مختلف موضوع

ڪتابن سان رھاڻ

ھي ھڪ منفرد ڪتاب آھي جيڪو رئوف نظاماڻيءَ جي مطالعي ھيٺ آيل ڪتابن تي ڪيل تبصرن تي مشتمل آھي. ڪتاب ۾ ڪل 121 مضمون آھن، جن ۾ ڪيترن ئي ڪتابن تي تبصرا آھن. جن ليکڪن جي ڪتابن تي تبصرا ڪيا ويا آھن سي بہ ادب، صحافت ۽ سياست سميت مختلف ميدانن جا تمام وڏا نالا آھن. 

  • 4.5/5.0
  • 342
  • 94
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book Kitaban san Rehan

حق ۽ واسطا اداري وٽ

ڪتاب جو نالو : ڪتابن سان رھاڻ
ليکڪ : رئوف نظاماڻي
ترتيب : حبيب سنائي
ٽائيٽل : نوشاد حسين سنائي
ڇاپو : ڊجيٽل ايڊيشن، 2026ع
پبلشر : سنڌ سلامت ڪتاب گهر

فھرست

1. سڄي دنيا منھنجو گهر آھي
2. محبت، ادب ۽ آخري پنا
3. آڏواڻي ۽ ڀٽو
4. آريسر جا ٻہ ڪتاب
5. اقبال احمد
6. آمريڪا ۽ ھندستان جي آزادي
7. اميد جو قتل
8. لاهور جا ڪجهہ اديب
9. سنڌو تھذيب: هڪ نڪتہ نظر
10. هندوستان ۾ بحث مباحثي جي روايت
11. انور ابڙو ۽ سندس ناول ھڪ مھمان ڇوڪري
12. ايٽم بم جي سياست
13. جون ايليا جي شخصيت جو هڪ ٻيو پاسو
14. بادل جمالي
15. ڀٽو خاندان: جدوجھد جي ڪھاڻي
16. هندوستان جي آزادي ۽ بنگال جو ورهاڱو
17. انگن اکرن جي اهميت
18. ٻڌ مت جو سماجي پس منظر
19. وبا ۽ سياست
20. پاڪستان جو جديد پنجابي ادب: هڪ نڪتہ نظر
21. سنڌو تھذيب: ڪجهہ سوال
22. جناح لياقت تضاد
23. مونجهاري جو دور
24. جناح کانپوءِ
25. اميد ۽ الميو
26. ٽيگور جي زندگي جا مختلف پاسا
27. آتم ڪٿا ۽ سفرنامو
28. ڪامريڊ سيد جمال الدين بخاري جي زندگي
29. جنگ ۽ موسيقي
30. مغل سلطنت جو زوال ۽ دهلي جي ثقافت
31. چانھن جا باغ
32. ورهاڱو ۽ لاهور جو ادبي منظرنامو
33. حماس ۽ اسرائيل جو جاسوسي نيٽ ورڪ
34. پوري زندگي اڻ پوري جدوجھد
35. خلافت عثمانيا ليکڪن جي نظر ۾
36. ھندستان جو ورھاڱو
37. ن م دانش
38. بنگال ۾ ڏڪار
39. اختر حسين رائي پوري: هڪ تعارف
40. اختر حسين رائي پوري: مختلف ملڪن جا مشاهدا
41. رشيد ڀٽي: دوستن جون ساروڻيون
42. روشن چھرا
43. رياض شاهد دايو جي ڪتاب ”ترقي پسند ادبي تحريڪ جو جائزو“ جو مھاڳ
44. زلفي: هڪ دوست جي نظر ۾
45. سارا شگفته: هڪ آزاد عورت جو الميو
46. ستيا جيت رائي ۽ ڪلچر
47. سرخ سلام
48. جرنيلي سڙڪ تي سفر
49. شھر، ليکڪ ۽ ڪھاڻيون
50. سنڌ جون معدنيات
51. دريا ۽ ماڻھو
52. سونھن جو تصور
53. سياسي سفر
54. سياسي گڏجاڻيون
55. امرتا سين
56. سنڌ جي شاگرد تحريڪ
57. شانتي نڪيتن ۽ ٽيگور
58. دارون ۽ ڪارون: شيخ عزيز جي آتم ڪٿا
59. صليبي جنگن جا اثر
60. يادگيريون ۽ مشاهدا
61. غدار
62. فوٽبال
63. فيض احمد فيض ۽ سوويت يونين جون يادون
64. فاطمي خلافت جا ڪجهہ پاسا
65. مرزا قليچ بيگ: جديد سنڌي سماج ۽ ادب جو نمائندو
66. هڪ دور جي ڪٿا
67. ڪتابڙا
68. ڪراچي ۽ سنڌي ادب ۽ ثقافت
69. ڪراچي جي تاريخ
70. ڪرشن کٽواڻي، سوڀو ۽ سنڌ
71. انور پيرزادو: هڪ سنڌ دوست ليکڪ
72. بي وطن مڻھن جو الميو
73. وهي کاتي جا پنا : ورهاڱي جي هڪ ٻي ڪٿا
74. ڪيمبرج جا ڏينھن
75. ڪيئي ڪتاب ۽ ڪيئي روپ
76. آگسٽ جو انتظار
77. گلگشت: سوويت يونين ۽ ڪشمير
78. قديم هندوستان: سمنڊ، واپار ۽ ان جا اثر
79. چلي: فلم ۽ مھم جوئي
80. درد جي ڪٿا
81. ماڻڪ ۽ ماڻڪ ڪانفرنس
82. سعادت حسن منٽو جي زندگي جا ڪجهہ پاسا
83. منٽو پاڪستان ۾
84. غني ڪاندڙي جي ڪتاب جو مھاڳ
85. هند جي سنڌي اديبن جي سنڌ ياترا
86. نجم عباسي
87. جنگ کانپوءِ جي دنيا
88. هڪ واپاري جي ڪٿا
89. ورهاڱو: شھر ۽ ليکڪ
90. جڏھن ھوش آيو
91. آريسر جي ڪٿا
92. پنجاب جو ورهاڱو
93. وڻ ۽ ڌرتي جو جياپو
94. رنگريز جي زندگي جا مختلف پاسا
95. مھاراجا اشوڪ ۽ عدم تشدد جي پاليسي
96. ڪالاش جا ڪافر ۽ ٻاهرين دنيا
97. اشرافيا ۽ پنجابي ٻولي
98. محمد علي جناح: ذاتي ۽ سياسي زندگي تي هڪ نظر
99. چين ۾ ٻڌ مت
100. حر تحريڪ ۽ ھندو
101. دريائن جي ڪٿا
102. امرتا پريتم ۽ رسيدي ٽڪيٽ
103. سچ جي ڳولھا
104. سڃاڻپ جي ڳولھا
105. صادقين: هڪ عوام دوست مصور ۽ خطاط
106. ڀٽائي جو ميلو ۽ اديب
107. باچا خان جي آتم ڪٿا
108. قيصربنگالي جون ڳالھيون
109. ڪشور ناهيد: زندگي جا مختلف پاسا
110. آزادي کانپوءِ لڏ پلاڻ
111. ڪجهہ ذڪر لاهور جو
112. موريا سلطنت ۽ زوال جا ڪارڻ
113. سياسي خال ۽ اڳواڻي جو سوال
114. ورهاڱو ۽ هندوستان جون رياستون
115. ورهاڱو ۽ فساد
116. ورهاڱو ۽ مذهب
117. يزيدي ڪيرآهن؟
118. شاگرد يونين جي احياء جا امڪان
119. مان ڏوھي ھان
120. چڱو قاسم موڪلاڻي ڪانھي
121. خواجہ غلام علي کوساڻي

سڄي دنيا منھنجو گهر آهي

Home in the world نوبل انعام يافتا فلاسفر ۽ معيشت دان ڊاڪٽر امرتا سين جي آتم ڪٿا آهي. آتم ڪٿا جي ان عنوان متعلق سندس چوڻ آهي تہ هن جي زندگي ڪنھن هڪ علائقي يا شھر تائين محدود ناهي رهي، پر سندس واسطو دنيا جي مختلف علائقن ۽ شھرن سان رهيو آهي. هتي ننڍي کنڊ جي ماڻھن جي اها عادت آهي تہ اوهان ڀلي ڪنھن شھر ۾ سالن کان رهندا هجو ۽ اتي ڄاوا هجو پر اوهان کان اهو سوال ضرور ڪيو ويندو تہ اوهان جا ابا ڏاڏا ڪٿان آيا هئا ۽ اوهان جو اصل علائقو ڪھڙو آهي.
سندس چوڻ آهي تہ سندس خاندان جو واسطو ڊاڪا جي ويجهو مانڪ گنج جي هڪ ڳوٺ موٽ سان آهي. اهو خاندان پوء ڊاڪا اچي ويو، پر سندس پيدائش ڊاڪا جي بہ ناهي. سندس پيءُ ڊاڪا ۾ استاد هو. جڏهين تہ سندس ناناڻا شانتي نڪيتن ۾ رهندا هئا. سندس نانا ڪشتي موهن شانتي نڪيتن ۾ پڙهائيندو هو، جڏهين تہ سندس ماء ٽيگور جي لکيل ۽ سندس هدايتڪاري ۾ خاص طور ڊانس ڊرامن ۾ ڪم ڪندي هئي. سندس پيدائش شانتي نڪيتن ۾ ٿي. ان جو ڪارڻ هو اهو ٻڌائي ٿو تہ ننڍي کنڊ ۾ عام طور اهو تاثر آهي تہ ڌي جا گهر وارا اهو سمجهندا آهن تہ سندس ساهرا شايد سندس پوري پرگهور نہ لھي سگهن، ان ڪري اهي ان جو ويم پاڻ وٽ ڪرائڻ کي ترجيح ڏيندا آهن. ٽن سالن کانپوء سندس ڀيڻ منجو ڄائي.
ڄمڻ وقت ٽيگور سندس ماءُ کي چيو تہ ٻار جو نالو اهڙو رکو جيڪو منفرد هجي. ان جي لاء هن امرتا تجويز ڪيو، جنھن جو مطلب آهي ڪڏهين بہ فنا نہ ٿيندڙ. ٽيگور جو سندس زندگي تي وڏو اثر پيو. سندس چوڻ آهي تہ ڪتاب جو عنوان بہ هن ٽيگور جي ڪتاب The Home and the World کان متاثر ٿي رکيو آهي. اڳتي هلي هن علمي ۽ سماجي حوالي سان جيڪو ڪم ڪيو ان ۾ بہ ٽيگور جو اثر نمايان آهي. هو ٽن سالن جو هو تہ سندس پيءُ کي ٽن سالن لاء پڙهائڻ جي لاء برما ۾ منڊالي شھر موڪليو ويو. ان شھر ۽ اتان جي ماڻھن جي هو گهڻي تعريف ڪري ٿو. هو پنھنجي تعليم ۽ روزگار وغيرہ جي سلسلي ۾ انگلينڊ ۽ آمريڪا جي گهڻن شھرن ۾ رهيو ۽ اهڙي ريت هر جاءِ کي پنھنجو گهر سمجهي ٿو. ان ڪري ئي هو سڄي دنيا کي پنھنجو گهر ڪري ليکيندو آهي.
برما جي حوالي سان هو آنگ سان سو ڪوئي جي جمھوريت لاء جدوجھد کي ساراهي ٿو. هو ٻڌائي ٿو تہ لنڊن ۾ هن جي سندس مڙس سان پڻ ملاقات ٿي هئي. ساڳي وقت هو روهينگا ماڻھن ڏانھن آنگ سان سوڪوئي جو جيڪو رويو ۽ موقف رهيو، ان کي پسند نہ ٿو ڪري. سندس چوڻ آهي تہ اهي پناهگير نہ پر برما جي ان علائقي ۾ رهن ٿا، جيڪو انگريزن برما ۾ شامل ڪيو هو. برما جا ماڻھو محبت ڪرڻ وارا ۽ امن سان رهڻ وارا آهن. پر هتان جي فوجي حڪومت پنھنجي اقتدار کي مضبوط ڪرڻ لاء روهينگا جو مسئلو اٿاري، انھن ۾ مذهبي ۽ نسلي لحاظ کان هڪ ڊپ واري ڪيفيت پيدا ڪري ڇڏي آهي ۽ ماڻھن کي ان بنياد تي ورهائي ڇڏيو آهي. آنگ سان سوڪوئي کي فوجي حڪمرانن جي ان چال کي سمجهي، ان کي منھن ڏيڻ لاء پنھنجو موقف ڏيڻ گهرجي ها. پر هو ائين نہ ڪري سگهي ۽ فوجي حڪمرانن جي ان ڄار ۾ ڦاسي پيئي. هن وقت ٻيو موقف اختيار ڪرڻ جو وقت نڪري چڪو آهي. ان مقصد لاء فوجي جنتا پاران فيس بڪ جي چينلز جو نھايت موثر استعمال ڪيو ويو. فيس بڪ پروپيگنڊا جي هن گندي جنگ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. نيويارڪ ٽائمز جي 15 آڪٽوبر 2018 جي شماري سميت ان ڳالھہ جي ٻين ذريعن پاران بہ کوجنا ڪئي ويئي آهي. ڪمپني جي سائبر سيڪيوريٽي جي سربراه ناٿا نيل گليچر ان ڳالھہ تي متفق آهي تہ ميانمار جي فوجي حڪومت پاران پروپئگنڊہ کي واضح ۽ ڄاڻي ٻجهي ڦھلائڻ جا ثبوت مليا آهن.
اوڀر بنگال پنھنجن دريائن جي ڪري گهڻو مشھور آهي. هڪ ڀيري سندس پيءُ کين چيو تہ هو هڪ مھينو ٻيڙي ۾ رهندا. اهو هڪ مھينو انھن مختلف دريائن جو سير ڪندي گذاريو. سندس چوڻ آهي تہ دريا، جتي بنگالين لاء جيوت جو ذريعو آهن، اتي اهي انھن لاء ٻوڏ جي صورت ۾ ان وقت جڏهين اهي پنھنجو رخ بدلائي گهرن ۽ ٻنين کي ٻوڙين ٿا، ماڻھن لاء تڪليف ۽ مصيبت جو باعث بڻجن ٿا. اتي ان ماڻھن جي غربت ۽ انھن جي خراب حالت بہ ڏٺي. پنھنجي پيءُ کان جڏهين ان متعلق پڇيو تہ سندس جواب هو تہ حڪومت کي ان سلسلي ۾ ڪجهہ ڪرڻ ۾ وقت لڳندو. پر ائين ٿي نہ سگهيو. ان سڀڪجهہ سندس ذهن تي ديرپا اثر وڌا.
ڊاڪا واپس اچڻ تي کيس شھر جي پراڻي مشنيري اسڪول سينٽ گريگوري ۾ داخل ڪرايو ويو پر ٻين مھاڀاري جنگ ۾ جاپان جي برما ۽ سنگاپور وغيرہ تي قبضي ۽ ڊاڪا ۽ ڪلڪتي تي امڪاني جپاني بمباري جي خطري جي پيش نظر سندس پي کيس شانتي نڪيتن منتقل ڪري ڇڏيو.
اتي هو پنھنجي نانا جي گهر ۾ رهندو هو. سندس نانا ڪشتي موهن شانتي نڪيتن ۾ پڙهائيندو هو ۽ هڪ لحاظ کان ڄڻ ٽيگور جو ساڄو هٿ هو. هو سنسڪرت جو وڏو عالم هو ۽ ساڳي وقت هن صوفي مت ۽ خاص طور ڪبير تي وڏو ڪم ڪيو هو. ان لاء هن گهڻا سفر ڪيا هئا. ڪبير لکت ۾ ڪو ڪلام نہ ڇڏيو هو، پر اهو سڄو زباني روايتن تي هو. سندس اها تحقيق مروجه روايتن ۽ ڪتابن سان ٺھڪندڙ نہ هئي. پر سندس چوڻ هو تہ ڪبير کي ڪتابن وسيلي نہ پر عام ماڻھن ۾ وڃي ئي سمجهي سگهجي ٿو. سندس چوڻ هو تہ هندو ۽ مسلمانن ۾ گهڻيون ڳالھيون مشترڪ آهن ۽ انھن کي ڌار نہ ٿو ڪري سگهجي. مذهبي هم آهنگي جي حوالي سان ليکڪ پنھنجي نانا جو گهڻو اثر قبول ڪيو. ساڳي وقت سندس ماما ۽ چاچا سوشلسٽ ۽ ڪميونسٽ پارٽين ۽ ڪانگريس سان لاڳاپيل هئا ۽ گهر ۾ انگريز کان آزادي ۽ طبقاتي مسئلن جي حوالي سان بحث ٿيندا رهندا هئا جن کيس گهڻو متاثر ڪيو. ان سان گڏوگڏ هن جڏهين 1942 جي بنگال جي ڏڪار ۽ فرقي وارانا فسادن جي صورتحال کي ڏٺو تہ کيس اها سمجه آئي تہ انھن ۾ گهڻو متاثر غريب ۽ بي پھچ ماڻھو ٿين ٿا جن وٽ پنھنجي بچاء جي ڪا واٽ ناهي. ان سندس طبقاتي سوچ کي اڃا تقويت ڏني. اهي اڳتي هلي سندس تحقيق ۽ گهڻن ڪتابن جا موضوع بہ ٿيا.
بنگال ۾ هندو مسلم تضاد جو ذڪر ڪندي ٻڌائي ٿو تہ ان جو مک ڪارڻ انگريز آفيسر ڪارنيوال جو بنگال ۾ لاڳو ڪيل Permanent land System هو، جنھن تحت زمينن جي مالڪي هندو زميدارن کي ملي ويئي ۽ مسلمان انھن زمينن تي ڪم ڪندڙ پورهيت بڻجي ويا، جن کي سندن پورا حق نہ ملندا هئا. ان اڳتي هلي هندو مسلم تضاد جي صورت ورتي. هو ٻڌائي ٿو تہ ڊاڪا ۾ هندو گهڻائي واري علائقي ۾ سندس گهر هو. انھن ڏينھن ۾ هندو مسلم ڇڪتاڻ هلندڙ هئي. هڪ ڏينھن هڪ شخص سندن گهر اندر گهڙي آيو جنھن جي سڄي بدن تي چاقو جا وڍ هئا. هن چيو مون کي پاڻي پياريو. اسان کيس پاڻي ڏنو ۽ منھنجو پي کيس وٺي اسپتال ڏانھن ويو. واٽ تي هن ٻڌايو تہ سندس نالو قادر آهي ۽ هو هڪ پورهيت آهي. هو مزدوري جي ڳولھا ۾ نڪتو هو. سندس زال کيس اهڙي وڳوڙن واري صورتحال ۾ ٻاهر نڪرڻ کان منع ڪئي، پر جيئن تہ گهر ۾ کائڻ لاء ڪجهہ نہ هو ۽ ٻار بک تي هئا ان ڪري کيس ٻاهر نڪرڻو پيو ۽ انھن ماڻھن جي ور چڙهي ويو. ليکڪ سوچي ٿو تہ غربت ۽ بک جي ڪري انسان جي لاء پنھنجي سلامتي جي اهميت بہ نہ ٿي رهي. قادر نيٺ انھن زخمن جي ڪري مري ويو. هو ان ڳالھہ تي بہ سوچي ٿو تہ جن قادر کي ماريو انھن کي نيٺ اهو پتو ڪيئن پيو تہ هي مسلمان آهي. انھن ضرور ان ڳالھہ جي کوجنا ڪئي هوندي. ليکڪ اها ڳالھہ ڪري ٿو تہ بنگلا ديش جي هڪ سيڪيولر ملڪ طور سامھون اچڻ جو هڪ مک ڪارڻ اهو آهي تہ اتان زمينداري نظام کي ختم ڪيو ويو آهي.
ليکڪ ڏه سال شانتي نڪيتن ۾ گذارڻ کانپوء 1951 ۾ پريزيڊينسي ڪاليج ڪلڪتي ۾ آيو. هتي شروع ۾ سندس ارادو ميٿميٽڪس ۽ فزڪس جا مضمون کڻڻ هو، پر پوء ڪجهہ دوستن ۽ استادن جي اثر جي ڪري هن ميٿميٽڪس سان گڏ ايڪانامڪس جو مضمون کنيو. اهو ڪاليج سندس داخل ٿيڻ کان اٽڪل سو سال کن اڳ اوڻويھين صدي جي وچ ڌاري قائم ٿيو هو. ان جي قائم ڪرڻ وارن ۾ راجا رام موئن رائي جھڙا سماج سڌارڪ بہ شامل هئا. شروع ۾ ان ڪاليج جو نالو هندو ڪاليج هو، جيڪو پوء پريزيڊينسي ڪاليج ٿي ويو.
ڪلڪتو هڪ گندو ۽ غربت ۾ ورتل شھرهو. گهڻا ان ڳالھہ تي حيران هئا تہ نيٺ انگريزن ڪلڪتي کي ئي پنھنجي واپاري ڪوٺي قائم ڪرڻ لاء ڇو چونڊيو. هتي اڳ ئي ٽي ڳوٺ گوبندپور، ڪالي ڪٽا ۽ ستانتي جي نالن سان قائم هئا. هڪ انگريز واپاري جاب چرنوڪ 1690 ۾ اهي هڪ زميندار کان خريد ڪيا ۽ هتي ايسٽ انڊيا ڪمپني جي واپاري ڪوٺي قائم ڪئي. جاب چرنوڪ کي شھر جو بنياد وجهندڙ ڪري ليکيو ٿي ويو پرڪلڪتي جي هائي ڪورٽ 2003 ۾ اهو فيصلو ڏنو تہ جاب چرنوڪ ان جو بنياد وجهندڙ نہ پر اهو شھر گپتا ۽ موريا خاندانن جي دور ۾ بہ هو ۽ اهو هندوستان ۾ غلام خاندان ۽ مغلن جي دور ۾ بہ هڪ واپاري مرڪز هو. شھر ۾ ڪيل کوٽائي ۾ گهڻا قديم آثار مليا آهن ۽ ليکڪ پاڻ انھن جو مشاهدو ڪيو آهي. بھرحال انگريزن ان کي جديد شھر ٺاهڻ لاء گهڻي جاکوڙ ڪئي. 1727 عيسوي ۾ ڪنگ جارج پھرئين جي حڪم تي هتي سول ڪورٽ ۽ پوء ميونسپل ڪارپوريشن قائم ڪئي ويئي. هتي ڪمپني پاران تجارتي ڪوٺي قائم ڪرڻ جو ڪارڻ اهو هو تہ اهو هوگلي دريا جي ڪپ تي بندرگاه جي ويجهو هو ۽ هتان سامان موڪلڻ ۽ گهرائڻ سولو هو. ان ڪري ئي هتي ستن يورپي ملڪن جن ۾ فرانس، هالينڊ ۽ پورچوگال وغيرہ شامل هئا هتي پنھنجيون واپاري ڪوٺيون قائم ڪيون.
ان وقت بنگال ۾ سراج الدولا جي حڪومت هئي ۽ سندس گادي جو هنڌ مرشد آباد هو. سراج جو انگريزن سان تنازعو لاڳيتو هلندو ٿي آيو. هن ڪلڪتي تي ڪاه بہ ڪئي ۽ انگريزن کي اتان ڀڄڻ تي مجبور ڪيو. اهو اٽڪل ست سال سندس قبضي ۾ رهيو ۽ هن ان جو نالو بدلائي علي نگر رکيو. بھرحال 1757 عيسوي ۾ پلاسي جي جنگ ۾ سراج جي شڪست ۽ مارجي وڃڻ انگريزن کي بنگال ۾ هڪ فيصلي ڪن حيثيت ڏيئي ڇڏي ۽ ڪلڪتي تي بہ هڪ ڀيرو ٻيھر سندن راڄ قائم ٿي ويو. اهو شھر 1911 تائين برٽش انڊيا جي گادي جو هنڌ رهيو، جيڪو پوء دھلي منتقل ٿي ويو. هن وقت اهو اولھہ بنگال جو گادي جو هنڌ آهي.
ڪلڪتي جي غربت، گندگي ۽ رش پنھنجي جاء تي پر هتي جيڪي تعليم، تحقيق ۽ ڪلچر جا ادارا آهن، انھن جي پنھنجي اهميت آهي. ٻي ڳالھہ تہ ڪتابن جا گهڻا دوڪان هئا ۽ فٽپاٿ ڪتابن سان ڀريا پيا هوندا هئا. ايستائين تہ ڪجهہ دوڪاندار چوويه ڪلاڪن لاء ان شرط تي ڪتاب اڌار ڏيندا هئا تہ اهو خراب نہ ٿئي.
پريزيڊينسي ڪاليج ۾ هندو ۽ مسلمانن لاء ڌار هاسٽل هئا ۽ ليکڪ کي هندو هاسٽل ۾ رهائش ڏني ويئي هئي پر ليکڪ ان مذهبي مت ڀيد کي نہ مڃيندي اتي رهائش اختيار نہ ڪئي ۽ وائي ايم سي اي ۾ اچي پنھنجي لاء ڪمرو ورتائين. هتي ڪا وقت جي پابندي نہ هوندي هئي ۽ هو دوستن سان ڪچھريون ڪري ۽ ٿئيٽر وغيرہ ڏسي رات جو دير سان هاسٽل موٽندو هو. هڪ ٻي دلچسپي جي اها ڳالھہ هوندي هئي تہ ڪاليج سان لڳ ئي ڪافي هائوس هوندو هو، جتي مختلف علمي ۽ سياسي موضوعن تي بحث مباحثا ٿيندا هئا ۽ پري پري کان ماڻھو اچي ان ۾ شريڪ ٿيندا هئا.
ليکڪ لاء ڪارل مارڪس جو نظريو ۽ شخصيت وڏي اهميت جي حامل رهي. ان جو ڪارڻ اهو هو تہ سندس خاندان جي گهڻن فردن جو واسطو ڪميونسٽ ۽ سوشلسٽ سياست سان رهيو هو ۽ گهر ۾ اهي بحث ٿيندا رهندا هئا. پر هتي معاشيات جي ڪورس ۾ مارڪس ڄڻ تہ هڪ استثنا هو ۽ استاد بہ ان کي ذڪر لائق نہ سمجهندا هئا. پر هن پاڻ مارڪس جي نظرين ۽ خاص طور تي قدر زائد ۽ پورهيت جي استحصال جو ٻين عالمن جي نظرين ۽ ڪتابن جي روشني ۾ تنقيدي مطالعو ڪيو.
پنھنجي ان ڪاليج جي پڙهائي دوران کيس پنھنجي صحت جي حوالي سان هڪ وڏي امتحان مان گذرڻو پيو. کيس وات ۾ هڪ داڻو نڪتو جنھن ۾ سور نہ هو. کيس شڪ پيو تہ اهو ڪينسر ٿي سگهي ٿو. هن پنھنجن ويجهن ٻن ڊاڪٽرن سان صلاح ڪئي جن کيس اطمينان ڏياريو تہ اهڙي ڪا ڳالھہ نہ هئي پر هو مطمئن نہ ٿيو ۽ بائپسي ڪرايائين جنھن مان کيس ڪينسر هئڻ جي تصديق ٿي. کيس چيو ويو تہ هو وڌ ۾ وڌ پنج سال جيئرو رهي سگهندو. اها ڳالھہ سندس خاندان ۽ پنھنجي ذات لاء تشويش جوڳي هئي. بھرحال ريڊيوٿراپي جي هڪ ڏکئي مرحلي مان گذرڻ کانپوء هو ٺيڪ ٿيو. ڪاليج ۾ سندس دوستن ۾ اها ڳالھہ هلي ويئي تہ اسپتال پنھنجي ريڊيو ٿراپي جي نين مشينن جي آزمائڻ لاء هن کي استعمال ڪيو هو جڏهين تہ کيس اهڙي ڪا بيماري نہ هئي. پر هو پنھنجي علاج ۽ بيماري جي تشخيص مان مطمئن هو.
کيس پنھنجي بنگالي هئڻ تي فخرآهي پر ان جو اهو مطلب بلڪل ناهي تہ کيس ٻين ماڻھن، ملڪن ۽ ٻولين سان نفرت آهي ۽ هو انھن کي ناپسند ڪري ٿو. هو انھن سڀني سان بہ محبت ڪري ٿو ۽ انھن کي پسند ڪري ٿو.

محبت، ادب ۽ آخري پنا

آخري پنا هري موٽواڻي جي آتم ڪٿا آهي. هري جو تعلق جيتوڻيڪ لاڙڪاڻي سان آهي، پر هو انھن سنڌي ليکڪن مان ناهي جن کي ورهاڱي جي ڪري سنڌ مان لڏڻو پيو هو. پر سندس خاندان جيڪو لاڙڪاڻي ۾ رهيل هو، اهو لڏي ڀارت ويو هو. هو اڳ ئي پنھنجي نانا سان هردوار ۾ ڪپڙي جي دوڪان تي ڪم ڪندو هو. هيءُ هڪ اهڙو ليکڪ آهي جنھن رسمي تعليم باقاعدگي سان حاصل نہ ڪئي هئي. پر هڪ ڊگهي عرصي تائين هو ڪونج رسالي سان لاڳاپيل رهيو، ناول لکيا، شاعري ڪئي، ڪونج پبليڪيشن پاران ڪتاب ڇپرايائين ۽ جهولي لال فلم ٺاهيائين.
ليکڪ پنھنجي عشق، لکڻين، دوستن جي بيوفائين ۽ رولاڪين متعلق ڳالھايو آهي. هردوار ۾ سندس لاء هڪ تہ گنگا هئي ۽ ٻيو سندس پيار مڌو هئي. هردوار جي گنگا ۽ اتي ٿيندڙ ڪنب جي ميلي جي حوالي سان هڪ پوتر حيثيت آهي. اتان جي واپار جو دارومدار اتي ايندڙ ياترين تي آهي. ٻاراڻي وهي ۾ سندس واقفيت هڪ پاڻ جيڏي ڇوڪري سان ٿي، جنھن جو هن پنھنجي هن ڪتاب ۾ اصلي نالي بجائي مڌو جي نالي سان ذڪر ڪيو آهي.
هري جا مائٽ سندس شادي ننڍي هوندي ئي پنھنجي پسند سان ڪرائين ٿا ۽ هو اهو نہ چاهيندي بہ ان جي مزاحمت نہ ٿو ڪري سگهي. پر سندس محبت مڌو سان ئي رهي ٿي ۽ هو آخر تائين پنھنجي زال سان محبت نہ ٿو ڪري.ِ ان جو هو کليل نموني اظھار بہ ڪري ٿو. نہ رڳو اهو تہ سندس زال کي ساڻس اها شڪايت رهي، پر هو ان جو ڪو تدارڪ بہ نہ ٿو ڪري. زال جي زندگي جي آخري ڏينھن هو سندس اصرارتي گهر کان ٻاهر نہ ٿو وڃي ۽ ان ڏينھن ئي هو دل جي دوري ۾ گذاري وڃي ٿي. اتم جھڙا سندس مخالف ان ڳالھہ کي هلائيندا رهيا تہ هري پنھنجي زال سان محبت نہ ٿو ڪري.
ورهاڱي کانپوءِ سندس خاندان بمبئي ۾ رهائش اختيار ڪئي. هو هڪ ڀيري پنھنجي ناني سان ڪاوڙجي هردوار مان هليو وڃي ٿو. ناني جي ليکي تہ هو پنھنجي ماءُ پي وٽ بمبئي ويو هوندو، پر هو لکنو هليو وڃي ٿو. وٽس جيڪا ٿوري گهڻي رقم هجي ٿي، اها ڪجهہ ڏينھن ۾ ختم ٿي وڃي ٿي. اتي سندس ملاقات هڪ مسلمان يوسف سان ٿئي ٿي، جنھن جو خاندان تہ پاڪستان لڏي ويو هو، پر هو پنھنجي وطن کي ڇڏڻ لاء تيار نہ هو. ان کي ڏسي کيس اهو خيال ٿئي ٿو تہ آخرهن ڇو سنڌ ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو. هو اتي گهڻا ڏينھن گذاري ٿو. ڪڏهين ڪنھن سستي هوٽل ۾ تہ ڪڏهين ڌرمشالا ۾ رهي ٿو. ڌاريون ماڻھو هئڻ ڪري اتي ڪير کيس نوڪري ڏيڻ لاء تيار نہ ٿو ڏئي. نيٺ کيس هڪ بس اڏي تي ڪم ملي ٿو. جيتوڻيڪ اتي هو پنھنجو نالو بدلائي رهي رهيو هو پر سندس پيءُ جو واقف هڪ پوليس وارو کيس سڃاڻي وٺي ٿو جيڪو سندس پيءُ کي ٻڌائي ٿو جيڪو اچي کيس بمبئي وٺي وڃي ٿو.
هوان وقت جي الھاس نگر، جتي سنڌ مان گهڻا شرنارٿي رهيل هئا، جي صورتحال ٻڌائي ٿو. گندگي جا ڍير، ڪوئا، پاڻي لاء ماڻھن جون قطارون ۽ بمبئي وڃڻ لاء صبوح جو سويل اٿي ريلوي اسٽيشن تائين ڊگهو پنڌ ڪرڻ وغيرہ. بمبئي ۾ هن پڪوڙن ۽ مٺائي وغيرہ وڪڻڻ جو ڪم بہ ڪيو.
ڪتابن پڙهڻ جو شوق کيس هردوار ۾ هئڻ وقت کان هو. فارغ وقت ۾ هو ڪو نہ ڪوڪتاب پيو پڙهندو هو. سندس نانو ان جو سخت مخالف هو. سندس چوڻ هو تہ ڌنڌي جي جاء تي ڪتاب پڙهڻ سان اتان برڪت هلي ويندي آهي. پر ان جي باوجود هو پنھنجي ڪرت سان لڳل رهيو.
هند جي سنڌي ليکڪن ۾ نظرياتي حوالي سان ٻہ واضح گروه هئا جيڪي هڪ ٻئي تي ڇتي تنقيد ڪندا هئا. هڪ پاسي اتم، گوبند مالھي ۽ ڪيرت.ٻاٻاڻي جي ٽه مورتي هئي جيڪي ترقي پسند ليکيا ويندا هئا، جڏهين تہ ٻئي پاسي موهن ڪلپنا ۽ سندس دوست هئا. هري جو واضح طور انھن مان ڪنھن سان بہ تعلق نہ هو، پر هو ذاتي حوالي سان ترقي پسندن ۽ خاص طور اتم کان پرتي هو. اهڙي ريت جڏهين هن ڪونج رسالي ڪڍڻ جو سوچيو تہ ان وقت هو پاڻ اڃا ادب جي دنيا ۾ داخل نہ ٿيو هو ۽ کيس ان جي سنڀالڻ لاء ڪنھن ليکڪ جي ضرورت هئي. هن گهڻي صلاح مشوري کانپوء ان جي لاء موهن ڪلپنا جي چونڊ ڪئي. پر موهن ان کي پنھنجي نظرياتي جنگ جي مورچي طور استعمال ڪيو ۽ رسالي ۾ ترقي پسندن ۽ خاص طور اتم ۽ ان جي دوستن تي سخت تنقيد ڪرڻ شروع ڪئي. اها ڳالھہ هري جي مزاج وٽان نہ هئي ۽ ان کي نہ آئڙي. هن ان تي اعتراض ڪيو پر موهن پنھنجا جواز پيش ڪيا تہ ترقي پسند بہ مٿن تنقيد ڪن ٿا ۽ کيس انھن کي جواب ڏيڻ جو حق آهي. انھن هن کان رسالو خريد ڪرڻ تي چاهيو پر اهو معاملو ٺھي نہ سگهيو. موهن کانئس هڪ پرچي شائع ڪرڻ جي اجازت گهري ۽ پوء اهو هري جي حوالي ڪري ڇڏيو. ان دوران هري پاڻ لکڻ شروع ڪيو. ڪونج رسالي کانسواء هن ڪونج پبليڪيشن تحت مختلف ليکڪن جا ڪتاب پڻ شائع ڪيا. سندس ڪجهہ دوستن پاران کيس فلم ٺاهڻ ۾ حصيدار ٿيڻ لاء چيو ويو، پر انھن بجائي پنھنجو حصو ڏيڻ جي گهڻي رقم مختلف بھانن سان کانئس ئي ورتي. فلم بہ هلي نہ سگهي ۽ هو قرضن ۾ وٺجي ويو جنھن کي هو اٽڪل ڏهن سالن تائين ڀوڳيندو رهيو.
هري ٽي ڀيرا سنڌ آيو. هو پنھنجن سنڌي دوستن سان مختلف جاين تي گهمڻ ويو. آخري ڀيرو جڏهين هو آيو تہ مّخدوم جميل الزمان جو مھمان هو ۽ هالا ۾ سندس مھمان خاني ۾ رهيل هو. هو هتي پنھنجي ويزا وڌرائي اٽڪل ٽي مھينا رهيو پر اهو تجربو سندس لاء ڏاڍو تلخ رهيو. ٿيو ائين تہ اتم آل انڊيا ريڊيو جي سنڌي پروگرام ۾ هري جي ڪنھن ڪتاب تي ڳالھائيندي اهو چيو تہ هو سخت ائنٽي پاڪستان آهي ۽ پوءِ پنھنجن دوستن کي اهو چوندو رهيو تہ هي روز روز سنڌ ٿو وڃي ۽ هاڻي ڏسان تہ هو وري ڪيئن ٿو پاڪستان وڃي. سي آئي ڊي پاران خاص طور ڀارت جي ريڊيو جي نشريات کي ريڪارڊ ڪيو ويندو هو ۽ اهڙي ريت اها ڳالھہ بہ ريڪارڊ تي اچي ويئي. سي آئي ڊي پاران هري جي لاڳيتو نگراني ٿيڻ لڳي. سندس ويزا جي توسيع جو معاملو بہ رولي ۾ پئجي ويو. نيٺ مخدومن جي مداخلت کانپوء هو سي آئي ڊي آفيسر آڏو پيش ٿيو جنھن کيس سڄي ڳالھہ ٻڌائي ۽ اهڙي ريت هو گرفتاري کان بہ بچي ويو ۽ سندس ويزا ۾ توسيع ٿي ويئي.
هو پنھنجي محبت ۾ جنسي تعلق جو قائل نہ ٿو هجي، پر هو پنھنجي پھرين ننڍپڻ جي محبت مڌو کي وساري نہ ٿو سگهي. هو آخري ڀيرو ساڻس ملڻ چاهي ٿو. گهڻي ڪوشش کانپوء هو دھلي ۾ سندس گهر ڳولھي ٿو، جتي هو پنھنجي بيمار مڙس سان رهي ٿي. هو ساڻس ملاقات تہ ڪري ٿي پر ڪجهہ ڳالھائي نہ ٿي. هو پاڻ ڪجهہ لفظ ڳالھائي اتان اٿي اچي ٿو. پر سندس واپس ٿيڻ وقت مڌو جو ڪيل ڀڻڪو ڄڻ سندس سڄي زندگي جو سرمايو هجي ٿو. هو سندس خاموشي ۽ آخر ۾ ڪيل ڀڻڪي کي ئي پنھنجي لاء سڀڪجهہ سمجهي ٿو ۽ پنھنجي محبت سان ملڻ تي اطمينان محسوس ڪري ٿو. اهو ڀڻڪو ئي ڄڻ سندس آتم ڪٿا جو آخري پنو هجي ٿو.
هي آتم ڪٿا هڪ اهڙي شخص جي آهي جيڪو زندگي جي گهڻن ڏکين مرحلن مان گذريو آهي. ساڳي وقت اها هند جي سنڌي ادب جي منظرنامي ۽ اتان جي اديبن ۾ ذاتي ڇڪتاڻ ۽ هڪ ٻئي کي نقصان پھچائڻ متعلق پڻ ڪجهہ معلومات ڏئي ٿي. اها ڳالھہ پڻ نوٽ ڪرڻ جهڙي آهي تہ ان آتم ڪٿا ۾ هندي ۽ سنسڪرت جي لفظن جو استعمال گهٽ ڪيو ويو آهي، جيئن هند جا ٻيا گهڻا سنڌي ليکڪ ڪندا آهن جنھن جي ڪري پڙهڻ ۽ سمجهڻ ۾ گهڻي ڏکيائي نہ ٿي ٿئي.

آڏواڻي ۽ ڀٽو

ايل ڪي آڏواڻي پنھنجي آتم ڪٿا ۾ ڀڳواڻ گڊواڻي جي ڪتاب آرين جي واپسي مان اقتباس ڏنو آهي تہ:
منھنجي شاگردي وارن ڏينھن ۾ سکر جي ساڌ ٻيلي ۾ مون ذوالفقار علي ڀٽو، جنھن کي اسان ذلفي جي نالي سان سڃاڻندا هئاسين، ڏٺو. هو لنگر وٽ بيٺو هو ءِ مون کيس ٿورو حلوو وٺندي ڏٺو جيڪو ماني سان گڏ ڏنو ويندو هو. ظاهر ڳالھہ آهي تہ هو اتي مفت جي کاڌي لاء نہ ٿي اچي سگهيو. ڇاڪاڻ تہ وٽس هميشہ گهڻا پئسا هوندا هئا. مون کي خبر ناهي تہ شايد هو اتي ڪنھن خواهش جي پوري ٿيڻ تي ٿورو مڃڻ آيو هجي يا آئندي جي ڪنھن خواهش جي پورائي لاء آشيرواد وٺڻ آيو هجي. آئون ساڻس گڏ ويٺس ءِ هڪٻئي جي خوش خير عافيت پڇيسين. ڇاڪاڻ تہ اسان مان گهڻن جيان مون کي بہ لاڙڪاڻي ۾ سندن گهر جي ميزباني نصيب ٿي هئي. پر مون کانئس اهو نہ پڇيو تہ هو ساڌ ٻيلي ڇو آيو هو. تازو ئي ڏکڻ هندوستان جي هڪ دوست مون کان پڇيو تہ اهو ڪيئن ٿي سگهي ٿو تہ ڪنھن ڀٽو کان نہ پڇيو تہ هو اتي ڇو آيو هو.
اهو سوال رڳو هڪ غير سنڌي ئي پڇي سگهي ٿو. اسان جي لاء سنڌ ۾ هندن کي درگاهن ءِ مسلمانن کي هندن جي پوتر جاين تي ڏسڻ ڪا غيرمعمولي ڳالھہ ناهي. (The Amils of Sindh by Saaz Aggarwal p:555)

آريسر جا ٻہ ڪتاب

عبدالواحد آريسر سنڌ جي انھن ڪجهہ سياستدانن مان آهي، جن سياسي سرگرمي ۽ جيل ڪاٽڻ سان گڏ لکڻ پڙهڻ جي سرگرمي کي پڻ جاري رکيو. هڪ سٺي مقرر سان گڏ کيس هڪ سٺو ليکڪ پڻ ليکيو وڃي ٿو. مختلف موضوعن تي سندس گهڻا ڪتاب لکيل آهن. تازو مون کي سندس ٻن ڪتابن پڙهڻ جو موقعو مليو. سندس لکڻين جي هڪ خاص ڳالھہ جيڪا مون محسوس ڪئي، اها هي تہ اهي گهڻي ڀاڱي سوائي ڀٽو خاندان ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي، ٻين سياسي مخالفن جي حوالي سان مثبت هونديون آهن.
سندس ڪتاب ”ويراڳي جي وڃڻا هئا“ مختلف شخصيتن متعلق، جن سان سندس مختلف موقعن تي ملاقات ٿي ۽ واسطو پيو، تاثر آهن. خاص طور رسول بخش پليجو سان هزار اختلافن ۽ جلسن ۽ گڏجاڻين ۾ هڪ ٻئي کي گهٽ وڌ ڳالھائڻ ۽ گارين ڏيڻ جي باوجود، هو سندس شخصي، ذهني ۽ هڪ مقرر طور صلاحيتن کي ساراهي ٿو.
سندس ٿر جي هڪ ڏندڪٿائي سماجي ڪارڪن مسڪين جھان خان کوسو سان هڪ ملاقات ڪافي متاثر ڪندڙ آهي. مسڪين حيدرآباد جي هڪ سرڪاري اسپتال ۾ داخل هو، جتي آريسر کي بہ جيل مان علاج خاطر آندو ويو هو. ان وقت مسڪين جي حالت اها هئي تہ هو ڳالھائي نہ پيو سگهي ۽ ايستائين تہ پنھنجي بدن تان مکين کي بہ نہ پيو هٽائي سگهي. اسپتال ۾ سندس سار سنڀال لاء ڪو ماڻھو موجود نہ هو. آريسر کي ان ڳالھہ تي افسوس ٿئي ٿو تہ هڪ پاسي مدر ٽريسا کي سندس سماجي ڪم جي مڃتا ڪري نوبل انعام ڏنو ويو ۽ ٻئي پاسي هي ماڻھو آهي، جنھن پنھنجي سڄي حياتي ٿر جي ماڻھن جي خدمت ڪندي گذاري ۽ اڄ ان رحم جوڳي حالت ۾ آهي. سندس چوڻ آهي تہ جڏهين مسڪين گذاري ويو تہ ڪير سندس مڙه وٺڻ لاء تيار نہ هو ۽ ڪجهہ ڏينھن کانپوء سندس اڪيلو پٽ سندس لاش کڻي ويو.
آريسر جي سياسي جماعت جي ڪارڪنن کيس چوٿين دنيا جي دانشور جو خطاب ڏنو هو. سندس چوڻ آهي تہ هڪ ڀيري لطيف ڊي جي موقعي تي پير حسام الدين راشدي کيس چيو تہ هو پنھنجن ڪارڪنن کي ان لقب کي استعمال ڪرڻ کان منع ڪري ۽ هن پنھنجي تقرير ۾ ائين ڪيو. سندس ان ڪتاب ۾ اياز متعلق ٻہ مضمون شامل آهن. هڪ اياز سان سندس پرنس ڪامپليڪس واري گهر تي ملاقات متعلق آهي، جڏهين تہ ٻئي ۾ اياز کي سندس وفات کانپوء خراج پيش ڪيو ويو آهي. هو اياز جي شاعري کي تہ ساراهي ٿو پر ان وقت سندس لھجو ڪافي معذرت خواهانا هجي ٿو، جڏهين هو خاص طور شاعر جي ڀٽو کي شاه عنايت ۽ مخدوم بلاول سان ڀيٽ ڪرڻ متعلق لکي ٿو.
نامياري ليکڪ ۽ سياسي ڪارڪن ڪيرت ٻاٻاڻي متعلق هو لکي ٿو تہ سندس ڀارت جي دوري وقت هن ڪيرت کي ان ڳالھہ تي قائل ڪيو هو تہ اهي ڀارت ۾ سنڌين لاء ڌار پرڳڻي جي گهر نہ ڪن. ڇاڪاڻ تہ ان سان مھاجرن کي سنڌ ۾ ساڳي گهر ڪرڻ جو بھانو ملي ويندو. ڪيرت نہ رڳو سندس ان ڳالھہ کي مڃيو پر ساڻس گڏجي ان مسئلي تي پريس ڪانفرنس پڻ ڪيائين. پر ڪيرت پنھنجي آتم ڪٿا ۾ اهڙي ڪنھن ڳالھہ جو ذڪر نہ ڪيو آهي ۽ ان جي بجائي هو ڀارت ۾ سنڌين لاء ڌار پرڳڻي جي گهر ڪرڻ ۾ سرگرم رهيو هو.
آريسر هڪ سٺي مقرر طور ڄاتو وڃي ٿو. اها ڳالھہ سندس لکڻين ۾ بہ ظاهر ٿئي ٿي، جتي بجائي مواد جي لفظن جو جادو وڌيڪ ڪم آندو ويو آهي. مختلف موقعن تي ماڻھو کي اهو محسوس ٿئي ٿو تہ ليکڪ کي بجائي سحر انگيز ٻولي استعمال ڪرڻ جي انھن شخصن متعلق ڪجهہ معلومات ۽ ٺوس مواد ڏيڻ گهرجي ها. هو نذير عباسي سان جيل ۾ پورو هڪ سال رهيو، پر هن پنھنجي ڊگهي مضمون ۾ ان جي شخصيت ۽ جيئن هن ان کي ڏٺو متعلق رڳو ڪجهہ اکر لکيا آهن.
پنھنجين لکڻين جي حوالي سان هن مولانا غلام مصطفا قاسمي جو حوالو ڏنو آهي. مولانا سندس موجودگي ۾ پير حسام الدين راشدي کي چيو تہ آريسر جون لکڻيون تحقيقي نہ پر دعوتي آهن. پھريون مولانا عبيدﷲ سنڌي جو لکڻ جو انداز هو جڏهين تہ پويون مولانا آزاد جو هو. آريسر ان تي وراڻيو تہ هو مولانا آزاد کان متاثر آهي.
ڪتاب ۾ شامل ڪجهہ مضمون تقريرون آهن جيڪي هن مختلف موقعن تي ڪيون آهن.
آريسر جو ٻيو ڪتاب سندس جيل ڊائري ”ماڙين ماريس ڪينڪي“ آهي. اها ڊائري اسپتال جي وارڊ ۾ لکيل آهي جتي کيس علاج خاطر داخل ڪيو ويو هو. جيتوڻيڪ جيل ڊائري مان عام طور اهو تاثر ملندو آهي تہ اها جيل جي واقعن ۽ حالتن متعلق هوندي جيئن گهڻو ڪري ٿيندو آهي، پر اها ڪجهہ معاملن ۾ ان کان مختلف آهي ۽ ليکڪ ان جي بجائي ٻين معاملن تي توجھہ مرڪوز ڪئي آهي.
هن ڊائري ۾ ليکڪ مختلف سياسي جماعتين جي قيدي ڪارڪنن جي گڏجاڻين ۽ انھن جي اختلافن ۽ خاص طور سندس ۽ رسول بخش پليجو وچ ۾ مختلف سياسي مسئلن تي اختلافن پر گهڻو ڪري ٻين معاملن متعلق لکيو آهي. هو جيئن تہ نذير عباسي سان بہ هڪ عرصو جيل ۾ رهيو هو ان ڪري مون کي ان متعلق سندس ڪجهہ ٺوس راين ڄاڻڻ جو تجسس هو پر هن ان متعلق رڳو ڪجهہ عام ڳالھيون ڪيون آهن جيئن سندس هڪ ٻي جيل ڊائري ۾ بہ آهي. جيل جي حالتن ۽ اتان جي عملدارن جي روين متعلق تمام گهٽ ڄاڻ ملي ٿي. هي ڊائري جون اهم خاصيتون آهن.
1) ليکڪ جو واسطو جيئي سنڌ محاذ سان آهي ۽ هو جي ايم سيد جو پوئلڳ آهي. پر هو گهڻي ساراه ابوالڪلام آزاد، جواهرلال نھرو ۽ مھاتما گانڌي جي ڪري ٿو. هن انھن متعلق تفصيل سان لکيو آهي جڏهين تہ جي ايم سيد ۽ ان جي سياسي، علمي ۽ ادبي ڪردار متعلق گهٽ لکيو آهي
2) گانڌي جي عدم تشدد جي نظرئي کي ساراهيندي هو نھايت واضح لفظن ۾ اهو لکي ٿو تہ تہ ڀڳت سنگه ۽ انھن سڀني جو جن تشدد جي هڪ سياسي هٿيار طور وڪالت ڪئي ٿي هندوستان جي آزادي جي جدوجھد ۾ ڪو حصو ناهي ۽ ان جو سڄو ڪريڊٽ مھاتما گانڌي کي وڃي ٿو.
3) جيتوڻيڪ هن پنھنجي سياسي جدوجھد ۽ پارٽي متعلق گهٽ لکيو آهي پر هڪ مرحلي تي جڏهين جيل جي عملدارن پاران کيس چيو ٿو وڃي تہ هو اسپتال ۾ گهڻن ماڻھن سان نہ ملي تہ هو پاڻ کي روڪي نہ ٿو سگهي ۽ پنھنجي ڪاوڙ جو اظھار ڪندي لکي ٿو تہ سندس پنھنجي پارٽي جو همراه ۽ جيئي سنڌ اسٽوڊينٽس فيڊريشن جو صدر حبيب ﷲ ناريجو ان سڄي ڳالھہ جي پويان آهي. ڇاڪاڻ تہ کيس ڊپ آهي تہ آريسر جو ائين مختلف ماڻھن سان ملڻ سندس ٻئي ڀيري صدر چونڊجڻ ۾ رڪاوٽوڻ وجهي سگهي ٿو. هو ان ڳالھہ تي افسوس ٿو ڪري تہ اسپتال ۾ سندس مناسب طريقي سان علاج نہ ٿو ڪيو وڃي ۽ اهي ماڻھو ان ڳالھہ کان واقف ناهن تہ جيڪڏهين کيس جيل منتقل ڪيو ويو تہ سندس حالت وڌيڪ خراب ٿي ويندي.
4) جيتوڻيڪ اهي نثر جا ٽڪرا آهن ۽ تقريرون ناهن پر هن ڊائري ۾ پڙهندڙ کي ڪنھن مضمون ۽ ڪنھن سياسي يا ادبي گڏجاڻي ۾ ڪيل تقرير ۾ فرق گهٽ محسوس ٿئي ٿو.
5) ان ڊائري کي ليکڪ جي سڄي دنيا جي معاملن متعلق خيالن جي اپٽار ڪري ليکي سگهجي ٿو.

