تہ سڀاڻي ڊاڪٽر فيصل کي ڏسڻ هلنداسون. هو اسپتال داخل آهي تہ چيم، ڪلھہ رات تہ اڃا هتي آيو هو. جنھن تي وشال ٻڌايو تہ رات فون تي پاڪستان ۾ رهندڙ سندس زال سان سخت جهيڙو ٿيو هو، ٻڌايائين تہ هن پنھنجا زيور کيس ٻڌائڻ کان سواءِ وڪڻي ڇڏيا آهن. جنھن تي سندن وچ ۾ جهيڙو ٿيو ۽ رات جو دير سان کيس پيٽان رت اچڻ شروع ٿي ويو ۽ هو اسپتال داخل ٿي ويو.
ڊاڪٽر فيصل اسان کي ڏسي خوش ٿيو. وشال سندس لاءِ ڦڪي ماني ۽ فروٽ بہ آندو هو. مون محسوس ڪيو تہ ڊاڪٽر فيصل اڪيلائيءَ جو شڪار آهي. ڏاڍو سٺو ۽ سادو سودو ماڻھو آهي ۽ وشال جو سٺو دوست بہ. لڳ ڀڳ روزانو شام جو وشال سان ملڻ جي لاءِ ايندو آهي. وشال ٻڌايو تہ اوهان ٽنھي (سمير سميت) جو آن لائن ويزا فارم ڀرڻ جو سڄو ڪم ڊاڪٽر فيصل ئي ڪيو هو. هاڻ طبيعت بھتر هُيس. اسان ٿوري دير ويھي کانئس موڪلائي هيٺ آياسين.
اتان سڌو مختلف رستن تان ٿيندا نئننگ ۾ ٺھيل ’ميرٽ هوٽل مال‘ وٽ آياسين. جتي ان مھل بہ رونقون هيون، پر رات ڄڻ اُتي جاڳي پوندي آهي. اڌ ڪلاڪ کن اتي وڙڪي فوٽوگرافي ڪري وري ٻي هنڌ روانا ٿياسين. جيڪو بہ مال هو. اهو مال بہ ڪيترائي ماڙ هو ۽ دڪان سامان سان ڀريا پيا هئا. ايترا شاپنگ مال ۽ اگهہ ڏسي اندازو ٿيو تہ چيني ماڻھو وڏا خوشحال آهن. جو ايتريون مھانگيون شيون خريد ڪري سگهن ٿا. اهڙن شاپنگ مالس ۾ اسان جھڙن غريب غربن جي جاءِ ڪونھي.
شاپنگ مال ۾ ۽ ٻاهر روڊ جي ڀر ۾ ڏاڍا خوبصورت ۽ ڏسڻ جھڙا منظر هئا. ماڻھو اتي اچن، شاپنگ بہ ڪن تہ انھي منظرن مان لطف اندوز بہ ٿين.
منھنجي ٽنگن ۾ ڏاڍو سور پئجي رهيو هو ۽ پاڻ کي ڇڪي گهلي پي هليس، سو وشال کي چيم تہ، ”ٻيلي هاڻ هلون گهر، پاڻ کان هليو نٿو پُڄي.“
ائين آهستي آهستي هلندا واپس اچي ڪار ۾ ويٺاسين. هاڻ وشال ۽ کشين جا موڊ بہ ٺيڪ ٿي چڪا هئا. مون ڪلمون ڀري روح تي وڌو. کشين ۽ نسيم گهر هليا ويا ۽ آءٌ چانھه پيئڻ جي لاءِ وشال سان گڏ هوٽل وٽ لھي پيس.
اندر گهڙيس تہ ڏٺم ڊاڪٽر گوراف پاراشر ۽ ساڻس ٻيو دوست ويٺا ماني کائي رهيا هئا. مون کي ايندو ڏسي ڊاڪٽر گوراف پاراشر اٿي بيٺو ۽ مون کي پيرين پئي مليو. هو جڏهن بہ ملندو آهي تہ مون کي ۽ نسيم کي پيرين پئي ملندو آهي. چوندو آهي تہ اوهان منھنجي پتا ۽ ماتا سمان آهيو. سندس واسطو راجسٿان سان آهي ۽ وشال کان جونيئر آهي. ڪووڊ ۾ انڊيا ويا تہ موٽي نہ سگهيا. جنھن ڪري سندس ٻہ سال زيان ٿي ويا. هاڻ هتي ڊگري مڪمل ڪري، هائوس جاب پيو ڪري ۽ ايندڙ آگسٽ ۾ اهو مڪمل ڪري واپس انڊيا ويندا. هن پاڻ سان ويٺل ٻي نوجوان ڊاڪٽر جو تعارف ڪرايو ۽ ڊاڪٽر منيش سنگهہ، سندس واسطو ڪولڪتا (بنگال) سان هو سندس ڪھاڻي بہ ساڳئي هئي. ڊاڪٽر گوراف سان منھنجي ملاقات چين اچڻ جي ٽين ڏينھن ٿي، جڏهن انڊين شاگردن ’گيٽ ٽو گيدر پارٽي‘ ڪئي هئي ۽ هنن ماني جو آرڊر ”ذائقہ“ کي ڏنو هو ۽ اسان کين ماني پھچائڻ ويا هئاسين. اتي بہ هو ۽ ٻيا ڇوڪرا پيرين پئي مليا هئا. جڏهن کين خبر پئي تہ آءٌ ليکڪ آهيان تہ ڏاڍو خوش ٿيا ۽ چيائين تہ پھرين نومبر تي اسان ”ديوالي“ ملھائينداسين. اوهان کي دعوت ڏينداسين. ضرور اچجو. چيم مون کي اوهان سان شامل ٿي خوشي ٿيندي.
مون کين ٻڌايو تہ اسان جي شاعر شاھہ عبداللطيف ڀٽائي پڻ ديوالي کي ڳايو آهي ۽ اسان سنڌيءَ ۾ ’ديوالي‘ کي ’ڏياري‘ يعني ’ڏيئن واري عيد‘ چوندا آهيون. مون کين شاھہ سائين جا بيت بہ ٻڌايا:
ڏٺي ڏياري، سامونڊين سڙھہ سنباهيا
وجهيو ور ونجهہ کي، روئي وڻجاري
ماريندي ماري، پرھہ سور پرين جا.
ڊاڪٽر گوراف اڄ جو ائين اوچتو مليو تہ ڪچھري ۾ ويھي رهياسين. شعرو شاعري جو بہ ذڪر نڪتو تہ پاڻ چيائين تہ شاعر تہ ڪونہ آهيان، پر ڪجهہ شعر ياد اٿم جيڪي ٻڌايان ٿو. ائين پاڻ هڪ شعر ٻڌايائين، مون ۽ ڊاڪٽر منيش سنگهہ کيس خوب داد ڏنو. ڊاڪٽر گوراف چيو تہ انڪل اسان جو هڪ انڊين دوست گهڻي ڊرنڪ ڪرڻ جي سخت بيمار ٿي پيو آهي ۽ سيريس حالت ۾ اسپتال داخل آهي. سو اسان ديواليءَ جو پروگرام ڪئنسل ڪري ڇڏيو آهي. مون سندس دوست جي صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. ٿوري دير کان پوءِ هو موڪلائي هليا ويا تہ آءٌ بہ فليٽ تي هليو آيس.
[29 آڪٽوبر 2024ع]
جڏهن نئننگ پھتو هئس تہ مون هتي اڳ ۾ موجود همراهن کان پڇيو تہ نئننگ ۾ گهمڻ جھڙا ڪھڙا هنڌ آهن؟ ٻين ڪيترن ئي جڳھين سان گڏ هنن چيو پي تہ، ”مائونٽين ضرور ڏسجو.“ دل ۾ چوندو هئس تہ سڄي وهي تہ جبل ڏٺا ۽ جهاڳيا اٿئون وري هتي بہ جبل ڏسان.
ڪجهہ ڏينھن گذريا تہ دوست پُڇڻ لڳا. ڇا ڇا گهميو اٿوَ تہ جيڪي جايون ان وقت تائين ڏسي چڪو هئس اهي ٻڌائيندو هئس تہ پڇندا هئا تہ، ”مائونٽين نہ ويا آهيو؟“
”اها مائونٽين وري ڪھڙي بلا آهي، جو سڀ ان جو پيا پُڇن.“ نيٺ هڪ ڏينھن وشال کي چيم، ”مائونٽين ڪھڙي بلا آهي؟“
”گهمڻ جو هنڌ آهي. جلد ئي پاڻ بہ هلنداسين.“ وشال وراڻيو.
رات وشال چيو تہ ”سڀاڻي چنگ چو مائونٽين هلنداسين.“
”چنگ چو مائونٽين.... ان مائونٽين کان ڌار هنڌ آهي، ڇا، جنھن بابت دوست پيا پُڇندا آهن.“ پڇيم.
”ساڳيو ئي آهي... نالو چنگ چو اٿس، پر هتي رڳو مائونٽين چوندا آهن. ڏاڍو سٺو هنڌ آهي. وڏو شاندار پارڪ آهي؟“
تڏهن وڃي ڳالھہ سمجهيم تہ ”مائونٽين“ اصل ۾ ”چنگ چو مائونٽين“ کي مختصر لفظن ۾ چوندا آهن.
هينئر اسان ’چنگ چو مائونٽين‘ گهمڻ جي لاءِ وڃي رهيا آهيون.ڪار نئننگ جي مختلف رستن تان ٿيندي مائونٽين ڏانھن وڌي رهي هئي ۽ آءٌ دستور موجب دريءَ مان ٻاهر جا نظارا ڪرڻ لڳس. گاڏيون پنھنجي مقرر رفتار سان هلي رهيون هيون. ڪنھن کي بہ تڪڙ محسوس نہ پي ٿي. اور ڪراسنگ نہ هئڻ سبب ٽريفڪ جام ٿيڻ جو مسئلو ئي نہ هو. البت مون اڳ ۾ ڪيترائي ڀيرا موٽرسائيڪل وارن کي سگنل ٽوڙيندي ڏٺو. خير اهڙا جوڌا تہ هر هنڌ هوندا آهن. باقي جي سنگنل ٽوڙڻ جي دوران همراھہ سان ڪو حادثو ٿي پيو تہ پوءِ ئي سنگنل ٽوڙڻ جي خبر پويس ٿي تہ گهڻي ويھين سئو آهي. ايئن هتي بائيڪ هلائڻ لاءِ هيلمٽ پائڻ بہ لازمي آهي. پر پوءِ بہ اڪثريت هيلمٽ پائڻ کان سواءِ پئي هلندي آهي. ڪڏهن ڪڏهن پوليس آپريشن ڪندي آهي تہ بنا هيلمٽ وارن کي جهليندي آهي، پڙ تي پلاند يعني پنجاھہ يوآن ڏنڊ وصول ڪندي آهي.
اسان نيٺ ”چنگ چو مائونٽين“ پھچي وياسين. گاڏي پارڪنگ ۾ بيھاري کشين ٽڪيٽون وٺڻ ويئي ۽ آءٌ آسپاس جائزو وٺڻ لڳس. هن ’چنگ چو مائونٽين پارڪ‘ جو بنياد چين جي آزادي واري سال 1949ع ۾ رکيو ويو هو ۽ هينئر 2024ع ۾ پنجهتر سال يعني مُني صدي پوري ٿي اٿس. جنھن جي ياد ۾ سامھون هڪ نھايت سھڻو ’مونومينٽ‘ ٺاهيو ويو هو، جنھن جي چوڌاري خوبصورت گلن جي چادر وڇايل هئي ۽ ان مونومينٽ جي وچ تي لکيل هو 2024-1949ع- 75 سال. اهو مونومينٽ ’نيشنل ٽورسٽ اٽراڪيشن.‘ پاران ٺھرايو ويو آهي.
کشين ٽڪيٽ وٺي آئي تہ اسان اندر گهڙياسين ۽ هوريان هوريان اڳتي وڌڻ لڳاسين. چوڌاري رنگارنگي، گل ٻوٽا، وڻ ۽ وڻڪار، ڏسڻ سان ئي ماڻھوءَ پاڻ کي ڪنھن ٻي دنيا ۾ محسوس ڪرڻ ٿو لڳي. ان مھل سامھون شٽل ٽرين اچي رهي هئي، جنھن ٽورسٽن کي سڄي پارڪ جو سير ٿي ڪرايو، ان جي ٽڪيٽ ڏھہ يوان هئي. ان ٽڪيٽ تي لکيل هو:
One- Ride Ticket for men. Train of nanning Xing xiu shan tourism area.
ائين پنڌ ئي پنڌ سڄو پارڪ ڏسڻ ممڪن ئي نہ هو. هي پارڪ ڪيترن ئي ميلن ۾ پکڙيل آهي ۽ بوٽنيڪل گارڊن پڻ آهي. جنھن ۾ قسمين قسمين وڻ ۽ ٻوٽا پوکيل آهن ۽ انھن جي سار سنڀال ۽ صفائي سٿرائيءَ تي وڏو ڌيان ڏنو وڃي ٿو. وڻن جا پن تہ ڪرندا رهن ٿا. جن کي بہ اتي مخصوص ٽوپيون پائي صفائي جو ڪم ڪندڙ عملو صاف ڪندو رهي ٿو. باقي تہ ڪٿي پني جو ذرو يا ڪا ٻي شئي نظر نہ آئي. خدا تعاليٰ جيڪڏهن هنن کي سُھڻو ملڪ ۽ قدرتي سونھن سان مالا مال عطا ڪيو آهي تہ هنن پنھنجي ملڪ کي ترقي وٺائڻ ۾ وسان نہ گهٽايو آهي ۽ قدرت جي ڏنل سونھن جي حفاظت ۽ سار سنڀال ڪئي آهي. اسان بہ مني ٽرين جي ٽڪيٽ وٺي ٻين وزيٽرس سان گڏ مني ٽرين اچڻ جو اوسيئڙو ڪرڻ لڳاسين. ٿوري دير ۾ مني ٽرين آئي تہ اسان سڀ ان ۾ چڙهياسين، ٽرين ۾ ٽي گاڏا هئا. ٽرين هلڻ شروع ڪيو تہ ٽرين مان چيني ٻولي ۾ ڪمينٽري بہ شروع ٿي ويئي. آسپاس ڇا تہ خوبصورت نظارا هئا. ڏسڻ سان ڍئو ئي نہ ٿي ٿيو. اهو سڄو پارڪ ’چنگ چو جبل‘ تي ٺھيل آهي ۽ جبل ٽوڙي نھايت خوبصورت رستا ٺاهيا ويا آهن. موسم جھڙالي هئي، تنھنڪري ٽرين جي هلڻ سان ٿڌڙيون هيرون پي لڳيون. وچ وچ ۾ ڪيترائي چيني اڪيلا ۽ جوڙا جوڙا پنھنجي مستيءَ ۾ مست هلندا پي ويا. ڪٿي ڪٿي تہ ٻنھي پاسي اُڀو جبل هو ۽ وچ مان رستو هو ۽ انھن جبلن جي هڪ ٻاڙي بہ ساوڪ کان خالي نہ هئي. ٽرين ويھارو کن منٽ پنھنجي رفتار سان هلندي رهي ۽ پوءِ هڪ هنڌ بيٺي ۽ اسان سڀ لٿاسين. سامھون هڪ نھايت خوبصورت گل ۽ ٻوٽن سان ججهيل ميدان هو. جتي گهمڻ لاءِ آيل ماڻھو گهمي رهيا هئا. ميدان سان گڏ هڪ خوبصورت ڍنڍ پڻ ٺھيل هئي. جنھن کي ريلنگ لڳل هئي. ڍنڍ اندر مڇيون بہ نظر اچي رهيون هيون تہ پن، پاٻوڙا ۽ بيھه پڻ. اوڏي مھل مون کي اسان جو خطو ماڃر، ضلع سجاول ياد اچي ويو. جتي جي ڍنڍن ۽ ڍورن ۾ پٻڻ جام ٿئي، ڪُم، ڪُوڻيون، پاٻوڙا، بيھه، مڇي ۽ لوڙھہ جام ٿئي. جيڪي ماڻھو نہ رڳو کائين، پر وڪڻي گذر سفر بہ ڪن. ڍنڍ جي پرينءَ پاسي ساوڪ سان جنجهيل ننڍيون ننڍيون ٽڪريون ۽ وڏا وڻ وڻڪار جا بيٺا هئا. اُتي ئي ڪيتريون جهونيون پنجن پنجن ڇھن ڇھن جي ٽولين ۾ مختلف روايتي چيني ڊريسن ۾ بيٺيون نہ رڳو چيني موسيقي تي رقص ڪري رهيون هيون، پر پنھنجون وڊيوز بہ ٺاهي رهيون هيون.
مريم اسان جي اڳيان ڊوڙندي ۽ ٽھڪ ڏيندي ٿي هلي ۽ اسان سندس پويان اڳتي وياسين تہ ڏٺوسين تہ اڃا بہ پارڪ کي وڌائڻ جي لاءِ ڪم هلي رهيو هو. ڪافي دير تائين اسان پارڪ ۾ گهمندا ۽ فوٽو گرافي ڪندا رهياسين. نيٺ ٿڪاوٽ شروع ٿي ويئي ۽ واپس ورڻ جي ڪئيسين. واپسي وري بہ مني ٽرين ۾ ٿي، هاڻ باغ جو ڪجهہ ٻيو پاسو ڏٺوسين. هن سڄي پارڪ ۾ بہ مون ڪو پکي نہ ڏٺو تہ وشال کي ٻہ ٽي دفعا چيم ’چيني ڪيڏا نہ بدقسمت آهن، جو هنن سڀ پکي کائي هَنگي ڇڏ يا نہ تہ پکين جو ٻوليون کين ڪيڏو نہ سڪون ڏين ها.“
’چنگ چو پارڪ‘ مان ٻاهر نڪرڻ مھل اوچتو وشال چيو، ”ابو پکي.“ مون وشال جي آڱر جي اشاري تي ڏٺو تہ سامھون ڇٻر تي ڪوئل جھڙو هڪ ڪارو پکي ويٺو هو. ”ٻيلي شڪر جو، چين ۾ پکي تہ ڏٺوسين.“ مون چيو. تيسين مٿي وڻ تان ٻن ٽن ٻين پکين جي چھه چھه ٻڌڻ ۾ آئي. ”لڳي ٿو هتي ڪجهہ ٻيا پکي بہ آهن.“ چيم. ”وڏا ڀاڳ وارا آهن جو چينين جي کاڄ ٿيڻ کان بچي ويا.“
اسان ٻاهر نڪري اچي روڊ تي بيٺاسين. کشين پارڪنگ مان گاڏي ڪڍي آئي، مريم رستي تي ئي پلٿي هڻي ويھي رهي. اسان ڪار ۾ ويٺاسين تہ مريم ٿوري ئي دير ۾ ڏاڏهينس جي ڪڇ ۾ سُمھي رهي.
واپس ورندي سڄي واٽ آءٌ اهو سوچيندو رهيس تہ مادي ترقي پنھنجي جاءِ تي، پر هڪ باوقار ۽ ترقي يافتہ قوم تڏهن ٺھي سگهي ٿي، جڏهن اها قوم پنھنجي جسماني ۽ ذهني صحت جو بہ خيال رکي. ان سلسلي ۾ چين جي شھرن ۾ هنڌ هنڌ پارڪ ۽ ورزش ڪرڻ جون جايون ٺاهي، چيني حڪومت پنھنجي عوام کي صحت مند رکڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي آهي.
*
نائين آڪٽوبر کان وٺي اڄ ڏينھن تائين سنڌ مان جيڪو دوست مون سان لڳاتار رابطي ۾ رهيو آهي ۽ روزانو واٽسپ تي ڳالھائي ٿو، اهو محترم غلام حسين جوڻو آهي. جنھن سان نہ رڳو حال احوال ۽ ڪچھري ڪندا آهيون، پر سنڌ جا حال احوال بہ معلوم ٿي ويندا آهن.
*
ڪالھہ چين جي ترقيءَ جي حوالي سان مون ’ڊينگ زيائو پنگ‘ جو پروفائيل پي پڙهيو، جنھن ۾ لکيل هو تہ هن سنگاپور جي ترقيءَ مان سکڻ جي لاءِ سنگاپور جو دورو ڪيو ۽ سنگاپور جي وزيراعظم ’لي ڪو آن يو‘ سان ملي سندس تجربن مان سکيو. ’لي ڪوآن يو‘ سنگاپور جي ڪرشمي ساز شخصيت هو. ’لي ڪو آن يو‘ زندگيءَ ۾ پنج ڪم ڪيا. جنھن سان هڪ سڄي قوم پٽ تان اٿي ڇت تي پھچي ويئي. سندس پھريون ڪم ايمانداري هو، هو بي انتھا ايماندار هو، سڄي زندگي ۾ هڪ پئسي جي بہ بي ايماني نہ ڪيائين ۽ ان کان پوءِ پنھنجي چوڌاري ايماندار ماڻھو گڏ ڪيائين. ’لي ڪوآن يو‘ 23 مارچ 2015ع تي گذاري ويو. ان وقت سنگاپور دنيا جي وڏي اڪانامي هو، پر ان اڪانامي ۾ سندس ڪا ڪمپني، ڪا فئڪٽري، ڪا بلڊنگ يا ڪو پلاٽ وغيرہ نہ هو. دنيا ۾ هٿين خالي آيو ۽ هٿين خالي ويو.
ڪڇي ڪاڇوٽي، نانگن ٻڌي نينھن جي
جهڙا آيا جڳ ۾، تھڙا ويا موٽي
ٿي تنين جي چوٽي، پورب ٿيندي پڌري
سندس ٻيو ڪمال سادگي هو. سنگاپور ۾ وزيراعظم جي لاءِ ڪو ذاتي جھاز ڪونھي. ’لي ڪو آن يو‘ سڄي زندگي سنگاپور ايئر لائين ۾ سفر ڪيو. کيس ڪنھن اهڙي ملڪ ۾ وڃڻو هوندو هو، جتي سنگاپور ايئرلائين نہ ويندي هئي تہ هي ان جي ويجهي ملڪ ۾ ويندو هو ۽ اتان ان ملڪ جي ايئرلائن ۾ سفر ڪندو هو. هن سڄي زندگيءَ ۾ رڳو هڪ ڀيرو سنگاپور ايئر لائين جو جھاز ذاتي طور استعمال ڪيو ۽ اهو بہ تڏهن جڏهن سندس زال برطانيا ۾ بيمار هئي ۽ ان کي آڻڻ جي لاءِ کيس سڄو جھاز استعمال ڪرڻون پيو، جنھن تي بہ هن سڄي قوم کان معافي گهري. هو ’قوم جو ابو‘ هو، پر ان هوندي بہ هُن 1990ع ۾ اقتدار ڇڏي ڏنو ۽ وزيراعظم مان ڪابينا جو سينئر وزير بنجي ويو. ان کان پوءِ سنگاپور ۾ اها روايت پئجي ويئي تہ وزيراعظم رٽائرمينٽ کان پوءِ وزير جي حيثيت سان ڪم ڪرڻ شروع ڪندو هو ۽ ان تي کيس ڪابہ ڦڪائي نہ ٿيندي آهي. ’لي ڪو آن يو‘ کان پوءِ سندس پٽ ’لي شين لونگ‘ وزيراعظم ٿيو. هو پُٽ جي ڪابينا ۾ سينئر وزير رهيو. پٽھنس جو مدو پورو ٿيو تہ هو بہ ’لارنس وانگ‘ جي ڪابينا ۾ وزير بنجي ويو. ’لي ڪوآن يو‘ جي سڄي ڪابينا سادي هئي، وزير بہ عام ڪپڙا پائيندا هئا، پنھنجي گاڏي پاڻ هلائيندا هئا. سندس ٽيون ڪمال ميرٽ هو. ’لي ڪوآن يو‘ سڄي زندگي ميرٽ تي سمجهوتو نہ ڪيو. هن 1990ع جي ڏاڪي ۾ سرڪاري ملازمن ۽ وزيرن کي ڪارپوريٽ سيڪٽر کان وڌيڪ پگهارون ڏيڻ شروع ڪيون. هو بھترين دماغ ۽ اهل ماڻھن کي چونڊيندو هو ۽ کين ڪارپوريٽ سيڪٽر کان بہ وڌيڪ پگهارون ڏيندو هو ۽ پوءِ کين ڪم ڪرڻ جي آزادي ڏيندو هو. سنگاپور انھن ماڻھن ٺاهيو، هو چوندو هو، ملڪ هلائڻ لاءِ 25 ايماندار وزير ۽ 25 ايماندار سيڪريٽري گهرجن بس. هتي هڪ ڳالھہ جو ذڪر مناسب آهي تہ سنگاپور پورٽ ڊگهي عرصي تائين دنيا جو بھترين پورٽ رهيو، اهو پاڪستان نيوي جي هڪ آفيسر ڪيپٽن سعيد ٺاهيو هو. ’لي ڪوآن يو‘ کي ڪيپٽن سعيد ۾ ٽيلينٽ نظر آيو ۽ هو کيس ڪراچي مان سنگاپور وٺي ويو. همراھہ ايترو تہ ٽيلينٽ پرست هو.
’لي ڪو آن يو‘ جو چوٿون ڪمال ’لا اينڊ آرڊر‘ هو. سندس چوڻ هو تہ جنھن ملڪ ۾ امن نہ هوندو، اهو ترقي ڪري نہ سگهندو. ’لي ڪوآن يو‘ سڄي زندگي سنگاپور جو ڪوبہ رستو بند ٿيڻ نہ ڏنو. سندس دور ۾ هڪ ڀيرو سنگاپور ايئرلائين جي پائليٽن هڙتال جي ڌمڪي ڏني. ’لي ڪوآن يو‘ سڀني پائلٽس کي هڪ هنڌ گڏ ڪيو ۽ چيو تہ سنگاپور ۾ ’ڊوميسٽڪ فلائيٽس‘ ڪونھن. اسان رڳو انٽرنيشنل فلائٽس هلايون ٿا. هتي جون ٻہ سؤ ايئرلائينز منھنجي ٽرمز اينڊ ڪنڊيشنڊ تي سنگاپور ۾ ڪم ڪرڻ جي لاءِ تيار آهن. اوهان جيڪڏهن سڀاڻي تائين هڙتال جي ڌمڪي واپس نہ ورتي تہ سنگاپور ايئر لائينز جا سڀ جھاز ’ليڊنگ رائٽس‘ سان ڪنھن ٻي ايئر لائين کي ڏيئي ڇڏيندس ۽ پوءِ سنگاپور ۾ ڪڏهن بہ سنگاپور ايئر لائين نہ ٺھندي. اوهان وٽ فيصلي جي لاءِ 24 ڪلاڪ آهن. پائلٽس ٻي ڏينھن هڙتال جي ڌمڪي واپس وٺي لاٿي ۽ ان کان پوءِ ڪڏهن بہ هڙتال نہ ٿي. ملڪ ۾ ڪڏهن بہ ڪو مظاهرو، احتجاج يا هڙتال نہ ٿي. تنھنڪري سنگاپور جي هر شخص کي خبر آهي تہ سڀاڻي جيڪڏهن رستي تي نڪرندس تہ اهو کليل هوندو ۽ منھنجي آفيس، دڪان ۽ يونيورسٽي سڄو سال بند نہ ٿيندي، تنھنڪري اتي ڪاروباري سرگرميون بند نہ ٿيون ٿين.
’لي ڪوآن يو‘ سڄي ملڪ کي ’ڪرائم فري‘ بہ ڪري ڇڏيو. ان لاءِ هُن ننڍن ننڍن ڏوهن کي هٿيار طور استعمال ڪيو. هن چيگم تي پابندي هڻي ڇڏي. ڪن ڪچرو پکيڙڻ کي ڏوھہ قرار ڏنو ۽ غلط جاءِ تان رستو يا گهٽي پار ڪرڻ کي سنگين ڏوھہ قرار ڏنو. سندس چوڻ هو تہ اوهان جيڪڏهن عوام کي ننڍن ننڍن ڏوهن ۾ سخت سزائون ڏيڻ شروع ڪندا تہ سندن دلين ۾ رياست جو ڊپ ويھي ٿو رهي ۽ هو ڪڏهن بہ وڏو ڏوھہ ڪرڻ جي غلطي نہ ڪندا. سنگاپور جڏهن چيگم، گند ڪچرو پکيڙڻ ۽ غلط هنڌ تان رستو يا گهٽي پار ڪرڻ تي هزار ڊالرن کان وٺي ٻہ هزار ڊالرن تائين ڏنڊ وٺڻ شروع ڪيو تہ ماڻھو ڊڄي ويا ۽ هاڻ اهي وڏي غلطي يا ڏوھہ کان پري رهن ٿا ۽ سمجهن ٿا تہ جيڪو شخص گهٽي ۾ لفافي، شاپر يا رٻڙ اڇلائڻ تي معافي نہ ٿو ڏي، اهو چوري، زنا يا ڌاڙي تي اسان سان ڪھڙو سلوڪ ڪندو. تنھنڪري سنگاپور ڪرائم فري سوسائٽي بنجي ويو.
’لي ڪوآن يو‘ جو پنجون ڪمال ’بزنس فرينڊ لي‘ ماحول هو. هن هڪ اهڙو سسٽم بنائي ڇڏيو، جنھن ۾ بزنس روزاني بنياد تي ترقي ڪري ٿو. تنھنڪري سڄي دنيا جا بزنيس مين، مُوڙي، نالي ۽ ٽيم سان سنگاپور اچي ويا. اوهان هنن جي ڪھڙي بہ وڏي آرگنائزيشن جو نالو کڻو، سنگاپور ۾ اوهان کي ان جي آفيس ملي ويندي. سڄي دنيا جا باصلاحيت واپاري بہ سنگاپور ۾ آباد آهن. يا سندن گهڻو وقت سنگاپور ۾ گذري ٿو. سنگاپور سياحت ۽ تفريح جو بہ وڏو مرڪز آهي. سنگاپور ۾ اوهان کي دنيا جي هر شئي ملندي. 36 ڪلوميٽر ۽ 50 لک آباديءَ واري هن ملڪ کي ان سطح تي پھچائڻ جو ڪم ’لي ڪو آن يو‘ فقط ٽن ڏاڪن ۾ ڪري ڏيکاريو. دنيا جون قومون ٻين ملڪن جي ترقيءَ مان سکنديون ۽ سبق حاصل ڪنديون آهن ۽ عظيم چيني اڳواڻ ’ڊينگ زيائوپنگ‘ چين کي ترقي وٺرائڻ ۾ سنگاپور ۽ ’لي ڪوآن يو‘ جي تجربن مان بہ سکيو.
[30 آڪٽوبر 2024ع]
گذريل ٽن ڏينھن کان عجيب صورتحال آهي، روز رات جو ننڊ ۾ وڦلان ٿو، روئان ٿو ۽ کلان بہ ٿو. ڪلھہ رات بہ گهر واريءَ ننڊ مان اُٿاري چيو تہ ”ڇا ٿيو اٿئي... کلين بہ پيو ۽ روئين بہ پيو.“ ان مھل آءٌ ڪو خواب ڏسي رهيو هئس. جاڳيس تہ بہ کلڻ لڳس. جنھن تي آءٌ بہ حيران ٿي ويس. اڄ وري بہ ساڳئي حالت ٿي. ايئن محسوس ٿيو. ڄڻ ڪو مون کي نپوڙي رهيو آهي ۽ مون کي ٻُڌي ڇڏيو اٿس. جاڳ ٿيم تہ بہ اکيون ڇت ۾. ڄڻ مون کي ڪنھن ٻڌي ڇڏيو هجي. پاڻ کي ڇڪيم، منھنجو سڄو بدن سيٽجي ويو، پوءِ پاڻ کي ڍرو محسوس ڪيم ۽ گهر واريءَ ڏانھن منھن ڪري چيم، ”وشال وارن جو هي ڪمرو ڳرو آهي.“ هوءَ بہ جاڳي پئي ۽ اُٿي بلب ٻاريائين. مون کيس سڄو احوال ٻڌايو ۽ پوءِ بلب ٻريل ئي رهيو ۽ اسان سُمھي پياسين. صبح جو اٿيس تہ سڄو بُت چور لڳو پيو هو ۽ واڪ ڪرڻ بہ نہ ويس.
ناشتي مھل ماڻھنس وشال کي اها ڳالھہ ٻڌائي تہ هو ڏاڍو کليو. ماڻھنس چيس تہ آءٌ دڙي ۽ حيدرآباد ۾ چوندي هيس تہ فلاڻي جاءِ يا فلاڻو هنڌ ڳرو آهي تہ هي نہ مڃيندو هو ۽ چوندو هو تہ مڙيئي ڪو وهم اٿوَ. هاڻ پاڻ پيو چوي، جنھن تي مون منھن جي پڪائي ڪندي چيم، ”مڃان تہ اڃا بہ نٿو. گهڻون کائون ٿا، ان ڪري خواب ٿا اچن... يا وري مون سان ڪو نفسياتي ۽ ذهني مسئلو آهي، باقي ٻيو ڪجهہ بہ ڪونھي.“
ڪالھہ وشال مون کان ٻانھن جي سور جو پُڇيو تہ چيومانس تہ ڪو خاص فرق ڪونھي. جنھن تي چيائين تہ سڀاڻي وري ڊاڪٽر کي ڏيکارڻ هلنداسين. تنھن ڪري اڄ ٽين بجي ’گوانگسي مينزو اسپتال‘ وياسين. ساڳئي ڊاڪٽر کي ڏيکاريوسين. اڄ فيس جي پرچي نہ ورتيسين. شايد هڪ ئي ڀيري فيس ۾ ڪم هليو وڃي. ڊاڪٽر حال احوال ورتو ۽ پنج ڏينھن وڌيڪ دوائون کائڻ جو چيائين، جيڪي هيٺ اچي ورتيوسين.
اڄ اسپتال ويندي، اسپتال جي ڀرسان هڪ هنڌ صفا ننڍو اخباري اسٽال ڏٺم، جنھن تي اخبارون ۽ رسالا نظر آيا. دل ۾ خيال آيم تہ واپس ويندي ڏسندس ڪا انگريزي اخبار ملي، پر واپسيءَ ۾ ٻيو رستو وٺڻ سبب اخبارون ڏسي نہ سگهيس. گهر اچي کشين چيو تہ ”سڀاڻي هڪ روايتي چيني دوائن سان علاج ڪندڙ ڊاڪٽر کي ڏيکارينداسين.“ ان ڏينھن جڏهن اسپتال ڊاڪٽر فيصل کي ڏسڻ وياسين تہ ان چيو، ”اسپتال مان ڊسچارج ٿيان تہ منھنجي دوست ڊاڪٽر سيرين جي پُٽ کي ڏيکاريون. جيڪو اڪو پنڪچر علاج ڪندو آهي.“
سو، چين اچي بہ هن فقير جي ڊاڪٽرن مان جند نہ ٿي ڇُٽي.
ڊاڪٽر کي ڏيکاري کشين جي ڀيڻ ’وانگ ين ڇنگ‘ جي فليٽ تي وياسين. ائين شھر جو اهو پاسو، ڏسڻ جو موقعو مليو. وانگ ين ڇنگ جي ان فليٽ جي پويان ذڪر ڪري آيو آهيان. فليٽن جي ان سلسلي ۾ 10 بلاڪ هئا ۽ هر بلاڪ ۾ منھنجي اندازي موجب 200 فليٽ هئا. وانگ جو اهو فليٽ ستين فلور تي 119 نمبر هو. انھن بلاڪن جي اڳيان نھايت خوبصورت پارڪ ۽ مونومينٽ ٺھيل هئا. سيڪيورٽيءَ جو بہ زبردست انتظام هو. مالڪ يا سڃاڻپ جي لاءِ جيڪي چھرا فيڊ ٿيل هئا، اهي ڏيکارڻ سان ئي دروازا ٿي کليا. واھہ جو بندوبست هو. فليٽ ٽن ڪمرن، اسٽور، واش روم ۽ لائونج تي ٻڌل ڪارنر فليٽ هو. ٽيرس تي بيھي مون ڏٺو تہ سامھون شھر جو نظارو بي حد خوبصورت ۽ وڻندڙ هو. مون حيدرآباد ۾ اڪثر فليٽ ڏٺا آهن، سچ تہ ڄڻ ڪبوترن جون کُڏڙيون آهن. بس ماڻھو کي ڇت کپي، سو رهن ٿا. هي فليٽ نھايت رٿابندي، صحت، هوا ۽ روشني جي اصولن کي نظر ۾ رکي ٺھيل هئا. فليٽ جيڪو اڳ ۾ ئي صاف ۽ چلڪيو پي، مٽي جو ذرو بہ نہ هو. کشين ان جي ٻيھر صفائي ڪئي. صفائي تہ ڄڻ چينين جو سڄو ايمان آهي. جيسين هر هر صفائي نہ ڪن، تيسين سُک ئي نہ اچين. ٿوري دير فليٽ ۾ ويھي اسان واپس موٽي آياسين. سٺو ٿيو جو کشين وٺي ويئي، ايئن مون کي هڪ نئون مشاهدو ماڻڻ جي لاءِ مليو.
ڪالھہ وشال کي چيم تہ پشو هاڻ اسان جي واپسيءَ جو بندوبست ڪر. گهڻو ئي زور ڀريائين ۽ بحث ڪيائين تہ سال جي ويزا لڳي ويئي هوندي. سڀاڻي پاسپورٽ کڻي ايندس، پاڪستان وڃي ڇا ڪندا. مون پنھنجي موڪل پوري ٿيڻ ۽ نوڪريءَ جي مجبوريءَ جو ٻڌايو تہ چيائين ٺيڪ آهي، پوءِ اميءَ کي ڇڏي وڃ، چيومانس اهو تون ڳالھائينس. نيٺ راضي ڪيومانس تہ 10 نومبر تي واپسي ڪجي. خبر چار ورتيسين تہ بيجنگ مان هر هفتي هڪ فلائيٽ ڪراچي وڃي ٿي. 10 ۽ پوءِ 17 نومبر. اسان 10 نومبر ڊن ڪئي. اڄ جڏهن اسپتال مان ٻاهر نڪتاسون تہ مون ايئن ئي نسيم کان پڇيو تہ هڪ فلائيٽ 10 نومبر تي ۽ ٻي 17 نومبر تي آهي، ڪھڙي فلائيٽ ۾ هلون، ماڻھنس جي جواب ڏيڻ کان اڳ وشال جواب ڏنو سترهن نومبر تي. سمجهي ويس تہ ’ڪامريڊ‘ هفتو وڌيڪ رهائڻ جي موڊ ۾ آهي، آءٌ بہ چپ رهيس. آءٌ جتي بہ ويھندو آهيان تہ وشال کي ڏسندو رهندو آهيان، اٺن سالن جي جدائيءَ کان پوءِ هڪ مھينو مليو آهي. ان مھل وشال جو سڄو ننڍپڻ منھنجي اکين اڳيان ڦري ويندو آهي ۽ امان مرحومه ياد اچڻ لڳندي آهي. وشال ڄائو تہ اسان پر سانڍيو امان. امان ڪڏهن ڪڏهن چوندي هئي، ”ڏسجو منھنجو پُٽ ڊاڪٽر ٿيندو.“ امان جي دعا اگهامي ويئي ۽ وشال ڊاڪٽر ٿي ويو. اڄ امان هجي ها تہ ڪيڏو نہ خوش هجي ها. وشال کي ائين ڏسندو پيو آهيان تہ جي وشال جي اوچتو مون تي نظر پوندي آهي تہ پُڇندو آهي، ”ابو ڇا پيو ڏسين؟“ تہ جواب ڏيندو آهيانس:
اکين ۾ ٿي ويھه، تہ واري ڇپر ڍڪيان
توکي نہ ڏسي ڏيھه، آءٌ نہ پسان ڪي ٻيو.
تہ وشال کلي پوندو آهي.
*
[31 آڪٽوبر 2024ع]
هاڻ جيئن واپس ورڻ جا ڏينھن ويجها پيا اچن تہ فرمائشون بہ وڌنديون پيون وڃن، ڪا چوي تہ منھنجي لاءِ ڪا سوکڙي وٺي اچج تہ ڪو وري چوي تہ چين مان منھنجي لاءِ ڇا آڻيندي؟ تنھنڪري اڄ ’ڇائو يانگ اسڪوائر‘ وياسين ۽ ٻارن لاءِ ڪجهہ نہ ڪجهہ ورتوسين. وڏا تہ پنھنجي جاءِ تي پر ننڍن ٻارن جو تہ حق ٿئي ٿو تہ دادا ۽ نانا بابا اسان جي لاءِ ڪجهہ وٺي اچن. جڏهن هيڏانھن پي آياسين تہ منھنجو ڏهٽو ارباز ايئرپورٽ تائين آيو هو ۽ پنھنجي ٻاتي ٻوليءَ ۾ چيائين، ’نانا بابا! ماما وشال منھنجا گفٽ وٺي ڏيندو، اوهان اهي کڻي اچجو.“ وري پوءِ فون ڪري چيائين، ”نانا بابا، اوهان ايندا تہ اڳ ۾ ٻڌائجو تہ اچي پنھنجون شيون کڻي وڃان.“ تنھنڪري اڄ ڇائو يانگ اسڪوائر مان ٻارڙن ۽ ٻين لاءِ ڪجهہ نہ ڪجهہ ورتوسين.
گهر پھتاسين تہ ڳالھيون ڪندي وشال ويو ۽ ڪمري مان وڃي هڪ ڇلو کڻي آيو ۽ منھنجو هٿ وٺي ان جي چيچ ۾ وڌائين. ”ابو هاڻ هي لاهجو نہ.“ چيائين.
مون چيچ کڻي ڏٺو ۽ ائين ئي چيم، ”سون جو آهي؟“ ”ها سون جو آهي.“ وشال وراڻيو. جنھن تي ماڻھنس مون ڏانھن ڪرڙي اک سان ڏٺو تہ چيومانس، ”ديشياڻي، هتي آءٌ ٿو پانيان. حيدرآباد هلي تنھنجي حوالي ڪندس. مون کي قاسم آباد ۾ اها پائي چيچ ٿوري ڪٽرائڻي آهي.“ جنھن تي پاڻ ۽ وشال مُرڪي پيا.
”منھنجي چاندي جي هڪڙي ڏاڍي سٺي چين هئي. جيڪا جڏهن اوهان کي گوانچو وٺڻ پي آياسين تہ ٽرين ۾ مريم ڪٿي وڃائي ڇڏي. اها مون کي ڏاڍي وڻندي هئي، ۽ ڪيترا سال مون وٽ هئي. اها مون کي هڪ گرل فرينڊ ڏني هئي.“
”وشو، چائنا ۾ اچي گهڻيون گرل فرينڊس ڪيئي؟“ مون کلندي پڇيومانس.
”جامَ....“ وشال کلندي چيو، جنھن تي کلندي ماڻھنس کي چيم، ”ڏٺئي پُٽھين جا ڪمَ..!“ جنھن تي کلي پيئي.
”انھن مان هڪ کشين نيٺ توکي ڦاسائي وڌو.“ مون ٽھڪ ڏيندي چيو. پنھنجو نالو ۽ منھنجو ٽھڪ ٻڌي کشين مُرڪندي سواليا نظرن سان وشال ڏانھن ڏٺو. وشال ترجمو ڪري ٻُڌايس تہ ابو هيئن ٿو چوي، جنھن تي کلندي کڻي وشال جي Hups تي ٿف هنيائين.
هتي چيني خوش يا مذاق ڪن تہ يا تہ هپس تي ڌڪ هڻن يا ٽنگ ابتي ڪري اِٽَ اڳلي جي ڳئيءَ کي هڻن ۽ پوءِ کلن ڪجهہ ڏينھن اڳ جڏهن ڪيڏانھن گڏ پي وياسين تہ وشال ائين ئي کشين کي Hups تي ڌڪ هنيو ۽ پوءِ اسان کي چيائين ”هاڻ ڏسجو ڪيئن ٿي بدلو وٺي“ اڃا ٻہ چار منٽ مس گذريا تہ کشين ٽنگ ورائي وشال کي اِٽَ هنئي. جنھن تي ڏاڍو کلياسين.
مون کشين کي چيو تہ اوهان پاڪستان ڪڏهن ايندؤ؟ جنھن تي کشين چيو پاچيستان نہ اينديس، اتي دھشتگردي آهي. مون کي ماري ڇڏيندا. پوءِ هٿ جون آڱريون اُڀيون ڪري ”ٺشون ٺشون“ ڪيائين.
پاڪستان ۾ چينين تي ٿيندڙ دھشتگرد حملا، چينين وٽ اڪثر بحث جو موضوع هوندا آهن ۽ هو اهو چئي ناراضگيءَ جو اظھار ڪندا آهن تہ، ”چين تہ پاچيستان جي مدد ٿو ڪري، پوءِ بہ پاچيستاني چينين کي ڇو ٿا مارين.“ کشين تي بہ ان ڳالھہ جو اثر هو، تنھنڪري اهو جواب ڏنائين.
ٻارهين ڌاري ابوذر اقبال مليو، چيائين انڪل اڄ ڪتابن جو ڌڪ گُسي ويو، پڇيم ڪيئن، چيائين تہ گروپ ۾ ميسيج آيو هو تہ اڄ لئبرري ۾ گفٽ طور کڻڻ جي لاءِ ڪتاب رکيا ويندا. ان ڪري سوير بہ اٿيس، پر جيسين لئبرري پھتس، تيسين کڻڻ وارا سڀ ڪتاب کڻي ويا. چيم يار ڏاڍي ٿي. شام جو مليو تہ هڪ ڪتابCommon knowledge about Chinese History ڏنائين تہ اهو هڪ دوست وٽ پيو هو. جيڪو اوهان جي لاءِ کڻي آيو آهيان. چيم: يار تنھنجي مھرباني بس آئندہ ڪتابن جو اهو ڌڪ اصل نہ گُسڻ گهرجي.
[پھرين نومبر 2024ع]
رات منھنجو دوست ادا حاجي عباسي گذاري ويو. ٻہ ڏينھن اڳ ڊاڪٽر امان ﷲ عباسيءَ جي پوسٽ پڙهي هيم تہ ”بابا جي طبيعت تمام خراب آهي، وينٽي ليٽر تي هليو ويو آهي. دعائن جي اپيل ڪجي ٿي.“
ان پوسٽ کي ڏسندي ئي مون سمجهي ورتو تہ ’لڳي ٿو تہ ادا حاجي هاڻ شايد پنھنجو وقت پورو ڪري چڪو آهي.‘ ڪجهہ ڏينھن اڳ جڏهن مون ’نئننگ زو‘ واري پنھنجي چيني مائٽياڻين سان فوٽوءَ سان گڏ پوسٽ رکي هئي تہ ڪمينٽس ڏنو هئائين.
”خيال سان شادي ڪج، متان مُڙس بہ ويو تہ خرچ بہ ويو.“
پاڻ اڪثر اهڙا مزيدار ڪمينٽس ڏيندو رهندو هو.
بيماري سبب کيس سندس پٽ ڪراچي گلشن حديد وٺي ويا هئا. اتي ئي رهندو هو. گذريل رمضان شريف ۾ آءٌ، حبيب ﷲ ميمڻ، عباس سومرو، عبدالڪريم سومرو ۽ مير ٽڳڙ گڏجي کيس ڏسڻ ويا هئاسين. ان کان پوءِ فون تي رابطو رهندو هو ۽ جڏهن بہ فون ڪندو هو تہ چوندو هو، ”سُھڻن جو سلام.“ افسوس جو هتي هئڻ سبب سندس ڪلھي ڪانڌي ٿي نہ سگهيس. سندس وفات جو پڙهي ايئن محسوس ٿيم، ڄڻ منھنجي مٿي تان شفقت جو هٿ کڄي ويو آهي.
22 آڪٽوبر تي منھنجو مھربان دوست راحت سعيد گذاري ويو ۽ رات ادا حاجي عباسي. رب جي رضا تي راضي رهڻ کان سواءِ ٻيو ڪري بہ ڇا ٿو سگهجي.
ويا اوهري اوءِ، مون کي ڇڏي ماڳھين
جُڳن جا جُڳ ٿيا، تئان نہ موٽيو ڪوءِ،
گوندر ماريندءِ، ويچاري وِين جو.
*
هڪ بجي ڌاري جمع نماز پڙهڻ جي لاءِ ڇائو يانگ جي مسجد وياسين. اسان کي ڇڏي کشين ۽ نسيم هليون ويون ۽ وري نماز کان پوءِ گڏياسين. وشال مون کي هڪ وڏي عمارت جي سامھون آڻي بيھاريو ۽ چيو، ”ابو تنھنجي لاءِ سرپرائيز آهي.“ ”ڪھڙي؟“ پڇيم.
”هو سامھون ڏس، بوڪ شاپ. اچ تہ اندر هلون.“
”واھہ.... زبردست اڄ تہ ٿي ويئي بلي بلي.“
سامھون عمارت تي نظر وڌم ۽ پوءِ وشال سان گڏ هلندي بوڪ شاپ ۾ داخل ٿيس. بوڪ شاپ ڇا هو. بس ڪتابن جي وڏي ڪائنات هئي. ان بوڪ شاپ جا چار ماڙ هئا ۽ هر ماڙ تمام وڏو ۽ ويڪرو. جيتوڻيڪ بيجنگ ۽ ٻين شھرن ۾ ان کان بہ وڏا بوڪ شاپ آهن. پر مون اڄ تائين ايڏو وڏو بوڪ شاپ نہ ڏٺو هو. ائين کڻي چئجي تہ ’بوڪ مال‘ هو. هر ماڙ تي ڌار ڌار سيڪشن، ڪتاب نھايت سُھڻي نموني ترتيب سان رکيل، وچ وچ ۾ صوفا بہ رکيل هئا، جن تي اوهان ويھي ڪتاب پڙهي سگهو ٿا. نہ ڪا جهل نہ پل. سيلزمين ڇوڪريون بيٺيون هيون. هڪ ماڙ کان ٻي ماڙ تائين چڙهڻ ۽ لھڻ لاءِ اليڪٽرڪ ڏاڪڻيون. ڪتاب سڀ چيني ٻوليءَ ۾ هئا ۽ نھايت سھڻا ۽ جاذب نظرڇپيل. اسان هڪ سيلز گرل کان پڇيو، ”انگريزي ڪتاب ڪٿي رکيل آهن.“ وراڻيائين ٿرڊ فلور تي. اسان اليڪٽرڪ ڏاڪڻيون چڙهي ٿرڊ فلور تي آياسين. جتي بہ نھايت شاندار ۽ سليقي ۽ ترتيب سان ڪتاب رکيل هئا. هڪ سيلز گرل کان پڇيوسين تہ ”انگلش بڪس؟“ تہ هن آڱر سان هڪ پاسي اشارو ڪيو. اسان اوڏانھن وياسين تہ اتي بہ ماسڪ چڙهيل هڪ سيلز گرل بيٺي هئي، جنھن کان پڇيوسين تہ ان هڪ پاسي اشارو ڪيو ۽ پاڻ بہ هلي اچي اسان کي ڪتاب ڏيکارڻ لڳي. انگريزي ڪتاب ڪي گهڻا نہ هئا. ڪجهہ تہ شيڪسپيئر جي ڊرامن جا هئا. شيڪسپيئر جا ڊراما مون چيني ۾ ترجمو ٿيل بہ ڏٺا. چار واليوم ’شي چن پنگ‘ جي تقريرن جا هئا. ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا جو ميني فسٽو بہ انگريزي ۾ موجود هو. هڪ ٻيو ڪتاب ٽن جلدن ۾ چيني ليکڪ Wu Cheng’en جو Journey to the west هو. جنھن جو انگريزي ترجمو W.J.F Jenner ڪيو هو. جيڪي مون کڻي اٿلائي پٿلائي ڏٺا. پر ٻن ڪتابن منھنجو پاڻ ڏانھن ڌيان ڇڪايو، ان ۾ هڪ The Making in new China وڻيم تہ وٺان. پر قيمت ڏسي هٿ ڪڍيم. 350 يوان يعني پندرهن هزار پاڪستاني ان مھل ڇوڪري هڪ ٻيو ڪتاب کڻي هٿ ۾ ڏنو، Poems of Mauzeting ۽ چيئرمين مائو جي پوئٽري کڻي هٿ ۾ ڏٺم. ٻيئي ڪتاب پيڪ ٿيل هئا، منھنجي دلچسپي ڏسي چيائين ڀلي کولي ڏسو. مائوزي تنگ جي شاعري کولي ڏٺم. ڪتاب سھڻو ۽ خوبصورت پني تي ڇپيل هو. هڪ پاسي انگريزي ۽ ٻي پاسي چيني ۾. مائوزي تنگ شاعر بہ هو، سندس شاعري جو اهو ڪتاب اردو ۾ ڪنھن زماني ۾ چين جي غير ملڪي زبانن جي اشاعت گهر پاران ڇپيو هو. اهو ادارو اردو ۾ ٻيا ڪتاب بہ ترجمو ڪري چين مان ڇپائي موڪليندو هو. هاڻ شايد نہ ٿو ڇپرائي. اهو ڪتاب آءٌ پڙهڻ لاءِ پاڻ سان گڏ چين کڻي آيو آهيان. اهو انگريزي ايڊيشن وٺڻ جھڙو هو، پر کيسي اجازت نہ ٿي ڏني. ڪي ٻيا ڪتاب بہ هئا.مون ڇوڪري کان چيني رائٽر باجين (Ba Jin) جي ڪتابن جو پڇيو، پر چيائين تہ اهي چيني ۾ ملي ويندا. باجين چين جو تمام وڏو ليکڪ ٿي گذريو آهي. پر پاڻ وٽ ان جا ڪتاب نہ ٿا ملن، نہ وري سندس لکڻين جا ترجما ٿيا آهن.
گهر اچي مون چيئرمين مائوزيتنگ جي شاعري جي اردو ترجمي وارو ڪتاب کڻي ان مان ڪجهہ شعر پڙهيا. مائوزيتنگ جو هڪ نظم هن ريت آهي:
رات ڪيڏي نہ ڊگهي هئي
ڳاڙهي زمين تي پرھہ ڦُٽي آهي
هڪ صديءَ تائين چرين وانگر نچي رهيا هئا، راڪاس ۽ برڙ باڪاس
اسان جو پنج سئو ملين عوام ڪيڏو نہ ڏکن ۾ هو
عرش جي هيٺان ٻُرائجڻ لڳو آهي،
پرھہ ڦُٽي جي ڪڪڙن جا ڌس
’پيوي شيئن‘ سان گڏ سڀ قوميتون
نچي رهيون آهن
شاعر جي من ۾
جذبن جي اهڙي سرشاري ڪڏهن بہ نہ هئي.
[هي 1950ع ۾ قومي ڏينھن جي موقعي تي لکيو هو.]
چيئرمين مائو جو مٿيون نظم پڙهندي مون کي سندس هڪ ڳالھہ ياد آئي. لانگ مارچ جي دوران کين ڪيتريون ئي تڪليفون پيش آيون، پر مائو ڪميونسٽ انقلابين جي لاءِ هڪ ضابطہ اخلاق تيار ڪيو ۽ ان تي سختيءَ سان عمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. تہ ماڻھن کان سُئي سڳي جھڙي بہ ڪا شئي نہ کسجو. رستي ۾ جيڪا شئي ملي اها جمع ڪرائي ڇڏجو. نرم لھجي ۾ ڳالھائجو، ورتل شين جي مناسب قيمت ادا ڪجو، جيڪا شئي اُڌاري وٺو، اها ايمانداريءَ سان واپس ڪجو، نقصان جو معاوضو ادا ڪريو. ماڻھن سان زيادتي نہ ڪجو. قيدين سان سٺو سُلوڪ ڪجو، عورتن جي عزت ۽ وقار جو خيال رکجو.
*
ٽين بجي کشين مون کي ڏيکارڻ لاءِ اڪو پنڪچر چيني ڊاڪٽر کان وقت ورتو هو، ان مھل ٻہ ٿيا هئا. اڃا ڪلاڪ هو، ان ڪري اسان سڀ ’ڇايو يانگ‘ ۾ وڙڪڻ لڳاسين. کشين اسان جي لاءِ بسڪوٽ ۽ ڪيڪ وٺي آئي. جيڪي اسان اتي وڙڪندي کاڌا، ايئن ڄڻ پيٽ کي ڇاٻ آئي، پوءِ هڪ ڪافي شاپ تي وياسين، جتي روايتي چيني چانھه جا وڏا وڏا گلاس وٺي آئي. عجيب قسم جي چانھه هئي، جنھن ۾ چانھه کان سواءِ باقي سڀ ڪجهہ هو. چانھه جي تہ بس خوشبو هئي. چيني ٿڌي چانھه پيئن، پاڻ وري جيڪا چانھه چپ نہ ساڙي ان کي چانھه ئي نہ سمجهون. چيني چانھه کي ڇاھہ چون.
بھرحال ان هلڪي ڦلڪي ريفريشمينٽ کان پوءِ اسان اڪو پنڪچر ڊاڪٽر ڏانھن روانا ٿياسين. اڪو پنڪچر علاج چين جو قديم روايتي علاج آهي، جيئن يوناني حڪمت، اهو ڏاڍو مھانگو آهي. جڏهن چين ۾ انقلاب آيو ۽ چيئرمن مائو ماڻھن جي صحت جي حوالي سان غور ويچار شروع ڪيو، ان وقت چين ۾ بيماريون عام هيون، صحت جي حوالي سان چين کي ٻاهرين مدد بہ نہ پي ملي تہ چيئرمين مائو روايتي چيني علاجن ڏانھن ڌيان ڏنو ۽ انھن تي تجربا ڪرائي، فائدي ۽ نقصان بابت رپورٽ ورتي. ان کان پوءِ اڪو پنڪچر علاج کي قانوني شڪل ڏيئي، اهو عام ڪيو ويو. مون ڪجهہ سال اڳ ڪٿي پڙهيو هو تہ چين جو هاڻوڪو صدر ”شي چن پنگ“ بہ ڪنھن بيماري سيماريءَ جي حالت ۾ اهو علاج ڪرائڻ کي اهميت ڏيندو آهي. هاڻ تہ اهو وڌيڪ سائنٽيفڪ انداز سان ڪيو وڃي ٿو.
ڪار هلندي هڪ وڏي هوٽل جي اڳيان اچي بيٺي، ان هوٽل ۾ ڪيتريون آفيسون بہ هيون. اسان وارو ڊاڪٽر ستين ماڙ تي ويھندو آهي. لفٽ ۾ چڙهي اُتي پھتاسين ۽ هڪ آفيس ۾ گهڙياسين، اندر هڪ هال ۾ ڪيترائي ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون ڪمپيوٽرن تي ويٺا ڪم ڪري رهيا هئا، اسان کي ڏسي آڱوٺا مٿي ڪري ”ني هائو“ چئي خوشيءَ سان آجيان ڪئي. اسان بہ ”شي شي“ چئي سندن مھرباني مڃي ۽ مرڪن جي ڏي وٺ ڪئي. پوءِ ڊاڪٽر جي چيمبر ۾ گهڙياسين. لڳو ئي نہ پي تہ ڪا هيءَ اسپتال آهي، هڪ پاسي شيلف ۾ رکيل اڪو پنڪچر تي لکيل ڪتاب، پاسي ۾ ٻن قديم چيني ڊاڪٽرن جون تصويرون لڳل هيون، جن جو ضرور ان علاج سان واسطو هوندو. ڊاڪٽر پُرجوش نموني هٿ ملايو ۽ صوفن تي ويٺاسين ئي مس، تيسين هڪ ڇوڪري پاڻي جون بوتلون اچي ٽيبل تي رکيون ۽ پوءِ مووي ٺاهڻ لڳون. تيسين هڪ ٻيو چيني اندر گهڙي آيو ۽ جڏهن اسان جي پاڪستاني هئڻ جي خبر پيس تہ وٺي تاڙيون وڄائڻ لڳو. اسان بہ! پوءِ چيائين ”چونگو- ڀاتيا ڦنگيو“ يعني پاڪ چين دوستي زندہ باد. اسان واري ڊاڪٽر مون کي اتي اچي ڪرسي تي ويھاريو ۽ اهو همراھہ پٽ تي ويھي رهيو ۽ وڏي جوش مان پاڪستان چين دوستيءَ تي خوشيءَ جو اظھار ڪرڻ لڳو. پوءِ خبر پئي تہ همراھہ ان ڪمپنيءَ جو باس ۽ اڪوپنڪچر دوائن جو وڏو سپلائير آهي. سندس سادگي ۽ خوشي جي اظھار گهڻو متاثر ڪيو. پوءِ ويو سو هڪ ننڍو هئڊو پاڪيٽ کڻي آيو ۽ تحفي طور ڏنائين. وشال ٻڌايو تہ ان جي قيمت پنج ڇھه سؤ يوان آهي.
ڊاڪٽر مون کان شرٽ لھرائي ۽ پوءِ جتي سور هو اتي مھٽڻ شروع ڪيائين. وشال کيس ايم. آر. آئي ۽ اڳ ورتل دوائون ڏيکاريون.. همراھہ وڏو ڳالھير هو. لڳو صفا جوان ٿي، پر چينين جي عمر جي سندن چھري مان خبر نٿي پوي. بھرحال اندازو اٿم تہ چاليھارو سالن کان مٿي هوندو.
هسٽري وٺي پوءِ ويو، سو سُين جو پئڪٽ کڻي آيو. مون کي اها خبر هئي تہ اهو علاج سُين ذريعي جسم ۾ دوائون داخل ڪرڻ سان ٿئي ٿو، پر اندازو نہ هئم تہ اجهو ٿو مون کي بہ سُيون ٽُنبي.
ڊاڪٽر پھرين منھنجي ڪلھي ۽ ٻانھن واري حصي تي ۽ هڪ ڪنڌ ۾ سُيون هنيون، چيائين تہ سور ٿئي تہ ٻڌائج. دل ۾ چيم: ”پٽيا جيئري ماس ۾ ٿو سُيون هڻين سو تڪليف تہ ٿيندي.“ سُيون هڻي ويھارو کن منٽ ڇڏي ڏنائين. ان دوران سندس گفتگو جاري هئي، ويھن منٽن کان پوءِ اهي سُيون ڪڍي وري ٻيون هنيائين. پندرهن منٽن کان پوءِ اهي ڪڍيائين تہ مون بوتل کڻي ٻہ ڍڪ پاڻي پيتو. تيسين هڪ صندل کڻي آيا ۽ چيائون هن تي ليٽ. هاڻ ٽنگن جو وارو هو. هڪ پير جي آڱوٺي مان رت ڪڍيائين ۽ هڪ ٽنگ ۾ سُئي هنيائين. ٿوري دير ترسي چيائين ’ڇا پيا محسوس ڪريو؟‘ چيم! ”بھتر، اڌ ڪلاڪ کان پوءِ ٽنگ مان سُئي ڪڍيائين.“ مون شرٽ پاتي ۽ ڊاڪٽر کان موڪلايوسين. ٻاهر اچي فوٽو ڪڍياسين. هو لفٽ تائين اسان سان گڏ آيو، وشال کان پڇيم تہ بس علاج مڪمل تہ چيائين، سڀاڻي دوائون موڪليندو. ٻن ڏينھن کان پوءِ وري اچبو... هينئر محسوس ٿو ڪريان تہ ٻانھن ۾ تڪليف گهٽ اٿم. هتي جن بہ ڊاڪٽرن کي ڏيکاريو اٿم. ساڳئي ٿا ڳالھہ ڪن تہ نيوٽريشن صحيح نہ اٿئي. نسن ۾ رت ڄمي ويو آهي، جيڪو دوائن سان گڏ ايڪسرسائيز سان ٺيڪ ٿيندو ۽ ٻانھن جو هڏو بہ پنھنجي جاءِ تان هٽيل آهي. اهو سڄو 5 جنوري 2023ع تي حيدرآباد ۾ قاسم چوڪ وٽ ٿيل ايڪسيڊنٽ جو ڪمال آهي.
اڄ ابوذر اقبال Common knowledge about China History جي ٻي ڪاپي کڻي آيو، جيڪا سندس ڪنھن دوست وٽ پيل هئي. مون سندس مھرباني مڃي ۽ فيصلو ڪيم تہ اها ڪاپي شاهزيب نوناريءَ کي ڏيندس.
[2 نومبر 2024ع- آچر]
شام جو حامد فضلي ڪيترن ئي دوستن سان گڏجي هوٽل تي آيو، جن ۾ هڪ يمني نوجوان هو، باقي سڀ افغاني هئا. ڪجهہ ڏينھن اڳ ملاقات ۾ چيو هئائين، ”سر! اوهان پنھنجو ڪو ڪتاب آندو هجي تہ مون کي ڏيو.“ چيومانس تہ هڪڙو ڪتاب آهي، پر سنڌيءَ ۾ آهي، تون سمجهي نہ سگهندين. چيائين: خير آهي، اهو مون وٽ اوهان جو يادگار رهندو. مون وٽ ٻيو ڪتاب تہ نہ هو. مون پاڻ سان فقط ٻن ڪتابن جي هڪ هڪ ڪاپي آندي هئي. هڪڙو انڊيا جو سفرنامو ”دلي، جيسا مين ني ديکھا“ ۽ ٻيو مون تي مير حاجن مير جو مرتب ڪيل ڪتاب ”سرها ڏٺم سي.“ ”دلي جيسا مين ني ديکھا“ تہ مون ابوذر اقبال کي ڏيئي ڇڏيو. باقي ’سرها ڏٺم سي‘ مون وٽ پيو هو، اهو کڻي اچي هوٽل تي رکيو هئم. اڄ آيو تہ مون کيس اهو ڪتاب ڏنو، جنھن تي ڏاڍو خوش ٿيو. ماني کائڻ کان پوءِ ٻيا افغاني ڇوڪرا تہ هليا ويا، پر حامد فضلي ۽ يمني نوجوان جنھن پنھنجو نالو نُاجي عمدہ العولقي، ٻڌايو، ويٺا رهيا، آءٌ بہ پنھنجي ڪرسيءَ تان اُٿي اچي سندن ڀرسان ويٺس، تيسين ٻہ ٻيا شاگرد بہ آيا، هڪ گهانا جو هو ۽ ٻيو بنگلاديش جو. انھن سان بہ هلڪي ڦلڪي ڪچھري ٿيندي رهي. مون حامد فضليءَ کي چيو تہ پنھنجو غزل ٻڌائي تہ رڪارڊ ڪريان. هن ٻڌايو ۽ مون رڪارڊ ڪيو، جنھن تي ناجيءَ چيو تہ ’عربي‘ شاعري ٻڌندا. مون چيومانس شوق سان. ٻڌايائين تہ آءٌ صنعاء ۾ رهان ٿو ۽ گهر ۾ بابا جي تمام وڏي لئبريري آهي. پڇيومانس تنھنجو پيءَ رائٽر آهي ڇا؟- نہ يمن ۾ پنج سياسي گروپ آهن، منھنجي پيءَ انھن مان هڪ جو اڳواڻ آهي. پوءِ موبائيل تي اشتراڪي لکي ڏيکاريائين. ٻين لفظن ۾ يمن جي ڪميونسٽ پارٽي يا سوشلسٽ پارٽي، 1990ع کان اڳ جڏهن يمن ٻن حصن اتر يمن ۽ ڏکڻ يمن ۾ ورهايل هو تہ ڏکڻ يمن ۾ اشتراڪي پارٽي جي حڪومت هئي، ناجي ڳالھين جو ڳھير هو. مون چيومانس ڀلي شاعري ٻڌائي. پھرين پاڻ هڪ يمني شاعر جي شاعري ٻڌايائين. پوءِ چيومانس يار ڪنھن ٻي شاعر جھڙوڪر امراءُ القيس جي شاعري ٻڌائي، جنھن تي اصل ٽڙي پيو. امراء القيس تہ منھنجي اباڻي شھر ’حمير‘ جو هو. پوءِ گوگل تان امراءُ القيس جو هڪ قصيدو سرچ ڪري ٻڌايائين ۽ پوءِ مون کان نوٽ بوڪ وٺي ان تي ڪجهہ بند پنھنجن هٿ اکرن سان لکي ڏنائين. چيم لک، پاڪستان وڃي ان شعر جي معنيٰ سائين حافظ حبيب سنڌي کان پڇندس.
ولو شاء کات الغزومن اُرض حمير
وﷲ عمداً لي الروم اّهزا
لِکي صاحبي لماراي الروب روتہ
وايون انا الاحقان هنجرا
فقلن ﷲ لالائيڪ عينڪ انما
تحاول مکلنا رونموت فخز را.
ان دوران ابوذر اقبال بہ اچي ويو، جيڪو بہ اچي اسان سان گڏ ويٺو. ابوذر جو فضلي ۽ ناجي سان تعارف ڪرايم تہ ناجيءَ پڇيس تہ چائنيز سکي اٿئي؟ ابوذر چيس تہ مون کي چائنيز سکڻ جي ضرورت ئي محسوس نہ ٿي ٿئي، جو منھنجي پي. ايڇ. ڊي انگريزي ۾ ۽ منھنجا استاد بہ سڀ انگريزي ڳالھائين. اهي يورپ ۽ آمريڪا جي سُٺين يونيورسٽين جا پڙهيل آهن. جنھن تي ناجيءَ چيس چين تمام مٿي پيو وڃي. ايندڙ وقت چائنا جو آهي. بھرحال هو پاڻ ۾ بحث ڪندا رهيا، پر ٻيئي هڪٻئي کي قائل ڪري نہ سگهيا. ابوذر چيو تہ چيني رڳو چين ۾ ڪم اچي ٿي، پر انگريزي تہ سڄي دنيا ۾ ڪم اچي ٿي، جنھن تي مون چيو: چيني بہ سکڻ گهرجي، پر انگريزي ڄڻ تہ رابطي جي زبان آهي، دنيا جي وڏي حصي جي ماڻھن ۾، مثال طور پاڻ هتي ويٺا آهيون، افغاني، يمني، بنگالي، گهانا ۽ پاڪستاني سڀني جون ٻوليون ڌار ڌار آهن،پر پنھنجي وچ ۾ رابطي ۽ ڳالھہ ٻولھہ جي زبان انگريزي آهي. جنھن تي ناجي آڱوٺو ڏيکاري ڏند ڪڍندي چيو، ”ييس“. پوءِ چيائين تہ مون چيني اٺن مھينن ۾ سکي آهي. ابوذر چيس، هتي هڪ ڇوڪرو عمر ايندو آهي، ان چئن مھينن ۾ چيني سکي. جنھن تي ناجي ڏند ٽيڙڻ لڳو. ناجيءَ جي عمر بہ ويھه ايڪيھه سال هوندي.
انگريزي زبان تان مون کي هڪ ڳالھہ ياد آئي تہ هتي چين ۾ چينين کي انگريزي زبان سِکڻ جو وڏو شوق آهي. هتي ڪيترائي انگريزي سيکارڻ جا سينٽر هئا، جيڪي ڪووڊ-19 کان پوءِ چيني گورنمينٽ اهي سڀ بند ڪري ڇڏيا. جنھن ڪري ڪيترائي ٻاهريان همراھہ جيڪي انھن سينٽرن ۾ پڙهائي روزي روٽي ڪمائيندا هئا، بي روزگار ٿي ويا.
*
منھنجي عادت آهي تہ ڪڏهن ڪڏهن پنڌ ئي پنڌ گوانگسي يونيورسٽي سب وي تائين ويندو آهيان، واڪ بہ ٿي ويندي آهي ۽ واءُ سواءُ بہ پيو وٺندو آهيان. شام ٿيندي آهي تہ اتي لوڊرن ۾ لڳل گاڏن ۾ کاڌي پيتي جون شيون خاص ڪري فروٽ کڻي اچي بيھندا آهن. قسمين قسمين فروٽ ڪجهہ اڳ ۾ ڏٺل، ڪجهہ پھريون ڀيرو هتي نظر آيا.
ڇانھين جنھن کي چيني ٻوليءَ ۾ ’شئي گئا‘ چيو وڃي ٿو، هتي ٻارهوئي ملي. ڇانھين مون کي گهڻي وڻندي آهي، سو وشال روز رات جو ڏھہ يوان ۾ ڇليل ٺھيل ڇانھين جا ٽي پئڪٽ وٺيو اچي. اها ڳالھہ پڙهي بہ حيرت ٿي تہ دنيا ۾ 67 سيڪڙو ڇانھين اڪيلو چين ئي پيدا ڪري ٿو. چين ۾ اها روايت پڻ آهي تہ ڇانھين هر تقريب ۾ سويٽ ڊش طور پيش ڪئي ويندي آهي، تنھنڪري اها سڄو سال ملي ٿي.
[3 نومبر 2024ع]
محسوس ڪيم تہ اڄ سڄو ڏينھن وشال جو موڊ آف رهيو. سمجهي ويس تہ زال مڙس ۾ ڪجهہ اڻبڻت ٿي آهي، ڪار ۾ بہ هو اڄ کشين سان گڏ اڳيان ويھڻ بدران پويان ويٺو ۽ ماڻھنس کي اڳيان ويھاريائين.
ماڻھنس مون کي ٻڌايو تہ وشال چوي ٿو تہ کشين چوي ٿي تہ سندس ڳوٺ هلون ۽ مون چيومانس تہ ”جڏهن مون، ابو ۽ اميءَ توکي بار بار ڳوٺ هلڻ جي لاءِ چيو تہ تون نہ هلڻ لاءِ مختلف بھانا ڪندين رهينءَ. هاڻ هلڻ جي ضرورت ڪونھي.“
منھنجي خواهش هئي تہ چين جون ٻھراڙيون ڏسان، وشال ۽ کشين بہ چيو هلنداسين. کشين جي ماءُ بہ چئي ويئي ۽ بار بار مون کي اچڻ لاءِ چوندي رهي آهي. پر منھنجي ننھن جا مختلف بھانا، اڄ سو اسان بہ ڄڻ هلڻ کان آسرو لاهي ڇڏيو. اڄ وري کشين چيو تہ وشال کيس جواب ڏيئي ڇڏيو. ائين اهو پروگرام ٽائين ٽائين فش ٿي ويو.
شام جو ماني کائڻ مھل کشين چيو تہ ’ابو اوهان منھنجي ڳوٺ هلندا؟“ چيم ”هائو، هلندسين.“ بس سندس دل رکڻ خاطر چيم، پر هاڻ منھنجي دل بہ نٿي چوي.
رات وشال چيو تہ [ماسي] ’وانگ ائي چائو‘ سڀاڻي منجهند جي مانيءَ جي دعوت ڏني آهي. اڳين دعوت ’وانگ ڦان‘ طرفان هئي. دعوت ساڳئي بوفي هوندي، جھڙي اڳين هئي ۽ هيءَ ٻي هوٽل آهي، جيڪا نئين کلي آهي.
ٻارهين ڌاري اسان چارئي ۽ پنجين مريم ’ڇائو يانگ‘ پھتاسين. ڪار پارڪنگ ۾ ڪار پارڪ ڪئي سين. هتي زمين دوز ڪار پارڪنگ ٺھيل آهن. جتي گاڏيون بيھاربيون آهن، ان جي في پنج يوان آهي. پاڻ وانگر ڪونھي تہ جتي دل وڻي اتي گاڏي بيھاري هليا وڃو، پوءِ روڊ بند. هتي جي ڪير اهڙي حرڪت ڪري تہ سر وڃيس. کشين ڪار هڪ وڏي دوڪان جھڙي ڪمري ۾ هڪ پاڪستان ۾ ڪانٽي جھڙي ٺھيل لوهي بلاڪ تي بيھاري بلڪل اهڙو ڪانٽي جھڙو، جنھن تي پاڻ وٽ ڪمند جون ٽرڪون توريندا آهن، اسان ٻاهر نڪتاسين تہ ڪار پارڪنگ واري همراھہ هڪڙو ڪارڊ ڏنو.
اسان لفٽ ۾ چڙهي مٿي پھتاسين ۽ مختلف روڊ ڪراس ڪندا اچي هڪ بلڊنگ جي ٻاهران بيٺاسين، سامھون ئي ’وانگ ائي چائو‘ ۽ سندس پٽ ’وانگ وئي وئي‘ اسان جي اوسيئڙي ۾ نظر آيا. جن مرڪي اسان جو آڌر ڀاءُ ڪيو. پوءِ ان عمارت ۾ اليڪٽرڪ ڏاڪڻين ۽ لفٽن ۾ چڙهي الائجي ڪھڙي ماڙ تي پھتاسين. اتي ڪيتريون ئي ريسٽورينٽ هيون. جن ۾ سڄو سسٽم بوفي هو. ’وانگ ائي چائو‘ هڪ هوٽل پسند ڪئي ۽ ان ۾ وڃي ويٺاسين. صبح جو پھر هئڻ سبب رش نہ هئي. اسان ٻہ ٽيبلون بوڪ ڪرايون. انھن تي ويٺاسين، سيلف سروس هئڻ سبب هر ڪنھن پليٽ کنئي ۽ پنھنجون پنھنجون شيون کڻڻ ۾ لڳي ويو. سؤ کان بہ وڌيڪ ائٽم هئا، فروٽ، سويٽ ڊش، الڪوحل جا مختلف نمونا ۽ بيئر جون برف ۾ لڳل بوتلون، جوس، رڌل توڙي ڪچو کاڌو. هر ٽيبل جي اڳيان هڪ اليڪٽرڪ ديڳڙي ۽ پچائڻ لاءِ اسٽيل جي ڄاري لڳل هئي، جنھن ۾ اوهان ڪچو گوشت، چڪن ۽ سبزيون کڻي پچائي يا اوٻاري کائي ٿا سگهو. سي فوڊ (Sea food) بہ قسمين قسمين هو، گهانگهٽ، اسٽار فش، ڪوڏ، سپون، الائجي ڇا ڇا. چيني سي فوڊ وڏي شوق سان کائين، اهو ڄڻ سندن لاءِ جنت جو کاڌو هجي. ڀاڄيون بہ گهڻيون واپرائين، پر اوٻاري کائين، نہ لوڻ نہ مرچ وجهن.
منھنجي لاءِ مسئلو هو تہ ڇا کڻجي. ٻہ ٽي سويٽ ڊش جا نمونا ۽ ڪجهہ فروٽ کنيم. هڪ هنڌ پيزا رکيل هو. وشال کان پُڇيم، هي ڏس کڻي سگهجي ٿو؟ ڏسي چيائين تہ، ”هي پيزا ڊريگن جي گوشت مان ٺھيل آهي.“ کڻي پٺتي وڌيس. واپس اچي ٽيبل تي ويٺس. اسان جھڙن لاءِ اسٽڪ سان کائڻ بہ مسئلو آهي. سو چمچن کي استعمال ڪيوسين. البت وشال، جيڪو ’اڌ چيني-اڌ سنڌي‘ آهي، اسٽڪ سان مزي سان کائيندو رهيو. وشال ڪجهہ ڀاڄين جا پتا ۽ کنڀيون کڻي آيو. جيڪي هن ديڳڙي ۾ اوٻارڻ جي لاءِ وڌيون. چين ۽ ڏور اوڀر جي ملڪن ۾ کُنڀيون مصنوعي (هائبرڊ) طريقي سان اُپايون وڃن ٿيون. جيڪي کائڻ سان گڏ دوائن ۾ بہ استعمال ٿين. هڪ ٻہ اوٻاريل کنڀي مون بہ کاڌي. هوٽل ۾ ٻن ڪلاڪن تائين ويھي جيڪو دل چوي سو کائي سگهجي ٿو. في فرد ستر يوان اڳ ۾ جنھن هوٽل ۾ ’وانگ ڦان‘ وٺي ويئي هئي ان ۾ في فرد اسي يوان هو.
اسان پنھنجي حال سارو کاڌو، منھنجي لاءِ مسئلو اهو آهي تہ ٻہ چار گراھہ کڻان ٿو تہ پيٽ پائولا (فل) ٿيو وڃي. باقي ٻين ٻن ڪلاڪن ۾ پورو پورو انصاف ڪيو کائڻ سان. ان دوران ڪچھري ۽ فوٽوگرافي بہ هلندي رهي. ماني کائي هوٽل مان ٻاهر نڪتاسين. موڪلائڻ مھل مون ميزبان ’وانگ ائي چائو‘ کي پاڻ سان آندل لُنگي سوکڙي طور ڏني تہ مائي ڪا خوش ٿي. ڪنڌ ۾ وڌيمانس تہ خوش ٿي فوٽو ڪڍايائين ۽ بار بار نسيم کي ڀاڪر پائي موڪلايائين. هوءَ پٽھنس ’وانگ وئي وئي‘ سان رواني ٿي تہ اسان بہ گهر موٽڻ جي ڪئي. هھڙين هوٽلن ۾ هڪ ڳالھہ نئين لڳي تہ جي کاڌو اوهان بچايو تہ ان جا پئسا ڪٽبا. ٻين لفظن ۾ جيترو کائي سگهو اوترو کڻو، کاڌو زيان نہ ڪريو.
واپسيءَ ۾ هڪ عجيب لقاءُ ڏٺم. اسان جتي ڪار پارڪ ڪئي هئي، ان هنڌ وڃڻ بدران ٻي پاسي هڪ گيٽ وٽ وڃي بيٺاسين. کشين گيٽ وٽ لڳل اي. ٽي. ايم ٽائپ مشين ۾ ڪارڊ وڌو ۽ پوءِ ڏهن منٽن اندر گيٽ کليو ۽ اسان واري ڪار سامھون بيٺي هئي. کشين اندر وڃي ڪار ٻاهر ڪڍي آئي. پارڪ ڪرڻ مھل جنھن ڪانٽي ٽائپ لوهي چادر تي بيھاري هئي، اهو ڪارڊ لڳڻ سان ڪار کي کڻي آيو. اهو آهي ٽيڪنالاجي جو ڪمال.
مٿي ڀاڄين جو ذڪر نڪتو آهي تہ ٿورو چين ۾ ڀاڄين جي پيداوار جو بہ ذڪر ٿي وڃي. چين جا 35 سيڪڙو ماڻھو زرعي صنعت سان وابستہ آهن، چين جي سبزي مارڪيٽ ۾ گهمندي ڪيترين ئي قسمن جي ڀاڄين ۽ ميون کي ڏسي چين ۾ زراعت ۾ اڳڀرائي ۽ ترقيءَ جي خبر پوي ٿي. دنيا ۾ سبزين جي ڪل پيداوار جو 50 سيڪڙو چين ۾ ٿئي ٿو ۽ چين صرف هڪ سيڪڙو برآمد ڪري ٿو، باقي 49% پاڻ وٽ رکي ملڪي گهرجون پوريون ڪري ٿو.
[4 نومبر 2024ع]
صبح جو چئين بجي ڌاري جاڳ ٿي تہ بدن ڄڻ ٻَڌو پيو هو. ٻاهر اچي ليٽس- ٿوري دير فيس بوڪ کولي ڏٺم ۽ پوءِ اکيون بند ٿيڻ لڳيون تہ سُمھي پيس. دير سان جاڳ ٿي، پر طبيعت ۾ مزو نہ هو. وشال مون کان پڇيو تہ دوائون کائڻ کان پوءِ ڇا ٿو محسوس ڪرين، چيم ڪو خاص نہ. ڪلاڪ کن کان پوءِ ٻڌايائين تہ ڊاڪٽر سان ڳالھايم، ڊاڪٽر کان پڇيم تہ چيائين، ”ٻانھن ڊيميج ٿيل آهي، سو وقت لڳندو.“
اڪو پنڪچر ڊاڪٽر جيڪي دوائون ڏنيون آهن، سي ٻن راتين کان کشين مون کي ڪاڙهي پئي پياري.
رات کشين کي چيم تہ ڪو اهڙو ڪتاب ملي ويندو، جيڪو چيني پرائمري ڪتاب هجي. وشال چيو تہ مون وٽ هڪ ڪتاب پيو آهي، جيڪو توکي گهر هلي ڏيندس. اڄ صبح جو اهو ڏنائين. A complete Hand book of spoken Chinese جنھن ۾ انگريزي جملو، ان جي سامھون ان جي انگريزي اُچار ۾ چائينز ۽ ان جي هيٺان اهو چائنيز اسڪرپٽ ۾ لکيل آهي. پڙهي وڃجي ٿو، پر صحيح اُچار ڪڍڻ لاءِ رهنمائي کپي. مثال طور مائوزي تنگ کي انگريزي ۾ Maosedong لکيو وڃي ٿو. ائين ٻيا لفظ بہ آهن. سکڻ لاءِ ان کان رهنمائي وٺبي رهبي.
اڄ سڄو ڏينھن برسات وسندي رهي، جنھن ڪري موسم ۾ خَنڪي اچي ويئي آهي. اڄ هوٽل پھتاسين تہ وشال هڪ ٽوپي ۽ پنجن پينن جو پيڪٽ کڻي ڏنو. چيائين ٽوپي پائي ڏس بيجنگ ۾ ڪم ايندي، جو اتي گهڻي ٿڌ آهي. مون پائي ڏٺي گرم هئي ۽ ڪنڌ کي ويڙهڻ لاءِ بہ ڌار مفلر هو.
ڪجهہ ڏينھن اڳ مون هڪ شاپ تان اسي صفحن جو هڪ نوٽ بوڪ اڍائي يوآن ۾ ورتو. ٻہ ڏينھن وري پوءِ هڪ ٻي شاپ تان ساڍن ڇھن يوآن ۾ هڪ پين ۽ هڪ ڪاپي ورتم. وشال ڏٺيون تہ چيائين پينون کپن، چيم سٺي ڪوالٽيءَ جون هجن تہ ڪجهہ گهرائي ڏي، منھنجي بہ لکڻ جي ڪم اينديون ۽ دوستن کي بہ ڏيندس. ڪالھہ ٻہ پئڪيٽ آن لائين گهرائي ڏنائين. اڄ وري پنج پينون، جيڪي وڌيڪ سٺي ڪوالٽيءَ جون هيون، گهرائي ڏنائين.
اڄ برسات سبب شام جو ويراني لڳي پئي هئي، مساج واريون مايون ۽ مرد جيڪي لوڊر گاڏن تي وڪڻڻ لاءِ سامان کڻي ايندا هئا، سي بہ اڄ نہ آيا، ان ڪري اڄ ’هوچو لو‘ (اسٽريٽ) تي رونقون گهٽ رهيون.
سڀاڻي آمريڪا ۾ صدارتي چونڊون آهن. ڊونالڊ ٽرمپ ۽ ڪملا هيريسن ۾ مقابلو آهي. هيستائين آمريڪا جا 46 صدر ٿي چڪا آهن ۽ سڀاڻي جيڪو چونڊبو اهو 47 هون صدر ٿيندو. هنن چونڊن جي دلچسپ ڳالھہ اها آهي تہ جيڪڏهن ڪملا هيريسن صدر چونڊي تہ اها پھرين عورت آمريڪي صدر هوندي. جي ٽرمپ چونڊيو تہ اهو آمريڪا جو واحد صدر هوندو، جنھن هڪ وقفو رکي ٻيھر چونڊن ۾ حصو ورتو ۽ چونڊيو ۽ اها بہ دلچسپ ڳالھہ آهي تہ ٽرمپ جو پھرين مدي ۾ مقابلو هيلري ڪلنٽن سان ٿيو هو، جنھن هارايو، ٻي مدي جي چونڊن ۾ ٽرمپ ۽ جوبائيدن ۾ مقابلو ٿيو، جنھن ۾ ٽرمپ هارايو ۽ چونڊن ۾ ڌانڌلين جو الزام هنيائين. جوبائيدن وڏي عمر جي ڪري ٻي مدي لاءِ چونڊن ۾ حصو نہ ورتو ۽ سندس جاءِ تي آمريڪا جي نائب صدر ’ڪملا هيرسن‘ صدارتي چونڊ وڙهي رهي آهي. جيڪا انڊين نسل جي آهي. بھرحال کٽي ڪير بہ، آمريڪا جي پاليسين ۾ ڪا وڏي تبديلي نہ ايندي.
[5 نومبر 2024ع]
اڄ جھڙوڪر چين جو نئون روپ ڏٺم. وشال هوٽل جي لاءِ ٻڪرَ وٺڻ لاءِ کشين ۽ وٽس ڪم ڪندڙ عمران سان گڏ نئننگ کان ٻاهر ٻڪرا پڙي پي ويو تہ مون کي بہ پاڻ سان گڏ وٺي ويا. شھر کان ٻاهر نڪتاسين تہ مون وشال کي چيو، ”هاڻ ائين ٿو لڳي تہ حيدرآباد پھچي ويا آهيون.“ بس رڳو دڪانن تي سائن بورڊ چيني ۾ لڳل نہ هجن ها. اهو شھر جو صفا ٻاهريون حصو هو. اها ٻڪرا پڙي شھر کان ڪافي پري هئي. وشال ٻڌايو تہ اڳ اها اڃا ٻي پاسي گهڻو پري هئي، پر سال اڳ حڪومت هتي منتقل ڪرائي آهي. ٻڪرا پڙيءَ ڏانھن ويندڙ روڊ بہ سنڌ جي ڪنھن لنڪ روڊ جھڙو هو. روڊ جي هڪ پاسي ٻنيون هيون، تہ ٻي پاسي ڪاٺ، بلاڪ وغيرہ رکيل هئا وڪري لاءِ. ڪجهہ گدام بہ هئا، ڪڪڙين جا فارم بہ هئا. وچ ۾ هڪ ننڍي ڍنڍ هئي، اڌ ڪلاڪ جي ڊرائيو کان پوءِ اتي پھتاسين. سنڌ جي ٻھراڙيءَ جي علائقي جھڙو علائقو هو. ڪار مان لھي اڳيان وڌياسين. ڪيترائي لوهي جنگهلا هئا. جن مان ڪافي خالي هئا. وشال ۽ عمران ٻنھي چيو تہ اڄ صفا رش ڪونھي. جانور بہ ايترا ڪونھن، نہ تہ ٻڪرا، رڍون، گهوڙا سڀ هوندا هئا. هڪ هنڌ هڪ اٺ پکي ڏٺوسين، جيڪو پڻ وڪري لاءِ موجود هو، اڃا ٻچو هو. دل ۾ آيم، هھڙو ناياب پکي بہ نہ ٿا ڇڏين. ڪٿي ڪٿي ويامل ٻڪرين جا ٻچا واڙن ۾ ٻڪرين هٿان لتاڙيا پيا هئا. ٻڪرن ۽ ٻڪرين جا بہ مختلف قسم هئا. ڌپ ضرور هئي، پر جاءِ ئي اهڙي هئي، جانورن جا گوشت رت ڌپ تہ ضرور ڪندا آهن. مختلف واڙن جو جائزو وٺي وشال هڪ واڙي مان ٻہ ڇيلا پسند ڪيا. کيس مالڪ رنگ جو ڦوهارو ڏنو هو، ان سان انھن تي ڦوهارو ڪيو ۽ ٻاهر نڪري آيو. پويان واڙي وارو چيني ٻيئي ٻڪر ٻاهر ڪاهي آيو ۽ پوءِ هڪ لوڊر ۾ وجهي روانو ٿيو. اسان وري ان لوڊر جي پويان ڪار ۾ روانا ٿياسين، ذبح گهر ميل کن پري هو. اتي پھچي ڇيلا لاٿائون، عمران بہ ان سان گڏ لوڊر تي چڙهيو. اتي پھچي ڏٺم تہ ٻہ ڇيلا ٽنگيا پيا هئا ۽ ڪاسائي انھن کي صاف ڪري رهيا هئا. چيني پھرين لوڊر ۾ ئي ڇيلي کي مٿي ۾ مترڪي سان زور سان ڌڪ هڻي بي سڌ ڪري پوءِ ڪنڌ ۾ ڪات هڻندا آهن. رت ڪڍي، پيٽ چيري ان مان آنڊا اوجهہ ڪڍي پوءِ گرم پاڻي ۾ اڇليندا آهن. ائين ان جي کل لھي ويندي آهي، ۽ پوءِ ٻاهر ڪڍي، وڌيڪ صفائي ڪري پلاسٽڪ جي ٿيلھين ۾ پيڪ ڪري ڌڻيءَ جي حوالي ڪندا آهن.
ڪاسائي وانڌا ٿيا تہ هنن لوڊر مان ڇيلا لاٿا، کين دسيو ۽ عمران ﷲ اڪبر چئي کين سير وڌي. جنھن مھل ڇيلن کي لوڊر مان لاٿو پي ويو، ان مھل انھن جيڪي رڙيون ڪيون ۽ انھن ۾ جيڪو ڪرڀ ۽ التجا هئي ۽ جنھن نموني سندن اکيون نڪري آيون، اهي وسرڻ ممڪن نہ آهن. محسوس ڪيم تہ هو زندگيءَ لاءِ ٻاڏائي رهيا هئا. هنن ٻيئي ڇيلا پاڻ واري نموني صاف ڪيا ويا ۽ پوءِ انھن جا ٽڪرا ڪري پلاسٽڪ جي ٿيلھن ۾ وجهي کڻي ڪار جي ڊگيءَ ۾ رکيائون. اتي ئي هڪ واڙي ۾ ڪتا بہ بيٺا هئا. ويھارو کن هئا. جيڪي بہ وڪري لاءِ هئا. گراهڪ اچي انھن مان ڪو پسند ڪندو آهي، پوءِ ڪاسائي ان جي مٿي کي مترڪو هڻي ان کي بي سڌ ڪري ٻاهر ڪڍي وڌيڪ ڪاروائي ڪندو آهي. ڪتن جي پاسي ۾ ئي ٻڪريون پڻ بيٺيون هيون. جيستائين اسان وارا ڇيلا ڪسجي، ڇلجي تيار ٿين، تيستائين آءٌ ٻاهر نڪري آيس. ٻاهر ٻنيون هيون، جن ۾ ٻارا ٺھيل هئا ۽ ڪا پوک ٿيل هئي، سامھون ئي پنج ڇھه هارياڻيون ٽوپلا پايون، هٿن ۾ پاهوڙا کڻي کڙا ڀڃي رهيون هيون. فصلن کي پاڻي ڊرپ طريقي موجب ملي رهيو هو. آءٌ ٻنيءَ ۾ اندر لھي ويس ۽ هارياڻين کي ’ني هائو‘ چئي، کانئن فوٽو ڪڍڻ ۽ مووي ڀرڻ جي موڪل ورتم، اها ڪاروائي ڪري ٻاهر نڪري آيس. ان وچ ۾ ڇيلا تيار ٿي ڊگيءَ ۾ رکجي چڪا هئا. کشين ڊرائيونگ سيٽ تي ويٺي ۽ اسان واپس روانا ٿياسين.
شام جو وڙڪندو گوانگسي يونيورسٽيءَ جي گيٽ کان بہ اڳتي نڪري ويس ۽ اتي هڪ ’اولڊ بوڪ هائوس‘ هو، جنھن جي ٻاهران دڪاندار مائي ويٺي هئي، ان ۾ گهڙي ويس، ڪتاب ئي ڪتاب، پر سڀ چيني ۾. ڪن ڪتابن جي مٿان وري انگريزي ۾ بہ ڪتاب جو نالو لکيل هو، پر ايڪڙ ٻيڪڙ ڪتاب تي، اتي جنھن پھرين ڪتاب تي نظر پئي اهو هو A Biography of ZHOH EN- LAi (چواين لائي جي سوانح حيات). کڻي ڏٺم، فوٽو ڪڍيم، ڪتاب ٿورو پراڻو هو. هجي ها انگريزي ۾ تہ ڀلو ٿئي ها. اندر هڪ ڪنڊ ۾ مارڪس ۽ اينگلس جي ڪتابن جا پراڻا ڇاپا چيني زبان ۾ رکيا هئا. جن کي کڻي اٿلائي پٿلائي ڏٺم. ٿوري دير ڪتاب ڏسي ٻاهر نڪتس تہ هڪ پاسي نوٽ بوڪ رکيا هئا. هڪ نوٽ بوڪ تي ’شي چن پنگ‘ جي تصوير ڇپيل هئي. کڻي ڏٺم. اندر صفحن تي بہ هر صفحي جي ڪنڊ تي ’شي چين پنگ‘ جو پورٽريٽ ڇپيل هو. چين آيو هئس تہ محترم غلام حسين جوڻي چيو هو تہ اوهان پنھنجي لاءِ چين مان ڪا يادگار ڊائري وٺجو. ڊائري تہ ڪٿي نظر نہ آئي، پر اهو نوٽ بوڪ چار يوان ڏيئي يادگار طور ورتم ۽ پوءِ واپس وريس. واپسي ۾ بہ هڪ ٻن بوڪ شاپ جي اندر گهڙي پنھنجي عادت پوري ڪيم. اتي هڪ ڪتاب نظر آيو. جيڪو هو تہ چينيءَ ۾ پر مٿان انگريزي ۾ نالو لکيل هئس، Mao Zedong and He’s class meats يقينن سٺوڪتاب هوندو. هڪ ٻہ ٻيا ڪتاب جيڪي نظر آيا انھن ۾ هڪ هينري ڪسنجر جي بايوگرافي هو ۽ ٻيو مارگريٽ مشيل جي ناول Gone with the wind جو چيني ترجمو. هتي مون بوڪ شاپس تي ڏٺو تہ ٻاهرين ادب جا ڪيترائي ڪتاب چيني ۾ ترجمو ٿيل هئا ۽ نھايت سھڻي نموني ڇپيل هئا.
[6 نومبر 2024ع]
ڪالھہ کان وٺي جنھن مھل اٿندو آهيان تہ ٻاهر نڪري ’هو چو لو‘ (اسٽريٽ) تي قائم ’سٽي سويٽس‘ کان ڊبل روٽيون وٺي ايندو آهيان. وشال نوين بجي ڌاري اُٿي، وري وڃيو ڊبل روٽيون بہ وٺيو اچي، بھتر اهو سمجهيم تہ اهو ڪم پاڻ ڪجي. سٽي سويٽ تي ڀانت ڀانت جون روٽيون ۽ مٺايون رکيل آهن. صفا تازيون ڪي تہ گرم گرم.
ڪالھہ جيڪي روٽيون ورتم اهي ساڍا چوويھه يوانن جون ٿيون ۽ اڄ گهٽ ورتم، چوڏهن يوان جون. چيني ڪرنسي ۾ وڏي ۾ وڏو نوٽ هڪ سئو يوآن جو آهي. ان کان پوءِ پنجاھہ، ويھه، ڏھہ، پنج ۽ هڪ يوان جا نوٽ آهن. هڪ يوان جو سڪو بہ ٿئي. هڪ يوان ۾ اٺ مائو ٿين، جيڪي سڪي جي صورت ۾ آهن. ليو يعني اڌ يوآن ۽ پوءِ مائو. پاڻ وٽ پاڪستان ۾ وڏي ۾ وڏو نوٽ پنج هزار جو ٿئي.چيني ڪرنسي جي پويان چيني، ۽ ٻي ٻولي جنھن جي رسم الخط عربي جھڙي آهي، ان ۾ لکت لکيل آهي، انھن سڀني ڪرنسي نوٽن جي هڪ پاسي چيئرمن مائوزيتنگ جي تصوير ۽ ٻي پاسي چين جي ڪنھن نہ ڪنھن نظاري جي تصوير ڇپيل آهي. منھنجي سامھون ويھن يوانن جو نوٽ آهي. جنھن جي ٻي پاسي هيئن لکيل آهي:
ZHONGGUO RENMIN YINHANG CONGHGOZ YINZMINZ YINZHANGZ C16 MAEZN
- ئون يودن جو کلو حه لق پانکس
ابوذر جيڪو گوانگسي يونيورسٽيءَ ۾ پي ايڇ ڊي پيو ڪري ان ٻڌايو تہ چين جي ان نوٽ تي پنجن ٻولين ۾ لکيل آهي، جيڪا منھنجي لاءِ حيرت واري ڳالھہ هئي عربي اسڪرپٽ ۾ جيڪو لکيل آهي، اها چين جي صوبي Xinjiang سنگيانگ ياشنچيان جي ٻولي ايغور آهي، ان کان سواءِ چيني ڦينن ۾ بہ لکيل آهي.
*
آمريڪا جي صدارتي چونڊن ۾ ڊونالڊ ٽرمپ، ڪملا هيريس کي هارائي آمريڪا جو 47 هون صدر چونڊجي ويو. هن چونڊ آمريڪا جي تاريخ ۾ ڪجهہ نوان اضافا ڪيا. ٽرمپ آمريڪا جي تاريخ ۾ پھريون ڀيرو صدارتي چونڊ وڙهندڙ عورت صدارتي اميدوار هيلري ڪلنٽن کي شڪست ڏيئي آمريڪا جو 45 هون صدر چونڊيو، چئن سالن کان پوءِ ٿيل چونڊن ۾ جوبائيڊن، ڊونالڊ ٽرمپ کي هارائي 46 صدر چونڊيو. وري چئن سالن کان پوءِ ٽرمپ جو مقابلو ڪملا هيريس سان ٿيو. ايئن ٽرمپ ٻن عورتن صدارتي عورت اميدوارن کي هارايو. جنھن مان هڪ ڳالھہ اها بہ واضع ٿي تہ آمريڪي اڃا ڪنھن عورت صدر جي حق ۾ نہ آهن. ٽرمپ بائيڊن کان هارائي کيس عھدو ڏنو ۽ هاڻ وري بائيڊن کان ئي صدارت واپس وٺندو. پنھنجي وڪٽري اسپيچ ۾ ٽرمپ چيو آهي تہ هو پنھنجي اڳوڻين پاليسين کي برقرار رکندو، غير قانوني تارڪين وطن کي واپس موڪليندو تہ هو قانوني طريقي سان واپس اچن. آمريڪا کي مضبوط ڪندو ۽ ان جي سرحدن جي حفاظت ڪندو ۽ هو جنگيون نہ ٿو چاهي. چين بابت بہ تقرير ۾ پاليسي بيان ڪئي اٿس.
دنيا ۾ چين ۽ آمريڪا ٻہ حريف آهن، خاص ڪري ٽريڊ جي ميدان ۾، سو ٻنھي ملڪن ۾ هلڪو ڦلڪو گوڙ شور تہ جاري رهندو، چين جڏهن ’ڊبليو ٽي او‘ جو ميمبر ٿيو هو تہ ٽرمپ چيو هو: ”جيڪڏهن چين کي ڊبليو ٽي. او جو ميمبر نہ بنايو وڃي ها تہ اهو آمريڪا ۽ مغرب جي لاءِ بھتر هجي ها.“
ٽرمپ پنھنجي پھرين صدارتي مدي دوران 2018ع ۾ چين تي پابنديون هڻي ’ٽريڊ وار‘ جي شروعات ڪئي هئي. تقرير ۾ جيڪو بہ چيو اٿس اهو پنھنجي جاءِ تي پر مڙس ڦڏائي آهي، سو عھدو سنڀالڻ کان پوءِ نوان ڦڏا ضرور ڪندو.
*
شام جو هڪ وڏو چڪر هنيم، واڪ بہ ٿي ويئي تہ وندر بہ. هڪ سئنڊل ٽائپ چپل بہ وٺڻو هوم، جھڙو وشال کي پاتل هو، سو هڪ بوٽن جي دڪان تي چڙهيس ۽ هڪ چپل پسند ڪيم، چينائي دڪاندار کان اگهہ پڇيم تہ 35 يوان ٻڌايائين. مون 25 چيس تہ کلي انڪار ڪيائين. هتي وڏن اسٽورن تي فڪس اگهن جون پرچيون لڳل آهن ۽ ٻاهران وري لکيل هوندي آهي Sale. پنج پرسنٽ کان 8 تائين وغيرہ. پر ٻين هنڌن تي بار گينگ هلندي آهي. واپس پھتس تہ وشال سان ان سئنڊل ٽائپ چپل جي ڳالھہ ڪيم تہ موبائيل کولي ان جي تصوير ڏيکاريائين. ها اها ئي- گهڻيون کپن، پڇيائين، ٻہ جواب ڏنم. گهرايون ٿا. ائين چئي موبائيل ۾ ڪجهہ لکي ڪلڪ ڪيائين ۽ چيائين آن لائين گهرايون اٿم. ٻن ڏينھن ۾ پھچي وينديون. ڪيتري ۾ پيون پڇيم. ٻئي ڏھہ يوان. زبردست... معنيٰ تہ چينيءَ کان ڦرجڻ کان بچي ويس.
اڄ وشال ٻہ ٻيون پينون ڏنيون. جيڪي ڏاڍيون سٺي ڪوالٽيءَ جون هيون. وشال ايتريون تہ پينون وٺي ڏنيون آهن جو ٻہ سال هلن تہ بہ نہ کٽن. چيومانس پشو هيترين پينن کي ڇا ڪندس، وراڻيائين ڪم اينديون، ڪجهہ دوستن کي بہ ڏج. پينون کولي ڏٺيوسين تہ ان مان هڪ ڀڳل هئي. جنھن تي چيومانس ’پئسا ئي پاڻي ۾.‘ ’نہ... ڪمپلين ڪريون ٿا.‘ ان مھل ئي پين جو فوٽو ڪڍي ڪجهہ لکي موڪليائين. ٿوري دير ۾ جواب اچي ويو تہ معذرت ٿا ڪريون. سڀاڻي اوهانکي ٻي موڪلي ٿا ڏيون. جنھن تي چيم واھہ. وشال ٻڌايو تہ آن لائين گهرايل شئي خراب نڪتي ۽ ڪمپلين ڪئي تہ ڪمپني هڪدم ازالو ڪندي، ٻي موڪلي ڏيندي آهي. نقصان برداشت ڪندا آهن، پر پنھنجي ساک خراب ٿيڻ نہ ڏيندا آهن.
اهڙا ننڍا ننڍا مشاهدا ۽ تجربا هتي جي ماحول ۽ سماج کي سمجهڻ ۾ گهڻي مدد ٿا ڏين. سوچيم، جي پاڪستان ۾ ائين ٿئي ها تہ حرام ڪو ازالو ٿئي ها. ٿوري دير کان پوءِ کشين پريان ويٺل نھايت خوبصورت ڊريس ۾ ويٺل هڪ چيني ڇوڪريءَ کي وٺي مون واري ٽيبل تي آئي. وشال ٻڌايو تہ هيءَ ڇوڪري ٽريڊيشنل چيني ڊانس ڪندي آهي. وشال ساڻس منھنجو تعارف ”ماءِ پاپا‘ چئي ڪرايو. پوءِ تہ سڳوري شروع ٿي ويئي. پنھنجي موبائيل ڪڍي انڊين ۽ پاڪستاني گانن تي اسٽيج تي ڪيل پنھنجي پرفارمنس ڏيکاريائين. پوءِ اتي ئي ويٺي ۽ اردو ۾ ڳائڻ لڳي.
پوءِ وري کشين ۽ پاڻ ڳائڻ لڳيون ۽ مون اهو رڪارڊ ڪري ورتو.
وري مريم کي کڻي پنھنجي موبائيل اسٽينڊ ۾ فٽ ڪري ڊانس ڪرڻ لڳي. سندس نالو ’هي لي فانگ (Hi li fang) هو، جيڪو منھنجي پڇڻ تي ٻڌايائين ۽ پوءِ انگريزي ۾ منھنجي نوٽ بوڪ تي لکيائين. پوءِ گڏجي فوٽو ڪڍياسين، شڪل صورت ۾ موچاري هئي، سو دل ۾ آيم تہ ساڻس گڏ هڪ فوٽو ڪڍرايان، پر وشال جي ماءُ گڏ هئي، سو نہ ڪڍايم، ٻين لفظن ۾ زال کان ڊڄي ويس.
رات جا يارهن ٿيا تہ هوٽل مان اٿي ٻاهر نڪتاسين تہ وشال جا ٻہ دوست هڪ پاڪستاني ڊاڪٽر شمائيل ۽ ٻيو چيني، جنھن جو نالو ’محمد‘ هو ۽ مسلمان هو بائيڪ تي گڏجي آيا. چين ۾ مسلمانن ۾ ’محمد‘ نالو گهڻو پاپولر آهي. گوانچو ۾ جيڪو مسلم هوٽل وارو مليو هو، جتي چين ۾ پھريون ناشتو ڪيو هوسين، ان جو نالو بہ محمد هو. هي محمد بہ باءِ برٿ مسلمان هو. ڊاڪٽر شمائيل جي شادي گهاري مان هڪ سيد ڇوڪري ڊاڪٽر مديحه سان ٿي آهي، جنھن جي پيءُ جو نالو دائم علي شاھہ آهي ۽ شيرازي فئملي مان آهي. ٻڌايائين تہ منھنجي سھري هڪ هزار ايڪڙ زمين ٺاهي آهي. چيومانس جي واقعي تنھنجو سھرو شيرازي فئملي مان آهي تہ پوءِ هڪ هزار ايڪڙ تہ ڪا ڳالھہ ڪونھي. اڳ ۾ ٻئي ضلعا (جڏهن هڪ ٺٽو هو) شيرازين جي ڪنگڊم هئا. جنرل مشرفي دور ۾ تہ شيرازي ٺٽي ضلع ۾ ايم ڪيو ايم هئا. اسپتال مان هڪ گوري بہ شيرازين جي اجازت کان سواءِ ڪنھن کي نہ ملندي هئي. وشال ٻڌايو تہ ڊاڪٽر شمائيل هتي ڇوڪرن جون داخلائون ڪرائيندو هو، پر پوءِ ڪيترن ئي ڇوڪرن جي داخلا جا لکين روپيا کڻي ويو. جنھن ڪري هاڻ هن جي ساک خراب ٿي ويئي آهي ۽ هاڻ وري ٻيھر هٿ پير هڻڻ جي لاءِ ميدان ۾ لٿو آهي ۽ هي شنچياني مسلمان ’محمد‘ سندس ان ڪم ۾ پارٽنر آهي. جنھن تي چيومانس تہ ”هن شنچياني مسلمان کي بہ پاڪستاني پنجابي مسلمان جي هوا لڳي ويئي آهي.“
ڪجهہ ڏينھن اڳ هڪ ٻيو همراھہ ناصر هڪ چينيءَ سان گڏجي ڊنر ڪرڻ آيو. وشال سان سٺو تعلق هئس. پوءِ بہ ايندو رهندو آهي. ان چيني بابت وشال ٻڌايو تہ هي اسان واري گوانگسي ميڊيڪل يونيورسٽي جي هڪ شعبي جو ايڊمن آهي ۽ شاگردن کي ڏاڍو تنگ ڪندو هو. خود مونکي بہ ڪيترائي ڀيرا تنگ ڪري پريشان ڪيائين. ناصر بہ ڪيترن ئي شاگردن جا لکين روپيا کائي ڀڄي ويو. جيڪي شاگرد پاڪستاني، انڊين ۽ بنگلاديشي هئا. هاڻ وري هن چينيءَ سان گڏجي هٿ پير هڻي رهيو آهي.جنھن تي وشال کي چيم چيني ۽ پاچيستاني ڦنگيو ٺڳين ۾ هڪٻئي کان گهٽ ناهن.
[7 نومبر 2024ع]
منھنجي ۽ نسيم جي هڪ سال جي ويزا لڳي ويئي. هاڻ چاهيون تہ 21 آڪٽوبر 2025ع تائين هتي رهي سگهون ٿا.وشال بہ چئي پيو تہ پاڪستان ڇا وڃي ڪندين، وڃي رٽائرڊمينٽ ڪري موٽي اچ. هاڻ منھنجي ذهن ۾ بہ اهو خيال گهر پيو ڪري تہ ايندڙ سال جون ۾ رٽائرڊمينٽ ڪري، ڇوڪرن کي سيٽ ڪري هتي هليو اچان ۽ هڪ ڌار گهر وٺي رهجي، جيئن وشال ۽ سندس زال جي پرائيويسي متاثر نہ ٿئي ۽ هتي ڪو هلڪو ڦلڪو ڪاروبار بہ ڪجي، جيئن وشال تي بار نہ بنججي.
هتي جي زندگي هڻ هڻان واري تہ ضرور آهي، پر ڊسيپلينڊ آهي. محنتي ماڻھوءَ جو قدر آهي، نہ بجلي جو بحران، نہ گئس جي کوٽِ پاڪستان ۾ جنھن بہ دوست سان ڳالھہ ٻولھہ ٿئي ٿي تہ پھريون يا ٻيو سوال اهوئي آهي تہ چين ۾ بجلي وڃي ٿي چوان نہ، تہ ڇوٽ ۾ پاڪستاني حڪمرانن کي گار ٿا ڏين تہ اسان جي ڪڃر حڪمرانن اسان جا تہ ٻيڙا ٻوڙي ڇڏيا آهن. اسان جيئري ئي دوزخ ۾ آهيون، تون جيئري جنت ۾ پھتو آهين تہ هيڏانھن متان اچين، اُتي ئي ويٺو هُج.
چين، جنھن کي ’ڪميونسٽ پئراڊائز‘ چيو وڃي ٿو، جنت جھڙو ان ڪري ٿيو آهي، تہ هتان جا حڪمران ذميدار آهن، پنھنجا ڀڀَ نہ ٿا ڀرين. گڊ گورننس سان ئي ملڪ جنت جھڙا ٿيندا آهن.
ڪجهہ ڏينھن اڳ چين جي اڳواڻ ’ڊينگ زيائو پنگ‘ جو ذڪر ڪندي، سنگاپور جي اڳوڻي وزيراعظم ’لي ڪوآن يو‘ جي باري ۾ ڪي ڳالھيون لکيون هئم. ’لي ڪو آن يو‘ بہ سنگاپور کي جنت بنائي ڇڏيو.
سنگاپور 36 ڪلوميٽرن جو هڪ ننڍو ملڪ آهي، پر سندس واپاري حجم/ پکيڙ سڄي مسلم دنيا کان وڌيڪ آهي. ان جا پرڏيھي ايڪسچينج رزرو 364 بلين ڊالرز آهن. جڏهن تہ اها رقم فقط ڏيکاري پئي وڃي. اصل ذخيرا ٻہ ٽريلين ڊالر آهن. سنگاپور ۾ هر سال 140 بلين ڊالرز جي نئين سيڙپڪاري ٿئي ٿي. هاڻ اهو ٻين ملڪن ۾ بہ سيڙپڪاري ڪري رهيو آهي.
دنيا ۾ سڀ کان مھانگي زمين سنگاپور ۾ آهي، جيڪا ٻن هزار ڊالرن کان وٺي 10 هزار ڊالرن تائين هڪ اسڪوائر فوٽ زمين ملي ٿي ۽ اها بہ اوهان هيٺان کان وٺي مٿي تائين ٺاهي سگهو ٿا. سنگاپور ۾ 98 سيڪڙوماڻھو فليٽن ۾ رهن ٿا ۽ گهر بہ تمام مھانگا آهن. هڪ هڪ گهر جي ماليت 50 کان هڪ سؤ ملين ڊالر هوندي آهي. دنيا جي سڀني وڏين ڪمپنين جون آفيسون اتي موجود آهن. ان ڪري تہ ان جي بزنس ۽ صنعتي پاليسين ۾ تسلسل آهي. ملڪ ۾ امن آهي، حڪومتون اينديون ۽ وينديون رهن ٿيون،پر بزنس ۽ صنعتي پاليسي نہ ٿي بدلجي.
سنگاپور دنيا جو واحد ملڪ آهي، جتي گند ڪچرو پکيڙڻ تي هڪ هزار ڊالر ڏنڊ آهي. چيگم تي پابندي آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪٿي بہ چيگم نہ ملندو ۽ پر جيڪڏهن ڪٿي ڪو چيگم چٻاڙيندي ملي ويو تہ مٿس ٻہ هزار ڊالر ڏنڊ وڌو وڃي ٿو. سگريٽ پيئڻ لاءِ مخصوص هنڌ آهن. ان کان سواءِ سگريٽ پيئڻ تہ پري رهيو، اوهان اهو هٿ ۾ بہ کڻي نہ ٿا سگهو. زيبرا ڪراسنگ کان سواءِ گهٽي يا رستو پار ڪرڻ تي هڪ هزار ڊالر ڏنڊ پوي ٿو ۽ جيڪڏهن اها غلطي ٻيو ڀيرو ٿي ويئي تہ ڏنڊ بہ ٻيڻون ٿيو وڃي. گاڏين جو لائسنس ڏهن سالن جي لاءِ ڏنو وڃي ٿو ۽ ان جي في هڪ لک ڊالر آهي. ڪوبہ شخص پنھنجي گهر ۾ هڪ کان وڌيڪ نوڪر رکي نہ ٿو سگهي. پوءِ ڀلي اهو وزيراعظم يا کرب پتي ڇو نہ هجي. وزيرن کي سرڪاري نوڪر نہ ڏنا ويندا آهن. هو پنھنجي گاڏي پاڻ هلائيندا آهن ۽ انھن جي لاءِ ڪوبہ سگنل بند نہ ٿيندو آهي. کين ڪوبہ پروٽوڪول نہ ملندو آهي. البت وزيراعظم سان گڏ پوليس جي هڪ گاڏي هوندي آهي.
’لي ڪو آن يو‘، پنھنجي ننڍڙي ملڪ کي ائين ترقي نہ وٺرائي. امن امان ۽ سياسي استحڪام سدائين سندس اولين ترجيح رهيا. سنگاپور دنيا جو واحد ملڪ آهي، جتي مظاهرا نہ ٿيندا آهن. 2008ع ۾ پارليامينٽ هائوس جي سامھون مظاهرو ڪيو ويو. پوليس کين منتشر ٿيڻ جو حڪم ڏنو.هنن نہ مڃيو تہ کين گرفتار ڪيو ويو ۽ کين اهڙيون تہ سخت سزائون ڏنيون ويون، جو ان کان پوءِ ملڪ ۾ ٻيھر وري مظاهرو نہ ٿيو. 2009ع ۾ برما [ميانمار] جي وزيراعظم جي دوري دوران ٽن برمين بوٽينيڪل گارڊن ۾ مظاهرو ڪيو، حڪومت ٽنھي کي گرفتار ڪري، پيڪ ڪري برما جي حوالي ڪري ڇڏيو. اهو ڏينھن اڄوڪو ڏينھن وري سنگاپور ۾ ڪو مظاهرو نہ ٿيو. امن امان جي حوالي سان بہ دنيا ۾ پھرين نمبر تي اچي ٿو. سنگاپور ويھن سالن کان ڪرائم فري ملڪ آهي. هٿيارن، منشيات ۽ عورتن سان ڇيڙ ڇاڙ جو سوال ئي پيدا نہ ٿو ٿئي.
سنگاپور ۾ ڪاسٽ آف ليونگ گهڻي هاءِ آهي. تنھنڪري زال مڙس ٻئي ڪم ڪن ٿا. ان ڪري سڄو ملڪ هنرمند آهي. ڪوبہ شخص بي هنر نظر نٿو اچي. ماني گهرن ۾ نہ ٿي ٺھي، جنھن جا ٻہ سبب آهن، زال ۽ مڙس سڄو ڏينھن ڪم ۾ مصروف هوندا آهن، تنھنڪري ماني ڪير ٺاهي، ٻيو تہ سڄي ملڪ ۾ فوڊ وينڊرز آهن، جن جو کاڌو گهڻو سستو ۽ صحت بخش هوندو آهي. سنگاپور ۾ خوراڪ ۾ ملاوٽ يا گند جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي. تنھنڪري ماڻھو ٻاهران ماني خريد ڪري ايندا آهن يا ٻاهر کائيندا آهن. سڄي ملڪ ۾ ’ڊي ڪيئر سينٽر‘ آهن. مائٽ صبح جو پنھنجا ٻارڙا اتي ڇڏي ويندا آهن ۽ شام جو واپس وٺي ويندا آهن. ٻارن جي صفائي سٿرائي ۽ کاڌو پيتو ڊي ڪيئر ملازمن جي ذميواري آهي ۽ اهي ماڻھو پنھنجي ذميداري نھايت ايمانداريءَ سان نباهين ٿا. وزيراعظم جو ٻارڙو بہ سرڪاري اسڪول ۾ تعليم پرائيندو، تنھن ڪري انھن جو اسٽئنڊرڊ گهڻو هائي آهي. ٻار ارڙهن سالن جي عمر کان پوءِ خودمختيار ٿي ويندا آهن، پر کين مائٽن جي ويجهو رهڻون پوندو آهي. جيڪڏهن اهي والدين کان پري رهندا تہ سندن فليٽ مھانگو ٿيندو ويندو ۽ اهي جيترو مائٽن جي ويجهو رهندا، اوترو کين فليٽ سستو پوندو. حڪومت کين سبسڊي ڏيندي، ان مان ٻہ فائدا ٿين ٿا. مائٽ اڪيلائپ کان بچيل رهن ٿا ۽ ٻيو تہ هو پنھنجن پوٽن ۽ پوٽين، ڏهٽن ۽ ڏوهٽين کي وقت ڏين ٿا. ان سان حڪومت جو هيلٿ بجٽ گهٽ ٿئي ٿو. ملڪ ننڍو آهي، زمين نہ هئڻ جي برابر آهي، پر ان هوندي بہ ٽي سؤ پارڪ آهن. اپارٽمنس جي سڀني عمارتن جي مٿان بہ پارڪ آهن. رستن جي ڪنارن تي ٻوٽا لڳل آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪير بہ وڻ وڍي نہ ٿو سگهي. پبلڪ ٽرانسپورٽ سستي ۽ سڄي ملڪ ۾ دستياب آهي، تنھنڪري ماڻھو ذاتي گاڏين جي بدران اهي استعمال ڪندا آهن. ٽئڪسيون بہ سستيون آهن. ملڪ بزنيس فرينڊلي آهي. جيڪڏهن اوهان ڪم ڪرڻ گهرو ٿا تہ سڄو سسٽم اوهان جي سپورٽ ڪندو.
اهو سڀ ڪمال ’لي ڪوآن يو‘ جو آهي ۽ ڊينگ زيائوپنگ، لي ڪوآن يو جي انھن تجربن مان سکيو. ’لي ڪوآن يو‘ پاڪستان بہ ايندو رهندو هو، پر پاڪستانين سندس تجربن مان نہ سکيو. پاڪستان جي باري ۾ هڪ ڀيري ’لي ڪوآن يو‘ پنھنجي مايوسيءَ جو اظھار ڪندي چيو هو، ”جيڪا قوم هن دنيا بدران ڪنھن ٻي دنيا جي خوشحال زندگي تي يقين رکي ٿي، ان کي ڇا ٿو سيکاري سگهجي.“ لي ڪوآن يو جي زندگي جي ڪھاڻي ڇپيل آهي، جنھن جو چيني ترجمو مون هتي هڪ ڪتاب گهر تي ڏٺو. ڪاش ’لي ڪوآن يو‘ جي ان جيون ڪھاڻيءَ جو ڪير سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري.
سڀاڻي ويٽنامي بارڊر تي وڃڻ جو پروگرام آهي. جيڪا منھنجي خواهش هئي. وشال ٻن ٽن دوستن کي هلڻ جي لاءِ چيو، پر هرڪو پنھنجن ڪمن ڪارين ۾ هو. هاڻ گاڏي کشين ڊرائيو ڪندي. رات کشين ٻڌايو تہ هوءَ ويٽنام جي ان سرحدي شھر ’تونگ شين‘(Dong XEN) ۾ ڪنھن زماني ۾ سينٽ وڪڻندي هئي ۽ ان ڌنڌي ۾ هن وڏو نقصان ڪيو هو. کشين جي اُن ڳالھہ تي اسان ڏاڍو کلياسين ۽ چيم ”پڪ سان تونگ شين شھر جا ماڻھو کشين کي ڳولھيندا هوندا تہ ڪڏهن ٿي اچي اسان جو قرض ادا ڪري.“