اقبال احمد

اهڙا گهڻا عالم، دانشور ۽ ليکڪ آهن، جن پنھنجي ليکي ڪو ڪتاب نہ لکيو آهي، پر سندن نالي ۽ ڪم کان سڄي دنيا واقف آهي. منھنجي ذهن تي هن وقت جيڪي اهڙا شخص اچن ٿا انھن ۾ هڪ پروفيسر ڪرار حسين آهي، جيڪو بلوچستان يونيورسٽي جو وائس چانسلر بہ رهيو هو. هن پنھنجن ليڪچرز، خطبن ۽ ڳالھہ ٻولھہ ذريعي پنھنجي هڪ حيثيت قائم ڪئي. ٻي اهم شخصيت، جيڪا منھنجي لاء هميشہ اتساه جو باعث رهي آهي، اها ڊاڪٽر اقبال احمد جي آهي. هو هڪ ليکڪ سان گڏ هڪ سياسي ايڪٽوسٽ بہ هو، جنھن دنيا جي گهڻين انقلابي ۽ آزادي جي تحريڪن جي حمايت ۾ لکيو ۽ حصو ورتو. هن آمريڪا ۾ ويٽنام جي جنگ خلاف مظاهرن ۾ ڀرپور حصو ورتو جنھن جي نتيجي ۾ کيس سزائون بہ مليون ۽ مقدمن کي بہ منھن ڏيڻو پيو. سندس مضمونن ۽ انٽرويوز تي مشتمل ڪتاب تہ شائع ٿيا آهن، پر هن پنھنجي ليکي ڪو ڪتاب نہ لکيو آهي. پنھنجي آخري عمر ۾ هن ڊان اخبار ۾ مختلف موضوعن تي مضمون لکڻ شروع ڪيا هئا.

آمريڪا ۽ هندوستان جي آزادي

ٻين مھاڀاري جنگ کانپوء برطانيا جي سلطنت جي زوال پذير ٿيڻ سان گڏ سوويت يونين ۽ آمريڪا ٻن اهم عالمي طاقتن جي طور سامھون آيا. آمريڪا جو مقصد هڪ پاسي برطانيا جي نوآبادين تي پنھنجو اثر رسوخ قائم ڪرڻ ۽ ٻئي پاسي سوويت يونين جي اثر رسوخ کي دنيا جي مختلف علائقن ۾ ڦھلجڻ کان روڪڻ هو. ان جو مک ڪارڻ نوآبادياتي ملڪن ۾ هلندڙ آزادي ۽ سماجي تبديلي جون تحريڪون هيون جن جي لاء سوويت يونين هڪ اتساه ۽ ڀرجهلو هو.
ان حوالي سان هندوستان جي هڪ اهم حيثيت هئي. هڪ پاسي ان جون سرحدون اوڀر ۾ چين سان مليون ٿي جتي مائو جو اثر رسوخ وڌي رهيو هو ۽ ٻئي پاسي اولھہ ۾ سوويت يونين سان سرحدون مليون ٿي.
اينگلو آمريڪي بلاڪ هونئن تہ سرمايا داري نظام جي بچاء ۽ سوويت يونين جي وڌنڌڙ اثررسوخ کي روڪڻ جي معاملي ۾ يڪراء هو، پر ساڳي وقت منجهن اندروني اختلاف بہ موجود هئا. آمريڪا هندوستان جي عوام ۽ سياسي جماعتن آڏو اهو موقف اختيار ڪيو هو تہ برطانيا هڪ نوآبادياتي ۽ سامراجي طاقت آهي جڏهين تہ آمريڪا آزادي ۽ جمھوريت جو علمبردار آهي. آمريڪا بہ اهو سمجهيو ٿي تہ هندوستان ۾ سياسي عدم استحڪام مان ڪميونسٽ ۽ نتيجي ۾ سوويت يونين کي فائدو ٿيندو. ان سلسلي ۾ تشويش جي ڳالھہ اها هئي تہ هڪ تہ سڄي ملڪ ۾ ريلوي، ٽپال کاتي ۽ ٻين محڪمن جا پورهيت هڙتال ۽ احتجاج ڪري رهيا هئا ۽ ٻئي پاسي سباش چندر بوس جي آزاد هند جا سپاهي، جن جي هٿيار بند تربيت ورتل هئي، سڄي ملڪ ۾ موجود هئا ۽ آزادي جي ڪنھن بہ تحريڪ ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪري سگهيا ٿي. ان سان گڏ جنگ ختم ٿيڻ کانپوء لکين هندوستاني فوجي فوج مان فارغ ڪيا ويا هئا، جن کي ٻيو ڪو روزگار نہ هو ۽ جيڪي سڄي هندوستان ۾ ڦھليل هئا. اهي سڀ آزادي جي تحريڪ جو حصو ٿي سگهيا ٿي.
خاص طور تي اهم ڳالھہ اها هئي تہ ٻنھي وڏين سياسي جماعتن جي اختلافن جي صورت ۾ فوج جو فرقيوارانا بنيادن تي ورهائجڻ هندوستان جي ماڻھن لاء تہ هڪ وڏو الميو ٿئي ها، پر ساڳي وقت نہ رڳو هندوستان پر وچ اوڀر، ڏوراوڀر ۽ ڀرپاسي وارن گهڻن ملڪن ۾ سامراجي مفادن کي وڏو نقصان ٿئي ها. اهو خدشو ان ڪري بہ هو تہ پنجاب، جنھن جو فوج ۾ وڏو حصو هو، جا گهڻا علائقا گهڻي عرصي کان لاڳيتو سياسي عدم استحڪام ۽ فرقيوارانا فسادن ۾ ورتل هئا. معاملا بجائي مسلم ليگ ۽ ڪانگريس، جيڪي اينگلو آمريڪي مفادن جو بھتر بچاء ڪري سگهيون ٿي، جي ڪميونسٽن ۽ کاٻي ڌر جي هٿن ۾ وڃڻ جا گهڻا امڪان پيدا ٿي پيا هئا جيڪا ڳالھہ ڪنھن بہ صورت انھن نہ ٿي چاهي. سندن مفاد بہ ان ڳالھہ ۾ هو تہ هندوستان ڪنھن بہ انتظام تحت هڪ ملڪ جي حيثيت ۾ متحد رهي ۽ ملڪ ۾ گهرو ويڙه واري ڪا صورتحال پيدا نہ ڏئي.
ان ڳالھہ کي آمريڪا ۽ برطانيا ٻنھي سمجهيو ٿي تہ هندوستان کي علائقائي طاقت ٺاهڻ جي سلسلي ۾ پنڊت نھرو جون پنھنجون خواهشون ۽ رٿائون هيون. هڪ اهڙي سلطنت جنھن ۾ سري لنڪا، هندي وڏي سمنڊ جا ٻيٽ ۽ ايستائين تہ عراق تائين جا علائقا شامل هوندا، جيئن هن پنھنجي ڪتاب ڊسڪوري آف انڊيا ۾ لکيو آهي. اها علائقائي طاقت هندوستان ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ سوويت يونين جي اثررسوخ کي روڪڻ ۽ هڪ اتحادي طور اينگلو آمريڪي مفادن کي اڳتي وڌائڻ ۾ مددگار ثابت ٿئي ها.
ان حوالي سان وزارتي مشن رٿا جي گروپنگ موجب هندوستان جي جيڪا ورهاست ٿيڻي هئي ان سلسلي ۾ لاڳاپيل ڌرين ۾ هونئن ئي اختلاف موجود هئا ۽ ڪانگريس ان کي ڪنھن بہ صورت ۾ قبول ڪرڻ لاء تيار نہ هئي. ساڳي وقت برطانوي حڪومت ڪانگريس کي ڪنھن بہ صورت ۾ ناراض ڪرڻ نہ ٿي چاهيو. پر آمريڪا اهو چاهيو ٿي تہ اولھہ ۾ سرحد صوبو سوويت يونين جي ويجهو هئڻ ۽ اوڀر ۾ آسام جي چين جي ويجهو هئڻ ڪري اهي مرڪز جي تحت رهن تہ جيئن انھن جو انتطام هلائڻ سولو هجي. اهي ٻيئي صوبا گروپ ب ۽ ج ۾ شامل هئا جن ۾ مسلم گهڻائي هئي ۽ اتي مسلم ليگ جي حڪومت قائم ٿيڻي هئي. هتي اهو مسئلو بہ هو تہ انھن ٻنھي صوبن ۾ ڪانگريس جي حڪومت هئي. گروپن ۾ هئڻ جي ڪري سرحد جو آئين پنجاب ۽ سنڌ جي نمائندن جي مرضي مظابق ٺھڻو هو جڏهين تہ آسام جي حوالي سان بنگال جي حاوي حيثيت هئي. انھن ٻنھي صوبن جي اڳواڻن ۽ حڪومتن جي سھڪار سان ڪانگريس اها گهر رکي تہ بجائي گروپن جي صوبن کي پنھنجو ڌار آئين ٺاهڻ جو اختيار ڏنو وڃي. اهڙي ريت هڪ پاسي اهو تڪرار هلندڙ هو تہ ٻئي پاسي آمريڪا جي عالمي سياسي حالتن ۽ سوويت يونين سان شروع ٿيل ڇڪتاڻ هڪ نئين صورتحال کي جنم ڏنو هو.
ڏٺو وڃي تہ هڪ لحاظ سان آمريڪا جي اها تجويز ۽ گهر اڻ سڌي طرح ڪانگريس جي مفاد ۾ هئي، جنھن کي مرڪز ۾ فوقيت حاصل هئي ۽ جنھن هڪ مضبوط مرڪزجي وڪالت ڪئي ٿي. پر ساڳي وقت اها ڳالھہ مشن پلان جي خلاف هئي ۽ برطانيا کي اهو خدشو هو تہ مسلم ليگ ان کي قبول نہ ڪندي ۽ نتيجي ۾ ملڪ ۾ فرقيوارانا فساد ۽ عدم استحڪام اڃا وڌنڌو. جيڪا ڳالھہ انھن جي مفاد ۾ نہ هئي.
بھرحال اڳتي هلي فريقن جي متحد هندوستان جي ڪنھن فارمولي تي متفق نہ ٿيڻ ڪري نتيجو ملڪ جي ورهاست جي صورت ۾ نڪتو.

اميد جو قتل

جيئي سنڌ محاذ ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي ۾ گهڻا اختلاف رهيا آهن. ساڳي وقت اهي ٻيئي جماعتون سنڌ ۾ ڪم ڪن ٿيون ۽ ان لحاظ کان انھن جي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن جو هڪ ٻئي سان واسطو پئي ٿو ۽ اهي لھہ وچڙه ۾ اچن ٿا.
بينظيرڀٽو جي شھادت هڪ اهم واقعو هو جنھن سڄي ملڪ ۽ خاص طور سنڌ کي متاثر ڪيو هو. عبدالواحد آريسر جيئي سنڌ محاذ جو چيئرمين ۽ سنڌ جو هڪ اهم دانشور ۽ ليکڪ آهي. پاڪستان پيپلزپارٽي ۽ ڀٽوز سان اختلافن جي باوجود سندس ڪتاب ”اميد جو قتل“ بينظير ڀٽو جي شخصيت ۽ سياست جي مختلف پاسن جي حوالي سان هڪ متوازن ڪتاب آهي.
ليکڪ جو چوڻ آهي تہ هو جڏهين اٺ سالن کانپوءِ پاڪستان موٽي تہ جيتوڻيڪ سندس لھجو حاڪمن سان ٺاه وارو هو پر هو گهڻو بدليل هئي. ان جو ثبوت اهو آهي تہ هن سميع ﷲ ڪلھوڙي جي قتل جي مذمت ڪئي، جيڪا پيپلزپارٽي جي ڪنھن اڳواڻ لاء ڪنھن قوم پرست اڳواڻ جي حوالي سان هڪ غيرمعمولي ڳالھہ هئي. ساڳي ريت هن جسقم جي باندي اڳواڻ صفدر سرڪي ۽ اختر مينگل لاء همدردي وارا بيان ڏنا. جيتوڻيڪ شروع ۾ سندس استقبال گولين ۽ سندس ڪارڪنن جي لاشن سان ٿيو پوء بہ هن چيو تہ آئون پنھنجي ماڻھن سان ملڻ چاهيان ٿي ۽ سنجها ويلي لاڙڪاڻي جي سارين جي خوشبو سنگهڻ چاهيان ٿي. اها خوشبو سنگهڻ کان اڳ ئي هو سندس انتظار ۾ ويٺل قاتل جي گولي جو نشانو بڻجي ويئي.
جڏهين جي ايم سيد جناح اسپتال ۾ داخل هو تہ گهڻا سياسي اڳواڻ سندس عيادت لاء آيا هئا پر بينظير ڀٽو نہ آئي هئي، بلڪ هن سندس وفات تي اهو بيان ڏنو هو تہ هاڻي سنڌوديش جو نظريو دفن ٿي ويو. جي ايم سيد جي وفات کانپوء جيئي سنڌ جي ڪارڪنن گڏجي جسقم ٺاهي هئي. ان سلسلي ۾ آريسر ۽ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي سنڌ جو دورو ڪيو هو. ان وقت نوازشريف بينظير حڪومت خلاف تحريڪ نجات جي تياري ڪري رهيو هو. سکر ۾ هڪ پريس ڪانفرنس دوران انھن ٻنھي کان ڪنھن صحافي سوال ڪيو تہ جيڪڏهين نوازشريف سنڌ جا معدني وسيلا سنڌ جي حوالي ڪرڻ جو واعدو ڪري ٿو تہ ڇا پوء اوهان سندس تحريڪ ۾ شامل ٿيندو تہ ان جو جواب انھن هاڪار ۾ ڏنو هو. ٻئي ڏينھن اخبارن مين هيڊنگ ڏني تہ آريسر ۽ نيازڪالاڻي نوازشريف جي تحريڪ نجات جي حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو. بينظير کي شايد جيئي سنڌ جي اسٽريٽ پاور جو اندازو هو ان ڪري هن ٻئي ڏينھن اعلان ڪيو تہ سيد جي عذرخواهي لاء سن ويندي. کيس اها خبر هئي تہ ڪنھن سنڌي کي ڪنھن جي خلاف ڪيڏي بہ ڪاوڙ هجي پر جڏهين ڪا نياڻي غم ۾ شريڪ ٿيڻ لاء سندن تڏي تي ويندي آهي تہ هو اها ڪاوڙ وساري ڇڏيندا آهن.
ان گڏجاڻي ۾ هو پنھنجي ماء نصرت ڀٽو سان گڏجي آئي هئي. جي ايم سيد ۽ ڀٽو خاندان جا مثبت ۽ خوشگوار ناتا رهيا آهن. ليکڪ جو چوڻ آهي تہ جڏهين ساڄي ڌر جي جماعتن پاران ڀٽو خلاف اها پروپئگنڊا ڪئي پيئي ويئي تہ هو مسلمان ناهي ۽ سندس طھر ٿيل ناهن تہ سيد ليکڪ ۽ تاج جوئي کي چيو تہ ڪتابن جي الماري ۾ شاهنواز ڀٽو پاران ذوالفقار جي طھرن جي دعوت جو موڪليل ڪارڊ پيو آهي، اهو کڻي پريس کي جاري ڪيو. پر هو ائين نہ ڪري سگهيا. اتي امير حيدرشاه ويٺلن جو تعارف ڪرائيندي آريسر لاء چيو تہ هي جي ايم سيد جو سياسي جانشين آهي. اتي بينظير آريسر کي چيو تہ پاڻ وري ملنداسين. جيتوڻيڪ وري ملاقات تہ ٿي پر هڪ تہ جڏهين شاه سچل سامي سيمينار جي موقعي تي کيس ايئرپورٽ تي روڪيو ويو هو تہ ان وقت بينظير جي حڪومت هئي ۽ سندس مداخلت تي کيس وڃڻ ڏنو ويو. ٻي ڳالھہ تہ سندس حڪومت جي دور ۾ کيس گرفتار نہ ڪيو ويو جڏهين تہ ان کانپوء کيس گهڻيون تڪليفون ۽ صعوبتون سھڻيون پيون.
آريسر نصرت ڀٽو جو نھايت پيار ۽ محبت سان ذڪر ڪري ٿو. جي ايم سيد جڏهين ساڻس ڀٽو جي تعزيت ڪرڻ لاء المرتضيٰ ويو تہ هن کيس چيو هو تہ شاه صاحب هتي بنگلي ۾ سرڪار جا ماڻھو موجود آهن، جيڪي سنڌي، اڙدو ۽ انگريزي سمجهن ٿا، ان ڪري بھتر اهو آهي تہ پاڻ فارسي ۾ ڳالھايون جيڪا اهي سمجهي نہ سگهن ۽ پوء انھن فارسي ۾ ڳالھہ ٻولھہ ڪئي. ليکڪ جو چوڻ آهي تہ جڏهين مرتضيٰ ڀٽو لاڙڪاڻي مان صوبائي اسمبلي جي چونڊ وڙهي رهيو هو تہ نصرت ڀٽو ان ۾ مدد ڪرڻ لاء جيئي سنڌ جي ڪارڪنن سان رابطو ڪيو هو.
ليکڪ جو چوڻ آهي تہ بينظير ذوالفقار علي ڀٽو جي اجهو اٽو ۽ لٽو جي بدران نئين سماجي معاهدي جو نعرو ڏنو پر هن ان جي وضاحت نہ ڪئي تہ ان مان سندس مراد ڇا هئي. ماڻھو بينظير سان ڇو پيار ڪن ٿا، ان جو ڪارڻ ڄاڻائيندي هو ٻڌائي ٿو تہ ان ڳالھہ جي باوجود تہ هن ماڻھن جي مادي ضرورتن کي پوري ڪرڻ لاء گهڻو ڪجهہ نہ ڪيو، پر هو جڏهين ماڻھن وٽ ويندي هئي تہ انھن جهڙي ٿي ويندي هئي. هو کين چوندي هئي تہ آئون اوهان جي ڀيڻ آهيان ۽ اوهان جي ڌي آهيان. هو جڏهين نوابشاه ويئي تہ اتي خطاب ڪندي چيائين تہ آئون اوهان جي ننھن آهيان. عام ماڻھو پيار ۽ پنھنجائپ جو بکيو آهي ۽ جيڪڏهين ڪو ساڻن اهڙو ورتاء ڪري ٿو تہ ان جي لاء سڀڪجهہ ڪرڻ لاء تيار ٿي وڃن ٿا ۽ بينظير ۾ اها ڳالھہ هئي.
آئون سمجهان ٿو تہ اهو آريسر جو هڪ اهم ڪتاب آهي جيڪو سنڌ ۾ مختلف سياسي ڪارڪنن ۽ ڌرين کي ويجهي آڻڻ ۾ مددگار ٿي سگهي ٿو.

لاهور جا ڪجهہ اديب

”“ہ انتظار حسين پنھنجي يادگيرين جي ڪتابچراغوں کا دھواں ۾ لاهور جي مختلف اديبن، جن سان سندس واسطو رهيو، جو ذڪر بڪيو آهي.
ہ لاهور جون ٻجايون هيون، جتي اديبن ۽ ليکڪن وغيرہ سان ملاقات ٿي سگهندي هئي. هڪ مال روڊ هو جتي پنڌ هلڻ کي سٺو سمجهيو ويندو هو ۽ اڪثر ليکڪ خاص طور چراغ حسن حسرت سان پنڌ هلندي ملاقات ٿي ويندي هئي ۽ ٻيو ڪافي هائوس، ٽي هائوس ۽ ٻيا مختلف هوٽل جتي ليکڪ ويھندا هئا.
انھن ۾ محمد حسن عسڪري کانئس هفتو ڏيڍ اڳ ئي هندوستان کان لاهور آيو هو ۽ هتي ٻيئي ڪجهہ عرصو گڏ بہ رهيا هئا. اهي گڏجي رولاڪيون بہ ڪندا هئا. پر عسڪري هڪ ڦرڻو گهرڻو ماڻھو هو ۽ وقت بوقت شين متعلق سندس موقف تبديل ٿيندو رهندو هو. ڪڏهين هو پاڪستاني ادب جو راڳ ڳائيندو هو تہ ڪڏهين اسلامي ادب جي وڪالت ڪندو هو. هونئن هو سوويت يونين ۽ سوشلزم جو سخت مخالف هو، پر الجزائر جي مسئلي تي سوويت يونين جي موقف جي ڪري هو سوويت يونين جو حمايتي بڻجي ويو ۽ ان جي پاسي ٿي بيٺو. ان وقت امروز اخبار جون تياريون هلي رهيون هيون. حسن عسڪري صوفي تبسم جي وسيلي سندس فيض احمد فيض سان ملاقات ڪرائي. فيض ان وقت اخبار جو چيف ايڊيٽر جڏهين تہ چراغ حسن حسرت ايڊيٽر هو. نظام رسالي جي بند ٿيڻ کانپوء هن امروز جوائن ڪئي. امروز واقعي هڪ جديد دور جي اخبار هئي. هتي پگهار باقاعدي مقرر تاريخ تي ملندي هئي، جڏهين تہ ترقي ۽ عھدن وغيرہ جو باقاعدي هڪ نظام ٺھيل هو. فيض گهڻو ڪري پاڪستان ٽائمز جي حوالي هوندو هو ۽ امروز جو سڄو انتظام چراغ حسن حسرت جي هٿ ۾ هو. هو خاص طور ٻولي جي معاملي ۾ نھايت حساس هوندو هو.
ٽي هائوس ۾ سندس ملاقات ناصر ڪاظمي سان ٿي ۽ ان سان گهڻي ويجهڙائپ رهي. ناصر ڪاظمي راتين جو رولاڪ هوندو هو ۽ چوندو هو تہ سندس اک ئي رات جو هڪ وڳي کلندي آهي. اهي ٻيئي صبوح جي روشني ٿيڻ تائين پيا رلندا ۽ هڪ نہ ٻئي چانھن خاني تي ويھندا هئا. ليکڪ ناصر ڪاظمي جي انھن ڪجهہ دوستن مان هو جيڪي ناصر ڪاظمي جي شادي لاء ساڻس گڏجي منٽگمري ويا هئا. شادي کانپوء ايترو فرق پيو تہ اڳ اهي صبوح ٿيڻ تائين پيا رلندا هئا، هاڻي رات هڪ وڳي کين گهر وڃڻ ياد ايندو هو. هڪ خاص مقام تي اهي هڪٻئي کان ڌار ٿيندا هئا ۽ ٽانگي ۾ ويھي پنھنجي پنھنجي گهر روانا ٿيندا هئا. اتي ناصر لاء هڪ خاص ٽانگي وارو انتظار ۾ بيٺل هوندو هو ۽ ٻي ڪا سواري نہ کڻندو هو. ناصر اتان پان واري کان پان وٺي وات ۾ وجهي ٽانگي ۾ ويھي گهر لاء روانو ٿيندو هو.
ناصر ڪاظمي جي شادي سندس چاهيندڙن لاء هڪ وڏي صدمي جو باعث هئي. سندن ليکي شاعر کي آزاد رهڻ گهرجي ۽ شادي جي ٻنڌڻن سان شاعر جي تخليقي صلاحيت ختم ٿي وڃي ٿي. اهي وري سندس ويجهو ان وقت آيا جڏهين هو هڪ نئين غزل سان سامھون آيو.
ٽي هائوس ۾ ليکڪ جي مشھور مصور شاڪر علي سان بہ ملاقات ٿي. هو هڪ ميز تي پنھنجي ليکي اڪيلو ويٺو پنھنجن خيالن ۾ گم هوندو هو. پو۽ انھن ۾ گهڻي ويجهڙائپ ٿي ويئي. شاڪر علي کي ناصر جي شعري مجموعي جي ٽائٽل ٺاهڻ لاء چيو ويو جيڪو هن ٺاهي ڏنو. ان وقت هڪ ٻئي نوجوان ٽي هائوس ۾ اچڻ شروع ڪيو هو، جنھن کي ليکڪ مال تي ڪنھن وڻ هيٺان بيھي لنگهندڙ ڇوڪرين کي ڏسندي ۽ آڱر سان هوا ۾ تصويرون ٺاهيندي ڏسندو هو. هي محمد حنيف هو جيڪو پوء حنيف رامي ٿي ويو. هو مصوري ڪندو هو. سندس چوڻ هو تہ ناصر جي ڪتاب جو ٽائٽل هو ٺاهيندو. سندس اهو ضد پورو ٿيو، جنھن جو شاڪر علي کي گهڻو ڏک ٿيو. ليکڪ جو چوڻ آهي تہ هن پنھنجي افسانن جي مجموعي لاء شاڪر علي کي چيو جنھن جي لاء هن هاڪار بہ ڪئي پر پوء هو بيمار ٿي پيو ۽ هن کيس ان ذميواري کان آجو ڪيو.
ليکڪ کٽمنڊو نيپال ۾ ننڍي کنڊ جي ملڪن جي ليکڪن جي هڪ گڏجاڻي جو حوالو ڏنو آهي جنھن ۾ سندس ملاقات هڪ بنگالي ناول نگار شھيدﷲ قيصر جي زال پنا قيصر ۽ سندس ڌي سان ٿي هئي. پنا قيصر کيس ٻڌايو تہ سندس مڙس کي ٻين بنگالي دانشورن سان گڏ ماريو ويو هو. جنگ ختم ٿيڻ کان ٻہ ڏينھن اڳ ڪجهہ ماڻھو اسان جي گهر آيا ۽ منھنجي مڙس کي وٺي ويا ۽ پوء هو موٽي نہ آيو. شھيدﷲ قيصر جي ناول ملاح کي رائٽرز گلڊ اردو ۾ ترجمو ڪرايو هو.
ان ئي حوالي سان هو ناصر ڪاظمي جو ذڪر ڪري ٿو تہ جڏهين هو پنھنجي اوڀر پاڪستان جي هڪ دوري تان موٽيو هو تہ هن اتان جي ماڻھن ۽ ماحول متعلق گهڻا خوبصورت منظر آندا هئا. بنگلا ديش ٺھڻ کانپوء هو ڪجهہ عرصو ئي جيئرو رهي سگهيو.
ليکڪ لاهور ۾ حسن عابدي سان بہ ڪجهہ اخبارن ۾ ڪم ڪيو هو. هو عابدي جي پنڊي ڪيس جي اسيرن سان تعلق جو ذڪر ڪري ٿو. حسن عابدي سان پوء سندس واسطو ان وقت پيو جڏهين هن ڊان ۾ ڪالم لکڻ شروع ڪيا هئا.
حبيب جالب بہ حلقہ ارباب ذوق جي گڏجاڻين ۾ شريڪ ٿيندو هو. جڏهين حلقو ادبي ۽ سياسي ٻن گروپن ۾ ورهائجي ويو تہ جالب انجم روماني سان گڏ ادبي گروپ ۾ شامل ٿي ويو. اهي پنھنجيون گڏجاڻيون ڌار ڪرڻ لڳا ۽ آهستي آهستي انھن سان ٻيا بہ گهڻا شامل ٿي ويا.
ابن انشاء سان ليکڪ جو ويجهو واسطو رهيو. سندس چوڻ مطابق هو پنھنجي طبيعت ۾ بلڪل هڪ ڳوٺاڻو هو. هو جڏهين بہ لاهور ايندو هو تہ ٻيئي ڄڻا کاڌي پيتي جي ديسي شين جھڙوڪ گول گپا، جنھن کي ليکڪ يوپي جي ٻولي ۾ پاڻي جا پتاشا چئي ٿو، ۽ ستو جي شربت وغيرہ جي ڳولھا ۾ نڪري ويندا هئا. ابن انشاء ڪوڪ وغيرہ جھڙا ڊرنڪ پسند نہ ڪندو هو. ابن انشاء جي ادبي ڪم متعلق ليکڪ جو چوڻ آهي تہ ان جي هڪ خاص ڳالھہ اها آهي تہ سندس نثر ۾ کل ڀوڳ ۽ مزاح آهي جڏهين تہ سندس نظم ۽ شاعري ۾ ڏک، افسردگي ۽ سنجيدگي ملي ٿي.
منير نيازي هڪ سٺو شاعرپر ساڳي وقت پنھنجي ڪاوڙ تي قابو نہ رکي سگهڻ وارو ماڻھو هو. هن ٻہ ڀيرا افتخار جالب کي گلدستو ۽ گلاس اڇلائي هنيو هو پر ٻيئي ڀيرا سندس نشانو خطا ٿي ويو هو. هو چوندو هو تہ هو هڪ اڪيلائي پسند ماڻھو آهي ۽ سڌارٿ کي پسند ڪندو آهي. ليکڪ جڏهين کانئس پڇيو تہ پوء هو ڪنھن ويراني ۾ ڇو نہ ٿو وڃي ويھي ۽ ايڏي ڪاوڙ ڇو ٿو ڪري. سندس چوڻ هو تہ هو ويراني ۾ جانور۽ ڦورن جي ڊپ کان نہ ٿو وڃي ۽ ڪاوڙ پٺاڻ هئڻ ڪري سندس طبيعت جو حصو آهي. هي انھن ليکڪن مان هو جيڪي لڏي اچڻ کانپوء پنھنجي وطن کي گهڻو ياد ڪندا هئا. ڀارت جو شھر خان پور جتان هو لڏي آيو هو ڄڻ تہ سندس وجود جو حصو هو ۽ سندس شاعري ۾ ان جو اظھار ٿيندو رهندو هو.
ليکڪ وڪيل اعجاز بٽالوي جو ذڪر ڪيو آهي جيڪو ٽي هائوس ۾ ايندو هو پر ڀٽو ڪيس ۾ شامل ٿيڻ کانپوء هن اتي اچڻ گهٽائي ڇڏيو هو. هو جڏهين اتي ماني کائڻ ايندو هو تہ بيرو سندس لاء نيپڪن کڻي ايندو هو. اها ڳالھہ اتي ايندڙ هڪ ليکڪ مشتاق کي نہ وڻي. هن هڪ ڏينھن بيري کي نيپڪن آڻڻ لاء چيو تہ بيري ۽ هوٽل جي مينيجر بہ کيس چيو تہ اسان وٽ نيپڪن ناهن هوندا. اعجاز بٽالوي جا اهي نيپڪن پنھنجا آهن. اها ڳالھہ ان ليکڪ کي نہ وڻي ۽ هن ٽي هائوس اچڻ ئي ڇڏي ڏنو. هڪ اهڙو همراه بہ ٽي هائوس ايندو هو جيڪو چانھن سان ٻہ توس گهرائيندو هو ۽ پوء ٻاهر وڃي اهي توس در تي ويٺل ڪتي کي ڏيئي پوء اچي چانہ پيئندو هو. ڪڏهين هي همراه اچڻ سان ويٺلن کان پڇندو هو تہ ڪنھن وٽ چار آنا آهن، آئون ٻاهر فقير کي بيھاري آيو آهيان. پوء جيڪڏهين اهو فقير اتي نہ هوندو تہ اهي چار آنا واپس اچي مالڪ کي ڏيندو هو. ليکڪ هن کي صبوح سوير هڪ بنگلي ۾ جهرڪين کي داڻو ڏيندي بہ ڏٺو. جهرڪيون سندس چوڌاري گڏ ٿينديون هيون ۽ پوء جڏهين هو گذاري ويو تہ هن انھن جهرڪين کي اداس ٿيندي بہ ڏٺو.
ٽي هائوس جي سامھون پاڻي جو هڪ نل لڳل هوندو هو. سفيد صاف سٿرا ڪپڙا پھريل هڪ شخص اتان روز لنگهندو هو ۽ پوء ڀلي ڪپڙن تي ڪو داغ هجي يا نہ ڪپڙن کي پاڻي سان صاف ڪندو هو ۽ پوء اڳتي ويندو هو.
ليکڪ مڙد اديبن جي سرگرمين گهٽجڻ کانپوء عورت ليکڪائن جي سرگرمين جو ذڪر ڪيو آهي. خاص طور جميلا هاشمي، فاطمہ حسن ۽ ٻين پنھنجن گهرن تي ادبي محفلن، خاص طور افساني جي حوالي سان، جو انعقاد شروع ڪيو. ان دعوت نامي ۾ چيو ويندو هو تہ اچو افسانو ٻڌو پڙهو ۽ ماني کائو. پر پاڻ سان گڏ ڪا نہ ڪا هڪ ڊش ضرور کڻي اچو.
آهستي آهستي اهو سڀ ختم ٿيندو ويو ۽ اهو لاهور بہ هاڻي خواب ٿي ويو آهي..

سنڌو تھذيب: هڪ نڪتہ نظر

عرفان حبيب ڀارت جو ناميارو تاريخدان آهي. هندوستان جي تاريخ جي حوالي سان سندس گهڻو ڪم ٿيل آهي ۽ گهڻا ڪتاب شائع ٿيل آهن. زيرنظر ڪتاب The Indus Civilization Aligarh Historians Society جي سرپرستي ۾ هلندڙ پروجيڪٽ A peoples History of India جي سلسلي جو ٻيون ڪتاب آهي. ان رٿا جو مقصد تاريخ جي هڪ سائنسي ۽ علمي سمجهاڻي ڏيڻ ۽ فرقيوارانہ ۽ شاونسٽ سوچ کي ٻنجو ڏيڻ آهي.
ڪتاب مان اهو ظاهر ٿئي ٿو تہ اهو خاص طور ڀارت ۾ تاريخ متعلق هلندڙ ان بحث جو حصو آهي جنھن ۾ هندوتوا جا حامي تاريخ کي پنھنجن مقصدن مطابق لکڻ ۽ خاص طور اهو تاثر ڏيڻ چاهين ٿا تہ آريا ٻاهريان آيل حملي آور نہ پرهن ڌرتي جا ئي هئا ۽ هتان جي قديم تھذيب انھن جي ئي تخليق هئي. جڏهين تہ عرفان حبيب انھن تاريخدانن مان آهي جيڪي اڳ ۾ طئي ٿيل ڪنھن نظرئي ۽ عقيدي جي حوالي سان ڏسڻ جي بجائي ان کي سائنسي نڪتہ نظر ۽ حقيقتن جي روشني ۾ ڏسڻ جا طرفدار آهن.
ليکڪ پنھنجي ان مطالعي ۾ افغانستان تائين هڪ وسيع علائقي کي شامل ڪيو آهي. ليکڪ افغانستان جي ٻئي وڏي دريا هيلمند جي ڪنارن تي 3200 قبل مسيح کان 2500 قبل مسيح جي تھذيب جوذڪر ڪري ٿو. هيلمند تھذيب 2100 قبل مسيح کان اڳ جنگ جي ڪري ختم ٿي ويئي. اهو سنڌو تھذيب جو شروعاتي ۽ وچيون دور هو پر اها حيرت جي ڳالھہ آهي تہ جاگرافيائي قربت جي باوجود ان جي وچئين ۽ آخري دور جو ان سان ڪو تعلق نہ رهيو آهي.
ليکڪ سنڌو تھذيب جي حوالي سان ڪوٽ ڏيجي، سوٿي سسوال ۽ آمري نال ثقافتن جو ذڪر ڪندي ٻڌائي ٿو تہ اها تھذيب اٽڪل ست لک چورس ڪلوميٽر جي وسيع علائقي تي ڦھليل هئي جتي هڪ اندازي موجب ڏه کان پنجاه لک ماڻھو رهندا هئا. اهو وڌيڪ مناسب ٿيندو تہ ان انگ کي ڪنھن وچين نڪتي تي آندو وڃي.
اهو شھري انقلاب جو دور هو. شھر هڪ تہ پنھنجي ايراضي ۽ ٻيو پيشن جي حوالي سان سڃاتا ويندا آهن. هتي دستڪارن ۽ ٻين غير زرعي پيشن جي گهڻي اهميت هوندي آهي ۽ انھن جي کاڌ خوراڪ ۽ ڪچي مال جي ضرورت ٻھراڙي وارا علائقا پوري ڪندا آهن. ان وقت موئن جو دڙو ۽ هڙپا سنڌو تھذيب جا ٻہ وڏا اهم شھر هئا. هڙپا جي آثارن مان انگريزن پاران ريلوي لائين ٺاهڻ لاء سرن کڻڻ جي ڪري انھن کي گهڻو نقصان پھتو آهي. موئن جو دڙو جي ايراضي ٻہ سو هيڪٽر ۽ هڙپا جي ڏيڍ سو هيڪٽر هئي. موئن جو دڙو جي آبادي پنجاسي هزار هئي. ٻنھي شھرن جي گڏيل آبادي جو اندازو ڏيڍ لک لڳايو ويو آهي. جڏهين تہ سڀني شھري علائقن جي آبادي اڍائي لک کان وڌيڪ نہ هئي. بھاولپور ۾ گنوير والا ۽ هندوستاني پنجاب ۾ لکمير والا جهڙن وڏن شھري علائقن جي کوٽائي اڃا نہ ڪئي ويئي آهي.
ليکڪ موئن جو دڙو جي آثارن مان اندازو لڳايو آهي تہ هتي ٻہ کان ٽي هزار گهر هئا. شھر جي مٿئين حصي ۾ امير ماڻھن جا گهر هئا ۽ هيٺئين حصي ۾ پورهيت، غلام ۽ ٻيا هيٺئين طبقي جا ماڻھو رهندا هئا. مٿئين حصي ۾ هڪ عمارت اهڙي آهي، جنھن مان اندازو ٿئي ٿو تہ اهو شايد محل هجي جڏهين تہ هيٺئين حصي ۾ هڪ ٻي عمارت عبادت گاه جو ڏيک ڏئي ٿي پر انھن لاء پڪ سان ڪجهہ نہ ٿو چئي سگهجي. انھن گهرن ۾ پاڻي لاء ٽينڪ بہ آهن ۽ نيڪال لاء ڊرينج جو انتظام بہ آهي. هتي وزن جا ماپا بہ هئا ۽ اها هتان جا ماڻھو سوٽي ۽ ريشمي ڪپڙا بہ پائيندا هئا. ساڳي وقت هتي ڪپه بہ اپائي ويندي هئي. شھرن جي انتظام هلائڻ لاء هڪ ادارو هو.
ليکڪ اهو اندازو لڳايو آهي تہ اها تھذيب ست لک چورس ڪلوميٽر تي ڦھليل هئي. ان سڄي علائقي ۾ ساڳي طرح جو نظام هو جنھن مان اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو تہ اها هڪ سلطنت هئي. موئن جو دڙو ان جي گادي جو هنڌ هو ۽ هڙپا ۽ ٻيا وڏا شھر پرڳڻن جا مرڪز هئا. ايڏي وڏي سلطنت جنگ جي ذريعي ئي قائم ٿي سگهي هئي. موئن جو دڙو ۽ هڙپا وغيرہ مان ٽامي جا هٿيار، تير ڪمان ۽ قلعن وغيرہ جا آثار مليا آهن جن مان جنگي نوعيت جي خبر پئي ٿي. حڪومت جي نظام متعلق ڪجهہ نہ ٿو چئي سگهجي تہ بادشاهت يا ڪنھن گروه جي حڪومت هئي. ساڳي ريت ڪنھن محل وغيرہ جا بہ آثار نہ مليا آهن.
اهو هڪ ترقي يافتا طبقاتي سماج هو جنھن ۾ هاري، دستڪار، پروهت، شھري غريب، واپاري، خانہ بدوش، غلام ۽ حڪمران سڀ هوندا هئا. حڪمرانن پاران غلامن ۽ ڳوٺاڻن کان زوري ٽئڪس وغيرہ جي اڳاڙي ڪئي ويندي هئي. امير غريبن کان زوري اڳاڙي ڪري مال جمع ڪندا هئا جنھن جي ثابتي ۾ اتان اهڙيون مھرون مليون آهن جن مان لڳي ٿو تہ اهي انھن ماڻھن جون آهن جن وٽ ملڪيت هئي.
اهي سلطنت ۾ ۽ ان کان ٻاهر بہ واپار ڪندا هئا. ان جي لاء شين بدلي شين يعني بارٽر سسٽم ۽ مختلف قسم جي ڪرنسي بہ هوندي هئي. راجستان ۽ افغانستان جي پنج شير ماٿري سان واپار جا نشان ملن ٿا. ميسوپوٽيما سان بہ هتان جي ماڻھن جا واپاري ناتا هئا. ان واپار لاء زميني ۽ پاڻي جا ٻيئي ذريعا استعمال ڪيا ويندا هئا.
اتان جي ماڻھن جي مذهب ۽ عقيدن متعلق ليکڪ ٻڌائي ٿو تہ اهي ماڻھو پنھنجن مڙدن کي دفن ڪندا هئا. مذهب جي لحاظ سان انھن جو مرڪز فطرت ۽ ان جا آثار هئا. مثال طور پيپل جو وڻ آهي، مختلف مھرن تي هڪ سڱ واري ڏند ڪٿائي ڍڳي جي تصوير آهي ۽ ماتا ديوي ۽ ان جي چوڌاري مختلف جانور آهن. پر اهو شو ناهي ۽ نہ ئي ان جو هندو مت سان ڪو واسطو آهي. ڇاڪاڻ تہ هندو مت سنڌو تھذيب کان ارڙنھن سو سال پوء سامھون آيو آهي.
اهو واضح ناهي تہ ان ترقي ڪيل تھذيب جو زوال ڪيئن ٿيو. ان جي لاء مختلف ڪارڻ ڄاڻايا وڃن ٿا. ممڪن آهي تہ ڪنھن وڏي ٻوڏ جي ڪري ائين ٿيو هجي يا ڪو زلزلو آيو هجي. موسمي تبديليون ۽ سوڪھڙو ۽ جهنگلن جو گهڻو وڍڻ بہ هڪ ڪارڻ ٿي سگهي ٿو. آثارن مان اهو بہ پتوپئي ٿو تہ شھرن جو انتظام ڪمزور ٿي ويو هو. خانگي گهرن جي تعمير ۾ حددخليون ٿيڻ شروع ٿيون هيون. ساڳي ريت سياسي اختلاف واري عنصر کي بہ نظر انداز نہ ٿو ڪري سگهجي. اهو بہ ممڪن هو تہ پرڳڻن ۾ بغاوتون ٿيون هجن ۽ انھن پنھنجي خودمختياري جو اعلان ڪندي مرڪز کي حصي ڏيڻ کان انڪار ڪيو هجي. ٻاهرين ڪاه ۽ جنگ بہ هڪ ڪارڻ ٿي سگهي ٿو. ڪامريڊ نور ظھير جڏهين پنھنجي پاڪستان جي سفرنامي At Home in Enemy Land ۾ موئن جو دڙو جي حوالي سان اتي دريافت ٿيل اٺٽيه لاشن جو ذڪر ڪيو هو تہ ڪجهہ سنڌي اديبن ان متعلق اهو خيال ڏيکاريو تہ ان سان موئن جو دڙو جي عدم تشدد واري تصور کي ڌڪ لڳي ٿو ۽ هڪ نئون بحث شروع ٿي سگهي ٿو. پر هن ڪتاب جو ليکڪ اها ساڳي ڳالھہ ڪندي انھن لاشن جو ذڪر ڪيو آهي جيڪي هڪ يا وڌيڪ تعداد ۾ گهٽين ۽ گهرن مان مليون آهن ۽ اهو خيال ڏيکاريو آهي تہ اهي ماڻھو جنگ جي نتيجي ۾ ئي وڙهندي ماريا ويا هوندا.
ان تھذيب جو اهو زوال اوڻھويھين صدي قبل مسيح يعني ويدن جي وقت کان اڳ ٿيو. ان جي خاصيت اها هئي تہ اها ائين غائب ٿي ڄڻ ان جو وجود ئي نہ هو. ممڪن آهي تہ انھن مان گهڻن کي غلام بڻايو ويو هجي ۽ گهڻا ٻين ڏيھن ڏانھن لڏي ويا هجن. ٻولي ختم ٿي ويئي. ٻہ هزار قبل مسيح کانپوء ڪنھن وڏي شھر جو نشان نہ ٿو ملي. ان کانپوء موئن جو دڙو جي اتر ۾ جهوڪر جي آبادي ۽ تيرنھين صدي قبل مسيح جي هڙپا جي ويجهو ايچ قبرستان جا نشان ملن ٿا.
اها تھذيب تہ ختم ٿي ويئي ۽ شھري علائقن جي ختم ٿيڻ جو عمل شروع ٿيو پر هڪ پسماندہ ۽ پٺتي پيل حيثيت ۾ ٻھراڙي واري علائقن ۾ ان جو وجود باقي رهيو ۽ اها ڪن معاملن ۾ پوئتي ۽ ڪن ۾ ترقي ڪندي رهي. زراعت ۾ تبديليون آيون. گهڻيون پراڻيون پوکون ختم ٿي ويون ۽ نيون پوکون متعارف ٿيون. سال ۾ ٻن پوکن جو نظام رائج ٿيو. ويجهڙ وارين پٺتي پيل ثقافتن جو انھن تي اثر پيو. تجارت ۾ زوال آيو. سمير ۾ ٻارنھن سو قبل مسيح ۽ چين ۾ چار هزار قبل مسيح جي تصويرن جي ٻولي ۽ مصر جي تھذيب جي ٻولي کي پڙهي سگهڻ جي ڪري ان متعلق گهڻي ڄاڻ ملي سگهي آهي جڏهين تہ هتان جي ٻولي ۽ لپي کي نہ سمجي سگهڻ جي ڪري گهڻا پاسا لڪل آهن.
ٻولي انسان جي لاء هڪ معجزو آهي. اها ارتقا جي مرحلن مان گذري اڄوڪي حيثيت تائين پھتي آهي. ان غير مانوس آوازن، اشارن ۽ تصويرن مان سفر طئي ڪيو آهي. سنڌو تھذيب جي پراڻي مروج ٻولي ختم ٿي ويئي هئي ۽ اهو سماج هڪ پسماندہ حيثيت ۾ هليو ويو هو. پٺتي پيل سماجن ۾ ٻولين جو تعداد وڌي ويندو آهي، جيڪو ان جي ترقي سان گهٽجندو ويندو آهي جيئن ويھہ لک ماڻھن ۾ ساڍا ست سو ٻوليون رائج هيون.
ليکڪ آرين جي ڪاه کي نہ ٿو مڃي، پر هو اها ڳالھہ ڪري ٿو تہ ايران ۽ وچ ايشيا جا ماڻھو ٿوري تعداد ۾ افغانستان ۽ سوات مان سنڌ، پنجاب ۽ هندوستان جي ٻين مختلف علائقن ۾ ايندا رهيا. اهيِ هتان جي اصلوڪن ماڻھن سان لاڳاپي ۾ آيا ۽ انھن جا هڪ ٻئي تي اثر پيا. زرتشت جي ڪتاب اويستا ۽ رگ ويد ۾ گهڻا هڪجهڙا لفظ آهن. ساڳي ريت رگ ويد ۾ ٻہ ڊزن کان وڌيڪ اهڙا دراوڙي ٻولين جا لفظ آهن، جيڪي اويستا ۾ ناهن. هندوستان ۾ هن وقت انڊو يورپين ٻولين جي خاندان کانپوء دراوڙي ٻولين جو خاندان آهي. سندس چوڻ موجب آريا جو مطلب اشرافيه آهي ۽ ان کي ڪنھن نسل سان لاڳو نہ ٿو ڪري سگهجي جيئن نازين پاران ڪيو ويو هو ۽ نہ ئي ڪنھن ٻولي جي بنياد تي اهو چئي سگهجي ٿو. ساڳي ريت رگ ويد ۾ گهوڙي جو ذڪر آهي جيڪو اڳ سنڌو تھذيب جي علائقن ۾ نہ هو.
اها بہ سنڌو تھذيب متعلق هڪ تحقيق آهي. ان کي ڪو حتمي رايو نہ ٿو چئي سگهجي ۽ نہ ئي ليکڪ اهڙي دعوا ڪري ٿو. ٻولي سميت ان تھذيب جا گهڻا پاسا اڃا لڪل ۽ تحقيق طلب آهن جن جي سامھون اچڻ کانپوء ئي ڪنھن نتيجي تي پھچي سگهجي ٿو.

هندوستان ۾ بحث مباحثي جي روايت

ڇا ڳالھائڻ، بحث ڪرڻ ۽ دليل ڏيڻ رڳو اولھہ جي روايت آهي ۽ ان کي انگريزن ننڍي کنڊ ۾ متعارف ڪرايو جڏهين تان کان اڳ هندوستاني ماڻھو ان ڳالھہ کان بلڪل اڻڄاڻ هئا. امرتا سين پنھنجي ڪتاب Argumentative Indian ۾ ان ڳالھہ جي نفي ڪئي آهي. سندس چوڻ آهي تہ هتان جي ماڻھن جي هزارين سالن جي تاريخ، سندن مذهبي ڪتاب ويد، مھا ڀارت ۽ رامائن وغيرہ ان ڳالھہ کي ڏيکارين ٿا تہ رائي جو اختلاف، بحث ۽ دليل انگريزن جي هتي اچڻ جي ڪجهہ سو سالن جي ڳالھہ ناهي. گڏيل قومن جي اجلاس ۾ ڀارت جي وفد جي سربراه جي حيثيت ۾ ڪرشنا مينن جي بنا ڪنھن وقفي جي نو ڪلاڪ جي ڊگهي تقرير هڪ ريڪارڊ آهي جنھن کي اڃا تائين ڪير ٽوڙي ناهي سگهيو. ساڳي ريت مھاڀارت ۽ رامائن وڏيون ۽ عظيم ڪٿائون آهن. رڳو مھاڀارت کي جيڪڏهين ڏٺو وڃي تہ اها اليڊ ۽ اوڊيسي جي گڏيل مواد کان ست ڀيرا وڌيڪ آهي.
ويد رڳو مذهبي ڪتاب ناهن، پر ان ۾ فلسفي، ڪائنات جي وجود ۽ ايستائين تہ پالڻھار جي هئڻ نہ هئڻ ۽ ان جي وجود متعلق بحث ٿيل آهن. ڀڳود گيتا جيڪا مھاڀارت جو هڪ ننڍو حصو آهي ڪرشن ۽ ارجن جي وچ ۾ هڪ اهم بحث آهي. ڪوروئن ۽ پانڊوئن جي جنگ ۾ اهو سوال اهم بڻجي وڃي ٿو تہ آيا رتوڇاڻ کي روڪڻ اهم آهي يا پنھنجي فرض کي پوري ڪرڻ جي اهميت آهي. ارجن جيڪو پانڊوئن جي شاهي خاندان جو هڪ بھادر سپاهي هجي ٿو، جنگ جي خراب نتيجن ۽ رتوڇاڻ کان بچڻ چاهي ٿو، پر ڪرشن جيڪو انسان جي روپ ۾ ديوتا جو اوتار ۽ ارجن جي رٿ کي هلائيندڙ هجي ٿو، دليل ڏيئي کيس قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو تہ فرض کي پورو ڪرڻ اتم ۽ اهم آهي. ان ۾ جيتوڻيڪ ڪرشن سوڀارو ٿئي ٿو پر ارجن جي موقف جا پڙاڏا اڃا عالمي طور ٻڌڻ ۾ اچن ٿا. ساڳي ريت هو رامائن ۾ هڪ پنڊت جوالي جو حوالو ڏئي ٿو جيڪو رام کي ليڪچر ڏئي ٿو تہ کيس ڪيئن پنھنجو ورتاء رکڻ گهرجي. ساڳي وقت ان عمل ۾ هو پنھنجي مذهب تي شڪ کي ان ڳالھہ سان ڳنڍي ٿو تہ اسان کي رڳو انھن ڳالھين تي ڀاڙڻ گهرجي جيڪي اسان جي مشاهدي ۽ تجربي ۾ اچن. هو مذهبي رسمن جھڙوڪ ديوتائن جي پوڄا، قرباني، تحفا ۽ توبہ تائب ٿيڻ متعلق چئي ٿو تہ اهي سڀ شاسترن ۾ چالاڪ ماڻھن پاران ٻين ماڻھن تي حڪمراني ڪرڻ لاء ڏنا ويا آهن. هو چئي ٿوتہ موت کانپوء حياتي ناهي ۽ نہ ئي ان جي لاء ڪنھن پوڄا جي ضرورت آهي. هو رام کي صلاح ڏيندي چئي ٿو تہ پنھنجي تجربي موجب هل ۽ پاڻ کي ان ڳالھہ ۾ نہ منجهائي جيڪا ڳالھہ انساني تجربي کان ٻاهر هجي. هو سندس غلطين جي نشاندہي ڪري ٿو ۽ کيس اهو باور ڪرائي ٿو تہ هو ڀڳوان ناهي.
ساڳي ريت ليکڪ اها ڳالھہ بہ واضح ڪري ٿو تہ سنسڪرت رڳو هڪ مذهبي ڪتابن جي ٻولي ناهي پر ان ۾ مختلف موضوعن ۽ علمن تي گهڻو مواد موجود آهي.
هن ان ڳالھہ کي واضح ڪيو آهي تہ ڀارت ڪنھن هڪ مذهب جو ملڪ ناهي. ان ڪري ان کي رڳو هندو انڊيا چوڻ صحيح ناهي. هتي اٽڪل هڪ هزار سالن جي ڊگهي عرصي تائين ٻڌمت هڪ حاوي مذهب جي طور رهيو آهي. هندوستان جي ٻن وڏن بادشاهن اشوڪ ۽ اڪبر ملڪ جي گهڻ مذهبي ۽ گهڻ ثقافتي حيثيت کي مڃيو ۽ ان کي اڳتي وڌايو. مختلف مذهبن جي ماڻھن هندوستان جي ثقافت ۽ ٻولي وغيرہ کي اڳتي وڌائڻ ۽ شاهوڪار ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.
ليکڪ جو مقصد ان ڳالھہ کي واضح ڪرڻ آهي تہ هندوستان جي بقاء ئي ان جي مذهبي ۽ ثقافتي لحاظ کان مختلف نوع هئڻ ۾ آهي. شوسينا ۽ بي جي پي جي هندوتا ۽ هندو انڊيا جي نظرئي ڀارت کي رڳو هڪ مذهب تائين محدود ڪري، ان جي اهميت کي گهٽائي ڇڏيو آهي.
هندوتا جي حامين هڪ لحاظ کان ڀارت جي تاريخ کي ٻيھر لکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. انھن ان ڳالھہ تي زور ڏنو آهي تہ آريا ٻاهران آيل نہ پر ڀارت جا ئي هئا. ان سلسلي ۾ انھن هڪ تہ سنڌو تھذيب کي هندو رنگ ڏيئي ان کي سنڌو سرسوتي تھذيب چوڻ شروع ڪيو آهي. گهوڙو سنڌو تھذيب ۾ موجود نہ آهي پر هندوتا جا پوئلڳ اها دعوا ڪن ٿا تہ هڪ تہ انھن سنڌو تھذيب جي لکت، جنھن کي اڃا تائين پڙهيو نہ ويو آهي، کي پڙهي ورتو آهي ۽ اتان کين اهڙيون مھرون مليون آهن جن تي گهوڙي جو نشان آهي. ليکڪ جو چوڻ آهي تہ سنسڪرت ٻولي آريا ٻاهران کڻي آيا هئا ۽ شروعاتي ويد ان ٻولي ۾ ئي لکيا ويا هئا.
جيتوڻيڪ هندوتا جي حامين کي پاڻ سنسڪرت نہ ٿي اچي ۽ اهي ٻڌل سڌل ڳالھين تي ڀاڙين ٿا پر ان جو هڪ اهو فائدو ضرور ٿيو آهي تہ ان ٻولي، جنھن ۾ گهڻو مواد موجود آهي، ۾ ماڻھن جي هڪ دلچسپي پيدا ٿي آهي.
ليکڪ جو اهو موقف آهي تہ هندوستان جي هڪ ملڪ جي حيثيت ۾ بقاء ان ڳالھہ ۾ آهي تہ ان جي گهڻ مذهبي، گهڻ لساني ۽ گهڻ ٿقافتي حيثيت کي مڃيو وڃي ۽ ان کي اڳتي وڌايو وڃي.