[8 نومبر 2024ع]
اڄ صبح جو سوير جاڳيا آهيون. وشال ۽ کشين مريم کي انجيڪشن لڳرائڻ ويا آهن، جھڙيون پاڻ وٽ ارڙي، کرئٽي، سلھه وغيرہ، ڇھن ستن بيمارين جون لڳنديون آهن. اسان ٻيئي تيار ٿيا ويٺا آهيون. هي اچن تہ ويٽنام بارڊر واري شھر ’تونگ شين‘ روانا ٿيون. وشال اهو بہ چيو، ”ڪپڙا بہ کڻجو، جو سمنڊ تي بہ هلنداسين.“ معنيٰ ايڪ پنٿ دو ڪاج، ’سنڌي سمنڊ‘ تہ ڏٺو اٿم، پر ’چيني سمنڊ‘ اڄ ڏسبو. سڄي دنيا ۾ هڪ ئي سمنڊ آهي، پر جاگرافيائي طور تي اهي ورهايا ويا آهن. چين کي بہ جاگرافيائي طور ڪيترائي سمنڊ لڳن ٿا.
جيستائين وشال ۽ کشين اچن، تيستائين مون ياسر جواد جو ترجمو ڪيل ڪنفيوشس (Confucius) جو ڪتاب The Analects)) پڙهڻ شروع ڪيم. جيڪو ياسر جواد ”مڪالمات ڪنفيوشس“ جي نالي سان ترجمو ڪيو آهي. ڪنفيوشس قديم چيني مفڪر آهي، جنھن جا چين جي سياسي، سماجي زندگيءَ تي وڏا اثر رهيا آهن ۽ سندس باري ۾ جيڪا معلومات ملي ٿي اها مستند تہ ڪونھي، پر بھرحال ان تي ئي ڀروسو ڪرڻو پوي ٿو.
ڪنفيوشس جي جنم ۽ وفات جي باري ۾ ۽ سندس عمر جي باري ۾ رڳو قصا ڪھاڻيون ئي ملن ٿيون، جنھن موجب هن ٻاهتر سالن جي عمر ۾ چالاڻون ڪيو. قديم چيني ادب ۾ 72 هڪ جادوئي انگ آهي. ڪنفيوشس پنھنجو ننڍپڻ غربت ۾ گذاريو ۽ ڪئين ڌڪا ٿاٻا کاڌائين. هن تعليم ڪيئن پرائي ان بابت روايت آهي تہ هُن ’تائومت‘ جي گرو ’لائودان‘ جي نگرانيءَ ۾ مذهبي رسمن جو مطالعو ڪيو، هن ’ڇانگ هونگ‘ کان موسيقيءَ جي تعليم حاصل ڪئي ۽ بانسري وڄائڻ سکي.
ڪنفيوشس جي تعليم ۽ مڪالمن کي The Analects جي نالي سان گڏ ڪيو ويو. اندازي موجب ان ڪتاب ٻي صدي قبل مسيح ۾ هاڻوڪي شڪل اختيار ڪئي. جيتوڻيڪ هو ان ڳالھہ تي يقين رکي ٿو تہ ماڻھو آسمان جي قائم ڪيل حدن جي اندر ئي پنھنجون زندگيون گذارين ٿا، پر هو اهو بہ چوي ٿو انسان پنھنجن عملن ۽ خاص ڪري ٻين سان سلوڪ جو پاڻ ئي ذميوار آهي (آسمان مان مطلب مطلق هستيءَ کان سواءِ فطرت ۽ فطري ضابطا بہ آهن). اسان پنھنجي زندگي جي عرصي ۾ ترميم آڻڻ لاءِ مشڪل سان ئي ڪجهہ ڪري سگهون ٿا، پر پنھنجي عملن جو تعين اسان پاڻ ڪندا آهيون.
ڪنفيوشس پنھنجي تعليم قديم وقت کان هلندڙ سبقن جي صورت ۾ پيش ڪئي. هو موجد بدران مبلغ ۽ پيغامبر هئڻ جي دعويٰ ڪرڻ کان سواءِ اهو بہ چوي ٿو تہ سندس سڄو ڪم مون کان اڳ گذري ويل وڏڙن جي محبت تي مشتمل آهي. پنھنجي نظرين جي قديم بنياد تي هئڻ جي دعويٰ پوءِ ايندڙ چيني مفڪرن تي گهرا اثر ڇڏيا ۽ هنن بہ اهو ئي طريقو اختيار ڪيو.
ڪنفيوشس مت اصل ۾ ڪو مذهب ڪونھي ۽ نہ ئي ڪنفيوشس جديد مفھوم ۾ ’مذهبي‘ هو. کيس چيني مذهب جي عام طور تي انسانيت پسند نوعيت جي پسمنظر ۾ ڏسڻ گهرجي. چيني مذهب ۾ خدا گهڻو عظيم ڪونھي، ۽ نہ وري ان ڏانھن گهڻو رجوع ڪيو وڃي ٿو. ايتري قدر جو ’تائومت‘ بہ خدا ڏانھن احترام وارو رويو نٿو رکي. چيني خدا ’فطرت‘ جي مترادف آهي.
ڪميونسٽ انقلاب کان پوءِ ڪنفيوشس جي تعليم کي دقيانوسي ۽ پراڻ پسند چئي رد ڪيو ويو ۽ سندس يادگارن کي ڊاٺو ويو ۽ سرڪاري سطح تي سٺ ۽ ستر وارن ڏاڪن ۾ ڪنفيوشس مت جي خلاف مھم هلائي ويئي.
ڪنفيوشس جون ڪجهہ چوڻيون:
- جيستائين تنھنجو پيءُ جيئرو آهي، تيستائين ان جي اطاعت ڪر، جڏهن هو مري وڃي تہ سندس ڪيل عملن جو مشاهدو ڪر، جيڪڏهن تو ٽن سالن تائين پنھنجي پيءُ جي طور طريقي کان انحراف نہ ڪيو ۽ ان تي قائم رهين تہ تون ’حقيقي پُٽ‘ سڏرائي سگهين ٿو.
- ڪنفيوشس چيو: حڪايتن جي ڪتاب جي ٽن سؤ شعرن کي هڪ جملي ۾ سموئي سگهجي ٿو، ’خراب نہ سوچيو.‘
- جيڪو شخص چاليھن سالن جي عمر تائين پھچندي بہ اڻ وڻندڙ رهيو، اهو سڄي زندگي اڻ وڻندڙ ئي رهندو.
- شاطرانہ ڳالھيون نيڪيءَ ۾ بگاڙ پيدا ڪن ٿيون، ننڍن معاملن ۾ اسھپ عظيم منصوبن کي خراب ٿي ڪري ڇڏي.
- جيڪڏهن تون خواهش کان پاڪ هجين ها تہ هو توکي ڇو ڦُرين ها. پوءِ ڀلي تون کيس ائين ڪرڻ تي انعام ڇو نہ ڏينءَ ها.
- ننڍي ماڻھوءَ کي رعايتن ۽ مفادن سان مطلب هوندو آهي ۽ وڏي ماڻھوءَ کي اصولن ۽ ضابطن جو خيال هوندو آهي.
- بزدلي اصل ۾ اها آهي تہ اوهان پنھنجي حق جي لاءِ آواز اٿاري نہ سگهو.
- وڏا ماڻھو ڳالھہ ٻولھہ ۾ ڌيما ۽ عمل ۾ تيز هوندا آهن.
- جيستائين اوهان جا مائٽ جيئرا آهن، اوهان کي سڳورن هنڌن جي زيارت لاءِ وڃڻ جي ضرورت ڪونھي.
جتي ذڪر ڪنفيوشس جو نڪتو آهي، اتي هڪ ٻي چيني مفڪر لائوتسو يا لائوذي جو بہ ذڪر ٿي وڃي. جيڪو چوٿين صدي عيسوي جو فلسفي آهي. سندس لکيل ڪتاب تائو تي چنگ (Tao- Te- Qing) جي نالي سان مشھور آهي. ڊاڪٽر مائيڪل هارٽ جي لکڻ موجب ”اهو هڪ ڏکيو ڪتاب آهي ۽ غير معمولي پُراسرار انداز ۾ لکيو ويو آهي. تائومت جو بنيادي تصور ’تائو‘ جو عام طور تي ترجمو ’رستو‘ ڪيو وڃي ٿو. پر اهو تصور ڪنھن حد تائين مُبھم آهي. جڏهن تہ ”تائو تي چنگ“ جي شروعات هنن لفظن سان ٿئي ٿي.“ هو تائو، جنھن کي بيان ڪري سگهجي ٿو، مرڪزي ’تائو‘ ڪونھي. جنھن نالي کي ورجائي سگهجي ٿو. اهو ابدي نالو نٿو ٿي سگهي.“ پر اسان چئي سگهون ٿا تہ تائو جو خام ترجمو ’فطرت‘ يا فطري نظام آهي.
جيتوڻيڪ تائومت بنيادي طور هڪ ’بي دين‘ فلسفو آهي، پر انھي مان هڪ مذهبي تحريڪ جنم ورتو. تائومت جو فلسفو بنيادي طور تي ’تائو تي چنگ‘ ۾ بيان ڪيل تصورن تي ٻڌل آهي. ’تائو‘ مت جلد ئي ڪيترين ئي عبادتن ۽ وهمن سان ڀرجي ويو. جن جو لائوتسَو جي فڪر سان ڪوبہ واسطو ڪونھي.
جيتوڻيڪ لائوتسَو يا لائوذي جي زندگي بابت ڪابہ مستفيد ڄاڻ نہ ٿي ملي ۽ جيڪو بہ مواد ملي ٿو، ان کي پاڻ ڌُڪو چئي سگهون ٿا. هڪ روايت موجب لائوتسَو ڪنفيوشس جو همعصر هو، اولھه ۾ ’تائو تي چنگ‘ ڪنفيوشس جي لکڻين يا سندس ڪنھن پوئلڳ فلسفيءَ کان وڌيڪ مشھور آهي. انگريزي ۾ ان ڪتاب جا چاليھن کان بہ وڌيڪ ترجما ٿيا آهن. بائبل کان سواءِ ڪو بہ ڪتاب ايتري ججهي تعداد ۾ ترجمو نہ ٿيو آهي.
خود چين ۾ ’ڪنفيوشس مت‘ عام طور تي هڪ مشھور فلسفو رهيو ۽ جنھن معاملي ۾ لائوتسو ۽ ڪنفيوشس جي فڪر ۾ تضاد پيدا ٿئي ٿو، چيني عام طور تي پوئينءَ جي پيرويءَ کي ترجيح ڏين ٿا. پر ڪنفيوشس مت جا پيروڪار لائوتسو کي وڏي عزت جو درجو ڏين ٿا. اهڙا ڪيترائي مثال آهن تہ تائومت جي فڪر کي وڏي سھوليت سان ڪنفيوشس جي فلسفي ۾ گڏيو ويو. تنھنڪري ان هزارين انھن ماڻھن کي بہ متاثر ڪيو، جيڪي پاڻ کي ’تائومت‘ جو پوئلڳ قرار نٿا ڏين. خاص طور تي ’زين‘ ٻڌ ڌرم ۾. جيتوڻيڪ ڪجهہ ماڻھو اڄ بہ پاڻ کي ’تائومت‘ جا پوئلڳ قرار ڏين ٿا، پر چيني فلاسافرن ۾ ڪنفيوشس ئي اهڙو فلاسافر آهي، جنھن انسانيت تي لائوتسو جي حد تائين گهرا اثر ڇڏيا.
چين ۾ جن مذهبن کي سرڪاري سطح تي تسليم ڪيو ويو آهي، انھن ۾ اسلام، عيسائيت، ٻڌ ڌرم ۽ تائومت شامل آهن.
[9 نومبر 2024ع]
ڪالھوڪي ’تونگ شين‘ ۽ ’فن ڇن کانگ بيچ‘ جي ٽوئر گهڻو مزو ڏنو، جيڪو ڌار مضمون جي صورت ۾ لکندس. ڪالھہ کشين جيڪو ويٽنامي پلاسٽر ’تونگ شين‘ مان منھنجي لاءِ ورتو. اهو رات ڪلھي تي لڳايو، جنھن ڏاڍو آرام ڏنو. صبح جو اُٿيس تہ اڳ کان بھتر هئس، ٻيو جيڪو وشال چيني ڪاڙهو پياريو، ان بہ فريش ڪري ڇڏيو.
اڄ ڊگهو واڪ ڪيم ۽ ڦرندو گهرندو گوانگسي يونيورسٽيءَ جي ڀرسان بوڪ شاپ تي ويس. مون کي خبر آهي تہ ڪتاب سڀ چيني ۾ آهن، پر پوءِ بہ ڪتابن جي عادت ۽ شوق مون کي اتي وٺي ويو. اڄ اتي مارگريٽ مشيل جي ڪتاب Gon with the wind جو ٻيو چيني ترجمو ڏٺم. جنھن مان محسوس ڪيم تہ چين ۾ ڪنھن ڪتاب جا هڪ کان وڌيڪ ترجما بہ ٿيندا آهن. اتي ئي وڪٽر هيوگو جي ناول ’نوٽري ڊيم جو ڪٻڙو Notre dame De paris جو ترجمو بہ ڏٺم. چيني زبان ۾ هڪ ڪتاب جنھن منھنجو ڌيان ڇڪايو اهو A biography of Lin BIAO (لِن بيائوجي سوانح حيات) نظر آيو.
لِن بيائو، مائوزيتنگ جو وفادار ساٿي هو. هڪ دور اهڙو بہ آيو، جڏهن لِن بيائو ڄڻ مائوزيتنگ جي جانشين جي جاءِ والارڻ شروع ڪئي. مائو شڪي مزاج اڳواڻ هو. 13 ڊسمبر 1971ع ۾ چين جو هڪ جھاز منگوليا ۾ ڪري پيو، جنھن ۾ اٺ ماڻھو سوار هئا. سڀ مري ويا، انھن ۾ لِن بيائو ۽ سندس ڌيءَ بہ شامل هئي. ان حادثي کان پوءِ ڪيترائي افواھہ پکڙيا، هڪ سازشي ٿيوري موجب، لِن بيائو، مائوزيتنگ کي قتل ڪرائڻ جي سازش ڪري رهيو هو. ان سازش موجب مائو جي ريل کي ميزائل سان اُڏائڻو هو. لِن بيائو جي پراسرار موت کان پوءِ هڪ آمريڪي سفارتڪار ’چو اين لائي‘ کان لِن بيائو جي موت جي باري ۾ سوال ڪيو، چو اين لائي جواب ڏنو تہ ”لِن بيائو جو موت هوائي جھاز جي حادثي جي نتيجي ۾ ٿيو، جڏهن تہ آمريڪي صدر ڪينيڊي جو موت هڪ ڳجهارت هو.“ ’لِن بيائو‘ جي وفات کان پوءِ پيپلز آرمي جي اهم عھدن تي لِن بيائو طرفان مقرر ڪيل هڪ هزار عملدارن کي هٽايو ويو.
[10 نومبر 2024ع]
رات وشال چيو تہ ابو پئسا کپن؟ چيومانس نہ، مون وٽ ساڳيا پئسا پيا آهن. جيڪي تو ڏنا هئا، منھنجو خرچ ئي ڪھڙو. بس صبح مان ڊبل روٽيون وٺيو اچان ۽ شام جو واڪ ڪندي چڪر ڏيو ڪا هڪ اڌ ٻن يا ڏيڍ يو ان جي پين وٺيو اچان. پينون جيتوڻيڪ اڳ ۾ ئي جام پيون آهن، پر پوءِ بہ ڪا هڪ اڌ وٺيو اچان. جنھن تي کليو ۽ چيائين، تون پئسا ان ڪري خرچ نہ ٿو ڪرين جو توهان هر شئي کي پاڪستاني روپين ۾ ڪنورٽ ڪندا هوندا؟ پوءِ تہ ڪجهہ بہ وٺي نہ سگهندا. دل ۾ کليس چيومانس صحيح ٿو چوين، ان ڏينھن ويٽنامي سرحد وٽ هڪ ويٽنامي ٽوپي تغاري جھڙي وڻي، پر اگهہ ٻڌي ڇڏي ڏنم، پوءِ پڇتايم تہ يادگار طور وٺان ها.
پينن تان ياد آيو تہ منھنجو قاضي احمد وارو شاعر دوست رئيس نواز علي نواز انڙ انڊپينن جو وڏو شوقين آهي، وٽس ڀانت ڀانت جون ۽ اعليٰ پينون آهن. شبير سيال ٻڌائيندو آهي تہ ”رئيس وٽ ڀانت ڀانت جي انڊ پينن جو وڏو ذخيرو آهي.“ رئيس نواز علي نواز انڙ جي کيسي ۾ هروقت ٽي چار پينون لڳل هونديون آهن.
ڪيترن ڏينھن کان ابوذر اقبال کي پي چيم تہ ٻڌو اٿم تہ نئننگ ۾ ڪو ميوزيم بہ آهي، وشال کي وقت ڪونھي، ڪڏهن هلو تہ پاڻ ڏسي اچون. رات، اڄ آچر هئڻ ڪري هلڻ جو پروگرام ٺاهيوسين. ٻارهين بجي ڌاري ابوذر آيو، ناشتو ڪيائين تہ چيومانس ”هلڻ جو موڊ آهي يانہ؟“ وراڻيائين، ”هلون ٿا، ٻہ ٻيا دوست بہ اچن پيا، اهي بہ هلن ٿا.“
ٿوري دير ۾ اهي اچي ويا. هڪ جو نالو اياز هو ۽ ٻي جو علي. ٻيئي پختون هئا ۽ هتي پي. ايڇ. ڊي ڪرڻ آيا هئا.
هو ٻيئي ڌار بائيڪ تي هئا ۽ آءٌ ۽ ابوذر ٻيءَ تي روانا ٿياسين. پندرهن ويھن منٽن کان پوءِ هڪ هنڌ پھتاسين. پارڪنگ ايريا ۾ موٽرسائيڪلون پارڪ ڪري اندر گهڙياسين. نئننگ ۾ جتي بہ وڃ وڻڪاري ۽ وڻ ئي وڻ. هي پارڪ جيڪو پڻ تمام وڏي ايريا ۾ هو، لاهياري ٽڪري تي هو. اندر ڪنھن بہ گاڏي کي وڃڻ جي موڪل نہ هئي. هنڌ هنڌ هن تي ڊسٽبين ۽ ريسٽ روم ٺھيل هئا ۽ صفائي ڪندڙ مايون ۽ مرد مخصوص ڊريس ۽ ٽوپلا پايو، وڻن جي ڇڻيل پنن کي صاف ڪري ۽ ڊسٽ بن ۾ پيل ڪچري کي صاف ڪري پنھنجن هٿ گاڏن ۾ وجهي رهيا هئا. پارڪ جو ماحول بي حد خوبصورت هو، نہ شور نہ شرابو، رستو مٿاهينءَ تي هو، هڪ اهڙو هنڌ جنھن لاءِ حافظ شيرازيءَ چيو آهي:
دو یار زریک واز بادہ کہنڊومنی
فراغتی و کتابی وگوشہ منی
[ٻہ دانا دوست هجن، پُراڻو شراب ججهي مقدار ۾ هجي، واندڪائي هجي، ڪو سُٺو ڪتاب هجي ۽ باغ جي ڪُنڊ هجي.]
جنھن ڪري ڇڪي چڙهڻون ٿي پيو. چيني تہ ائين پي ويا، ڄڻ سندن پيرن ۾ ڦيٿا لڳل هجن، پر اسان ڇڪي پي چڙهياسين. مون وٽ تہ وري بہ ٽنگن ۾ سور جو جواز هو، پر ابوذر، اياز ۽ علي بہ سھڪي پيا، جنھن تي مٿن کليس ٿي. هو ٽيئي پختون هئا ۽ هلندا پاڻ ۾ پشتو ۾ پي ڳالھايائون. تنھنڪري مون سندس ڪچھري ۾ دخل نہ ٿي ڏنو. پشتو ڳالھائڻ تان هڪ ڳالھہ ياد اچي ويئي. ’ذائقہ پاڪستان اسٽائيل ريسٽورينٽ‘ ۾ ڪڏهن ڪڏهن هيئن ٿيندو آهي تہ آءٌ ۽ وشال سنڌيءَ ۾ شھزاد ۽ رضوان پنجابيءَ ۾ ابوذر ۽ عمران پشتوءَ ۾ پيا ڳالھائيندا آهيون. ويٺل سڀ گڏ هوندا آهيون. سو ڳالھائيندي عجيب صورتحال بنجي ويندي آهي. جنھن تي آءٌ پنھنجي مُنھن پيو کلندو آهيان.
اسان نيٺ ڀرپاسي ڏسندي وڻن ۽ اتان جي ماحول جي واکاڻ ڪندي هڪ گول عمارت وٽ پھتاسين. جيڪا قلعي جھڙي لڳي رهي هئي ۽ ڪافي پرتي نظر آئي. اهو هڪ ننڍو قلعو هو،جنھن جو نالو هو Zhening fort جنھن کي ميوزم ۾ بدلايو ويو هو. قلعي جي دروازي تي پھتاسين تہ اتي ڪابہ ٽڪيٽ وغيرہ نہ هئي ۽ اتي ڪرسين تي هڪ مرد ۽ هڪ عورت ڊريسن ۾ ويٺل هئا. سندن اڳيان وڏي ڊگهي ٽيبل رکي هئي. انھن جي سامھون تختيءَ رکيل هئي، جنھن تي جنھن تي چينيءَ ۾ لکيل هو ”تھذيب يافتہ شھر ٺاهڻ لاءِ هٿ هٿ ڪريو.“
واھہ، ڪمال جي ڳالھہ ڪيل هئي. انھن لفظن ۾ وڏو پيغام سمايل هو. قلعو ننڍو هو، سامھون پٿر جو هڪ وڏو پيالي جھڙو اسٽيچو ٺھيل هو ۽ ان جي ڀر ۾ ڪڇئين جو اسٽيچو هو. قلعو ننڍو پر گولائي ۾ هو ۽ ننڍا ننڍا ڪمرا ٺھيل هئا. جن ۾ فوٽوئن جي ذريعي چيني انقلاب، جدوجھد ۽ ڪلچر کي نمايان ڪيو ويو هو. سڀئي ڪمرا گهمي وري ڏاڪڻ ذريعي مٿي چڙهياسين. جتي هڪ توپ رکيل هئي. طيارہ شڪن توپ، جيڪا ڪافي وڏي ۽ پراڻي هئي. توپ واري پاسن کان ريلنگ ٺھيل هيون. جن سان لڳ ويھڻ لاءِ ڌڪيون ٺھيل هيون. آءٌ توپ ڏسي وري ڏاڪڻ چڙهي مٿي ويس. جتان نيڻ نھار تائين سڄي باغ جو نظارو ۽ نئننگ جون بلند و بالا عمارتون نظر اچي رهيون هيون ڇا تہ خوبصورت ۽ من موهيندڙ منظر هئا.اهي اونچيون عمارتون هڪٻئي سان گڏ هيون. ان مھل مون کي جاويد اختر جو شعر ياد اچي ويو:
اونچی عمارتوں سے مکان میرا گہر گیا
کچھ لوگ میرے حصے کا سورج بھی کھا گئے
ٿوري دير اتي بيھي وري هيٺ لھي آيس ۽ ڌڪيءَ تي ويھي ابوذر سان ڪچھري سان گڏ آسپاس جا نظارا ڪندو، اکيون ٿڌيون ڪندو رهيس. پوءِ هيٺ لھي ٻاهر نڪري آياسين. جتي ڪيترائي چيني گهمي رهيا هئا. نوجوان ارڙهن ۽ اوڻيھن سالن جا ڇوڪرا پنھنجين ني ڦنگيو (گرل فرينڊ) سان هٿ ۾ هٿ ڏيو وڙڪي رهيا هئا. ڪٿي تہ هنن جا چپ چپن سان مليا پيا هئا. نڪا جهل نہ ڪا پل، نڪو رائر ڏيھه ۾، هرڪو پنھنجيءَ ۾ مست مگن. ڪنھن جو بہ ڪنھن ڏانھن ڌيان نہ هو. اسان هِتي ٿوري دير وڙڪي، پوءِ کُڙين تي زور رکيو ۽ ٻي طرف هلڻ لڳاسين. ٿورو اڳيان وڃي هڪ ٻي خوبصورت عمارت تي نظر پئي، جيڪو پڻ ميوزيم هو، ڏاڪڻيون چڙهي مٿي پھتاسين سامھون ئي ڪامريڊ مائوزي تنگ تي نظر پئي. وڏي ديوار تي وڏي ڪاريگري سان وچ ۾ مائوزيتنگ جي شبيھه ٺاهي ويئي هئي ۽ ان جي ٻنھي پاسن چين جي مختلف قوميتن جي ماڻھن کي ساڻس نھايت اُڪير ۽ اُتساھہ مان ملندي ڏيکاريو ويو هو. سندن چھرن مان خوشي محسوس ٿي رهي هئي. اتي بہ ٻہ سيڪيورٽي وارا ويٺا هئا. پر موبائيل ۾ مست ۽ مگن. پوءِ اسان سڄي ميوزيم جو چڪر هنيو. ڀتين تي ڪيتريون ئي تصويرون لڳل هيون، جن ۾ مائوزيتنگ، چو اين لائي، لن بيائو، ليو شائو چي مارشل چوتيھه ۽ ٻين ڪامريڊن کي ڏيکاريو ويو هو. مائو جو تصويرون ڪجهہ وڌيڪ هيون. البت سڄي ميوزيم ۾ مون کي ڪٿي بہ ڊينگ زيائو پنگ جي تصوير نظر نہ آئي، جيڪو جديد چين جو اڏيندڙ آهي. مون جڏهن اهي تصويرون سوشل ميڊيا تي رکيون تہ ڪجهہ دوستن رايا ڏنا تہ مائو چين ۾ هاڻ فقط ميوزيم ۾ وڃي رهيو آهي. اها ڳالھہ غلط بہ ڪونھي. چين جون پاليسيون هاڻ مائو واريون نہ آهن. اهو ڊينگ ئي هو ۽ هاڻ شي چن پنگ چين کي هيڏي وڏي معاشي طاقت بڻايو آهي. ميوزيم ۾ ڪافي ڪتاب رکيل هئا، جن ۾ مائوزيتنگ جو ڳاڙهو ڪتاب بہ هو۽ ٻيا تاريخي ڪتاب پڻ، ٻن هنڌن تي ڪامريڊن جا سٺا اسٽيچو پڻ ٺھيل هئا. ميوزيم ڏاڍو مزو ڏنو ۽ هر تصوير ۽ نقشي جي مٿان ان بابت چيني ۾ مختصر تفصيل بہ لکيل هئا، جيڪي ابوذر اقبال منھنجي چوڻ تي ’بيدو ٽرانسليشن‘ جي ذريعي اسڪين ڪندو، انگريزي ۾ مون کي انھن جو ترجمو ٻڌائيندو ويو. واھہ ٽيڪنالاجي جو ڪمال! هاڻ ڪابہ شئي سمجهڻ لاءِ ڪنھن جي محتاجيءَ جي گهرج ڪونھي.
اتي ئي بيٺا هئاسين جو اتي بيٺل چار چيني ڇوڪرا منھنجي سنڌي ٽوپي ڏسي مون ڏانھن وڌيا ۽ پنھنجي موبائيل ڪڍي چيائون، ”اسان سان فوٽو ڪڍائي“ مون چيو، ”حاضر بابا.“ پوءِ اسان فوٽو ڪڍيا ۽ پڇيائون ”ڪٿان جا آهيو.“ چيم ”پاچيستان“ جنھن تي هڪدم چيائون”چونگو- پاتيا، ڦنگيو“ چين ۽ پاڪستان دوست آهن.
اسان ميوزيم مان ٻاهر نڪتاسون ۽ گهمندا ڦرندا، چينين جي واکاڻ ڪندا اچي گيٽ تي پھتاسين، نئننگ ۾ اهڙا ڪيترائي وڏا پارڪ آهن. چين ۾ آبادي تمام گهڻي آهي ۽ جن کي رهائش تہ کپي، پر گورنمنٽ پارڪن جو ڄار وڇائي اهو ثابت ڪيو آهي تہ ماڻھن جي جسماني صحت بہ ضروري آهي. انھن پارڪن ۾ ڪسرت جو ڪيترو ئي سامان لڳل هو. جنھن تي ماڻھو ڪسرت ڪري رهيا هئا. ان مھل خيال آيم، هيڏا وڏا پارڪ پاڪستان ۾ هُجن ها تہ انھن تي قبضا مافيا قبضا ڪري پلازا اڏائي ڇڏي ها. جنھن جو هڪ مثال ’راجپوتانہ اسپتال حيدرآباد‘ آهي، جيڪا قبضي خورن ڪنھن طريقي سان پنھنجي قبضي ۾ وٺي، هاڻ پلازائون اڏرائڻ جا منصوبا پيا ٺھن.
*
ڪجهہ ڏينھن اڳ جڏهن ويٽنامي بارڊر تان موٽيا هئاسين ۽ مون اتان جي مووي فيس بوڪ تي رکي تہ جناب ’شبير شر‘ ڪمينٽ ڏنو، ”ايڏو ويٽنام، چين کي ويجهو هوندي بہ آمريڪي سامراج ويٽنامين تي اڌ صدي کان بہ وڌيڪ عرصي تائين ظلم جون انتھائون ڪندو رهيو تہ بہ چينين کي غيرت نہ آئي. پوءِ بہ سو وڃي روس هنن جي مدد ڪئي. نام نھاد چيني مارڪسٽ.“ مون کيس جواب ڏنو، ”مدد تہ ڪيائون، هوچي منھه چين ايندو ويندو هو.“
جنھن تي مشتاق علي شان لکيو، ”سائين يوسف سنڌي، ڪھڙي نہ عجيب ڳالھہ آهي تہ اوهان هُتي ويٽنام جو درشن ڪري رهيا آهيو ۽ آءٌ هِتي فرانس ۾ ويٺو ڪامريڊ موچي منھه ۽ ويٽنام تي پنھنجو ڪتاب مڪمل ڪري رهيو آهيان. سائين شبير شر ٺيڪ پيو چوي تہ ويٽنام ۾ سٺ واري ڏاڪي ۾ چين جو ڪردار بہ مجرماڻون هو. جيتوڻيڪ هن پھرين ويٽنام جي مدد ڪئي ۽ هن جا پندرهن سؤ کن سپاهي بہ ويٽنامين جو ساٿ ڏيندي مارجي ويا. پر پوءِ اُن چين ويٽنام سان ڇا ڪيو؟ جنھن جي نتيجي ۾ هڪ وقت اهڙو بہ آيو، جڏهن اتر ويٽنام ۾ مائو جو بيج لڳائڻ ۽ سندس ”ڳاڙهي ڪتاب“ تي پابندي هنئي وئي. آءٌ ان جا تفصيل پنھنجي ڪتاب ۾ بيان ڪري رهيو آهيان.“
مون کيس جواب ڏنو، ”مون کي ان ڳالھہ جي خبر ڪونھي. اوهان اها ڄاڻ مون سان شيئر ڪريو. جيئن اها معلومات پنھنجي سفرنامي ۾ ڏيان. پنھنجو واٽس نمبر بہ انباڪس ۾ موڪليو.“
جواب ڏنائين، ”جي ضرور سائين. انباڪس ڏسي وٺجو. ماڻڪ جي هوچي منھه جي لکڻين تي مشتمل ڪتاب، جنھن جي اوهان نوڪ پلڪ درست ڪئي هئي، آءٌ ان جو ٻيھر مطالعو ڪري رهيو آهيان، پر اُهو مون وٽ پي. ڊي. ايف ۾ مڪمل ڪونھي.“
اڄ مشتاق علي شان سان فيس بوڪ ميسيجز جي ذريعي ڊگهي ڳالھہ ٻولھہ ٿي، ٻڌايائين تہ هو پنجن سالن کان فرانس ۾ آهي. ڏيڍ سال ٿيو آهي تہ ٻارڙا بہ هتي اچي ويا آهن. مشتاق علي شان پنجابي ڳالھائيندڙ ڪامريڊ ۽ ٽريڊ يونينسٽ آهي سٺو ماڻھو آهي، سندس ڪافي ڪتاب لکيل آهن. جن ۾ هڪ ڪتاب ”ايملڪار ڪبئرال“ تي بہ اٿس، جنھن ۾ لکڻ ۾ منھنجي ڪتاب ’گني بسائو ڪيئن آزاد ٿيو؟‘ مان بہ ڪافي مدد ورتي اٿس. ان ڪتاب ۾ گني بسائو بابت ڪافي نئين معلومات بہ ڏنل آهي.
مشتاق جو چوڻ هو تہ سوويت يونين ۾ خروشچيف جي اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ سوويت پاليسيون تبديل ٿيون تہ ويٽنام ۽ چين ۾ اختلاف شروع ٿيا ۽ چين ويٽنامن جي مدد تان هٿ کڻي ويو ۽ سوويت يونين ويٽنام جي گهڻي مدد ڪئي. ويٽنام آزاد ٿيو تہ 1979ع ۾ هن ڪمبوڊيا تي حملو ڪري چين جي حمايت يافتہ پول پوٽ جي کميراؤج جي حڪومت ختم ڪري پنھنجي حمايتي حڪومت قائم ڪئي، جنھن بہ چين ۽ ويٽنام ۾ اختلاف وڌايا ۽ چين ويٽنام کي سيکت ڏيڻ لاءِ مٿس حملو بہ ڪيو، پر ويٽنام چين جي ڀيٽ ۾ ننڍو ۽ ڪمزور ملڪ هوندي بہ چيني فوج کي چڱو سٽڪو ڏنو.
ڪمبوڊيا، جنھن جو نالو پوءِ بدلائي ڪمپوچيا رکيو ويو. پول پاٽ جي حڪومت جي خاتمي کان پوءِ ’هنڌ- چيني‘ ۾ ڊگهي جنگ جي شروعات ٿي. چين ۾ ويٽنام جي بادشاھہ ’پرنس نورو ڊوم سھانوڪ‘ جلاوطن حڪومت قائم ڪئي، جنھن کي چين سان گڏ آمريڪا جي سپورٽ بہ حاصل هئي. ائين چين ۽ آمريڪا ڪمبوڊيا جي مسئلي تي هڪ ئي صف ۾ نظر آيا.
حقيقت ۾ پول پوٽ، جنھن جو اصل نالو ’سالوٿ سار‘ هو، هڪ ظالم شخص هو، جنھن جي حڪومت ڪمبوڊيا تي قبضي کان پوءِ ڪمبوڊين عوام تي سوشلزم جي نالي ۾ وڏا ظلم ڪيا ۽ شھرن جي سڄي آباديءَ کي شھرن مان ڪڍي ٻھراڙين ۾ موڪليو تہ وڃي هارين سان ڪم ڪريو، اسپتالن مان مريضن کي ڪڍي ٻاهر اڇليو ويو، ڪرنسي ۽ بئنڪون ختم ڪيون ويون وغيرہ. اهو سڀ سوشلزم جي نالي ۾ ڪيو ويو، ۽ چين انھن سڀني قدمن تي پول پاٽ جو سپورٽر رهيو. ڳاڙهي کمير، جيڪا پول پاٽ جي فوج هئي، اها ڊگهي عرصي تائين جنگ ڪندي رهي. پول پاٽ جنھن کي ”ڪمبوڊيا جو ڪاسائي“ چيو وڃي ٿو. ڪمبوڊيا ٿائيلينڊ سرحد وٽ مري ويو. نيٺ ڪمبوڊيا جو مسئلو حل ٿيو. اهو هڪ ڊگهو داستان ۽ تاريخ جي شاگردن لاءِ دلچسپ موضوع آهي.
مشتاق علي شان جو چوڻ هو تہ، ”چين ۽ ويٽنام سوويت يونين جي خاتمي کان پوءِ سوشلزم بدران پنھنجي قومي رياستن جو واجود بچايو آهي. جيڪڏهن چين ڊينگ جي قيادت ۾ دنيا لاءِ دروازا نہ کولي ها تہ اڄ هڪ پٺتي پيل ملڪ هجي ها.“
بھرحال مشتاق علي شان سان ڏاڍي سٺي ڪچھري ٿي. هاڻ هوچي منھه تي سندس ڪتاب اچي تہ ڏسجي هن ڪتاب ۾ ڪھڙو موقف اختيار ڪيو آهي.
[11 نومبر 2024ع]
روزانو شام جو ’هو چولو‘ (هو چولو اسٽريٽ) تي واڪ ڪندي، هاڻ ڄڻ ان سان هڪ عجيب اُنسيت ٿي ويئي اٿم. آءٌ ساڳيون ساڳيون شيون بار بار ڏسندو رهندو آهيان ۽ پوءِ هڪ ڊگهو واڪ ڪري، واپس موٽي اچي ’ذائقہ‘ تي ويھندو آهيان. اڃا ويھندو ئي مس آهيان تہ وشال پڇندو آهي تہ ”ابو ڇا کائيندين؟“ مون کي ڪجهہ کائڻ تي دل ئي نہ چوندي آهي، پر پوءِ بہ ڪجهہ نہ ڪجهہ کائي وٺندو آهيان.
حيدرآباد هوندو هئس تہ ڏينھن ئي نہ گذرندو هو. هر وقت ڪونہ ڪو ٽينشن، ڪو مسئلو، هتي ڏينھن ننڍو ٿو ٿئي ۽ ايترو تہ جلد گذري ويندو آهي، جو خبر ئي نہ پوندي آهي. ڄڻ تہ ٽينشن فري لڳو پيو آهيان. نسيم بہ خوش ۽ مطمئن آهي. وشال ٻچڙو جيڪا خدمت ٿو ڪري، ان منھنجو تہ خوشيءَ ۾ وزن ئي وڌائي ڇڏيو آهي ۽ پيٽ ئي نڪري پيو اٿم.
ڪجهہ ڏينھن نسيم چيو تہ هتي ڏاڍي خوش آهيان، دل تہ نہ ٿي چوي تہ پاڪستان هلون. تہ چيومانس، ”وشال تہ توکي چوي پيو تہ رهي پئو.“ تہ چيائين، ”منھنجا ٻچڙا، پوٽيون ۽ ڏهٽيون.“
”ٻچڙو تہ هتي بہ اٿئي... ۽ پوٽي بہ... مريم جھڙي گڏي.“ مون چيس.
”وري بہ هلي مٽي، ڌوڙ ۽ گرمي ۾ پچنداسين، نہ بجلي نہ گئس.“
”اهو تہ آهي.“ مون چيو، ”اسان جي حڪمرانن اسان جي سرڳ سمان ڌرتيءَ کي واقعي بہ دوزخ بنائي ڇڏيو آهي.“
ان مھل مون کي آسي زميني جو شعر ياد آيو.
نہ پاڻي، نہ بجلي، نہ گئس آهي
ورهاست ۾ مليو، اسان کي ڪھڙو ديس آهي.
شري رام جڏهن لنڪا جيتي تہ لڪشمڻ چيس، ”هي پھاڙي فرحتي هوائن ۾ رهي پئون، جو ايوڌيا ۾ تہ ڌڌڙيل جهولن جو آزار آهي.“
رام چند وراڻيس، ”جتي ۽ جنم ڀومي سرڳ کان بہ وڌيڪ آهن.“
پنھنجو وطن وري بہ پنھنجو وطن آهي.
ڪجهہ ڏينھن اڳ هوچو لو (اسٽريٽ) تي واڪ ڪندي ڏٺم تہ هڪ همراھہ ڪو وڏو پنو ننڍي ٽپائي تي وڇائي ويٺو هو ۽ قسمت جو حال ٻڌائي رهيو هو ۽ وري ٻي ڀيري ڏٺم تہ ذائقہ هوٽل جي پاسي ۾ هڪ نوجوان ساڳئي نموني پتا رکيو ويٺو هو. پڇيومانس تہ ڇا پيو ڪرين تہ اشارن ۾ چيائين، ”ويھه تہ پتا اڇلي قسمت جو حال ٻڌايانوَ.“ ماڻھو ڪيترو بہ ترقي ڪري، جديد ٽيڪنالاجيءَ جو استعمال ڪري، پنھنجي رهڻي ڪھڻي ۽ طور طريقا ئي بدلائي ڇڏي، پر وري بہ ڪن وهمن جو شڪار رهي ٿو. مثال طور چيني ڊريگن کي خير، برڪت ۽ خوشحاليءَ جي نشاني ۽ شينھن کي قوت ۽ اقتدار جي علامت سمجهندا آهن.
چيني سماج ۾ ڌيءَ جي ڄمڻ تي ماڻھو گهڻو خوش ٿيندا آهن، ڇو تہ اتي شاديءَ جو خرچ گهوٽ ڪندو آهي، ڇوڪري رڳو گهر مان موڪلائيندي آهي. شادي جي موقعي تي تارن (Stars) جي ميلاپ جو خيال رکيو ويندو آهي. ڇو تہ چين ۾ هر سال هڪ مخصوص جانور سان منسوب هوندو آهي ۽ شادي جي موقعي تي گهوٽ ۽ ڪنوار جي جنم جي سال کي نظر ۾ رکيو ويندو آهي تہ جيئن منجهن هم آهنگي رهي. مثال طور شينھن واري سال ۾ جنم وٺندڙ جي شادي ٻڪري يا سھي جي سال ۾ پيدا ٿيندڙن سان نہ ڪئي ويندي آهي، ڇو تہ ٻيئي جانور هڪٻئي جو ضد آهن. شينھن هڪ خطرناڪ جانور آهي، جڏهن تہ ٻڪري ۽ سَھو نرم مزاج وارا آهن. ڊريگن ۽ نانگ جي سال ۾ جنم وٺندڙن جو پاڻ ۾ ميلاپ مناسب سمجهيو ويندو آهي. چين ۾ چھري جون ريکائن سان ماڻھن کي پرکڻ ۽ انھن جي قسمت کي ڄاڻڻ جو رواج بہ آهي.
چيني نئين سال جي موقعي تي ان جي آجيان لاءِ گهرن جي صفائي ڪندا آهن. سندن چوڻ آهي تہ نئين سال جي شروع ٿيڻ سان گهرن کي صاف رکڻ سان نئون سال خوشين وارو ٿيندو آهي ۽ ان ۾ خير ۽ برڪت ٿيندي آهي. اهي ڦٽاڪا ڦاڙي بلائن کي ڀڄائيندا آهن. پاڻ وٽ عام طور تي عيدن برادن ۽ نائين ۽ ڏهين محرم تي ماڻھو قبرستان ويندا آهن. پنھنجن مٽن مائٽن جي قبرن تي فاتح خواني ڪندا آهن. گلن جون چادرون چاڙهيندا آهن ۽ قبرن تي مٽي وجهندا آهن. چين ۾ بہ ان قسم جون ريتون ۽ روايتون آهن.
چين ۾ هڪ فيسٽيول Qing ming festival [چنگ منگ فيسٽيول] ٿيندو آهي، جنھن کي Tomb sweeping day [مقبرن جي صفائي وارو ڏينھن] بہ چيو وڃي ٿو. ان ۾ چيني پنھنجي گذاري ويل مٽن مائٽن جي قبرن جي زيارتن لاءِ ويندا آهن. انھن تي گل رکندا آهن ۽ قبرن جي صفائي ڪندا آهن ۽ پنھنجي عقيدي موجب دعائون گهرندا آهن. ڪي تہ وري ان موقعي تي نقلي ڪاغذي نوٽ بہ ساڙيندا آهن. سندن چوڻ موجب جيترا گهڻا ڪرنسي نوٽ ساڙيا ويندا، ايتري ئي دولت واپس ايندي. زندگي ۾ ڏکن ۽ تڪليفن کي منھن ڏيڻ ۽ انھن مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ جي لاءِ ’ٻڌ مانڪس‘ يا ٻڌن جي ٽيمپلز ۾ موجود راهبن وٽ رهنمائي ۽ سڪون حاصل ڪرڻ جي سماجي هلي چلي بہ نظر اچي ٿي. ٻڌ ٻاوا دم ڦوڪ ڪري مختلف شيون ماڻھن کي ڏيندا آهن، جيئن پاڻ وٽ ڌاڳا وٽي، پاڻي پڙهي يا تعويذ لکي ڏيندا آهن. نئين سال جي موقعي تي ڪن پگو ڊائن ۾ چيني شھري پنھنجي پنھنجي خواهشن کي هڪ ڳاڙهي رنگ جي ڪاغذي پتي تي لکي ڇڏي ڏيندا آهن ۽ اکيون ٻوٽي انھن جي قبوليت لاءِ دعا گهرندا آهن. نئين سال کي چيني جنھن نموني ملھائيندا ۽ انجواءِ ڪندا آهن، اهو ڏسڻ وٽان آهي، ان سال جي شروعات اصل ۾ بھار جي شروعات هوندي آهي ۽ هر سال کي ڪنھن نہ ڪنھن جانور سان منسوب ڪندا آهن. ايندڙ چيني سال جيڪو جنوري 2025ع جي آخر ۾ شروع ٿيندو، اهو نانگ جو سال آهي. هن سال 2024ع ۾ يونيسيڪو چيني سال کي عالمي ثقافتي ڏڻ قرار ڏنو آهي.
چين ۾ ٻن موقعن تي ٿيندڙ قومي موڪلون گهڻيون مشھور آهن. هڪ نئين سال جي موقعي تي، ٻيو آڪٽوبر انقلاب جي موقعي تي. انھن ٻنھي موقعن تي ٿيندڙ موڪلون هڪ هفتو هونديون آهن. ان کان سواءِ بہ ٻين ڏڻن ۽ موقعن تي موڪلون ٿينديون آهن، جن جا ڏينھن گهٽ هوندا آهن، هونئن بہ چين ۾ سرڪاري ملازمن لاءِ ساليانيون موڪلون گهٽ هونديون آهن. شادي ٿيل ملازمن کي سال ۾ ڏھہ ۽ غير شادي شدہ ملازمن کي ويھن موڪلن جو حق حاصل آهي. چيني شھري آڪٽوبر انقلاب ۽ نئين سال جي موڪلن کي خوب انجواءِ ڪن ٿا. هو ملڪ جي اندر ۽ ٻاهرين ملڪن ڏانھن تفريحي هنڌن جو رخ ڪندا آهن. چين ۾ جيڪڏهن ڪي هفتيوار موڪلون مروج موڪلن سان گڏ اينديون آهن تہ ڇنڇر يا آچر کي ورڪنگ ڏينھن ۾ بدلايو ويندو آهي تہ جيئن موڪلون مقرر ڏينھن کان وڌيڪ نہ هجن.
[12 نومبر 2024ع]
پنھنجي واندڪائيءَ جو سمورو وقت (هونئن تہ سڄو وقت واندو ئي هوندو آهيان، پر جيڪو وقت گهمڻ ڦرڻ، واڪ ڪرڻ، وشال، ماڻھنس، مريم ۽ کشين سان ڪچھري کان پوءِ) چين بابت وڌ ۾ وڌ ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان ۽ پوءِ ان مان اهم ڳالھيون يادگيري طور هتي لکي ڇڏيندو آهيان.
جيتوڻيڪ ڪنھن زماني ۾ چين ۾ مُردن کي دفنايو ويندو هو، پر هاڻ دفن ڪرڻ جي بدران ساڙيو ويندو آهي. ان شعبي ۾ بہ چين نواڻ ۽ ٽيڪنالاجيءَ کي متعارف ڪرايو آهي. مُردي کي ساڙي، پوءِ انھن جي خاڪ وارثن جي حوالي ڪئي ويندي آهي، چين ۾ مُردن جي لاءِ ’ڪيو آر ڪوڊ‘ متعارف ڪرايو ويو آهي. مُردن جون آخري رسمون ادا ڪرڻ کان پوءِ انھن جي راک هڪ ڪنٽينر ۾ رکي ويندي آهي، جيڪا ڇھن مھينن کان پوءِ مٽي جو حصو بنجي ويندي آهي. تدفين جو اهو طريقو اختيار ڪندڙن جي وارثن کي هڪ يادگار تختي ڏني ويندي آهي، جنھن تي مرحوم جو نالو ۽ ’ڪيو آر ڪوڊ‘ هوندو آهي. اهو ڪوڊ اسڪين ڪرڻ کان پوءِ ان مرحوم شخص جون تصويرون، ويڊيوز، زندگيءَ جي ڪھاڻي ۽ حسب نسب آن لائين ڏسي سگهجي ٿو. ان کان سواءِ آن لائين تعزيتي پيغام بہ ڇڏي سگهجن ٿا.
چين ۾ مُردن جي لاشن جي آخري رسمن جي ادائيگي لاءِ مقرر عملي جا پگهار تمام گهڻا آهن، انھن جي ڪپڙن لٽن مان تر جيترو بہ احساس نہ ٿيندو آهي تہ اهي همراھہ ڪفن دفن جو ڪم ڪندا آهن. کين ڏسڻ سان ائين لڳندو آهي تہ اهي ڪنھن بئنڪ جا ايگزيڪيوٽو يا ڪنھن گهڻ قومي ڪمپنيءَ سان لاڳاپيل عملدار آهن. آخري رسمون ادا ڪرڻ جي دوران پنھنجو پاڻ کي جراثيمن کان بچائڻ اهم ڪم آهي. جيڪو عمل هڪ ڪلاڪ تي مشتمل هوندو آهي ۽ ان عمل ۾ پنج ڄڻا شامل هوندا آهن. صفائي جي حوالي سان ماڻھن کي تحفظات رهندا هئا، پر هاڻ چين ان ۾ نواڻ ۽ جديد ٽيڪنالاجي متعارف ڪرائي آهي. هاڻ صفائي جي عمل ۾ هڪ ميٽر ڊگهو روبوٽ استعمال ٿيندو آهي ۽ ان جو جراثيمن جي صفائي جي حوالي سان درستگي جو معيار 4-98 سيڪڙو آهي. تدفين جي ان عمل ۾ چين ۾ ’ٿري ڊي ٽيڪنالاجي‘ استعمال ڪئي وڃي ٿي. ان طريقي سان ٽن ڪلاڪن ۾ مرحوم جي چھري جو ماسڪ تيار ڪيو ويندو آهي. ڪفن دفن ۽ آخري رسمن جي ادائيگيءَ جو ذڪر ٿيو تہ اهو بہ ٻڌائيندو هلان تہ چين ۾ قبر جي لاءِ جاءِ خريدڻي پوي ٿي ۽ ان لاءِ بہ هڪ مدت مقرر آهي، ان کان پوءِ ان جي تجديد ڪرائڻي پوي ٿي.
وشال مون کي ٻڌايو تہ سندس دوست ناصر چين ۾ پنھنجي ۽ پنھنجي ڪُٽنب جي لاءِ جيڪو چين ۾ ئي رهي ٿو، قبر جي لاءِ جاءِ خريد ڪئي آهي. ان جو هڪ سبب اهو بہ آهي تہ چين مان ڊيڊ باڊي پاڪستان موڪلڻ ۾ تمام گهڻو خرچ اچي ٿو ۽ ٻيو تہ پاڪستاني ايمبيسي بہ تعاون نہ ٿي ڪري، ان ڪري جيڪو مستقل هتي رهي ٿو، اهو پوين کي تڪليفن کان بچائڻ لاءِ اڳواٽ پنھنجي قبر لاءِ جاءِ خريد ڪري ٿو وٺي.
چيني ماڻھن ۾ هڪ ٻيو رواج بہ آهي، اهو هي تہ ٻارڙي جي ڄمڻ جي سئو ڏينھن کي سيليبريٽ ڪيو ويندو آهي. جنھن ۾ مٽ مائٽ ايندا آهن، اها رسم ايئن آهي، جيئن پاڻ وٽ ٻار جي ڇٺي ڪبي آهي يا عقيقو.
رات ويٺاسين تہ کشين تيار ٿي ڪار ڪاهي آئي ۽ چيائين ابو امي هلو تہ گهمڻ هلئون. پڇيم تہ ڪيڏانھن؟ کِلندي ڪار ۾ ويھڻ جو اشارو ڪيائين. اسان ٽيئي بہ مريم سان گڏ ڪار ۾ ويٺاسين ۽ ڪار هلڻ لڳي. پندرهن ويھن منٽن جي ڊرائيو کان پوءِ ڪار هڪ هنڌ اچي پارڪ ڪيائين. اڳ ۾ بہ لکي آيو آهيان تہ هتي پارڪنگ جو ڪو مسئلو ڪونھي، هرڪو ڪار پارڪنگ ۾ ڪار پار ڪري هر الڪي کان آجو.
ڪار مان لھي هلندا هڪ هنڌ پھتاسين، جتي ٻاهران لکيل هو، ”دي مرينا“ اها بہ هڪ پڪنڪ پوائنٽ هئي. گلن ڦلن، ڦوهاري، پارڪن، کاڌي پيتي، جوس ۽ مختلف سوکڙين، سووينرس سان سجايل دڪان ۽ ريسٽورانٽ، جتي ڪرسين تي نوجوان جوڙا پنھنجي پيار ڀرين ڳالھين ۾ مست مگن، ڪي تہ چُم چٽ ۾ لڳا پيا هئا، پر ڪنھن جو بہ انھن ڏانھن ڌيان نہ ٿي ويو. ڪجهہ ڏينھن اڳ ’ذائقہ‘ تي ويٺا هئاسين تہ بلڪل ٻاهران هڪ نوجوان پنھنجي ’ني ڦنگيو (گرل فرينڊ) کي چھٽيو پيو هو. چينيءَ ۾ گرل فرينڊ کي ’ني ڦنگيو‘ ۽ بواءِ فرينڊ کي ’نان ڦنگيو‘ چون.
دي مرينا جي وچ ۾ ڏاڍو خوبصورت ’مونومينٽ‘ ٺھيل هو، جيڪو پري کان ائين پي لڳو، ڄڻ ڪو ڪيٿيڊرل هجي. هيٺ وڏو پارڪ هو، سامھون روڊ هو، جنھن جي مٿان ڏاڍي خوبصورت پل ٺھيل هئي، جيڪا ان مھل روشنين ۾ جهرمر ڪري رهي هئي. اسان پھتاسين تہ اڪثر اسٽال بند ٿي چڪا هئا ۽ چھل پھل بہ گهٽجي چڪي هئي. رات جا ساڍا يارهن ٿيا هئا. هتي يارهين بجي ڌاري اهڙا هنڌ ۽ ڪاروبار بند ٿيڻ شروع ٿي ويندا آهن. اسان هڪ هنڌان چيني چانھه ۽ آئسڪريم ورتي، چيني چانھه جو نالو تہ چانھه آهي، پر منجهس چانھه جھڙو ڪو ذائقو ئي ڪونھي. صفا ٿڌي ۽ اندر وري ڪنھن فروٽ جا ننڍا ننڍا گول ٻج پيل هوندا آهن. جيڪي کائڻ ۾ ڏاڍا مزيدار هوندا آهن. آئسڪريم ڏاڍي سٺي هئي. هيٺان برف جو ڳنڍو ۽ مٿان آئسڪريم. وشال کي پيو چوندو آهيان تہ ’يار الائجي ڇا ڇا پيو کارائين. ڪٿي منھنجي مسلماني کي تہ خطرو ڪونھي.‘
جنھن تي کلندي چيائين، ”پاڪستان ۾ اوهان جي مسلماني بچڻ جي پڪ نٿو ڏيان، پر هتي ڏيان ٿو.“
جنھن تي ٻيئي وڏا وڏا ٽھڪ ڏيئي کلياسين.
هڪ هنڌان ڪنھن چيني گاني جو آواز اچي رهيو هو. اسان اوڏانھن لڙياسين. هڪ ننڍي ريسٽورانٽ هئي. جنھن ۾ ڏٺوسين تہ ڪرسين تي ڪجهہ چيني ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون ويٺا هئا. هو صفا ٽُن لڳا پيا هئا، سندن هٿن ۾ سگريٽ هئا. جن جو دونھون گولڙا ٺاهي رهيو هو. سامھون ئي ڪارن ڪپڙن ۾ هڪ فنڪارا ڪو چيني گيت ڳائي رهي هئي. ٻول تہ سمجهہ ۾ نہ ٿي آيا، پر آواز، ڏاڍو سٺو هئس، هئي بہ صفا جوان ۽ اکيون ڦاڙي ڏسڻ جھڙي. اسان کي ايندو ڏسي انھن همراهن کِلي ۽ آڱوٺن جا اشارا ڪري اسان جو استقبال ڪيو. هڪ چيني جوان تہ اچي مون کي ڀاڪر پاتا ۽ پڇيائين، ”ڪٿان جا آهيو.“ جڏهن وراڻيوسين پاچيستان تہ وڌيڪ خوشي جو اظھار ڪيائون،”چونگو- ڀاتيا ڦنگيو ڦنگيو“ چوڻ لڳا.
اسان ڪرسين تي ويٺاسين تہ کشين ٻن اورينج جوسن جو آرڊر ڏيئي آئي، ٿوري دير ۾ اهي ٽيبل تي پھچي ويا. آءٌ ۽ نسيم تہ صفا ’پائولا‘ لڳا پيا هئاسين، سو وشال ۽ کشين پيتا. اتي جنھن ڳالھہ منھنجو ڌيان ڇڪايو، اها مريم هئي، هوءَ ڪرسيءَ تي ٿي ويٺي ۽ پنھنجون ننڍڙيون ٽنگون مٿي ڪري نھايت سيريس ٿي ويھي، فنڪارا کي ڏسڻ ۽ گيت ٻڌڻ لڳي. مريم جنھن کي هڪ گهڙي بہ ڪٿي ويھڻ نہ ايندو هو ۽ ڦڏڪ ڦڏڪ ڪري پئي هلندي هئي. موسيقي کيس اتي ڄڻ سُڪ ڪري ڇڏيو. تڏهن تہ چوندا آهن، ’موسيقي روح جي غذا آهي‘. اها روحن کي اندر تائين سيراب ڪري ٿي، ان فنڪارا گانو ختم ڪيو تہ اڇا ڪپڙا پاتل ٻي ڇوڪري اتي ڳائڻ شروع ڪيو. منھنجو سڄو ڌيان مريم ڏانھن هو، جيڪا بنھه سيريس ٿي گيت ٻڌي رهي هئي.
اڌ ڪلاڪ کن اتي ويٺا رهياسين پوءِ اٿياسون تہ چينيءَ مون کي سگريٽ آڇيو، جيڪو مون ’شي شي‘ چئي کيس اشارن ۾ ٻڌايو تہ آءٌ نہ پيئندو آهيان. [اها ٻي ڳالھہ آهي تہ پاڪستان توڙي چين ۾ جيڪو مفت جو سگريٽ مليو تہ ڦوڪي ويندو آهيان] جنھن تي هُن حيرت جو اظھار ڪيو. پوءِ اسان سڀني کان کلندي هٿ ملائيندي موڪلايو ۽ واپس پارڪنگ ڏانھن وڃڻ لڳاسون، جيئن گهر وڃي سگهون. ان وقت رات جا ٻہ ٿيا هئا.

[13 نومبر 2024ع]
چين اچي، جڏهن چين جي هوشر با ترقي ڏسي ۽ پوءِ چين جي اڳواڻن جا احوال پڙهندي، ڊينگ پيائو زينگ جي ذڪر ۾ جڏهن مون سنگاپور جي اڏيندڙ ”لي ڪوآن يو‘ جي باري ۾ ذڪر پڙهيو، جنھن جي تجربن ۽ دوستي مان چين سکيو تہ الائجي ڇو ’لي ڪو آن يو‘ جا سنگاپور جي حوالي سان ڪارناما هر وقت منھنجي اڳيان اڳيان رهن ٿا. مون کي سندس ڏورس نگاهن تي حيرت ٿئي ٿي. ’جي 20‘ وڏن ملڪن جي هڪ تنظيم آهي، جيڪا واپار ۽ ٻين معاملن ۾ دنيا تي وڏا اثر رکي ٿي، ان جي گڏجاڻين ۾ اڪثر ملڪ مبصر جي حيثيت سان شريڪ ٿيندا آهن ۽ انھن ۾ ٽرينڊ ٿيندا آهن. جنرل مشرف جي دور ۾ پاڪستان کي جي 20 (جي ٽوئنٽي) ۾ مبصر جي حيثيت سان شرڪت جو موقعو مليو. پاڪستان کي اهو پھريون ڀيرو اعزاز مليو هو. سنگاپور مبصر جي حيثيت سان ’جي ٽوئنٽي‘ جي گڏجاڻين ۾ شريڪ ٿيندو هو. پاڪستان ٻہ ڀيرا اهڙين گڏجاڻين ۾ شريڪ ٿيو، پر پوءِ پاڪستان کي اها دعوت ملڻ بند ٿي وئي. پاڪستان کي تہ هاڻ ياد بہ ڪونھي تہ کيس ڪڏهن کان ’جي ٽوئنٽي‘ ۾ گهرائڻ بند ڪيو ويو. سنگاپور اڄ بہ انھن گڏجاڻين ۾ شريڪ ٿئي ٿو. ’لي ڪو آن‘ ان جو ذڪر هر پاڪستاني اڳواڻ سان ڪندو هو ۽ چوندو هو تہ اسان ’جي ٽوئنٽي‘ ۾ شامل نہ آهيون، پر اسان انھن ملڪن جي اجلاسن ۾ ويھون ٿا ۽ ان سان ٽرينڊ ٿي رهيا آهيون ۽ اسان کي يقين آهي تہ اسان هڪ ڏينھن ضرور ان جا سرگرم ميمبر ٿينداسين. ان شخص جون دوربين نگاهون تہ ڏسو. 2020ع ۾ ’جي ٽوئنٽي‘ جي گڏجاڻي سعودي عرب ۾ ٿي رهي هئي، ’لي ڪوان يو‘ 2015ع ۾ گذاري ويو. سنگاپور جا سعودي عرب سان سفارتي لاڳاپا نہ هئا. ’لي ڪوان يو‘ کي وفات کان اڳ 2015ع ۾ خدشو محسوس ٿيو تہ سعودي عرب اسان کي گڏجاڻيءَ ۾ شرڪت جي دعوت نہ ڏيندو. هو بيمار ۽ پوڙهو هو، پر هن پرڏيھي وزارت جي گڏجاڻيءَ ۾ شرڪت ڪئي ۽ سفارتي ٽيم کي حڪم ڏنو تہ اوهان وٽ پنج سال آهن ۽ اوهان انھن سالن ۾ سعودي عرب سان لاڳاپا ايترا تہ بھتر بنايو، جو اسان کي ’رياض‘ مان ’جي ٽوئنٽي‘ ۾ شرڪت جي دعوت ملي. پرڏيھي وزارت ڪم شروع ڪري ڇڏيو. ’لي ڪوان يو‘ 2015ع ۾ گذاري ويو. پر 2020ع ۾ سعودي عرب پاران سنگاپور کي شرڪت جي دعوت ملي ۽ حڪومت ان جو باقاعدہ جشن ملھايو. قومون ايئن تہ ترقي ڪونہ ٿيون ڪن.
*
ڊاڪٽر ذيشان آيو، جيڪو پشاور جو پٺاڻ آهي ۽ هتي ’او مي‘ شھر جي هڪ يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر آهي. ڪڏهن ڪڏهن وشال جي هوٽل تي شھر ۾ ڪم ڪار هوندو اٿس تہ اهو لاهي، پوءِ هِتي ماني بہ اچي کائيندو آهي تہ ڪچھري بہ ڪندو آهي، اڳ ۾ بہ هتي ٻہ ٽي ڀيرا آيو آهي ۽ ساڻس ملاقات ٿي هئي. اڄ آيو تہ وشال کي چيائين شاپنگ مال هلون وشال چيو ’ڀلي مون کي هونئن بہ وڃڻون هو، جو ابوءَ لاءِ هڪ جيڪٽ وٺڻون هو. بيجنگ ۾ پائڻ لاءِ.‘
آءٌ، وشال ۽ ڊاڪٽر ذيشان ٽيئي ڊاڪٽر ذيشان جي ڪار ۾ شاپنگ مال پھتاسين. جيڪو هڪ وڏو ۽ مھانگو شاپنگ مال هو. جيڪو تمام وڏو ۽ ڪيترائي ماڙ هو ۽ جنھن ۾ هر شئي موجود هئي. اسان گهمندا ڦرندا هڪ جيڪٽن جي دڪان ۾ گهڙياسين جتي جا اگهہ ڏسي مون کي رڦڻي چڙهي ويئي. پوءِ وري ٻي تي وياسين، جتي مون وشال کي چيو تہ يار مھانگو جيڪٽ خريدڻ جي گهرج ڪونھي. مون کي ڇائو يانگ مان ڪو سؤ سوا يوان وارو جيڪٽ وٺي ڏي. وشال اها ڳالھہ کلندي ڊاڪٽر ذيشان کي ٻڌائي تہ هو بہ کلڻ لڳو ۽ کيس پاتل بنا ٻانھن جي جيڪٽ ڏيکاريندي چيائين، ”مون هيءَ اٺ سؤ يوان ۾ ورتو آهي، پر آهي ڏاڍو سٺو. وشال جيڪڏهن اوهان لاءِ هڪ هزار يوان جي جيڪٽ خريدي تہ اهو بہ گهٽ آهي. پيءُ يا ماءُ تي جيڪو خرچ ڪري ٿو، اهو اجايو نہ پر سجايو هوندو آهي، ۽ اهو خوشي ڏيندو آهي.“
دل ۾ چيم ڊاڪٽر ذيشان تنھنجي پگهار پندرهن هزار يوان آهي ۽ آهين بہ ڇڙو ڇانڊ.... تنھنڪري تون ڀلي وٺ...
هڪ جيڪٽ پسند آئي، جيڪو ورتوسين، وشال گهڻا پئسا ڏنا، نہ ٻڌايائين. پڇيم، ”پشو گهڻي جو آهي؟“ تہ وراڻيائين، ”سستو آهي...“ ٿوري دير مال جو چڪر هڻي، فوٽو گرافي ڪري واپس موٽي آياسين، ڊاڪٽر ذيشان وشال کي چيو تہ ”هلو ماني گڏجي کائون.“ پر وشال چيس تہ ”مون کي ڍؤ لڳو پيو آهي. ٻيو تہ هوٽل تي همراھہ منھنجو اوسيئڙو ڪري رهيا آهن.“ اهو ٻڌي ذيشان چيو، ”ٺيڪ آهي پوءِ ابو ۽ آءٌ ٿا وڃون.“
وشال هوٽل تي هليو ويو، ۽ آءٌ۽ ڊاڪٽر ذيشان سان پاسي واري هڪ ٻي پاڪستاني هوٽل تي ويٺاسين. ان هوچو لو (اسٽريٽ) تي اها ٻي پاڪستاني حلال کاڌي جي هوٽل آهي. جيتوڻيڪ بک مون کي بہ نہ هئي، پر ڊاڪٽر ذيشان سان انڪار ڪري نہ سگهيس ۽ ’آلو ٽينڊا‘ جي هڪ پليٽ گهرائيسين ۽ ڪجهہ سموسا. ڊاڪٽر جي دل رکڻ خاطر اهي کاڌم.
[14 نومبر 2024ع]
رات وشال چيو هو تہ، ”ابو سڀاڻي سوير تيار ٿجو. نئننگ ايئرپورٽ هلنداسين. اسلام آباد مان نئون شيف ايندو، ان کي کڻڻ هلنداسين.“
وشال کي پنھنجي هوٽل لاءِ هڪ سٺي بورچيءَ جي ضرورت هئي. وٽس ٻہ بورچي اڳ ۾ ئي آهن. رضوان ۽ شھزاد راءِ، پر شھزاد وڃان وڃان پيو ڪري، تنھنڪري ٻن سالن جي لاءِ هڪ نئون شيف جيڪو ڪشميري آهي، اڄ پھچندو. نئننگ ايئرپورٽ شھر کان ستاويھه ڪلوميٽر ٻاهر آهي، اسان بہ ان ئي ايئرپورٽ تان بيجنگ روانا ٿينداسين ۽ اتان پوءِ اسلام آباد ۽ اتان ڪنيڪٽ فلائٽ ذريعي ڪراچي وڃبو.
ايئرپورٽ ڏانھن ويندي ٻہ ڀيرا کشين گاڏي غلط نموني هلائي، جنھن ڪري کشين جو پارو چڙهي ويو. کيس وشال بار بار آهستي هلائڻ لاءِ چوندو رهيو، پر محترمہ کشين کي تيز گاڏي هلائڻ جو شوق، تنھن نقصان اهو ڪيس تہ ٻارهن پوائنٽن مان ڇھه پوائنٽون ڪٽجي ويس، جنھن ڪري سڄو ڏينھن موڊ خراب رهيس.
نئون شيف اڄ آرام ڪندو. نالو فيضان شاھہ اٿس، خيال آيم تہ سنڌين ۾ تہ شاهن جي ٻڪري ويائي پئي آهي، پر پنجابين، اردو ڳالھائيندڙن ۽ ڪشميرين ۾ بہ شاھہ سڳورا جام آهن، جنھن کان پُڇ تہ چوندو سيد آهيان. پوءِ الائجي اصلي يا نقلي، وڏي لوڌ آهن. سر فيروز خان نون، پاڪستان جي اڳوڻي وزيراعظم پنھنجي ڪتاب ’چشم ديد‘ ۾ لکيو آهي تہ ”پنجاب ۾ جيڪو جمع جي رات ڄمندو آهي، اهو سيد سڏائيندو آهي.“
ڪالھہ کان هڪ نوٽ بوڪ جي گهرج هيم، اڄ واڪ ڪرڻ ويس تہ اسي اسي صفحن جا سڄا سارا ٻہ نوٽ بوڪ وٺي آيس. ’ستن يوانن‘ ۾ وشال ڏٺا تہ چيائين توکي سٺا گهرائي ٿو ڏيان. چيومانس في الحال هڪ گهرائي ڏسان تہ ڪيئن آهي، ٻيا پوءِ وٺنداسين. پاڻ ان ئي مھل هڪ نوٽ بوڪ جو آن لائين آرڊر ڏيئي ڇڏيائين.
*
چين جي معاشي ترقيءَ ۾ اُن جي پنج ساله معاشي رٿائن اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. چين جو پھريون پنج ساله منصوبو مائوزي تنگ جي ويجهي ساٿي ۽ چين جي هڪ اهم اڳواڻ ’ڇن يون‘ جي رهنمائي ۽ سرپرستي ۾ جوڙيو ويو. ڇن يون جي سوانح عمري جو اردوءَ ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي، اها مون پڙهي آهي ۽ ڏاڍي دلچسپ آهي. ان منصوبي جي تياري واسطي ڇن يون، روس جو بہ دورو ڪيو. چين جو پھريون پنج سالا منصوبو 1953ع کان 1957ع تائين هو. اهو پھريون منصوبو سوويت يونين جي معاشي ماڊل موجب هو، ان جي رٿابنديءَ تحت 694 وڏا ۽ وچينءَ درجي جا صنعتي پروجيڪٽس لڳائڻا هئا، جن مان 156 سوويت يونين جي مدد سان مڪمل ٿيڻا هئا، ان پنج سالا منصوبي جا هڙئي هدف ڪاميابيءَ سان پورا ڪيا ويا. 595 وچولي درجي جي صنعتي يونٽس جو قيام ۽ انھن مان پيداواري عمل بہ شروع ٿي ويو. ٻي پنج سالا منصوبي بندي ۾ هيوي انڊسٽري کي فروغ ڏنو ويو. صنعت، زراعت، دستڪاري، ٽرانسپورٽيشن، سائنسي ترقي، قومي دفاع جي مضبوطي ۽ شھرين جي زندگيءَ جي معيار کي بھتر بنائڻ جا هدف شامل هئا. هر پنج ساله منصوبي بنديءَ ۾ نوان هدف مقرر ڪيا ويندا هئا. تيرهين پنج ساله رٿا تحت روايتي هيوي انڊسٽري جي بدران جديد انفراسٽرڪچر، شھرن ۽ ڳوٺاڻن علائقن ۾ وسيلن جي مناسب استعمال سان فرق کي گهٽائڻ، ماحولياتي صنعت کي فروغ ڏيڻ، ماحولياتي گدلاڻ ۾ ڪمي، وڌيڪ بين الاقوامي باهمي سھڪار، چيني شھرين جي معاشي ثمرن جي شيئرنگ جي حوصلي افزائي، صحت جي حوالي سان جوڙيل هيلٿ ايڪشن پلان تي عمل ڪري، زندگي جي وچولي درجي جي خوشحال سماج جو قيام شامل هو. ان کان سواءِ 2025ع Made in China چيني ساخت جي رٿا تي بہ ڪم هلي رهيو آهي، جنھن جي معنيٰ آهي:
Every one is an entrepreneur, creativity of the masses.
چين جي معاشي ترقي ۽ عام ماڻھوءَ تي اثرن جو مشاهدو رستن تي نت نون ماڊلن جي ڪارين ۽ ماڻھن جي طرز زندگيءَ کي ڏسي ڪري سگهجي ٿو. هتي مون اهڙن اهڙن ماڊلن جون گاڏيون ڏٺيون آهن، جن جا پاڪستان ۾ نالا بہ نہ ٻڌا هئم. ٻي ڳالھہ جيڪا ڏٺم، اها هيءَ تہ پاڪستان ۾ ڊرائيونگ ساڄي پاسي ڪئي وڃي ٿي، جڏهن تہ چين ۾ کاٻي پاسي ڪئي وڃي ٿي.
[15 نومبر 2024ع]
ٻارهين ڌاري ڊاڪٽر وشال، ابوذر اقبال ۽ آءٌ ناشتو ڪري، چانھه پي رهيا هئاسين، جو هڪ پوڙهي چينائڻ، جيڪا صفا غريبڙي پي لڳي. هوريان هوريان اچي اسان جي ڀر ۾ ويٺي ۽ پنھنجو وي چيٽ اڪائونٽ ڪارڊ اڳيان ڪيائين، جنھن تي وشال چيو تہ هيءَ پني پئي. مون پئسا ڪڍي وشال کي ڏنا، جنھن انھن مان 10 يوان کڻي کيس ڏنا ۽ هو اُٿي هلي ويئي. ان سڄي عرصي ۾ جيڪو چين ۾ رهيو آهيان، ڇائو يانگ ۾ مسجد وٺ بيٺل فقيرن کان سواءِ هي مون چوٿون فقير يا فقيرياڻي ڏٺي آهي. وشال ٻڌايو تہ هن کي ڪنھن بہ چيني هڪ ’يوان‘ بہ نہ ڏنو هوندو. سڀني دڪانن تان ٿي آئي آهي. چين ۾ پنڻ تي پابندي آهي، وشال ٻڌايو تہ جيڪڏهن ڪير پوليس کي رپورٽ ڪري تہ ڪر پوليس هن کي کڻي وڃي.
جيتوڻيڪ چين جي حڪومت غربت جي خاتمي ۾ سنجيدہ آهي، پر هيڏي وڏي آباديءَ کي غربت مان ڪڍڻ لاءِ وقت ۽ وسيلا گهرجن.
مائوزيتنگ انقلابي زرعي سڌارا ڪري غربت جي خاتمي جي سفر جي شروعات ڪئي. ان کان پوءِ ڊينگ زيائوپنگ، جيانگ زمن ۽ هوجنتائو چين ۾ غربت جي خاتمي لاءِ ٺوس قدم کنيا. هاڻوڪي صدر شي چن پنگ ان سفر کي اڳتي وڌائيندي نوي ملين چيني شھرين کي غربت مان ڪڍي هڪ معجزو ڪري ڏيکاريو.
غربت جو خاتمو چين جو اهم مسئلو رهيو آهي، جنھن کي تاريخ جي هر دور ۾ ترجيح ڏني ويئي. 2012ع کان وٺي هر سال 10 ملين يعني هڪ ڪروڙ ماڻھن کي غربت جي لڪير کان مٿي آندو ويو. غريبن جي آمدنيءَ ۾ واڌارو ٿيڻ لڳو ۽ انھن جي تعليم، صحت، رهائش، پاڻي ۽ لباس جي سھوليتن کي يقيني بنايو ويو. چين جي ڪميونسٽ پارٽي هڪ نظرياتي، انقلابي ۽ عوامي جماعت آهي، جيڪا ڪنھن شخصيت ۽ خاندانن جي لاءِ ڪم نہ ٿي ڪري. غربت جو خاتمو پارٽيءَ جو قومي مقصد هو، تنھن ڪري ڪميونسٽ پارٽيءَ جي مرڪزي ڪميٽيءَ غربت جي خاتمي جي مھم ۾ ڀرپور دلچسپي ورتي ۽ اُن مھم جي تسلسل کي جاري رکيو. تڪليفن ۽ رڪاوٽن جو حل ڳولھيو، عوام جي ڀروسي ۽ يقين کي بحال ڪيو. ان اهم مسئلي کي ترجيح جي بنياد تي کنيو. جيئن چيني حڪومت چيني شھرين جي غذائي گهرجن کي بروقت غذائي شيون مھيا ڪري هڪ وڏي ڪاميابي حاصل ڪئي. تيئن جلد اهو ڏينھن پري ڪونھي، جڏهن چين جو ڪوبہ شھري غريب نہ رهندو.
[16 نومبر 2024ع]
اڄ منھنجي پوٽي ۽ منظر جي پُٽ هيشم جي پھرين سالگرا آهي، بابا جو نالو هاشم هو. ان نسبت سان مون ’هيشم‘ نالو رکيو. هيشم يا هاشم جي معنيٰ آهي ’ورهائيندڙ، تقسيم ڪندڙ، ونڊيندڙ يا ڏيندڙ.‘
هتي نئننگ ۾ مھيني کان وڌيڪ عرصو گذري ويو اٿم. وقت تہ ﷲ جي مھرباني سان سٺو پيو گذري، ڪا تڪليف ڪونھي، پنھنجي مستيءَ ۾ مست، البت هاڻ پويان ٻارڙا ياد اچن ٿا. اُفق، شفق، ايشال، ارباز، حرم، حسن، حسين ۽ هيشم بابا. هتي وري مريم سان سڄو ڏينھن وندريا ويٺا آهيون. اڄ مريم ايتري تہ کلي ۽ ايترو تہ کلايو، جو اصل بس. سوچيان ٿو تہ آءٌ ڪيڏو نہ ورهائجي ويو آهيان، انھن ٻارن جي وچ ۾.
کشين منھنجي مائوزيتنگ سان دلچسپي ڏسي، ان جو هڪ ننڍو اسٽيچو آن لائين گهرايو هو، جيڪو اڄ مون کي ڏنائين تہ ڏاڍي خوشي ٿيم. مون سندس مھرباني مڃي. وشال ٽيون ڏينھن گوتم ٻُڌ جي ٻن ننڍن اسٽيچو جو آرڊر ڏنو، پر اڄ انھن پلاسٽڪ ۾ ڪوٽيڊ ٿيل گوتم جون تصويرون موڪلي ڏنيون، شايد اسان ڳالھہ نہ سمجهي ائين ست يوان پاڻيءَ ۾.
جمع جي ڏينھن هئڻ ڪري Qing Zhens يعني مسجد ۾ وياسين. چيني ٻولي ۾ مسجد کي ’شنگ چن سه‘ چون. مٿيون هال ڀرجي ويو هو، تنھنڪري هيٺين هال ۾ نماز پڙهيم. اتي ڪافي سنڌي بہ مليا، جن ۾ ڊاڪٽر علي زين جيھجو، ڊاڪٽر شھزاد ۽ ڊاڪٽر غلام رسول سولنگي بہ هئا، جيڪو گذريل هفتي وشال کان پاڪستاني پئسا ڏيئي يوان وٺڻ آيو هو. ڏيساور ۾ هيترا جو سنڌي پاڻ ۾ گڏياسين تہ ڄڻ سالن کان واقف هجون ۽ مون کي امداد حسينيءَ جو ٽيڙو ياد اچي ويو.
سنڌي ماڻھو جت
دنيا جي ڪُنڊ ڪُڙڇ ۾
سنڌ سڳوري اُت
ڪتابن جي شيلف کي ڏسندي علي زين کي چيم تہ هنن يارن سان منھنجو فوٽو ڪڍ. آءٌ ويٺس ۽ عليءَ فوٽو ڪڍيو. اتي شيلفن ۾ مختلف موضوعن تي ڪتاب رکيل هئا. مون سمجهيو تہ سڀ اسلامي هوندا، سو هڪ ڳاڙهو ڪتاب کڻي ڏٺم، چيني ۾ هو، بيدو ايپ وسيلي انگريزي ۾ ترجمو ڪيم، ڪتاب جو نالو هو، ”چيني ڪميونسٽ پارٽيءَ جا سؤ سال‘ علي کي چيم تہ ڪتاب تہ ڪم جو آهي. پر آهي چيني ٻولي ۾. علي چيو، ”بيدو ايپ ذريعي پڙهي سگهجي ٿو.“ چيم. ”وارو ڪر کڻ.“ جنھن تي کلڻ لڳو تہ کلندي چيومانس، ”تون کڻي ٻاهر هلي مون کي ڏي.“ جنھن تي کلياسين. چيومانس هجي ها پاڪستان تہ انھن ڪتابن تي ڪڏهوڪا هٿ صاف ٿي چڪا هجن ها. ٻيا ڪتاب بہ ڪميونسٽ پارٽي ۽ چيني ڪلچر بابت هئا. مون علي کي چيو تہ ڏس هي چيني ’ڪافر‘ ڪتاب مسجد ۾ بہ ڪافراڻا ڪتاب رکيو ويٺا آهن تہ جي اوهان جي دل چوي تہ کڻي ويھي پڙهو ۽ ڪميونسٽ ٿيو، جنھن تي سڀ دوست کليا. پاڪستان ۾ تہ مسجدن ۾ پنھنجي مسلڪ کان سواءِ ڪنھن ٻي مسلڪ واري جو قرآن پاڪ جو ترجمو بہ رکڻ نہ ڏيندا آهن. پر هتي مسجد ۾ بہ ڪميونسٽ لٽريچر.
ڊاڪٽر شھزاد سان هڪ چيني ڇوڪرو گڏ هو. ٻڌايائين تہ آءٌ هتان کان پنجاھہ ميل پري ٿو رهان، اتي ٻي ڪنھن سان اُٿي ويٺي ڪونھي، بس هن چينيءَ سان گذارو ڪندو آهيان. اهو ٻڌي ڊاڪٽر علي زين چيس ”واھہ جو ٿو گذارو ڪرين.“ هن ڳالھہ سمجهي، جنھن تي سڀ کلياسين. ڊاڪٽر شھزاد وراڻيو، ”مان موري جو آهيان، دادو جو نہ.“ جنھن تي چيومانس، ”مورو وري دادو کان ڪيترو پري آهي... اثر تہ پون ٿا.“ ٽھڪڙو مچي ويو. ويچارو چينو اسان کي ائين کلندو ڏسي پاڻ بہ کلڻ لڳو.
پوءِ طئي ٿيو تہ، ”ذائقہ“ تي اچو تہ ماني گڏجي کائون. آءٌ ۽ وشال ديدي (ٽئڪسي) ڪري ريسٽورينٽ پھتاسين. علي زين ۽ شھزاد وٽ موٽرسائيڪل هئا. اسان ذائقہ تي پھتاسين تہ هو بہ پھچي ويا. ڊاڪٽر غلام رسول سولنگيءَ کي ڊاڪٽر علي زين کڻي آيو. ڊاڪٽر شھزاد جو ڀائيٽو اسد ﷲ، جنھن جي هتي يونيورسٽي ۾ داخلا ڊاڪٽر وشال ڪرائڻ ۾ مدد ڪئي هئي ۽ ساڻس اڳ ۾ بہ هڪ ملاقات ٿي چڪي هئي، سو ان چيني نوجوان کي پاڻ سان کڻي آيو. ڊاڪٽر شھزاد چيو تہ ”هي نوجوان هوڏانھن هوندو آهي تہ مون سان گڏ، جي نئننگ هوندو آهي تہ اسد ﷲ سان گڏ.“ جنھن تي علي مذاق ڪندي چيس، ”معنيٰ ٻئي هڪ ئي ٿا گذارو ڪيو.“ پوءِ اسان جا ٽھڪ ڪير روڪي. وري علي زين چينيءَ کي چيو، ”ٻيا پاڪستاني هتي اچي ني ڦنگيوا (گرل فرينڊ) ٺاهيندا آهن، پر هِن هتي اچي توکي پنھنجو“ نان ڦنگيو (بواءِ فرينڊ) ٺاهيو آهي.“ جنھن تي چيني کلندي چيس، ”نہ نہ، آ نان ڦنگيو نہ پر ”ني ڦنگيو“ ٺاهيندو آهيان. اسان جي وچ ۾ ڪافي دير تائين ائين کل ڀوڳ جاري رهي.
اسد ﷲ ٻڌايو تہ ”هي ڇوڪرو، جنھن جو نالو ’يائو هينگ شوائي‘ (Yao heng shuai) آهي، ڇورين جو وڏو شوقين آهي ۽ سڄو ڏينھن ڇورين جي پويان. هفتي جون ٽي راتيون هتي نئننگ ۾ گذاريندو آهي ۽ چوندو آهي تہ هر رات جا ٽي سؤ يوان خرچ ڪري نئين نئين ڇوڪريءَ سان گذاريندو آهيان. هتان ٿي پوءِ يونيورسٽي وينداسين. جتي رشين ڇوڪريون ڏسڻ ٿو گهري.“ ”وڏو ڪو آڙيڪاپ آهي، شاگرد هوندي هيترا پئسا ڪٿان ٿو آڻي.“ مون پڇيو، جنھن تي ڊاڪٽر شھزاد ٻڌايو تہ ٽي هزار يوان اسڪالرشپ ملندي اٿس. سندس ماءُ پيءُ ٻيئي ڌار ڌار ڪاروبار ڪندا آهن. هڪ ئي پٽ اٿن، سو هو ڪمائين ۽ هي کپائي.“ ڊاڪٽر علي زين ۽ شھزاد ٻنھي ساڳئي ڳالھہ ڪئي. ”چيني ڇورا... سڄو ڏينھن ڇورين جي پويان!“
ڪلاڪ کن ڏاڍي سٺي ڪچھري ٿي. ماني گڏجي کاڌيسين، جيڪا وشال پاران هئي. ڊاڪٽر غلام رسول چيو تہ ’سومر جي ڏينھن جيڪڏهن يونيورسٽيءَ گاڏي ڏني تہ سڀ ڊاڪٽر شھزاد وٽ چڪر هڻڻ هلنداسين.“ ڪچھري ڪندي شام جا چار اچي ٿيا. تنھنڪري وري ملڻ جي اميد تي هڪٻئي کان موڪلايوسين.
*
پاڪستان ۾ اسلامي نظرياتي ڪائونسل چيو آهي تہ ”وي- پي- اين“ جو استعمال غير شرعي آهي.“ اها تہ عجيب کل جوڳي ڳالھہ آهي، دنيا ۾ جيڪا ترقي ٿئي پئي، ان مان هاڪاري فائدو وٺڻ جي گهرج آهي، پر هتي تہ کوڙيءَ کي ئي گهمرو- جڏهن لائوڊ اسپيڪر ننڍي کنڊ ۾ آيو هو تہ مولوي حضرات چيو تہ ”ان مان شيطان ٿو ٻولي.“ مولانا اشرف ثانوي لائوڊ اسپيڪر کي شيطاني چرخو چئي ان جي خلاف فتويٰ ڪڍي هئي. هاڻ لائوڊ تہ پراڻا ۽ ڄڻ مذاق ٿي ويا آهن، پر پوءِ مولوين ان جو خوب استعمال ڪيو. هاڻ تہ ان جي جاءِ تي الائي ڇا ڇا اچي ويا آهن. هن ملڪ جا حڪمران ۽ مولوي حضرات ملڪ کي ڪھڙي پاسي وٺي پيا وڃن، اها ڳالھہ سمجهہ کان ٻاهر آهي. ڪالھہ حسن مجتبيٰ جو هڪ اسٽيٽس پڙهيم، ”دعا کرو ڪه پياري....... ڪا انتقال پُر ملال پُرامن هوجائي ڪه اب کلوزنگ سيل پر سنا هي. Everything to go.“
اها تہ لائوڊ اسپيڪر جي ڳالھہ هئي، پر ڪٿي پڙهيم تہ جڏهن سعودي عرب جي بادشاھہ ’عبدالعزيز ابن سعود‘ ۾ ٽيلي فون پي لڳرائي تہ سعوديه جي مفتيءَ ان جي مخالفت ڪئي هئي تہ ان مان شيطانيءَ آواز ٿو اچي. شاھہ عبدالعزيز ڇا ڪيو جو مفتي کي پاڻ وٽ گهرايائين. جڏهن مفتي وٽس ويٺو هو تہ اڳيان رکيل ٽيلي فون جي گهنٽي وڳي ۽ شاھہ ٽيلي فون جو رسيور کڻي مفتي کي ڏنو ۽ آپريٽر سان اڳواٽ طئي ڪيو هئائين تہ فون تي قرآن جي تلاوت جاري ڪري ڇڏج. مفتي جڏهن اها ٻڌي تہ خوش ٿيو ۽ فتويٰ ڏنائين تہ فون تان شيطان نہ پر رحمان ٿو ٻولي.
چين پاڪستان کان ٻہ سال پوءِ 1949ع ۾ آزاد ٿيو آهي، پر هن جيڪا ترقي ڪئي آهي، اهو ڏسي دنگ رهجيو وڃجي. سائنس هنن جو ڄڻ تہ ’نئون خدا‘ آهي ۽ سائنسي ايجادن ۽ انھن جي استعمال هن ملڪ کي ڪٿي پھچائي ڇڏيو آهي ۽ اسان سائنس، ۽ جديد علمن جا ويري، پاڪستان ۾ ٽيوٽر بند آهي. وي. پي. اين کي غير شرعي قرار ڏيئي ڇڏيو اٿن. هاڻ ان جي استعمال تي پابندي لڳندي، بجلي، گئس ۽ زندگي جي ٻين لوازمات جي کوٽ ۽ ماڻھن جي بيزاري ڏسي واقعي ائين پيو محسوس ٿئي تہ ”انتقال پُر ملال“ ٿيڻ وارو آهي.
[17 نومبر 2024ع]
گذريل ٻن ٽن ڏينھن کان ٿوري بوريت ۽ بي چيني محسوس ڪري رهيو هئس. ڪالھہ وشال کي چيم تہ ”يار مون کي ڇائو يانگ ڇڏي اچ تہ ٿورو پنھنجي منھن وڙڪي اچان.“ ڪالھہ وري ابوذر بائيڪ کڻي نہ آيو، تنھنڪري وڃي نہ سگهيس. اڄ وري وشال کي چيم ته” مون کي ديدي (ٽئڪسي) ڪرائي ڏي تہ پنھنجي منھن وڃان.“
”پر ايندين ڪيئن؟“ وشال چيو.
”بس پھچي ويندس.“ جواب ڏنم.
وشال هڪ سِمَ ڪڍي، منھنجي موبائيل ۾ وڌي ۽ چيائين تہ ”واٽسپ تي توسان رابطي ۾ رهندس.“
پوءِ ڪار گهرايائين ۽ آءٌ ان ۾ چڙهي وڃي ڇائويانگ جي مسجد اڳيان لٿس. مسجد جو انتظام ’نئننگ اسلامڪ ايسوسيئيشن‘ هلائي ٿي. جنھن ۾ اسان جمع نماز پڙهڻ ايندا آهيون. وشال چيو هو تہ گهمي ڦري ٿڪين تہ مسجد جي ڪيفي ۾ اچي ويھج، ٽئڪسيءَ مان لھي مون بہ منھن ڪيو ڪتاب گهر ڏانھن، جيڪو ٻہ ٽي هفتا اڳ وشال سان گڏ سرسري طور ڏٺو هئم، پر هاڻ تفصيل سان ڏسڻ ٿي گهريم. آءٌ ڪتاب گهر جي سامھون پھتس، جنھن جي مٿان نھايت خوبصورت سونھري چيني اکرن ۾ لکيل هو، Book city of states. سڌو هلندو وڃي اندر گهڙيس. گرائونڊ فلور تي کاٻي پاسي جي اڌ ۾ ڪتابن سان گڏ ڪاپيون ۽ بال پينون ۽ نقشا وغيرہ رکيل هئا. اهي سرسري ڏٺم پوءِ اليڪٽرڪ ڏاڪڻ جي ذريعي پھرين ماڙ تي چڙهيس. رڳو ڪتاب ئي ڪتاب ۽ اهي سڀ ڪتاب موضوع وار رکيل هئا، جيڪي چينيءَ ۾ لڳل خوبصورت چٽڪين جي ذريعي معلوم ٿي ٿيا، ڪتاب گهر ۾ ڪافي مرد، نوجوان، عورتون ۽ ٻار پڻ نظر پي آيا. اتي نئين سال جا ڪئلينڊر، پينو، ڊائريون ۽ ڪاپيون پڻ رکيل هيون. پوءِ وري اليڪٽرڪ ڏاڪڻ جي ذريعي ٻي ماڙ تي ويس. ڦرندي گهمندي ڏٺم تہ مائوزيتنگ جي سوانح عمري اي فور سائيز ۾ چيني زبان ۾ رکيل هئي، جنھن تي پنج سيڪڙو رعايت بہ هئي. جن ڪتابن تي رعايت هئي، انھن جي مٿان هيتري ڪه هيتري رعايت جي ننڍي چٽڪي لڳل هئي. اتي گهمندي ڏٺم تہ سامھون روڊ واري پاسي ڪرسيون رکيل هيون، جن تي ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون ويٺا ڪتاب پڙهي رهيا هئا ۽ ڪي وري ليپ ٽاپ تي ڪم ڪري رهيا هئا. شيشن مان ٻاهر ڏاڍو خوبصورت نظارو نظر اچي رهيو هو. واپسي ۾ آءٌ بہ اتي ويٺس ۽ پنھنجي ڀر ۾ ويٺل هڪ چينائڻ سان ڪچھري ڪيم. پنھنجو انگريزي نالو ’آئيوا‘ ٻڌايائين. چيائين تہ آءٌ ٻي شھر جي آهيان. ڊاڪٽر آهيان، هتي منھنجو پُٽ ۽ ڌيءَ پڙهن ٿا، انھن وٽ ڪجهہ ڏينھن ٽڪڻ آئي آهيان، پر نئننگ ڏاڍو گرم شھر آهي، چين جي ٻين شھرن جي ڀيٽ ۾. ڀر ۾ سندس ڌيءَ ۽ پُٽ بہ ويٺل هئا، جن ڏانھن اشارو ڪيائين. هو پنھنجي ڪم ۾ مگن هئا. هنن جو اسان ڏانھن ڪوبہ ڌيان نہ ويو. پندرهن منٽ کن گپ شپ کان پوءِ کانئس فوٽو ڪڍڻ جي اجازت گهريم تہ خوش ٿي ۽ پنھنجي ڪلھن تي رکيل چادر لاهي ڇڏيائين. جنھن سان سندس ڪلھا ظاهر ٿي پيا. سندن جوان پُٽ ۽ ڌي کي ڏسي محسوس ئي نہ پي ٿيو تہ همراهڻ ٻن جوان ٻارن جي ماءُ آهي.
اتي هلندي ڪتاب ڏسندي وڃي آٽوبايوگرافيز/ بايوگرافير واري سيڪشن ۾ پھتس، جتي مائوزيتنگ، هو جنتائو، ڊينگ زيائوپنگ ۽ ٻين چيني اڳواڻن بابت چيني ۾ ڪتابن جو وڏو تعداد رکيل هو. اوچتو منھنجي نظر وڃي هڪ ڪتاب تي پئي، جيڪو هو چينيءَ ۾، پر مٿان انگريزي ۾ لکيل هئس From Emperor to Citizen (شھنشاھہ کان شھريءَ تائين) منھنجي تہ خوشيءَ جي حد ئي نہ رهي. اهو ڪتاب اردو ۾ بہ ڇپيل آهي، جيڪو 1985ع ۾ بيجنگ مان ’غير ملڪي زبانن جي اشاعت گهر‘ پاران ڇپرايو ويو هو. جيڪو اردو ۾ ٻن ڀاڱن ۾ ڇپيو هو. ان ڪتاب جي پھرين ڀاڱي جو گذريل ڪيتري ئي وقت کان سنڌي ۾ ترجمو ڪري رهيو آهيان. هتي بہ کڻي آيو آهيان ۽ روز صبح جو ٿورو ٿورو ڪري پيو ترجمو ڪريان. ٽي سؤ کن صفحا ڪري ويو آهيان. ٻيئي ڀاڱا گڏي ست سؤ کن صفحا ٿيندا. انگريزي ڪتاب جي مون کي ڳولا هئي، پر اڄ جو ڏٺم تہ خوشي بہ ٿي تہ مايوسي. ان ڪري مايوسي ٿيم تہ انگريزي ۾ هجي ها تہ ڪر وٺان ها. وري گهر اچي سوچيم تہ پئسا هونئن بہ پيا خرچ ٿيندا آهن، ڇو نہ اهو هڪ سؤ يوان قيمت وارو چيني ايڊيشن يادگار طور وٺان. اڃا ان ٻُڏتر ۾ آهيان. اتي ٻيا جيڪي ڪتاب نظر آيا، هي هئا تہ چيني ۾، پر انھن جي مٿان عنوان چيني سان گڏ انگريزي ۾ بہ لکيل هئا.
1. Chiang Kai shek. A biography (1887-1949)
2. A Biography of MAOTSE Tung- By: Dick wilsun
3. The Legend of grete love. Kong Fansen By: Gao Shan.
4. Mao tse tung and chiang kai sheke.
ٻيا بہ ڪافي مارڪس ۽ اينگلس جي لکڻين جي چيني ترجمن وارا جلد هئا. البت لينن بابت يا ان جو ڪو ڪتاب نظر نہ آيو. مائوزي تنگ تي بہ ڪافي ڪتاب هئا. هوجنتائو، ڊينگ زيائو پنگ، چو اين لائي بابت بہ ڪتاب هئا. پر سڀ چيني ۾. ان سيڪشن جي ڀر ۾ ئي ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا بابت لٽريچر رکيل هو. اتان ڏسندو فوٽو ڪڍندو، وري ٽي ماڙ تي وڃي پھتس، جيڪو بہ اهڙو ئي شاندار هو. اتي انگريزي ڪتابن جو هڪ ننڍو سيڪشن هو، جيڪو اڳ ۾ ڏسي ويو هئس. ان جو ٻيھر سرسري جائزو ورتم. هتي نٿينل هاٿورن جي مشھور ناول ’اسڪارليٽ ليٽر’ جو انگريزي ڇاپو بہ موجود هو. ان ڪتاب جو منھنجي دوست پرويز ’ڳاڙهو نشان‘ جي نالي سان سنڌي ۾ ترجمو ڪيو آهي.
ڪميونسٽ پارٽي بابت بہ ڪافي لٽريچر هو، پر قيمتون تمام ڳريون هيون، البت چينيءَ ۾ ساڳين ڪتابن جون قيمتون گهٽ هيون. اتان گهمي ڦري وري چوٿين ماڙ تي ويس. ٻولي نہ سمجهندي بہ ڪتابن کي هٿ لائي ڏسڻ، انھن جي خوشبو، جيڪا خوشي ٿي ڏي، اهو سوچي مون کي گلزار جو نظم ياد اچي ويو:
کتابیں جھانکتی ہیں بند الماری کے شیشوں سے
بڑی حسرت سے تکتی ہیں
مہینوں اب ملاقاتیں نہیں ہوتیں
جو شامیں ان کی صحبت میں کٹا کرتی تھیں٬ اب اکثر
گذر جاتی ہیں کمپیوٹر کے پردوں پر
بڑی بے چین رہتی ہیں
انہیں اب نیند میں چلنے کی عادت ہوگئی ہے
بڑی حسرت سے تکتی ہیں
جو قدریں وہ سناتی تھیں۔۔۔۔۔
کہ جن کے سیل کبھی مرتے نہیں تھے
وہ قدریں اب نظر آتی نہیں گهر میں
جو رشتے وہ سناتی تھیں
وہ سارے ادھڑے ادھڑے ہیں
کوئی صفحہ پلٹا ہوں تو اک سسکی نکلتی ہے
کئی لفظوں کے معنیٰ گر پڑے ہیں
بنا پتوں کے سوکھے ٹنڈ لگتے ہیں وہ سب الفاظ
جن پر اب کوئی معنیٰ نہیں اُگتے
بہت کی اصطلاحیں ہیں۔۔۔۔
جو مٹی کے سکوروں کی طرح بکھری پڑی ہیں
گلاسوں نے انہیں متروک کر ڈ الا
زباں پر ذائقہ آتا تھا جو صفحے پلٹنے کا
اب انگلی کلک کرنے سے بس اک
جهپکی گذرتی ہے۔۔۔۔
بہت کچھ تہ بہ تہ کھاتا چلا جاتا ہے پردے پر
کتابوں سے جو ذاتی رابطہ تھا٬ کٹ گیا ہے
کبھی سینے پہ رکھ کے لیٹ جاتے تھے
کبھی گود میں لیتے تھے
کبھی گهنٹوں کو اپنے رحل کی صورت بنا کر
نیم سجدے میں پڑھا کرتے تھے چوتھے تھے جبیں سے
خدا نے چاہا تو وہ سارا علم تو ملتا رہے گا بعد میں بھی
مگر وہ جو کتابوں میں ملا کرتے تھے سوکھے پھول
کتابیں مانگنے٬ کرنے٬ اٹھانے کے بہانے رشتے بنتے تھے
اُن کا کیا ہوگا
وہ شاید اب نہیں ہوں گے
اتي ڏٺم تہ ڏاڪڻيون چڙهي ڪيترائي ٻار مائٽن سميت مٿي چڙهي رهيا هئا. انھن جي پويان چڙهي ويس. ڏسان تہ اهو سڄو ٻارن جي ڪتابن جو سيڪشن هو. ڪيترائي ٻارڙا مائٽن سميت اتي موجود هئا. ڪي ٻار وري پٽ تي ويٺا ڪتاب پڙهي رهيا هئا. سامھون هڪ هال نما هو، جنھن ۾ ڪيتريون ئي ٻارن لاءِ ڪرسيون رکيون هيون، سامھون اسڪرين هئي، جنھن تي ٻارن کي فلمون ڏيکاريون وينديون آهن. ٻارن جا ڪتاب مختلف سائيزن ۾ رنگارنگي ڪارٽونن سان ۽ ٻارن جي ڏانوَ وٽان ڇپيل هئا. ٻارن جي خريدڻ لاءِ رانديڪا بہ رکيا هئا ۽ ٻارن جي کائڻ پيئڻ لاءِ شيون پڻ. پر بوڪ شاپ جي ان ٻاراڻي سيڪشن مون کي گهڻو متاثر ڪيو. سنڌ ۾ تہ ٻارن لاءِ ادب ئي نہ لکيو ۽ ڇپيو ئي نٿو وڃي، سو، سنڌي ٻارن جا هھڙا نصيب ڪٿي؟ اتي ٻارن لاءِ جاپاني ليکڪ ’ڪي. جي ناڪازاوا‘ جو لکيل ڪتاب Barefoot Gen بہ نظر آيو، اهو ڪارٽون ڪھاڻي ڪتاب جاپاني شھرن هيروشيما ۽ ناگا ساڪي تي ٻي جنگ عظيم ۾ اڇلايل آمريڪي ائٽم جي مچايل تباهي جي ڪارٽون ڪھاڻي آهي. ان ڪتاب کي عالمي شھرت حاصل آهي. ان ڪتاب جو دنيا جي لڳ ڀڳ سڀني زبانن ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي. اردو ۾ پڻ ”نهتي سپاهي، هيروشيما ڪي ڪارٽون ڪھاني“ جي نالي سان ڇپيل آهي.
وري هيٺ لھي آيس ۽ هڪ ڀيرو ٻيھر ڪتاب ڏٺم. نڪرڻ تي دل ئي نہ پي ٿي، پر سوچيم تہ ٿورو هيٺ بہ چڪر ڏيان. اڪيلي گهمڻ جو مزو ئي پنھنجو آهي. پنھنجي مرضي، پنھنجو اختيار. هيٺ لھي ڏٺم تہ بوڪ شاپ جي اڳيان، ڪيتريون ئي ڪرسيون رکيون هيون، جن تي مايون ۽ ڀائيءَ ويٺا هئا. هڪ محترمہ ڊائس تي بيٺي کين ليڪچر ڏيئي رهي هئي. کين اتي ئي بيٺل ڇڏي اڳتي وڌي ويس. سامھون ڏٺم تہ پڪل بادام رکيا هئا. مون هتي پھريون ڀيرو هتي اچي ڏٺا ۽ کاڌا. جيڪي مون کي ڏاڍو وڻيا. هاڻ اڪثر وشال اهي وٺي ايندو آهي. گهوريئڙي مائيءَ کان مون ڏهن يوان جا اهي ورتا ۽ مزي مزي سان کائيندو ان اسٽريٽ وٽ پھتس، جتي رات جو ڄڻ ٻي مارڪيٽ لڳي ويندي آهي. منھنجو ارادو ان شاپ تي وڃڻ جو هو، جتان ڪجهہ ڏينھن مون ۽ وشال شرٽون ورتيون هيون. اڳتي وڌي هڪ دڪان ۾ گهڙيس، جتي اڳ ۾ ٻہ ڀيرا اچي چڪا هئاسين. جيڪو شاپ ’ون ڊالر شاپ‘ وانگر هو. اندر گهڙي رانديڪا ۽ ٻيون شيون ڏٺم. اوچتو پاڻ سان آندل نوٽ بوڪ جو خيال آيو، جيڪو بغل ۾ هئم. اهو نہ هو، ڪٿي ڪري پيو هو- ڏاڍو ڳولھيم، پر نہ ملڻو هو، سو نہ مليو. نوٽ بوڪ بادام وٺڻ مھل تہ مون وٽ هو، پر پوءِ الائجي ڪٿي منھنجي بغل مان ڪري پيو. ان ۾ ٻيو ڪجهہ تہ نہ هو، پر ’تونگ شين‘ شھر جي سفر جي تاثراتن جا پنج ڇھه صفحا لکيا هئم ۽ ارادو هئم تہ واپسي ۾ شنگ جن سه (مسجد) جي ڪيفي ٽيريا ۾ ويھي ڪجهہ کائيندس ۽ وڌيڪ لکندس، پر جيڪا شئي ويئي سا ڪٿي ٿي لڀجي. سڄو موڊ ئي خراب ٿي ويم. شرٽن واري شاپ تي وڃڻ بدران روڊ تي هيڏانھن هوڏانھن ان اميد ۾ نھاريندو پي ويس تہ من ڪٿي ملي وڃي.
مسجد پھچي ڪيفي ٽيريا ۾ گهڙيس ۽ ٻہ يوان ڏيئي پاڻيءَ جي بوتل ورتم ۽ ڪرسيءَ تي ويھي پيئڻ لڳس. تيستائين وشال جي ڪال آئي تہ ”ابو فري ٿي ويا هجو تہ اچان، ڪٿي آهيو.“
”ڀلي اچ! مسجد جي ڪيفي ٽيريا ۾ ويٺو آهيان.“ وراڻيم.
”اوڪي، ڏهن منٽن کان پوءِ ٻاهر نڪري بيھجو.“ وشال چيو.
ان دوران مون اتي رکيل ڪتاب ڏٺا ۽ ڪائونٽر واري ڇوڪري کان ڪتابن بابت پُڇيم. چيائين تہ ”اهي ڪتاب اسان کي گورنمينٽ هتي رکڻ جي لاءِ ڏنا آهن ۽ چاهيو تہ پڙهي سگهو ٿا.“
”ڀلا کڻي وڃڻ جي اجازت ڪونھي؟“ پڇيم.
”نہ... اهي گورنمينٽ ڏنا آهن.“ کلي وراڻيائين.
مون ’شي شي‘ چئي سندس مھرباني مڃي. اڳ ۾ ڊائري ۾ لکي چڪو آهيان تہ اهي سڀ ڪتاب ڪميونسٽ پارٽي، ان جي تاريخ، گورنمينٽ جي ڪمن ۽ چيني ڪلچر بابت هئا. انھن ۾ ڪوبہ اسلامي يا تبليغي ڪتاب نہ هو.
آءٌ ٻاهر نڪري اچي بيٺس ۽ وشال جو انتظار ڪرڻ لڳس. سامھون هڪ ٻي هوٽل نظر آئي، جنھن تي ننڍن اکرن ۾ ’حلال‘ لکيو هو. جن بہ هوٽلن ۾ ’حلال‘ کاڌوملندو آهي، انھن جي ٻاهران ننڍن اکرن ۾ ’حلال‘ لکيل هوندو آهي. وڏن اکرن ۾ لکڻ جي منع آهي، ڪنھن هوٽل تي وڏي اکرن ۾ لکيل هوندو آهي تہ پوليس اچي اهو لھرائي ڇڏيندي آهي.
ٿوري دير ۾ وشال کي پريان بائيڪ تي ايندو ڏٺم. پويان ويٺس تہ کلندي چيائين: ”اميءَ کي چيو اٿم تہ ابو ڇائويانگ ويو ۽ گم ٿي ويو آهي، لڀجي ئي نٿو.“ جنھن تي ڏاڍو کلياسين.
اڃا ٿورو اڳيان وڌياسين جو ماڻھنس جي فون آئي.“ وشو، بابھين مليو؟“ جنھن تي وشال چيس، ”اڃا نہ مليو آهي. اسان سڀ ڳولھيونس پيا.“
”تو اڪيلو ڪو ڇڏيس؟“ نسيم جو آواز آيو، جنھن تي مون کان ٽھڪ نڪري ويو ۽ وڏي سڏ چيومانس ”لڀجي ويس اچان پيو.“
”تون بہ ايئن نڪريو وڃين ۽ پويان ڇوڪرا پريشان.“ ڪاوڙيل لھجي ۾ چيائين، جنھن تي مون کان ۽ پشوءَ کان وڏو ٽھڪ نڪري ويو ۽ وشوءَ کي چيم، ”يار جلدي پُڄائي، فقيرياڻي صفا ڪاوڙيل اٿئي.“
[18 نومبر 2024ع]
هاڻ واپسيءَ جي سنبت آهي. وشال رات چيو تہ في الحال بيجنگ نہ ٿا هلون، جو هِتي ڪم گهڻا آهن، ايتري موڪل ڪرڻ مشڪل آهي، ايندڙ ڀيري جڏهن ايندؤ تہ سڌو بيجنگ اچجو، اتي ٻہ چار ڏينھن رهي، پوءِ نئننگ اينداسين. مون چيو بھتر، اسان تنھنجي وس آهيون. ٿوري دير جي لاءِ مايوسي تہ ٿي، جو سڄو ڏيڍ مھينو بيجنگ وڃڻ جا خواب ڏٺم، پر جڏهن وقت ويجهو آيو تہ پروگرام ئي ڪئنسل. سو ربَ جي رضا سمجهي خاموش رهيس ۽ چيم، ”هاڻ اسان جي واپسي جو پروگرام ڪيئن ٿيو؟“
”30 نومبر تي گوانچو مان ٿائي ايئر لائين جي ذريعي، ڪنيڪٽ فلائيٽ آهي. ٻہ ڪلاڪ بئنڪاڪ ۾ ترسبو، اتان ٻي جھاز ۾ چڙهبو، سامان ڪراچي ۾ ملندو.“
”پر 30 نومبر تہ گهڻي پري آهي، ڪا ويجهڙ جي ڏس.“ چيومانس.
”ابوذر اچي تہ پُڇونس ٿا.“ وشال وراڻيو.
ٿوري دير ۾ ابوذر بہ اچي ويو. کانئس فلائيٽس جا تفصيل پڇيم. ”ساڳئي روٽ تي ويجهي فلائيٽ 27 نومبر تي آهي.“ ابوذر اقبال فلائيٽن جو شيڊول ڏسي ٻڌايو.
”پوءِ ان ۾ ئي بوڪنگ ڪرائي ڇڏ.“ چيم.
”انڪل ايترو جلد.“ ابوذر چيو، ”نہ نہ.. 30 نومبر بھتر رهندي.“ وشال چيو. ڄڻ ويٽو پاور استعمال ڪيائين. جنھن تي مُرڪي پيار مان وشال کي ڏٺم ۽ ابوذر کي چيم، ”ڀلا ٻي ڪا ويجهي تاريخ ڏس.“
ابوذر چيڪ ڪري ٻڌايو تہ، ”ساڳئي روٽ تي 29 تاريخ بہ فلائيٽ آهي.“
”ٺيڪ آهي. نہ 23 نہ 37، بس 29.“
هاڻ 29 نومبر کي گوانچوءَ مان روانگي ٿيندي ۽ وايا بئنڪاڪ ڪراچي پھچنداسين.
*
ديوار چين، دنيا جي ستن عجوبن مان هڪ آهي، جيڪا سڄي دنيا ۾ چين جي سڃاڻپ آهي، ديوار چين ٽوٽل ڇھن هزار ڪلوميٽرن کان ڊگهي بہ آهي ۽ اها ڪنھن هڪ دور ۾ نہ ٺھي آهي. اها ديوار حضرت عيسيٰ عليھ السلام کان ٻہ سؤ سال اڳ چين جي بادشاھہ ’چن شي هو انگ تي‘ چين کي ٻاهرين حملي آورن کان بچائڻ لاءِ ٺاهي، ان عظيم ديوار چين جي تعمير جي شروعات چين ۽ مانچو ڪو گهراڻي جي دور کان ٿي ان زماني ۾ هن ۽ تاتاري چين جا وڏا دشمن هئا. جيڪي وچ ايشيا ۾ ڏاڍا سگهارا سمجهيا ويندا هئا. اها ديوار خليج ليائوتنگ کان وٺي منگوليا ۽ تبت تائين پکڙيل آهي. اها ديوار ويھن کان ٽيھه فوٽ اوچي آهي. ان جي ويڪر هيٺان کان 25 فوٽ ۽ مٿان کان 12 فوٽ آهي. هر ٻن سؤ والن کان پوءِ پھريدارن جي لاءِ محفوظ پناھہ گاهون ٺاهيون ويون آهن. 1987ع ۾ گڏيل قومن جي اداري يونيسڪو ديوار چين کي عالمي ورثو قرار ڏنو. ديوار چين هڪ اهڙو عجوبو آهي، جيڪو ڏسيو ڏندين آڱريون اچيو وڃن، جيئن مصر جا اهرام ڏسڻ سان. پاڻ وٽ سنڌ ۾، اهڙو عجوبو رني ڪوٽ آهي، جنھن بابت اڃا مڪمل معلومات ئي گڏ نہ ٿي سگهي آهي تہ اهو ڪنھن ٺھرايو ۽ ڪھڙي دور ۾ ٺھيو. ديوار چين ۽ مصر جا اهرام آزاد قومن جي ورثي طور ڄاتا سُڃاتا وڃن ٿا ۽ ٻيئي دنيا جي ستن عجوبن ۾ شامل آهن. پر رني ڪوٽ ويچارو غلام ۽ پٺتي پيل ’سنڌي‘ قوم جو ورثو آهي، جيڪو هيڏي عظمت هوندي بہ ڪنھن شمار ۾ ڪونھي.
ديوار چين هڪ حيرت ۾ وجهندڙ اڏاوتي شاهڪار آهي پر اهو پراچين دور جو آهي، اڄوڪي جديد دور ۾ چين اهڙا تہ حيرت ۾ وجهندڙ تعميري شاهڪار کڙا ڪيا آهن جو ڏندين آڱريون اچيو وڃن.
انھن ۾ هڪ عظيم الشان اڏاوتن ۾ هڪ ’گور جيس ڊيم‘ بہ آهي. 14 ڊسمبر 1994ع تي چين ۾ ٽن عظيم الشان (گورجيس) ڊيمن اڏڻ جي شروعات ٿي. اهي ڊيم هوبائي صوبي جي يانگزي نديءَ تي اڏيا ويا. اهو دريا 6357 ڪلو ميٽر ڊگهو آهي. 1931ع ۾ اُن دريا جي ڪري هر سال ٻوڏون اينديون هيون، جنھن ۾ هزارين ماڻھو لڙهي ويندا هئا ۽ فصل تباھہ ٿي ويندا هئا.
40 هزار ڪارڪنن چوڏهن سالن ۾ دنيا جو سڀ کان وڏو ڪنڪريٽ ڊيم اڏي ورتو، جيڪو سڀ کان وڌيڪ بجلي پيدا ڪندڙ پلانٽ بہ آهي. اهو ڊيم 7661 فوٽ ڊگهو ۽ 6000 فوٽ اوچو آهي، جنھن جي اڏاوت ۾ پنج لک ٽن اسٽيل استعمال ٿيو ۽ ان جي اڏاوت تي 37 بلين ڊالر خر چ آيو. اهو ڊيم 405 هم چورس ميلن تي آهي. ان عظيم الشان ڊيم جي اڏاوت سبب ٻارهن لک انسانن کي بي گهر ٿيڻون پيو. 13 شھر، 140 ٽائون ۽ 1300 ڳوٺ متاثر ٿيا. هن ڊيم ۾ 42 بلين ٽن پاڻي ذخيرو ڪري سگهجي ٿو. انھن ٽن عظيم ڊيمن جي اڏاوت سان ٻوڏن کي روڪيو ويو، پاڻي آبپاشي جي لاءِ استعمال ٿيو ۽ شمسي بجلي پيدا ڪئي ويئي. هنن ڊيمن جي اڏاوت جي آمريڪا ۽ ورلڊ بئنڪ مخالفت ڪئي ۽ مالي مدد کان انڪار ڪيو. چين اهي وڏا ڊيم تعمير ڪري دنيا تي ثابت ڪري ڇڏيو تہ چين رڳو پلاسٽڪ جا رانديڪا ٺاهڻ وارو ملڪ نہ پر عظيم رٿائون تعمير ڪرڻ جي بہ لائق آهي. انھن ڊيمن مان روزانو 120 سامونڊي جھاز لنگهن ٿا. ماهرن جي راءِ آهي تہ اهي ڊيم هڪ سؤ سالن تائين ڪنھن رڪاوٽ کان سواءِ استعمال ٿيندا رهندا.
1980ع جي ڏهاڪي تائين چين پلاسٽڪ جا رانديڪا ٺاهڻ وارو ملڪ هو، پر 2020ع ۾ چين جي ٽيڪنالاجي، سائنس، انجنيئرنگ ۽ Math جا گريجوئيٽ آمريڪا کان بہ گهڻا هئا. چيني انجنيئر جيڪي حيرت ۾ وجهندڙ تعميري رٿائون تيار ڪيون. انھن ۾ مٿين ٽن عظيم الشان ڊيمن کان سواءِ ٻيون جيڪي اهم رٿائون هيون، انھن ۾ (1) چائنا هاءِ اسپيڊ ريل، (2) پوڊونگ شھر آباد ڪرڻ. چيني حڪومت پاران 1990ع ۾ ’هوان گيو‘ دريا جي ٻي ڪناري تي پوڊونگ شھر آباد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ ويھن سالن جي اندر پوڊونگ شھر آباد ٿي ويو. جنھن ۾ فنانس ۽ ٽريڊ زون، شنگهائي ايئرپورٽ ۽ ايڪسپو، هائي ٽيڪ پاور، ڊزني پارڪ موجود هئا. هن نئين شھر ۾ 5 ملين ماڻھو آباد ٿيا. 556 مربع ڪلوميٽرن تي فارم لينڊ جوڙيا ويا، جن جي ڪري هي شھر دنيا جي مقابلي ۾ پنھنجي نوعيت جو منفرد شھر بنجي ويو. هن شھر ۾ ورلڊ ڪلاس هائي ٽيڪ، فنانشل ۽ ٽريڊ سينٽر موجود آهن. هن شھر جي اڏاوت لاءِ چين جي بھترين انجنيئرن جون خدمتون حاصل ڪيون ويون، جن دلڪش ڊزائين جا برج، ٽنل ۽ عمارتون اڏيون. فنانشل سينٽرن، بئنڪن، مقامي ۽ پرڏيھي سيڙپڪارن ڪمپنين کي متاثر ڪيو. ايئن پوڊونگ شھر دنيا جي عجائبات ۾ شامل ٿي ويو. هي شھر شنگهائي شھر جي ٻي پاسي ”هوان گيو“ دريا جي ڪناري آباد ڪيو ويو آهي.
انھن کان سواءِ شنگهائي يانگ شانگ پورٽ ۽ بيجنگ ايئرپورٽ بہ چين جا حيرت انگيز اڏاوتي شاهڪار آهن. چين جي مصنوعات بھترين پورٽس وسيلي اوڀر ۽ ڏکڻ سمنڊ جي ذريعي تيز رفتاريءَ سان دنيا جي مختلف ملڪن ۾ موڪليون وينديون آهن. ’شنگهائي يانگ شانگ پورٽ‘ جي اڏاوت جي شروعات 2005ع ۾ ٿي ۽ اهو 2020ع ۾ مڪمل ٿيو. ان تي 18 بلين ڊالر لاڳت آئي. هي دنيا جو مصروف ترين ڪنٽينز پورٽ آهي. شنگهائي پورٽ نين ضرورتن تحت اڻپورو هو، ’يانگ شانگ پورٽ‘ نين گهرجن کي پورو ڪيو. دنيا جي ماهرن کي ’يانگ شانگ‘ پورٽ جي باري ۾ تحفظات هئا، جيڪي هن جي تعمير ۽ آپريشن کان پوءِ دور ٿي ويا. 32 ڪلوميٽر برج (پل) کي ”پوڊونگ‘ سان ملايو ويو.منھنجي خيال ۾ چين جي اڏاوتي شاهڪارن مان بيجنگ ايئرپورٽ جو ذڪر پڻ ضروري آهي. ’ڊاڪسنگ انٽرنيشنل ايئرپورٽ‘ چين جي عجائبات ۾ شامل آهي، هن ايئرپورٽ کي ’اسٽارفشس‘ جو نالو ڏنو ويو آهي. هي ايئرپورٽ پنجن حصن ۾ ورهايو ويو آهي. مسافرن کي هڪ هنڌان کڻي ٻي هنڌ پھچائڻ ۾ اٺ منٽ لڳن ٿا. هن ايئرپورٽ ۾ ميگا اسٽورز ۽ خوبصورت هوٽلون موجود آهن. 2018ع ۾ ان ايئرپورٽ جي ٽن ٽرمينلز تان ڏھہ ڪروڙ مسافر گذريا. نئين ايئرپورٽ تان 2021ع تائين ساليانو ست ڪروڙ ويھه لک مسافر ۽ 20 لک ڪارگو کي هئنڊل ڪرڻ جو هدف رکيو ويو آهي. اهو ايئرپورٽ شھر کان پنجاھہ ڪلوميٽر پري آهي ۽ مسافرن کي تيز رفتار انٽر سٽي ريل ذريعي ويھن منٽن ۾ شھر پھچايو ويندو آهي. هن ايئرپورٽ جي اڏاوت تي 11 بلين پنجاھہ ڪروڙ ڊالر خرچ ٿيا.
[19 نومبر 2024ع]
اسان جي رهائش واري فليٽ هيٺان ڪجهہ دڪان آهن، جن ۾ هڪ دڪان فوٽوگرافيءَ جو آهي. جيڪو هڪ البانوي مسلمان جو آهي، جيڪو ستن سالن کان چين ۾ رهي ٿو ۽ چيني ڇوڪريءَ سان شادي ڪئي اٿس. اهو دڪان بہ ان چيني ڇوڪري جو آهي. ٻين لفظن ۾ زال ۽ مڙس گڏجي اهو فوٽوگرافيءَ جو شاپ هلائين ٿا. ساڻس اڪثر ايندي ويندي هيلو هاءِ ۽ ٻہ چار ٻول پيا ڳالھائبا آهن. ٻہ ٽي ڀيرا سندس دڪان تي بہ وڃڻ ٿيو، جتي سندس زال سان بہ ملاقات ٿي. هڪ ڀيري اوچتو ويس تہ همراھہ هڪ ٻي چينائڻ سان چُم چٽ ۾ لڳو پيو هو. در کلڻ تي ڇرڪ ڀريائين، پر مون ڌيان نہ ڏنو، جي زالھنس ڏسيس ها تہ اهڙا تہ پادر ٺوڪيس ها، جو ياد ڪري ها ۽ ڌڪا ڏيئي ڪڍي ڇڏيس ها. منھنجي ڌيان نہ ڏيڻ تي هو ڄڻ رليڪس ٿي ويا. چين ۾ اچي ان قسم جا نظارا هاڻ منھنجي لاءِ نوان نہ رهيا آهن. چين جو نئون يا نوجوان نسل، جنھن کي آءٌ ’هائبرڊ چيني نسل‘ چوندو آهيان. اهو هاڻ يورپين طرز جي لائيف ٿو گذاري. ڇوڪري/ ڇوڪرو شراب، سگريٽ، سيڪس هنن جي زندگيءَ جو حصو بنجي ويو آهي. پنھنجو بہ ڪمائين تہ مائٽن جي خرچ تي بہ هلن. اڪثر جوڙا هڪ يا وڌ ۾ وڌ ٻہ ٻار پيدا ڪن ۽ پنھنجا ڌنڌا ۽ نوڪريون ڪن، پئسو ڏوڪڙ بہ جام اٿن، سو پيا ڦٽائيندا آهن.
ان البانوي همراھہ جو نالو مارتل آهي. البانيا يورپ جو پٺتي پيل ملڪ آهي، جيڪو ڪنھن زماني ۾ سوشلسٽ ملڪ هو ۽ سوويت يونين بدران چين جي وڌيڪ ويجهو هو. البانيا جو ڪميونسٽ اڳواڻ ’انور آهوجا‘ هڪ سخت گير اڳواڻ هو، جيئن ٻين سوشلسٽ ملڪن رومانيا جو نڪولائي چائو شسڪو، مشرقي جرمنيءَ جو ايرڪ هو نيڪر ۽ ٻيا هئا. انور آهوجا جي دور ۾ ٻين سوشلسٽ ملڪن جيان البانيا ۾ بہ مذهب تي سخت پابندي هئي. جيستائين انور آهوجا جيئرو هو، تيستائين البانيا ڄڻ بند گهٽي ۾ هو. پوءِ ڪنھن نہ ڇڏيندڙ بيماري سبب ’انور آهوجا‘ خودڪشي ڪري ڇڏي، تنھن کان پوءِ البانيا بند گهٽي مان نڪتو. البانيا يورپين يونين ۾ بہ شامل ڪونھي، جو هو اڃا ان جي معيار تي نہ پھتو آهي. البانيا ڪنھن زماني ۾ عثماني سلطنت جو حصو هو، جنھن ڪري ترڪن جو مٿس اثر آهي. منھنجي مارتل سان ڪافي ڪچھري ٿي، مون جڏهن کيس مٿيون ڳالھيون ٻڌايون تہ حيران ٿيو تہ توکي تہ البانيا جي باري ۾ سٺي ڄاڻ آهي، جنھن تي دل ۾ چيم تہ ڪنھن زماني ۾ هڪ ڪيڙو اسان کي بہ هو ۽ انور آهوجا جھڙي آمر پاران البانوي عوام تي ڪيل ظلمن کي ’پرو لتاري آمريت‘ جو نالو ڏيئي اسان ان جو بچاءُ ڪندا هئاسين. پوءِ ٻڌايائين تہ ’انور آهوجا‘ ملڪ ۾ سخت مذهبي پابنديون هنيون هيون، جنھن ڪري اسان جو مذهبي تشخص بس نالي ۾ وڃي رهيو هو، هاڻ ترڪي جو صدر رجب طيب اردگان، البانيا جي مدد ڪري رهيو آهي. ڪالھہ پڻ مليو تہ بيٺي پير ڪچھري ٿي تہ چيائين دڪان تي اچ، چيومانس تہ شام جو ايندس، پر ڪالھہ شام جو هلڪو بخار ۽ بدن ۾ سور هئڻ سبب وڃي نہ سگهيس.
رات ذائقہ تي ويٺا ڪچھڙي ڪري رهيا هئاسين ۽ نئين شيف فيضان کي بہ سڏي پاڻ سان ويھاريوسين. هفتو کن ٿي ويو اٿس، پر اڃا هَڄيل هَڄيل ٿو رهي ۽ اڪثر اندر ويٺو هوندو آهي. اڳ ۾ بہ ٻہ ٽي ڀيرا چيومانس تہ ”يار ٻاهر اچي ويھندو ڪر، ڪجهہ دنيا جھان جو واءُ سواءُ بہ وٺ.“
اڄ ويٺا ابوذر کي تنگ ڪري رهيا هئاسين. عمران کان پڇيم تہ صبح جو ابوذر نہ آيو هو ڇا...؟ تہ وراڻيائين، ”ها انڪل ابوذر آئي تھي.“ پوءِ تہ مون کي موقعو ملي ويو، جنھن تنھن کي چوڻ شروع ڪيم، ”عمر آئي تھي“، ”عمران آئي تھي“، ”شھزاد گئي هي“، ”رضوان جاتي هي.“ جنھن تي سڀني ائين چوڻ شروع ڪيو. ”انڪل چانھہ پيتي هي.“ ”وشال بھائي هاسپيٽل جاتي هي.“ سو ڏاڍو کلياسين. مون فيضان شاھہ کي بہ سڏي ويھاريو. مس مس کليو هو. چيومانس فيضان توکي هاڻ ٽي سال رهڻو آهي، سو تون بہ هڪ ني ڦنگيو (گرل فرينڊ) ٺاهي، چيني گرل فرينڊ پنھنجي نان ڦنگيو (بواءِ فرينڊ) جي وڏي خدمت ڪندي آهي. مٿس خرچ بہ ڏاڍو ڪندي آهي. باقي هڪئي وقت هڪ ني ڦنگيو ٺاهج. جي ٻي ٺاهيءَ ۽ پھرين کي خبر پئجي ويئي تہ پوءِ تنھنجو خير ڪونھي... وچ بازار ۾ گلي ۾ هٿ وجهندي دير ئي نہ ڪندئي. اهو تہ ٺھيو، عزت هونئن بہ پاڻ پاڪستانين جي ڪونھي، سا جنھن جي هوندي، ان جي ويندي، باقي پوءِ اهو سڀ خرچ، جيڪو تو تي ڪيو هوندو، ايئن اهو پائي پائي جو ڇڪي حساب وٺندئي. جنھن تي فيضان سميت سڀ کلڻ لڳا. رضوان چيو، ”انڪل! هتي رهيو تہ ڏيڍ مھينو آهي، پر سمجهي سڀ ويو آهي. پر انڪل توهان تہ ڏيڍ مھيني ۾ ڪا گرل فرينڊ نہ ٺاهي....!؟“ کلندي چيومانس، ”وشال جي امي گڏ نہ هجي ها تہ ڪوشش ضرور ڪريان ها.“
جنھن تي وشال سميت سڀ ڏاڍا کليا.
”پر عمران بہ اڃا ڪا ني ڦنگيو ناهي ٺاهي. الائجي ڇو؟“ پُڇيم. جنھن تي رضوان چيو، ”عمران ڪو بناني نھين آتي.“ جنھن تي عمران سميت سڀئي ڏاڍو کلياسين.
*
ڪجهہ ڏينھن اڳ جڏهن جمع نماز پڙهي آياسين ۽ ذائقہ تي ويھي چانھه پي رهيو هيس تہ شھزاد کان پڇيم، ”تون ڪليسا ويندو آهين؟“ ڪليسا لفظ تي شھزاد ٿورو مُنجهيو. جنھن تي هڪدم چيم، ”چرچ.“ شھزاد عيسائي آهي ۽ اصل پنجاب جو آهي. ”نہ انڪل پاڪستان ۾ هوندو هئس تہ ڪڏهن ڪڏهن سنڊي تي سروس ۾ شريڪ ٿيندو هئس، پر جڏهن کان نئننگ آيو آهيان تہ چرچ نہ ويو آهيان.“ شھزاد جواب ڏنو.
”هتي نئننگ ۾ ڪو چرچ آهي؟“ شھزاد کان پڇيم.
”ها، هتي آهي. ٻہ ٽي ميل پنڌ تي.“ شھزاد وراڻيو تہ چيومانس، ”ڪڏهن وقت ڪڍ تہ چڪر هڻي اچون... ڪنھن سَنڊي تي، جيئن سروس ۾ بہ شريڪ ٿي سگهون.“
”ٺيڪ آهي هلنداسين.“ شھزاد چيو. جنھن تي اتي ويٺل عمر چيو، ”انڪل شھزاد الائجي ڪڏهن وانڌو ٿئي، سڀاڻي آءٌ وانڌو آهيان، اوهان چئو تہ اوهان کي وٺي هلان.“
”ان ۾ وري پُڇڻ جي ڪھڙي ضرورت آهي، بس سڀاڻي هلنداسين، ڊن ٿا ڪريون.“ وراڻيومانس.
ٻي ڏينھن عمر آيو، پر جھڙوڪر کيس ڳالھہ وسري ويئي. مون بہ نہ چيومانس، ائين ٻہ ٽي ڏينھن گذري ويا. ڪالھہ وري ڳالھہ نڪتي تہ عمر چيو، ”انڪل سڀاڻي هلئون.“
جنھن تي کلندي چيومانس، ”سڀاڻي، سڀاڻيءَ وارو يا ڪو ٻيو.“
ڳالھہ سمجهي ويو، مُرڪي چيائين ”سوري انڪل، منھنجا ڪلاس هئا، ان ڪري هلي نہ سگهياسين. سڀاڻي پڪ سان هلنداسون.“
اڄ ٻارهين بجي ڌاري آءٌ ۽ وشال پھرين تہ ’بئنڪ آف چائنا‘ وياسين، جو وشال کي ڪجهہ ڊالر چائنيز يوان ۾ چينج ڪرائڻا هئا. آءٌ شھر ۾ رولاڪي جو ڪوبہ موقعو نہ وڃائيندو آهيان. چين ۾ ڪنھن زماني ۾ فقط هڪ ئي بئنڪ هوندي هئي، ’پيپلز بئنڪ آف چائنا‘، جنھن سان سڄو ڪاروهنوار هلايو ويندو هو. هاڻ تہ چين ۾ ايتريون تہ بئنڪون آهن، جو انھن جا نالا پڙهي پڙهي ماڻھو ٿڪجي ٿو پوي. ’بئنڪ آف چائنا‘ جي هن برانچ جي ٻاهران ’اخباري اسٽال‘ ڏٺم تہ اخبار وٺڻ جي خواهش ٿي، پر ان ننڍي ڪئبن نما اسٽال تي، جيڪا هڪ مائي هلائي رهي هئي، سڀ اخبارون ۽ رسالا چيني ۾ هئا.
موٽي آياسين تہ عمر اوسيئڙو ڪري رهيو هو. چانھه چڪو پي عمر چيو، ”انڪل هلون.“
مون اٿندي چيو، ”دير ڇا جي!“
آءٌ لانگ ورائي عمر جي پويان بائيڪ تي ويٺس ۽ اسان روانا ٿي وياسين. ڇائو يانگ پھچي اسان اڳتي وياسين تہ عمر ٻڌايو تہ هاڻ اسان ’اولڊ نئننگ‘ ۾ داخل ٿيا آهيون. واقعي بہ اها اولڊ هئي، هاڻ رستا بہ سوڙها ٿي ويا هئا. عمارتون بہ پراڻيون، دڪانن تي ايتري رونق بہ نہ هئي. روڊ جي ٻنھي پاسن وڻ ۽ گلڪاري ساڳئي هئي. عمر ٻڌايو تہ هي وڻ گهڻا پراڻا آهن ۽ هنن جھڙا وڻ هاڻ ٻين هنڌن تي نظر نہ ٿا اچن. پوءِ هڪ ڪالونيءَ وٽان لنگهياسين، جنھن جي ٻاهران فوٽ پاٿ تي جهونا ڪرسيون وجهيو ويٺا هئا. عمر ٻڌايو تہ هي رٽائرڊ سرڪاري ملازمن جي ڪالوني آهي، جنھن ۾ رٽائرڊ سرڪاري ملازم رهن ٿا. گهر تہ حڪومت جا آهن، پر حڪومت هنن کان انھن گهرن جي مسواڙ طور ٿورا پئسا ڪٽيندي آهي ۽ هي پينشن جي پئسن مان مزي سان گذارو ڪن ٿا.
هاڻ رستا اهڙا نظر اچي رهيا هئا، ڄڻ حيدرآباد ۾ پھچي ويو هجان. هتي عمارتون پراڻي طرز جون هيون، اهو ڏسي سوچيم تہ استاد سقراط صحيح چيو آهي تہ ”هڪ شھر ۾ ٻہ شھر هوندا آهن. هڪ اميرن جو ۽ ٻيو غريبن جو.“ پر پاڻ نئننگ جي حوالي سان هيئن چئون تہ ’نئننگ شھر جا بہ ٻہ پاسا آهن، هڪ پراڻو ۽ ٻيو نئون.‘ عمر، ذائقہ کان پاڪستاني چانھه ورتي هئي، جيڪا اُتي کيس هڪ دوست کي ڏيڻي هئي، جنھن تازو اتي چيني چانھه جو دڪان کوليو هو. چيني چانھه ٿڌي ٿئي ۽ پاڪستاني گرم، سو عمر کيس چيو هو تہ ”سيارو اچڻ وارو آهي، تون پاڪستاني چانھه هلائي.“
عمر پنجاب جو آهي ۽ هتي گوانگسي يونيورسٽيءَ ۾ پڙهي ٿو. پڙهائي کان سواءِ هو هلڪا ڦلڪا ڪم بہ ڪندو آهي. ڏينھن جي ماني ٻہ وقت وشال وٽ کائيندو آهي،جنھن جا وشال کانئس پئسا نہ وٺندو آهي. جيڪڏهن هر روز ان ماني جا پنجاھہ يوان رکجن تہ بہ پندرهن سؤ ٿين. ان جي بدلي ۾ عمر هوٽل جا هلڪا ڦلڪا ڪم ڪندو آهي. ايئن ٻنھي جو ڀلو ٿئي ٿو. عمر ڏاڍو تيز نظر آيم، هڪ گرل فرينڊ بہ ٺاهي اٿس، جيڪا سندس ئي عمر جي آهي ۽ پوليس واري آهي، اصل تہ نئننگ جي آهي، پر ڊيوٽي ’تونگ شين‘ ۾ اٿس. هر هفتي ايندي آهي تہ پاڻ ۾ ملندا آهن، جي ڪنھن هفتي نہ ايندي آهي تہ عمر ساڻس ملڻ جي لاءِ ’تونگ شين‘ ويندو آهي. گذريل هفتي سندس گرل فرينڊ ڊيوٽي جي ڪري نہ آئي هئي تہ عمر ساڻس ملڻ جي لاءِ ويو هو ۽ منھنجي چوڻ تي منھنجي لاءِ تغاريءَ واري ويٽنامي ٽوپي وٺي آيو هو. جيڪا مون ٻڏتر سبب تونگ شينگ مان نہ ورتي. هاڻ عمر پندرهن بدران ويھن يوانن ۾ وٺي آيو. يعني ترت فيصلو نہ ڪرڻ سبب پنج يوان وڌيڪ ڀريم. هاڻ ان تغاري نما ٽوپي کي پاڪستان ڪيئن پھچايان ان اُلڪي ۾ آهيان.
عمر ٻڌايو تہ هو پنھنجي ’ني ڦنگيو‘ سان شادي ڪندو، پر پنجن سالن کان پوءِ، جو ان وچ ۾ سندس ڊگري بہ ڪمپليٽ ٿي وڃي ۽ سندس ني ڦنگيو پنج سال جيڪو گورنمينٽ جاب ڪرڻ جو بانڊ ڀري ڏنو آهي. اهو بہ پورو ٿي وڃي. عمر ٻڌايو تہ سندس ني ڦنگيو کي ڪتابن پڙهڻ جو شوق آهي ۽ پڙهندي رهندي آهي، جڏهن مون کيس اوهان جي رائيٽر هئڻ جو ٻڌايو تہ چيائين هاڻ سنڊي تي اينديس تہ انڪل سان ملنداسين، پوءِ گڏجي ڪيڏانھن چڪر هڻڻ هلنداسين. چيومانس، ڪيڏانھن چڪر ڀلي نہ بہ هڻون، پر ڪتابن جو شوقين تنھنجي ني ڦنگيو سان ملي خوشي ٿينديم.
عمر بہ هتي رهندڙ ٻين شاگردن وانگر ننڍا وڏا ڪم ڪاريون، ڪري ٿو، جنھن مان پنھنجو خرچو پاڻي ڪڍڻ سان گڏ ڪجهہ سيونگ بہ ڪندو ٿو رهي.
اسان عمر جي چيني دوست جي چانھه جي شاپ تي پھتاسين، پر هو ان مھل نہ هو، عمر سندس لاءِ چانھه اتي ويٺل همراھہ جي حوالي ڪئي ۽ چرچ هلڻ جي لاءِ ايپ وسيلي ٽئڪسي گهرائي. عمر چواڻي تہ سندس بائيڪ جي چارچ گهٽ آهي، بائيڪ اسان اتي ئي بيھاري، جيڪا چرچ ڏسي پوءِ اچي کنئيسين. واپسيءَ ۾ عمر جي چيني دوست سان بہ ملاقات ٿي، جنھن اسان کي مِٺي ۽ ٿڌي چيني چانھه پياري.
اتي ئي فوڊ اسٽريٽ بہ آهي، جيڪا ڄڻ تہ حيدرآباد جي ريشم گهٽي. عمر چيو انڪل ڪجهہ کائبو. پر مون کي بُک نہ هئي، تنھنڪري انڪار ڪيم. ان دوران ’ديدي‘ بہ اچي ويئي ۽ اسان ان ۾ چڙهي چرچ ڏسڻ روانا ٿياسين. مون چيس شھزاد تہ چيو هو تہ چرچ صفا ويجهو آهي، هي تہ گهڻو پري آهي. جنھن تي چيائين تہ مون پنھنجي گرل فرينڊ کان پُڇيو، جنھن چيو تہ نئننگ جو سڀ کان وڏو چرچ هي ئي آهي، جيڪو سڄو ڏينھن کليل رهندو آهي ۽ منھنجي گرل فرينڊ جو گهر بہ هتان کان ويجهو آهي.
ٽئڪسي مکيہ روڊ ڇڏي هيٺ لٿي. فرلانگ ڏيڍ هلڻ کان پوءِ اچي چرچ جي اڳيان بيٺي. ٽئڪسيءَ مان لٿاسين. اسان جي اڳيان چرچ هو. منھنجي سدائين اها خواهش رهي تہ چرچ ڏسان ۽ ان جي سروس ۾ شريڪ ٿيان. هڪ ٻہ ڀيرا حيدرآباد ۾ ارادو ڪيم، پر وڃي نہ سگهيس. جيتوڻيڪ اڄ اڱاري جو ڏينھن ۽ شام هئڻ سبب سروس تہ نہ هئي، بھرحال چرچ ڏسڻ جي خواهش پوري ٿي. سروس هال ڪافي مٿي ۽ خوبصورت ڳاڙهي رنگ سان ٺھيل هو. ان جي مٿان صليب لڳل هو. چرچ جي اڳيان ڪيترائي سوٽيڊ بوٽيڊ همراھہ بيٺا هئا، جيڪي سڀ چيني هئا. جيڪي اتي ڊنر ۾ شرڪت جي لاءِ آيا هئا. چرچ جي اڳيان خوبصورت گُل ۽ ٻوٽا هئا. سامھون يسوع مسيح ۽ سينٽ ميري جا اسٽيچو ڀتين ۾ لڳل هئا. ڀر ۾ چيني ٻولي ۾ چرچ جي اڏاوت بابت لکيل هو. اسان ٻيئي اهو پاسو ڏسي ڏاڪڻيون چڙهي مٿي هال ۾ پھتاسين. سامھون نھايت خوبصورت هال هو، جنھن جي ٻنھي پاسن ڪاٺ جون خوبصورت بئنچون رکيل هيون. هر بئنچ تي ڳاڙهي ڪلر ۾ انجيل جو چيني ترجمو رکيو هو، جيڪو سروس جي دوران شرڪت ڪندڙ پڙهندا آهن، انھن ڊيسڪن جي اڳيان اسٽيج هو، جنھن جي هڪ پاسي يسوع مسيح جي نھايت خوبصورت تصوير رکيل هئي، ٻي پاسي نھايت خوبصورت ڪرسي رکيل هئي، جنھن تي فادر ويھي خطبو ڏيندو آهي. ان جي ڀرسان بائبل جو هڪ پراڻو نسخو رکيل هو، جنھن ڪرسي تي مون ويھي فوٽو ڪڍايو، چرچ جي ڀتين تي يسوع مسيح جون خوبصورت ۽ من موهيندڙ مُرڪ واريون تصويرون پينٽ ٿيل هيون. سڄو چرچ اندر توڙي ٻاهر، خوبصورت آر ڪيٽيڪٽ جو نمونو هو. آءٌ ۽ عمر اڃا اندر بيٺا چرچ جي مووي ٺاهي رهيا هئاسين تہ هڪ ’چيني سسٽر‘ اندر گهڙي آئي ۽ چينيءَ ۾ چيائين، ”اوهان جي ڪھڙي مدد ڪري سگهان ٿي.“ عمر چيس تہ ”مھرباني اسان پاچيستان مان آيا آهيون. بس چرچ ڏسڻ جي خواهش هئي، ان ڪري آيا آهيون.“ سسٽر اسان کي ويلڪم ڪيو ۽ پوءِ اسان ٻاهر نڪري آياسين. عمر چيس تہ اسان ڪي سووينئر خريد ڪرڻ ٿا گهرون، ڇاڪاڻ تہ سووينيئر جو چرچ جو شاپ بند ٿي چڪو هو. هوءَ ويئي، سا هڪ چينيءَ کي وٺي آئي، جيڪو خبر پئي تہ فادر آهي. هن اسان کي کيڪاريو ۽ سسٽر کي ڪجهہ چيو ۽ هو اسان کي پاڻ سان وٺي ويو ۽ هڪ ننڍي ڪمري جو تالو کوليائين. اندر هڪ ننڍو شاپ هو، جنھن ۾ ننڍا ڪراس ۽ عيسائيت سان وابستہ ٻيون شيون ۽ چيني زبان ۾ انجيل يسوع مسيح جا ننڍا بت ۽ نھايت خوبصورت تصويرون رکيل هيون. ان مھل منھنجي خواهش ٿي تہ ’مائيڪل اينجلو‘ جي ٺاهيل يسوع جي تصوير ’دي لاسٽ سپر‘ وٺان. جو اها مون کي ڏاڍي وڻندي آهي، پر اها اتي موجود نہ هئي. تنھنڪري ڏھہ يوان ڏيئي يسوع مسيح جي هڪ ٻي خوبصورت تصوير خريد ڪيم. فادر پڇيو تہ، ”اوهان ڪئٿولڪ آهيو؟“ ”نہ اسان مسلمان آهيون.“ جنھن تي هنن تعجب مان خوشيءَ جو اظھار ڪيو. جڏهن عمر کيس ٻڌايو تہ آءٌ ليکڪ آهيان تہ هنن ٻنھي اسلام عليڪم چئي مون سان هٿ ملايو، اسان سندن ٿورا مڃيا ۽ ٻاهر نڪري آياسين. هن چرچ جو انتظام ”نئننگ سئٽر ڊي چيئرٽي والنٽيرس ايسوسي ايشن“ پاران هلايو ٿو وڃي، جنھن جو بنياد 2016ع ۾ رکيو ويو ۽ ان جي رجسٽريشن نئننگ سول افيئرس بيورو ۾ جون 2019ع ۾ ڪرائي ويئي.
اسان چرچ جي ٻاهر نڪري آياسين ۽ چرچ جي مٿي نظر ڪئيسين، جنھن جي مٿان چيني ۾ لکيل هو ”Jesus loves you (يسوع مسيح اوهان سان پيار ڪري ٿو.)
حضرت مسيح عليھ السلام جي زندگيءَ مون کي سدائين متاثر ڪيو. سائين محمد ابراهيم جويي ”اينڊ بلائٽن“ جي ڪتاب جو ”ٻارن جو مسيح“ جي نالي سان ترجمو ڪري، نہ فقط سنڌي ادب ۾ واڌارو ڪيو، پر مون جھڙن سيکڙاٽن کي يسوع جي زندگي ۽ تعليم کان واقف ڪرايو. اهو ڪتاب ۽ حضرت يسوع جي زندگي تي مون جيڪو بہ ڪتاب پڙهيو، ان مون کي متاثر ڪيو.
هينئر مون کي حضرت يسوع مسيح جون ڪجهہ چوڻيون پيون ياد اچن:
- مبارڪ آهي اهو، جنھن پنھنجي زبان جي حفاظت ڪئي، ۽ ڪنو لفظ نہ ڳالھايو.
- شھوت پرست ماڻھو سدائين غمگين رهندو آهي.
- گهڻي ۽ اجائي ڳالھائڻ سان دل زنگجي ٿي ۽ ماڻھو ﷲ تعاليٰ کان پري ٿي ويندو.
- دانائي ۽ سياڻپ جو نقطو، نالائق نادان کي نہ ٻڌايو
- جنھن علم سکيو ۽ عمل نہ ڪيو، اهو قيامت جي ڏينھن خلق آڏو خوار ٿيندو.
- جنھن ڳالھہ جي پڪ نہ هجي، اها ڪچھري ۾ نہ ڪجي.
- ڀلو عمل اهو آهي، جيڪو ﷲ تعاليٰ جي رضا خاطر ڪيو وڃي.
*
عمر ۽ آءٌ جڏهن واپس ’ذائقہ‘ پھتاسين تہ وشال پڇيو، ”ابو مزو آيو؟“ ”بلڪل تمام گهڻو، دل خوش ٿي وئي.“ ۽ پوءِ منھنجي هٿ مان يسوع مسيح جي تصوير وٺي ڏسي کلندي چيائين، ”ڪڏهن گوتم، ڪڏهن ڪنفيوشس ۽ هاڻ جيزس ڪرائسٽ. ماڻھو تنھنجي لاءِ چوندا تہ چريو آهي.“ جنھن تي کلندي چيومانس، ”اهي چرين جا تہ ڪم آهن.“



[20 نومبر 2024ع]
اڄ ڏينھن ٿڌو ۽ سيانڊڙو محسوس ٿي رهيو هو. سوير اُٿي پارڪ ۾ وڃي ڪسرت ڪيم ۽ پوءِ ڊبل روٽي وٺي آيس. ٿوري دير کان پوءِ نسيم اُٿي چانھه ڪاڙهي، جنھن ۾ ڊبل روٽي ٻوڙي ناشتو ڪيوسين. کشين جي ڀيڻ وانگ ين ڇنگ چار ڏينھن اڳ واپس موٽي آئي. هاڻ هوءَ پنھنجي فليٽ ۾ شفٽ ٿي رهي آهي، جنھن لاءِ سڄو ڏينھن ٿي سامان سھيڙي ۽ کوکا ٻڌي پاڻ ۽ کشين انھن کي ٽيپ هڻنديون رهيون ۽ گهر جو ڪافي سامان جيڪو ڪچري طور نڪتو، اهو ڪالھہ ’وانگ ين ڇنگ‘ ٻہ ٻورا ڀري ايڪيھن يوانن ۾ ڪٻاڙي واري کي وڪڻي ڇڏيا. وشال کي اها ڳالھہ ٻڌايم تہ کلندي چيائين، ”اها خالي بوتل بہ نہ اُڇلي، سڀ ميڙي وڪڻندي آهي.“
وانگ ين ڇنگ سوير اٿندي آهي ۽ ٻاهر وڃي فروٽ ۽ ڀاڄيون وٺي ايندي آهي، جيڪي پوءِ رڌيندي آهي ۽ ٻئي ڀيڻيون کائينديون آهي. چيني ماڻھو هونئن بہ سوير اٿي وڃي ڀاڄيون ڀُتيون وٺي ايندا آهن.
ڪالھہ چرچ ڏسي ٽئڪسي ۾ موٽياسين پي تہ ٽئڪسي واري پڇيو، ”توهان شنچيان جا آهيو؟“، ”نہ پاچيستان جا.“ عمر جواب ڏنس. شنچيان جنھن کي پاڻ وٽ سنڪيانگ چيو ويندو آهي. شنچيان جي اڌ آبادي مسلمانن تي مشتمل آهي ۽ ماضي ۾ ٿيل دھشتگردي جي واقعن سبب گهڻا چيني کين شڪ جي نظرن سان ڏسندا آهن. شنچيان يا سنڪيانگ صوبو چين جي اولھه ۾ آهي، جنھن جون سرحدون هندستان، افغانستان، پاڪستان ۽ منگوليا سان ملن ٿيون. هن صوبي جي آبادي ٻہ ڪروڙ سٺ لکن کان وڌيڪ آهي، جنھن مان اڌ آبادي ايغور مسلمانن جي آهي، ايغور ترڪي نسل جا آهن. ڪشميري اڳواڻ مرحوم شيخ عبدﷲ پنھنجي آتم ڪھاڻي ”آتش چنار“ [جنھن جو مون اختصاريل سنڌي ۾ ترجمو ڪيو آهي.] ۾ لکيو آهي تہ شنچيان/ سنڪيانگ جو اڳ ۾ نالو ’ترڪمستان‘ هوندو هو. سنڪيانگ صوبي ۾ عليحدگي پسند تحريڪ هلي رهي آهي. چيني حڪومت ان تحريڪ کي چٿڻ لاءِ سختيءَ کان ڪم وٺي رهي آهي. انساني حقن جي عالمي تنظمين موجب ڏھہ لک ايغور مسلمانن کي ڪئمپن ۾ حراست ۾ رکيو ويو آهي، جتي تعليم ۽ تربيت ڏني ويندي آهي، جيئن سندن عليحدگي پسند سوچ ختم ٿئي ۽ هو پرڏيھي اسلامي تنظيمن جي هٿن ۾ نہ کيڏن. چين ايغور جي مسلمانن جي ڪئمپن کي نظرياتي تعليمي ادارا اقرار ٿو ڏي. پھرين تہ چين پوري ڪوشش ڪئي تہ نرم قدمن سان مسلمانن جي اصلاح ڪئي وڃي، جڏهن نرميءَ مان هاڪاري نتيجا نہ نڪتا تہ سخت پاليسي اختيار ڪئي ويئي.
شنچيان (سنڪيانگ) چين جو اهو صوبو آهي، جنھن جي پکيڙ چين جي ڪل پکيڙ جو 5/1 آهي. چين جو چاليھه سيڪڙو ڪوئلو سنڪيانگ ۾ ملي ٿو. هتي آئل ۽ گئس جا ويھه سيڪڙو ذخيرا آهن. سنڪيانگ دنيا سان ڳنڍڻ لاءِ چين جو ”گيٽ وي“ آهي. سنڪيانگ کان سواءِ سي پيڪ ۽ بيلٽ اينڊ روڊ رٿا جو تصور بہ نٿو ڪري سگهجي. ايغور جا انتھاپسند مسلمان پرڏيھي مداخلت ۽ سھڪار سان ڪيتريون ئي دھشتگرد ڪاروايون ڪري چڪا آهن. اهي ڪاروايون ’ايسٽ ترڪمستان اسلامڪ موومينٽ‘ ڪيون هيون.
ايغور جي مسلمانن جي دعويٰ آهي تہ اهو علائقو سدائين سندن رهيو آهي ۽ چين جي ’هان‘ سندن علائقي تي حملو ڪري قبضو ڪيو ۽ کين اقليت ۾ بدلايو پيو وڃي. انھن جون روايتون مختلف آهن ۽ پاڻ کي چينين کان ڌار ٿا سمجهن. ’اروڪئي‘ ۽ ’ڪا شغر‘ اتان جا مشھور شھر آهن. جتي مسجدن ۾ ٻانگون ڏنيون وڃن ٿيون. انھن جي دڪانن جا سائن بورڊ عربي رسم الخط ۾ لکيل هوندا آهن. ايغور جا مسلمان سڄي چين ۾ هوٽلون هلائين ٿا، سندس تِڪا ڏاڍا مشھور آهن، هو نج پج ڪاروباري همراھہ آهن، ٻين لفظن ۾ پاڻ کين ’چيني پٺاڻ‘ چئي سگهون ٿا.
چين ۾ مسلمانن جو سرڪاري انگ اکرن موجب تعداد ٻہ ڪروڙ 82 لک آهي، پر غير سرڪاري ذريعا اهو تعداد وڌيڪ ٻڌائين ٿا، چين جي آئين جي آرشيڪل 36 موجب هر شھريءَ کي مذهبي آزادي ڏني ويئي آهي، البت رياستي ادارن تي پابندي هنئي ويئي آهي تہ هو مذهب جو پرچار نہ ڪن. چين ۾ جن مذهبن کي سرڪاري طور تي تسليم ڪيو ويو آهي، انھن ۾ اسلام، عيسائيت، ٻڌ ڌرم ۽ تائومت شامل آهن.
چين جي ڪرنسي نوٽن تي جن پنجن ٻولين ۾ لکيو ويو آهي، انھن ۾ ايغور ٻولي بہ شامل آهي، جنھن جي رسم الخط عربي آهي، ان کان سواءِ باقي جيڪي چار ٻوليون آهن، انھن ۾ چيني، منگولين، تبتي ۽ چونگ ٻوليون آهن. چيني کان سواءِ باقي چارئي ٻوليون چين جي اوڀر، ڏکڻ، اولھه ۽ اُترين علائقن ۾ ڳالھيون ۽ سمجهيون وڃن ٿيون ۽ انھن سڀني جي رسم الخط ڌار ڌار آهي.
مون سنڪيانگ جو مسئلو سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي. ان سلسلي ۾ ٽم مارشل جي ڪتاب جاگرافي جا قيدي (Prisoners of Geogrophy) ۾ اهو مسئلو هنن لفظن ۾ بيان ڪيو آهي. ”ڏکڻ اوڀر چين ۾ نيم خودمختيار ۽ سرڪش صوبو شنچيانگ آهي. جنھن جي اصلوڪي آبادي ايغور مسلم آهي. جيڪي ترڪ زبان سان ملندڙ ٻولي ڳالھائين ٿا. شنچيانگ جون سرحدون اٺن ملڪن سان ملن ٿيون. جن ۾ روس، منگوليا، قازقستان، ڪرغستان، تاجڪستان، افغانستان، پاڪستان ۽ هندستان شامل آهن. شنچيانگ جتي ماضي ۾ بہ مسئلو هو، اتي مستقبل ۾ بہ رهندو. ايغورن 1930ع ۽ 1940ع ۾ ٻہ ڀيرا ”اتر ترڪستان جي نالي سان پنھنجي آزاد رياست جو اعلان ڪيوهو. 2009ع ۾ هتي نسلي فساد ٿيا هئا، جنھن جي نتيجي ۾ ٻہ سؤ ماڻھو مارجي ويا. چين لاءِ شنچيانگ حڪمت عملي جي لحاظ کان اهم آهي. تنھن ڪري هو اجازت نہ ڏيندو تہ اتي آزادي جي تحريڪ پاڙون پختيون ڪري. اهو فقط اٺن ملڪن سان سرحدون نہ ٿو ملائي، پر ان وٽ تيل آهي ۽ چين جي ائٽمي هٿيارن جي آزمائش جي آماجگاھہ بہ آهي. هي علائقو چين جي معاشي حڪمت عملي ’ون بيلٽ، ون روڊ‘ جي ڪنجي پڻ آهي. هي هڪ نرالي ڍنگ وارو رستو آهي، جيڪو سامونڊي رستي سان ڳنڍي ٿو.
هنن جي بين الاقوامي ايغور ڪانگريس (World Ughur Congress) جرمني ۾ قائم آهي ۽ اتر ترڪستان آزادي جي تنظيم ترڪي ۾ قائم آهي. پر ايغور عليحدگي پسندن وٽ ’دلائي لاما‘ جھڙي قيادت ڪونھي، تنھنڪري هنن جو مقصد بين الاقوامي طور تي نامعلوم آهي. چين انھن کي انھن طريقن سان رکڻ گهري ٿو. اهو پنھنجي بنائي ٿو تہ جيئن هن جا سرحدي ملڪن سان تعلقات وڌ ۾ وڌ سٺا رهن، تہ جيئن هنن کي منظم آزادي جي هلچل لاءِ رسد جا رستا نہ ملي سگهن ۽ انھن کي ٻين جي هٿ چڙهڻ کان روڪي سگهجي.“ (صفحو 70-71-72).
[21 نومبر 2024ع]
پُٽ هجن تہ اهڙا، صبح جو گهران اُٿي، جيئن ئي ’ذائقہ‘ تي ويس تہ ڏٺم تہ ٻہ پيڪٽ هڪ ننڍو ۽ هڪ وڏو پيڪٽ پيو هو. ننڍو پيڪٽ کوليم تہ ان مان مائوزيتنگ جو اسٽيچو نڪتو. ٻيو کوليم تہ ان مان هڪ چپل نڪتي. دل ۾ آيم تہ مائو جا ٻہ اسٽيچو تہ اڳ ۾ ئي مون وٽ آهي، هڪ کشين گفٽ ڪيو ۽ ٻيو وشال گهرائي ڏنو هو. هي ٽيون وري ڇو؟ ڪٿي ڀُل ۾ تہ ڪونہ آيو آهي. چپل بہ تہ آن لائين گهرائي هئيسين، وري هيءَ ٻي ڇو؟ وشال آيو تہ پُڇيومانس تہ چيائين، ”مون سوچيو تہ متان مائو جو اسٽيچو توکي ڪنھن دوست کي نہ ڏيڻون پوي. سو هڪ وڌيڪ گهرائي ڇڏيم.“ ٻي چپل گهرائڻ بابت پڇيومانس تہ چيائين ”اوهان اڇو ڪلر پسند ڪيو هو، پر مون ڪارو گهرايو هو، پوءِ ياد آيم تہ اوهان تہ اڇو ڪلر پسند ڪيو هو. سو ٻي گهرائي ڇڏيم.“ مون کيس ڏسندي چيو، ”يار ٻي گهرائڻ جو ڪھڙو فائدو، اجايو خرچ ٿو ڪرين.“ “ابو ٻيئي واري واري سان پائج غير ضروري شئي تہ ڪونھي، ڪم اچي ويندي.“
ڪجهہ ڏينھن اڳ جڏهن ڇائويانگ ۾ ڪتاب گهر تي ’ڦو اي‘ (Puyi) جي آتم ڪھاڻي ”شھنشاھہ کان شھريءَ تائين“ جي پھرين ڀاڱي جو چيني ايڊيشن ڏٺم تہ دل سٽ کاڌي تہ يادگار طور وٺان جو ان ڪتاب جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري رهيو آهيان، ان مھل نہ ورتم. گهر اچي وشال کي ڏيکاريم تہ بيجنگ جي پبلشر ”فارين لينگويج پريس“ سرچ ڪري ڏس تہ هن ڪتاب جو انگريزي ڇاپو آهي. وشال ان ئي مھل سرچ ڪري انھن کان پڇيو، جواب آيو تہ انگريزي ڇاپو ڪونھي. البت چيني آهي. جنھن جي قيمت چيڪ ڪئيسين تہ سورهن يوان هئي، جڏهن تہ ڇائو يانگ جي بوڪ شاپ تي هڪ سؤ يوان هئي. ان ڪري بہ لنوايم جو اهي پاڪستاني چار هزار پي ٿيا. وشال پڇيو ابو وٺڻون آهي،چيم ها، پر چيني ۾ آهي، دل چوي ٿي تہ يادگار طور وٺي وڃان. پر ٻڏتر ۾ آهيان. وشال ان مھل مون کي ٻين انگريزي ڪتابن جي فھرست تعارف سميت کولي ڏني تہ چيڪ ڪر، سرسري طور ڏٺم، پر انھن جون قيمتون ڏسي ٻي ڪنھن ڪتاب خريد ڪرڻ جو ارادو نہ ٿيم. وشال کي چيم تہ ٻيو ڪوبہ ڪتاب وٺڻون ڪونھي، ٿوري دير کان پوءِ وشال چيو تہ مون ”شھنشاھہ کان شھري“ تائين جو آن لائين آرڊر ڪري ڇڏيو آهي. اڄ مائو جو اسٽيچو ۽ چپل آڻي ڏنو. ڪلاڪ کن کان پوءِ ٽپال واري هڪ نھايت خوبصورت پئڪيٽ آڻي ڏنو. کوليم تہ اهو ئي ڪتاب هو. ڇپائي ۽ پنو نھايت خوبصورت هو. ڪتاب جو اهو پھريون ڀاڱو ”منھنجي زندگي جو پھريون اڌ آهي.“ ان جو ٻيو ڀاڱو في الحال اداري وٽان بہ ختم ٿيل آهي. شنھشاھہ کان شھريءَ تائين جي ان پھرين ڀاڱي جو مون ترجمو لڳ ڀڳ مڪمل ڪري ورتو آهي. باقي ٽيھارو کن صفحا بچيا آهن، جيڪي پرينھن تائين مڪمل ٿي ويندا.
”فارين لينگويج پريس“ پبلشنگ اداري جو بنياد 1952ع ۾ پيو، جيڪو دنيا جي 43 ٻولين ۾ ڪتاب ڇپرائي ٿو، جنھن ۾ ادب کان سواءِ ڪميونسٽ پارٽي آف چين وغيرہ جا ڪتاب بہ ڇاپي ٿو. ادارو سال ۾ مختلف موضوعن تي ڇھن سون کان بہ وڌيڪ ڪتاب ڇاپي ٿو، جن ۾ چيني کان سواءِ انگريزي، فرينچ، اسپينش، جرمن، جاپاني، روسي، عربي ۽ پورچو گالي ٻوليون شامل آهن. ڪنھن زماني ۾ هي ادارو اردوءَ ۾ پڻ ڪتاب ڇپيندو هو ۽ پاڪستان ۾ اهي نھايت سستي اگهہ تي وڪامندا هئا. انھن مان ڪيترائي ڪتاب مون وٽ پڻ آهن، جن ۾ ’ڦو اي‘ جي آتم ڪھاڻي ’شھنشاھہ کان شھري تائين‘ پڻ شامل آهي. فارين لينگويجز پريس، جي لوگي تي لکيل آهي. “A Marxist- Leninist- Maoist publishing House” فارين لينگويج پريس، چين جي هڪ سؤ بھترين پبلشنگ ادارن مان هڪ آهي، ان مان اندازو ڪري سگهجي ٿو تہ چين ۾ ڪتابن جي ڇپائي ڪيتري نہ وڏي تعداد ۾ ٿئي ٿي ۽ انھن جي ڪيتري نہ قدرداني آهي.
ڪتاب وشال کي ڏيکاريم تہ چيائين ”ڪتاب جو انگلش ايڊيشن جي جانچ بہ ڪندا رهنداسين.“
اهو ٻُڌي مون سوچيو، ”يار وشال ايترو بہ نہ ڀانئين جو روئڻ نہ لڳان.“ اولاد جڏهن پيءَ جو اندر پڙهي وٺي، سندس ننڍڙين ۽ اهڙين خواهشن جو بہ احترام ڪري، جن تي هو سمجهي تہ پئسن جو زيان آهي، (چينيءَ ۾ ڪتاب وٺڻ جيڪو ٻولي نہ اچڻ سبب پئسن جو زيان ئي چئبو) پر پوءِ بہ هو پيءُ جي خواهش بنا هٻڪ پوري ڪري تہ پيءُ جي اکين ۾ خوشيءَ جا لڙڪ تہ ايندا نہ.
*
29 نومبر تي ٽڪيٽ بوڪ ٿي نہ سگهي. ابوذر اقبال ٻڌايو تہ ان ۾ فقط ست ڪلو سامان هٿ ۾ کڻڻ ٿا ڏين. باقي ٻيو سامان کڻڻ نہ ٿا ڏين. مون چيو اهو وري ڪيئن. چيائين، ”ايئر لائين شايد پاليسي بدلائي آهي.“ مون چيس ”يار پوءِ ڇا ٿيندو. منھنجون موڪلون تہ ختم پيون ٿين.“ نيٺ 3 ڊسمبر جي گوانچو مان ٿائي ايئر لائينز وسيلي روانگي جي ٽڪيٽ بوڪ ٿي، جيڪا وشال مون کي وي چيٽ تي موڪلي ڏني. هاڻ پڪ ٿي 3 ڊسمبر تي گوانچو وايا بئنڪاڪ، ڪراچي پھچنداسين. وشال چيو تہ سومار جي ڏينھن ’ايوو سٽي‘ ٿا هلون. اتي سندس دوستن منور ۽ حيدر هوٽلون کوليون آهن، اهي بہ ڏسڻيون آهن ۽ ٽريڊ مارڪيٽ جو بہ جائزو وٺڻو آهي. هاڻ ڏسجي تہ اهو پروگرام بيھي ٿو يا نہ؟
اڄ هتي هلڪو سيانڊڙو محسوس ٿيو. پاڻ تہ اهڙي سيانڊڙي کي ماڱاريون ئي ڪونہ، پر چينين کڻي آٿر چاڙهيا آهن. ڪوٽ، سوئيٽر ۽ جيڪٽ پائڻ شروع ڪري ڇڏيا اٿن.
[22 نومبر 2024ع]
پاڪستان ۾ هئس تہ گرمي، ٿڪاوٽ، پريشانين ۽ ڊپريشن سبب حال احوالن کان نڪري ويو هئس ۽ هڪ ڀيري ڊاڪٽر وشال کي فون تي چيم، ”پشو، آءٌ ايترو تہ ٿڪجي پيو آهيان، جو جڏهن چين ايندس تہ مون کي هڪ اي. سي وارو ڪمرو ڏج تہ سڄو ڏينھن ان ۾ ستو پيو هُجان ۽ سالن جا ٿڪ لاهيان.“
نئننگ پھتس تہ ڊاڪٽر وشال ايئر ڪنڊيشنڊ ڪمرو ئي اسان جي حوالي ڪيو. ڏينھن جو تہ ان ۾ نہ سُمھندو آهيان،پر رات جو بہ ٻہ ٽي ڪلاڪ مس سمھندو آهيان. پوءِ ٻاهر اچي صوفي تي ليٽي پوندو آهيان، ڇاڪاڻ تہ اي. سي جي ٿڌاڻ سبب منھنجي ٻانھن ۾ سخت سور پوڻ شروع ٿيندو آهي. ٻين لفظن ۾ تہ ٿڌاڻ سبب مون کي ٻانھن ۾ سور پوڻ شروع ٿي ويندو آهي. پاڪستان توڙي هتي علاج ڪرائڻ جي باوجود وقتي فائدو ٿئي ٿو. البت ڪسرت سبب گوڏن کان هيٺ جيڪا تڪليف ٿيندي هئي، اها گهٽجي ويئي آهي. اڄ بہ سوير ٻاهر اچي صوفي تي ليٽس تہ وشال پنھنجي ڪمري مان ٻاهر نڪتو ۽ مون کي سُتل ڏسي، پنھنجي ڪمري مان چادر کڻي اچي منھنجي مٿان وڌائين تہ منھنجي اک کلي ۽ مُرڪي اکيون ٻوٽي ڇڏيم.
*
حيدرآباد ۾ جڏهن پيپلز بسيون شروع ٿيون هيون تہ ڏاڍا خوش ٿياسين، جو گهٽ ۾ گهٽ حڪومت کي عوام جي ڀلائيءَ جو ڪوتہ ڪم ياد پيو. اها سروس گهڻي سستي ۽ سُٺي آهي، اها شروع ٿي تہ مون جھڙن بہ ان ۾ سفر شروع ڪيو. نھايت سستي ۽ آرامدہ ۽ گاڏي کاتي کان نسيم نگر چوڪ تائين ويندڙ سوزوڪين جي آزار مان جند ڇُٽي، جن جا موالا ڊرائيور حد کان وڌيڪ بدتميز هوندا هئا. اهي اليڪٽرڪ بسيون جيڪي چين کان ورتيون ويون، انھن کي ماڻھن ڳاڙهي بس چوڻ شروع ڪيو. نئننگ ۾ آيس تہ هتي بہ اهي بسون هلندي ڏٺم، جن جا اسٽاپ مقرر آهن، اتي ئي بيھن، ماڻھو چڙهن ۽ لھن. پاڻ واريون حيدرآبادي ڳاڙهيون بسون تہ وک وک تي بيٺيون هونديون آهن. هنن بسين جو ڪرايو، ٻہ يوان آهي، پوءِ جتي بہ لھو. پر مون هِتي اهو ڏٺو آهي تہ اهي بسيون اڪثر خالي پيون وينديون آهن. هڪ ٻہ مسافر ئي هوندو اٿن، هونئن تہ هتي چين جا ماڻھو ايترا سکيا ستابا ٿي ويا آهن، جو پنھنجي ڪارن ۽ موٽرن جا ڌڻي آهن، جي اهي نہ تہ موٽرسائيڪل ۽ سائيڪل تہ هر ڪنھن وٽ آهي. هڪ ڏينھن دوستن سان ويٺي انھن بسين جو ذڪر نڪتو ۽ چيم تہ انھن ۾ ماڻھو تہ چڙهن صفا گهٽ ٿا،پوءِ بہ حڪومت هلائي ٿي. بند ڇو نہ ٿي ڪري، جنھن تي چيائون تہ اها ٽرانسپورٽ سستي ۽ عوام جي سھوليت خاطر آهي ۽ خاص ڪري پوڙهن شھرين لاءِ. جيڪي انھن بسين ۾ چڙهندا آهن، حڪومت انھن جو گهڻو خيال رکندي آهي. سب وي وانگر هيءَ بس سروس جنھن سڄي نالي جو مخفف بي. آر. ٽي آهي. ان جون پڻ خوبصورت اسٽيشن ۽ روٽ آهن، چيني زبان ۾ ان ٽرانسپورٽ سسٽم کي Gong Jiro che چيو وڃي ٿو. سب وي تہ ڪمال جي سروس آهي، سڄي شھر ۾ مٿان ٽريفڪ جا روڊ ۽ هيٺان سب وي جا روٽ. جيڪي هيٺ ٽي ٽي چار چار ماڙ بہ آهن، زمين دوز اهو نظام سچ تہ حيرت انگيز آهي. چين جي نئين اڏيل شھر ’پوڊونگ‘ ۾ ڪنھن ٻڌايو تہ 21 ماڙ بہ سب وي آهن، اندازو لڳايو تہ اهو ڪيترو هيٺ هوندو ۽ ان جي اڏاوت ۾ انجنيئرنگ جو ڪيڏو نہ ڪمال چئبو، ٽيون ڏينھن جڏهن عمر سان ان سب وي جي ڪمال ڪاريگري جو ذڪر نڪتو ۽ چيم ’خدا نہ ڪري، جيڪڏهن زلزلو يا ڪا ٻي قدرتي آفت اچي تہ تباهي مچي ويندي، جنھن تي عمر چيو تہ هي اهي ڏاڍيون مضبوط ٿا ٺاهين، جن جي ڊهڻ يا نقصان ٿيڻ جو امڪان گهٽ آهي. دل ۾ چيم ”انسان ڀلي ڪيترو بہ سگهارو هجي،پر قدرت جي طاقت اڳيان ڪابہ حيثيت نہ ٿو رکي.“
*
جمع جو ڏينھن هئڻ سبب نماز پڙهڻ وياسين. هر ڀيري جمع تي ڪافي دوست ملندا هئا، پر اڄ ڪنھن سان بہ ملاقات نہ ٿي. ٻاهر نڪتس تہ وشال مون کي ’نو وال حراري‘ جو ڪتاب 21 lessons for the 21st century ڏنو، چيائين تہ علي زين جيھجو ڏيئي ويو آهي، گذريل هفتي علي مليو هو تہ چيائين مون وٽ هڪ ڪتاب پيو آهي، اوهان لاءِ کڻي ايندس. مون سمجهيو تہ ڪو چيني ادب بابت هوندو. بھرحال ’نوال حراري‘ جو هي ڪتاب زبردست آهي، جيڪو جلد پڙهبو.
غني خان پشتوءَ جو تمام وڏو شاعر ٿي گذريو آهي. سندس شاعري جو منظوم اردو ترجمو ’مشتاق علي شان‘ ڪيو آهي، جيڪو فڪشن هائوس پاران ڇپرايو ويو آهي، اڄ ڪنھن غني خان جو هڪ خوبصورت نظم هڪ گلوڪارا جي آواز ۾ موڪليو، جنھن ۾ پشتو شعر جي هيٺان سنڌي ۽ اردو ترجمو بہ ڏنل هو ۽ نظم هن ريت آهي.
وايه وايه مُلا جانان؟
[ٻڌاءِ ٻڌاءِ مولوي]
زندگي سوال آهي يا جواب
زندگي وصال آهي يا جنون
سڪون آهي يا بي قراري
زندگي امام آهي يا گلفام
منبر آهي يا محراب
زندگي خواب آهي يا سراب
ٻڌائي ٻڌائي مولوي
زندگي فرعون آهي يا ان جو غرور
جنون آهي يا سرور
نمرود جو سونو تخت آهي
يا منصور جو رنگين موت
حُسين جي مسڪراهٽ آهي
يا يزيد جي مستيءَ ڀري مغروري
بھار آهي يا گلاب
ڳُجهو آهي يا نروار
ٻڌاءِ ٻڌاءِ مولوي
زندگي سوال آهي يا جواب؟
مسجد مان نڪري ٻاهر بيٺاسين تہ سليمان مليو، جيڪو تنزانيا جو آهي. ڪجهہ ڏينھن اڳ هوٽل بند ٿيڻ مھل وشال، رضوان، عمران ۽ آءٌ ويٺا ڪچھري ڪري رهيا هئاسين تہ هو اندر گهڙي آيو هو، ۽ چارجر جي پُڇا ڪيائين تہ جيئن هو موبائيل چارج ڪري سگهي. وشال کيس ڏني ۽ هن موبائيل چارج تي لڳائي. ان مھل اسان جي اڳيان پيپسي جو هڪ ٽن رکيو هو، جيڪو عمران کي کڻي فرج ۾ رکڻون هو، پر ڪچھري جي ڪري رکي نہ سگهيو. سليمان اهو ڏٺو تہ چيائين، ”پي سگهان ٿو.“ وشال چيس، ”ڀلي.“ تہ هو پيئڻ لڳو. جنھن تي سڀني کي سندس منھنجي پڪائيءَ تي حيرت ٿي. اڄ مليو تہ هيلو هاءِ ٿي. وشال مون کي ٻڌايو تہ ”سليمان وڏو استاد آهي، اگهہ ڦٽائڻ ۽ ٻين جي روزي تي لت ڏيڻ وارو.“ پُڇيم، ”ڪيئن؟“ چيائين، ”اسان پاڪستانين طئي ڪيو هو تہ ٻہ سؤ يوان کان گهٽ في ڪلاڪ ٽيوشن نہ پڙهائينداسين، پر هي اسان جي جاءِ تي وڃي سٺ يوانن ۾ پڙهائڻ لڳو.“ جنھن تي کلندي وشال کي چيم، ”بس هي امير آفريقي ملڪن جا غريب باشندا آهن، سو مٿن ميار نہ ڪندو ڪر.“
[23 نومبر 2024ع]
کشين جي وڏي ڀيڻ ’وانگ ين ڇنگ‘ سوير اٿندي آهي ۽ ٻاهر وڃي سيڌو سامان وٺي ايندي آهي، ٽيون ڏينھن جڏهن چيومانس تہ تنھنجي مما ڏاڍي سٺي آهي، پر اوهان مون کي ساڻس ملائڻ جي ڳوٺ ڪڏهن وٺي هلندا تہ چيائين تہ جي وشو ۽ کشين نہ ٿا هلن تہ تون ۽ آئي (چيني ۾ چاچيءَ کي آئي چون) مون سان گڏ جي هلو، پر مون خيال نہ ڏيکاريو تہ هن پنھنجي موبائيل مان پنھنجي ڳوٺ، پنھنجي مائٽاڻي گهر ۽ فمئلي جا فوٽو ڏيکاريا، جن مون کي گهڻو متاثر ڪيو، پر هاڻ جڏهن سومر تي ’ايوا‘ جي ٽڪيٽ بوڪ ڪرائي ڇڏي اٿئون تہ واپسيءَ کان پوءِ اهو پروگرام ٺھڻ ممڪن نہ لڳو. تنھنڪري مون اهو چئي سندس ٿورو مڃيو. ”مون سڄا سارا ٻہ مھينا اوهان کي هلڻ لاءِ چيو، پر ڪير بہ سنجيدو نہ ٿيو. هاڻ منھنجي طبيعت هلڻ تي آمادہ ڪونھي.“
ٽيون ڏينھن ’وانگ ين ڇنگ‘ ڇا ڪيو، ٻارن جا ڪيترائي ڪپڙا وٺي آئي ۽ سڀني جي غير موجودگيءَ ۾ نسيم کي ڏنائين تہ ننڍڙن ٻارن لاءِ منھنجي طرفان گفٽ آهن، پر وشو سميت ڪنھن کي بہ نہ ٻُڌائج. نسيم مون کي ٻڌايو ۽ ڏيکاريا تہ ٻُڏتر ۾ اچي ويس، جو ويچاري پاڻ بہ مڙس جي تڙيل ۽ ڏکاري آهي، ٻار بہ مڙس کسي ورتا اٿس، الائجي ڪيئن ٿو گذر سفر ٿيس. سو وري الائجي ڪيترن پئسن جا تحفا وٺي آئي آهي، بھرحال مون نسيم کي چيو تہ دل سان ڏنا اٿس تہ سندس مھرباني، پر شايد پنھنجو پيٽ ڪٽيو اٿس. مون کي مٿس ڏاڍو رحم ايندو آهي، ان ڏينھن مٿي تي هٿ رکي چيومانس تہ ”وانگ ين ڇنگ“ تون منھنجي ڌيءَ وانگر آهين. اسان سنڌي ماڻھو نياڻين جي مٿي تي هٿ رکي دعا ڪندا آهيون تہ ”خوش ۽ سدا سھاڳڻ رهين.“ جنھن تي خوش ٿي.
چين ڀلي ڪيترو بہ ترقي ڪري ويو هجي، آئين ۽ قانون ۾ عورتن کي ڪيترا بہ حق ڏنل هجن،پر مرد انقلابي رياست جو هجي يا دقيانوسي- عورت تي سدائين هٿ کڻندو آهي، جيتوڻيڪ هڪ پاسي جتي چيني عورت گهڻي آزاد آهي، اتي چيني مرد جو موچڙو اڃا بہ مٿس کنيو پيو آهي. وانگ ين ڇنگ کي بہ سندس مڙس ماريندو هو ۽ کيس ڪٽڪو ڏيئي ٻار کسي گهران ڪڍي ڇڏيائين. ڪڏهن ڪڏهن ڳالھائيندو اٿس، تڏهن بہ ڏاڍيون گاريون ڏيندو اٿس. هڪ چيني فئملي سان گڏ رهڻ جو فائدو اهو ٿيو آهي، جو سندن سماجي زندگي ۽ هلي چليءَ بابت گهڻيون خبرون پون ٿيون. کشين ۽ وانگ ين ڇنگ جو پيءُ جيڪو پوليس ۾ هو، تنھن جا کشين جا ماءُ ’وانگ هي ڪؤ‘ کان سواءِ ٻي مائي سان بہ لاڳاپا هئا ۽ ان کي پنھنجن لفظن ۾ سُريت ڪريو ويھاريو ويٺو آهي. پوليس وارو ڪٿي جو بہ هجي، پاڪستان جو يا چين جو، پر پنھنجن اختيارن جو ناجائز فائدو ضرور وٺي ٿو، نہ تہ چين جي ماضيءَ جي ’ون چائلڊ پاليسيءَ‘ هئڻ جي باوجود بہ چار ٻار ڄڻڻ جي هر ڪنھن ۾ تہ همت نہ هوندي.
اڄ بہ سوير ٻاهر ويئي ۽ سامان وٺي آئي. آءٌ ٻاهر ويٺو هئس تہ فروٽ ڇلي وڍي ڦارون ڦارون ڪري اچي منھنجي اڳيان رکيائين. پوءِ ٻہ مڪئيءَ جا ٻہ وڏا سنگ بہ رڌي آئي، جيڪي گهڻا لذيذ هئا، مڪئي جا سنگ هونئن بہ مون کي گهڻا وڻندا آهن، سو نيراني چٻڪ چٻڪ ڪندو هڪ سڄو کائي ويس. وانگ ين ڇنگ اڄ هڪ ٻيو ڳاڙهو فروٽ بہ وٺي آئي، جيڪو ڪجهہ هفتا اڳ مون ’هوچو لو‘ تي بيٺل هڪ گاڏي تي ڏٺو هو. پر وري نہ ڏٺم. ڪنھن ننڍي بم جھڙي ان ڳاڙهي کل واري فروٽ جو نالو ’ڊريگن‘ آهي، جيڪو فقط چين ۾ ٿئي ٿو. ان جو ذائقو ناسپاتيءَ جي ذائقي سان ملندڙ جلندڙ آهي.
ڪجهہ ڏينھن اڳ عمر چيو هو تہ ”’انڪل ڇائو يانگ‘ کان ٿورو اڳيان هڪ ڪتاب گهر آهي، جيڪو بہ تمام وڏو آهي، ڪڏهن دل چوي تہ هلي ڏسي اچجي.“ مون چيس ”منھنجو هر وقت موڊ آهي، تون جڏهن بہ وانڌو ٿئين مون کي وٺي هلج.“ ان ڏينھن چرچ ڏسڻ وياسين تہ واپسيءَ ۾ دير ٿي وڃڻ سبب وڃڻ جو پروگرام ڪئنسل ڪري ڇڏيوسين. ڪالھہ چيائين تہ ”سڀاڻي هلنداسين.“ اڄ مون چئين بجي تائين اوسيئڙو ڪيومانس، پر نہ آيو تہ اُٿي گهر وڃڻ لڳس. اڃا فليٽ تائين پھتو ئي نہ هئس تہ پويان عمر بہ بائيڪ کڻي اچي پھتو ۽ چيائين، ”انڪل، معاف ڪجو، رات چئين بجي تائين آءٌ پنھنجي ’ني ڦنگيو‘ سان گڏ هئس، سو اڄ جلد جاڳ نہ ٿي سگهي. موڊ هجي تہ هلئون.“ مون چيس، ”يار انتظار اشد من الموت وانگر مون ٻارهين کان وٺي تنھنجو اوسيئڙو ڪيو، جنھن مون کي ٿڪائي ڇڏيو آهي، پر هلئون ٿا.“
ائين ذائقہ تي موٽي آياسين. عمر ناشتو ڪيو (چئين بجي)، پوءِ وشال کي چيوسين تہ ديدي گهرائي ڏي. ٿوري دير ۾ ديدي بہ اچي ويئي. اسان ان ۾ ويٺاسين ۽ Guangnu zhung Autounomous Region library روانا ٿي وياسين. جيڪا اتان کان ٻارهن تيرهن ڪلوميٽر پري هئي. عمر کان پڇيم تہ ”تو واري ’ني ڦنگيو‘ بہ اچڻي هئي، پر اها نہ آئي....؟“ جواب ڏنائين ”رات چئين بجي تائين گڏ گهمياسين، ان ڪري ٿڪل آهي ۽ هينئر ستل آهي. ستين ساڍي ستين تائين اتي هونداسين تہ پاڻ کي اچي جوائن ڪندي.“
هڪ هنڌان لنگهندي کاٻي پاسي عمر هڪ خوبصورت عمارت ڏانھن اشارو ڪيو ۽ چيائين تہ ”هي گوانگسي صوبي جو گورنمينٽ هائوس يعني سيڪريٽريٽ آهي، جتان گوانگسي ريجن جو ڪاروهنوار هلايو وڃي ٿو ۽ هي مرڪزي شاهراھہ آهي، جيئن پاڻ وٽ شاهراھہ دستور يا اهڙي قسم جي ڪا ٻي شاهراھہ.“ وغيرہ.
چين ۾ ڪيترائي صوبا ۽ ريجنس اندروني طور خودختيار آهن، انھن ۾ گوانگسي ريجن بہ آهي، نئننگ ان جي گادي جو هنڌ آهي.
ديدي اڳتي وڌي ويئي ۽ نيٺ ڦرندي گهرندي اچي اسان کي لئبريري جي اڳيان لاٿائين. لئبريري جو ٻاهريون نظارو ئي نھايت سُھڻو هو. گل ۽ گلڪاري تہ هن شھر جي سڃاڻپ آهي، تڏهن تہ کيس ”گرين سٽي“ چيو وڃي ٿو.
اسان گيٽ ٽپي اندر گهڙياسين، ڏٺم تہ ٻاهر بہ ڪجهہ مايون ۽ ٻارڙا ويٺا ڪتاب پڙهي رهيا هئا. کاٻي پاسي هڪ ننڍي ڍنڍ ٺھيل هئي، جنھن ۾ ننڍيون توڙي وڏيون، اڇي ۽ سونھري رنگ جون مڇيون تري رهيون هيون. ڏاڪڻيون چڙهي سيڪيورٽي گيٽ مان ڪراس ڪري لئبريري ۾ اندر گهڙياسين. نھايت خوبصورت هال هو، جنھن جي ٻن پاسن کان ننڍا شيلف ٺھيل هئا، جن ۾ چيني زبان ۾ ڪتاب رکيل هئا، جيڪي گهڻو ڪري سرڪاري طور تي ڇپيل ڪميونسٽ پارٽيءَ جي لٽريچر ۽ شي چن پنگ جي تقريرن جا مجموعا هئا. اسان لفٽ ۾ چڙهي پھرين ٻي ماڙ ۽ پوءِ ٽي ماڙ پھتاسين. نھايت خوبصورت ۽ سھڻي ڇپائي ٿيل ڪتاب شيلفن ۾ رکيل هئا. پُڇڻ تي هڪ هنڌ انگريزي ڪتابن جو ڏس مليو، شيلف بہ ڏٺاسين، پر شيڪسپيئر ۽ ڪجهہ ڪلاسيڪي انگريزي ليکڪن جي ڪتابن کان سواءِ باقي سڀ چينيءَ ۾ هئا. البت هڪ ڳالھہ حقيقت بنجي منھنجي سامھون آئي تہ ٻاهريون ادب ججهي انگ ۾ چيني زبان ۾ ترجمو ٿيل نظر آيو. اتي مون هيلن ڪيلر جي آپ بيتي بہ چينيءَ ۾ ترجمو ٿيل ڏٺي. هيلن ڪيلر جي ان آتم ڪھاڻي جو مون ڪيترائي سال اڳ سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو هو ۽ 2004ع ڌاري روزاني هلال پاڪستان جي عورتن جي صفحي ’سگهڙين سٿ‘ ۾ پنھنجي نياڻي ’امرتا ميمڻ‘ جي نالي سان ڇپرايو هو. اهي اخبارون ٿي سگهن ٿيون تہ منھنجن فائلن ۾ ڪٿ پيل هجن. ان آتم ڪھاڻي جو ترجمو گهڻا سال پوءِ ’پرويز علي خاصخيلي‘ پڻ ڪيو، جيڪو روشني پبليڪيشن وارن ڪتابي صورت ۾ ڇپرايو آهي.
اتي ڪيترائي ماڻھو ڪتاب چونڊي، ڪمپيوٽر جي سامھون انھن جا فوٽا اسڪين ڪري، پوءِ وي چيٽ تي انھن جي ڪرائي جي ادائيگي ڪري کڻي وڃي رهيا هئا. جن ڪتاب کنيا ٿي انھن جا نالا بہ اسڪرين تي آيا ٿي تہ جن واپس ٿي ڪيا تہ انھن جا بہ نالا اسڪرين تي آيا ٿي. ائين هر ڪو ڪتاب گهر کڻي وڃي سگهيو ٿي. ان سھوليت ۽ چينين جي ڪتابن پڙهڻ جي شوق ۽ ذوق گهڻو متاثر ڪيو. ڪافي عورتون، ڇوڪريون، مرد ۽ ٻارڙا اُتي ڪرسين تي ويٺا ڪتاب پڙهي رهيا هئا. لئبريري جي ٽنھي طبقن تي ڪيترائي هال هئا، جن ۾ پڙهندڙ خاموشيءَ سان پڙهي رهيا هئا. مون ڏٺو تہ عمر پنھنجو شولڊر بئگ ڪلھن ۾ پايو پي هليو ۽ ٻين چينين کي بہ پاتل هئا. دل ۾ آيم تہ، جي پاڪستان هجي ها تہ اهو ٻاهر ئي رکرائين ها ۽ جي ڀُل چڪ ۾ عمر اندر کڻي وڃي ها تہ ڪي نظرون لڳاتار سندس تعاقب ڪنديون رهن ها تہ ڪٿي همراھہ ڪو ڪتاب نہ کڻي شولڊر بئگ ۾ وجهي، پر هتي اهڙي ڪا ڳالھہ ڪونہ هئي. البت ڪئميرا جي اک کان ڪنھن بہ ماڻھوءَ جي چرپر لڪيل نہ هئي.
ڪتاب ڏسندي ڪجهہ ڪتاب اهڙو بہ ڏٺم، جن لاءِ منھنجي دل سٽ کاڌي تہ مون وٽ هئڻ گهرجن ۽ انھن جو مطالعو ضروري آهي. انھن مان هڪ ڪتاب جيتوڻيڪ چيني ۾ هو، پر ان جي ڪور تي انگريزي ۾ بہ نالو لکيل هو، Ten Novels and their Authors. ڪتاب جو ليکڪ وليم سمرسٽ ماهم (1965-1874) هو. سمرسٽ ماهم پڙهندڙن لاءِ ڪو نئون نالو ڪونھي. اهو ڪتاب انگريزيءَ مان ترجمو ٿيل هو. ڪتاب ۾ جن ڏهن ناولن ۽ انھن جي ليکڪن جي فڪر جو جائزو ورتل هو، انھن ۾ ڪتاب جو پھريون ’باب آرٽ آف فڪشن‘ بابت آهي، باقي فھرست هن ريت آهي:
1. Henry fielding and Tom Jones
2. Jan Asten an pride and Prejudice
3. Sitongda and Red and Black
4. Balzac and old man Gari.
5. Charles dicknens and David cupper field
6. Flaubert ard Madam Borary
7. Her man Melville and Moby Dick.
8. Emily Bronte and wuthering Hieghts.
9. Dostoevsky and Kara Mazo Brothers
10. Tolstoy and war and Peace.
آخريون باب Concluscun جو آهي. ٻيا بہ ڪيترائي ڪتاب هئا. جن ۾ Rise and fall of Adom and eva [آدم ۽ حوا جو عروج ۽ زوال] خوبصورت تصويرن سان موجود هو. ڪوريا جي جنگ تي بہ هڪ نھايت خوبصورت ڪتاب موجود هو، جنھن ۾ ڪوريا جي ٻن حصن ۾ ورهائجڻ جي ڪھاڻي بيان ڪيل هئي.
ڪتابن جو ذڪر ڪيم تہ صفحن جا صفحا لکڻا پوندا.
هن لئبريري ۾ هر مھيني لئبريري پاران مختلف هالن ۾ ادبي، ثقافتي ۽ تعليمي پروگرام بہ ٿين ٿا، جن جي ٻارهن مھينن جو شيڊول هر سال جنوري ۾ پڌرو ڪيو ويندو آهي. جن ۾ آن لائين بہ شرڪت ڪري سگهجي ٿو، انھن مان ڪن جي معمولي فيس بہ هئي.
اسان ڏيڍ ٻہ ڪلاڪ ڪتاب ڏسندا، انھن جا فوٽو ڪڍندا رهياسين. عمر چيو تہ انڪل مون کي ڪتابن سان تہ دلچسپي ڪونھي، پر اڄ هيترا سارا ۽ هيترن موضوعن تي ڪتاب ڏسي سوچيان پيو تہ وانڌڪائي جي وقت ۾ انھن مان فائدو وٺجي. مون چيس، ”ڪتاب توکي فائدو ئي ڏيندا.“ عمر کي چيني ڳالھائڻ تہ ايندي آهي، پر ٿوري گهڻي پڙهڻ بہ ايندي آهي.
هاڻ اسان واپس ورڻ جي ڪئي، جو ساڍي ستين بجي عمر جي ”ني ڦنگيو“ سان ملڻو هو. کيس ڪتابن جو شوق هو ۽ منھنجو بہ خيال هو تہ ساڻس ملي مون کي بہ ڪتابن بابت وڌيڪ ڄاڻ ملندي. ڪو ڪتابن جو شوقين ملي تہ ٻيو ڇا گهرجي. اسان واپس وڃڻ جي لاءِ لفٽ ذريعي هيٺ لھي آياسين، اتي بيھي فوٽو ڪڍي رهيا هئاسين، جو هڪ وردي پاتل مائي اُتي آئي ۽ عمر کان پڇيائين تہ ڪٿان جا آهيو. ”پاچيستان.“ عمر وراڻيو، ”تہ پوءِ اوهان سامھون ميوزيم ضرور ڏسو. اوهان جو وقت سجايو ويندو.“
اسان ڀرسان ئي هڪ هال ۾ گهڙياسين، سامھون لکيل هو. ”جاپان- چائنا سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي.“
اندر گهڙياسين تہ پھرين وزيٽر بوڪ تي نظر پئي، تہ جيڪو بہ ميوزيم وزٽ ڪري تہ ان تي پنھنجي صحيح ڪري ۽ تاثرات لکي. مون ان تي پنھنجو نالو سنڌي ۽ انگريزي ۾ لکيو. جڏهن دھلي ويا هئاسين، تڏهن بہ مون ساهتيہ اڪيڊميءَ جي وزيٽر بوڪ تي پنھنجا تاثرات ”سنڌيءَ“ ۾ لکيا هئا.
ميوزيم ننڍڙو پر نھايت خوبصورت هو. مون کي ان جي جيڪا خاص ڳالھہ نظر آئي، متاثر ڪيو ۽ منھنجي ڄاڻ ۾ اضافو ڪيو، ان ۾ قديم چيني اسڪرپٽ هو، جنھن جا اکر مڇيءَ جي شڪل وانگر هئا ۽ ٻيون بہ تصويري شڪليون هيون. منھنجي خيال ۾ اهو شروعاتي چيني ٻوليءَ جو اسڪرپٽ آهي. ان کان ٿورو اڳيان هڪ وڏي پٽي تي هڪ ٻيو تصويري اسڪرپٽ رکيل هو، جن جي هيٺان هاڻ استعمال ٿيندڙ الفابيٽ جا اکر بہ لکيل هئا. مون کي هڪدم موهن جي دڙي جو اسڪرپٽ ياد اچي ويو ۽ انھن جا فوٽو ڪڍيم ۽ مووي ڀريم. جيڪڏهن اهو ميوزيم نہ ڏسان ها تہ سچ پچ تہ هڪ وڏي معلومات کان رهجي وڃان ها.
نئننگ ۾ ٻيون بہ ڪيتريون ئي ڏسڻ جھڙيون شيون آهن، جن مان ڪي ڏٺم تہ ڪي رهجي ويون. پر جي هيءَ لئبريري ۽ ميوزم نہ ڏسان ها تہ سچ پچ تہ پاڻ کي محروم سمجهان ها. هن لئبريري جو بنياد 1931ع ۾ رکيو ويو ۽ ان جي عمارت 55000 اسڪوائر ميٽرن تي مشتمل آهي. لئبريري جي ڪارڪردگيءَ کي نظر ۾ رکندي ڪلچر ۽ ٽورزم جي وزارت پاران هن لئبريري کي ”فرسٽ ڪلاس لئبريريءَ“ جو ايوارڊ بہ ڏنو ويو. لئبريري ۾ 120000 کان بہ وڌيڪ قديم ۽ جديد ڪتاب ۽ مخطوطا وغيرہ محفوظ آهن، جيڪو تمام وڏو ذخيرو آهي.
ميوزيم ۽ لائبريري جي عمارت مان ٻاهر نڪري روڊ جي ڀرسان ٺھيل نھايت خوبصورت بئنچن تي ويھي ٿڪ ڀڳوسين ۽ پاڻي پيتوسين. وڻن جي ڇانوَ ۾ ان بئنچ تي ويھي سامھون روڊ تي هلندڙ گاڏين کي ڏسندي طبيعت ۾ تازگي اچي ويئي. هتي رستي جي ڀرسان ماڻھن جي ويھڻ ۽ ٿڪ ڀڃڻ لاءِ ڪيتريون ئي خوبصورت ڪاٺ جون بئنچون کُتل هيون. اُتي ٿوري دير ويھي پوءِ اٿي سب وي اسٽيشن وڃڻ لڳاسين. عمر چيو تہ سندس ”ني ڦنگيو“ هڪ اسٽيشن اڳيان ايندي.
اسٽيشن تي پھچي هيٺ لٿاسين. سب وي هڪ عجيب جھان آهي. جنھن بابت پويان بہ لکي آيو آهيان، اسان ايندڙ اسٽيشن تي لھڻ لاءِ آٽوميٽڪ ٽڪيٽ مشين مان چار چار يوان ڏيئي ٻہ ٽڪيٽون ورتيون. ٻہ ٽوڪن نڪري آيا، عمر هڪ ٽوڪن مون کي ڏنو ۽ اسان اڳيان وڌياسين. اندر وڃڻ لاءِ ٽوڪن گيٽ تي ٽچ ڪياسين تہ کلي پيا. اهو ٽوڪن سنڀالي رکڻون آهي، جو جيئن ئي پنھنجي منزل واري اسٽيشن تي پھچبو تہ سب وي مان لھي، ٻاهر نڪرڻ مھل اهو دروازي جي سوراخ ۾ وجهبو تہ دروازو کلي ويندو ۽ اوهان ٻاهر نڪري ايندا.
سب وي هڪٻئي جي پويان اچن، جيئن تہ اسان کي تڪڙ نہ هئي، سو آرام سان هلندا، ڪچھري ڪندا اُتي بيٺا رهياسين. ٻہ سب وي ڇڏي ٽيءَ ۾ چڙهياسين ۽ ٻن منٽن اندر ايندڙ اسٽيشن تي اچي لٿاسين. سب وي مان لھي، ٻاهر نڪتاسين تہ ڄڻ هڪڙي دنيا مان نڪري ٻي دنيا ۾ پھچي ويا هجون. پاتال مان نڪري مٿي ڌرتيءَ تي پھچي وياسين جتي ڪار جھان زندگي پنھنجي رفتار سان هلي رهيو هو. سامھون ئي سبزي ۽ گوشت مارڪيٽ هئي، عمر کي چيم تہ، ”هل تہ اندران ڏسي اچون.“ اها سبزي، فروٽ ۽ گوشت مارڪيٽ ڪافي وڏي هئي. ان ۾ ڀانت ڀانت جون ڀاڄيون ۽ ميوا رکيا هئا. گوشت واري پاسي اسان ڪونہ وياسيون، ان صاف سٿري مارڪيٽ مان سرسري چڪر هڻي ٻاهر نڪتاسين. عمر پندرهن آر. ايم. بي ڏيئي هڪ فروٽ شاپ تان پنھنجي ”ني ڦنگيو“ لاءِ ’اسٽرابيري‘ ورتيون ۽ پوءِ اسان روڊ ڪراس ڪري ٻي پاسي آياسين ۽ مقرر هنڌ ڏانھن هلڻ لڳاسين، جتي عمر جي ”ني ڦنگيو“ (گرل فرينڊ) اچڻي هئي، عمر چيو تہ، ”ميري والي ڪھہ رهي هي، ڪار کڻي ٿي اچان، جيئن انڪل سان ڪچھري بہ ٿي وڃي ۽ کيس ڪار ۾ واپس ڇڏي پوءِ پاڻ بہ بِھائي هلنداسين.“ اصل ۾ عمر ۽ سندس ني ڦنگيو کي بھائي وڃڻون هو. جتي ميراٿن ريس ٿي رهي هئي. عمر جي گرل فرينڊ ’ميراٿن ريس‘ ڏسڻ جي شوقين هئي. عمر مون کي بہ هلڻ جي صلاح هنئي، پر جيئن تہ پرينھنءَ اسان کي ايوا (Yiwa) وڃڻو آهي. تنھنڪري مون سندس مھرباني مڃي. ان سالياني ميراٿن ريس تي ماڻھن کي پھچائڻ لاءِ نہ رڳو سب وي جا وقت وڌايا ويا هئا، پر ٻہ وڌيڪ سب وي پڻ هلايون ويون هيون. مون عمر کان پڇيو تہ، ”پوءِ ڪرايا بہ وڌايا هوندن.“ عمر وراڻيو نہ. پاڻ وٽ تہ اهڙن موقعن تي گاڏين جي هٿرادو کوٽ ڪري، ڀاڙا وڌائي، ماڻھن جا کيسا خالي ڪيا ويندا آهن.
عمر بار بار پنھنجي گرل فرينڊ لاءِ ’ميري والي‘ چئي رهيو هو، جنھن تي آءٌ دل ئي دل ۾ کليس ٿي. جھڙوڪ ’ميري والي ڪو پسند هي.“ ”ميري والي ڪھہ رهي هي.“ ”ميري والي آرهي هي.“ اسان ٻيئي هلندا مقرر جاءِ تي اچي اتي رکيل بئنچ تي ويٺاسين، اهو روڊ ٿورو پاسيرو هو، پر پوءِ بہ گاڏين ۽ ماڻھن جي اچ وڃ جاري هئي. هلڪي اونداهي پڻ هئي، شام جا ساڍا ست ٿي رهيا هئا. وڻ جي هيٺان بئنچ تي ويھي اسان ڪچھري ڪندا رهياسين. عمر پنھنجي گرل فرينڊ سان رابطي ۾ هو ۽ ٻڌايائين تہ لوڪيشن موڪلي اٿمانس، پندرهن منٽن ۾ پھچي ويندي. ٿوري دير کان پوءِ عمر چيو ”ميري والي“ اچي ويئي آهي. هوءَ سامھون ئي پنھنجي ننڍي ڪار جهليو بيٺي هئي. ”ني هائو“ چئي مرڪي ملياسين. عمر مون کي گهڻو ئي ڪار ۾ اڳيان ويھڻ جي لاءِ چيو، پر آءٌ ڪار جو در کولي پويان ويھي رهيس. سندس ني ڦنگيو، جنھن جو نالو Fu- Gui- Shi هو، مون کي هڪ ٿيلھي کڻي ڏني تہ اوهان جي لاءِ سوکڙي آهي، جنھن ۾ هڪ فريم ٿيل خوبصورت خطاطي سان ڪو چيني جملو لکيل هو.
ان سان گڏ ٻہ ٻيون بنا فريم ٿيل تصويرون ۽ هڪ چيني ڳاڙهو ڪتاب هو، جيڪو چيني ڪميونسٽ پارٽي پاران پنھنجن ميمبرن لاءِ ڪورس طور ترقي لکيل هو. نالو اٿس، Rudaing Jiji Fenz, Pecxum- Jiao CAI (Active Party Member Traning Materials. هن چيو تہ ڪوشش ڪنديس تہ اهو انگريزي ۾ ملي وڃي تہ اوهان کي ڏيندس، Fu. Gui. Shi ڇاڪاڻ تہ پوليس ۾ هئي، تنھنڪري هوءَ ڪميونسٽ پارٽي جي مرحليوار ڪورس ڪري ميمبر ٿي ويندي. هتي فوج سميت جيڪي بہ فورسز آهي، تن جي ڪميونسٽ پارٽي جي اسڪولن ۾ تربيت ڪئي ويندي آهي. چين جي پوليس کي ’پيپلز پوليس‘ سڏيو وڃي ٿو. جيڪا ’پيپلز فورس منسٽري آف پبلڪ سيڪيورٽي‘ جي ماتحت آهي. ان جو مشن آهي ”پارٽيءَ جي وفادار رهي، عوام جي خدمت ڪري، اڻ ڌري رهي ۽ نظم و ضبط جي پابندي ڪري.“
عمر جي ’ني ڦنگيو‘ جو خانداني پسمنظر جيئن تہ پوليس ۾ ڀرتي ٿيڻ وارو آهي. سندس پيءُ بہ پوليس وارو هو، تہ ڏاڏو بہ، تنھنڪري هن کي بہ پوليس ۾ ڀرتي ٿيڻ جو شوق هو. جڏهن تہ عمر جو پيءُ وري پاڪستاني فوج ۾ صوبيدار هو.
مون انھن تحفن تي سندس مھرباني مڃي ۽ کيس پاڻ سان آندل اجرڪ جواب ۾ سوکڙي طور ڏنم، جنھن تي ڏاڍي خوش ٿي ۽ اشارن سان چيائين تہ اها اوڍينديس. ٻي اجرڪ مون عمر کي تحفي طور ڏني Fu-Gui- Shi جو اهو ڪتاب آڻڻ جو مقصد اهو، هو تہ عمر کيس لئبريري مان هڪ ڪتاب ”ڪميونسٽ پارٽي جا هڪ سؤ سال“ جيڪو چيني ۾ هو، ان جو فوٽو ڪڍي موڪليو هو، ”انڪل پُڇي پيو، هي ڪتاب انگلش ۾ ملي ويندو.“ جنھن تي چيائين تہ، ”پُڇا ڪريان ٿي، پر مون وٽ ٻيو پيو آهي، جيڪو انڪل لاءِ کڻي ٿي اچان.“
اسان ڪچھري ڪندا ڪار ۾ پنھنجي ماڳ روانا ٿياسين. وچ ۾ الائجي ڪھڙي ڳالھہ نڪتي تہ عمر چيو، ”هي پوليس واري هئڻ جي باوجود بہ خدا نہ ڪري مون سان ڪو مسئلو ٿيو تہ منھنجي مدد نہ ٿي ڪري سگهي ۽ جي تيز گاڏي هلائيندي ڪا غلطي ڪيائين يا چالان ٿي تہ سندس پوليس جي نوڪري سندس ڪم نہ ٿي اچي سگهي.“ جنھن تي کلندي چيومانس، ”ابا پوءِ تون بہ ڍائين! باقي پوليس جي نوڪري ڪھڙي ڪم جي. پوليس هجي تہ ڀلي پنھنجي... پاچيستاني... ٿوم کي زعفران بنائڻ واري...!“
منھنجي اها ڳالھہ ترجمو ڪري ۽ انھن جي پس منظر سان پنھنجي ني ڦنگيو کي ٻڌايائين تہ هوءَ بہ کلڻ لڳي.
ائين ڪچھري ڪندا، پنھنجي ماڳ تي رسي وياسين ۽ ذائقہ تي ويھي چانھه پتيسين. هڪٻئي کي تحفا ڏيندي فوٽو ڪڍيانسين. جڏهن مون پيڪ ٿيل اجرڪ کولي کيس اوڍائڻ گهري تہ اشارن سان هوٽل ۾ ويٺل ٻين چينين ڏانھن اشارو ڪيائين تہ، ”چيني پبلڪ جي سامھون تحفا کولي انھن جي نمائش پسند نہ ڪندا آهن.“ تہ مون بہ نہ کولي. ٿوري دير ڪچھري ڪري عمر ۽ سندس ني ڦنگيو ’بِھائي‘ روانا ٿيا ۽ آءٌ فليٽ تي هليو آيس. تہ ڏٺم تہ مون واري مائي ڪاوڙي ويٺي هئي ۽ مون کي ڏسندي ئي چيائين، ”تون بہ صفا گم ٿيو وڃين. جھڙوڪر چين نہ پر دڙو هجي.“
[24 نومبر 2024ع]
دنيا جا انقلاب! انھن جا اڳواڻ، انھن جي زندگي، جدوجھدون ۽ پاليسيون منھنجي مطالعي جا پسنديدہ موضوع رهيا آهن. اهو ئي سبب آهي، جو مون ڪيترن ئي انقلابي ۽ سياسي اڳواڻن جي جيونين جا سنڌيءَ ۾ ترجما ڪيا آهن ۽ ڪجهہ ڪتاب مُرتب پڻ ڪيا اٿم. پھريون ڪتاب جنھن جي تلخيص مون 1987ع ۾ هڪ ننڍي ڪتابي صورت ۾ ڇپرائي، اهو سرحدي گانڌي خان عبدالغفادر خان جي جيوني ”منھنجي زندگي ۽ جدوجھد“ جي نالي سان ڇپيو. ان کان پوءِ هيستائين الائي ڪيترن اهڙن ڪتابن جا ترجما ڪري چڪو آهيان، جيڪي ڪتابي صورت ۾ ڇپيا آهن. منھنجي ترجمي ڪيل ڪتاب ”چي گويرا جي ڊائري“ جا هيستائين ڇھه ڇاپا ڇپجي چڪا آهن. ستين ڇاپي لاءِ فائينل پروف ڏسي روشني پبليڪيشن جي حوالي ڪري آيو آهيان. هيستائين جيڪي اهڙا ڪتاب ڇپجي چڪا آهن، انھن ۾ حضرت محمد رسول ﷲ صہ، ڀورو بگهڙ (ڪمال اتا ترڪ جي ڪھاڻي)، آزاديءَ ڏانھن ڊگهو سفر (نيلسن منڊيلا جي آتم ڪھاڻي) لينن: جنھن تقديرون بدلايون، هوگوشاويز، زندگي ۽ جدوجھد، صحرا ۾ ستل قذافي، اڏارون آڪاس ۾، (اردن جي راڻي نور الحسين جي آتم ڪھاڻي)، هڪ سؤ تاريخ ساز شخصيتون (مائيڪل هارٽ) عالمي تاريخ جون نراليون شخصيتون، ابراهام لنڪن: جهوپڙي کان صدارت تائين، آزادي ۽ انقلاب وغيرہ شامل آهن. ڪجهہ ٻيا ڪتاب بہ ترجمو ڪيا اٿم، جن ۾ ڪشميري اڳواڻ شيخ محمد عبدﷲ جي آتم ڪھاڻي، ”آتش چنار“ جي تخليص ۽ ترجمو، سڀاش چندر بوس تي سندس ڀائيٽي ’سسرڪمار بوس‘ جو ڪتاب، جيڪو نئين دنيا پبليڪيشن پاران ڇپجي رهيو آهي.
هتي چين ۾ اچي، مون وڌ ۾ وڌ چيني انقلاب ۽ ان جي اڳواڻن بابت مطالعو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، انھن ۾ مائوزي تنگ، ڊينگ زيائو پنگ ۽ ٻين چيني اڳواڻن بابت وڌ ۾ وڌ ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي جستجو ۾ هوندو آهيان. خاص ڪري مائو، جيڪو پنھنجي دور جو وڏو انقلابي هو، هُن انقلاب جي اڳواڻي ڪري چين کي پرمار قوتن کان آزاد ڪرايو، اتي چين کي ترقي ڏيارڻ لاءِ بہ وڏا ڇال ڏنا. جن مان ڪجهہ ناڪام بہ ٿيا، پر مجموعي طرح مائوءَ جو انقلاب هڪ ڪامياب انقلاب هو ۽ سندس قيادت ۾ چين پنھنجي نئين سڃاڻپ حاصل ڪئي.
انقلاب کان پوءِ چين کي تيزيءَ سان ترقي ڏيارڻ لاءِ مائوزي تنگ ’گريٽ ليپ فارورڊ‘ يعني ”اڳتي وڌڻ جي لاءِ ڇال“ ڏيئي فاصلو طئي ڪرڻ جي رٿ پيش ڪئي. ان مقصد جي لاءِ هن چيني عوام ۾ هڪ نئون جذبو پيدا ڪيو.
انقلاب کان پوءِ چين ترقيءَ جي لاءِ روسي ماڊل اختيار ڪيو، پر مائوءَ کي ان تجربي کان پوءِ احساس ٿيو تہ روسي ماڊل چين جي لاءِ قبوليت جوڳو ڪونھي، ڇو تہ چيني ۽ روسي معاشري ۾ گهڻو فرق هو. چين هڪ زرعي ملڪ هو، جنھن جي اڪثريت هارين جي هئي، جيڪي صنعتي لحاظ کان پٺتي پيل هئا، ورڪنگ ڪلاس جو تعداد بہ گهٽ هو. ساڳئي طرح ٽيڪنيڪي پيشہ ور بہ چين وٽ نہ هئا، جيڪي وڏين صنعتي رٿائن کي هلائي سگهن. اهڙين حالتن ۾ مائوءَ فيصلو ڪيو تہ چين کي پنھنجي ترقي لاءِ پنھنجو رستو پاڻ ڳولھڻون پوندو.
’گريٽ ليپ فارورڊ رٿا‘ پنھنجو رستو پاڻ ڳولھڻ جي رٿا هئي. ان رٿا جو پھريون قدم آبپاشيءَ جي نظام کي اثرائتو ۽ بھتر بنائڻ هو. ان مقصد جي لاءِ سڄي ملڪ ۾ واھہ کوٽيا ويا. پُليون اڏيون ويون، پاڻي جا ذخيرا محفوظ رکڻ جي لاءِ ڊيم اڏيا ويا. رٿا جي ڪاميابيءَ لاءِ چين جي لکين هارين کي شامل ڪيو ويو. جيتوڻيڪ هو سکيا ورتل نہ هئا، پر انھن ۾ اهو جذبو پيدا ڪيو ويو تہ هو ڪم ۾ شريڪ ٿيڻ جي لاءِ پنھنجا روزمرہ جا اوزار کڻي اچن، سائيٽ تي سندن رهڻ جي لاءِ بيرڪون اڏيون ويون تہ جيئن وقت جو ذيان نہ ٿئي. ماني اهي گڏجي ڪينٽين ۾ کائيندا هئا ۽ ڪم جي وقت جي سختيءَ سان پابندي ڪئي ويندي هئي، سندن تربيت فوجي طريقي سان ڪئي ويئي هئي. هو صبح جو سوير اٿي پنھنجا اهي اوزار فوجي طريقن سان رائفلن وانگر ڪلھي تي رکي قطار جي صورت ۾ ڪم تي ايندا هئا. [مون هِتي جي ميوزمن ۾ اهڙيون ڪيتريون ئي وڏيون وڏيون تصويرون پينٽ ٿيل ڏٺيون] جنھن جو نتيجو اهو نڪتو تہ سندن محنت جي ڪري آبپاشي جي نظام کي بھتر بنايو ويو. جيتوڻيڪ ان ۾ ٽيڪنالاجيءَ جي لحاظ کان خاميون هيون، پر اڻ سکيا ورتل هارين اهو ڪم ڪري ڏيکاريو، جنھن جي دنيا کي توقع نہ هئي.
نئين آبپاشي نظام پوکي راهي جي اوزارن جي بھتري، هَر وسيلي زمين کيڙي ان جي گهرائيءَ ۾ ٻج پوکڻ، انھن سڀني گڏجي اُپت ۾ واڌارو ڪيو ۽ ’ڪميون سسٽم‘ مڪمل طور تي عمل ۾ آندو ويو. هر ڪميون ۾ هزارين هاري گهراڻن کي شامل ڪيو ويو. جيڪي گڏيل پوکي راهي ڪندا هئا ۽ ڪميون ۾ تعليم ۽ تربيت ۽ مختلف پيشي وراڻيون سکيائون ڏنيون وينديون هيون. چيني پريس ۾ ان رٿا جي ڪاميابيءَ جي وڏي پئماني تي پروپيگنڊه ڪئي ويئي. خود مائوزي تنگ بہ مختلف علائقن جو دورو ڪيو ۽ عام ماڻھن جي انقلابي جذبي کان گهڻو متاثر ٿيو.
صنعتي ترقي جي لاءِ اسٽيل جو هئڻ ضروري هوندو آهي. ان کوٽ کي پورو ڪرڻ جي لاءِ سڄي ملڪ ۾ بٺيون لڳايون ويون، جتي ڏينھن رات اسٽيل ٺاهڻ جي لاءِ استعمال ٿيندڙ ٿانوَ ۽ اوزار سڀ بٺين ۾ وڌا ويا ۽ لڳ ڀڳ ٽي ملين ٽن اسٽيل استعمال ڪيو ويو هو، جيڪو هڪ ناقابل يقين عمل هو.
ٻنين کي ڇيھون رسائيندڙ جيت بہ موجود هئا ۽ پکي بہ، تنھنڪري انھن جي خلاف مھم هلائي ويئي. خاص ڪري جهار/ جهرڪين کي هڪ هڪ ڪري ماريو ويو تہ جيئن هو فصلن کي نقصان نہ رسائين، جهار جي خلاف ان مھم جي گهڻي تشھير ڪئي ويئي ۽ جنھن گهڻي ۾ گهڻيون جهرڪيون ماريون، تنھن کي ’هيرو‘ قرار ڏنو ويو.
’ڪميون سسٽم‘ وسيع ڪيو ويو. ڪميون سسٽم ۾ هارين وٽ نہ ڪا زمين هئي نہ وري ڪو مال وجهو، اها سڀ ڪميون جي ملڪيت هئي. ڪميون جي لاءِ جيڪو معاوضو ڏنو ويندو هو، ان جو اصول اهو هو تہ جنھن گهراڻي کي جيتري گهرج هوندي، ان کي اوترو ڏنو ويندو. حڪومت پاران مختلف ڪميونن ۾ اهو مقابلو بہ شروع ٿيو تہ ڪنھن جي پيداوار گهٽ ۽ ڪنھن جي وڌ آهي.
سرڪاري عملدارن پاران ان رٿا جي ڪاميابيءَ جي لڳاتار پروپيگنڊه ڪئي پي وئي ۽ زرعي پيداوار کي زوري ڪميون کان کسي رياست جي ذخيري ۾ گڏ ڪيو پي ويو. 1959ع ۾ ايم. ٽي 450 ٿي ويئي، جيڪا دنيا جي ڪنھن بہ وڏي ملڪ يعني آمريڪا کان بہ گهڻي ٿي ويئي هئي. پر اصل حقيقت اها هئي تہ سرڪاري عملدار غلط انگ اکر ڏيئي ان رٿا کي ڪامياب بيان ڪندا هئا. پر هارين جي حالت غربت ۽ مفلسيءَ واري هئي. جن عملدارن کي خبر هئي، اهي مائوءَ جي سامھون بيان ڪري نہ ٿي سگهيا. تنھنڪري سرڪاري پروپينگنڊه جي ذريعي ڪاميابيءَ جون ڪھاڻيون هيون. مائوزي تنگ پاران جيڪا رٿا تيار ڪئي ويئي هئي تہ چين جي عوام جي مدد ۽ جذبي سان مشڪلاتن تي قابو پاتو وڃي، پر چين جي لاءِ سڀ کان وڏو مسئلو اهو ئي هو تہ وٽس انفرادي قوت ۽ توانائي تہ موجود هئي، پر چيني هارين جي گهڻائي نہ رڳو اڻ پڙهيل هئي، پر ٽيڪنيڪي طور تي پٺتي پيل بہ هئي. ان ڪري انجنيئرن، سائنسدانن ۽ اڏاوتي ماهرن جي سخت کوٽ هئي. واهن، پلين، آبي ذخيرن ۽ ڊيمن جي جيڪا اڏاوت ڪئي ويئي، اها ٽيڪنيڪي طور تي ڪمزور هئي، اهو ئي سبب هو تہ جڏهن برساتون پيون تہ ڪيتريون ئي پليون ٽٽي ويون. ڊيمن ۾ پاڻي ڀرجي ويو، جنھن ٻوڏ جھڙي صورتحال پيدا ڪري ڇڏي، جيڪا ڳوٺن ۽ ٻنين کي پاڻ سان وهائي ويئي، پر سرڪاري طور تي ان ڳالھہ جو اعتراف نہ ڪيو ويو. جنھن جهار (جهرڪيون) کي ماريو ويو تہ ان سان بہ فصلن کي نقصان رسيو، ڇو تہ جهرڪيون جيت جڻا کائي وينديون آهن، جن جي ڪري فصل محفوظ رهن ٿا، پر جڏهن جهار/ جهرڪيون ختم ٿي ويون تہ جيتن جڻين فصلن کي خراب ڪري ڇڏيو. اسٽيل ٺاهڻ جي لاءِ جڏهن وڻ وڍي ٻارڻ طور استعمال ڪيا ويا تہ ان جو آبھوا تي اثر پيو ۽ جڏهن ڪميون مان زوري اناج گڏ ڪيو ويو تہ سرڪاري عملدارن هارين جي گهرن ۾ جيڪو اناج هو، اهو بہ پاڻ سان کڻي ويا، جنھن هارين کي فاقن ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو، پر چيني عملدارن پنھنجي غلط رپورٽن ۾ رٿا جي ڪاميابيءَ کي وڌائي چڙهائي پيش ڪيو، پر ڳالھہ لڪي نہ سگهي ۽ مائو کي ان جي ناڪامي بابت ٻڌايو ويو.
’گريپ ليپ فارورڊ‘ دوران هڪ ٻي مھم جوئي ڪري ريڊلائن جي اڏاوت شروع ڪئي ويئي، جنھن جو مقصد صنعتي زونز کي آمريڪي حملن کان محفوظ رکڻ هو. ريڊلائين جي تعمير تي ڪنسٽرڪشن جي پنجاھہ سيڪڙو بجيٽ خرچ ٿي. صنعتي زون ڳجهن ماٿرين ۽ غارن ۾ اڏيا ويا. ڪجهہ وقت کان پوءِ چين جا آمريڪا سان لاڳاپا بھتر ٿي ويا ۽ روس سان ڇڪتاڻ وارا. جنھن جي نتيجي ۾ ريڊلائن تي سيڙپڪاريءَ جا هاڪاري نتيجا نڪري نہ سگهيا.
مائوءَ، صحت جي لاءِ انقلابي پاليسي جي شروعات ڪئي، هارين کي پرائمري صحت جي سکيا ڏني ويئي. صحت جي لاءِ هر ڳوٺ کي موبائيل سروس مھيا ڪئي ويئي. حفاظتي طريقن تي زور ڀريو ويو. مائوءَ جي صحت پاليسي ڪامياب ويئي. جيئڻ جي عمر 35 سالن مان وڌي سراسري 63 سال ٿي. ’ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن‘ چين جي صحت پاليسي کي واکاڻيو.
گريٽ ليپ فارورڊ رٿا، جنھن مقصد سان شروع ڪئي ويئي هئي، اهو ڪامياب ٿي نہ سگهي. جنھن جي نتيجي ۾ مائوءَ، پاران چو اين اين لائي، ليوشائوچي ۽ ڊينگ زيائو پنگ کي اها ذميواري سونپي ويئي تہ هو حالتن کي بھتر بنائين. ٽئي اڳواڻ معاشي بحاليءَ جا قائل هئا، جڏهن تہ مائو سوشلزم تي زور ڏيئي رهيو هو. مائوزي تنگ جي نظريي موجب نظرياتي سياست سرمائي کان وڌيڪ اهم هئي. ليو شائوچي ذهين، محنتي ۽ ديانتدار اڳواڻ هو. سندس نظم ۽ ضبط جي ڪري سندس ساٿي گهڻو احترام ڪندا هئا. ڊينگ زيائو پنگ متحرڪ ۽ سگهاري شخصيت جو مالڪ هو. سندس حوالي جيڪو بہ ڪم ڪيو ويندو هو، اهو وڏي عزم سان پورو ڪندو هو. ڊينگ رڳو سوچيندڙ نہ پر عمل ڪرڻ وارو اڳواڻ هو. سندس نظر ۾ آئيڊيالوجيءَ جي گهڻي اهميت نہ هئي. هن پھريون ڪم اهو ڪيو تہ هارين کي زمين جا ننڍا ننڍا ٽڪرا ڏنا تہ جيئن هو پنھنجي اُپت ڏيئي سگهن ۽ پنھنجو مال وجهو پالي سگهن. کين ان ڳالھہ جي بہ موڪل ڏني ويئي تہ پنھنجي آمدني وڌائڻ جي لاءِ ڪو ڪم ڪري سگهن. ان پاليسيءَ جي نتيجي ۾ نہ رڳو ڏڪر جو خاتمو ٿيو، پر هارين پنھنجن ٻنين تي پوکي راهي ڪري پنھنجي ڪُٽنب جي پالنا ڪئي ۽ 1962ع ۾ چين جنھن معاشي گهوٽالي مان گذري رهيو هو، ان جو خاتمو ٿيو.
[25 نومبر 2024ع]
ڪالھہ ’گريٽ ليپ فارورڊ رٿا‘ تي لکندي مائوءَ جي شروع ڪيل ثقافتي انقلاب جو پڻ خيال ايندو رهيو، حقيقت ۾ گريٽ ليپ فارورڊ رٿا جي ناڪاميءَ سان مائوزي تنگ جي پوزيشن گهڻي متاثر ٿي ۽ پارٽيءَ ۾ بہ مائوءَ جي مخالف ۾ آواز اٿڻ شروع ٿيا. ليو شائوچي جنھن کي مائو جو جانشين سمجهيو ويندو هو، پارٽي ڪانفرنس ۾ کليل نموني مائو جي مخالفت ڪئي ۽ ان ڳالھہ جي وضاحت ڪئي تہ ’گريٽ ليپ فارورڊ رٿا‘ ترقيءَ بدران پسماندگيءَ جو سبب بني. جنھن هارين جي اڪثريت کي بک ۽ پسماندگي ۾ مبتلا ڪيو. ليوشائوچي جي تقرير کان پوءِ مائو پنھنجي هڪ جنرل کي ان جو جواب ڏيڻ جي لاءِ چيو. جنھن مائو جي ڏاهپ ۽ قائداڻي صلاحيت جي واکاڻ ڪئي ۽ اها ڳالھہ ورجائي تہ مائو جي شخصيت جي ڪري ئي چين پنھنجن مسئلن تي قابو پاتو آهي. ان تقرير کان پوءِ مائو پاڻ هڪ ڀيرو ٻيھر ڳالھائڻ جي لاءِ اُٿي بيٺو. هن ڀيري مائو پنھنجي تقرير ۾ ان ڳالھہ ڏانھن اشارو ڪيو تہ ڪميونسٽ پارٽيءَ ۾ ڪجهہ بورجوا عنصر شامل ٿي ويا آهن، جيڪي چين کي ان سوشلزم طرف وٺي وڃي رهيا آهن، جنھن پاسي خروشچيف روس کي پھچايو آهي، ان کان پوءِ پارٽي ۾ پنھنجن مخالفن تي حملا ڪيا. سڀ کان ججهي تنقيد ليوشائوچي تي ٿي، جنھن کي چين جو خروشچيف چيو. پرليو شائوچي ۽ ڊينگ زيائو پنگ ان ڳالھہ تي سھمت هئا تہ خرابي جي پاڙ پارٽيءَ جي تنظيم ۾ آهي.
گريٽ ليپ فارورڊ جي ناڪاميءَ تي پارٽي تي سخت تنقيد ٿيڻ لڳي ۽ ايئن پي لڳو تہ پارٽي تان مائوءَ جي اٿارٽي ڪمزور ٿي ويئي آهي. مائو ان صورتحال جو مقابلو ڪيو ۽ ڪجهہ وقت جي لاءِ بيجنگ ڇڏي اڪيلائيءَ ۾ هليو ويو. اتي هن نئين صورتحال جو تجزبو ڪيو ۽ ان نتيجي تي پھتو تہ پارٽي ۾ ڪجهہ بورزوا عنصر آهن، جيڪي رڪاوٽون پيدا ڪري رهيا آهن. تنھنڪري ضروري آهي تہ ثقافتي انقلاب جي ذريعي اهڙن عنصرن جو خاتمو ڪيو وڃي. ثقافتي انقلاب جي شروعات شاگردن کان ٿي. هُنن پنھنجي استادن جي خلاف قدم کنيا، جن جي نظرن ۾ اهي بورزوا هئا ۽ جيڪي ڪلاسن ۾ بورزوا نظريا پڙهائيندا هئا. مائو شاگردن کي ”ريڊ گرينڊ“ جو خطاب ڏنو ۽ اهو بہ اظھار ڪيو تہ اهي ناانصافيءَ جي خلاف بغاوت ڪري رهيا آهن.
ثقافتي انقلاب کي وڌيڪ متحرڪ ڪرڻ جي لاءِ مائو هڪ ڊگهي عرصي کان پوءِ ’تيانن من اسڪوائر‘ آيو، جتي لکين ماڻھن سندس آجيان ڪئي ۽ نوجوانن جذبات ۾ اچي ”مائو زندھہ باد“ جا نعرا هنيا. مائوءَ عوام کي خطاب ڪندي چيو، ”هو بورزوا ڪلچر جو خاتمو ڪن ۽ چين کي صحيح معنيٰ ۾ سوشلسٽ بنائين.“
انقلابن جي هڪ خصوصيت هيءَ بہ آهي تہ جڏهن ان جي اهم اڳواڻ تي تنقيد ٿيندي آهي، جيئن چين ۾ مائوءَ تي ٿي. اهڙين حالتن ۾ يا تہ پارٽيءَ ۾ سڌارا ڪيا ويندا آهن ۽ ان جي ڪمزورين کي دور ڪري پارٽي اڳواڻ پنھنجو اثر ۽ رسوخ سگهارو ڪري ٿو ۽ جيڪي پارٽي تي تنقيد ڪن ٿا، تن کي اهميت ڏيندو آهي. ٻيو طريقو هي هوندو آهي تہ پنھنجي آمريت کي سگهارو ڪرڻ جي لاءِ پارٽيءَ تي تنقيد ڪندڙن کي ڪڍيو ويندو آهي ۽ انھن کي غدار قرار ڏيئي انھن جي خلاف پروپيگنڊه ڪئي ويندي آهي تہ جيئن عوام ۾ انھن جي خلاف جذبا پيدا ٿين ۽ انھن جي حيثيت ختم ٿي وڃي.
چين جي ڪميونسٽ پارٽيءَ ۾ جيڪو بحران آيو هو، مائو ان جو سوچي سمجهي مقابلو ڪيو. مائو جيئن تہ چين ۾ انقلاب آندو هو. هن ڪومنتانگ سان فيصله ڪن ويڙهاند ڪئي هئي ۽ جاپاني مزاحمت ڪارن جي خلاف مزاحمت ڪئي هئي، انھن ڪاميابين سندس شخصيت کي گهڻو اهم بنائي ڇڏيو هو. تنھنڪري جڏهن مٿس تنقيد ٿي تہ ان کي مُنھن ڏيڻ جي لاءِ هن ”ثقافتي انقلاب“ جو بنياد وڌو ۽ ايئن مائو هڪ ڀيرو ٻيھر انقلابيءَ جي حيثيت سان ماڻھن جي سامھون آيو.
چيني هڪ زندہ قوم آهي. مائوزي تنگ جي وفات کان پوءِ چين جي ڪميونسٽ پارٽي بہ شخصيت پرستيءَ جي خول مان ٻاهر نڪتي. ان ماضيءَ جي غلطين جو باقاعدہ جائزو ورتو ۽ پارٽيءَ جي ٻارهين ڪانگريس ۾ هڪ تفصيلي قرارداد منظور ڪئي، جنھن ۾ مائوزي تنگ جي خذمتن جو اعتراف بہ ڪيو ويو ۽ ثقافتي انقلاب جي سنگين غلطي تي مٿس تنقيد بہ ڪئي ويئي. گڏوگڏ پارٽي جي قيادت پنھنجي ان خاميءَ تي قوم کان معافي بہ ورتي تہ جڏهن مائوءَ اها مھم هلائي تہ ان جي ميمبرن سندس ساٿ ڏنو. اها قرارداد ”چيني ڪميونسٽ پارٽيءَ جي تاريخ جي باري ۾ قرارداد“ جي نالي سان عوامي جمھوريه چين جي ’غير ملڪي زبانن جي اشاعت گهر بيجنگ‘ پاران ڪتابي صورت ۾ ڇپرائي ويئي آهي. جنھن جو اردو ايڊيشن هينئر منھنجي سامھون آهي. تنھنڪري زندہ قوم تلخ تجربن جي بٺيءَ مان گذرڻ کان پوءِ ڪيئن نہ ڪُندن بنجي وڃي ٿي، قرارداد ۾ چيو ويو آهي:
”رڳو اُن ڪري تہ ڪامريڊ مائوزي تنگ زندگيءَ جي آخري سالن ۾ غلطيون ڪيون، فِڪر مائوزي تنگ جي سائنٽيفڪ قدر ۽ قيمت جي نفيءَ جي ڪوشش ڪرڻ ۽ اسان جي انقلاب ۽ تعمير ۾ سندس رهنما ڪردار کان انڪار ڪرڻ بنھه غلط ڳالھہ ٿيندي ۽ ساڳئي نموني اها ڳالھہ بہ غلط هوندي تہ ڪامريڊ مائوزي تنگ جي قولن جي باري ۾ عقيدي پرستيءَ وارو رويو اختيار ڪيو وڃي. هن جيڪي ڪجهہ چيو، ان کي اهڙي ناقابل ترميم سچائي تصور ڪيو وڃي، جنھن جو هر هنڌ ميڪانڪي انداز ۾ اطلاق ڪري سگهجي ٿو ۽ ديانتداريءَ سان اهو نہ مڃيو وڃي تہ هن زندگي جي آخري سالن ۾ غلطيون ڪيون ۽ نين ڪارروائين جي دوران بہ انھن غلطين تي هوڏ ٻڌي بيٺو رهڻ جي ڪوشش ڪجي.“ (صفحو-9)
چيني قوم اُن تجربي مان جيڪو قيمتي سبق سکيو، اهو سڀني قومن جي لاءِ سکڻ جو هڪ مثال آهي. قرارداد ۾ چيو ويو آهي:
”ثقافتي انقلاب جي سبقن ۽ پارٽيءَ ۾ موجود صورتحال کي نظر ۾ رکندي اها ڳالھہ اڻ ٽر ٿي وڃي ٿي تہ پارٽيءَ جي اندر جمھوري مرڪزيت جو ٺوس نظام قائم ڪيو وڃي. اسان کي اهڙن اڳواڻن تي مشتمل اجتماعي پارٽي قيادت جي مارڪسي اصول تي سختي سان عمل ڪرڻ گهرجي، جيڪي عوامي جدوجھد ۾ اُڀريا آهن ۽ اسان کي هر قسم جي شخصيت پرستيءَ تي بندش وجهڻ گهرجي.“
اهو آهي هڪ زندھہ قوم جو طريقو. غلطيءَ جو کليل دل سان اعتراف ڪيائون. ان غلطي مان سبق سکيو. پنھنجي اڳواڻ جي خوبين، خامين، غلطين ۽ ڪارنامن جو متوازن انداز ۾ جائزو ورتائون. ان سائنٽيفڪ طرز عمل جو نتيجو اهو آهي جو چين اڄ ڪٿي وڃي پھتو آهي ۽ نہ ئي وري هنن پارٽي کي ڪنھن هڪ خاندان جي حوالي ڪيو. مائو جي زال بہ ثقافتي انقلاب دوران غلطيون ڪيون تہ مٿس بہ ڪيس هلايائون. ڊينگ زيائوپنگ جي پُٽ تي بہ ڪرپشن جي الزام ۾ ڪيس هليو.
مائوزي تنگ جي انقلابي شخصيت جو راز سندس زوردار شخصيت تہ آهي، پر ان جو سھرو سندس فڪر تي بہ آهي. هو اشتراڪيت جو پھريون فرد هو، جنھن مارڪسزم کي سولو بنائي، مقامي رنگ ۾ پيش ڪيو. ڪميونزم، جيڪو مارڪس ۽ لينن جي نظر ۾ ڪارخاني/ صنعتي مزدور جي ذريعي ئي اچي سگهيو ٿي. مائوزيتنگ، هارين کي بہ ان جي طاقت بنائي ڇڏيو. سندس لکڻيون ”سليڪٽيڊ ورڪس آف مائوزيتنگ“ جي نالي سان دنيا جي مختلف ٻولين ۾ ڇپيل آهي.
مائوزيتنگ ستاويھن سالن يعني پنھنجي وفات تائين ڄڻ تہ ملڪ جو بي تاج بادشاھہ هو. پر هو سرڪاري خزاني مان ڪل ڇھه سؤ يوان يعني نوي ڊالر ماهوار پگهار کڻندو هو. ان ۾ بہ 1970 ۾ ويھه سيڪڙو گهٽتائي ڪري ڇڏي. سندس اصل آمدني ڪتابن جي رائلٽيءَ مان ٿيندي هئي.
*
[26 نومبر 2024ع]
ڊاڪٽر وشال واري فليٽ جي بلڪل سامھون وارن فليٽن مان هڪ فليٽ ۾ ڪو موالو چيني ٿو رهي ۽ چوٿين پنجين ڏينھن ان جي دڙ ۽ رڙين جا آواز ٻڌڻ ۾ ايندا آهن. چيني ٻوليءَ ۾ چوندو تہ الائي ڪُڄاڙو پيو آهي. پر سندس دڙڻ جي اسٽائيل مان لڳندو آهي تہ جوڻھس تي گار جي ناڙي پئي پيس. پيئن تہ اڪثر چيني ٿا، پر ڪوشش اها هوندي اٿن تہ وڦلن يا آئوٽ نہ ٿين. بھرحال هي چيني يار صفا ڪو نانگو آهي. اڪثر دٻيو ويٺو هوندو آهي. جوڻھنس کي... اڄ جو دڙڻ جا آواز آيا تہ سامھون وشال بہ ويٺو هو، پڇيومانس ”پشو- چيني موالو... ڇا پيو چوي؟“ ”جوڻھنس کي گاريون پيو ڏي..“ جنھن تي کلي پيس ۽ وشال کي چيم تہ مون کي چينيءَ ۾ ٻڌائي ۽ نوٽ ڪرائي تہ زالھنس کي ڪھڙيون پيو گاريون ڏي. وشال کلندي چيو، ”ڪتاب ۾ لکندين ڇا ابو؟“ هائو. جنھن تي سندس ڀرسان ويٺل کشين کي چيائين، ”ابو چوي ٿو تہ مون کي چينيءَ ۾ گاريون لکائي تہ ڪتاب ۾ لکان. جو مون کان وڌيڪ توکي گاريون اينديون هونديون جو تون چينڻ آهين.“ جنھن تي کشين وڏو ٽھڪ ڏنو. مون وشال کي چيو، جيڪڏهن چينين ۽ سنڌين ۾ گارين جو مقابلو ٿئي تہ چيني پاڻ سنڌين کان اصل ڪونہ کٽن. پاڻ وٽ نيون نيون گاريون ٺاهيندڙ اهڙا تہ ماهر ويٺا اٿئي جو اصل بس. جنھن تي وشال کلي پيو ۽ اها ڳالھہ کشين کي ترجمو ڪري ٻڌايائين. جنھن تي هو ايترو تہ کلي جو سندس اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو.
جڏهن ماٺ ٿي تہ مون وشال کي چيو، پاڻ سنڌ جي جنھن خطي ۾ رهون ٿا، ان کي ’ماڃر‘ چيو ويندو آهي. جنھن لاءِ مشھور آهي تہ ”ماڃر جي ڍنڍن ۾ ايتريون مڇيون ڪونھن، جيتريون ماڃر جي ماڻھن جي پيٽ ۾ گاريون آهن.“
اها ڳالھہ وشال لاءِ بہ نئين هئي. سو کلندي چيائين، ”معنيٰ پاڻ گارين ڏيڻ جا ماهر آهيون.“
اسان ٻنھي وڏا ٽھڪ ڏنا تہ کشين بہ کلڻ لڳي. خبر نہ آهي تہ اسان جي وڏن ٽھڪن تي يا وري اهو سوچي تہ ابوءَ کي ڪھڙيون چيني گاريون ٻڌايان.
ٽھڪن دوران مون ڊائري کولي ۽ وشال کي چيم ”لکائي گاريون!“
۽ وشال گاريون لکائڻ شروع ڪيون. [پر سچ اهو آهي تہ گارين ڏيڻ ۾ چيني بہ وڏا اُستاد آهن. وشال جون لکايل گاريون لکيم تہ سھي، پر هتي لکڻ کان معذرت ٿو ڪريان.]
*
اسان سنڌي ماڻھن جو مزاج بہ عجيب آهي. ٻين جي معاملن ۾ مداخلت ڪرڻ ۽ انھن جي ذاتي زندگي ۽ فيصلن تي راءِ ڏيندي دير ئي نہ ڪندا آهيون، اڪثر ماڻھن جو مزاج اهو بنجي ويو آهي تہ هو جيڪو چون ٿا، اهو صحيح آهي ۽ باقي ٻيا سڀ غلط ۽ هو اهو بہ سمجهندا آهن تہ سندن چيل/ ڪيل ڳالھہ تي عمل ڪيو وڃي. ڪجهہ ڏينھڻ اڳ جڏهن مون فيس بوڪ تي لکيو تہ، ”منھنجي چيني ننھن مون کي مائوزي تنگ جو مجسمو تحفي طور ڏنو“ تہ... هڪ ٻن همراهن لکيو تہ، ”اوهان جي پُٽ هڪ چيني ڇوڪري سان پرڻجي زيادتي ڪئي آهي، هو ڪنھن سنڌي ڇوڪري سان پرڻجي ها، جيئن اها سنڌي ڇوڪري سُکي جيون گهاري ها.“ مون کي مِٺيان تہ ڏاڍي لڳي، پر کين ڪو تيز جواب ڏيڻ بدران چپ رهيس.
يا وري جڏهن مريم سان تصور رکندو آهيان تہ لکندا آهن، ”مريم کي سنڌي سيکاريو.“ هاڻ هڪ ڏيڍ سال جي ٻارڙيءَ کي ڪيئن سنڌي سيکارجي. هونئن بہ مريم جي مادري ٻولي چيني آهي، جو سندس امڙ چيني آهي ۽ پدري ٻولي سنڌي- کيس چين ۾ رهڻون آهي، اتي سنڌي سندس ڪنھن بہ ڪم جي ڪونھي. البت وڏي ٿي جيڪڏهن هوءَ سنڌي سِکي ٿي يا اسان ساڻس سنڌي ۾ ڳالھايون ٿا، اهي لفظ جَهپي ادا ڪري ٿي تہ زبردست. پر بھرحال مٿس زور ڀري نہ ٿو سگهجي.
اها سڀ اسان سنڌي ماڻھن جي ڊگهي غلاميءَ جو نتيجو ۽ غلاماڻي نفسيات آهي.
*
اسلام آباد کان گوانچو ايندي جھاز ۾ منھنجي ڀر ۾ جيڪو همراھہ ويٺل هو، اهو ’ووهان“ وڃي رهيو هو. ”ووهان“ جي نالي وٺڻ سان اڳ کڻي ماڻھن کي ڇا بہ ياد هجي، پر هاڻ ’ڪورونا‘ ياد اچي ٿي، جنھن سڄي دنيا کي لوڏي ڇڏيو.
جڏهن نئننگ پھتس تہ مون سوچيو تہ اتي ڪورونا جو ضرور ڪو ذڪر ٿيندو، ڇو تہ اها بَلا چين جي هئي، پر جيئن اتي ڪنھن کي سوشلزم جو نالو وٺندي نہ ٻُڌم، تيئن اتي ڪورونا بہ ڪنھن کي ياد نہ هئي، ڄڻ ڪجهہ ٿيو ئي نہ هو. چين تہ پنھنجي جاءِ تي، پر هاڻ ڪٿي بہ ڪو اهو ذڪر نہ ٿو ٿئي. ڄڻ ماڻھن جي ذهنن مان اها ڳالھہ ميسارجي ويئي آهي. حيرت آهي. هڪ اهڙي بيماري جنھن دنيا کي لوڏي ڇڏيو. ڪاروهنوار بيھاري ڇڏيو، ماڻھن جي دلين ۾ موت جي ڊپ اچي واسو ڪيو هو، جنھن ساھہ ئي سُڪائي ڇڏيو هو، ان جو ذڪر بس هاڻ تاريخ جي ڪتابن ۾ وڃي رهندو تہ ”ڪورونا“ بيماري جي ڊپ سبب سڄي دنيا لاڪ ڊائون ٿي ويئي.
دنيا مان لاڪ ڊائون هوريان هوريان ختم ٿيو، پر چين ۾ سڀ کان آخر ۾ اهو ختم ڪيو ويو. ڊاڪٽر فيصل محمود ٻڌايو تہ هڪ رات اوچتو اعلان ڪيو ويو تہ ”سڀاڻي کان لاڪ ڊائون ختم. تہ ٻي ڏينھن چيني ماڪوڙين وانگر گهرن مان نڪري آيا ۽ ايئن محسوس ٿيو تہ ڪجهہ ٿيو ئي نہ هو.“
مون چيومانس، ”ايندڙ وقتن ۾ ضرور اهو بہ انڪشاف ٿيندو تہ اها ڪورونا واقعي بيماري هئي يا ڪابايولاجيڪل وار.“
انھن ڏينھن ڊپ اندر ۾ ايترو تہ واسو ڪري ويٺل هو، جو هڪ ڀيرو منھنجو دوست ذوالفقار ڪانڌڙو حيدرآباد ڪنھن ڪم سان آيو ۽ مون وٽ بہ گهر آيو. ڪورونا جي ڪري هٿ ملائڻ کان جهليو ويو هو، سو مون ذوالفقار ڪانڌڙي سان هٿ نہ ملايو. ٻي ڀيري جڏهن ذوالفقار ڪانڌڙو مليو تہ مون کي چيائين، ”ڪورونا وارن ڏينھن جڏهن توسان ملڻ آيس تہ تو هٿ بہ نہ ملايو.“
جنھن تي مون کي ڏاڍي شرمندگي ٿي.
ڪورونا وارن انھن عجيب و غريب ڏينھن جي دوران مون ڊائري بہ لکي هئي، جيڪا ڪڏهن موقعو مليو تہ ڇپائبي.
[28 نومبر 2024ع]
رات ايوا (Yiwa) مان موٽياسين تہ مون پھريون ڪم اهو ڪيو تہ ”شھنشاھہ کان شھريءَ تائين“ جو جيڪو باقي ڏيڍ صفحو ترجمي کان رهيل هو، اهو ڪري پورو ڪيم. ان ڪتاب جو پھريون ڀاڱو ”منھنجي زندگيءَ جو پھريون اڌ“ ڪالھہ 27 نومبر تي چين ۾ ترجمو ڪري پورو ڪيم. پھريون ڀاڱو 368 صفحن تي مشتمل آهي. ڪتاب جي چيني ايڊيشن جي پويان لکيل آهي تہ ”ڦو اي جي اها آتم ڪھاڻي چيني تاريخ جو هڪ باب آهي، ان کان سواءِ چيني تاريخ مڪمل چئي نہ ٿي سگهبي.“ ڪتاب کي ڪيترائي ايوارڊ پڻ مليا. اها حقيقت بہ آهي تہ ان ڪتاب مان وڏو سبق اهو ٿو ملي تہ فرد ذاتي مفاد لاءِ ڪيئن غداريون ڪندا آهن.
هن ڪتاب جو ٻيو ڀاڱو پاڪستان ۾ منھنجي لئبرري ۾ پيل آهي، موٽڻ سان ئي پھريون ڪم اهو ڪندس تہ ان جو ترجمو شروع ڪندس ۽ هي ترجمو ٿيل ڀاڱو ڪمپوزنگ تي ڏيندس. هن ڪتاب ۾ ’ڦو اي‘ پنھنجي استاد ايف جانسٽن جي ڪتاب Twilight in forbidlin city جو بہ ڪيترائي ڀيرا ذڪر ڪيو آهي ۽ ان ڪتاب ۾ جانسٽن جي ڪن لکيل ڳالھين کي رد بہ ڪيو اٿس. هاڻ ان ڪتاب جي ڳولا ڪبي. هٿ چڙهيو تہ پڙهبو.
مُرڪ پبليڪيشن واري مرتضيٰ لغاري سان ڳالھايم تہ منھنجي ترجمو ڪيل جاپاني ناول ”هل تہ ڳوٺ موٽي هلون“ جي هاڻ ڇپائي شروع ڪرائي، چيائين، ”ڏينھن ٻن ۾ شروع ٿو ڪريان.“
اڄ سڄو ڏينھن جُھڙ ۽ موسم ٿڌي رهي. موسم ٿڌي ٿي تہ معنيٰ چينائي گم، گهرن مان ئي نہ ٿا نڪرن. هينئر شام جا ست (پاڪستان ۾ شام جا چار) ٿيا آهن، هيڏي مھل وڏي رونق لڳل هوندي آهي، پر سرديءَ رونقون گهٽائي ڇڏيون آهن. هونئن هھڙي سردي، جنھن کي پاڻ ”سردڙي“ چئون، ماڱاريون ئي ڪونہ.
هاڻ جيئن جيئن پاڪستان واپس ورڻ جا ڏينھن ويجها ٿيندا پيا وڃن، تيئن پاڪستان ۾ جيڪي روزانو سور ملن ٿا، بجلي ۽ گئس نہ هئڻ، مھانگائي ۽ ٻيا معاملا ياد اچڻ تي ڪيفيت ئي بدلجيو وڃي. ائين ٿو محسوس ٿئي تہ جنت مان نڪري دوزخ ڏانھن وڃڻ جو پروانو اچي ويو آهي. اڄ وانگ ڦان ۽ ٻي وانگ جنھن جو نالو وسري ويو اٿم، جيڪي کشين جون ماسيون آهن، گهر آيون، ٻيئي سُٺيون، دور انديش ۽ سمجهدار مايون آهن. ٻنھي اسان جي بوفي هوٽلن تي دعوت ڪئي هئي. مون کين هوٽل تي هلي لنچ ڪرڻ جي صلاح هنئي، پر هنن چيو تہ في الحال وڃون ٿيون. مون ٻنھي کي اجرڪن جا تحفا ڏنا، جنھن تي ڏاڍيون خوش ٿيون ۽ موڪلائڻ مھل بہ سندن ڪنڌن ۾ پيل هيون. جيڪي کين ڏاڍيون سُٺيون پي لڳيون. سنڌي اجرڪ جو بہ پنھنجو شان آهي.
[29 نومبر 2024ع]
رات اٺين ڌاري واڪ ڪندي، گوانگسي يونيورسٽيءَ جي گيٽ واري بوڪ شاپ تي ويس. هاڻ اُن رستي سان ڄڻ تہ منھنجي اُنسيت ٿي ويئي آهي. جڏهن بہ هن پاسي واڪ ڪرڻ ايندو آهيان تہ اهو ئي بوڪ شاپ منھنجي منزل هوندو آهي. ڪتاب تہ سڀ چيني ۾ هوندا آهن، اهي تہ نہ وٺندو آهيان، بس رڳو اٿلائي پُٿلائي ڏسندو آهيان، پوءِ ڪڏهن ڪا بال پين يا ڪو ننڍو نوٽ بوڪ وٺي ايندو آهيان. ائين مون وٽ ڳچ جيتريون پينون ۽ ڪجهہ نوٽ بوڪ گڏ ٿي ويا آهن.
اڄ ڪتاب اٿلائي پٿلائي ڏسي رهيو هئس، جو هڪ ڪتاب تي وڃي نظر پئي، جيڪو اڳوڻي آمريڪا جي پرڏيھي وزير ۽ ڊپلو ميٽڪ هينري ڪسنجر جي باري ۾ هو، ڪتاب جو نالو تہ چيني ۾ لکيل هو، پر مٿان ٽائيٽل تي ڪسنجر جو فوٽو ۽ انگريزي ۾ نالو لکيل هو ”هينري ڪسنجر“. مون ڪتاب جو فوٽو ڪڍيو ۽ بيدو ٽرانسليشن جي ذريعي ان جي انگريزي ٽرانسليشن ڪيم، لکيل هو:
Kissinger biography
The first person to open us Relations of to 60 years of international diplomacy.
Translation by chen zibo and Jiang xian. From, “Ben Guangwei.”
هينري ڪسنجر جون آمريڪا ۽ چين جي لاڳاپن قائم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار رهيو آهي ۽ اڄ اهو عجيب اتفاق آهي تہ هينري ڪسنجر سال اڳ اڄوڪي ڏينھن يعني 29 نومبر 2023ع تي سؤ سالن کان بہ وڏي عمر ۾ وفات ڪئي. اها ڳالھہ ياد ايندي ئي خيال آيم تہ جيڪڏهن هينري ڪسنجر، پاڪستان جي سھڪار سان چين جو ڳجهو دورو نہ ڪري ها تہ چين ۽ آمريڪا جي لاڳاپن ۾ رنڊڪ دور نہ ٿئي ها، ۽ انھن لاڳاپن جو فائدو اهو ٿيو تہ اقوام متحدہ مان فارموسا يعني تائيوان کي تڙي اها سيٽ ’عوامي جمھوريه چين‘ کي ڏني ويئي. ايئن چين گڏيل قومن جي ميمبر ٿيڻ سان گڏ سلامتي ڪائونسل جو مستقل ميمبر ٿيو ۽ کيس ويٽو جا اختيار مليا.
هينري ڪسنجر وڏو ليکڪ پڻ هو. ڪيترائي ڪتاب پڻ لکيائين. سندس هڪ ڪتاب ”ڊپلوميسي“ جيڪو 1994ع ۾ ڇپيو. ان جو اردو ترجمو پڻ ٿيل آهي، جيڪو جهلم جي بوڪ ڪارنر پبلشر ڇپرايو ويو آهي. اهو مون محترم غلام نبي سومري کان وٺي پڙهيو هو. ڇا تہ ڪتاب آهي. عالمي سياست سان دلچسپي رکندڙن لاءِ هي ڪتاب پڙهڻ ضروري آهي.
هينري ڪسنجر 1923ع ۾ جرمني جي شھر ’يوريا‘ ۾ ڄائو هو. پڻھنس ماستر هو، جيڪو يھودي هو. جرمنيءَ ۾ هٽلر اقتدار ۾ آيو تہ يھودين تي ظلم شروع ڪري ڇڏيائين. جنھن جي نتيجي ۾ هو ڪُٽنب سميت لنڊن آيو، جتان هو 1943ع ۾ آمريڪا پھتو. آمريڪا ۾ ڪسنجر هڪ شيونگ برش ٺاهيندڙ ڪارخاني ۾ ڪم بہ ڪندو هو ۽ شام جو پڙهندو هو. ننڍپڻ جي واقعن جي ڪري منجهس تمام گهڻي احساس ڪمتري هئي. ڪسنجر اسٽيج تي ڳالھائي نہ سگهندو هو. پوءِ هڪ وقت اهڙو بہ آيو، جڏهن سڄي دنيا سان مخاطب ٿيندو رهيو. 1948ع ۾ ’هاورڊ يونيورسٽي‘ ۾ داخل ٿيو ۽ سياسيات ۾ ماسٽرس ۽ پي. ايڇ. ڊي ڪيائين ۽ پڙهائڻ شروع ڪيائين. عملي سياست ۾ گهڙيو تہ پوءِ صدر رچرڊ نڪسن جو نيشنل سيڪيورٽيءَ جو صلاحڪار ۽ پرڏيھي وزير ٿيو. هينري ڪسنجر وڏي عمر جي باوجود روزانو ارڙهن ڪلاڪ ڪم ڪندو هو. کيس 1973ع ۾ ’امن جو نوبيل پرائز‘ بہ مليو. گذريل سٺ سالن ۾ دنيا ۾ جيڪي بہ اهم سفارتي مرحلا آيا، ڪسنجر انھن جو حصو رهيو. دنيا ۾ هزارين سفارتڪار آهن، انھن ۾ هڪ سؤ کي بين الاقوامي حيثيت حاصل آهي، پر هينري ڪسنجر فقط هڪ هو.
هينري ڪسنجر 1971ع ۾ پاڪستان جي صدر يحييٰ خان جي مدد سان چين ۽ آمريڪا ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ڪرايا. يحييٰ خان چيني قيادت مائوزيتنگ ۽ چو اين لائي کي راضي ڪيو ۽ پوءِ صدر نڪسن کي تيار ڪيو. يحييٰ خان ٻنھي کي پنھنجي هٿ سان خط لکندو هو. خط ٽائپ ان ڪري نہ ڪرائيندو هو تہ ڪٿي اهو راز اخبارن تائين پھچي نہ وڃي. ايتريقدر جو جولاءِ 1971ع ۾ هينري ڪسنجر پاڪستان آيو. جنرل يحييٰ خان جي اسٽاف هينري ڪسنجر جھڙي هڪ ڳوري همراھہ کي ميڪ اپ ڪرائي، گاڏي ۾ ويھاريو، ان جي اڳيان پويان پروٽوڪول ۽ سيڪيورٽيءَ جون گاڏيون لڳايون ۽ کيس ايبٽ آباد روانو ڪري ڇڏيو، جڏهن تہ اصلي هينري ڪسنجر کي جھاز ۾ ويھاري چين روانو ڪري ڇڏيو. ائين چين ۽ آمريڪا جي وچ ۾ نفرت جي ديوار ڊٺي. ان کان پوءِ صدر نڪسن چين جو دورو ڪيو ۽ آمريڪا ۽ چين جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ٿيا.
هينري ڪسنجر هڪ سفارتڪار سان گڏ دانشور بہ هو. اوهان سندس ڏاهپ جو اندازو اُن ڳالھہ مان لڳائي سگهو ٿا. جڏهن نواز شريف پنھنجي ٻي حڪومتي دور ۾ کانئس پُڇيو تہ، پاڪستان کي آمريڪا سان ڪھڙي قسم جا لاڳاپا قائم ڪرڻ گهرجن. جواب ۾ هينري ڪسنجر کلندي وراڻيو، ”اوهان جيڪڏهن آمريڪا جا دشمن آهيو تہ اوهان جي بچڻ جون اميدون آهن، پر جيڪڏهن اوهان سندس دوست آهيو تہ پوءِ اوهان جو موت يقيني آهي.“ ان هڪ جملي مان سندس ڏاهپ جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو.
*
صبح سان جاڳي واش روم ۾ ويس تہ نلڪي ۾ پاڻي نہ هو ۽ وري بلب کولڻ لاءِ بٽڻ آن ڪيم تہ بلب نہ ٻريو. ”هان، بجلي ڪونھي، پاڪستان ۾ اچي ويو آهيان، يا خواب پيو ڏسان.“ ذهن ۾ خيال آيم ڳالھہ سمجهہ ۾ نہ آيم، ”بجلي تہ نہ هلي ويئي آهي.“ وري خيال آيم ”چين ۾ بجلي ويندي تہ ڪونھي.“ بھرحال ڳالھہ سمجهہ ۾ نہ آئي، سو ماٺڙي ڪري ٻاهر صوفي تي ليٽي پيس. ٿوري دير کان پوءِ نسيم اُٿي. هن بہ بلب جو بٽڻ آن ڪيو، پر بلب نہ ٻريو.“ بجلي ڪونھي ڇا؟“ هن مون کان پڇيو، ”نہ ڪونھي.“ جواب ڏنم. ”چين ۾ بہ اها مصيبت بجلي وڃڻ جي.“ هوءَ ڀڻڪي ۽ اچي ڀر واري صوفي تي ويھي رهي. ”چين ۾ بجلي ويندي تہ ڪونھي، پر اڄ شايد ڄاڻي واڻي بند ڪئي اٿن، پاڻ کي ياد ڏيارڻ لاءِ تہ اوهان چئن ڏينھن کان پوءِ پاڪستان وڃڻ وارا آهيو، تنھنڪري اسان سان گڏجي جيڪا اوهان ڪانگ جي ٽور بدلائي مور واري ڪئي آهي، اها ڇڏي ڏيو. هنن بجلي ان ڪري وڃائي آهي، تہ جيئن پاڻ پاڪستان هلڻ کان اڳ پنھنجي اوقات تي موٽي اچون.“ سندس صوفي تي ويھندي ئي مون چيو، منھنجي ذهن ۾ هڪدم خيال آيو تہ ”بجلي جي بل وغيرہ جو ڪو مسئلو ٿي سگهي ٿو.
ٿوري دير کان پوءِ وشال ننڊ مان اٿيو تہ کيس بجلي نہ هئڻ جو ٻڌايم. پاڻ هڪدم موبائيل کنيائين ۽ ڪي انگ اکر ملايائين ۽ پوءِ واش روم هليو ويو. ٻي گهڙي بجلي اچي ويئي. مون وشال کان بجلي وڃڻ جو سبب پڇيو تہ چيائين، ”بجلي جو بل پيارڻ وسري ويو هو، جيڪو موبائيل ايپ ذريعي جمع ڪرائي، ميسيج موڪليم ۽ بجلي جيڪا هنن بل نہ پيارڻ سبب ڪري بند ڪري ڇڏي هئي، سا کولي ڇڏيائون“
شروع شروع ۾ ’بجلي‘ اسان جي ذهنن تي ايترو تہ سوار هئي، جو ننڊ مان اُٿي پھرين اهو سوچي فون چارج تي لڳائيندو هوس تہ متان بجلي نہ هلي وڃي ۽ فون چارج ٿيڻ کان رهجي نہ وڃي.
بجلي آئي تہ پاڻي بہ گرم ٿيو ۽ اسان فريش ٿي جمع نماز پڙهڻ جي لاءِ هيٺ لھي آياسين. نماز پڙهڻ لاءِ فيضان شاھہ کي بہ وٺي وياسين. اڄ نئننگ ۾ منھنجو آخري جمع آهي. ايندڙ جمعو پاڪستان ۾ هوندس. وشال کي چيم تہ نماز پڙهي، تون ڀلي هليو اچج، آءٌ اتي ڪلاڪ ٻہ وڙڪي پوءِ ايندس. نماز پڙهڻ کان پوءِ مسجد مان ٻاهر نڪتاسين تہ وشال چيو، ”ڇا پروگرام آهي؟“ چيم ”گهر ٿا هلون جو طبيعت ۾ مزو ڪونھي، سڀاڻي ايندس.“
حقيقت ۾ رات کان وٺي طبيعت ۾ مزو ڪونھي، ٻانھن ۾ بہ سور پيو پوي تہ پيٽ بہ ڀريو پيو آهي، اهڙي حالت ۾ رولاڪيءَ ۾ ڪھڙو مزو اچي ها.
نئننگ ۾ ايندي ويندي پيو ڏسندو آهيان تہ ڪن ڪن هنڌن تي چئني پاسن وڏيون لوهي چادرون ڏنل هونديون آهن، انھن جي اندر ننڍا ٽرالا، ۽ ٻيون مشينون بيٺيون هونديون آهن يا ڪنھن مھل وري ان دائري مان ٻاهر پيون نڪرنديون آهن. خبر پئي، اهڙن دائري جي اندر ترقياتي ڪم پيو ٿيندو آهي. اندر ئي اندر کوٽائي ڪري، کوٽيل مٽي وغيرہ ٽرالن ذريعي مڪمل طور تي پيڪ ڪري ٻاهر ڪڍندا آهن ۽ ٻاهران بہ مٽيريل ريتي، بجري وغيرہ ائين آڻيندا آهن. نہ ڌوڙ نہ ڇائي، نہ متبادل روڊ، نہ روڊ تي پيل ۽ ٽڙيل پکڙيل مٽيريل ۽ سامان جا ڍڳ، ايندڙ ويندڙ گاڏين ۽ پبلڪ کي پريشاني. ائين محسوس ئي نہ ٿيندو آهي تہ اندر ڪو زبردست ڪم هلي رهيو آهي. پوءِ جڏهن اهي چادرون هٽايون وينديون آهن تہ سڄو تيار ٿيل ڪم سامھون هوندو آهي. اها آهي چينين جي ڪمال ڪاريگري- پاڻ وٽ اهڙن ترقياتي ڪمن دوران روڊن، رستن ۽ آسپاس جي کوٽائي، مٽي ۽ گاڏين جي اچ وڃ جي دوران جيڪو ڪجهہ ٿيندو آهي، اهو پاڻ کان لڪل نہ آهي.
[30 نومبر 2024ع]
رات ذائقہ ريسٽورينٽ تي هڪ مصري مليو. ذائقہ هوٽل جي گراهڪن ۾ چينين سان گڏ فارينرس بہ آهن، خاص ڪري انڊين، افغاني، ڪشميري، تاجڪستاني ۽ يمني مون کي نظر ايندا آهن. شاگردن لاءِ ماهوار ميس ۽ سٺي رعايت سبب شاگرد بہ ايندا آهن.
مصري سان تعارف ٿيو. هڪدم پڇيائين، ”پاڪستان ۾ عمران خان سُٺو حڪمران هو.“
وراڻيومانس رڍون مڙيئي ڪارٻو ٿيون. عمران هجي يا نواز شريف ۽ زرداري سڀني کي اقتدار ۾ آڻڻ ۽ ڪڍڻ واري ملٽري آهي ۽ عوام جي مسئلن سان ڪنھن کي بہ دلچسپي ڪونھي. منھنجي نظر ۾ عمران خان هڪ بي وقوف حڪمران هو. نواز ۽ زرداري ڪرپٽ ترين. عمران جي ذهنيت فاشسٽ آهي. جنھن تي چيائين، ”مصر ۾ حڪمران بہ ڪرپٽ آهن. اهي سڀ ملٽري مان آيا آهن ۽ انھن جي بہ بس ميڙ ميڙان، ”پنھنجن کيسن ڏانھن اشارو ڪندي چيائين تہ کلندي چيومانس تہ، ”شڪر ڪر تہ مصري حڪمران رڳو کيسا ٿا ڀرين پر اسان جا حڪمران تہ پئسن جا جھاز ڀريو دبئي ۽ لنڊن کنيو وڃن.“ جنھن تي ڏاڍو کليو، پوءِ چيائين، ”ضياءَ الحق تہ ڏاڍو سٺو حڪمران هو، جنھن پاڪستان کي وڏي ترقي وٺرائي.“
”پاڪستان ۾ سڀني بُراين جي پاڙ جنرل ضياءَ الحق جي حڪمراني ۾ هئي. ضياءَ الحق تہ اسلام کي پنھنجي حڪمراني لاءِ استعمال ڪيو ۽ غير ضروري طور تي پنھنجي حڪمرانيءَ کي ڊيگهہ ڏيارڻ لاءِ وڃي آمريڪا جي ڪڇ ۾ ويٺو.“
”لعنت ﷲ.... ضياءَ الحق اسلام کي بہ استعمال ڪيو توبہ....“ چيائين، پوءِ پڇيومانس، ”مصر جي خبر ڏي. ڇا پيو ٿئي.“ جنھن تي چيائين، ”جنرل عبدالفتاح السيسي ڪنڌ تي چڙهيو ويٺو آهي، سو ڪنھن چڱائيءَ جي اميد ڪونھي.“
همراھہ ساٺيڪو کن سالن جو هو، سندس زال ۽ هڪ چيني دوست بہ گڏ هئس، ڪچھري ڪندي ماني لڳي تہ آءٌ اٿيس، جنھن تي زور ڀريائين تہ ويھه تہ گڏجي کائون، پر مون سندس مھرباني مڃي ۽ اُٿي اچي پنھنجي مخصوص ٽيبل تي ويٺس. ماني کائي دنگ ڪيائين تہ وڃڻ مھل موڪلائڻ آيو ۽ نيڪ تمنائن جو اظھار ڪيائين. مون کي کانئس نالو پُڇڻ وسري ويو. پر سندس ڳالھين مان محسوس ٿيو تہ جنرل السيسي جي حڪمرانيءَ جو مخالف ۽ ڪنھن حد تائين ’اخوان السلمون‘ جو حمايتي ٿي لڳو. جو پنھنجي ڳالھين ۾ بار بار ”مسلم امه“ جي زوال ۽ اسلامي ملڪن جي نااهل ۽ ڊڪٽيٽر حڪمرانن جو ذڪر ٿي ڪيائين.
*
وشال مون کي ڄڻ جياري ڇڏيو آهي. سُٺا شوز، سُٺيون شرٽون، سٺيون پينٽون، سٺا پرفيومز. منھنجي سڄي زندگي سادگي ۾ گذري آهي. نہ ڪڏهن سٺي ڪپڙي لٽي جي نہ بوٽن ۽ سئنڊلن جي. نہ ٻي ڪنھن شئي ڏانھن ڌيان ۽ خيال. بس جيڪو آيو، سو اگهيو. هتي آيس تہ وشال هڪڙو فرسٽ ڪلاس بوٽ ڏنو، جيڪو بي حد نرم ۽ سٺو آهي. پوءِ جيڪٽ، جوراب، شرٽون وغيرہ. سو صفا من ٿي ويو آهيان، ڪالھہ وشال جي الماڙي ۾ هڪ سوئيٽر ڏٺم، وشال کي چيم، ”يار واھہ جو آهي.“ تہ هڪدم کڻي مون کي ڏنائين ۽ نہ نہ ڪيم، پر همراھہ اصل نہ مڙيو. ۽ اڄ اهو پايو پيو هلان. موسم ٿڌي ٿي ويئي آهي ۽ سوئيٽر گرم آهي. واھہ وشال زندھہ باد!.
مريم جو روز صبح جو هڪ فوٽو ڪڍندو آهيان، فوٽو ڪڍڻ لاءِ فون سامھون ڪندو آهيان تہ آڱر مٿي کڻندي آهي ۽ پوءِ سڌي مون وٽ هلي ايندي آهي ۽ ڳالھہ ڳالھہ تي چوندي آهي، ”شي شا...“ سندس اهو آواز ٻڌي گد گد پيو ٿيندو آهيان ۽ چوندو آهيانس ”هيلو بيوٽي فل چائينز سنڌي بي بي.“ جنھن تي ماڻھنس کلندي آهي ۽ چوندي آهي. ”ابو ماليا هاف چائينز هاف پاڪستاني.“ آءٌ وري چوندو آهيانس، ”چونگو، پاتيا، ڦنگيو.“ (يعني چين پاڪستان دوستي). جنھن تي کلندي آهي. وشال جي وني کشين بہ وشال وانگر ئي اسان جو وڏو خيال رکندي آهي. ٻاهران ايندي آهي تہ سنڌيءَ ۾ پُڇندي آهي. ”ابو، امي، ماني کاڌي.“ سنڌيءَ جو هڪ اهو ئي جملو ياد اٿس. باقي چيني انگريزي ۽ اشارن جي زبان ۾ ڪم پيا هلائيندا آهيون. جواب ۾ آءٌ چوندو آهيانس ”پائو لا...“ يعني مون کي ڍوءَ ٿيو پيو آهي. جڏهن بہ ٻاهران ايندي آهي تہ ڪيڪ، پيسٽريون ۽ الائي ڪھڙيون ڪھڙيون مٺايون وٺي ايندي آهي ۽ زور ڀريندي آهي تہ ”ابو، امي، کائو.“ هاڻ اسان ڪيترو کائي ڪيترو کائون... هاڻ تہ کشين ۽ مريم سان ايتري تہ اُنسيت ٿي ويئي اٿئون، جو کانئن جدا ٿيندي دل ڏکي ٿي. پر ڇا ڪجي، سدائين تہ هتي رهڻون ڪونھي.
اڄ فيس بوڪ تي جمن سوهي منھنجي ڪتاب ”اڄ نہ پَسان سي“ تي ڏاڍو سٺو تبصرو لکيو آهي، جيڪو مون بہ شيئر ڪيو. رئوف نظاماڻيءَ بہ ڪجهہ هفتا اڳ ساڳئي ڪتاب تي فيس بوڪ تي تبصرو لکي شيئر ڪيو هو، جيڪو روزاني ’سنڌ ايڪسپريس‘ ۾ پڻ ڇپيو. اهي ٻئي مضمون اصغر گُگو پاران مون تي ترتيب ڏنل ڪتاب ۾ شامل ڪندس.
اڄ طبيعت ۾ ٿورو مايوسي ۽ ٿڪاوٽ رهي. گهر اچي ڪتاب ”چيني ادب“ کولي پڙهيم. جيڪو اسلام آباد مان ورتو هئم. ڪتاب جي هن شعر گهڻو متاثر ڪيو، جيڪو هڪ پراڻي چيني شاعر ”چوان چي (263-210)“ جو آهي.
ماڻھو چون ٿا
زندگي ڏکي آهي،
پر آءٌ تہ پنھنجا ڏينھن گذاري سگهان ٿو،
آزاديءَ سان گهمندي ڦرندي
منھنجي سامھون اڱڻ ۾
انھن گلن سان جنجهيل وڻن جي وچ ۾،
۽ انھيءَ نرم ۽ ملائم ڇانوَ ۾
منھنجا خيال عدم ڏانھن وڃي ٿا نڪرن
پر اُتي هوريان هوريان هلندي
دوستن ۽ مائٽن جا چھرا اُڀرن ٿا
۽ پوءِ چؤڏس اونداهي
سو دل جو غبار ڪڍان ٿو
لفظن ۾
انھن لفظن مان مجسم ڪريان ٿو
پنھنجي مايوسيءَ کي
۽ پوءِ هي شعر
اوڀر ڏانھن اُڏندڙ پکين جي هٿان
روانو ڪري ٿو ڇڏيان.
[پھرين ڊسمبر-2024ع]
سنڌ ۾ اڄ سنڌ جو ثقافتي ڏيھاڙو ملھايو پيو وڃي، ان ثقافتي ڏيھاڙي جي حوالي سان مون سميت مختلف ماڻھن جا پنھنجا خيال ۽ رايا آهن. اهو ثقافتي ڏيھاڙو منھنجي خيال ۾ تہ سال 2010ع ۾ جڏهن آصف علي زرداري پاڪستان جو صدر هو تہ سنڌي ٽوپي پائي ڪنھن ملڪ جي دوري تي ويو هو ۽ واپس وريو هو، يا اتي هو تہ ڊاڪٽر شاهد مسعود سنڌي ٽوپيءَ تان چٿر ڪئي تہ اسان جي ڪي. ٽي. اين جي تڏهوڪي سرواڻ ميان علي قاضيءَ موقعي مان فائدو وٺي اهو ڏينھن ملھائڻ جو اعلان ڪيو هو. تڏهن سڀني غيرت ۾ وڏيون ريليون ڪڍي ٽوپي اجرڪ جو ڏينھن ملھايو هو. تڏهن آءٌ سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو سيڪريٽري جنرل هئس ۽ دڙي ۾ ڪڍيل ريلي ۾ مون بہ شرڪت ڪئي هئي ۽ تقرير ڪئي هيم. منھنجي تقرير ٻڌندڙن کي گهڻي وڻي هئي. مون کان پوءِ ارباب وزير ميمڻ تقرير ڪئي تہ هن منھنجي تقرير جي واکاڻ ڪئي هئي. پوءِ اڳتي هلي ڪي. ٽي. اين ڌار ۽ ٻين ميڊيائي ادارن اهو ڏيھاڙو ڌار ڌار ملھائڻ شروع ڪيو ۽ پاڻ ۾ ڪامپيٽيشن ڪندا هئا. هاڻ ڪجهہ سالن کان گڏجي ملھائين ٿا. ڪلھه مون فيس بوڪ تي ان حوالي سان هڪ پوسٽ رکي هئي.
”هر سال ڊسمبر ۾ ميڊيا جا ادارا سنڌي ثقافتي ڏيھاڙو ملھائيندا آهن. جنھن جو وڌ ۾ وڌ فائدو بہ اشتھارن جي صورت ۾ کين ئي ٿيندو آهي. غريب سنڌي قرض کڻي پنھنجي ٻارڙن جون فرمائشون پوريون ڪندا آهن.“
بھرحال آءٌ ثقافتي ڏيھاڙي ٽوپي اجرڪ ڏينھن ملھائڻ جي خلاف ناهيان.
*
جڏهن کان هتي آيو آهيان، تڏهن کان مون کي محترم رسول بخش پليجو ياد ايندو رهندو آهي. پليجي صاحب مائوزيتنگ تي جيڪو ڪتاب لکيو، ان سنڌ جي سياسي ڪارڪنن کي گهڻو متاثر ڪيو. مون مائوزيتنگ تي ڪجهہ ٻيا بہ ڪتاب پڙهيا آهن، پر پليجي صاحب جي ان ڪتاب منھنجي ذهن تي جيڪو اثر ڇڏيو، اهو ڪڏهن بہ ختم نہ ٿيو. چين اچڻ کان اڳ جڏهن اهو ڪتاب ٻيھر پڙهيم تہ مزو اچي ويو. هن جنھن انداز سان مائوزيتنگ جي شخصيت کي پنھنجي لفظن جي جادوگريءَ سان بيان ڪيو آهي، اهو ڪمال جو آهي. جيتوڻيڪ ڪتاب مختصر ۽ پرائمري سطح جو آهي، پر ان کان وڌيڪ مائو جي شخصيت تي سنڌيءَ ۾ ٻيو ڪو ڪتاب نہ لکيو ويو آهي. اڄ جڏهن اهڙي پوسٽ ڇڏيم تہ منھنجي دوست عبدالڪريم سومري چيو تہ، ”پليجي جون ساروڻيون لکو.“... مون پليجي تي هڪ مضمون لکڻ جي شروعات بہ ڪئي هئي، هڪ صفحو لکيو بہ هو، پوءِ رهجي ويو ۽ ٻي ڀيري جڏهن لکڻ چاهيم تہ اهو لکيل پنو نہ مليو، جنھن سبب لکي نہ سگهيس، پر اهو صفحو اسڪول ۾ منھنجي ڪنھن فائل ۾ پيل آهي، هاڻ ويندس تہ اهو صفحو ڳولھي ذهن ۾ جيڪو پليجي صاحب جي باري ۾ اٿم، اهو لکندس. پليجي صاحب تي منھنجي ان اسٽيٽس ڇڏڻ تي دوستن جيڪي رايا ڏنا، انھن ۾ شبير شر جو رايو ڏاڍو دلچسپ آهي، لکي ٿو: ”اها حقيقت آهي تہ سنڌ ۾ لکڻ پڙهڻ جو رواج پليجي صاحب وڌو، سُٺا ڪتاب سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيا. جڏهن ساڻس ملندا هئاسون تہ پھريون سوال اهو هوندو هو تہ اڄ ڪلھہ ڪھڙو ڪتاب پيا پڙهو. ليکڪ ڪير آهي، ڇا پيو لکي، پوءِ اهو ٿيندو هو تہ ڪوئي نہ ڪوئي ڪتاب پڙهي، ڪم جون ڪي اهم ڳالھيون ياد ڪري پوءِ ويندا هئاسون. مسئلو تڏهن ٿيندو هو، جڏهن اوچتو نياپو ايندو هو تہ پليجو صاحب سکر پھچي ويو آهي ۽ حبيب هوٽل ۾ ويٺو توهان کي ياد ڪري، پوءِ تہ ڪچھريءَ ۾ رات گذري ويندي هئي. پر ڪچھري نہ کٽندي هئي.“
مون پاڪستان ۾ يا ڪجهہ سفرنامن ۾ پڙهيو هو تہ چين ۾ هاڻ مائو جو ڄڻ نالو بہ ڪونھي، پر منھنجي تجربي ۽ مشاهدي موجب جڏهن هڪ ٻہ نسل گذري وڃن ٿا تہ پوءِ اهڙيون شخصيتون فقط علامت ۽ احترام جوڳي حيثيت حاصل ڪري وڃن ٿيون. مائو سان بہ ائين آهي. مائو جو حمايتي ۽ مخالف نسل ڪڏهن ڪو گذري ويو. نئين نسل کي گذريل اڳواڻن سان ڪا دلچسپي نہ ٿي رهي. ٻيو تہ چين جو سڄو سماج هڪ لحاظ کان ڄڻ تہ غير سياسي آهي. حڪومت پاران ڪن قدمن سبب چيني ڪن ٻين پاسن سوچين ئي ڪونہ ٿا. هتي مون مائو جي باري ۾ چيني ٻولي ۾ ڇپيل ڪتابن جو بہ وڏو انگ ڏٺو ۽ مائو جي تصوير وارو هڪ نھايت خوبصورت ڪئلينڊر بہ ڏٺم ۽ ڪجهہ بيج بہ. باقي اها حقيقت آهي تہ جنھن کي پاڻ ”فڪِر مائوزيتنگ“ چئون ٿا، سرڪاري سطح تي هاڻ ان کي عمل نہ ٿو ڪيو وڃي. حڪومتي پاليسيون بلڪل ٻيون آهن ۽ مون کي اهو چوندي هٻڪ محسوس نہ پئي ٿئي تہ جيڪڏهن چيني حڪومت ۽ ڪميونسٽ پارٽي انھن پاليسين تي هلي ها تہ اڄ چين اڃا بہ پٺتي پيل ملڪ هجي ها. ڊينگ زيائوپنگ، چين جا دروازا ٻين ملڪن لاءِ کولي ڄڻ تہ هن جي ترقي جا رستا کوليا. باقي اهو چوندي ڪونھي تہ چين هينئر سوشلسٽ نہ پر صنعتي ملڪ آهي ۽ سرمائيداريت جون سڀ ڪثافتون موجود آهن.
گذريل ٻن ٽن ڏينھن کان اڪيلو ’ڇائو يانگ‘ وڃڻ جو پي سوچيم. پر سستيءَ سبب ويٺو ئي رهندو هئس. اڄ وشال کي چيم، ”يار ٽئڪسي گهرائي ڏي تہ ڇائو يانگ وڃان.“
وشال آن لائن ٽئڪسي گهرائي ۽ ڇائويانگ روانو ٿيس. اتي پھچي مسجد وٽ لٿس، پوءِ هلندو ونڊو شاپنگ ڪندو هڪ ننڍي شاپ تي بيٺس، جتي نئين سال جا ڪئلينڊر، جنتريون، بيج ۽ پراڻا سڪا وڪامي رهيا هئا، جن کي مون وڏي شوق سان ڏٺو. هڪ ڪئلينڊر جنھن تي مائوزيتنگ جي ڏاڍي خوبصورت تصوير ڇپيل هئي، وٺڻ جو خيال ٿيو ۽ ٻہ ٽي مائو جي تصوير وارا بيج بہ پسند ڪيم، پر اتي ويٺل مائي صاحبہ پئسا ايترا تہ ٻڌايا، جو هڪدم يوٽرن وٺندي سوچيم، ”اڳ ۾ ئي گهڻيون شيون ورتيون اٿم. وڌيڪ وٺي ڇا ڪندس.“ پوءِ اهي ڇڏي اڳتي وڌي ويس. اتان سِڌو بوڪ شاپ تي ويس، جنھن تي اڳ ۾ ٻہ ڀيرا آيو هئس، هيٺ مٿي چڪر لڳايم، ٿوري دير اتي ويٺس ڪتاب ڏٺم، پر اڄ مون کي اُتي الائي ڇو مزو نہ آيو ۽ عجيب بي چينيءَ جو احساس ٿي رهيو هو. وشال، مريم ۽ وشال جي وني کشين کان جدا ٿيڻ جي تصور مون کي بي چين ٿو ڪري ڇڏي. وشال سان اهي ٻہ مھينا مون غير جذباتي ٿي گذاريا، هو مون کان اٺ سال پري رهيو، منھنجو محبوب پُٽ، منھنجي ڌيءَ امرتا چوندي آهي تہ ”ابو توکي وشال سان عشق آهي.“ جواب ۾ چوندو آهيانس تہ ”مائٽ جو هر اولاد سان عشق ئي هوندو آهي.“
بوڪ شاپ تان واپسي تي اچي مسجد جي ڪيفي ٽيريا ۾ ويٺس ۽ هڪ ڪوڪ وٺي اها پيئندو شيشي مان ٻاهريان نظارا ڪرڻ لڳس ۽ چين جي ترقيءَ تي سوچڻ لڳس. چين جي ترقيءَ جو هڪ راز سخت نظم و ضبط ۽ قانون تي سختي سان عمل ڪرائڻ ۾ بہ آهي. اوڻيھه ويھه تہ هر هنڌ ٿئي ٿي. قانون هوندي بہ آمريڪا ۾ اسٽريٽ ڪرائم ۽ ان قسم جا واقعا عام جام ٿين ٿا، پر چين ۾ ائين ڪونھي، مون کي ڪجهہ دوستن ٻڌايو تہ چيني ماڻھو پوليس کان گهڻو لنوائين ٿا. هڪ دوست ٻڌايو تہ هڪ چينيءَ سان پارٽنرشپ هيم، ٽوڙيم تہ پئسا ڏيڻ لاءِ تيار نہ هو. کيس بار بار چيم تہ منھنجو حساب ڪتاب ڏي، پر ڏيڻ جي لاءِ تيار نہ هو. نيٺ هڪ ڏينھن چيومانس تہ جيڪڏهن چوويھن ڪلاڪن ۾ نٿو ڏينءَ تہ سُڀاڻي پوليس ۾ ٿو وڃان. همراھہ ٻي ڏينھن اچي ماٺ مٺيءَ ۾ مون کي حساب ڪتاب ڏيئي ويو. چين ۾ جيڪڏهن گاڏيون پاڻ ۾ ٽڪرجن تہ ٻيئي ڌريون نہ وڙهن نہ هڪٻئي تي اُلرون ڪن. اتي ئي بيٺا رهن. پوليس اچي ڪيمرائن جو جائزو وٺي، پوءِ جيڪو ڏوهاري ٿئي، اهو ٻي کي نقصان جا جيترا پئسا چوي اهو ڀري ڏي، ٿڏي تي انصاف، نہ ريڙھہ نہ پيڙھہ، نہ گار نہ گند، نہ وري بھانا هلن.
اڌ ڪلاڪ کن اتي ويھي، اٿي وڃي هيڏانھن هوڏانھن وڙڪڻ ۽ جھان ڏسڻ لڳس. پوءِ ’ون ڊالر‘ شاپ ۾ گهڙي ويس. خبر ناهي تہ منھنجي اندر ۾ ڪو ٻار ويٺل آهي يا ٻاراڻي عمر کي پھچي ويو آهيان. جو رانديڪا ڏسان ٿو تہ انھن وٽ بيھو رهان ۽ انھن کي پيو ڏسندو آهيان. اُن دوڪان ۾ شيشي جو هڪ ”پينگوئن“ پکي جو اسٽيچو ڏٺم تہ هڪدم دل ٿي تہ کڻي ورتم. ڏھہ يوان ڏيئي کڻي ٻاهر آيس، جيڪو پوءِ وشال ڏٺو تہ کليو. چيومانس ”پشو، تنھنجو ابو بہ مريم وانگر ٻار ٿي ويو آهي.“
ٻاهر نڪتس ۽ ڇائو يانگ ۾ وڙڪڻ لڳس. تيسين وشال جي ڪال اچي ويئي تہ ”ابو ڇا پروگرام آهي؟“ وراڻيومانس، ”ڀلي اچ، مسجد جي ڪيفي جي ٻاهر اچي ٿو بيھان.“
آءٌ هلندو، آسپاس ڏسندو اچي مسجد جي ڪيفي جي ٻاهران بيٺس، ٿوري دير ۾ وشال بہ بائيڪ کڻي پھچي ويو ۽ آءٌ ساڻس گڏ اچي ’ذائقہ‘ تي پھتس.
[2 ڊسمبر 2024ع]
بائيسو مان موٽياسون تہ ڏاڍا ٿڪل هئاسين. دل چيو تہ اچي لت کوڙي سمھي رهجي. پر سُمھڻ جي مھل نہ هئي. اڃا گهڻا ڪم اُڪلائڻا هئا. سامان پيڪ ڪرڻو هو. جيڪو ٽڙيو پکڙيو پيو هو. گذريل ٻن ڏينھن کان انھن جي پيڪنگ ڪندا رهياسين، پر محسوس ٿيو تہ اسان جيڪو شوق ۽ بنا سوچڻ سمجهڻ جي فرمائشن ۽ پنھنجي پسند تي سامان وٺندا ويا هئاسين، اهو سڀ کڻڻ ممڪن ڪونہ هو. سو سامان جي درجي بندي ڪئيسين. ٻارڙن جا رانديڪا ۽ فرمائشن وارين شين جي پھرين پيڪنگ ڪئي سين. ڪجهہ ٻيون بہ ضروري شيون پيڪ ڪيوسين. هتان جيڪي پاڻ سان ٻہ چار پڙهڻ لاءِ ڪتاب کڻي ويو هئس، جن ۾ لڇمڻ ڪومل جي آتم ڪھاڻي ’وهي کاتي جا پنا‘ ۽ اسلام آباد مان ورتل چيني ادب جا ڪتاب ۽ ورتل نوٽ بوڪ ڪڍي وشال جي حوالي ڪيم، پنھنجا سڀ ڪپڙا، پينٽون ۽ شرٽون، بوٽ، سئنڊل ۽ دوستن ۽ نياڻين لاءِ ورتل چپلون بہ ڪڍي وشال جي الماڙيءَ ۾ رکيم. ڪپڙا ۽ سئنڊل وغيرہ ان خيال سان تہ انشاءَ ﷲ مارچ ۾ وري بہ اچبو. ايئن ٻيو بہ ڪجهہ سامان ڇڏڻون پيو، وشال هيٺان ڪانٽو کڻي آيو. جڏهن تي پنجويھن پنجويھن ڪلو جون ٻہ بيگون توري ڌار رکيوسين. ٽي هئنڊ بيگ بہ ٺاهياسين. ٿائي ايئر لائين ۾ في فرد پنجويھه ڪلو سامان ۽ هٿ ۾ ست ست ڪلو کڻڻ جي اجازت هئي.
بائيسو مان موٽي سڌو هوٽل تي آياسين، چانھه جو ننڍو ڪوپ پي مون رضوان، فيضان ۽ عمران کان موڪلايو. هنن سان ڏاڍو سٺو وقت گذريو هو. ٽيئي ڏاڍا ڏکارا ٿيا ۽ چيآءٌ ”انڪل هم آپ ڪو مس ڪرينگي.“ وراڻيومانس، ”انشاءَ ﷲ مارچ ۾ وري بہ گڏ آهيون.“
انھن کان موڪلائي آءٌ ٻاهر نڪري آيس ۽ ’هو چولو‘ (اسٽريٽ) تي بيھي ايندڙ ويندڙ گاڏين کي ڏسڻ لڳس. رات جو اُتي وڏي رونق هوندي آهي. اڄ بہ اها ساڳئي رونق هئي، پر منھنجو من اُداس هو. هوچولو پنھنجي جاءِ تي، پر نئننگ سان هڪ عجيب اُنسيت ٿي ويئي هئي ۽ ايئن محسوس ٿيڻ لڳو هئم تہ نئننگ منھنجو پنھنجو شھر آهي. هن شھر ۾ مون ٻہ مھينا ڏاڍي سڪون ۽ اطمينان سان پنھنجي پُٽ، ننھن ۽ پوٽي مريم فاطمہ جي ساٿ ۾ گذاريا هئا.
جڏهن نئننگ آيو هئس تہ وشال چيو هو، ”نئننگ سان عجيب انسيت ٿي ويئي اٿم. هِتان نڪرڻ تي دل ئي نہ چوندي اٿم.“ پر اڄ مون سان بہ اهائي حالت آهي، اها ئي ڪيفيت اٿم. هنن ٻن مھينن ۾ هن شھر مون کي پنھنجو ڪري ڇڏيو. منھنجو وشال هاڻ مستقل طور تي ڄڻ هن ئي شھر جو رهاڪو آهي. منھنجي پوٽي مريم فاطمہ جنھن ۾ منھنجو سنڌي رت شامل آهي، هن ئي شھر ۾ جنم ورتو. ايئن هي شھر نئننگ ڄڻ منھنجي ايندڙ نسلن جي تاريخ ۾ لکجي ويو آهي.
آءٌ ’هوچولو‘ ڏيئي اڳتي ٿو وڌان، مون ان سڄي جاءِ کي پنھنجي اکين جي ماڻڪين ۾ سمائڻ سان گڏ احترام سان جهُڪي الوداع ڪرڻ ٿي گهريو. اڳتي وڌندو ويس. وڌندو ويس. پوءِ موڙ وٽ وڃي بيھي رهيس. ڀرپاسي کي ڏسڻ لڳس، ڳچ دير بيٺو رهيس، پوءِ مُڙيس ۽ هوريان هوريان واپس ورڻ لڳس. رستي ڄڻ منھنجا پير پڪڙي ورتا هئا.
گهر پھچي پھرين سامان جي پئڪنگ جي گورگ ڌنڌي مان وانڌو ٿيس ۽ پوءِ ڪمري مان ٻاهر اچي صوفا تي پنھنجي مخصوص جاءِ تي ويھي رهيس. وشال بہ سامھون اچي ويٺو. منھنجي مريم جي کل کل پي پئي. کشين ۽ سندس ڀيڻ بہ ويٺيون هيون. پوءِ سڀ هوريان هوريان پنھنجن پنھنجن ڪمرن ۾ سمھڻ جي لاءِ هليون ويون. آءٌ ۽ وشال الائجي ڪيتري دير تائين خاموش ويٺا رهياسين. رات جو هڪ ٿيو تہ وشال چيو، ”ابو، سُمھون، چئين بجي اُٿڻون آهي.“
آءٌ ها ڪري اٿيس، پر ائين لڳو تہ مريم سمھڻ جي موڊ ۾ نہ هئي. وشال کيس ٻانھن ۾ کنيو ۽ مون سندس چھري، اکين، هٿن ۽ ننڍڙن پتڪڙن پيرن تي چميون ڏنيون تہ هوءَ کلڻ لڳي. جڏهن گوانچو ايئرپورٽ تي لٿا هئاسين تہ مريم اسان کي شوخ نظرن سان ڏٺو هو ۽ اسان جي ويجهو بہ نہ آئي، هاءِ اسپيڊ ٽرين ۾ نئننگ ايندي وشال پنھنجي سيٽ تان اتي اسان وٽ آيو هو ۽ چيائين، ”ابو، مريم صفا ناراض لڳي پئي آهي تہ هي ڪير آهن، هنن کي ڇو پيا وٺي هلو.“ هفتو کن تہ هوءَ اسان سان نہ ٺھي، پوءِ رت، نيٺ رت کي ڇڪيو ۽ ڪجهہ گهڙيون بہ اسان کان پري نہ ٿي ويئي.
اڄ موڪلائڻ مھل مريم کلي تہ منھنجو اندر بھار بھار ٿي ويو. مريم منھنجي مٺي مريم تنھنجي اها مُرڪ ۽ کل آءٌ ڪڏهن بہ وساري نہ سگهندس.
[3 ڊسمبر 2024ع
گوانچو ايئرپورٽ- چين]
لڳ ڀڳ ٻہ مھينا ائين گذري ويا، جو خبر ئي نہ پئي. آڪٽوبر جي نائين تاريخ هن ئي ايئرپورٽ تي لٿا هئاسين. ڊاڪٽر وشال، سندس وني کشين ۽ مريم فاطمہ اسان کي وٺڻ آيا هئا ۽ اڄ ڊاڪٽر وشال ۽ ابوذر اقبال ڇڏڻ آيا ۽ بورڊنگ وغيرہ سڀ ڪرائي پوءِ روانا ٿيا.
صبح جو چئين بجي جاڳي تياري ڪئيسين. جو پوڻين پنجين ابوذر اقبال بہ اچي ويو. سامان کڻي، ٽئڪسي ڪري ”هاءِ اسپيڊ ٽرين اسٽيشن نئننگ“ پھتاسين، جيڪا 6 لڳي 49 منٽن تي هلي ۽ ڏهين بجي اچي گوانچو سب وي اسٽيشن تي لاٿائين. جتان ٻہ سب وي مٽائي، ايئرپورٽ جي ٽرمينل 2 تي لٿاسين. بورڊنگ ڪرائي، سامان وغيرہ جمع ڪرائي، هاڻ اچي گيٽ A-149 تي ٿائي ايئرويز جي فلائيٽ جو اوسيئڙو ڪري رهيا آهيون. جيڪا وايه بئنڪاڪ ڪراچي پھچندي. بئنڪاڪ ۾ ٻہ ڪلاڪ اسٽي آهي، اتان کان پوءِ ڪراچي ساڍن چئن ڪلاڪن جي مسافري آهي.
وشال پاڻ سان گڏ ابوذر اقبال کي بہ وٺي آيو. موڪلائڻ مھل ابوذر چيو ”انڪل! اسان اوهان کي مس ڪنداسين.“ کيس پيار مان مِٺي ڏيندي چيم، ”اڄ مون کي ائين پيو محسوس ٿئي تہ اسان جا ٻہ پُٽ ابوذر ۽ وشال اسان کي ايئرپورٽ ڇڏڻ آيا آهن.“ وشال کان موڪلايم، پر تڪڙ ۾، جو منھنجون اکيون ڀرجي آيون هيون. کيس چمي ڏيئي سندس منھن ۾ ڏسڻ کان سواءِ اندر گهڙي ويس. مون نہ پي چاهيو تہ هو مُنھنجا لڙڪ ڏسي ۽ ملول ٿئي. ايئرپورٽ ۾ اندر جڏهن نظرن کان اوجهل ٿياسين تہ اسان هڪٻئي کي پري کان باءِ باءِ ڪيو. ٻہ مھينا ڪيترو تہ جلد گذري ويا. بلڪل ائين جيئن مُٺ مان واري. زندگي بہ ائين ٿي گذري. جنم کان وٺي ٻُڍاپڻ ۽ پوءِ مري وڃڻ، هڪ گول چڪر آهي. جيڪو ڦرندو ٿو رهي ۽ خبر ئي ڪونہ ٿي پئي جو ماڻھو وڃيو قبر ڀيڙو ٿئي.
مون گيٽ 149 جي آسپاس جو چڪر لڳايو ۽ هڪ ننڍي بوتل منرل واٽر جي کنيم. 22 يوان ۾. ڄڻ ڏنگ لڳي ويو. اها بوتل عام طور ٻن يوانن ۾ ملي، سو ڇڏي، سامھون رکيل ڪولر مان پاڻي پيتم. ان دوران اعلان ٿيو تہ ٿائي ايئرويز جو جھاز گيٽ 149 بدران 151 کان ويندو، سو هينڊ بيگ وغيرہ کڻي ٿورو دير پاڻ اچي گيٽ نمبر 151 وٽ ويٺاسين. جتي ٿائي ايئرويز جو جھاز لڳي چڪو آهي ۽ مسافرن کي چڙهڻ جي لاءِ چيو پيو وڃي. قطار ڊگهي آهي، تنھنڪري تڪڙ بدران ويٺا ٿا رهون. جيئن رش گهٽ ٿئي، هونئن بہ اسان جون سيٽون S.35, S.H-35 آهن، جيڪي ڪير بہ نہ کڻندو. تنھنڪري ڊگهي قطار ۾ بيھي پاڻ کي ڇو ٿڪائجي.
بورڊنگ مھل هٿ جو سامان وڌي وڃڻ سبب ڪجهہ ڪتاب نوٽ بوڪ ۽ ٻيو هلڪو سامان ڪڍي واپس وشال کي ڏنم، جيئن ڪجهہ هلڪائي ٿئي. ڪتابن ڇڏڻ تي افسوس ٿيو تہ وشال چيو، ”ڪو دوست ايندو تہ ان هٿان ڏياري موڪليندس.“
[بئنڪاڪ ايئرپورٽ]
گوانچو مان ٻن ڪلاڪن جي ٿائي ايئرويز ۾ مسافري ڪري بئنڪاڪ پھتا آهيون. ٿائيلينڊ، جنھن کي ڪنھن زماني ۾ ’سيام‘ چيو ويندو هو. بئنڪاڪ ان جي گادي جو هنڌ آهي. هتي ’آئيني بادشاهت‘ آهي. ايئرپورٽ بہ ڪافي وڏو ۽ خوبصورت آهي، جنھن ۾ ڊيوٽي فري شاپس جا دڪان آهن، جيڪي ڊيوٽي فري جي نالي ۾ ”ڦرڻ“ جي ڊيوٽيءَ جا دڪان آهن. شراب ۽ ٻيون شيون عام جام وڪرو ٿي رهيون آهن. بئنڪاڪ هونئن بہ سياحت لاءِ ايندڙ ماڻھن لاءِ گهڻي ڪشش رکي ٿو.
ايئرپورٽ جي وچ ۾ اسٽيل مان ٺھيل هڪ وڏي ۽ هڪ ننڍي سفيد هاٿين جا وڏا، خوبصورت ۽ نھايت جاذب نظر مجسما ٺھيل آهن. سفيد هاٿي ٿائيلينڊ جي سُڃاڻپ آهي ۽ فقط ٿائيلينڊ ۾ ملي ٿو، جيئن پانڊا فقط چين ۾ ملن ٿا.
هتي اسان جو ٻہ ڪلاڪ اسٽي آهي. فلائيٽ ڪنيڪٽ آهي ۽ هاڻ سڌو ڪراچي. مون انھن ٻن ڪلاڪن جو اهو فائدو ورتو تہ ايئرپورٽ گهمي ڦري ڏٺم ۽ هاڻ هتي ويھي فلائيٽ جي انتظار ۾ آهيون. سامھون هڪ ننڍي اسٽيج تي ٿائي فنڪارائون ڪارن ڪپڙن ۾ گٽار وڄائي پنھنجي فن جو مظاهرو ڪري رهيون آهن، جن جو مدر آواز ڪنن ۾ ٻُرائجي رهيو آهي. ٿائلينڊ ملڪ سياحت جو وڏو مرڪز آهي. ملڪ جي ڪُل آبادي ساڍا ڇھه ڪروڙ آهي ۽ هتي هر سال چار ڪروڙ سياح اچن ٿا، يعني آبادي جو سٺ سيڪڙو يعني هر روز هڪ لک سياح ٿائلينڊ اچن ٿا ۽ هر ڪلاڪ ۾ 4800 سياح ملڪ ۾ گهڙن ٿا. ٿائلينڊ سياحت مان هر سال لڳ ڀڳ سٺ ارب ڊالر ڪمائي ٿو. ٿائلينڊ ۾ ٻارهوئي مھينا هڪجھڙي موسم رهي ٿي.
ڪجهہ ڏينھن اڳ ابوذر، وشال ۽ مون پاڻ ۾ صلاح ڪئي تہ مارچ ۾ جڏهن وري چين ايندس تہ ملائيشيا ۽ ٿائيلينڊ جو چڪر هڻنداسين. مون چيو مون کي ٿائيلينڊ سان دلچسپي ڪونھي، پر ان بدران ويٽنام ۽ انڊونيشيا هلجي تہ بھتر. بھرحال جڏهو ڪا مينھن تڏهوڪيون چِڪون.
گوانچو کان ايندي نسيم چيو، ”هروڀرو پئي هلان. مريم ياد پئي اچيم.“
دل ۾ چيم، ”حالت منھنجي بہ اهائي آهي، پر هاڻ هلئون پيا.“ رات جڏهن مريم کي چھري، هٿن ۽ ننڍڙن پتڪڙن پيرن تي چميون ڏيئي موڪلايم تہ کلڻ لڳي ۽ منھنجي اکين ۾ لڙڪ ڀرجي آيا. سب وي ۾ وشال مريم سان فون تي وڊيو ڪال تي ڳالھايو تہ هو ” هو هو“ ڪرڻ لڳي ۽ جتي آءٌ نسيم ويھندا هئاسين ۽ اشارن ۾ چوڻ لڳي تہ ”ڪٿي آهيو.؟“ سندس جهرڻي جھڙي کل هينئر بہ ڪنن ۾ پئي ٻُرائجي.
[هوائي جھاز ۾]
بئنڪاڪ کان ڪراچي جو سفر ساڍن چئن ڪلاڪن جو آهي. جيڪو انشاءَ ﷲ خير سان پورو ٿيندو ۽ وڃي پنھنجن ٻچڙن سان ملنداسين. گوانچو ۾ ايئرپورٽ تي منھنجي عينڪ جي پن نڪري ويئي، جيڪا لاهي بيگ ۾ رکيم، جنھن ڪري لکڻ ۾ ٿوري ڏکيائي پئي ٿئي. ٻہ مھينا چين ۾ گذارڻ ۽ ان دوران چين جي ترقي جي پنھنجي ملڪ سان ڀيٽ ڪندي افسوس اهو پي ٿيو تہ اسان ترقي بدران تيزيءَ سان منزل ڏانھن وڌي رهيا آهيون. ملڪ جو آئيندو ڇا آهي ان جي هڪ جهلڪ قيصر بنگالي جي انٽرويو مان پئي ٿي، جيڪو چوي ٿو تہ ”ملڪ جي معيشيت پنھنجي جاءِ تي پر ملڪ ئي ٻُڏي رهيو آهي.“
*
ٻي پاسي اهي تجزيا آهن تہ ڪي. پي. ڪي ۽ بلوچستان هاڻ نو رٽرن پوائنٽ تائين پھچي چڪا آهن. پنجاب تہ هونئن ئي ’ماءِ باپ‘ آهي، پر سنڌ ۽ سنڌين جو آئيندو ڇا ٿيندو، ان بابت ڪجهہ چئي نہ ٿو سگهجي، رات وچ ۾ جيڪڏهن ڪجهہ ٿيو تہ سنڌ في الحال تہ جيڪي حڪمران هوندا، انھن جي بلي هوندي، پر پوءِ جيڪي لساني، ثقافتي، معيشتي ۽ ٻيا مسئلا اٿندا، انھن لاءِ هڪ ڊگهي مُدي واري ڊائلاگ جي گهرج پوندي. اردو ڳالھائيندڙن جي تنظيمن جي بلئڪ ميلنگ ۾ اچڻون پوندو. ستر سالن کان بہ وڌيڪ عرصو گذري ويو آهي، پر هو ذهني طور تي سنڌ ۽ سنڌين کي پنھنجو نٿا سمجهن ۽ هڪ مخصوص ذهنيت ۽ سپيرارٽي ڪامپليڪس جو شڪار آهن. بھرحال اهي وڏا معاملا آهن، پر اسان وٽ ڪي تنظيمون نہ آهن، جيڪي انھن پاسن ڏانھن هينئر کان ئي هوم ورڪ ڪن.
جھاز ۾ اسان سان گڏ ڪراچي جا ٻہ ڪاٺياواڙي ميمڻ عبدالصمد ۽ محمد طلحه بہ گڏ هئا. جيڪي ڏاڍا سٺا همراھہ هئا، گوانچو ۾ بورڊنگ مھل مون عبدالصمد جيڪو منھنجي اڳيان بيٺو هو، ان کي چيو، بئنڪاڪ ۾ ٻي جھاز تائين پھچڻ ۾ اسان جي رهنمائي ڪجو، جو اتي وقت تمام گهٽ يعني ٻہ ڪلاڪ آهي ۽ متان اسان ايئرپورٽ جي ورن وڪڙن ۾ گم ٿي نہ وڃو ۽ محمد طلحه جيڪو پڻ عبدالصمد سان گڏ هو، ان وشال کي سٺو ريسپانس ڏنو ۽ هڪٻئي کي پنھنجا وي. چيٽ نمبر ڏنا، جن تان پوءِ وشال اسان سان گوانچو ايئرپورٽ تي ڳالھايو. هو پاڻ ۾ ڪاٺياواڙي يعني ’ڪرو ڪرو‘ واري ٻولي ڳالھائي رهيا هئا، تہ پوءِ اسان پاڻ ۾ سنڌي ۾ شروع ٿي وياسين. پوءِ تہ هنن بار بار اسان کي جوس ۽ پاڻيءَ جون بوتلون ٿي ڏنيون، جنھن تي سندن مھرباني مڃي چيم تہ ”يار اسان کي ضرورت نہ آهي. تنھنڪري تڪليف نہ ڪيو.“ دل ۾ آيم تہ آهن تہ وري بہ سنڌي نہ. اها مھمان نوازي جي عادت ڪٿي ٿي وڃي.“ طلحه چيو تہ، ”اوهان جو پُٽ اسان کي اوهان جي پارت ڪري ويو آهي، سو هاڻ اسان جو اهو فرض آهي، ڪراچي تائين اها ذميواري نباهيون.“ هنن اسان کان هٿ بئگون وٺي بہ پاڻ کنيون. هنن ٻڌايو تہ اسان هر ٽين، چوٿين مھيني چين ايندا آهيون ۽ موبائيل ايسيسريز جو بزنيس ڪندا آهيون. چين مان اهو سامان وٺي باءِ ايئر يا باءِ سي (Sea) ڪراچي موڪليندا آهيون ۽ اسان کي سٺي روزي ملي ويندي آهي.
عبدالصمد ۽ محمد طلحه جيترا ڪيترائي ماڻھو آهن جيڪي ائين ڪاروبار ڪن ٿا ۽ سٺو ناڻو ڪمائين ٿا.
چين هڪ اهڙو ملڪ آهي، جنھن جي تاريخ ۾ جهاتي پائڻ سان ان جا ڪيترائي دور نظر اچن ٿا. چيني تاريخ پڙهبي تہ ان ۾ چيني شھنشاھہ شي هوانگ تي (259-210 ق. م) جي وڏي اهميت آهي، هن پھريون ڀيرو فوجي طاقت سان چين کي متحد ڪيو ۽ جيڪي سُڌارا لاڳو ڪيا، انھن چين جي تھذيبي ٻڌيءَ ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪيو، جيڪي اڃا تائين اثرائتا آهن، شھنشاھہ شي هوانگ تي (چين ۾ کيس سي هوانگ بہ چيو وڃي ٿو) ننڍيون ننڍيون جاگيردار رياستون ختم ڪيون ۽ ملڪ کي منظم ڪري جيڪي سڌارا لاڳو ڪيا، انھن ۾ هن سڄي حڪومتي جاگيرداري نظام کي رد ڪري ڇڏيو. سڄي سلطنت کي 36 صوبن ۾ ورهايو. هر صوبي جو هڪ گورنر هوندو هو. جنھن کي شھنشاھہ مقرر ڪندو هو. ’شي هوانگ تي‘ اهو فرمان پڻ جاري ڪيو تہ صوبائي گورنر جو عھدو وراثتي بنياد تي نہ ڏنو وڃي. جنھن سان اهو سلسلو هليو تہ ڪجهہ سالن کان پوءِ هڪ گورنر هڪ صوبي مان ٻي صوبي ۾ بدلي ٿيڻ لڳو. جيئن ڪو گورنر بااختيار ٿيڻ يا بغاوت ڪرڻ يا انتشار پيدا ڪرڻ جي ڪوشش نہ ڪري. شي هوانگ تي، ملڪ ۾ رڳو سياسي ۽ فوجي گڏپ تي ئي صبر نہ ڪيو، پر هن واپاري شعبي کي بہ منظم ڪيو. هن سڄي ملڪ ۾ ماپ ۽ تور جو هڪ گڏيل نظام لاڳو ڪيو. سڪن کي معيار بخشيو. مختلف اوزارن ۽ ڇڪڙن جي دُرين کي بھتر بنايو، رستن، ندين ۽ نھرن جي اڏاوت ۽ کوٽائيءَ جي نگراني ڪئي. هن سڄي چين ۾ منظم قانونن جو ضابطو لاڳو ڪيو ۽ تحريري زبان کي معياري بنايو.
شھنشاھہ جو سڀني کان مشھور (يا وڌيڪ بدنام) ڪم سندس اهو قدم هو، جو هن 213 قبل مسيح ۾ هڪ فرمان تحت چين ۾ سڀني ڪتابن کي ساڙائي ڇڏيو. البت ڪجهہ ڪتابن کي ان حڪم کان آجو رکيو، جيڪي زراعت ۽ طب جي موضوع تي يا وري ”چن گهرائي“ جي تاريخ بابت هئا. يا وري شريعت پسند ليکڪن جي فلسفياڻين لکڻين تي ٻڌل هئا، پر ٻين سڀني مڪتبہ فڪر جي لکڻين کي ڪنفيوشس جي لکڻين سميت تباھہ ڪيو ويو. البت هن اهو حڪم جاري ڪيو تہ سڀني ڪتابن جون ڪاپيون شاهي ڪتب خاني ۾ محفوظ رکيون وڃن، جيڪو گاڌي جي هنڌ ۾ هو، انھن ڪتابن ساڙائڻ جي ڪري ڪنفيوشس مت جي ليکڪن ’شي هوانگ تي‘، تي لعنت ملامت ڪئي ۽ کيس آمر، وهم پرست، حرامي ٻار ۽ ننڍڙو ماڻھو قرار ڏنو، جڏهن تہ ٻي طرف چيني اشتراڪيت پسندن کيس هڪ ترقي پسند مفڪر جي حيثيت سان داد ڏنو.
دنيا جي ستن عجوبن مان هڪ عجوبو ديوار چين (Great wall) جنھن کي چيني زبان ۾ وان لي چانگ چنگ (Wan li chang chang) سڏيو ويندو آهي، جيڪا ڏھہ هزار ميل ڊگهي، ۽ ويڪري ايتري آهي جو ان تي ٽي گهوڙا هڪئي وقت ڊوڙي سگهن ٿا، ٻن ٻن ميلن جي مفاصلي تي ان ۾ ننڍا ننڍا قلعا ٺاهيا ويا آهن، تہ جيئن ان ۾ هر وقت فوج موجود رهي. اها بہ شھنشاھہ ’شي هوانگ تي‘ حملي آورن کان بچاءَ لاءِ ٺھرائي. جنھن ۾ پوءِ وقت بوقت ٻيا حڪمران خاندان واڌارو ڪندا رهيا.
’شھنشاھہ شي هوانگ‘ تي اهو پھريون حڪمران هو، جنھن چين کي متحد ڪيو، سندس سياسي اقتدار اهميت وارو هو، سندس ٻيا ڪم ۽ ڪارناما ياد هجن يا نہ هجن، پر ’ديوار چين‘ ڪڏهن بہ نہ وسرندي.
ڊاڪٽر مائيڪل هارٽ پنھنجي مشھور ڪتاب The 100 A Raking of the most influential persons of All time ۾ (جنھن جو سنڌي ترجمو راقم ”100 تاريخ ساز شخصيتون‘“ جي نالي سان ڪيو آهي ۽ ان جا ڪيترائي ڇاپا ڇپجي چڪا آهن)، ’شي هوانگ تي‘ کي سترهين نمبر تي رکيو آهي. جڏهن تہ پنھنجن اثرن جي لحاظ کان مائوزيتنگ کي 89 نمبر تي رکيو آهي.
چين جي تاريخ جي مختلف دورن جي ورقن کي مون پويان ڪٿي ڪٿي ورايو آهي. پر هن موقعي تي ’شي هوانگ تي‘ جو ذڪر بہ ضروري هو.
*
هوائي جھاز جي اُڏام ڪراچي ڏانھن جاري آهي، اسان کي وٺڻ لاءِ پارس سان گڏ سمير بہ هوندو. ارباز بہ شھدادپور مان آيل آهي. مون پارس کي چيو تہ اُفق ۽ شفق کي بہ کڻي اچجو، گذريل ٻن مھينن دوران منھنجي وڏي ڌيءَ پارس جنھن نموني گهر سنڀاليو ۽ هلايو، ۽ ننڍن وڏن مسئلن کي منھن ڏنو، ان لاءِ کيس داد ڏيڻ کان سواءِ رهي نہ ٿو سگهجي.
ٿوري دير اڳ ٿائي فضائي ميزبانڻيون کائڻ پيئڻ لاءِ ٽري ڏيئي ويون... مون ٻہ ڀيرا ائپل جوس وٺي پيتو، جيڪو ڏاڍو مزيدار هو. جڏهن تہ منھنجي اڳيان پويان ۽ پاسي ۾ ويٺل نوجوان مسافرن وائين ۽ بيئر وٺي ان سان شغل ڪرڻ لڳا. ٻاهرين ملڪن جي فلائيٽن ۾ اهو وکر بہ پيش ڪيو ويندو آهي، جيڪو پاڻ واري ’پي. آءِ. اي‘ وٽ ممنوع آهي.
پيٽ پوڄا ڪري بند ڪئيسين تہ ميزبانڻيون ٿانوَ ٿپا کڻي ويون تہ مون ٿائي ايئرويز جو رسالو Thai sky shap کڻي ڏسڻ شروع ڪيو تہ جھاز جون بتيون گُل ٿي ويون تہ آءٌ بہ سيٽ پويان ڪري اَهلي پيس ۽ اکيون تڏهن کوليم، جڏهن جھاز ۾ بتيون ٻريون ۽ ڪراچي ايئرپورٽ تي ليڊنگ جي انائوسمينٽ ٿي. مون ڪلمون ڀري روح تي وڌو تہ نيٺ خيريت سان پنھنجي سنڌ وطن پھچي ويس. سامان ٽرالي تي کڻي، اها گهليندي، ڪاغذي ڪاروائي پوري ڪري ايئرپورٽ کان ٻاهر نڪتاسين تہ سامھون ارباز، سمير ۽ پارس بيٺا هئا ۽ ارباز ”نانا بابا نانا بابا“ چئي ڊوڙي اچي ڀاڪر وڌا. سامان جي ٽرالي سمير ۽ پارس سنڀالي ۽ سڌو اچي گاڏي ۾ ويٺاسين ۽ پنھنجي ماڳ حيدرآباد روانا ٿي وياسين.