انور ابڙو ۽ سندس ناول ھڪ مھمان ڇوڪري

انور ابڙو جو ناول هڪ مھمان ڇوڪري هينئر پڙهي پورو ڪيو آهي. انور سان پنھنجي تعلق کي آئون وقت جي حساب سان نہ ٿو ڳڻي سگهان. احساسن جي هڪ هم آهنگي آهي جيڪا اسان کي گڏ رکيو ٿي اچي. ساڻس ملاقات کي شايد سال گذري ويا آهن ۽ فون تي ڳالھائيندي شايد مھينا ٿي ويا آهن کيس منھنجي خبر هجي يا نہ هجي پر مون کي هميشہ سندس خبر هوندي آهي. هو پنھنجو هر نئون ڪتاب مون کي موڪليندو آهي. سندس گهڻن ڪتابن تي مون ڪجهہ لکيو بہ آهي. هڪ دوست، هڪ سياسي ڪارڪن، هڪ صحافي ۽ هڪ ليکڪ طور منھنجي ساڻس واقفيت هئي. آئون سندس جذباتي زندگي کان گهڻو واقف نہ هوس. سندس ڪتاب ڀڳل رانديڪو ان حوالي سان منھنجو شايد سندس زندگي جي ان پاسي سان وڌيڪ تعارف هو. ان دوران ڪالمن ۽ مضمونن جو ڪتاب اڌ صدي جو اوجاڳو آيو پر مون کي سندس ڪھاڻين جي مجموعي پھرين جنوري ۾ شامل ڪھاڻي روشن قبر ڇرڪائي وڌو هو. ساڳي وقت ان مجموعي ۾ ڪجهہ ڪھاڻين مان ائين لڳو ٿي تہ انور موٽ کاڌي آهي ۽ ان ڪيفيت مان نڪري آيو آهي.
هي تازو ناول هڪ نئين عشق جي شروعات ۽ پڄاڻي آهي. اهو ناول جيتوڻيڪ اتي پورو ٿي وڃي ٿو جتي سوڍي جي رٽائرمنٽ ٿئي ٿي ۽ اڳتي رسمي خدا حافظ جي ضرورت نہ هئي. جيتوڻيڪ هن ناول کي ڀڳل رانديڪو ۽ روشن قبر جو هڪ تسلسل تہ چئي سگهجي ٿو پر ان جي ڪيفيت بلڪل ئي مختلف آهي. ان مان لڳي ٿو تہ هو ماضي مان پنھنجي جان آجي ڪرائڻ چاهي ٿو پر اڃا شايد کيس ڪن جذباتي تجربن مان گذرڻو پوي.

ايٽم بم جي سياست

ڇا ٻين مھاڀاري جنگ جو انت جاپان جي ٻن شھرن هيروشيما ۽ ناگاساڪي تي بالترتيب 6 ۽ 9 آگسٽ 1945 تي ايٽم بم ڪيرائڻ جي ڪري ٿيو جنھن ۾ هزارين ماڻھو مري ويا هئا ۽ ٻيئي شھر تباه ٿي ويا هئا. زاهد چوڌري پنھنجي ڪتاب پاڪستان ڪيسي بنا جي پھرين جلد ۾ ان وقت جي عالمي صورتحال تي بحث ڪندي ان ڳالھہ جو تفصيل سان جائزو ورتو آهي. اهو واقعو جرمني جي هٿيار ڦٽا ڪرڻ ۽ امن ٺاه ڪرڻ جي اٽڪل ٽن مھينن کانپوءِ ٿيو هو. جرمني سان ٺاه کانپوء جڏهين جپان کي هٿيار ڦٽا ڪرڻ جي آڇ ڪئي ويئي هئي تہ هن ان کان انڪار ڪيو هو. آمريڪا پاران ايٽمي حملي جو اهو جواز پيش ڪيو ويو هو تہ جنگ جي ڪري جپان ۾ ٻہ لک آمريڪي ۽ پنجاه هزار کن برطانوي فوجين جي زندگي خطري ۾ هئي. پر ليکڪ جو چوڻ آهي تہ ايٽم بم جي حملي کان اڳ ئي جپان جي اهڙي صورتحال هئي تہ جنگ جاري رکڻ ان لاء ممڪن نہ هو ۽ هن سوويت يونين کي جنگ ختم ڪرڻ لاء ثالثي لاء چيو هو.
جنگ متعلق فيصلا ٽي اتحادي ملڪ آمريڪا، برطانيا ۽ سوويت يونين گڏجي ڪندا هئا. پر جڏهين ايٽم بم ٺاهڻ ۽ ان جي استعمال جو فيصلو ڪيو ويو تہ ان ۾ سوويت يونين کي شامل نہ ڪيو ويو ۽ نہ ئي ان سان ڪا صلاح مصلحت ڪئي ويئي. سوويت يونين پاران جپاني شھرن هيروشيما ۽ ناگاساڪي تي ايٽم بم ڪيرائڻ ۽ انساني جانين جي نقصان جي سخت نندا ڪئي ويئي.
يورپ ۾ فاشزم کي شڪست ڏيڻ ۾ سوويت يونين جو هڪ اهم ڪردار هو ۽ ان جي لاء ان کي وڏيون قربانيون ڏيڻيون پيون هيون. جيتوڻيڪ شروع ۾ تہ آمريڪا ۽ برطانيا وغيرہ جي اها خواهش هئي تہ هٽلر جي فوج سوويت يونين ۽ اتان جي پورهيت راڄ کي تباه ڪري ڇڏي، پر انھن جي اها خواهش پوري نہ ٿي ۽ سوويت يونين جنگ مان اڃا وڌيڪ طاقتور ٿي اڀريو. هاڻي مسئلو اهو هو تہ يورپ جي ملڪن کي سوويت يونين ۽ ڪميونزم کان ڪيئن بچائجي. انھن ۾ پولينڊ، آسٽريا وغيرہ تہ اهڙا ملڪ هئا جن جي حڪمرانن هٽلر جي فوجن سان گڏجي سوويت يونين تي ڪاه ۾ حصو ورتو هو. ان لاء سوويت يونين کي يورپ کان پري رکڻ لاء پھرين اها تجويز ڏني ويئي تہ سوويت يونين جرمني سان جنگ بندي جي ٽن مھينن کانپوء چين ۾ جپاني فوجن تي ڪاه ڪري. جيتوڻيڪ ان ڳالھہ تي عمل ٿيو پر ان سان مسئلو حل نہ ٿيو.
جنگ جي ڪري برطانيا جو ڏيوالو نڪري چڪو هو ۽ ايمپائر جي طور سندس زوال اچي چڪو هو. سندس ڇوٽڪارو ان ڳالھہ ۾ هو تہ آمريڪا جي سرپرستي قبول ڪري ۽ پنھنجن مفادن جو ڪنھن حد تائين بچاء ڪري. سوويت يونين جون فوجون يورپ جي گهڻو اندر تائين اچي چڪيون هيون. آمريڪا کي ان جو اهو ئي هڪ حل نظر آيو ٿي تہ ايٽم بم کي سوويت يونين سان سودي بازي ۾ وڌ ۾ وڌ فائدا حاصل ڪرڻ لاء استعمال ڪيو وڃي. آمريڪا جي اها بہ ڪوشش هئي تہ ايٽم بم جي تباه ڪارين کي نظر ۾ رکندي ان کي رڳو آمريڪا ۽ سندس هڪ اڌ دوست ملڪ تائين محدود رکيو وڃي. اهڙي تجويز گڏيل قومن کي بہ ڏني ويئي هئي، پر ايٽم بم جي ٽيڪنالوجي کي ائين محدود رکڻ ممڪن نہ هو. ٻي ڳالھہ تہ سوويت يونين اهڙي ڪنھن دٻاء کي قبول ڪرڻ لاء تيار نہ هو ۽ ان اهو ارادو ڏيکاريو تہ ڪجهہ وقت اندر اهو بہ اهو هٿيار تيار ڪري وٺندو ۽ اهڙي ريت آمريڪا جي اها برتري ختم ٿي ويندي.
جهڙي ريت هٽلر جرمن ماڻھن جي آريائي نسل تي زور ڏيندو هو ۽ ٻين سڀني ماڻھن کي گهٽ سمجهندو هو. اهڙي ريت جنگ جي ختم ٿيڻ کانپوء آمريڪا ۽ برطانيا انگريزي ڳالھائيندڙ ملڪن ۽ ماڻھن جي مٿڀرائپ تي زور ڏيندا هئا. جيتوڻيڪ جنگ جي ڪري پيدا ٿيل سياسي ۽ معاشي بحران جي ڪري برطانيا ۾ چرچل جي حڪومت ختم ٿي ويئي هئي ۽ ليبر پارٽي اقتدار سنڀاليو هو پر آمريڪي صدر ٽرومين ۽ ونسٽن چرچل لاڳيتو ان ڪوشش ۾ هئا تہ ڪھڙي ريت سوويت يونين جي اثر رسوخ کي ختم ڪجي. چرچل ان حد تائين وڃڻ لاء تيار هو ۽ آمريڪا ۾ پنھنجي ليڪچرن ۾ زور ڏيئي هن اها ڳالھہ ڪئي تہ ان کان اڳ جو سوويت يونين ايٽم بم ٺاهي اسان کي ان کي ايٽمي حملي ذريعي تباه ڪري ڇڏڻ گهرجي. ان جو بنيادي ڪارڻ اهو هو تہ هڪ تہ سوويت يونين عالمي معاملن ۾ پنھنجي حصي جي گهر ڪئي ٿي، جيڪو اهي ملڪ ڪنھن بہ صورت ۾ ڏيڻ لاء تيار نہ هئا ۽ ٻيو تہ نوآبادين جي قومي آزادي جي انقلابي تحريڪن کي سوويت يونين جي مدد ۽ پٺڀرائي حاصل هئي، جنھن سان يورپي ملڪن ۽ آمريڪا جي مفادن کي نقصان رسيو ٿي جيڪا ڳالھہ انھن جي لاء قبولڻ جوڳي نہ هئي.
آمريڪا جي ايٽم بم جي برتري تہ گهڻو عرصو برقرار نہ رهي سگهي پر دنيا هڪ لاڳيتو ڇڪتاڻ جو شڪار ٿي ويئي.

جون ايليا جي شخصيت جو هڪ ٻيو پاسو

جون ايليا اردو جي هڪ وڏي شاعر ۽ دانشور طور ڄاتو وڃي ٿو. پر ساڳي وقت سندس ذاتي زندگي تضادن ۽ ٽڪرائن سان ڀريل آهي. ناڪام شادي، ڪيئي عشق ۽ خاندان ۾ جهيڙا وغيرہ ڄڻ سندس زندگي جو معمول رهيا. سندس وڏي ڀاء رئيس امروهي جي ڌي شاهانہ رئيس ايليا جي سندس زندگي تي لکيل ڪتاب چچا جون ۾ سندس زندگي جي گهڻن پاسن تي روشني وڌي ويئي آهي. اها جون جي لاء ڄڻ تہ گهر جي گواهي آهي.
جون جا ٽيئي وڏا ڀائر رئيس، سيد محمد تقي ۽ عباس 1947 ۾ ئي پاڪستان اچي ويا هئا جڏهين تہ جون ڪجهہ سالن کانپوء آيو. سندن ماء پي اتي امروه ۾ ئي رهيل هئا. جون جو چوڻ هو تہ علم ادب ۽ خاص طور شاعري لاء اها هڪ مردم خيز سرزمين هئي. هتان جو هر چوٿون ماڻھو جيڪڏهين شاعر نہ تہ تڪ بند ضرور هو. اهو خاندان پاڻ علم ادب سان لاڳاپيل هو. سندن پيءُ سيد شفيق حسن مختلف ٻولين جو ماهر ۽ علم فلڪيات جو ڄاڻو هو. سندس ان موضوع تي برٽرنڊ رسل ۽ ٻين عالمن سان خط وڪتابت ٿيندي هئي. خاندان جي ان صورتحال کي ڏسندي، جون پنھنجي هڪ مضمون ۾ چئي ٿو تہ مون کي پنھنجي خاندان جو معاشي آئيندو اونداهو ٿو لڳو. ڇو تہ ڪمائي جو ڪو ذريعو نظر نہ ٿو اچي. ٻہ وڏا ڀائر تہ روزگار سان وڃي لڳا، هڪ آئون رلي ويس ۽ ڪٿي جو نہ رهيس.
پاڪستان اچڻ کانپوء کارادر جي علائقي ۾ سندس رهائش هئي. رئيس امرهوي ۽ سيد محمد تقي کيس هڪ رسالي انشاء جو ڊيڪليريشن وٺي ڏنو، جيڪو پوء عالمي ڊائجسٽ جي نالي سان نڪرندو رهيو.
جون جي هڪ منفرد ۽ غير متوازن شخصيت رهي آهي. ليکڪا پنھنجي ماء ۽ جون جي ڀاڀي جي هڪ ڳالھہ ٻولھہ جو حوالو ڏيندي ٻڌائي ٿي تہ جون جڏهين پنھنجي ماء پي سان امروھہ ۾ هو تہ هو ڪو ڪم ڪار ڪري، انھن جي پرگهور لھي سگهيو ٿي پر هن ڪا نوڪري ڪرڻ نہ ٿي چاهي. هن نہ ٿي چاهيو تہ هو هڪ بابو وانگر صبح جو تيار ٿي دفتر وڃي ۽ شام جو موٽي. هو جيڪو پاڻ کي دي جون ايليا چوندو هو اها ڳالھہ سندس شان جي خلاف هئي. ڇوڪرين جي محفل ۾ هو شرمايل، اکيون هيٺ ڪيو ۽ خاموش ويٺو هوندو هو جڏهين تہ ڇوڪرن سان سندس بلڪل نہ پوندي هئي ۽ انھن کي ڇڙٻ ڏيئي ڇڏيندو هو. ڪاوڙ، ڪروڌ ۽ رڙيون ڪرڻ سندس طبيعت ۾ شامل هو.
ليکڪا سندس شخصيت جو جائزو وٺندي، ان کي سندس ماء جي پس منظر سان ڳنڍي ٿي. سندس ماء کي سندس مرضي جي خلاف خاندان جي هڪ اهڙي شخص سان شادي ڪرائي ويئي هئي جنھن کي هو پنھنجو ڀاءُ سمجهندي هئي، جنھن جي ڪري هو هڪ نفسياتي بحران جو شڪار ٿي ويئي هئي ۽ کيس وقت بوقت دورا پوندا هئا. سندس لاء چيو ويندو هو تہ مٿس گهر جي هڪ بند ڪمري جو دروازو کولڻ جي ڪري ظلمين نالي جن جو پاڇو هو، جنھن سندس شخصيت کي غير متوازن ڪري ڇڏيو هو ۽ مٿس وقت بوقت دورا پوندا رهندا هئا. جون جي شخصيت ۾ چڙ، ڪاوڙ، رڙيون ڪرڻ وغيرہ جهڙين خاصيتنن کي ڏسندي اهو چيو ويندو هو تہ هي ان ظلمين جن جو ٻيو روپ آهي.
ليکڪا پنھنجي پي رئيس امروهي متعلق بہ ٻڌائي ٿي تہ سندس ماء گهڻي سھڻي هوندي هئي، جنھن جي ڪري سندس پيءُ ڄڻ احساس ڪمتري جو شڪار هوندو هو ۽ سندس ساڻس نہ پوندي هئي. هن شادي کانپوء گهر کان ڀڄي وڃي هڪ ڪوجهي عورت کي هٿ ڪيو ۽ ان سان شادي ڪرڻ وارو هو تہ گهر وارا وڃي کيس واپس وٺي آيا. ساڳي ريت هو پنھنجن ٻارن جي گهڻو ويجهو نہ هو ۽ نہ ئي ساڻن پيار ڪندو هو. ان ڪري ليکڪا پنھنجي پيءُ جي بجائي پنھنجي چاچي جون جي وڌيڪ ويجهو هئي ۽ پنھنجي نالي سان ايليا شامل ڪيو هئائين.
زاهدہ حنا جون سان عالمي ڊائجسٽ ۾ ڪم ڪندي هئي ۽ اتي انھن ٻنھي جو تعلق وڌيڪ گهرو ٿيو. ڪتاب مان اها خبر پيئي ٿي تہ ٻنھي جي گهر وارا ان شادي لاء راضي نہ هئا. زاهدہ جي پي کيس ان شادي لاء منع ڪئي هئي جڏهين تہ جون جي اصرار ڪرڻ تي سندس ڀاڀي ٻہ ٽي جاين تي سندس سڱ لاء ڪوشش بہ ڪئي ۽ اهي ماڻھو راضي بہ ٿيا، پر جون شادي زاهدہ سان ڪئي. جون لاء هونئن عشق ڪرڻ ۽ ان جو ختم ٿي وڃڻ هڪ معمول جي ڳالھہ هئي. ان ڪري ان شادي کي هڪ خاص ڳالھہ سمجهيو ٿي ويو. اها شادي ويھہ سال هلي جيڪا پاڻ گهڻن لاء حيرت جي ڳالھہ هئي. جون پنھنجي ڌن ۾ ئي رهندو هو. مون جون جي ڌي جو هڪ ليک پڙهيو هو، جنھن ۾ هن ٻڌايو هو تہ ننڍي هوندي هو ساڻس ٻاهر ڪٿي گهمڻ ويئي هئي ۽ واپسي تي هو کيس پنھنجي ڪنھن دوست جي گهر وساري پاڻ گهر پھچي ويو هو. ليکڪا جو چوڻ آهي تہ جڏهين اها شادي ويھہ سال هلي سگهي ٿي تہ وڌيڪ بہ هلي ها پر اها هلي نہ سگهي ۽ هڪ ڏينھن زاهدہ کيس چيو تہ گهر ۾ رنگ روغن جو ڪم پيو ٿئي هو ڪجهہ ڏينھن لاء پنھنجي خانداني گهر ۾ وڃي رهي. هو پنھنجي پيتي کڻي پنھنجي ڀائٽي ڪرار جي گهر اچي ويو ۽ وري موٽي پنھنجي گهر نہ وڃي سگهيو ۽ آخر تائين اتي رهيو.
ڪتاب مان ائين لڳي ٿو تہ جون جي خاندان ۽ زاهدہ جا ناتا خوشگوار نہ رهيا آهن. ليکڪا جو چوڻ آهي تہ هو گهڻو عرصو انگلينڊ ۾ رهي، ان ڪري زاهدہ سان گهڻو واسطو نہ رهيو ۽ سندن ملاقات ٽي چار ڀيرا ئي ٿي سگهي. پر انھن ملاقاتن ۾ زاهدہ جو رويو ناراضگي ۽ ڪاوڙ وارو هوندو هو. سندس چوڻ موجب هڪ رايو اهو بہ آهي تہ زاهدہ پنھنجي شھرت لاء جون کي سيڙهي طور استعمال ڪيو، پر وري ساڳي وقت اها ڳالھہ بہ ڪري ٿي تہ زاهدہ ۾ پاڻ ايتريون صلاحيتون هيون جو اها ادبي دنيا ۾ پاڻ پنھنجي جاء ٺاهي سگهي پئي ۽ کيس اهڙي ڪنھن سيڙهي جي ضرورت نہ هئي. ليکڪا جو چوڻ آهي تہ جون منصور حلاج تي هڪ ڪتاب لکڻ چاهيو ٿي ۽ ان جي لاء هن ٽي سو ڪتابن جو مطالعو ڪيو هو. اهي ڪتاب هڪ پيتي ۾ بند هئا. جڏهين جون گهر ڇڏيو تہ اها پيتي گهر جي سيڙهي وٽ پيل هئي. پوء ڪنھن محفوظ جاء تي نہ رکڻ ڪري مينھن ۾ اهي ڪتاب ضائع ٿي ويا ۽ جون جيڪو هڪ اهم ڪتاب ماڻھن کي ڏيئي سگهيو ٿي اهو نہ ڏيئي سگهيو.
جون ان وقت هڪ جذباتي بحران ۾ وٺجي ويو هو جڏهين زاهدہ کانئس طلاق جي گهر ڪئي هئي. هو فون تي ان سان ڳالھائيندي روئندو هو۽ کيس اهو فيصلو واپس وٺڻ لاء منٿون ڪندو هو پر کيس ان جي ڪا گهربل موٽ نہ ملندي هئي. ليکڪا جو چوڻ آهي تہ ان باقاعدي عليحدگي کانپوء جون بلڪل ماٺ ٿي ويو هو. هو گهٽ ڳالھائيندو ۽ گهٽ کائيندو هو. ليکڪا جي چوڻ موجب جڏهين زاهدہ جون جي سڀني عادتن کان واقف هوندي ساڻس شادي ڪئي هئي ۽ ساڻس ويھہ سال گذاريا هئا تہ پوء باقي زندگي بہ گذاري سگهي ٿي. ٻي ڳالھہ تہ زاهدہ کڻي ان خاندان لاء غير هئي پر سندس ٻار تہ اسان جي خاندان جو حصو هئا، پر هن انھن کي بہ خاندان کان پري ڪري ڇڏيو هو. زاهدہ کان طلاق کانپوء ڪجهہ عرصو ان صدمي ۾ گذارڻ کانپوء جون جو اهو اصرار هوندو هو تہ کيس ٻي شادي ڪرڻي آهي پر اها ٿي نہ سگهي.
جون جو ليکڪا سان چاچي هئڻ سان گڏ هڪ ويجهو ذاتي ناتو بہ هو. هو سندس لاء پي بہ هو تہ استاد بہ جيڪو کيس فلسفو ۽ عالمي تاريخ پڙهائيندو هو. پر اهو تعلق ان وقت جهيڙن جڳھڙن ۽ تلخين جو شڪار ٿي ويو جڏهين جون پاران خانداني گهر وڪڻي پنھنجي حصي جي گهر ڪئي ويئي. ليکڪا ۽ ٻين گهر وارن ان ڳالھہ جي مخالفت ڪئي ٿي جڏهين تہ جون جو ليکڪا تي اهو الزام هو تہ اها سڄي ملڪيت پاڻ ڦٻائڻ چاهي ٿي. ان سلسلي ۾ هن ڪنھن ڳالھہ جو لحاظ نہ ڪيو ۽ سڀ حدون پار ڪري ويو. هو ان حد تائين هليو ويو جو رڪشا ۽ ٽئڪسي ڊرائيورن کي گهر وٺي ايندو هو ۽ چوندو هو تہ هي هاڻي هتي رهندا. سندس چوڻ هو تہ ان جائداد مان جيڪي پئسا ملندا، ان مان هو پنھنجن ٻارن کي خوش ۽ سکي ڏسڻ چاهي ٿو جڏهين تہ سندس ٻارن جو چوڻ هو تہ کين ان جائداد مان ڪجهہ بہ نہ کپي. پر اهي پئسا سندس وفات کانپوء سندس ڀائٽي سندس ٻارن کي ئي ڏنا ۽ انھن کي ئي ڪم آيا.
تخليقي ڪم سان گڏوگڏ جون جي زندگي جا اهي مختلف پاسا آهن جن کي ان ڪٿا ۾ نروار ڪيو ويو آهي پر ان سلسلي ۾ هڪ ڳالھہ کي نظر ۾ رکڻ ضروري آهي تہ ليکڪا جون سان خانداني جهيڙن ۽ مسئلن ۾ ملوث هئي ان ڪري سندس نڪتہ نظر کي ان حوالي سان بہ ڏسڻ گهرجي.

بادل جمالي

ڪڏهين ڪنھن ڪھاڻيڪار ۽ شاعر جي ڪا هڪ تخليق سندس سڃاڻپ بڻجي ويندي آهي ۽ ڊگهي عرصي تائين هو ان تخليق جي حوالي سان سڃاتو ويندو آهي. اسان جي دوست ڪھاڻيڪار بادل جمالي هڪ ڊگهو عرصو اڳ شايد ٽيھہ سال يا ان کان وڌيڪ هڪ ڪھاڻي پاڙي ناهي پروڙ جي نالي سان لکي هئي ۽ ان کي سنگت ڪراچي جي گڏجاڻي ۾ پيش ڪيو هو. ان ڪھاڻي کي خاص طورتي ادب جي بھترين نقاد عبدالرحمان نقاش پاران دليلن سان ساراهيو ويو هو. نقاش جي اها تخليقي تنقيد پوء چار ڪھاڻيڪار چار نقاد نالي ڪتاب ۾ بہ شامل آهي. بادل جي اها ڪھاڻي سندس ڪھاڻين جي مجموعي ۾ پڻ شامل آهي. بادل سان منھنجي ڊگهي عرصي کان ملاقات ناهي ۽ سندس لکڻين پڙهڻ جو موقعو بہ گهٽ ملندو آهي. پر اها حقيقت آهي تہ آئون جڏهين بہ بادل متعلق سوچيندو آهيان تہ ڪھاڻي پاڙي ناهي پروڙ دل تي تري ايندي آهي. آئون سمجهان ٿو تہ سنڌي ڪھاڻين ۾ اها واقعي هڪ امر ڪھاڻي آهي

ڀٽو خاندان: جدوجھد جي ڪھاڻي

بشير رياض جيتوڻيڪ افسانا وغيرہ بہ لکيا آهن، پر بنيادي طور هو هڪ صحافي آهي. سندس چوڻ آهي تہ ذوالفقار علي ڀٽو سان سندس تعلق جنوري 1966 کان شروع ٿيو، جڏهين هن ساڻس خط وڪتابت شروع ڪئي. آگسٽ 1967 ۾ لندن جي دار چيسٽر هوٽل ۾ انھن ۾ پاڪستان جي سياسي صورتحال ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيام متعلق تفصيلي ڳالھہ ٻولھہ ٿي. سندس چوڻ آهي تہ کيس ان وقت گهڻي خوشي ٿي جڏهين ڀٽو بيگم نصرت ڀٽو سان سندس پنھنجي هڪ دوست جي حيثيت ۾ تعارف ڪرايو. بينظير سان سندس پھرين ملاقات 1977 ۾ خاڪواني هائوس لاهور ۾ ٿي جتي هو سندس انٽرويو وٺڻ لاء ويو هو. 1978 ۾ جڏهين مرتضا ۽ شاهنواز لندن منتقل ٿيا تہ هي ڀٽو جي حياتي بچائڻ واري مھم ۾ ساڻن گڏ هو. اهو سلسلو لاڳيتو هلندو آيو ۽ ڀٽو کانپوء سندس بيگم نصرت ڀٽو، بينظير، مرتضا ۽ شاهنواز سان بہ ويجهو لاڳاپو رهيو. سندس ڪتاب بھٹو خاندان- جهد مسلسل ان حوالي سان هڪ اهم ڪتاب آهي.
1965 جي پاڪ ڀارت جنگ ڄڻ برطانيا ۾ رهندڙ ڪشميرين کي جاڳائي انھن ۾ هڪ نئين روح ڦوڪي ڇڏيو هيو. ڀٽو جي ڪشمير تي موقف ۽ تاشقند ٺاه جي مخالفت کيس برطانيا ۾ رهندڙ ڪشميرين ۾ مقبول بڻائي ڇڏيو هو. ڀٽو جي سياسي سمجه جي واکاڻ ڪندي هو چئي ٿو تہ ان وقت برطانيا ۾ پيپلز پارتي جي تنظيم سازي جو عمل هلي رهيو هو. ان وقت ايم ڪي جنجوعه نالي هڪ همراه ساڻن گڏ هو، جيڪو راولپنڊي سازش ڪيس ۾ جيل بہ ويو هو. ليکڪ جو خيال هو تہ جيئن تہ هي همراه فيض ۽ سجاد ظھير وغيرہ جي صحبت ۾ رهيو آهي، ان ڪري اعتبار جوڳو هوندو. هن ڀٽو کي صلاح ڏني تہ ان کي برطانيا ۾ پارٽي جو آرگنائيزر مقرر ڪيو وڃي، پر ڀٽو سندس ڳالھہ لنوائي ويو. پوءِ اها ڳالھہ سامھون آئي تہ اهو حڪومت پاران موڪليل ماڻھو هو. ساڳي ريت ان وقت ڀٽو ايوب سرڪار کان الڳ ٿيڻ جي ڪري عتاب ۾ هو، پر هن پنھنجن دوستن کي نہ وساريو هو. انڊونيشيا ۾ سوئيڪارنو جي حڪومت کي ختم ڪري، سندس پرڏيھي وزير سوباندريو کي سوهارتو جي فوجي حڪومت پاران ڦاهي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو. سوباندريو 1965 جي پاڪ ڀارت جنگ ۾ واضح طور پاڪستان جو پاسو کنيو هو ۽ ڪشمير جي معاملي تي پاڪستان جي موقف جي حمايت ڪئي هئي. ان ڳالھہ کي نظر ۾ رکندي، ڀٽو ان ڳالھہ کان قطع نظر تہ ان جا نتيجا ڪھڙا نڪري سگهيا ٿي، سوباندريو کي ڦاهي ڏيڻ جي مخالفت ڪئي ۽ اهڙا بيان ڏيھي ۽ پرڏيھي پريس کي جاري ڪيا.
ڀٽو اقتدار ۾ اچڻ کانپوء پريس جي حوالي سان ليکڪ کي اهم ذميواتون ڏنيون. ان وقت گهڻا ليکڪ جي ڀٽو سان ان قربت کي پسند نہ ڪندا هئا. اها ڳالھہ سڀني جي نظر ۾ هئي ۽ ليکڪ پڻ اها ڳالھہ ڪري ٿو.ليکڪ هيپي مينوالا جو ذڪر ڪري ٿو، جنھن پنھنجي ليکي ڀٽو جي ويجهو ٿيڻ چاهيو ٿي. پرڏيھي صحافين سان وزير اعظم جي ملاقات ۽ انٽرويو وغيرہ جي ذميواري ليکڪ جي ذمي هئي پر مينوالا هڪ آمريڪي خاتون صحافي کي ملاقات جو اڍائي ڪلاڪن جو وقت ڏنو، جنھن جي وزير اعظم ۽ ليکڪ کي ڪا ڄاڻ نہ هئي. اسلام آباد پھچڻ تي ان کي اڌ ڪلاڪ جو وقت ڏنو ويو جنھن تي اها ناراض ٿي ويئي. وزيراعظم کي ليکڪ متعلق غلط اطلاع ڏنا ويا، جنھن تي هن ليکڪ سان پنھنجي ناراضي جو اظھار بہ ڪيو. ليکڪ هڪ سيڪيوريٽي آفيسر سعيد جو ذڪر ڪيو آهي، جيڪو اهو تاثر ڏيندو هو تہ سڀ ڪم سندس مرضي سان ٿين ٿا. جڏهين هن بيگم نصرت ڀٽو سان ان جو ذڪر ڪيو تہ هن جو چوڻ هو تہ ان جي ڳالھہ نہ ڪر هو هڪ پوليس وارو آهي. عدالت ۾ ان ئي ماڻھو ڀٽو خلاف گواهي ڏيندي چيو هو تہ هو تہ بس حڪم جو ٻانھو هو، کيس جيڪي چيو ويندو هو ائين ڪندو هو. اهڙن ماڻھن ڀٽو جو گهيرو تنگ ڪري ڇڏيو هو ۽ ڀروسي وارا ماڻھو پري ٿي ويا هئا.
ليکڪ جو چوڻ آهي ۽ عام طور اهو سمجهيو بہ وڃي ٿو تہ ڀٽو کي 1977 جي چونڊن ڪرائڻ ڏانھن زوري ڌڪيو ويو هو. چونڊن کان پوء ڀٽو خلاف تحريڪ کي ڀٽو پاران هڪ عالمي سازش قرار ڏنو ويو. سندس چوڻ هو تہ مخالف ڌر ۾ اهڙي تحريڪ هلائڻ جي سگه ئي نہ هئي. اها ڳالھہ هن قومي اسمبلي جي اجلاس ۾ خطاب ڪندي بہ واضح ڪئي هئي.
جڏهين حڪومت کي ختم ڪري مارشل لاء هنيو ويو تہ ڀٽو مرتضا ۽ شاهنواز کي هدايت ڪئي تہ اهي فوري طور ڪنھن بہ ريت ملڪ مان نڪري وڃن، جڏهين تہ بينظير ۽ بيگم نصرت ڀٽو پاڪستان ۾ رهيون. ٻيئي ماء ڌي پاڪستان ۾ قيد هيون، جڏهين تہ مرتضا ۽ شاهنواز پنھنجي پڙهائي اڌوري ڇڏي لنڊن ۾ پنھنجي پيءُ جي حياتي بچائڻ جي جدوجھد ۾ مصروف ٿي ويا. انھن خاص طور ڀٽو جي دوست مختلف حڪمرانن سان رابطا ڪيا. ان دوران ليکڪ جو چوڻ آهي تہ هينري ڪسنجر مرتضيٰ کي فون ڪري ٻڌايو تہ ضياء شاه فهد سان واعدو ڪيو آهي تہ هو ڀٽو کي ڦاهي نہ ڏيندو. ان تي مرتضيٰ کيس چيو تہ هو ڪوڙو ماڻھو آهي، ان جي ڳالھہ تي ڀروسو نہ ٿو ڪري سگهجي. متحدہ عرب امارات جي امير جا ڀٽو سان ويجها ذاتي ناتا هئا. هن مرتضيٰ ۽ شاهنواز جي اخلاقي۽ مالي طورگهڻي مدد ڪئي پر جڏهين مرتضيٰ ڪابل ۾ وڃي رهڻ ۽ اتي پنھنجو مرڪز قائم ڪرڻ جو ارادو ڪيو تہ هن کيس ائين نہ ڪرڻ جي صلاح ڏني هئي. ڇاڪاڻ تہ ان وقت اتي سوويت فوجون هيون، جنھن جي ڪري اولھہ جي ملڪن کان کين جيڪا حمايت ملي پئي اها نہ ملي سگهندي. پر مرتضيٰ ان صلاح تي عمل نہ ڪيو. ليکڪ جو چوڻ آهي تہ جڏهين ڪابل جي حڪومت الذوالفقار جو گهيرو تنگ ڪيو تہ پوء ڪابل کان دمشق منتقل ٿيڻ جوفيصلو ڪيو ويو. مرتضيٰ جھاز جي اغواء کان انڪار ڪيو هو. ساڳي ريت حڪومت پاران ان ۾ پيپلز پارٽي کي ملوث ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي هئي تہ جيئن ان وقت پاڪستان ۾ ضياء خلاف تحريڪ کي دٻائي سگهجي، پر بينظير ۽ بيگم نصرت ڀٽو اهڙي ڪنھن ڪوشش کي ڪامياب ٿيڻ نہ ڏنو.
ڪرنل قذافي ۽ ياسر عرفات سان ڀٽو جا ويجها ناتا هئا. ليکڪ جو چوڻ آهي تہ شاهنواز ڇهہ مھينا کن ياسر عرفات وٽ لبنان ۾ رهيو. لنڊن ۾ رهڻ دوران مٿس قاتلانا حملا بہ ٿيا. ليکڪ شاهنواز جي ميت سان بينظير سان گڏ ڳڙهي خدابخش بہ ويو هو ۽ پوء پنھنجي گرفتاري جي انديشي ڪري جلدي موٽي انگلينڊ آيو هو.
بينظير مرتضيٰ سان ملاقات لاء دمشق بہ ويئي هئي، اتي مرتضيٰ کيس غنوا، جيڪا فاطمہ کي ٽيوشن پڙهائيندي هئي، سان پنھنجي شادي متعلق ٻڌايو. بينظير کيس صلاح ڏني تہ بجائي ڪنھن پرڏيھي ڇوڪري سان شادي ڪرڻ جي، هو پاڪستان جي ڪنھن ڇوڪري سان شادي ڪري ۽ هن ان سلسلي ۾ کيس ڪجهہ ڇوڪرين جا نالا بہ ڏنا هئا پر مرتضيٰ ان ڳالھہ کي کلي لنوائي ويو. ليکڪ اها بہ ڳالھہ ڪري ٿو تہ ٻنھي ڀائرن جا شروع ۾ مصطفيٰ کر سان خوشگوار ناتا هئا، جيڪي پوء خراب ٿي ويا. مرتضا کيس کر سان ملڻ کان منع ڪيو جڏهين تہ بينظير کيس کر سان رابطي ۾ رهڻ لاء چيو هو. هن بينظير جي چوڻ تي عمل ڪيو جنھن جي ڪري مرتضيٰ گهڻي عرصي تائين ساڻس تعلق ئي ختم ڪري ڇڏيو.
بينظير ۽ مرتضيٰ جي اختلافن کي وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي. پر ليکڪ سميت گهڻا اهڙا ماڻھو هئا، جن انھن کي ويجهي آڻڻ جي ڪوشش بہ ڪئي. ليکڪ جو چوڻ آهي تہ سندن اهڙي هڪ ملاقات کانپوء پشاور مان مرتضيٰ جا ڪجهہ ڪارڪن کيس پشاور ڪنھن گڏجاڻي لاء وٺي وڃڻ لاء آيا. اهي مٿس ان لاء ڪاوڙيل هئا تہ هن بينظير سان ملاقات ڇو ڪئي، جڏهين تہ مرتضا کي انھن کي وضاحت ڏيڻي پئي تہ اها ڪا سياسي گڏجاڻي نہ پر هڪ ڀاء ۽ ڀيڻ جي ملاقات هئي. مرتضيٰ جي پارٽي ۾ گهڻا اهڙا ماڻھو اچي ويا هئا جن جو مفاد ان ڳالھہ ۾ هو تہ انھن ٻنھي ۾ ڪا صلح نہ ٿئي.
بينظير کي جيڪا حڪومت ملي اها ڪيتري بااختيار هئي، ان جي سڀني کي ڄاڻ آهي، پر ان سلسلي ۾ بينظير جي اها ترجيح هئي تہ ضياء جي دور ۾ پارٽي جي ڪارڪنن جيڪي تڪليفون سٺيون هيون انھن جو ڪنھن حد تائين تدارڪ ڪيو وڃي ۽ کين ريليف ڏنو وڃي. ان حوالي سان اليڪشن لاء پارٽي ٽڪيٽ وغيرہ ڏيڻ جو معاملو بہ گهڻو منجهيل هو. ليکڪ اهڙن ڪجهہ اڳواڻن جو ذڪر ڪري ٿو جن فائدن حاصل ڪرڻ لاء وزيراعظم کي بليڪ ميل ڪرڻ شروع ڪيو هو. خاص طور عدم اعتماد واري تحريڪ جي موقعي تي پارٽي جي ڪجهہ اسمبلي ميمبرن وڌ ۾ وڌ فائدا حاصل ڪرڻ لاء اهو ڏيکاء ڏيڻ شروع ڪيو هو تہ مٿن مخالف ڌر پاران گهڻو دٻاء هو.
گهڻن ٻين ماڻھن جيان ليکڪ بہ اها ڳالھہ ڪري ٿو تہ مرتضيٰ جي قتل کي بينظير جي حڪومت ختم ڪرڻ لاء ان صدر پاران استعمال ڪيو ويو جنھن کي هو پنھنجو وڏو ڀاء چوندي هئي.
بشير رياض لندن ۾ هوندي ڀٽو ۽ سندس خاندان سان لاڳاپيل رهيو. هن برطانيا جي مختلف شھرن ۽ يورپ جي مختلف ملڪن ۾ پارٽي جي تنظيم ۽ ان جي مختلف جلسن وغيرہ جو انعقاد پڻ ڪيو. ان سان گڏوگڏ سندس وڏو ۽ اهم ڪم اهو هو تہ اتي هن هفتيوار مساوات جاري ڪرڻ شروع ڪئي جنھن ۾ پاڪستان مان گهڻو اهڙو مواد ايندو هو جيڪو اتي شائع نہ ٿي سگهندو هو. ان کانسواء ڀٽو جي مختلف ڪتابن جي مسودن کي ڪنھن طريقي سان لنڊن آڻي، اتان دھلي ۾ انھن کي اشاعت لاء موڪليو ويندو هو.
ڀٽو خاندان ۽ پارٽي سان ويجهي لاڳاپي هئڻ ڪري هن ڪتاب مان گهڻين ڳالھين جي خبر پئي ٿي.

هندوستان جي آزادي ۽ بنگال جو ورهاڱو

چيو وڃي ٿو تہ ننڍي کنڊ ۾ هندو ۽ مسلمانن ۾ تضاد ۽ ٽڪراء اٺ نو سو سال اڳ ان وقت شروع ٿيو جڏهين پھريون مسلمان حملي آور ننڍي کنڊ ۾ آيو. ان ۽ ان کان پوء ايندڙ حملي آورن هندن کي زوري مسلمان ڪرڻ سان گڏ انھن جي مندرن ۽ ٻين عبادتگاهن وغيرہ کي تباه ڪيو. مسلمانن جي راڄ ختم ٿيڻ ۽ خاص طور انگريزن جي اچڻ کانپوء تعليم، واپار ۽ سرڪاري نوڪرين وغيرہ ۾ هندن کي مسلمانن تي مٿڀرائپ حاصل ٿي ۽ اهڙي ريت ان تضاد هڪ ٻي صورت اختيار ڪري ورتي. ان جو نتيجو ٻہ قومي نظرئي ۽ پاڪستان ٺھڻ جي صورت ۾ سامھون آيو. پر اهو نہ ٿو چئي سگهجي تہ ان طريقي سان واقعي اهو مسئلو حل ٿيو يا اڃا وڌيڪ منجهي پيو.
ساڳي وقت ان ڳالھہ کي بہ نظر ۾ رکڻ گهرجي تہ اهي اٺ نو سو سال رڳو ٽڪراء ۽ جهيڙي جو عرصو نہ هو پر ان وقت ۾ اشرافيا ۽ عوامي ٻنھي سطحن تي هڪ ٻئي جي ويجهو اچڻ لاء شعوري ۽ غير شعوري طور گهڻيون ڪوششون بہ ٿيون. ان ڳالھہ کي جناح پاران پاڻ خاص طور پنجاب ۽ بنگال جي ورهاست جي مسئلي تي قبول ڪيو ويو.
ننڍي کنڊ جي آزادي وقت بنگال متعلق مسلم ليگ، ڪانگريس ۽ برطانوي حڪومت وٽ گهڻا آپشن هئا. 1946 وارين چونڊن جي نتيجي ۾ بنگال ۾ مسلم ليگ جي حڪومت هئي ۽ حسين شھيد سھروردي اتان جو وزير اعظم هو. معاشي حوالي سان بنگال ڄڻ تہ هڪ اڪائي هئي. جتي ڪچو مال جھڙوڪ سڻي وغيرہ اوڀر بنگال ۾ پيدا ٿيندي هئي تہ ان کي پروسيس ڪرڻ جو ڪم اولھہ بنگال ۽ خاص طور ڪلڪتي جي ڪارخانن ۾ ٿيندو هو. صنعتي ۽ تجارتي لحاظ کان اوڀر بنگال گهڻو پوئتي پيل هو. اهڙي ريت صوبي جي ورهاست ٿيڻ جي صورت ۾ جتي اڀرندي حصي کي پنھنجي ڪچي مال لاء نيون منڊيون ڳولھڻيون پون ها تہ اتي اولھندي حصي جي ڪارخانن کي ڪچو مال ٻين ملڪن مان گهرائڻو پئي ها.
ڪلڪتي جي پنھنجي بندرگاه ۽ صنعتي ۽ تجارتي مرڪز هئڻ جي حوالي سان بنگال ۾ ان کي مرڪزي حيثيت حاصل هئي. ان ڳالھہ کي سڀني سمجهيو ٿي تہ ڪلڪتي کانسواء اوڀر بنگال جي حيثيت هڪ ٻھراڙي ۽ پٺتي پيل زرعي علائقي جي هوندي. ڪلڪتي جي حوالي سان جناح وٽ ان ڳالھہ جي اهميت نہ هئي تہ شھر ۾ هندن جي گهڻائي آهي.
جناح چاهيو ٿي تہ بنگال جي ورهاست نہ ٿئي ۽ اهو پاڪستان جو حصو بڻجيِ. جيڪڏهين ائين نہ ٿو ٿئي تہ گهٽ ۾ گهٽ ڪلڪتو اوڀر بنگال جو حصو بڻجي. ان سلسلي ۾ جناح جي منطق اها هئي تہ بنگال ۾ جيڪي هندو آهن، انھن ۾ گهٽ ذات وارن يعني اڇوتن جي گهڻائي آهي ۽ اهي پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ چاهين ٿا. اهڙي ريت ڪلڪتي ۾ جيتوڻيڪ مسلمانن جي ڀيٽ ۾ هندن جي گهڻائي هئي پر جناح ان کي گهڻو اهم نہ ٿي سمجهيو.
خاص طور تي ڪلڪتي جي اهميت کي نظر ۾ رکندي اهو آپشن بہ رکيو ويو تہ متحدہ بنگال جي هڪ ڌار ملڪ جي حيثيت هجي. سھروردي ۽ ڪانگريس جي مقامي اڳواڻن جي ان تجويز کي جناح جي حمايت حاصل هئي، پر ڪانگريس ان کي ڪنھن بہ صورت ۾ مڃڻ لاء تيار نہ هئي. سندن چوڻ هو تہ اڳتي هلي اهو ملڪ پاڪستان ۾ شامل ٿي ويندو. سندن موقف اهو هو تہ صوبي کي ورهائي اولھندي حصي کي ڀارت ۾ شامل ڪيو وڃي. ساڳي ريت ڪانگريس ڪلڪتي جي حوالي سان بہ ڪا رعايت ڏيڻ لاء تيار نہ هئي. ان نہ رڳو ان جي بنگال جي ٻنھي حصن جي گڏيل بندرگاه هئڻ واري تجويز کي رد ڪيو پر ان تجويز کي بہ رد ڪيو تہ چھن مھينن تائين جيسين چٽاگانگ جي بندر گاه کي ترقي وٺائي سگهجي، بنگال جا ٻيئي حصا ان کي پنھنجي واپار وغيرہ لاء استعمال ڪن. پٽيل جو چوڻ هو تہ ڇه مھينا تہ ڇا هو ڇھن ڪلاڪن لاء بہ ان کي پاڪستان کي ڏيڻ لاء تيار نہ هو.
اها ان لحاظ کان هڪ مختلف صورتحال هئي تہ 1905 ۾ جڏهين انگريزن، سندن چوڻ موجب، انتظامي بنيادن تي اوڀربنگال، جتي مسلمانن جي گهڻائي هئي، ۽ اولھہ بنگال، جتي هندو اڪثريت ۾ هئا، کي هڪ ٻئي کان ڌار ڪيو هو تہ ان تي مسلمان خوش هئا ۽ 1906 ۾ هتي ئي مسلم ليگ جو بنياد وڌو ويو. پر هندو ان سان خوش نہ هئا. سندن چوڻ هو تہ هڪ تہ صوبي کي مذهبي بنيادن تي ورهايو ويو هو ۽ ٻي ڳالھہ تہ اولھہ بنگال کي انتظامي طور بھار ۽ اڙيسہ سان ملائڻ جي ڪري اهي ٿورائي ۾ ٿي ويا هئا. ان جو هڪ اثر اهو ٿيو تہ ان ورهاڱي جي مخالفت ۾ تحريڪ هلائڻ جي ڪري ڪانگريس جنھن جو هونئن گهڻو اثر رسوخ نہ هو، ملڪ جي هڪ عوامي سياسي جماعت بڻجي ويئي. بھرحال ان مخالفت جي ڪري 1911 ۾ انگريز سرڪار کي پنھنجو اهو فيصلو واپس وٺڻو پيو. پر هن ڀيري فيصلو بنگال جي ورهاست جي صورت ۾ نڪتو.