چين: سياست ۽ سماج

---

ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا

1917ع ۾ هڪ ڌرتي ڌوڏيندڙ واقعو ٿيو. روس ۾ ’والاديميئر ايليچ لينن‘ جي اڳواڻيءَ ۾ بالشويڪ انقلاب آيو، جنھن جا پڙاڏا سڄي دنيا ۾ ٻُرائجڻ لڳا. صدين کان قائم زار شاهي جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪري وڏن جاگيردارن، سرمائيدارن ۽ زميندارن جي حڪومت جي جاءِ تي پورهيتن يعني مزدورن، هارين ۽ عوام جي حڪومت قائم ٿي.
اهو انقلاب جنھن کي آڪٽومبر انقلاب چيو وڃي ٿو. لينن ۽ سندس انقلابي اُستادن ڪارل مارڪس ۽ اينگلس جا انقلابي مضمون ۽ ڪتاب چيني ٻوليءَ سميت ٻين ڪيترين ئي ٻولين ۾ ترجمو ٿيا ۽ محب وطن ۽ آزادي چاهيندڙ پڙهيل نوجوانن ۾ مقبول ٿيڻ لڳا.
مارچ 1920ع ۾ پيڪنگ يونيورسٽيءَ جي هڪڙي پروفيسر انھن انقلابي ڪتابن جي باقاعدہ پڙهائي لاءِ هڪ ’سنگت‘ ٺاهي. ان سنگت ٺھڻ جون خبرون جڏهن چين جي ٻين شھرن ۾ پھتيون، تڏهن اُتي بہ ان جون شاخون کوليون ويون. 1921ع جي بھار جي منڌ تائين چين جي مکيہ شھرن بيجنگ، شنگهائي، چانگشا، ڪينٽين، ووهان ۽ سنيان ۾ انقلابين جا ٽولا ٺھي ويا.
جولاءِ 1921ع ۾ شنگهائيءَ ۾ هم خيال انقلابين هڪ ڳُجهي ڪانفرنس ڪوٺائي جنھن ۾ مٿين ڇھن شھرن مان ٻن ٻن عيوضين ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي. جاپان ۾ رهندڙ چينين مان بہ هڪڙو عيوضي سڏيو ويو. ڪامنٽرن جا بہ ٻہ نمائندا ان ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيا. سي. آءِ. ڊي کي ڪانفرنس جي کُڙڪ پئجي ويئي، تنھنڪري ڪانفرنس جا عيوضي شنگهائي مان کسڪي نڪري ويا ۽ وڃي چيڪيانگ صوبي جي هڪڙي ڍنڍ ۾ ٻيڙي ڀاڙي تي ڪري، ان ۾ سير ڪرڻ بھاني ڪانفرنس هلائڻ لڳا. انھي ڪانفرنس ۾ چين جي ’ڪميونسٽ پارٽي‘ جو بنياد رکيو ويو. مائوزيتنگ ان ڪانفرنس ۾ ’هونان‘ صوبي جي عيوضي طور شريڪ ٿيو ۽ کيس ’هونان‘ صوبي جي ڪميونسٽ پارٽيءَ جو سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو.
ان وقت ڪميونسٽ پارٽي جي ميمبرن جو تعداد 58 هو. 2021ع ۾ ڪميونسٽ پارٽي پنھنجي تاريخ جا هڪ سؤ سال مڪمل ڪيا. هينئر پارٽي جي ميمبرن جو تعداد 90 ملين کان بہ وڌيڪ آهي.
شروع شروع ۾ ڪميونسٽ پارٽي روس جي بالشويڪ پارٽيءَ جي اشارن تي هلند.ي هئي. گهڻيون تڻيون پاليسيون اتان ٺھي اينديون هيون. جيڪي اڪثر چين جي حالتن سان ٺھڪندڙ نہ هونديون هيون، پر انھن تي اکيون پوري عمل ڪيو ويندو هو. جنھن ڪري ڪافي ناڪامين کي منھن ڏيڻون پيو. ڪومنتانگ سان وحشياڻي جنگ ۽ لانگ مارچ جي تڪليفن کان پوءِ مائوزيتنگ پارٽيءَ جي اڳواڻي سنڀالي ورتي. ڊگهي ويڙهاند کان پوءِ چين تي قبضو ڪري ورتو. ڪميونسٽ پارٽي ’چيانگ ڪائي شيڪ‘ جي فوج جو بھادريءَ سان مقابلو ڪيو ۽ جاپان جي جارحيت جو پڻ دليريءَ سان مقابلو ڪيو.
ڪميونسٽ پارٽي جو ميمبر ٿيڻ لاءِ ڪنھن بہ بالغ شھري جنھن جي عمر ارڙهن سال آهي، باضابطہ طور تي درخواست ڏيندو آهي، جنھن جو جائزو وٺڻ کان پوءِ اها رد يا قبول ڪئي ويندي آهي، پارٽيءَ جو ميمبر بنجڻ جي لاءِ تعليمي پيشہ وراڻي قابليت جي بہ هڪ ڪوٽا هوندي آهي، درخواست جي منظوري ملڻ جي صورت ۾ پارٽي جو ميمبر بنجڻ وارو هڪ حلف کڻندو آهي. شروعاتي طور تي پارٽي ميمبر هڪ سال جي لاءِ پروبشن تي هوندو آهي. ان دوران هو نہ ووٽ ڏيئي سگهندو آهي ۽ نہ ئي ڪنھن چونڊ ۾ حصو وٺي سگهندو آهي. هڪ سال کان پوءِ هو ووٽ ڏيڻ ۽ چونڊن ۾ بيھڻ جو اهل هوندو آهي. چين جي هاڻوڪي صدر ۽ ڪميونسٽ پارٽي جو سيڪريٽري جنرل ’شي چن پنگ‘ ڏھہ ڀيرا ڪوشش ڪرڻ کان پوءِ پارٽي جو ميمبر بنجي سگهيو.
پارٽي جي ميمبرن جي تربيت جو بہ باقاعدہ بندوبست هوندو آهي، پارٽي قاعدن موجب هڪ ميمبر کي پارٽي جو وفادار، نظم ۽ ضبط جو پابند رهڻون پوندو آهي. پارٽي ميمبر پارٽيءَ جي گڏجاڻين ۾ شريڪ ٿي سگهي ٿو. ان سان گڏ ڪنھن بحث هيٺ مسئلي تي کليل نموني خيالن جو اظھار بہ ڪري سگهي ٿو. واسطيدار پارٽي دستاويز پڙهي سگهي ٿو. پارٽي جي ڪنھن بہ پاليسيءَ يا پارٽي ميمبر تي منطقي تنقيد بہ ڪري سگهي ٿو. ان حدتائين جو ڪنھن سينيئر اڳواڻ سان پڻ. ڪميونسٽ پارٽي جو اعليٰ سطحي ادارو نيشنل پيپلز ڪانگريس آهي. جنھن جي ميمبرن جو تعداد 2980 آهي، جنھن جو هر پنجن سالن کان پوءِ اجلاس ٿيندو آهي، جنھن ۾ اهم نوعيتن جا فيصلا ڪيا ويندا آهن. ڪميونسٽ پارٽي جي مرڪزي ڪميٽي جا 205 ميمبر آهن. جڏهن تہ 171 متبادل ميمبر آهن، جن جو هر سال کان پوءِ اجلاس ٿئي ٿو.
ڪميونسٽ پارٽي جي پولٽ بيورو جي ميمبرن جو تعداد 25 آهي، جن جي هر مھيني گڏجاڻي ٿيندي آهي، پولٽ بيورو جي اسٽيڊنگ ڪميٽيءَ جي پنجن کان نون ميمبرن جي هر هفتي گڏجاڻي ٿيندي آهي، پارٽي جو سڀ کان وڏو ۽ اهم عھدو سيڪريٽري جنرل جو هوندو آهي. اڄ ڪلھہ ’شي چن پنگ‘ سيڪريٽري جنرل آهي، جيڪو چين جو صدر ۽ سينٽرل ملٽري ڪميشن جو چيئرمن بہ آهي.
ڪميونسٽ پارٽيءَ جو اسڪول وڏي اهميت جو حامل آهي، جنھن ۾ چين جا اڳواڻ تيار ڪيا ويندا آهن. سندن تربيت ڪئي ويندي آهي، کين ٽاسڪ ڏنا ويندا آهن ۽ سندن صلاحيتن کي نکاريو ويندو آهي. انھن اسڪولن جي اهميت جو اندازو ان ڳالھہ مان لڳائي سگهجي ٿو تہ چين جون ڪيتريون ئي نالي واريون شخصيتون، جن ۾ هاڻوڪو صدر شي چن پنگ ۽ اڳوڻي صدر هوجنتائو کان سواءِ ڪيترائي مرڪزي اڳواڻ پارٽي اسڪولن جا سربراھہ رهي چڪا آهن.
چين جي ڪميونسٽ پارٽي مشاورت ۽ اجتماعي قيادت جي اصول تي عمل ڪندي حالتن موجب پنھنجي حڪمت عملي تبديل ڪئي. جمود ۽ تقليد جي بدران ارتقائي سوچ تي عمل ڪيو ۽ چين جا دروازا پرڏيھي سيڙپڪاري لاءِ کولي ڇڏيا ۽ بقاءِ باهمي ۽ گڏيل ترقيءَ جي اصولن تي عمل ڪندي چين جي گروٿ ۾ واڌارو ڪيو ۽ ٻين ملڪن جي ترقي لاءِ بہ موقعا فراهم ڪيا. چين جي ڪميونسٽ پارٽي جي سؤ سالن جي تاريخ ۾ عظيم ليڊر مائوزيتنگ، چواين لائي، ڊينگ زيائوپنگ، جيان زمن، هوجنتائو، چن ين، ليوشائوچي، شي چن پنگ ۽ ٻيا انقلابي اڳواڻ روشن ستارن وانگر چمڪي رهيا آهن.
چيني عوام پنھنجي تاريخ ۾ ڏکن، تڪليفن ۽ مصيبتن کي مڙس ماڻھو ٿي منھن ڏنو ۽ انقلاب کان پوءِ هڪ صديءَ جي اندر چين جي عوام ۽ قوم دنيا جي قومن ۾ شاندار ۽ باوقار مقام حاصل ڪيو آهي. ان مقام تائين پھچڻ لاءِ چيني قوم وڏا لڪَ لنگهيا آهن. ڪميونسٽ پارٽيءَ جي عظيم قيادت جي اڳواڻي ۾ ۽ چيني قوم جي سھڪار سان امپيريلزم، جاگيرداريت ۽ بيورو ڪريٽڪ ڪيپيٽل ازم جا پھاڙ عبور ڪيا. پاڻ ڀرائپ جي اصول تي عمل ڪندي چيني عوام سگهاري قوم بنجي اڀري. چين جي عوام کي اها اهم ڪاميابي جاگيرداريت جي مڪمل خاتمي ۽ سوشلسٽ نظام جي ڪري ملي.
ثقافتي انقلاب کان پوءِ ڊسيپلين انسپيڪشن ڪميشن ۽ پارٽي اسڪول جي اهميت ۾ واڌارو ٿيو. ڊسيپلين انسپيڪشن ڪميشن پارٽي ۽ حڪومت ۾ نظم ۽ ضبط کي يقيني بنائي ٿي. جڏهن تہ پارٽي اسڪول ۾ ڪيڊر جي تربيت ڪئي وڃي ٿي، جيڪي رياست جون مختلف ذميواريون سنڀاليندا آهن، اهي ٻيئي شاخون پارٽي ۽ حڪومت جي بنيادي اصولن موجب هلائڻ جون ذميوار آهن. ڪرپشن تي نظر ٿي رکي، ميرٽ ۽ شفافيت کي يقيني بنائي ٿي.
سينٽرل ملٽري افيئرز ڪميشن اعليٰ ادارو آهي، جنھن جي وسيلي چين جي ’پيپلز آرمي‘ کي پارٽي جي تابع رکيو وڃي ٿو. سينٽرل ملٽري ڪميشن دفاع واري وزارت کان بہ وڌيڪ سگهارو ۽ بااختيار ادارو آهي. اهو ادارو پيپلز آرميءَ جي پاليسين جي جوڙجڪ ڪري ٿو. ملٽري آپريشن جو ڪنٽرول ۽ ڪمانڊ بہ سينٽرل ڪميشن جي اختيارن جي دائري ۾ آهي. حقيقت اها آهي تہ ’پيپلز آرمي‘ رياست جي بدران ’سينٽرل ڪميشن‘ جي اڳيان جوابدار آهي. سينٽرل ملٽري ڪميشن جي ڪمانڊ مائوزي تنگ، ڊينگ زيائوپنگ، هواڪوفنگ، جيانگ زمن وٽ رهي آهي. هينئر ’شي چن ينگ‘ ان ڪميشن جو سربراھہ آهي.
چين جي ڪميونسٽ پارٽي ’جمھوري مرڪزيت‘ جي اصول تي عمل ڪري ٿي. چين جي مختلف ادارن ۾ پارٽيءَ جي اهميت کي محسوس ڪيو ويندو آهي. پارٽي چين جي پارليامينٽ ۽ انتظاميہ کي ڪنٽرول ڪندي آهي ۽ قوم جي سماجي ۽ اخلاقي قدرن تي ڪڙي نظر رکندي آهي. پارٽيءَ جي اهميت ۽ مرڪزيت کي گهٽائڻ جي هر ڪوشش کي ناڪام بنايو ويو. مائوزيتنگ جي ثقافتي انقلاب، ڪميونسٽ پارٽي جي ڪمانڊ ۽ ڪنٽرول کي متاثر ڪيو، جيڪو هوريان هوريان درست ڪيو ويو ۽ پارٽي جي ’جمھوري مرڪزيت‘ جو تسلسل برقرار رهيو. ثقافتي انقلاب جي ناڪامي کان پوءِ عوام جي حاڪميت ۽ اڳواڻ جي پارٽي جي بنيادي انقلابي اصولن سان وابستگي کي لازمي قرار ڏنو ويو، تہ جيئن ڪوبہ ليڊر مھم جوئي ڪري نہ سگهي.
چين جي ڪميونسٽ پارٽي هڪ اهڙي جماعت آهي، جنھن جي ايجنڊا عوام جي خدمت آهي. هن انقلابي پارٽيءَ جي اڳواڻن جا ذاتي مفاد نہ آهن، پر سڀ عوام جي گڏيل مفاد لاءِ ڪم ڪن ٿا. چين جي سڀني قوميتن جا ماڻھو ڪميونسٽ پارٽي ۾ شامل آهن. ڇو تہ اها قومي سياسي پارٽي بنا ڪنھن فرق ۽ متڀيد جي عوام جي اجتماعي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ جدوجھد ڪري ٿي.

مائوزي تنگ

[26 ڊسمبر 1893ع- 9 سيپٽمبر 1976ع]

مائوزي تنگ هماليا پربت جيڏي شخصيت هو ۽ هماليا جيڏي ئي وڏي ملڪ چين ۾ سندس ئي قيادت ۾ انقلاب آيو، جنھن چين ۽ چينين جي تقدير ئي بدلائي ڇڏي.
جا لڪن لوساٽي، سا سيج چڙهندي سسئي
’شي هوانگ تي‘ چين جو اهو عظيم شھنشاھہ هو، جنھن 210 ق. م کان 238 ق. م تائين چين تي حڪمراني ڪئي. هن فوجي طاقت سان پھريون ڀيرو چين کي هڪ ملڪ جي صورت ۾ متحد ڪيو ۽ ڪيترائي سُڌارا ڪيائين. انھن سڌارن چين جي تھذيبي ٻڌيءَ ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪيو، جيڪو اڃا تائين موجود آهي.
ڊاڪٽر مائيڪل هارٽ پنھنجي ڪتاب ’هڪ سؤ تاريخ ساز شخصيتون‘ ۾ لکي ٿو، ”اهو مائو جي زندگي ۾ چٽو ٿي ويو هو تہ هو اهڙي ئي اثرائتي شخصيت آهي، جھڙي عظيم هستي ’شي هوانگ تي‘ جي هئي. ٻيئي چيني هئا. ٻنھي پنھنجي ملڪ ۾ انقلابي تبديليون متعارف ڪرايون.“ (1)
مائوزي تنگ جو جنم 26 ڊسمبر 1893ع ۾ ڏکڻ چين جي هڪڙي ننڍڙي ڳوٺ ’شائو شان‘ ۾ ٿيو، جيڪو چين جي صوبي هونان ۾ هو. سندس پيءُ وٽ ساڍا ٽي ايڪڙ ٻني هئي. هو پاڻ ۾ ٽي ڀائر هئا. پاڻ ٽنھي ۾ وڏو هو، باقي ٻہ کانئس ننڍا هئا.
مائوزي تنگ جو ڪُٽنبي نالو ’مائو‘ هو ۽ سندس شخصي نالو ’زي تنگ‘ هو. چين ۾ ڪُٽنبي نالا پھرين لکيا ويندا آهن. جيئن سومرو رشيد، گُگو اصغر، ميمڻ شھزاد.
مائو ڇھن سالن جو ٿيو تہ پڻس کيس مال چارڻ جي ڪم سان لڳايو. اٺن سالن جي عمر ۾ کيس ڳوٺ جي اسڪول ۾ ويھاريو ويو. هو سترهن سالن تائين پنھنجي ڳوٺ ۾ ئي زندگي گذاريندو رهيو ۽ پوءِ وڌيڪ تعليم جي لاءِ هونان جي گاڌي جي هنڌ ’شنگشا‘ ويو. جتي کيس ’يانگ چانجي‘ نالي هڪ بھترين انسان مليو، جيڪو ايڊنبرگ مان فلسفي ۾ گريجوئيشن ڪيل هو. اڳتي هلي پنھنجي استاد ’يانگ چي‘ جي ڌيءَ ’يانگ ڪائي‘ سان مائو شادي ڪئي. گريجوئيشن جي ڊگري حاصل ڪرڻ کان پوءِ مائو پيڪنگ يونيورسٽي ۾ اسسٽنٽ لئبررين طور نوڪري ڪرڻ لڳو. جتي هن ڪتابن جو خوب مطالعو ڪيو.
1917ع ۾ روس ۾ انقلاب آيو. جتي سرمائيدارن ۽ جاگيردارن جي حڪومت جو خاتمو ڪري، لينن جي اڳواڻيءَ ۾ مزدورن جي حڪومت قائم ٿي. ان انقلاب جا پڙاڏا سڄي دنيا ۾ گونجڻ لڳا ۽ چيني عوام جيڪو وڏيرن ۽ جاگيردارن جي ظلمن جو ستايل هو، ان انقلاب کان متاثر ٿيو. سوويت انقلاب جي اثرن کي چين ۾ سڀ کان وڌيڪ شاگردن قبول ڪيو ۽ جڏهن سامراجي ملڪن چين ۾ جاپان کي ڪجهہ رعايتون ڏيڻ جو فيصلو ڪيو تہ سامراجين جي ان سازش جي خلاف پيڪنگ ۾ شاگردن زبردست جلسا ۽ جلوس ڪڍيا، جيڪي سڄي ملڪ ۾ پکڙجي ويا. 4 مئي 1919ع جي شروع ٿيندڙ اها شاگرد تحريڪ چين ۾ سامراج دشمن ۽ جاگيردار مخالف تحريڪ جو بنياد بڻي ۽ ان چين جي انقلاب تي گهرا اثر ڇڏيا. مائوزي تنگ بہ ان تحريڪ ۾ شامل رهيو.
روس ۾ آيل سوشلسٽ انقلاب کان متاثر همراهن گڏجي شنگهائي ۾ چيني ڪميونسٽ پارٽي جو بنياد وڌو. 1921ع ۾ قائم ٿيندڙ ان ڪميونسٽ پارٽي جي بنيادي ميمبرن ۾ مائوزي تنگ بہ شامل هو، جيڪو ’هونان‘ صوبي جي عيوضي جي حيثيت سان ان گڏجاڻي ۾ شريڪ ٿيو هو.
اسان جڏهن مائوزي تنگ جي باري ۾ ڳالھايون ٿا تہ اصل ۾ اسان ڪميونسٽ پارٽيءَ جي باري ۾ ڳالھائيندا آهيون ۽ دراصل اسان سڄي چين جي باري ۾ ڳالھائي رهيا هوندا آهيون. ڇاڪاڻ تہ ايندڙ سٺ سالن تائين اهي ٽيئي وجود يعني مائوزي تنگ، ڪميونسٽ پارٽي ۽ چين هڪئي وجود بنجي وڃن ٿا ۽ اهي هڪٻئي جي ڪاميابين، ناڪامين، غلطين ۽ سڀني معاشي ۽ ثقافتي لاهن چاڙهن ۾ گڏ رهيا ۽ هڪٻئي کي متاثر ڪندا رهيا.
پنھنجي قائم ٿيڻ جي ڏينھن کان ئي ڪميونسٽ پارٽي عورتن ۽ مردن جي برابريءَ وارن حقن جو ڪم هٿ ۾ کنيو. پارٽي جي عورتاڻي شاخ 1923ع ۾ ’زيانگ جنگ يو‘ جي اڳواڻي ۾ قائم ٿي، جيڪا هڪ اسڪول ماسترياڻي هئي ۽ 4 مئي جي تحريڪ ۾ ڀرپور حصو وٺي چڪي هئي.
1911ع ۾ چين ۾ ’مانچو گهراڻي‘ جي شھنشاهيت جو خاتمو ڪيو ويو ۽ سن يات سين، ’جمھوريہ چين‘ جو صدر بنيو. سن يات سين ڪميونسٽ نہ هو، هو هڪ قومپرست هو ۽ ڪنفيوشس جي نقش قدم تي هلندڙ طبقاتي مفاهمت جي لائين تي هلندو رهيو. ان دوران پھرين مھاڀاري جنگ شروع ٿي ويئي ۽ 1917ع ۾ روس ۾ سوشلسٽ انقلاب ڪامياب ٿيو. ان انقلاب ۾ سن يات سين کي اميد جو ڪرڻو نظر آيو. هن لينن کان مدد گهري ۽ نئين چين جي اڏاوت لاءِ ٽي اصول جوڙيا، جاگيرداري نظام جو خاتمو، مزدورن جي حقن جي بحالي ۽ سامراجي اثرن کان ڇوٽڪارو. هن 1923ع ۾ چين جي ڪميونسٽ پارٽي سان ٺاھہ ڪري ورتو.
سوويت يونين ’سن يات سين‘ حڪومت جي امداد شروع ڪري ڇڏي. سوويت يونين جي مدد سان نئين فوج ٺاهڻ جي لاءِ هڪ ’ملٽري اڪيڊمي‘ قائم ڪئي ويئي. جنھن جو سربراھہ چيانگ ڪائي شيڪ ۽ ڊين چو اين لائي مقرر ٿيا. ائين ڪومنتانگ ۽ ڪميونسٽ پارٽي گڏجي انقلاب جي تڪميل ڪرڻ لڳيون.(2)
مائوزي تنگ کي ڪينٽين موڪليو ويو تہ جيئن هو اتي قومپرستن سان گڏجي ڪم ڪري. هن پنھنجي زال ۽ ٻن ٻارڙن کي چانگشا ۾ ڇڏيو ۽ ڪينٽين هليو ويو. ڪومنتانگ سان اتحاد دوران ڪميونسٽ پارٽي پنھنجن بنيادي ڪمن کان غفلت نہ ڪئي، هن پنھنجي تنظيم سازي ۽ ميمبر سازي وڏي سرگرمي سان جاري رکي.
ان ملٽري اڪيڊمي ۾ انقلاب جي تڪميل لاءِ نوجوانن جي سکيا جاري هئي، جو 1926ع ۾ سن يات سين چالاڻون ڪري ويو ۽ سندس جاءِ تي نوجوان جرنيل چيانگ ڪائي شيڪ، چين جو صدر ٿيو، جيڪو سخت ڪيمونسٽ دشمن شخص هو. چيانگ 1927ع ۾ ڪميونسٽن سان اتحاد ختم ڪري ڇڏيو ۽ ڪميونسٽن تي اوچتو وار ڪري انھن جو قتل عام شروع ڪري ڇڏيو. شنگهائي جيڪو ڪميونسٽن جو ڳڙھہ هو، هزارين ڪميونسٽن جو مقتل گاھہ بنجي ويو. مائوزي تنگ بہ شھر ڇڏي ٻھراڙيءَ ۾ هليو ويو ۽ اتي هارين کي منظم ڪرڻ شروع ڪيائين. اهو ’ڪيانگسي‘ صوبو هو.
1927ع کان وٺي 1934ع تائين هو گوريلا جٿن کي منظم ڪندو رهيو، جن ۾ گهڻائي هارين جي هئي، مقصد اهو هو تہ چيانگ ڪائي شيڪ جي ڪومنتانگ جي خلاف پنھنجو بچاءُ ڪري سگهجي ٿي. 1927ع ۾ مارڪسٽ اسڪالر ’چن توسيو‘ جي جاءِ تي مائوزي تنگ کي پارٽيءَ جو اڳواڻ بنايو ويو. ان ئي ڪيانگسي ۾ مائو ۽ سندس ساٿين 7 نومبر 1931ع تي پنھنجي انقلابي حڪومت قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو.
چيانگ ڪائي شيڪ پنھنجون بھترين فوجون ڪميونسٽن جي خلاف ڪيانگسي روانيون ڪيون. ڪيانگسي ۾ انقلابين جو هيڊڪوارٽر هو. هتي ڇھه سال انقلابي حڪومت رهي هئي. ان علائقي ۾ ڪميونسٽن وڏيرن کان زمينون کسي هارين ۾ ورهائي ڇڏيون هيون. ڍلون گهٽائي ڇڏيون، آفيم، جسم فروشي، بيگر، غلامي ۽ بيروزگاري جو خاتمو ڪيو هو. زوري شادين تي پابندي مڙهي ڇڏي هئي، اتي ڇھن سالن جي اندر ئي تعليم جو ريشو اسي سيڪڙي تائين وڃي چڪو هو.
ان زماني ۾ ڪومنتانگ مائو جي محبوب زال ’يانگ ڪائي هوئي‘ کي قتل ڪري ڇڏيو. چيانگ ڪائي شيڪ جو خيال هو تہ ان جي ڏک ۾ مائو ٽٽي پوندو، پر مائوزي تنگ ڪنھن ٻي مٽيءَ مان ٺھيل هو، هو سدائين چوندو هو ’غم کي طاقت ۾ بدلايو‘. تنھنڪري مائو وڌيڪ سرگرمي سان انقلابي جدوجھد ۾ لڳي ويو . ايئن جڏهن سندس مھربان ۽ سرپرست چاچي ۽ چاچيءَ کي ڪميونسٽ پارٽيءَ سان سھڪار جي ڏوھہ ۾ ڦاسي ڏني ويئي، تڏهن بہ مائو جا حوصلا نہ ٽٽا ۽ هو وڌيڪ سگهارو ٿيو. پنھنجي ان محبوب زال جي ياد ۾ 28 سال پوءِ 1957ع ۾ مائوزي تنگ نھايت دردناڪ نظم لکيو، ان ۾ چيو اٿس تہ: ”ان جو پاڪ روح ڪومن تانگ جي بگهڙن جي شڪست تي خوشي جا ڳوڙها پيو ڳاڙي.“ ڪميونسٽ پارٽي سخت محنت سان هارين کي منظم ڪندي رهي ۽ سڄي هونان ۽ ڪيانگسي ۾ هڪٻئي جي پويان سوويت (انقلابي حڪومت) قائم ڪندي ويئي. هن وڏيرن ۽ جاگيردارن کان زمينو ڦري هارين ۾ ورهائي ڇڏيون. ايئن هنن 7 نومبر 1931ع ۾ پنھنجي گاڌي جي هنڌ ’چن‘ ۾ آل چائنا سوويتن جي ڪانگريس ڪوٺائي. ان ڪانگريس ۾ مائوزي تنگ کي آل چائنا سوويت گورنمينٽ جي سينٽرل ڪميٽي جو چيئرمن ڳاڙهي فوج جو چيف پوليٽيڪل ڪميسار چونڊيو ويو.
چيانگ ڪائي شيڪ جا حملا جاري هئا. هيستائين هو چار وڏا حملا ڪري چڪو هو، جيڪي سڀ ڪميونسٽ پارٽيءَ ناڪام بنائي ڇڏيا هئا. هاڻ پنجون حملو شروع ٿيو، جنھن ۾ نوَ لک فوج شامل هئي. انقلابين وٽ ڪل ملائي هڪ لک اسي هزار فوج هئي. ان کان سواءِ رضاڪارن جي ڳاڙهن دستن جو تعداد ٻہ لک هو. ڪومنتانگ جي اها مھم ڪامياب رهي ۽ ڪميونسٽ پارٽي فيصلو ڪيو تہ پنھنجو مرڪز ڏکڻ چين کان اُتر چين منتقل ڪري، جيئن چيانگ جي فوجن کان بچي سگهجي ۽ وطن جي آزادي لاءِ جاپانين سان بہ وڙهي سگهجي. تاريخ ۾ اهو سفر لانگ مارچ جي نالي سان مشھور آهي، جيڪو 31-1934ع ۾ ڪيو ويو.
15 آڪٽوبر تي ڪوچ شروع ٿيو. انقلابي فوج ۾ ڪل هڪ لک ماڻھو هئا. جن مان 85 هزار سپاهي ۽ پندرهن هزار پارٽي ۽ حڪومت جا ڪارڪن هئا. اٿندي ئي ’شين نينگ‘ شھر وٽ سندن ڪومنتانگ جي فوج سان جهڙپون ٿيون. پر انقلابي فوج گوهيون ڏيئي پاڻ بچائيندي، ’ڪوانگ تنگ‘ صوبي جو اتريون ڇيڙو ۽ ڏاکڻيون ڇيڙو ڏيئي اڳتي وڌي، تان جو اچي ’ڪوانگ سي‘ صوبي جي اتر ۾ شيانگ ندي جي ڪناري تي پھتي- ندي پار ڪيائين. ندي پار ڪرڻ مھل دشمن مٿن سخت گولاباري ڪئي، جنھن ڪري پار اڪرڻ ۾ کين سڄو هفتو لڳي ويو. انھي وچ ۾ دشمن جي گوليباري انقلابي فوج جون پتيون ڪڍي ڇڏيون. هفتي جي پڇاڙيءَ تائين انقلابي فوج جو اڌ ناس ٿي ويو ۽ ڊسمبر ۾ باقي بچيل فوج ”ڪوي چائو“ صوبي جي وچ ۾ ”وو“ ندي کي پار ڪيو. ”وو“ ندي پار ڪرڻ ۾ انقلابي فوج، خاص ڪري سندس اڳواڻ دستن بھادري ۽ سر صدقو ڪرڻ جا لاثاني ڪارناما ڪيا. هوڏانھن دشمن باھہ جا اُلا پي وسايا تہ هيڏانھن هي سورهيہ دستا تختن تي چڙهي ترندا، رت ڳاڙيندا وڌندا رهيا. ڪيترائي سرويچ ڦٽجي ساڻا ٿي دريا ۾ ڪري غرق ٿي ويا، پر ٻيا دريا پار پھچي ويا. دريا جي پرينءَ ڀر هڪ پھاڙي چوٽي هئي، ان مٿان دشمن جا مضبوط مورچا ٺھيل هئا. جن مان انقلابي فوج تي سخت توب زني پي ڪيائون. جيڪي انقلابي سورما پراڙ پھتا، سي هڪدم رسين جون ڏاڪڻيون لڳائي، ان چوٽي تي چڙهي ويا ۽ وڃي توب زني ڪندڙ دستن تي ڪڙڪيا. دشمن سان سنگينن سان دوبدو لڙائي ڪري کين ختم ڪيائون ۽ چوٽيءَ تي قبضو ڪري ورتائون، ان کان پوءِ سڄي انقلابي فوج آساني سان دريا پار اڪري ۽ جلد ئي ڀر واري شھر ”سون بي“ تي قبضو ڪيو. (3)
ان لانگ مارچ کي شاعر ’مائوزي تنگ‘ هن ريت منظوم ڪيو، ان نظم جو عنوان آهي، ”لانگ مارچ 1938ع.“

ڳاڙهي فوج جا سپاهي
ڊگهي مارچ جي آفتن کان نہ ٿا ڊڄن،
هي هزارين تيز وهڪرا ۽ ٽڪريون
اسان جي سامھون ڪا حيثيت نہ ٿيون رکن
نرم لھرن واريون ور وڪڙ ڏيندڙ چوٽيون
اسانجن دستن جا سڀ سپاهي
روان دوان آهن،
گلاب جھڙن مھڪندڙ چھرن جي روشني کڻي. (4)

ڪمال جي ڳالھہ اها آهي تہ لانگ مارچ ۾ شامل تمام گهڻا ماڻھو اڻ پڙهيل هئا، جن کي سفر جي دوران پڙهڻ لکڻ سيکاريو ويو. لانگ مارچ ۾ شامل عورتن بي سرو سامانيءَ ۾ ٻارڙن کي جنم ڏنو. تڪليفون ايتريون هيون، جو انھن جنم وٺندڙ ٻارڙن کي پاڻ سان گڏ کڻي هلڻ ممڪن نہ هو، تنھنڪري اهي ٻارڙا مقامي ماڻھن کي ڏنا ويا، انھن ۾ خود مائوزي تنگ جي ڌيءَ بہ شامل هئي. اهي ٻار وري يا عمر مائٽڻ اکين ڪونہ ڏٺا.
لانگ مارچ جي دوران مائوزي تنگ ڪميونسٽ انقلابين لاءِ ضابطہ اخلاق جوڙيو ۽ ڪارڪنن کي هدايت ڪئي تہ هو قيادت جي حڪمن تي خلوص نيت سان عمل ڪن. ماڻھن کان سُئي سڳو بہ نہ ڦرين. رستي ۾ جيڪا شئي ملي اها جمع ڪرائين. ماڻھن سان نرم لھجي ۾ ڳالھائين. شين جي مناسب قيمت ادا ڪن. جيڪا شئي اُڌاري وٺن اها ايمانداريءَ سان واپس ڪن، نقصان ڀري ڏين. ماڻھن سان زور زبردستي يا زيادتي نہ ڪن. قيدين ۽ عورتن سان سُٺو سلوڪ ڪن. سندن عزت ۽ وقار جو خيال رکن.
اهو تاريخي لانگ مارچ چين جي ڏکڻ کان اترين اولھہ علائقي تائين ڇھن هزارن ميلن جو سفر هو. ان دوران ڪميونسٽ انقلابين ۽ ڪومنتانگ فوج ۾ سخت لڙايون ٿيون. لانگ مارچ جي دوران ڪميونسٽ انقلابين 18 جابلو سلسلا ۽ 24 دريا پار ڪيا. لانگ مارچ جو اهو ڏکيو سفر 368 ڏينھن تائين جاري رهيو. ڏکڻ کان اتر تائين يارهن صوبا لتاڙيا، مقامي جاگيردارن، وڏيرن، قبائلي سردارن ۽ ڌاڙيلن سان چڪريون ٿيون، پر مائوءَ جي بھتر رٿابنديءَ سبب نيٺ اڪري اچي پار پئي. لانگ مارچ ۾ 85 هزار انقلابي شريڪ ٿيا ۽ فقط اٺ هزار پنھنجي منزل تي پھچي سگهيا.
ان لانگ مارچ جي باري ۾ چيئرمن مائو لکيو، ”تاريخ ۾ اڄ سوڌي اسان جي لانگ مارچ جھڙو ڪو مثال نٿو ملي. يارهن مھينن تائين هر روز ڪيترن ئي هوائي جھازن جي وسيلي اسان جي جاسوسي ۽ اسان تي بمباري ٿيندي رهي، ان سان گڏ لکين ماڻھن تي مشتمل زميني فوج اسان جو گهيرو ڪندي ۽ پيڇو ڪندي رهي ۽ راھہ ۾ رڪاوٽون وجهندي رهي. رستي ۾ اسان کي حد کان وڌيڪ تڪليفن ۽ خطرن کي منھن ڏيڻون پيو. پر اسان پنھنجي ٽنگن سان ٻارهن صوبن مان لنگهي، ڇھن هزار ميلن جو مفاصلو طئي ڪيو. اسان اهو پُڇون ٿا تہ تاريخ ۾ اسان جي لانگ مارچ جھڙو ڪو مثال ملي ٿو؟ نہ ڪٿي بہ نہ. لانگ مارچ هڪ منشور آهي، جنھن سڄي دنيا تي چٽو ڪري ڇڏيو تہ ڳاڙهي فوج سورمن جي فوج آهي ۽ سامراجي ۽ سندس ڪُتا بيڪار آهن. لانگ مارچ هڪ تشھيري سگهہ آهي. ان ٻارهن صوبن جي ويھه ڪروڙ عوام تي اها حقيقت چٽي ڪري ڇڏي تہ ڳاڙهي فوج جيڪا واٽ ورتي آهي، اها آزاديءَ جي اڪيلي واٽ آهي. لانگ مارچ کان سواءِ دنيا کي ان عظيم سچائيءَ جي وجود جي ڪيئن خبر پوي ها، جنھن جي ڳاڙهي فوج رهنمائي ڪري ٿي. لانگ مارچ تخم ريزيءَ جي مشين آهي، جنھن ٻارهن صوبن ۾ تمام گهڻا ٻج پوکيا آهن، جيڪي جلد ئي ڦٽندا، انھن مان گؤنچ نڪرندا، گل ٽڙندا ۽ ايندڙ وقت ۾ ڀلو فصل ڏيندا.“
يانان پھچي مائوزي تنگ کي شاعري ڪرڻ، پنھنجن خيالن کي گڏ ڪرڻ ۽ چين جي لاءِ مارڪسزم جي اطلاق جو نظريو ترتيب ڏيڻ جو وقت مليو.
مائوزي تنگ هڪ سٺو شاعر بہ هو، سندس ڪل 37 نظم ڇپيل آهن، جيڪي بيجنگ جي ’غير ملڪي زبانن جي اشاعت گهر‘ پاران مختلف ٻولين ۾ ترجمو ڪرائي ڇپرايا ويا آهن.
ان عرصي دوران جاپان جي چين تي جارحيت جاري هئي. ’ڪميونسٽ انٽرنيشنل‘ فاشزم جي خطري کي منھن ڏيڻ لاءِ فيصلو ڪيو تہ فسطائيت جي خلاف جمھوريت پسندن ۽ قومپرستن جو متحدہ محاذ قائم ڪيو وڃي. تنھنڪري ڪميونسٽ پارٽيءَ مائو جي رهنمائي ۽ چيانگ ڪائي شيڪ سان متحدہ محاذ ٺاهڻ جي لاءِ وڏي مٿا ڪٽ ڪئي. نيٺ 1937ع ۾ اهو متحدہ محاذ قائم ٿيو. پر چيانگ ڪائي شيڪ جي نيت ۾ کوٽ هئي ۽ هو پنھنجي فوجي ڪمانڊرن کي ڪميونسٽ علائقن تي قبضي ڪرڻ لاءِ هُشي ڏيندو رهيو. ان ارادي تحت جڏهن چيانگ ڪائي شيڪ اترين اوڀر علائقي ۾ پنھنجي فوج جو دورو ڪري رهيو هو تہ هڪ ڪومنتانگ نوجوان جنرل کيس گرفتار ڪري ورتو، جنھن چاهيو ٿي تہ جاپان کي شڪست ڏيڻ لاءِ ڪميونسٽ پارٽي جي فوج سان گڏجي وڙهجي. هو منچوريا ۽ اتر اوڀر چين تي جاپان جي قبضي تي چيانگ ڪائي شيڪ جي خاموشيءَ تي ڪاوڙيل هو. مائوزي تنگ ان وقت سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو جڏهن هن پنھنجي ويجهي ساٿي ’چو اين لائي‘ کي چيانگ ڪائي شيڪ جي زندگي بچائڻ لاءِ موڪليو. هي اهو ساڳيو چو اين لائي هو، جنھن جي سر جي قيمت چيانگ ڪائي شيڪ 80 هزار ڊالر مقرر ڪئي هئي، پر هينئر جاپان کي شڪست ڏيڻ سڀني کان پھرين ترجيح هئي.
نيٺ 1937ع ۾ چيانگ ڪائي شيڪ جاپان جي حملي جو مقابلو ڪرڻ لاءِ هڪ الائنس ٺاهڻ تي مجبوريءَ جي حالت ۾ راضي ٿيو. اهڙي طرح ڪميونسٽ ۽ قومپرستن گڏجي جاپان جي خلاف محاذ کوليو. 1937ع کان وٺي 1945ع يعني جاپان جي شڪست تائين اهو سلسلو هلندو رهيو.
ڪو منتانگ ۽ ڪميونسٽ ٻنھي پارٽين کي اُن ڏينھن جو انتظار هو، جيئن هڪ هڪاڻي ڪري سگهجي. ڪميونسٽ پارٽيءَ کي بہ خبر هئي تہ جنھن ڏينھن جنگ ختم ٿي ۽ جاپان هارايو، ان ڏينھن ڪومنتانگ جي توپن جا مُنھن واپس هنن ڏانھن ئي ٿيندا، تنھنڪري هنن بہ ان ڏينھن لاءِ پنھنجي تياري جاري رکي ۽ جڏهن ڪومنتانگ مٿن حملو ڪيو تہ ڪميونسٽ انقلابين کين ڀرپور جواب ڏنو، پر هن ڀيري شڪست ڪومنتانگ جي نصيب ۾ لکيل هئي.
1947ع ۾ ڪميونسٽن جوابي حملي جي شروعات ڪئي ۽ لڙاين جي هڪ ڊگهي سلسلي کي جاري رکيو. 1949ع تائين ڪيترائي وڏا وڏا شھر آزاد ڪرايا ويا. 25 اپريل 1949ع تي انقلابي فوجي ڪومنتانگ جي تخت گاھہ ’نين ڪنگ‘ تي قبضو ڪري ورتو ۽ چيانگ ڪائي شيڪ آمريڪا جي مدد سان تائيوان (فارموسا) ڀڄي ويو. ڇو تہ تائيوان ئي سندس لاءِ بھترين پناھہ گاھہ ثابت ٿي سگهيو ٿي. چيانگ تائيوان تہ ڀڳو، پر خالي هٿين نہ، ملڪ جو سڀ پئسو ڏوڪڙ، عجائب گهرن مان ناياب نوادرات ۽ شھر ممنوعه (Forbiddon city) جا خزانا بہ پاڻ سان کڻي ويو.
پھرين آڪٽوبر 1949ع تي مائوزي تنگ پيڪنگ ۾ عوامي جمھوريہ چين جو اعلان ڪيو. هن حقن ۽ فرضن ۾ برابريءَ جي بنياد تي ملڪ جي سڀني قوميتن کي متحد ڪيو، عوامي جمھوريہ جي قيام سان چيني عوام جي سامراج دشمن ۽ جاگيردار دشمن انقلاب جي فتح ٿي ۽ سوشلزم تائين رسائي جو عبوري دور شروع ٿيو.
”چيني انقلاب جي ڪاميابي ۾ مائو جي دوررسيءَ جو وڏو دخل آهي، انقلاب کان پوءِ هن سُڌارن جي تجويزن کي منظور نہ ڪيو ۽ ان ڳالھہ تي زور ڏنو تہ پراڻي نظام جو مڪمل خاتمو ٿيڻ گهرجي. هن ڪميونسٽ پارٽي جي اجلاس ۾ ڌمڪي بہ ڏني تہ جيڪڏهن سندس پاليسي تي عمل نہ ٿيو تہ هو ٻيھر ڳوٺن ۾ وڃي ’ڳاڙهي فوج‘ تيار ڪندو. تيانمن اسڪوائر ۾ تقرير ڪندي مائوءَ چيو تہ، ”چيني سماج مان سڀني پراڻين ۽ مدي خارج بورزوا رسمن جو خاتمو ٿيڻ گهرجي. ان مقصد جي ڪاميابي جي لاءِ هن ڪلچرل ريوليشن جو بنياد وڌو. جنھن چين جي پراڻين روايتن ۽ ادارن کي ختم ڪري هڪ نئين معاشري جي شروعات ڪئي. مائو جي جانشنين کي جيڪا ڪاميابي ملي، ان جو سبب هي هو تہ سندن رستي ۾ هاڻ ڪابہ پراڻي مُدي خارج روايت نہ هئي. جڏهن بہ انقلاب اچي ٿو تہ ان جي نتيجي ۾ رتوڇاڻ جو عمل بہ ٿئي ٿو، پر جيڪڏهن ليڊرشپ ۾ قوم سان همدردي هجي ۽ همت هجي تہ اهي پراڻي نظام جي جاءِ تي هڪ نئين دور جي شروعات ڪري ٿو. جنھن سان عام ماڻھن جي زندگي ۾ خوشحال ايندي آهي.“ (4)
چيئرمن مائوزي تنگ بہ ايئن ئي ڪيو.
”انقلاب کان اڳ چين ۾ ڳوٺن ۾ رهندڙ ماڻھن جي زندگي ڏاڍي ڏکي هئي، هو وڏيرن ۽ جاگيردارن جي پرماريت جو شڪار هئا. ڊگهي لانگ مارچ جي دوران مائو غريب ڳوٺاڻن جي خراب حالت پنھنجي اکين سان ڏٺي هئي. انقلاب کان پوءِ هن ڳوٺن ڏانھن خاص ڌيان ڌريو. کيس خبر هئي تہ جاگيرداري نظام سياسي سماجي ۽ معاشرتي مسئلا پيدا ٿو ڪري. هن انقلاب جي اهم مرحلي جي دوران هارين جي طاقت استعمال ڪندي، وڏن جاگيردارن جون جاگيرون ضبط ڪري ورتيون. انقلاب کان پوءِ مزاحمت ڪندڙ جاگيردارن کي منظر تان هٽايو ويو ۽ اڪثر زميندارن کي نئين نظام ۾ ايڊجسٽ ڪيو ويو. هڪ تحقيق موجب چئن کان اٺن لکن تائين مزاحمت ڪندڙ زميندارن کي قتل ڪيو ويو، 1952ع ۾ زرعي سُڌارن جو نئون نظام جوڙيو ويو، پراڻيون پرماري روايتون ختم ڪيون ويون، نئين نظام جي پھرين مرحلي ۾ ننڍا ۽ وچولي سائز جا ’ڪو آپريٽو‘ ادارا قائم ڪيا ويا، پوءِ هوريان هوريان وڏا ڪوآپريٽو ادارا جوڙيا ويا ۽ آخري مرحلي ۾ ’ڪميون سسٽم‘ لاڳو ڪيو ويو. اهو مرحلو 1952ع کان 1958ع تائين ڇھن سالن ۾ مڪمل ٿيو. ايئن انفرادي ملڪيت کان اجتماعي ملڪيت جو سفر مڪمل ٿيو. ڪميون ۽ ڪوآپريٽو سسٽم ۾ شامل گهراڻا هڪٻئي سان سھڪار ڪندا هئا. ان سسٽم سان پيداوار ۾ واڌارو ٿيو. سماج تي هاڪاري اثر مرتب ٿيا. ڏوهن ۾ ڪمي ٿي ۽ سڀني ڳوٺاڻن کي ترقيءَ جا هڪجھڙا موقعا مليا.“(5)
1959ع ۾ مائوزي تنگ گرمين جي مُنڌ ۾ پنھنجي ڳوٺ ’شائو شان‘ وڃي رهيو هو. 1927ع کان پوءِ اهو پھريون موقعو هو، جڏهن هو پنھنجي ڳوٺ ويو. ڳوٺ ۾ رهي هن پنھنجي ماضيءَ جي ساروڻين کي ساريو. جنھن جو اظھار هن پنھنجي هڪ شعر ۾ هيئن ڪيو آهي:

اهو منھنجو ماضي، اهو منھنجو ماضي،
ان جي ساروڻين جو تاءُ جيئن جو تيئن آهي،
آءٌ گذريل وقت کي پِٽيان ٿو.
اڃا ٽيھہ سال اڳ، آءٌ پنھنجي ڳوٺ ۾ هئس
هتان جا مجبور ۽ بي وس ماڻھو،
پنھنجن ڀالن تي ڳاڙها جهنڊا لھرائي رهيا هئا
ڪارا مجبور هٿ، ظالم وڏيرن جو گند ڪچرو کڻي رهيا هئا،
عظيم قربانين کان پوءِ اڄ اسان کي
اها سگهہ ملي آهي تہ
چنڊ ۽ سج کي اسان اهو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي
تہ هو اسان وٽ اچي حاضر ٿين.
نوَن ڏينھن جو نياپو آڻين
آءٌ سارين ۾ مٽيءَ جي سھڻي سڳنڌ کي پَسي خوش آهيان،
شام جي ڌنڌلن پاڇن ۾ چئني ڏسائن کان
ايندڙ سورمن کي ڏسان ٿو.

”1966ع ۾ مائوزي تنگ ۽ سندس ويجهن ساٿين سوشلزم جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ تڪراري قدم کنيو، جنھن کي ’ثقافتي انقلاب‘ جو نالو ڏنو ويو. اهو صحيح آهي تہ پارٽي سترهن سالن کان اقتدار ۾ هئي. ان جا ڪارڪن ۽ اڳواڻ، حاڪم بنجڻ سان ڦوشر بازي ۽ تڪبر ۾ اچي ويا هئا. انھن ۾ ڪيتريون ئي خرابيون پيدا ٿي چڪيون هيون. شھرن ۾ دانشورن جو طبقو پيدا ٿيو هوندو، جنھن جو ڳوٺاڻي زندگي بابت روايتي شھري (بازاري) رويو ٿيو هوندو. اهو بلڪل صحيح آهي تہ ان زماني ۾ پارٽي ۽ سماج جي اندر بورزا عنصر، ايليٽ ۽ بيورو ڪريسي محسوس ٿيندي هئي، پر ان سڄي منظرنامي ۾ 73 سالن جي مائو، ڳوٺاڻي آبادي کي ڍال بنائي، اتان ڀرتي ڪيل فوج جي ذريعي تعليم يافتہ شھري آبادي جو گلو گهٽڻ شروع ڪيو. انھن ريڊگارڊس هران شئي کي ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو، جنھن جو ماضيءَ سان لاڳاپو هو. ان الزام تحت بزرگ انقلابين کي بازارن ۾ گهيلو ويو. اديبن، استادن، اداڪارن ۽ حڪومتي عملدارن کي مارڪٽ ڪئي ويئي. (تہ جيئن شھري ۽ ڳوٺاڻو فرق ختم ٿئي) لکين پڙهيل لکيل نوجوانن کي نوڪرين مان ڪڍي ڳوٺاڻن علائقن ۾ موڪليو ويو تہ جيئن هو اُتي ٻنين ۾ ڪم ڪن ۽ هارين کان سکن. هر شئي کي تباھہ ڪيو ويو. (7) ثقافتي انقلاب جي دوران هڪ رپورٽ موجب چئن لکن ماڻھن کي قتل ڪيو ويو. 36 ملين ماڻھو جبر ۽ تشدد جو نشانو بنيا. اها هڪ جنوني لھر هئي ۽ ان لھر دوران جنھن ان لھر جي هٿ تي بيعت کان انڪارڪيو. ان ڄڻ انقلاب دشمنيءَ جو الزام ٻولي کنيو ۽ انھن ريڊگارڊس جي هٿان ڪچلجڻ کان بچي نہ سگهيو.
ثقافتي انقلاب مائو جي وڏي غلطي چئي وڃي ٿي. ”پر اهو بہ چٽو ڪرڻ ضروري آهي تہ ”ثقافتي انقلاب“ مائو جي زندگيءَ جو پورٽريٽ ڪونھي. سندس زندگي جي اصل ۽ مستقل تصوير انقلاب آهي. هو انساني برادري کي اهڙو چين بخشي ويو، جتي نہ بادشاھہ هو، نہ ڪا درٻار هئي، نہ پنڊت ۽ ڀوپا ۽ نہ وري وڏيرا ۽ جاگيردار. بس خدا جي خلق آهي ۽ انھن جو راڄ. پبلو نرودا پنھنجي ساروڻين ۾ لکي ٿو، مائو جي سياسي شخصيت کان ڪير ٿو انڪار ڪري سگهي. جيڪو هڪ آرگنائيز بہ آهي تہ عوام کي آزاد ڪرائيندڙ هڪ عظيم انسان بہ. آءٌ سندس رزميہ سڳورپ کان ڪيئن نہ متاثر ٿيان ها. سندس سادگيءَ کان ڪيئن نہ متاثر ٿيان ها، جيڪا شاعراڻي بہ آهي، تہ درويشياڻي بہ تہ گهڻي قديم بہ. (8)
مائوزي تنگ 9 سيپٽمبر 1976ع ۾ وفات ڪئي.
هينئر چين ۾ مائوزي تنگ جي شخصيت پرستي نہ ٿي ڪئي وڃي، نہ وري چين ۾ ڪٿي سندس مجسما کُتل نظر ٿا اچن. مائو جو مڙھہ بيجنگ جي ’تيان من اسڪوائر‘ جي ’گريٽ هال‘ ۾ هڪ تابوت ۾ رکيو ويو آهي. جتي ماڻھو قطارن ۾ اندر وڃي هڪ گهڙي جي لاءِ سندس احترام ۾ بيھن ٿا ۽ پوءِ اڳتي وڌي ٿا وڃن. پر هو روحاني طور تي هر سوچندڙ جي دل ۾ موجود آهي.

حوالا:
1. هڪ سؤ تاريخ ساز شخصيتون: مائيڪل هارٽ/ يوسف سنڌي، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو.
2. مائوزي تنگ، شاھہ محمد مري، سنگت اڪيڊمي ڪوئٽا.
3. مائوزي تنگ، رسول بخش پليجو، روشني پبليڪيشنس ڪنڊيارو.
4. مائوزي تنگ ڪي نظمين، مائوزي تنگ، غير ملڪي زبانون ڪا اشاعت گهر، بيجنگ.
5. چين ڪي 100 سال، قيوم نظامي، علم و عرفال، پبلشر لاهور.
6. مائوزيتنگ، شاھہ محمد مري، سنگت اڪيڊمي ڪوئٽا.
7. چين ڪا زوال و عروج، ڊاڪٽر مبارڪ علي، فڪشن هائوس لاهور، 2022ع ص 112.
8. مائوزيتنگ، شاھہ محمد مري، سنگت اڪيڊمي آف سائنسيز ڪوئٽا.

چو اين لائي

[5 مارچ 1898ع- 8 جنوري 1976ع]

چين ۽ چيني انقلاب جو ڪوبہ تذڪرو ’چو اين لائي‘ کان سواءِ اڻ پورو رهندو.
هاڻ مون کي اهو ياد تہ نہ آهي تہ اهو نظم ’غم کي طاقت ۾ بدلايو‘ ڪنھن جو لکيل هو،جنھن جو ترجمو ’چو اين لائي‘ جي چالاڻي کان پوءِ ’تحريڪ‘ رسالي جي پوئين ڪورَ تي ڇپيو هو. مون کي اهو ئي ذهن ۾ پيو اچي تہ اهو چو اين لائي جي وفات تي ’مائوزي تنگ‘ لکيو هو ۽ ان جو ترجمو رسول بخش پليجي ڪيو هو.، پليجو صاحب جيڪو سدائين چوندو هو تہ ’غم کي طاقت ۾ بدلايو‘.
پر هينئر منھنجي اڳيان نامياري چيني شاعر ڪو مورو (1892ع- 1978ع) جو هڪ نظم آهي، جنھن جو عنوان آهي ”وزيراعظم چو اين لائي“ جي ياد ۾:

انقلاب جا سرواڻ، عظيم سياستدان
تنھنجو ’سُھائو تارو‘ غائب ٿي ويو آهي،
پنج ئي کنڊ ماتم ۾ آهن
لُڙڪن جون لارون وهي رهيون آهن
عقيدتمندن جا ميڙ عقيدت جي اظھار لاءِ اچي رهيا آهن
عوام تنھنجي مھربان دل کي ڪڏهن بہ وساري نہ سگهندي
تنھنجا عظيم ڪارناما صدين تائين ياد رهندا
اي باوفا دل! تنھنجي عظمت سج جيان چمڪي رهي آهي.
ازل کان ابد تائين
آسمانن ۽ زمينن ۾ قائم رهندي.

جڏهن چو اين لائي کي خبر پئي تہ کيس ڪينسر جي بيماري آهي تہ هن هڪدم هڪ ڪميٽي مقرر ڪئي، جنھن جو ذمي ۾ اهو ڪم هو تہ اها تحقيقات ڪري تہ ’ڪينسر ڇو ٿي ٿئي، ان جا سبب ڪھڙا آهن ۽ ان جو سدباب ڪيئن ٿو ڪري سگهجي.‘
چو اين لائي جنھن کي سندس زندگي ۾ ’مائوزي تنگ‘ جو جانشين سمجهيو ويندو هو. سندس صلاحيتن جي باري ۾ آمريڪي صدر رچرڊ نڪسن جو خيال هو تہ، ’مائوزي تنگ جي عظيم شخصيت ڇانوَ ۾ چو اين لائي کي پنھنجي ڀرپور صلاحيتن جو موقعو ملي نہ سگهيو.‘
چو اين لائي جو جنم 5 مارچ 1898ع ۾ ٿيو. سندس پيءَ هڪ ننڍڙو آفيسر هو، جيڪو ٿوري پگهار تي نوڪري ڪندو هو.چو اين لائي جو ننڍپڻ ڏاڍو تڪليف ۾ گذريو. سندس ڏاڏو گذاري ويو هو ۽ پڻھنس جو پگهار ايترو مس هو، جو ان مان گهر جو خرچ پَکو مشڪل سان پورو ٿيندو هو. سندس گهراڻو سخت تنگيءَ جو شڪار هو. چو اين لائي اڃا ڏهن سالن جو مس هو، جو گهراڻي جي وڏي جو بار اچي سندس ڪلھن تي پيو. کيس پنھنجن ٻن ننڍن ڀائرن جي سنڀال ڪرڻي پوندي هئي. کيس پنھنجو ۽ انھن جو پيٽ پالڻ لاءِ سخت محنت ڪرڻي پوندي هئي. اهو ان نوجوان لاءِ طبقاتي سماج جي براين جو پھريون مشاهدو هو.
چين ۾ بادشاهي حڪم تحت عام ماڻھن کي پنھنجن مٿن تي چوٽي رکڻي پوندي هئي. پر چو اين لائي جي هڪ ’ڪائو‘ نالي اُستاد انھن پابندين کي اهميت نہ ڏيندي پنھنجي چوٽي ڪوڙائي ڇڏي ۽ ڪلاس روم ۾ نھايت بي باڪيءَ سان انتھا پسنداڻي ۽ باغياڻي تعليم ڏيندو هو. هن ’چو‘ کي پنھنجو دوست بنائي ورتو. هو کيس سياسي پمفليٽ آڻي ڏيندو هو ۽ وضاحت ڪندو هو تہ ’بادشاهت جي جاءِ تي هڪ جمھوري حڪومت جو قيام ڇو ضروري آهي‘. هن پنھنجي شاگرد جي ذهن تي گهرا اثر ڇڏيا ۽ چو اين لائي کي انقلابي نصب العين کان واقف ڪرائڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو.
هن پنھنجن ٻن سنگتين سان گڏجي هڪ تنظيم (احترام، محنت ۽ عوام جي خوشحالي جي تنظيم) جو بنياد وڌو ۽ ’پورهئي جو احترام‘ جي نالي سان هڪ اخبار جاري ڪئي.
1917ع ۾ جاپان پھچڻ کان پوءِ چو اين لائي، جاپاني زبان سکڻ شروع ڪئي ۽ جلد ئي ايتري سِکي ويو، جو جاپاني اخبارون پڙهڻ لڳو. ان سان گڏ هو ڪاليج ۾ داخلا جي تياريءَ لاءِ بہ محنت سان پڙهڻ لڳو، پر ٻہ مھينا بہ پورا نہ ٿيا جو سندس ڌيان هڪ اهم واقعي ڏانھن ڇڪيو. روس ۾ عظيم سوشلسٽ انقلاب آيو، زار شاهيءَ جو تختو اونڌو ڪري، لينن جي اڳواڻيءَ ۾ پورهيتن جي حڪومت قائم ٿي. چو اين لائي ان انقلاب جي باري ۾ وڌ ۾ وڌ ڄاڻڻ جي لاءِ سڀئي اخبارون ۽ ان پھرين سوشلسٽ ملڪ ۾ ٿيندڙ واقعن جي باري ۾ جيڪي بہ لکتون مليس سي پڙهڻ شروع ڪيائين. ان سان گڏ عالمي اثر ڇڏيندڙ ان واقعي جي پويان جيڪي سبب هئا، تن جو ڳوڙهو مطالعو شروع ڪيائين. اهو مارڪسزم جي تعليم جو پھريون مرحلو هو، جيڪو پوءِ سندس سڄي زندگيءَ جو خوبصورت لباس بنجي ويو.
1919ع جي بھار جي مُنڌ ۾ جڏهن جاپان ۾ رهندڙ شاگردن اهو ٻُڌو تہ سندن حڪومت جاپان سان چين جي خود مختياريءَ جو سودو ڪري رهي آهي تہ ڀڙڪي پيا. هنن ٽوڪيو ۾ ڪيترائي جلسا ۽ جلوس ڪڍيا ۽ جاپان جي خلاف لڳاتار تحريڪ هلائيندا رهيا، چو اين لائي انھن سڀني وطن دوست سرگرمين ۾ اڳڀرو هو.
هوڏانھن بيجنگ ۾ تشويشناڪ واقعا ظاهر ٿي رهيا هئا، ڇو تہ ”توان ڇي زوئي“ جي اڳواڻيءَ ۾ ويڙهو سردارن جي حڪومت عوام جي اها گهر مڃڻ جي لاءِ تيار نہ هئي، تہ ”جاپاني سامراج جي هٿ چين کي وڪڻڻ جو عمل ختم ڪيو وڃي.“
چو اين لائي ان نتيجي تي پھتو تہ چين واپس وڃي ڪو بھتر ڪردار ادا ڪري سگهجي ٿو. تنھنڪري ڪجهہ مھينا ٻاهر رهڻ کان پوءِ اپريل 1919ع ۾ واپس وطن موٽي آيو.
هي نوجوان جڏهن وطن پھتو تہ ڏٺائين سڄي چين ۾ بي چينيءَ جي فضا ڇانيل هئي ۽ حالتن جي تبديلي وقت جي سڀ کان وڏي تقاضا بنجي چڪي هئي. پوءِ اڃا ڪجهہ ئي هفتا مس گذريا تہ هڪ فيصلو ڪندڙ مرحلو اچي سھڙيو. 4 مئي تي وطن پرست شاگردن جنگي سردارن کي اُکوڙي اڇلائڻ جي تحريڪ شروع ڪري ڇڏي، جنھن دوران بيجنگ ۾ نفرت ۽ تشدد جي باھہ ڀڙڪي اُٿي، جنھن سڄي قوم کي پنھنجي وڪڙ ۾ وٺي لاٿو. اها ناراضگي جاپان جي غاصباڻي قبضي ۽ اعليٰ عھدن تي مقرر غدارن جي خلاف هئي، جن جي رضامندي سان اهو سڀ ڪجهہ ٿيو هو. جدوجھد شروع ٿي ويئي.
وطن واپس ورڻ کان پوءِ ’چو اين لائي‘ جدوجھد ۾ ڀرپور حصو وٺڻ لڳو. 21 جولاءِ 1919ع تي ’ٿيان چن اسٽوڊنٽ‘ جو پھريون شمارو اخباري اسٽالن تي موجود هو، جنھن جي نرڙ تي انگريزي ۾ لکيل هو. ”اسان جو نعرو آهي جمھوريت، عوام جي حڪومت، عوام جي وسيلي، عوام جي لاءِ. “
چو اين لائي جي ادارت هيٺ ڇپجندڙ اها اخبار جيڪا هفتي ۾ ٻہ ڀيرا شايع ٿيندي هئي، تيزيءَ سان مقبوليت حاصل ڪرڻ لڳي ۽ جلد ئي هڪ روزاني اخبار ۾ بدلجي ويئي. ان جي اشاعت هزارن ۾ هئي. اها اخبار عورتن ۾ بہ مقبول هئي، جنھن جو سبب اهو هو تہ ان ۾ سندن گهُرن جي زوردار حمايت ڪئي ويندي هئي. اخبار جو موقف هو تہ ’مردن ۽ عورتن جي وچ ۾ برابري قائم ڪئي وڃي ۽ جاگيرداراڻين رسمن جي انھن زنجيرن کي ٽوڙيو وڃي، جن ۾ اهي جڪڙيل آهن.‘ اها اخبار سڀني وطن پرستن کي ان ڳالھہ جي ترغيب ڏيندي هئي تہ اهي جاگيرداراڻي نوڪر شاهيءَ جي حڪمراني جي خاتمي لاءِ ڀرپور جدوجھد ڪن. ايڊيٽر جي حيثيت سان ان جا اڪثر سخت اداريا ’چو اين لائي‘ لکندو هو ۽ ’فئي فئي‘ جي قلمي نالي سان ان ۾ مضمون پڻ لکندو هو.
هن ’جاڳرتا تنظيم‘ جي نالي سان هڪ تنظيم قائم ڪئي. ان تنظيم ۾ شاگرد يونين پاران ناميارا ميمبر ’چو اين لائي‘ ۽ هڪ شاگرد اڳواڻ ’ماڇيون‘ شامل هئا. جڏهن تہ عورتن پاران مشھور نالا ’ڪولونگ چن‘، ’ليو چينگ پانگ‘ ۽ ’تنگ ينگ چائو‘ شامل هيون. تنگ جنھن جي ان وقت عمر فقط پندرهن سال هئي، جيڪا پوءِ ’چو اين لائي‘ جي زال بڻي، ان تنظيم جي سڀ کان ننڍي عمر واري ميمبر هئي.
چو اين لائي کي گرفتار ڪري جيل ۾ واڙيو ويو. جتي هن پنھنجي ساروڻين تي ٻڌل ٻہ ڪتاب ’پوليس جي حراست‘، ۽ ’جيل جي ڊائري‘ لکيا.
ان کان پوءِ هو ’پاڻ ڪمايو ۽ تعليم پرايو‘ جي پروگرام تحت ٻين ڪيترن ئي نوجوانن سان فرانس هليو ويو. اتي هو تعليم پرائڻ سان گڏ ادب بہ لکندو هو، مضمون لکندو هو، ۽ ڊراما ڪندو هو. اتي هن 1921ع ۾ چيني ڪميونسٽ پارٽيءَ جي شاخ قائم ڪئي ۽ فرانس ۾ موجود چيني مزدورن ۽ شاگردن کي منظم ڪرڻ لڳو.
چيني ڪميونسٽ پارٽيءَ جي پئرس شاخ کي ’يورپي جنرل برانچ‘ جو نالو ڏنو ويو، جنھن جو چونڊيل سيڪريٽري ’چو اين لائي‘ هو. اهو ڪل وقتي ڪم هو، ڇو تہ ان جو دائرو نہ رڳو فرانس پر جرمني ۽ بيلجم تائين پکڙيل هو. اها تہ فطري ڳالھہ هئي تہ صحافتي رجحان رکندڙ ’چو اين لائي‘، جيڪو اخبار جي اهميت کان چڱي پَر واقف هو، ماٺ ڪري نہ ويٺو. هن هڪدم هڪ رسالو جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. ان دوران هو ’ڪمنٽرن‘ جي هڪ برانچ جي آفيس ’برلن‘ ويو ۽ اتي ڪجهہ وقت اڳواڻن سان ڳالھہ ٻولھہ رهيس. فرانس ۾ هو پارٽي رسالي ’نوجوان‘ ۾ ڪم ڪندو هو، جنھن جو نالو پوءِ بدلائي ’ڳاڙهي روشني‘ رکيو ويو.
1923ع ۾ چيني ڪميونسٽ پارٽي، ڪومنتانگ پارٽي سان اتحاد ڪيو، جنھن ۾ چو اين لائي زبردست بھرو ورتو. 1924ع ۾ ڊاڪٽر ’سن يات سين‘ اپيل ڪئي تہ چين کي اُترين جنگي سردارن جي حڪومت کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ جي لاءِ ’ڪوانگ ڇو‘ مان ’اترين مھم‘ جي شروعات ڪئي وڃي. ڪومنتانگ (قومپرست) ۽ ڪميونسٽ پارٽي جون فوجون پھريون ڀيرو متحد ٿيون. هنن گڏجي جنگ ۾ حصو ورتو ۽ اتر طرف ’يانگسي‘ جي علائقي تائين وڌنديون ويون. اهو پھرين انقلابي گهرو ويڙھہ جو دور هو. ڪميونسٽ پارٽي اڃا ٻاراڻي وهيءَ مان گذري رهي هئي. کيس فوجي گهُرجن جي لاءِ ڪارڪن گهربل هئا. تنھنڪري ان يورپ ۾ رهندڙ پنھنجن ڪيترن ئي ڪارڪنن کي ملڪ اندر خذمتون سرانجام ڏيڻ جي لاءِ واپس گهرائي ورتو. يورپي شاخ جي سيڪريٽري کي بہ وطن اچڻ جو حڪم مليو ۽ هو جولاءِ جي آخر ۾ ’ڪوانگ چو‘ روانو ٿي ويو.
اهو ’چو اين لائي‘ هو، يورپ ۾ چئن سالن تائين ڪم ۽ مطالعي کان پوءِ 26 سالن جي عمر وارو چو اين لائي سياسي ۽ نظرياتي لحاظ کان پڪو پختو بنجي چڪو هو. هاڻ هو پنھنجن ايندڙ فرض کي پورو ڪرڻ جي مڪمل صلاحيت رکندو هو.
جڏهن ’چو اين لائي‘ ان شھر ۾ پھتو، جيڪو ’ڊاڪٽر سن يات سين‘ پنھنجو انقلابي هيڊڪوارٽر بنائي رکيو هو تہ کيس ’هوانگ ڦو ملٽري اڪيڊمي‘ جو سياسي ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو. ان کان سواءِ ٻن صوبن ۾ ڪميونسٽ پارٽي جي ڪم جي رهنمائي بہ سندس ذمي هئي.
سن يات سين، سوويت يونين جي مدد سان هڪ ’ملٽري اڪيڊمي‘ قائم ڪئي. ان اڪيڊميءَ جو صدر ’چيانگ ڪائي شيڪ‘ ۽ ان جو ڊين ’چو اين لائي‘ ٿيو. ائين ڪومنتانگ ۽ ڪميونسٽ پارٽيءَ گڏجي ’قومي انقلاب‘ جي تڪميل لاءِ ڪم شروع ڪري ڇڏيو. ان اڪيڊمي ۾ نوجوانن کي سکيا ڏني ويندي هئي.
چو اين لائي 8 آگسٽ 1925ع تي هڪ روشن خيال سياسي ورڪر ڊينگ سان شادي ڪئي.
جڏهن 1926ع ۾ ’سن يات سين‘ فوت ٿيو تہ چانگ ڪائي شيڪ چين جو صدر ٿيو ۽ جاگيردارن کي چٿڻ لاءِ فوج پيشقدمي شروع ڪري ڇڏي. فوج جڏهن شنگهائي جي ويجهو پھتي تہ قومپرستن ان کان اڳ ان تي قبضو ڪري ورتو. پر ان وقت چيانگ ڪائي شيڪ، سامراج سان ٺاھہ ڪري چڪو هو ۽ هن 1927ع ۾ شنگهائي ۾ مزدورن جو قتل عام شروع ڪري ڇڏيو. چو اين لائي کي شنگهائي ۾ گرفتار ڪيو ويو ۽ کيس موت جي سزا ٻڌائي ويئي. پر هو جيل مان ڀڄي نڪتو ۽ پناھہ وٺڻ لاءِ وڃي ماسڪو، سوويت يونين پھتو.
هيڏانھن چين جي فوج ٻن حصن ۾ ورهائجي ويئي. جنرل جودي جي قيادت ۾ هڪ حصو چين جي پورهيتن سان اچي گڏيو ۽ انقلاب دشمنن جي خلاف وڙهڻ لڳو. 1931ع ۾ جاپان، چين تي حملو ڪيو. چيانگ ڪائي شيڪ سرڪار ان سان وڙهڻ جي بدران ڪميونسٽ پارٽي سان وڙهندي، انھن کي ماريندي رهي. 1935ع ۾ چين جي ڪميونسٽن جاپان جي خلاف وڙهڻ جو فيصلو ڪيو. اٺن هزار ميلن جو اهو فاصلو ’لانگ مارچ‘ جي نالي سان مشھور آهي. ان تاريخي لانگ مارچ ۾ ’چو اين لائي‘ بہ شامل هو.
1937ع ۾ ڪميونسٽ پارٽي ۽ چيانگ ڪائي شيڪ جي وچ ۾ جاپان جي خلاف گڏيل محاذ جوڙڻ جي لاءِ ڳالھيون ٿيون ۽ ٻنھي ۾ اتحاد ٿيو.
1945ع ۾ ’سوويت يونين‘، جاپان کي شڪست ڏني ۽ جاپان جو چين تان قبضو ختم ٿيو. ان سان گڏ چيانگ ڪائي شيڪ، ڪميونسٽن سان اتحاد ختم ڪري ڇڏيو ۽ آمريڪا جي وڃي هنج ۾ ڪريو. هن ڪميونسٽن جي خلاف ڪاروايون شروع ڪري ڇڏيون پر هاڻ ڪميونسٽن کي شڪست ڏيڻ سولي نہ هئي ۽ چيانگ ڪائي شيڪ جون فوجون ڪميونسٽ ڳاڙهي فوج جي اڳيان بيھي نہ سگهيون ۽ شڪست کائي ڀڳيون ۽ چيانگ ڪائي شيڪ ڀڄي وڃي تائيوان ۾ پناھہ ورتي. ائين پھرين آڪٽوبر 1949ع تي چين ۾ انقلابي حڪومت قائم ٿي.
انقلاب جي نتيجي ۾ چو اين لائي چين جو وزيراعظم ۽ پرڏيھي وزير مقرر ٿيو. هن هڪ مدبر جي حيثيت سان چين ۽ عوام سان وفاداري نباهي ۽ هو ڪل 26 سال چين جو وزيراعظم رهيو. کيس نہ رڳو ڪميونسٽ اقتدار جو هڪ ذريعو سمجهيو وڃي ٿو، پر چين جي ترقي ۽ چيني سماج جي نئين سر اڏاوت جو ذريعو بہ. چين جي پرڏيھي پاليسي بہ لڳ ڀڳ سندس ئي هٿ ۾ رهي. هن سدائين مغرب سان پُرامن طور رهڻ گهريو، پر خود پنھنجي سماج ۾ بہ پُرسڪون ترقي ٿي چاهي. اهو ئي سبب آهي تہ تمام وڏين اندروني تبديلين جي باوجود بہ هو سڀني ماڻھن ۾ مقبول رهيو.
چو اين لائي پنھنجي زندگي ڏاڍي سادگيءَ سان گذاري. وزيراعظميءَ جي ڊگهي عرصي دوران، فرنيچر جي مد ۾ جنھن واحد شئي جو واڌارو ٿيو، اها هڪ آرام ڪرسي هئي، جيڪا 1972ع ۾ مائوزي تنگ کيس سوکڙي طور موڪلي هئي، جيئن تہ مائوزي تنگ جي هن ساٿيءَ پنھنجي بيماري جي باوجود اسپتال ۾ داخل ٿيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو، تنھنڪري هن کيس اها ڪرسي ان خيال سان موڪلي ڏني هئي تہ ڪم ڪار جي ٿڪاوٽ جو اثر وڃائڻ لاءِ ان مان کيس ڪجهہ مدد ملي سگهي، نہ تہ جنھن ڏينھن کان هن وزيراعظم جي آفيس سنڀالي هئي، ان ۾ تر جيتري بہ تبديلي نہ آئي هئي.
بيماريءَ جي باوجود بہ هن انقلابي سورمي ڪم ۾ گهٽتائي ڪرڻ يا آرام ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. سندس خذمت تي مقرر نرسن، ڊرائيور، ڊاڪٽر ۽ سيڪريٽري جي بار بار گذارش تي بہ جڏهن هن انھن جي ڳالھين تي ڌيان نہ ڌريو تہ هنن بغاوت ڪري ڇڏي. 3 فيبروري 1967ع تي هنن پنھنجي صحيحن سان هڪ پوسٽر لکي، سندس آفيس جي دروازي تي چنبڙائي ڇڏيو.
”ڪامريڊ چو اين لائي
اسان اوهان جي خلاف بغاوت ڪرڻ تي مجبور ٿي پيا آهيون. اسان چاهيون ٿا تہ اوهان پنھنجي ڪم جي رفتار ۽ روزمرہ جي معمولات ۾ تبديلي پيدا ڪريو، ڇو تہ اوهان فقط ائين ئي پنھنجي حالتن ۾ رونما ٿيندڙ تبديلين سان هڪجھڙائي پيدا ڪري سگهو ٿا ۽ ڊگهي عرصي تائين ۽ بھتر طريقي سان پارٽي جي خدمت ڪري سگهو ٿا. اسان جي خيال ۾ پارٽي ۽ انقلاب جي مفادن جي تقاضا اها آهي تہ هاڻ اوهان بنا دير جي اسان جو اهو مطالبو مڃي وٺو.
ٻي ڏينھن وزيراعظم جيڪو جواب لکيو، اهو اٺن لفظن تي ٻڌل هو.
”دل جي گھراين سان منظور، هاڻ مھرباني ڪري منھنجو طريقو ڏسجو.“
ٻن ڏينھن کان پوءِ سندس زال ’تنگ ينگ چائو‘ پنھنجي صحيح سان پنج نيون تجويزون لکي، ان پوسٽر سان چنبڙائي ڇڏيون، ان کان پوءِ جيڪو بہ ساٿي اتي آيو ٿي ۽ ان پوسٽر تي نظر ٿي پيس تہ هن بہ ان جي حمايت ۾ پنھنجي صحيح ڪري ٿي ڇڏي. ائين اهو هڪ دلچسپ مڪالمو بنجي ويو.
جيتوڻيڪ وزيراعظم تي لڳاتار دٻاءُ وڌندو پي ويو، پر هو ڪنھن نہ ڪنھن طريقي سان انھن کي ٽاريندو رهيو. عام طور تي پوڙهپڻ گهٽ محنت جو عذر فراهم ٿو ڪري. پر چو اين لائي لاءِ اهو گهڻي کان گهڻو ڪم ڪرڻ جو عذر بنجي ويو. سندس چواڻي ”انسان جي عمر جيئن جيئن وڌندي وڃي ٿي، تيئن وٽس پنھنجو ڪم ڪرڻ جو وقت بہ گهٽبو ٿو وڃي.“
هتي هڪ ڳالھہ جو ذڪر ضروري آهي. 1927ع ۾ جڏهن چيانگ ڪائي شيڪ اوچتو ئي اوچتو ٺاھہ ختم ڪري ڪميونسٽ پارٽي تي وار ڪيو ۽ ڪميونسٽن جي قتل جي بازار گرم ڪري ڏني. ان وقت چو اين لائي، شنگهائي ۾ هو، جڏهن تہ سندس زال ’تنگ ينگ چائو‘ کي ’ڪوانگ چو‘ ۾ ئي ترسڻون پيو. ڇو تہ وٽس پھرينءَ ٻارڙي جي ولادت ٿيڻ واري هئي. هو ٻيئي پنھنجي جاءِ تي سخت خطرن ۾ گهيريل هئا. پارٽيءَ جي حڪم تي ’تنگ ينگ چائو‘ کي فوري طور تي ڪوانگچو مان وڃڻو پيو. ان سلسلي ۾ ٻن ڪامريڊن چن ٿيئي چيون ۽ شن ڇو ڇينگ کي اسپتال موڪليو ويو، جن سندس علاج ڪندڙ ڊاڪٽر ۽ هڪ نرس جي مدد سان کيس ۽ سندس امڙ کي لڪ ڇُپ ۾ ڪوانگچو کان شنگهائي پھچائي ڇڏيو، پر ان فرار جي بدلي ۾ کيس پنھنجي ايندڙ ٻارڙي کان محروم ٿيڻون پيو. ان کان پوءِ سندس گود اولاد کان خالي رهي.
چو اين لائي ۽ تنگ ينگ ٻارڙن جا سدائين شيدائي رهيا. هو انھن ٻارڙن سان خاص لڳاءُ رکندا هئا، جيڪي ان سال جنميا هئا، جنھن سال سندس ٻارڙو ذيان ٿيو هو. هڪ موقعي تي ’چو اين لائي‘ پنھنجي زال کي چيو ”جيڪڏهن آءٌ ڪوانگ چو ڇڏي نہ وڃان ها تہ شايد اسان پنھنجي ٻارڙي کان محروم نہ ٿيون ها.“
ندامت جي حالت ۾ تنگ ينگ پنھنجو پاڻ کي گهٽ وڌ ڳالھائڻ لڳي. مون کي ابارشن جي باري ۾ اڳواٽ توسان ڳالھائڻ گهرجي ها. پر ان وقت آءٌ ننڍي هيس، رڳو ايڪھين سالن جي.
هو ان ئي وهڪري ۾ ڳالھايون ڪندا پي رهيا، جو چو اين لائي جي ڪزن ’ڪونگ چي زو‘ سندس تائيد ڪندي چيو،”واقعي اها وڏي افسوس جي ڳالھہ آهي، اوهان جو ڪو ٻارڙو ڪونھي.“
جنھن تي وزيراعظم سندس ڳالھہ کي رد ڪندي چيو، ”ڪير ٿو چوي تہ اسان جا ٻارڙا ڪونھن؟ اسان جا ڏھہ ٻارڙا آهن.“ هو انھن انقلابي شھيدن جي انھن يتيم ٻارڙن جو حوالو ڏيئي رهيو هو، جن جي پالنا جي ذميداري هن ۽ تنگ ينگ پنھنجي ذمي کنئي هئي. جن کي هو پنھنجي ڪُٽنب جو حصو سمجهندو هو.
هن 77 سالن جي عمر ۾ 8 جنوري 1976ع ۾ بيجنگ ۾ مثاني جي ڪئنسر سبب وفات ڪئي. مائوزي تنگ کائنس اٺ مھينا پوءِ چالاڻو ڪيو. چو اين لائي جي ’مڙھہ‘ کي ساڙيو ويو ۽ سندس پنھنجي خواهش موجب سندس رک/ خاڪ ھوائي جھاز وسيلي سندس مادر وطن ’چونگو‘ (چين) جي جبلن ۽ ماٿرين ۾ وکيري ويئي.
پنھنجي وفات کان هڪ رات اڳ يارهين بجي، چو اين لائي، هوريان هوريان اکيون کوليون ۽ پنھنجي چوڌاري بيٺل ڊاڪٽرن ۽ نرسن کي جهيڻي آواز ۾ چيو، ”هاڻ اوهان منھنجي لاءِ ڪجهہ بہ نہ ٿا ڪري سگهو. وڃو، وڃي ٻين جي سار سنڀال لھو، جن کي اوهان جي ضرورت آهي.“

ڊينگ زيائو پنگ

چين جي آزاديءَ جي عظيم هيري مائوزي تنگ 9 سيپٽمبر 1976ع تي وفات ڪئي. سندس چالاڻي کان پوءِ ڪيترائي سال اقتدار جي سياست ٿيندي رهي. نيٺ ڊينگ زيائو پنگ چين جو نمبر ون اڳواڻ بنجي ويو. مائوزي تنگ کان پوءِ جنھن اڳواڻ چين کي نوان رستا، خيال، منصوبا ۽ راهون ڏنيون. اهو ڊينگ زيائو پنگ هو.
ڊينگ جو قول آهي تہ، ”ٻلي ڪاري هجي يا اڇي، ڪوبہ فرق نہ ٿو پوي، پر ڪوئا ضرور جهليندي هجي. غربت سوشلزم ڪونھي، امير ٿيڻ سٺي ڳالھہ آهي، حقيقت مان سچ جي ڳولا ڪريو.“
ڊينگ کي ويھين صدي جو عظيم اڳواڻ مڃيو وڃي ٿو. جنھن چين جي معاشي ترقيءَ جو معجزو ڪري ڏيکاريو. ڊينگ 1920ع ۾ تعليم پرائڻ جي لاءِ فرانس ويو. ڊينگ جي پيءُ کي ڌاڙيلن قتل ڪري ڇڏيو ۽ هو پنھنجي پيءُ جي آخري رسمن ۾ شريڪ ٿي نہ سگهيو. ڊينگ ٽي شاديون ڪيون، جن مان ’زيائولن‘ سڄي عمر سندس ساٿ ڏنو.
مائو جي وفات کان پوءِ ڊينگ چين جو مرڪزي اڳواڻ ٿي اُڀريو. هن مائو جي فلسفي ۾ نظرثاني ڪري ’سوشلزم چيني خاصيتن جو‘ نعرو ڏنو. هڪ ڀيري ڊينگ پنھنجي ڊرائيور سان وڃي رهيو هو. جڏهن چوڪ آيو تہ ڊرائيور پُڇيس، ”ڪھڙي پاسي هلان.“ ڊينگ پُڇيس ”سائن بورڊ تي ڇا لکيل آهي.‘ ڊرائيور ٻُڌايس، ”ليفٽ ٽو سوشلزم، رائٽ ٽو ڪيپٽلزم‘. ڊينگ چيس ”سگنل ليفٽ تي رائٽ واري پاسي مُڙي وڃ.“ ڊينگ پنھنجي ان چوڻي تي عمل ڪيو تہ ’ٻلي ڪاري هجي يا اڇي، پر ڪوئا جهليندي هجي.‘
ڊينگ بحث مباحثي تي وقت نہ وڃائيندو هو. هو عملي ماڻھو هو. ڊينگ ضرورت پوڻ تي طاقت جو استعمال ڪري تبت جو ڪنٽرول حاصل ڪري ورتو. 1952ع ۾ ڊينگ پارٽيءَ جي مرڪزي ڪميٽي جو جنرل سيڪريٽري بنجي ويو ۽ فنانس جي وزارت بہ حاصل ڪيائين. 1954ع ۾ هو ’نيشنل ڊيفينس ڪميٽي‘ جو وائس چيئرمين ۽ نائب وزيراعظم مقرر ٿيو. 1955ع ۾ کيس پولٽ بيورو جو ميمبر بنايو ويو. ڊينگ پنھنجي ذميواري عزم ۽ محنت سان پوري ڪندو هو. کيس سدائين مائوءَ جو اعتماد حاصل رهيو. 1949ع کان 1955ع تائين چين جو دور شاندار رهيو.
ان دور ۾ معاشي استحڪام پيدا ٿيو. مائو جي زرعي سڌارن ۽ روس جي ماڊل تي ڳري انڊسٽري ۽ انفراسٽرڪچر جا معيشيت تي هاڪاري اثر پيا. مائو مغربي ملڪن جھڙو معاشي درجو حاصل ڪرڻ لاءِ ’گريپ ليپ فارورڊ‘ جو منصوبو پيش ڪيو، پر گهربل هدف حاصل نہ ٿي سگهيو، بلڪہ ان منصوبي جي نتيجي ۾ ڏڪار جي ڪري لکين ماڻھو مري ويا. مائو ذميواري قبوليندي پنھنجي مداخلت گهٽائي ڇڏي. ڊينگ ۽ ٻين اهم اڳواڻن جون ذميواريون وڌي ويون.
جڏهن ڊينگ اقتدار سنڀاليو تہ بيورو ڪريسيءَ جو تعداد ٻہ ڪروڙ ڏھہ لک هو، جن مان گهڻائي نااهل ۽ بدديانتن جي هئي، جن کي ’ايڪسپرٽ نہ پر ريڊ‘ جي اصول تي ڀرتي ڪيو ويو. ڊينگ اُن اصول کي بدلائي ’ريڊ نہ پر ايڪسپرٽ‘ تي زور ڏنو. ڊينگ مرڪزي بيورو ڪريسيءَ تي ڀاڙڻ بدران لوڪل گورنمينٽ کي اهميت ڏني. هُن چين جي مختلف علائقن ۾ ايڪنامڪ زون قائم ڪيا تہ جيئن هڪجھڙي ترقي ٿئي. ’شين زن‘ ماڊل معاشي زون بنجي ويو. جنھن جي ڪاميابي کان پوءِ 35 اسپيشل زون بہ ترقيءَ جا ماڊل بنجي ويا، چين مقامي حڪومتن جي جذبي جي آڌار تي معاشي طاقت بنيو.
ڊينگ، چين کان سواءِ ٻين ملڪن جي مزاج ۽ ڪلچر کان بہ واقف هو. هن جوانيءَ ۾ فرانس ۽ مغربي ملڪن جو مشاهدو ڪيو هو. ڊينگ 1950ع ۽ 1960ع جي ڏاڪن ۾ چين جي اقتدار ۽ مسئلن جو مشاهدو ڪري چڪو هو ۽ مڪمل پروسي سان فيصلا ڪرڻ جي صلاحيت ٿي رکيائين. ڊينگ، مائوزيتنگ کان سکيو هو تہ ’طاقت بندوق مان جنم وٺي ٿي‘. سندس سامھون ڪيتريون ئي للڪارون هيون، حڪومتي گهوٽالي کي ختم ڪرڻ، سياسي گروھہ بندي ختم ڪرڻ ۽ مائو جي فلسفي کي زندھہ رکڻ ڊينگ جون ترجيحات هيون.
1975ع ۾ ڊينگ جي اڳواڻيءَ ۾ چين جوگروٿ ريٽ 11.9 سيڪڙي تائين وڌي ويو. جيڪو 1974ع ۾ 1.4 سيڪڙو هو. ڊينگ 1977ع کان 1981ع تائين بھترين صلاحيتن جو مظاهرو ڪندي پنھنجي اقتدار کي سگهارو ڪري ورتو. هو پارٽيءَ جو وائيس چيئرمين، نائب وزيراعظم ۽ ملٽري ڪميشن جو چيئرمين بنجي ويو. کيس احساس هو تہ چين معاشي حوالي سان مغربي ملڪن ۽ جاپان کان گهڻو پٺتي آهي. ڊينگ ٻين ملڪن کان سکڻ لاءِ پرڏيھي ملڪن جا دورا ڪيا. هن پرڏيھي سيڙپڪاريءَ لاءِ چين جا دروازا کولي ڇڏيا. جيڪي مائوءَ جي زندگيءَ ۾ بند رهيا. ڊينگ، چين جي پراڻي حريف جاپان سان پنھنجا ناتا خوشگوار بنايا. آمريڪا کان قرض وٺڻ کان بہ نہ لھرايو. ڊينگ سنگاپور جو دورو ڪيو ۽ پنھنجي دوست ’لي ڪوآن يو‘ کان ڪامياب معيشت جا گُر سکيا، ۽ ڊينگ جي ٽيم تجربيڪار ۽ ڀروسي لائق هئي. مائو جي فلسفي کان هٽي نئون سياسي فلسفو تشڪيل ڏيڻ ڪو سولو ڪم نہ هو. ڊينگ پنھنجي صلاحيتن کي استعمال ڪري اهو تجربو ڪري ڏيکاريو. ڊينگ چين جو ٻيو وڏو اڳواڻ هو. 1982ع ۾ هو ڪميونسٽ پارٽي جو سيڪريٽري جنرل بنجي ويو. هن چين جي ترقيءَ جي لاءِ وڏي محنت ڪئي. ڪرپشن جي خلاف ڪامياب مھم هلايائين. دفاعي بجيٽ گهٽ ڪيائين. ڳوٺاڻي ترقيءَ تي ڌيان ڏنائين. ڪميون سسٽم کي بدلائي عوام کي نجي ملڪيت جو حق ڏنو ويو، جنھن ڪري معاشي ترقيءَ ۾ واڌارو ٿيو. معاشي سُڌارن جي نتيجي ۾ روزگار جا موقعا 28 ملين مان وڌي 125 ملين ٿيا. ڳوٺاڻن سُڌارن کان پوءِ ڊينگ شھري ترقيءَ تي ڌيان ڌريو. چين جي مشرقي ساحل تي خاص اڪنامڪ زونز بنايا ويا. شروع ۾ چار اڪنامڪ زونز بنايا ويا. اهي زونر Shanzhen, shahtou, xiaman ۽ Zhonxud ۾ ٺاهيا ويا. اهي چار ئي زونز فوجيان ۽ گوان تنگ صوبن ۾ آهن. انھن هنڌن جو تعين گهڻي سوچ ويچار ۽ هڪ حڪمت عمليءَ تحت ڪيو ويو. اهي مڪاؤ ۽ هانگ ڪانگ جھڙن خوشحال علائقن ۽ چين جي علائقي تائيوان جي ويجهو هئا. انھن هنڌن جي چونڊ اُن اميد سان ڪئي ويئي تہ ويجهن علائقن هئڻ جي ڪري ويجهو ٿيندڙ سيڙپڪاري انھن خصوصي اقتصادي زونز ڏانھن بہ رخ ڪندي. چيني حڪومت غير ملڪي سيڙپڪارن کي ان ڏانھن راغب ڪرڻ لاءِ ڪيتريون ئي رعايتون ڏنيون، کين ٽئڪسن ۾ ڇوٽ ۽ معافي ڏني ويئي. انھن زونز جي اڏاوت ڪا سولي ڪانہ هئي. شروع ۾ اهي عام ماهيگيريءَ جي لاءِ مشھور هنڌ هئا. حڪومت اتي انفراسٽرڪچر بھتر ڪيو. رستن جي تعمير ڪئي، سيوريج سسٽم ۽ ٽرانسپورٽ جي نظام کي بھتر ڪيو. رهائشي عمارتن، حڪومتي آفيسون ۽ واپاري عمارتون اڏيون ويون. ان سڄي تعميراتي ڍانچي تي تمام وڏي رقم خرچ ٿي.
ان کان پوءِ ڊينگ پراڻي معاشي مرڪز شنگهائيءَ تي ڌيان ڌريو. شنگهائي ۾ ڊينگ کي ’جيانگ زمن‘ جو سھڪار حاصل ٿيو، جيڪو پوءِ ڊينگ جو جانشين ٿيو. ڊينگ بھترين مردم شناس شخص هو، جنھن ’زيائو رونگ‘ جي جي معاشي مھارت کي تسليم ڪندي سندس سرپرستي ۽ حوصلي افزائي ڪئي. چين کي معاشي ٽائيگر بنائڻ ۾ ’زيائو رونگ‘ اهم ڪردار ادا ڪيو. ڊينگ آمريڪا ۽ روس ٻنھي سان بھتر لاڳاپا قائم ڪيا. ڊينگ نين حالتن موجب معاشي پاليسيون بدلايون، جنھن جي نتيجي ۾ چين ۾ معاشي خوشحالي آئي. جيانگ زمن ۽ زيائو رونگ، ڊينگ جي اڳواڻيءَ ۾ چين جي اندر معاشي سڌارا ڪيا، جن جي ڪري روينيو ۾ واڌارو ٿيو.
ڊينگ، چين ۾ معاشي انقلاب برپا ڪري ڇڏيو ۽ سوشلسٽ خصوصيتن تي ٻڌل سرمائيداريءَ جو ڪامياب معاشي ماڊل دنيا جي سامھون پيش ڪيو ۽ مستقبل ۾ چين جي قيادت لاءِ جيانگ زمن ۽ هوجنتائو جي صورت ۾ اڳواڻ پيدا ڪيا.
ڊينگ زيائو پنگ 1997ع ۾ پارڪنس جي بيماريءَ سبب وفات ڪئي. سندس وصيت موجب سندس اکيون ۽ جسم جا ٻيا حصا ميڊيڪل ريسرچ جي لاءِ وقف ڪيا ويا. مائوزيتنگ کان پوءِ ڊينگ زيائو پنگ چين جو عظيم اڳواڻ ثابت ٿيو. ڊينگ ملٽري ڪميشن کي چيو تہ، ”حڪومت پرڏيھي سيڙپڪارڻ جي لاءِ چين جا دروازا کولڻ جو فيصلو ڪيو آهي. البت چين سوشلزم جي بنيادي اصولن تي قائم رهندو ۽ معاشي ڏوهن کي برداشت نہ ڪيو ويندو.“ ڊينگ جي اها پختي راءِ هئي تہ مائو جو ثقافتي انقلاب چين جي ترقيءَ ۾ رڪاوٽ ثابت ٿيو. ڊينگ پاڻ بہ ان ثقافتي انقلاب جو نشانو بنيو ۽ کيس اهم عھدي تان لاهي هڪ ڏورانھين هنڌ تي هڪ ٽريڪٽر فيڪٽريءَ جو مئنيجر ڪري موڪليو ويو، ڊينگ جي خوش قسمتي اها هئي تہ مٿس چواين لائي وڏو ڀروسو ڪندو هو ۽ ۽ کيس 1974ع ۾ نائب وزيراعظم مقرر ڪيو.
مائوزي تنگ جڏهن سخت بيمار ٿيو ۽ سندس ڳالھائڻ جي صلاحيت بہ متاثر ٿي تہ هن چين ۾ ڪميونسٽ پارٽيءَ کي جانشين جي محاذ آرائي کان بچائڻ لاءِ هواڪوفنگ کي اختيار سونپيا ۽ هواڪوفنگ چين جو وزيراعظم ۽ ڪميونسٽ پارٽي جو پھريون وائيس چيئرمين بنجي ويو. مائوزيتنگ 9 سيپٽمبر 1976ع ۾ وفات ڪئي. مائو کان پوءِ ڪيترائي سال اقتدار جي سياست ٿيندي رهي، جنھن ۾ پيپلز آرميءَ اهم ڪردار ادا ڪيو، نيٺ ڊينگ زيائو پنگ چين جو نمبر ون اڳواڻ بنجي ويو.
ڊينگ آمريڪي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي چيو تہ، ”چين ۾ دولت جو مالڪ عوام آهي. امير بنجڻ جي اجازت آهي، پر سوشلزم جي اصولن کي ڇڏيو نہ ٿو وڃي، چين جا اڳواڻ سرمائيدارن جي بالادستي ۽ غربت جي ٻيٽن تي يقين نہ ٿا رکن.“ ڊينگ پھريون چيني صدر هو، جنھن آمريڪا جو دورو ڪيو.
چين جي اقتداري سياست ۾ چئن جي ٽولي جو ذڪر اڻٽر آهي. جيڪو ڪميونسٽ پارٽيءَ جي چئن اڳواڻن تي مشتمل هو، انھن مائو جي وفات کان پوءِ ڪميونسٽ پارٽي جي پاليسين تي سختيءَ سان عمل ڪرڻ ٿي گهريو. ان ٽولي جي اڳواڻ جيانگ فنگ هئي. ٻين اڳواڻن ۾ زانگ چن ڪيائو، پائو وين يوان ۽ اُن ينگيون، جيڪو ڪميونسٽ پارٽي جو وائيس چيئرمين هو. ”گينگ آف فور“ جو ٽڪراءُ ڊينگ زيائو پنگ سميت انھن اڳواڻن سان هو، جيڪي چين جي نظام ۾ سڌارن جا حامي هئا. مائو جي ثقافتي انقلاب جي دوران ڪميونسٽ پارٽي جي اڳواڻن ۾ اختلاف پيدا ٿيڻ لڳا. جن ۾ مکيہ چئن اڳواڻن مائو جي تحريڪ جو ساٿ ڏنو. انھن ۾ جيانگ فنگ جيڪا مائوزي تنگ جي گهر واري هئي ۽ اڳ ۾ فلمي اداڪارا هئي، جنھن مائوزي تنگ سان شادي ڪئي هئي.
1969ع ۾ ڪميونسٽ پارٽي جي نيشنل ڪانگريس جو نائون اجلاس ٿيو، جنھن ۾ مائوءَ جي حامين پارٽي جو ڪنٽرول حاصل ڪري ورتو. ڊينگ زيائو پنگ ۽ ليوشالوچيءَ کي اقتدار کان الڳ ڪيو ويو ۽ هو عتاب هيٺ آيا.
ثقافتي انقلاب جي دوران ماڻھن کي جنھن نموني تشدد جو نشانو بنايو ويو، اهو چين جي تاريخ جو هڪ افسوسناڪ باب آهي، هڪ رپورٽ موجب ثقافتي انقلاب جي دوران چار لک ماڻھن کي قتل ڪيو ويو. 76 ملين ماڻھو جبر ۽ تشدد جو نشانو بنيا. پيپلز آرميءَ کي حڪم ڏنو ويو تہ اها ريڊ گارڊ کي ڪنٽرول ڪري، سورهن ملين ماڻھن کي تربيت جي لاءِ هارين وٽ موڪليو ويو. انھن ۾ هاڻوڪو صدر شي چن پنگ بہ هو. مائو جي خواهش هئي تہ انھن ماڻھن جي ذهنيت کي بدلائجي، جيڪي طاقت ۽ عھدن جي ڪري سوشلسٽ نظريي کان هٽي ڦونڊ ۾ ڀرجي ويا هئا. مائو بيجنگ جي انتظاميا، ڪميونسٽ پارٽي ۽ لبريشن آرمي تي ڪنٽرول رکڻ ٿي گهريو ۽ نظرياتي اختلاف کي برداشت نہ ڪندو هو. ثقافتي انقلاب جي لھر مان فائدو وٺي مائوءَ پنھنجو ڪنٽرول مستحڪم ڪري ويو.
”گئنگ آف فور“ جو چين ۾ گهڻو اثر هو، هنن پنھنجي هزارن مخالفن کي مارايو ۽ جيلن ۾ وڌو.
1976ع ۾ مائو جي چالاڻي کان پوءِ نوان موقعا پيدا ٿيا، جنھن مان سُڌار پسند اڳواڻ فائدو وٺي ٿي سگهيا. پارٽي جي پولٽ بيورو جي اجلاس ۾ هواڪوفنگ ۽ ميڊم جيانگ فنگ جي وچ ۾ تلخ بحث ۽ مباحثو ٿيو. هواڪوفنگ، لبريشن آرمي سان اتحاد ڪري ورتو ۽ گينگ آف فور جي ٽن اڳواڻن کي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ گهرايو، سيڪيورٽي گارڊن انھن ٽنھي کي گرفتار ڪري ورتو ۽ ميڊم مائو جيانگ فنگ کي گهر ۾ نظر بند ڪيو ويو ۽ انھن جي خلاف سرڪاري سطح تي مھم هلائي ويئي ۽ کين ثقافتي انقلاب جي دوران هزارين شھرين کي قتل ڪرڻ جو ذميوار قرار ڏنو ويو.
’چئن جي ٽولي‘ جي خلاف سپريم پيپلز ڪورٽ ۾ ڪيس هلايو ويو. جوابدارن الزامن کي رد ڪري ڇڏيو ۽ موقف اختيار ڪيو ويو تہ سندن فيصلن ۽ ڏوهن کي مائوزي تنگ جي حمايت ۽ تائيد حاصل هئي. جيانگ فنگ ۽ زانگ چن ڪيائو کي موت جي سزا ۽ وانگ ين گيائو ۽ پائو وين يوان کي قيد جي سزا ڏني وئي. چئن جي ٽولي کي سياسي منظر تان هٽائڻ کان پوءِ ’ڊينگ زيائو پنگ‘ جي اڳواڻيءَ ۾ سڌارن جو دور شروع ٿيو. جنھن جي نتيجي ۾ چين دنيا جي عظيم معاشي طاقت بنجي ويو.

جيانگ زمن

چين جي ترقي ۽ وڏي معاشي طاقت بنجڻ جي پويان هڪ راز اهو بہ آهي تہ هڪ تہ چين کي سدائين ايماندار ۽ ڏورس نگاهون رکڻ واري قيادت ملي ۽ ٻيو ان قيادت سدائين عوام جي زندگيءَ جي معيار کي اوچو ڪرڻ ۽ کين وڌ ۾ وڌ سھولتون فراهم ڪرڻ کي پنھنجو اولين مقصد سمجهيو.
چين جي هاڻوڪي صدر ’شي پن چنگ‘ عوام کي طاقت جو سرچشمو قرار ڏي ٿو ۽ عوام کي ئي اصل چين سمجهي ٿو ۽ هو عوامي طاقت تي فخر ڪري ٿو ۽ چين جي تاريخ ساز ڪاميابين کي عوام جي بنيادي ڪردارن جو نتيجو سمجهي ٿو.
چين جو عظيم اڳواڻ ڊينگ زيائوپنگ مردم شناس اڳواڻ هو ۽ ڪردار کي وڏي اهميت ڏيندو هو، هن ’تيان من اسڪوائر‘ جي گهوٽالي کي منھن ڏيڻ جي لاءِ جيانگ زمن کي ڪميونسٽ پارٽيءَ جو سيڪريٽري جنرل نامزد ڪيو، ڇو تہ هو لبرل ۽ وزنري اڳواڻ هو ۽ ڪميونسٽ پارٽيءَ جي مختلف گروهن جي لاءِ قابل قبول هو. جيانگ زمن جي ڪارڪردگي ايتري تہ معياري هئي، جو کيس پارٽي جي اهم عھدي تان هٽائڻ ممڪن نہ رهيو. جاپان جي قبضي دوران جيانگ زمن جو پيءُ نائب وزير رهيو. هن جي شھرت جاپان جي سھولتڪار جي هئي. جيانگ جو چاچو ڪميونسٽ هو ۽ نوجواني ۾ ئي گذاري ويو. پارٽيءَ کيس شھيد وانگر ياد رکيو. جيانگ پنھنجو لاڳاپو پيءُ بدران چاچي سان ظاهر ڪندو هو. جيانگ جي چاچي جا دوست سندس سرپرستي ڪندا رهيا ۽ جيانگ شنگهائي جو ميئر بنجي ويو. جيانگ جو ننڍپڻ خوشگوار گذريو، جنھن سندس شخصيت کي پُرڪشش بنائي ڇڏيو. جيانگ موسيقيءَ جو وڏو شوقين هو، جيانگ خوشقمست هو، جو هو هڪ سٺو انجينئر، اهل مئنيجر ۽ ڪامياب سياستدان هو.
جيانگ، شنگهائي ۾ شاگردن جي احتجاج تي ڪنٽرول ڪري پنھنجي صلاحيتن کي مڃرايو ۽ سندن وقار ۾ واڌارو ٿيو. جيانگ پارٽيءَ جي سينيئر اڳواڻن جو احترام ڪندو هو ۽ کيس هر موڙ تي سينيئر اڳواڻن جو سھڪار حاصل ٿي ويندو هو. جڏهن ڊينگ کيس اعليٰ عھدي جي آڇ ڪئي تہ هو حيران ٿي ويو. سندس لاءِ اها آڇ غير متوقع هئي. هن پنھنجي زال کي چيو تہ شنگهائي جي سياست کان تہ واقف آهيان. پر بيجنگ جي اعليٰ سطح جي غير يقيني ۽ سازشي سياست منھنجي مزاج جي خلاف آهي. جيانگ جي ويجهن دوستن سندس حوصلي افزائي ڪئي ۽ صلاح ڏنس تہ هو سيڪريٽري جنرل جھڙي اهم عھدي جي حصول جو موقعو ضايع نہ ڪري. ’تياننمن اسڪوائر‘ جي واقعي کان پوءِ چين جا آمريڪا ۽ جاپان سان تعلقات ڇڪتاڻ وارا ٿي ويا هئا. آمريڪي معاشي پابندين سان چين جي معشيت متاثر ٿي ۽ پرڏيھي سيڙپڪاري بہ متاثر ٿي هئي. جيانگ زمن انھن وڏن ملڪن سان ڇڪتاڻ کي ختم ڪرڻ تي خاص ڌيان ڏنو. جيانگ پُرڪشش شخصيت جو مالڪ هو، هن عالمي لاڳاپن کي خوشگوار بنائڻ ۾ اهم ڪاميابيون حاصل ڪيون. جيانگ زمن جي جي ئي دور ۾ چين ۾ آمريڪا ۽ مغربي ملڪن جي پروپيگنڊه جي نتيجي ۾ شاگردن ۽ دانشورن 15 اپريل تي احتجاجي تحريڪ جي شروعات ڪئي، جنھن جو مقصد جمھوري سُڌارا، اظھار جي آزادي ۽ ڪرپشن جو خاتمو هو. اها تحريڪ چين جي 400 شھرن ۾ پکڙجي ويئي. ان تحريڪ جو مرڪز بيجنگ جو مصروف ۽ اهم علائقو’ تيانن من اسڪوائر‘ هو، جتي شاگردن جو وڏو تعداد ڌرڻو هڻي ويھي رهيو هو. لبريشن آرمي جون ڪيتريون ئي فوجي ٽرڪون احتجاجي شاگردن جي قبضي ۾ اچي چڪيون هيون. اها تحريڪ 15 اپريل 1989ع کان وٺي 4 جون 1989ع تائين جاري رهي. ان تحريڪ جي شروع ٿيڻ جي پويان مشھور اڳواڻ ’لھويا يانگ‘ جي موت، افراط رز، ڪميونسٽ پارٽي ۾ ڪرپشن ۽ جمھوريت جي ڪشش هئي. تحريڪ جي دوران بک هڙتال ۽ گهيراءُ جا حربا استعمال ڪيا ويا. شاگرد سيڪيورٽي فورسز تي پٿراءُ ڪندا رهيا ۽ ڪيترن ئي زخمي اهلڪارن کي اغوا ڪري ورتو. پوليس ڳوڙها گئس استعمال ڪيو.
تحريڪ جي دوران ڪميونسٽ پارٽي ٻن گروپن ۾ ورهائجي ويئي. هڪ گروھہ جمھوري سُڌارن جي حق ۾ هو، جڏهن تہ ٻيو گروھہ سخت رياستي ڪنٽرول جو حامي هو. احتجاج ڪندڙن ۾ اهي چيني رهاڪو شامل هئا، جن پرڏيھي ملڪن ۾ تعليم حاصل ڪئي هئي ۽ جمھوري آزادين ۽ انساني حقن کان متاثر هئا. اها تحريڪ ايتري تہ مشھور ٿي جو تيانن من اسڪوائر ۾ ڏھہ لک چيني گڏ ٿي ويا.
شروع ۾ تہ ڪميونسٽ پارٽيءَ نرمي کان ڪم ورتو. تحريڪ جوش ۽ خروش سان اڳيان وڌندي رهي. نيٺ ڪميونسٽ پارٽيءَ تحريڪ کي چٿڻ جي لاءِ مارشل لا لاڳو ڪري ڇڏي. 3 ۽ 4 جون 1989ع تي پيپلز آرمي تيانن من اسڪوائر ڏانھن وڌڻ شروع ڪيو. لائوڊ اسپيڪر تي ماڻھن کي منتشر ٿيڻ جو چيو، پوءِ فوج هوائي فائرنگ بہ ڪئي، جيڪي احتجاجي شاگرد اتان نہ هٽيا، تن کي گولين جو نشانو بنايو ويو.
ان سختي کي ’تيانن من اسڪوائر قتل عام‘ بہ چيو وڃي ٿو. شاگردن جو خيال هو تہ فوج عوام تي گوليون نہ هلائيندي، انھن فوجي نشانن جي سامھون انساني هٿن جي زنجير بنائي ۽ ٽئنڪن کي رستو ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، ان سانحي ۾ هزارين شھري مارجي ويا، جن ۾ فوجي بہ شامل هئا. احتجاج ڪندڙ اڳواڻن کي جلاوطن ڪيو ويو ۽ جيلن ۾ وڌو ويو. اها تحريڪ پنھنجا مقصد حاصل نہ ڪري سگهي. ان الميي کان پوءِ آمريڪا ۽ مغربي ملڪن چين تي پابنديون هڻي ڇڏيون.
ان خوفناڪ رتوڇاڻ کان پنج ڏينھن پوءِ ’ڊينگ زيائو پنگ‘ قوم کي خطاب ڪندي چيو (ته) ’هو ان تشدد جي ذريعي ڪميونزم جو سرمائيداري کان بچاءُ ڪري رهيو هو. هُن احتجاج ڪندڙن کي سماج جي غلاظت جو وڏو مقدار قرار ڏنو. هُن تشدد کي هڪ امتحان قرار ڏنو، جنھن ۾ حڪمران طبقو گهڻو سگهارو ٿي ويو هو. هن چيو: شايد اها خراب شئي اسان کي سُڌارن ۾ اڳتي وڌڻ ۾ مدد ڪري ۽ اسان کليل دروازي (يعني آزاد منڊي) جا پاليسي کي وڌيڪ تسلسل ۽ بھتر بلڪہ تيز رفتاري سان اختيار ڪري سگهون. اسان ڪي غلط نہ هئاسون، (معاشي اصولن) جي چئن اهم اصولن مان ڪوبہ غلط ڪونھي، پر جيڪڏهن ڪجهہ غلط آهي تہ انھن اصولن کي مڪمل طور تي لاڳو نہ ڪيو ويو.‘
اڳوڻي آمريڪي پرڏيھي وزير هينري ڪسنجر، ڊينگ زيائو پنگ جي ان تقرير کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو تہ، وٽن ٻي ڪا چوائس نہ هئي، دنيا ۾ ڪابہ حڪومت اهو برداشت نہ ڪندي تہ سندس گاڌيءَ جي هنڌ جو سڀ کان وڏو چوڪ اٺن هفتن تائين مظاهرين جي قبضي ۾ رهي، تنھنڪري اهو اڻٽر هو.
’جيانگ زمن‘ ڪرپشن جي خاتمي تي خاص ڌيان ڌريو، ڇو تہ ڪرپشن سان افراط زر ۾ واڌارو ٿي رهيو هو ۽ ضروري شين جون قيمتون بہ وڌي رهيون هيون. جيانگ، ڪرپشن جي شينھن ۽ مکين جو پيڇو ڪيو. ’بنيان آئلينڊ‘ جي گورنر کي اسمگلنگ جي الزام ۾ سخت سزا ڏني ويئي. ريلوي جي وائس منسٽر کي رشوت وٺڻ جي الزام ۾ هٽايو ويو. اڳواڻن جي زالن ۽ ٻارن جي ڪاروبار تي پابندي هنئي ويئي. جيانگ بااثر اڳواڻن سان بہ نرمي نہ ڪندو هو. ڊينگ پوفانگ عظيم اڳواڻ ڊينگ زيائو پنگ جو معذور پٽ هو، جنھن کي 2003ع ۾ معصوم شھرين جي خدمت جي مڃتا ۾ گڏيل قومن جي انساني حقن جو ايوارڊ ڏنو ويو هو. مٿس ناجائز منافع خوريءَ جي الزام ۾ ٽي ملين ڊالر ڏنڊ وڌو ويو.
جيانگ پنھنجو عھدو سنڀالڻ جي لاءِ بيجنگ پھتو تہ پاڻ سان ’زنگ ڪنگ هانگ‘ کي وٺي آيو، جيڪو سياست جي شاطراڻين چالن کي سمجهندو هو ۽ پنھنجي خداداد صلاحيتن جي ڪري جلد ئي چين جو ميڪيائولي مشھور ٿي ويو.جيانگ زمن پنھنجي سياسي سمجهہ ۽ ڏاهپ کان ڪم وٺي پارٽي ۽ فوج جي اعليٰ رياستي ادارن مان مفاد پرست عنصرن کي ڪڍڻ ۾ ڪامياب ٿيو. جيانگ زمن کي مختلف قسم جي سازشن کي مُنھن ڏيڻو پيو. نيٺ جيانگ بااثر ماڻھن کي انصاف جي ڪٽھڙي ۾ آڻڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.
وزيراعظم ’لي پنگ‘ خوش نہ هو، ڇو تہ جيانگ زمن کي سندس باس مقرر ڪيو ويو هو. لي پنگ، ڊينگ زيائو پنگ جي جانشين ٿيڻ جا خواب ڏسي رهيو هو. لي پنگ کي دل جو دورو پيو تہ کيس اسپتال داخل ڪيو ويو، ان موقعي مان فائدو وٺي ’هوئي زهو‘ کي اڪانوميءَ جي چارج ڏني ويئي، جيڪو معاشي ماهر ۽ جيانگ جو وفادار بہ هو، جيانگ چين جي صدارت ۽ فوج جو ڪنٽرول بہ حاصل ڪري ورتو.
جيانگ وڏي مھارت سان پنھنجن مخالفن کي رستي تان هٽائي ڇڏيو ۽ پنھنجن وفادار ساٿين کي اهم عھدن تي مقرر ڪرايو. ايئن جيانگ چين جو طاقتور اڳواڻ بنجي ويو. چين جي اڳواڻن مائوزي تنگ ۽ ڊينگ زيائوپنگ پنھنجي خواهش موجب حڪمراني ڪئي. البت جيانگ رٽائرڊمينٽ جي حد مقرر ڪئي تہ جيئن باصلاحيت نوجوانن کي حڪمراني ۾ شامل ڪري سگهجي.
جيانگ زمن، هو جنتائو کي پنھنجو جانشين مقرر ڪيو ۽ چين ۾ ’ٽرانسفر آف پاور‘ جي روايت قائم ڪئي. هو جنتائو بہ ان روايت تي عمل ڪندي ’شي چن پنگ‘ کي پنھنجو جانشين مقرر ڪيو. جيانگ جي دور ۾ هانگ ڪانگ چين جي حوالي ٿيو.
مائو، چين جي هارين ۽ مزدورن جي لاءِ سوشلسٽ رياست قائم ڪئي. ڊينگ زيائو پنگ، مائو جي سوشلزم کي چيني خاصيتن تي ٻڌل سوشلزم بنائي ڇڏيو ۽ سرمائيداري جي لاءِ رستو کوليو. جيانگ کي ايليٽ ڪلاس ورثي ۾ مليو، جيڪو چين جي سياست ۾ سگهارو اسٽيڪ هولڊر بنجي چڪو هو. جيانگ امير ماڻھن کي پارٽيءَ جو ميمبر بنجڻ بلڪہ سينٽرل ڪميٽيءَ جو عھدو حاصل ڪرڻ جي اجازت ڏيئي ڇڏي. جيانگ سيڙپڪارن کي سوسائٽي ۽ رياست جي معزز اڳواڻن جو درجو ڏنو. جيانگ جي اڳواڻيءَ ۾ چين پاران ڊبليو، ٽي او (w.T.O) جو ميمبر بنجڻ جي لاءِ ڊگهيون ڳالھيون ڪيون ۽ 2001ع ۾ چين ڊبليو. ٽي. او (ورلڊ ٽريڊ آرگنائيزيشن) جو ميمبر بنجي ويو. گلوبلائيزيشن کان پوءِ چين سڀ کان وڌيڪ واپاري فائدو حاصل ڪندڙ ملڪ بنجي ويو. آمريڪا جي صدر ڊونالڊ ٽرمپ پنھنجي پھرينءَ دور ۾ چيو تہ، ”جيڪڏهن چين کي ڊبليو. ٽي. او جو ميمبر نہ ڪيو وڃي ها تہ اهو آمريڪا ۽ اولھہ لاءِ بھتر ٿئي ها.“
جيانگ زمن جي دور ۾ چين جي معاشي ترقي تسلسل سان جاري رهي. روس سوشلسٽ معيشيت جي نظريي کي ڇڏي ڏنو، پر چين سوشلسٽ ۽ سرمائيداريت جي گڏپ سان اهڙو سُھڻو ماڊل پيش ڪيو، جنھن دنيا جي معاشي ماهرن کي حيران ڪري ڇڏيو. چين جو معاشي ماڊل خالص چيني آهي، جيڪو عوام جي مزاج ۽ چين جي انقلاب جي روح موجب آهي. جيانگ معاشي استحڪام سان گڏ سياسي استحڪام ڏي بہ ڌيان ڌريو، ڇو تہ سياسي افراتفري سان معيشيت تي ناڪاري اثر پون ٿا.
جيانگ زمن پنھنجا ٻہ ٽرم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ اقتدار هوجنتائو (Hujintao) جي حوالي ڪري ڇڏيو.

هو جنتائو

هو جنتائو 1942ع ۾ ’جيانگ سو‘ ۾ پيدا ٿيو. سندس پيءُ چانھه جو واپاري هو ۽ هو انقلابي شخصيت نہ هو. هن يونيورسٽيءَ مان انجينئرنگ جي ڊگري ورتي ۽ پنھنجي ڪلاس فيلوءَ سان شادي ڪئي. هوجنتائو ’چائنا يوٿ ليگ‘ جو اڳواڻ بہ رهيو، جنھن جا ميمبر ڪميونسٽ پارٽيءَ کان وڌيڪ هئا. ڊينگ، هوجنتائو کي پسند ڪندو هو. جڏهن هوجنتائو چين جو اقتدار سنڀاليو تہ چين بدلجي چڪو هو. طبقاتي جدوجھد سرمائي پرستيءَ جي شڪل اختيار ڪري چڪي هئي. هو جنتائو گهڻو نوڙت پسند هو ۽ ميڊيا کان پري رهندو هو. هو جنتائو ويھن سالن تائين (2001-1992ع) تائين پولٽ بيورو جي اسٽيڊنگ ڪميٽيءَ جو ميمبر ۽ ڏهن سالن (2012ع-2002ع) تائين چين جي اڳواڻي ڪيائين. منجهس وڏائو نہ هو ۽ گهڻو صبر ڪندڙ هو. سندس يادگيري گهڻي تيز هئي، دوست ساڻس گهڻي محبت ڪندا هئا. هن پنھنجي شروعاتي زندگي پٺتي پيل علائقن گانسو، گوئيذو ۽ تبت ۾ گذاري. کيس موسيقي ۽ ڊانس جو گهڻو شوق هو. کيس 1993ع ۾ پارٽي اسڪول جو انچارج مقرر ڪيو ويو.
هو جنتائو جي دور ۾ چين بي مثال معاشي ترقي ڪئي. چين وٽ دنيا جا سڀ کان وڌيڪ زر مبادله جا ذخيرا هئا ۽ چين دنيا جو سڀني کان وڏو برآمد ڪندڙ ملڪ بنجي ويو ۽ چين دنيا ۾ ٻي وڏي معاشي طاقت جي حيثيت حاصل ڪري ورتي، هو جنتائو پنھنجي دور جي للڪارن جو وڏي ڏاهپ ۽ حڪمت عملين سان مقابلو ڪيو. چن ليانگو پولٽ بيورو جو ميمبر هو ۽ شنگهائي ۾ عظيم الشان ميگا پراجيڪٽس تعمير ڪري مشھوري ماڻي هئائين. هن جا سترهن عورتن سان لاڳاپا هئا. شنگهائي انشورنس ايجنسي تمام وڏو مالياتي ادارو ۽ پبلڪ پينشر جو ذميوار هو. 2007ع ۾ نيشنل آڊٽ آفيس انڪشاف ڪيو تہ غير قانوني طور تي 4.2 بلين ڊالرن جي موڙي پراپرٽي ڊولپرز کي ڏني ويئي آهي. چين جي ٻارهين امير ترين شخص زيائو زينگئي کي گرفتار ڪيو ويو ۽ کيس سورهن سال قيد جي سزا ڏني وئي. چن ليانگو کي بہ سورهن سال قيد جي سزا ڏني ويئي ۽ کيس گهر ۾ نظر بند ڪيو ويو، سندس ڏوھہ ۽ سزا جي باري ۾ مختلف قسم جا افواھہ پکڙيا ۽ ان کي سياسي سزا قرار ڏنو ويو، جنھن جو مقصد سياسي طاقت جي مرڪز کي سگهارو بنائڻ هو.
2008ع ۾ تبت ۾ پُرتشدد تحريڪ جي شروعات ٿي، ان سال چين ۾ اولمپڪس رانديون ٿي رهيون هيون، جن تي سيڙپڪاري ٿي چڪي هئي ۽ اولمپڪ راندين جي ملتوي ٿيڻ جو خطرو پيدا ٿيو. تبت چين جي لاءِ اسٽريجڪ اهميت وارو علائقو آهي، جيڪو هندستان کان بچاءُ جو سيڪيورٽي بيريئر ۽ دريائن جي سسٽم جو محافظ آهي، تبتي شھري مھانگائيءَ ۽ بي روزگاريءَ جي ڪري بہ گهڻا پريشان هئا. تبت جي ماڻھن 14 مارچ 2008ع تي پُرتشدد احتجاج شروع ڪيو، جنھن تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ چين جي فوج کي استعمال ڪيو ويو. ان فوجي آپريشن ۾ ٻنھي پاسان موت ٿيا. چيني حڪومت جا تبت جي جلاوطن اڳواڻ ”دلائي لاما“ سان تعلقات وڌيڪ خراب ٿيا. 2008ع ۾ سنڪيانگ صوبي جي ايغور مسلمانن پُرتشدد احتجاج شروع ڪري ڇڏيو. جنھن ۾ 200 شھري مئا ۽ 1700 زخمي ٿيا. ان ئي سال 10 ڊسمبر 2008ع تي چين جي 303 منحرف دانشورن هڪ پڌرنامو شايع ڪيو، جنھن ۾ گهُر ڪئي ويئي هئي تہ ’ون پارٽي رول‘ ختم ڪيو وڃي. چونڊون ڪرايون وڃن ۽ عدليه کي آزاد ڪيو وڃي. ان تحريڪ جو اڳواڻ ’ليوباز‘ هو، جنھن کي 23 جون 2009ع تي گرفتار ڪيو ويو. هن ’تيانن من اسڪوائر‘ هلچل ۾ بہ دليراڻون ڪردار ادا ڪيو هو. 2010ع ۾ کيس نوبيل انعام ڏنو ويو. هو پنھنجي موت تائين جيل ۾ رهيو.
هوجنتائو جي دور ۾ ’بيجنگ اولمپڪس‘ راندين تي 40 بلين ڊالر ۽ شنگهائي ايڪسپو تي 45 بلين ڊالرن جا ميگا ايونٽ ٿيا. سندس ڏهن سالن جي دور ۾ گروٿ جي شرح 10 سيڪڙو رهي. چين جي معيشيت برطانيہ، فرانس، جرمني ۽ جاپان کان بہ اڳتي نڪري ويئي.
هو جنتائو اڻ برابريءَ جي ڪري گهڻو پريشان هو. پسماندہ علائقا ترقيءَ ۾ پويان رهجي ويا، امير ۽ غريب ۾ فرق وڌي ويو. مجموعي طور تي هوجنتائو جو دور شاندار رهيو ۽ پنھنجو مدو ختم ٿيڻ تي 2012ع ۾ اقتدار ’شي چن پنگ‘ جي حوالي ڪري ڇڏيو.

شي چن پنگ

نيپولين بونا پارٽ هڪ ڀيري چيو هو تہ، ”چين هڪ سُتل شينھن آهي، چڱائي ان ۾ آهي تہ اهو سُتل ئي رهي، ڇو تہ جيڪڏهن اهو جاڳيو تہ سڄي دنيا کي لوڏي ڇڏيندو.“ هينئر چين جاڳي چڪو آهي ۽ ترقيءَ جون جيڪي منزلو طئي ڪري رهيو آهي. ان تي چين جا دوست ۽ دشمن ٻئي حيران آهن ۽ ايندڙ سالن ۾ چين ترقي ۽ خوشحالي جون اڃا بہ وڌيڪ منزلون طئي ڪندو رهندو، ان تصور کي عملي جامون پھرائڻ ۾ چين جي هاڻوڪي صدر شي چن پنگ جو وڏو ڪردار آهي. برطانيا جي مشھور رسالي اڪنامسٽ پنھنجي هڪ اشاعت ۾ چيني صدر کي دنيا جو سڀ کان طاقتور حڪمران قرار ڏنو آهي، ان اعزاز ڏيڻ جا بہ سبب آهن تہ صدر شي چن پنگ اهڙي وقت ۾ چين جي قيادت ڪري رهيو آهي، جڏهن اهو دنيا جو سڀني کان سگهارو ملڪ بڻجڻ وارو آهي.
صدر شي چن پنگ جي پيءُ شي زونگ چن جو شمار چين جي طاقتور سياسي شخصيت ۾ ٿيندو هو، هن مائوزي تنگ سان گڏجي آزادي جي جنگ وڙهي هئي، 1949ع ۾ عوامي جمھوريہ چين جو قيام عمل ۾ آيو تہ شي زونگ چن کي اهم عھدن تي مقرر ڪيو ويو. 1963ع ۾ هو نائب وزيراعظم جي عھدي تي پھچي ويو ۽ وزيراعظم چو اين لائي بہ اهم معاملن ۾ کانئس صلاحون وٺندو هو، پر انھن ڏينھن جڏهن اهو ڦاٽ ڦاٽو تہ شي زونگ جا مائوزي تنگ جي مخالفن سان رابطا آهن تہ کيس سڀني اعليٰ عھدن تان هٽائي هڪ ٽريڪٽر ڪمپنيءَ جو ڊپٽي مئنيجر مقرر ڪيو ويو، ان وقت سندس چوٿين نمبر پٽ شي چن پنگ جي عمر 10 سال هئي، اهو پٽ جنھن کي مستقل ۾ چين جو صدر بنجڻون هو، اهو 1963ع جو سال هو.
چن پنگ سميت زونگ جي سڀني ٻارن جي پالنا وڏي ناز ۽ سکئي نموني ٿي هئي، هن جي رهائش بيجنگ جي پوش علائقي ۾ هئي، جتي چيني حڪومت جا ٻيا وزير ۽ اعليٰ عھديدار رهندا هئا. معتوب بڻجڻ سان شي زونگ کان سڀ سھولتون کسجي ويون ۽ هاڻ هو هڪ عام گهر ۾ رهڻ لڳو، 1966ع ۾ مائوزي تنگ جي اڳواڻيءَ ۾ ثقافتي انقلاب جي شروعات ڪئي وئي، جنھن جو مقصد چيني معاشري مان سرمائيداراڻي، جاگيرداراڻي ۽ روايتي ريتن رسمن جي اثر کي ختم ڪرڻ هو، جيئن تہ شي زونگ جو واسطو زميندار ڪُٽنب سان هو، تنھن ڪري هو بہ ثقافتي انقلاب جو نشانو بڻيو، کيس ڊپٽي مئنيجري تان لاهي جيل ۾ واڙيو ويو.
مائوزي تنگ چاهيو ٿي تہ امير مائٽن جو اولاد ٻنين ۽ ڪارخانن ۾ ڪم ڪري، جيئن هو اُن ڳالھہ کان واقف ٿي سگهن تہ هاري ۽ مزدور ڪھڙيون ٿا تڪليفون برداشت ڪن، تنھن ڪري پندرنھن سالن جي ’شي چن پنگ‘ کي بہ چين جي هڪ ڏورانھين ڳوٺ ’ليانگ جاهي‘ موڪليو ويو، جتي شي چن پنگ ستن سالن تائين ٻنين ۾ ڪم ڪيو، کيڙي ڪئي، پاڻي واريو ۽ ٻني ٻاري سان وابستہ ٻيا ڪم ڪيا، کيس رهائش لاءِ هڪ غار ڏني وئي، جتي مڇرن ۽ ٻين جيتن جي ڪثرت هئي، شروع ۾ هو ڪم جي سختيءَ جي ڪري اتان ڀڄي بيجنگ پنھنجي امڙ وٽ هليو ويو، پر پوليس کيس گرفتار ڪري واپس ليانگجاهي موڪلي ڇڏيو، جتي نيٺ هن پاڻ کي ماحول سان هيرائي ڇڏيو، اڄ احساس ٿئي ٿو تہ دنيا ۾ تمام گهٽ اهڙا حڪمران آهن، جن چيني صدر وانگر عام هارين جيان پورهيو ڪيو ۽ هڪ غار ۾ رهندي ڪيترائي سال گذاريا، انھن ڏينھن جو ذڪر ڪندي صدر شي جن پنگ چوي ٿو تہ ”ليانگ جاهي جي غار ۾ ئي سندس ذهني نشو ونما ٿي. سندس مڇرن سان ڀريل ان غار ۾ ٽي ساٿي گڏجي رهندا هئا، انھن مان هڪ ماليو هوشنگ اڄ بہ هاري آهي.“ هو ٻڌائي ٿو تہ ”ان زماني ۾ دال، ڏارو، ۽ جڙي ٻوٽيون اسان جي خوراڪ هوندي هئي، دراصل انسان جڏهن بُکيو هوندو آهي تہ پوءِ کيس اها پرواھہ نہ هوندي آهي تہ هو ڇا پيو کائي.“
رات جو غار ۾ جڏهن لالٽين ٻرندي هئي تہ شي چن پنگ مطالعو ڪرڻ لڳندو هو، وٽس پڙهڻ لاءِ اخبار يا مائوءَ جا قول ئي هوندا هئا، سندس دوست ٻڌائين ٿا تہ ان وقت بہ شي چن پنگ هڪ سنجيدہ نوجوان هو، راندروند ۽ ڇوڪرين ۾ دلچسپي نہ وٺندو هو، البتہ کيس سياست سان دلچسپي هوندي هئي.
جيئن مٿي ٻڌايو ويو آهي تہ سخت ڳوٺاڻي زندگيءَ کان گهٻرائجي شي چن پنگ بيجنگ ڀڄي ويو هو، جتي کيس ريڊ گارڊس جهلي ورتو، هو پنھنجي يادگيرين ۾ لکي ٿو تہ ”هڪ گارڊ مون کان پُڇيو تہ ٻڌائي تہ تنھنجي نظر ۾ تنھنجا ڏوھہ ڪيڏا وڏا آهن؟“ مون وراڻيو، ”اهو تون ئي حساب لڳائي، ڇا اهي ايترا وڏا آهن جو مون کي ڦاسي ڏني وڃي.“ تہ گارڊ چيو ”اهي ايڏا تہ وڏا آهن جو توکي سؤ ڀيرا ڦاسي ڏئي سگهون ٿا.“ جنھن تي مون وراڻيو تہ ”اوهين هڪ ڀيرو ڦاسي ڏيو يا ٻہ سؤ ڀيرا مون کي تہ هڪ ئي ڀيري ۾ مري وڃڻو آهي.“
چيني صدر جا هم عمر ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون اهو مڃين ٿا تہ ثقافتي انقلاب جي دوران سندن تعليم رڪجي وئي ۽ کين ٻنين يا ڪارخانن ۾ ڪم ڪرڻون پيو، پر ان دوران کين هڪ فائدو اهو ٿيو تہ کين پنھنجي عقل ۽ ڏاهپ جي سھاري پنھنجن پيرن تي بيھڻ جو گُر اچي ويو، هو جذباتي طور تي سگهارا ٿي ويا ۽ آزادانہ سوچ جا مالڪ بہ آهن، شي چن پنگ جو چوڻ آهي تہ هو صبر ۽ سڪون سان ٻي جو نقطہ نظر ٻڌي ٿو، پوءِ ڀلي ان تي عمل ڪري يا نہ، اهو گُڻ ڳوٺاڻي زندگيءَ جو تحفو آهي.
1974ع ۾ سندس پيءُ کي آزاد ڪري کيس ’گو انگ ڊونگ‘ صوبي جو گورنر مقرر ڪيو ويو، جنھن جو مطلب هو تہ شي زونگ کي سڀني اڳ نہ ڪيل ڏوهن جي معافي ڏني وئي آهي، پيءُ کي طاقت ملي تہ قدرتي طور تي پُٽ جي ترقي جون راهون کليون، نوجوان شي چن پنگ ذهين، محنتي ۽ قابل تہ هو ئي، تنھن ڪري هو تيزيءَ سان ترقي جا ڏاڪا چڙهڻ لڳو. شي چن پنگ 1975ع کان 1979ع تائين بيجنگ جي انجنيئرنگ يونيورسٽيءَ مان ڪيميڪل انجنيئرنگ جي تعليم حاصل ڪئي. 2007ع ۾ کيس ڪميونسٽ پارٽي جي اعليٰ ترين اداري پولٽ بيورو جو ميمبر بڻايو ويو، ان ۾ پنگ جو درجو مٿانھون هو، جيڪا ان ڳالھہ جي علامت هئي تہ ايندڙ اجلاس ۾ هو صدر بہ چونڊجي سگهجي ٿو، اها اڳ ڪٿي صحيح ثابت ٿي ۽ 14 مارچ 2012ع تي کيس چين جو ستون صدر چونڊيو ويو، جيڪو يقينن ان ڇوڪري جي ترقيءَ جو معراج هو، جيڪو ڪنھن وقت ميرا پراڻا ڪپڙا پائي ٻني ٻاري جي ڪم ۾ لڳل رهندو هو ۽ هڪ غار ۾ رهندو هو، ان وقت ڪنھن جي خواب ۽ خيال ۾ بہ نہ هو تہ هي ڇوڪرو هڪ ڏينھن پنھنجي ملڪ جو صدر بڻجندو.
جڏهن شي چن پنگ صدر چونڊيو ويو تہ دنيا وارن کي تہ ڇڏيو، پر چين ۾ بہ تمام گهٽ ماڻھن کي سندس باري ۾ خبر هئي. ان جو سبب اهو هو تہ اڳ ۾ ڪڏهن بہ ڪنھن اعليٰ عھدي جھڙوڪ وزير خارجہ يا وزيراعظم تي نہ رهيو هو، منجهس پاڻ پڏائڻ جي عادت بہ نہ هئي، تنھنڪري عام چينين هن جي تقرير کي حيرت ۽ تعجب سان ٻڌو، کين خبر نہ هئي تہ کين خوشقسمتيءَ سان هڪ انقلابي اڳواڻ ملي ويو آهي. سندس ان تقرير جو گهڻو تڻو حصو ٻن نقطن غربت ۽ ڪرپشن جي خاتمي بابت هو، هن عوام کي خبردار ڪيو تہ جيڪڏهن معاشري مان غربت ۽ ڪرپشن ختم نہ ڪئي وئي تہ ملڪ جي بقا کي بہ خطرو ٿي سگهي ٿو. صدر بڻجڻ کان ڪجهہ هفتا پوءِ صدر پنگ ڪرپشن جي خاتمي لاءِ ملڪ گير سطح مھم جي شروعات ڪئي. گذريل سالن ۾ ان مھم ۾ وڏي ڪاميابي حاصل ڪئي وئي آهي ۽ بنا ڪنھن فرق جي سڀني کي قانون جي دائري ۾ آندو ويو آهي، جنھن ۾ ڪميونسٽ پارٽي ۽ حڪومت جا ڪيترائي عھديدار ۽ عملدار بہ شامل آهن.
شي چن پنگ، واحد چيني اڳواڻ آهي، جنھن جو جنم چين جي آزادي واري سال 1949ع ۾ ٿيو. شي چن پنگ ڪميونسٽ پارٽيءَ ۾ شامل ٿيڻ جي لاءِ نوَ ڀيرا ڪوشش ڪئي، پر سندس خانداني پسمنظر ۽ جيل جي سزائن جي ڪري سندس درخواستون رد ڪيون وينديون هيون. نيٺ ڏهين ڀيري ڪوشش کان پوءِ کيس 1973ع ۾ ڪميونسٽ پارٽي جي ميمبرشپ ملي.
مائوزي تنگ جي وفات کان پوءِ ڊينگ زيائو پنگ اقتدار ۾ آيو تہ هن پنھنجي دوست ’شي زونگ‘ جي پٽ ’شي چن پنگ‘ کي ’گينگ بيائو‘ سان ڪم ڪرڻ جي لاءِ نوڪري ڏياري، جيڪو سينٽرل ملٽري ڪميشن جو اهم اڳواڻ ۽ پولٽ بيورو جو ميمبر هو.
شي، هن سان گڏ چئن سالن تائين سيڪريٽريءَ جي حيثيت سان ڪم ڪيو ۽ فوج جي اندر ’شي‘ جي بنياد مضبوط ٿيا. جنھن جو مستقل ۾ شي کي فائدو ٿيو. 1992ع ۾ شي فوج بدران سويلين شعبي ڏانھن وڃڻ جو فيصلو ڪيو، جيتوڻيڪ طاقت بندوق سان ملي ٿي. شي پنھنجي تعليم بہ جاري رکي ۽ قانون ۾ پي. ايڇ. ڊي ڪئي. هن مشھور گلوڪارا پنگ سان شادي ڪئي، ان وقت سياسي طور تي شي مشھور نہ هو، پر سندس سڃاڻپ گلوڪارا پنگ جي مڙس جي ڪري هئي. شي فوجان ۾ سورهن سال گذاريا. 2012ع ۾ شي چن پنگ، هوجنتائو جي رٽائرڊمينٽ کان پوءِ چين جو سربراھہ مقرر ٿيو. هوجنتائو ئي شي کي پنھنجو جانشين مقرر ڪيو.
شي چن پنگ جي ٽيم ۾ لي ڪي تيانگ، وانگ فشان ۽ يوزينگ شن شامل هئا. چين هوجنتائو جي دور ۾ بي مثال معاشي ترقي ڪئي ۽ غريب ملڪ مان دنيا جو امير ملڪ بنجي ويو. 1980ع کان وٺي 2010ع تائين ٽن ڏاڪن جي دوران چين دنيا جي ٻيو نمبر وڏي معاشي طاقت بنجي ويو. شي، چين جي لاءِ عظيم ڪارنامون سرانجام ڏيڻ ٿي گهريو، جنھن لاءِ سگهاري پارٽي ۽ ذاتي اختيارن جي گهرج هئي. ڪرپشن جي خلاف اثرائتي مھم سان عوام ۾ عزت ۽ احترام حاصل ڪري سگهجيو ٿي، عوام، پارٽي عملدارن خلاف ڪرپشن جي ڪھاڻين سبب گهڻو پريشان هو. عملدارن کي عوام جي خدمت جي خدمت جو ڪو احساس نہ هو. ٽن ڏاڪن دوران طاقتور عملدار ۽ سندن مٽ مائٽ تمام گهڻو امير ٿي ويا هئا. جڏهن تہ عوام مشڪلات جو شڪار ٿيندو ويو، شي چن پنگ چيني قوم کي خبردار ڪيو تہ جيڪڏهن ڪرپشن جي شينھن تي هٿ نہ وڌو ويو تہ پارٽي ۽ رياست ٻيئي برباد ٿي وينديون. شي وڏي همت ۽ حوصلي سان ڪرپشن جي خلاف مھم هلائي ۽ ڪرپٽ عنصرن کي سزائون مليون. شي چن پنگ، مائوزي تنگ کان پوءِ چين جو طاقتور اڳواڻ بنجي ويو. شي کي مارڻ لاءِ بہ ڪيترائي ڀيرا قاتلانہ حملا ڪيا ويا، پر هو محفوظ رهيو. شي جهُڪڻ ۽ ڊڄڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ ڪرپشن جي خلاف ثابت قدميءَ سان بيٺل رهيو.
شي چن پنگ انساني تاريخ جو عظيم الشان ون بيلٽ روڊ (بي. آر. آئي) جي رٿ پيش ڪري دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو. انفراسٽرڪچر جي ان رٿا وسيلي ايشيا، يورپ ۽ آفريقا جي شاهراهن، سامونڊي رستن، ايئرپورٽن، پُلين کي پاڻ ۾ ڳنڍڻون هو.
بيلٽ اينڊ روڊ رٿا ۾ پورٽ اينڊ ايئرپورٽ، قاهرا نيو ايڊمنسٽريٽر ڪيپٽل، ايٿوپيا، ڪينيا، سوڊان ريلوي لنڪ، چين مان برطانيا ريلوي سروس، ان کان سواءِ اهم هنڌن تي بندرگاهن جي اڏاوتون جنھن کي ’موتين جي تار‘ (String of pearls) قرار ڏنو ويو آهي. انھن بندرگاهن ۾ گوادر پورٽ پاڪستان، سريلنڪا بندرگاھہ، چٽگانگ پورٽ، بنگلاديش، ميامر پورٽ، ڪوڪو آئي لينڊ ۾ چائنا ملٽري بيس شامل آهن. هڪ اندازي موجب بيلٽ اينڊ روڊ رٿا جي لاڳت 20 ٽريلين ڊالرن کان بہ وڌي ويندي. ان رٿا کان پوءِ دنيا جا 65 ملڪ ۽ اسي سيڪڙو آبادي پاڻ ۾ ڳنڍجي ويندا.
1992ع کان وٺي 2018ع تائين هڪ اڳواڻ ٻن ڀيرن کان وڌيڪ صدر بنجي نہ ٿي سگهيو، جيانگ زمن ۽ هوجنتائو ٻہ ٻہ ڀيرا صدر رهيا. پر 2018ع ۾ اها ترميم ڪري اها پابندي ختم ڪئي ويئي ۽ مارچ 2023ع ۾ شي چن پنگ ٽيون ڀيرو صدارت جي عھدي تي مقرر ٿيو ۽ چين جي تاريخ ۾ هڪ نئون رڪارڊ قائم ڪيو. شي چن پنگ 1999ع کان 2000ع تائين فوجان صوبي جو گورنر رهيو، 2007ع ۾ ڪميونسٽ پارٽيءَ جي پولٽ بيورو جو ميمبر نامزد ٿيو. 2008ع کان 2012ع تائين چين جو نائب صدر رهيو ۽ 2012ع ۾ ڪميونسٽ پارٽي جو سيڪريٽري جنرل ۽ پھريون ڀيرو چين جو صدر مقرر ٿيو.

چين: ترقيءَ جي رستي تي

---

چين ’سائيڪلن جي سلطنت‘

ڪو دور هو جڏهن چين کي ’ڪنگڊم آف بائيسڪلس‘ (Kingdom of bicycles) چيو ويندو هو. انقلاب کان پوءِ توانائيءَ جي کوٽ ۽ ٻاهرين ملڪن پاران انقلابي حڪومت کي ناڪام بنائڻ جي سازشن کي نظر ۾ رکندي مائوزيتنگ حڪم ڪيو تہ چيني ماڻھو سائيڪلون استعمال ڪن. اسان بنا ٻارڻ جي بہ پنھنجو ڪم جاري رکي سگهون ٿا.
چين ۾ سائيڪلن جي لاءِ ڌار رستا ٺاهيا ويا ۽ اڃا بہ آهن. هاڻ اليڪٽرڪ موٽرسائيڪلون اچي وڃڻ سبب سائيڪل گهٽ استعمال ڪئي وڃي ٿي ۽ هر ڪو بائيڪ وٺيو پيو ڪم هلائي ۽ اهي رستا جيڪي سائيڪلن لاءِ ٺاهيا ويا هئا، انھن تي سائيڪلن سان گڏ موٽرسائيڪلون بہ هلن ٿيون. پر چين ۾ سائيڪل جي تاريخ ۽ ان جي شروعات جي ڪھاڻي بہ دلچسپ آهي. چين ۾ پھريون ڀيرو سائيڪل جو ذڪر 1860ع ۾ ملي ٿو. ان زماني ۾ هڪ اعليٰ چيني سفارتي عملدار ’بن چن‘ فرانس، جرمني ۽ برطانيا جو دورو ڪيو. ان دوري جو مقصد اتي جي صنعتي ترقي، انتظامي سڌارن ۽ فوجي ٽيڪنالاجيءَ جو جائزو وٺڻ هو. جڏهن هو دوري تان واپس موٽيو تہ هن پنھنجي دوري جي رپورٽ ۾ هڪ ٽيڪنالوجيڪل ترقي جو ذڪر ڪيو، جيڪا هن فرانس ۾ ڏٺي. سندس چواڻي تہ هن فرانس ۾ ماڻھن کي هڪ عجيب ۽ غريب سواري استعمال ڪندي ڏٺي. ان سواريءَ جا ٻہ ڦيٿا هئا، جيڪي هڪ ڏنڊي ۾ جڙيل هوندا آهن ۽ ڏنڊي جي مٿان هڪ سيٽ هوندي آهي، ماڻھو سيٽ تي ويھي پنھنجن پيرن وسيلي اڳيان ڌڪيندا آهن. ان دور ۾ هن ان کي Veloupedc جو نالو ڏنو. اها سائيڪل هئي، جيڪا فرانس ۾ استعمال ٿي رهي هئي. چين ۾ سائيڪل جو اهو پھريون تعارف هو. شروع ۾ چين ۾ سائيڪل کي پذيرائي نہ ملي، ڇو تہ ماڻھو اها هلائڻ جي دوران پگهر ۾ شم ٿيڻ، هلائڻ لاءِ جسماني طاقت لڳائڻ ۽ ان جي غير محفوظ هئڻ جي ڪري ان کان پري رهيا. ان دور ۾ چيني رڪشا جي سواري کي اهميت ڏيندا هئا. هوريان هوريان جڏهن چين جي حڪمرانن ۾ ترقي ڪرڻ جو احساس اُڀرڻ لڳو تہ هنن سائيڪل جي عملي فائدن بابت سوچڻ شروع ڪيو. 1886ع جي آخر ۾ شنگهائيءَ جي اخبارن ۾ سائيڪل بابت رپورٽون ۽ خبرون ڇپجڻ شروع ٿيون. 80-1870ع جي آخر ۾ شنگهائي، تيانجن ۽ بيجنگ ۾ رهندڙ غير ملڪي سائيڪلون پيا هلائيندا هئا. 1890ع ۾ فوج جي لاءِ سائيڪل جي افاديت ثابت ٿي چڪي هئي، ايستائين جو ان دور جي چيني اخبارن ۾ اولھائين ملڪن ۾ گهوڙي ۽ سائيڪل جي وچ ۾ ڊوڙ جو ذڪر ٿيڻ لڳو.
1897ع ۾ 25 هين يو ايس انفٽري بٽالين جي موٽاٽا سان سينٽ لوئس ۽ ميسوري تائين ڊوڙ جو ذڪر هڪ رسالي ‘Shixebao’ ۾ ملي ٿو تہ جيئن شاهي آرميءَ ۾ سائيڪل کي متعارف ڪرائي سگهجي. چين ۾ سائيڪل عيسائي مشنريز، ڪاروباري ماڻھن ۽ ان دور جي بيٺڪي اعليٰ عملدارن جي ذريعي متعارف ٿي. شروع ۾ ساحلي شھرن ۾ اها آئي. چينين پھريون ڀيرو 1890ع ۾ سائيڪل هلائڻ شروع ڪئي. انھن شھرين ۾ يورپ مان پڙهي ايندڙ شاگرد، ڪاروباري ماڻھو ۽ صحافي هئا، جيڪي ملڪ ۾ ٽيڪنالاجيءَ جي ترقيءَ جا خواهشمند هئا. 1896ع ۾ اخبارن سائيڪلنگ کي ڀرپور ڪوريج ڏني. ان وقت برطانوي سائيڪلسٽن، ڪرسمس کان اڳ شنگهائي آيا تہ ساڻن شھر جي دوري ۾ مقامي سائيڪل سوار بہ شريڪ ٿيا. ان دور ۾ مردن، عورتن ۽ ٻارن جي لاءِ برطانوي، جرمن ۽ آمريڪي سائيڪلن جي وڪري لاءِ اشتھار ڇپجڻ شروع ٿيا. 98/1897 ۾ شنگهائي ۽ تيانجن جي اخبارن ۾ سائيڪلن جا شروعاتي ڪمرشل اشتھار ڇپيا. 1899ع ۾ شنگهائيءَ کان ٿوري فاصلي تي موجود شھر Suzhou ۾ مقامي انتظاميہ ’تنگ لينز‘ ۾ حفاظتي قدمن تحت سائيڪل هلائڻ تي پابندي مڙهي ڇڏي. 1902ع ۾ برطانوي سائيڪلن جي پھرين نمائش ٿي، هوريان هوريان شنگهائي، تيانجن ۽ گوانچو مان سائيڪلون چين جي ٻين شھرن ۾ وڃڻ لڳيون. چين جي هاڻوڪي دور جي هڪ صنعتي ۽ ڪاروباري شھر چنگدو ۾ 1904ع ۾ ست سائيڪلون هيون، جڏهن تہ ان وقت ان شھر جي آبادي هڪ ڏهائي پنج ملين هئي. انھن ستن سائيڪلن مان ٽي مختلف چيني حڪومتي ادارن، ٽي غير ملڪين ۽ هڪ سائيڪل چيني شھريءَ جي ملڪيت هئي. 1910ع ۾ شنگهائي ۽ تيانجن جي درآمد ڪندڙن سائيڪلن کي وڌيڪ شھرن ۾ متعارف ڪرائڻ ۽ پکيڙڻ شروع ڪيو. شروع ۾ اها ٻاهران گهرائڻ سبب ان جي قيمت گهڻي هئي. ان وقت فقط امير ماڻھو ئي اها خريد ڪندا هئا. عام ماڻھوءَ وٽ سائيڪل نہ هئي.
1920ع ۾ جڏهن چين ۾ هفتي ۾ ڇھه ڏينھن ڪم ڪرڻ معمولي بنجي ويو تہ ماڻھن ۾ سائيڪلنگ جو رجحان وڌي ويو. 1925ع ۾ شنگهائي جي آبادي ٻہ ملين هئي، پر سائيڪلن جو تعداد نوَ هزار اٺ سؤ هو. 1930ع ۾ اهو تعداد وڌي ويھه هزار ٿيو. ان کان پوءِ چين جي مختلف ادارن ۾ سائيڪلن جو استعمال وڌڻ لڳو. ٽپال کاتي جي ٽپالين، فوجي سپاهين ۽ ماڊرن پوليس اسڪواڊرن سائيڪلون استعمال ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيون. سائيڪلن جي عام شھرين تائين پھچ 1930ع ۽ 40 جي ڏاڪن ۾ ٿي. 1930ع ۾ چين ۾ ٽن وڏن ڪاروباري ادارن مقامي سطح تي سائيڪلن جي تياري شروع ڪئي، جنھن سان ان جون قيمتون گهٽيون ۽ چين ۾ تيزيءَ سان سائيڪلن جو استعمال وڌڻ لڳو. 42-1941ع ۾ چين ۾ چانورن جي راشن بنديءَ جي دوران سائيڪل هڪ سولي ۽ تيز رفتار ٽرانسپورٽ طور مقبوليت ماڻي. 1949ع ۾ ’عوامي جمھوريہ چين‘ جي قيام سان سائيڪل جي صنعت کي گهڻو واڌارو مليو. ڪميونسٽ پارٽيءَ سائيڪل کي ٽرانسپورٽ طور استعمال ڪرڻ شروع ڪيو ۽ ان جي وڏي پئماني تي پيداوار شروع ڪئي. ان جي پيداوار تي حڪومت پاران رعايت بہ ڏني ويئي. چين جي پھرين پنجن سالن واري رٿا ۾ سائيڪل جي ترقيءَ جو هدف سٺ سيڪڙو رکيو ويو. 1958ع تائين چين هڪ بلين کان بہ وڌيڪ سائيڪلون پروڊيوس ڪري رهيو هو. 70-1960ع واري ڏاڪي ۾ چين ۾ سائيڪل پنھنجي عروج تي هئي. چين جي سڀني وڏن شھرن جي رستن تي سائيڪلون ئي نظر اينديون هيون.ان ئي دور ۾ چين کي ’سائيڪلن جي سلطنت‘ (Kingdom of Bicycles) بہ چيو ويندو هو.
سائيڪل چين جي سماجي زندگيءَ ۾ ايتري تہ اهميت حاصل ڪري ويئي جو هڪ چوڻي مشھور ٿي تہ چين ۾ شادي جي لاءِ چئن شين مان هڪ سائيڪل (ان دور جي هڪ مشھور برينڊ جي) بہ شامل هئي. گويا شاديءَ جو ٿيڻ سائيڪل سان مشروط هو. هونئن چئن شين مان هڪ ريڊيو بہ هوندو هو. شادي جي لاءِ لازمي وٿ هئڻ کان سواءِ ان دور ۾ دوست يار ۽ مٽ مائٽ شاديءَ جي موقعي تي سائيڪل تحفي طور ڏيندا هئا. ان کان وڌيڪ چين ۾ سائيڪل جي مقبوليت جو ٻيو ڪو پئمانو ٿي نہ ٿو سگهي. چيو وڃي ٿو تہ اڳوڻو آمريڪي صدر بش جڏهن 75-1974ع ۾ بيجنگ ۾ آمريڪي سفير طور مقرر هو تہ کيس بہ ٻہ سائيڪلون سوکڙي طور ڏنيون ويون، هو بہ پنھنجي زال سان گڏ چين ۾ ان دور جي هڪ مشھور سائيڪل برانڊ بيجنگ جي رستن تي هلائيندو هو. ان دور ۾ چين جي رستن تي ٽي يا چار ڪارلينز جيتري ويڪري سائيڪل لينز هوندي هئي.
اسي واري ڏاڪي ۾ جڏهن چين ۾ سرڪاري سان گڏ نجي ملڪيت جي دور جي شروعات ٿي ۽ چين ۾ ترقيءَ جي نئين دور جي شروعات ٿي تہ ان ترقيءَ جا اثر سماج تي بہ ظاهر ٿيڻ لڳا ۽ نوي واري ڏاڪي ۾ موٽر گاڏين ۽ ڪار ڪلچر جي شروعات ٿي. 2000ع کان سائيڪلن جي جاءِ ڪارن والاري ۽ ائين سائيڪلن جي مقبوليت جو گراف ڪرڻ لڳو. پوءِ جتي چين مختلف شعبن ۾ ترقي ڪئي، اتي چين سائيڪلنگ ۾ نواڻ ۽ ٽيڪنالاجي سان اهڙو تہ هم آهنگ ڪيو. جيئن ڪنھن زماني ۾ شاديءَ جي لاءِ ان دور جي هڪ مشھور برانڊ واري سائيڪل جو هئڻ ضروري هو، تيئن اڄوڪي چين جي وڏن وڏن شھرن ۾ رهندڙ شھرين جي سمارٽ فونز ۾ شيئرڊ سائيڪلنگ جي ايپ ۽ ان جو اڪائونٽ هولڊر هئڻ شھري زندگيءَ جو لازمي حصو سمجهيو وڃي ٿو. ايئن چئي سگهجي ٿو تہ چين روايت کي بدلائي نواڻ سان ان تسلسل کي جاري رکيو آهي.
هاڻوڪي دور جي تحقيقي انگ اکرن موجب چين ۾ 37.2% ماڻھو سائيڪل استعمال ڪن ٿا. چين بابت چيو وڃي ٿو تہ هتي جا ماڻھو ڌنڌو ڪري ڄاڻن. هنن پنھنجو ذهن استعمال ڪيو ۽ ختم ٿيندڙ سائيڪل کي نئين زندگي ڏني ۽ ان سان گڏ ڪيترن ماڻھن جي روزگار جو بندوبست بہ ٿي ويو. چين ۾ شيئرڊ سائيڪل تمام گهڻي مقبول آهي. انگن اکرن موجب سڄي چين ۾ سورهن ملين شيئرڊ سائيڪلون آهن ۽ چين جي سڀني شھرن ۾ عوامي هنڌن تي شيئرڊ سائيڪل موجود آهي.
شيئرڊ سائيڪل استعمال ڪرڻ لاءِ بہ ڪي شرط آهن. ارڙهن کان وٺي پنجهٺ سالن جي عمر وارو ڪوبہ فرد اهي استعمال ڪري سگهي ٿو. اڪائونٽ بنائڻ جي لاءِ هڪ سمارٽ فون، انٽرنيٽ جو هئڻ ۽ دستاويزي سڃاڻپ لازمي آهي. پرڏيھي پنھنجي پاسپورٽ جي پھرين صفحي جي ڪاپي سان سيلفي وٺي ايپ جي ذريعي استعمال ڪري سگهن ٿا. ايپ تي اڪائونٽ ٺاهڻ جو طريقو موجود آهي. ان ۾ ڏنل هدايتن جي پيروي ڪري اڪائونٽ ٺاهي سگهجي ٿو. جڏهن اڪائونٽ ٺھي وڃي تہ سمجهو هاڻ ڪمپني جون سڀئي سائيڪلون اوهان استعمال ڪري سگهو ٿا. هر سائيڪل تي هڪ ڪيو آرڪوڊ هوندو آهي، جيڪو اسڪين ڪرڻ سان سائيڪل جو لاڪ کلي ويندو آهي، پوءِ سائيڪل کڻو ۽ جتي وڻوَ گهمندا وتو. انھن سائيڪلن ۾ هڪ جي. پي. ايس سسٽم لڳل هوندو آهي، جنھن سان ڪمپني ان جي چرپر کي سولائي سان ڄاڻي سگهي ٿي. جتي بہ ٿڪجو، سائيڪل تان لھو ۽ پنھنجي اڪائونٽ مان لاگ آئوٽ ڪري، سائيڪل کي اتي ئي بيھاري ڇڏيو ۽ اوهان پنھنجي ماڳ ڏانھن روانا ٿي وڃو. سائيڪل جو خيال واسطيدار ڪمپني پاڻ ئي ڪندي، ان جو ڀاڙو بہ صفا گهٽ آهي، گهٽ ۾ گهٽ ڪرايو هڪ يوان، جيڪو وي چيٽ جي ذريعي ادا ڪري سگهجي ٿو.