انگن اکرن جي اهميت

ون يونٽ جي ختم ٿيڻ کانپوء سنڌ ۾ جيڪي ادارا قائم ڪيا ويا، انھن ۾ بيورو آف اسٽيسٽڪس بہ شامل هو. هن اداري جو ڪم سنڌ جي معيشت، تعليم، صحت، روزگار ۽ سماج جي ٻين مختلف شعبن متعلق انگ اکر گڏ ڪرڻ آهي. ان مقصد لاء سڄي سنڌ ۾ وسيع پئماني تي ان جا دفتر قائم ڪيا ويا ۽ اتي معاشيات ۽ اسٽيٽسڪس جي گريجويٽس کي مقرر ڪيو ويو جن جو ڪم پنھنجي علائقي جي مختلف شعبن جا انگ اکر گڏ ڪري انھن کي پنھنجي ريجنل ۽ هيڊ آفيسن کي موڪلڻ آهي، جتي انھن جو تجزيو ڪري انھن کي هڪ شڪل ڏني ويندي آهي.
اڄ جي دور ۾ معيشت سميت سماج جي مختلف شعبن جي رٿابندي لاء انگن اکرن جي گهڻي اهميت آهي. ڪوشش اها ڪبي آهي تہ اهي انگ اکر صحيح هجن. ان مقصد لاء فيلڊ مان پرائمري ذريعن کان انگ اکر گڏ ڪرڻ سان گڏ مختلف قسم جا سروي وغيرہ پڻ ڪرايا ويندا آهن، جن ۾ عالمي ادارن جي فنڊنگ ۽ سھڪار پڻ شامل هوندو آهي.
ان ڪم ۾ ٻين مختلف ادارن کي پڻ شامل ڪيو ويندو آهي. ڪراچي يونيورسٽي جي اپلائيڊ ايڪانامڪس ريسرچ سينٽر منھنجي ماسٽرس ڪرڻ کانپوء سڪرنڊ ۽ هالا ۾ ڪپهہ جي اپت جي حوالي سان هڪ پروجيڪٽ شروع ڪيو هو، جنھن جي ٻن مرحلن ۾ آئون شامل هوس. ان ٽيم ۾ ٻين سان گڏ هڪ آمريڪي استاد مائيڪ ويلس، جيڪو اسان کي زرعي معاشيات پڙهائيندو هو، بہ شامل هو. ان کانپوء مون جڏهين سنڌ ريجنل پلان آرگنائزيشن جوائن ڪئي تہ شروع ۾ سنڌ ايگريڪلچر سروي ڪيو ويو، جنھن ۾ دريا جي ساڄي ۽ کاڄي ڪپ جا گهڻا شھر شامل هئا. ان سروي ۾ اسان سان گڏ ٽنڊو ڄام زرعي ڪاليج جا ٻہ شاگرد ٰ۽ سنڌ بيورو آف اسٽيٽسڪس جا ڪجهہ همراه شامل هئا. ان کانپوء ٽنڊو محمد خان ۾ چانورن جي اپت تي سروي ڪيو. ڪجهہ عرصي کانپوء سنڌ بيورو پاران سڄي سنڌ ۾ Household Income and Expenditure Survey شروع ڪيو ويو جنھن ۾ ڪراچي جي ٽيم ۾ آئون بہ شامل هوس.
ان وقت بيورو جي آفيس پاسپورٽ آفيس سان لڳ پاڪستان بيرڪس ۾ هئي. اسٽيٽ بينڪ جوائن ڪرڻ تائين منھنجي هتان جي آفيسرن خاص طور زيدي ۽ علي احمد، جيڪو پوء شايد ڊائريڪٽر بہ ٿيو، سان واسطو رهيو. ان وقت بيورو پاران ٻين مختلف پبليڪيشنز سان گڏ هڪ پاڪيٽ سائز ڪتاب بہ شائع ڪيو ويندو هو، جنھن ۾ سنڌ جي حوالي سان گهڻا انگ اکر هوندا هئا ۽ اهو خاص طور ڪنھن فوري حوالي لاء ڏاڍو ڪارائتو هوندو هو. اها خبر ناهي تہ اهو اڃا بہ شائع ڪيو وڃي ٿو يا نہ. بيورو جي انھن ڪتابن کي آئون پنھنجي ڪم ڪار لاء ڏسندو رهيو آهيان پر ان سان اڳ جيان هڪ سرگرم تعلق نہ رهيو آهي.
هڪ ڊگهي عرصي کانپوء هن وقت بيورو سان هڪ تعلق جڙيو آهي. ڊاڪٽر اسحاق انصاري هن وقت بيورو جو ڊائريڪٽرجنرل آهي. اسحاق سان گهڻا واسطا رهيا آهن. هڪ تہ اسان ٻيئي ڪجهہ عرصو اسٽيٽ بينڪ ۾ رهيا آهيون. ٻي ڳالھہ تہ هو سنڌي جو هڪ ڄاتل سڃاتل ليکڪ آهي. اهڙي ريت اسان ۾ هڪ گڏيل ڳالھہ ادب سان لاڳاپو هئڻ بہ آهي.
اسٽيٽسڪس جو مضمون ئي سندس سڃاڻپ رهيو آهي. ان حوالي سان هو اسٽيٽ بينڪ سان گڏ ملڪ ۽ پرڏيھہ ۾ مختلف جاين تي بہ ليڪچرز، سيمينار ۽ ورڪشاپ وغيرہ ۾ شرڪت لاء ويندو رهيو آهي. ان لحاظ کان سندس پنھنجي مضمون ۽ ڪم سان هڪ ڪمٽمنٽ ۽ وابستگي رهي آهي. بينڪ ۾ کيس پنھنجي ڪم جي بنياد تي ئي مڃتا ملندي رهي آهي.
بينڪ مان رٽائرمنٽ کانپوء بيورو جي ڪم لاء منھنجي خيال ۾ هي مناسب ماڻھو آهي. مون کي ڊاڪٽر صاحب ڪجهہ تازا شائع ٿيل ڪتاب موڪليا آهن. سنڌ جي معيشت ۽ ٻين مختلف شعبن جي ڪارڪردگي ۽ ترقي کي ڏسڻ لاء اهي نھايت ڪارائتا دستاويز آهن. تازو سنڌ جي مختلف شعبن متعلق هڪ ڪتاب شائع ڪيو ويو آهي.
50 Years of Sindh in Statistics. 1971- 2021 ان ۾ پنجاه سالن جي دوران سنڌ جي آبادي، زراعت، جانور، جهنگل، سامونڊي جيوت، خوراڪ جي ذخيرن، صنعت، بجلي، گيس، سرڪاري ماليات، مالياتي ادارن، ٽرانسپورٽ ۽ رابطي جي ذريعن، تعليم، صحت ۽ ڏوهن وغيرہ متعلق انگ اکر ڏنا ويا آهن. ان سڄي معلومات ۽ انگن اکرن جي سلسلي ۾ گهڻن ذريعن ۽ وفاقي ۽ صوبائي ادارن جو سھڪار شامل هوندو آهي.
صحيح فيصلن ۽ رٿابندي ڪرڻ ۾ انگن اکرن جي گهڻي اهميت هوندي آهي. ان ڪري انھن جي صحت ۽ درست هئڻ تي گهڻو ڌيان ڌنو ويندو آهي. هڪ لحاظ کان اهو ڄڻ تہ رٿابندي ڪندڙن جي پيشہ ورانا ايمانداري ۽ صلاحيتن جو امتحان بہ هوندو آهي. پاڪستان ۾ اهڙا بہ موقعا آيا آهن جو خاص طور تي عالمي ادارن کي ڏنل مالياتي ۽ معاشي انگن اکرن جي Fudging جا سوال اٿاريا ويا آهن. مطلب تہ خاص طور جيڪي اهم انگ اکر پيش ڪيا ويا آهن انھن ۾ هير ڦير ڪئي ويئي آهي تہ جيئن پنھنجي مطلب جي تصوير پيش ڪري سگهجي. پر ان سان گڏ ان ڳالھہ کي پڻ نظر ۾ رکڻ ضروري آهي تہ انھن انگن اکرن جو تجزيو ڪندڙ ماهرن کي اهڙا طريقا سيکاريا ويندا آهن، جن جي مدد سان اهي اهو اندازو لڳائي ويندا آهن تہ انگن اکرن ۾ هيرڦير ٿيل آهي.
آئون جڏهين هن ڪم ۾ شامل هوس تہ ان وقت انگن اکرن جي حوالي سان ڪمپيوٽر ۽ ٻي جديد ٽيڪنالوجي جو استعمال نھايت محدود هو. يونائٽيڊ بينڪ ۾ هڪ مين فريم هو، جتي اسان جي ڊپارٽمنٽ جي هڪ ڊيٽا پنچ آپريٽر ڪارڊن تي ڊيٽا پنچ ڪري کڻي ايندي هئي ۽ انھن کي چيڪ ڪرڻ کانپوءِ ان کي آخري شڪل ڏبي هئي. پر اهو گهڻو اڳ جي ڳالھہ آهي ۽ هاڻي هر شعبي ۾ ان ٽيڪنالوجي جو استعمال عام ٿي ويو آهي. پر ان جي باوجود گهڻن اهڙن شعبن جتي ان جي استعمال جي ضرورت هوندي آهي اها شي موجود نہ هوندي آهي. ايشيائي ترقياتي بينڪ پاران زرعي ترقياتي بينڪ جي ري اسٽرڪچرنگ يا ان کي نين بنيادن تي استوار ڪرڻ لاء امداد ڏني ويئي هئي ۽ اسٽيٽ يينڪ کي ان سڄي ڪم جي نگراني ڪرڻي هئي پر آخري نتيجي ۾ اها ڳالھہ سامھون آئي تہ بينڪ رڳو انگريزي مان نالو بدلائي اڙدو ۾ ڪرڻ کانسواء پنھنجي ڪم ڪار جي طور طريقن جي حوالي سان ٻي ڪا خاص تبديلي نہ آندي هئي ۽ بينڪ جو ڪم ساڳيو رجسٽرن ۽ پراڻن طريقن مطابق پئي هليو.
ڏٺو وڃي تہ بيورو جھڙي اداري جنھن جو ڪم ئي انگن اکرن جي تجزئي سان آهي اتي ان ٽيڪنالوجي جي اهميت اڃا وڌي وڃي ٿي. پر ان پاسي گهڻي عرصي تائين ڌيان نہ ڏنو ويو ۽ رڳو بيورو جي نئين ڊائريڪٽر جنرل جي اچڻ کانپوء اداري کي ڪمپيوٽر ۽ پرنٽر وغيرہ مھيا ڪيا ويا آهن پر ان جي استعمال جي حوالي سان اسٽاف جي تربيت وغيرہ جو ڪو انتظام نہ ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ جوڳا قدم کڻڻ جي ضرورت آهي.
بيورو جي انھن پبليڪيشن ۾ سنڌ جي معيشت ۽ ٻين مختلف شعبن متعلق ڪارائتا انگ اکر آهن جيڪي انھن شعبن جي ڪارڪردگي کي ڏسڻ ۾ گهڻي مدد ڪن ٿا. ان سلسلي ۾ اهو ٿي سگهي ٿو تہ انھن شعبن جي حوالي سان هڪ مختصر تجزيو پڻ پيش ڪيو وڃي جيڪو پڙهندڙ کي انھن انگن اکرن کي سمجهڻ ۽ سڄي صورتحال کي سميٽڻ ۾ مدد ڪري سگهي.
اهو هڪ لاڳيتو عمل آهي ۽ ان ۾ هميشہ سڌاري جي گنجائش رهي ٿي جنھن جي لاء ڪوشش هڪ لازمي امر آهي.

ٻڌ مت جو سماجي پس منظر

ٻڌ مت متعلق اهو تاثر آهي تہ ان جو بنياد ان ڳالھہ تي آهي تہ سڄي دنيا ڏک ۽ مايا آهي. ماڻھو جي ڀلائي ان ڳالھہ ۾ آهي تہ پنھنجين خواهشن کي محدود رکي ۽ آخري نتيجي ۾ دنيا تياڳي ويرانن جي راه وٺي.
ان جو مطلب آهي تہ اهو هڪ اهڙو مذهب آهي، جيڪو ماڻھن سان اٿ ويه ۽ تعلق جي حوصلي شڪني ڪري ٿو. پر ساڳي وقت اها ڳالھہ بہ آهي تہ ڪنھن وقت ۾ اهو مذهب هندوستان ۽ ڀر پاسي وارن ٻين ملڪن ۾ ڦھلجي ويو ۽ ان ذري گهٽ هندو مت کي هندوستان مان بيدخل ڪري ڇڏيو هو. اها ڳالھہ ماڻھن سان رابطي ۾ اچڻ کانسواء ممڪن نہ ٿي لڳي.
Greg Balley and Ian W Mabbett پنھنجي ڪتاب The Sociology of Early Bhuddism ۾ ان ڳالھہ جو جائزو ورتو آهي.
ڇھين صدي قبل مسيح ۾ گنگا جي وادي ۾ وڏيون سماجي، سياسي ۽ معاشي تبديليون اچي رهيون هيون. ٻڌ مت، جين مت ۽ ٻيا ڪجهہ مذهب ۽ عقيدا پنجين صدي قبل مسيح ۾ ان وقت جي پيداوار آهن جڏهين شھر اڏجي رهيا هئا ۽ رياست وڌيڪ مرتڪز ۽ مضبوط ٿي رهي هئي. غله باني جي جاء تي زراعت ترقي ڪري رهي هئي، جيڪا رياست جي ضرورت هئي. نندا ۽ موريا سلطنتون قائم ٿيون. جيتوڻيڪ سڌارٿ پنجين صدي قبل مسيح ۾ پيدا ٿيو. پر ٻڌمت تي پالي ۾ جيڪي لکڻيون ۽ ليٽريچر وغيرہ ملي ٿو، اهو پھرين صدي قبل مسيح جو آهي. اهڙي ريت ٻڌ جي وقت جي گهڻي عرصي کانپوء ان مذهب متعلق لکيو ويو آهي ۽ اها ڳالھہ ظاهر آهي تہ انھن لکڻين تي ان دور جو اثر ضرور پيو هوندو جنھن دور ۾ اهي لکيون ويون.
اهو نئون مذهب خاص طور بادشاهن، شھزادن ۽ واپارين لاء ڇڪ جو باعث هو. ان جو ڪارڻ اهو هو تہ ذات پات جي بنياد تي ٺھيل هندو سماج ۾ انھن ٻنھي طبقن جي برهمڻن جي ڀيٽ ۾ گهٽ حيثيت هئي. خاص طور تي واپار ۽ واپارين کي تہ بلڪل ئي گهٽ سمجهيو ٿي ويو. جڏهين تہ ٻڌمت ۾ ذات پات جي اهڙي ڪا تفريق نہ هئي ۽ ان رياست جو ڪاروهنوار سنڀاليندڙ کشترين کي برهمڻن تي ترجيح ٿي ڏني. ساڳي وقت ان واپارين جي حوصلي افزائي ٿي ڪئي. ان جو ڪارڻ اهو بہ هو تہ ان وقت ڊڳي گاڏين تي مشتمل واپاري قافلا پري پري تائين سامان کڻي ويندا هئا ۽ ساڳي وقت اهو اهو دور هو جڏهين جنس جي بجائي ناڻي جو واپار ۽ ڏي وٺ ۾ استعمال شروع ٿي ويو هو.
ان ۾ جيڪو ڏک ۽ مايوسي جو فلسفو آهي ان جي سمجهاڻي ان ريت ڏني ويئي آهي تہ هڪ تہ شھرن ۾ امير ۽ غريب وچ ۾ جيڪو طبقاتي فرق هو ان گهڻن ماڻھن کي پريشان ڪيو هو ۽ ٻي ڳالھہ تہ گنگا سان لڳ هئڻ ڪري گهميل آبھوا هوندي هئي جنھن جي ڪري بيماريون جنم وٺنديون هيون ۽ شھرن جي ڳتيل آبادي هئڻ ڪري اهي گهڻن ماڻھن تائين ڦھلجي وينديون هيون. ان جو هڪ ڪارڻ اهو بہ ٻڌايو ويو آهي تہ آبادي جو وڏو حصو زراعت سان لاڳاپيل هو ۽ ان جا پنھنجا قدر هئا، جيڪي شھري سماج جي قدرن کان مختلف هئا. اهڙي ريت جڏهين شھرن جي ٻھراڙين ۾ مداخلت شروع ٿي تہ انھن جي زندگي گذارڻ جا طور طريقا ۽ قدر هڪ بحران ۾ وٺجي ويا جيڪا ڳالھہ انھن ماڻھن لاء پريشاني ۽ ڏک جو ڪارڻ هئي.
ان دور ۾ اتر هندوستان ۾ جين مت ۽ ٻيا اهڙا مذهب ۽ فلسفا هئا جن ساڳي ڳالھہ ڪئي ٿي پر ٻڌ مت کي مڃتا ملڻ جو ڪارڻ اهو ٻڌايو وڃي ٿو تہ سڌارٿ ٻڌ بجائي ڪنھن انتھائي ڳالھہ ڪرڻ جي هڪ وچين واٽ ورتي هئي. سندس مقصد ماڻھو کي پاڻ کي سماج کان صفا ڪٽي ڇڏڻ نہ هو. ان ساڳي ڳالھہ کي پوء جيڪي راهب آيا انھن بہ جاري رکيو.
ٻڌ مت جا ٽن قسمن جا مڃيندڙ هئا. هڪ تہ تارڪ الدنيا راهب هئا، جن ماڻھن سان ڪو واسطو نہ ٿي رکيو. ٻيا اهي هئا جيڪي استادن جيان ماڻھن کي تعليم ڏيندا ۽ انھن جي تربيت ڪندا هئا. ٽيون قسم اهڙن جو هو جيڪي رياستي ۽ حڪومتي معاملن ۾ شامل هوندا هئا ۽ قبائلي وفاق، جيڪي سنگها جي نالي سان ڄاتا وڃن ٿا، جي اڳواڻن جي صلاحڪار طور ڪم ڪندا هئا.
مذهبن ۽ عقيدن جي ڦھلاء ۾ اشرافيا جي قبوليت جو وڏو ڪردار هوندو آهي. هر مذهب ۽ نظرئي جيان ٻڌ مت جي بہ اها ڪوشش رهي تہ غير مذهبي اشرافيا ۽ حڪمرانن ۾ پنھنجو مقام ٺاهجي تہ جيئن ان کي قوت حاصل ٿئي ۽ عام ماڻھن ۾ قبوليت حاصل ڪري سگهي. ان مقصد ۾ کين پوري ڪاميابي ٽين صدي قبل مسيح ۾ موريا خاندان جي ٽئين حڪمران اشوڪا جي دور ۾ ٿي جنھن جي حڪمراني جو دور 268 کان 232 قبل مسيح تائين هو.
ڪتاب مطابق ٻڌ مت جو برهمڻن سان تضاد مذهبي نوعيت جو نہ هو، پر اهو ان ڪري هو تہ سماج ۾ برهمڻن جي جيڪا اوچي ۽ مراعات يافتا حيثيت هئي، جنھن جي ڪري انھن کي حڪمرانن کان فائدا ملندا هئا ان کي ان چئلينج ٿي ڪيو ۽ ڪنھن ذات وغيرہ جي فرق کانسواء سڀني کي مساوي حيثيت ٿي ڏني.

وبا ۽ سياست

Nights of Plague اورهان پامڪ جو هڪ تاريخي ناول آهي. اها خلافت عثمانيا ۾ شامل اسي هزار جي آبادي واري ڀونچ سمنڊ جي هڪ ٻيٽ مينگيريا ۾ 1901 ۾ آيل وبا واري وقت جي ڪھاڻي آهي، پر اها ساڳي وقت خلافت عثمانيا، جنھن جي يورپ ۽ وچ اوڀر جي هڪ وڏي حصي تي پنج ڇهہ سو سالن کان حڪمراني رهندي پئي آئي، جي زوال جو داستان پڻ آهي. ان وقت خلافت عثمانيا جي سڃاڻپ هڪ مرد بيمار واري هئي. خلافت عثمانيه ان وقت سازشن ۾ ورتل هئي. وزير، مشير ۽ جنرل گهڻا طاقتور هئا ۽ سلطان انھن جي رحم وڪرم تي هوندو هو. اهو ناول گهڻي ڀاڱي سلطان عبدالحميد جي ڀائٽي شھزادي پاڪيزہ، جيڪا پنھنجي مڙس ڊاڪٽر نور سان ان وقت ان ٻيٽ تي رهيل هئي، جي پنھنجي ڀيڻ کي لکيل خطن تي ٻڌل آهي.
اهو ست سو صفحن کان وڌيڪ هڪ ڊگهو ناول آهي، جنھن ۾ دربار ۾ هلندڙ سازشن، سلطان جو پنھنجن ڀائرن، تخت جي ٻين دعويدارن ۽ دربارين سان ورتاء، مملڪت تي يورپ جي ملڪن جو وڌنڌڙ اثر، مختلف علائقن ۾ هلندڙ آزادي جي تحريڪن ۽ روز بروز آزاد ٿيندڙ علائقن جو تفصيل سان ذڪر آهي.
هن ٻيٽ جا اصلوڪا ماڻھو هزارين سالن کان اتي آباد آهن. سندن پنھنجي ٻولي ۽ ثقافت آهي ۽ گهڻا اڃا تائين پنھنجن گهرن ۾ پنھنجي اها ٻولي ڳالھائين ٿا. ساڳي وقت مملڪت جي ٻين علائقن مان آيل ماڻھن جو هڪ چڱو تعداد پڻ هتي رهي ٿو، جيڪي ترڪي ۽ يوناني ڳالھائين ٿا. مذهب جي لحاظ کان عيسائي، جن ۾ وڏو تعداد آرٿوڊوڪس يوناني عيسائين جو آهي، ۽ مسلمانن جو تعداد اٽڪل برابر آهي.
ناول جو موضوع 1901 ۾ هتي طاعون جي وبا جو ڦھلجڻ ۽ ان جي نتيجي ۾ ايندڙ سياسي تبديليون آهن. اهڙين خبرن ملڻ تي سلطان عبدالحميد پاران هڪ پولش ڊاڪٽر بينڪووسڪي ۽ سندس اسسٽنٽ ڊاڪٽر الياس کي ٻيٽ تي موڪليو وڃي ٿو تہ جيئن حقيقت معلوم ڪري سگهجي.
جيتوڻيڪ اتان جو گورنر ۽ ٻيا عملدار وبا جي هئڻ کي قبول نہ ٿا ڪن پر سلطان جي حڪم تي ڊاڪٽر جي موجودگي کي لڪل رکيو وڃي ٿو ۽ ان کي سخت پھري ۾ ڪم ڪرڻ ڏنو وڃي ٿو. مختلف مريضن جي چڪاس ۽ موت سان وبا جي پڪ ٿئي ٿي. ان وقت تائين ان بيماري لا۽ اڃا ڪا ويڪسين ۽ دوا ايجاد نہ ٿي هئي. جيئن ان وقت يورپ وغيرہ ۾ ڪيو ٿي ويو ان جو تدارڪ رڳو قرنطينا يا ماڻھن کي هڪ ٻئي کان ڌار رکي ڪري سگهجي پيو. اتان جي خاص طور مسلمانن وبا جي هئڻ کي قبول نہ ٿي ڪيو ۽ اهي ان جو علاج خانقائن جي شيخن جي ڏنل تعويذن ۽ دعائن ۾ ڳولھي رهيا هئا. ان وقت ان ٻيٽ تي اٺاويھہ خانقاهون هيون. گهڻا ان خيال جا هئا تہ اها بيماري ان جھاز وسيلي ئي آئي هئي، جنھن ۾ ڊاڪٽر بينڪووسڪي هتي آيو هو.
بھرحال ان تحقيق دوران ڊاڪٽر قتل ٿي وڃي ٿو ۽ ڊاڪٽر نور، جنھن کي مملڪت جي مختلف جاين تي وبا جي وقت ۾ ڪم ڪرڻ جو تجربو هجي ٿو، کي استنبول مان ٻيٽ تي پھچڻ جو حڪم ڏنو وڃي ٿو، جيڪو پنھنجي زال شھزادي پاڪيزہ سان اتي پھچي ٿو.
ٻيٽ هڪ بحران ۾ ورتل هجي ٿو. هڪ پاسي وبا قابو ۾ نہ پئي اچي ۽ روز ماڻھن جي مرڻ جو تعداد وڌنڌو ٿو وڃي تہ ٻئي پاسي ماڻھو طبي پابندين کي قبول ڪرڻ لاء تيار نہ ٿا هجن. ان ۾ خانقاهن جا شيخ اڳڀرا هجن ٿا. اهڙي ريت انھن جي حڪومت سان هڪ ٽڪراء واري صورتحال پيدا ٿي وڃي ٿي. گهڻن کي ڇوٽڪاري جي هڪ صورت ٻيٽ مان نڪرڻ ۽ ڀر پاسي وارن ٻين ٻيٽن ۽ ملڪن ڏانھن وڃڻ ۾ ئي نظر اچي ٿي. پر ساڳي وقت ان سان دنيا جي ٻين حصن ۾ بيماري ڦھلجڻ جو خدشو هجي ٿو، جنھن کي خاص طور يورپي ملڪ قبول ڪرڻ لاء تيار نہ ٿا هجن. برطانيا، فرانس ۽ روس پاران بحري ٻيڙا موڪلي ٻيٽ جي ناڪابندي ڪئي وڃي ٿي ۽ سلطان تي بہ زور وڌو وڃي ٿو تہ هو ان مقصد لاء پنھنجو ٻيڙو موڪلي تہ جيئن ان کي ترڪي خلاف انھن ملڪن جي اڳرائي نہ سمجهيو وڃي.
ان سڄي صورتحال ۾ ميجر ڪامل، جنھن يونان خلاف جنگ ۾ اعزاز حاصل ڪيا هئا ۽ جنھن کي شھزادي پاڪيزہ جي محافظ طور ساڻس موڪليو ويو هو، جو واسطو ان ٻيٽ سان ئي هو. هن وقت قرنطينا جي پابندين کي لاڳو ڪرڻ لاء جيڪا فورس ٺاهي ويئي هئي، هو ان جو اڳواڻ هو. هو مينگيريا جو مقامي ماڻھو هو ۽ اتان جي ٻولي ڳالھائيندو هو. استنبول مان وبا جي حوالي سان جيڪي حڪم احڪام آيا ٿي، هو انھن مان مطمئن نہ هو. هو مينگيريا جي قوم پرست هئڻ جي حوالي سان ناول جو هڪ اهم ڪردار آهي. سندس مقصد اهو هجي ٿو تہ هتان جا ماڻھو ڪنھن مذهب وغيرہ جي فرق کانسواء ٻيٽ جي ڀلائي لاء ڪم ڪن. ان مقصد لاء هو پھرئين قدم طور ٽيليگراف لائينن کي بند ڪري ٿو تہ جيئن استنبول جي بيجا مداخلت کي روڪي سگهجي.
سلطان پاران وبا کي روڪڻ ۾ ناڪامي جي ڪري ٻيٽ جي گورنر کي بدلي ڪري نئون گورنر موڪليو وڃي ٿو. پر ٻيٽ ان وقت هڪ سياسي افراتفري ۾ ورتل هجي ٿو. گورنر ڪنھن بہ صورت ۾ پنھنجو عھدو ڇڏڻ لاء تيار نہ ٿو هجي ۽ سندس مخالف کيس هٽائي نئين گورنر کي آڻڻ چاهين ٿا. ان ڇڪتاڻ ۾ نئون گورنر مارجي وڃي ٿو ۽ ٻيٽ ۾ تبديلين جو هڪ نئون سلسلو شروع ٿئي ٿو.
ميجر ڪامل، جيڪو پاڻ ان جهڙپ ۾ زخمي ٿئي ٿو، پاران ٻيٽ جي هڪ آزاد ملڪ هئڻ جو اعلان ڪيو وڃي ٿو، جتي سڀني کي ڪنھن مذهبي تفريق کانسواء هڪ جھڙا حق حاصل هوندا. هو پاڻ ان نئين ملڪ جو صدر ٿئي ٿو ۽ گورنر وڏي وزير جو عھدو سنڀالي ٿو. نئين ملڪ ۾ گرجائن ۽ مسجدن کي بند ڪيو وڃي ٿو تہ جيئن وبا کي روڪي سگهجي.
نئين صدر جو گهڻو ڌيان ان ٻيٽ جي ٻولي ۽ ثقافت کي ترقي ڏيڻ هجي ٿو جڏهين تہ ساڳي وقت فرينچ انقلاب کانپوء جيڪوبين دھشت وارو سلسلو پڻ شروع ٿئي ٿو. ڪجهہ باغين کي ڦاهي ڏني وڃي ٿي جن جا لاش ٽن ڏينھن تائين شھر جي مک چوڪ تي لٽڪيل رهن ٿا. پر ساڳي وقت پابندين خلاف ماڻھن جي مزاحمت جاري رهي ٿي، جن کي خانقاهن ۽ شيخن جي حمايت حاصل هجي ٿي. ميجر ڪامل، جيڪو هاڻي رياست جو صدر هجي ٿو، مقامي ٻولي ۽ ثقافت جي واڌ ويجهہ جي ڪمن ۾ ئي رڌل رهي ٿو جڏهين تہ وبا ۾ ماڻھن جي مرڻ جو تعداد روز بروز وڌنڌو ٿو وڃي. صدر جي زال زينب پھرين ان وبا جو شڪار ٿئي ٿي ۽ پوء صدر پاڻ ان جو شڪار ٿي مري وڃي ٿو.
ٻيٽ جي وڏي وزير ۽ اڳوڻي گورنر کي ان جو حل اتان جي مک خانقاه جي شيخ حمدﷲ جي نظربندي ۾ نظر اچي ٿو. پر ان سان اڃا افراتفري وڌي وڃي ٿي. هڪ پاسي مختلف خانقائن جا درويش ۽ پوئلڳ انھن ماڻھن سان گڏجي، جيڪي قرنطينا ۽ حڪومت جي لاڳو ڪيل پابندين جا مخالف هجن ٿا، احتجاج شروع ڪن ٿا تہ پاسي قلعي ۾ مختلف ڏوهن ۾ قيد ٿيل قيدي حالتن جو فائدو وٺي جيل ٽوڙي نڪري اڄن ٿا. حڪومت جي ڪا رٽ نہ ٿي رهي. شيخ حمدﷲ جا پوئلڳ اقتدار تي قبضو ڪن ٿا ۽ وڏي وزيرکي ڦاهي ڏني وڃي ٿي. پابندين کي ختم ڪيو وڃي ٿو. نتيجي ۾ بيماري ڦھلجي ٿي ۽ ماڻھو وڏي تعداد ۾ مرڻ لڳن ٿا. ڳالھہ ان حد تائين پھچي ٿي تہ شيخ حمدﷲ پاڻ ان بيماري جو شڪار ٿي مري وڃي ٿو.
ان صورتحال ۾ تبديليون لازمي ٿي وڃن ٿيون. قرنطينہ جي پابندين کي لاڳو ڪرڻ لاء ڊاڪٽر نور کي وڏو وزير ۽ شھزادي پاڪيزہ کي ٻيٽ جي راڻي بڻايو وڃي ٿو. ڪرفيو ۽ فوج جي مدد سان ماڻھن کي گهرن تائين محدود ڪيو وڃي ٿو. وبا جي ختم ٿيڻ کانپوء ڊاڪٽر نور ۽ شھزادي پاڪيزہ کي ساڳئي سامونڊي جھاز عزيزيه ۾ سوار ڪري چين موڪليو وڃي ٿو جتي هانگ ڪانگ ۾ هو پنجويه سال گذارين ٿا ۽ پوء فرانس هليا وڃن ٿا.
مينگيريا جو ٻيٽ خلافت عثمانيا کانپوء اٽلي، جرمني ۽ برطانيا جي تسلط هيٺ رهيو. 1947 ۾ گڏيل قومن پاران ان کي رڪنيت ڏني ويئي ۽ هن وقت اها دنيا جي ننڍين آزاد رياستن مان هڪ آهي جنھن جي آبادي پنج لک کان بہ گهٽ آهي.

پاڪستان جو جديد پنجابي ادب: هڪ نڪتہ نظر

احمد سليم جو ڪتاب ”جديد پنجابي ادب- ايڪ سواليہ نشان“ پاڪستان جي پنجابي ادب متعلق آهي. ان ڪتاب ۾ ِ جديد ۽ قديم پنجابي ڪلاسيڪي ادب جو جائزو ورتو ويو آهي. هو ويدن کان شروعات ڪري ٿو، جن ۾ سندس چواڻي تہ پنجابي جا مختلف لفظ آهن. ساڳي وقت هو بابا فريد، وارث شاه، بلي شاه، بابا گرونانڪ ۽ ماڌو لال حسين جي ان وقت جي لحاظ کان شاعري جي اهميت تي پڻ روشني وجهي ٿو. سندس چوڻ آهي تہ هير تہ گهڻن شاعرن لکي آهي، پر وارث شاه جي هير جي ان ڪري اهميت آهي تہ ان ۾ نادرشاه جي پنجاب تي حملي کانپوء جيڪي ماڻھن جا ڏک آهن، ان جا اولڙا ملن ٿا.
ساڳي ريت بابا فريد جي شاعري ۾ موت جي دھشت هڪ وڏي روحاني عمل جو حصو ان ڪري ٿي سگهي تہ ان جي پويان پنجاب ۾ منگول غارت گيري جو پورو ريڪارڊ هو ۽ بلي شاه جي شاعري ۾ موت جو حوالو ابدالي حملن جي رتو ڇاڻ سان گڏوگڏ بابا فريد جي ان روايت جو تسلسل بہ هو جيڪو ان کي ستقبل ۾ ڏسڻ تي مائل ڪندو هو.
دلا ڀٽي مغل بادشاه اڪبر جي دور جو هڪ ڪردار آهي جنھن جي پي فريد کي زوري ڍل نہ ڏيڻ جي ڪري ڦاهي ڏني ويئي هئي، جنھن جي ردعمل ۾ دلا بغاوت جي واٽ اختيار ڪئي هئي. هو ظلم خلاف پنجاب جي هارين جي جدوجھد جو نمائندہ ڪردار هو. دلا کي گرفتار ڪري جڏهين ڦاهي ڏني ٿي ويئي، ان وقت ماڌو لال حسين بہ اتي موجود هو. ماڌو لال حسين جي شاعري کي هو دلا جي بغاوت جو اظھار چئي ٿو. سندس خيال ۾ اڪبر جو دين الاهي اصل ۾ ملڪ جي مختلف مذهبن سان واسطو رکندڙ اشرافيا جو هڪ ڳٺجوڙ هو، جنھن جو مقصد هيٺئين طبقي ۽ خاص طور هارين ۾ ڦھليل بيچيني ۽ سندن مسئلن کان ڌيان هٽائي انھن جي بغاوتن کي ڪچلڻ هو.
انگريزن جي دور ۾ پنجابين جو هڪ تہ فوج ۾ هندوستان جي ڪل آبادي جي تناسب کان وڌيڪ حصو هو ۽ ٻي ڳالھہ تہ انھن 1857 جي آزادي جي جنگ ۾ ڪٿي ڪٿي مزاحمت کانسواء ان کي ڪچلڻ ۾ انگريزن جو ساٿ ڏنو هو. پوء سکن غدر پارٽي ۽ ٻين مختلف طريقن سان انگريزن جي مزاحمت ڪئي جڏهين تہ پنجابي مسلمان سر سيد جي علي ڳڙه تحريڪ جي پوئواري ڪندي انگريز جو ساٿ ڏنو. اهڙي ريت ورهاڱي کان اڳ مسلمانن اڙدو کي ترجيح ڏني ٿي جڏهين تہ سکن گورمکي رسم الخط ۾ پنجابي لکڻ کي ترجيح ڏني ٿي.
ان جو اهو مطلب ناهي تہ سکن پنجابي ۾ ترقي پسند ادب تخليق ڪيو ۽ مسلمانن اڙدو ۾ سامراج دوست ادب. ڳالھہ ان جي ابتڙ ٿي. ترقي پسند ليکڪن جي ادبي تحريڪ سان لاڳاپيل هئڻ ڪري اڙدو ۾ لکندڙن ترقي پسند ادب جي تخليق ڪئي جڏهين تہ پنجابي ۾ لکندڙ اديب ائين نہ ڪري سگهيا.
سندس چوڻ آهي تہ پاڪستان ۾ پنجابي ادب جي شروعات ورهاڱي کان پوء ٿي. شروعاتي دور ۾ پاڪستان ۾ وڏيون تبديليون آيون. لياقت علي خان جو آمريڪا جو دورو، پنڊي سازش ڪيس، ڪميونسٽ پارٽي ۽ ڊي ايس ايف تي پابندي، بنگال ۾ ٻولي جي تحريڪ کي دٻائڻ جي ڪوشش، ون يونٽ جو قيام ۽ ايوب خان جو مارشل لاء وغيرہ اهم واقعا هئا، جن متعلق بنگالي ۽ سنڌي ۾ لکيو پئي ويو ۽ ڪتاب ضبط پئي ٿيا پر پنجاب ۾ امروز جي پنجابي صفحي ۽ پاڪستان ٽائمز جي ڪجهہ ڪالمن، احمد راهي جي رسالي ترنجن ۽ نواز جي افسانن جي ڪتاب جي ڪمزور آواز کانسواء مڪمل خاموشي هئي. ايستائين تہ ان دور ۾ پشتو ۽ بلوچي ۾ ڀرپور ادب تخليق ۽ ضبط ٿي رهيو هو.
ليکڪ پنجابي ادب جي هڪ اهم مسئلي جي نشاندہي ڪئي آهي. سندس چوڻ آهي تہ نہ رڳو ملڪ جي اهم قومي ٻولين سنڌي، پنجابي، پشتو ۽ بلوچي کي علائقائي ٻوليون قرار ڏنو ويو پر لاهور کانسواء پنجاب جي ٻين علائقن جي لھجن کي علائقائي قرار ڏيئي، انھن جي تحقير ڪئي ويئي. لاهور مغل ۽ انگريز دور ۾ بہ پنجابي ادب جو اهم مرڪز رهيو هو، جيڪا حيثيت ان جي پاڪستان ٺھڻ کانپوء بہ برقرار رهي. ٻين علائقن جي لھجن وغيرہ کي ان وقت مڃتا ملڻ شروع ٿي جڏهين انھن علائقن جا ليکڪ لاهور ۾ اچي رهڻ لڳا.
ايوب جي مارشل لاء سان پنجابي ادب جي صورت تبديل ٿيڻ لڳي ۽ گهڻا اديب سامھون آيا جن مان گهڻا جيتوڻيڪ اڙدو ۾ لکندا هئا پر سندن حوالو پنجابي جو هو. پنجابي ادبي مجلس جو قيام عمل ۾ آندو ويو. ان ۾ شامل گهڻن اديبن جو واسطو کاٻي ڌر سان هو ۽ اهي پنجابي ۾ جديد اظھار جا حامي هئا. ان ڪارڻ جلد ئي مجلس تي پابندي لڳائي ويئي ۽ ان جي رسالي کي بند ڪيو ويو.
ان دور ۾ رسالو پنجابي ادب ڄڻ هڪ ادارو بڻجي ويو هو. سنڌ ۾ هلندڙ ٻولي ۽ قومي حقن جي تحريڪ کان متاثر ٿي سنڌي ادبي سنگت جي طرز تي پنجابي ادبي سنگت جو قيام عمل ۾ آندو ويو. ان دور ۾ ئي ڪراچي جي هڪ اڳوڻي ڪمشنر ۽ پنجاب جي سرمايا دارن ۽ وڏن زميندارن جي نمائندي نياز محمد خان پنجاب جي حقن جي تحريڪ شروع ڪئي ۽ اهو چيو تہ پنجاب سان گهڻيون زيادتيون ٿيون آهن ۽ اهو هڪ مظلوم صوبو آهي. ان ڳالھہ کي پاڪستان ٽائمز گهڻي اهميت ۽ پبلسٽي ڏني.
پنجابي اديب ساڳي وقت هيرو جي ڳولھا ۾ هو جيڪو ان کي دلاڀٽي جي صورت ۾ نظر آيو ۽ ماڌو لال حسين ان جو دانشورانا اظھار هو. نجم حسين سيد ان تحريڪ جو روح روان هو. اهڙو هيرو جيڪو مظلومن جي پاسي هجي ۽ ظالمن سان ويڙه ڪري. اهو تہ نہ ٿو چئي سگهجي تہ شعوري طور ائين ٿيو پر هتي ان جي ابتڙ ٿيو ۽ پاڪستان ۾ ٻين قوميتن سان جيڪي ڪجهہ ٿي رهيو هو ان جي نہ رڳو نندا نہ ڪئي ويئي پر ان کي صحيح ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي.
26 مارچ تي دلا ڀٽي کي لاهور ۾ ڦاهي ڏني ويئي هئي ۽ ان تاريخ تي پنجابي اديب گڏجي ماڌو لال حسين جي مزار تي ويندا آهن. 26 مارچ 1971 تي جڏهين اوڀر بنگال ۾ آپريشن شروع ڪيو ويو هو تہ پنجابي اديب مزار تي وڃڻ لاء پاڪ ٽي هائوس وٽ گڏ ٿيا. ليکڪ جو چوڻ آهي تہ هن کين ان آپريشن جي نندا ڪرڻ لاء چيو، پر ڪنھن بہ سندس ڳالھہ نہ ٻڌي ۽ نچندا ٽپندا مزار تي پھتا. رڳو هن ۽ هڪ اڌ ٻئي شاعر ان متعلق نظم لکيا.

سنڌو تھذيب: ڪجهہ سوال

هن وقت ڀارت ۾ اوائلي تاريخ ترقي پسند ۽ هندوتوا جي حامي تاريخدانن وچ ۾ هڪ جنگ جو ميدان بڻيل آهي. خاص طور اها ڳالھہ تہ آيا آريا ٻاهران آيا هئا، يا اهي هتان جا مقامي هئا. ٻي ڳالھہ تہ ڇا سنڌو تھذيب، جنھن کي هڙپا تھذيب بچيو وڃي ٿو، کي آريا حملي آورن تباه ڪيو يا ان جي ختم ٿيڻ جا ڪي ٻيا ڪارڻ هئا.
ان سلسلي ۾ مون تازو ممبئي ۾ رهندڙ هڪ ليکڪ ديودت پٽانائڪ جو انٽرويو ٻڌو ۽ سندس ڪتاب 100 Reflections on the Harappan Civilization- AHIMSA جو جائزو ورتو. ليکڪ جو بنيادي موضوع ڏند ڪٿائن جو ماڻھن جي ثقافت ۽ زندگي تي پوندڙ اثرن جو مطالعو ڪرڻ آهي. پيشي جي لحاظ کان هو ميڊيڪل ڊاڪٽر آهي، پراٽڪل ٽيھہ سالن کان ان موضوع تي ڪم ڪري رهيو آهي ۽ پنجاه کن ڪتاب لکيا آهن. سندس چوڻ آهي تہ ڏند ڪٿائن جي ماڻھن جي زندگي ۾ وڏي اهميت آهي ۽ ان کاسواء سندن جياپو ڏکيو آهي.
سچ تہ اهو آهي تہ اسان کي سنڌو تھذيب جي ڄاڻ انگريزن جي ڪري ٿي. ان کان اڳ اهو سمجهيو ويندو هو تہ ستن دريائن جي ان سرزمين تي مانو جي وارث بادشاهن ۽ ڏاهن ماڻھن جو راڄ هو جيڪي سنسڪرت ڳالھائيندا هئا ۽ سماج سناتن ڌرم ۽ مانو جي اصولن موجب چار ذاتين ۾ ورهايل هو. مسلمانن جي اچڻ کانپوء اهو سڀ تبديل ٿي ويو ۽ مندرن جي جاء تي مسجدون قائم ٿي ويون ۽ سنسڪرت جي جاء فارسي ورتي. ايستائين تہ ٻڌمت، اشوڪ ۽ سڪندر اعظم جو هندوستان ۾ اچڻ وغيرہ پڻ وساريل باب هئا. پر اوڻھويھين صدي ۾ انگريزن جي قائم ڪيل ايشياٽڪ سوسائٽي جنھن گهڻن قديم مسودن جو ترجمو ڪيو ۽ انڊيا جي آرڪيالوجيڪل سوسائٽي جنھن گهڻن قديم ماڳن کي دريافت ڪيو، ان سڄي سوچ کي تبديل ڪري ڇڏيو. ان سڄي ڪوشش پويان اها ڳالھہ بہ هئي تہ بائبل جي ان نطرئي کي ثابت ڪجي تہ هي دنيا 4004 قبل مسيح ۾ شروع ٿي پر سائنس ان نظرئي کي ان لحاظ کان غلط ثابت ڪيو تہ هڪ تہ ويد بائبل کان اڳ لکيا ويا هئا ۽ ٻيو تہ هڙپا جي تھذيب ويدن کان بہ اڳ جي آهي.
1924 ۾ دنيا کي سنڌو تھذيب جي ڄاڻ پھرين هڙپا ۽ پوء موئين جو دڙو جي دريافت وسيلي پئي. ليکڪ سنڌو تھذيب جي ڪجهہ اهم ڳالھين تي روشني وڌي آهي. سندس چوڻ آهي تہ ان تھذيب جي شھرن مان ڪي هٿيار نہ مليا آهن. اها ڳالھہ انھن جي پرامن هئڻ جي ثابتي آهي. ان جو ڪارڻ سندس نظر ۾ اهو آهي تہ اهو بنيادي طور واپارين جو سماج هو، جنھن کي جنگ کان وڌيڪ امن جي ضرورت هئي. اصل حڪومت تہ انھن واپارين جي هئي ۽ بادشاه تہ رڳو سندن نمائندو ۽ سندن مفادن جو تحفظ ڪندڙ هو جيئن اڄ جي سماجن ۾ بہ آهي. انھن جو واپار بابل، سمير ۽ دنيا جي ڏورانھن علائقن سان هو. جڏهين مصر ۾ اهرام تعمير ٺھي رهيا هئا تہ هتان جا ماڻھو پنھنجي واپار ۾ رڌل هئا. مصر ۾ گهري نيري رنگ جا جيڪي پٿر(Lapis Lazuli) مليا آهن اهي رڳو افغانستان ۾ ملن ٿا. اهي سنڌو وسيلي مڪران، ايراني نار ۽ ميسوپوٽيما کان ٿيندا اٽڪل پنج هزار ميل جو فاصلو طئي ڪري مصر پھتا آهن. ان مان سنڌو تھذيب جي شھرن جي سپلائي چين ۽ اتان جي امن امان جي صورتحال جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو.
اتي طبقاتي نظام بہ موجود هو جنھن جي خبر شھرن جي بيھڪ مان ملي ٿي تہ مٿين حصي ۾ حڪمران ۽ امير رهندا هئا جڏهين تہ هيٺئين حصي ۾ پورهيت ۽ غريب رهندا هئا ۽ انھن مٿي رهندڙ ماڻھن کي هيٺ رهندڙ ماڻھن جي ڀيٽ ۾ خاص طور پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪال جي حوالي سان وڌيڪ شھري سھولتون حاصل هيون. پريسٽ ڪنگ جو ڪم مختلف گروهن جي وچ ۾ اختلافن کي ختم ڪرڻ ۽ امن ۽ شانتي کي برقرار رکڻ هو. ان جي ڄاڻ پريسٽ ڪنگ جي چوڌاري مختلف جانورن، جيڪي مختلف قبيلن ۽ گروهن جي نمائندگي ڪن ٿا، جي گڏ هئڻ مان پڻ ملي ٿي.
مذهب جي حوالي سان سندس چوڻ آهي تہ ان متعلق يقين سان ڪجهہ نہ ٿو چئي سگهجي. ويد، جيڪي هندو يا سناتن ڌرم جو بنياد آهن، جي لکڻ جي شروعات ان تھذيب جي ختم ٿيڻ جي پنج سو سالن کان پوء ٿي. اها تھذيب 2500 کان 1900 قبل مسيح تائين رهي. ان جي ختم ٿيڻ جو ڪارڻ آريا نہ هئا جيڪي ان تھذيب جي ختم ٿيڻ جي اٽڪل پنج سو سالن کان پوء آيا ۽ ويدن جي لکڻ جو عرصو 1500.کان 500 قبل مسيح آهي. ان جي ختم ٿيڻ جي ڪارڻن ۾ موسم جي تبديلي، دريائن جو لنگه بدلائڻ، مون سون جو باقاعدي نہ رهڻ، نون تجارتي رستن جو سامھون اچڻ ۽ اڪاڊين سلطنت جي سمير ڪلچر تي حاوي ٿيڻ ڪري هتان جي شين جي گهرج ۾ گهٽتائي وغيرہ ٿي سگهن ٿا.
آريا ڀارت کان ٻاهران آيل ماڻھو هئا. سندن ٻولي سنسڪرت کي ٻين ٻولين جي بنياد طور پيش نہ ٿو ڪري سگهجي. ان جي ثابتي طور هو اها ڳالھہ ڪري ٿو تہ هتي جيڪي جانور هئا انھن ۾ گهوڙو شامل نہ هو جيڪو آريائن هتي آندو هو.
اهڙي ريت سنڌو تھذيب متعلق گهڻا سوال آهن. اهم ڳالھہ هتان جي لکت کي پڙهڻ آهي جنھن سان ان بحث ۾ هڪ اهم پيش رفت ٿي سگهي ٿي.

جناح لياقت تضاد

جناح لياقت تضاد اور پنجابي مھاجر تضاد پاڪستان جي سياسي تاريخ جي ٻارنھن ڪتابن تي مشتمل سيريز جو حصو آهي. ان جو ليکڪ زاهد چوڌري ۽ تڪميل ۽ ترتيب حسن جعفر زيدي جي آهي. ان جو پھريون ايڊيشن 1990 ۽ ٻيون ايڊيشن 2013 ۾ شائع ٿيو. جناح ۽ لياقت جي تضاد جو بنيادي ڪارڻ اهو هو تہ جناح هڪ بورجوا ۽ شھري پسمنظر رکندڙ شخص هو ۽ سندس زمينداري وغيرہ سان ڪو واسطو نہ هو جڏهين تہ لياقت هڪ وڏو زميندار هو، جنھن جون يوپي ۽ پنجاب ۾ ڪرنال ۾ زمينون هيون ۽ هن زميندارن جي مفاد لاء ڪم ڪيو. ان مقصد لاء هو مسلم ليگ کان ڌار ٿي پنجاب ۽ يوپي جي زميندارن جي ايگريڪلچرسٽ پارٽي پاران چونڊن ۾ بہ بيٺو. هو انگريز حڪومت پاران انگلنيڊ ويندڙ هڪ اهڙي ٽريڊ وفد جو حصو بہ رهيو، جنھن جو مقصد ڪپھہ جي وڌيڪ قيمت حاصل ڪرڻ هو. ظاهر ڳالھہ آهي تہ ان جو نقصان صنعتڪارن کي هو جن جو وڏو تعداد غير مسلم هو. جناح پاران ان وفد جي انگلينڊ وڃڻ ۽ ڪپھہ جي قيمتن جي وڌڻ جي مخالفت ڪئي ويئي، جنھن جي ڪري کيس اهو چيو ويو تہ هو مسلمانن جي مقابلي ۾ هندن جي حمايت ٿو ڪري. يوپي جي زميندارن نواب محمد يامين ۽ ٻين کي اهو خدشو هو تہ جيئن ڪانگريس ۽ خاص طور نھرو اهو چئي چڪو هو تہ اهي زرعي سڌارا ڪندا، جنھن تحت وڏيون زميداريون ختم ٿي وينديون. انھن زميندارن ۾ گهڻائي مسلمانن جي هئي ۽ گهڻو نقصان انھن جو ئي ٿيڻو هو. جناح جي لاء انھن اهو سمجهيو ٿي تہ هو مسلمان عوام کي متحرڪ ڪري سگهي ٿو، جنھن جي ڪري مسلم ليگ کي انگريزن سان سودي بازي ڪرڻ ۽ پنھنجا مفاد حاصل ڪرڻ ۾ سولائي رهندي. ان جي برخلاف جناح انھن جاگيردارن کي بلڪل پسند نہ ڪندو هو ۽ نہ ئي هو مذهبي بنيادن تي رڳو مسلمانن جي سياست ڪرڻ لاء تيار هو.
لارڊ مائونٽ بيٽن دولت مشترڪہ ۽ تاج برطانيا جي نمائندي طور اهو چاهيو ٿي تہ هو ٻنھي ملڪن جو اوستائين گورنر جنرل هجي جيستائين اهي ٻيئي پنھنجو آئين نہ ٺاهي وٺن. نھرو ان ڳالھہ تي راضي هو پر جناح انھن ڌمڪين جي باوجود تہ کيس ان انڪار جا نتيجا ڀوڳڻا پوندا ان ڳالھہ تي راضي نہ ٿيو ۽ پاڻ نئين ملڪ جو گورنر جنرل ٿيو. هندوستان ۾ گورنر جنرل وٽ نالي ماتر اختيار هئا جڏهين تہ باقي سڀ اختيار وزير اعظم وٽ هئا، پر پاڪستان ۾ ائين نہ ٿيو. هتي مختلف قانون منظور ڪري ۽ موجودہ قانونن ۾ ترميمون ڪري سڀ اختيار گورنر جنرل جي ذات ۾ مرتڪز ڪيا ويا جڏهين تہ لياقت علي خان نالي ۾ تہ وزير اعطم هو، پر سندس حيثيت هڪ سينيئر وزير کان وڌيڪ نہ هئي. اهم فيصلا جناح ئي ڪندو هو. سرحد، سنڌ ۽ پنجاب وغيرہ جي حڪومتن ۾ جيڪي تبديليون ۽ ڀڃ ڊاه وغيرہ ٿي، اها جناح جي مرضي، منشا ۽ حڪم مطابق ئي ٿي.
جناح جي صحت جي جوالي سان لياقت کي اها ڄاڻ هئي تہ هو گهڻو وقت جيئرو نہ رهندو. اهو پاڻ هڪ سوال هو تہ بيماري جي حالت ۾ کيس زيارت جھڙي ڏورانھين علائقي ۾ ڇو منتقل ڪيو ويو جتي طبي سھولت نہ هئي ۽ ڪوئيٽا اچڻ لاء بہ وڏا ڪشالا ڪڍڻا پوندا هئا. ان بيماري دوران لياقت جڏهين کيس ڏسڻ آيو تہ سندن اها ملاقات گهڻي خوشگوار نہ هئي. ان ملاقات ۾ فاطمہ جناح موجود نہ هئي. ان ملاقات ۾ ڇا ٿيو ان جي ڪا خبر نہ پيئي پر جناح جي ڊاڪٽر ڪرنل الاهي بخش جو چوڻ آهي تہ ان کان اڳ جناح جي طبيعت ۾ بھتري اچڻ شروع ٿي هئي پر پوء هن دوائن وغيرہ وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ اهو تاثر ڏنو تہ سندس زندگي ۽ ملڪ جي معاملن مان دلچسپي ختم ٿي ويئي هئي. لياقت علي خان ڪرنل الاهي بخش کان جناح جي طبيعت متعلق پڇيو پر هن اهو چئي انڪار ڪري ڇڏيو تہ هو پنھنجي مريض جي معلومات ڪنھن کي بہ نہ ڏيندو. ساڳي وقت هن اهو ٻڌائڻ کان بہ انڪار ڪيو تہ جناح سندن وڃڻ کان پوء کيس ڇا چيو هو. ان ڳالھہ جي باوجود تہ کيس اهو چيو ويو تہ جيڪڏهين پوء اهڙي ڪا ڳالھہ ظاهر ٿي تہ سندس لاء چڱو نہ ٿيندو. ڊاڪٽر جي وفات کانپوء جڏهين سندس پٽ کان ان سلسلي ۾ پڇيو ويو تہ هن بہ پنھنجي لاعلمي جو اظھار ڪيو.
جناح جي صحت کان مايوس ٿي ڊاڪٽر پاران کيس ڪراچي کڻي وڃڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ان وقت هڪ تہ ماري پور ايئر بيس تي جناح جي آجيان ڪرڻ لاء وزيراعظم ۽ ٻيو ڪو اعلا عملدار موجود نہ هو ۽ ٻي ڳالھہ تہ کيس ايئرپورٽ کان گهر تائين کڻي وڃڻ لاء جيڪا ايمبولينس ڏني ويئي اها رستي ۾ خراب ٿي پيئي ۽ ملڪ جو گورنر جنرل ڪلاڪن تائين سڙڪ تي بيوسي جي حالت ۾ پيو رهيو جيستائين ٻيو ڪو متبادل بندوبست ٿي سگهي. ان ڳالھہ جو ظاهر ٿيڻ ماڻھن جي ڪاوڙ جو باعث ٿي سگهيو ٿي، جيڪا ڳالھہ لياقت ۽ سندس ساٿين لاء چڱي نہ هئي. انھن پنھنجي بچاء ۾ اهو جواز ڏنو تہ فاطمہ جناح پاران کين جناح جي ڪراچي اچڻ جي پروگرام متعلق آگاه نہ ڪيو ويو هو ان ڪري ايئر پورٽ تي سندس آجيان لاء ڪو ماڻھو موجود نہ هو. بھرحال ان جي ڪجهہ ڏينھن کانپوء جناح جي وفات ٿي ۽ پاڪستان هڪ نئين مرحلي ۾ داخل ٿي ويو.

مونجهاري جو دور

ڪتاب ”جناح لياقت تضاد اور مھاجر پنجابي تضاد“ ۾ مختلف اڳواڻن متعلق پڙهندي اهو محسوس ٿئي ٿو تہ اهو عام ماڻھن کان وڌيڪ ان تحريڪ ۾ شامل اڳواڻن لاء هڪ مونجهاري جو دور هو، جنھن ۾ عام ماڻھو تہ ٺھيو اهي اڳواڻ ئي اهو فيصلو نہ پيا ڪري سگهن تہ کين ڪرڻو ڇا هو. جناح پاڻ ورهايل بنگال ۽ پنجاب تي مشتمل هڪ ملڪ وٺڻ لاء ذهني طور تيار نہ هو. گهڻا اڳواڻ ساڳي وقت مسلم ليگ ۽ ڪانگريس سان رابطي ۾ هئا.
حسين شھيد سھروردي ملڪ جو هڪ اهم اڳواڻ هو. هو ان وقت گڏيل بنگال جو وڏو وزير هو. سندس اها ڪوشش هئي تہ بنگال هڪ ڌار ملڪ طور متحد رهي. ان سلسلي ۾ اصل ڳالھہ ڪلڪتي جي بندرگاه جي هئي. سندس تجويز تي جناح ڪو ردعمل ظاهر نہ ڪيو پر سمجهيو اهو ٿي ويو تہ کيس ان ڳالھہ تي ڪو اعتراض نہ هو. سھروردي ڪلڪتي ۾ هندو مسلم فسادن وقت شھر ۾ امن امان بحال ڪرڻ لاء گانڌي سان گڏجي ڪم ڪيو هو. جيتوڻيڪ ان تجويز تي ڪانگريس جا ڪجهہ مقامي هندو اڳواڻ سھروردي سان گڏ هئا، پر هڪ تہ بنگال جي هندو آبادي جي گهڻائي ان جي حق ۾ نہ هئي ۽ ان ڀارت سان شامل ٿيڻ چاهيو ٿي ۽ ٻيو تہ ڪانگريس هڪ جماعت جي طور ۽ ان جا اڳواڻ نھرو ۽ گانڌي وغيرہ بہ ان ڳالھہ جي حق ۾ نہ هئا. ساڳي وقت اها ڳالھہ انگريز، جنھن ننڍي کنڊ کي مذهب جي بنياد تي ٻن ملڪن ۾ ورهائڻ چاهيو ٿي، جي رٿا سان بہ مطابقت نہ پئي رکي.
بنگال جي ورهاڱي جي صورت ۾ اوڀر بنگال جي ڪلڪتي کانسواء ڪا حيثيت نہ هئي. ڪانگريس جا اڳواڻ ان ڳالھہ تي بہ راضي نہ هئا تہ اها بندرگاه ٻيئي ملڪ استعمال ڪن. ايستائين تہ جڏهين سردار پٽيل آڏو اها تجويز رکي ويئي تہ ان بندرگاه کي ڇھن مھينن لاء پاڪستان کي استعمال ڪرڻ ڏنو وڃي تہ سندس جواب هو تہ ڇهہ مھينا ڇا ڇهہ ڏينھن لاء بہ ائين نہ ٿو ڪري سگهجي. سھروردي اهو فيصلو نہ پئي ڪري سگهيو تہ هو ٻنھي ملڪن مان ڪنھن جي شھريت اختيار ڪري. هو ساڳي وقت پاڪستان ۽ ڀارت جي اسمبلين جو رڪن هو ۽ انھن کي خطاب ڪندو هو. ساڳي ريت هو ٻنھي ملڪن ۾ اچ وڃ ڪندو رهندو هو. لياقت علي خان کي منجهانئس اهو خطرو ٿي محسوس ٿيو تہ هو سندس متبادل ٿي سگهيو ٿي. ان جو ڪارڻ اهو هو تہ هو پنھنجي زندگي گذارڻ جي طور طريقن ۽ سياست ۾ هڪ بورجوا هو ۽ اهڙي ريت لياقت جي ڀيٽ ۾ جناح جي وڌيڪ ويجهو هو. ان ڪري لياقت نہ رڳو عام جلسن ۾ کيس ڪچيون گاريون ڏنيون ۽ کيس دشمن ملڪ جو ايجنٽ قرار ڏيندي، سندس دستور ساز اسمبلي جي رڪنيت بہ ختم ڪرائي ڇڏيائين. سھروردي نيٺ پاڪستان ۾ ئي رهڻ جو فيصلو ڪيو ۽ هتي ئي سياست ڪرڻ لڳو.
چوڌري خليق الزمان جو معاملو بہ عجيب هو. يوپي سان واسطو رکندڙ هڪ وچولي طبقي جو ماڻھو پر اتان جي تعلقي دارن ۽ نوابن جي صحبت ۾ ۽ انھن جي ويجهو رهڻ ڪري انھن جي وڏ ماڻهپي ۽ ڍاڙ ٻٽاڪ واريون گهڻيون عادتون منجهس اچي ويون هيون. هو ڪانگريس ۾ رهيو ۽ پوء مسلم ليگ سان بہ رابطي ۾ آيو. سندس چوڻ هو تہ جناح ساڻس صلاح مشوري ۽ ان ڳالھہ جي پڪ ڪرڻ کانپوء تہ هو ساڻس گڏ هوندو مسلم ليگ جي صدارت قبول ڪئي هئي ۽ هندوستان ۾ رهڻ جو فيصلو ڪيو هو. ورهاڱي وقت جناح کيس اها ذميواري ڏني هئي تہ هو ڀارت ۾ رهندو ۽ اتان جي مسلمانن جي مفادن جي سار سنڀال ۽ حفاظت ڪندو پر ڪجهہ وقت کانپوء هو پاڪستان اچي ويو ۽ جناح سان ملاقات کانپوء جناح جي ناراضگي جي باوجود هتي ئي رهڻ لڳو. هتي هن پنھنجي پٽن، مائٽن ۽ پنھنجي نالي ۾ گهر، زمينون ۽ ڪارخانا الاٽ ڪرايا ۽ ڪجهہ عرصي کانپوء مسلم ليگ جو چڱو مڙس ۽ سياسي سازشن ۽ ڀڃ ڊاه جو هڪ اهم ڪردار بڻجي ويو.
ڏٺو وڃي تہ اها غيريقيني وڏن اڳواڻن کان وٺي عام ماڻھن تائين ڦھليل هئي. ٻنھي ملڪن جي وچ ۾ گهڻي عرصي تائين ويزا ۽ ٻيون سفري پابنديون ۽ اچڻ وڃڻ تي ڪا بندش نہ هئي، ان ڪري گهڻي عرصي تائين ماڻھن جي اچ وڃ جاري هئي. گهڻن کي يقين نہ هو تہ اڳتي ڇا ٿيندو. گهڻن اهو سمجهيو ٿي تہ اها سڄي لڏپلاڻ وغيرہ هڪ عارضي معاملو هئي ۽ اهي حالتن جي معمول تي اچڻ کانپوء پنھنجن گهرن ڏانھن موٽي ويندا. ايستائين تہ جناح جي درخواست تي نھرو جناح جو بمبئي وارو گهر ڪنھن پرڏيھي مشن کي ٽي هزار روپيا ماهوار مسواڙ تي ڏيڻ لاء راضي ٿيو هو ۽ ان کي Enemy Property قرارنہ ڏنو هو. گهڻا جيڪي هڪ جنت جي ڳولھا ۾ خاص طور ڪراچي آيا هئا، هتي عام مھاجرن جي حالت ڏسي واپس پنھنجن گهرن ڏانھن موٽيا هئا.
هڪ ڊگهي عرصي کانپوء نيٺ ٻنھي پاسن جي ماڻھن اهو سمجهي ورتو تہ وقت کي پوئتي نہ ٿو موٽائي سگهجي ۽ جيڪو ٿي ويو ان کي قبول ڪرڻ گهرجي.

جناح کانپوءِ

”“جناح لياقت تضاد اور پنجابي مھاجر تضاد ۾ ليکڪ جناح جي وفات کانپوء ملڪ جي جيڪا صورتحال هئي، ان تي روشني وڌي آهي. فاطمہ جناح جو اهو خيال هو تہ هاڻي کيس گورنر جنرل ڪيو ويندو ۽ کيس اهي ئي اختيار حاصل هوندا، جيڪي سندس ڀاء جناح کي هئا. پر ائين نہ ٿيو. هڪ تہ خواجہ ناظم الدين کي گورنر جنرل ڪيو ويو ۽ ٻيو تہ هاڻي اختيار بجائي گورنر جنرل جي وزير اعظم وٽ هئا. ساڳي وقت اڳ خاتون اول جو جيڪو رتبو فاطمہ جناح کي حاصل هو، اهو هاڻي بيگم رعنا لياقت کي حاصل ٿيو. ان ڳالھہ جي باوجود تہ فاطمہ جناح کي سيڪيوريٽي ۽ پروٽوڪول وغيرہ مھيا ڪيو ويو هو پر سندس لياقت علي خان سان چپقلش باقي رهي.
مھاجرن جي رياستي معاملن ۾ عمل دخل ۽ اهم عھدن تي انھن جي تعيناتي خاص طور پنجاب ۾ هڪ ڪاوڙ ۽ ناراضگي کي جنم ڏنو. پنجاب جي اڀرندڙ وچولي طبقي ۽ جاگيردارن کي نوڪرين ۽ رياستي معاملن ۾ وڌيڪ حصو گهربل هو. ساڳي وقت سک ۽ هندو پنجاب ۾ وڏي ملڪيت ڇڏي ويا هئا، جنھن تي پنجابي مسلمانن پنھنجو حق سمجهيو ٿي ۽ ان کي ڪليم ۾ مھاجرن کي ڏيڻ جي مخالفت ٿي ڪئي. جناح پنجاب جي سياست ۾ جيڪي تبديليون ڪري ويو هو ان بہ لياقت لاء مسئلن کي جنم ڏنو هو. هن ممتاز دولتانا جي حڪومت کي ختم ڪري افتخار حسين ممدوٽ کي اتي جو وڏو وزير مقرر ڪيوهو. دولتانا گهڻو پڙهيل ڳڙهيل ۽ چالاڪ سياستدان هو، جڏهين تہ ممدوٽ واجبي پڙهيل لکيل هو. ٻي ڳالھہ تہ دولتانہ جو واسطو اولھہ پنجاب سان هو ۽ هتي سندس زمينون ۽ علاِئقي جي ٻين جاگيردارن سان واسطا هئا جڏهين تہ ممدوٽ مھاجر هو، کيس ڪليم ۾ زمين ملي هئي ۽ سندس پنجاب جي زميندارن سان گهڻا واسطا بہ نہ هئا. فاطمہ جناح ممدوٽ جي پاسي هئي ۽ هن سندس ڌر جي جاگيردارن ۽ وچولي طبقي جي حمايت ٿي ڪئي.
لياقت علي دولتانہ جي پاسي هو. سندس اها ڪوشش هئي تہ ڪراچي سان گڏ پنجاب ۾ بہ پنھنجو حلقو قائم ڪيو وڃي ۽ اتي اوڀر پنجاب ۽ خاص طور ڪرنال، جنھن سان لياقت علي جو واسطو هو، جي غير پنجابي مھاجرن کي زمينون، گهر ۽ ٻيون ملڪيتون ڏنيون وڃن، جيڪي سياسي لحاظ کان سندس پاسي هوندا. ان حوالي سان سندس خواهش هئي تہ يوپي جا مسلمان وڌ ۾ وڌ پاڪستان اچن ۽ هتي نوڪريون ۽ ملڪيتون حاصل ڪن. ان جو مک ڪارڻ اهو هو تہ نامياري تاريخدان اشتياق حسين قريشي ۽ ٻين جو اهو خيال هو تہ خاص طور دھلي ۽ يوپي جا مسلمان اصل وچ ايشيا مان آيل حملہ آورن جو اولاد آهن ۽ منجهن اهو ئي رت موجود آهي. ان جو ڪارڻ هو عربن جي روايت ڪفو کي ڄاڻائي ٿو. جنھن مطابق خاندان ۾ ئي شاديون ٿينديون آهن. ان ڪري انھن ۾ هندوستان جي ديسي ماڻھن جي رت جي ملاوٽ ناهي. مغل حڪمرانن مان رڳو ٻن جون مائرون غير مسلم هيون. گهڻا مھاجر لياقت علي جو شجرو نوشيروان عادل سان وڃي ملائيندا هئا. انھن ماڻھن کي پاڪستان ۾ نوڪرين ڏيڻ لاء لياقت علي 15 سيڪڙو ڪوٽا عازم ترڪ وطن مطلب اهڙن ماڻھن لاء جيڪي اڃا پاڪستان نہ آيا هئا پر اهي اچي سگهيا ٿي لاء رکيو. مقصد يوپي جي ماڻھن کي نوڪرين ۾ آڻڻ هو. ان لالچ ۾ گهڻا جھازن ۾ چڙهي پاڪستان پھتا. جڏهين تہ هندوستان ۾ گهڻن مسلمانن کي زوري گهرن مان ڪڍي ان بھاني لڏڻ تي مجبور ڪيو ويو تہ اهي پاڪستان وڃڻ چاهين ٿا. ان پاليسي کي ان وقت ختم ڪيو ويو جڏهين خاص طور پنجاب پاران ان جي مزاحمت ڪئي ويئي ۽ اهو ڏٺو ويو تہ بجائي يوپي جي هندوستان جي ٻين علائقن جي مسلمانن وڏي تعداد ۾ پاڪستان اچڻ شروع ڪيو.
ملڪ جي سڀني اخبارن ان سڄي معاملي تي ٽيڪا ٽپڻي ڪئي پر انھن ۾ نوائي وقت ۽ ان جي ايڊيٽر حميد نظامي، جيڪو ممدوٽ جي پاسي هو، جو رويو پنجاب جي حوالي سان جانبدارانا هو. هن جو سڄو زور ان ڳالھہ تي هو تہ پنجاب سان نوڪرين ۽ ٻين معاملن ۾ ناانصافي ٿي رهي هئي ۽ لياقت جي حڪومت مھاجرن کي ورسائي رهي هئي. ساڳي وقت ڪوٽا سستم تحت ٻين صوبن کي نوڪرين وغيرہ ۾ جيڪو حصو ڏنو ٿي ويو، ان جي پڻ ان بنياد تي مخالفت ٿي ڪئي ويئي تہ اهڙي ريت ٻين صوبن جا نااهل آفيسر وڏن عھدن تي پھچي ويندا ۽ پنجاب جا اهل ۽ قابل ماڻھو محروم رهجي ويندا جنھن جو نقصان اڳتي هلي ملڪ کي ٿيندو. ان سلسلي ۾ هن ان ڳالھہ کي نہ ٿي ڏٺو تہ ملڪ جي سڀ کان وڏي صوبي بنگال، سنڌ، سرحد ۽ بلوچستان سان ڪيتري ناانصافي ٿي رهي هئي. بنگال جي پنجابي گورنر عزيز احمد، جنھن جي ڪنڌ ۾ ڪلي هوندي هئي ۽ ڪنھن سان سڌي نموني ڳالھائيندو نہ هو، ۽ اتان جي فوجي ڪمانڊر ايوب خان جو اتان جي ماڻھن سان رويو نھايت هتڪ آميز هو. وقت سان گڏوگڏ ان معاملي ۾ وڌيڪ شدت ايندي ويئي.

اميد ۽ الميو

ڪجهہ عرصو اڳ مون جميلہ هاشمي جو منصور حلاج جي حياتي تي لکيل ناول دشت سوس پڙهيو هو. تازو سندس هڪ ٻيو ڊگهو ناول تلاش بھاران پڙهڻ جو موقعو مليو. ان ناول کي آدمجي ايوارڊ بہ مليو آهي.
اهو ناول ورهاڱي وقت ٿيل فسادن جي پسمنظر ۾ لکيل آهي. هن ناول جو مرڪزي ڪردار هڪ عورت ڪنول ڪماري ٺاڪر آهي جڏهين تہ ان ڪٿا کي بيان ڪندڙ هڪ صحافي آهي. جنھن جو نالو ناول جي پڄاڻي تائين ظاهرنہ ٿو ٿئي. ڪنول ڪماري ٺاڪر هڪ اهڙي عورت آهي جيڪا سماج ۾ عورت جي حقن لاء لاڳيتو جدوجھد ۾ رهي ٿي. پوء ڀلي اهو سندس پنھنجي گهر ۾ سندس ڀاء جي وفات کان پوء سندس ڀاڀي سان ٿيندڙ انياء هجي يا ٻي ڪنھن عورت جو معاملو هجي.
اها اهڙي عورت آهي جيڪا ماڻھن سان تعلق ۾ هڪ فاصلو رکي ٿي.ِ هو جيتوڻيڪ مردن سان نفرت نہ ٿي ڪري پر انھن کي پنھنجي گهڻو ويجهو اچڻ بہ نہ ٿي ڏئي. ان جو اندازو ان ڳالھہ مان لڳائي سگهجي ٿو تہ صحافي جيتوڻيڪ پيار جي حد تائين سندس لاء پنھنجي اندر ۾ نرم گوشو رکي ٿو ۽ ساڻس گهڻو ويجهو بہ هجي ٿو پر هو ان جي اقرار ڪرڻ جي همت نہ ٿو ڪري سگهي. سندس ماء ۽ ٻيا مٿس شادي ڪرڻ لاء گهڻو دٻاء وجهن ٿا پر هو ان کي قبول نہ ٿي ڪري ۽ اڪيلي زندگي گذارڻ کي ترجيح ڏئي ٿي.
ڪنول ڪماري عورتن جي ڀلائي لاء گهڻيون ڪوششون ڪري ٿي. انھن عورتن جي مدد ڪري ٿي جيڪي ذات پات جي فرق جي ڪري سماج جي ڏاڍ ۽ ظلم جو شڪار آهن. بي سھارا ۽ مظلوم عورتن لاء پناه گاه قائم ڪري ٿي. ان سلسلي ۾ خاص طور کيس گهڻي مخالفت کي منھن ڏيڻو پئي ٿو. مٿس اهو الزام هنيو وڃي ٿو تہ هو انھن عورتن کان پيشو ڪرائي ٿي ۽ کيس مجبور ٿي اها پناه گاه بند ڪرڻي پئي ٿي. سندس مخالفت ڪندڙن ۾ هڪ صحافي عورت شوڀا بينرجي هجي ٿي، جيڪا ان ساڳي اخبار ۾ ڪم ڪري ٿي جنھن ۾ ان ڪٿا کي بيان ڪندڙ صحافي ڪم ڪري ٿو. اڳتي هلي اها ساڳي عورت سندس معتقد ۽ مددگار بڻجي وڃي ٿي.
هو اڪيلائي ۾ پنھنجي ڀڳوان آڏو جهڪي ٿي،ِ ان کي ٻاڏائي ٿي ۽ روئي ٿي پر اجتماعي طور سندس ايمان ڪنھن مذهبي مت ڀيد وغيرہ کانسواء انسانيت ۾ هجي ٿو ۽ ان جي لاء ڪابہ قرباني ڏيڻ لاء تيار هجي ٿي. ڪاليج جي پرنسپال جي طور هو اتي پڙهندڙ ڇوڪرين جي ڪردار ۽ سندن سوچ تي توجھہ ڏئي ٿي ۽ کين اعتماد ۽ انسانيت جي اصولن تي هلڻ جي تعليم ڏئي ٿي.
سياسي ۽ سماجي لحاظ کان اهو اهڙو وقت هجي ٿو جڏهين خاندان جي حد تائين سماج ورهايل هجي ٿو. صحافي جي گهر ۾ زال ۽ ٻار مسلمانن کي مارڻ جي حق ۾ هجن ٿا جڏهين تہ هو ۽ سندس ڌي ان ڳالھہ جا مخالف هجن ٿا. هو هندو انتھا پسندن جي دٻاء جي باوجود پنھنجي اخبار جي پاليسي کي هڪ مسلم مخالف رنگ ڏيڻ لاء تيار نہ ٿو ٿئي. ساڳي ريت ڪنول ڪماري تي اهو دٻاء وڌو وڃي ٿو تہ هو ڪاليج جي هاسٽل ۾ رهندڙ مسلمان ڇوڪرين کي سندن حوالي ڪري. اهو سڀ ان جي باوجود هجي ٿو تہ اهي ڪجهہ ماڻھو سمجهن ٿا تہ وقت انھن جي پاسي نہ هو. ان جي باوجود هو پنھنجو ڪردار ادا ڪن ٿا. صحافي کي پنھنجي ڪم کان روڪڻ لاء گهر ۾ سندس ٻار ۽ زال کيس قيد ڪن ٿا. کيس ٻاهر نڪرڻ جي اجازت نہ ٿي هجي ۽ ان ڪمري ۾ ئي کيس کاڌو پيتو ڏنو وڃي ٿو. گهر جي ٻاهران محافظ بظاهر تہ سندس حفاظت لاء بيٺل هجن ٿا پر انھن جو مقصد کيس گهر کان ٻاهر نڪرڻ کان روڪڻ هو. بھرحال هو ڪنھن ريت پنھنجي ڌي جي مدد سان اتان نڪري ٿو ۽ پنھنجي هڪ پرڏيھي دوست سان گڏ ماڻھن جي مدد ڪرڻ ۽ انھن کي بچائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. انتھا پسندن پاران مسلمان ڇوڪرين کي هٿ ڪرڻ لاء هاسٽل تي حملو ڪيو وڃي ٿو پر ڪنول ڪماري ۽ سندس دوستن پاران ان جي ڀرپور مزاحمت ڪئي وڃي ٿي. ان دوران ڪنول ڪماري کي ڌڪ لڳن ٿا ۽ ڪجهہ ڏينھن ۾ سندس ديھانت ٿي وڃي ٿو. ساڳي ريت سندس ڪجهہ دوست اهڙي مزاحمت ڪندي مارجي وڃن ٿا. صحافي کي پڻ گهڻا ڌڪ لڳن ٿا پر هو هڪ ڊگهي عرصي جي علاج کانپوء صحت مند ٿي وڃي ٿو.
ناول ۾ جيتوڻيڪ مسلم ليگ ۽ ڪانگريس جا حوالا ڏنا ويا آهن پر مذهبي وڳوڙ ۽ فسادن ۾ رڳو هندن جو ذڪر ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ گهڻي نہ تہ ٿوري گهڻي ذميواري مسلم انتھا پسندن جي بہ هئي، جنھن کي ليکڪا بلڪل نظرانداز ڪري ڇڏيو آهي. ان جو ڪارڻ اهو بہ ٿي سگهي ٿو تہ ناول هندو سماج جي پسمنظر ۾ لکيو ويو آهي ۽ ان جا سڀ ڪردار بہ هندو آهن. بھرحال اها گهٽتائي محسوس ٿئي ٿي.

ٽيگور جي زندگي جا مختلف پاسا

رابندر ناٿ ٽيگور بنگال ۽ هندوستان جي هڪ اهم شخصيت آهي. هو هڪ اهڙي شخصيت آهي جنھن جا نظم ٻن ملڪن ڀارت ۽ بنگلاديش جا قومي ترانا آهن. امرتا سين پنھنجي ڪتاب Argumentative Indian ۾ سندس شخصيت جي مختلف پاسن تي روشني وڌي آهي.
جيتوڻيڪ هندوستان ۽ بنگلاديش ۾ کيس هڪ اهم ۽ عزت واري شخصيت ڪري ليکيو وڃي ٿو پر اولھہ ۾ هن وقت کيس ساڳي ريت نہ ٿو ڏٺو وڃي، جيئن نوبل ايوارڊ ملڻ کان اڳ کيس اتان جي مختلف عالمن۽ شاعرنِ وغيرہ پاران پيش ڪيو ويو هو. کيس هڪ صوفي ڪري پيش ڪيو وڃي ٿو، جيڪوهندوستان جي مختلف مذهبي روايتن جي نمائندگي ڪري ٿو. ٽيگور هندوستان جي مختلف روايتن ۽ مذهبن مان استفادو ڪيو هو ۽ وٽس ساڳي وقت خدا جو تصور موجود آهي.
ٽيگور وٽ باقاعدي ڪنھن اداري جي ڊگري يا ڊپلوما نہ هو. سندس لاء ملڪ جو تعليمي نظام بوريت جو باعث هو ۽ هن گهڻن تعليمي ادارن ۾ پنھنجي تعليم اڌ ۾ ڇڏي ڏني هئي. ان جي ردعمل ۾ ئي هن شانتي نڪيتن ۾ وشوا ڀارتي جي نالي سان جيڪو اسڪول قائم ڪيو، اهو بلڪل منفرد هو. هڪ تہ اتي ڪلاس گهڻي ڀاڱي کليل ماحول ۾ ٿيندا هئا ۽ ٻيو تہ اتي ڊسپلن جي بجائي اظھار جي آزادي تي زور ڏنو ويندو هو ۽ شاگرد مختلف معاملن تي کليل نموني بحث مباحثو ڪندا هئا. هتان جي تعليم جي ٻولي انگريزي جي بجائي بنگالي هئي. هتي امتحان لازمي نہ هوندا هئا. ان اداري کي حڪومت پاران ڪا امداد نہ ملندي هئي، معمولي في هوندي هئي. هڪ تہ مختلف فرد ان جي امداد ڪندا هئا جن ۾ مھاتما گانڌي بہ شامل هو.ِ ٻيو تہ نوبل انعام جي رقم کي اداري لاء استعمال ڪيو ويندو هو. هتي مختلف ملڪن جا عالم ۽ ٻيا وڏا ماڻھو شاگردن سان لھہ وچڙه ۾ ايندا هئا. هتان گهڻا وڏا ماڻھو تعليم حاصل ڪري نڪتا جن ۾ ليکڪ پاڻ، مشھور فلم ساز ستيا جيت رائي ۽ سوڀو گيان چنداڻي شامل آهن.
گانڌي جي عزت ڪرڻ جي باوجود هو گهڻن معاملن ۾ کانئس مختلف هو ۽ ساڻس اختلاف بہ ڪندو هو. مثال طور گانڌي اعلانيه پنھنجي زال سميت جنسي ناتن تان هٿ کڻي ويو هو، جڏهين تہ ٽيگور جيتوڻيڪ انھن ۾ احتياط جو قائل هو پر هن ماڳيئي ان تان هٿ نہ کنيو هو. ارجنٽائن جي هڪ عورت سان سندس دوستي هوندي هئي ۽ خط و ڪتابت بہ ٿيندي هئي پر اها ڳالھہ ان کان اڳتي نہ وڌي سگهي. ساڳي ريت گانڌي پاران روز اڌ ڪلاڪ چرخي هلائڻ جي نظرئي جو ٽيگور قائل نہ هو. گانڌي جو خيال هو تہ اهڙي ريت غريب ۽ امير ۾ فرق ختم ٿي ويندو جڏهين تہ ٽيگور اها ڳالھہ ٿي ڪئي تہ ان سان ماڻھو جي ذهني صلاحيت وغيرہ ۾ ڪو واڌارو نہ ٿو ٿئي ۽ اهو رڳو هڪ رينگٽ آهي. بھار ۾ آيل زلزلي جي حوالي سان ٻنھي جو نڪتہ نظر بلڪل مختلف هو. گانڌي جو چوڻ هو تہ اهو هندوستان ۾ گهٽ ذات وارن سان جيڪو ورتاء ڪيو وڃي ٿو. قدرت پاران ان جي سزا ۽ ڏمر آهي. ٽيگور ان جي بجائي ان جي سائنسي ڪارڻن تي وڌيڪ زور ڏيندو هو.
ٽيگور جيتوڻيڪ هندوستان جي روايتن سان پيار ڪندڙ هو پر قوم پرست ۽ انگريزن سان نفرت ڪندڙ نہ هو. انگريز جي ڏاڍ ۽ حاڪميت جي مزاحمت جو هو قائل هو پر ساڳي وقت اولھہ جي ڪلچر، ادب ۽ ايجادن وغيرہ کي پنھنجو ڪرڻ تي بہ زور ڏيندو هو. هو هڪ ايشيائي ملڪ هئڻ جي ناتي جپان جي ترقي جي گهڻي ساراه ڪندو هو. ساڳي وقت هو جپان جي قوم پرستي ۽ ٻين ملڪن خلاف فوجي طاقت جي استعمال جي خلاف هو جيڪا جپان چين ۽ پنھنجن ايشيائي پاڙيسرين خلاف ڪئي هئي. ٽيگور جا سباش چندر بوس سان سٺا ناتا هئا ۽ هو ان کي هڪ غيرفرقيوارانا آزادي جو مجاهد سمجهندو هو. پر بوس جي سياسي سرگرمين جي نئين لاڙي ڪري سندن واٽون ڌار ٿي ويون. بھرحال بوس جي جپان پھچڻ کان اڳ ٽيگور جي وفات ٿي چڪي هئي.
ٽيگور مذهبي تفريق جو قائل نہ هو. هو هندوستان کي مختلف مذهبن جي ماڻھن جن ۾ هندو، مسلم، عيسائي، يھودي ۽ پارسي وغيرہ شامل هئا جو گڏيل گهر سمجهندو هو. مذهبي بنيادن تي ماڻھن کي ورهائڻ ۽ ڌار ڪرڻ سندس لاء هڪ صدمي وانگر هو.
سين جو خيال آهي تہ ٽيگور کي عالمي معاملن جي گهڻي ڄاڻ نہ هئي. هن مئي جون 1926 ۾ پنھنجي اٽلي جي مختصر دوري دوران، جنھن جو بندوبست روم يونيورسٽي جي سنسڪرت جي پروفيسر ڪارلوس فورميچي پاران ڪيو ويو هو، مسوليني جي عنايتن کي قبول ڪيو. ليکڪ کي رومن رولينڊ ۽ ٻين دوستن جي ان سلسلي ۾ تنبيھن تي غور ڪرڻ گهرجي ها، پر هن مسوليني جي زيادتين ۽ ظلم جي ثبوتن کي ڏسڻ کانپوء ان سان پنھنجا ناتا ختم ڪيا.
ٿورن لفظن ۾ اهو چئي سگهجي ٿو تہ ٽيگور جي شخصيت اچ بہ ننڍي کنڊ جي مختلف ملڪن جي ماڻھن لاء هڪ رهنما جي حيثيت رکي ٿي.

آتم ڪٿا ۽ سفرنامو

انتظار حسين جي ڪتاب ”جستجو کیا ہے؟“ جي ٽائٽل تي لکيل آهي تہ اهو سوانح حيات آهي. پر ڪتاب جي پڇاڙي ۾ ليکڪ پاڻ اهو فيصلو نہ ٿو ڪري سگهي تہ اهو آتم ڪٿا آهي، سفر نامو آهي يا اڃا بہ ٻي ڪا صنف آهي. سندس چوڻ آهي تہ پڙهندڙ پاڻ اهو فيصلو ڪن تہ اهو ڇا آهي. ڇاڪاڻ تہ هو تہ بس لکندو ويو آهي. ان ۾ نہ هن پنھنجي ذاتي ۽ خاندان جي زندگي کي پوري ريت آندو آهي ۽ نہ ئي ان ۾ سندس خاص طور يورپ، آمريڪا ۽ ڪينيڊا وغيرہ جا سفر شامل آهن.
ان ڪتاب ۾ لاهور جي ادبي ماحول جي حوالي سان سندس ڪتاب ”چراغوں کا دھواں“ جو ڪجهہ ورجاء بہ ملي ٿو پر گهڻي ڀاڱي اهو پنھنجي ليکي هڪ ڌار ڪتاب آهي.
وقت سان گڏ شيون ۽ جايون وغيرہ تبديل ٿينديون رهنديون آهن. ورهاڱي جي ڪري ڀارت ۽ پاڪستان جي شھرن وغيرہ ۾ وڏيون تبديليون آيون آهن. نہ رڳو گهرن جا مڪين نہ پر گهر، روڊ رستا ۽ ٻيو گهڻو ڪجهہ تبديل ٿي ويو آهي. جيڪڏهين ورهاڱو نہ بہ ٿئي ها تہ پوء بہ انھن شين کي تبديل ٿيڻو هو ۽ اهي ساڳيون نہ رهن ها.
ليکڪ ان ڪتاب ۾ ڀارت جي ٻين شھرن جي ذڪر سان گڏ پنھنجي جنم ڀومي ڊبائي ميرٺ جو بہ ذڪر ڪيو آهي. علي ڳڙه ۾ هوندي کيس پنھنجي شھر جي سڪ محسوس ٿئي ٿي. هو پنھنجن ڪجهہ واقفڪارن ۽ دوستن سان اتي وڃي ٿو. پر اتي تہ سڄو منظر تبديل ٿيل ۽ نوان ماڻھو ۽ نوان روڊ رستا هجن ٿا. هو نيٺ ياد ڪري ٿو تہ ان جي ويجهو فلاڻو مٺائي جو دوڪان ۽ فلاڻو ڪرياني وارو هوندو هو. هو انھن جي پڇا ڪري ٿو. اهي ماڻھو تہ ڪڏهوڪو ٻي دنيا روانا ٿي چڪا هئا پر سندن پويان سندس رهنمائي ڪن ٿا ۽ هو پنھنجي گهر تائين پھچي ٿو. اها ساڳي صورتحال ڀارت مان پاڪستان جيڪي ماڻھو اچن ٿا، انھن سان بہ لاڳو ٿئي ٿي. هو تہ پنھنجو اباڻو گهر ۽ شھر ڏسڻ ۾ دلچسپي رکي ٿو پر ساڻس گڏ جيڪي دوست هجن ٿا، اهي ساڳي وقت انھن سڀني گهڙين کي هڪ دستاويزي فلم جي صورت ۾ محفوظ ڪندا وڃن ٿا. ليکڪ علي ڳڙه يونيورسٽي جي هاسٽل ۾ پنھنجي رهائش رکي هئي. اتان واپس وڃڻ وقت هو يونيورسٽي ۾ وڳوڙ ۽ هنگامن جي ڳالھہ ڪري ٿو ۽ سندس دوست صبوح سوير کيس پوليس پاران يونيورسٽي کي گهيري ڪرڻ کان اڳ اتان نڪرڻ لاء چون ٿا. هو يونيورسٽي کي ان وڳوڙ ۾ ڇڏي نڪري ٿو پر اهو نہ ٿو لکي تہ ان جو ڪارڻ ڇا هو ۽ اهو سڀڪجهہ ڇا جي ڪري هو.
هو پنھنجي خاندان سان گڏ ڊبائي مان هاپوڙ هليو ويو هو، جنھن جي ڪري کيس مئٽرڪ ڪرڻ کانپوء ميرٺ ڪاليج ۾ داّخلا وٺڻي پيئي، ٻي صورت ۾ هو علي ڳڙه هليو وڃي ها. ڪرار حسين سندس پاڙيسري بہ هو ۽ پوء ميرٺ ڪاليج ۾ هو ايم اي اڙدو ۾ سندس استاد بہ هو. ڪرار حسين خاڪسار هو ۽ علامہ مشرقي سان گڏ هو، پر ڪجهہ اختلافن جي ڪري هو کانئس ڌار ٿي ويو هو. هي اتي الامين اخبار ڪڍندا هئا ۽ علامہ مشرقي سان اختلاف ڪندڙ خاڪسار ڪرار حسين وٽ اچي پناه وٺندا هئا. هتي اخترحميد خان بہ ايندو هو، جنھن ڪليڪٽر جي سرڪاري نوڪري ڇڏڻ کانپوء تالن ٺاهڻ جو ڪم شروع ڪيو هو. علامہ مشرقي جڏهين انگريز جي نوڪري ڇڏڻ جو سڏ ڏنو هو تہ ان وقت سندس هڪ ناٺي بہ ڪنھن اعليٰ سرڪاري عھدي تي هو. اختر حميد جڏهين نوڪري ڇڏي وٽس ويو تہ هن چيو تہ اسان اهڙين نوڪرين وارن ماڻھن کي استشنا ٿا ڏيون جنھن تي اختر حميد کيس چيو تہ هو اهو رڳو ان ڪري پيو ڪري، جيئن سندس ڌي کي ڪا تڪليف نہ ٿئي، پر مون کي اها رعايت قبول ناهي. الامين اخبار ۾ ليکڪ جا ڪجهہ ليک بہ شائع ٿيا. ان وقت حسن عسڪري سان بہ سندس دوستي هئي ۽ ٻيئي ميرٺ ۾ گڏجي گهمندا ڦرندا ۽ رولاڪيون ڪندا هئا. پوء انھن ٻنھي جو آخري ٺڪاڻو ڪرار حسين جو گهر هو. پاڪستان اچڻ کانپوء هو ڪرار حسين سان پنھنجي تعلق متعلق ڪجهہ نہ ٿو ٻڌائي.
مختلف پروگرامن جي حوالي سان ڀارت اڪثر سندس وڃڻ ٿيندو هو. 2007 ۾ جڏهين بمبئي ۾ دھشت گردن حملو ڪيو هو ان وقت بہ هو ڪنھن پروگرام ۾ شرڪت لا۽ ڪجهہ ٻين پاڪستان جي اديبن سان سنڀريو بيٺو هو. پر حالتن جي سازگار نہ هئڻ ڪري کيس اهو پروگرام ختم ڪرڻو پيو. دھلي ۾ سندس قرت العين حيدر سان بہ ملاقات ٿيندي رهي، جيڪا پھرين لوڌي گارڊن جي ويجهو رهندي هئي جتي سندس رهائش بہ هوندي هئي پر پوء هو اتان ٻئي علائقي ۾ هلي ويئي. ليکڪ کي هندن جي هڪ مذهبي جاء بندرا بن ڏسڻ جو موقعو مليو، جتي ڀولڙن جو وڏو تعداد هو. اتي مندر جي پروهت کيس ٻڌايو تہ اهو مندر اڪبر جي مدد سان ٺھيو هو ۽ هن ان جي لاء اهو ساڳيو پٿر فراهم ڪيو هو، جيڪو فتحپور سيڪري ۾ شاهي محل جي تعمير ۾ استعمال ٿيو هو. ان جو ڪارڻ اهو هو تہ مندر وارن هندو راجا خلاف جنگ ۾ اڪبر جي مدد ڪئي هئي. اهو مندر گنگا جمني مسلم تھذيب جو مظھر هو، جيڪا ڳالھہ ان جي فن تعمير مان ظاهر ٿئي ٿي، جنھن جي مسلمانن جي تعمير ڪيل گهڻين عمارتن سان هڪجھڙائي هئي. ٻي ڳالھہ تہ هتي مندر جي ديوار ۾ جيڪا خانا ٺھيل هئا اتي بجائي مورتين جي، جيئن عام مندرن ۾ هوندو آهي، انھن کي خالي رکيو ويو هو. پروهت جو چوڻ هو تہ انھن اڪبر سان يڪجھتي ۽ سندس ٿوري مڃڻ لاء اهو ڪيو هو. پروهت جو چوڻ هو تہ مندرن وغيرہ کي اڪبر پاران ڏنل مراعتن کي واپس وٺڻ جو ڏوه جيڪو اورنگزيب مٿان مڙهيو وڃي ٿو، اهو صحيح ناهي بلڪہ اهو ڪم شاهجهان ڪيو هو ۽ اورنگزيب تہ اقتدار ۾ اچي کين انھن مراعاتن کي واپس ڪري ڏنو هو. ليکڪ هڪ اهڙي ٻئي مندر جو بہ ذڪر ڪيو آهي، جيڪو لکنو جي حڪمران واجد علي شاه پاران تعمير ڪرايو ويو هو ۽ اهو سڏجي بہ ان جي نالي سان ئي ٿو.
هونئن تہ ليکڪ کي جڏهين ڪنھن پروگرام لاء سڏايو ويندو هو تہ کيس هڪ يا ٻن شھرن جي ويزا ملندي هئي پر کيس جڏهين پريم چند فيلو شپ ڏني ويئي تہ ان تحت کيس گهڻين جاين ڏسڻ ۽ گهمڻ جو موقعو ملي ويو. هن اجنتا الورا جا غار ۽ اتان جي فن کي اڳ بہ ڏٺو هو. پر هن ڀيري سندس چوڻ آهي تہ وڏي عمر جي ڪري سندس لاء ٽڪرين تي مٿي وڃڻ ڏکيو هو. ڪجهہ پنڌ تہ کيس ڪھار کڻي هليا پر پوء ان ڊپ کان تہ ڪٿي انھن جو پير وير نہ نڪري وڃي هو ان تان لھي پاڻ هلڻ لڳو ۽ قديم دور جي انسان جا ٺھيل اهي شاهڪار هن هڪ ڀيرو.وري ڏٺا.
هڪ ڀيري هو آصف فرخي سان گڏ حيدرآباد دکن ۾ هو. هوٽل جي لفٽ ۾ سوار ٿيڻ وقت هڪ عورت وڄ وراڪي وانگر تيزي سان لفٽ ۾ داخل ٿي ۽ سندن وچ ۾ بيھي رهي. جڏهين منٽ ٻن کان پوء لفت گرائونڊ فلور تي پھتي تہ اها ساڳي تيزي سان نڪري ويئي. استقباليه واري کين ٻڌايو تہ هي جيڪا عورت اوهان سان لفٽ ۾ هئي اها ماڌوري ڊڪشت هئي. انھن جيسين ڪنڌ ورائي ان کي ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي تيسين اها پارڪنگ لاٽ مان پنھنجي گاڏي ۾ ويھي وڃي چڪي هئي.
هو دريا جي ڪناري ٺھيل شھر سرنگا پتم ۾ حيدر علي ۽ ٽيپو جي قبرن تي بہ ويو. هن وقت ميسور وڏو شھر ۽ پرڳڻي جي گادي جو هنڌ آهي. سندس چوڻ آهي تہ جيڪڏهين حيدرعلي ۽ ٽيپو چاهين ها تہ انھن شھرن جي نالن کي مٽائي پنھنجا نالا رکي ٿي سگهيا پر انھن ائين نہ ڪيو ۽ اصلوڪن نالن کي برقرار رکيو.
ليکڪ ڪلڪتي ۾ ٺاهيل ننڍي لکنو کي ڏسڻ ويو. انگريزن جڏهين اوڌ جي حڪمران واجد علي شاه کي تخت تان لاٿو تہ هو پھرين ڪانپور ويو ۽ پوء پنھنجي خاندان، درٻارين ۽ ڳائڻن وغيرہ سان ميٽيابرز ڪلڪتي هليو آيو. هتي انگريزن پاران کيس ڪلڪتي کان ڪجهہ ميل پري پر تعيش محل ۽ ٻارنھن لک روپيا سالياني پينشن ڏني ويندي هئي، جنھن کي هوکلي نموني خرچ ڪندو هو. هن هتي لکنو وارو ماحول ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ موسيقارن کي نوازيو. هتي سندس قبر تي مقبرو ٺھيل آهي جڏهين تہ سندس زال جي قبر ٻي جاء تي آهي.
ليکڪ پنھنجي ان دوري دوران راجستان بہ ويو. جئہ پور پنھنجين عمارتن جي رنگ وغيرہ جي ڪري هڪ گلابي شھر طور مشھور آهي. ان کي ڀارت جو پيرس بہ چيو ويندو هو. جيتوڻيڪ شھر جو گلابي رنگ اڃا باقي آهي، پر ليکڪ جو چوڻ آهي تہ اهو رنگ هاڻي گهڻو ڏسڻ ۾ نہ ٿو اچي. ٻي اهم شي جنھن ليکڪ کي متاثر ڪيو، اها پنجاب جي دريائن ستلج ۽ بياس جي سنگم تي ٺاهيل راجستان ڪينال، جنھن کي هاڻي اندرا گانڌي ڪئنال چيو وڃي ٿو، آهي. اها نھر 290 ميل ڊگهي ڏکڻ اولھہ ۾ وهي ٿي. ان سان ڀارت جي پاسي واري ٿر جو هڪ وڏو حصو آباد ٿئي ٿو. ليکڪ جو چوڻ آهي تہ هاڻي ريگستان گهڻي فاصلي کانپوء ئي نظر اچي ٿو.
هي ليکڪ جي پريم چند فيلو شپ جو آخري حصو هو. هتان هو دھلي هليو ويو جتي مختلف ليکڪن ۽ دوستن سان ملاقات کانپوء لاهور روانو ٿي ويو.
ڀارت ۾ ليکڪ جي لاء وڏو مسئلو اهو هو تہ اتي گهڻن علائقن ۾ اڙدو گهٽ ماڻھو سمجهن ٿا ان ڪري کيس بہ گهڻين جاين تي تقريرن ۽ ليڪچرن وغيرہ ۾ انگريزي جو سھارو وٺڻو پوندو هو. کانئس اهو سوال بہ ڪيو ويو تہ هو جڏهين اخبارن ۾ ڪالم وغيرہ انگريزي ۾ لکي ٿو تہ پوء فڪشن انگريزي ۾ ڇو نہ ٿو لکي. سندس جواب هوندو هو تہ انگريزي سندس پروفيشنل ٻولي آهي ۽ هو ان جو استعمال پنھنجي روزگار لاء ڪندو آهي، جڏهين تہ سندس فڪشن جي ٻولي اڙدو آهي ۽ هو ان کي نہ ٿو ڇڏي سگهي.
ليکڪ پنھنجي ماء پي جو اڪيلو پٽ هو. کيس ڀينر تہ هيون پر سندس ڪو ڀاء نہ هو. ساڳي ريت کيس پنھنجو ڪو اولاد نہ هو ۽ پنھنجين ڀيڻن ۽ انھن جي ٻارن جي وڌيڪ ويجهو هو. هڪ ڪل وقتي صحافي ۽ ليکڪ ۽ گهڻو ڪري ادبي دورن ۽ سفر ۾ هئڻ جي باوجود هو پنھنجي زال جي گهڻو ويجهو ۽ ان جو خيال ڪندو هو. هو گهڻن سفرن ۽ ايستائين تہ بيماري جي حالت ۾ بہ ساڻس گڏ هوندي هئي. ان حوالي سان اي آر وائي پاران ايوارڊ ڏيڻ جو ذڪر ڪندي لکي ٿو تہ کيس ان سلسلي ۾ ڪراچي وڃڻو هو. سندس زال جو بيمار هئڻ باوجود اهو اصرار هو تہ ساڻس گڏ هلندي. ايئرپورٽ تي جنھن ڇوڪري سندس وهيل چيئر پي هلائي اهو بورڊنگ ڪارڊ لاء انتظار ڪندي غائب ٿي ويو. هو پريشان ٿي ويو تہ هاڻي ڇا ڪجي. ايتري ۾ اشفاق احمد ۽ بانو قدسيہ ايندي نظر آيا جيڪي پڻ ان ساڳي تقريب ۾ شرڪت لاء ڪراچي وڇي رهيا هئا. انھن کي جڏهين اها خبر پيئي تہ اشفاق احمد چيو تہ اسان جي ڀيڻ اسان سان هلندي. اهي ٻيئي زال مڙس ان کي وهيل چيئر تان اٿاري پاڻ سان جھاز ۾ وٺي ويا. پوء ڪراچي ۾ بہ هو انھن سان ٺيڪ نموني پئي هلي. جڏهين انٽرڪانٽينينٽل هوٽل جي ڊائننگ هال ۾ داخل ٿيا تہ اتي هڪ عجيب نظارو ڏسڻ ۾ آيو. اتي ويٺل گهڻا ماڻھو اشفاق احمد کي ڏسي وٽس ڊوڙندا آيا. ڪن سندس پيرن کي ٿي ڇھيو تہ ڪن سندس هٿن کي ٿي چميو. سندس چوڻ آهي تہ منھنجي زال اڳ ۾ ئي اشفاق احمد جي ڳالھين جي قائل هوندي هئي ۽ مون کي بہ ان تي قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي هئي. پر آئون ڪنھن همعصر ليکڪ لاء ائين سوچڻ مناسب نہ سمجهندو هوس. اشفاق احمد لاء ان وقت هو چوندو هو تہ هي ڪجهہ ڏينھن ۾ بابا ٿي ويندو، پر ان کان اڳ ئي ڪجهہ عرصي کانپوء ان جي وفات ٿي ويئي. لاهور واپس اچڻ کانپوء سندس زال جي بيماري جي ساڳي حالت ٿي ويئي ۽ اها بستر ڀيڙو ٿي ويئي. زال جي وفات کانپوء پنھنجن آخري ڏينھن جو ذڪر ڪندي هو لکي ٿو تہ سندس نوڪر هارون ساڻس گڏ هوندو هو. سندس ڏينھن ان ريت گذرندو هو تہ هو پنھنجي معمول موجب صبوح سج نڪرڻ کان اڳ واڪ ڪرڻ، گلن ٻوٽن کي ڏسڻ ۽ پکين جي لات ٻڌڻ لاء جناح گارڊن هليو ويندو هو. واپس اچي وهنجي سھنجي نيرن ڪري پنھنجو لکڻ پڙهڻ جو ڪم ڪندو هو. ٻنپھرن جي ماني کائي ٿوري دير آرام ڪري وري لکڻ پڙهڻ جو ڪم ڪندو هو. جيئن تہ هاڻي ٽي هائوس وغيرہ وارو ماحول نہ رهيو هو ان ڪري شام جو دوست وٽس ڪچھري لاء ايندا هئا ۽ اهڙي ريت ڏينھن پورو ٿيندو هو.