چين جي ترقي ۽ چيني ٻولي

پاڻ وٽ ذهن ۾ اها ڳالھہ ويٺل آهي تہ ترقي ڪرڻ ۽ اڳتي وڌڻ جو راز انگريزي ٻوليءَ ۾ آهي، ڇو تہ ان ۾ وڏو علم موجود آهي ۽ انگريزي ٻولي دنيا تي راڄ ڪري ٿي ۽ انگريزي ٻولي سکڻ سان دنيا جي دري کلي ٿي. ڪنھن بہ ٻولي ۽ ان ۾ موجود علم کان انڪار نہ ٿو ڪري سگهجي، پر اسان وٽ غلاماڻي ذهنيت هئڻ سبب اسان جا حڪمران ۽ حاڪم اشرافيه سڀ ڪجهہ انگريزي ۾ هئڻ سمجهن ٿا ۽ مقامي ٻولين جي ترقي ۽ واڌاري کي روڪڻ لاءِ انھن جي نڙين تي ننھن ڏيو ويٺا آهن. پر سُڌريل ۽ سمجهدار قومن پنھنجي مقامي حالتن کي نظر ۾ رکندي اهڙيون پاليسيون جوڙيون آهن، جو اڄ انھن جون ٻوليون هر قسم جي سائنسي، تعليمي ۽ ٽيڪنيڪلي علم سان مالا مال آهن.
چيني ٻولي دنيا جي سڀ کان وڏي ٻولي آهي ۽ دنيا جي هڪ ارب کان بہ وڌيڪ ماڻھن جي مادري زبان آهي.
چين ۾ ننڍين وڏين زبانن جو تعداد 56 آهي، چين جھڙي وڏي ملڪ، جنھن جي پکيڙ سڄي يورپ کان بہ وڌيڪ آهي، ايترين زبانن جو هئڻ ڪا حيرت ۾ وجهندڙ ڳالھہ ڪونھي، پر وڏي ڳالھہ اها آهي تہ سڀني ٻولين کي تحفظ ڏنو ويو آهي ۽ سڀني ۾ تخليقي ڪم ٿيندو ٿو رهي.
چين ۾ سڀئي معاملا چيني زبان ۾ ئي سرانجام ڏنا وڃن ٿا. معيشت ۽ معاشرت جا ضابطا، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جا اسرار ۽ رمزون، پبلڪ ٽرانسپورٽ جون هدايتون، بئنڪنگ جا معاملا، آفيسن ۽ عدالتن جو ڪار وهنوار، عوامي سھوليتن کان فائدي جي حوالي سان ڄاڻ، سڀ ڪجهہ چيني زبان ۾ آهي. پاڻ وٽ تہ ٽيڪنالاجي جي زبان انگريزي آهي، پر چين ۾ ايئن ڪونھي، چين جي سڄي ترقي سندن پنھنجي زبان جي مرهون منت آهي. ان ترقي جي لاءِ چيني قيادت گهڻي سوچ ويچار کان ڪم ورتو ۽ چيني زبان جي ترقي ۽ واڌاري جي لاءِ رياست ۽ حڪومت سرپرستي ڪئي.
چيني زبان جا مختلف لھجا آهن، جيڪي سڄي چين ۾ ڳالھايا وڃن ٿا. اُتر چين ۽ ڏکڻ چين ۾ ڳالھائجندڙ چينيءَ ۾ وڏو فرق آهي. ڏکڻ چين ۾ ڳالھائجندڙ زبان ڪينٽونيز (Cantoness) سڏبي آهي. 1930ع کان چين ۾ سرڪاري زبان چيني آهي، جنھن کي مندرين (Mandarin) چيو ويندو آهي. ان جو ٻيو نالو پوتنگخواھہ (Putong hua) بہ آهي، جنھن جي معنيٰ ’ڪا من اسپيچ يا ڳالھہ ٻولھہ‘ آهي. هونئن تہ چيني زبان جي تاريخ هزارين سال پراڻي آهي، پر پاڻ ويھين صدي ۾ ٿيندڙ ارتقائي تبديلين جي حوالي سان ڳالھائينداسين. لساني ماهرن چيني زبان کي لھجي جي اعتبار کان ستن کان ڏهن گروپن ۾ ورهايو آهي. انھن ۾ سڀني کان وڏو لھجو مندرين آهي. ان کان پوءِ وو (Wu)، من (Min)، يواي (Yue)، گن (Gan)، شيانگ (Xiang) ۽ هڪا (Hakka) آهن. جيڪڏهن ڏٺو وڃي تہ ڪھڙو لھجو يا ڊائيليڪٽ ڪٿي ڪٿي ۽ ڪيترا ماڻھو ڳالھائين ٿا تہ سڀ کان وڏو لھجو مندرين آهي، جيڪو چين جي سڄي اتر ۽ ڏکڻ اولھہ ۾ ڳالھايو وڃي ٿو. اهو ڳالھائيندڙ آبادي جو تناسب 71.5 سيڪڙو آهي، ان کان سواءِ چين جي مختلف علائقن ۽ شھرن جا مقامي لھجا پڻ آهن. پر چين ۾ پوتنگخواھہ (Putong hua) يعني عام ڳالھہ ٻولھہ جي زبان ميندرين ئي آهي. اها ئي زبان سڀني سطحن جي تعليمي ادارن ۽ آفيسن ۾ استعمال ڪئي وڃي ٿي ۽ سڄي چين ۾ اها ئي رابطي جي زبان آهي. چيني زبان جي هڪ نمايان ۽ امتيازي خاصيت سندس چار ٽونز (Tones- آواز) آهن.
چيني زبان کي سادي بنائڻ ۽ سڄي ملڪ ۾ هڪجھڙي سطح تي لاڳو ڪرڻ جون ڪوششون عوامي جمھوريہ چين جي قيام کان هڪدم پوءِ شروع ٿي ويون هيون. چيني ڪميونسٽ پارٽيءَ شروع کان ئي ميندرين کي قومي زبان بنائڻ بابت سوچي رهي هئي، تہ جيئن خواندگيءَ جي شرح وڌائي سگهجي. 1958ع ۾ ڪميونسٽ پارٽيءَ هڪ گڏجاڻي سڏائي، جنھن جو مقصد ميندرين جي بنياد تي هڪ الفابيٽ سسٽم ترتيب ڏيڻ هو. چين جي وزيراعظم چو اين لائيءَ، چويوگوانگ کي ان ڪم جي لاءِ نامزد ڪيو. چويو گوانگ بنيادي طور تي معاشي ماهر هو، پر کيس لسانيات ۽ لساني معاملن سان دلچسپي هئي ۽ هو چين جي اعليٰ سطح جي معاشي ادارن سان لاڳاپيل رهيو هو ۽ هڪ چيني معاشي اداري جي آمريڪا ۾ نمائندي طور ٽن سالن تائين ڪم ڪيو هو. عوامي جمھوريہ چين جي قيام کان پوءِ چين موٽي آيو ۽ شنگهائي جي هڪ يونيورسٽيءَ ۾ معاشيات پڙهائڻ لڳو. سندس وزيراعظم سان واقفيت ’ڇانگ ڇنگ‘ ۾ قيام دوران ٿي هئي، جيڪو ڪنھن وقت چين جو جنگي گاڌي جو هنڌ هو. اها ان وقت جي ڳالھہ آهي، جڏهن جاپان چين جي خلاف جارحيت ڪندي چين تي حملو ڪيو. ان دور ۾ چواين لائي ڪميونسٽ پارٽي جو هڪ مشھور اڳواڻ هو ۽ هو دانشورن، اديبن ۽ پڙهيل ڳڙهيل ماڻھن سان باقاعدہ سان ڳالھيون ٻولھيون ڪندو هو. انھن دانشورن ۾ چويو گوانگ بہ شامل هو، جيڪو ڇانگ ڇنگ ۾ هڪ معاشي اداري سان لاڳاپيل هو. پر باقاعدگي سان انھن دانشورن جي گڏجاڻين ۾ شريڪ ٿيندو هو ۽ لساني معاملن ۾ پنھنجي شوق جي ڪري چواين لائي جي نظرن ۾ اچي ويو. پوءِ جڏهن ’چواين لائي‘ وزيراعظم ٿيو تہ کيس چويو گوانگ پنھنجي لساني شوق سبب ياد هو. تنھنڪري هن کيس هڪ قومي زبان جي جوڙجڪ لاءِ مقرر ڪيو. مقرريءَ کان پوءِ هن ڪيترائي عذر ڏنا ۽ حيلا بھانا ڪيا تہ آءٌ تہ معاشي ماهر آهيان، پر جيئن تہ وزيراعظم کي سندس لساني معاملن ۾ مھارت ۽ شوق جي خبر هئي، تنھنڪري سندس هڪ بہ نہ هلي ۽ هن کيس ان ڪم لاءِ جوڙيل ڪميٽيءَ جو سربراھہ مقرر ڪيو. اهو هڪ فيصلو چين ۾ ڏور رس نتيجن جو بنياد ثابت ٿيو. چويوگوانگ کي چين ۾ فادر آف ڦنين (Father of pinyin) بہ چيو ويندو آهي. لساني معاملن جي نزاڪتن ۽ ٽيڪنيڪي مسئلن کي نظر ۾ رکندي ۽ اهو وقتي طور نظر انداز ڪندي عام ماڻھوءَ جي سھوليت لاءِ سادن لفظن ۾ اهو چئي سگهجي ٿو تہ ڦنين (Romenized speling system). ان سسٽم چين جي قديم زبان کي جديد دور سان گڏي ڇڏيو. سسٽم جي ايجاد کان اڳ اهو هڪ عام مسئلو هو تہ چيني زبان جا ڪئريڪٽر سڌو سنئون آواز سان هم آهنگ نہ هئا.
ڦنين (Phonetic system) سسٽم سان لفظن کي ڳالھہ ٻولھہ سان هم آهنگ ڪرڻ ۾ سھوليت ٿي. جنھن سان چين ۾ شرح خواندگيءَ ۾ نمايان واڌارو ٿيو ۽ چيني زبان ۾ آساني پيدا ٿي. چيو وڃي ٿو تہ 1950ع ۾ چين ۾ شرح خواندگي 8 سيڪڙو هئي، جيڪا هاڻ 90 سيڪڙي کان بہ وڌيڪ آهي. انھي سسٽم جي ڪري پيڪنگ کي بيجنگ چوڻ شروع ٿيو. چين جي جنگي دور جي گاڌي جو هنڌ ڇنگ ڪنگ (Chung king) بدلجي چونگ ڪنگ (Chongking) سڏجڻ لڳو ۽ چين جي باني اڳواڻ جو نالو مائوزيتنگ Mao Tse Tung مان بدلجي مائوزي ڊونگ (Mao Zedong) لکجڻ لڳو. چويوگوانگ ۽ سندس ساٿين کي اهو سسٽم ٺاهڻ ۾ ٽن سالن جو عرصو لڳو. چين ۾ 11 فيبروري 1958ع تي اهو سسٽم اختيار ڪيو ويو ۽ international organization for standardization اهو 1952ع ۾ اختيار ڪيو. گڏيل قومن اهو 1986ع ۾ اختيار ڪيو. ان سسٽم سان نابينا ماڻھن کي پڙهڻ ۾ آساني ٿي ۽ انھن جي لاءِ بريل (Braille) ٺھيو. هاڻ چين ۾ تعليمي ادارن ۾ شاگردن کي شروع کان ئي ڦنين پڙهائي ويندي آهي ۽ ان سان گڏوگڏ هو چيني ڪئريڪٽر بہ پڙهندا آهن. چين ۾ سمارٽ فونز ۽ ٻين سمارٽ گيجئس ۾ اهو ئي ڦنين استعمال ٿيندو آهي. موبائيل فونز ۾ ٽيڪسٽ پيغام لکڻ ۽ موڪلڻ، اي ميلز، انٽرنيٽ ۽ سوشل ميڊيا تي بلاگز لکڻ جي لاءِ اهو ئي طريقو اختيار ڪيو ويندو آهي. دنيا ۾ چين جي وڌندڙ اثر ۽ رسوخ جي ڪري چيني زبان سکڻ جي رجحان ۾ چڱو موچارو واڌارو ٿيو آهي.

چين ۽ زراعت

چين هڪ وڏو ملڪ آهي. آبادي هڪ ارب چاليھه ڪروڙن کان بہ وڌيڪ اٿس. هيڏي وڏي ملڪ جي آباديءَ جي کاڌ خوراڪ جون گهرجون پوريون ڪرڻ بہ هڪ وڏو مسئلو آهي. چين ۾ پوکيءَ لائق ايراضي بہ ايتري گهڻي ڪونھي، پر جيڪا آهي، ان کي نھايت خبرداري ۽ جديد طريقن سان پوکيءَ لاءِ استعمال ڪري نہ رڳو ملڪي گهرجون پوريون ڪيون وڃن ٿيون، پر واڌو پيداوار برآمد بہ ڪئي وڃي ٿي.
چيني ماڻھو چانور، گوشت ۽ سبزيون وڏي شوق سان واپرائيندا آهن. چين جا 35% ماڻھو زرعي صنعت سان لاڳاپيل آهن، چين پنھنجي جي ڊي پي جو 2.1% ريسرچ تي خرچ ڪري ٿو.
چين جي اهم فصلن ۾ چانور، ڪڻڪ، پٽاٽا، ڀوهي مُڱ، چانھہ جا مختلف قسم، ٻاجهر، جوَ، ڪپھہ، آئل سيڊز، سويابين آهن. 1978ع ۾ جڏهن زرعي سڌارا ڪيا ويا تہ انھن سان زراعت کاتي جي ترقيءَ جو سفر شروع ٿيو. انھن سڌارن جي نتيجي ۾ ان کاتي ۾ سيڙپڪاري شروع ٿي تہ سيڙپڪارن جي دلچسپي ۽ علائقي جي زرعي ساخت کي نظر ۾ رکندي ڪي علائقا خاص فصلن جي پيداوار جي لاءِ مشھور ٿي ويا. اتر ۽ وچ چين ۾ ڪڻڪ، سويابين ۽ ٻاجهر ٿئي ٿي. ڏکڻ چين ۾ چانور وڌيڪ پيدا ٿين ٿا. چين جا ساحلي علائقا برآمدي فصلن جي لاءِ مشھور آهن. چين جو ’شندونگ‘ صوبو سبزين جي پيداوار جي ڪري مشھور آهي. هتي Protected Cultivation بہ ٿئي ٿي. هتي پيدا ٿيندڙ سبزين کي چين جي ڏورانھين هنڌن ڏانھن موڪليو وڃي ٿو.
چين ۾ زمين جي ماپ مُو (Mu) جي حساب سان ڪئي وڃي ٿي، جيڪو هڪ ايڪڙ جو لڳ ڀڳ ڇھون حصو هوندو آهي. چين وٽ جيئن تہ پوکي لائق زمين ٿوري ۽ آبادي گهڻي آهي، تنھنڪري هو نت نئين ريسرچ ڪري رهيو آهي ۽ مختلف قسم جي زرعي جنسن جي وڌ ۾ وڌ پيداوار جي حاصلات لاءِ ڪامياب تجربا ڪري رهيو آهي. اهڙا ئي ڪجهہ ڪامياب تجربا هارٽيڪلچر جي شعبي ۾ بہ ڪيا آهن. هارٽيڪلچر بنيادي طور تي فروٽ، گلن ۽ سبزين جي علم کي چيو ويندو آهي. چين دنيا جي سبزين جي ڪل اُپت جو پنجاھہ سيڪڙو پيدا ڪري ٿو ۽ چين فقط هڪ سيڪڙو برآمد ڪري ٿو، باقي 49 سيڪڙو پنھنجي ملڪي گهرجن لاءِ پاڻ وٽ رکي ٿو. چين سبزيون ٿائلينڊ، ملائيشيا، انڊونيشيا ۽ ڪمبوڊيا موڪلي ٿو.
چين ۾ ونگي/ کيري جي پيداوار بہ تمام گهڻي آهي، کيرو هڪ اهڙي سبزي آهي ، جيڪو گهڻو حساس آهي. جيڪڏهن پوکي واري علائقي ۾ لوڻياٺ گهڻي آهي تہ اهو خراب ٿي وڃي ٿو. چين ان مسئلي تي تحقيق ڪئي ۽ ان حوالي سان Genetics ۽ Applied ٻنھي قسم جي تحقيق ڪئي. جينيٽڪس (Trangenic plants) ۾ اهڙا سگهارا ٻوٽا جيڪي گهڻي لوڻياٺ برداشت ڪري سگهن ٿا، جا جينز کڻي کيري ۾ مڪس ڪيا ويا، جنھن سان کيري جي قوت برداشت ۾ واڌارو ٿيو ۽ ان جو تجربو ڪامياب رهيو. اپلائيڊ طريقي ۾ ان تجربي کي ليبارٽري کان ٻاهر آزمايو ويو ۽ ان جي پلانٽيشن ڪري چيڪ ڪيو ويو تہ ان مان هارين کي ڪھڙو فائدو ٿيو آهي.
اڄڪلھہ چين ۾ Hydroponics تي ڪم جاري آهي. اهو هڪ نئون طريقو آهي، جنھن ۾ ٻوٽي کي زمين کان سواءِ ٻين هنڌن تي اُپايو ويندو آهي ۽ پيداوار حاصل ڪئي ويندي آهي، ان طريقي موجب ٻوٽي جي پاڙ هيٺ پاڻي ۾ رهندي آهي ۽ ان کي ضروري معدنيات پاڻي ۾ وجهي ملائي ڏيندي ويندي آهي. ان ۾ روايتي مٽي استعمال نہ ٿيندي آهي. ان طريقي موجب ٻوٽا گهر ۾، ڪمري جي اندر ۽ ڇت تي پوکي پيداوار حاصل ڪري سگهجي ٿي.
ان کان سواءِ چين ۾ جينياتي طور تبديل ٿيل فصلن تي بہ ڪم هلي رهيو آهي. 2017ع کان چين ان شعبي ۾ ريسرچ جي لاءِ تمام گهڻي فنڊنگ ڪئي آهي ۽ ان معاملي ۾ يورپ ۽ آمريڪا کي بہ پٺتي ڇڏي ڏنو آهي. جينياتي طور تي تبديل ٿيل فصل هر قسم جي موسمي تبديلين کي سھڻ جي صلاحيت رکن ٿا. جينياتي طور بدليل فصلن تي سائنسي ۽ تحقيق ڪم، نون فصلن جي تياري، انھن جي پوک ۽ اُپت ۾ چين دنيا ۾ سرواڻيءَ وارو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.
چين ڪپھہ جي پيداوار ۾ دنيا ۾ ٽي نمبر تي آهي. چين ڪپھہ جي جينيوم (Genome) جي تحقيق تي پھرين نمبر تي آهي.
جيئن مٿي لکيو اٿم تہ چين ۾ چانور تمام گهڻا استعمال ڪيا وڃن ٿا. پاڻ وٽ عام طور تي چيو ويندو آهي تہ چانور کائڻ سان ماڻھو ٿلھو ٿو ٿئي، پر چين ۾ اهڙي ڪا ڳالھہ ڪونھي، پر البت هڪ فرق ضرور آهي تہ چين ۾ جيڪي چانور کاڌا وڃن ٿا، سي مختلف انداز ۾ رڌيل هوندا آهن، چين ۾ چانور اوٻاري کاڌا ويندا آهن.
چين سڄي دنيا ۾ چانورن جي پيداوار ۾ واڌاري لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هو پھريان ’سپر هائبرڊ چانورن‘ جي پوکي جا تجربا ڪيا. ان طريقي سان روايتي طريقي سان چانورن جي اُپت ٻيڻ تي ٿي ويئي. هائبرڊ چانورن جي پيداوار کي وڌائڻ جي ڪوششن جي ڪري يوان لانگ ڦنگ (Yuan Long Ping) کي ’فادر آف هائبرڊ رائس‘ چيو وڃي ٿو. ’يوان لانگ ڦنگ‘ جي ڪوشش، محنت، لگن، تحقيق ۽ محنت چين جي زرعي شعبي، خاص ڪري ’هائبرڊ چانورن‘ جي پيداوار ۾ انقلاب برپا ڪري ڇڏيو.
يوان لانگ ڦنگ 1930ع ۾ بيجنگ ۾ جنم ورتو. هن 1953ع ۾ ’سائوٿ ويسٽ ايگريڪلچر انسٽيٽيوٽ‘ مان گريجويشن ڪئي. کيس 1960ع ۾ هائبرڊ چانورن جي پوکيءَ جو اُن وقت خيال آيو، جڏهن زراعت جي لاءِ نامناسب پاليسين ۽ ڏڪار جي ڪري چين جو زراعت کاتو ڏکيائين کي مُنھن ڏيئي رهيو هو، جنھن جي ڪري چين جي آبادي بہ متاثر ٿي. ان وقت کان هن پاڻ کي چانورن جي بھترين پيداوار ۽ تحقيق جي لاءِ وقف ڪري ڇڏيو. 1964ع ۾ کيس پنھنجي ’هائبرڊ رائيزيشن‘ جي تجربي لاءِ هڪ نيچرل رائس پلانٽ ملي ويو، جنھن کي ٻين قسمن تي برتري حاصل هئي. هن ان تي تحقيق شروع ڪري ڇڏي. 1973ع ۾ هو ’هائبرڊ رائس‘ جي پيداوار ۾ ڪامياب ٿيو. ان جي پيداوار روايتي طريقي جي ڀيٽ ۾ ويھه سيڪڙو وڌيڪ هئي. 1979ع ۾ هائبرڊ رائس جي ٽيڪنيڪ کي آمريڪا منتقل ڪيو. هن وقت هڪ محتاط اندازي موجب چين ۾ چانورن جي ٿيندڙ پوکي ۾ پنجاھہ سيڪڙو ’يوان لانگ ڦنگ‘ جي هائبرڊ فصل جا چانور ئي پوکيا وڃن ٿا. ان سان چانورن جي پيداوار جو سٺ سيڪڙو حاصل ڪيو ٿو وڃي. جنھن سان چين ۾ چانورن جي پيداوار ڪيترا بلين ڪلو گرام وڌي آهي. 1960ع ۾ هڪ مُو (Mu) (چين ۾ زرعي زمين جي پئمائش جو هڪ پئمانو) مان چانورن جي اُپت ٽي سؤ ڪلوگرام هوندي هئي. ’يوان لانگ ڦنگ‘ جي ڪوششن سان اها پيداوار هاڻ ٽي سؤ مڻ في ايڪڙ تائين وڃي پھتي آهي. هاڻ دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ هائبرڊ رائس جي پوکي ڪئي وڃي ٿي.
جتي چين ۾ زراعت جو ذڪر نڪتو آهي تہ ٿورو ذڪر ’لائيو اسٽاڪ‘ جو بہ ڪجي. چين ۾ گوشت جي کپت تمام گهڻي آهي. چين کي ’بگيسٽ اينيمل فارمنگ نيشن‘ بہ چيو وڃي ٿو. ماڻھو مختلف قسم جو گوشت وڏي شوق سان کائيندا آهن. چيني ’سوئر‘ جو گوشت بہ وڏي شوق سان کائيندا آهن ۽ ان جو چين جي ’ميٽ انڊسٽري‘ (Meat Industry) ۾ ٽي ڀاڱا چار آهي. سڄي دنيا ۾ ملندڙ سوئرن (Pigs) جي آباديءَ جو اڌ چين ۾ ملي ٿو. هتي سوئرن جا باقاعدہ فارم آهن، جتي انھن کي پاليو وڃي ٿو. چين ۾ هارين جي آمدنيءَ جو هڪ وڏو وسيلو ’سوئر‘ جي پالنا سان لاڳاپيل آهي. چين جي ’سيچوان‘ صوبي ۾ سوئرن جي پالنا گهڻي ڪئي وڃي ٿي. ان کان پوءِ ننڍي ۽ وڏي گوشت ۾ ڪڪڙ جو گوشت اچي ٿو. چين ۾ گوشت جي مارڪيٽ جا علائقا شندونگ، مينان، هبائي، ان هوئي، جيلن، هيلنيانگجيانگ، ليائو تنگ، اتر منگوليا، گانسو، شانسي، سچوان، ڇنگ ڪنگ، ينان وغيرہ مشھور آهن. چين ۾ وڌندڙ مڊل ڪلاس جي ڪري گوشت جي کپت 111% سيڪڙو وڌي آهي.
ان کان سواءِ چين ۾ ’سي فوڊ‘ (Sea food) جي سڀني قسمن جي پيداوار تمام گهڻي آهي، چين ۾ مڇين جا 4936 قسم ملن ٿا. چين ۾ سامونڊي مڇيءَ کان سواءِ فارمنگ جي ذريعي بہ مڇي جي پيداوار ٿئي ٿي. هڪ محتاط اندازي موجب چين ۾ 37 ملين ٽن کان بہ وڌيڪ مڇي فارمن جي ذريعي پيدا ڪئي وڃي ٿي، جيڪا سڄي دنيا ۾ مڇيءَ جي پيداوار جو سٺ سيڪڙي کان بہ وڌيڪ آهي. چين ۾ گهانگهٽ (Pran) جي فارمنگ تمام گهڻي آهي. اولھہ چين جي ڳوٺاڻن علائقن ۾ خانہ بدوش قبيلا رڍون، ٻڪريون ۽ اٺ پالين ٿا. چين ۾ سيڙپڪاري، حڪومتي پاليسين ۽ معاشي سرگرمين جي ڪري چين جي لائيو اسٽاڪ پاپوليشن 144 ملين کان بہ وڌي چڪي آهي.
قدرت چين کي فطرتي خوبصورتيءَ سان بہ گهڻو نوازيو آهي، سڄي چين ۾ سرسبز پھاڙ، سمنڊ، دريا، ڍنڍون ۽ ڊگها جابلو سلسلا آهن. چين انھن سڀني جي تحفظ جو ڏاڍو سٺو بندوبست ڪيو آهي. چين جي زمين جو 21.36 حصو ٻيلن تي مشتمل آهي. ٻيلن جي ايڏي وڏي پکيڙ جي ڪري چين دنيا جي Wood workshop جو درجو حاصل ڪري چڪو آهي. فرنيچر جي عالمي واپار جو 3/1 (هڪ ڀاڱي ٽي) حصو چين وٽ آهي.

جديد ٽيڪنالاجيءَ جو استعمال ۽ چين

پاڪستان ۾ هُئس تہ اهي ئي خبرون پي هليون تہ چين ۾ فيس بوڪ، واٽسپ وغيرہ نٿو هلي. يا بس ايئن ئي جهٽڪي تي هلي ٿو. پھريان ٻہ ڏينھن تہ موبائيل منھنجي هٿن ۾ ڄڻ ڏسڻ جو ڏٻو هئي. پوءِ جڏهن ابوذر اقبال VPIN ڊائون لوڊ ڪري انسٽال ڪري ڏنو تہ فيس بوڪ بہ هلڻ لڳو تہ واٽسپ بہ.
پر چين ۾ سڀ کان وڌيڪ استعمال ٿيندڙ ايپ وي چيٽ (Wechat) آهي. پاڪستان ۾ مون وٽ اها انسٽال هئي، جنھن ڪري وشال سان رابطو رهندو هو.
جيتوڻيڪ چين ۾ رهندي سڀ معاملا وشال جي بلي هئڻ ڪري مون کي ڪا تڪليف نہ ٿي، پر چين ۾ جيڪڏهن اوهان وٽ وي چيٽ اڪائونٽ نہ آهي تہ اوهان جو رهڻ مشڪل آهي. وي چيٽ ۽ چين پاڻ ۾ لازم ۽ ملزوم آهن. يعني اوهان چين ۾ رهو ٿا تہ وي چيٽ کان پري رهي نہ ٿا سگهو. چيني سماج جي جوڙجڪ اهڙي آهي، جو اتي ڪنھن فرد جو گذارو ٿي نہ ٿو سگهي. وشال چيو تہ جڏهن ٻي ڀيري ايندؤ تہ اوهان لاءِ وي چيٽ اڪائونٽ ٺاهڻ ضروري ٿي پوندو. وي چيٽ جي شروعات Tencent Gunzhou Research centre ۾ هڪ پراجيڪٽ طور 2010ع ۾ ٿي. ان جو شروعاتي ويزن Zhang Xiao long نالي چيني ماهر تيار ڪيو ۽ Tecent جي CEO ما هوتانگ (Ma Huatang) ان کي وي شن (Wei xin) جو نالو ڏنو. اها 2011ع ۾ لانچ ڪئي ويئي. چيني حڪومت ملڪ ۾ E-Commerce مارڪيٽ جي ترقي کي ٻارهين پنج سالا ترقياتي رٿا ۾ شامل ڪيو هو. 2012ع ۾ جڏهن ان جي صارفين جو تعداد سؤ ملين تائين پھچي ويو تہ ان جو نالو وي چيٽ (We chat) رکيو ويو. وي چيٽ جا فيچر گهڻو فائديمند ۽ گهڻا آهن. ان ٽيڪسٽ ميسيجز، وائس ميسيجز، وڊيو ڪالز، ڪانفرنسنگ، وڊيو گيمز، تصويرن ۽ وڊيوز جي شيئرنگ، لوڪيشن شيئرنگ، ريئل ٽائم شيرنگ ۽ Near by people اهڙا فيچرز آهن، جيڪي سندس مقبوليت کي برقرار رکيو اچن. چين ۾ رهندي غير ملڪي ’وي چيٽ‘ جو انگريزي ورزن استعمال ڪندا آهن، پر پوءِ بہ ان جا ڪيترائي پيغام چيني زبان ۾ ايندا آهن، جن جي ترجمي جي لاءِ وي چيٽ ۾ ترجمي جي سھوليت موجود آهي.
وي چيٽ کي تعليمي مقصدن لاءِ بہ استعمال ڪيو وڃي ٿو ۽ ڪيتريون ئي تعليمي سروسز جھڙوڪ: چيني ۽ انگريزي زبان سکڻ وغيرہ جي سھوليت بہ وي چيٽ جي ذريعي فراهم ڪئي وڃي ٿي. وي چيٽ تي مختلف قسم جا اڪائونٽ بہ آهن. هڪ فرد جو ذاتي اڪائونٽ هوندو آهي ۽ ان کان سواءِ آفيشل اڪائونٽ بہ هوندا آهن، انھن ۾ سروس اڪائونٽ، سبسڪربشن اڪائونٽ ۽ انٽرپرائز اڪائونٽ شامل آهن. اهي اڪائونٽ مختلف نوعيت جون عوامي سھولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ قائم ڪيا ويا آهن. ان ۾ ويزا، اسپتالن ۾ وزٽ جي اڳواٽ بوڪنگ، بجلي جي بلن جي ادائيگي، ٽريفڪ جي ڏنڊ جي ادائيگي ۽ ان نوعيت جون ٻيون سروسز شامل آهن. هڪ محتاط اندازي موجب وي چيٽ تي آفيشل اڪائونٽس جو تعداد ڏهن ملين کان بہ وڌيڪ آهي. آفيشل اڪائونٽس جي تصديق جي لاءِ چارجز بہ لاڳو ٿيندا آهن.
سبسڪربشن اڪائونٽس ۾ مختلف ڪاروباري، صحافتي، تعليمي ۽ ٻين ادارن جا اڪائونٽ آهن. چيني ميڊيا جي وڏن ادارن پيپلز ڊيلي، چائنہ ڊيلي، سي جي شي اين آفيشل جا بہ سبسڪربشن اڪائونٽ موجود آهن.پاڻ وٽ عام طور تي دڪاندار، جنرل اسٽور، سبزي فروش وٽ اهو تصور بہ ڪونھي، هو پنھنجي ڪاروباري گهرجن لاءِ ڪنھن نئين ٽيڪنالاجي جي توقع ڪن. پر چين کي اهو ڪريڊٽ وڃي ٿو تہ ان اهڙي تہ جامع ۽ مربوط انداز ۾ ترقي ڪئي آهي، جو ان جا فائدا سڀئي طبقا وٺي رهيا آهن. چين ۾ هڪ گهوريئرڙو بہ، ڀاڄي يا فروٽ فروش يا ٻي ڪا هلڪي ڦلڪي شئي ڪنھن چوڪ تي ويٺو وڪڻي تہ بہ هو وي چيٽ جي ذريعي ئي ڪاروباري ڏيتي ليتي ڪندو. وي چيٽ پيمنٽ سسٽم چين کي هڪ Cashless سوسائٽي ۾ بدلائي ڇڏيو آهي. اُتي ڪنھن بہ فرد کي کيسي ۾ ڏوڪڙ کڻي هلڻ جي گهرج ڪونھي. بس هڪ سمارٽ فون، وي چيٽ پيمنٽ اڪائونٽ ۽ انٽرنيٽ جي گهرج آهي، پوءِ اوهان کيسي ۾ پئسا رکڻ ۽ ان جي تحفظ جي اُلڪي کان بي فڪر ٿي وڃو.
چين ۾ نئين سال جي موقعي تي ڳاڙهي لفافي (Red Envelope) ڏيڻ جي هڪ سگهاري روايت آهي. اها اسان وٽ عيد جي موقعي تي عيد جي خرچي ڏيڻ وانگر آهي. 2014ع ۾ وي چيٽ ڳاڙهي لفافي کي متعارف ڪرايو. ان جي متعارف ٿيندي ئي وي چيٽ جي صارفين جو تعداد ٻيڻ ٽيڻ تي وڌي ويو. اڄ ڪلھہ جي دور ۾ مارڪيٽنگ جي وڏي اهميت آهي. ان شعبي ۾ ۾ وي چيٽ نمايان اڳڀرائي ڪئي آهي. ان ۾ صارفين جي سوشل رجحانن تي نظر رکي ويندي آهي. وي چيٽ بزنس انفرادي سطح تي ڪاروبار ڪندڙن يا ڪاروباري ادارن جي لاءِ آهي، جنھن کي هو پنھنجي پنھنجي ڪاروبار جي مشھوري ۽ نوان نوان گراهڪ ڳولھين ٿا. ان سھوليت مان اسپتالون، بئنڪون، فيشن برينڊرز ۽ مختلف ڪمپنيون فائدو حاصل ڪري رهيون آهن. وي چيٽ جو هڪ دلچسپ آپشن Shake آهي جنھن ۾ ڪوبہ فرد پنھنجي موبائيل کي هٿ ۾ جهلي Shake ڪندو آهي، تہ ٻي گهڙي جيڪڏهن ڪو ٻيو فرد يا هڪ کان وڌيڪ وي چيٽ صارفين پنھنجا پنھنجا موبائلز کي دنيا جي ڪنھن بہ ڪنڊ ۾ Shake ڪيو هوندو تہ اهو موبائيل اسڪرين تي ظاهر ٿيندو. ايئن موبائيل Shake ڪندڙ همراھہ يا همراهڻيون هڪٻئي کي نياپا نڙا بہ موڪلي سگهن ٿا. اهڙي طرح چين ۾ ٽويٽر جھڙي سندن پنھنجي ايپ Sinsina weibo آهي، جنھن تي چين جي ڪيترين ئي مشھور شخصيتن، ميڊيا، حڪومتي ادارن غير ملڪي ادارن جا اڪائونٽس آهن. چين جي شوبز جون ڪيتريون ئي شخصيتون ان تي گهڻيون سرگرميون هونديون آهن ۽ کين فالو ڪندڙن جو انگ بہ تمام گهڻو هوندو آهي. هتي بہ ٽويٽر وانگر هڪ سؤ چاليھه لفظ ئي استعمال ڪري سگهجن ٿا.
چين زمين جي وشالتا کان مٿي چڙهي مٿي آسمانن ۾ پنھنجي ٽيڪنالاجي متعارف ڪرائي آهي. چين پنھنجو بيدو (BeiDou Nagiigatim satellite system) تيار ڪيو آهي، اهو آمريڪا جي جي پي ايس (Global positioning system) جو متبادل آهي ۽ پاڻ ان کان بھتر انداز سان ڪم ڪري ٿو. بيدو نيوي گيشن سيٽلائٽ سسٽم جي سيڪنڊ جنريشن کي ڪمپاس Compass يا بيدو ٽو بہ چيو وڃي ٿو. چين ۾ اهو ڊسمبر 2011ع ۾ فعال ٿيو ۽ ڊسمبر 2012ع کان اهو ايشيا پيسفڪ ريجن ۾ مختلف نوعيت جي سروسز مھيا ڪري رهيو آهي. 2015ع ۾ چين بيدو ٿري گلوبل ڪوريج ڪنسٽليشن تي ڪم شروع ڪيو، جيڪو 30 مارچ 2015ع تي لانچ ڪيو ويو. سورهين نومبر 2018ع تي ڪاميابي سان ٻن گڏيل سيٽلائيٽس کي مدار ۾ موڪليو. ان ڪاميابي بيدو ٿري جي ڪاميابي کي يقيني بنائي ڇڏيو. ان کان پوءِ ان جي درستگي جي معيار کي 2.5 ميٽرن کان 5 ميٽرن تائين وڌائي ڇڏيو. بيدو جو اهو سسٽم سڄي دنيا جي پنجاھہ ملڪن ۽ ريجنز کي ڪور ٿو ڪري ۽ 2020ع کان بيدو سسٽم سڄي دنيا ۾ پنھنجي سروسز فراهم ڪري رهيو آهي. نيوي گيشن سيٽلائيٽ سسٽم، جيئن پنھنجي نالي مان پڌرو آهي، بنيادي طور تي نيوي گيشن جي لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي. پر زندگيءَ جا هڙئي شعبا ان مان فائدو حاصل ڪري سگهن ٿا. جھڙوڪ: ماهيگيري، ٽرانسپورٽيشن، زراعت، ٻيلا، ٽيلي ميڊيسن، پبلڪ سيڪيورٽي ۽ ٻين شعبن ۾ استعمال ڪري سگهجي ٿو. سيٽلائيٽ نيوي گيشن جي ميدان ۾ چين جي ڪاميابي جا سماجي ثمرن مان چين ۾ ڪاروباري همراھہ خوب فائدو وٺي رهيا آهن. اتي آن لائن شين جي وڪري ۽ ڊليوريءَ جو ڪاروبار ڪندڙ ڪمپنيون صارفين کي هاڻ ٽپال آئٽمز کي ڊرونز (Drones) جي ذريعي پھچائي رهي آهي. اهي ڊرونز پري پري جي جابلو علائقن ۾ تمام گهڻا ڪامياب آهن. ان کان سواءِ چين جي مخصوص وڏن شھرن ۾ بہ واپاري مقصدن لاءِ انھن ڊرونز کي استعمال ڪيو پيو وڃي ۽ هاڻ انھن سڀني جي لاءِ ’بيدو نيوي گيشن سسٽم‘ مان ڀرپور فائدو ورتو پيو وڃي.
چين ۾ ترقيءَ جو اهو سحر رڳو نت نين شين ۽ سائنسي اوزارن جي تياريءَ تائين ئي محدود ڪونھي، پر عام شھرين جي سھوليت لاءِ بہ جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال جاري آهي. ويجهي ماضيءَ ۾ جيڪي معاملا انساني هٿ سرانجام ڏيندا هئا يا ڪن ڪمن جي تڪميل جي مختلف مرحلن ۾ افرادي قوت استعمال ٿيندي هئي، اهو ئي ڪم هاڻ مشين يا جديد ٽيڪنالاجي وسيلي ڪيو وڃي ٿو. ان سان نہ رڳو وقت جي بچت ٿئي ٿي، پر معاملن ۾ شفافيت بہ آئي آهي.

چين ۾ ڪرپشن جي خلاف مھم

ڪرپشن هڪ اهڙو ناسور آهي. جيڪو نہ رڳو ملڪي ترقيءَ ۾ رڪاوٽ بنجي ٿو، پر ملڪ کي اندران ئي اندران کائي کوکلو ڪري ٿو ڇڏي. جنھن جي نتيجي ۾ گڊ گورننس ۽ تيز رفتار ملڪي ترقيءَ جو خواب، بس خواب ئي رهجيو وڃي.
چين جي ترقي جو هڪ راز ڪرپشن جي خلاف مھم ۽ سخت قدم کڻڻ پڻ آهي. چين ۾ ڪرپشن ڪندڙ ڀلي ڪيترو بہ بااثر ڇو نہ هجي، پر قانون جي پڪڙ ۾ اچڻ ۽ سزا جزا کان بچي نہ ٿو سگهي.
چين جو موجودہ صدر شي چن پنگ، ڪرپشن جي حوالي سان ڪنھن بہ قسم جي رعايت ڏيڻ لاءِ تيار ڪونھي. اقتدار سنڀالڻ کان پوءِ هن ڪرپشن ۾ ملوث سڀني اعليٰ عملدارن، سرڪاري ملازمن، پارٽي عھديدارن خلاف سخت قدم کنيا. شي قوم کي خبردار ڪيو تہ ’جيڪڏهن ڪرپشن جي شينھن تي هٿ نہ وڌو ويو تہ پارٽي ۽ رياست ٻيئي تباھہ ٿي ويندا‘ ۽ اهڙن عھديدارن ۾ هڪ ڊزن فوجي آفيسر، ڪيترائي ايس. او. اي جا چيئرمين ۽ پنج قومي اڳواڻ بہ شامل هئا. دنيا ۾ ڪابہ اهڙي سياسي پارٽي ڪونھي، جنھن پنھنجي صفن کي ڪرپشن کان ايئن پاڪ ڪيو، جيئن چين جي ڪميونسٽ پارٽي ڪري ڏيکاريو.
ڪميونسٽ پارٽي جي ٽن اهم اڳواڻن جي خلاف ڪرپشن جا ڪيس هلايا ويا، انھن چين جي سياست ۽ گورنس تي مثبت اثر ڇڏيا. چن زي تنگ بيجنگ جو ميئر ۽ پولٽ بيورو جو ميمبر هو. چينگ ڪيچي پيپلز ڪانگريس جي اسٽئڊنگ ڪميٽيءَ جو اڳوڻو وائيس چيئرمين هو. چن ليانگو شنگهائيءَ جو پارٽي سربراھہ هو. انھن ٽنھي اهم شخصيتن جي خلاف ڪرپشن ۾ ملوث هئڻ جي الزامن ۾ ڪيس هلايا ويا. چن زي تنگ سگهارو ريجنل چيف هو. جيڪو بيجنگ کي ذاتي جاگير وانگر هلائيندو هو ۽ پولٽ بيورو جو اهم رڪن هو ۽ ڊينگ زيائو پنگ جي گهڻو ويجهو هو. بيجنگ جي ميئر جي حيثيت سان چن زي تنگ احتجاج ڪندڙ شاگردن تي گولي هلائڻ جو حڪم ڏنو هو ۽ بيجنگ ۾ مارشلا هڻڻ جو ذميوار هو. جنھن دوران ڪيترائي ماڻھو مارجي ويا. چن کي ڪرپشن جي الزام ۾ سورهن سال قيد جي سزا ڏني ويئي. چن جي پُٽ کي بہ ٽيپ ڏني ويئي، چن جي وائس ميئر خودڪشي ڪري ڇڏي.
چنگ ڪيچي نيشنل پيپلز ڪانگريس جو وائيس چيئرمين هو. کيس موت جي سزا ڏني ويئي. هن 41 ملين يوان رشوت ورتي هئي. هن اها رقم آف شور پرڏيھي بئنڪ ۾ جمع ڪرائي هئي. چنگ کي موت جي سزا ملڻ کان پوءِ سڀني تي چٽو ٿي ويو تہ چين جي ڪميونسٽ پارٽي ڪنھن بہ سطح تي ڪرپشن برداشت نہ ڪندي. چنگ جي خلاف ڪيس جي دوران سندس ويجهن ساٿين سندس خلاف ٺوس شاهديون ڏنيون.
چن ليانگو جو پارٽي سيڪريٽريءَ جي حيثيت سان شنگهائي تي مڪمل ڪنٽرول هو ۽ هو چوويھن ميمبرن تي ٻڌل پولٽ بيورو جو ميمبر بہ هو. شنگهائي جا اهم معاشي ۽ ريئل اسٽيٽ جا فيصلا سندس تائيد سان ٿيندا هئا. اڳوڻي صدر جيانگ زمن سان ويجهڙائيءَ سبب عام تاثر اهو ئي هو تہ چن ۽ سندس ٽيم کي ڪير بہ هٿ لڳائي نہ ٿو سگهي. سيپٽمبر 2006ع ۾ جڏهن صدر ’هوجنتائو‘ کي چن جي ڪرپشن جا اطلاع مليا تہ چن ۽ سندس ساٿين کي گرفتار ڪيو ويو. کين اختيارن مان ناجائز فائدو وٺڻ، رشوت خوري ۽ دوکي بازي جي الزام ۾ ارڙهن سال ٽيپ ڏني ويئي.
ليويھائو، بيجنگ جو وائيس ميئر هو. ان سان گڏ هو بيجنگ ۽ اولمپڪس راندين جو انچارج بہ هو. کيس جنم ٽيپ ڏني ويئي. ليو ۽ سندس زال تي الزام هو تہ هنن ٺيڪن ۽ قرضن جي منظوريءَ لاءِ رشوت ورتي. اعليٰ عھدن تي مقرر فردن جي سزائن مان اندازو ٿئي ٿو تہ جڏهن هو ڪرپشن جي الزام ۾ قانون جي پڪڙ ۾ اچن ٿا تہ پوءِ ڪابہ طاقت کين سزائن کان بچائي نہ ٿي سگهي.
چين ۾ آزاديءَ کان پوءِ هر دور ۾ ڪرپشن جي سلسلي ۾ عبرتناڪ رويو اختيار ڪيو ويو. 1950ع جي ڏاڪي ۾ پارٽي جي سينيئر اڳواڻن ليوسنگشن ۽ زهانگ زي شن کي ڪرپشن جي الزام ۾ موت جي سزا ڏني ويئي. ڪرپشن جي خاتمي جي لاءِ اثرائتو ۽ نتيجا خير نظام جوڙيو ويو. 1982ع، 1986ع ۽ 1989ع ۾ ڪرپشن جي خاتمي جي مھم هلائي ويئي. جڏهن ’شي چن پنگ‘ اقتدار سنڀاليو تہ ڪرپشن جي خلاف مھم ۾ تيزي آئي ۽ زيرو ٽالرينس جي اصول تي عمل ڪيو ويو. ’شي چن پنگ‘ ڪرپشن جي خاتمي لاءِ مرڪزي ڊسيپلين ۽ مانيٽرنگ ڪميشن قائم ڪئي. ان ڪميشن جي شفاف تحقيقات کان پوءِ ڇھه لک پنجاھہ هزار ڪرپٽ عناصرن کي قيد ۽ ڏنڊ جون سزائون ٻڌايون ويون. ان مھم جي دوران ڏھہ لک ماڻھن کان پُڇا ڳاڇا ڪئي ويئي.1985ع ۽ 2005ع جي وچ ۾ ڪميونسٽ پارٽي مان ڏيڍ لک ميمبرن کي ڪڍيو ويو. هڪ هزار آفيسرن کي موت جي سزا ڏني ويئي.
ڪرپشن جي ان مھم جي دوران چين جي شھرين مڪمل سھڪار ڪيو ۽ ڪرپٽ عنصرن تي کلي عام تنقيد ڪئي ويئي ۽ سندن ٺٺ ۽ ٺانگر واري لائف اسٽائل تي سوال اُٿاريا ويا. چين جي بااثر اڳواڻ ’بوزلائي‘ کان سوال پُڇيو ويو تہ سندس پگهار اوڻيھه هزار ڊالر سالياني آهي. سندس ٻارڙا آمريڪا ۽ برطانيا جي يونيورسٽين ۾ ڪيئن پيا تعليم پرائين ۽ قيمتي ڪارن ۾ گهمن ۽ فرانس ۾ ڪيترن بلين ڊالرن جو گهر ڪيئن خريد ڪيو ويو.
چين ۾ ڪرپٽ عنصرن کي موت جي سزا ڏني ويندي آهي.’بئنڪ آف چائنا‘ جي سابق صدر ليوجن يائو ۽ شنيانگ جي ميئر کي ڪرپشن جي الزام ۾ موت جي سزا ڏني ويئي. زنيگ زيائو جيڪو ڊرگ ڪنٽرول جو اعليٰ عھديدار هو، کيس غير معياري دوائن جي منظوريءَ جي لاءِ رشوت وٺڻ جي الزام ۾ ڦاسي جي سزا ڏني ويئي. بيجنگ جي اڳوڻي ميئر ’ليوز يھائو‘ کي هڪ ملين ڊالر رشوت وٺڻ جي ڏوھہ ۾ موت جي سزا ڏني ويئي. چائنا نيوي جو وائس ايڊمرل وانگ شوئي، چين جي صدر جيانگ زمن جو ويجهو دوست هو، کيس 20 ملين ڊالر رشوت وٺڻ جي ڏوھہ ۾ عمر قيد جي سزا ڏني ويئي.وانگ شوئي جي گهر تي ڇاپو هنيو ويو تہ سندس گهر جي ريفريجريٽر، مائيڪرو ويو ۽ واشنگ مشين مان 52ملين يوان ۽ 5-2 ملين ڊالرن نڪتا. چين جي اڳوڻي قانون واري وزير فورنگوا کي موت جي سزا ڏني ويئي، جيڪا پوءِ عمر قيد ۾ بدلائي ويئي ۽ کيس سڄي عمر جي لاءِ سياسي حقن کان محروم ڪيو ويو. مٿس الزام هو تہ هن طاقت جو غلط استعمال ڪيو ۽ هڪ ڪروڙ 65 لک ڊالر رشوت ورتي.
چين ۾ سرڪاري ڪمپني ’بورانگ ايسٽ مئنجمينٽ‘ جي سربراھہ ’لائي زيائو من‘ کي ڪرپشن ۽ رشوت وٺڻ ۽ ٻين ڏوهن ۾ موت جي سزا ڏني. عدالت ڏوهن جي سنگيني جي ڪري موت جي سزا عمر قيد ۾ نہ بدلائي. چين جي پبلڪ سيڪيورٽي جي نائب وزير سن لي کي 90 ملين ڊالر رشوت وٺڻ، اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ بدعنواني، بي ضابطگي ۽ بنا لائنس جي هٿيار رکڻ جي الزام ۾ موت جي سزا ڏني ويئي.
چين جيڪڏهن ڪرپٽ ماڻھن کي سخت سزائون نہ ڏي ها تہ دنيا جو عظيم معاشي ملڪ بنجي نہ سگهي ها.

چيني ادب ۽ اديب

---

ٽن سلطنتن جو داستان

”اسان جي داستان جي شروعات هيئن ٿي ٿئي تہ وڏيون وڏيون سلطنتون ڊگهي عرصي تائين منتشر رهڻ کان پوءِ متحد ٿي وينديون آهن ۽ پوءِ هڪ عرصي تائين متحد رهڻ کان پوءِ وکري وينديون آهن. هر ڪمال کي زوال جو خطرو رهي ٿو ۽ هر تنزليءَ کي ترقيءَ جي تقاضا رهي ٿي، ازل کان ايئن ئي ٿيندو پيو اچي.“
مٿيان جملا چين جي چئن قديم چئن مشھور ناولن مان هڪ ناول ’ٽن سلطنتن جو داستان‘ جا شروعاتي جملا آهن، باقي ٽي ناول ’ڳاڙهي محل جو خواب‘، ’اولھہ جو سفر‘ ۽ ’قذاق دريا‘ آهن.
چيني ادب جو ڪوبہ تذڪرو ان ناول ’ٽن سلطنتن جي داستان‘ کان سواءِ اڻ پورو سمجهيو ويندو.
’ٽن سلطنتن جو داستان‘ حقيقت ۾ تاريخ ۽ افساني جو سھڻو ميلاپ آهي، ان جا ڪردار ۽ اهم واقعا تاريخي حقيقت تي ٻڌل آهن، پر ان جا تفصيل خيالي ۽ ڊرامائي انداز ۾ بيان ڪيا ويا آهن، تنھن ڪري چيو ويندو آهي تہ، ”ٽن سلطنتن جي داستان‘ جا ست حصا تاريخ ۽ ٽي حصا افساني تي ٻڌل آهن.“
اهو طويل ناول هڪ سؤ ويھن بابن ۽ چوڏهن سؤ صفحن تي مشتمل آهي، جيڪو چوڏهين عيسوي صدي ۾ [جڏهن چين تي منگ گهراڻو اقتدار ۾ هو] ’لوگوان چونگ‘ لکيو.
’ٽن سلطنتن جي داستان‘ چيني، جاپاني ۽ ڪورين ادب تي گهرا اثر ڇڏيا آهن. وقت گذرڻ سان گڏ ان لافاني داستان جي مقبوليت ۾ ڪمي نہ آئي، پر اهو مختلف طريقن سان عوامي ثقافت جو حصو بنايو ويو. ان ڪھاڻيءَ تي اڻ ڳڻيون فلمون، ڪتاب، وڊيو گيمز ۽ ٽي وي سيريلس جوڙيون ويون آهن. جنھن سان هر نسل ’ٽن سلطنتن جي داستان‘ کي پنھنجو ئي سمجهي ٿو.
اهو داستان/ ڪھاڻي اڄ بہ چين جي گهڻو پڙهيو ويندڙ ۽ مقبول ڪتابن مان هڪ آهي، چين جو هر ٻار توڙي ٻُڍو ان جي ڪھاڻي کان واقف آهي. ان داستان جو ترجمو دنيا جي ڪيترين ئي زبانن ۾ ٿي چڪو آهي.
’ٽن سلطنتن جو داستان‘ جي لازوال مقبوليت جا ڪيترائي سبب آهن، انھن مان هڪ اهو تہ ’ٽن سلطنتن جي داستان‘ رڳو خيالي ڪھاڻي ڪونھي، پر اهو چين جي تاريخ جي هڪ اهم دور تي ٻڌل آهي.
ٻيو سبب ان جو دلچسپ ۽ بيان جو دلفريب انداز آهي. هڪ نقاد جي چوڻ موجب ”ان ڪتاب جو پڙهڻ ايئن آهي، جيئن پھاڙن تان هوريان هوريان لنگهندڙ ڪڪرن جو نظارو ڪرڻ. يا ايئن جيئن خزان ۾ چمڪندڙ چنڊ يا بھار ۾ ٽڙيل گُل. انھن سڀني عنصرن جو وجود لافاني آهي. اهو داستان ڪرندڙ تارن، اُڀرندڙ دريائي لھرن ۽ زلزلي وانگر ڏڪائي ٿو ڇڏي.“
هڪ خيال اهو بہ آهي تہ خيال ۾ ’ٽن سلطنتن جي داستان‘ جي مقبوليت جو سڀ کان وڏو سبب اهو آهي تہ لڳ ڀڳ ٻہ هزار سال گذري وڃڻ جي باوجود اڄ بہ اهو ناول چين جي ادب، ثقافت، رهڻي ڪھڻي ۽ سياسي منظرنامي جي سچي عڪاسي ٿو ڪري، اهو داستان چين جي سماج ۽ انھن انساني جذبن ۽ اخلاقي قدرن کي پيش ٿو ڪري، جيڪي اڄ بہ چين ۾ قدر جي نظرن سان ڏٺا وڃن ٿا. يعني پنھنجي ملڪ، پنھنجي ڪُٽنب، ماءُ، پيءُ ۽ دوستن سان وفاداري، بھادري، سچائي، ذهانت ۽ خلوص.
ان تاريخي داستان جو پسمنظر ٽين صدي عيسوي جو دور آهي، اهو داستان چيني تاريخ جي ان دور جو احاطو ٿو ڪري، جيڪو 165ع کان 280ع تائين جاري رهيو. جڏهن ’هان خاندان‘ جي سلطنت پوين پساهن ۾ هئي ۽ چين ۾ هر طرف افراتفري ۽ طوائف الملوڪي پکڙيل هئي. گهرو لڙائي جي شروعات ٿي چڪي هئي. جنگي سردار ۽ طالع آزما ملڪ جي مختلف حصن تي قابض ٿي چڪا هئا.
’ٽن سلطنتن جو داستان‘ فوجن لشڪرن، حڪومتن، ۽ سياستدانن جو داستان آهي. جنھن ۾ جنگ ۽ جهيڙو بہ آهي تہ چالبازي ۽ سياست بہ.
”ٽن سلطنتن جي داستان“ ۾ اسان کي چين جي اهم فلسفياڻي ۽ مذهبي روايتن جو عڪس بہ ملي ٿو. اهي روايتون ڪنفيوشس ازم، تائو مت ۽ ٻُڌ ڌرم تي مشتمل آهن. جيئن تہ اهو داستان ان زماني جو آهي، جڏهن ٻُڌ ڌرم کي چين ۾ ڪو گهڻو وقت نہ گذريو هو. ان ڪري تائو ازم ۽ ڪنفيوشس ازم جي جهلڪ نمايان آهي.
تائو ازم انسان ۽ ڪائنات جي وچ ۾ توازن جي اهميت تي زور ٿو ڏي. تائو مذهب جا عالم سمجهن ٿا تہ انسان کي قسمت سان جهيڙڻ جي ڪابہ ضرورت ڪونھي. تنھنڪري هو قتاعت ۽ فقيريءَ ۾ خوش هئا، پر ان سان گڏوگڏ وٽن اهڙيون جادوئي طاقتون بہ هُيون، جن سان هو دوائن، ٽوڻن ڦيڻن، ڌاڳن، تعويذن ۽ دعائن جي وسيلي قدرت جي طاقتن کي پنھنجي گهيري ۾ وٺي ٿا وٺن. ناول جو اهم ڪردار ’چوگي ليانگ‘ تائو ازم جو پيروڪار هو. تنھنڪري هن گوشئه نشينيءَ جي زندگي گذارڻ ٿي گهري. ساڳئي طرح هئڊي چادر وارن جو سردار ’چنگ جوئي‘ بہ تائو مذهب جي هڪ جادوئي ڪتاب جي ذريعي دشمن تي قابو پائي ٿو وٺي ۽ هوائن ۽ قدرتي طاقتن جو رخ موڙي ٿو ڇڏي.
ٻيو اهم فلسفو ڪنفيوشس ازم جو آهي، جنھن جا چار بنيادي اصول آهن.
1. ٻين سان همدردي ۽ ڪُٽنب سان محبت
2. نيڪي، يعني شرمناڪ عملن کان پاسو ڪرڻ
3. دانائي يعني اها صلاحيت، جنھن سان سُٺن ماڻھن جو قدر ڪيو وڃي ۽ خراب ماڻھن ۾ فرق ڪيو وڃي ۽ پنھنجي رٿائن کي مڪمل ڪرڻ جي لاءِ مناسب حڪمت عملي اختيار ڪئي وڃي.
4. نوڙت ۽ احترام، جيڪو سڀني روايتن ۽ رهڻي ڪھڻيءَ جو بنياد آهي، ڪنفيوشس جي نظريي موجب سماجي رشتن ناتن ۾ شھنشاھہ ۽ رعيت جو رشتو نھايت اهميت وارو آهي ۽ اهو ڪُٽنب ۽ والدين جي عزت کي مٿانھون رکڻ تي زور ٿو ڏي. اهو فلسفو اڄ بہ چين ۾ ڪُٽنبي يونٽ جي بقا ۽ سماجي استحڪام جي ضمانت آهي، جيڪو شخص مائٽن جو خذمت گذار هوندو آهي، ان کي عزت جي نظرن سان ڏٺو ويندو آهي.
هن ناول ۾ انھن ٻنھي فلسفن جا ڪيترائي مثال ملن ٿا.
هن ناول ۾ مختلف اتحادن جي ٺھڻ ۽ ڊهڻ، وفادارين ۽ بي وفائين شخصيتن جي عروج ۽ زوال ۽ هڪ لڳاتار جدوجھد جي ڪھاڻي آهي. اهو پڙهندڙ چيني تھذيبي روايتن، قرباني، بھادري حڪمت عملي، مذهبي عقيدن، تقدير تي ايمان، حڪمت ۽ ڏاهپ جون ڳالھيون، ڏند ڪٿائي داستانن جي سونھن، علائقائي وهم ۽ عقيدا، انساني ۽ آفاقي اٽل حقيقتون، انساني گُڻ ۽ ڪمزورين سڀني جو هڪ گهرو جائزو مھيا ٿو ڪري، ڪنفيوشس جي نظرين، چيني قدرتي مذهبن، ڍارن ڪڍڻ ۽ زندگيءَ جي انھن سڀني مسئلن ۽ مامرن کان متاثر ٿيڻ هن ناول ۾ ڀرپور انداز ۾ بيان ڪيو ويو آهي.

نوجوانن جو گيت

هينئر چين وڏي ڳالھہ آهي، سڄي دنيا جي مارڪيٽ کي چيني مصنوعات وڻ ويڙهيءَ جيان ويڙهندي پئي وڃي، هونئن بہ چين ڪيترن ئي حوالن سان هڪ عجوبو آهي ۽ اهو عجوبو مائوزي تنگ ۽ سندس ڪامريڊ ساٿين ۽ پوءِ جي هم فڪر ڪامريڊن جي ڪري، چين جي گذريل هڪ صديءَ جي تاريخ عالمي تاريخ جو هڪ دلچسپ ۽ ڌيان جوڳو باب آهي. ڪروڙين انسان جاگيرداريت جو سَنگهرون ٽوڙي صنعتي سماج ۾ زندھہ آهن، جنھن جي شڪل بھرحال سامراج جھڙي ڀوائتي ڪونھي. نظرياتي طور تي سوشلسٽ بلاڪ جي وکري وڃڻ جي باوجود چين جو هڪ سوشلسٽ نظام طور تي موجود هئڻ بذات خود هڪ انفراديت آهي، جنھن سوويت يونين جي مقابلي ۾ پاڻ کي بقا جي لاءِ وڌيڪ مناسب پاتو ۽ پنھنجي انڌي مَنڊي سوشلزم کي حتمي موت مرڻ نہ ڏنو آهي، جيتوڻيڪ هن وقت ڪٿي ڪٿي چين جي ورتاءُ ۽ آمريڪا جي بدمعاشين ۾ فرق گهٽ ٿو نظر اچي. اڄوڪو چين ڪٿي ڪٿي عوام ۽ عوامي تحريڪ جي بدران بنياد پرست مارشل لا جو خدائي خدمتگار ٿو نظر اچي، پر پنھنجو موضوع اهو ڪونھي، پنھنجو موضوع تہ ان انقلابي چين جي لاءِ جدوجھد جي دوران جنم وٺندڙ اهو ناول آهي، جيڪو ’يانگ مو‘ جو لکيل آهي، چين ۾ سياسي شعور ۽ جدوجھد جي حوالي سان چين جي ليجنڊ ليکڪن لوهسون، زوشي ۽ باجين جيان يانگ مو بہ هڪ اهم ليکڪا آهي ۽ ’يانگ مو‘ جون ناول Song Of Youth جيڪو چين جي شاگرد جدوجھد تي لکيل آهي، هر دور جي انقلابين ۽ شاگرد تحريڪن جي لاءِ اُتساھہ جو سبب رهيو آهي ۽ رهندو ايندو.
محترم نجم عباسي پنھنجي ڪتاب ’ڪھاڻيءَ جو قافلو‘ ۾ لکي ٿو: ”جڏهن ڳالھائيندڙ ڄاڻ سُڃاڻ ڪرائيندي چيو تہ هيءَ يانگ مو (Yang Mo) آهي تہ عزت ۽ عقيدت منديءَ کان منھنجون اکيون آليون ٿي ويون، کوڙ سال اڳ تاج بلوچ مون کي هڪ چيني ناول Song Of Youth پڙهڻ لاءِ ڏنو هو، هي چيني قومي ۽ طبقاتي تحريڪ جو انقلابي ناول آهي، منھنجي ذهن ۾ ايترو تہ ڄمي ويو هو، جو ان کي وڌيڪ کان وڌيڪ سمجهڻ جي لاءِ ٽي ڀيرا پڙهي چڪو هوس، ان جي لکندڙ جو نالو هو يانگ مو... ذوالفقار علي ڀٽي جي دور ۾ چيني ساهتڪارن جو هڪ ٽولو هتي آيو هو، مھراڻ آرٽس ڪائونسل حيدرآباد ۾ هنن کي آجياڻو ڏنو ويو هو، مان بہ ڪوٺ تي ويو هوس، ان چيني ٽولي جي اڳواڻ جي سڃاڻپ ڪرائيندي جڏهن رسول بخش پليجي چيو تہ ”هيءَ جڳ مشھور ناول Song Of Youth جي ليکڪا آهي تہ حيرت ۽ خوشيءَ کان منھنجون نظرون هن ۾ کُپي ويون. حيرت ان ڪري بہ لڳم جو نالي مان مون سمجهيو هو تہ ”يانگ مو“ مرد هوندو، پر هيءَ تہ عورت هئي، منھنجي ڪاٿي موجب هن جي عمر ستر سالن کان سَرس هئي، پنھنجي تقرير ۾ رسول بخش پليجي هن ناول جي ڳچ واکاڻ ڪئي، پوءِ جڏهن ان وقت جو سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري تقرير ڪرڻ آيو تہ هن اعلان ڪيو تہ ’يانگ مو‘ جي ناول ’نوجوانن جو گيت‘ جو بورڊ طرفان سنڌي ترجمو ڪرائي ڇپايو ويندو، ان تي ميڙ ۾ ويٺلن ساهتڪارن ۽ ٻين ڏاڍيون تاڙيون وڄايون، پر انھيءَ وقت ئي ويٺي ويٺي ويچاريو هوم تہ سرڪاري يا نيم سرڪاري ادارن جي ذميوار آفيسرن جي جذباتي ۽ غير ذميداراڻي اعلانن جو توڙ ڇا ٿيندو آهي؟ (صفحو 47-46)“
سنڌي ادبي بورڊ تہ ان وقت ان ناول جو سنڌي ترجمو ڪري نہ ڇپرايو، پر گهڻو پوءِ جڏهن ان ناول جو اردوءَ ۾ ترجمو ”نوجوانون ڪا گيت“ جي نالي سان ٿيو، جيڪو ’غير ملڪي زبانن جي اشاعت گهر بيجنگ‘ مان ڇپجي هتي پھتو ۽ نوي واري ڏهاڪي ۾ محترم جعفر ميمڻ ان جو انتھائي اختصاريل سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو ۽ ڪنھن رسالي ۾ قسطوار ڇپجڻ کان پوءِ ڪتابي صورت ۾ پڻ ڇپيو، پر اهو سنڌي پڙهندڙن وٽ ڪا پذيرائي حاصل نہ ڪري سگهيو.
”نوجوانن جو گيت“ يانگ مو، 1930ع واري ڏهاڪي ۾ پيڪنگ جي شاگردن جي مُحب وطن تحريڪ جي پسمنظر ۾ لکيو، جڏهن 1931ع ڌاري جپانين اُترينءَ چين تي قبضو ڪيو هو ۽ چين جي اڳوڻي شھنشاھہ ’ڦو اي‘ جي اڳواڻي ۾ ’مانچوڪو‘ جي نالي سان ڪٺ پتلي حڪومت قائم ڪئي هئي. 1935ع ۾ جاپان جي قبضي جي خلاف مزاحمتي جنگ شروع ٿي وئي هئي ۽ هي ناول ان ئي دور جي ڪھاڻي آهي، جنھن جو پسمنظر بيان ڪندي ناول جي ليکڪا يانگ مو لکي ٿي، ”جن سالن جي هيءَ ڪھاڻي آهي، انھن ڏينھن ۾ آءٌ خود شاگردياڻي هُيس، پر تعليم جاري رکي نہ سگهيس ۽ گذر سفر جي ڳولا ۾ بہ ناڪام رهيس، اهو منھنجو ذاتي تجربو آهي تہ انھن ڏينھن چين جا دانشور سخت تڪليفن کي مُنھن ڏيئي رهيا هئا ۽ نوجوانن جي لاءِ ان کان سواءِ ٻي ڪابہ واھہ ئي نہ هئي تہ هو ڪميونسٽ پارٽيءَ جو ساٿ ڏين ۽ انقلاب ۾ شريڪ ٿين، اها ڳالھہ ذهن ۾ رکي مون ”لين تائو چنگ“ جو ڪردار تخليق ڪيو، هيءَ ڪھاڻي پراڻي سماج جي خلاف هڪ نوجوان دانشور جي احتجاج جو آواز آهي.“
ناول جو هيرو، ’لين تائو چنگ‘ نہ رڳو يونيورسٽيءَ ۾ دانشوراڻن بحثن ۾ حصو ٿو وٺي، پر شاگرد جدوجھد جي قيادت بہ ڪري ٿو، هو پنھنجي ساٿين سان گڏ ڪومنتانگ جي ظلمن جي خلاف احتجاجي مظاهرا منظم بہ ڪري ٿو ۽ تحريڪ ۾ گهڙي ايندڙ موقعي پرستن ۽ جاسوسن جي چالن ۽ بدمعاشين کي پڻ مُنھن ٽوڙ جواب ڏي ٿو، حڪومت شاگرد سياست کي هائيجيڪ ڪرڻ ۽ ناڪام ڪرڻ لاءِ ڪھڙا حربا ٿي هلائي ۽ شاگرد قيادت انھن کي ڪيئن ٿي منھن ڏي، ليکڪا ’يانگ مو‘ اهو سڀ ڪجهہ اهڙي تہ سُھڻي نموني لکيو آهي جو ناول هڪ ڀيرو هٿ ۾ کڻڻ کانپوءِ ڇڏڻ تي دل ئي نٿي چوي. ويجهڙ ۾ جڏهن مون اهو ناول جڏهن ٻيھر پنھنجي لائبريري مان کڻي پڙهيو تہ مون کي خيال آيو تہ اهڙيون جدوجھدون تہ سُنڌ ۾ بہ هليون آهن، پر افسوس جو انھن کي فڪشن واري انداز ۾ نہ لکيو ويو آهي، چوٿين مارچ جي تحريڪ جي حوالي سان ڪجهہ ڪھاڻيون تہ لکيل آهن، پر ڪو ناول ڪونھي.
”نوجوانن جو گيت“ جي ليکڪا ’يانگ مو‘ 25 آگسٽ 1914ع ۾ پيڪنگ ۾ ڄائي، مڊل پاس ڪرڻ کان پوءِ پرائمري اسڪول ۾ ماسترياڻي بہ ٿي رهي ۽ پيڪنگ يونيورسٽيءَ مان ’آف ڪئمپس شاگردياڻي‘ جي حيثيت سان تعليم حاصل ڪيائين، جاپان جي خلاف مزاحمتي جنگ شروع ٿي تہ ان ۾ حصو ورتائين. هوءَ ڪيترين ئي اخبارن ۽ رسالن جي ايڊيٽر ۽ ڪيترن ئي سرڪاري عھدن تي پڻ رهي. يانگ مو 1934ع ۾ لکڻ شروع ڪيو، ’نوجوانن جو گيت‘ سندس پھريون ناول هو، جيڪو 1958ع ۾ ڇپيو ۽ دنيا جي ڪيترن ئي ٻولين ۾ ترجمو ٿيو ۽ گهڻي مقبوليت ماڻيائين.
يانگ مو جي ان ناول تي 1959ع ۾ پھريون ڀيرو فلم ٺھي، جنھن کان پوءِ اهو ناول ڪيترائي ڀيرا فلمائجي چڪو آهي.
يانگ مو جا ٻيا ڪتاب هن ريت آهن.
1. My Physicin (1969)
2. Temant (1963)
3. The Red Morning star lily (1964)
4. The Best song in Her prime (1986)
يانگ مو، 11 ڊسمبر 1995ع ۾ بيجنگ ۾ وفات ڪئي.

شھنشاھہ کان شھريءَ تائين

گهڻا سال اڳ منھنجي هڪ دوست جي چوڻ تي مون اهڙن ڏهن پرڏيھي ڪتابن جي فھرست ترتيب ڏني، جن مون کي سڀ کان وڌيڪ متاثر ڪيو. انھن ڏهن ڪتابن ۾ مون چين جي آخري شھنشاھہ ڦواي (Pu-yi) جي آتم ڪھاڻي، جنھن جو انگريزي ترجمو From Emporor to citizen جي نالي سان ڇپيو هو ۽ منھنجو اردو ۾ پڙهيل هو، اٺين نمبر تي رکيو هو. هن سال جي شروع ۾ مون ان ڪتاب جي پھرين ڀاڱي جو سنڌي ۾ ترجمو شروع ڪيو، جيڪو اڌ هتي ۽ باقي اڌ جو ترجمو چين ۾ پورو ڪيم.
هڪ ڏينھن نئننگ جي مشھور ۽ مرڪزي هنڌ ’ڇائو يانگ‘ اسڪوائر ۾ ڪتابن جي دڪانن ۾ ڪتاب ڏسندي منھنجي نظر ان ڪتاب جي پھرين ڀاڱي تي پئي. جيڪو ڏسي خوشي جي حد ئي نہ رهيم ۽ اندازو ٿيم تہ اهو ڪتاب اڃا بہ چين ۾ پڙهيو وڃي ٿو. ڪتاب جي بئڪ ڪور تي ڪتاب جي تعارف ۾ لکيل آهي. ’ڦو اي هڪ اهڙي شخصيت آهي، جنھن کي چين جي جديد تاريخ ۾ نظر انداز نٿو ڪري سگهجي. هن ڪتاب ۾ ويجهڙائيءَ واري چيني تاريخ جا ڪيترائي اهم واقعا بيان ڪيا ويا آهن.‘
حقيقت ۾ ڪتاب ايترو تہ دلچسپ آهي، جو منھنجي خيال ۾ ان ڪتاب جي تذڪري کان سواءِ پنھنجو هي سفرنامو ’اڻ پورو‘ ٿو سمجهان.
عام طور تي غريبيءَ کان اميريءَ تائين جو سفر پيو ٻُڌبو آهي، پر هن همراھہ جي ڪھاڻي اميريءَ کان غريبيءَ جو سفر آهي، جنھن کي ڪيترائي ماڻھو ’اونداهيءَ کان روشنيءَ جو سفر‘ بہ سڏين ٿا. ڦو اي، چين تي حڪمراني ڪندڙ ’ڇنگ‘ گهراڻي جو آخري بادشاھہ هو. جيڪو چين جي بادشاھہ ’ڪئانگ شيو‘ جي چالاڻي کان پوءِ 1908ع ۾ ٽن سالن جي وهيءَ ۾ تخت تي ويٺو. ٽن سالن کان پوءِ 1911ع ۾ انقلاب آيو ۽ چين ۾ رعيتي راڄ قائم ٿيو. بادشاھہ تخت تان دستبردار ٿيو ۽ ’ڊاڪٽر سن يات سين‘ رعيتي راڄ جو صدر مقرر ٿيو. پر هو 1924ع تائين پنھنجي گهراڻي جي اصلي شاهي محلات يعني ’محل ممنوع‘ [forbidden city] اندر رهندو آيو. اُن وچ ۾ کيس هڪ ڀيرو بادشاھہ بنائڻ جي ڪوشش ٿي ۽ ٻارهن ڏينھن تائين سندس نئين بادشاهي هلي. ان کان پوءِ وري انقلاب سبب نہ رڳو تخت تان لھڻو پيس، پر 1924ع ۾ محلات مان بہ تڙي ڪڍيائونس ، جتان پھرين هو پنھنجي پيءُ جي گهر آيو، پوءِ ڀڄي وڃي جاپاني سفارتخاني ۾ پناھہ ورتائين. 1931ع ۾ جاپانين، چين جي علائقي ’منچوريا‘ تي قبضو ڪيو ۽ 1932ع ۾ کيس ’منچوريا‘ جو ڪٺ پتلي بادشاھہ بنايو ويو [جاپاني ’منچوريا‘ کي مانچوڪو چوندا هئا] 1932ع کان 1945ع تائين هو ’منچوريا‘ جو ڪٺ پتلي بادشاھہ رهيو. پر ٻي مھاڀاري جنگ ۾ جاپان جي شڪست کانپوءِ، نہ رڳو ’ڦو اي‘ جي ڪٺ پتلي بادشاهي پوري ٿي، پر کيس جنگي ڏوهاريءَ جي حيثيت سان گرفتار ڪيو ويو. هاڻ هو روسين جو قيدي بنجي ويو. پنجن سالن کان پوءِ چين تي ڪميونسٽ پارٽي ۽ مائوزي تنگ جي حڪومت قائم ٿي تہ هن کي بہ ٻين جنگي قيدين سان گڏ چين موڪليو ويو. هن کي پڪ هئي تہ چين پھچڻ کان پوءِ کيس ماريو ويندو، پر ائين نہ ٿيو. هن کي جيل ۾ رکيو ويو ۽ کيس پاڻ سُڌارڻ جي پروگرام تحت، تبديل ٿيڻ جو موقعو ڏنو ويو. هن اُتي ڏھہ سال وڌيڪ قيديءَ جي حيثيت سان گذاريا. اُن وقت چين ۾ اها ڳالھہ عام طور تي ٻُڌڻ ۾ ايندي هئي تہ (جڏهن شھنشاھہ ڦو اي چين ۾ هو) ڪڏهن ڪڏهن مائوزي تنگ چرچي ۾ چوندو هو، ”مون کان پوءِ منھنجي تخت جو وارث ’ڦو اي‘ ٿيندو.“
جيل مان نڪرڻ کان پوءِ کيس عام زندگي گذارڻ جي موڪل ڏني وئي ۽ حڪومت پاران کيس مالھيءَ جي نوڪري ڏني ويئي تہ ويٺو گُلن کي پاڻي ڏي. اهڙيءَ طرح چين کي سُھڻو بنائڻ ۽ ڪجهہ سندس بہ خذمت ڳڻي ويندي. پاڻ ڏيڍ سال تائين اها نوڪري ڪيائين، تنھن کان پوءِ کيس پنھنجي سرگذشت لکڻ جو ڪم ڏنو ويو.
جڏهن 1959ع ۾ کيس عام معافي ڏيئي جيل مان ڪڍيو ويو تہ سندس چواڻي ’هو پاڻ ۾ تبديلي محسوس ڪرڻ لڳو ۽ هڪ نئين ماڻھوءَ جي روپ ۾ بدلجي چڪو هو.‘ سندس زندگيءَ جا اهي آخري سال هئا، جن ۾ هن صحيح طرح هڪ نارمل زندگيءَ جو مزو ماڻيو، نہ تہ ان کان اڳ هن آزاديءَ بابت ڪڏهن سوچيو بہ نہ هو. هاڻ هو عام ماڻھن وانگر ڪم ڪار ڪندي ۽ گهٽين ۾ سائيڪل هلائيندي نظر اچڻ لڳو. پنجاھہ سال اڳ هو چين جي شھنشاهيت جو ڌڻي هو. هزارين ڪمرن واري محل ۾ رهندو هو. جنھن ۾ هزارين مرد، زالون ۽ کدڙا خدمتگار هونداهئا. هاڻ هو هڪ سادڙي گهر ۾ رهڻ لڳو. سستين ۽ عام هوٽلن ۾ چانھہ ۾ ڊبل روٽي پُسائي کائڻ لڳو ۽ سرڪاري بسين ۾ عام ماڻھن جيان ٽڪيٽ وٺي سفر ڪرڻ لڳو.
اهڙي ئي هڪ واقعي جو ذڪر ڪندي هو لکي ٿو:
”مون جڏهن پھريون ڀيرو بس ۾ سفر ڪيو تہ پنھنجي ماسات کي صفا ڊيڄاري ڇڏيم. آءٌ قطار ۾ بيٺو بس جو اوسيئڙو ڪري رهيو هوس. مون ڏٺو تہ ٻيا ماڻھو پوڙهن ۽ ٻارن کي بس ۾ پھرين چڙهڻ جي لاءِ جاءِ ڏيڻ خاطر هڪ پاسي هٽي ٿي ويا ۽ هڪ عورت جيڪا منھنجي پويان بيٺي هئي، مون تنھن کي پھرين بس ۾ چڙهڻ جو موقعو ڏيڻ خاطر هٽي پويان ٿيس، مون کي ڪھڙي خبر تہ اها بس جي ڪنڊيڪٽر هئي. هن جڏهن ڏٺو تہ آءٌ بس ۾ نہ پيو چڙهان تہ هوءَ چڙهي ويئي ۽ بس جو دروازو بند ٿيو ۽ بس رواني ٿي ويئي. ٿوري دير کان پوءِ منھنجو ماسات ٻي بس اسٽاپ تان بس مان لھي ڊوڙندو آيو ۽ اسان پري کان هڪ ٻي کي ڏسي کلڻ شروع ڪيو.“
اهڙي ئي هڪ ٻي واقعي جو ذڪر ڪندي ’ڦو اي‘ لکي ٿو:
”آءٌ جڏهن پھريون ڀيرو حجام جي دوڪان تي چڙهيس، پر سچ اهو آهي تہ اهو ٻيو ڀيرو هو، جو آءٌ حجام جي دوڪان تي ويو هوس، ڇو تہ پھريون ڀيرو آءٌ ٽيھہ سال اڳ ”ٿيئن چن“ ۾ هڪ ڀيرو ”چوانگ يون ان ڪمپني“ وارن وٽ وار لھرائڻ ويو هوس. پر هن ڀيري مون سان جيڪو واقعو پيش آيو، اهو پھريون واقعو هو. آءٌ ڪرسيءَ تي ويٺس تہ منھنجي نظر هڪ عجيب ۽ غريب شئي تي پيئي. ان جھڙي شئي مون اڳ ”هاربن“ جي هڪ ڊپارٽمينٽل اسٽور ۾ ڏٺي هئي. مون حجام کان پڇيو تہ ”هيءَ جيڪا منھنجي ڀر ۾ شئي پيئي آهي ۽ ’زون زون‘ جا آواز پيئي ڪڍي اها ڇا آهي؟“ هُن ٻڌايو تہ اها وارن کي سُڪائڻ جي مشين آهي. مون پڇيس تہ ”تون پھرين وارن کي سُڪائيندو آهين يا ڪٽيندو آهين؟“ منھنجي ان سوال تي هو حيران ٿي ويو ۽ چيائين، ”ڇا تو اڳ ۾ ڪڏهن وار نہ لھرايا آهن؟“ سندس خيال هو تہ آءٌ ساڻس چرچا پيو ڪريان. جڏهن ڳالھہ کيس سمجهہ ۾ آئي تہ اسين ٻيئي ڏاڍو کلياسين ۽ مون جڏهن وارن کي سُڪائڻ واري مشين جي ’زون زون‘ جو آواز پنھنجي مٿي تي ٻُڌو تہ مون کي ڏاڍي خوشي ٿي.“
جيل مان نڪرڻ ۽ نارمل زندگي گذارڻ دوران ”ڦو اي“ چين ۾ تبديل ٿيل سماج کي ڪيئن ڏٺو. اُن جو ذڪر ڪندي هو لکي ٿو:
”آءٌ ريل ۾ سفر ڪري رهيو هوس. ٻاهر برف سان ڍڪيل سُھائو ۽ وشال علائقو منھنجي آئيندي جيان پکڙيو پيو هو. گاڏيءَ ۾ آءٌ عام مزدورن سان گڏ ويٺو هوس. منھنجي زندگيءَ ۾ اهو پھريون ڀيرو هو، جو آءٌ هنن سان گڏ ويٺو هوس. يا ساڻن گڏ سفر ڪري رهيو هوس. مون کي هنن سان گڏجي پنھنجي وطن جي اڏاوت ڪرڻي هئي. انھن سان هڪ جسم ٿيڻو هو.نہ، پر آءٌ تہ اڳ ۾ ئي هنن سان هڪ جسم ٻہ دليون بنجي چڪو هوس.
... ٽرين ۾ سوار ٿيڻ کان ٿوري دير پوءِ هڪ اهڙو واقعو ٿيو، جنھن مون کي اُن معاشري جو مقام ڏيکاري ڇڏيو. جنھن ۾ آءٌ شامل ٿي رهيو هوس ۽ مون کي اُنھن ماڻھن کي گُڻن کان بہ واقف ڪري ڇڏيو، جن جي وچ ۾ آءٌ ويٺو هوس. گاڏيءَ جو هڪ ملازم ۽ هڪ مسافر عورت هڪ ننڍڙي ٻارڙي لاءِ جڳھہ ڳولھيندا اچي اسان جي بوگيءَ ۾ نڪتا، جيڪا هنن جي ٻانھن ۾ هئي. منھنجي پويان ويٺلن هڪ سيٽ خالي ڪري ڇڏي. عورت ٻارڙيءَ کي سيٽ تي ليٽائي ڇڏيو ۽ مٿس جُهڪي ويئي. هوءَ ڏاڍي فڪرمند نظر پئي آئي. هڪ مسافر پُڇيس، ”ٻارڙي بيمار تہ ڪونھي، جي بيمار آهي تہ کيس گهر کان ٻاهر ڇو آندو اٿئي؟“ عورت جي جواب اسان کي حيران ڪري ڇڏيو تہ هو اسٽيشن جي ڀرسان هڪ اسڪول ۾ ماسترياڻي آهي. ڪلاس هلندي اوچتو ٻارڙيءَ جي پيٽ ۾ سور شروع ٿي ويو. اسڪول جي طبي عملي جي ڪارڪنن کي ’اپينڊڪس‘ جو شڪ ٿيو ۽ هن چيو تہ کيس هڪدم اسپتال پھچايو وڃي. جيئن تہ ٻارڙيءَ جا والدين هڪ ڏورانھين هنڌ تي کاڻ ۾ ڪم ڪندا هئا، تنھنڪري ايترو وقت نہ هو، جو انھن کي چئي سگهجي تہ اچي کيس اسپتال وٺي وڃو. آپريشن جي لاءِ کيس کاڻ جي اسپتال پھچائڻ لاءِ بہ ڪافي وقت لڳي ها. تنھنڪري ماسترياڻيءَ کيس بنا دير جي سڌو ٽرين ۾ ’شي يانگ‘ نيئڻ جو فيصلو ڪيو.پليٽ فارم جي عملي کيس اها موڪلي ڏني تہ هوءَ ڀلي ٽڪيٽ جي قيمت ٽرين ۾ ئي ادا ڪري ۽ کيس اهو بہ ٻُڌاين تہ هو ”شن يانگ“ وارن کي چئي ڇڏيندا تہ هنن جي سار سنڀال لھن. اهو سڀ ڪجهہ ٻُڌي ۽ ڏسي مون کي خيال آيو تہ آءٌ جنھن سماج ۾ شامل ٿيڻ وارو آهيان، اهو تہ منھنجي تصور کان بہ سُٺو آهي.“
پير علي محمد راشدي 62-1961ع ۾ چين ۾ پاڪستان جو سفير هو. ان دوران هن چيني حڪومت جي اجازت سان ’ڦو اي‘ سان ملاقات ڪئي، جنھن جو ذڪر هو پنھنجي ڪتاب ’چين جي ڊائري‘ ۾ ڪندي لکي ٿو:
”دروازو کُلندي ئي چين جو آخرين تاجدار سامھون بيٺل نظر آيو. ترجمان تعارف ڪرائيندي چيو، ”هي مسٽر (Pu-Yi) آهي.“ مون سان ۽ اسان جي ترجمان سان مصافحو ڪرڻ بعد اسان کي وٺي وڃي ڪونچن تي ويھاريائين. ويھڻ کان پوءِ گفتگو شروع ٿي. ڳالھين ڪندي ٻڌايائين تہ ”آءٌ اڄڪلھہ پنھنجي سوانح لکي رهيو آهيان. جنھن جو عنوان آهي ”منھنجي زندگيءَ جو پھريون اڌ.“ في الحقيقت ڪتاب تيار ٿي چڪو آهي ۽ هينئر ان تي نظرثاني پئي ٿئي.
منھنجي زندگيءَ جو اهو حصو سچ پڇو تہ نھايت ئي حقير هو. اهو عرصو مون عوامي مقاصد جي خلاف هلندي بسر ڪيو. فيوڊل ازم، سامراجيت ۽ نوڪر شاهيءَ جي نقش قدم تي هلندي. آءٌ گويا هڪ ڀُوت هوس. ڪميونسٽ پارٽي ۽ چيئرمين مائو مون کي نئين زندگي عطا ڪئي آهي. اصلوڪو ’ڦو اي‘ مري چڪو آهي، هيءَ نئين زندگي عوام جي خذمت ڪندي پوري ڪندس. ابتدائي دور اندر منھنجي روح تي ’فيوڊل‘ خيالات جو قبضو هو. بطور دشمنن جي هڪ هٿ ٺوڪئي بادشاھہ جي، مان پنھنجي ملڪي ڀائرن سان بي وفائي ڪري چڪو هوس. منھنجي هٿان ڪڏهن بہ پنھنجي ملڪي ڀائرن جي خذمت ٿي نہ سگهي هئي. منھنجي زندگي شرمناڪ هئي، جيڪا Exploitation صرف ٿي ٿي. اهو نتيجو هو تعليم ۽ پرورش جو، جيڪا مون کي پنھنجي خاندان ذريعي ملي هئي ۽ جنھن پٽاندڙ مون ۾ آرزو هئي تہ آءٌ بادشاھہ ٿي رهان. اها آرزو تخت تان لھڻ ۽ رعيتي راڄ قائم ٿيڻ کان پوءِ بہ بدستور قائم رهي. ان آرزوءَ پوري ڪرڻ خاطر مون کي پنھنجي ماڻھن ۽ عوام جو باغي بڻجي، امپريلسٽ ۽ وار لارڊس جي هٿن ۾ کيڏڻون پيو.
... چيئرمين مائو ۽ ڪميونسٽ پارٽيءَ جي ذريعي مون کي نئون سبق مليو آهي ۽ آءٌ ٻيھر ڄائو آهيان ۽ اُن سبق جي دوران ئي مون کي پروڙ پيئي تہ هڪ انسان کي ٻي انسان جي Exploitation نہ ڪرڻ گهرجي. هينئر آءٌ عوام جو هڪ جزو آهيان ۽ پنھنجي گذريل زندگيءَ کي شرمناڪ پيو سمجهان.“
مون موٽائي سندس ڪتاب جو ذڪر ڇيڙيو. مون چيس تہ جيڪڏهن اوهين اجازت ڏيو تہ اوهان جي ڪتاب جي سلسلي ۾ ڪجهہ مشورا عرض ڪريان، ڇو تہ اوهان جو ڪتاب سڄي دنيا پڙهندي ۽ آءٌ ضروري ٿو سمجهان تہ ان ۾ ٻاهرين دنيا جي نقطہ نگاھہ موجب ڪجهہ ڳالھيون شامل هجن. جھڙوڪ: اوهان جو ڪتاب محض هڪ اقبالي مجرم جي ڪٿا يا عدالتي بيان طور دنيا جي اڳيان نہ اچڻ گهرجي. ٻاهرين دنيا تي اُن جو خراب اثر پوندو، هرڪو چوندو تہ اوهان مجبوريءَ جي حالت ۾، پاڻ کي ذليل ڪرڻ ۽ ڪميونسٽ حڪمرانن کي خوش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اوهان ڪتاب ۾ ڪجهہ مرچ مصالحا وجهي، کيس دلچسپ بنايو ۽ پنھنجي خانگي زندگيءَ جا ڪجهہ واقعا بيان ڪريو. محلات جي زندگيءَ تي روشني وجهو. پنھنجي دلچسپين ۽ مشغولين جو ذڪر ڪريو (ته) اوهان کي ڪھڙا شوق هئا. ڪڏهن عشق عاشقيءَ جو معاملو بہ رهيو يا نہ غرض تہ ان قسم جون ڳالھيون ڪتاب ۾ اچڻ گهرجن، جيئن اهو ڪتاب هڪ دلچسپ Human Document بڻجي پيئي. ٿي سگهي تہ ان کي باتصوير بہ بڻايو.
پاڻ کيسي مان نوٽ بوڪ ڪڍي، خيال سان اهي پوائنٽ لکندو ويو. گفتگو هلندي، سندس هڪ پير ۽ هٿ متحرڪ ٿي رهيو. جيئن نروس ماڻھن جو حال هوندو آهي ۽ غير شعوري طور تي ڄنگهہ يا ٻانھن هلندي رهندي اٿن.
سوا ڪلاڪ گذري چڪو هو. سندس وڌيڪ وقت وٺڻ مناسب نہ سمجهي آءٌ اُٿس، پر اُٿڻ کان اڳ سندس تصوير ڪڍڻ جي اجازت ورتم، جيڪا خوشيءَ سان ڏنائين ۽ پاڻ ڪپڙا سڌا ڪري پوز ڪرڻ لڳو. مون ٻہ ٽي ايڪسپوز ڪڍي ورتا. ان کان پوءِ اسان کي ٻاهر موٽر تائين وٺي آيو. ايستائين بيٺو سلام ڪندو رهيو، جيستائين اسان جي موٽر احاطي کان ٻاهر نڪري ويئي.“
پنھنجي ڪتاب جي حوالي سان ساڻس پرڏيھين جي ملاقاتن جو ذڪر ڪندي ’ڦو اي‘ لکي ٿو:
”ڪيترن ئي غير ملڪي دوستن کي منھنجي ڪتاب سان دلچسپي پيدا ٿي. غير ملڪي مزمان ۽ اخبار نويس مون سان ملڻ ۽ منھنجي تجربن، خاص ڪري گذريل سالن ۾ منھنجي اصلاح جي باري ۾ پُڇندا آهن. هڪ لاطيني آمريڪي دوست چوڻ لڳو: اُن مان هڪ ڀيرو ٻيھر اها ڳالھہ چٽي ٿي ويئي تہ ’فڪر مائوزي تنگ ڪيڏو نہ عظيم آهي.‘ هن مون کي چيو تہ جلدي پنھنجو ڪتاب لکي پورو ڪريان. هڪ ايشيائي دوست چوڻ لڳو، ’مون کي اميد آهي تہ جيئن ئي تنھنجي ڪتاب جو انگريزي ڇاپو ڇپجندو، تون مون کي ان جي هڪڙي ڪاپي موڪليندين، تہ جيئن اهو آءٌ پنھنجي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪري سگهان ۽ منھنجي ملڪ جو عوام بہ تنھنجو حيران ڪندڙ داستان پڙهي سگهي.“
’ڦو اي‘ جو اهو ڪتاب چين ۾ سرڪاري سطح تي ڇاپيو ويو ۽ چين جي ’غير ملڪي زبانن جي اشاعت گهر‘ ان جا دنيا جي ڪيترين ئي ٻولين ۾ ترجما ڪرائي، چين مان ئي شايع ڪرايو. سڄو ڪتاب ايترو تہ دلچسپ ۽ حيرت ۾ وجهندڙ آهي جو هڪ ئي ساهيءَ ۾ پڙهڻ تي دل ٿي چوي. ڪتاب جو اسلوب بہ نھايت سادو، پر دل کي ڇُھندڙ آهي.
ڦو اي 1967ع ۾ ڪئنسر وگهي وفات ڪئي.
چين جي هن آخري شھنشاھہ جي زندگيءَ تي مشھور ڊائريڪٽر ’برٽولسي‘ The Last Emperor جي نالي سان فلم بہ ٺاهي، جيڪا ممڪن آهي تہ گهڻن ڏٺي بہ هجي.

زوشي [1902ع-1931ع]

مون جڏهن گذريل صديءَ جي اسي واري ڏاڪي ۾ چين جي شھيد اديب ’زوشي‘ جو بيجنگ جي ’غير ملڪي زبانن جي اشاعت گهر‘ پاران اردو ۾ ترجمو ٿي ڇپيل، ٻن ڪھاڻين ۽ هڪ ناول جو ترجمو ”آمد بھار“ جي نالي سان پڙهيو تہ مون کي ڏاڍو وڻيو ۽ هڪدم ٻن ڪھاڻين ’قانون جي ڀڃڪڙي‘ ۽ ’مسواڙي زال‘ جا سنڌي ۾ ترجما ڪيم ۽ اهي ٻيئي ڪھاڻيون ٽه ماهي ”مھراڻ“ جي مختلف اشاعتن ۾ ڇپيون ۽ پوءِ جڏهن 2021ع ۾ منھنجي ترجمو ڪيل ڪھاڻين جو ٻيو مجموعو ”مسواڙي زال“ ڇپيو تہ ان ۾ پڻ شامل ڪيم. مون زوشي جي ناول ’آمد بھار‘ جو سنڌي ۾ ”بھار نيٺ مُرڪندو“ جي نالي سان ترجمو ڪرڻ شروع ڪيو، جيڪو ٻن ٽن بابن کان وڌيڪ ترجمو ڪري نہ سگهيس ۽ منھنجي سدائين خواهش رهي تہ ان ناول جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪريان. گذريل سال مون اهو ناول پنھنجي دوست اصغر گُگو کي ڏنو تہ هو سنڌي ۾ ترجمو ڪري، پر هو بہ مصروفيتن سبب ترجمو ڪري نہ سگهيو.
زوشي، چين جي ’چيھه چيانگ‘ پرڳڻي جي نينگ هائي ڪائونٽي ۾ 1902ع ۾ جنم ورتو. سندس گهراڻون ڪيترين ئي پيڙهين کان علمي گهراڻون هلندو پي آيو. پر سخت مالي مشڪلاتن جي ڪري، سندس پيءُ کي واپار وڙو ڪري گذر سفر ڪرڻون پيو. مالي مشڪلاتن جي ڪري زوشي ڏهن سالن تائين اسڪول ۾ داخل ٿي نہ سگهيو. هانگچو جي ”فرسٽ نارمل اسڪول“ ۾ پڙهائي جي دوران ”ڳاڙهو صبح“ نالي ادبي سٿ ۾ شامل ٿيو ۽ ادبي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ لڳو. گريجوئيشن کان پوءِ پنھنجي اباڻي ڳوٺ اچي هڪ پرائمري اسڪول ۾ پڙهائڻ لڳو. ان کان پوءِ هو هڪ مڊل جي اسڪول جو هيڊ ماستر ٿيو. 1928ع ۾ شنگهائي ويو، جتي سندس ”لوهسون“ سان دوستي ٿي ۽ اتي ئي ساڻس گڏ هڪ ماهوار رسالي ۾ ڪم ڪرڻ لڳو. تنھن کان سواءِ ان زماني ۾ زوشي ”صبح جا گل“ ۽ ”باغ فنون“ رسالي جي ادارت بہ ڪندو هو، جيڪي ”لوهسون‘ ئي هلائيندو هو. ان زماني ۾ زوشيءَ ادبي تخليقن سان گڏوگڏ پرڏيھي ادب جا چيني زبان ۾ ترجما پڻ ڪيا.
1930ع ۾ جڏهن کاٻي ڌر جي اديبن جي ’ادبي سٿ‘ جي جوڙجڪ ٿي تہ هو ان جي ورڪنگ ڪميٽيءَ جو ميمبر چونڊيو ۽ ان سٿ/ سنگت جي ماهوار رسالي ”پڙاڏو“ جي ادارت جا فرض سرانجام ڏنائين. ساڳئي سال مئي مھيني ۾ هن چين جي ”سوويت“ علائقن جي قومي ڪانگريس ۾ هڪ نمائندي جي حيثيت سان شرڪت ڪئي. کيس 17 جنوري 1931ع تي ’چيانگ ڪائي شيڪ‘ جي ڇاڙتن گرفتار ڪري ورتو. 7 فيبروري جي شام جو چيانگ ڪائي شيڪ جي درندن ڳجهي نموني پنجن نوجوان اديبن کي قتل ڪري ڇڏيو. انھن ۾ زوشي بہ شامل هو. جڏهن تہ ٻيا چار نوجوان اديب فنگ کنگ، ’لي وي سن ين فو‘ ۽ هويھه ڦنگ شامل هئا. ڪومنتانگ جي ان ظالماڻي ڪاروائي تي چين جي ادبي دنيا کي سخت صدمون رسيو. انھيءَ سال 25 اپريل تي نامياري چيني اديب ”لوهسون“ جو هڪ مضمون ڇپيو. جنھن جو عنوان هو، ”چين جو پرولتاري انقلابي ادب ۽ ان جي بانين جو قتل.“ ان مضمون ۾ لوهسون لکيو، ”اڄڪلھہ وجود ۾ ايندڙ چيني انقلابي پرولتاري ادب، الزام تراشين ۽ اذيب رسانيت جي باوجود بہ ان جو پھريون باب اسان جي ساٿين جي رت سان لکجي چڪو آهي.“
زوشي جي ادبي زندگي جي شروعات 1923ع کان ٿي. سندس ڪھاڻين جو پھريون مجموعو ”چريو ماڻھو“ ڇپيو. جنھن ۾ سندس ڇھہ ڪھاڻيون شامل هيون. اهو مجموعو پاڻ ئي 1925ع ۾ ڇپرايائين. اهي ڪھاڻيون هن 24-1923ع جي وچ واري عرصي ۾ لکيون هيون. سندس پھريون طويل ناول ”ٻُڍاپي جو موت“ ڇپيو. ”چريو ماڻھو“ ۽ ”ٻُڍاپي جو موت“ اهي ٻيئي تخليقون نئين جمھوري انقلاب جي شروعاتي دور جون رومانوي تخليقون آهن. جن ۾ بدنصيب نوجوانن جي زندگيءَ جي عڪاسي ڪيل آهي. سندس شروعاتي ڪاوشن تي اُن دور جي مشھور ناول نويس ’يوي تافو‘ جو اثر چٽي نموني نظر ٿو اچي. ’يوي تافو‘ جنھن جو مشھور ناول ’زوال‘ آهي، اُن ۾ پڻ ان قسم جي ماڻھن جي زندگيءَ جي عڪاسي ٿئي ٿي.
زوشيءَ جو هڪ ننڍو ناول ’ٽي ڀينرون‘ اپريل 1929ع ۾ ڇپيو. ان ئي سال نومبر مھيني ۾ سندس ٻيو ناول ”بھار نيٺ مُرڪندو“ منظرعام تي آيو. ”ٻڍاپي جي موت“ وانگر اهي سڀئي ڪھاڻيون بہ نوجوان دانشورن جي غير معمولي معاملن تي مشتمل آهن. انھن مان ”بھار نيٺ مُرڪندو“ کي سندس بھترين تخليق قرار ڏنو ٿو وڃي.
1920ع جي ڏاڪي ۾ عام طور تي چين جا دانشور پنھنجي زندگيءَ مان ڏاڍو غير مطمئن هئا. هو زندگيءَ جي حقيقت کان فراريت جون راهون ڳولھيندا هئا ۽ خراب نموني مايوسيءَ جو شڪار هئا. جنھن جو جواب مڪمل طور تي هڪ نئين واٽ جي ڳولا هئي. شيائو چيئن چيو (ان ناول جو مرڪزي ڪردار) بہ اهڙن قنوطيت پسند نوجوانن مان هڪ هو، جيڪو پنھنجي واٽ جي ڳولا ۽ جستجو ۾ رڌل ٿو نظر اچي.
زوشي جو ٻيو ڪھاڻي ڪتاب ”اميد“ آهي، جنھن ۾ سندس اٺاويھه ڪھاڻيون آهن، جيڪي هن 1928ع ۽ 1929ع جي دوران لکيون. سندس اهو مجموعو ”بھار نيٺ مُرڪندو“ کان پوءِ منظر عام تي آيو هو. انھن ڪھاڻين ۾ ڳوٺن جي هيٺين طبقي جي عوام جي زندگيءَ جي عڪاسي ڪيل آهي. سندس مشھور ڪھاڻي ’ڀوت ۽ سندس زال‘ هڪ رازي جي زندگيءَ جي ڏکن ڀري تصوير ٿي پيش ڪري. اهي ٻئي زال ۽ مڙس پنھنجي ڏک ۽ غم جي ڪري انسان گهٽ ۽ جن ڀوت وڌيڪ ٿا نظر اچن، ”اُنھن جي ڪھاڻي ڪنھن نہ ٻُڌي.“ هڪ ٻڍڙي مائيءَ جي ڏکاري ڪھاڻي آهي، جيڪا مڪمل طور تي هر قسم جي جذبن کان عاري آهي. اها ڪھاڻي مڪمل بي رحميءَ واري سماج کي اگهاڙو ڪري ٿي. تنھن کان هڪدم پوءِ سندس بھترين ڪھاڻي ’مسواڙي زال‘ 1930ع ۾ منظرعام تي آئي. لوهسون جي تخليق ’نئين سال جي قرباني‘ ۽ زوشي جي ڪھاڻي ’مسواڙي زال‘، قديم چين جي ڳوٺاڻي عورتن جي بدنصيبي ۽ ڏکي زندگي جي ڀرپور عڪاسي ڪن ٿيون.
زوشيءَ پنھنجي مختصر ادبي زندگيءَ ۾ تمام گهڻو لکيو، جيڪڏهن هو ڪو منتانگ جي ڇاڙتن هٿان قتل نہ ٿئي ها تہ سندس قلم مان چيني ادب کي ڪيترائي شاهڪار ڪتاب ملن ها. سندس لکڻيون جديد چيني ادب ۾ اهم حيثيت والارين ٿيون.

چيني ادب جي جديد ليکڪا:شائو هونگ

شاعري، ڪھاڻي ۽ ڊرامي وانگر ناول بہ چيني ادب جي اهم صنف آهي. چيني ٻوليءَ جا ڪيترائي اهڙا ليکڪ آهن، جن جي ڪتابن جا انگريزي سميت دنيا جي ڪيترين ئي ٻولين ۾ ترجمو ٿي مڃتا ماڻي چڪا آهن. انھن ۾ مشھور چيني ليکڪہ ’شائو هونگ‘ بہ شامل آهي.
شائو هونگ جو جنم 1911ع ۾ اتر اوڀر چين جي ’هيلونگ جيانگ‘ صوبي جي هڪ شاهوڪار زميندار گهراڻي ۾ ٿيو. سندس پيدائشي نالو ’چنگ ناين‘ هو ۽ اڃا نون سالن جي هئي جو سندس امڙ گذاري ويئي ۽ شائو يانگ جي ذميواري سندس سخت گير ۽ سرد مھر پيءَ تي اچي پئي، پر سندس پالنا سندس پيار ڪندڙ ڏاڏيءَ جي هٿان ٿي. جنھن کيس ڪلاسيڪي شاعري پڙهائي، شائو يانگ ’هاربن‘ جي ڀرسان ڇوڪرين جي هڪ اسڪول ۾ لڳ ڀڳ پنج سال تعليم پرائي. جنھن جي شروعات پندرهن سالن جي عمر ۾ ٿي. چيني، روسي ۽ آمريڪي ادب پڙهڻ کان پوءِ سياسي طور تي ’لبرل‘ سوچ اختيار ڪيائين ۽ جمھوري خيالن جي حمايت ڪرڻ لڳي، پر سندس سرگرمين جي ڪري کيس اُتان ڪڍيو ويو.
سندس سخت مزاج رکندڙ پيءُ تڪڙ ۾ سندس شادي ڪرڻ ٿي گهري، تہ متان هوءُ ڪُٽنب جي نالي تي ڪو ٽِڪو نہ هڻي. زوري شادي کان بچڻ لاءِ ’شائو پنگ‘ پھرين ’هاربن‘ ڀڄي ويئي، جتي هوءَ هڪ پرڻيل ماستر سان رهڻ لڳي پوءِ سندس پويان بيجنگ هلي ويئي. بيجنگ ۾ سندس رهائش جي باري ۾ تفصيل نٿا ملن. ٿي سگهي ٿو تہ اُتي هوءَ پنھنجي ماستر دوست کان ڌار ٿي ويئي هجي. ٻن سالن کان پوءِ هوءَ جڏهن واپس ’هاربن‘ آئي تہ پيٽ سان بہ هئي، تہ بي گهر بہ. هتي سندس واسطو هڪ صحافي ’شائو جون‘ سان ٿيو. جنھن کيس هاربن ۾ پنھنجو ادبي سفر شروع ڪرڻ ۾ مدد ڪئي. 1933ع ۾ سندس ڪھاڻين جو پھريون مجموعو، ’ڊگهو سفر‘ نالي سان ڇپيو. ايندڙ سال هو ٻيئي ’شيڊونگ‘ هليا ويا. جتي شائو هونگ ’زندگي ۽ موت جو ميدان‘ نالي ناول لکيو، جيڪو 1935ع ۾ شنگهائيءَ مان ڇپيو. جيتوڻيڪ شائو يانگ ڪيترن ئي قلمي نالن سان لکيو، پر هوءَ ”شائو يانگ“ جي نالي سان ئي سڃاپجڻ لڳي. سندس ناول ”زندگي ۽ موت جو ميدان“ جيڪو جاپاني والار جي دوران اتر اوڀر چين جي زندگي بيان ٿو ڪري، شائو يانگ جي ڳوٺاڻي پرورش ۽ جاپاني جارحيت جي اڳيان سندس چيني حب الوطنيءَ جي عڪاسي ٿو ڪري، نِقادن ان ناول جي گهڻي واکاڻ ڪئي ۽ ان ناول شائو هونگ کي شنگهائي ۾ هڪ مشھور شخصيت بنائي ڇڏيو. 1936ع ۾ سندس ٻيو نالو ”گهٽيءَ واري بازار“ ڇپيو. انھن ڏينھن جاپاني حملي جي خلاف چيني جدوجھد جاري هئي. شائو هونگ ۽ شائو جون کي شنگهائي ڇڏي ’چونگ چنگ‘ ۾ آباد ٿيڻو پيو. جتي شائو هونگ هڪ اديب ’هوفينگ‘ سان گڏجي کاٻي ڌر جو هڪ رسالو Qu-yne جاري ڪيو.
’شائو جون‘ سان سندس 1936ع ۾ لاڳاپو ختم ٿي ويو ۽ هوءَ هڪ اديب ’ڊينمو هونگيانگ‘ سان هانگ ڪانگ هلي آئي، جنھن سان پرڻو ڪيائين. صحت جي خرابي جي هوندي بہ شائو هونگ لکڻ جاري رکيو. هن پنھنجي دوست ۽ سرپرست ’لوهسون‘ جي ياد ۾ هڪ ناول ”قوم جو روح“ لکڻ شروع ڪيو، جيڪو 1940ع ۾ ڇپيو. اڳتي هن پنھنجو مشھور ناول “هولن دريا جون ڪھاڻيون“ لکڻ شروع ڪيو، جيڪو ڪنھن حد تائين سندس پنھنجي جيون ڪھاڻي آهي، جنھن ۾ هُن پنھنجي اُداس ننڍپڻ کي بيان ڪيو آهي.
شاعراڻي ۽ تاثراتي اسلوب ۾ لکيل اهو ناول اُترين اوڀر چين جي هڪ ڳوٺ جي اندرين دنيا کي بيان ڪري ٿو. ماحول جي قدرتي ۽ سماجي بيان کان مٿي ان احاطي جي تصويرن تائين، جتي ٻڌائيندڙ جي رهائش هئي. ڪھاڻيءَ کي هڪ ننڍي ٻارڙي جي اکين سان پيش ڪيو ويو آهي.
1936ع ۾ جڏهن شائو هونگ اڃا جاپان ۾ هئي تہ هن اهو ناول لکڻ جو سوچيو هو ۽ ’چنگ چونگ‘ منتقل ٿيڻ کان پھرين 1937ع ۾ هن اهو لکڻ شروع ڪيو هو. جاپاني جنگ جيئن تہ ’چونگ چنگ‘ تائين پکڙجي چڪي هئي ، تنھنڪري هوءَ هانگ ڪانگ هلي آئي، جيڪو ان وقت برطانوي ڪالوني هو. هانگ ڪانگ ۾ هوءَ پنھنجي جنم هنڌ کان ڪوهين ڏور هئي، اُتي رهي هن پنھنجي اباڻي ڳوٺ کي ياد ڪندي پنھنجي زندگيءَ جو آخري ناول لکيو. هوءَ وري پنھنجي ڳوٺ وڃي نہ سگهي.
1930ع واري ڏاڪي ۾ جڏهن هوءَ چين منظرنامي تي اُڀري تہ چيني ليکڪن جي گهڻائي جاپاني حملي آورن خلاف جدوجھد خاطر پاڻ کي جنگي ادب لاءِ وقف ڪري چڪي هئي. تنھنڪري گهڻيون تخليقون فن جي دائري مان نڪري نعريبازي جي صنف ۾ داخل ٿي چڪيون هيون. پر شائو هونگ پنھنجي منفرد تحريري انداز کي جاري رکيو ۽ حقيقي معنيٰ ۾ فنڪاراڻو ۽ فيلسوفياڻو ادب تخليق ڪندي رهي. اسان چئي سگهون ٿا تہ ’شائو هونگ‘ پنھنجي وقت کان گهڻو اڳتي هئي. ان زماني ۾ کانئس ۽ سندس هم وطن ساٿي ’شياؤ جون‘ کان ”جاپان مخالف ادب“ جي اميد ڪئي ويئي هئي ۽ مٿن زور ڀريو ويو تہ هوءَ بہ پنھنجو ادب ان خاص تناظر ۾ پيش ڪن. پر ادب ۾ جاپان مخالف پروپينگنڊه ڳولھيندڙن ۽ اڇي کي ڪارو ڪري ڏسندڙن وارن کي فطري طور تي ’شائو هونگ‘ کان مايوسي ٿي، ڇو تہ شائو هونگ جو مقصد جاپان مخالف ليکڪا بنجڻ جو بنھه نہ هو. ٿي سگهي ٿو تہ سندس لکڻين ۾ جاپان مخالف جذبا بہ پيش ڪيا ويا هجن، پر اهو سندس ناولن جو رڳو هڪ ننڍو پھلو آهي.
جڏهن ”هولن دريا جون ڪھاڻيون“ منظرعام تي آيو تہ مٿس ڪميونسٽ نقادن ڇتي تنقيد ڪئي، پر ماؤڊن جھڙي وڏي اديب ۽ نقاد پاران اهو ناول گهڻو ساراهيو ويو، جنھن 1946ع ۾ ناول جو مھاڳ لکيو.
اهو ناول پھرين ’هانگ ڪانگ‘ جي هڪ اخبار ۾ قسطوار ڇپجندو رهيو ۽ ان کان اڳ جو اهو ناول مڪمل ڪتابي صورت ۾ ڇپجي، بدقسمتيءَ سان 1942ع ۾ شائو هونگ گذاري ويئي.
شائو هونگ ڊسمبر 1940ع ۾ هانگ ڪانگ تي جاپان جي چڙهائيءَ دوران بيمار ٿي پئي. هن پنھنجي آخري ڏينھن ’ڪُئين ميري‘ اسپتال ۾ گذاريا ۽ 22 جنوري 1942ع تي گلي جي انفيڪشن سبب جديد چيني ادب جي هيءَ اهم ليکڪا گذاري ويئي.

نوبيل انعام حاصل ڪندڙ چيني اديب مُويان (Mo Yan)

هيستائين جن ٻن چيني اديبن جي حصي ۾ نوبيل پرائز آيو آهي، انھن مان هڪ مُويان آهي، جنھن کي 2012ع جو نوبيل انعام ڏنو ويو. مُويان کان اڳ هڪ ٻي چيني اديب ’گائو چنگ جيان‘ کي سال 2000ع جو نوبيل انعام ڏنو ويو هو، پر هو فرانس ۾ رهي ٿو ۽ فرانسيسي شھري آهي، جڏهن تہ مُويان چين ۾ رهي ٿو.
مويان جو اصل نالو گو ان موئي (Guan Moye) آهي. ’گوان‘ سندس ڪُٽنبي نالو آهي، جڏهن تہ گهر ۾ کيس فقط ’مو‘ چئي سڏيو ويندو آهي، پر سڄي دنيا ۾ سندس شھرت سندس قلمي نالي ’مُويان‘ سان آهي. مُويان جي چيني ٻوليءَ ۾ معنيٰ آهي، ’چُپ يا خاموش رهو.‘
پنھنجي هڪ انٽرويو ۾ ’گوان موئي‘ ٻڌايو تہ ”سندس ذهن ۾ اهو نالو پنھنجي امڙ ۽ پيءُ جي اُن تشبيھه کان پوءِ آيو تہ گهر کان ٻاهر پنھنجي دل جي ڳالھہ زبان تي نہ آڻج.“ ان جو سبب سندس ٻالڪپڻي ۾، 1950ع کان هلندڙ چين ۾ سياسي انقلاب جي صورتحال هئي. سندس قلمي نالي ’مُويان‘ جو سندس لکڻين سان گهرو تعلق آهي. جيڪي چين جي سياسي ۽ جنسي زندگيءَ جو احاطو ڪن ٿيون.
گوان موئي جو جنم 17هين فيبروري 1955ع، شن ڊونگ (Shan Dong) صوبي جي ضلع گاؤمي جي هڪ ڳوٺاڻي علائقي دلان ۾ ٿيو (جنھن کي هن پنھنجن ناولن ۾ گائومي ضلع جي اُترين اوڀرينءَ ڳوٺ جو نالو ڏنو آهي.) سندس پيءَ هڪ هاري هو. ثقافتي انقلاب جي دوران هو اسڪول ڇڏي هڪ پيٽروليم فئڪٽريءَ ۾ ڪم ڪرڻ لڳو. انقلاب کان پوءِ هو ’پيپلز لبريشن آرمي‘ ۾ ڀرتي ٿيو ۽ فوج جي نوڪري جي دوران ئي هن لکڻ شروع ڪيو. ٽن سالن کان پوءِ کيس پيپلز لبريشن آرميءَ جي فن ۽ ادب جي اڪيڊميءَ جي ادب جي شعبي ۾ مقرر ڪيو ويو. جتي هن پنھنجو پھريون ننڍو ناوليٽ A Terns parent Radish ڇپرايو.
مُويان هڪ ليکڪ جي حيثيت سان شروعات چيني ٻوليءَ ۾ سڌارن ۽ هڪ نئين دور جي شروعات ڪندڙ هزارين ڪھاڻيون ۽ ناول لکي ڪئي. سندس پھريون ناول 1981ع ۾ Falling Rain in a Spring night جي نالي سان ڇپيو. سندس تمام گهڻن ناولن جا انگريزي ٻوليءَ ۾ ترجما ٿي چڪا آهن. سندس ناول Red Sorghum Clan شنڊونگ گهراڻي جي 1923ع کان 1976ع تائين وکريل داستاني تاريخ آهي، ان ناول ۾ ليکڪ چيني تاريخ جي هيٺ مٿاهين کي غير روايتي انداز ۾ بيان ڪيو آهي، اهو ناول مختلف نالن جي پنجن حصن تي ٻڌل آهي.
1. Shorgum wine
2. Shorgum funeral
3. Dog Road
4. The odd dead
5. Red Shorgum
اولھہ جا پڙهندڙ سندس ناول Red sorgum wine جي ڪري کيس گهڻو سڃاڻن ٿا. سندس ناول جي ٻن ڀاڱن Sorgum wine ۽ Red shorgum جي نالي سان فلمون ٺاهيون ويون. سندس ايندڙ ناول The Garlic Ballad هڪ سچي ڪھاڻي تي لکيو ويو (ته) گاؤمي ڳوٺ جا ماڻھو ان ڪري حڪومت جي خلاف بغاوت ڪن ٿا تہ حڪومت سندن فصل خريد نہ ٿي ڪري.
’ريپبلڪ آف وائين‘ شراب ۽ لذيذ پڪوانن تي هڪ طنزيہ لکڻي آهي، جنھن ۾ شراب ۽ لذيذ پڪوانن کي چينين جي پنھنجي تباهي پاڻ ڪرڻ جي علامتن طور استعمال ڪيو ويو آهي. سندس ٻي ناول Big Breasts and wide HIPS ۾ هڪ اهڙي عورت جي ڪھاڻي بيان ڪئي ويئي آهي، جنھن جا ’اُرھہ‘ جاپانين جي گولين سان چيٿرن ۾ بدلجي ويا هئا. هي ناول چين ۾ تڪراري رهيو، ڇو تہ ڪجهہ کاٻي ڌر جي نقادن جو خيال هو تہ Big Breasts اشتراڪي فوجين جي منفي ڪردار نگاريءَ طور سامھون اچن ٿا.
لکڻ جي سگهہ سان ڀرپور مُويان پنھنجو ناول Life and death are wearing me out فقط 42 ڏينھن ۾ پنھنجي هٿ سان لکي مڪمل ڪيو. هو پنھنجن ناولن کي ٽائيپ رائٽر بدران هٿ سان لکڻ تي ترجيح ڏي ٿو. ڇو تہ سندس خيال آهي تہ ”ٽائپ رائٽر لفظن جي ذخيري کي محدود ٿو ڪري ڇڏي.“ ان ناول جي ڪھاڻي هڪ اهڙي جاگيردار جي ڪھاڻي آهي، جيڪو زرعي سڌارن جي تحريڪ جي دوران مختلف جانورن جي روپ ۾ بار بار جيئرو ٿئي ٿو. جاگيردار اشتراڪي سماج جو مشاهدو ڪندي ان تي چٿر ڪري ٿو. جھڙوڪ: هو (گڏھہ جي روپ ۾) ٻن خچرن کي پنھنجي خوراڪ مان حصو ڏيڻ تي مجبور ڪري ٿو. ڇو تہ اشتراڪي دور ۾ ”منھنجي شئي تنھنجي ۽ تنھنجي شئي منھنجي“ آهي.
مُويان جا ٻيا بہ ڪيترائي اهم ناول ۽ ڪھاڻين جا مجموعا آهن. مويان پرڏيھي ادب جو مطالعو ترجمن وسيلي ڪندو آهي، (ڇو تہ مويان جي لکڻين جو انگريزي ۾ ترجمو ڪندڙ ’هاورڊ گولڊ بليٽ‘ چواڻي تہ کيس چينيءَ کان سواءِ ٻي ڪابہ زبان نہ ٿي اچي) ۽ سڄي دنيا جي ادب پڙهڻ جو وڏو حامي آهي. هن 2009ع ۾ فرينڪفرٽ جي بوڪ فيئر جي مھورتي تقريب ۾ گوئٽي جي نظريي کي اهو چئي بيان ڪيو تہ، ”ادب ملڪن ۽ قومن جي وچ ۾ موجود سرحدن تي غلبو پائي سگهي ٿو.“
مُويان پنھنجون ڪيتريون ئي ڪھاڻيون پنھنجي اباڻي ڳوٺ، شنڊونگ صوبي جي اُترينءَ اوڀرندي ڳوٺ ’گائومي‘ جي پس منظر ۾ لکيون. جنھن جي باري ۾ مويان جو چوڻ آهي تہ هن محسوس ڪيو تہ وليم فاڪنرجي The Second and the furg جي مطالعي کان پوءِ هو پنھنجي گهراڻي، واقفڪارن ۽ ڳوٺاڻن کي ئي پنھنجا ڪردار بنائي سگهي ٿو. مويان جو اسلوب ماضي ۽ حال، جيئري ۽ مُئل، سٺي ۽ خراب ۾ فرق کي ڌنڌلائڻ جي خوبي رکي ٿو. هو پنھنجن ناولن ۾ پاڻ ئي سوانحي ڪردار طور ظاهر ٿئي ٿو، جيڪو ليکڪ جي ٻين ڪھاڻين ۾ ترميم ڪري ٻيھر ٻڌائي ٿو، سندس عورتاڻا ڪردار، اڪثر پنھنجا روايتي عورتاڻا ڪردار نباهڻ ۾ ناڪام نظر اچن ٿا. آمريڪن ’ٽائم مئگزين‘ ۾ ڊونلڊ مورسين سندس باري ۾ لکي ٿو، ”هو سڀني چيني اديبن مان وڌيڪ مشھور، اڪثر پابندين جو شڪار رهندڙ ۽ گهڻو نقل ٿيندڙ اديب آهي“ ۽ جم ليچ وري کيس ”ڪافڪا ۽ جوزي هيلر جو جواب قرار ٿو ڏي.“
مُويان کي ملندڙ انعامن ۽ اعزازن جي ڊگهي فھرست آهي. کيس 2012ع ۾ نوبيل پرائيز ڏنو ويو ۽ سويڊش اڪيڊميءَ جي سربراھہ ’چٽر اين گليڊ‘ جي چوڻ موجب، ”مويان پنھنجي لکڻين ۾ تخيلاتي حقيقت نگاري کي لوڪ داستانن، تاريخ ۽ سھيوڳي دور سان ڳنڍي ٿو ڇڏي. سندس اسلوب ايترو تہ لاثاني آهي جو اڌ صفحو پڙهڻ کان پوءِ خبر پئجي وڃي ٿي تہ اهو مُويان آهي.“
مويان ’قصہ گو‘ جي عنوان سان پنھنجي نوبيل خطبي ۾ پنھنجي گهراڻي جي شديد مالي تنگدستيءَ جي ذڪر سان گڏ پنھنجي ادبي ۽ غير ادبي زندگي، تخليقن، ڪردار نگاري ۽ موضوعن تي ڀرپور خيالن جو اظھار ڪيو. ان خطبي مان ڪجهہ اهم ڳالھيون هن ريت آهن:
- ”آءٌ آمريڪي ناول نگار وليم فاڪنر ۽ ڪولمبيا جي ناول نويس گابرئيل گارشيا مارڪيز کان گهڻو متاثر هئس. مون انھن کان سکيو تہ هڪ ليکڪ جي پنھنجي سرزمين هئڻ گهرجي، جيڪا فقط هن جي پنھنجي ملڪيت هجي. آءٌ ٻن سالن تائين سندن پيرن تي هلندو رهيس، پوءِ مون کي احساس ٿيو تہ مون کي انھن جي اثر مان نڪرڻون پوندو.
- آءٌ پنھنجون ڪھاڻيون پنھنجي انداز ۾ لکندو آهيان. منھنجو طريقو هڪ بازاري قصہ گو جھڙو آهي، جنھن سان منھنجي چڱي واقفيت آهي، اهو طريقو جيڪو منھنجي ماءُ، پيءُ ۽ پراڻي زماني جي قصہ گوئن جو هو.
- منھنجون شروعاتي ڪھاڻيون منھنجي ذاتي تجربن جا بيانيا هئا. قدرتي طور تي پنھنجا ذاتي تجربا فڪشن ۾ جيئن جو تيئن منتقل نہ ٿا ڪري سگهجن. پوءِ ڀلي اهي ڪيترا بہ لاثاني ڇو نہ هُجن. افساني کي افسانو ۽ تخيلاتي ئي هئڻ گهرجي.
- هر ليکڪ جي لاءِ تخليقي عمل لاثاني هوندو آهي، پوءِ ڀلي سندس تخليق تخيلاتي هجي يا حقيقي.
- منھنجي شروعاتي ڪم کي خود ڪلاميون چئي سگهجي ٿو، جو مون کي پڙهندڙن جو تصور بہ نہ هو، پر پنھنجي ناول Sandad wood death لکڻ جي شروعات سان ئي منھنجي تصور مون کي ڏيکاريو تہ آءٌ چونڪ ۾ بيٺو ٻڌندڙن جي وڏي تعداد کي پنھنجي ڪھاڻي ٻڌائي رهيو آهيان.
مون ڪيترن ئي قسمن جي اسلوبن جو تجربو ڪيو، پر نيٺ آءٌ پنھنجي روايتن طرف موٽي آيس، پر اهو موٽڻ تبديليءَ کان سواءِ نہ هو. مون ان ناول ۽ پوءِ لکجندڙ ناولن ۾ چيني ڪلاسيڪي روايت کي اولھائين ادبي ٽيڪنين سان اڳتي وڌايو آهي. مون پنھنجي ناول The Garlic Ballads ۾ زندگيءَ جي حقيقي ڪردارن کي کنيو آهي، جيڪو ناول ۾ هڪ قصي گو ۽ راڳيءَ جو اهم ڪردار آهي. جيتوڻيڪ ان جا مڪالما ۽ عمل افسانوي آهن، پر آءٌ سندس نالو استعمال نہ ڪريان ها، اهو عمل هر ڀيري مون کان ٿي ويندو آهي. آءٌ حقيقي نالن سان شروعات ڪندو آهيان تہ جيئن پنھنجائپ جو احساس قائم رهي ۽ جڏهن ڪم ختم ٿي ويندو آهي تہ لڳندو اٿم تہ نالن جي تبديلي جو عمل ڪڏهوڪو پورو ٿي چڪو آهي. ماڻھو ناولن ۾ پنھنجا نالا ڏسي ناپسنديدگيءَ جو اظھار ڪرڻ جي لاءِ منھنجي پيءُ وٽ ويندا آهن ۽ هو سدائين مون پاران کانئن معذرت ڪندو آهي ۽ چوندو اٿن تہ هو ان ڳالھہ کي سنجيدگيءَ سان نہ وٺن... منھنجي تازي ناول ’ڏيڏر‘ جي مرڪزي ڪردار منھنجي سڳي ماسي آهي. مون کي ان ڳالھہ تي افسوس ڪونھي تہ، ”ڏيڏر“ ۾ هوءَ منھنجو ماڊل آهي، پر اصل ۽ افسانوي ماسيءَ ۾ گهڻو فرق آهي. افسانوي ماسي ڪاوڙيل ۽ حاوي شخصيت جي حامل آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن تہ جهيڙيڪار بہ، پر منھنجي سڳي ماسي مھربان ۽ نرم سڀاءَ واري ۽ خيال رکندڙ روايتي زال ۽ ٻاجهاري امڙ آهي. منھنجي لاءِ ناولن ۾ وڏو مرحلو سماجي حقيقتن سان منھن ڏيڻ آهي، ان ڪري نہ تہ آءٌ معاشري جي اونداهين پاسن جو نقاد بنجڻ کان ڊڄان ٿو، پر ان ڪري تہ تيز جذبا ۽ ڪاوڙ، سياست کي ادب تي غلبي جو موقعو فراهم ڪري ٿي. سماج جو فرد هئڻ جي ناتي ناول نگار کي پنھنجو موقف بيان ڪرڻ جو پورو حق حاصل آهي، پر لکڻ مھل کيس انسانيت جي موقف کي نظر ۾ رکڻ گهرجي. هڪ لکندڙ جي لاءِ اظھار جو بھترين طريقو سندس لکڻيون آهن.“

باجين (Ba Jin)

(25- نومبر 1904ع- 17 آڪٽوبر 2005ع)

چين ۾ مون جنھن ليکڪ جا ڪتاب وڌ ۾ وڌ ڳولھيا ۽ انھن جي انگريزي ترجمي جي پُڇا ڪئي، اهو باجين هو. نئننگ جي مرڪزي هنڌ ’ڇائو يانگ‘ جي وڏي بوڪ شاپ تي، جيڪو چار ماڙ هو، ڄڻ تہ ڪتابن جو شھر هو، اتي بہ مون کي سندس ڪنھن ڪتاب جو انگريزي ترجمو نہ مليو. البت اتي باجين جا ڪجهہ ڪتاب چيني ۾ ضرور موجود هئا.
چيني نوبيل پرائز ونر اديب مُويان جون تہ ڪجهہ ڪھاڻيون مون پڙهيون آهن، پر اهو بہ عجيب اتفاق آهي تہ اڄ سوڌي مون باجين جي ڪابہ لکڻي نہ پڙهي آهي. پر چيني ادب جو ذڪر باجين جي ذڪر کان سواءِ ٻُسو ۽ اڻ پورو رهندو.
باجين تمام وڏي ڄمار جي ماڻي ۽ هڪ سؤ سالن جي عمر ۾ 17 آڪٽوبر 2005ع ۾ شنگهائي ۾ گذاري ويو. سندس جنم 25 نومبر 1904ع ۾ چنگڊو ۾ ٿيو.
’باجين گذريل صديءَ ۾ عالمي ادب ۾ سڀني کان گهڻو پڙهيو ويندڙ اديب هو ۽ لڳاتار ويھن سالن تائين دنيا جي سڀ کان وڏي ادبي تنظيم ’چائينيز رائٽرس ايسوسيئيشن‘ جو سربراھہ رهيو. ان تنظيم جي وڏي هئڻ جو اندازو ان ڳالھہ مان لڳائي سگهجي ٿو تہ ان تنظيم ۾ فقط عورت ليکڪائن جو تعداد هڪ هزار آهي، چوڏهن وائيس چيئرمنن تي مشتمل اها ايسوسيئيشن هيٺين ستن ذيلي ڪميٽين جي نگرانيءَ ۾ ڪم ڪري ٿي.
اديبن جي حقن، رعايتن ۽ ڀلائيءَ جي ڪميٽي، ٻاراڻي ادب جي ڪميٽي، ادبي رسالن جي ڪميٽي، قومي اقليتن جي ڪميٽي، ادبي نقطہ و نظر جي ڪميٽي، فوجي ادب جي ڪميٽي، پرڏيھي ملڪن سان ادبي معاملن جي ڪميٽي. باجين ان وڏي تنظيم جو سربراھہ هو،جنھن جي ميمبرشپ جو هڪڙو ئي شرط آهي تہ درخواست ڏيندڙ مڃيل شاعر ۽ اديب هجي. اها تنظيم چيني ثقافت ۽ نظرياتي ارتقا جي تشھير ڪري ٿي. پارٽي پاليسيءَ جو اڀياس ڪرائڻ، ادبي ايوارڊ ڏيڻ، ادبي نظرين تي تحقيق ڪرڻ ۽ چين جي مختلف قوميتن جي ادب کي وڌائڻ جو ڪم ڪري ٿي. باجين پنھنجي سڄي عمر انھن ڪمن جي واڌاري ۽ ترقيءَ ۾ لڳائي ڇڏي.
ثقافت واري وزارت سان لاڳاپيل ان تنظيم باجين ۽ سندس سھيوڳي اديبن جي پيرن تي هلندي پنھنجو اهو مشن بنايو تہ ادبي ۽ فني ڪم سچ سان جُڙيل رهي. باطل، وهم پرستي ۽ ڪوڙ جي مخالفت ڪرڻ سان گڏ حسن ۽ نيڪي جو ڳاٽ اوچو ڪجي. باجين 1983ع کان وٺي پنھنجي چالاڻي تائين ان تنظيم جو چيئرمن رهيو. (1)
باجين هڪ وڏي جاگيردار گهراڻي ۾ جنم ورتو. سندس اصل نالو ’لي يائو تانگ‘ آهي، باجين ڏهن سالن جو ٿيو تہ 1914ع ۾ سندس ٻاجهاري امڙ گذاري ويئي، ٽن سالن کان پوءِ سندس پيءَ بہ گذاري ويو. 1919ع ۾ سندس ڏاڏي بہ گذاري ويئي.
1919ع چين جي تاريخ ۾ اهم سال رهيو آهي. جڏهن 4 مئي جي تحريڪ هلي، جنھن جو مقصد جاپاني سامراج جي چين تي ميري اک رکڻ ۽ ويڙهو وڏيرن جي نااهل حڪومت جي خلاف احتجاج هو. جمھوري نظرين سان هٿياربند شاگردن جي شروع ڪيل اُن تحريڪ کان چين جو هر ماڻھو متاثر ٿيو ۽ باجين جھڙو نوجوان تہ ان نئين جمھوري سوچ واري سٿ سان سلھاڙجي ويو.
گهريلو سازش کان بيزار ٿي، باجين 1923ع ۾ شنگهائي ڀڄي آيو. پنھنجي ان قدم کي بيان ڪندي هو چوي ٿو، ”ڄڻ ڀُوائتي پاڇي کان ڇوٽڪارو مليم.“ شنگهائي اچي هو نوجوانن جي ان دانشوراڻي تحريڪ ۾ شامل ٿي ويو، جيڪا وڏيرڪي نظام جي خاتمي جي گهر ڪري رهي هئي.
باجين پنھنجو قلمي نالو روس جي ٻن عظيم شخصيت ’بابا ڪونن‘ ۽ ’ڪروپاتڪن‘ جي لفظن کي ڳنڍي رکيو. ’با‘، باڪونن مان ورتل آهي ۽ ’جين‘ پيٽر ڪروپاتڪن جو بگڙيل چيني اُچار آهي. ايئن نوجوان ’لي يائوتانگ‘ باجين بنجي ويو ۽ باجين ئي سندس دائمي سڃاڻپ بنجي ويو.
1927ع ۾ ’شنگهائيءَ‘ ۾ ڪميونسٽن جي قتل عام جي دوران ’باجين‘ فرانس هليو ويو. 1928ع تائين هو پئرس ۾ رهيو. اتي ئي هن لکڻ شروع ڪيو. انھن لکڻين ۾ هڪ ناول ’تباهي‘ بہ هو. جيڪو 1929ع ۾ ڇپيو. اهو ناول چيني نوجوانن ۾ گهڻو مشھور ٿيو. اهو ناول پيار ۽ انقلاب جي ڪھاڻي آهي. پئرس مان واپس موٽڻ کان پوءِ هن ادب کي ئي پنھنجي ڪئريئر طور چونڊيو.
باجين ڪل ويھه ناول لکيا. سندس ڪھاڻين جو تعداد ستر آهي. سندس لکڻين ۾ انساني آزادي، جمھوريت ۽ انسان جي نفسياتي خود مختياري جي بي انت طلب موجود آهي. هو انساني فطرت بابت گهري ڇنڊڇاڻ ڪندڙ اديبن مان هڪ آهي، سندس سڄي زندگي پنھنجي محبوب وطن چين سان جُڙيل رهي. چيني تاريخ جي باري ۾ هڪ اٿارٽي هو. سندس قلمي زندگي لڳ ڀڳ سٺ سال رهي، سندس لکڻين جا دنيا جي ڪيترن ئي ٻولين ۾ ترجما ٿي چڪا آهن.
ثقافتي انقلاب (1966ع- 1976ع) جي دوران ’باجين‘ بہ عتاب هيٺ آيو ۽ گهڻيون تڪليفون ۽ بي عزتيون سَٺائين. ان جو سبب سندس جاگيردار ڪُٽنب ۾ جنم وٺڻ ۽ پلجڻ هو. پر هو ان ئي جاگيردار سوچ جي خلاف سڄي زندگي وڙهندو رهيو، پر جڏهن انقلاب انڌ جي گهوڙي تي سوار ٿيندو آهي تہ پوءِ ڄڻ سڄو سماج انڌو ٿي وٺ پڪڙ ۾ لڳي وڃي ٿو. نتيجي ۾ ’باجين‘ جھڙا سچا پچا جاگيردار دشمن تڪليفن جي منھن ۾ اچي ويندا آهن. بيشڪ ثقافتي انقلاب جو دور جبر ۽ انڌ جو دور هو، سڄي چين ۾ ’باجين‘ جو نفرت مان ’حد کان وڌيڪ زهريلو ٻوٽو‘ نالو رکيو ويو. هي اهو ئي باجين هو، جنھن لاءِ لوشيون ’هڪ ترقي پسند فڪر رکندڙ ۽ فنڪار ليکڪ‘ جي سند جاري ڪئي هئي.
پر پوءِ هڪ وقت اهڙو بہ آيو، جڏهن چين ۾ باجين جي عزت ۽ وقار بحال ڪيو ويو ۽ 1999ع ۾ چيني سائنسدانن هڪ نئين لڌل گرھہ جو نالو ’باجين‘ جي نالي تي رکيو. 2003ع ۾ کيس ’عوامي ليکڪ‘ جو خطاب مليو.
باجين ناولن ۽ ڪھاڻين کان سواءِ ٻارن جي لاءِ بہ ڪتاب ۽ مضمون لکيا. هو هڪ غضب جو ليکڪ هو. هڪ هنڌ لکي ٿو، ”منھنجي نظرن جي سامھون ڪيترائي دردناڪ منظر آهن، ٻين جا ڏک ۽ خود منھنجون تڪليفون، منھنجي هٿن کي حرڪتن کي مجبور ڪن ٿيون ۽ آءٌ لکڻ جي مشين بنجي ٿو وڃان.“
باجين 1980ع جي ڏاڪي ۾ پنھنجو مشھور ڪتاب Rondom Thuaghts جي نالي سان ڇپرايو. اهو سندس ڊگهين يادگيرين تي ٻڌل آهي. ڪتاب ۾ ثقافتي انقلاب جي عذابن ڀريل زماني جون ڪيفيتون آهن، جتي هو انساني وقار ۽ انساني حقن جي ضمانت جي گهر ٿو ڪري، سندس ايمان آهي تہ آزاد سوچ ۽ سچ چوڻ جي جرئت سان آمريت جون راهون روڪي سگهجن ٿيون ۽ اهو موقف هن ان وقت پيش ڪيو، جڏهن چيني اديب اڃا ايئن ڪرڻ ۾ هٻڪي رهيا هئا. ڪيترن ئي ليکڪن خاموشي اختيار ڪري ورتي هئي، پر باجين فرض جي چوڪيءَ تي قلم ۽ ڪاڳر کنيو ڦڙتيءَ سان چوڪي ڏئي رهيو هو.
1973ع ۾ باجين جي زال گذاري ويئي. کيس پنھنجي زال سان ايترو تہ پيار هو، جو هن ايندڙ ٻٽيھن سالن تائين ٻي شادي نہ ڪئي. هن پنھنجي زال جي ’رک‘ پنھنجي گهر ۾ رکي ۽ اها وصيت ڪيائين تہ جڏهن آءٌ مران تہ منھنجي خاڪ منھنجي زال جي خاڪ سان گڏي وڃي.
باجين چيني ادب جي ’آسمان‘ جو چمڪندڙ ستارو هو. جيڪو اڄ بہ چيني ادب جي آسمان تي ساڳئي آب ۽ تاب سان چمڪي رهيو آهي. سندس چوڻ هو، ”سچ سان محبت ۽ ايمانداريءَ سان زندگي گذارڻ منھنجو ايمان رهيو آهي.“ ۽ باجين جو هي چوڻ ڪيترو نہ شاندار آهي، ”پنھنجو پاڻ سان سچا رهو، ٻين سان بہ سچا رهو.“

حوالا:
1. چين آشنائي، شاھہ محمد مري، فڪشن هائوس لاهور، 2024ع.

چيني شاعري

دنيا جو قديم ادب نثر بدران نظم ۾ ملي ٿو ۽ انھن نظمن کي ئي انھن قومن ۽ ٻولين جو شروعاتي ادب تصور ڪيو وڃي ٿو.
چيني ادب جي شروعات بہ شاعري کان ٿي.
چيني تھذيب ستن هزارن سالن کان بہ پراڻي آهي. چين جي قديم گاڌي جي هنڌ ”شي آن” جي آسپاس کوٽائي جي دوران هزارن جي تعداد ۾ تيراڪوٽا Tera cotta مورتيون ۽ ٻيا آثار مليا آهن. جن مان پتو پوي ٿو تہ لڳ ڀڳ ساڍا ڇھہ هزار سال اڳ هتي ڪا تھذيب پنھنجي پوري ڪمال سان موجود هئي. اهي گهوڙيسوارن جا گهوڙي جي قدبت جيتريون مورتيون مورتي سازيءَ جي فن جا نادر نمونا آهن. جيڪڏهن ان پسمنظر ۾ ڏٺو وڃي تہ چين جي تاريخ حتمي طور تي ستن هزار سالن کان بہ پراڻي آهي. پر چيني مورخ عام طور تي پنھنجي تاريخ جي شروعات ’شيا گهراڻي‘ جي شاهي حڪمراني سان ڪن ٿا. اهو ڏند ڪٿائي دور جو شاهي گهراڻون ٽي هزار سال قبل مسيح اترينءَ چين تي حڪمران رهيو. اهي شھنشاھہ نہ رڳو دنياوي طاقت جو سرچشمو هوندا هئا، پر شرافت، تھذيب ۽ اخلاق جي قديم نظرين جي اعليٰ نمائندگي بہ ڪندا هئا. پراڻين تاريخي شاهدين موجب اهي شھنشاھہ مرڻ کان پھرين پنھنجو اقتدار پنھنجي اولاد کي نہ پر ان دور جي ڪنھن شانائتي مانائتي شخصيت حوالي ڪندا هئا. انھن اوتار صفت حڪمرانن جي دور ۾ چين جي شاعريءَ جي تاريخ موجب پھريون نظم ’هاريءَ جو گيت‘ تخليق ٿيو. ان جو تخليقڪار ڪير هو، ڪنھن کي بہ خبر ڪونھي. ان زماني ۾ شاعري مصوري ۽ خطاطي جي فنن کي فضيلت جو درجو حاصل هو. جيڪو چين جي خاقان ۽ چيني عوام ٻنھي جي نظر ۾ چيني تھذيب جو امتيازي نشان بنجي ويو.
چيني شاعريءَ جي روايت جيتري قديم آهي، ايتري ئي شاندار پڻ. اِن جي شروعات تاريخ کان اڳ جي ڏند ڪٿائي دور ۾ ٿي. چيني شاعري جي ان چونڊ جو پھريون شعر ”هاري جو گيت“ جا سرجڻھار ان دور جا هاري هئا، جيڪي کوھہ کوٽيندا ۽ پوکي راهي ڪندا هئا. گڏوگڏ خواب بہ ڏسندا هئا. ”هاري جو گيت“ جنھن کي چيني شاعري جي پھرينءَ نظم جو درجو ڏنو وڃي ٿو. ان خواب ۽ ان آدرش جو اظھار ڪري ٿو. انفرادي آزادي ان گيت جو مرڪزي موضوع آهي ۽ اهو موضوع پوءِ سرجندڙ شاعريءَ ۾ بہ مرڪزي حيثيت رکي ٿو.
ڏينھن نڪري ٿو تہ اسان بہ نڪرون ٿا.
پنھنجن ڪمن ڪارين لاءِ
شام لڙهي ٿي تہ موٽي اچون ٿا
پنھنجن پنھنجن گهرن ڏانھن
پاڻي پيئون ٿا، کوھہ کوٽي
کائون ٿا پنھنجو پوکي
ڪنھن ’شھنشاھہ‘ جو اسان سان ڪھڙو واسطو؟
”شيھہ چنگ“ اهو شعري مجموعو آهي، جيڪو چيني شعري روايت جو سرچشمو آهي. ان کي چيني شاعريءَ جو بائيبل بہ چيو وڃي ٿو. ’شيھه چنگ‘ يعني ’گيتن جو ڪتاب‘ چيني شاعريءَ ۾ ڪلاسيڪ جو درجو رکي ٿو. ان ڪتاب جي باري ۾ هڪ مصدقه روايت آهي تہ ان جي ترتيب ۽ تاليف دانشورن جي دانشور ’ڪنفيوشس‘ پاڻ پنھنجن هٿن سان ڪئي هئي. ان ڪتاب ۾ شامل ٽن سؤ گيتن/ نظمن ۾ اهڙا نظم بہ شامل آهن، جيڪي ’شانگ گهراڻي‘ جي حڪومتي دور (1154_1766 ق. م) ۾ سرجيا ويا ۽ اهڙا گيت بہ آهن جيڪي ڪنفيوشس پنھنجي زماني يعني ’چؤ گهراڻي‘ جي دور ۾ شاهي عھديدارن لکيا يا عوامي حلقن ۾ تخليق ٿيون. اهو بہ چيو وڃي ٿو تہ انھن ۾ وڏو تعداد اهڙن گيتن جو آهي. جيڪي قديم زماني کان لکت ۾ اچڻ کان سواءِ سيني در سيني منتقل ٿيندا رهيا. پر جڏهن اها لوڪ شاعري لکي ويئي تہ لکندڙن پنھنجي هنرمنديءَ سان انھن ۾ چار چنڊ لڳائي ڇڏيا. بلڪل ائين جيئن ’هو مر‘ جي رزميہ زباني شاعري ’ايليڊ‘ ۽ ’اوڊي سي‘ ۾ منتقل ٿي بي مثال شڪل اختيار ڪري ويئي. اهي گيت جيڪي شروع ۾ ڪچا ڦڪا ۽ فني گهرجن کان خالي هئا، ايندڙ شاعرن جي هٿن مان ڄڻ قلعي ٿي نڪتا.
ڪنفيوشس جو ترتيب ڏنل گيتن ۽ نظمن جو هي مجموعو هڪ صحيفي جي شڪل اختيار ڪري ويو. ’چُو گهراڻي‘ جي زماني ۾ تہ چين جي ان وقت جي ٻين رياستن کي شاهي فرمان يا سفارتي پيغام رسائڻ وقت انھن گيتن جي باقاعدہ قرائت ڪئي ويندي هئي، پر ’هانگ گهراڻي‘ جي دور ۾ اهي گيت مخصوص تمثيلي معنيٰ ۾ استعمال ٿيڻ لڳا. شاهي امتحان ۾ ويھندڙ اميدوار، دانشور ۽ شاعر انھن گيتن جو اکر اکر ياد ڪندا هئا.
”شيھہ چانگ“ جا سرجڻھار ۽ ڪنفيوشس اُترينءَ چين جا رهاڪو هئا. ’چو گهراڻي‘ جي رياست ’پيلي ندي‘ ۽ سندس سھڪاري دريائن جي دامن ۾ پکڙيل هئي. جڏهن تہ ’يانگسي ندي‘ جي واديءَ ۾ هڪ ٻي رياست وڌي ويجهي رهي هئي. جيتوڻيڪ اهو علائقو ’چو گهراڻي‘ جو ڏن ڀرو هو، پر ان جون ثقافتي روايتون مختلف هيون ۽ کين پنھنجي انھن روايتن تي فخر هو. ’چو گهراڻي‘ کان پوءِ ’چن گهراڻي‘ جي حڪومت قائم ٿي. جيتوڻيڪ اهو گهراڻو ٿورو عرصو اقتدار ۾ رهيو، پر ان هڪ تاريخي ڪارنامو سرانجام ڏنو تہ ان رياستن ۾ ورهايل چين کي پھريون ڀيرو متحد ڪيو.
ڇو يوان (278- 343 ق. م) چيني شاعري جو پھريون غير گمنام شاعر سمجهيو وڃي ٿو. جيڪو شاهي درٻار سان لاڳاپيل هڪ سفارتڪار هو، جيڪو اتر جي سخت گير ۽ خشڪ ’چو گهراڻي‘ سان وڙهندو رهيو. هو ڏکڻ جي رومانوي ’شمني نتي‘ مذهب سان لاڳاپيل هو. جنھن جُون نرت ڪندڙ ڌرمداسيون ديوين سان سڌو سنئون هم ڪلام رهنديون هيون. ’ڇو يوان‘ ڏکڻ جي ثقافت کي مٿانھون سمجهندو هو. ’ڇو يوان‘ جي وفات کان پنجاھہ سال پوءِ ’چو گهراڻي‘ جي حڪومت ختم ٿي ويئي.
ڇو يوان جو نظم ’لي سائو‘ اڪيلو ڊگهو نظم آهي، جنھن کي چيني رزميہ بہ قرار ڏنو وڃي ٿو. اها ڌار ڳالھہ آهي تہ سڄي دنيا جي رزميہ شاعريءَ جا ڪي نمايان شعر چيني شاعريءَ ۾ موجود ڪونھن.
هان گهراڻي (206 ق. م) جي شروعات کان وٺي ويھين صدي تائين چيني شاعريءَ ’شيھه چنگ‘ کي ئي ماخذ شاعري سمجهيو ۽ ان ئي روايت تي وڌي ويجهي. دلچسپ ڳالھہ اها آهي تہ ويھين صديءَ جي دوران چيني شاعري ۾ هڪ وڏي نمايان تبديلي ظاهر ٿي. جيتوڻيڪ روايت پسنديءَ ۾ پراڻي شاعري مقبول رهي، پر نئين سرجندڙ شاعري ۾ ’شيھه چنگ‘ ۽ ’لي سائو‘ جي هيئت ۽ اسلوب بلڪل غائب ٿي ويو. ويجهڙ وارن ڏهاڪن ۾ چيني شاعريءَ ۾ ’ايبسرڊ پوئٽري‘ جا تجربا بہ ڪيا ويا. پر اهي مقبوليت ماڻي نہ سگهيا.
چيني ثقافت وانگر چين جي شعري روايت بہ دنيا جي ٻين شعري روايتن کان مختلف ۽ بنھه ڌار آهي، جنھن جو هڪ وڏو سبب شايد اتان جو لساني نظام آهي. دنيا جون اڪثر زبانون الفابيٽ جي ترتيب/ ترڪيب ۽ صرف ونحو جي قاعدن سان جُڙن ٿيون، جڏهن تہ چيني زبان تصويري علامتن (ڪيريڪٽرز) سان جُڙي ٿي ۽ صرف ونحو جي قاعدن کان لڳ ڀڳ آجي آهي. هڪ تہ اهي تصويري علامتون گرامر جي ضرورت موجب پنھنجي شڪل نہ ٿيون بدلائين. ٻيو تہ سندن آواز ۽ صوتي پيڪر (آوازي شڪليون) بہ مقرر هونديون آهن، جيڪي الفابيٽ تي ٻڌل زبان جي آوازي مثالن وانگر وقت سان گڏ تبديليءَ جي شڪل ۾ نہ ٿيون رهن ۽ نہ ئي وري ٻين زبانن سان لڳ لاڳاپي سان انھن جي جوڙجڪ ۽ ادا ڪرڻ تي ڪوبہ اثر نہ ٿو پوي. الفابيٽ سان جڙيل زبانن جون پنھنجون آسائشون آهن ۽ اوهان جيڪڏهن اکرن جي هڪ محدود تعداد کي سُڃاڻي ۽ پاڻ ۾ جوڙڻ سکي وٺو تہ اوهان زبان کي پڙهڻ ۽ لکڻ سکي وڃو ٿا. پر زبان ۾ تبديلين جو عمل جاري رهي ٿو. هجَ بدلجي ٿي تہ معنيٰ ۾ بہ گهٽ وڌائي ٿيندي رهندي آهي. ڪي لفظ متروڪ ٿي ويندا آهن ۽ ڪي نوان لفظ مُروج ٿيندا رهندا آهن. ڪجهہ صدين کان پوءِ پنھنجو ليک ئي سمجهہ ۾ نہ ايندو آهي. انگريزيءَ ۾ چاسر ۽ شيڪسپيئر جو مثال ڏيئي سگهجي ٿو. سنڌيءَ ۾ شاھہ عبداللطيف ڀٽائي جي شاعري جو مثال بہ ڏيئي سگهجي ٿو.
چيني زبان جي سڀ کان نمايان خصوصيت اها آهي تہ ان جو هر ڪيريڪٽر پنھنجي صوتيت (آواز) کان جدا ۽ پنھنجي ذات ۾ معنيٰ قائم رکي ٿو. يعني ڪابہ صوتياتي [آوازي] تبديلي سندس معنيٰ تي اثر انداز ٿي نہ ٿي سگهي. جيڪڏهن ڪنھن ڪيريڪٽر جو اُچار بدلجي بہ وڃي، تڏهن بہ ان جي معنيٰ ساڳئي ٿي رهي. جنھن جو مطلب اهو ٿيو تہ اسان جي زبانن ۾ صوتي (آواز) يا سمعي (ٻڌڻ وارو) عنصر وڌيڪ غالب حيثيت رکي ٿو، جڏهن اهو بدلجي ٿو تہ معنيٰ بہ بدلجي وڃي ٿي. يعني اسان جي سماعت جو ذوق زبان ۽ مڪان جي لڳاتار بدلجندڙ تناظر ۾ ڦيرين گهيرين ۾ رهي ٿو ۽ اسان جي شاعريءَ جو مفھوم بہ بدلجي وڃي ٿو. جنھن کي پاڻ زبان جي ڀرتي تي رومان پسندي جو چلن بہ چئي سگهون ٿا. جڏهن تہ چيني زبان ۾ لفظ ڪنھن شئي، لقاءَ يا ڪنھن احساس جو مقرر عڪس آهي، جيڪو ديرپا بہ آهي تہ سدائين رهڻ وارو بہ.
چيني شاعريءَ ۾ گهڻو ڪري اختصار پسنديءَ کان ڪم ورتو وڃي ٿو. ’لي ساؤ‘ واحد طويل چيني نظم آهي‘ نہ تہ عام چيني نظم چئن سِٽن ۽ وڌ ۾ ويھن پنجويھن سٽن کان وڌيڪ نہ هوندا آهن. چيني شاعري ۾ تمام گهڻا موضوع آهن، پر انھن سڀني موضوعن جو مرڪزي نقطو زميني زندگي آهي. انفس و آفاق، انساني وجود ۽ موت کان پوءِ جي باري ۾ فيلسوفاڻي خيال آرائي چيني شاعري ۾ نہ هئڻ جي برابر ٿي نظر اچي. فقط ’زين ٻڌمت‘ ۽ ’تائومت‘ جا شاعر ئي ذات ۽ ڪائنات جي مسئلن تي ڌيان ڌرين ٿا. چيني شاعرن جي تخليقي عمل تي جيڪڏهن ويچاريو وڃي تہ اها خبر پوي ٿي تہ هو هڪ گهڙي جي وجداني ڪيفيت ۾ ڪنھن شئي، لقاءَ، منظر، واقعي، ياد، خيال يا وجود کي شعر جو موضوع بنائين ٿا. جذبن ۽ خيالن جو اظھار ايتري تہ اختصار ۽ داخلي جذبي سان ڪن ٿا، جو ڪي سٽون ڪنھن تجريدي تجربي جو حصو ٿيون لڳن. علامت پسندي چيني شاعري جو هڪ عام رويو آهي. چيني شاعريءَ جون پاڙون نھايت گهرائيءَ سان چين جي سرزمين ۾ کُتل نظر اچن ٿيون. اتي جا صحرا، دريا، جبل، ڍنڍون، ماٿريون، نظارا، گذريل تاريخي واقعا، وغيرہ چين جي تھذيبي سفر جا داستان آهن. اِهي سڀ اُهي علامتون آهن. جيڪي چيني شاعر استعمال ڪري ٿو. انھن مان ڪن علامتن سان چين جي بادشاهي دورن جي جبريت ۽ عام ماڻھن جي ڪارنامن سان منسوب آهن. اهي علامتون چيني شاعري ۾ سمجهڻ ۾ مشڪلاتون پيدا ٿي ڪري. تشريحي حاشين جي گهرج ٿي پوي. ٻيو تہ چيني شاعري جي تخليقي عمل جي ڪيفيت ۽ واردات بہ ٿوري مختلف آهي. شاعر هڪ مٿاهينءَ تان ڪو منظر ڏسي ٿو ۽ قدرت جي آفاقيت کي ان منظر جي مرڪز ۽ وقت کي ٿورو آئوٽ آف فوڪس رکي ٿو.
[’چين ڪا ادب، عھد بہ عھد شاعري‘ جو انتخاب جو تعارف اِختصاريل ترجمو: آفتاب اقبال شميم، اڪادمي ادبيات پاڪستان 2006ع]

چونڊ شاعري

- توفو
شل پُٽڙا نہ ڄمن

ڪالھہ رات هڪ سرڪاري حڪم آيو،
ارڙهن سالن جي وهيءَ جي سڀني ڇوڪرن کي ڀرتي ڪيو وڃي
کين ’گاڌي جي هنڌ‘ جي بچاءَ ۾ مدد ڏيڻي هئي.
اي امڙ، اي ٻچڙو، نہ رئو
ايئن ڳوڙها ڳاڙهڻ سان اوهان کي تڪليف ٿيندي
جڏهن ڳوڙها بيھي وڃن تہ هڏيون اچن ٿيون،
تڏهن نہ آسمان رحم کاڌو، نہ زمين
ڇا توکي خبر آهي تہ ’شان تنگ‘ ۾
ٻہ وسنديون ويرانيءَ ۾ بدلجي ويون
هزارين ڳوٺ ڪُنڊن وارن ٻوڙن سان ڀرجي ويا؟
انسانن کي ڪُتن وانگر ڪُٺو وڃي ٿو،
عورتن کي ڪُڪڙين وانگر هڪليو وڃي ٿو،
جيڪڏهن مون کي خبر هجي ها تہ ڇوڪرن جي قسمت ڪيتري خراب هوندي
تہ رڳو ڌيئرون ئي ڄڻيان ها
ڇوڪرا رڳو اُن ڪري ڄمن ٿا تہ
هو وڏي گاھہ هيٺان دفنايا وڃن
پوءِ بہ نيري سمنڊ وٽان لنگهبو تہ
گهڻو اڳ جنگ ۾ مرندڙن جون هڏيون ملن ٿيون،
هو صفا سفيد آهن ۽ واريءَ تي اگهاڙيون پيون آهن
ننڍا جوان ڀوت ۽ پوڙها ڀوت هتي گڏجي روئن ٿا
جڏهن مينھن جو وسڪارو پوي ٿو،
سرءُ اچي ٿي ۽ ٿڌيون هوائون هلن ٿيون
انھن جا آواز وڏا ٿين ٿا، ايترا تہ وڏا
جو مون کي خبر پوي ٿي تہ ڏک ماري سگهي ٿو.
اوچين لھرن تي وهندڙ پکي
پنھنجي خوابن ۾ صحبت ڪن ٿا،
ڌنڌلڪي جي پيچري جي لاءِ
کُڙ کُٻيتن کي پنھنجي ئي روشني استعمال ڪرڻي ٿي پوي،
انسان رڳو جيئڻ جي لاءِ ٻي ڪنھن جي جان ڇو وٺي؟
رات گذري رهي آهي ۽ آءٌ هروڀرو آهون پيو ڀريان.



- مائوزي تنگ
ديوتا

مون پنھنجو هٺيلو شاھہ بلوط [جو وڻ] وڃائي ڇڏيو،
۽ تو پنھنجي بيد جو وڻ
شاھہ بلوط ۽ بيد جي انداز ۾ ئي هو
سڌو آسمان ڏانھن وڌن ٿا
۽ نائين آسمان ۾ گهڙن ٿا
۽ چنڊ جا قيدي ”ووڪينگ“ کان پُڇن ٿا تہ اتي ڇا آهي؟
۽ هو کيس اَملتاس جي وڻ تان
مئه نوشيءَ جي دعوت ڏي ٿو
چنڊ تي اڪيلي مائي ’چانگ وو‘ وڏو پلاند پکيڙي
۽ انھن نيڪ روحن کي خوش ڪرڻ لاءِ
وشال آسمان تي نرت ڪري ٿي
هيٺ زمين تي اوچتو شينھن جي شڪست جي خبر
ٻُڌڻ ۾ پئي اچي
آسمان تي برسات جو جام اُبتو ٿي ويو آهي
۽ هو ڳوڙها پيو ڳاڙهي.




- ليو شي جنگ
ڦيرو

اڄ هڪ رياست تہ سڀاڻي ٻي
عروج ۽ زوال جي ڪھاڻين سان ڀريل
ڊگهي جدوجھد
ٿورو ڳڻيو تہ شروع کان وٺي اڄ تائين
هر دور جا وفادار ۽ تابعدار وزير
ڏاها ۽ سمجهو بادشاھہ
هن زمين جي هيٺان دفن آهن.


- لويان

هڪ بيٿووني هاريءَ جي گهر جو دورو

ڪاٺ جي هڪ ڪمزور فرش تي هلندي
هڪ هيٺاهين ڪمري مان
هڪ ٻارڙي جي سڏڪي سڏڪي روئڻ جو آواز ٻڌڻ ۾ آيم
هو رُٺل هو
۽ زندگيءَ سان جهيڙي رهيو هو.
شايد ان ڪري تہ سُھائي گهڻي گهٽ هئي
جڳھہ بہ صفا سوڙهي هئي
۽ ماحول ۾ گهڻو هُل هو
ڪيترن ئي ڪوسن ڳوڙهن سان
هو ڪمري ڏانھن موٽي رهيو هو
سندس آواز ڪنھن پراڻي پيانوءَ وانگر ويٺل هو،
جيڪو سُر گهڙي پنھنجا تاثرات بدلائي رهيو هو،
۽ دريءَ مان نڪري ڪنھن تير وانگر
ٻاهر نڪري فضا ۾ ٻُرائجي رهيو هو
جڏهن اهو باغ جي مٿان لنگهيو تہ
گُلن ڪنڌ جهُڪائي ڇڏيا
جڏهن اهو گهٽين مٿان لنگهيو تہ
گاڏين جي اچ وڃ بيھي رهي
جڏهن اهو گهرن جي مٿان لنگهيو تہ
ماڻھو پريشان نظر اچڻ لڳا
پوءِ اهو سڄي دنيا جي مٿان لنگهيو
۽ درد اندر دلين ۾ حقيقت جو گداز ڀرجي ويو
پر پوءِ بہ ڏٺو ويو تہ
اهو ٻارڙو اڃا بہ روئي جهيڙي رهيو آهي
ڇو تہ روشني صفا گهٽ هئي
۽ ماحول ۾ گهڻو هُل هو.


- چانگ چيائو
ياد
جڏهن جنگ ۾ شامل ٿيس تہ
اڃا ڳڀرو جوان هئس
لامَ تان وريس تہ
منھنجن وارن ۾ اَڇاڻ چٽي هئي
لشڪر جي لکين سورمن مان
باقي ڪي وڃي بچيا هئا
آھہ، تن تنھا
ماضيءَ جي لھندڙ سج وانگر
انھن جي يادن ۾ گم آهيان.



- فوهوان

عورت هئڻ ڪيڏو نہ ڏکوئيندڙ آهي
دنيا ۾ ڪير بہ ايترو سستو ڪونھي
ڇوڪرا دروازي جي سھاري بيٺل هوندا آهن
ڄڻ آسمان مان ڪريل ديوتا هُجن
سندن دليون چئن سمنڊن جو مقابلو ڪن ٿيون
هڪ هزار ميلن جي هوا ۽ ڌڌڙ جو
نياڻيءَ جي ڄمڻ تي ڪير بہ خوش نہ ٿو ٿئي
سندس ڪُٽنب کي مٿس ڪوبہ ڀروسو نہ هوندو آهي
هوءَ ڪنھن مرد جي چھري تي
نظرون وجهندي ۽ ڊڄندي آهي،
جڏهن هوءَ بارش بيھڻ تي ڪڪر جيان
گهر مان ويندي آهي تہ
ڪير ٻہ ڳوڙها ناهي ڳاڙيندو
هوءَ ڪنڌ جهڪائي ڇڏيندي آهي ۽
چھري تي اطمينان سجائي وٺندي آهي
سندس ڏند ڳاڙهن چپن کي ڀڪوڙي وٺندا آهن
هوءَ ڪيترائي ڀيرا جهُڪندي ۽ مرندي آهي.

چيني ڪھاڻي

چيني ڪھاڻيءَ جو مجموعي تاثر حقيقت نگاري آهي. لوشيون (Luxin) کي جديد چيني افساني/ ڪھاڻي جو باني سمجهيو وڃي ٿو. سندس گهڻو ڪم حقيقت نگاريءَ جي اثر هيٺ آهي. اها ئي ڳالھہ سندس سيھيوگي ليکڪن جي لکڻين ۾ نظر اچي ٿي، ايئن بہ ڪونھي تہ چيني ڪھاڻي علامت، تجريد يا نفسياتي پھلوئن کان خالي آهي، پر چيني ڪھاڻيءَ ۾ حقيقت نگاريءَ جي روايت ايتري تہ سگهاري آهي، جو علامت بہ حقيقت جي هڪ پھلوءَ طور سامھون اچي ٿي ۽ ان کي سمجهڻ ڪا ڏکي ڳالھہ ڪونھي. ان کان سواءِ چيني ادب جي نمائندہ ڪھاڻين ۾ لوڪ روايتون بہ ذڪر جوڳيون آهن ۽ سائنسي ڪھاڻيون بہ لکيون وڃن ٿيون.
هن ڀاڱي ۾ ٽن چيني ڪھاڻين جا ترجما ڏنا ويا آهن، پھرين ڪھاڻي ”نفرت جو ٻج“ انقلاب کان اڳ چيني هارين جي خراب حالتن جي عڪاسي ڪري ٿي (ته) انقلاب کان اڳ وڏيرڪي ۽ جاگيرداري سماج ۾ چيني هاري ڪھڙين نہ ڪسمپرسيءَ واري حالت ۾ گذاريندا هئا.
ٻي ڪھاڻي ”پراڻو ڳوٺ، نئون ڳوٺ“ چيني انقلاب جي دوران هڪ ڳوٺ جي حالت بيان ڪري ٿي. وڏيرڪن ظلمن ۽ پوءِ انقلابي لھر سبب ان ڳوٺ ۾ ايندڙ انقلاب ۽ تبديلي جي عڪاسي ڪري ٿي. (ته) ڪيئن نہ پراڻو ڳوٺ بدلجي نئين انقلابي ڳوٺ ۾ تبديل ٿيو.
ٽين ڪھاڻي، ”ٽي ايڪڙ ٻني“ ۾ ليکڪ ٽي ايڪڙ ٻني جي ڪھاڻي بيان ڪندي جديد چين جي ارتقا جي سڄي تاريخ کي سماجي ۽ معاشرتي حوالن سان کولي بيان ڪيو آهي ۽ ان جو دلچسپ پھلو اهو آهي تہ ڪٿي بہ ايئن محسوس نہ ٿو ٿي تہ اها ڪا سماجي نوعيت جي لکڻي آهي، اها زمين جي ٽن ايڪڙن جي چئن نسلن ۾ منتقليءَ جي ڪھاڻي آهي. ڪھاڻي جي ليکڪ جياپنگوا (Jia pingwa) جو واسطو بہ ٻھراڙي سان آهي ۽ سندس ڳوٺاڻي پسمنظر ۾ لکيل ناول چين ۾ گهڻو مقبول آهن.
”نفرت جو ٻج“ ۽ ”ٽي ايڪڙ ٻنيءَ“ جا ترجما منھنجا ڪيل آهن. جڏهن تہ ”پراڻو ڳوٺ ۽ نئون ڳوٺ“ جو ترجمو نامياري ليکڪ پرويز جو ڪيل آهي. اها ڪھاڻي ڪيترائي ڀيرا ڌار ڪتابي صورت ۾ پڻ ڇپجي چڪي آهي. مون چيني انقلاب کي سمجهڻ لاءِ اها ڪھاڻي خاص طور هِتي شامل ڪئي آهي.

نفرت جو ٻج (چينگ تين زي)

هڪ ننڍڙو قافلو هوريان هوريان هلي رهيو هو، مرد اڳيان هئا، ٻار ۽ زائفائون پويان هيون، سڀني جون اکيون سامھون رستي تي کُتل هيون، رستو جيڪو ختم ئي نہ پي ٿيو، هو ڪيترن ئي ڏينھن کان لڳاتار هلي رهيا هئا، ٿوري ٿوري وقفي کان پوءِ ڪنھن شخص جھڙوڪر پنھنجو پاڻ کان سوال ٿي ڪيو.
”آخر اسين ليو جي شھر ڪڏهن پُڄنداسين؟“
”شايد سڀاڻي يا پرينءَ پُڄون، پڪ سان ڪجهہ نہ نٿو چئي سگهجي.“ ڀرسان هلندڙ ڪنھن ٻئي ورندي ٿي ڏني ۽ ڳالھہ ٻولھہ جو سلسلو ختم ٿي ويو ٿي. سج هنن جي مٿان چمڪي رهيو هو، مٽي ۽ ڌوڙ جي ڪري هنن جا جسم ڀڀوت ٿي چڪا هئا ۽ منجهائن پگهر جي ڌپ اچي رهي هئي، لڳاتار خاموشيءَ مان بيزار ٿي ڪنھن چيو ٿي.
”ڇا شھر ۾ کائڻ لاءِ ڪجهہ ملندو؟“
”شايد ملي وڃي.... ٿي سگهي ٿو تہ نہ بہ ملي... ڀلا پاڻ کي کاڌو ڪير ڏيندو؟“
”ڪاش! آءٌ جلدي مري وڃان زندگيءَ ۾ ڏکن کان سواءِ ٻيو رکيو ئي ڇا آهي؟“ هڪ پوڙهي روئندي چيو.
ڪجهہ دير کان پوءِ ٻڍڙو هاني وري روئڻ لڳو تہ هڪ ڏکاري عورت چيو:
”جڏهن کان هن جي ڌيءَ تانيل سپاهين جي هوس جو نشانو بڻي آهي، تڏهن کان هي ائين ئي روئندو ٿو رهي. گذريل هفتي جو ذڪر آهي تہ ويچاري تانيل کي پاڙيوارا سپاهين جي خيمن کان کڻي آيا هئا، هن جي نيري لاش سُڄي ڪپھہ ٿي ويئي هئي، جسم رت مان ڀريل هئس ۽ ڪپڙا ليڙون ليڙون.... ائين پي لڳو تہ ڏاڍي خراب حالت ۾ هن تڙپي تڙپي جان ڏني هئي.“ اهو سُڻي مردن جا منھن لھي ويا، انھن مان ڪيترن کي پنھنجون زالون ياد آيون، جيڪي کانئن سدائين جي لاءِ ڦرجي ويون هيون. واري گرم ٿي رهي هئي ۽ پير سڙڻ لڳا تہ هنن مان ڪيترن وٽ تہ پير ۾ پائڻ لاءِ ڪجهہ بہ نہ هو، سو انھن ڪپڙن جا ٽڪرا پيرن کي ويڙهيا هئا، اوچتو ڪنھن جي روئڻ جو آواز ٻڌائون. آواز ٻڌي عورتون ڊڄي ويون هنن سمجهيو تہ جن کين ڊيڄارڻ آيا آهن. ڪجهہ جوانن همت ڪئي ۽ هوريان هوريان ڳالھائيندا هڪ ٻئي جي همت وڌائيندا آواز ڏانھن وڌڻ لڳا، مٽيءَ جي هڪ دڙي جي ٻئي پاسي هڪ شخص وڻ جي ٿڙ هيٺان پيو ڪنجهي رهيو هو. هن جو مٿيون حصو اگهاڙو هو ۽ پاجامون پاتل هئس ۽ سڄو بدن ڪارو هئس، ايئن پي لڳو ڄڻ مٿائنس ڪنھن ڏامر هاري ڇڏيو هجي. هنن ماڻھن کي ڏسي هن ڏاڍي ڏکيائيءَ سان چيو:
”ڀائرو! خداجي واسطي مون کي ماري ڇڏيو، آءٌ هي عذاب سھي نٿو سگهان.“
جوانن جهُڪي ڏٺو تہ هو سمجهي ويا تہ هن جو بدن ڪارو ڇو آهي، هو ڏڪي ويا، عورتون جيڪي ويجهو هيون، سي ڊڄي پري هٽي ويون. وڻ جي هيٺان دٻيل همراھہ جي سيني ۽ پٺ تي تلوار جا گهاءُ هئا ۽ لکن جي تعداد ۾ ماڪوڙيون هن جي زخمن سان چھٽيون پنھنجي تيز ڏندن سان هن جو گوشت پٽي رهيون هيون. هو اڃا تائين مئو نہ هو، پر ماڪوڙين جو هن جي مرڻ سان ڪھڙو واسطو. تازو رت چٽ ڪرڻ ۾ هنن کي وڌيڪ مزو ٿي آيو.
”مون تي رحم ڪريو... مون کي ماري ڇڏيو.“ هن وري چيو، آواز هن جي نڙيءَ مان مس ٿي نڪتو، ڪجهہ نوجوانن وڌي هن جي جسم تي زور زور سان ڦوڪون ڏيڻ شروع ڪيون، ڪيتريون ماڪوڙيون ڀڄي ويون ۽ ڪيتريون ئي زخمن اندر گهڙي ويون ۽ ڪجهہ رت سان چنبڙي ويون. جوانن زور لڳائي وڻ جو ٿڙ هڪ پاسي ڪيو. عورتون ۽ ٻار ڀڄندڙ ماڪوڙين کي پيرن سان چپڻ لڳا، مرد جلدي هن جا زخم ڌوئڻ لڳا.
”تون ڪير آهين؟“ هڪ عورت اوچتو سوال ڪيو.
”آءٌ هڪ مزدور آهيان.... زوري ڀرتي ڪيل مزدور، جيستائين جسم ۾ جان رهي مون کان ڪم وٺندا رهيا، پر جڏهن صفا ڪمزور ٿي ويس تہ بہ موڪل نہ ملي. ڪوشش جي باوجود بہ ڪم ڪري نہ سگهيس تہ هنن تلوار سان گهايل ڪري هتي ڇڏي ڏنو.“ زخمي مزدور اٽڪندي اٽڪندي ورندي ڏني. اوچتو هن جي زخمن ۾ وري بہ سور ٿيڻ لڳو.
”منھنجا ڀائرو! آءٌ اوهان کي منٿ ڪريان ٿو تہ مون کي ماري ڇڏيو.“ ڪنھن بہ شخص هن جي ڳالھين تي ڌيان نہ ڌريو، مرد هن کي کڻي هيٺ رستي تي آيا. ان کان وڌيڪ هو ڪري بہ ڇا ٿي سگهيا. وري بہ اهو ساڳيو اڻ کٽ رستو، نيرو آسمان، چمڪندڙ سج ۽ تپندڙ زمين، ڪو پکي بہ اُڏرندي ڏسڻ ۾ نہ پي آيو. پري پري تائين هنن کان سواءِ ٻيو ڪوبہ ساهوارو ڏسڻ ۾ نہ ٿي آيو. گهايل مزدور هر هر اهو ٿي چيو، ’مون کي ماري ڇڏيو، خدا جي واسطي مون کي ماري ڇڏيو.‘
پر ماڻھو ماٺ ۾ هئا، آخر هڪ پوڙهي چيو، ”تون اسان جو ڀاءُ آهين، اسين توتي هٿ بہ نٿا کڻي سگهون، هاڻ اسان جو جيئڻ بہ گڏ آهي تہ مرڻ بہ گڏ.“
”پر منھنجي تڪليف....“
هڪ شخص پنھنجي قميص لاٿي ۽ مزدور جي اگهاڙي جسم تي وڌي، پگهر مان پسيل قميص هن جي تڪليف ۾ اڃا بہ واڌارو ڪري ڇڏيو. هن قميص وجهڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. هن کي ڏسي ڪجهہ عورتن کي پنھنجا مڙس ياد اچي رهيا هئا، جيڪي هن مزدور وانگر زوري ڀرتي ڪيا ويا هئا ۽ جن جي باري ۾ ڪابہ خبر نہ هئي تہ هو ڪٿي آهن، جيئرا بہ آهن يا مري کپي ويا آهن. اهو سوچي عورتون روئڻ لڳيون ۽ مرد ڪاوڙ مان مُٺيون کولڻ ۽ بند ڪرڻ لڳا، ان مھل جيڪڏهن ڪو سپاهي بندوق يا تلوار کڻي هنن جي سامھون اچي وڃي ها تہ هو ان کي ٽڪر ٽڪر ڪري ڇڏين ها... سج لھي رهيو هو، ڪاري رات پنھنجا پَر پکيڙي رهي هئي ۽ هي سڀئي هڪ ڀڳل ٽٽل کنڊر ٿيل عمارت جي ويجهو ترسي پيا. مزدور سخت تڪليف ۾ مبتلا هو، ماڻھو هن جي چوڌاري بيٺا هئا، ايتري ۾ پوڙهو هاني وري رڙيون ڪرڻ لڳو، ”تانيل منھنجي ٻچڙي.... خدا ڪري هو ڪوڙهيا ٿي مرن جن توتي ظلم ڪيا آهن.... اڙي آهي ڪو جيڪو هنن سپاهين کي جهلي! هو منھنجي ڌيءَ کي ڪيڏانھن کڻي پيا وڃن.... پُڄو.... ڊوڙو! اڙي افسوس ڪوبہ منھنجي فرياد تي ڌيان نٿو ڌري.“
ماڻھن چئني پاسن ڏٺو، پر کين سپاهي ڪٿي بہ ڏسڻ ۾ نہ آيا تہ هڪ نوجوان چيو، ”سپاهي هتي ڪٿي... ڏک جي ڪري پوڙهي جو دماغ خراب ٿي ويو آهي.“ ”ڪاش! مون کي ڪو سپاهي ملي وڃي.... قسم سان ان جو ڪچو گوشت چٻاڙي کائي وڃان.“
جيڪڏهن هنن سڀني جون اکيون ڌوڙ سان ڀريل تہ هجن ها تہ هو ڏسي وٺن ها تہ ڪجهہ پرڀرو ٽي سپاهي هنن ڏانھن اچي رهيا هئا، ڦاٽل ورديون پھريل، ٽئي ڪمزور ۽ گهايل سپاهي، منجهائن جيڪو وچ ۾ هو تنھن جي هڪ ٽنگ گهايل هئي ۽ هو ٻن سپاهين جي سھاري هلي رهيو هو، ٻيو بلڪل سنھڙو ۽ ڪمزور هو، جنھن جون هڏيون بہ ڏسڻ ۾ پي آيون، ٽي جو مُنھن سڄيل هو، هو ٿڙندا ٿاٻڙندا هلي رهيا هئا، اوچتو سُڄيل منھن واري ڪيترن ئي ڳوٺاڻن کي پاڻ ڏانھن ايندو ڏٺو ۽ هو ڇرڪي بيھي رهيا ۽ اکيون ڦاڙي سامھون ڏسڻ لڳا. ”ڇا ڳالھہ آهي؟“ سنھڙي سپاهيءَ پڇيو.
”ڳوٺاڻا.... هو ڏس سامھون ڳوٺاڻا اچي رهيا آهن.“ اهو ٻڌي ٻنھي مٿان ڄڻ وڄ ڪري پيئي، کين خبر هئي تہ ڳوٺاڻا هنن جو ڪھڙي شان سان آڌر ڀاءُ ڪندا، هو هڪ عرصي کان انھن هٿين خالي ڳوٺاڻن تي ظلم ڪري رهيا هئا، هنن ڳوٺاڻن جا گهر ساڙي ڇڏيا هئا. انھن جون ڌيئرون، ننھرون ۽ زالون پنھنجي هوس جو نشانو بنايون هئائون ۽ هر ان شخص کي ماريو هئائون جيڪو سندن چوڻ مڃڻ کان انڪار ڪندو هو. پر هاڻ هيترن سارن ڳوٺاڻن کي ڏسي ٽنھي کي پنھنجي موت جو پختو يقين ٿي ويو.
”هلو ڀڄي هلون!“ هڪڙي چيو.
”پر ڀڄي بہ ڪيڏانھن هلون.... هو تہ سوين آهن منٽن ۾ پاڻ کي ڳولي وٺندا... هاڻ تہ هنن ڏسي بہ ورتو هوندو.“ سُڄيل منھن واري چيو ۽ واريءَ تي ويھي رهيو، باقي ٻن بہ هن جو ساٿ ڏنو. ٽن ڏينھن کان هنن ڪابہ شئي نہ کاڌي هئي ۽ بُکيا اُڃيا هئا، اُڃ کان مجبور ٿي ڪيترائي ڀيرا هنن پگهر چٽڻ جي ڪوشش ڪئي پر پگهر بدبودار ۽ ڪڙو هو.
”اسان وٽ بندوق هجي ها تہ ڪر هنن سان پُڄي پئون ها.“ گهايل سپاهيءَ چيو، پر هو هارايل هئا، هنن جو دستو ٽڙي پکڙي ويو هو، دشمنن سڀ هٿيار ڦري ورتا هئا ۽ هي ڏاڍي ڏکيائيءَ سان ڀڄڻ ۾ ڪامياب ٿيا هئا. ”اسين بہ ڪھڙا نہ بدنصيب آهيون جو پنھنجا بہ نفرت ڪن ٿا تہ پرايا بہ.“ سنھڙي سپاهيءَ ڪنبندڙ آواز ۾ چيو. سُڄيل منھن واري بہ ڪجهہ چوڻ ٿي چاهيو تہ اوچتو هن جي نظر ڳوٺاڻن تي پئي جيڪي تيزيءَ سان هنن ڏانھن اچي رهيا هئا، ڏسندي ئي ڏسندي هو هنن وٽ پھچي ويا، پھچندي شرط ڪنھن ڳوٺاڻي زخمي سپاهيءَ کي ٻہ مُڪون هڻي ڪڍيون، پوءِ تہ چوڌاري هنن تي لتن، مُڪن ۽ ٺونشن جو مينھن وسي ويو.
”ماري ماري قيمو بنائي ڇڏيو!“
”کل لاهي ڇڏيو!“
”هنن ظالم سپاهين اسان جو الھ تلھ تباھہ ڪري ڇڏيو آهي.... هنن جون هڏيون ڀڃي ڇڏيو.“
اوچتو هڪ شخص بلند آواز ۾ چيو، ”ڀائرو! بک ۽ اُڃ ۾ اڳ ۾ ئي اسان جو حال هيڻو آهي، جيڪڏهن هنن کي ماري ماري ٿڪجي پياسين تہ شھر ڪيئن پُڄنداسين.... ڇو نہ هنن کي واريءَ ۾ ئي دفن ڪري ڇڏيون.“
”ٺيڪ آهي، ٺيڪ آهي!“ چئني پاسن کان آواز اچڻ لڳا، سپاهي پٽ تي منھن ڀَر پيا هئا. زخمي ٽنگ واري پنھنجو منھن مٿي ڪري ڳوٺاڻن کي ڏٺو، جيڪي هنن جي ٻن ساٿين کي جيئري پورڻ جون تياريون ڪري رهيا هئا.
هن ڏاڍي ڏکيائيءَ سان چيو، ”ڀائرو پھرين مون کي دفن ڪجو آءٌ ڏاڍي تڪليف ۾ آهيان.“
”تڪليف ۾ آهين تہ اسين ڇا ڪريون هاڻي تہ پاڻ اسين توکي پڇاڙيءَ ۾ دفن ڪنداسين تہ جيئن اڃا بہ گهڻي تڪليف اچيئي، تون روئندي تہ اسان جي هيئين تي ڇنڊو پوندو.“ هڪ نوجوان خارن مان چيو ۽ واريءَ جو ٻُڪ ڀري زخمي سپاهي جي وات ۾ وڌو. ”هنن جي جَڙتي وٺو هنن ڪيترائي ڳوٺ ڦريا هوندا.“ هڪ مائيءَ چيو، سڀني ڪنڌ ڌوڻي هاڪار ڪئي، ڪجهہ نوجوانن اڳيان وڌي ٽنھي سپاهين جي جڙتي ورتي، پر کين ڪجهہ بہ نہ مليو، هڪڙي جي کيسي مان کيڏڻ جا پتا مليا.
”هنن جا جوراب لاهي ڏسو متان انھن ۾ ڪجهہ هجي.“ هڪ شخص چيو.
جوراب رت سان چنبڙي ويا هئا، ماڻھن ڏاڍي بي رحميءَ سان لاٿا جو کل ئي لھي آئي. سڄيل منھن واري سور کان رڙيون ڪندي چيو، ”هاڻي تہ اوهان کي پڪ ٿي تہ اسان وٽ ڪجهہ بہ نہ آهي.“
ٻار واريءَ جون مُٺيون ڀري سپاهين تي اُڇلڻ لڳا، جلدي هنن جا نڪ، وات ۽ ڪن واريءَ سان ڀرجي ويا. ٻار کلڻ لڳا ۽ مردن جي چھرن تي طنزيہ مُرڪ پکڙجي ويئي حرامزادو! ”هاڻ ڪيئن ٿا ڀانيو.... ڪيڏانھن ويئي اوهان جي ٺڳَ ۽ آڪڙ.“ هڪ پوڙهيءَ چيو.
”ذليل ڪتؤ! اوهين پنھنجو پاڻ کي سمجهو ڇا ٿا، هاڻي مرڻ لاءِ تيار ٿي وڃو.“
”هنن کي گهيري عمارت وٽ کڻي هلو تہ جيئن مايون بہ پنھنجي ڪاوڙ لاهي سگهن.“
ڀانت ڀانت جي ٻولين ۾ ڪجهہ جوانن اڌ مئل سپاهين کي ٽنگا ٽولي ڪري عمارت ڏانھن کڻي ويا. سپاهين جا وات کليل هئا ۽ اکيون سُڄيل هيون، هنن پنھنجو پاڻ کي ڳوٺاڻن جي حوالي ڪري ڇڏيو ۽ هر هر هڪ ٻئي ڏانھن ٿي ڏٺئون، شايد اهو چوڻ ٿي چاهيائون تہ ڇا اسين کائڻ پيئڻ کان سواءِ ئي مري وينداسين. هنن ڪيتريون ئي سختيون سٺيون هيون، بُک جي هٿان تنگ ٿي هو جنگ جي ميدان مان ڀڳا هئا ۽ ڪڏهن بہ ختم نہ ٿيندڙ رستي تي ڪيترائي ڏينھن هلندا رهيا هئا، کين ڪابہ خبر نہ هئي تہ ڳوٺاڻن کي هنن کان ۽ هنن کي ڳوٺاڻن کان نفرت ڇو هئي. هو پاڻ بہ غريب هئا ۽ ڪيترائي ڏينھن بکيا گذاريندا هئا، ڪيترن ئي ورهين کان هنن پنھنجي ٻارن ٻچن جا منھن نہ ڏٺا هئا. جنگ جي ميدان ۾ بندوقن جي بوڇاڙ ۽ سنگينن جي سامھون هئڻ هنن جو مقدر بنجي ويو هو. جنگ مان ڀڄڻ جي ڏوھہ ۾ هنن جي ڪيترن ئي ساٿين کي گولين جو بک بڻايو ويو هو، هنن کي پنھنجون زالون ۽ ٻار ڏاڍا ياد ايندا هئا. هنن بہ سُک ۽ سلامتيءَ سان پنھنجن گهرن ۾ رهڻ ٿي چاهيو، پر هن جون خواهشون دل ئي دل ۾ رهجي ويون، هاڻي هو مجبور ۽ بيوس هئا. زمين تپي ٽانڊا ٿي ويئي هئي، هنن کي واريءَ تي گهيريو پئي ويو. پھرين تہ عورتون ڪاوڙ مان ڦوڪارون ڏيڻ لڳيون پر جڏهن اڌ مئل حالت ۾ ئي انساني جسم هنن جي سامھون آيا تہ هو روئڻ لڳيون، ”مون کي ٿورو پاڻي پياريو پوءِ ڀلي جيئرو دفن ڪري ڇڏيو.“ هڪڙي سپاهيءَ هٿ جوڙي چيو.
”پاڻي! پليت، اسين توکي پاڻيءَ جو هڪ ڦڙو بہ نہ ڏينداسين.“ هڪ نوجوان لت هڻندي چيو.
”آءٌ توکي قيمون ڪري ڇڏيندس، ڪچوئي کائي ڇڏيندس... ها تون ئي منھنجي ڌيءَ تانيل جو قاتل آهين.“ پوڙهي هانيءَ ڪاوڙ مان ڪنبندي چيو. سپاهيءَ هن جا پير ڇھڻ ٿي چاهيا، پر هو ڇرڪي پويان هٽيو ۽ سپاهيءَ جي منھن تي ٿُڪي ڏنائين.
”هڙئي سپاهي ڪمينا ٿيندا آهن.“ هڪ مائيءَ لڙڪ اگهندي چيو.
”منھنجا ديس ڀائيو! مون کي ماري ڇڏيو... مون کي سڀ کان پھرين ماريو.... آءٌ وڌيڪ سور سھي نٿو سگهان.“ گهايل سپاهيءَ وري منٿ ڪئي.
”ماٺ ڪر... حرامزادا.“ هڪ نوجوان هن کي ڇڙٻيو. ”آءٌ اوهان جي پيرين ٿو پوان، مون کي ماري ڇڏيو منھنجي ٻُڍڙي ماءُ کي چئجو تہ مون کي وساري ڇڏي ۽ اهو بہ چئجو تہ پڇاڙيءَ وقت مون کيس ڏاڍو ياد ڪيو هو.“ هو وري روئڻ لڳو.
”هان! هنن ظالمن جون بہ مائرون هونديون آهن ڇا؟“ هڪ شخص حيران ٿي چيو. ”مون کي ماري ڇڏيو، منھنجا ڀائرو جلدي ماري ڇڏيو.“ گهايل سپاهيءَ وري منٿ ڪئي. هڪ نوجوان هن کي لت هڻندي چيو، ”ظالمو! اوهان سڄي عمر سادن سودن هٿين خالي ڳوٺاڻن تي ظلم ڪيا آهن ۽ هاڻي انھن کان ئي رحم گهري رهيا آهيو.“
”ڇا اهو اسان جو ڏوھہ آهي جو لڙائي لڳي آهي... اسان کي لڙائيءَ مان ڇا ٿو ملي... اسين تہ پاڻ وڙهڻ نٿا چاهيون.“ سنھڙي سپاهيءَ چيو.
”ڏاڍو سٺو تون تہ ڏاڍو معصوم آهين، سوَئر ڪٿي جا.“
”يقين ڪريو، اسين صفا بي وس هوندا آهيون، جنرل اسان کي قتل ۽ ڦرلٽ جو حڪم ڏين ٿا ۽ اسين انھن جو حڪم مڃيون ٿا، جيڪڏهن اسان مان ڪو انڪار ڪندو آهي تہ ان کي گوليءَ سان اڏايو ويندو آهي.“ سڄيل منھن واري چيو.
”هنن جي منٿن تي ڌيان نہ ڏيو، هنن جي ڳالھين تي ڌيان نہ ڏيو.“
ميڙ مان ڪجهہ آواز آيا.
سپاهين مايوس ٿي ڪنڌ جهڪائي ڇڏيا، سادا سودا معصوم انسان لڳاتار بُک کان بيزار ٿي پنھنجن گهرن مان نڪري کڙا ٿيا هئا. شروع ۾ هو بہ سپاهين کان نفرت ڪندا هئا، پر پيٽ جي پوڄا لاءِ کين سپاهي بنجڻو پيو.
”اسين ان کان سواءِ ٻيو ڪري بہ ڇا ٿي سگهياسين.“ سنھڙي سپاهيءَ روئندي چيو.
”اڙي ڇا سپاهي بہ روئندا آهن؟“ هڪ نينگر حيران ٿي چيو.
”لڙائي ڪير ٿو چاهي؟“ سُڄيل منھن واري هوريان هوريان چيو: ”آخر سپاهي بہ تہ انسان هوندا آهن، هنن جون بہ مائرون، ڀينرون ۽ ڀائر هوندا آهن هو بہ پنھنجن ڳوٺن ۾...“
”تون اڳ ۾ ڪٿي رهندو هئين؟“
”ڳوٺ ۾.... ميرس جي ڳوٺ ۾....“ ڪمزور سپاهيءَ جلدي چيو.
”سپاهي ٿيڻ کان اڳ ۾ ڇا ڪندا هئا؟“
”هي ٻئي هاري هئا، ٻنين ۾ هر هلائيندا هئا ۽ آءٌ واڍو هئس ۽ سُٺا هر ٺاهيندو هئس.“
”پوءِ تو سپاهيءَ جو ذليل پيشو ڇو اختيار ڪيو؟“
”اسين مجبور هئاسين، گهر ۾ کائڻ لاءِ ڪجهہ بہ نہ هو، سپاهي نہ بنجون ها تہ ٻيو ڇا ڪريون.... آءٌ قسم ٿو کڻان تہ تون جيڪڏهن اسان جي جاءِ تي هجين ها تہ ائين ئي ڪرين ها.“
ماڻھو خاموش ٿي ويا، فضا ڌنڌلي ٿي رهي هئي. محسوس ائين پي ٿيو تہ طوفان اچڻ وارو آهي. مرد، عورتون ۽ ٻار حيرت مان سپاهين کي ڏسي رهيا هئا. هيستائين هو سمجهي رهيا هئا تہ سپاهي عام انسانن کان مختلف ڪا ٻي مخلوق هوندا آهن، پر هنن ٽن سپاهين جون ڳالھيون ٻڌي هنن جي خيالن جا طلسم ٽٽي ويا هئا، پورهيت ۽ مزدور... ضرورت کين مجبور ڪيو هو جو پنھنجن ڀائرن تي گوليون هلائڻ لڳا هئا.
”اسان جو وقت اچي پھتو آهي، جيئرو پوريو يا ماري ڇڏيو، اسان کي ڪوبہ ڏک نہ ٿيندو.“ زخمي سپاهيءَ چيو. ماڻھو اڃا بہ خاموش بيٺا هئا، سپاهين کي ڏسي هنن فيصلو ڪيو هو تہ هو پنھنجي دل جو بخار ڪڍندا، پر اهو ڄاڻي تہ هو بہ هنن وانگر مفلس ۽ بکايل آهن تہ هنن جي ڪاوڙ ڪافور ٿي ويئي. زخمي ٽنگ وارو سپاهي ڪنجهڻ لڳو تہ سنھڙي سپاهيءَ چيو، ”ڪيئن آهين تاني!... سور گهڻو ٿي رهيو آهي ڇا؟“
”تاني بہ عجيب نالو آهي!“ هڪ ٻُڌي چيو ۽ سڀئي کلڻ لڳا.
”ڏاڍو سور اٿم، جيڪڏهن ڪٿان چاقو مليم تہ ڪَر ٽنگ ئي وڍي ڇڏيان.“ تانيءَ وراڻيو. ماڻھو جهُڪي هن کي ڏسڻ لڳا، هن جي ٽنگ ۾ گهرو گهاءُ هو، جيڪو وڌي ناسور بنجي ويو هو، سپاهي زخم تان پٽي هٽائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو، جيڪا زخم تي چھٽي ويئي هئي.
”افسوس! اسان وٽ....“ سڄيل منھن واري پاڻي گهرڻ ٿي چاهيو، پر ڊپ جي ڪري جملو پورو ڪري نہ سگهيو. تانيءَ هڪ ئي جهٽڪي سان پٽي ڇڪي لاٿي. ”ڪينئان....“ ميڙ مان ڪنھن چيو.
ٽنگ تي جيڪو زخم هو، ان ۾ ڊگها ڊگها ڪينئان سُري رهيا هئا، رت ۾ ٻڏل، ڪِنا ڪينئان تانيءَ پنھنجي هٿ سان زخم مان ڪڍي زمين تي اڇلڻ لڳو. ۽ هر ڀيري تڪليف جي ڪري تڙپي ٿي اُٿيو. سنھڙي سپاهيءَ هن کي تڙپندو ڏسي بڙ بڙ ڪرڻ لڳو، ”جيڪڏهن مون وٽ بندوق هجي ها تہ هن کي هميشہ لاءِ ان عذاب مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ ڏکيو نہ هو.“
سڀئي ڪينئان چونڊي تاني سور جي ڪري زمين تي تڙپڻ لڳو، سڄيل منھن واري اها ميري گدلي پٽي کڻي ٻيھر زخم تي ٻڌڻ لڳو، اهو ڏسي ويجهو بيٺل هڪ ڊگهي شخص چيو، ”پھرين پاڻيءَ سان زخم ڌوئي وٺ.“
سڄيل منھن واري ڪنڌ مٿي کڻي حيرت مان هن ڏانھن ڏٺو، ”پاڻي! ڪٿي آهي پاڻي... اسان ٽن ڏينھن کان پاڻي نہ پيتو آهي ۽ اوهين زخم ڌوئڻ جي ڳالھہ ٿا ڪريو.“
”نامرادو! وٺو پاڻي پيو.“
سپاهين اکيون ڦاڙي چوڻ واري ڏانھن ڏٺو، کين پنھنجي اکين تي يقين ئي نہ پي آيو. پوءِ سنھڙو سپاهي اُٿيو ۽ ڊگهي ماڻھوءَ کي ڀاڪر وڌائين. ”منھنجا ديس ڀائيو! اوهان جو ڪھڙي زبان سان ٿورو مڃان.“ هو روئي چوڻ لڳو، ”مرڻ کان پوءِ منھنجي کل جا ”جُتا“...
”چڱو چڱو وڌيڪ بڪواس نہ ڪر وٺ پاڻي پي.“ ڊگهي شخص کلندي چيو.
ٽنھي سپاهين ڍؤ ڪري پاڻي پيتو، تانيءَ پنھنجي پٽي ڌوتي ۽ زخم تي پاڻي وڌو. دشمني ۽ نفرت دور ٿي چڪي هئي، هر شخص سوچي رهيو هو تہ هو ڪيئن هنن بي سھارن جي مدد ڪري.
”ڀائرو! مون کي ماري ڇڏيو.... جيڪو دل ۾ اچي سو ڪريو... آءٌ اوهان جو اهو ٿورو ڪڏهن بہ نہ وساريندس.“ زخميءَ ٿڌو ساھہ کڻي چيو، ٻي گهڙيءَ هو ٿاٻو کائي ڪريو ۽ هن جو مٿو هڪ ڇوڪري سان ٽڪرايو. ڇوڪري هن جو مٿو ٻنھي هٿن سان جهليو ۽ گهٻرائجي چئني پاسن ڏسڻ لڳو. هڪ شخص اڳيان وڌي تانيءَ جي مٿي تي هٿ رکيو ۽ گهٻرائجي چيو، ”بخار... هن کي تہ سخت بخار آهي.“
تاني پٽ تي مڇيءَ وانگر تڙپي رهيو هو، ماڻھو هن جي سري کان بيھي بي وسيءَ مان هٿ ملڻ لڳا.
”هلو! هن کي کڻي هلو!! شايد شھر ۾ ڪو هن جو علاج ڪري.“ ڊگهي شخص چيو، سڀني هن جي تائيد ڪئي. ڊگهي شخص سنھڙي سپاهيءَ سان گڏجي تانيءَ کي کنيو ۽ قافلو هڪ ڀيرو وري هلڻ لڳو، ٿورو پريان وڃي اوچتو تانيءَ چيو.
”ڀائرو! ديس واسيو! مون کي ماري ڇڏيو.... مون کي ڏاڍي تڪليف آهي... آءٌ سھي نٿو سگهان.“
ماڻھو بيھي مرندڙ سپاهيءَ ڏانھن ڏسڻ لڳا، ڪجهہ همراھہ رستي جي ڀرسان قبر کوٽڻ لڳا. ان دوران تاني ختم ٿي ويو. ٻار حيران ۽ پريشان بيٺا هئا، عورتون سڏڪا ڀري رهيون هيون، مردن جي چھرن تي پڻ ڏک ۽ غم جا پاڇا هئا، لاش کي قبر ۾ لاهڻ وقت سُڄيل مُنھن واري کيسي مان تاش جا پتا ڪڍي لاش جي ڀرسان رکندي چيو:
”ڪلھہ تو هي مون کان گهريا هئا، پر مون نہ ڏنا هئا... وٺ! هاڻي وٺ ۽ فڪر نہ ڪر آءٌ تنھنجي ماءُ سان ملي کيس سڀ ڪجهہ ٻڌائيندس ۽ کيس دلاسو ڏيندس... تون ناراض تہ نہ آهين منھنجا دوست....” اهو چئي هو روئڻ لڳو، روئندي روئندي کيس خيال آيو تہ تاش جا پتا محفوظ ڪونھن، سو هن هٿ وڌائي پتا تانيءَ جي کيسي ۾ رکيا.
”افسوس صد افسوس.“ پوڙهي هاني لڙڪ وهائيندي چيو. ڊگهو شخص ۽ سنھڙو سپاهي ٻئي روئڻ لڳا، هنن جي پويان ٻيا ماڻھو بہ لڙڪ وهائي رهيا هئا.
”هاڻي اوهين ڪيڏانھن ويندا؟“ ڊگهي شخص ٻنھي سپاهين کان پڇيو. ”ڪھڙي خبر... اسين بي سھارا آهيون... اوهين ڪيڏانھن وڃي رهيا آهيو؟“ سڄيل منھن واري سپاهي ۽ سنھڙي سپاهيءَ هڪئي وقت چيو. ”ليو جي شھر! شايد اتي ڪجهہ کائڻ لاءِ ملي.“
”اسين بہ اوهان سان گڏ هلنداسين.“
ٿوري دير کان پوءِ هو سفر تي روانا ٿي ويا. سُڄيل منھن وارو هڪ مائيءَ جي هڙ کڻي هلي رهيو هو ۽ سنھڙو سپاهي هڪ ٻار جي آڱر جهلي هلي رهيو هو. سپاهيءَ ۽ ڳوٺاڻي جو ويڇو ختم ٿي چڪو هو، هو انسان هئا، هڪ ٻئي جا حال ڀائي... کين ڪاوڙ تہ ضرور هئي، پر انھن تي جيڪي انسان هوندي بہ انسان نہ هئا ۽ جن هڪ ڀاءُ کي ٻئي ڀاءُ جو ويري بڻائي ڇڏيو هو. جڏهن هو ليو جي شھر پھتا تہ رات جي ڪاري چادر ختم ٿي رهي هئي ۽ سج اُڀري رهيو هو، آزادي، امن، محبت، ڀائيچاري ۽ برابريءَ جو سج.

پراڻو ڳوٺ، نئون ڳوٺ

هي ننڍڙو ڳوٺ شينسي صوبي جي ڏاکڻينءَ حصي ۾ انھن پراڻن جبلن جي وچ ۾ هو، جن ۾ چين جي پراڻين لوڪ ڪھاڻين جي هٻڪار واسيل آهي، جن کي ’تائي يوئي‘ جبل سڏيو وڃي ٿو.
هتي جي زمين پٿرائين آهي. منجهس وڻ ٿين ئي ڪونہ. کيتي پوکيءَ جي لحاظ کان بہ هتي جي زمين صفا بيڪار آهي. ان ڪري هتي جي هارين کي لاچار جبل جي لاهين تي چاڙهيون ٺاهي، چوٽيءَ تائين پوک ڪرڻي ٿي پوي.
هتي جا رهاڪو هاري صدين کان نہ رڳو جبلن جي خلاف، پر هڪ اهڙي خوني، ڦورو ۽ وهم پرستيءَ واري تھذيب سان بہ لڙندا رهيا آهن، جيڪا لڳ ڀڳ ان تھذيب جھڙي هئي، جنھن ۾ حضرت عيسيٰ اک کولي هئي. البت هتي جا رهاڪو هڪڙي خدا جي بدران ڪيترن ئي ديوتائن کي پوڄيندا هئا. انھن ديوتائن ۾ قسمت جو ديوتا بہ شامل هو، جنھن انھن کي غريب ڪري پيدا ڪيو هو. ڀوتن، شيطانن ۽ بد روحن کان بہ هي ماڻھو ڊنل هئا، جيڪي سندن خيال موجب ٽڪرين هيٺان بيٺل وڻن تي يا جانورن جي جسمن ۾ لڪا رهندا هئا. اهو ئي سبب هو جو هي ماڻھو هميشہ سولائيءَ سان ڳوٺ جي ڌوتين ۽ ٽوڻن ڦيڻن وارين جي ڦندي ۾ ڦاسندا هئا، ۽ اهي ڌوتيون وڏي کريب ۽ اٽڪل سان کين ڊيڄارينديون هيون. اهڙي طرح سان اهي غريب هارين کي وڏيرن وٽ نيلام ڪري ڇڏينديون هيون. قرض جا ڳھيل ۽ بُکايل هاري پنھنجي ڪٺن حياتيءَ جو اظھار هن گيت سان ڪندا هئا:
فصل لُڀي هر سال، بُکون پوءِ بہ سال بسال،
پئسا گهرون ٿيون خوار، قرض ڪيو بي حال،
اڌ ريج ٿيل فصل اسان جو، ان ۾ قبرون چار،
ڪچي جهوپڙي ڀڳل ٿانوَ، ڏنگا ڦڏا هي ٿال.