ڪامريڊ سيد جمال الدين بخاري جي زندگي

”ڪامريڊ سيد جمال الدين بخاري شخصيت ۽ سياسي جدوجھد“ ننڍي کنڊ جي ڪميونسٽ تحريڪ ۽ سنڌ جي هڪ اهم شخصيت متعلق لکيل ڪتاب آهي. هن ڪتاب جي تحقيق ۽ ترتيب سيد مڪرم سلطان بخاري ڪئي آهي. اهو ڪتاب سنڌي ۽ اڙدو ٻنھي ٻولين ۾ ڇاپيو ويو آهي. هن ڪتاب جي ان ڪري بہ اهميت آهي تہ هن پاڻ پنھنجين يادگيرين کي سھيڙڻ ۽ لکڻ جو ڪم نہ ڪيو.
ڪامريڊ مارچ 1900 ۾ احمد آباد ۾ پيدا ٿيو. جڏهين هن هوش سنڀاليو تہ دنيا وڏين تبديلين مان گذري رهي هئي. پھرين مھاڀاري جنگ ۽ آڪٽوبر انقلاب ٻہ اهڙا واقعا هئا، جن دنيا کي گهڻو متاثر ڪيو. ان سان گڏ هندوستان ۾ انگريز راڄ خلاف جدوجھد پڻ هلندڙ هئي. انھن سڀني ڳالھين کيس گهڻو متاثر ڪيو. مولانا حسرت موهاني ۽ مولانا محمد علي جوهر سان سندس قربت سندس شخصيت، سوچ ۽ نظرين کي ٺاهڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.
سفر سندس زندگي جو اهم حصو رهيو آهي. نوجواني ۾ ئي پئسن نہ هئڻ جي باوجود هو واپارين جي هڪ قافلي سان گڏ افغانستان، تاشقند، بخارا ۽ ماسڪو جي سفر تي نڪري پيو. هن سفر ۾ هن پنڌ ۽ خچرن تي ڏکين حالتن ۾ سفر ڪيو. ماسڪو ۾ سندس ڪميونسٽ اڳواڻن سان ملاقاتون ٿيون ۽ هو انھن کان گهڻو متاثر ٿيو. واپسي جي سفر ۾ کيس گرفتار بہ ڪيو ويو ۽ ڪجهہ عرصو هن قيد ۾ گذاريو. ان کانسواء بحري جھاز ۾ نوڪري دوران بہ هو مختلف ملڪن ۾ ويو.
ائين چئي سگهجي ٿو تہ سندس جواني جو عرصو جدوجھد ڪندي ۽ مختلف جيلن ۾ گذريو. مختلف وقتن تي هن اٽڪل ايڪويھہ سال هندوستان جي مختلف جيلن ۾ گذاريا. 1921 ۾ هو ڪراچي آيو ۽ هتي هارين ۽ پورهيتن جي تنظيمن کي منظم ڪرڻ جو ڪم ڪيو. هو ڪجهہ عرصو الوحيد سان بہ لاڳاپيل رهيو، جيڪا ان دور ۾ خلافت تحريڪ جي ترجمان هئي. سنڌ جي بمبئي کان عليحدگي واري تحريڪ ۾ پڻ سندس ڪردار هو. 1943 ۾ مزدور ڪنونشن جي سلسلي ۾ احمد آباد ويو، جتي سندس ملاقات شانتا سان ٿي جيڪا اتي هڪ ڪارخاني ۾ ڪم ڪندي هئي، ۽ پوء ٻنھي شادي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. شادي کانپوء هو ڪراچي ۾ لائٽ هائوس سينيما جي ويجهو ڪميونسٽ پارٽي جي آفيس ۾ رهيا. هتي پارٽي جي گهڻن ڪارڪنن جو اچڻ هوندو هو ۽ ڪامريڊ شانتا انھن جي سارسنڀال ۽ کاڌي پيتي جو خيال رکندي هئي. هڪ لحاظ کان اهو ڄڻ هڪ ڪميون هو.
ڪامريڊ بخاري انھن اڳواڻن ۾ شامل هو، جن 1924 ۾ ڪانپور ۾ انڊين ڪميونسٽ پارٽي جو بنياد وڌو. هو 1942 کان 1948 تائين سنڌ جي ڪميونسٽ پارٽي جو سيڪريٽري هو. سوڀو گيانچنداڻي جو چوڻ آهي تہ کيس پارٽي ۾ آڻڻ وارو ڪامريڊ بخاري هو. هن پارٽي ۾ ان جي نائب طور ڪم ڪيو. سوڀي جو چوڻ آهي تہ جيتوڻيڪ ڪامريڊ اسٽالن جي پاليسين جي حمايت ڪندو هو جڏهين تہ سوڀو ان جو مخالف هو پر ان سان سندن ناتن تي ڪو فرق نہ پيو.
پاڪستان ٺھڻ کانپوء ڪراچي ۾ پيلس هوٽل جي بيرن جي هڙتال جي معاملي تي سندس پارٽي سان اختلاف ٿيو. گهڻا ميٽروپول هوٽل جي حوالي سان اها ڳالھہ ڪن ٿا جيڪا صحيح ناهي. ان هوٽل ۾ پرڏيھي سفارتڪار ۽ ٻيا وڏا ماڻھو رهندا هئا. بيرن جي هڙتال انھن ماڻھن لاء مسئلا پيدا ڪيا. بخاري جو ان سلسلي ۾ موقف اهو هو تہ حڪومت جي لاء اها هڪ پريشان ڪندڙ صورتحال آهي ۽ اها ڪو بہ قدم کڻڻ کان نہ ڪيٻايندي ان ڪري اها مھم جوئي نہ ڪرڻ گهرجي ۽ هڙتال ختم ڪرڻ گهرجي. پر سندس ان موقف سان پارٽي جا گهڻا اڳواڻ متفق نہ هئا ۽ هڙتال کي جاري رکيو ويو. نتيجي ۾ حڪومت هڙتال ڪندڙ گهڻن اڳواڻن کي گرفتار ڪيو جنھن ۾ بخاري بہ شامل هو.
بخاري جو پارٽي سان ڪلڪتي جي ڪانگريس ۾ اختيار ڪيل انتھا پسند پاليسي تي بہ اختلاف هو. ساڳي وقت هو ان ڳالھہ جي حق ۾ بہ نہ هو تہ پاڪستان جي پارٽي لاء ڪلڪتي ۾ فيصلا ڪيا وڃن. سندس موقف اهو هو تہ اهو پاڪستان ۾ موجود پارٽي جي ڪارڪنن جو حق اهي تہ اهي پنھنجي تنظيم متعلق پاڻ فيصلا ڪن. هو جيتوڻيڪ سجاد ظھير کي گهڻو پسند ڪندو هو، پر سندس چوڻ هو تہ ان کي نئين ملڪ جي پارٽي جو سيڪريٽري جنرل ڪرڻ مناسب نہ هو. ڇاڪاڻ تہ هڪ تہ ان کي پاڪستان جي ماڻھن ۽ انھن جي طور طريقن جي خبر نہ هئي ۽ ٻي ڳالھہ تہ هو بنيادي طور هڪ اديب هو، جنھن جو پارٽي معاملن سان گهڻو واسطو نہ رهيو هو.
پيلس هوٽل جي واقعي ۽ سندس ان موقف جي ڪري پارٽي اهو چئي، سندس پارٽي جي رڪنيت ختم ڪري ڇڏي تہ هن حڪومت سان ساز باز ڪري پارٽي کي نقصان پھچايو هو. جيل ۾ هوندي سندس زال ۽ ٻآرن جي سنڀال ڪرڻ وارو ڪير ڪونہ هو. سندس نالي تي ماڻھن چندا گڏ ڪري پنھنجا ڀڀ تي ڀريا. هن جيل ۾ هوندي پنھنجي زال شانتا کي چيو تہ هو سندس آزادي لاء ڪوشش ڪري.
هو قاضي فضل ﷲ جي ضمانت تي آزاد ٿيو جيڪو کيس پاڻ سان لاڙڪاڻي وٺي ويو جتي هو سندس گهر ۾ پنھنجي خاندان سان ڪجهہ عرصو رهيو. لاڙڪاڻي مان هن سنڌي ۾ هفتيوار اخبار انصاف ۽ انگريزي ۾ نيو ايرا شروع ڪئي. هتي هن مختلف سنڌي اردو مشاعرا منعقد ڪيا ۽ سنڌي ادبي سنگت کي سرگرم ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو. ساڳي ريت هو ون يونٽ مخالف تحريڪ جو پڻ حصو رهيو. لاڙڪاڻي ۾ ذوالفقار علي ڀٽو سان سندس خاص تعلق رهيو. کيس سياست ۽ عوامي زندگي ۾ متعارف ڪرائڻ لاء هن قاضي فضل ﷲ سان گڏ کيس آبادگار بورڊ جي صدر ڪرڻ لاء ڪوشش ورتي. ذوالفقار علي ڀٽي گهر ٺھرائڻ لاء کيس علي حسن منگي جي ڪوآپريٽو بينڪ مان قرض وٺي ڏنو ۽ جڏهين هو اهو قرض ادا نہ ڪري سگهيو تہ ڀٽي پنھنجي کيسي مان سندس اهو قرض ادا ڪيو. ساڳي ريت جڏهين کيس ٽي بي ٿي تہ هن بلوچستان حڪومت سان رابطو ڪري کيس ڪوئيٽا ۾ فاطمہ جناح ميڊيڪل سينٽر ۾ داخل ڪرايو جتي هو چار سال کن رهيو ۽ صحتياب ٿي واپس آيو. هتي ڪامريڊ امام علي نازش سندس عيادت لاء آيو ۽ کيس چيو تہ کيس پارٽي مان نيڪالي ڏيڻ جو فيصلو هڪ غلطي هئي پر ڪامريڊ کيس چيو تہ ان موضوع کي ڇڏيو ۽ ٻي ڪا ڳالھہ ڪريو.
1984 ۾ سندس وفات ٿي. سندس اٺ پٽ ۽ هڪ ڌي آهن جيڪي سڀ پڙهيل ڳڙهيل ۽ لائق آهن. پر سندس سياسي ۽ نظرياتي وارث سندس زال شانتا هئي، جيڪا زندگي جي هر موڙ تي ساڻس جدوجھد ۾ شامل رهي. ڪامريڊ شانتا جي وفات 2014 ۾ ٿي.

جنگ ۽ موسيقي

برما، جنھن کي هاڻي ميانمارچيو وڃي ٿو، پنھنجي سونھن، غربت ۽ جاگرافيائي اهميت جي ڪري دنيا لاء گهڻي اهميت جو حامل رهيو آهي. هڪ ڊگهو عرصو ان تي برطانيا ۽ جپان وغيرہ جو تسلط رهيوآهي. مختلف پرڏيھي ليکڪن ان کي پنھنجين لکڻين جو موضوع بڻايو آهي.
تازو هڪ جپاني ليکڪ مچيوتا ڪي ياما جو هڪ ناول برما جو ستار پڙهڻ جو موقعو مليو. اهو ٻي مھاڀاري جنگ جي پسمنظر ۾ لکيل آهي. اها فوجين جي هڪ اهڙي ڪمپني جي ڪھاڻي آهي جنھن جي خاصيت موسيقي ۽ ڳائڻ وڄائڻ ذريعي پنھنجي حوصلي کي قائم رکڻ آهي. اها ڳالھہ برطانيا کان شڪست کانپوء اڃا وڌيڪ اهم ٿي وڃي ٿي. ان ڪمپني ۾ ڪارپورل ميزوشيما خاص طور ستار وڄائڻ جو ماهر هجي ٿو. ڪمپني جي ٻين سپاهين اتان جي مختلف شين مان موسيقي جا مختلف اوزار ٺاهيا هجن ٿا جن کي اهي گڏيل طور استعمال ڪن ٿا.
اهي پنھنجي ڀاڄ دوران برطانوي فوج سان منھن سامھون ٿين ٿا. گولين جي ڪجهہ ڏي وٺ کان پوء ميزو شيما ستار تي هڪ گيت شروع ڪري ٿو جنھن ۾ پنھنجي وطن ڏانھن موٽڻ جي خواهش هجي ٿي. ٻئي پاسي کان برطانوي فوجي بہ اهو ساڳيو گيت ڳائين ٿا. ٻنھي فوجن جا جوان ويجهو اچي هڪٻئي سان ملن ٿا ۽ جپاني فوجين کي ٻڌايو وڃي ٿو تہ جنگ ٽي ڏينھن اڳ ختم ٿي چڪي آهي ۽ انھن سڀني کي جنگي قيدين جي طور تي مودان جي علائقي ۾ ڪئمپ ۾ منتقل ڪيو وڃي ٿو.
ان ڪمپني جي فوجين کي پري ٽڪري تي دونھن ۽ ڌماڪن جا آواز ٻڌڻ ۾ آيا. انھن سوچيو تہ اهي پڪ جپاني فوجي هوندا، جيڪي آخري مزاحمت ڪري رهياهئا. سندن ليکي اهو تہ ڄڻ آپگهات هو ۽ ڪنھن بہ ريت انھن کي هٿيار ڦٽا ڪرڻ لاء قائل ڪجي تہ جيئن قيمتي جانين جو نقصان نہ ٿئي. اهي پنھنجن برطانوي محافظن سان ڳالھائين ٿا تہ کين اجازت ڏني وڃي تہ اهي انھن کي هٿيار ڦٽا ڪرڻ لاء قائل ڪري سگهن. اجازت ملڻ کانپوء ڪپتان پاڻ اتي وڃڻ جو فيصلو ڪري ٿو پر ميزو شيما کيس چئي ٿو تہ ان مشن تي هو ويندو. ڪپتان ان ڳالھہ تي ان ڪري بہ راضي ٿئي ٿو تہ ميزو شيما وٽ پنھنجي موسيقي ۽ ستار وڄائڻ جي جيڪا صلاحيت آهي ان وسيلي ان ڪمپني کي جنگ بندي لاء راضي ڪري وٺندو.
ميزو شيما اوڏانھن روانو ٿئي ٿو پر هڪ ڊگهي عرصي گذرڻ کانپوء بہ نہ هو موٽي ٿو ۽ نہ ئي سندس ڪا خبر چار ملي ٿي. هو سمجهن ٿا تہ شايد هو مري ويو آهي. ڪپتان سڄو ڏوه پاڻ کي ڏئي ٿو تہ نيٺ هو پاڻ ان مشن تي ڇو نہ ويو ۽ ميزوشيما کي ڇو موڪليو.
وقت بوقت کين اهڙيون نشانيون ملن ٿيون جيڪي ميزوشيما متعلق کين شڪ ۾ وجهي ڇڏين ٿيون. هو مختلف وقتن تي هڪ ٻڌ بکشو جي ويس ۾ سندن ڪئمپ جي ٻاهران بيھي کين ڳائيندي ٻڌي ٿو. هڪ ڀيري هو ڪنھن پل تان گذرن ٿا تہ سندن ڀر مان ميزوشيما جهڙو هڪ بکشو، جنھن جي ڪلھي تي سائو طوطو هجي ٿو، گذري ٿو. اهڙي ريت اهي پگوڊائن ۾ سندس ڳاتل گيتن کي ٻين ڳائڻ پاران ڳائيندي ٻڌن ٿا. هڪ پوڙهي عورت قيدين جي ڪيمپ ۾ سامان وڪڻڻ ۽ ان جي ڏي وٺ لاء ايندي رهي ٿي. هو ان کي بہ ان بکشو متعلق معلومات حاصل ڪرڻ لاء چون ٿا پر ان کي گهڻي ڪاميابي حاصل نہ ٿي ٿئي.
نيٺ هو هڪ طوطو پالين ٿا ۽ ان کي اهو سيکارين تہ ميزو شيما اسان گڏجي وطن واپس وينداسين. هڪ ڏينھن انھن قيدين کي خبر پئي ٿي تہ اهي ڪجهہ ڏينھن ۾ پنھنجي وطن واپس ويندا. ان تي هو خوش بہ هجن ٿا تہ ساڳي وقت ميزوشيما جي ساڻن گڏ نہ هئڻ ڪري مايوس ۽ ڏکايل بہ هجن ٿا. ان دوران پوڙهي عورت کين بکشو جو هڪ تفصيلي خط آڻي ڏئي ٿي، جنھن جي لاء ڪپتان فيصلو ڪري ٿو تہ ان کي وطن واپسي جي سفر دوران پڙهنداسين.
اهو خط ميزو شيما پاران لکيل هجي ٿو جنھن ۾ هن پنھنجي سڄي ڪھاڻي بيان ڪئي هئي. هو ٻڌائي ٿو تہ برطانوي ڪمانڊر کيس جپاني فوجين کي جنگ بندي لاء راضي ڪرڻ لاء اڌ ڪلاڪ جو وقت ڏئي ٿو جنھن ۾ هڪ منٽ جي بہ واڌ نہ ڪئي ويندي. پر هو جڏهين جپاني فوجين کي جنگ بندي لاء چئي ٿو ۽ کين ٻڌائي ٿو تہ جنگ جو ڪو فائدو ناهي ۽ اهي هروڀرو مارجي ويندا جنھن جو سندن وطن ۽ ماڻھن کي ڪو فائدو نہ ٿيندو. پر اهي ڪنھن بہ ريت ان لاء راضي نہ ٿا ٿين ۽ آخري ساه تائين وڙهڻ جو وچن ڪن ٿا. جنگ بندي جو وقت ختم ٿي وڃي ٿو ۽ هڪ ڀيرو ٻيھرگوليباري شروع ٿي وڃي ٿو.
هو اتان نڪري ٿو. ٿوري فاصلي کان هو ڏسي ٿو تہ انھن فوجين اڇو جهنڊو لھرايو هو پر هو پاڻ هڪ گولي لڳڻ جي ڪري ڦٽجي پئي ٿو. گهڻي رت وهڻ جي ڪري هو بيھوش ٿي وڃي ٿو ۽ جڏهين هوش ۾ اچي ٿو تہ پاڻ کي هڪ جهوپڙي ۾ آرام دہ بستر تي ڏسي ٿو. هتي سندس چڱي ريت پرگهور ڪئي ٿي وڃي. کيس اها ڄاڻ تہ هئي تہ برما ۾ آدمخور قبيلا بہ آهن پر کيس اهو اندازو نہ هو تہ هو اهڙي هڪ قبيلي وٽ هو ۽ سندس سار سنڀال ان ڪري ڪئي پيئي ويئي تہ قرباني وقت هو صحت مند ۽ نوبنو هجي ۽ قبيلي جا ماڻھو سندس گوشت مان مزو وٺي سگهن. قرباني جي ڏينھن کيس ٻڌي هڪ جاء تي ويھاريو ٿو وڃي ۽ رسمون پوريون ڪيون ٿيون وڃن تہ ايتري ۾ واچوڙو لڳي ٿو. ان وقت کيس اهو خيال اچي ٿو تہ ڇو نہ پنھنجي ستار کان ڪم ورتو وڃي ۽ جان بچائڻ جي آخري ڪوشش ڪئي وڃي. اتفاق سان هوا جي شور ۾ سندس راڳ ۽ ستار جو آواز بہ شامل ٿي وڃِي ٿو. ڪجهہ دير کانپوء هوا بند ٿي وڃي ٿي ۽ قبيلي وارا اهو سمجهن ٿا تہ اهو سڀ سندس ڳائڻ ۽ ستار وڄائڻ جو ڪمال آهي ۽ اهڙي ريت هن قبيلي وارن کي ديوتائن جي ناراضگي کان بچائي ورتو آهي.
هاڻي سندس منزل مودان هجي ٿي جتي کيس پنھنجن ساٿين سان ملڻ جي توقع هجي ٿي. واٽ تي کيس جپاني فوجين جا لاش نظر اچن ٿا. هو انھن مان گهڻن جو ڪريا ڪرم ڪري ٿو ۽ گهڻن ساڙي ۽ گهڻن کي دفن ڪري ٿو تہ جيئن سندن آتمائن کي سڪون ملي سگهي. هو مودان پھچي رات هڪ پگوڊا ۾ گذاري ٿو. اتي کيس خبر پيئي ٿي تہ برطانوي فوج پاران ڦٽيل فوجين جي علاج لاء هڪ اسپتال قائم ڪئي ويئي آهي جتي اڄ مري ويل فوجين لاء هڪ تقريب رکيل آهي. اتي اسپتال جي ڪمپائونڊ ۾ هو هڪ نامعلوم جپاني فوجي جي قبر ڏسي ٿو جنھن کي نھايت اهتمام ۽ عزت سان دفن ڪيو ويو هو. هو سوچي ٿو تہ جڏهين دشمن فوج پاران اسان جي فوجين سان اهڙو ورتاء ڪيو ٿو وڃي تہ پوء کين تہ ان سلسلي ۾ اڃا وڌيڪ ڪم ڪرڻ گهرجي. اهو سوچي هو جنگي قيدين جي ڪيمپ نہ ٿو وڃي.
هو سوچي ٿو تہ ڪم تمام گهڻو آهي. برما جي ڪنڊ ڪڙچ ۾ جپاني فوجين سان سوين لاش لاوارث پيا آهن ۽ ان انتظار ۾ آهن تہ ڪير اچي سندن وارثي ڪري ۽ سندن آخري رسمون عزت سان انجام ڏئي. هو اهو فيصلو ڪري ٿو تہ هو هتي ئي رهندو جيستائين اهو ڪم پورو نہ ٿو ٿئي ۽ اهو شايد سندس سڄي زندگي پوري ٿيڻ تائين پورو نہ ٿئي. وٽس هڪ طوطو هجي ٿو جنھن کي هو جملو سيکاري ٿو تہ ميزوشيما جاپان واپس نہ ويندو.
جنگ حڪمرانن جي فائدي لاء وڙهي وڃي ٿي جڏهين تہ ان ۾ مزدور، ڪلرڪ ۽ ٻئي عوام کي بندوقن ۽ توبن جو کاڄ بڻايو وڃي ٿو. ضرورت ان ڳالھہ جي آهي تہ ان جنگ کي ئي ختم ڪيو وڃي.

مغل سلطنت جو زوال ۽ دھلي جي ثقافت

شمس الرحمان فاروقي اڙدو جو هڪ ناميارو نقاد آهي. هن ٻين صنفن ۾ بہ گهڻو ڪم ڪيو آهي. لغت مرتب ڪئي آهي، افسانا لکيا آهن ۽ شاعري وغيرہ ڪئي آهي پر سندس بنيادي سڃاڻپ هڪ نقاد جي آهي.
کئی چاند تھے سر آسماں سندس هڪ شاهڪار ناول آهي. ان ۾ خاص طور ارڙنھين صدي جي پڇاڙي ۽ اوڻويھين صدي جي پھرئين اڌ جي هندوستان ۽ خاص طور دھلي جي ڪلچر جي عڪاسي ڪئي ويئي آهي جڏهين هندوستان ۾ مغلن جو راڄ نالي ماتر وڃي رهيو هو. ليکڪ جو چوڻ آهي تہ اهو تاريخي ناول نہ پر هند مسلم تھذيب جي عڪاسي ڪري ٿو.
هن ڪھاڻي جي شروعات راجپوتانا جي هڪ مصور مخصوص ﷲ کان ٿئي ٿي. اتي مصور هٿراڌو رنگ استعمال نہ ڪندا هئا، پر اهي فطرت کان رنگ وٺندا هئا. مختلف گلن ٻوٽن ۽ جانورن جي کلين وغيرہ کي ان مقصد لاء استعمال ڪندا هئا. اها مخصوص ﷲ جي هڪ امتيازي حيثيت هئي. هن هڪ اهڙي عورت جي تصوير ٺاهي هئي، جنھن جي سونھن بي مثال هئي. ماڻھن کي اها خبر نہ ٿي پئي تہ اها ڪنھن جي تصوير آهي. ڪنھن بہ ان عورت کي نہ ڏٺو هو. ان کي بني ٺني جو نالو ڏنو وڃي ٿو. نيٺ اها خبر پيئي ٿي تہ اها اتان جي هڪ سردار مھاراول جي ڌي آهي. پر جڏهين اها ٻاهر نہ نڪرندي هئي ۽ ان کي ڪنھن ڏٺو نہ هو تہ اها تصوير ڪيئن ٺاهي ويئي. کيس جڏهين ان ڳالھہ جي خبر پيئي ٿي تہ هو پھرين پنھنجي ڌي کي قتل ڪري ٿو ۽ پوء ان ڳوٺ تي حملو ڪري تصوير کي ختم ڪري ٿو. ان دوران مخصوص ﷲ جهنگ ۾ ٻوٽن وغيرہ جي ڳولھا ۾ هجي ٿو. کيس جڏهين ان سڀ متعلق ٻڌايو وڃي ٿو تہ هو بجائي ڳوٺ موٽڻ جي ٻي واٽ وٺي ٿو ۽ سڌو ڪشمير پھچي ٿو. هتي هو شادي ڪري ٿو ۽ جيئن تہ هتي سندس ڳوٺ وانگر ٻوٽا ۽ پن وغيرہ نہ ٿا هجن، ان ڪري هو ٻيو ڪم ڪري ٿو.
سندس پوٽا پنھنجي ماء پي جي وفات کانپوء ڪشمير ڇڏي دھلي هليا وڃن ٿا. انھن مان هڪ جي پٽ کي ٽي ڌيئر ٿين ٿيون. انھن مان وڏي، وچين عمدہ بيگم ۽ ننڍي وزير خاتون هجي ٿي. اصل ڪھاڻي وزير خاتون جي چوڌاري گهمي ٿي، جيڪا انھن ٽنھي ڀينرن ۾ وڌيڪ سھڻي ۽ منفرد هجي ٿي. هڪ لحاظ کان اهو هڪ آزاد عورت جو ڪردار آهي، جيڪا پاڻ تي ڪا بندش ۽ خاص طور مرد جي غلامي کي قبولڻ لاء تيار ناهي. وڏين ٻنھي ڀيڻين جي شادي ٿي وڃي ٿي جڏهين تہ وزير ان لاء تيار نہ ٿي هجي.
ان دور ۾ هندوستان جي راجائن ۽ نوابن وغيرہ ۾ گهڻين زالن رکڻ سان گڏ نڪاح کانسواء بہ عورتن کي رکڻ جو رواج هجي ٿو. انگريز عملدارن هندوستان جي حڪمرانن جي گهڻن طور طريقن کي اختيار ڪرڻ سان گڏ ان کي بہ اختيار ڪيو هو. وزير بيگم جي وچين ڀيڻ بہ هڪ نواب وٽ بنا نڪاح جي رهيل هئي. هڪ ڀيري ڪنھن تقريب مان ايندي واچوڙي جي ڪري وزير جي بگي خراب ٿي پيئي ٿي. اتي سندن ملاقات هڪ انگريز عملدار مارسٽن بليڪ سان ٿئي ٿي، جيڪو سندس هڪ جهلڪ ڏسڻ کانپوء منجهس دلچسپي وٺڻ لڳي ٿو. هو ساڻس گڏ رهڻ لڳي ٿي ۽ ان جي بدلي ٿيڻ تي ساڻس گڏجي جئپور هلي وڃي ٿي. ان مان کيس هڪ پٽ ۽ ڌي ڄمن ٿا ۽ هو ساڻس واعدو ڪري ٿو تہ ويجهڙ ۾ سندس ترقي ٿيڻ کانپوء هو باقاعدي قانوني طرح ساڻس شادي ڪندو. پر هو اتان جي تخت جي وارثي جي مسئلي تي ٿيل وڳوڙ ۾ اتان جي ماڻھن هٿان مارجي وڃي ٿو ۽ وزير بيگم پنھنجي پٽ ۽ ڌي کي انھن جي پڦي ۽ ان جي ڌي، جيڪا انھن جي عيسائي طريقي جي تربيت ڪرڻ چاهين ٿا، جي حوالي ڪري پاڻ دھلي اچي ٿي.
سندس سونھن جي هاڪ سڄي شھر ۾ هجي ٿي. کيس پاڻ اهڙي سھاري جي ڳولا هجي ٿي جنھن سان هو زندگي گذاري سگهي. دھلي جو انگريز ريزيڊنٽ وليم فريزر منجهس دلچسپي وٺي ٿو پر وزير جو لاڙو نواب شمس الدين ڏانھن هجي ٿو، جيڪو پڻ سندس سونھن جو اسير هجي ٿو. هو بنان نڪاح جي نواب سان رهڻ لڳي ٿي. انگريز ريزيڊنٽ مختلف موقعن تي نواب جي بيعزتي ڪندو رهي ٿو جنھن جي بدلي ۾ نواب هن کي پنھنجن ماڻھن هٿان قتل ڪرائي ڇڏي ٿو. ان جي جاچ کانپوء مقدمو هلائي نواب کي وچ چوڪ تي ڦاهي ڏني وڃي ٿي.
وزير بيگم لاء وري هڪ نئون امتحان شروع ئئي ٿو. ان نواب مان کيس نواب مرزا جي نالي سان هڪ پٽ هجي ٿو جيڪو، اڳتي هلي مشھور شاعر داغ جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. وزير بيگم رامپور پنھنجي ڀيڻ وٽ وڃي رهي ٿي. اتي رامپور جي نواب جو هڪ عملدار تراب علي منجهس دلچسپي وٺڻ شروع ڪري ٿو ۽ هي ان سان نۡڪاح ڪري ٿي. هي همراه بہ سھارنپور ۾ جانورن جي هڪ سالياني ميلي ۾ وڃي ٿو ۽ واپسي ۾ ٺڳن جي ور چڙهي مارجي وڃي ٿو. ان مان بہ وزير بيگم کي هڪ پٽ هجي ٿو. اهو پٽ کڻي هو دھلي وڃي ٿي.
سندس چوٿين شادي مغل شھزادي مرزا فتح الملڪ بھادر سان ٿئي ٿي، جيڪو ساڳي وقت ولي عھد بہ هجي ٿو. پر ڪجهہ وقت کانپوء هو بہ بيماري ۾ گذاري وڃي ٿو. وزير بيگم کي راڻي زينت محل قلعي مان نيڪالي ڏئي ٿي ۽ هو دھلي ۾ پنھنجي پراڻي گهر واپس هلي وڃي ٿي.
اهو ناول فڪشن سان گڏ هڪ تحقيق ۽ تاريخ بہ آهي. ليکڪ مختلف ڪتابن ۽ ماڻھن کان ان سلسلي ۾ مدد ورتي آهي. ليکڪ خاص طور وزير بيگم جي مارسٽن بليڪ مان ڌي صوفيه جي اولاد متعلق لکيو آهي. اها پنھنجي سونھن ۾ مشھور هئي ۽ هن هڪ انگريز آفيسر سان شادي ڪئي هئي. اها شاعري بہ ڪندي هئي ۽ ادبي حلقن ۾ مس بليڪ خفي جي نالي سان ڄاتي ويندي هئي. ان جي ٻئي مڙس جو نالو اميرﷲ هو. خاندان متعلق ان کنسواء گهڻي معلومات ناهي تہ ان مان کيس هڪ پٽ ٿيو ۽ ان کي هڪ پٽ ڄائو جنھن جو نالو حسيب ﷲ قريشي هو، جيڪو 1890 ۾ پيدا ٿيو. اهو پوء سليم جعفر جي نالي سان اردو جو مشھور اديب ۽ نقاد طور مشھور ٿيو. پاڪستان اچڻ کانپوء هن ميرپور خاص ۾ رهائش اختيار ڪئي ۽ سندس وفات ڪراچي ۾ ٿي. ان جو هڪ پٽ اعجاز احمد قريشي جو بہ ادب ۽ شاعري وغيرہ سان واسطو هو ۽ ادبي حلقن ۾ شميم جعفرجي نالي سان سڃاتو ويندو هو. هي پنھنجي تڙ ڏاڏي وزير بيگم جي نواب شمس الدين مان ٿيل پٽ نواب مرزا، جيڪو پوء اردو جو مشھور شاعر داغ جي تخلص سان ڄاتو ويو، سان پنھنجي مائٽي واري تعلق جو فخر سان ذڪر ڪندو هو.
ان وقت ملڪ ۾ مختلف گروه اقتدار لاء سرگرم هئا. مرهٽن ۽ سکن سان گڏو گڏ ٺڳن جا مختلف گروه، جن کي انگريزن پاران ختم ڪرڻ جي دعوا ڪئي ويئي هئي، مختلف علائقن ۾ سرگرم هئا. دھلي حقيقت ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني جي ضابطي ۾ هو ۽ بھادر شاه ظفر ان جو وظيفي خوار هو جنھن جي لاء ڪمپني اهو فيصلو ڪري ڇڏيو هو تہ هو ان خاندان جو آخري حڪمران هوندو. پر انھن جي رهڻ ڪرڻ جا طور طريقا شاهانہ هوندا هئا ۽ ڪمپني جي وظيفي کانسواء ان لاء هو مختلف ماڻھن کان قرض بہ وٺندا هئا. گهڻا درٻاري ان ڪري بہ بادشاه کان پري رهڻ جي ڪوشش ڪندا هئا تہ ڪٿي هو کانئن قرض نہ گهري. جيئن تہ حڪومت هلائڻ ۽ رياست جي معاملن جو ڪو ڪم نہ هو ان ڪري اهي شادين ڪرڻ، شعر و شاعري، محلاتي سازشن ۽ اهڙين ٻين ڪمن ۾ پنھنجو وقت گذاريندا هئا. بھادر شاه ظفر لاء چيو وڃي ٿو تہ کيس شادين ڪرڻ ۽ عورتن جو شوق هو. هو جڏهين اٽڪل ستر سالن کن جو هو تڏهين هن زينت محل سان شادي ڪئي هئي جنھن جي عمر يارنھن کان سورنھن سالن جي وچ ۾ هئي. هو اٽڪل ٻہ هزار ماڻھن جي ڪفالت ڪندو هو.
جتي سلطنت زوال پذير ٿئي ٿي اتي ان جا قدر بہ ختم ٿيڻ شروع ٿين ٿا. فارسي هڪ لحاظ کان حڪمرانن جي ٻولي هئي ۽ ان ۾ ئي سڄو ڪار وهنوار هلندو هو. ان دور ۾ ماڻھن جي ٻولي ريختہ، جنھن کي ڪٿي ڪٿي اردو بہ چيو ويو آهي، اهميت حاصل ڪرڻ شروع ڪئي. مشاعرا عام ڳالھہ هوندا هئا ۽ دربار پاران انھن جي سرپرستي ۽ حوصلي افزائي ڪئي ويندي هئي. ماڻھن کي مختلف شاعرن جا ڪلام برزبان ياد هوندا هئا ۽ اهي ڳالھہ ٻولھہ ۾ ان کي موقع مھل جي حساب سان استعمال ڪندا هئا جنھن کي تھذيب جي علامت ڪري ليکيو ويندو هو. ان دور ۾ غالب، ذوق ۽ داغ جھڙا وڏا شاعر پيدا ٿيا، جن کي ساڳي وقت فارسي ۽ ريختہ تي دسترس حاصل هوندي هئي. هن ناول ۾ خاص طور غالب جي زندگي جي ڪجهہ پاسن تي روشني وڌي ويئي آهي. سندس مرزا شمس الدين سان تعلق هو ۽ جائداد جي حوالي سان ان سان ڪجهہ اختلاف بہ هئا، پر ساڳي وقت هو سندس پٽ نواب مرزا داغ جي شاعري کي پسند ڪندو هو ۽ ان سان هڪ محبت جو ناتو رکندو هو.
ليکڪ ناول ۾ ان دور جي استعمال ٿيندڙ ٻولي سميت ڪلچر جي مختلف پاسن جو استعمال ڪيو آهي. خاص طور ڳالھہ ٻولھہ ۾ فارسي شاعري جو استعمال انھن پڙهندڙن لاء ڏکيائي جو باعث بڻجي ٿو جن کي ان ٻولي جي گهڻي واقفيت ناهي.
هي ناول پڙهندڙ کي 1857 جي آزادي جي جنگ تائين وٺي وڃي ٿو ۽ پڙهندڙ ان دور جي خاص طور ثقافتي منظرنامي کان واقفيت حاصل ڪري ٿو.

چانھن جا باغ

انگريزن ننڍي کنڊ جي ماڻھن کي جيڪي شيون ڏنيون انھن ۾ چانھن هڪ اهم شي آهي. هندوستان مان اها برطانيا جي نوآبادي آمريڪا ڏانھن بہ موڪلي ويندي هئي، پر اتان جي ماڻھن پنھنجي آزادي جي جنگ ۾ برطانيا ۽ غلامي سان نفرت جي اظھار طور چانھن جي ذخيرن کي سمنڊ ۾ ٻوڙي ان کان پنھنجي لاتعلقي جو اظھار ڪيو، پر هتان جا ماڻھو اهو نہ ڪري سگهيا. شروع ۾ اها هتان جي ماڻھن لاء هڪ اوپري شي هئي. بابا ٻڌائيندو هو تہ ان کي متعارف ڪرائڻ ۽ ماڻھن کي ان جو عادي ڪرڻ لاء چانھہ جي ڪمپنين پاران ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ گاڏين ۾ ماڻھن کي مفت ۾ اها ڏني ويندي هئي ۽ هاڻي اها ماڻھن جي زندگي جي معمول جو حصو بڻجي ويئي آهي.
اها گهڻو ڪري اوڀر بنگال جي علائقي سلھٽ ۽ آسام وغيرہ ۾ ٿيندي آهي. قرت العين حيدر پنھنجي ڪتاب چانھن ڪي باغ ۾ اتان جي ماحول جي هڪ تصوير پيش ڪئي آهي. ان وقت اهو علائقو اوڀر پاڪستان جو حصو هو. ليکڪا چانھن جي مزدورن جي زندگي تي هڪ دستاويزي فلم ٺاهڻ لاء ڪراچي کان سلھٽ وڃي ٿي. اتي هو پنھنجي هڪ ڪزن زرينہ، جيڪا اتي ڪم ڪندڙ هڪ آفيسر جي زال هجي ٿي، وٽ رهي ٿي. اها ڪزن ميڊيڪل ڊاڪٽر هجي ٿي پر پريڪٽس ڪرڻ پسند نہ ٿي ڪري. ڇاڪاڻ تہ هتي هو پنھنجي مڙس سان هڪ آرام دہ زندگي گذاري رهي هئي.
اتي آفيسر ۽ پورهيت هڪ ٻئي کان بلڪل ڌار زندگي گذارين ٿا ۽ منجهن هڪ واضح فرق هجي ٿو. آفيسر گهڻو ڪري انگريز ۽ اولھہ پاڪستان مان اچن ٿا جڏهين تہ پورهيتن جي گهڻائي جو واسطو سلھٽ ۽ آسام سان هجي ٿو. جيتوڻيڪ اهي ٻيئي علائقا ڌار ملڪن ۾ هئا، پر ماڻھن جي اچ وڃ تي گهڻيون بندشون نہ هيون ۽ ماڻھن جي لاء سرحد ڄڻ تہ نالي ماتر هئي. پر ساڳي وقت ٻنھي علائقن ۾ اسمگلنگ جي روڪ لاء بارڊر سيڪيوريٽي فورس سرگرم هوندي هئي. ڪجهہ پورهيت يوپي ۽ ڀارت جي ٻين علائقن مان بہ هتي آيا هئا ۽ گهڻي عرصي کان هتي رهيل هئا. اوڻويھين صدي جي شروع ۾ اوڀر يوپي جي گهڻن علائقن جي غريب بک جي ستايل هارين ۽ زرعي پورهيتن کي وڏي تعداد ۾ جھازن ۾ ڀري ماريشس وغيرہ جي ٻيٽن تي پلانٽيشنز ۽ هتي چانھن جي باغن ۾ ڪم ڪرڻ لاء موڪليو ويو هو. انھن ماڻھن جا ٻار انھن ملڪن ۾ اڃا ساڳيو ڪم ڪري رهيا آهن. آفيسرن جا پنھنجا ڪلب هئا، جيڪي انگريز ورثي ۾ ڇڏي ويا هئا. هتي اهي مختلف سماجي سرگرمين لاء گڏ ٿيندا هئا. اهڙيون هندوستاني عورتون بہ هيون، جيڪي پنھنجي سڃاڻپ ۽ نالا بدلائي اتي انگريز آفيسرن سان رهيل هيون.
ليکڪا اهڙن ٻن ڪردارن جو ذڪر ڪيو آهي، جيڪي بلڪل لوڪ داستان مان نڪتل لڳن ٿا. غفورالرحمان ۽ پاربتي. مڙد مسلمان ۽ عورت هندو آهي. غفور اسٽيمر تي ڪم ڪري ٿو سندس ڳوٺ سلھٽ ۾ آهي پر کيس آسام ۾ هئڻ ڪري انڊين سمجهيو وڃي ٿو ۽ اهڙي ريت هو ٻنھي ملڪن جي وچ ۾ ڄڻ لٽڪيل رهي ٿو. پاربتي سلھٽ ۾ چانھن جي ڪارخانن ۾ ڪم ڪري ٿي ۽ چانھن جا دٻا اسٽيمر ۾ رکڻ اچي ٿي.ِ ان دوران سندس غفور سان ملاقات ٿئي ٿي.سندس پي سندس شادي هڪ اهڙي ماڻھو سان طئي ڪري ڇڏي هئي، جيڪو عمر ۾ کانئس 15 سال وڏو هو. پاربتي کي پاڻ سان گڏ وٺي وڃڻ لاء غفور سرحد ٽپي وڃي ٿو ۽ بارڊر سيڪيوريٽي کان بچندي جهنگل ۾ هو ڪنھن کڏ ۾ ڪري پئي ٿو ۽ سندس ٽنگ تي ڌڪ لڳي ٿو. پاربتي ڪنھن ريت هڪ ٽرڪ واري کي منٿ ڪري کيس ڊاڪٽر جي گهر تائين پھچائي ٿي. باردر سيڪيوريٽي وارا سرحد ٽپي ايندڙ اسمگلرن جي ڳولا ۾ هجن ٿا ۽ کين انھن تي بہ ساڳيو شڪ ٿئي ٿو. ڊاڪٽر جي گهر جي ٻاهر رات جو ڌماڪن جو آواز ۽ شور ٻڌڻ ۾ اچي ٿو. ٿوري دير کانپوء هڪ مڙد ۽ عورت گهر ۾ داخل ٿين ٿا. مڙد کي ٽنگ ۾ ڌڪ لڳل هجي ٿو. ڊاڪٽر فرسٽ ايڊ باڪس کڻي ان جي مرهم پٽي ڪري ٿي. انھن جي ڳولھا ۾ پوليس گهر ۾ داخل ٿئي ٿي. ڊاڪٽر جو مڙس ڪو جوکم نہ ٿو کڻڻ چاهي ۽ انھن ٻنھي کي فورسز جي حوالي ڪري ڇڏي ٿو.
دستاويزي فلم جي شوٽنگ وقت هو اتان جي ماڻھن لاء ڪپڙا ۽ ٻيون شيون وٺي وڃي ٿي. کيس اتي اها عورت نظر اچي ٿي، جيڪا رات جو سندن گهر ۾ آئي هئي. ان عورت کي جڏهين نوان ڪپڙا وغيرہ پارائي شوٽنگ لاء تيار ڪيو وڃي ٿو تہ ان جي سونھن کيس متاثر ڪري ٿي. اتي پنچائت ۾ ان عورت جي آئندي متعلق ئي بحٿ ٿي رهيو هو. دستاويزي فلم جي ٺاهڻ ۾ گهڻيون ڏکيائيون پيش اچن ٿيون ۽ آخر ۾ ان کي نہ ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو وڃي ٿو.

ورهاڱو ۽ لاهور جو ادبي منظرنامو

اڙدو جي افسانا نگار انتظار حسين لاءِ اهو چيو ويندو آهي تہ هو ناسٽليجيا جو ليکڪ آهي ۽ سندس لکڻين ۾ ورهاڱي جو ڏک ۽ يادون ئي ملنديون آهن. ڏٺو وڃي تہ اها ڳالھہ اڙدو، سنڌي ۽ ٻين ٻولين جي گهڻن اهڙن ليکڪن ۾ بہ نظر اچي ٿي، جيڪي لڏپلاڻ جي تجربي مان گذريا آهن. انتظار حسين جي لکڻين ۾ ان کانسواء بہ ٻيو گهڻو ڪجهہ آهي. هو ادب جو هڪ اهم نالو آهي.
1947 ۾ ميرٺ ڀارت مان لاهور لڏي اچڻ کانپوء هن پنھنجين يادگيرين کي ”چراغوں کا دھواں“ نالي ڪتاب ۾ قلم بند ڪيو آهي ۽ ڪتاب جي آخر ۾ ان ڳالھہ جي وضاحت بہ ڪئي آهي تہ اهي رڳو نئين ملڪ ۾ اچڻ کانپوء جون سندس يادون آهن.
سندس چوڻ آهي تہ هو هندوستان مان ڪو ڦرجي نہ آيو هو. سندس سامان جيڪو ٽرين ۾ ايندي وڃائجي ويو هو اهو بہ پوء کيس موٽي مليو هو. ان وقت سرحد جي ٻنھي پاسن تي فساد هلي رهيا هئا. سڄي ٽرينن جي مسافرن جو ڪسجي وڃڻ هڪ عام ڳالھہ هئي. ماڻھو هڪ ڊپ واري ڪيفيت ۾ لڏپلاڻ ڪري رهيا هئا. ان صورتحال ۾ ان هڪ ريل گاڏي ۾ سفر ڪيو جنھن ۾ ساڻس گڏ اڙدو جو ليکڪ سليم احمد بہ گڏ هو، جيڪو ڪراچي هليو ويو. سندس دوست محمد حسن عسڪري هفتو ڏيڍ اڳ لاهور اچي ويو هو ۽ کيس هتي اچڻ لاء چيو هئائين. هڪ ڊپ واري ڪيفيت ۾ سفر ڪندي، انھن واهگه بارڊر پار ڪيو. ليکڪ مغل پوره لاهور تي لھي پيو جڏهين تہ سليم احمد اڳتي ڪراچي هليو ويو.
شروع ۾ هو عسڪري سان گڏ ڪرشن نگر ۾ عسڪري جي ڀاء کي الاٽ ٿيل گهر ۾ رهيو. سندس چوڻ آهي تہ جيئن ڪراچي ۾ لالو کيت کي لياقت آباد جو نالو ڏنو ويو ائين ڪرشن نگر کي اسلام پوره جو نالو ڏنو ويو. اتي جن مھاجرن کي گهر الاٽ ٿيا هئا انھن جو حال بيان ڪندي چئي ٿو تہ انھن گهرن کي انھن جي اڳوڻن رهائشين سجايو ۽ سنواريو هو پر هاڻي حال اهو هو تہ اتي ورانڊي ۾ مينھن ٻڌل هئي ۽ ڊرائنگ روم ۾ ان جو ڀوسو پيو هوندو هو.
شروعاتي ڏينھن ماڻھن سان ملندي ۽ گهمندي ڦرندي گذريا. پھرين هو آفتاب احمد خان ۽ ايم اسلم سان مليو ۽ پوء لنڊا بازار مان ڪمبل خريد ڪري ۽ هيرا منڊي مان ٿيندو گهر پھتو. سندس چوڻ آهي تہ هو انھن چار شين کانسواء هاڻي بہ پاڪستان جو تصور نہ ٿو ڪري سگهي. حسن عسڪري سان ڪجهہ عرصو گڏ رهڻ کانپوء هو پنھنجن ٻن ڀاڻيجن سان رهڻ لڳو. هو اهو ٻڌائي ٿو تہ ڪيئن سندس کاڌي ۽ ذائقي ۾ تبديلي آئي. انھن ٻن ڀاڻيجن مان هڪ پنجابين مان شادي ڪئي هئي ۽ سندس زال پنجابين واري انداز سان کاڌا تيار ڪندي هئي جيڪي سندس يوپي جي کاڌن ۽ انھن جي ذائقن کان بلڪل مختلف هوندا هئا، پر کيس ان مطابق هلڻو پوندو هو.
حسن عسڪري جي تہ پير ۾ چڪر هو ۽ کيس هڪ جاء تي سک نہ هو پر کيس ڪجهہ عرصي کانپوء بمبئي جي هڪ رسالي نظام، جيڪو هاڻي لاهور منتقل ٿيو هو، جي ايڊيٽر جي نوڪري ملي ويئي. هن پوء آفاق، امروز ۽ مشرق اخبارن ۾ بہ ڪم ڪيو. مشرق ۾ سندس ڪالم لاهور ناما گهڻو مشھور ٿيو.
هي ڪتاب گهڻي ڀاڱي لاهور شھر، ان جي ادبي منظرنامي ۽ اديبن متعلق آهي. لاهور ۾ ان وقت مختلف هوٽل اديبن جي ڪچھرين جو مرڪز هوندا هئا. انھن ۾ ڪافي هائوس، ٽي هائوس، چائينيز، لاردز، شيزان ۽ ميٽرو وغيرہ شامل هوندا هئا. اتي ليکڪن جو سڄو ڏينھن ويھڻ پر رڳو چانھن تي زور هوندو هو ۽ لنچ ۽ ڊنر وغيرہ جو آرڊر نہ ڏنو ويندو هو. هڪ وڏي هوٽل جي مالڪ ڪجهہ عرصو ان صورتحال کي ڏسندي هوٽل ۾ نوٽس لڳايو تہ رڳو لنچ ۽ ڊنرجا آرڊر هلندا. نتيجي ۾ همراهن کي پنھنجو ٺڪاڻو بدلائڻو پيو. ميٽرو ۾ ڊانس جو پروگرام بہ ٿيندو هو. آهستي آهستي نہ رڳو اهو تہ اهي هوٽل هڪٻئي پويان بند ٿيندا ويا ۽ رڳو ٽي هائوس ڪجهہ مزاحمت ڪري سگهي پر اتي ويھندڙ اديب بہ گهڻي ڀاڱي غائب ٿي ويا. ليکڪ برما جي اڳواڻ آنگ سان سوچي جي ڪتاب Letters From Burma جو حوالو ڏنو آهي، جنھن ۾ هن برما جي چانھن خانن جو ذڪر ڪيو آهي، جن اتان جي سياسي تحريڪ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هو. اهڙي ريت امرتا سين پنھنجي آتم ڪٿا ۾ شانتي نڪيتن جي ڀر ۾ ڪافي هائوس جو ذڪر ڪيو آهي، جتي ليکڪ ۽ دانشور گڏ ٿيندا هئا ۽ مختلف معاملن تي ڳالھائيندا هئا.
ان وقت مال هڪ ويڪرو ڪشادو روڊ هوندو هو جنھن جي ٻنھي پاسن کان وڻ هوندا هئا. مختلف جاين تي ڇٻر جا ٽڪرهوندا هئا. گهڻو ڪري ماڻھو پنڌ هلندا هئا يا سائيڪل جو استعمال ڪندا هئا. ٽانگو هڪ عام سواري هوندي هئي. اسڪوٽر ۽ موٽر ڪار وغيرہ جو نالو نشان نہ هو. پر اها صورتحال ڏه سال مشڪل سان هلي. ايوب خان جي مارشل لاء کانپوء اها ترقي جي نالي ۾ بلڪل تبديل ٿي ويئي. سڙڪ کي ڪشادو ڪرڻ لاء مال تان وڻ وڍجي ويا، سڙڪ جي پاسن کان گاه جا ٽڪرا ختم ٿي ويا. ٽانگي جي مال تي اچڻ تي پابندي لڳي ويئي ۽ سائيڪل جي جاء تي اسڪوٽر ۽ موٽر ڪار اچي ويون.
انتظار حسين کي هڪ رجعت پسند اديب چيو وڃي ٿو ۽ پاڻ بہ ان جو ذڪر ڪري ٿو. پر ساڳي وقت هو اها بہ ڳالھہ ڪري ٿو تہ هن ميرٺ ۾ ظ انصاري سان گڏجي انجمن ترقي پسند مصنفين جي تنظيم لاء ڪم ڪيو هو ۽ لاهور اچڻ کانپوء بہ انجمن جي پروگرامن ۾ شريڪ ٿيندو ۽ اتي افسانا وغيرہ پڙهندو هو. هڪ ڀيري جڏهين کيس انجمن جي گڏجاڻي ۾ افسانو پڙهڻو هو تہ کيس ٻڌايو ويو تہ انجمن پاران ڪجهہ اديبن، جن ۾ ليکڪ سان گڏ سعادت حسن منٽو بہ شامل هو، تي انجمن جي گڏجاڻين ۾ شريڪ ٿيڻ تي پابندي مڙهي ويئي آهي. هن جڏهين ان جي جاچ ڪئي تہ کيس خبر پيئي تہ اهڙو ٺھراء سيد سبط حسن پاران تيار ڪيو ويو هو. پر جڏهين سندس سبط حسن سان ڳالھہ ٻولھہ ٿي تہ هن کيس ٻڌايو تہ ٺھراء هن ئي لکيو هو، پر جڏهين هن ان کي پيش ڪيو تہ اتي موجود ڪنھن بہ ان تي اعتراض نہ ڪيو هو. دراصل اهو سرد جنگ جو دور هو ۽ انجمن پاران پھرين بمبئي ۽ پوء لاهور ڪانفرنس ۾ اهڙو سخت گير موقف اختيار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو. بھرحال ڪميونسٽ پارٽي ۽ ان جي ذيلي تنظيمن تي بندش کانپوء انجمن جو ادبي وايو منڊل ۾ ڪردار ختم ٿي ويو. ان پابندي کانپوء گهڻن ترقي پسند اديبن حلقہ جي گڏجاڻين ۾ اچڻ شروع ڪيو هو.
حلقہ ارباب ذوق ۾ گهڻا اديب سرگرم هئا، پر اهي ڪنھن سياسي معاملي تي نہ ڳالھائيندا هئا ۽ نہ ڪو پنھنجو موقف ڏيندا هئا. مختلف جاين تي انھن جون گڏجاڻيون ٿينديون هيون. اڳتي هلي اها تنظيم ٻن حصن حلقہ ارباب ذوق سياسي ۽ حلقہ ارباب ذوق ادبي ۾ ورهائجي ويئي. انجمن پاران تہ انتظار حسين تي اڳ ئي بندش وڌي ويئي هئي، هاڻي حلقہ وارن بہ کيس نيڪالي ڏيئي ڇڏي. اڳتي هلي حلقہ جو وجود بہ نہ هئڻ برابر وڃي رهيو.
ايوب خان جي مارشل لاء کانپوء ست اديبن جن ۾ جميل الدين عالي، قرت العين حيدر ۽ غلام عباس بہ شامل هئا، ايوب خان جي کنيل قدمن جي تعريف ڪندي چيو تہ حڪومت کي اديبن جي فلاح بھبود لاء بہ ڪي قدم کڻڻ گهرجن. عالي پاران ايندڙ سال جي شروع ۾ ڪراچي ۾ رائٽرز ڪنونشن منعقد ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو. ان سڀ جي پويان اصل ماڻھو قدرت ﷲ شھاب هو. اهڙي ريت رائٽرز گلڊ قائم ٿي جيڪا ايوب جي اقتدار کان هٽڻ کان اڳ ئي پنھنجي پڄاڻي تي پھتي. مقصد اهو هو تہ اديبن کي سرڪار کان وڌ ۾ وڌ سھولتون وٺي ڏجن تہ جيئن اهي حڪومت جي پاسي هجن ۽ ان جي مخالفت نہ ڪن. ان وقت خاص طور ترقي پسند اديبن لاء شايد اهو سوال اهم نہ هو تہ اوهان ڪھڙي پاسي آهيو. گهڻا ترقي پسند اديب رڳو ان ڪري گلڊ ۾ شامل ٿي ويا تہ ڏسون تہ اتي ڇا ٿو ٿئي. ڪراچي ۾ گلڊ جو پھريون اجلاس ٿيو. عالي ان ۾ خوش هوندو هو تہ اديبن کي رهائش وغيرہ جي حوالي سان اهي سھولتون وٺي ڏيئي، جيڪي وڏن آفيسرن کي حاصل هيون. اديبن کي ڏيھہ ۽ پرڏيھہ ۾ گهمڻ ڦرڻ جا موقعا ڏنا ويا. ضياء الحق پاران اڪيڊمي آف ليٽرس جا گهڻا اجلاس گهرايا ويا پر ليکڪ ان ۾ شريڪ نہ ٿيو.
پاڪستان اچڻ کانپوء ليکڪ هندوستان جا ڪجهہ چڪر هنيا. شروع وارن ڏينھن ۾ ائين ٿي محسوس ٿيو تہ ڄڻ ڪجهہ بہ نہ بدليو هو ۽ هر شي پنھنجي جاء تي ساڳي هئي پر جڏهين گهڻي عرصي کانپوء هو اتي ويو تہ کيس لڳو تہ هر شي بدلجي ويئي آهي. هونئن بہ ماڻھو جڏهين پنھنجي جاء بدلائيندو آهي تہ ساڳي جاء ۽ شي بہ ان جي لاء اوپري ٿي ويندي آهي. هن لاهور جي ٽي هائوس جيان دھلي جي هڪ اهڙي ٽي هائوس جو ذڪر ڪيو آهي جتي ليکڪ گڏ ٿيندا هئا ۽ مختلف ادبي ۽ سياسي معاملن تي بحث ڪندا هئا. پر وري جڏهين ٻيو ڀيرو اتي ويو تہ اهو ٽي هائوس اتي نہ هو ۽ ان جي جاء تي هڪ گهڻ ماڙ عمارت ٺھيل هئي. خبر پيئي تہ اندرا گانڌي ايمرجنسي دوران هتي ٿيندڙ بحث ۽ تنقيد کان تنگ ٿي ماڳيئي عمارت ئي ڊهرائي ڇڏي هئي. 1965 جي جنگ تائين ٻنھي ملڪن جي سرحدن تي ڪي گهڻيون پابنديون نہ هيون ۽ اچ وڃ ۾ سھولت هوندي هئي پر ان کان پوء سرحد پار وڃڻ ڏکيو ٿي پيو.
پوء نہ اهو لاهور رهيو، نہ اهو ادبي ماحول رهيو ۽ نہ ئي اهي اديب رهيا. هر شي تبديل ٿي ويئي.