پٿرائين ڀت وارو ڳوٺ اٽڪل سؤ کن گهرن جو هو. جن مان گهڻا جبلن ۾ کوٽيل غارن ۾ رهندا هئا. ڳوٺ جي ڏکڻ پاسي دريا وهندو هو. جنھن تي سدائين وڻن جي ڇانوَ هوندي هئي. دريا جي ڪناري تي هڪڙي اٽي پيھڻ جي چڪي هئي. ڳوٺاڻا اتان ڪڻڪ ۽ مڪائي پِھائيندا هئا. ڪڻڪ ۽ مڪائي کان سواءِ ٻي ڪابہ پيدائش ڪانہ ٿيندي هئي. ڪٿي ڪٿي زردالو، آلو بخارا ۽ ناسپاتين جا باغ بہ نالي ماتر هئا، جن مڙيئي هنن علائقي جي ويراني لڪائڻ ۾ مدد ڏني هئي.
پٿرائين ڀت واري ڳوٺ جي هڪڙي اهڙي نرالي خاصيت هئي، جنھن هن ڳوٺ کي ٻين ڳوٺن کان مٿڀرو ٿي ڪيو، سا خاصيت هيءَ هئي تہ هتي جون زالون ٻار گهڻا ڪانہ ڄڻينديون هيون. ان جا ڪيترا سبب هئا. هڪ تہ هتي جا هاري گهڻو ڪري ايترا تہ مسڪين هئا، جو زال جي خرچ جو بار نہ کڻي سگهندا هئا. تنھنڪري سڄي عمر ڪنوارا رهندا هئا. ٻيو هي تہ غربت جي ڪري گهڻي ڀاڱي نياڻين کي ڄمڻ شرط ماري ڇڏيندا هئا ۽ ٽيو سبب هو تہ دريا جي پراڙ ڇھن سالن کان وٺي جپاني ديرو ڄمايو ويٺا هئا، جن کان ڪنھن بہ نياڻيءَ جي عزت بچيل ڪانہ هئي، ڪيتريون زالون تہ بيمارين وگهي سُنڍ ٿي چڪيون هيون.
پٿرائين ڀت واري ڳوٺ ۾ وڏيري وانگ جو اثر هلندو هو. سندس ذاتي ڪردار جو هن ڪھاڻيءَ سان ڪوبہ واسطو ڪونھي، پر ڳالھہ هلندي سندس ذڪر ڪرڻ ۾ ڪا اربع خطا بہ ڪانہ ٿيندي.
ٻُچي ڏاڙهي واري وڏيري وانگ جي ڄمار پنجاھہ ورهيہ هئي. هو ڊگهي ڪانيءَ وارو حقو ڇڪيندو هو. ڳالھہ ڪندا آهن تہ جڏهن وڻندڙ موسم ۾ هو ٻاهر گهٽين ۾ گهمڻ نڪرندو هو، تڏهن مجال جو ڪير سندس سامھون اچي! اتفاق سان جي ڪنھن نڀاڳي ٻار جو رڳو هن کي هٿ لڳي ويو تہ هو ان جي کل خراب ڪري ڇڏيندو هو. تنھنڪري گهڻا غريب ماڻھو هن کي پري کان ڏسندي ئي گهرن ۾ لڪي ويندا هئا.
وڏيري وانگ وٽ 65 ايڪڙ نھري زمين هئي. ٽن ايڪڙن کان وڌيڪ زمين ڳوٺ ۾ ٻئي ڪنھن وٽ بہ ڪانہ هئي. ان کان سواءِ وٽس اٽي پيھڻ جي چڪي ۽ ڪيترا اَن سان ڀريل ڀانڊا هئا، کيس زال کان سواءِ هڪ پُٽ ۽ هڪ ڌيءَ هئي. پاڻ سدائين حسد ۽ ساڙ جي باھہ ۾ پيو پچندو هو.
وڏيري وانگ جي شاهوڪار هئڻ ڪري سندس زال ۽ ڌيءَ سدائين ٺٺ سان رهنديون هيون. جپان سان هلندڙ جنگ جي ڏينھن ۾ هي ٻئي ڄڻيون جپاني آفيسر جي گهر ۾ رات جو عيش عشرت ڪنديون هيون. اهو فوجي اڳواڻ ٻہ ميل پري ”چائو پائي سن“ نالي ڳوٺ جي سنڀال لاءِ مقرر ٿيل هو. سندس زال ۽ ڌيءَ جي اُٿ ويھه ڪري وڏيري جي خوشين توڙي ملڪيت ۾ گهڻو واڌارو ٿيو هو. وڏيرو وانگ جپانين لاءِ هارين کان ”اناج ٽيڪس“ اُڳاڙيندو هو. ان ۾ هو وڏيون گهوٻيون هڻندو هو. فوجي آفيسر کيس انھن گهوٻين کان سواءِ ڦرلٽ جو مال، گهرو سامان ۽ سوکڙيون پاکڙيون بہ ڏيندو هو. وڏيري جي پُٽ کي نڪي پڻس جي جپانين سان واپار جي ڏي وٺ بابت ڪو اعتراض هو ۽ نڪي سندس ڀيڻ جي جپاني آفيسر وٽ اچ وڃ بابت ڪا ڳڻتي ۽ غيرت. ڇو تہ ائين ماٺ ۾ رهڻ سان هو ٻين نوجوان ڇوڪرن وانگي جپانين جي بيگر کان بچي ويندو هو. وڏيري وانگ جو هي 25 سالن جو قداور سُھڻو ۽ مغرور پٽ مٿي تي اڇو رومال ٻڌيو، ڊگهو ڪارو جُبو پايو سڄو ڏينھن گهٽين ۾ پيو رُلندو هو. رات پوندي ئي بکايل تتر وانگر بي صبرائيءَ سان ماڻھن جي گهرن ۾ ڪاهي پوندو هو ۽ جيڪا بہ عورت کيس وڻندي هئي، تنھن کي زوريءَ کڻي ويندو هو. جيڪڏهن ڪير کيس روڪڻ جي ڪوشش ڪندو هو تہ هو کين جپانين کان سيکت ڏيارڻ جا دڙڪا ڏيندو هو.
شي ينگ نالي هڪڙو سُکيو هاري وڏيري وانگ جو ننڍپڻ جو يار هوندو هو، جيڪو سندس نائب منشيءَ واريون ذميواريون پوريون ڪندو هو. ڳوٺ ۾ ايڪڙ ٻيڪڙ ٻيا بہ سُکيا هاري هئا، پر انھن مان ڪنھن وٽ بہ ٻن ايڪڙن کان وڌيڪ زمين ڪانہ هئي، نہ وري هو ڪي ايترا هلندي پُڄنديءَ وارا ئي هئا.
لي نالي هڪڙو ڳوٺاڻو وڏيري وانگ جو جاني دشمن هو. ڳوٺاڻا کيس ”نئين شانگ“ يعني ”سڀاڳو“ ڪري سڏيندا هئا. سندس ڇاتي تائين ڊگهي ڏاڙهي، نراڙ ۾ گهنج پيل، اڌولاڻا ڏند ڀڳل، گُڪو ۽ ڪمزور هوندو هو. اٽڪل سٺ سالن جو ٿي لڳو. سياري توڙي اونھاري ۾ سندن بدن تي ڦاٽل ۽ ميرا ڪپڙا هوندا هئا. هو سدائين ڳوٺ ۾ گهمندو رهندو هو. لي جي پيدائش جو وڏو حصو وڏيرو کڻي ويندو هو. باقي بچت مان هو ڏاڍي ڏکيائيءَ سان پنھنجو، پنھنجي زال ۽ ننڍڙي پُٽ جو گذارو ڪري سگهندو هو. کيس هڪڙو ٻيو پُٽ بہ هو، جيڪو وانگ جي دشمني جي ٽڪر ۾ اچي مري ويو.
وڏيرو وانگ هميشہ جپاني فوجي اڳواڻن جون دعوتون ڪندو هو. دعوتن جي سموري رسائي مسڪين هارين کان اُڳاڙيندو هو. ويچارا هاري ان ڦرلٽ کان بيزار ٿي پيا هئا. انھي آزار کان ڇوٽڪاري لاءِ هڪ ڏينھن لي جي پٽ ۽ ٻين رضاڪار همراهن گڏجي جپاني فوجي اڳواڻ کي قتل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو، پر بدقسمتيءَ سان سندن هٿ وارو بم ڦاٽي نہ سگهيو، جيڪو هنن هڪ غار ۾ لڪي جپاني فوجي اڳواڻ تي اڇلايو هو. جڏهن وڏيري وانگ کي ان واقعي ۾ شامل ماڻھن جي خبر پئي تڏهن جپانين وٽ سرخرو ٿيڻ لاءِ جُوڻي هنيائين. جپاني فوجي آفيسر انھن ٽنھي جوڌن کي ٻنيءَ تان زوري کڻي کين هڪڙي مندر ۾ وٺي آيا، جتي سندن ڇاتين کي سنگينن سان پرڻ ڪري ڇڏيائون ان واقعي کان پوءِ لي وڏيري وانگ کان سخت نفرت ڪرڻ لڳو. پر زمانن جي غلامي ۽ بندگيري جي ڪري منجهس ايتري همت ڪانہ هئي، جو هو اڪيلي سر ڪو قدم کڻي سگهي.
1945ع ۾ جپان آمريڪا اڳيان هٿيار ڦٽا ڪيا، پر پٿرائين ڀت واري ڳوٺ جي ماڻھن انھي واقعي کي ڪا خاص اهميت ڪانہ ڏني، حالانڪ هنن دريا پراڙ جپانين کي ٽپڙ گول ڪندي ڏٺو هو. وڏيري وانگ وٽ جپاني فوجي اڳواڻ جون دعوتون تہ بند ٿي ويون هيون پر ڳوٺ تي وانگ جو دٻدٻو اڳوڻي وانگر اڃا بہ قائم هو. سندس پُٽ اڳوڻي جيان اڃا تائين بہ ڪيترين ڳوٺاڻين جي لڄالٽ ڪندو رهندو هو ۽ ڳوٺاڻن جي ڦرلٽ اڳي کان اڳري هئي. ڳوٺاڻا اڃا تائين قرضن جي ڳري بار هيٺ دٻيل هئا.
پٿرائين ڳوٺ ۾ انقلاب اهڙين ڪٺن ۽ قھري حالتن جي ڪري اچي مُنھن ڪڍيو. انقلاب جي باري ۾ ڳوٺ ۾ اُبتيون سُبتيون ڳالھيون تہ اڳ ۾ ئي پکڙيل هيون. ماڻھو ڪيتري وقت کان وٺي اهڙي سُس پُس ٻڌي رهيا هئا، جنھن ۾ اٺين روٽ فوج (چيني فوج جو نالو) ۽ جمھوريت جي نالي واري ڪنھن شئي جو ذڪر هوندو هو. اهڙن ڳوٺن جي باري ۾ خبرون ٻڌندا هئا، جن ۾ ڪوبہ وڏيرو ڪونھي. سڀني کي هڪ جيتري زمين ورهائي ڏني ويئي آهي وغيرہ. پر اڃا تائين انھن ڪنھن بہ اهڙين اوڦٽو ڳالھين تي ڪو خاص ڌيان ڪونہ ڏنو هو. هُنن جو ان ڳالھہ ۾ ويساھہ هوندو هو تہ هو غريب ئي ان ڪري آهن جو غربت سندن قسمت ۾ لکي ويئي آهي. هنن نہ ڪنھن سان وڙهڻ ٿي چاهيو، نہ ڪو ڪنھن کان حق گهرڻ جي ڳالھہ ٿي ڪئي. هنن کي وڏي ۾ وڏي ضرورت فقط ان ڳالھہ جي هئي تہ کين سندن حال تي ڇڏي ڏنو وڃي. هو جيئن آهن تيئن ٺيڪ آهن. وڏيري وانگ بہ اهڙا افواھہ ٻڌا هئا، پر ان اهڙين ڳالھين تي مُڇ بہ ڪانہ ٿي ڇنڊي. چالاڪ وڏيري ان جي باوجود بہ احتياط طور اڳواٽ ماڻھن جي ذهنن کي مُڏو ڪرڻ جي پرچار ڪئي تہ ”ٻين جي لٿل کل توهان جي جسم تي چڙهي نٿي سگهي.“ هونئن بہ هن ڳوٺ جي ماڻھن کي اهڙي دڙڪي ڏيڻ جي ڪابہ ضرورت ڪانہ هئي. ڇاڪاڻ تہ هنن ڪڏهن ڪنھن بغاوت لاءِ سوچيو بہ ڪونہ هو.
اهڙين حالتن ڪري بہ انقلاب پٿرائين ڀت جي ڳوٺ ۾ آهستي آهستي پھچندو رهيو. چين جي ٻين شين وانگر انقلاب ۾ بہ اها ساڳئي سُستي هئي. انقلاب پنھنجي اچڻ جو اعلان نہ تہ دھل تي ڏونڪي سان ڪيو، نہ بندوقن جي ٺڪا ٺوڪيءَ يا انقلابي نعرن ڪيو. سچ پُڇو تہ فقط پنج ماڻھو انقلاب کي پٿرائين ڀت جي ڳوٺ ۾ وٺي آيا، جيڪي نہ تہ پاڻ فوجي سپاهي هئا ۽ نہ ئي ڪميونسٽ پارٽي جا ميمبر. انھن مان هڪڙو اسڪول جو ماستر، ٻيو شاگرد، ٽيون پيش گير هو، چوٿون دڪاندار ۽ پنجون هاري هو. اهي سڀ ”هوسين“ ضلعي جي ”آزاديءَ واري جماعت“ جا ميمبر هئا. هو پٿرائين ڀت جي ڳوٺ جي اڳوڻي نظام کي اونڌو ڪرڻ آيا آهن.
”اونڌو ڪرڻ“ چيني انقلاب جو هڪڙو اصطلاح هو، جيڪو جپان جي هٿيار ڦٽا ڪرڻ بعد عام ڪيو ويو هو.جنھن جي معنيٰ هُئي تہ ڪنھن بہ ڳوٺ جي سماجي، سياسي ۽ معاشي زندگيءَ ۾ انقلاب آڻي جمھوريت قائم ڪرڻ. وهم پرستيءَ کي ختم ڪري عقل ۽ سمجهہ پيدا ڪرڻ. هن تحريڪ جو پھريون ڪم هو وڏيرا شاهيءَ جو تختو اونڌو ڪري زمين جي نئين سر ورهاست ڪرڻ.
ظاهري طرح هي ڪم تمام سولو ٿو لڳي، جيڪڏهن بندوق هٿ ۾ هجي ۽ ڪرسي بہ هجي تہ پوءِ ڪھڙي ڳالھہ ڏکي آهي. بس رڳو وڏيري کي حڪم ڪجي تہ فلاڻي جاگير مان حرام جو حصو ڪڍي الڳ ڪر. وڏيري لاءِ ايترو چوڻ ڪافي آهي. پر ائين نہ آهي، پٿرائين ڀت جي ڳوٺ ۾ ڪابہ پھچ يا مليشيا ڪانہ هئي، اٺين روٽ فوج پري ڏکڻ طرف پئي وڙهي. آزاديءَ لاءِ ورهندڙ گوريلا بہ ڪنھن ٻئي هنڌ پئي وڙهيا. هتي وڏيرو وانگ پنھنجي بادشاهي لڳايو ويٺو هو. ڪنھن جي پرواھہ ڪانہ هُيس. سڀ ماڻھو کانئس ڊنل هئا. انھيءَ ”ڇوٽڪاري واري ٽوليءَ“ جو اڳواڻ ’چويو چوان‘ هو. سندس عمر 31 سال هئي. هن جو پيءَ اڳ ۾ سکيو هاري هو، پر پوءِ سندس ڏيوالو نڪري ويو هو. چو ۽ سندس ساٿين ڳوٺ ۾ پھچندي ئي گهرن جي ڀتين تي شانسي، هوپي، هونان ۽ شان ٽنگ صوبن جي سرحدي علائقن جي حڪومتن جا حڪم ناما چنبڙائي ڇڏيا. جن ۾ هر ڳوٺ کي پنھنجو مھندار چونڊڻ جو اختيار ڏنل هو. انھن حڪمنامن ۾ اهو پڻ ڄاڻايل هو تہ ”ڍل ۽ وياڄ“ جي اگهن ۾ پڻ رعايت ڪئي ويندي. انقلابي ڪارڪنن انھن اعلانن جي سمجهاڻي لاءِ ڳوٺ ۾ هڪڙو جلسو سڏايو. ڳوٺ وارا ٻَري سور سان سندن ڳالھيون ٻڌي، گنگ ٻوڙ ۾ واپس گهرن ڏانھن روانا ٿيا. تنھن کان پوءِ ڪيترن ڏينھن تائين ڪارڪن ڳوٺ جي ماڻھن سان جدا جدا ملندا رهيا. ڳوٺاڻن کان سندن حالتن ۽ مسئلن بابت پڇا ڳاڇا ڪندا رهيا. موٽ ۾ ڳوٺاڻن کين ڪوبہ جواب ڪونہ ٿي ڏنو.
جڏهن بہ ڪو ڪارڪن ڪٿي بيٺل ماڻھن جي ميڙ ڏانھن ويو ٿي تہ ماڻھو آهستي آهستي ٽڙي پکڙي هليا ويندا هئا. سڄي ڳوٺ مان ايڪڙ ٻيڪڙ ماڻھن ڪارڪنن کي پنھنجي مُنھن آهستي آهستي ٻڌايو تہ هتي جا ماڻھو وڏيري وانگ کان تمام گهڻو ڊڄن ٿا.
انھن حالتن ۾ ڪم جاري رکڻ انقلابي ڪارڪنن لاءِ ڏاڍو ڏکيو ٿي پيو. هنن پاڻ ۾ فيصلو ڪيو تہ ڳوٺ جي مسڪين هارين سان اڪيلائيءَ ۾ ڳالھہ ٻولھہ ڪجي. انھن ڏينھن ۾ ٽوليءَ جو اڳواڻ ۽ هڪ ٻيو ڪارڪن هڪڙي غار ۾ گڏ رهندا هئا، جيڪو هڪڙي مسڪين هاري ”ماچپوري“ جي غار جي پاسي ۾ هو. ماچپوري اهو غار جنگ کان اڳ ۾ سٺ روپين ۾ ورتو هو. اهي پئسا سندس زال ڪپھہ ڪتي ڪمايا هئا. هينئر سندس زال بيمار هئي. ماچپوري گهڻو ڪري انقلابي ڪارڪنن سان غار ۾ ئي سمھي رهندو هو. رات جو ٽيئي ڄڻا گهڻي دير تائين پاڻ ۾ ڪچھري ڪندا رهندا هئا. ما انقلابي ڪارڪنن کي ٻڌايو تہ سندس ڪُٽنب جا ڀاتي ’چنگ بادشاهن‘ جي وقت کان وٺي ٻين جي زمين هاريپ تي ڪندا رهيا آهن. کين پنھنجي زمين ڪڏهن بہ نصيب نہ ٿي آهي، هر سال اٺ خرار ٻاجهر ٿيندي آهي، جنھن مان وڏو حصو وڏيرو اُنڊن جون بُنڊن ۾ هڻيو کڻيو وڃي. باقي ايتري تہ غربت آهي جو ڪجهہ پوري نٿو پوي. حالت اها اچي ٿي آهي جو منھنجي زال مرڻ ڪنڌيءَ تي اچي پھتي آهي، پر سندس علاج لاءِ مون منجهہ ڪا بہ پُڄت ڪانہي. ٻہ سال اڳ جڏهن منھنجي پيءُ جھان ڇڏيو تہ پويان مون وٽ ايترو پئسو ڪونہ هو جو کڻي کيس جوڙي پوتي ڏيئي سگهان. لاچار مون پنھنجي پيءُ جي لاشي کي ڪکن ۽ پنن ۾ ويڙهي ڍڪي ڇڏيو. ”هن وقت منھنجي ڄمار 35 ورهيہ اچي ٿي آهي ۽ ائين پيو نظر اچي تہ باقي عمر بہ ائين ڌڪا ٿاٻا کائيندي گذري ويندي.“ سندس خيال ۾ سندس تڪليفن جو اصل سبب هي هو تہ هو حد کان وڌيڪ بيوقوف ۽ بي عقل هو.
انقلابي ڪارڪنن پُڇيس تہ، ”ڇا تون ان ڪري غريب آهين جو توکي سٺو دماغ ڪونہ مليو آهي يا توکي تنھنجي پيءُ وٽان ڪابہ ملڪيت ورثي ۾ ڪانہ ملي آهي؟“
اهو ٻُڌي هو سوچ ۾ پئجي ويو ۽ چيائين ”مون کي توهان جي ڳالھہ لڳي، منھنجي غربت جو شايد اهو ئي سبب آهي جو مون کي ورثي ۾ ڪجهہ ڪونہ مليو هو.“
انقلابي ڪارڪنن چيس تہ ”جيڪڏهن اهو ئي سبب آهي تہ پوءِ اچ تہ ليکو ڪريون. تنھنجي ابن ڏاڏن سٺ سالن کان اها زمين هاريپ تي ڪئي آهي ۽ هر سال چار خرار وڏيرو کڻيو وڃي. ان حساب سان 240 خرار اَن وڏيرو کڻي ويو آهي. جيڪڏهن اهو ان وڏيري بدران تو وٽ هجي ها تہ پڪ سان تون سُکيو هجين ها. تنھنڪري تنھنجي غربت جو بہ سبب اهو آهي تہ وڏيري توهان کي ڦريو آهي.“
اهڙين ڪچھرين جو سلسلو ڪلاڪن جا ڪلاڪ هلندو رهندو هو. نيٺ هڪڙي ڏينھن غريب هاري ما کي اها ڳالھہ سمجهہ ۾ اچي ويئي تہ واقعي سندس ڦرلٽ ٿيندي رهي آهي. پر پوءِ بہ هو چوندو رهيو تہ ”آخر آءٌ ڪري بہ ڇا ٿو سگهان؟ آءٌ سڀني جي نظر ۾ حقير آهيان. وڏيرو گهر ۾ ويھي آرام سان ٿو کائي ۽ آءٌ ٻنيءَ ۾ بيٺي بيٺي ٻہ گرھہ ڳڙڪايان ٿو. منھنجي ڀلا حيثيت ڪھڙي آهي؟ مون کي سڀ ذليل سمجهن ٿا.“
هڪ ڪارڪن چيو تہ ”آخر ائين ڇو آهي؟ اهو رڳو ان ڪري آهي جو تو وٽ ملڪيت ناهي ۽ هتي جنھن وٽ دولت ناهي تنھن کي ڪير پُڇي بہ ڪونہ ٿو! ان ڪري تہ اسان کي انقلاب جي ضرورت آهي تہ جيئن سڀني کي هڪ جيتري عزت ملي ۽ ڪير ڪنھن کي پاڻ کان نيچ نہ سمجهي.“
نيٺ مسڪين هاريءَ ما اها ڳالھہ بہ مڃي تہ ٻيلي چئو سچ ٿا. غريب تڏهن خوش ٿيندا جڏهن وڏيرا شاهيءَ جو تختو اونڌو ڪيو وڃي. پر کيس ان ڳالھہ جو يقين ئي ڪونہ ٿي آيو تہ ڪو وڏيرا شاهي بہ ختم ڪري سگهجي ٿي. اڃا زباني ڳالھين ۽ عملي قدمن جي وچ ۾ وڏو فاصلو هو. ما ۽ ٻيا چيني هاري ٻن هزارن سالن جي پراڻين ريتن رسمن جي پنجوڙ ۾ جڪڙيل هئا. پندرهن ڏينھن تائين لڳاتار اها ڳالھہ ٻولھہ ٿيندي رهي. ان وچ ۾ عام گپ شپ کان سواءِ 23 دفعا باقاعدي ويھي ڳالھيون ٿيون. ان سان گڏ ڪارڪنن ڳوٺ جي ٻين هارين سان بہ ڳالھايو. پر انھن سڀني مان ڪم وارو ماڻھو ما نڪتو.
مٿين صورتحال مان اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو تہ چين جي هارين کي سجاڳ ڪرڻ ڪيڏو نہ ڏکيو ڪم هو. جڏهن ما ڦرلٽ ڪندڙ اصلي ڌاڙيلن کي سڃاڻي ورتو، تڏهن هو ”جدوجھد“ ڪرڻ ۽ وڏيري سان ”ليکو چڪتو“ ڪرڻ لاءِ چڱي طرح تيار ٿيو. پر اڃا بہ هو ڊنل هو. هن انقلابي ڪارڪنن کان پڇيو تہ ”ٻيلي! ڳالھہ ٻُڌو، جڏهن پاڻ وڏيرن خلاف وٺ پڪڙ شروع ڪنداسين تڏهن توهين اسان کي ڇڏي ڀڄي تہ نہ ويندا؟“ ڪارڪنن توڙ نباهڻ جو واعدو ڪيو ۽ چيو تہ ”جيسين ڳوٺ ۾ انقلاب جو سمورو ڪم پورو نہ ٿيندو، تيسين اسين ڪيڏانھن ڪونہ وينداسين.“ اهڙي طرح ما پٿرائين ڀت واري ڳوٺ جو هڪڙو انقلابي ڪارڪن ٿي ويو.
وڏيرا شاهيءَ جو تختو اونڌو ڪرڻ لاءِ فقط هڪ ماڻھو اڪيلي سر ڪجهہ بہ نٿو ڪري سگهي. ايڏي ساري ڪم لاءِ جهجهن ماڻھن جي گهرج هوندي آهي. تنھنڪري سورهين رات ما پنھنجن ٽن دوستن کي ڪارڪنن سان ملائڻ لاءِ وٺي آيو. هو ڪارڪنن واري غار ۾ گڏجي ويٺا. انھن ۾ هڪڙو ”سڀاڳو“ پوڙهو لي بہ هو.
نون آيل هاري دوستن جي ٻيڙين سان آڌر ڀاءُ ڪئي ويئي. انقلابي ڪارڪنن کين ٻڌايو تہ ”اسين هڪ عوامي حڪومت ٺاهڻ ۾ اوهان جي مدد ڪرڻ آيا آهيون. اسان کي خبر آهي تہ ڳوٺ جا ماڻھو ڏک سور کائي ۽ لڙڪ پي پنھنجي حياتي زهر وانگر ٿا گذارين. اسان تي پاڻ هزارين ظلم ٿيا آهن. سڀئي ڏکويل هڪڙي ئي گهر جا ڀاتي آهن. اسان کي پنھنجا ڏک ٻڌايو تہ جيئن انھن ڏکن کي ختم ڪرڻ جي ڪا اٽڪل ڳولي ڪڍون. ڪو اُلڪو نہ ڪريو، جي اڄ رات ڪجهہ ٻڌائي نٿا سگهو تہ ڪا اربع خطا ڪانہي. ڀلي گهر وڃي ان ڳالھہ تي دل من پُڇو، سوچ ويچار ڪريو. تڪڙ ڪانہي، ڀلي ٽن چئن ڏينھن کان پوءِ جواب ڏجو.“ ان ڳالھہ ٻولھہ کان پوءِ هارين جو گهڻو ڊپ لھي ويو ۽ هو پنھنجا ڏک بي ڌڙڪ ٻڌائڻ لڳا. ڪيترا دفعا تہ جوش ۾ اچي چئني ڄڻن ٿي ڳالھايو. انھن مان ويھن سالن جي ليوڪوانگ هاريءَ پنھنجو قصو هن طرح ٻڌايو تہ هڪڙي ڀيري وڏيري کيس حڪم ڪيو تہ هو وڃي جپان جي بيگار فوج ۾ ڪم ڪري. سندس انڪار ڪرڻ تي وڏيري ۽ سندس پٽ کيس ٻڌي کوھہ ۾ اونڌو ٽنگي ڇڏيو. ڪلاڪن جا ڪلاڪ هو سسيءَ تائين پاڻي ۾ ٻُڏو رهيو ۽ پوءِ جڏهن کيس ٻاهر ڪڍيو ويو تہ هو اڌ مُئو ٿي چڪو هو. ان واقعي کان پوءِ هو جپانين لاءِ تہ ٺھيو، پر پنھنجي ٻنيءَ تي بہ ڪم ڪري نٿي سگهيو.
پاؤ نالي هڪ ڄاڻو هاريءَ پنھنجو حال اوريندي ٻڌايو تہ ”هڪڙي ڏينھن وڏيري زور ڪيو تہ هو وڏيري جي اَن جي لڪل ڀانڊن مان اُن ٻاهر ڪڍي. مون کان اهو ڪم وڏيري زبردستي ۽ دٻڙاٽي ڪرايو ۽ مزوري مون کي هڪڙي پائي بہ ڪانہ ڏنائين.“ پڇاڙيءَ ۾ سڀاڳي ليءَ پنھنجي پُٽ جو دل ڏاريندڙ داستان ٻڌايو. نيٺ آڌي رات جو سڀني فيصلو ڪيو تہ هاڻ پلاند ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي ۽ نبيري کائينداسون. انھن واعدو ڪيو تہ هاڻ جيڪڏهن جپان يا ’چيانگ ڪائي شيڪ‘ جون فوجون بہ واپس اچن تہ بہ اسين ڪنھن بہ صورت ۾ بغاوت ڪنداسين. پوءِ اسان جي اها ڪاميابي ڀلي کڻي هڪڙي ڏينھن لاءِ ڇو نہ هُجي. ان لاءِ وڌيڪ هارين کي سجاڳ ڪرڻو پوندو. اهو فيصلو ڪري هنن ڪچھري گُل ڪئي. ٻي رات وري ڪچھري ٿي، جنھن ۾ 13 هاري آيا. ان ڪچھريءَ ۾ بہ پھرين ماڻھن پنھنجي ڏکن سورن جا داستان ٻڌايا. پوءِ هي فيصلو ٿيو تہ هن جدوجھد ۾ سڄي ڳوٺ جي ماڻھن کي شامل ٿيڻ جي لاءِ تيار ڪرڻ لاءِ هڪڙو جلسو سڏايو وڃي. ان ڪچھريءَ ۾ ماڻھن اهو انومان ڪيو تہ وڏيري کي هنن ڪچھرين جي خبر پئجي ويئي آهي. ڇو جو هڪڙي هٿ ٺوڪئي مليشا جي اڳوڻي سپاهيءَ کي هنن ڪچھرين جي خبر آهي. ان جڙتو سپاهيءَ سان وري وڏيري جي ڌيءَ ڦٽل آهي. تنھنڪري هيستائين ضرور وڏيري کي خبر پئجي ويئي هوندي. انقلابي ڪارڪنن هارين کي تسلي ڏني ۽ چيو تہ ”اوهين ڪوبہ اُلڪو نہ ڪريو.“ پر هارين جا انومان صحيح نڪتا.
ان رات ڪچھريءَ کان پوءِ سڀاڳو لي واپس گهر ڪونہ وريو! هڪ تہ هو سڀني کان جهونو هو ۽ ٻيو تہ هو رات جو گهر کان ٻاهر ڪڏهن بہ ڪونہ رهندو هو. تنھنڪري سندس زال کي گهڻي هورا کورا ٿي پيئي. جڏهن ٻہ ڏينھن ٻيا بہ هو غائب رهيو پوءِ تہ سندس زال اصل چري ٿي پيئي. هر ڪنھن گس ويندڙ کان پُڇڻ لڳي، ”ڪنھن منھنجو مڙس تہ ڪونہ ڏٺو؟“ پر ڪابہ خبر پئجي ڪانہ سگهي. آخري دفعو کيس ڪچھريءَ مان اٿي گهر ڏانھن ويندي ڏٺو ويو هو، پوءِ سندس ڪوبہ پتو ڪونہ پيو. هن جو گس ڏکيرڙو هو، هڪڙي ٽڪري درياھہ مٿان ليٽيل هوندي هئي، ان تان سندس گس هو. ماڻھن جو انديشو هو تہ متان درياھہ ۾ ڪري پيو هجي، هجي يا رستو ڀلجي ويو هجي ۽ گهر وٽان لنگهي سڌو اڳيان نڪري ويو هجي. پر صل حقيقت جي ڪنھن کي بہ خبر ڪانہ هئي.
ٽئين ڏينھن کان پوءِ چڪيءَ ۾ ڪڻڪ پيھندي هڪڙي ماڻھو محسوس ڪيو تہ مشين جو ڦيٿو صحيح نموني ۾ نٿو ڦري، جڏهن هن چتائي ڏٺو تہ کيس ڦيٿي ۾ پوڙهي ليءَجو لاش ڦاٿل نظر آيو. هن جا هٿ پٺيان ٻڌل هئا ۽ وات ۾ ڪپڙو ڦَسيل هو.
ڳوٺ جو ڪوبہ ماڻھو لاش کي ويجهو وڃڻ لاءِ تيار ڪونہ هو. تنھنڪري انقلابي ڪارڪنن لاش اتان ڪڍيو ۽ عبادت گاھہ ڏانھن کڻي ويا. چين ۾ اهو پراڻو رواج آهي تہ قتل ٿيل جو لاش گهر ۾ ڪونہ آڻبو آهي، ان ڪري هو ان کي مندر ۾ ڇڏي سندس زال کي وٺي آيا. زالس اچي اڇو ڪفن پنھنجي مڙس کي پھرايو ۽ پوءِ ميت تي اوڇنگارون ڏيئي روئڻ لڳي. ڪانڌين انتھائي ڏک سان اهو دل ڏاريندڙ منظر ڏٺو. سندن دليون لُڇڻ ۽ ڦٿڪڻ لڳيون. پر هنن ٻاڦ ٻاهر ڪانہ ڪڍي. گهرن ڏانھن موٽندي پاڻ ۾ چُڻ ڀُڻ ڪندا پئي ويا تہ ”ٻيلي! ڀلائي انھيءَ ۾ آهي تہ ماٺ ڪري ويھي رهجي. ڪھڙي خبر تہ هاڻي اسان جو وارو هُجي.“ ان واقعي جي ڪري پٿرائين ڀت واري ڳوٺ ۾ انقلاب کي ڪاپاري ڌڪ لڳو. انقلاب دشمنن غريب ڳوٺاڻن تي اهو پھرئين حملو ڪيو هو.
پوڙهي ليءَ جي قتل کان پوءِ ماڻھن ۾ ڊپ ۽ هراس پکڙجي ويو، هو بلڪل ماٺ ڪري ويھي رهيا. اهي هاري جيڪي پھرئين ڪچھري ۾ شامل ٿيا هئا سي چوڻ لڳا تہ ”ٻيلي! اڃا تہ اسان وٺ پڪڙ شروع ئي ڪانہ ڪئي آهي، تيسين اسان جو هڪڙو همراھہ مارجي ويو آهي.“
خود انقلابي ڪارڪنن کي بہ ان واقعي حيران ڪري وڌو هو، انھن کي هر هر اهو خيال ستائي رهيو هو تہ هنن هارين جي انديشن تي ڌيان نہ ڏيئي وڏي ڀُل ڪئي آهي، ٻيو تہ جنھن غار ۾ هو ڪچھري ڪندا هئا اهو بہ خطري کان خالي ڪونہ هو ڇاڪاڻ تہ ڪير بہ ان ۾ دستي بم اڇلي سگهيو ٿي. پر سڀني کان وڏي ڳڻتي ان ڳالھہ جي هئي تہ متان هاري ڊڄي پون ۽ انقلابي جدوجھد تان هٿ نہ کڻي وڃن. تنھنڪري انھن ماڻھن ٻيھر همت وڌائڻ لاءِ هڪ تعزيتي جلسي ڪرڻ جو پروگرام ٺاهيو ويو.
مندر جي سامھون هڪڙو ٿلھو ٺھيل هو، جنھن تي مذهبي سڳورا ڏينھن ملھايا ويندا هئا. انھي ٿلھي تي انقلابي ڪارڪنن چيئرمين مائوزيتنگ ۽ اٺين روٽ فوج جي اڳواڻ مارشل چوتيه جون تصويرون آڻي رکيون ۽ انھن سان گڏ ڪاغذ جا پرچا بہ لڳائي ڇڏيا جن تي لکيل هو تہ ”اسين مسڪين هاريءَ ليءَ جي خون جو بدلو وٺنداسين.“
ڳوٺ جي هڪ سؤ کن هارين جلسي ۾ شرڪت ڪئي ۽ وڏيرو وانگ جلسي ۾ ڪونہ آيو. ضلعي جي مئجسٽريٽ جلسي ۾ تقرير ڪندي ماڻھن کي چيو تہ ”حڪومت خونن جي وارداتن کي ختم ڪرڻ ٿي چاهي، پر البت ماڻھن کي بہ پنھنجي جدوجھد جاري رکڻ گهرجي ۽ پنھنجي جمھوري حڪومت ٺاهڻ گهرجي.“
تعزيتي جلسو چار ڪلاڪ کن هليو. ان کان پوءِ انقلابي جدوجھد جي ٻين مسئلن تي غور ڪرڻ لاءِ هڪ ٻي بہ گڏجاڻي ڪوٺائڻ جو اعلان ڪيو ويو. ان ۾ ڳوٺاڻن اچڻ کان ٺپ جواب تہ ڪونہ ڏنو، پر آهستي آهستي ڪيترن ئي لھرائيندي معافي پئي گهري. ڪيترن تہ ائين بہ چئي ڏنو، تہ ”اسان کي تمام ضروري ڪم آهي.“ ان هوندي بہ ڇھہ هاري ان ڪچھري ۾ اچي شريڪ ٿيا.
ڪچھريءَ ۾ انھن ڇھن ڄڻن فيصلو ڪيو تہ وڏيري وانگ کي ان قتل جي سزا ضرور ملڻ گهرجي. پنجن ڏينھن کان پوءِ هڪ ٻي گڏجاڻي ٿي، جنھن ۾ ٽيھہ ڄڻا گڏ ٿيا. انھن ٽيھن هارين کي پھريائين ڇھن هارين اڳواٽ سڄي ڳالھہ کان باخبر ڪيو هو. اڌ رات تائين هنن پنھنجا دل ڏاريندڙ داستان ٻڌايا: اسان سان وڏيري وانگ ڪھڙا ڪھڙا ڪلور ڪيا آهن. پوءِ اوچتو ويٺلن مان ڪنھن هڪ کين هيئن چيو تہ ”ڏسجو متان وڏيرو وانگ ڊپ کان ڀڄي نہ وڃي.“ اها ڳالھہ ٻڌي گهڻن هارين گڏجي اها رٿ ڏني تہ وڏيري وانگ کي هڪدم قابو ڪيو وڃي، متان سچي پچي ڀڄي نہ وڃي. گهڻي بحث مباحثي کان پوءِ اها رٿ سڀني منظور ڪئي ۽ هو سڀئي گڏجي وڏيري جي گهر تي چڙهائي ڪرڻ لاءِ روانا ٿيا. انھن وٽ فقط هڪڙي بندوق ۽ ٽي هٿ وارا بم هئا.
غار مان نڪري همراھہ ٻن ٽولين ۾ ورڇجي ويا. هڪڙي ٽولي ٽڪرين واري پاسي کان ٿيندي مُرڳو وڏيري جي ڪوٽ جي اڱڻ مٿان اچي پھتي ۽ ٻي ٽولي سڌو ڪوٽ جي دروازي وٽان آئي. انھن اچڻ شرط در تي زور سان ٺڪ ٺڪ ڪئي ۽ هڪل ڪري وڏيري کي چيائون تہ ٻاهر نڪر. وڏيري جي زال اچي در کوليو ۽ چيائين تہ وڏيرو گهر ڪونھي، پر هاري مائيءَ تي ڪونہ وسھيا ۽ ڌوڪي گهر ۾ ڪاهي پيا. گهڻي ڳولھا ڦولھا کان پوءِ هارين هڪ ڪٻٽ پٺيان هڪڙو ڳجهو در ڏٺو،جيڪو هڪڙي سرنگ جو هو. هو سڀئي ان سرنگ ۾ لھي پيا ۽ وڃي هڪڙي ڳجهي غار ۾ پھتا. وڏيري سمجهيو تہ غار ۾ کيس ڪير بہ ڪونہ ڏسندو، تنھنڪري اتي لڪو ويٺو هو. اوچتو هارين اچي کيس ڳٿر کان جهلي گهلي ٻاهر ڪڍيو. اتان ڪڍي آڻي هڪڙي جاءِ ۾ قيد ڪيائونس.
وڏيري جو پُٽ ان رات ڳوٺ مان ڀڄي وڃي ”هوسين“ ضلعي جي هڪڙي وڏي شھر ۾ پھتو، جيڪو اتان کان پنج ڪوھہ پري هو. هن شھر ۾ ٻين ڳوٺن جي وڏيرن ۽ جاگيردارن گڏجي هڪڙي ڇتي آدمخور فوج تيار ڪئي هئي، جنھن ۾ چور، ڌاڙيل، اڳوڻي ڀاڙيتو فوج جا سپاهي ۽ هڪڙي جنگي سردار ’ين سي شان‘ جا سپاهي بہ شامل هئا. جڏهن ڳوٺاڻن کي خبر پيئي تہ وڏيري جو پٽ ڀڄي ويو آهي تہ هو ويچارا ڏاڍا پريشان ٿي پيا. ڇو تہ هنن جي خيال ۾ ”چيتي کي جهلڻ سولو آهي پر جهلڻ کان ڀڄي وڃڻ جو وجهہ ڏيڻ هاڃيڪار آهي.“ تنھنڪري هو دلگير ٿي پيا. وڏي سوچ ويچار کان پوءِ هنن اهو فيصلو ڪري ڇڏيو تہ کڻي ڇا بہ ٿي پوي پر هو وڏيري جي خلاف پنھنجي جدوجھد جاري رکندا.
ان ڏينھن شام جو ڳوٺ جي ڏکڻ طرف دريا کان ٿورو پرڀرو هڪڙي پوٺي تي آس پاس جا ماڻھو اچي گڏ ٿيا. انھن ۾ وڏيري جي زال ۽ ڌيءَ بہ هيون. غريب ڳوٺاڻن ان ميڙ ۾ وڏيري جا ڪيل ڳاڻيٽي کان ٻاهر ڏوھہ ٻڌايا. جھڙوڪ: وڏيري وانگ جپان خلاف وڙهندڙ وطن دوست ماڻھن سان غداري ڪئي هئي، هارين کان سندن اَن ڦري انھن جا ٻچا بکن ۾ ماريا هئائين. انھن کان زوريءَ ڇيڙ ۽ بيگر وٺندو هو. وڏيري کان پڇيو ويو تہ ڇا هو انھن سڀني الزامن کي قبول ڪري ٿو؟
وڏيري مڪاريءَ سان جواب ڏنو تہ، ”اهي ڪم مون ڪيا تہ برابر آهن پر پنھنجي مرضيءَ سان نہ! جپانين مون کان زوريءَ ڪرايا آهن.“
پنھنجي ڏوهن کي لڪائڻ جي هيءَ هڪ انوکي ڪوشش هئي. اهو ٻڌي ماڻھو ڇرڪي پيا ۽ بيٺل ميڙ سمنڊ جيان ڇوليون کائڻ لڳو. ڪيترن ماڻھن گڏجي واڪا ڪيا. هر ڪو ماڻھو وڏيري جي بيان کي ڪوڙو چئي رهيو هو. هن کان اڳ جيڪي ماڻھو ٺلھا بيٺا هئا، سي بہ وڏيري جي ڪوڙ ڳالھائڻ تي ٻرندڙ جبل وانگر ٽھڪڻ لڳا.
اوچتو ان اُڀ ڏاريندڙ گوڙ مان هڪ گرجدار آواز آيو تہ ”هن کي ابتو ٽنگيو وڃي.“
ماڻھو ڪاوڙ ۽ جوش کان آپي مان نڪري ويا، هنن انقلابي ڪارڪنن ۽ ميڙ جي صدر کي ائين نظر انداز ڪري ڇڏيو هو، ڄڻ انھن جو جود ئي ڪونہ هو. ماڻھو وڏيري وانگ کي چوڌاري ڦري ويا. انھن مان هڪڙي اتي بيٺل وڻ تي رسو اڇلائي سرڪڻ ٺاهي، هڪڙي ڄڻي ’وڏي حُب‘ سان وڌي سرڪڻ وڏيري جي چيلھه ۾ وڌي. اک ڇنڀ ۾ وڏيرو ٽنگيو ويو. هن جو مٿو هيٺ هو ۽ ٽنگون مٿي لڙڪيل هيون، جيئن بدڪ پاڻيءَ ۾ غوطو هڻي کاڌو ڳولڻ مھل ٽنگون مٿي ڪندي آهي. چوڌاري بيٺل ماڻھو ڪاوڙ کان ڄڻ چريا ٿي پيا هئا. هنن جي منھن ۾ گهُنج ۽ واتن ۾ گاريون هيون. ڪو وڏيري جي ڪنن جي ويجهو وڃي زور سان رڙيون ڪري کيس گاريون ڏيئي رهيو هو تہ ڪو مُنھن ۾ ٿڪون ۽ کانگهارا هڻي رهيو هو. وڏيرو وانگ خوف ۽ دھشت کان ڏڪي رهيو هو. جيئن جيئن وقت گذرندو ويو، تيئن تيئن سندس حالت خراب ٿيندي ويئي. جڏهن ڳالھہ گوڙ کان چڙهي ويئي تڏهن دانھون ڪري چوڻ لڳو تہ ”مون کي رڳو هيٺ لاهيو. آءٌ پنھنجا سڀ ڪيل ڏوھہ قبوليان ٿو.“ پر هارين جي ڪاوڙ ايترو جلد ڪٿي ٿي ٿڌي ٿئي. ڪنھن وڏي آواز ۾ چيو ”هن کي اڃا بہ مٿي ڪري ٽنگيو.“
ايتري ۾ ڪن سمجهو ماڻھن اها صلاح ڏني تہ جيڪڏهن هن کي هينئر ئي پورو ڪري ڇڏينداسين تہ پوءِ ”حساب چُڪتو“ ڪيئن ڪنداسين. نيٺ جڏهن ماڻھن جي ڪاوڙ ٿوري گهٽ ٿي، تڏهن وڏيري کي هيٺ لاٿائون. اوڏيءَ مھل شھيد ليءَ جي زال ڊوڙي هن جي ويجهو آئي ۽ دانھون ڪندي پڇيائينس تہ ”منھنجو مڙس خون ٿي ويو آهي. ٻڌاءِ اهو خون تو ڪرايو آهي؟“ گهڻي دير ٽنگجڻ ڪري وڏيري جو منھن ڳاڙهو ٿي ويو هو. پر هن ڳالھہ ٻڌڻ شرط ککو وکو ٿي ويو. هن ڊپ ۽ هراس کان ڏڪندي چيو تہ، ”نہ.... نہ.... اهو خون مون ڪونہ ڪيو آهي....“
انھيءَ تي ماڻھن چيس تہ ”اسان کي سچي پچي ٻڌائيندين تہ اسين توکي ڪجهہ ڪونہ ڪنداسين، نہ تہ وري ٽنگي ڇڏينداسين.“
”نہ نہ اهو ڪم مون نہ ڪيو آهي.“ وڏيري اڃا اهي لفظ چيا ئي مس، تيسين وري ٽنگجي ويو. هن دفعي هو ڳچ دير تائين ٽنگيو پيو هو. جڏهن هو وڌيڪ سھي نہ سگهيو تہ روئي پيو ۽ چيائين ”مون کي هيٺ لاهيو، آءٌ سڀ ڪجهہ ٻڌايان ٿو.“ پوءِ سُڏڪندي سڏڪندي ٻڌايو تہ جڏهن پوڙهي لي ڪچھريءَ کان پوءِ گهر پئي ويو تہ مون ۽ منھنجي پٽ ليءَکي جهليو هو ۽ هن کي وٺي وڃي پاڻي ۾ ايستائين اونڌو ڪري جهليو هو، جيستائين هن جو پساھہ نڪري ويو. تنھن کان پوءِ لاش دريا ۾ اڇلي ڇڏيوسين. سمجهيوسين تہ لاش دريا ۾ لڙهي هليو ويندو. اِها ڳالھہ ٻڌي ماڻھن کي ويتر ٽانڊا لڳي ويا. هنن وري بہ وڏيري وانگ کي اُبتو ڪري ٽنگي ڇڏيو. ماڻھن جو شور تيز ٿي ويو. ڪي چون تہ ”هاڻ جيسين نہ مري تيسين ڀلي ٽنگيو پيو هجي.“ ٻين وري چيو تہ، ”ائين تہ هي جلد مري ويندو. ڀلي مرڻ کان اڳ ۾ انھن سڀني عذابن جو مزو چکي، جن عذابن ۾ اسين هميشہ پيا رهون.“ آخرڪار رات جو کيس هيٺ لاهي هڪڙي غار ۾ بند ڪيو ويو.
جلسي ختم ٿيڻ کان پوءِ ويھارو ٽيھارو کن همراھہ گڏجي وڏيري وانگ جي حويلي تي پھتا ۽ وڏيري جي زال ۽ ڌيءَ کي گهر کان ٻاهر ڪڍي، حويليءَ کي سيل مھر ڪري ڇڏيائون وڏيري جي زال ۽ ڌيءَ ڪنھن ويجهي ڳوٺ ۾ پنھنجن مائٽن ڏانھن هليون ويون.
رات جو پنجن ئي ڪارڪنن گهمي ڦري ڳوٺ جو واءُ سواءُ ورتو. هنن ڳوٺاڻن کان ٻُڌو تہ ”وڏيري سان چڱي تعدي ڪئي اٿن. لائق ئي ايتري جو آهي. وڏو بدمعاش ۽ ظالم آهي. جيڪي هن سوئر ظلم ڪيا آهن، سي جي سڀ ڏسجن تہ پوءِ هن لاءِ هيءَ سزا تہ ڪجهہ بہ ڪانہي!“ اُن رات وڏيري جي ڪوٽ اندر هڪ وڏو جلسو ٿيو، جنھن ۾ 133 ڳوٺاڻا گڏ ٿيا. هنن سڀني جو خيال هو تہ هاڻي جدوجھد کي اڳيان ڪيئن وڌائجي.
انقلابي ڪارڪنن سڀني همراهن کان پڇيو تہ ”جيڪو ڪجهہ اوهان ڪيو آهي تنھن مان اوهين خوش آهيو؟“ سڀني گڏجي جواب ڏنو تہ ”ها، اسين سڀ ڏاڍا خوش آهيون.“
سڀ کان وڏو مسئلو هو تہ وڏيري سان ڪھڙو سلوڪ ڪجي؟ ڇا کيس ماريو وڃي؟ ان سوال لاءِ ڪيتريون رٿون مليون. ڪي چون تہ: کيس ايترا عذاب ڏنا وڃن جو ڦٿڪي ڦٿڪي ساھہ ڏي. ڪي چون تہ ٻيلي همراھہ صفا پيرسن آهي، ڪجهہ مٿس رحم ڪيو وڃي. ڪي وري صفا ماٺ ۾ هئا. ٻين صلاح ڏني تہ وڏيري جو منشي بہ شاهوڪار ۽ بدمعاش آهي، ان کي بہ جهلي وٺي اچجي ۽ کيس سيکت ڏيڻ گهرجي. هڪڙي هاريءَ چيو تہ ”واڙيءَ مان هميشہ پھريائين وڏيون وڏيون ڇانھيون ڳولي پٽبيون آهن، تنھنڪري اسين پھرين گبرن کي مزو چکايون، اُڀرن سان پوءِ بہ پھچي پونداسين.“ اها ڳالھہ سڀني ماڻھن کي ڏاڍي وڻي. تنھنڪري منشيءَ جي پڪڙڻ واري صلاح ججهن جي مرضيءَ سان رد ڪئي ويئي. گهڻي بحث کان پوءِ فيصلو ٿيو تہ جيئن تہ وڏيرو وانگ خوني آهي، تنھنڪري کيس قتل ڪيو وڃي. هاڻ وري اهو مسئلو هو تہ کيس اها سزا ڪيئن ڏني وڃي، ڇا کيس ضلعي جي انتظاميہ جي حوالي ڪيو وڃي؟ يا اسين پاڻ کيس ماري ڇڏيون ۽ هڪڙي هاريءَ چيو تہ ”جيڪڏهن وڏيري تي فوجي عدالت ۾ ڪاروائي هلي تہ پوءِ گولي هڻي پورو ڪري ڇڏيندا ۽ اهڙي طرح هو سُک جو موت مري سگهندو. تنھنڪري اسين پاڻ کيس ايذاءُ ڏيئي ماريون تہ جيئن عذابن جو مزو چکي.“ ايتري ۾ هڪڙي هاريءَ ڊڄندي صفا چيو تہ ”ڳالھيون تہ ڪريو يپا پر وڏيري کي مارڻ جي همت بہ ڪنھن ۾ آهي؟“ سڀني هارين گڏجي وڏي واڪي چيو تہ ”ها، اسان ۾ همت آهي. جھڙي طرح هن ظالم اسان جي ساٿين کي سنگينون ٽُنبي ماريو هو، تيئن اسين بہ کيس ماري سگهون ٿا.“
ٽن ڏينھن کان پوءِ ڳوٺ جي ماڻھن اڌوگابري نيرن ڪئي هئي، سج اڃا ڪَني مس ڪڍي تہ ست سؤ مرد ۽ زائفائون ڳوٺ جي ڏکڻ طرفان هڪڙي وڏي پوٺي تي اچي گڏ ٿيا. آس پاس جي ڳوٺن مان آيل مھمان بہ ساڻن گڏ هئا. ڪيترين هارين وٽ ڪھاڙيون، چاقو، ڪوڏريون، ڏانٽا، تلوارون ۽ ڏڦا هئا. اڄ بدمعاش وڏيري وانگ کي موت جي سزا ملڻي هئي. انقلابي ڪارڪنن وڏيري جي ڪيل ڏوهن جي لسٽ بہ تيار ڪئي هئي. اُهي ڏوھہ هُنن الڳ الڳ ڪاغذن تي وڏن اکرن ۾ لکي وڻن تي چنبڙائي ۽ ٽنگي ڇڏيا هئا، جيڪي هوا ۾ لڏي رهيا هئا.
هڪڙي ڪاغذ تي لکيل هو ”وڏيري وانگ مليشا جي ٽن مجاهدن ۽ ڳوٺ جي هڪ محنتي هاريءَ جو خون ڪيو آهي.“
ٻي ڪاغذ تي لکيل هو ”بدمعاش وڏيري وانگ، جنگ هلندي ماڻھن کان زوريءَ اَن ڦريو هو.“
ٽئي ڪاغذ تي لکيل هو ”ظالم وڏيري وانگ، ڍلن جو سڄو بار غريب هارين تي ليٽائي وڌو هو ۽ انھن جو رت چوسيندو هو.“
جڏهن وڏيري وانگ کي ميدان تي وٺي آيا، تڏهن هو ڊپ کان ڏڪي رهيو هو ۽ سندس مُنھن تي هيڊ هارجي ويئي هئي. وڏيري کي ايندو ڏسي ماڻھن زور زور سان نعرا هڻي سندس ”آجيان“ ڪئي. وڏيري کي ٽي پھريدار وٺيو پئي آيا، ميدان تي آڻي وڏيري کي هڪ وڻ سان ٻڌو ويو. هن جو منھن ماڻھن ڏانھن هو ۽ پُٺ ٿڙ ڏانھن ڪئي ويئي.
وڏيري هڪ دفعو ماڻھن جي ميڙ ڏانھن نھاريو ۽ پوءِ ڪنڌ هيٺ ڪري ڇڏيو. کن پل لاءِ ماٺ ٿي ويئي. ماڻھن کي شايد ويساھہ ئي نٿي آيو تہ ڪو اهڙو جابر ۽ ظالم وڏيرو بہ سندن اڳيان ائين بيوس ٿي بيھي سگهي ٿو ۽ هو اڄ کيس خود پنھنجي هٿن سان پورو ڪندا، ما، ميڙ مان نڪري اڳيان آيو ۽ هن گجندڙ آواز ۾ اعلان ڪيو تہ ”اڄ اسان جي بدلي وٺڻ جو وقت اچي ويو آهي. آءٌ توهان کي ٻڌايان ٿو تہ اسين ڪيئن بدلو وٺنداسين. اسين هن کي ماري سندس ڪيل ڪرتوتن جي سزا ڏينداسين.“ ائين چئي هو تڪڙو مُڙيو ۽ وڏيري وانگ جي منھن تي هڪ زورائتو ٿڦڙ وهائي ڪڍيائين. ٿڦڙ جو ڦھڪو ايڏو تہ زور سان ٿيو، جھڙو پستول جو ٺڪاءُ! ماڻھن جو ميڙ شينھن وانگر گجندو اڳتي وڌڻ لڳو. وڏيري وانگ ڪنڌ مٿي کڻي ميڙ ڏانھن نھاريو ۽ آهستي آهستي چوڻ لڳو ”منھنجون فقط ٻہ ڳالھيون ٻڌو، مھرباني ڪري رڳو ٻہ ڳالھيون ٻڌو.“ پر هڪڙي ڳوٺاڻي رڙ ڪري چيو، ”ڪير بہ هن جي ڳالھہ نہ ٻڌي.“ پوءِ هڪ ڪوڏر مٿي ٿي. ماڻھن وڏيري وانگ جا ڪپڙا ڦاڙي ليڙون ليڙون ڪري، کيس اگهاڙو ڪري ڇڏيو. وڏيري هڪ دل ڏاريندڙ دانھن ڪئي ۽ پوءِ لاچار ۽ بيوس ٿي ڪنڌ هيٺ ڪري ڇڏيو. ماڻھن جو ولر مٿس اُلر ڪري آيو. هڪ سگهاري جوان هاريءَ هڪ ئي ڌڪ سان ڪاتي وڏيري جي ڇاتيءَ ۾ ٽنبي ڇڏي، جيستائين سندس بدلي جي باھہ ٿڌي نہ ٿي، تيستائين ڇري اندر ۽ ٻاهر ٿيندي رهي. سڄو ماحول ماڻھن جي وحشتناڪ رڙين سان ٻُري رهيو هو.
وحشي ۽ ظالم کي ماري ڇڏڻ سان بہ ماڻھن جي دلين جي باھہ ڪانہ وسائي. هنن نہ رڳو کيس ماريو، پر سندس لاش کي ٽن ڏينھن تائين پورڻ جي موڪل نٿي ڏني تہ جيئن ڀلي بي غيرت ۽ غدار وڏيري جو لاش وڻ ۾ ٽنگيو پيو هجي ۽ سندس ماس ڪُتا ۽ ڪانگ پٽين.
پر اهڙا خوفناڪ جذبا گهڻو جٽاءُ ڪونہ ٿا ڪن. سگهوئي ٿڌا ٿيو وڃن. ٿوري دير کان پوءِ ماڻھن جي ڪاوڙ ماٺي ٿي ويئي. هنن سوچيو تہ لاش کليل فضا ۾ سڙي خراب ٿي ڌپ ڪندو، تنھنڪري چڱو ٿئي جو لاش سندن وارثن جي حوالي ڪيو وڃي.
ان ڏينھن سج لٿي مھل، جڏهن سج ٽُٻ ٽُٻان ۾ هو، تڏهن وڏيري جي زال ۽ ڌيءَ ماٺ مٺيءَ ۾ هڪ گڏھہ گاڏي وٺي آيون ۽ ان ۾ لاش وجهي کڻي ويون. سندن اکين ۾ لڙڪ بہ ڪونہ هو.
ڪن ماڻھن انھن کي ايندي ۽ ويندي ڏٺو، پر ڪير هڪڙو اکر بہ ڪونہ ڪڇيو. ڳالھائڻ جي واٽ بہ ڪھڙي بچي هئي!
وڏيري جي مرڻ کان پوءِ وڏيري جي خلاف وٺ پڪڙ ختم ٿي چڪي هئي ۽ ڳوٺ ۾ انقلاب اچي پير کوڙيا هئا.
*
جڏهن پٿرائين ڀت واري ڳوٺ ۾ وڏيرن خلاف جدوجھد ختم ٿي، تڏهن هڪدم حساب ڪتاب شروع ڪيو ويو. حساب ڪتاب جي معنيٰ تہ وڏيرن خلاف هلايل جدوجھد دوران هٿ آيل ملڪيت جي ورهاست- پوءِ هڪڙي اهڙي ماڻھوءَ کي ڳولي هٿ ڪيو ويو جيڪو پڙهيل هو ۽ ان کي هڪ غار ۾ ويھاري چيائونس تہ سامان جي لسٽ تيار ڪر. ورهاست ڪرڻ وارين شين ۾ گهرو سامان، اناج جا ڍڳ، ٻيون کاڌي جون شيون ۽ ڪپڙا شامل هئا، سڀني کان ڳرو ۽ بنيادي مسئلو هٿ آيل زمين جي ورهاست جو هو.
زمين جي معاملي ۾ هر ڪنھن کي خوش ڪرڻ پھريائين تہ ڏکيو ٿي پيو، پر پوءِ لڳاتار صلاح مصلحت ۽ گڏجاڻين ڪرڻ بعد وڏيري وانگ کان هٿ آيل زمين اهڙي نموني ورهائي ويئي جو هر ڪو ماڻھو خوش ٿي ويو. جڏهن سڀ زمين ورهائجي ويئي، تڏهن اٽڪل ڏيڍ ايڪڙ نھري زمين هر ڪنھن ماڻھو جي حصي ۾ آئي. جيتوڻيڪ هي زمين گهڻي ڪانہ هئي، پر تنھن هوندي بہ پھرئين جي مقابلي ۾ تمام گهڻي هئي. سامان جي ورهائڻ جي ڪٿي هڪ جيتريون پتيون نٿي ٿي سگهيون تہ پوءِ وڏو حصو انھن غريبن کي ڏنو ويو، جن تي اڳ ۾ گهڻا ظلم ڪيا ويا هئا. چئن خون ٿي ويل هارين جي وارثن کي ٻين کان اڌ ايڪڙ وڌيڪ زمين ڏني وئي. ماچپوري مسڪين هاريءَ وٽ پھريائين ايڪڙ جو فقط ڇھون حصو زمين هوندي هئي، تنھن وٽ هاڻي سندس زال جي پتيءَ سان گڏ ڪل ٽي ايڪڙ زمين ٿي ويئي هئي. هو ڏاڍو خوش هو ۽ ان خوشيءَ ۾ پنھنجي مائٽن، زمين ورهائڻ وارن، انقلابي ڪارڪنن ۽ جدوجھد ۾ حصو وٺندڙ سڀني ماڻھن جي مان ۾ رات جي دعوت ڪئي.
هو روزانو پنھنجي ٻنيءَ مان ور واندو ڪرڻ ويندو هو. سرءُ جي موسم ۾ هن سڄو ڏينھن محنت ڪري ڍٻون ڊاکون ڪڍي، ڊڀ ڍاڙي پٽي، زمين کي کيڙي سڌو ڪري پوکڻ لائق بنايو هو.
لي ڪوانگ کي هاڻي کوھہ ۾ اُبتو ٽنگجڻ جو ڊپ ڪونہ هو. کيس هڪ نئون گهر ورهاست ۾ مليو هو. سندس گهر واري روزانو سويرو اٿي اڱڻ مان ٻھاري ڏيندي هئي ۽ هوءَ ڏاڍو خوش ٿيندي هئي، جو کيس غار بدران هڪ سٺو گهر مليو هو. انقلاب کان پوءِ اهڙا اهڙا عجيب واقعا ٿيا، جو ڳالھہ وسھڻ کان ٻاهر هئي. مثال طور ان ڳوٺ ۾ هڪڙو پوڙهو رهندو هو، جيڪو ڪيتري وقت کان هڪ ڪن کان ٻوڙو هو. ڇا ٿيو جو ان مسڪين پوڙهي هڪ دفعي وڏيري کان اٺ آنا اڌارا ورتا هئا، پر هو واپس ڏيئي نہ سگهيو، ڇو تہ هن وٽ پائي بہ ڪانہ هئي، تنھنڪري هڪ ڏينھن وڏيري ڪاوڙ ۾ اچي مسڪين پوڙهي کي ڪن واري اهڙي تہ زورائتي مُڪ هنئي جو هو غريب ان ڪن کان بنھه ٻوڙو ٿي ويو. ورهاست مھل هن کي بہ ڏيڍ ايڪڙ زمين ملي هئي. هو ڏاڍو خوش ٿيو هو. هڪ ڏينھن پنھنجي پُٽ کي چيائين ”اڳي آءٌ ان لاءِ ٻوڙو هوس جو مون تي وڏيرو ظلم ڪندو هو، پر هاڻي آءٌ ايترو تہ خوش آهيان جو ٻوڙي ڪن سان بہ ٻڌي سگهان ٿو.“
جڏهن وڏيرن خلاف جدوجھد پوري ٿي، تڏهن انقلابي ڪارڪنن هارين کي صلاح ڏني تہ هارين جي هڪ جماعت ٺاهيو، ۽ جڏهن هارين جماعت ٺاهي تہ ان جا 155 ميمبر ٿيا جن ۾ 30 زائفائون پڻ هيون. پوءِ هارين انقلابي ڪارڪنن جي راءِ سان گڏجي پنھنجا نمائدا چونڊيا.
چونڊن واري ڏينھن ڳوٺ ۾ ميلي جھڙو چھچٽو لڳو پيو هو. ڳوٺ جي ڀر وارن جبلن هن کان اڳ ڪڏهن بہ اهڙو لقاءُ ڪونہ ڏٺو هو. آس پاس جي ڳوٺن جا ماڻھو بہ اچي ڪٺا ٿيا هئا. چونڊن بابت ڪيترن ڏينھن کان ڳوٺ ۾ بحث مباحثا پئي ٿيا. ڇو تہ هن کان اڳ ڪڏهن بہ ڪنھن ووٽ ڪونہ ڏنو هو. ڳوٺ ۾ گهڻي ڀاڱي اڻ پڙهيل هئا. تنھنڪري مسئلو ڏکيرڙو ٿي پيو هو. جي پھرئين چونڊ ۾ هٿ مٿي کڻي راءِ ڏني وڃي ها، تہ هڪ تہ رازداري ڪانہ رهندي، ٻيو تہ چونڊ جو وقار ڪري پوندو. نيٺ فيصلو ڪيو ويو تہ هڪ پيالي ۾ ڪُڻا وجهي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪيو وڃي. اهڙي طرح پنج عھديدار چونڊيا ويا جن ۾ پاؤ، ما ۽ ليوڪوانگ بہ شامل هئا. شھيد لي کان سواءِ ٻيا چارئي همراھہ چونڊجي ويا، جيڪي پھرين لڪل گڏجاڻيءَ ۾ شامل ٿيا هئا.
ڪجهہ وقت کان پوءِ ’ين سي شان‘ نالي هڪڙي جنگي سردار جي فوج تائي يوئي جبلن ۾ پنھنجو بدلو وٺڻ جي مھم تيز ڪري ڇڏي. پٿرائين ڀت واري ڳوٺ جي ماڻھن کي خبر هئي تہ ان فوج ۾ گهڻو ڪري بيدخل ٿيل وڏيرن جا دلال، چمچا ۽ ڀاڙيتو غنڊا آهن، جيڪي ڪڏهن ڪڏهن سرڪاري فوجين کي بہ لالچ ڏيئي وٺي ايندا آهن. ڪجهہ ڏينھن بعد ڀاڙيتو فوج پاسي واري ڳوٺ تي حملو ڪري ڏنو.
پٿرائين ڀت واري ڳوٺ کان ٻن ميلن تي ’چائو پائيٽ سن‘ نالي هڪ ڳوٺ هو. ان ڳوٺ جا ٻہ ڀائر وڏيرا، ٽانگ چي ۽ ڀاڻس بہ ڀڄي وڃي ’ين سي شان‘ جي فوج ۾ شامل ٿيا هئا، ڇو جو هارين سندن زمينون پاڻ ۾ ورهائي کنيون هيون. ٽانگ جي زال اڃا ڳوٺ ۾ رهيل هئي. هڪڙي ڏينھن مائيءَ کي خبر پئي تہ ڍل جي باري ۾ صلاح مصلحت ڪرڻ لاءِ ڳوٺ جي رهنما هاري جماعت جو صدر ۽ مقامي مليشا جو اڳواڻ آفيس ۾ اجلاس ڪري رهيا آهن. مائي مُٺيون ڀيڙي ڀڳي ۽ وڃي مڙسھنس کي ڄاڻ ڪيائين.
جيئن تہ اجلاس تمام گهڻي دير تائين هليو هو، تنھنڪري اهي همراھہ اتي آفيس ۾ ئي سمھي رهيا. آڌي رات جو وڏيرو ٽانگ چي ۽ سندس ڀاءُ پنجاھہ ڄڻن جو ٽولو وٺي اچي ڳوٺ تي ڪڙڪيا. ٽن انقلابي ڪارڪنن کي انھن وحشي دلالن سنگينون هڻي ماري ڇڏيو ۽ اَن جو گودام ڦري فجر کان اڳ ۾ ئي ڀڄي ويا.
اها خبر جڏهن پٿرائين ڀت واري ڳوٺ ۾ پھتي تہ اتي جي هارين هڪدم صورتحال تي غور ڪرڻ لاءِ هڪ ڪچھري سڏائي.
ڳوٺ جي هڪڙي انقلابي ڪارڪن چيو تہ ”دشمن اسان جي تمام ويجهڙائي ۾ آهي، تنھنڪري اسان کي ڳوٺ خالي ڪري ڪيڏانھن نہ وڃڻ گهرجي. هن کان اڳ اسان جا جيڪي ساٿي قتل ٿيا آهن، سو بہ ان ڪري جو انھن ڳوٺ تي پھرو ڪونہ بيھاريو هو. اسان کي ڳوٺ تي پھريدار مقرر ڪرڻ کپن، انقلابي ڪارڪنن کي ڪنھن محفوظ جاءِ تي رکيو وڃي.“ سڄي ڳوٺ ۾ فقط هڪڙي بندوق هئي، تنھنڪري هاري جماعت فيصلو ڪيو تہ ويجهي ٿيار ٺاهيندڙ ڪارخاني مان 9 بندوقون ۽ ڪجهہ دستي بم گولا ورتا وڃن، انھن جي قيمت ۾ ڪڻڪ ڏني وڃي. اهو اڳواٽ بچاءُ جو بندوبست ڪرڻ تمام ضروري هو. ڇو تہ اڃا وڏيري وانگ جو پٽ بہ پڻس جو بدلو وٺڻ لاءِ، ڪنھن مھل بہ اچي سگهيو ٿي. هو وجهہ ڳولڻ لاءِ روزانو ڳوٺ جي آس پاس پيو نوس نوس ڪندو هو. ڳوٺ جي سڀني ماڻھن کي پڪ هئي تہ هو ڪنھن نہ ڪنھن ڏينھن ضرور حملو ڪندو. هارين ۽ غريب ڳوٺاڻن کي اها خبر هئي تہ جيڪا واٽ هنن ورتي آهي، ان جي ڪري وڏيرا ڇتا ٿي پوندا ۽ ضرور انتقامي ڪاروايون ڪندا. ڪن هيسيل ماڻھن جو خيال هو تہ جن هارين ۾ وڏيري وانگ جي ملڪيت ورهائي ويئي آهي، انھن سان وڏيري جو پٽ ملھه ڪندو.
خوفناڪ ڪوڙيون خبرون ۽ دھشت پکيڙيندڙ افواھہ ڳوٺ ۾ هلي رهيا هئا. ڪن جو چوڻ هو تہ وڏيري جو پٽ آڌي رات جو ڳوٺ ۾ ايندو آهي ۽ ڳوٺ ۾ سندس دلالن ۽ چمچن سان صلاح مشورو ڪندو آهي.
هڪڙي رات هڪڙي هاريءَ هڪ گهر جي در وٽ هڪڙو همراھہ بيٺل ڏٺو. هن ڀانيو تہ وڏيري جو پُٽ آهي، سو وٺي رڙيون ڪيائين. رڙين تي ماڻھوڊوڙي آيا. در وٽ بيٺل همراھہ وٺي ڀڳو. ماڻھن بہ کڻي پُٺ ورتس. يڪا ٽي ميل ڊوڙڻ بعد همراھہ گُهت ڏيئي ڪيڏانھن لڪي ويو ۽ ڳوٺاڻا ڊپ وچان مايوس ٿي موٽي آيا.
ان واقعي کان پوءِ، ڪجهہ ڏينھن ترسي وڏيري وانگ جو پُٽ سچي پچي هڪ سؤ ڦوروئن جو ٽولو وٺي اچي ڳوٺ تي ڪڙڪيو. فصلن تي مقرر ڪيل پھريدارن وڏيري جي پٽ کي پري کان ڏسي ورتو هو تن ڊوڙي اچي ڳوٺ وارن کي هوشيار ڪيو. حملي جي خبر ٻڌي سڄي ڳوٺ ۾ ڀڄ ڊڪ مچي ويئي.
سڀني ڳوٺ وارن تڙ تڪڙ ۾ پنھنجو پنھنجو سامان کنيو ۽ جلدي جلدي ڀڄي وڃي جبلن جي غارن ۾ لڪا. جيئن تہ انقلابي ڪارڪنن وٽ مقابلي لاءِ هٿيار ڪونہ هئا. تنھنڪري اجائي نقصان کان بچڻ لاءِ هو بہ ٻين ڳوٺاڻن سان گڏجي پنھنجو مال وجهو ڪاهي اونداهيءَ ۾ لڪي ويا.
جڏهن وڏيري جو پٽ ڳوٺ ۾ پھتو تہ ڪوبہ ساھہ وارو ڪونہ ڏٺائين، جنھن مان ساڙ ڪڍي ۽ ڪابہ اهڙي شئي ڪانہ ڏٺائين جو هو کڻي وڃن. جبلن جي غارن کي تہ هو باھہ ڏيئي نٿي سگهيو، تنھنڪري بنھه ڇتو ٿي پيو، ڀتين مان درين جا چوڪ ڪڍي ڦٽا ڪيائين ۽ ٻيو گهرو سامان جيڪو هٿ چڙهيس، تنھن کي گڏ ڪري وٺي باھہ ڏنائين.
غريب هارين ڳوٺ مان باھہ جا شعلا نڪرندي ڏٺا پئي، پر هو ماٺ ۾ رهيا. ڪنھن ڪنھن مھل نفرت مان وڏيري جي پٽ کي هلڪي آواز ۾ گاريون پئي ڏنائون. گهڻن ائين پئي چيو تہ اسان ڀاڳ وارا آهيون جو اسان اڳواٽ پھريدار بيھاري ڇڏيا هئا، نہ تہ ڪر اسان مان هڪڙو بہ جيئرو ڪونہ بچي ها. فجر مھل وڏيري جو پٽ ۽ سندس دلال موٽي ويا. پويان ڳوٺاڻا غارن مان نڪري آيا ۽ اچي باھہ وسايائون. جن جا گهر صاف سڙي ختم ٿي ويا هئا سي وري ٻين جي گهرن ۾ وڃي رهيا. ان واقعي جو ڪنھن کي بہ ارمان ڪونہ ٿيو. هو دشمن جي نيتن ۽ چالن کان اڳي ئي واقف هئا.
ان رات پنجن ئي انقلابي ڪارڪنن پنھنجي جدا ڪچھري ڪئي. گڏجي فيصلو ڪيائون تہ کين هڪ ڊگهي ۽ هٿياربند جدوجھد لاءِ تيار ٿيڻو پوندو. ڇو تہ هي رڳو ڪنھن جو تختو اونڌو ڪرڻ جي تحريڪ نہ پر هڪ مسلسل جنگ آهي.
ٻئي مھيني ۾ آس پاس جي ڳوٺن ۾ 11 ماڻھو ڌاڙيلن هٿان مارجي ويا. انھن ڌاڙيلن ۾ ڪي ڀاڙيتو فوجي هئا تہ ڪي ڳوٺن جا ڀڄي ويل ظالم وڏيرا هئا ۽ ڪي فوجي دستن جا سردار هئا. ضلعي انتظاميہ ڪمزور ٿي چڪي هئي. هوءَ ڏکڻ ۾ وڙهندڙ اٺين روٽ فوج ۽ گوريلن جي مدد بہ حاصل نٿي ڪري سگهي. تنھنڪري ضلعي انتظاميہ هر ڳوٺ کي هڪ کليل خط روانو ڪيو. جنھن ۾ ڳوٺن جي سنڀال لاءِ منظم دستا ٺاهڻ ۽ پھريدار بيھارڻ لاءِ هدايتون لکيل هيون. تنھن کان سواءِ ڳوٺاڻن پنھنجي ليکي اڳواٽ هڪ رضاڪارن جو دستو پڻ ٺاهيو هو، جيڪو سڄي معاملي جي اڳواڻي ڪري رهيو هو. آهستي آهستي ڳوٺن ۾ صلح سانت ٿي وئي. ان وچ ۾ پٿرائين ڀت واري ڳوٺ ۾ انقلاب جو ڪم جاري هو. ڍلن جو بار هلڪو ڪيو ويو. ماڻھن پاڻ ووٽن ذريعي ان ڳالھہ جو فيصلو ڪيو تہ ڍل لاءِ ڪيترو اَن ڏنو وڃي. ڳوٺ وارن هڪ چاليھن سالن جي همراھہ ’ماينگ هائي‘ هاريءَ کي پنھنجو نئون اڳواڻ چونڊيو. جنھن وٽ پھريائين زمين صفا ڪانہ هئي، پر ورهاست کان پوءِ کيس ڏيڍ ايڪڙ زمين ملي هئي. ڪوانگ، جنھن کي وڏيري کوھہ ۾ ابتو ٽنگيو هو تنھن کي مليشا جو اڳواڻ مقرر ڪيو ويو، سندس زال پڻ عورتن جي تنظيم ۾ شامل ٿي ويئي.
عورتن ۾ بہ هاڻي زبردست ڦيرو اچي ويو هو. اڳي هو ڏينھن يا رات واري ڪنھن بہ ڪچھريءَ ۾ شامل ڪونہ ٿي سگهنديون هيون. رات جو اونداهين ۾ گهر کان ٻاهر نڪرڻ ۾ کين ڊپ لڳندو هو. پر هاڻي هو سڀني ڪچھرين ۾ شامل ٿينديون هيون. ويساھہ جي وسوڙيل ماڻھن وهمن مان جند ڇڏائي ورتي هئي. ننڍا آبادگار جيڪي پھرين هارين جي ڊپ کان ڊڄي ڀڄي ويا هئا، سي موٽي آيا هئا. هنن هاڻ هارين سان گڏجي پئي ان ڪم ۾ حصو ورتو. ظالم وڏيري وانگ جي خوبصورت بنگلي کي ڳوٺ جي ٻارڙن لاءِ اسڪول بنايو ويو. وڏيري جي اٽي پيھڻ واري چڪي، هاڻي سڀني ڳوٺاڻن جي گڏيل ملڪيت هئي ۽ ڳوٺ وارن جو مفت ۾ اٽو پيھندي هئي ۽ ٻاهر جي ماڻھن کان تمام واجبي اگهہ ورتا ويندا هئا. اهڙي طرح ان مشين جي ڪمائيءَ مان هارين جي جماعت جو خرچ پکو هلايو ويندو هو.

[سنڌيڪار: پرويز]

ٽي ايڪڙ ٻني

- جياپِنگ وا
(ڪھاڻي)

سندس ڳالھہ ٻڌي آءٌ گهڻو ڊڄي ويس. جيتوڻيڪ منھنجو هرگز اهو خيال نہ هو تہ ڪو هو سچ چئي رهيو هو.آءٌ تہ رڳو اُن ڪري فڪرمند هئس تہ کيس انھن ٽن ايڪڙن ۾ بيٺل گند گاھہ ۽ ٻوڙا صاف ڪرڻا پوندا، ڇو تہ ان جو اگهہ وڌي چڪو هو. ٻيو تہ چڪور گهڻا ڏينھن جيئرا رهي سگهندا؟
مون کي ’ايڪس ايڪس‘ ٻڌايو هو. هن چيو تہ ٻنيءَ جو اهو ٽڪر ڪو گهڻو وڏو ڪونھي، بس رڳو ٽي ايڪڙ ۽ هڪ ٻہ گهنٽا آهي، پر عام طور تي ان کي ٽي ايڪڙ ئي چيو ويندو آهي.
صفا سِڌائي ۽ سنوت ۾ ٽي ايڪڙ- اتر واري پاسي ٿورو سوڙهو ۽ ڏکڻ طرف ٿورو ويڪرو- اولھہ واري پاسي هڪ واھہ ٿي وهيو. اهو واھہ مُڙندي هڪ بٺيءَ جي ٻي ٽڪري ڏانھن هليو ٿي ويو ۽ ان جي موڙ تي هڪ شاھہ بلوط جو وڻ آهي. هو سياري ۾ انھن ٽن ايڪڙن تي ڪڻڪ پوکيندا آهن ۽ اونھاري ۾ مڪئي.
تڏهن هو صفا ننڍو ٻن سالن جو مس هو، ۽ هُن ان تي ڌيان نہ ڏنو هو تہ ڪھڙو فصل ڀلو ٿو ٿئي، ڪھڙو نہ، کيس فقط اهو اُلڪو هو تہ شاھہ بلوط جي وڻ تي پکي ايندو يا نہ.
شاھہ بلوط جا وڻ ”اڇي واري“ واري ڳوٺ ۾ ڦٽندڙ سڀ کان گهاٽا وڻ هئا. ان جو مٿو وڏو ۽ گول هوندو آهي. هوا هلندي هئي تہ ان جون نرم ٽاريون لڏڻ سان ’شو- شو‘ جا آواز نڪرندا هئا. وڏڙا چوندا هئا تہ هي وڻ پکين کي پاڻ ڏانھن سڏي ٿو، پر هن اتي ڪڏهن بہ ڪو پکي نہ ڏٺو هو. رڳو ڪارن پَرن وارا پکي ڏٺا هئا، جيڪي ان جي چوٽيءَ تان لھي گم ٿي ويندا هئا.
تڏهن سندس پڙ ڏاڏو جيئرو هو. پوڙهي کي ٻُچي ڏاڙهي هئي. باقي ڳلون وارن کان خالي هُيون. هڪ وقت اهڙو بہ هو جڏهن کيس ياد آهي تہ پڙ ڏاڏهنس هميشہ ٽن ايڪڙ واري ٻاري ڏانھن پيو ايندو ويندو هو. هو اتر کان ڏکڻ ۽ پوءِ ڏاکڻين ڪنڊ کان اتر پاسي چيلھه تي هٿ ڏيو، پيو اڳيان پويان ٿيندو هو. ايئن لڳندو هو، ڄڻ سندس ٽنگن ۾ گوڏا ڪونھن. هو هڪ ٽنگ اڳتي وڌائيندو هو، پوءِ ٻي. ڄڻ کيس هلڻ نہ ٿي آيو، جڏهن واھہ جي ڪنڌيءَ تي هلندي هڪ نينگر کيس سڏي چيو، ”ڏاڏا او ڏاڏا! ڇا تون ٻنيءَ جي هڪ ٽڪري کي روز ماپيندو آهين، تون ڇا ٿو ڪرڻ گهرين؟“
پوڙهي وراڻيو، ”اهو ئي تہ ڪريان پيو.“
”واھہ! تہ اهو تنھنجو ناٽڪ آهي.“ ڇوڪري چيو ۽ پوڙهو کيس گهوريندو رهجي ويو. کيس سمجهہ ۾ نہ ٿي آيو تہ سندس پڙ ڏاڏو ڇوڪري کي ڇو گهوريندو رهيو، اها کيس تڏهن خبر پئي جڏهن ڏاڏهنس کيس ٻڌايو، سندس ڏاڏو جڏهن پھريون ڀيرو ”اڇي واريءَ واري ڳوٺ“ آيو هو تہ اهو هڪ بنجر علائقو هو، جنھن تي فقط بگهڙ جي ڏندن جھڙا نوڪدار ڪنڊا مُڙيل هئا. سندس سڄي ڪٽنب اَلل وهاڻيءَ کان وٺي شام تائين لڳاتار ڪم ڪري سڀ ڪنڊا، ڊڀ ڊاڙون ۽ گندگاھہ ڪڍيو ۽ پٿرن کي اتان هٽائي ٽن ايڪڙن کي صاف ڪيو، پر جڏهن پڙ ڏاڏهنس ٽيھن سالن جو هو تہ سندس گهر کي باھہ لڳي ويئي ۽ سڀ ڪجهہ سڙي ڦلھيار ٿي ويو، تنھن ڪري هنن اها ٻني ’ما‘ ڪُٽنب کي وڪڻي ڇڏي. ان کان پوءِ سندس پڙ ڏاڏو گاڏر طور ڪم ڪندو رهيو.
جڏهن پڙ ڏاڏھنس پنھنجا ڏينھن ٽي ايڪڙ ٻنيءَ کي پنھنجن پيرن سان ماپڻ ۾ رڌل رهندي گذاريندو هو تہ ڳوٺ جا ماڻھو دھل ۽ توتاڙو وڄائڻ ۾ مصروف هئا. هو شايد ڏھہ ڏينھن يا اڌ کن مھينو ائين ڪندا رهيا. اهي موسيقي جا صفا نوان اوزار هئا ۽ جڏهن انھن اهي وڄائڻ شروع ڪيا تہ هنن سوچيو تہ هو انھن کي خراب ڪري ڇڏيندا. پر دھل ۽ توتاڙو خراب نہ ٿا ٿين.
جڏهن بہ دھل وڄائڻ وارا ڪنھن جي گهر ايندا هئا تہ هو پنھنجي گهر جي ٻاهران آرائش جي لاءِ ڳاڙهو ڪمبل لڙڪائي ڇڏيندا هئا. جڏهن هو سندس گهر ڏانھن اچي رهيا هئا تہ سندس پڙ ڏاڏي بہ ڳاڙهو ڪمبل لڙڪائڻ جي خيال کي رد نہ ڪري سگهي. کيس ياد آهي تہ سندس پڙ ڏاڏو گهر جي چائنٺ تي بيھي حقو پي رهيو هو. هو جڏهن بہ ٻنيءَ تان موٽندو هو تہ حقو پيئندو هو ۽ چوندو هو، ”تون- تون، هي نئون سماج آهي... توکي خبر آهي.“
ان وقت کيس خبر نہ هئي تہ ”سماج“ ڇا هوندو آهي. يا ڪو ’سماج‘ نئون ڪيئن ٿو ٿي سگهي. پڙ ڏاڏهنس ٻڌايس تہ ”زمين جا سُڌارا ٿي رهيا آهن.“
ٽي ايڪڙ زمين واپس ڏاڏهنس کي ملي ويئي ۽ هن ان ۾ ڪڻڪ پوکي. فصل ڀلو ٿيو. جڏهن هوا گهلندي هئي تہ ڪڻڪ جا سنگ هوا ۾ لڏڻ ۽ جهومڻ لڳندا هئا. ايئن لڳندو هو تہ هوا جا وڏا وڏا پير آهن. جيڪي اُتي هر وقت نچندا ٿا رهن، پر جيئن ئي ڪڻڪ سونھري ٿي ۽ منجهس لابارو ٿيڻ وارو هو تہ سندس پڙ ڏاڏو گذاري ويو.
بس، سندس ڀاڳ ۾ اهو ئي هو.
’اڇي واريءَ‘ واري ڳوٺ جو قبرستان داخلي ڪناري تي مٿاهينءَ طرف هو، جتي اڻ تراشيل پٿرن جو وڏو ڍڳ هو. رڳو پڙ ڏاڏهنس جي قبر ٿورو ڀرپرو هئي، جيڪا شاھہ بلوط جي وڻ جي هيٺان هئي. پوڙهي مرڻ کان اڳ پڙ ڏاڏيءَ کي خاص هدايتون ڏنيون هيون. هن ٻني جا ٽي ايڪڙ واپس وٺڻ جي تمام گهڻي ڪوشش ڪئي هئي ۽ هاڻ اتي دفن ٿيڻ سندس حق هو، پوءِ ڀلي هو اُتي اڪيلو ئي ڇو نہ هجي ها. سندس پڙ ڏاڏو ۽ پڙ ڏاڏي سڄي زندگي ڪنھن بہ شئي تي سھمت نہ ٿيا هئا. جيڪڏهن هڪ چوندو هو تہ ڳالھہ هيئن آهي تہ ٻيو چوندو هو نہ ايئن نہ پر هيئن آهي. پر سندس چوڻ هو تہ هن ڀيري هوءَ ايئن ئي ڪندي، جيئن هو چاهي ٿو ۽ کيس شاھہ بلوط جي وڻ جي هيٺان دفنائي ڇڏيو.
ڳوٺاڻن جو چوڻ هو تہ کيس پوڙهي کي ان ٻني ۾ دفنائڻ نہ گهرجي ها. شايد پڙ ڏاڏهنس جو خيال هو تہ سندس پَڙ ڏاڏي اها ڳالھہ نہ مڃيندي. تنھن ڪري هُن ان جي ابتڙ ڳالھہ ڪئي، جيڪا هن گهُري ٿي. نيٺ بہ تہ پوڙهو اهو ڪيئن ٿي سھي سگهيو تہ سندس قبر ٻنيءَ جي ايراضي والاري.
پوءِ هو پنھنجي پڙ ڏاڏي جي ماضيءَ تي ڳالھائڻ لڳو. سندس چوڻ هو تہ ’ما‘ گهراڻي جي ملڪيت ۾ نہ فقط ڳوٺ جي وڏي ايراضي هئي، پر ’زيان‘ ۾ سندس خچرن جو ڪاروبار بہ هو. سندس پڙ ڏاڏو هر روز انھن جو ڇڪڙو ’وي دريا‘ کان شھر جي گهنٽا گهر تائين وٺي ويندو ۽ ايندو هو. اهو سوارين سان ڀريل هوندو هو. سياري جي راتين ۾ جڏهن هو آخري چڪر هڻي واپس ورندو هو تہ ’گهنٽا گهر‘ جي هيٺان هڪ رنڊي سندس اوسيئڙي ۾ بيٺل هوندي هئي. هو اُن جي لاءِ ٻہ گرم پيالا گوشت جي سوپَ جا آڻيندو هو ۽ هوءَ سڄي رات سندس پيرن کي ڇاتين سان لڳائي کيس گرمائش پھچائيندي رهندي هئي. اها طوائف پوءِ سندس پڙ ڏاڏي ٿي. سندس ڏاڏي ننڍن سان ڪڏهن بہ ان جي باري ۾ نہ ڳالھايو هو. سندس پيءُ بہ ان بابت ڪجهہ بہ نہ چيو هو. تنھنڪري هو بہ ان بابت خاموش رهيو.
حقيقت هيءَ آهي تہ کيس پڙ ڏاڏهنس جي باري ۾ گهڻي يادگيري نہ هئي. کيس پنھنجو ڏاڏو چڱيءَ طرح ياد هو. ڏاڏهنس کي ٽي ايڪڙ ٻني جو اُلڪو پڙ ڏاڏهنس کان بہ وڌيڪ هو. هو اُتي مڪئي، ڪڻڪ، مٽر ۽ سرنھن پوکيندو هو. هن ان جي چئني پاسن پٿرن جي ڀت کڙي ڪري ڇڏي هئي. ٻنيءَ مان کڙا پنھنجن هٿن سان ڀوريندو هو ۽ هڪ بہ ٻوٽي جي موجودگي سھي نہ سگهندو هو.
”اڇي واريءَ“ واري ڳوٺ ۾ هڪ مزاحيہ ڪھاڻي پئي ڦرندي آهي تہ هڪ ڀيري ڏاڏا ڪنھن ڪم سان شھر وڃي رهيو هو ۽ اڃا ڳوٺ کان ٽي ميل مس پريان ويو تہ کيس ڪاڪوس جو خيال ٿيو. هو ڊوڙندو ڊوڙندو واپس ڳوٺ پھتو، ڇو تہ کيس اها حاجت هر حال ۾ پنھنجي ٽي ايڪڙ ٻنيءَ ۾ پوري ڪرڻي هئي. پر هو وقت سر پھچي نہ سگهيو ۽ رستي ۾ ئي سندس سھپ ختم ٿي ويئي. تنھنڪري هن ڪُوڻيءَ جي هڪ پتي تي هنگيائين ۽ اهو کڻي اچي پنھنجن ٽن ايڪڙن ۾ ڇڏيائين.
اها ڪھاڻي من گهڙت بہ ٿي سگهي ٿي، پر هن پنھنجي اکين سان ڏاڏا کي مٽي کائيندي ڏٺو هو. اهو خريف جي لاباري جو واقعو هو. ٻنيءَ ۾ هر هلي چڪو هو، ڪڻڪ جي پوکي ٿي چڪي هئي، پر اڃا گؤنچ نہ ٿيا هئا. ڏاڏهنس کيس چڪر ڏيارڻ لاءِ پاڻ سان گڏ ٻنيءَ تي وٺي ويو. جڏهن ڏاڏهنس پنھنجي نڪ جي ڦڙڪندڙ ڇونٽين سان هوا کي سونگهيو تہ هن پُڇيو، ”ڏاڏا، ڇا پيا سونگهيو؟“ ڏاڏاهنس کانئس پڇيو تہ هن ڪڏهن مٽيءَ جي خوشبوءِ سونگهي آهي. پوءِ هن مُٺ جيتري مٽي کنئي ۽ پنھنجي آڱرين سان مَھٽي هيٺ ڪيرائڻ لڳو. پوءِ هن هڪ چپٽي ڀري ۽ وات ۾ وجهي چوسڻ لڳو.
کيس حيرت ٿي، ”ڏاڏا او ڏاڏا- اوهان مٽي پيا کائو.“ هن رڙ ڪئي.
”هائو، ٻچڙا.“
”ڏاڏا تون ڪَڇئون آهين.“
ڏاڏهنس ڏند ڀيڪوڙي کليو. ”ڪَڇئون! هائو... تنھنجو ڏاڏو ڪَڇئون آهي!“ پوءِ سندس ڏاڏا ڳوٺ جو پٽيل بنجي ويو. ان کان پوءِ هو آڪڙ جي هلندو هو. هو ٻاهر ويندو هو تہ گرمين ۾ بنا پٽا پٽيءَ جي چادر ۽ سياري ۾ ڪپھہ سان ڀريل جيڪٽ پائي نڪرندو هو، جڏهن هو ڳوٺ جي گهٽين ۾ نڪرندو هو تہ هر ڪو کيس سلام ڪندو هو. کيس پنھنجي ڏاڏي جي انتظامي صلاحيتن جي ڪا وڌيڪ خبر تہ ڪونھي، پر هڪ پٽيل جي حيثيت سان ٻارهن يا ان کان سال اڌ گهٽ وڌ جي عرصي جي دوران ”اڇي واريءَ“ وارو ڳوٺ هڪ تيزيءَ سان ترقي ڪندڙ ڳوٺ طور آسپاس مشھور ٿي ويو.
گرمين جي هڪ مُنڌ ۾ ”فينگ شوئي“ جو هڪ ماهر ڳوٺ ۾ آيو. هن اتي جي زمين جي پڙتال ڪئي ۽ فيصلو ڪيو تہ، ”اڇي واري“ واري ڳوٺ ۾ ڪا بہ غير معمولي ڳالھہ ڪونھي. جڏهن ڏاڏهنس کي ڏٺائين تہ کيس شڪ ٿيو تہ ڳوٺ جي پٽيل جي وڏڙن جون قبرون ڪنھن مناسب جاءِ تي نہ آهن، تنھنڪري ڏانھنس کيس ٻني جي ٽن ايڪڙن ڏانھن وٺي ويو.
اڃا هو واھہ جي موڙ تائين ئي پھتا جو ڏاڏهنس کيس بيھڻ ۽ ٿوري دير اوسيئڙو ڪرڻ جي لاءِ چيو. هن جڏهن ڏاڏهنس کان اُن جو سبب پڇيو تہ ڏاڏهنس وراڻيو تہ ”ڪجهہ ٻارڙا آهن، جيڪي هينئر ڏاکڻين ڪناري تي کائڻ جي لاءِ مَٽر چوري ڪري رهيا آهن. جيڪڏهن اسان اوچتو وڃي سندن مٿان بيھنداسين تہ هو گهڻو ڊڄي ويندا.“
”اوھہ!“ ماهر چيو، ”آءٌ سڄي ڳالھہ سمجهي ويس.“ ۽ پوءِ هو ٻنيءَ جي ٽن ايڪڙن ڏانھن نہ ويا.
اهو شايد ان کان ٻہ سال پوءِ جو وقت هو، جڏهن ڳوٺاڻن ٻيھر دھل وڄائڻ ۽ نغارا وڄائڻ شروع ڪيا. ڊنگ ڊنگ ڊنگ ڊنگ ظاهر آهي تہ ڏاڏاهنس دھل ۽ نغارا وڄائڻ واري دستي جو رُڪن هو، جڏهن هُل ختم ٿيو تہ هو گهر موٽي آيو تہ ڏاڏهنس پڇيس، ”ڇا تي هُل هو. ماڻھو دُهل ڇو وڄائي رهيا هئا.“
”معاشرو بدلجي رهيو آهي.“ ڏاڏهنس وراڻيو.
ڏاڏهينس گذريل سُڌارا ڏٺا هئا، تنھنڪري سوچيائين تہ ٻنين جي ٻيھر ورهاست ٿي رهي آهي. ”ڇا ورهاست جو ڪم اڃا پورو نہ ٿيو آهي؟“
”هو زمين گڏ ڪري رهيا آهن.“ ڏاڏهنس وراڻيو.
اها تڏهن جي ڳالھہ آهي، جڏهن اجتماعي ملڪيت قائم [ڪميون] ڪئي پئي ويئي. ”اڇي واري“ واري ڳوٺ جي هر ڪُٽنب جي زمين هنن ٽن ايڪڙن سميت ورتي ويئي. سموري زمين کي اجتماعي ملڪيت ۾ بدلايو ويو هو.
هنن ڳوٺ جي عوام کي خطاب ڪرڻ جو نظام قائم ڪيو. هڪ وڏي ڪاڪڙي وارو همراھہ سڄو ڏينھن ان بابت ڳالھائيندو رهندو هو تہ عوامي گڏيل ملڪيت جو نظام ڪيترو نہ سُٺو آهي. گهڻو وقت ڪونہ گذريو، جو ڏاڏهنس بيمار ٿي پيو. پھرين کيس اکين ۾ هئڊاڻ ظاهر ٿي ۽ پوءِ باقي سڄو جسم پيلو پئجي ويس. پوءِ کيس دست ٿي پيا، ان حد تائين جو پيٽ ۾ چانورن جو هڪ ڪڻو بہ نہ ٿي ٽِڪيس.
”اڇي واريء“ واري ڳوٺ کي اجتماعي پيداواري ٽيم بنايو ويو، ان ٽيم جي اڳواڻ جي چونڊ ٿي ۽ ڏاڏهنس چونڊجي ويو. پر هو ايترو تہ ناچاڪ هو جو هو ٻنين جي حدبندي ڪندڙ پٿر هٽائي هڪ وڏو پوکي لائق ٻارو ٺاهڻ جي لاءِ ٽيم جا ميمبر بہ مقرر ڪري نہ سگهيو. خزان جي شروع ٿيندي ئي جهوني جي طبيعت ۾ اوچتو بھتري اچڻ شروع ٿي. سڄو سارو مھينو پاسي ڀر ليٽڻ کان پوءِ هن گهر وارن کي چيو تہ کيس ٻنيءَ تي وٺي هلن. هنن کيس ٻنھي ڪَڇن ۾ هٿ وجهي سھارو ڏنو ۽ هلائيندي شاھہ بلوط جي وڻ جي هيٺ وٺي آيا.
”آھہ! سرنھن گُل جهلي رهي آهي.“ جهوني چيو. ان کان پوءِ سندس ڪنڌ ڍرڪي پيو ۽ هُن آخري پساھہ کنيا.
ڏاڏاهنس کي ان ٻنيءَ ۾ نہ دفنايو ويو، ڇو تہ اها ٻني اسان جي ڪُٽنبي ملڪيت نہ هئي. کيس اوڀر ۾ وڏي ڪناري تي دفنايو ويو، جتي کھرن پٿرن جو ڍڳ هو. سندس قبر جو ڪو نالو نشان بہ نہ هو. سندس ڪُٽنب جا ڀاتي جڏهن قبرون صاف ڪرڻ واري ڏيھاڙي تي ابن ڏاڏن جي قبرن تي حاضري ڏيندا هئا، تہ هو فقط شاھہ بلوط جي وڻ هيٺان خوشبودار ڪاڳر ساڙي ايندا هئا.
هاڻ هو ٽن ايڪڙ ٻنيءَ تي مڪئي ۽ سرنھن پوکي نہ ٿي سگهيا. اهو ڳوٺ جي ٽن بھترين ٻنيءَ جي ٽڪرن مان هڪ هو، جيڪو مڪئي پوکڻ جي لاءِ وقف ڪيو ويو هو. مڪئي جا سنگ ڳئون جي ڪنن وانگر لڳندا هئا، جيڪي مڪئي جي ٻوٽي جي لٺ سان لڳل هئا. کيس سدائين ايئن لڳندو هو، ڄڻ انھن ٽن ايڪڙن ۾ ڍڳين جو هڪ ڌڻ بيٺل هو، جيڪو ڪيڏي مھل بہ ڊوڙي ٻاهر نڪري ايندو، انھن سالن ۾، ان ٻي رڌ پچاءُ جي لاءِ ٻارڻ واسطي ڪاٺيون ۽ ٻيو سڀ ڪجهہ، پيداواري ٽيم هر ڪنھن کي سندس ڪم جي مد ۾ ڏنل سيڪڙي جي حساب سان ڏنو ويندو هو. شروع ۾ ماڻھن کي کائڻ جي لاءِ صفا گهٽ ملندو هو ۽ سندن سوئر صفا ڳري ڪَنڊا ٿي ويا هئا ۽ سندس وار هئڊا ٿي ويا هئا. ’اڇي واريءَ واري ڳوٺ‘ ۾ هر ڪو چور بنجي ويو ۽ ٻنين مان ان چورائڻ جون سَٽون سٽڻ لڳو. هن بہ ايئن ڪيو، هو ٽي ايڪڙ ٻني ۾ اندر هليو ويو ۽ مڪئي جي ڏانڊين جي وچ ۾ پوکيل سويابين جا پتا گڏ ڪرڻ لڳو. پتا گڏ ڪرڻ کان پوءِ هو مٽر بہ کڻڻ لڳو. هو سڀ گهر کڻي ويو، جتي پتا سوئرن کاڌا ۽ مٽر گهر ڀاتين اوٻاري کاڌا. هن ٽي ڀيرا ڪاميابيءَ سان ايئن ڪيو، پر چوٿين ڀيري جهلجي پيو ۽ ٽيم جي اڳواڻ سندس ٽوڪري کسي ورتي ۽ کيس ٺاهوڪڙي سيکت ڏنائين.
”هي ٽي ايڪڙ منھنجي ڪُٽنب جا هئا.“ هن چيو.
”ڇا چيئي؟“ ٽيم جي سربراھہ چيو، ”هڪ ڀيرو ٻيھر چئو، مون صحيح نہ ٻڌو.“
ٽيم جي سربراھہ کيس چماٽون هنيون. هن وري ڪجهہ بہ نہ چيو. گهر پھچي هُن پڻھنس کي ٻڌايو تہ کيس ٽيم جي سربراھہ مار ڪڍي آهي، پر پڻھنس ماٺ ۾ رهيو. فقط دھل ۽ توتاڙو کڻي پنھنجي گهر جي پويان ويو ۽ اُتي رکي آيو. سندس خيال هو تہ هو ٻيھر اهي وڄائيندو، پر پڻھنس چيس تہ هو اهي هو پوڙهي ڇينگ جي گهر رکي آيو هو، پر پوڙهي اهي موٽائي ڏنا، جو پوڙهي جو پُٽ ڳچ وقت کان اهي ڪٻاڙييءَ کي وڪڻڻ جي چڪر ۾ هو، تہ جيئن چور بازار مان چانور وٺي اچي، تنھنڪري پوڙهي ڇينگ چيس تہ هو اهي پاڻ وٽ رکي ڇڏي.
هن اهي پنھنجي گهر جي پويان خالي هنڌ تي رکي ڇڏيا. پوءِ وري اهي هڪ ڊگهي عرصي تائين وڄائڻ جي نوبت نہ آئي. هڪ سال ’زهو‘ نالي هڪ همراھہ وٽن ڪجهہ چانور اُڌارا وٺڻ آيو، وٽن ماپڻ لاءِ ڪو اوزار نہ هو، پر زهو چين تہ وٽن جيڪو توتاڙو آهي، اوهان ان توتاڙو جي منھن ۾ چانور وجهي ماپيو.
سندس پيءَ توتاڙو کڻي آيو. ان اندر نون ڄاول ڪوئن جو ٿاڪ هو. هنن ان توتاڙو جي مدد سان چانور ماپي زهو کي ڏنا، جنھن انھن جي کچڻي ٺاهي ۽ سڀ هڙپ ڪري ڇڏيائين.
زهو ڳوٺ جي وڏي خواري ڪرائي، ٻين علائقن جون پيداواري ٽيمون اسان تي کلنديون هيون تہ ”سفيد واريءَ واري ڳوٺ“ جا ماڻھو ڪنھن پراڻي زماني جي ڏڪاريل ماڻھن جو ٻيو جنم آهن.
جڏهن هو ستن سالن جو هو تہ سندس ماءُ بيمار ٿي پيئي. سندس چيلھه ٻيڻي ٿيندي ويئي، ڄڻ مٿس ڪنھن وزني ٻوري رکي ڇڏي هُجي ۽ هوءَ آسمان طرف ڏسي نہ ٿي سگهي. پڻھنس کيس سندس چاچيءَ وٽ شھر موڪلي ڇڏيو ۽ هو اتي اسڪول ۾ داخل ٿي ويو. ان کان پوءِ هو ڳوٺ کان ڄڻ ڪٽجي ويو. پوءِ کيس خبر پئي تہ سندس پيءُ پنھنجي ڏاڏي جي جواني وانگر گاڏر بنجي ڇڪڙو هلائڻ لڳو هو. بس فرق رڳو ايترو هو تہ پڻھنس شھر ۾ سواريون نہ ڳولھيندو هو. هو گهوڙا گاڏي ۾ شھر مان ڇيڻا ۽ ٻيو گند گڏ ڪرڻ ايندو هو.
هر ڇنڇر تي پڻھنس سندن مسواڙي گهر مان اها ’ڪرفتي‘ ميڙڻ ايندو هو، جتي چاچيھنس رهندي هئي. هن جي گاڏيءَ جي ٻانھين ۾ هڪ خاڪي ٿيلھو لڙڪيل هوندو هو، جنھن ۾ ڪچالو، گوبي يا سائو بصر هوندو هو. اهو ٿيلھو هو چاچي جي گهر ڇڏيندو هو، پوءِ هو عوامي بين الخلائن مان ڪرفتي ميڙڻ هليو ويندو هو. پوءِ اهو بالٽين ۾ ڀري گاڏيءَ ۾ رکيل ڪاٺ جي ڊرم ۾ وجهندو ويندو هو. پوڙهو گهوڙو گهڻو فرمانبردار هو ۽ اُتي چُپ ڪريو بيٺو هوندو هو. ڪڏهن سندس منھن اوڀر ڏانھن هوندو هو تہ ڪڏهن اولھہ ڏانھن، پر سندس پُڇ سدائين هيٺ لڙڪيل هوندو هو. سندس پيءُ رات ٽڪڻ لاءِ چاچھينس جي گهر نہ ٽڪندو هو، پر سدائين کيس آچر گذارڻ لاءِ پاڻ سان گڏ ”سفيد واريءَ واري ڳوٺ“ وٺي ويندو هو. اها واپسي گاڏي جي پاڃاريءَ تي ويھي ٿيندي هئي.
هاءِ اسڪول مان پڙهي نڪرڻ تائين هر هفتي جي رات هو پنھنجي پيءُ سان گڏ ڪرفتيءَ واري گاڏي ۾ سفر ڪندو هو. ان عرصي جي دوران گهڻو ڪجهہ ٿيو. جھڙوڪ: سندس امڙ گذاري ويئي ۽ سندس پيءُ ڌڪي لھڻ سبب پنھنجي ٽنگ ڀڃائي ويٺو ۽ هوريان هوريان سندس سڀ وار اڇا ٿي ويا. هن ڪاليج ۾ داخلا ورتي ۽ پوءِ هڪ اخبار ۾ نوڪري ڪئي.
هڪ ڀيري هو ”سفيد واريءَ واري ڳوٺ“ آيو تہ پڻھنس کي چيائين تہ هو نوڪري ڇڏي ڪو ڌنڌو ڌاڙي ڪرڻ جو پيو سوچي. کيس اهو ڏينھن چڱي طرح ياد هو، سندس گهر جي اڱڻ ۾ ڪيترائي ماڻھو اچي گڏ ٿيا هئا ۽ هو گهر جي پويان، دھل ۽ توتاڙو بہ ڪڍي آيو هو. توتاڙي کي زنگ بہ لڳي ويو هو، پر پوءِ بہ استعمال جي لائق هو.
جڏهن هو وڄائڻ لڳو تہ ايترو تہ آواز هو، جيڪو مُردن کي بہ جاڳائي ٿي سگهيو. کيس سمجهہ ۾ نہ آيو، کيس ايئن لڳو تہ شايد هو ڳوٺ جي مندر ۾ ڪا تقريب ڪرڻ پيو وڃي، هو حيران هو تہ اهڙي وڏي تقريب ڇو ٿي رهي آهي.
اڱڻ ۾ بيٺل ماڻھن مان ڪنھن چيو، ”هو وري زمين جي ماپ ڪري رهيا آهن. هو زمين جي ماپ ڪري رهيا آهن.“
”وري سُڌارا؟“ هن چيو.
”تون واقعي شھري ماڻھو آهين.“ ان همراھہ چيو. ”توکي اها بہ خبر ڪونھي تہ زمين جي پڙتال جو مطلب ڪھڙو آهي؟“
کيس يقينن خبر هئي تہ زمين جي پڙتال جو مطلب ڪھڙو آهي، شھر جي ڀرپاسي ۾ موجود ڪيترن ئي ڳوٺن جي زمين جي پڙتال ڪئي ويئي هئي. نہ رڳو زرعي زمين جي، پر سڄي ڳوٺ جي. ’اڇي واريءَ واري ڳوٺ‘ جي اولھہ جي ٽن ڳوٺن تنگ شاهي گهراڻي جو باغ کي خالي ڪرايو پي ويو. ان کان سواءِ ڀرپاسي جا ڊزن کن ٻيا ڳوٺ بہ خالي ڪرايا پي ويا.
ان ڏينھن شام جو ’سفيد واري واري ڳوٺ‘ جا ماڻھو گهڻو پُرجوش هئا. ان پڙتال سان گڏ معاشرو هڪ ڀيرو ٻيھر بدلجي رهيو هو. هاڻ هو وڌيڪ عرصو هاري نہ رهندا ۽ سندن اولاد بہ هاري نہ رهندو. هر ڪُٽنب کي چڱي موچاري رقم ملڻ واري هئي ۽ هر ڪو انھن پئسن کي ڪتب آڻڻ جون رٿائون رٿي رهيو هو. هو بازار ۾ مسواڙ تي دڪان وٺي سگهيا ٿي يا گوانگزو مان آندل ڪپڙي جو ڪاروبار ڪري سگهن ٿا. پوءِ وري کين اهو اُلڪو اچي ٿيو تہ جيڪڏهن اهو ڪپڙو نہ وڪيو تہ هو ڇا ڪندا. بھتر اهو ٿيندو تہ ٽن ڦيٿن واري سائيڪل تي ڇڪجندڙ ڇڪڙي تي هو کاڌي پيتي جون شيون وڪڻڻ شروع ڪن، جنھن سان نقصان جو امڪان گهٽ هو.
پر سندس پيءُ گهر ۾ ويٺو پنھنجي پريشانين کي شراب ۾ غرق ڪندو رهيو. اڌ بوتل ختم ڪرڻ کان پوءِ سندس چھرو روغني پگهر ۾ ٻڏي ويو.
”ڇا واقعي آءٌ هاري نہ رهندس؟“ پڻھنس پُڇيو.
”جڏهن تو وٽ ٻني ئي نہ رهندي.“ هن جواب ڏنو، ”تہ پوءِ تون پڪ سان هاري نہ رهندين.“
پڻھنس ٽي ايڪڙ زمين تي هلڻ جي رٿ ڏني. هو سمجهي سگهيو ٿي تہ پڻھنس ڇا محسوس ڪري رهيو هو، ان زمين جي نئين سر ورهاست ٿي. اها کانئن ورتي ويئي، پر هو پنھنجي ”سفيد واريءَ واري“ ڳوٺ ۾ تہ رهيا، جنھن کي هو روزانو ڏسي ٿي سگهيو، هاڻ کيس ڳوٺ ڇڏڻون پوندو ۽ ڪنھن کي بہ خبر نہ هئي تہ ان ٽي ايڪڙ ٻنيءَ جو ڇا ٿيندو ۽ هاڻ اها ٻيھر سندن ٿيندي يا نہ.
هو پيءُ سان گڏ ٻنيءَ تي هليو ويو. ان رات چنڊ گهڻو سُھائو هو ۽ پڻھنس، پڙ ڏاڏاھنس وانگر نظر اچي رهيو هو ۽ چيلھه تي هٿ رکي اُترين ڪنڊ کان ڏاکڻي ڪنڊ تائين وک ۾ وک ڏيئي هلڻ لڳو هو، گوڏن کي موڙڻ کان سواءِ ڄڻ سندس ٽنگن ۾ گوڏا ئي نہ هجن.
هن اُتي ست ڦيرا ڏنا. پوءِ سندس پيءُ جون ٽنگون ٿڪجي پيون ۽ پنھنجي پيشاني زمين تي ٽيڪي جهُڪي ويو. کيس سمجهہ ۾ نہ پي آيو تہ سندس پيءُ ٻني جو احترام ڪري رهيو آهي يا ان پوڙهي جو، جيڪو اتي دفن ٿيل آهي. سندس پيءَ ”سفيد واريءَ واري ڳوٺ“ مان نڪري، شھر جي ڏکڻ اولھہ واري حصي ۾ ٺھندڙ هڪ نئين ڪالونيءَ ۾ منتقل ٿي ويو. هو پنھنجي گهراڻي جون سڀئي موروثي شيون، دھل ۽ توتاڙو بہ کڻي آيو هو. پر هو تيز رفتار شھري زندگيءَ جو عادي ٿي نہ سگهيو. هو چوندو هو تہ کيس اڪثر ائين ٿو لڳي تہ ڄڻ هو جنھن عمارت ۾ رهي پيو، اها کاٻي ۽ ساڄي جهومي رهي آهي ۽ هو اڪثر رات جو سُمھي نہ سگهندو هو.
هو پنھنجي پيءُ سان رهي نہ سگهيو، پھرين تہ هن هر هفتي پندرهين ڏينھن ساڻس ملڻ جي لاءِ ايندو هو، پر پوءِ سندس لاءِ وقت ڪڍڻ ڏکيو ٿي پيو ۽ هو ٽن چئن مھينن کان پوءِ اچڻ لڳو. جنھن جو سبب اهو هو تہ سندس ڪمپني برآمدات ۾ مصروف هئي، جنھن ۾ سندس ڪاروبار تمام سٺو هلي رهيو هو. ان کان سواءِ جڏهن چار ڏوڪڙ گڏ ٿيس تہ هن اها رقم جائيداد جي خريد ۽ وڪري ۾ سيڙائي ڇڏي.
شھر تيزيءَ سان ترقي ڪري رهيو هو. اهو وڏو ٿي ڪنھن ٻوڏ وانگر چئني ڏسائن پکڙجي ويو هو. ”تنگ خاندان جو شاهي باغ“ ٽن سالن ۾ مڪمل ٿي ويو ۽ اهو جديد علائقي ۾ بدلجي ويو هو ۽ ’شي آن‘ جو سڀ کان وڌيڪ خوبصورت حصو بنجي ويو هو. ان جو اگهہ في ايڪڙ ٻارهن لک يوان تائين وڃي پھتو هو ۽ ان تي ٺاهيل ’وال‘ چوويھه هزار يوان في وال جي حساب سان وڪرو ڪيا ويا. اهي حصا جن تي اڃا ڪم نہ ٿيو هو تن جي چوڌاري حڪومت واڙ لڳائي ڇڏي هئي. پوءِ انھن مان ڪڏهن ڪنھن جي تہ ڪڏهن ڪنھن جي نيلامي ڪري ٿي ڇڏيائين. هن هر نيلاميءَ ۾ حصو ٿي ورتو، پر وٺڻ ۾ ڪامياب نہ ٿي ٿيو، ڇو تہ انھن جون قيمتون تمام گهڻيون هونديون هيون، پر جڏهن ”سفيد واريءَ واري ڳوٺ“ جي اُن حصي جي نيلامي ٿي تہ هن چٽا ڀيٽيءَ جي سخت ڪوشش ڪئي، هو سڄي ڳوٺ کي خريدڻ ۾ تہ ڪامياب نہ ٿيو، پر نيٺ کيس ٽن ايڪڙن جا ترقياتي حق ملي ويا.
جڏهن، اها خبر هن پنھنجي پيءُ کي ٻڌائي تہ پوڙهي ٽن ڦيٿن وارو ڇڪڙو ڀاڙي تي ڪيو ۽ پوءِ دھل ۽ توتاڙو ان تي رکي ٽن ايڪڙن تي ويو. هن جي ڪمپنيءَ جي نوڪرن، ساڻس گڏجي ٽي ڏينھن ۽ ٽي راتيون وڏو هُل بکيڙو ڪيو، جو نيٺ دھل ئي ڦاٽي پيو ۽ توتاڙو بہ خراب ٿي پيو. سندس چوڻ هو تہ هن اها ٽي ايڪڙ ٻني ئي وٺڻ ٿي گهري، پوءِ ڀلي ان لاءِ ڪمپنيءَ جا هڙئي وسيلا استعمال ڇو نہ ٿي وڃن ها. جيڪڏهن هو اهو نہ وٺي ها تہ ڪر چريو ٿي وڃي ها.
کيس Tunnel vision جي بيماري هئي. (اکين جي ان بيماري ۾ نظر فقط هڪ مرڪز کي ڏسي سگهي ٿي ۽ اُن جي ڀرپاسي جون شيون گهڙي وڃن ٿيون). ايتري جو هو پنھنجو پاڻ کي بہ ڏسي نہ ٿي سگهيو. هن پنھنجي اسٽاف کي پنھنجو موقف سمجهائيندي چيو تہ هو ڊگهي عرصي کان ٽن ايڪڙن جي ان ٻاري تي نظرون کپايو ويٺو هو ۽ ان جي گذريل دورن تي بہ سوچيندو رهيو هو. اهو کانئن ورتو ويو، پوءِ ورهايو ويو، وري ورتو ويو ۽ وري ورهايو ويو. معاشرو بدلجي رهيو هو. معاشري ۾ اهي تبديليون زمين جي سُڌارن جي شڪل ۾ ٿينديون هيون، پر زمين سدائين ٽي ايڪڙ ٻني ئي رهي. ان جا سُڌارا ڪيترن نسلن جي تقدير جي ڪھاڻي ٻڌائين ٿا.
جڏهن ’ايڪس ايڪس‘ پنھنجي ڪھاڻي ختم ڪئي تہ مون کيس اهي ٽي ايڪڙ ڏيکارڻ جو چيو. جيڪي سڌا هئا ۽ جيئن مون کي توقع هئي، ان جي چوڌاري واڙ لڳل هئي. ان تي ڪوبہ فصل پوکيل نہ هو ۽ ان ۾ ماڻھو جي قد جيترو گاھہ ۽ وڻ بيٺل هئا. ندي گم ٿي چڪي هئي، پر شاھہ بلوط جو وڻ اڃا بيٺل هو، جيڪو هڪ ناياب وڻ هو، ۽ ان جو ٿڙ ايترو تہ ٿلھو هو، جو اهو ڀاڪرن ۾ ڀرڻ جي لاءِ ٻن ماڻھن جي گهرج هئي. سندس چوٽيءَ جو تاج بہ گهاٽو هو، اوچتو ڏاکڻين پاسي کان چَھڪار ٻڌڻ ۾ آئي ۽ هڪ پکي هوا ۾ اُڏريو، اهو هڪ ڊگهي پُڇ وارو عجيب جھڙو پکي هو، جيڪو اسان هڪدم سُڃاڻي ورتو. اهو هڪ جنگهلي چڪور هو. ان ٻہ ڀيرا ٻوڙن تي تيزيءَ سان پر ڦڙڪايا ۽ پوءِ اسان جي نظرن کان گم ٿي ويو.
هتي ڪو چڪور ڪيئن ٿو ٿي سگهي؟ اهو صحيح آهي تہ چڪور اُڏري سگهي ٿو، پر ان جي اُڏام ايتري ديرپا ۽ هو گهڻو پري تائين اُڏري نہ ٿو سگهي ۽ ان واڙ جي ٻاهر تہ رڳو عمارتون هيون تہ اهو هتي ڪيئن آيو؟ اسان ٻيئي حيرت ۾ هئاسين.
”سفيد واريءَ واري ڳوٺ ۾ چڪور هوندا هئا نہ؟“ مون پُڇيو.
”اهو ممڪن ڪونھي.“ هن چيو، ”مون ڳوٺ جي اندر ڪڏهن بہ ڪو چڪور نہ ڏٺو.“
مون اندازو لڳايو تہ ٽن ايڪڙن کي واڙ لڳڻ کان پوءِ گندگاھہ، وڻ ٻوٽا ۽ چڪور هڪئي مھل ۽ اوچتو پيدا ٿيا، ڇو تہ ان ٻاري تي فقط هڪ ڍورو هو، جنھن ۾ ڪڏهن بہ مَڇيون نظر نہ پي آيون، پر ڇا هيترا سال گذرڻ کان پوءِ ان ۾ مَڇيون تري ڪونہ رهيون هيون؟
اوچتو ’ايڪس ايڪس‘ چيو، ”اهو منھنجي ڏاڏي جو ڀوت هو.... ها نہ؟“ سندس ڳالھہ ٻڌي آءٌ بہ ڊڄي ويس، جيتوڻيڪ منھنجو هرگز اهو خيال نہ هو تہ هو سچ چئي رهيو هو. مون کي تہ فقط اهو اُلڪو هو تہ کيس انھن ٽن ايڪڙن تان گندگاھہ ۽ وڻ ٽڻ صاف ڪرڻا پوندا، ڇو تہ ان جي قيمت تمام گهڻي وڌي چڪي هئي. پوءِ چڪور گهڻا ڏينھن جيئرا رهي سگهندا؟
هڪ سال ٻيو بہ گذري چڪو آهي. مون ’ايڪس ايڪس‘ کي وري نہ ڏٺو آهي، نہ ئي وري سندس باري ۾ ڪجهہ ٻڌو اٿم- هڪ ڏينھن آءٌ انھن ٽن ايڪڙن ڏانھن ويس تہ اتي هڪ مختلف قسم جي رڪاوٽ هئي. واڙ جي جاءِ تي اوچي ڳاڙهي رنگ جي ڀت ڏنل هئي، اندر ڪابہ اڏاوت ٿي نہ رهي هئي ۽ شاھہ بلوط جو وڻ اڃا تائين اتي بيٺو هو. گند گاھہ ۽ وڻ ٻوٽا بہ ماڻھوءَ جي قد جيترا هئا. اُن ڀت جي اولھندي ڪنڊ وٽ لوھہ جو هڪ وڏو دروازو ڏنل هو، جنھن کي هڪ ٿلھو ڪلف ڏنل هو. دروازي تي هڪ وڏي تختي لڳل هئي، جنھن تي لکيل هو ’ٽي ايڪڙ زمين جو هڪ ٻارو‘.

ضميمو

---

ڪميونسٽ پارٽي ۽ نوجوان


- شي چنگ پنگ

چيني خواب ماضي ۽ حال کان سواءِ آئيندي سان بہ لاڳاپيل آهي. اهو عظيم آدرشن جي حامل ڳڻپ کان ٻاهر ماڻھن جي اڻٿڪ ڪوششن جي شفاف شڪل آهي. چيني قوم جي سڀني نياڻين ۽ پُٽن جي خواهشن جو ترجمان آهي ۽ هڪ اهڙي روشن مستقبل جي امڪانن جو حامل آهي، جڏهن اسان جو وطن خوشحال ۽ سگهارو هوندو، اسان جي قوم جي تجديد ٿيندي ۽ ماڻھو هڪ خوشحال ۽ آسودي زندگي گذاريندا.
چيني خواب رڳو ملڪ ۽ قوم جو نہ پر هر عام ۽ خاص چينيءَ جو بہ خواب آهي. ڪو بہ شخص تڏهن بھتر ٿي سگهي ٿو، جڏهن سندس ملڪ ۽ قوم بھتر هوندي. جيڪڏهن هر ڪو سُٺي سڀاڻيءَ جي لاءِ ڪوشش ڪري، تڏهن ئي اسان جون ڪوششون هڪ سگهاري قوت سان چيني خواب کي پورو ڪري سگهن ٿيون.
چيني خواب اسان جو ئي نہ، پر اوهان نوجوان نسل جو بہ آهي. چيني قوم جي عظيم نئين جاڳرتا اُن وقت حقيقت ۾ بدلجي سگهي ٿي، جڏهن اسان جو نوجوان لڳاتار ڪوششون ڪري. انقلاب، تعمير ۽ سُڌارن جي سڀني مرحلن جي دوران اسان جي پارٽيءَ سدائين نوجوانن جو قدر ڪيو، سندن خيال رکيو ۽ مٿن ڀروسو ڪيو ۽ نوجوان نسل سان عظيم توقعات وابستہ ڪيون. اسان جي پارٽي نوجوانن کي اسان جي ملڪ جو مستقبل ۽ اسان جي قوم جي اميدن جو ترجمان سمجهي ٿي. اها کين پارٽي ۽ عوام جي مقصد لاءِ اهم سگهہ سمجهي ٿي ۽ سدائين ماڻھن جي عظيم جدوجھد جي سلسلي ۾ نوجوانن جي پنھنجن آدرشن جي پورائيءَ لاءِ حوصلي افزائي ڪندي رهي آهي.
اڄ اسان چيني قوم جي تجديد جو مقصد حاصل ڪرڻ جي ايترو تہ ويجهو آهيون، جيترو اڳ ڪڏهن بہ نہ هئاسين ۽ اسان اهو مقصد حاصل ڪرڻ جي لاءِ اڳ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ پُراعتماد ۽ اهل آهيون. سفر جو آخري ڏهون حصو، اڌ جدوجھد گهري ٿو. اسان چيني قوم جي تجديد جي مقصد جي جيترو ويجهو آهيون، اسان کي ان جي لاءِ ڪوششون ايتريون ئي تيز ڪرڻيون پونديون ۽ پنھنجي رفتار کي گهٽائڻون نہ پوندو. ان لاءِ اسان کي پنھنجن نوجوانن کي سڄي سگهہ سان متحرڪ ڪرڻو پوندو.
مستقل کي ڏسندي اسان نوجوان نسل جي لاءِ هڪ سٺو آئيندو ڏسي سگهون ٿا ۽ هو اهو حاصل ڪري وٺندا. اهو تاريخ جو قانون آهي تہ ”يانگزي ندي“ جون لھرون اڳيان وڌندڙن کي پٺتي ڌڪينديون آهن ۽ اها اسان جي نوجوان نسل جي ذميواري آهي تہ هو پنھنجن بزرگن کان اڳتي وڌن. نوجوانن کي مُڙس ماڻھو ٿي اهي ڳريون ذميواريون پنھنجن ڪلھن تي کڻڻ گهرجن، جيڪي وقت مٿن وڌيون آهن. سندن ارادا اٽل هئڻ گهرجن، کين عملي ۽ حقيقت پسند ٿيڻ گهرجي ۽ پنھنجن نوجوان خوابن کي چيني قوم جي نشاة ثانيہ جي چيني خواب کي پورو ڪرڻ جي عمل جي دوران حقيقت جي روپ ۾ بدلائڻ گهرجي.
پھريون: نوجوانن کي پنھنجن آدرشن ۽ عقيدت جي حوالي سان پڪو پختو هئڻ گهرجي. ”عظيم ڪاميابيون حاصل ڪرڻ جي لاءِ ماڻھوءَ کي عظيم خواهشن هئڻ سان گڏ اڻٿڪ محنت پڻ ڪرڻ گهرجي.“ آدرش زندگي مھيا ڪن ٿا، جڏهن تہ عقيدت مقصد جي ڪاميابيءَ جو تعين ڪري ٿي. آدرشن ۽ عقيدت کان سواءِ ماڻھوءَ جو روح ڪمزور ٿيو وڃي. چيني خواب سڀني قوميتي گروهن سان واسطو رکندڙ ماڻھن جو گڏيل آدرش آهي ۽ هڪ اهڙو عظيم آدرش، جيڪو نوجوانن کي پورو ڪرڻ گهرجي. چيني خاصيتن جي حامل اشتراڪيت چيني خواب کي پورو ڪرڻ جي لاءِ ماڻھن جي رهنمائيءَ جو اهو صحيح رستو آهي، جنھن کي پارٽيءَ وڏين مشڪلاتن کان پوءِ جوڙيو آهي ۽ سڀني نوجوانن کي ان کي پختگيءَ سان پنھنجي زندگين جي رهنما اصول طور اختيار ڪرڻ گهرجي.
ٻيو: نوجوانن ۾ پيشہ ور صلاحيت هئڻ گهرجي. نشوونما ۽ ترقي جي لاءِ سکڻ ضروري آهي، جڏهن تہ صلاحيتن ۾ نکار پيدا ڪرڻ جي لاءِ سکيا ڪم اچي ٿي. نوجوانن ۾ گُڻ ۽ صلاحيتون چيني خواب جي پورڻتا تي سڌو سنئون اثر انداز ٿيندي. هڪ قديم چيني چوڻي آهي، ”تعليم ڪمان آهي، جڏهن تہ صلاحيت تير آهي.“ جنھن جو مطلب هي آهي تہ تعليم جو بنياد ڪمان وانگر آهي، جڏهن تہ صلاحيت هڪ تير وانگر آهي. ڀرپور علم سان ئي ڪو شخص پنھنجي صلاحيت کي پوري طرح استعمال ڪري سگهي ٿو. نوجواني سکڻ جي لاءِ اهم وقت هوندو آهي. اوهان کي سکڻ جي لاءِ سڀ کان پھرين ترجيح ذميواري، اخلاقي حمايت ۽ حياتي گذارڻ جو طريقو سمجهڻ گهرجي. اوهان کي ان ڳالھہ تي يقين رکڻ گهرجي تہ خواب سکڻ سان شروع ٿيندا آهن. جڏهن تہ پيشي وراڻي ڪاميابي جو مدار صلاحيت تي آهي، اوهان کي ڳوڙهي ڌيان سان سکڻ کي اڳيان وڌڻ جي سگهہ ۽ صلاحيت جي تعمير کي نوجوان ڪوشش جو وسيلو سمجهڻ گهرجي.
نوجوانن کي تجديد دنيا ۽ مستقل جي حوالي سان پاڻ کي تيار ڪرڻ گهرجي، پنھنجي علم کي تازو ڪرڻ جي لاءِ فوري ضرورت جو احساس رکڻ گهرجي ۽ انتھائي شوق سان تعليم حاصل ڪرڻ گهرجي. بنيادي علم کي سُٺو بنياد بنائڻ گهرجي ۽ پنھنجي علم کي تازو ڪندو رهڻ گهرجي. جوش ۽ جذبي سان گڏ پنھنجي مھارتن کي وڌائيندي ڳوڙهي ڌيان سان نظرين جو اڀياس ڪرڻ گهرجي ۽ وقت جي ترقياتي گهرجن ۽ اسان جي ذميداري جي تقاضائن موجب مستقل طور تي پنھنجي صلاحيتن ۽ قابليتن کي وڌائيندو رهڻ گهرجي. نوجوانن کي گهُرجي تہ هو جيڪو ڪجهہ سِکن، اهو عمل جي ميدان ۾ استعمال ڪن. پنھنجن بنيادن ۽ عوام جي ويجهو رهن ۽ سُڌارن، کليل دل ۽ اشتراڪي تجديد جي عظيم بٺيءَ ۾ رهي ڪُندن ٿين. حقيقي مھارتون ۽ اصل علم پرائين، پنھنجون صلاحيتون وڌائين، پنھنجو پاڻ کي اهڙو لائق انسان بنائين، جيڪو اهم سماجي ذميواريون کڻي سگهي.
ٽيون: نوجوانن ۾ ايجاد ۽ تخليق جي لاءِ همت هئڻ گهرجي. نوجوان ڪنھن قوم جي ترقيءَ جي روح ۽ ڪنھن ملڪ جي خوشحاليءَ جو ختم نہ ٿيندڙ چشمون آهي. ڪنفيوشس چيو آهي تہ، ’جيڪڏهن اوهان هڪ ڏينھن ۾ پنھنجي تجديد ڪري سگهو ٿا تہ روزانو ڪريو‘. هائو، روزانو تجديد ٿيڻ گهرجي. تہ ان جو مطلب اهو ئي هو تہ زندگي ڪڏهن بہ پسماندہ رستي تي هلندڙن ۽ رضا تي راضي رهڻ وارن جي حمايت نہ ٿي ڪري ۽ اها انھن جو ڪڏهن بہ اوسيئڙو نہ ٿي ڪري، جيڪي خواهشن کان عاري ۽ هٿ تي هٿ رکي ويھڻ ۽ ٻين جي ڪمائيءَ تي ڪُڏن. ان جي بدران اها ايجاد جي صلاحيت رکندڙن ۽ مڙس ماڻھن کي وڌيڪ موقعا ڏي ٿي. نوجوان اسان جي سماج جو سڀ کان وڌيڪ متحرڪ ۽ تحقيقي گروھہ آهي ۽ کين نواڻ ۽ تخليق جي ميدان ۾ سڀني کان اڳڀرو هئڻ گهرجي.
نوجوانن ۾ اڳڀرائي ڪرڻ جي همت هئڻ گهرجي. کين همت سان گڏ ذهنن کي آزاد ڪرڻ ۽ وقت جي رفتار سان گڏ ترقي ڪرڻ گهرجي. منجهن اڳتي وڌڻ ۽ لاهين چاڙهين تي هلڻ جي همت هئڻ گهرجي ۽ منجهن بزرگن کان سِکڻ ۽ پوءِ انھن کان اڳتي نڪرڻ جي خواهش هئڻ گهرجي. پنھنجي جوان توانائين سان اوهان هڪ جوان ملڪ ۽ هڪ جوان قوم تعمير ڪري سگهو ٿا. نوجوانن ۾ جبل توڙي رستا ٺاهڻ ۽ درياهن تي پليون ٻڌڻ جي همت هئڻ گهرجي ۽ کين ناقابل تسخير هئڻ گهرجي، نوان تصور پيش ڪري کين بھادريءَ سان اڳتي وڌڻ گهرجي. اوهان کي هاڪاري رويي وارو هئڻ گهرجي، جيڪي سچ لاءِ سرگردان هجن تہ جيئن اوهان مستقل طور تي تجربا پرائي سگهو ۽ پنھنجن چونڊيل ڌنڌن ۾ نوان تصور پيش ڪري نتيجا حاصل ڪري سگهو.
چوٿون: نوجوانن کي محنت لاءِ وقف هئڻ گهرجي. تلوار جي تکاڻ بار بار سراڻ تي تيز ڪرڻ سان ٿيندي آهي، جڏهن تہ آلو بخارن جي گلن ۾ خوشبو سخت ٿڌي موسم جي ڪري ايندي آهي. انساني آدرشن جي حاصلات سولي ڪونھي ۽ ان لاءِ سخت محنت جي گهرج پوي ٿي. غربت مان خوشحالي ۽ ڪمزوري مان مضبوطيءَ تائين چين، صدين ۾ وک ۾ وک ملائي ترقي ڪئي آهي. جنھن لاءِ اسان پنھنجي هڪ کان پوءِ ٻي ايندڙ نسل جي اٽلتا ۽ استقلال ۽ سندن محنت جي ذريعي پاڻ ۾ لڳاتار بھتري آڻڻ جي قوم جي جذبي جا ٿورائتا آهيون. هن وقت پاڻ وٽ ترقيءَ جا اهم موقعا آهن، پر پاڻ کي للڪارن ۽ تڪليفن کي منھن بہ ڏيڻون پيو پوي، خواب اسان جي سامھون پکڙيو پيو آهي ۽ رستو اسان جي پيرن ۾، جيڪي پنھنجي ڪمزوريءَ تي قابو پائي ٿا وٺن، اهي پاڻ کي بھتر بنائيندا ٿا رهن ۽ ضرور سوڀارا ٿين ٿا. جيڪڏهن اسان کي پنھنجا ترقياتي مقصد حاصل ڪرڻا آهن تہ نوجوانن کي بيھڻ کان سواءِ ڊگهي ۽ سخت محنت ڪرڻي پوندي.
نوجوانن کي اها ڳالھہ ذهن ۾ رکڻ گهرجي تہ کوکلن نعرن سان ملڪ کي نقصان رسي ٿو ۽ محنت سان ترقي ڪري ٿو ۽ کين ان تي عمل ڪرڻ گهرجي. اوهان کي پنھنجي پنھنجي جاءِ تي محنت ڪرڻ گهرجي ۽ محنت، امتيازي ڪارڪردگي ۽ بھتر ڪاميابين سان شاندار زندگي اڏڻ گهرجي. نوجوانن کي تڪليفن کان لھرائڻ ۽ ڊڄڻ نہ گهرجي، پر انھن تي قابو پائڻ گهرجي. اوهان کي ڏکين حالتن جي پاڙن تائين وڃڻ گهرجي. قومي اڏاوت ۽ ترقياتي رٿن جي پھرين صف تائين وڃڻ گهرجي ۽ پنھنجي ذات تي قابو پائي ۽ پنھنجي قابليتن کي وڌائڻ گهرجي. نوجوانن ۾ ڪاروبار شروع ڪرڻ ۽ اڳڀرائيءَ جي، سڌارن ۽ ڪشادہ دليءَ ۾ نوان رستا تلاشڻ ۽ نئين جدوجھد ڪرڻ جي مستقل طور کي پنھنجي پيشي وراڻي ترقيءَ جي لاءِ نوان امڪان پيدا ڪرڻ جي همت ۽ ڌُن هئڻ گهرجي.
پنجون: اوهان نوجوانن کي پنھنجي ڪردار کي صاف سُٿرو ۽ اُجرو رکڻ گهرجي. چيني خاصيتن جي حامل اشتراڪيت جي اها شڪل آهي، جنھن ۾ مادي ۽ تمدني ترقي گڏوگڏ هلن ٿيون. ڪنھن قوم جي اندرين قوت کان سواءِ پاڻڀرو ٿيڻ مشڪل آهي ۽ ڪوبہ مقصد تمدني سھاري کان سواءِ جٽاءُ دار ٿي نہ ٿو سگهي. نوجوان اها معاشرتي سگهہ آهن، جيڪي سماجياتي اخلاقيات کي اڳتي وٺي ويندا آهن. ڪنھن قوم جي تمدني ڪاميابي عام طور تي ان جي نوجوان نسل جي اخلاق ۽ ذهني ساخت سان پرکي ويندي آهي.
نوجوانن کي صحيح اخلاقي سڃاڻپ، باشعور اخلاقي ترقي ۽ سرگرم اخلاقي عمل کي گڏ ڪرڻ گهرجي. شعوري طور تي بنيادي اشتراڪي قدرن کي قائم ڪرڻ ۽ انھن تي عمل ڪرڻ گهرجي ۽ سُٺي سماجي رويي جي وڌائڻ ۾ اڳتي وڌي هلڻ گهرجي. نوجوانن کي اخلاقي آبياري کي سگهارو بنائڻ گهرجي. حب الوطني، اجتماعيت ۽ اشتراڪيت کي اڳتي وٺي وڃڻ جي لاءِ همت ڪرڻ گهرجي ۽ اثرائتي طريقي سان سماجي ۽ پيشي وراڻي اخلاقيات ۽ ڪُٽنبي گُڻن جي حمايت ڪرڻ گهرجي. نوجوانن کي اها ڳالھہ ذهن ۾ رکڻ گهرجي تہ، خوبي انسان کي مٿي وٺي ٿي وڃي، جڏهن تہ بَدي ان قدر کي گهٽائي ٿي ۽ سدائين پُراُميد ۽ ايماندار ماڻھو بنجو، جيڪي زندگي گذارڻ جي صحتمند طريقي وارا هُجن. نوجوانن کي نون سماجي طريقن جي حمايت ڪرڻ گهرجي. رضا ڪاراڻي ڪم ۾ باقاعدگيءَ سان حصو وٺڻ گهرجي. سماجي ذميداريون کڻڻ گهرجن، ٻين جو خيال رکڻ گهرجي. غريبن، هيڻن ۽ معذورن جي مدد ڪرڻ گهرجي ۽ سُٺا ۽ عملي ڪم ڪرڻ گهرجن تہ جيئن انھن عملن سان سماجي ترقي اڳيان وڌي سگهي.
اڄ چيني نوجوان تحريڪ جو موضوع چيني قوم جي تجديد جي خواب کي ساڀيان ڏيڻ جي لاءِ جاکوڙڻ آهي. ’چيني ڪميونسٽ يوٿ ليگ‘ کي چيني نوجوانن جي لاءِ ’منھنجو چيني خواب‘ جي موضوع تحت وسيع تعليمي ۽ عملي سرگرميون ڪرڻ گهرجن. کيس اهڙا ٻجَ ڇٽڻ گهرجن ۽ هر نوجوان ۾ اهڙي گرمي پيدا ڪرڻ گهرجي تہ جيئن هو وڌ ۾ وڌ خواب ڏسن ۽ پنھنجن خوابن جي ساڀيان ماڻڻ جي لاءِ جاکوڙين. ائين هڙئي نوجوان، چيني خواب جي ساڀيان ماڻڻ جي لاءِ پنھنجي سگهہ وڌائي سگهن ٿا. يوٿ ليگ کي گهُرجي تہ چيني خواب جي حامل سڀني نوجوانن جي لاءِ ٺوس دانشوراڻو بنياد رکن ۽ کين درست عالمي نظريي، تصورن، خيالن ۽ قدرن جي احساسن جي لاءِ مدد ۽ تعليم ڏين ۽ کين ان باري ۾ مدد ۽ تعليم ڏين تہ جيئن هو سدائين پنھنجي قوم ۽ وطن جي ماڻھن سان محبت ڪن ۽ چيني رستي سان گڏوگڏ پختگيءَ سان پارٽي جي پيروي ڪن. يوٿ ليگ کي گهرجي تہ چيني خواب جي ذريعي نوجوانن ۾ تاريخي ذميوارين جي احساس کي اُڀاري تہ ليگ جو پارٽيءَ جي سڏ تي عمل ڪرڻ جي روايت کي اڳيان وڌايو. پنھنجي ڪم کي پارٽي ۽ حڪومت جي ڪم سان جوڙيو ۽ سڌارن جي حمايت، ترقي کي اڳتي وڌائڻ ۽ استحڪام کي برقرار رکڻ جي لاءِ نوجوانن کي منظم ڪري ۽ چرپر ۾ آڻي. ليگ کي گهرجي تہ سرگرميءَ سان نوجوانن کي سندن خوابن جي لاءِ سرگرم ٿيڻ ۾ خدمتون مھيا ڪري ۽ اثرائتي طريقي سان پنھنجن معاملن کي بھتر بنائي، شروعاتي درجي تي نوجوانن جي ويجهو ٿئي. سندن تحفظ ۽ اهم گهرجن تي ڌيان ڌري، نوجوانن جي گڏيل مفادن ۽ گهرجن جي ترجماني ۽ انھن جو تحفظ ڪري ۽ انھن جي واڌ ويجهہ ۽ اڳتي وڌڻ جي لاءِ بھتر ماحول پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري.
نوجوانن ۾ ئي عملي نمونا، نوجوانن کان سکڻ جي لاءِ سٺا مثال موجود آهن. هو گهڻيون سماجي ذميواريون ۽ عوامي توقعات جو بار کڻن ٿا ۽ کين نوجوانن ۾ مجموعي طور تي معاشري ۾ سگهارا مثالي ۽ سرواڻيءَ وارو ڪردار ادا ڪن ٿا. آءٌ اميد ٿو ڪريان تہ اهي عملي نمونا مستقل ڪوششون ڪندا. پاڻ تي سختي ڪندا، اڳيان وڌڻ جي لاءِ ارادا اٽل رکندا ۽ سڀني نوجوانن جي لاءِ پنھنجي ذاتي ترقي اخلاقي ڪاميابي ۽ مثالي عمل سان سٺا مثال قائم ڪندا.
ڪوبہ ملڪ خوشحال تڏهن ٿي سگهي ٿو، جڏهن ان جا نوجوان خوشحال هجن. ڪوبہ ملڪ تڏهن مضبوط ٿئي ٿو، جڏهن ان جا نوجوان توانا هجن. 1921ع ۾ پنھنجي بنياد کان وٺي اڄ ڏينھن تائين اسان جي پارٽيءَ چيني نوجوانن جي نمائندگي ڪئي آهي، کين پاڻ سان جوڙيو، ۽ مٿن مدار رکيو. هر سطح جي پارٽي ڪميٽين ۽ حڪومتن کي نوجوانن تي مڪمل ڀروسو رکڻ گهرجي. سندن خيال رکڻ گهرجي ۽ انھن سان سختيءَ سان پيش نہ اچڻ گهرجي ۽ انھن جي خيالن کي وڌ کان وڌ جاءِ ڏيڻ گهرجي. سندن عمل ۽ نواڻ جي لاءِ وڏو مَنچ تيار ڪرڻ گهرجي ۽ سندن زندگيءَ جي مقصدن جي ڪاميابي لاءِ وڌيڪ موقعا مھيا ڪرڻ گهرجن ۽ کين پيشي وراڻي ترقي جي لاءِ وڌيڪ بھتر ماحول ڏيڻ گهرجي. سڀني درجن جي عھديدارن کي نوجوانن جي خواهشن تي ڌيان ڌرڻ گهرجي. کين اڳتي وڌڻ ۾ مدد ڪرڻ گهرجي. کين پنھنجو ڪاروبار شروع ڪرڻ جي لاءِ سندن مدد ڪرڻ گهرجي. سندن سٺو دوست بنجڻ گهرجي ۽ نوجوانن جي ڪمن لاءِ جوش ۽ جذبي جو اظھار ڪرڻ گهرجي.
زندگيءَ ۾ هڪ ڀيرو هرڪو جوان هوندو آهي، ان وقت وٽس اهي موقعا هوندا آهن تہ هو انھن مان ڀرپور فائدو وٺي ۽ آئيندو اوهان جي لاءِ اهو وقت هوندو، جڏهن اوهان پويان مُڙي گذريل ’اڄ‘ کي ڏسندا. زندگيءَ جو رستو ڪڏهن هيٺ هوندو آهي تہ ڪڏهن مٿي. ڪڏهن سِڌو هوندو آهي تہ ڪڏهن آڏو. نوجوانن وٽ چونڊڻ لاءِ هڪ وسيع ميدان هوندو آهي، پر اوهان لاءِ ضروري آهي تہ صحيح نظريو، حياتي جي تصور ۽ قدرن جي احساسن مان رهنمائي حاصل ڪندي، ڪنھن بہ شئي جي چونڊ ڪريو. بي شمار ڪامياب ماڻھن جون زندگيون ٻڌائين ٿيون تہ جيڪي نوجوان سختيون سھن ٿا، تن کي سندن محنت جو ڦل ملي ٿو ۽ سماج لاءِ ڪي اهم ڪم ڪن ٿا، اهي ئي عزت ماڻين ٿا. تڪليفون، ناڪاميون، ۽ آزمائشون اڳيان هلي نوجوانن جي لاءِ سُٺيون ثابت ٿين ٿيون. خراب ۽ سٺي قسمت کي مُنھن ڏيندي بي ڊپو ٿيڻ جي لاءِ اوهان کي ڪردار جي مضبوطي، هر قسم جي حالتن ۾ پُراميد رهڻ، پنھنجي ناڪامين کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ سَگهو بنائڻ ۽ پنھنجن تجربن مان سکڻ جي گهرج هوندي آهي تہ جيئن اوهان جي زندگي هڪ مٿاهين درجي تائين پھچي سگهي. ٿوري لفظن ۾ ائين چئجي تہ بنا ڪنھن پڇتائڻ جي، اوهان هڪ سُٺي، متحرڪ ۽ ڊگهي جوانيءَ جون سُندر ساروڻيون تڏهن ميڙي سگهو ٿا، جڏهن اوهان جوش ۽جذبي ۽ سگهہ سان ڪم ڪندا. مڙسيءَ سان رنڊڪن کي اُڪري پار پوندا ۽ پنھنجي جوانيءَ ۾ ماڻھن لاءِ ڪي ڪم ڪندا.
مون کي پوري پڪ آهي تہ جيڪڏهن سڀني قوميتي گروهن سان واسطو رکندڙ ماڻھو پارٽيءَ جي اڳواڻيءَ ۾ متحد ٿي وڃن، ٺوس بنيادن تي بيھي وڃن ۽ اڳتي وڌڻ جي حوصلي سان اڳيان وڌن تہ اسان هن صديءَ جي اڌ تائين هڪ خوشحال، سگهارو، جمھوري، تمدني طور تي هڪ ترقي يافتہ ۽ هم آهنگ جديد اشتراڪي ملڪ اڏي سگهون ٿا ۽ سڀئي نوجوان، سڀئي قوميتي گروهن سان لاڳاپو رکندڙ ماڻھن سان چيني خواب کي پورو ٿيندي ڏسندا ۽ ان ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿيندا ۽ خوشحال آئيندي جي اڏاوت ڪري سگهندا. (2012ع ۾ ڪيل تقرير)