حماس ۽ اسرائيل جو جاسوسي نيٽ ورڪ

فلسطين جي مسئلي ۽ مزاحمت جي حوالي سان پي ايل او ۽ ان ۾ شامل تنظيمون ڄڻ تہ ماضي جو حصو بڻجي چڪيون آهن. هن وقت حماس هڪ مرڪزي حيثيت حاصل ڪري چڪي آهي. آڪٽوبر 2023 جي اسرائيل جي غزه تي حملي ۽ ان کان پوء غزه جي صورتحال مان ائين لڳي رهيو آهي تہ حماس ئي اڪيلي تنظيم آهي، جيڪا اسرائيل خلاف مزاحمت ڪري رهي آهي.
اسرائيل کي آمريڪا ۽ يورپ جي ملڪن جي حمايت ۽ پٺڀرائي حاصل آهي، پر ان سان گڏوگڏ اسرائيل پنھنجي جنگي صلاحيت، جنھن جو اينٽيليجينس هڪ اهم جز آهي، کي گهڻو وڌايو آهي. تازو ايران ۾ حماس جي اڳواڻ اسماعيل هانيه جو قتل ۽ ان کان اڳ ايران جي نيوڪليئر سائنسدان جو قتل وغيرہ ان جي ڪري ئي آهن. ساڳي ريت لبنان ۾ حسن نصرﷲ جي قتل ۽ حزب ﷲ خلاف ڪارواين ۾ پڻ اهو هڪ اهم عنصر آهي. ڪجهہ مبصرن جو چوڻ آهي تہ ايران ۾ خميني جي اقتدار ۾ اچڻ کانپوء شاه جا حامي ۽ خاص طور مجاهدين خلق جا جيڪي ماڻھو رياستي ڏاڍ جي ڪري ايران مان هليا ويا هئا، انھن مان گهڻن کي ايران جي حڪومت خلاف استعمال ڪيو ويو آهي.
ءِاها ڳالھہ بہ لڪل ناهي تہ فلسطيني مزاحمت جي مختلف تنظيمن ۾ اهڙا ماڻھو موجود رهيا آهن، جيڪي اسرائيل لا ڪم ڪندا رهيا آهن. مصحاب حسن يوسف جو ڪتاب Son of Hamas اهڙو ئي داستان آهي.
ليکڪ حماس جي هڪ باني رڪن حسن يوسف جو پٽ آهي. حسن يوسف هڪ مذهبي عالم ۽ پنھنجي شھر جي مسجد ۾ پيش امام رهيو هو. وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاء هو اردن ويو هو، جتي سندس واسطو اخوان المسلمين سان پيو. واپس اچڻ کانپوء هن اهو محسوس ڪيو تہ فلسطين ۾ اخوان جي پليٽ فارم تان ڪم ڪرڻ وڌيڪ ڪارگر نہ ٿيندو. ساڳي وقت هو پي ايل او ۽ خاص طور عرفات جي پاليسين مان مطمئن نہ هو. ان ڪري پنھنجن ڪجهہ هم خيال ماڻھن سان گڏجي انھن حماس جو بنياد وڌو. حسن يوسف کي مختلف وقتن تي اسرائيل ۽ پوء فلسطين اٿارٽي پاران قيد ڪيو ويو. سندس ياسر عرفات سان خاص ناتا هئا ۽ هو حماس جي حوالي سان ساڻس صلاح مشورو بہ ڪندو رهندو هو.
ليکڪ حسن يوسف جو وڏو پٽ آهي. هو والاريل علائقن ۾ اسرائيل خلاف ٿيندڙ مزاحمت کان متاثر هو. هڪ ڀيري آبادڪارن جي گاڏي تي پٿرن سان حملو ڪرڻ جي ڪري هو پڪڙجي بہ پيو هو پر پوء آزاد ٿي وِيو هو. هن فلسطين جي ٻين نوجوانن جيان اسرائيل خلاف وڙهڻ ۽ مزاحمت ڪرڻ چاهي ٿي. ان مقصد لاء هن پنھنجي هڪ دوست سان فون تي هٿيارن حاصل ڪرڻ متعلق ڳالھايو. پر سندس اها ڳالھہ ٻولھہ اسرائيلي اينٽيليجينس اداري شين بيت جي ريڪارڊ تي اچي ويئي ۽ کيس گرفتار ڪيو ويو.
سخت تشدد ۽ پڇا ڳاڇا کانپوء کيس شين بيت لاء ڪم ڪرڻ جي آڇ ڪئي ويئي. ٿوري سوچ ويچار کانپوء هن اهو فيصلو ڪيو تہ هو اسرائيل جي جاسوسي اداري لاء ڪم تہ ڪندو پر ساڳي وقت اسرائيل خلاف پنھنجي مزاحمت کي پڻ جاري رکندو. ان ڳالھہ کي يقيني ڪرڻ لاء تہ مٿس حماس ۽ فلسطيني حريت پسندن پاران دشمن جي ايجنٽ هئڻ جو شڪ نہ ڪيو وڃي، کيس ڪجهہ عرصي لاء جيل موڪليو ويو. حماس جي قيدين سان گڏ رهندي هو اها ڳالھہ محسوس ڪري ٿو تہ انھن مان ڪي اسرائيل جا ايجنٽ هئا. جيل ۾ حماس جي پنھنجي حڪومت هجي ٿي ۽ اتي مختلف ڪارڪنن تي تشدد ڪري کانئن اسرائيل جي ايجنٽ هئڻ جوڪوڙو اقرار ڪرايو وڃي ٿو. ليکڪ جيتوڻيڪ کين ٻڌائي ٿو تہ هو ڊبل ايجنٽ آهي پر کيس ان ڪري ڪجهہ نہ ٿو چيو وڃي تہ هو حماس جي هڪ اهم اڳواڻ حسن يوسف جو پٽ هو. هو پنھنجي شين بيت جي رابطي واري همراه سان ان ڳالھہ جو ذڪر ڪري ٿو ۽ کيس چئي ٿو تہ اهي انھن ماڻھن خلاف ڪاروائي ڇو نہ ٿا ڪن. هو کيس چئي ٿو تہ کين ان سڀڪجهہ جي خبر آهي.
جيل مان نڪرڻ کانپوء کيس وڏي رقم ڏني وڃي ٿي تہ جيئن هو پنھنجي زندگي آرام سان گذاري سگهي. بيت المقدس جي گهٽين ۾ گهمندي سندس ملاقات هڪ عيسائي مشنيري سان ٿئي ٿي ۽ ان جي چوڻ تي هو گرجا ۾ وڃي سندن ڳالھيون ٻڌي ٿو ۽ انجيل جو مطالعو شروع ڪري ٿو. هو عيسائي مذهب جي تعليم ۽ حضرت عيسيٰ جي شخصيت کان گهڻو متاثر ٿئي ٿو. خاص طور انسانن ۽ پنھنجن دشمنن سان بہ پيار ڪرڻ وارو فلسفو کيس گهڻو متاثر ڪري ٿو.
هو خاص طور حماس متعلق حساس معلومات جي حوالي سان اسرائيل جو هڪ اهم ذريعو هجي ٿو. هڪ لحاظ کان هو ڄڻ تہ اسرائيل جو وڪيل هو. سندس چوڻ آهي تہ اسرائيل جي عرفات سان ٺاه کانپوء حماس جي اهميت ختم ٿي چڪي هئي ۽ ان کي ڪنھن نئين تحرڪ جي ضرورت هئي جيڪو موقعو ان کي اسرائيل جي ان وقت جي وزير شيرون جي مسجد اقصا ۾ وڃڻ جي نتيجي ۾ مليو ۽ ٻين انتفادہ جي شروعات ٿي ويئي. حماس جي اڳواڻن جي روپوش ۽ جيل ۾ هئڻ ڪري کيس ڄڻ حسن يوسف، جيڪو پاڻ جيل ۾ هو، جي پٽ هئڻ ڪري تنظيم ۾ هڪ مرڪزي حيثيت حاصل ٿي ويئي هئي. ان وقت اسرائيل جي لاء هن ٻہ اهم ڪم ڪيا. هڪ تہ اردن مان آيل آپگهاتي بمبارن جي هڪ گروپ، جيڪو ساڻس رابطي ۾ هو، کي گرفتار ڪرايو ۽ ٻيو حماس جي فنڊنگ ۽ ان جي رابطن جي اهڙي نيٽورڪ کي بي نقاب ڪيو جنھن تنظيم کي گهڻو نقصان پھچايو.
اسرائيل جڏهين حماس جي اڳواڻن کي ٽارگيٽ ڪري مارڻ شروع ڪيو تہ هن جي اها ڪوشش هوندي هئي تہ خاص طور پنھنجي پيءُ کي ان کان محفوظ رکجي ۽ ان مقصد لاء سندس اها ڪوشش هوندي هئي تہ هو اسرائيل جي قيد ۾ رهي. نيٺ هن پنھنجي ان ڪم مان بيزار ٿي ملڪ ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو ۽ آمريڪا هليو ويو. اتي هو هڪ اسرائيلي اخبار کي انٽرويو ڏيندي عيسائيت اختيار ڪرڻ جو اعلان ڪري ٿو.

پوري زندگي اڻ پوري جدوجھد

عبدالخالق جوڻيجو جي جيئي سنڌ سان هڪ ڊگهي وابستگي رهي آهي. هن وقت هو جيئي سنڌ محاذ جو چيئرمين آهي. هن پنھنجي آتم ڪٿا ”پوري زندگي اڻپوري جدوجھد“ ۾ ان جو تفصيل سان احوال ڏنو آهي. ائين چئجي تہ وڌاء نہ ٿيندو تہ اها آتم ڪٿا ذري گهٽ سندس سياسي سرگرمين متعلق ئي آهي. هن پنھنجي سياسي زندگي جي شروعات پاڪستان پيپلز پارٽي کان ڪئي، جنھن جو هو اڳتي هلي وڏو نقاد بڻجي ويو. پوء هو جيئي سنڌ ۾ شامل ٿيو.
ليکڪ جو واسطو ڏوڪري تعلقي جي ڪچي جي هڪ ڳوٺ قاضي دڙو سان آهي. ابتدائي ڪجهہ سال ڳوٺ ۽ ڀرپاسي جي اسڪولن ۾ تعليم حاصل ڪرڻ کانپوء هو وڌيڪ تعليم لاء لاڙڪاڻو ۽ ميھڙ وغيرہ هليو ويو. ڏٺو وڃي تہ ڪاليج جي پڙهائي دوران کيس ٿوري گهڻي سياسي سمجه هئي پر سندس سياسي سرگرمين جي باقاعدي شروعات ڄامشورو ۾ انجينيئرنگ ڪاليج ۽ سنڌ يونيورسٽي ۾ پڙهائي دوران ٿي.
ليکڪ جيئي سنڌ تحريڪ ۽ جي ايم سيد جي تنظيم ۾ ڪردار متعلق لکڻ ۾ نھايت احتياط کان ڪم ورتو آهي. هڪ لحاظ کان سيد ڏانھن سندس رويو هڪ معتقد وارو آهي. گهڻا ماڻھو اها ڳالھہ ڪن ٿا تہ سنڌ يونيورسٽي ۾ جساف جو ٻين شاگرد تنظيمن ڏانھن هڪ اسھپ وارو رويو رهيو. ليکڪ هڪ جلسي جي ڳالھہ ڪئي آهي جنھن ۾ نذير عباسي کي تنظيم جي صدر شاه محمد شاه ۽ ٻين ڪارڪنن مارڪٽ ڪري ٻاهر ڪڍي ڇڏيو هو. ليکڪ جيتوڻيڪ ان کي صحيح نہ ٿو سمجهي، پر حيرت جھڙي ڳالھہ اها آهي تہ هو پوء بہ ان کي جسٽيفائي ڪري ان جي لاء جواز پيش ڪري ٿو. هو يونيورسٽي ۾ تشدد ۽ هٿيارن کي متعارف ڪرائڻ جي سڄي ذميواري سپاف تي وجهي ٿو جيڪا ڳالھہ مڪمل طور صحيح ناهي ۽ ليکڪ جي جانبداري کي ظاهر ڪري ٿي.
جي ايم سيد جي شاگرد تنظيم تي اثر رسوخ جو اندازو ان ڳالھہ مان لڳائي سگهجي ٿو تہ تنظيم پاران مولابخش لغاري کي صدر جي عھدي لاء بيھارڻ جو فيصلو ڪيو وڃي ٿو، پر کين سيد جو نياپو ملي ٿو تہ شاه محمد شاه کي اهو عھدو ڏنو وڃي. ان ڳالھہ جي باوجود تہ ليکڪ چواڻي ان ڳالھہ جي تصديق بہ نہ ٿي پر پوء بہ شاه محمد شاه کي اهو عھدو ڏنو ويو. هڪ ٻيو مثال ڊاڪٽر حميدہ کھڙو کي محاذ جي اڳواڻي ڏيڻ هو. ان سلسلي ۾ سيد جو موقف اهو هو تہ جيئن تہ تنظيم جي ڪارڪنن جي گهڻائي محدود وسيلن واري آهي ۽ اها وڏين گڏجاڻين ۽ اجلاسن وغيرہ جي خرچ جي متحمل نہ ٿي ٿي سگهي ان ڪري ميڊم کھڙو کي قيادت جي ذميواري ڏني وڃي جنھن وٽ انھن خرچن کي پوري ڪرڻ لاء وسيلا آهن. پر تنظيم ۾ کاٻي ڌر جي ڪارڪنن جي مزاحمت ڪري ان تي عمل نہ ٿي سگهيو ۽ ميڊم کھڙو جيئي سنڌ روڪنگ ڪاميٽي جي نالي سان پنھنجو ڌار گروپ ٺاهيو.
ليکڪ تنظيم اندر ڏوهاري عنصرن جي موجودگي جو پاڻ بہ ذڪر ڪيو آهي ۽ ان سلسلي ۾ جي ايم سيد جي ڳالھين جو حوالو پڻ ڏنو آهي، جنھن ۾ هن تنظيم اندر ڏوهاري ماڻھن جي موجودگي جو ذڪر ڪندي، اهو چيو هو تہ نيڪ مقصدن لاء نيڪ طريقا اختيار ڪرڻ گهرجن. ان جي جواب ۾ انھن ڪارڪنن جو چوڻ هو تہ اهي پنھنجو سڀڪجهہ ڇڏي تنظيم ۾ آيا آهن ۽ اهي جيڪڏهين اهي ڪاروايون نہ ڪندا تہ کائيندا ڪٿان.
تنظيم اندر اختلاف 1976 کان شروع ٿي ويا هئا ۽ مختلف گروه ۽ فرد پنھنجي مٿڀرائپ کي قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا. ليکڪ چواڻي جيئن تہ سندس واسطو اهڙي سوچ سان هو جنھن ۾ ڪتاب پڙهڻ، نظرياتي بحث ڪرڻ ۽ ڏوهاري سرگرمين کان پري رهڻ هو، ان ڪري سندن مخالف کين بزدل ۽ جدوجھد کان لنوائيندڙ ڪري ليکيندا هئا. ان سلسلي ۾ هن خاص طور بشير قريشي ۽ قادر مگسي جو ذڪر ڪيو آهي.
ليکڪ جو عبدالواحد آريسر سان ويجهو تعلق رهيو. هو گهڻا ڏينھن سندس گهر ۾ بہ ترسندو هو. هن جو آريسر لاء چوڻ آهي تہ هو هڪ سٺو مقرر هو ۽ وٽس دنيا ۽ خاص طور آفريڪا جي قومي تحريڪن متعلق سٺي ڄاڻ هئي. هو ماڻھن کي متحرڪ ڪري سگهندو هو. پر آريسر جي محاذ جي چيئرمين جي حيثيت لاء سندس چوڻ آهي تہ هو تنظيمي ضابطن کي قبول نہ ڪندو هو ۽ بجائي پارٽي جي ادارن ۾ پنھنجي ڳالھہ رکڻ جي هو عام جلسن ۽ پريس بيانن ۾ پارٽي جي پاليسي ڏيندو هو جيڪا ڳالھہ قبولڻ جوڳي نہ هئي.
ان آتم ڪٿا پڙهندي ائين لڳي ٿو تہ پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ خاص طور ذوالفقار علي ڀٽو ڄڻ تہ ليکڪ جي حواسن تي سوار آهن. پنھنجي تنقيد ۾ هو ڪو توازن برقرار رکي نہ سگهيو آهي. ان ڳالھہ جي باوجود تہ ليکڪ جو ڪو سڌو سنئون ۽ تنظيمي لحاظ کان پيپلز پارٽي سان ڪو واسطو نہ رهيو آهي پر ڪتاب جو هڪ وڏو حصو انھن جي تنقيد تي مشتمل آهي.
هي آتم ڪٿا جو پھريون حصو آهي جيڪو 1995 ۾ جي ايم سيد جي وفات تي ختم ٿئي ٿو.

خلافت عثمانيا ليکڪن جي نظر ۾

خلافت عثمانيا ترڪيہ جي تاريخ جو هڪ اهم باب آهي. اهڙو ماضي جيڪو مختلف ڪارڻن ۽ پنھنجي مثبت ۽ منفي پاسن جي ڪري موجودہ دور جي ترڪيہ جي تخليقڪارن لاء ڇڪ جو باعث رهيو آهي. اهڙي ريت ترڪيہ جي ناول نگارن بہ ان جي مختلف پاسن تي طبع آزمائي ڪئي آهي. ان سلسلي ۾ ايلف شفق جي ناولArchitect’s Apprentice The جو ذڪرڪري سگهجي ٿو. اهو ناول سورنھين صدي عيسوي ۾ خلافت عثمانيا جي عروج جي پس منظر ۾ لکيو ويو آهي. اهو سليمان عاليشان، سليم ٻئين ۽ مراد ٽئين جو دورهو.
هونئن تہ ان جو موضوع هندوستان مان پنھنجي ماٽيلي پي جي ظلمن جي ڪري ڀڳل هڪ اهڙي نوجوان جو قصو آهي جيڪو سلطان لاء تحفي طور اڇي رنگ جو هاٿي کڻي اچي ٿو ۽ سلطان کيس هاٿين جي سارسنڀال لاء پاڻ وٽ رکي ٿو. اتي شھزادي سان کيس محبت ٿئي ٿي. ان دور جي مشھور ۽ دربار جي مک آرڪيٽيڪٽ معمار سنان سان ويجهڙائپ ۽ پوء سندس شاگردي ۾ مسجد سليمانيا جي تعمير، گرجا صوفيه حاجيا جي آرائش ۽ ٻين گهڻين مشھور عمارتن جي ٺاهڻ ۾ حصو وٺي ٿو.
ان ناول ۾ جنھن ڳالھہ مون کي متوجھہ ڪيو، اهو سلطان جي جانشيني جو نظام هو. اها ڪا طئي شدہ ڳالھہ نہ هئي تہ سلطان جي مري وڃڻ يا تخت تان هٽڻ کانپوء وڏو يا ننڍو پٽ يا ڀاء تخت سنڀاليندو، بلڪ خاندان جا جيڪي بہ مرد هوندا، سي ان تخت جا اميدوار هوندا. پوءِ ٿيندو ائين هو تہ جڏهين بہ نئون سلطان تخت تي ويھندو هو تہ ان جو پھريون ڪم خاص طور پنھنجن ڀائرن، جيڪي ڪنھن بہ وقت سندس اقتدار لاء خطرو ٿي سگهن پيا، کي قتل ڪرائڻ هوندو هو. تخت سنڀالڻ جو اهو پھريون ڏينھن انھن ماڻھن لاء دھشت وارو هوندو هو ۽ محل مان رڙيون ۽ ڪيڪون ٻڌڻ ۾ اينديون هيون. ڪو رحم دل سلطان اهو سڀڪجهہ نہ چاهيندي بہ ڪرڻ لاء مجبور هوندو هو، ڇو تہ کيس بہ ڀائرن ۽ مائٽن کان وڌيڪ اقتدار عزيز هوندو هو. اها ساڳي روايت هندوستان جي مغل حڪمرانن ۾ بہ هوندي هئي. چيو وڃي ٿو تہ تخت حاصل ڪرڻ جي ويڙه ۾ جيتري رتوڇاڻ مغلن جي شاهي خاندان ۾ ٿي، اهو هڪ مثال آهي. ان جو ڪارڻ اهو ئي هو تہ جانشيني جو ڪو نظام موجود نہ هو ۽ بادشاه جا سڀ پٽ ۽ ايستائين تہ خاندان جا ٻيا مرد بہ تخت حاصل ڪرڻ جا اميدوار هوندا هئا ۽ ان لاء ڪنھن حد تائين بہ وڃڻ لاء تيار هوندا هئا.
ساڳي ريت اورهان پامڪ جو ناول Nights of Plague ويھين صدي جي شروعات جي ڪھاڻي آهي، جڏهين خلافت عثمانيا زوال پذير هئي. مملڪت جا گهڻا حصا ڌار ٿي چڪا هئا. دربار وزيرن، دربارين ۽ عالمن جي سازشن جو ڳڙه هو ۽ سلطان سندن رحم وڪرم تي هوندو هو. يورپ جا ملڪ نين ايجادن ۽ علمن جي ڪري فوجي ۽ سياسي لحاظ کان ترڪي کان گهڻو اڳتي وڌي چڪا هئا. سلطان مراد کي چريو قرار ڏيئي اقتدار کان ڌار ڪري سندس ننڍي ڀاء عبدالحميد کي سلطان ٺاهيو ويو هو. جنھن جو پنھنجن مخالفن کي رستي تان هٽائڻ جو پنھنجو طريقو هوندو هو. ان سلسلي ۾ سندس چاچي اڳوڻي سلطان عبدالعزيز جو مٿال ڏنو ويندو هو، جنھن کي هن طائف جي قلعي ۾ قيد ڪيو هو، جتي هو پراسرار نموني مري ويو هو. پنجويھہ سالن تائين هن پنھنجي ڀاء معزول سلطان مراد کي ٻارن سميت قيد ۾ رکيو. ان مان ائين بہ لڳي ٿو تہ شايد تخت جي دعويدارن کي قتل ڪرڻ واري روايت ختم ٿي ويئي هئي.
شھزادن ۽ شھزادين جي زندگي محل تائين ئي محدود هوندي هئي ۽ ٻاهر جي دنيا متعلق سندن معلومات نہ هئڻ برابر هئي. ان جي ڪري گهڻن جو ذهني توازن خراب ٿي ويندو هو ۽ اهي جڏهين محل کان ٻاهر نڪرندا هئا تہ کين اها دنيا سمجه ۾ نہ ايندي هئي. سلطان کي قصن، ڪھاڻين ۽ خاص طور جاسوسي ناولن جو شوق هوندو هو. هو يورپ مان ڪتاب گهرائي، انھن کي ترجمو ڪرائيندو هو ۽ پوء خاص طور هڪ همراه پردي پويان ويھي اهي سلطان کي پڙهي ٻڌائيندو هو. جيڪڏهين ڪنھن کان ڪتاب کي ٻيھر پڙهڻ جي چڪ ٿيندي هئي تہ ان کي ماڳيئي سزا طور ڪنھن ڏورانھين علائقي ۾ موڪليو ويندو هو. شرلاڪ هومز سلطان جو پسنديدہ ڪردار هو. چون ٿا تہ ان ڪردار کي تخليق ڪندڙ ليکڪ هڪ ڀيري استنبول آيو هو ۽ سلطان ان کي اعزازن سان نوازيو هو.
سلطان پاڻ کي سڄي دنيا جي مسلمانن جي خليفي طور پيش ڪيو ٿي. ان ڪري ئي جڏهين چين جي مسلمانن برطانوي ۽ فرانسيسي اڳرائي خلاف مزاحمت شروع ڪئي تہ انھن ملڪن پاران سلطان کي چيو ويو تہ ان مزاحمت کي ختم ڪرڻ لاء ڪوشش ڪري ۽ سلطان ان مقصد لاء ئي هڪ وفد چين موڪليو هو.
ان دور ۾ خلافت عثمانيا جي وکرجڻ جو جيڪو عمل شروع ٿيو هو ان ۾ ليبيا تي اٽلي جي حملي اهم ڪردار ادا ڪيو. جيتوڻيڪ ليبيا کي اٽلي جي حوالي ڪيو ويو پر ٻين گهڻن علائقن ۾ پڻ عليحدگي جو عمل شروع ٿي ويو ۽ گهڻا علائقا يورپي ملڪن جي قبضي ۾ هليا ويا يا آزاد ٿي ويا.
ساڳي ريت انھن ناول نگارن مذهبي ۽ نسلي ٿوراين سان جيڪو ورتاء ڪيو ويندو هو ان جو پڻ ذڪر ڪيو آهي.

ھندستان جو ورھاڱو

اهو هڪ عام تاثر آهي ۽ گهڻا ان خيال جا آهن تہ هندوستان جو ورهاڱو ۽ پاڪستان جو ٺھڻ انگريز جي رٿا ۽ سازش هئي. نامياري ليکڪ اشتياق احمد پنھنجي ڪتابJinnah- His Successes, Failures and Role in History ۾ ان ڳالھہ کي تاريخي حوالن سان ٻڌايو آهي تہ انگريز سرڪار جي آخري وقت تائين اها ڪوشش هئي تہ ڪيبينيٽ مشن جي رٿا هيٺ هندوستان هڪ وفاق طور متحد رهي. برطانوي آمريڪا ان وقت هڪ سپر پاور جي حيثيت اختيار ڪري چڪو هو ۽ برطانيا جون گهڻيون معاشي ۽ جنگي ضرورتون پوريون ڪندو هو ۽ جنھن اهو چاهيو ٿي تہ ڪميونسٽ خطري کي منھن ڏيڻ لاء هندوستان جو متحد رهڻ ضروري آهي. برطانوي وزيراعظم ايٽلي آمريڪا کي هندوستان کي آزادي ڏيڻ متعلق اطلاع ڏيندي لکيو تہ برطانيا جي ممڪن طور اها ڪوشش آهي تہ ڪيبينيٽ مشن رٿا کي عمل ۾ آندو وڃي پر لاڳاپيل اهم سياسي ڌرين يعني ڪانگريس ۽ مسلم ليگ جو ان تي اتفاق نہ پيو ٿئي ان ڪري هندوستان کي ورهائڻ هڪ مجبوري ٿي پوندي.


ن م دانش

ن م دانش جي سڃاڻپ جيتوڻيڪ اڙدو جي هڪ شاعر جي آهي، پر هو ساڳي وقت هڪ ادبي نقاد،ِ مضمون نگار ۽ اڙدو جو استاد پڻ آهي. اڙدو ادب ۾ کيس ان ڪري بہ هڪ منفرد حيثيت حاصل آهي تہ اڙدو سندس مادري ٻولي ناهي، پر هن هڪ تہ اڙدو ۾ امتيازي طور ماسٽرس ڪئي ۽ ٻيو اڙدو ڪاليج، جنھن کي يونيورسٽي جو درجو ڏنو ويو آهي، ۾ گهڻي وقت تائين اڙدو پڙهائيندو رهيو. آمريڪا وڃڻ کانپوء هو نيويارڪ يونيورسٽي ۾ پڻ اڙدو جو استاد رهيو. ملڪ جي مختلف تعليمي ادارن ۾ ٿيندڙ تقريري مقابلن ۾ هو حصو وٺندو هو ۽ پنھنجو پاڻ کي مڃرائيندو هو.
لياري جو ماحول ادبي ۽ سياسي لحاظ کان شاهوڪار رهيو آهي. ڪنھن باشعور ۽ پڙهيل ڳڙهيل ماڻھو لاء ان کان مڪمل طور ڌار ۽ لاتعلق رهڻ ممڪن ناهي. دانش جي گهر جي ڀرسان ئي منھنجي دوست ۽ ڪلاس فيلو غلام نبي بصر جو گهر ۽ ڌوٻي جو دوڪان هوندو هو جتي دوست شام جي وقت اڪثر گڏبا هئا. اتي ئي دانش سان ملاقات ٿيندي هئي. ان پاڙي ۾ ئي بلوچي جو شاعر، عالم ۽ استاد صبا دشتياري بہ رهندو هو، جيڪو اڪثر پنھنجي خاص لباس ۾ پنھنجن ئي پورن ۾ پيو هلندو هو. اتي گل محمد لين ۾ کاٻي ڌر جي دانشور ۽ ليکڪ اڪبر بارڪزئي جو بہ گهر هو، جڏهين تہ لالا لعل بخش رند ۽ يوسف نسڪندي بہ ويجهو ئي رهندا هئا. ٿورو پرڀرو سنگولين ۾ رحيم بخش آزاد جو گهر هو، جنھن جو سڀني دوستن سان لاڳاپو هوندو هو.
اسان گهڻن دوستن جو ڪنھن نہ ڪنھن سياسي ڌر سان واسطو هوندو هو. دانش جو ڪنھن بہ سياسي جماعت سان تہ تعلق نہ هو، پر هو عوامي ادبي انجمن ۽ انجمن ترقي پسند مصنفين جي گڏجاڻين ۾ شريڪ ٿيندو هو. ان وقت ضياءالحق جي مارشل لاء جي ڪري سڄي ملڪ ۽ خاص طور لياري ۾ سياسي سرگرميون زور تي هيون. ساڳي وقت ترقي پسند ادب دانش جي مطالعي ۾ هو. ان ڪري ڪنھن سياسي ڌر سان وابستہ نہ هئڻ جي باوجود هو سڄي صورتحال ۽ شين متعلق هڪ ترقي پسند نڪتہ نظر رکندو هو. پر ساڳي وقت مارڪس، لينن وغيرہ جي لکڻين کي پڙهڻ جي باوجود هو هڪ Non-conformist هو. سندس ڳالھائڻ مروج نڪتہ نظر کان مختلف هوندو هو. سندس چوڻ آهي تہ عوامي ادبي انجمن جو نور محمد شيخ کيس چوندو هو تہ دانش تون پاڻ تہ منجهيل آهين پر تون پنھنجين ڳالھين سان ٻين کي بہ مونجهارن ۾ وجهين ٿو.
سندس شاعري جو جيڪو واحد مجموعو بچي، تتلي اور ڦول ايستائين سامھون آيو آهي ان ۾ حسن بہ آهي تہ درد بہ آهي. هو پنھنجي هڪ انٽرويو ۾ ٻڌائي ٿو تہ هڪ ڀيري جون ايليا مولوي عثمان پارڪ لياري ۾ ڪنھن پروگرام ۾ آيو هو. هن کيس چيو هو تہ دانش تون هڪ منفرد ماڻھو آهين ۽ تنھنجي شاعري بہ ائين منفرد هئڻ گهرجي. سندس چوڻ آهي تہ هن ڪوشش ڪئي آهي تہ هو پنھنجي انفراديت برقرار رکي. آمريڪا ۾ پنھنجي چوويه سالن جي ڊگهي عرصي دوران هن گهٽ شاعري ڪئي آهي. ان جو ڪارڻ هو ٻڌائي ٿو تہ شاعري رڳو ڪتابن پڙهڻ سان نہ ٿيندي آهي. اها ماڻھن جي وچ ۾ رهڻ ۽ انھن جي ڏکن ۽ خوشين کي محسوس ڪرڻ سان ٿيندي آهي. هتي هو پنھنجن ماڻھن کان ڪٽيل آهي ۽ هو ان شي کي محسوس نہ ڪري سگهندو آهي. هتي هو شاعري کان پري رهڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، جنھن جي ڪري سندس اهڙي ڪيفيت ٿي ويندي آهي، جنھن کي گهڻا ڊيپريشن ڪري سمجهندا آهن، جيڪا ڳالھہ درست ناهي. منھنجي ان سوال جي جواب ۾ تہ آمريڪا ۾ جتي هو رهي ٿو اتان جي مقامي ماڻھن سان سندس ڪيترو تعلق ۽ واسطو آهي تہ سندس جواب هو تہ اتي پاڪستاني پنھنجي ڪميونٽي ۽ پنھنجي دائري ۾ ئي رهن ٿا. سندن ٻين ماڻھن سان واسطو نہ هئڻ برابر آهي. سندن زندگي هڪ کوه جي ڏيڏر واري آهي، اتي هڪ وچولي درجي جو اڙدو جو اديب بہ پاڻ کي وڏي شي سمجهي ٿو.
لياري سان واسطو رکندڙ، منھنجو پاڙيسري ۽ دوست هن وقت اٽڪل چوويھہ سالن کان آمريڪا ۾ آهي. جڏهين هو اها ڳالھہ ڪري ٿو تہ هاڻي دانشور جي ضرورت ناهي رهي يا هن هڪ ٽين دنيا جي ملڪ ۾ ٽئين درجي جي شھري ٿي رهڻ بجائي هڪ پھرين دنيا جي ملڪ ۾ ٽئين درجي جي شھري ٿي رهڻ کي ڇو ترجيح ڏني تہ ان جي پسمنظر ۽ ڪارڻن تي غور ڪرڻ ضروري آهي.
پنھنجي سڃاڻپ جي حوالي سان هو پنھنجي اباڻي شھر ڪراچي کي پنھنجي لاء هڪ درد ۽ تڪليف جو شھر قرار ڏئي ٿو، جتي سندس رنگ جي حوالي سان هر ڪو کانئس اهو سوال ڪندو هو تہ هو ڪٿان آيو آهي ۽ ڪيئن اڙدو، جيڪا سندس مادري ٻولي ناهي، ايتري صاف ڳالھائي ٿو.ِ کيس هر ڪنھن آڏو ان جي وضاحت پيش ڪرڻي پوندي هئي. ان ڪري هو هڪ تڪليف ۽ احتجاج طور پاڻ کي ڪارو بلوچ سڏرائي ٿو.
دانش سان منھنجي جيڪا ڳالھہ ٻولھہ ٿي آهي ۽ جيڪي ڪجهہ هن پنھنجي مختلف انٽرويوز ۽ مضمونن ۾ چيو آهي ان مان اها ڳالھہ ظاهر ٿئي ٿي تہ آمريڪا وڃڻ جو فيصلو هن جي لاء ڏکيو هو ۽ هن پاڪستان ۾ ئي رهي ڪم ڪرڻ چاهيو ٿي. هن ماسٽرس اڙدو ۾ پھرين پوزيشن حاصل ڪئي هئي. اڙدو ڪاليج، جيڪو هن وقت يونيورسٽي آهي، سندس مادر علمي بہ آهي ۽ هن گهڻو عرصو اتي پڙهايو بہ آهي. ان اداري ساڻس نھايت سٺو ورتاء ڪيو ۽ سندس نصابي ۽ غيرنصابي سرگرمين ۾ ساڻس هر طرح جو سھڪار ڪيو.
ڪراچي يونيورسٽي جي اڙدو ڊپارٽمنٽ ۾ جڏهين هن ليڪچرار جو انٽرويو ڏنو تہ انٽرويو وٺندڙن ۾ اڙدو شعبي جو پروفيسر ڊاڪٽر اسلم فرخي، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو ڊاڪٽر فرمان فتح پوري ۽ بيا هئا. انٽرويو ۾ دانش جي پھرين پوزيشن هئي ۽ سڀني کيس مبارڪون پئي ڏنيون، پر ڪڻو ٻئي ڪنھن جي نالي نڪتو. هڪ عارضي ليڪچرار جنھن کي اتي پڙهائيندي گهڻا سال ٿي ويا هئا ۽ جنھن جي لاء چيو ٿي ويو تہ سندس شاگرد بہ ليڪچرار ٿي ويا هئا. دانش ان جا ڪي ٻيا ڪارڻ بہ ٻڌائي ٿو. سندس چوڻ آهي تہ ضياء الحق پاران تعليمي ادارن مان شاگرد يونين کي ختم ڪرڻ ۽ سڄي سماج کي نسلي ۽ ٻولي جي بنياد تي ورهائڻ جو اثر جتي سماج جي ٻين حصن تي پيو اتي تعليمي ادارن جا استاد ۽ شاگرد بہ ان کان محفوظ نہ رهي سگهيا ۽ سندس اڙدو شعبي جي استاد نہ چونڊجي سگهڻ ۾ اهو بہ هڪ عنصر هو. دانش جي ڪجهہ دوستن کيس اهو چئي تسلي ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي تہ جيئن تہ يونيورسٽي جي انتظاميا جميعت جي اثر ۾ آهي ان ڪري اهي نہ چاهيندا تہ دانش جهڙو ترقي پسند خيالن جو استاد هتي اچي. پر منھنجو خيال اهو آهي تہ ان سان گڏ سندس نسلي ۽ لساني سڃاڻپ پڻ هڪ وڏو ڪارڻ هئي جنھن ان ڳالھہ ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪيو.
ان سڄي صورتحال متعلق سندس چوڻ آهي تہ ڪجهہ وقت کانپوء فرمان فتحپوري ۽ انٽرويو پينل ۾ شامل هڪ ٻئي رڪن جي ڌيئن کي اڙدو شعبي ۾ عارضي ليڪچرار طور مقرر ڪيو ويو. ان کان اڳ بہ ٻہ ڀيرا جڏهين هن ان شعبي ۾ اسسٽنٽ پروفيسر جي لاء درخواست ڏني تہ مختلف طريقن سان کيس ان کان محروم ڪيو ويو. ڪڏهين انٽرويو ليٽر ئي کيس انٽرويو ٿيڻ کان پوء مليو ۽ ڪڏهين انھن عھدن تي اڳ ئي ايڊهاڪ بنيادن تي پنھنجن ماڻھن جو تقرر ڪيو ويو جن کي انٽرويو جي رسمي ڪاروائي کان پوء پڪو ڪرڻو هو.
ان کي ڏسندي دانش جو ويجهڙ ۾ پاڪستان اچڻ ممڪن نہ ٿو لڳي.

بنگال ۾ ڏڪار

امرتا سين اڃا ڏهن سالن جو مس هو تہ بنگال ۾ ڏڪار جي صورتحال سندس آڏو آئي. ان جي ڄاڻ کيس ان ريت ملي تہ شانتي نڪيتن اسڪول جي ٻاهران ڪجهہ ڄڻا هڪ همراه کي ماري رهيا هئا جنھن جو دماغ پنھنجي جاء تي نہ هو. ڪجهہ ڇوڪرن گڏجي ان کي ڇڏايو. خبر پيئي تہ ان جي دماغ جاء تي نہ هئڻ جو ڪارڻ اهو هو تہ کيس گهڻن ڏينھن کان پورو کاڌو نہ مليو هو. گهر جي ڪم ڪار لاء سندس گهر وارن هن کي پاڻ وٽ ئي رهائي ڇڏيو ۽ اهو ليکڪ سان هڪ ڊگهو عرصو رهيو. بک جي ستايل ماڻھن جو تعداد ڏينھون ڏينھن وڌنڌو ويو ۽ اهي پنھنجي لحاظ کان انھن جي مدد ڪندا رهيا. انھن ماڻھن.جو رخ ڪلڪتي ڏانھن هو جتي انھن سمجهيو ٿي تہ انھن جي بک جو تدارڪ ٿي ويندو. حڪومت جو اهو موقف هو تہ اناج ڪافي مقدار ۾ آهي ۽ ڏڪار جو ڪو ڪارڻ ناهي.
ان وقت ممڪن آهي تہ اناج جي سپلائي چڱي مقدار ۾ هجي پر ساڳي طرح ٻي مھاڀاري جنگ ۽ جاپان جي برما ۽ سنگاپور تي قبضي جي ڪري اتان چانور اچڻ بند ٿي ويا هئا. بنگال ۾ هڪ تہ فوج جو تعداد وڌي ويو هو ۽ ٻيو مختلف فوجي رٿائن جي ڪري اتي ٻين علائقن مان گهڻا ماڻھو اچي ويا هئا، جنھن جي ڪري اناج جي طلب ۾ واڌارو ٿي ويو هو ۡ۽ ان جون قيمتون ڏينھون ڏينھن تيزي سان وڌي رهيون هيون. اهڙي ريت اهو غريب ماڻھو جي پھچ کان ٻاهر ٿي ويو هو. هڪ تہ ان جو گهڻو اثر غريب ماڻھن ۽ ٻيو شھرن کان وڌيڪ ٻھراڙين تي پيو هو. بک کان بيحال ماڻھو ۽ گهڻن جا لاش روڊن رستن تي بيا هوندا هئا. ڪجهہ بنگالي مئگزين ۽ اخبارون، جن کي پڻ سينسر ڪيو ويندو هو، ان صورتحال کي رپورٽ ڪندا هئا، پر انھن جو گهڻو اثر نہ هو جڏهين تہ حڪومت انگريزي ميڊيا ۽ خاص طور ڪلڪتي جي وڏي اخبار اسٽيٽسمين تي ان سڄي صورتۡحال کي رپورٽ ڪرڻ تي پابندي لڳائي هئي. ان جو ڪارڻ اهو هو تہ ان وقت جاپان جنگ ۾ برطانيا کي پوئتي پير ڪرڻ تي مجبور ڪيو هو ۽ برطانيا جي حڪومت نہ ٿي چاهيو تہ اخبارن ۾ خبرن اچڻ سان ماڻھن ۾ بيچيني ۽ هندوستان ۽ برطانيا جي ماڻھن ۾ ڪي حڪومت مخالف جذبا پيدا ٿين. پر اسٽيٽسمين جي ايڊيٽر آئن اسٽيفن کان بہ اهو سڀڪجهہ گهڻي عرصي تائين سٺو نہ ٿيو. هن نيٺ ڦاٽ کاڌو ۽ پنھنجي اخبار ۾ ڏڪار جي متاثر ماڻھن جون تصويرون هلائڻ شروع ڪيون. ان وقت هندوستان ۾ تہ پارليمينٽ نہ هئي پر اسٽيٽسمين ۾ اهو سڀڪجهہ اچڻ سان برطانوي پارليامينٽ ۾ ان تي بحث شروع ٿي ويو ۽ حڪومت جي جوابدہي ٿيڻ لڳي. ان صورتحال کي منھن ڏيڻ لاء حڪومت پاران فوڊ راشننگ جو نظام قائم ڪيو ويو، پر ان سان ٻھراڙين جي صورتحال اڃا خراب ٿي ويئي. ڇاڪاڻ تہ حڪومت شھرن جي ضرورت کي پوري ڪرڻ لاء ٻھراڙين مان اناج خريد ڪرڻ شروع ڪيو جنھن جي ڪري اتي صورتحال اڃا خراب ٿي ويئي. ان وقت ليکڪ پنھنجي پيءُ سان جيڪو ڪنھن ڪم سانگي ڪلڪتي وڃي رهيو، هو شھر کي ڏسڻ جي شوق ۾ اتي ويو. اتي ان بک ۾ پاه ٿيل ۽ بک وگهي مري ويل ماڻھن جا لاش سڙڪن تي پيل ڏٺا. ان ڏڪار جي ڪري اٽڪل ٽيه لک ماڻھو مري ويا هئا. ان وقت کيس اها هڪ جذباتي سوچ آئي تہ هو وڏو ٿي ان ڏڪار کي ختم ڪندو. پر جڏهين هن پنھنجي استاد سان اها ڳالھہ ڪئي تہ هن کيس چيو تہ اها ڳالھہ ممڪن ناهي. هن پوء دنيا جي گهڻن ملڪن ۾ ڏڪار جي صورتحال، ان جي ڪارڻن ۽ ان کي ختم ڪرڻ جي اپائن تي تحقيق ڪئي.
ايسٽ انڊيا ڪمپني جي بنگال تي قبضي جي شروعاتي سالن 1769 ۽ 1770 ۾ ڪمپني ۽ ان جي آفيسرن جي ڦرمار جي ڪري بنگال هڪ بدترين ڏڪار مان گذريو هو. ان وقت بہ اٽڪل ٽيھہ لک ماڻھو بک ۽ ڏڪار جي ڪارڻن جي ڪري مري ويا هئا. ان ڏڪار برطانيا جي جمھوريت ۽ ميديا جي آزادي وغيرہ جي دعوائن کي وائکو ڪري ڇڏيو هو. پنھنجي ملڪ ۾ تہ اهي شيون انھن ماڻھن کي ڏنيون هيون پر هندوستان ۾ اهي ڏيڻ لاء تيار نہ هئا. 1770 ۾ ڪلائيو ۽ ڪمپني جي ڪجهہ ٻين عملدارن تي پارليامينٽ ۽ ڪيس وغيرہ هلايو ويو ۽ ڪجهہ کي سزائون بہ ڏنيون ويون هيون.
جمھوريت ۽ ميڊيا جي آزادي جي ڪري حڪمرانن جي جوابدہي ٿئي ٿي ۽ انھن جي ڪارڪردگي بھتر ٿئي ٿي. ليکڪ جو چوڻ آهي تہ ان وقت جيڪڏهين هندوستان ۾ جمھوريت ۽ ميڊيا جي آزادي هجي ها تہ ڏڪار جي ايڏي شديد صورتحال نہ ٿئي ها. ان جو ثبوت اهو آهي تہ 1947 ۾ هندوستان جي آزادي کان پوء ملڪ ۾ جمھوريت ۽ ميڊيا جي آزادي جي ڪري اهڙي ڪنھن ڏڪار وغيرہ جي صورتحال کي منھن ڏيڻو نہ پيو آهي.
جنگ جي دوران برطانيا هندوستان جي نوآبادي جي ڀيٽ ۾ پنھنجي ملڪ جي خوراڪ ۽ صحت وغيرہ جي صورتحال تي گهڻو ڌيان ڏنو هو. ليکڪ 1953 ۾ جڏهين ڪيمبريج ويو تہ کيس اتي خبر پيئي تہ هڪ تہ جنگ هلندي انگلينڊ ۽ ويلز جي عام ماڻھن جي خوراڪ جي گهٽتائي واري مسئلي ۾ سڌارو آيو هو ۽ ٻيو تہ ماڻھن کي صحت جون وڌيڪ سھولتون ڏنيون ويون هيون جيڪي جنگ کان پوء بہ جاري رهيون. اهو هڪ نوآبادي ۽ حڪمران ملڪ جي ماڻھن سان ورتاء جو فرق هو. ان صورتحال ۽ تضاد تي ٽيگور پنھنجي آخري ليڪچر ۾ ڳالھائيندي چيو هو تہ آئون حڪمراني جي ٻن نظامن، جن مان هڪ سھڪار ۽ ٻيو استحصال تي ٻڌل آهي، جن اهڙين متضاد حالتن کي ممڪن بڻايو آهي ۾ موجود تضاد کي بيان ڪرڻ کان نہ ٿو رهي سگهان.
ليکڪ انگلينڊ ۾ اسٽيٽسمين جي ايڊيٽر آئن اسٽيفن سان ملاقات ڪئي ۽ کيس ان ڳالھہ تي ساراهيو تہ سندس همت ۽ ڏڪار جي ستايل ماڻھن کي ڪوريج ڏيڻ جي ڪري لکين ماڻھن جي جان بچي ويئي.


اختر حسين رائي پوري: هڪ تعارف

ڊاڪٽر اختر حسين رائي پوري جي سڃاڻپ اڙدو جي هڪ ترقي پسند اديب جي آهي. هن جيتوڻيڪ هندي ۾ تعليم حاصل ڪئي، هندي اخبارن وغيرہ ۾ ڪم ڪيو، هندي ۾ افسانا بہ لکيا ۽ انھن جو مجموعو بہ شائع ٿيو. هڪ لحاظ کان کيس ڄڻ هندي تي عبور حاصل هو پر سندس چوڻ آهي تہ هن ادب اڙدو ۾ ئي لکيو ۽ تخليق ڪيو آهي. ترقي پسند ادب جي حوالي سان سندس هڪ مضمون انجمن ترقي پسند مصنفين جي قيام کان اڳ 1935 ۾ شائع ٿيو، جنھن جي ڪري سجاد ظھير پنھنجي ڪتاب روشنائي ۾ کيس انجمن جي بانين ۾ شمار ڪيو آهي. گرد راه سندس آتم ڪٿا آهي.
سندس واسطو هڪ سکئي گهراڻي سان هو پر پيءُ پاران پنھنجي زمينن تي توجھہ نہ ڏيڻ ۽ انھن جي مناسب سنڀال نہ هئڻ جي ڪري، اها ملڪيت گهڻي ڀاڱي ختم ٿي ويئي. مئٽرڪ ۾ سٺن نمبرن سان پاس ٿيڻ کانپوء هو وڌيڪ تعليم لاء ڪلڪتي هليو ويو. هتي اڳ ۾ سندس وڏو ڀاء شميم رهيل هو، جيڪو شاعري بہ ڪندو هو. ڪلڪتو علم ۽ ادب جي لحاظ کان اڳتي وڌيل شھر هو ۽ ملڪ جا گهڻا پڙهيل ڳڙهيل ماڻھو جھڙوڪ مولانا آزاد، چراغ حسن حسرت ۽ ٻيا هتي رهندا هئا.انھن مان گهڻن سان سندس ملاقاتون ۽ ڪچھريون بہ ٿينديون هيون. سندس پيءُ پاران ڪنھن مدد نہ ملڻ جي ڪري کيس پڙهائي سان گڏوگڏ نوڪري جي بہ ضرورت هئي. هن مختلف هندي اخبارن ۾ مضمون لکيا ۽ ڊيسڪ تي ڪم ڪيو.
ڪجهہ وقت لاء پڙهڻ لاء هو علي ڳڙه بہ ويو پر کيس اتي مزو نہ آيو. سندس چوڻ آهي شاگردن ۾ اهو اتساه ۽ آدرش نہ هئا ،جيڪي سرسيد جي وقت ۾ هئا. سندن پڙهڻ جو مقصد گهڻو ڪري نوڪري ۽ وڏا عھدا حاصل ڪرڻ هو. سر راس مسعود هتان جو سربراه هو، جيڪو هڪ قابل ماڻھو هو. هڪ ڀيري جواهر لال نھرو ڪٿي ويندي ٽرين ۾ علي ڳڙه مان گذرڻو هو. هن ڪجهہ دوستن سان گڏجي دھلي وڃي کيس گذارش ڪئي تہ هو ڪجهہ وقت لاء علي ڳڙه ۾ ترسي. ان ڳالھہ جي خبر سر راس مسعود کي بہ پئجي ويئي ۽ هو بہ اسٽيشن تي نھرو جي آجيان ڪرڻ لاء پھچي ويو هو، جنھن جي قيمت کيس اها ادا ڪرڻي پيئي تہ کيس نوڪري ۾ توسيع نہ ڏني ويئي. .
سندس چوڻ آهي گانڌي اڙدو هندي تنازعي کي وڌائي ۽ منجهائي ڇڏيو هو. اپريل 1936 ۾ هن ناگپور ۾ علم ۽ ادب جي معاملن تي غور ڪرڻ لاء هڪ ڪانفرنس ڪوٺائي هئي جنھن ۾ بابائي اردو مولوي عبدالحق سان گڏ کيس بہ مدعو ڪيو ويو هو. ان ڪانفرنس ۾ گانڌي بجائي علم و ادب تي ڳالھائڻ جي ٻولي جي معاملي تي ڳالھائڻ شروع ڪيو. اڙدو خلاف سندس ان تقرير ليکڪ ۽ مولوي عبدالحق تي گهڻا منفي اثر ڇڏيا. جيتوڻيڪ گانڌي پوء ان ڳالھہ کي سمجهندي ان جي تدارڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر تيسين وقت گذري چڪو هو. هو انجمن ترقي اڙدو جي حوالي سان حيدرآباد دکن ۾ مولوي عبدالحق سان گڏ رهيو۽ ساڻس گهڻو وقت گذاريو. سندس چوڻ آهي تہ مولوي عبدالحق جي شخصيت جيڪا ان وقت هئي ان ۾ ڪراچي ۽ ايستائين تہ دھلي ۾ پھچڻ وقت بہ گهڻو فرق اچي چڪو هو.
هڪ وقت اهڙو آيو جڏهين اخبارن وغيرہ جي بند ٿيڻ جي ڪري ليکڪ لاء روزگار جا ذريعا بند ٿي ويا هئا. ان وقت سندس زال کيس اها صلاح ڏني تہ وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاء يورپ هلجي تہ جيئن روزگار جا وڌيڪ امڪان پيدا ٿي سگهن. هن هندوستان جي انگريزن جي غلامي ۾ هئڻ ڪري برطانيا وڃڻ بجائي فرانس وڃڻ جو فيصلو ڪيو. منجهس ٻولين سکڻ جي صلاحيت هئي. کيس اها صلاح ڏني ويئي تہ هو پيرس ۾ ڪنھن اهڙي خاندان سان رهي جيڪي رڳو فرانسيسي ڳالھائيندا هجن. هن ائين ڪيو ۽ ساڳي وقت انگريزي اخبارن سان گڏ فرينچ اخبارون بہ پڙهڻ لڳو.
پيرس جي شانتي ۽ امن ڪجهہ عرصي کانپوء ٻين مھاڀاري جنگ ۽ جرمن فوجن جي شھر ۾ اچڻ ڪري ختم ٿي ويو. شھر ۾ ڊپ ۽ هراس جي ڪيفيت هئي. پرڏيھين کي گرفتار ڪيو پئي ويو. اتان وڃڻ جي ڪا واٽ نہ هئي. ڪنھن ريت هو اتان جنيوا پھچي ۽ اتان بحري جھاز ۾ هندوستان روانو ٿيو. هو جڏهين جنگ ختم ٿيڻ جي ڪجهہ عرصي کانپوء وري پيرس آيو تہ کيس شھر بلڪل بدليل نظر آيو. عمارتن وغيرہ کانسواء کيس ماڻھن جي روين ۽ سماجي قدرن ۾ وڏو زوال نظر آيو. کيس ڪجهہ دوستن جڏهين سارتر سان ملاقات ڪرائي ۽ کيس اهو ٻڌايو تہ هي اڳ بہ پيرس ۾ رهي چڪو آهي تہ سارتر کانئس پڇيو تہ کيس اڳ جي ۽ هاڻي جي زندگي ۾ ڪھڙو فرق نظر اچي ٿو تہ هن کيس جواب ڏنو تہ زندگي جا قدر ساڳيا نہ رهيا آهن، جنھن تي سارتر کيس چيو تہ ها هاڻي واشنگ مشين انساني قدرن کان وڌيڪ اهم ٿي ويئي آهي.

اختر حسين رائي پوري: مختلف ملڪن جا مشاهدا

اختر حسين رائي پوري پنھنجي آتم ڪٿا گرد راه ۾ لکيو آهي تہ يورپ مان واپس اچڻ کانپو۽ کيس وري روزگار جي ضرورت هئي. هن ڀيري کيس سرڪار پاران تعليم جي محڪمي ۾ نوڪري ڏني ويئي، جيڪا هن قبول ڪئي. جڏهين انگريزن پاران هندوستان ۾ عبوري سرڪار جوڙي ويئي ۽ مولانا آزاد کي تعليم جو وزير ڪيو ويو تہ کيس ساڻس ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو. سندس چوڻ آهي تہ جڏهين ملڪ جي ورهاڱي جو فيصلو ٿيو ۽ هن نئين ملڪ پاڪستان لاء آپشن ڏنو تہ مولانا کي ان تي ڏک ٿيو. گهڻن مسلمان آفيسرن جي پاڪستان هليو وڃڻ جي ڪري مولانا جي حيثيت ڪمزور ٿي ويئي هئي ۽ آزاد نموني فيصلا ڪرڻ ۾ کيس ڏکيائي ٿيندي هئي.
آمريڪا ۾ هڪ ٽريننگ ۾ ليکڪ جي دلچسپي هئي، پر مولانا آزاد جو چوڻ هو تہ کيس سندس ضرورت هئي. هن سندس درخواست کي منظور ڪرڻ ۾ دير ڪري ڇڏي ۽ ان دوران ورهاڱي ٿيڻ جي ڪري اهو معاملو اتي ئي رهجي ويو. هو جيتوڻيڪ آئيندي متعلق اڳڪٿين وغيرہ ۾ گهٽ يقين رکندو هو پر کيس هڪ اهڙي عورت ملي جيڪا چانھن جي ڪپ پيئڻ کانپوء ان جي بچيل قطرن جي بنياد تي ان شخص جي آئيندي متعلق ٻڌائيندي هئي. هن کيس اهو چئي ڇڏيو هو تہ هو هاڻي آمريڪا تہ نہ ويندو پر پوء هو گهڻو سفر ڪندو ۽ سڄي دنيا گهمندو. هو واقعي سندس چوڻ موجب آمريڪا نہ وڃي سگهيو پر پوء هن گهڻو سفر ڪيو.
آفيسرن لاء جنھن خاص ٽرين ۾ هو پاڪستان اچي رهيو هو ان تي رستي ۾ وڳوڙين حملو ڪيو.جاني نقصان کانسواء ٽرين کي ڪافي نقصان پھتو. ڀرپاسي ۾ انگريز فوج موجود هئي، جن مسافرن لاء هڪ ننڍي ٽرين ڏني جنھن ۾ اهي بھاولپور پھتا ۽ ڪجهہ وقت اتي گذاري پوء ڪراچي لاء روانا ٿي ويا. هتي دفتري ڪم جي حوالي سان صورتحال ڪا چڱي نہ هئي. بيرڪس ۾ دفتر قائم ڪيا ويا هئا، جتي مناسب فرنيچر بہ نہ هو ۽ رڳو ميز ڪرسي پئي هئي. پيپر پن جي جاء تي ڪنڊا استعمال ڪرڻا پوندا هئا.
يونيسڪو جوائن ڪرڻ کانپوء هن دنيا جي گهڻن ملڪن جو سفر ڪيو. شروع ۾ سندس تقرري پاڪستان ۾ ٿي هئي. پرڏيھہ ۾ سندس پھرين تقرري آفريقا جي ملڪ صوماليا ۾ هئي. شروعات ۾ هن اتي وڃڻ ۾ ٿورو تردد ٿي ڪيو، پر اتي وڃڻ کانپوء اهو ملڪ ۽ اتان جو ماحول کيس ايڏو پسند آيو، جو اتان ٻئي ڪٿي وڃڻ تي سندس دل نہ پئي چئي. اتي ماڻھو هڪ فطري ماحول ۾ جانورن ۽ وڻن ٻوٽن سان گڏ رهندوهو. ماڻھو زندگي جي ڪنھن بہ وڏي ڳالھہ جھڙوڪ خوشي ۽ غمي وغيرہ کي نارمل نموني وٺندا هئا ۽ ان لاء ڪو خاص اهتمام نہ ڪندا هئا. هو جڏهين تعليم جي مسئلن جي سلسلي ۾ اتان جي صدر سان مليو تہ هن کيس چيو تہ اوهان کي هتي ڪم ڪرڻ جي مڪمل آزادي آهي پر اسان وٽ پئسا ناهن ۽ اوهان ان جي گهر نہ ڪجو. هتان جو هڪ وڏو مسئلو اهو هو تہ ٻولي جي الفابيٽ نہ هئي ۽ ان تي ڪم ڪرڻو هو. ان سلسلي ۾ مختلف رايا هئا. هڪ گروه، جنھن کي اولھہ جي ملڪن جي حمايت حاصل هئي، جو اهو رايو هو تہ رومن رسم الخط اختيار ڪيو وڃي تہ جيئن اهي اولھہ جي ملڪن جي ويجهو هجن، جڏهين تہ ٻئي گروه، جنھن کي عرب ملڪن جي حمايت حاصل هئي، جو اهو رايو هو تہ عربي رسم الخط اختيار ڪيو وڃي. بھرحال ليکڪ يونيسڪو کي ان تنازعي کان پري رکيو.
هو ڪجهہ عرصو فرانس ۾ رهيو ۽ پوء اسپين ويو. مسلمان ليکڪن جو اسپين سان هڪ جذباتي تعلق رهيو آهي. اقبال سميت مختلف ليکڪن ان تعلق جو اظھار ڪيو آهي. جيتوڻيڪ اسپين مان مسلمانن کي نيڪالي ڏني ويئي هئي ۽ سورنھين صدي ۾ پوپ اهو فرمان جاري ڪيو هو تہ ملڪ ۾ ڪو غير عيسائي نہ ٿو رهي سگهي، پر هتان جي ٻولي ۽ ثقافت تي مسلمانن جا گهڻا اثر آهن ۽ سندن ٻولي ۾ عربي جا گهڻا لفظ ملن ٿا. هن وقت ملڪ ۾ مسلمانن جو هڪ وڏو تعداد آهي ۽ حڪومت خاص طور عربن کي ملڪ ۾ اچڻ لاء چئي ٿي. جنرل فرانڪو وٽ ريگستان جي فوج جي ڪمان هئي جنھن ۾ مسلمانن ۽ عربن جو وڏو تعداد هو. هن جڏهين اسپين جي جمھوري حڪومت خلاف بغاوت جو اعلان ڪيو تہ پنھنجين سپاهين کي هن عربن جي ماضي جي شان بحال ڪرڻ جو خواب ڏيکاريو هو. ليکڪ جو چوڻ آهي تہ جڏهين اسپين ۾ گهرو ويڙه شروع ٿي تہ ان وقت هو پيرس ۾ پڙهي رهيو هو. دنيا جي گهڻن ليکڪن جيان جيڪي جمھوري حڪومت پاران ويڙه ۾ حصو وٺڻ لاء اسپين ويا هئا هن بہ اتي وڃڻ چاهيو ٿي پر وڃي نہ سگهيو.
هو شاه جي ايران ۾ بہ ڪجهہ وقت رهيو. ملڪ جي مختلف حصن ۾ وڃڻ کانسواء هو شاهي خاندان جي مختلف فردن سان بہ له وچڙه ۾ آيو. هن جپان جي مختلف رسمن جو ذڪر ڪيو آهي. سندس چوڻ آهي تہ اهو هڪ اهڙو ملڪ آهي جنھن وٽ جيتوڻيڪ قدرتي وسيلا وغيرہ ناهن پر ان پنھنجن ماڻھن جي همت ۽ محنت سان بي مثال ترقي ڪئي آهي. خاص طور ٻين مھاڀاري جنگ جي تباهي کانپوء ان کي پنھنجن پيرن تي بيھڻ ۾ گهڻي دير نہ لڳي. آمريڪا متعلق سندس چوڻ آهي تہ هڪ تہ اتي سڀني علائقن کي هڪجهڙي ترقي ڏني ويئي آهي ۽ ماڻھو کي مختلف علائقن ۾ ڪو گهڻو فرق محسوس نہ ٿو ٿئي. ٻي ڳالھہ تہ اتر آمريڪا ۾ جيڪي ريڊ انڊين آهن، اهي تھذيبي طور ڏکڻ آمريڪا جي ازٽيڪ ۽ مايا تھذيبن کان گهڻو پوئتي هئا. ايستائين تہ حساب ڪتاب تہ پري جي ڳالھہ انھن کي هٿ جي آڱرين تي ڳڻڻ بہ نہ ٿي آيو.

رشيد ڀٽي: دوستن جون ساروڻيون

جيتوڻيڪ سنڌي ادبي سنگت جي سيڪريٽري جنرل ۽ سنڌي جي هڪ اهم ليکڪ هئڻ جي حوالي سان رشيد ڀٽي جو نالو گهڻو ٻڌبو هو پر منھنجي ساڻس ملاقات ۽ ذاتي واقفيت ڪڏهين بہ نہ رهي. ساڻس منھنجو تعارف هلال پاڪستان ۾ ڇپجندڙ سندس ڪالم هئا، جيڪي هو باقاعدگي سان لکندو هو.
انھن مان گهڻا ڪالم سندس ڪتاب ”جي جياريو جن ۾“ شامل آهن جيڪي مختلف شخصيتن جي حوالي سان لکيل آهن. ان ۾ ٻين اخبارن ۽ رسالن ۾ شائع ٿيل ۽ ڪجهہ اڻ ڇپيل ڪالم ۽ مضمون پڻ شامل آهن. هن ڪتاب ۾ ڪل چوويھہ مضمون شامل آهن. ليکڪ جو چوڻ آهي تہ اهي مضمون هن انھن ماڻھن جي گذاري وڃڻ کانپوء لکيا آهن، جنھن ۾ هو جذباتي بہ ٿي ويو آهي.
انھن مضمونن مان ليکڪ جي پنھنجي شخصيت متعلق بہ گهڻي معلومات ملي ٿي. هن پنھنجي شاگردي جو چڱو عرصو ڪراچي ۾ گذاريو. هو 1953 ۾ ڪراچي آيو. اهو پاڪستان جو شروعاتي دور هو ۽ سنڌ مختلف آزمائشن مان گذري رهي هئي. ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ، سنڌ يونيورسٽي کي حيدرآباد ۽ پوء ڄامشورو منتقل ڪرڻ، ڪراچي يونيورسٽي مان سنڌي ٻولي کي ختم ڪرڻ ۽ سڀ کان اهم ون يونٽ جو قيام ۽ سنڌ جي حيثيت کي ختم ڪرڻ اهڙا مسئلا هئا، جن خاص طور نوجوانن ۽ شاگردن ۾ هڪ بيچيني پيدا ڪري ڇڏي هئي. انھن سرگرمين ۾ حصي وٺڻ سان گڏوگڏ ان وقت سنڌي ادبي سنگت بہ پنھنجي شروعاتي دور ۾ هئي ۽ ليکڪ مختلف شھرن ۾ ان جي شاخن قائم ڪرڻ لاء بہ ڪم ڪيو.
رشيد ڀٽي جي سياسي ۽ ادبي سرگرمين جو مرڪز ڪراچي هو. هو هتي مختلف جاين تي ٿيندڙ سنگت جي گڏجاڻين ۾ شريڪ ٿيندو هو ۽ ساڳي وقت اڌ رات جو ڪامريڊ پوهو ۽ ٻين سان گڏجي ڪراچي جي ديوارن تي چاڪنگ بہ ڪندو هو. ان سلسلي ۾ هن سنڌ يوٿ فرنٽ جو ذڪر ڪيو آهي جنھن جو روح روان ذوالفقار علي ڀٽو هو ۽ ٻيا مختلف ماڻھو ان ۾ شامل هئا.
ڪراچي ۾ ليکڪ جو احسان بدوي، نورالدين سرڪي، اياز قادري، پوهو ۽ ٻين اهم ماڻھن سان واسطو پيو، جن سندس ادبي ذوق، ادبي ڪم ۽ سياسي شعور کي اڳتي وڌائڻ ۾ ڪافي مدد ڪئي. هڪ اهڙي شخصيت جي تشڪيل ٿي جنھن جو محور ۽ مرڪز سنڌ هئي. پر ان کي هڪ تنگ نظر قوم پرستي نہ ٿو ليکي سگهجي. طبقاتي شعور سان گڏ هڪ اهڙو آزاد خيال شخص جيڪو ڪنھن اڳواڻ ۽ سياسي جماعت جو هرو ڀرو پڇ لٽڪائو نہ هو. ان ڳالھہ جو ثبوت ان مان ملي ٿو تہ رسول بخش پليجو جي عوامي تحريڪ جي ٺھڻ جي شروعاتي گڏجاڻين مان هڪ اروڙ ۾ سندس جاء تي ٿي هئي ۽ هو پليجو کي ساٿي پليجو سڏي ٿو، پر ساڳي وقت سندس جيل ڊائري ۽ آتم ڪٿا اسين لوچيون لوه ۾ هن پليجو تي گهڻي تنقيد ڪئي آهي. ان سان گڏوگڏ سندس هڪ آزاد فرد جي طور نيشنل عوامي پارٽي ۽ عوامي ليگ جهڙين صوبائي حقن جي حامي مختلف جماعتن سان واسطو پڻ رهيو آهي.
هن ڪتاب جي خاص ڳالھہ اها آهي تہ ان ۾ جن بہ شخصيتن جو بيان آهي انھن کي سٺن لفظن سان ياد ڪيو ويو آهي. مثال طور آغا بدرالدين، جنھن جو مسلم ليگ سان واسطو هو، جي گڻن کي ساراهيو آهي.
پير حسام الدين راشدي هڪ تاريخدان طور ڄاتو وڃي ٿو پر ليکڪ اها ڳالھہ بہ ڪئي آهي تہ هن افسانا بہ لکيا آهن جن جي شايد گهٽ ماڻھن کي ئي خبر هجي.
احسان بدوي متعلق سندس ليک جذباتي ۽ متاثر ڪندڙ آهي. هو ايس ايم ڪاليج ۾ سندس استاد هئڻ سان گڏوگڏ سندس دوست پڻ هو. ڪراچي ۾ هڪ روڊ حادثي ۾ سندس موت سندس اندر کي جهوري ڇڏيو هو. اروڙ جي اقبال جوڳي جي مرلي کيس موهي وڌو هو. جوڳي هڪ عالمي شھرت جو فنڪار هو پر سندس الميو اهو هو تہ وٽس پنھنجي دوائن لاء پئسا نہ هوندا هئا ۽ مرلي وڄائي بيک نہ مڱندو هو تہ سندس گهر جو گاڏو نہ هلندو هو.
ڪامريڊ پوهو جي لاء هو لکي ٿو تہ شادي ۽ گهر جي ذميوارين کيس ڄڻ ٻين سڀني ڳالھين کان لاتعلق ڪري ڇڏيو هو ۽ سندس شادي نورالدين سرڪي جيان ڄڻ کانئن هڪ ٻيو ڪامريڊ کسي ورتو هو.
هو ڪميونسٽن جو قومي حقن جي حوالي سان واضح نہ هئڻ ڪري نقاد رهيو آهي پر ان سلسلي ۾ نسل پرستي جي حد تائين نہ ٿو وڃي ۽ حسن ناصر جھڙن اهڙن ماڻھن کي ساراهي بہ ٿو جن ان حوالي سان هڪ واضح موقف رکيو هو.
رشيد ڀٽي جي جيل ڊائري ۽ هن ڪتاب مان اهو محسوس ٿئي ٿو تہ عمر جو گهڻو حصو عمل ۾ رهڻ ڪري هن باوجود ڪن سياسي اڳواڻن ۽ سياسي جماعتن جي ويجهي هئڻ جي پنھنجو هڪ آزاد نڪتہ نظر رکيو آهي، جنھن سان اختلاف ڪري سگهجي ٿو، پر اها ساڳي وقت هڪ ساراه جوڳي ڳالھہ آهي. آئون سمجهان ٿو تہ هو اهڙا شخصي خاڪا انھن ماڻھن جا بہ لکي ها، جيڪي حال حيات هئا تہ پڙهندڙ جي ڄاڻ ۽ سنڌ جي تاريخ ۾ هڪ سٺو واڌارو ٿئي ها.

روشن چھرا

”بلوچ روشن چھري“ رمضان بلوچ جو ٽيون ڪتاب آهي. ان کان اڳ سندس ٻہ ڪتاب ”لياري ڪي ان ڪھي ڪھاني“ ۽ ”لياري ڪي اڌوري ڪھاني“ شائع ٿي چڪا آهن. نوڪري مان ڪجهہ سال اڳ رٽائر ٿيڻ کانپوء رمضان سماجي ۽ ادبي لحاظ کان هڪ سرگرم زندگي گذاري رهيو آهي. منھنجي ساڻس واقفيت آزاد بلوچ جي حوالي سان اٽڪل ٽيھہ پنجٽيھہ سالن کان آهي ۽ فيس بڪ ان کي اڃا وڌيڪ سولو ڪري ڇڏيو آهي. رمضان لياري جو پراڻو رهاڪو ۽ اتان جي ماڻھن، مختلف علائقن، سياست ۽ سماجي سرگرمين جي ڀرپور ڄاڻ رکندڙ آهي.
پاڪستان ٺھڻ اڳ ۽ ان کان گهڻو عرصو پوء بہ لياري ۽ ملير جا بلوچ سنڌي ميڊيم ۾ ئي تعليم حاصل ڪندا هئا ۽ سنڌي ۾ ئي لکپڙه ڪندا هئا. اهو لاڙو پوء مختلف سياسي ڪارڻن جي ڪري تبديل ٿيڻ شروع ٿيو ۽ گهڻا سنڌي ميڊيم اسڪول پڻ بند ٿي ويا. رمضان ٻڌائيندو آهي تہ سندس وڏو ڀاء سنڌي ميڊيم ۾ پڙهندو هو پر سندس پيءَ رمضان کي الائي ڇو اڙدو ميڊيم ۾ داخل ڪرائي ڇڏيو.
هن ڪتاب ۾ ٻائيتاليہ کان وڌيڪ اهم بلوچ شخصيتن جو ذڪر آهي. هڪ تہ ان ۾ گهڻي ڀاڱي اهڙا ماڻھو آهن جن سان رمضان جو واسطو رهيو آهي ۽ ٻيو تہ ان ۾ لياري جي ماڻھن ۽ رمضان جي دوستن جو هڪ حاوي تعداد آهي. ان ۾ سياستدان، اديب، سماجي ڪارڪن ۽ اڪبر جلال جھڙا فلمن ۽ موسيقي سان دلچسپي رکندڙ ماڻھو شامل آهن.
لياري جو بلوچ سياست، ادب ۽ سياست جي واڌ ويجهہ ۾ هڪ اهم ڪردار رهيو آهي. بلوچ ادب ۽ سياست جي اهم نالن جھڙوڪ واجه عبدلله جان جمالديني، آزاد جمالديني، ظھور هاشمي، صبا دشتياري، غوث بخش بزنجو، عطاءﷲ مينگل ۽ خيربخش مري وغيرہ جو واسطو مختلف طريقن سان لياري سان رهيو آهي. بي ايس او سميت گهڻيون بلوچ تنظيمون هتي ئي وڌيون ويجهيون. هتان جي بلوچ نوجوانن جھڙوڪ لالا لعل بخش رند، آزاد بلوچ، صديق بلوچ ، عثمان بلوچ، يوسف نسڪندي، ن م دانش ۽ اڪبر بارڪزئي هتان جي ادب، سياست ۽ ماڻھن کي سياسي شعور ڏيڻ ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. چاڪيواڙي جو نور محمد ٽي شاپ، لالا لعل بخش رند جي گهر جي سامھون خالي پلاٽ، جيڪو سندس ئي ملڪيت هو ۽ پوء لينن گراڊ جي نالي سان مشھور ٿيو، ۽ ٻيون مختلف جايون نوجوانن، سياسي ڪارڪنن ۽ ملڪ ۽ دنيا جي مخلتف حصن مان ايندڙ سياسي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن جي گڏجاڻين جون مستقل جايون هيون. ان جو هڪ ڪارڻ اهوبہ هو تہ 1960 جي ڏهاڪي کان بلوچ نوجوانن جو هڪ وڏو تعداد پنھنجي تعليم ۽ روزگار وغيرہ جي سلسلي ۾ ڪراچي اچڻ شروع ٿيو. اهم بلوچ رهنما غوث بخش بزنجو 1935 ۾ ڪراچي ۾ سنڌ مدرسي ۾ داخلا ورتي هئي ۽ هتان ئي بلوچ ليگ جي پليٽ فارم تان هن پنھنجي سياست جي شروعات ڪئي هئي. ساڳي وقت بزنجو هتان ئي محمود هارون جي خالي ڪيل قومي اسمبلي جي نشست تي سندس ئي حمايت سان اسمبلي جو رڪن ٿيو هو جنھن تي بلوچ سياسي ڪارڪنن پاران ناراضگي جو اظھار ڪيو ويو هو ۽ ليکڪ ان کي بلوچ سياست ۾ بگاڙ جو اهم ڪارڻ قرار ڏئي ٿو. ساڳي ريت عطاءﷲ مينگل پڻ 1962 ۾ بلوچ حقن جي حوالي سان ڪڪري گرائونڊ ۾ ٿيل هڪ جلسي ۾ متعارف ٿيو هو.
هي ڪتاب بلوچ سياست، ادب ۽ ثقافت ۽ خاص طور لياري سان ان جي تعلق جي حوالي سان اهم آهي.

رياض شاهد دايو جي ڪتاب ترقي پسند ادبي تحريڪ جو جائزو مھاڳ

رياض شاهد دايو سان منھنجي واقفيت کي اٽڪل چاليھہ سالن کان وڌيڪ عرصو ٿيو آهي. ان جو حوالو سنڌي ادبي سنگت آهي. هو ڪراچي سنگت جي گڏجاڻين ۾ بہ شريڪ ٿيندو هو ۽ گهوٽڪي جي سنگت ۾ بہ سرگرم هو. هي انھن ڪجهہ دوستن مان آهي، جنھن سان شروع کان هڪ نظرياتي ۽ ذاتي هم آهنگي رهي آهي. رياض ۽ گهوٽڪي سنگت جي ٻين دوستن جڏهين ف م لاشاري سان گهوٽڪي ۾ پروگرام ڪيو هو تہ ان ۾ آئون بہ شريڪ ٿيو هوس.
رياض هڪ ترقي پسند سوچ ۽ نظرئي جو ماڻھو آهي ۽ ان حوالي سان هن پنھنجي ننڍپڻ کان وٺي ترقي پسند سوچ جي حامل تنظيمن ۾ هڪ سرگرم ڪردار ادا ڪيو آهي. جڏهين اٺين درجي ۾ هو تہ ساٿي ٻارڙا سنگت ۾ شامل ٿيو ۽ پوء ان جو سرپرست اعلا بہ رهيو. ان کانپوء سنڌ نيشنل اسٽوڊينٽس فيڊريشن سکر جو صدر ۽ ڊيموڪريٽڪ اسٽوڊينٽس فيڊريشن ۾ هڪ ڪارڪن طورسرگرم رهيو. سنڌي ادبي سنگت ۾ هڪ سرگرم ڪردار ادا ڪرڻ سان گڏ هو، گهوٽڪي سنگت جو سيڪريٽري پڻ رهيو. انجمن ترقي پسند مصنفين سان پڻ لاڳاپيل رهيو آهي. 1986 ۾ ان جي گولڊن جوبلي ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيو ۽ 2011 ۾ لاهور ۾ انجمن جي پلاٽينم جوبلي ڪانفرنس ۾ سنڌ جي نمائندگي ڪئي. هن وقت هو انجمن جي سنڌ چيپٽر جو صدر آهي. 2013 کان سندس ارتقاء انسٽيٽيوٽ آف سوشل سائنسز سان وابستگي آهي ۽ هن وقت هو ان جو جوائنٽ سيڪريٽري آهي.
رياض ايگريڪلچر انجينيرنگ ۾ ماسٽرس ڪرڻ کانپوء سنڌ حڪومت ۾ نوڪري ڪئي ۽ 2022 ۾ ڊائريڪٽر جي عھدي تان رٽائر ٿيو آهي.
ان سڀ جي باوجود هو خاموشي ۽ مستقل مزاجي سان پنھنجو ڪم ڪندو رهندو آهي ۽ گهڻو ڏيکاء نہ ڪندو آهي. جيتوڻيڪ سندس شاعري ۽ مضمون مختلف اخبارن ۽ رسالن وغيرہ ۾ شائع ٿيندا رهيا آهن ۽ هو پبلشنگ جي شعبي سان پڻ لاڳاپيل رهيو آهي پر ترقي پسند ادبي تحريڪ جو ارتقائي جائزو سندس پھريون ۽ تازو ڪتاب آهي. شاعري ۽ نثر جا ڪجهہ ٻيا ڪتاب شائع ٿيڻ جي انتظار ۾ آهن.
هي ڪتاب بنيادي طور انجمن ترقي پسند مصنفين جي حوالي سان آهي. هونئن ترقي پسند ادب جا گهڻا محرڪ رهيا آهن پر ننڍي کنڊ ۾ 1936 ۾ انجمن جي ٺھڻ ۾ هندوستان ۽ عالمي حالتن جو وڏوڪردار رهيو آهي. هڪ پاسي هندوستان ۾ انگريز کان آزادي جي تحريڪ هلندڙ هئي ۽ ٻئي پاسي سوويت يونين ۾ آڪٽوبر انقلاب برپا ٿيو هو جنھن سڄي دنيا جي آزادي ۽ سماجي انصاف جي تحريڪن کي هڪ نئون اتساه ڏنو هو.
اديبن کي آزادي ۽ سماجي انصاف جي بنيادن تي منظم ڪرڻ جو خيال پھرين انھن ليکڪن ۽ اديبن کي آيو جن جو واسطو ڪميونسٽ نظرئي ۽ ڪميونسٽ پارٽي سان هو. سجاد ظھير جا لندن ۾ کاٻي ڌرجي مختلف ماڻھن ۽ گروپن سان واسطا پيا. هندوستان ۾ هڪ ترقي پسند ادبي تنظيم جي جوڙجڪ لاء اتي ئي بحث مباحثا ٿيا ۽ ڊاڪومينٽ تيار ڪيا ويا. وطن موٽڻ کانپوء ان کي باقاعدي هڪ تنظيمي شڪل ڏيڻ لاء تياريون شروع ڪيون ويون.
هندوستان ۾ ان وقت نہ رڳو ڪميونسٽ پارٽي ڪم ڪري رهي هئي پر ملڪ جي مختلف علائقن ۾ هارين ۽ مزدورن جون تحريڪون پڻ سرگرم هيون جن ليکڪن، فنڪارن ۽ اديبن کي متاثر ڪيو هو. شروع ۾ اها رڳو ڪميونسٽ سوچ رکندڙ اديبن جي تنظيم نہ هئي پران کي وطن دوست ۽ جمھوري سوچ رکندڙ اديبن جي هڪ تنظيم طور منظم ڪيو ويو هو ۽ ان کي منشي پريم چند ۽ رابندر ناٿ ٽيگور جھڙن ليکڪن جي بہ پٺڀرائي حاصل هئي. پر ھڪ ڳالھہ واضح هئي تہ اها تنظيم ڪميونسٽ نظرئي ۽ ڪميونسٽ پارٽي جي زيراثر هئي ۽ ملڪ ۽ دنيا جي سياسي حالتن ۾ ايندڙ تبديلين ۽ ان تي ڪميونسٽ پارٽي جي موقف جي ڪري انجمن جي پاليسي ۾ پڻ تبديلي ايندي رهي. ان جو ڪارڻ اهو بہ هو تہ انجمن جي اڳواڻن مان گهڻا پارٽي جا ڪارڪن ۽ همدرد هئا. ٻين مھاڀاري جنگ وقت پارٽي سان گڏ انجمن بہ ان ڪري عتاب هيٺ هئي، جو پارٽي پاران برطانيا کان آزادي لاء جدوجھد ڪئي ويئي. پر سوويت يونين تي هٽلر جي حملي کانپوء اها جنگ فاشزم خلاف جنگ ۾ بدلجي ويئي ۽ پارٽي پاران ان جي حمايت ڪرڻ جي ڪري انجمن ۽ ان جي اڳواڻن تي پابندين ۾ بہ نرمي آئي.
انجمن جي پھرين ڪانفرنس 1936 ۾ لکنو ۾ ٿي. سنڌ مان ان ۾ ڪنھن شرڪت ڪئي ان جي پڪ ناهي پر محمد امين کوسي لاء چيو وڃي ٿو تہ هن ان ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي هئي. پر اها ڳالھہ آهي تہ انجمن جي قيام سنڌي اديبن ۾ هڪ اتساه پيدا ڪيو هو جنھن جي نتيجي ۾ سنڌي ادبي سنگت منظم ٿي. ان کانپوء ڪلڪتي، بمبئي، حيدرآباد دکن ۽ دھلي ۾ مختلف ڪانفرنسون منعقد ڪيون ويون پر 1949 ۾ ڀيمڙي بمبئي ۾ جيڪا ڪانفرنس ٿي اها ان لحاظ کان اهم هئي تہ ان ۾ انجمن پنھنجو 1936 وارو منشور ۽ پاليسي ترڪ ڪري هڪ سخت گير پاليسي اختيار ڪئي. ان جو پسمنظر اهو هو تہ ٻين مھاڀاري جنگ جي خاتمي کانپوء آمريڪا ۽ سوويت يونين نہ رڳو دنيا جي ٻن اهم ملڪن طور سامھون آيا هئا پر ساڳي وقت اهي سرمايا دارانا نظام ۽ سوشلزم جا اڳواڻ پڻ هئا. ٻنھي ملڪن ۾ باقاعدي سرد جنگ جو اعلان ٿي چڪو هو. هندوستان جي ڪميونسٽ پارٽي پنھنجي ڪلڪتي واري ڪانگريس ۾ وڌيڪ انتھا پسند موقف اختيار ڪيو هو.
پاڪستان جي قيام کانپوء 1949 ۾ لاهور ۾ انجمن جي پھرين ڪانفرنس ۾ اهو ساڳيو موقف اختيار ڪندي پاڻ کي رجعت پسند اديبن کان ڌار ڪرڻ جو موقف اختيار ڪيو ويو. جيتوڻيڪ 1952 ۾ ڪراچي ۾ ٿيل انجمن جي ٻين ڪانفرنس ۾ ان موقف کي منسوخ ڪيو ويو پر ان جو اڳ ئي گهڻو نقصان ٿي چڪو هو. سعادت حسن منٽو جھڙن گهڻن لبرل خيالن جي اديبن ڱي ڊس اون ڪيو ويو جنھن الزام مان انجمن پنھنجو پاڻ کي اڃا بہ آجو ناهي ڪري سگهي.
1954 ۾ انجمن جي سرگرمين تي پابندي لڳائي ويئي. بظاهر ان جو ڪارڻ تہ رجعت پسندن جي انجمن خلاف اها پروپئگنڊا هئي تہ اها ملڪ ۽ اسلام دشمن آهي، پر ان جو مک ڪارڻ پاڪستان جو آمريڪي ڪئمپ ۾ شموليت هو جنھن جي ڪري ڪميونسٽ پارٽي ۽ نتيجي ۾ انجمن تي بہ پابندي عائد ڪئي ويئي.
سنڌي ادبي سنگت تہ پنھنجي ليکي سرگرم هئي، پر ملڪي سطح تي انجمن جي متبادل جي طور ملڪ جي ڪجهہ وڏن اديبن جن ۾ ڊاڪٽر م ر حسان، شيخ اياز ۽ گل خان نصير وغيرہ شامل هئا عوامي ادبي انجمن جي نالي سان هڪ تنظيم قائم ڪئي. اها تنظيم ڪجهہ عرصو اڳ تائين باقاعدي پنھنجيون ماهوار گڏجاڻيون ڪندي رهي. ان ۾ مختلف ٻولين جا ترقي پسند اديب شريڪ ٿيندا هئا. پر هڪ تہ اها تنظيم ڪراچي تائين محدود رهي ۽ ٻيو تہ ان جي سڃاڻپ ڊاڪٽر حسان ۽ سندس جماعت ڪميونسٽ ليگ جي حوالي سان ئي ٿيندي رهي. ڊاڪٽر حسان جو نظرياتي شاگرد، سنڌي ۽ اردو جو اديب نور محمد شيخ پنھنجين ذاتي ڪوششن ۽ هنيان جي زور تي ان کي هلائيندو رهيو. ان جون ماهوار گڏجاڻيون ڪڏهين رمپا پلازه جي ادارہ امن و انصاف جي هال ۾ ۽ ڪڏهين پي ايم اي هائوس ۾ ٿيندون هيون، پر هاڻي ڪجهہ عرصي کان اهو سلسلو منقطع آهي. ان جو ڪارڻ بہ اهو آهي تہ تنظيمون ڪنھن هڪ فرد جي آسري تي گهڻو نہ هلي سگهنديون آهن.
1954 ۾ انجمن تي پابندي کانپوء ملڪ جي سياسي ۽ ادبي منظرنامي ۾ گهڻيون تبديليون واقع ٿيون آهن. ان ڪري تنظيمن لاء اهو ممڪن نہ هوندو آهي تہ اهي گهڻي عرصي کانپوء جيڪڏهين ٻيھر پنھنجو احياء ڪن تہ وري ساڳي سطح تان پنھنجو ڪم شروع ڪن. سرد جنگ جي خاتمي ۽ سوويت يونين جي وکرجڻ کانپوء پاڪستان ۾ بہ ڪميونسٽ پارٽي ۾ ٽوڙ ڦوڙ شروع ٿي ويئي ۽ هڪ لحاظ کان نہ رڳو ڪميونسٽ پارٽي پر پوري کاٻي ڌر ملڪي سياست ۾ بي اثر ٿي چڪي آهي. ان صورتحال ۾ ترقي پسند خيالن جي اديبن پنھنجي ليکي ڪوششون ڪيون. جيتوڻيڪ ڪراچي ۾ ارتقاء جھڙا نوان ادارا قائم ڪيا ويا، پر ساڳي وقت ان ڳالھہ جي ضرورت کي پڻ محسوس ڪيو ويو تہ انجمن ترقي پسند مصنفين جو احياء ڪيو وڃي تہ جيئن ترقي پسند اديب هڪ ڀيرو ٻيھر هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿي ملڪ ۾ سماجي تبديلي ۽ جمھوري جدوجھد ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪري سگهن. ان مقصد لاء اپريل 2007 ۾ ملتان ۾ انجمن جي ستر سال مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي هڪ ملڪ گير تنظيم قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. پر ڪتاب جو ليکڪ ٻڌائي ٿو تہ محمد علي صديقي جي وڇوڙي کانپوء جيڪو ڪم 2007 کان انجمن کي ٻيھر سرگرم ڪرڻ لاء ڪيو ويو هو اهو ڪم عھديدارن جي اختلافن جي ڪري متاثر ٿيو. 2013 ۾ انجمن سنڌ، پنجاب، بلوچستان۽ خيبر پختون خواه جي مختلف ضلعن ۾ تنظيمي گڏجاڻيون شروع ڪيون ۽ ادبي علمي پروگرام ٿيڻ لڳا تہ 2014 ۾ لاهور انجمن ۾ ۽ 2015 ۾ پنجاب جي صوبائي باڊي ۾ ٽوڙ ڦوڙ شروع ٿي. (صفحو 120).
اهي اختلاف سنڌ ۽ خاص طور ڪراچي سطح تي بہ موجود آهن ۽ ان تنظيم جا هڪ کان وڌيڪ دعويدار آهن. ليکڪ ملڪ جي ٻين صوبن ۾ تنظيم جو ذڪر ڪيو آهي پر لڳي ائين ٿو تہ اها تنظيم سنڌ جي مختلف شھرن ۾ وڌيڪ سرگرم آهي. باقاعدي طور ڪانفرنسن جو انعقاد ۽ ڪتابن تي انعام ڏيڻ وغيرہ وسيلي ان هڪ لحاظ کان ليکڪن سان پنھنجو رابطو قائم ڪيو ۽ ان کي برقرار رکيو آهي ۽ ٻي مثبت ڳالھہ اها آهي تہ ان نہ رڳو سنڌ پر پاڪستان جي مختلف ٻولين جي اديبن کي ڳنڍڻ ۽ هڪ پليٽ فارم تي آڻڻ جو ڪم ڪيو آهي.
جيتوڻيڪ ڪتاب جو ٽائٽل ترقي پسند ادبي تحريڪ جو جائزو آهي ۽ ان ۾ سنڌي ادبي سنگت ۽ سنڌي ادب جو بہ جائزو ورتو ويو آهي پر اهو گهڻي ڀاڱي انجمن ترقي پسند مصنفين جي حوالي سان آهي. انجمن جي اٽڪل نوي سالن جي تاريخ تي گهڻو ڪجهہ لکيو ويو آهي پر هن ڪتاب جي اهميت ان ڪري آهي تہ سنڌي ۾ ان موضوع تي مواد نہ هئڻ برابر آهي. ان ڪتاب کي ترقي پسند ادبي تحريڪ جي هڪ تعارف طور ليکي سگهجي ٿو.

زلفي: هڪ دوست جي نظر ۾

پلومودي ذوالفقار علي ڀٽو جو ننڍپڻ جودوست آهي. اها دوستي گهڻي عرصي تائين هلي. زڪو آئون هيٺ پيو وڃان. اهي اهي پھريان لفظ هئا جنھن سان هن زلفي کي مخاطب ڪيو هو. ان دوستي جي شروعات ان وقت ٿي جڏهين شاهنواز ڀٽو پنھنجي خاندان سان بمبئي ۾ رهندو هو. اهي ٻيئي بمبئي جي ڪيٿڊرل بوائز اسڪول ۾ پڙهندا هئا. ان وقت پلو جي عمر ڏه سال ۽ زلفي نو سالن جو هو. زلفي دراصل پلو جي ماسات جھانگير موگا سيٺ جو دوست هو ۽ ان جي گهر ۾ اچ وڃ جي ڪري انھن جي دوستي ٿي هئي. هن پنھنجي ڪتاب Zulfi My Friend ۾ ان دوستي جا گهڻا تفصيل ڏنا آهن.
زلفي شروع ۾ گهر ۾ ئي ڪجهہ تعليم حاصل ڪئي هئي ۽ هو نو سالن جي عمر تائين اسڪول ۾ داخل نہ ٿيو هو. جڏهين پرنسپل داخلا لاء سندس انٽرويو ورتو تہ کيس چيو تہ توکي گرلز سيڪشن ۾ داخلا ڏيون ٿا جنھن تي هو ڪاوڙجي پيو ۽ پرنسپل کلي کيس چيو تہ ڇوڪرن کي ائين ئي هئڻ گهرجي ۽ کيس فرسٽ اسٽينڊرڊ ۾ داخل ڪري ڇڏيو. اهڙي ريت ڪنڊرگارٽن ۽ پرائمري مرحلا نہ ڪرڻ جي ڪري کيس گهڻي ڏکيائي ٿي پر هو انتھائي ذهين هو ۽ پڙهائي ۾ اڳتي وڌندو ويو. 1945 ۾ پنھنجي ننڍي ڀيڻ جي وفات جي ڪري هو گهڻي ڏک ۾ هو ۽ سينيئر ڪيمبرج جي امتحان ۾ فيل ٿي ويو پر پوء ڇھہ مھينا هن پاڻ کي بلڪل پڙهائي جي حوالي ڪري ڇڏيو ۽ 1946 ۾ هن سينيئر ڪيمبرج ڪري ورتو. ان دوران کيس هڪ افلاطوني قسم جو عشق ٿيو. هو ان ڇوڪري سان ملڻ ۽ ڳالھيون ڪرڻ چاهيندو هو پر ڇوڪري جا ماء پي کيس ساڻس ملڻ نہ ڏيندا هئا جنھن جي ڪري هو ڪافي مايوس ۽ پريشان هو. ليکڪ جي چوڻ موجب زندگي جي گهڻي تجربي حاصل ڪرڻ کانپوء بہ هو ان ڇوڪري کي وساري نہ سگهيو. اهي ٻيئي دوست پوء آمريڪا ۾ پڙهائي دوران ۽ آڪسفورڊ ۾ بہ هڪ ٻئي جي گهڻو ويجهو رهيا.
ليکڪ جو خيال آهي تہ ڀٽو جي خاندان جي بمبئي ۾ رهڻ ۽ تعليم حاصل ڪرڻ جي ڪري سندس لاء هڪ جديد نڪتہ نظر اختيار ڪرڻ آسان ٿي پيو. جيڪڏهين هو سنڌ جي قبائلي ۽ پٺتي پيل ماحول ۾ هجي ها، تہ سندس لاء ايترو اڳتي وڌڻ ممڪن نہ هجي ها. هو وڌيڪ لکي ٿو تہ اسان ٻيئي ساڳيا ڪتاب پڙهندا هئاسين، پر آئون پنھنجن مشاهدن ۽ تجربن کي وڌيڪ مّضبوط بنياد ڏيڻ چاهيندو هوس جڏهين تہ زلفي پنھنجن سوشلسٽ خيالن لاء پڙهندو هو.
ڪرڪيٽ سان کيس گهڻو شوق هو. وجي مرچنٽ، هزاري، مشتاق علي، امر ناٿ، مانڪنڊ ۽ نواب پٽودي سندس پسند جا رانديگر هوندا هئا. مشتاق علي سان زلفي جا ويجها لاڳاپا قائم ٿي ويا هئا ۽ هو ڄڻ سندن گهر جو هڪ فرد بڻجي ويو هو. هو جڏهين بہ بمبئي ايندو هو تہ زلفي جي گهر ئي اچي رهندو هو. ان وقت هڪ ٻئي ڪرڪٽر گل محمد سان بہ زلفي جا ويجها لاڳاپا قائم ٿي ويا هئا ۽ اهي ٽيئي گڏ هوندا هئا. مشتاق جو خيال هو تہ زلفي ۾ هڪ سٺي ڪرڪيٽر ٿيڻ جي صلاحيت هئي ۽ هو جيڪڏهين ٿوري پريڪٽس ڪري ها تہ هڪ سٺو رانديگر ٿي سگهيو ٿي. زلفي سٺو پائيندو ۽ سٺو کائيندو هو ۽ پنھنجن انھن دوستن کي کارائڻ پيارڻ تي بہ خرچ ڪندو هو. باقي طبيعت جي لحاظ کان هو ڪنھن بہ ننڍي ڳالھہ تي ناراض ٿي ويندو هو ۽ رڙيون ڪرڻ لڳندو هو. مشتاق علي سان زلفي جو اهو رابطو ان وقت ختم ٿي ويو، جڏهين شاهنواز ڀٽو ديوان ٿي جوناڳڙه هليو ويو. مشتاق علي 1954 ۾ ٻوڏ متاثرن جي امدادي ميچ لاء ڪراچي ويو تہ اتي سندس زلفي سان وري ملاقات ٿي ۽ کيس سندس گهر ۾ گهڻي عزت ملي پر هن ڏٺو تہ زلفي جو شوق هاڻي ڪرڪيٽ ڏانھن گهڻو نہ رهيو هو.
زلفي انگلينڊ ۾ قانون جي تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوء اتي هڪ فرم سان ڪم شروع ڪيو هو پر پويان سندس ڀاء زمينن وغيرہ جي معاملن کي صحيح نموني سنڀالي نہ سگهيو هو، جنھن جي ڪري کيس اها پريڪٽس ڇڏي واپس موٽڻو پيو. هن لاڙڪاڻي ۾ پنھنجي پراڻي گهر کي ڊهرائي نئون گهر ٺھرايو ۽ اتي رهڻ لڳو. ليکڪ جو چوڻ آهي تہ هتي ڪراچي ۾ هن جنھن سينيئر وڪيل رام چنداڻي سان ڪم شروع ڪيو هو، ان کي سندس ڪم ۽ قابليت کي ڏسي اهو ڊپ لڳو تہ ڪٿي هو کانئس اڳتي نہ نڪري وڃي. هن نہ رڳو اهو تہ کيس ڪا تربيت نہ ڏني پر کيس اها صلاح ڏني تہ هو وڪالت ڇڏي سياست ڏانھن وڃي. زلفي سندس مطلب سمجهي ويو ۽ ان ڪري کيس پنھنجي ليکي پنھنجي پريڪٽس شروع ڪرڻي پيئي. ان وقت جي سنڌ چيف ڪورٽ جي فل بينچ آڏو هڪ ڪيس ۾ سندس دليل ٻڌي چيف جسٽس ڪانسٽنٽائين جو چوڻ هو تہ هي وڪالت جي پيشي ۾ گهڻو اڳتي ويندو. هو پنھنجي تعريف ٻڌي خوش ٿيندو هو ۽ چيف جسٽس جي ان ڳالھہ کيس واقعي خوش ڪري ڇڏيو.
سياسي لحاظ کان انھن ٻنھي جا خاندان ٻن مختلف خيالن جا هئا. سر شاهنواز ڀٽو مسلم ليگ ۽ جناح جي ويجهو هو جڏهين تہ ليکڪ جو پي گانڌي ۽ نھرو جي ويجهو هو. انھن ٻنھي لندن جي پھرين گول ميز ڪانفرنس ۾ بہ شرڪت ڪئي هئي جتي سر شاهنواز سنڌ جي بمبئي کان عليحدگي جي گهر پيش ڪئي هئي. ليکڪ جو خيال آهي تہ جونا ڳڙه جي ديوان هئڻ وقت هو جيڪڏهين رياست جي پاڪستان سان الحاق جي حوالي سان اهو موقف نہ رکي ها تہ ٻنھي ملڪن جي ناتن جي نوعيت مختلف هجي ها.
پلو مودي عدن ۾ هڪ هوٽل جي پروجيڪٽ تي ڪم ڪري رهيو هو ۽ هو جڏهين اوڏانھن ويندو هو تہ ڪراچي ۾ ڪجهہ وقت لاء زلفي سان ملاقات لاء ضرور ترسندو هو. اتي هڪ ڀيري ڀٽي سندس ملاقات پنھنجي زال نصرت سان ڪرائي. هو نصرت جي سڀاء ۽ ان جي روئي کي گهڻو ساراهي ٿو. هن سندن سٺو خيال رکيو ۽ هڪ سٺي ميزبان جا فرض انجام ڏنا. ليکڪ جو خيال آهي تہ 1971 جي جنگ کانپوء اندرا گانڌي سان ڳالھہ ٻولھہ لاء ڀٽو سان گڏ بينظير جي بجائي نصرت ڀٽو کي اچڻ گهرجي ها جيڪا بيماري جي ڪري نہ اچي سگهي هئي. سندس چوڻ آهي تہ بينظير اتي ڳالھہ ٻولھہ ڪندڙ ٻنھي اڳواڻن جي ڀيٽ ۾ نھايت آرام ۽ ڪنھن بہ پريشاني کان آزاد پنھنجو وقت گذاريو.
پاڪستاني وفد جي ڀارت اچڻ کان اڳ ليکڪ اندرا گانڌي کي لکيو هو تہ هو ان ڳالھہ ٻولھہ جي عمل ۾ ڀٽو جي دوست جي حيثيت ۾ هڪ مثبت ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو، پر اندرا پاران کيس ان جو ڪو جواب نہ مليو. بھرحال ڳالھہ ٻولھہ جي شروع ٿيڻ کان اڳ هو شملا پھتو هو ۽ ڀٽو سان سندس فون تي رابطو هو. شملا واري ڳالھہ ٻولھہ گهڻن مرحلن مان گذري ۽ هڪ مرحلو اهڙو آيو جڏهين ائين لڳو تہ ڳالھہ ٻولھہ ناڪام ٿي ويئي هئي. ڀارت پاران مجيب کي ڳالھين ۾ شامل ڪرڻ ۽ جنگي ڏوهارين تي مقدمي هلائڻ تي اصرار هو، جنھن کي پاڪستان پاران قبول نہ ٿي ڪيو ويو. هن ان دوران ڀٽو سان ذاتي نوعيت جي هڪ ڊگهي ملاقات ڪئي هئي. صحافين اهو سمجهيو تہ انھن ٻنھي دوستن ۾ ڪا اهم ڳالھہ ٻولھہ ٿي آهي ۽ اهي کانئس ان متعلق سوال ڪرڻ لڳا. پر جيئن تہ اهڙي ڪا ڳالھہ نہ هئي ان ڪري هن پنھنجي پارٽي پاران هڪ بيان جاري ڪري اهو واضح ڪيو تہ اسان چاهيون ٿا تہ ٻنھي ملڪن ۾ سٺا ۽ خوشگوار ناتا هجن ۽ اهي امن سان رهن. الوداعي دعوت وقت جڏهين سرڪاري مھرن سميت سڀ سامان واپس موڪليو ويو هو ان وقت ٻيئي اڳواڻ ماني جي ميز تان اٿي بيٺا ۽ پاڻ ۾ ڳالھہ ٻولھہ ڪري ٺاه تي صحيح ڪيائون.
ٻنھي ۾ اهي ناتا ۽ بي تڪلفي آخر وقت تائين قائم رهيا جن ليکڪ چواڻي تہ بينظير کي بہ حيران ڪري ڇڏيو هو تہ سندس پيءُ ڪنھن ماڻھوءَ سان ان حد تائين بي تڪلف ٿي سگهي ٿو.

سارا شگفتہ: هڪ آزاد عورت جو الميو

سارا شگفتہ اڙدو ۽ پنجابي جي اهڙي شاعرا آهي، جنھن جي ادبي تخليق کان وڌيڪ سندس شخصيت کي بحث هيٺ آندو ويو آهي. تازو مون احمد سليم جو سارا جي شخصيت ۽ شاعري تي ڪتاب ”مڙدہ آنکين زندہ هاٿ“ پڙهيو. ان کان اڳ مون امرتا پريتم جو ڪتاب ”ايڪ ٿي سارا“ پڙهيو هو، جنھن ۾ انھن ٻنھي جا هڪٻئي ڏي لکيل خط هئا. سارا جن ماڻھن جي وڌيڪ ويجهو هئي، ان ۾ اهي ٻيئي شامل هئا. امرتا پاڪستان ۾ پنھنجن جن اديب دوستن کي خط لکندي هئي انھن ۾ سارا متعلق پڇندي هئي ۽ کين سندس خيال ڪرڻ جي تاڪيد ڪندي هئي.
انھن ڪتابن مان سارا جي شخصيت جو جيڪو خاڪو سامھون اچي ٿو، ان مان سندس خاندان سان گڏ خاص طور ان ادبي ماحول جو پڻ اندازو ٿئي ٿو، جنھن سان سندس واسطو هو. هڪ هيٺئين وچولي طبقي جي خاندان جي ڇوڪري جنھن جو وڏو مسئلو ڌي جي شادي ڪري پنھنجي جان آجي ڪرڻ هوندو آهي. اهڙي خاندان ۾ ڇوڪري جو رسمي تعليم حاصل ڪرڻ ئي وڏي ڳالھہ هوندي آهي. اهڙي ماحول ۾ سندس لکڻ، پڙهڻ، اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجڻ، ادبي محفلن ۾ وڃڻ ۽ اديبن سان ميل ملاقاتن کي پسند نہ ٿي ڪيو ويو. پنھنجي خاندان جي اصرار ۽ خاص طور پنھنجي ماء جي چوڻ تي هن ٽي ڀيرا شادي ڪئي. جيئن هڪ آزاد عورت کي خاص طور هڪ روايتي مرد هميشہ پنھنجي لاء هڪ خطرو ۽ عزت جو مسئلو سمجهي ٿو، ان ڪري مٿس شاعري ڪرڻ ۽ ادبي سرگرمين وغيرہ تي پابنديون لڳائي، کيس گهر تائين محدود ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي.
کيس پنھنجي مرضي موجب هلائڻ لاء مارموچڙو بہ ڪيو ويو پر هو پنھنجي ڪنھن بہ مڙس سان ٺھڪي نہ هلي سگهي ۽ ڪجهہ عرصي کانپوء وري پنھنجن مائٽن وٽ موٽي ٿي آئي. پنھنجي خاندان ۾ هو پنھنجي ماء جي وڌيڪ ويجهو هئي پر اها بہ ساڳي وقت کيس اهو سڀڪجهہ ڪرڻ کان منع ڪندي هئي ۽ هو جيڪي ڪجهہ لکندي هئي تہ اهي پنا بہ ساڙي ڇڏيندي هئي. سندس گهر وارن، ڀائرن ۽ ڀينرن کيس ئي پنھنجي ماء جي موت جو ذميوار قرار ڏنو ٿي.
ادبي دنيا جو کيس نھايت تلخ تجربو هو. جيتوڻيڪ سندس انور سن رائي، عذراعباس ۽ عطيہ دائود وغيرہ سان ويجها لاڳاپا هئا، پر سندس گهڻي ويجهڙائي امرتا پريتم ۽ احمد سليم سان هئي. کيس ۽ سندس شاعري کي گهڻا اديب ناپسند ڪندا هئا. ايستائين تہ پروين شاڪر جھڙي نامياري شاعرا کان کيس اها شڪايت رهي تہ هو سندس شاعري کي فحش چوندي ۽ مٿس تنقيد ڪندي هئي.
هن مڙداڻي پدرسري سماج ۾ کيس اها غلط فھمي هئي تہ ليکڪ ۽ اديب جيڪي عورت ۽ مڙد جي برابري جون دعوائون ڪندي نہ ٿا ٿڪجن انھن جو عورت ليکڪائن ڏانھن رويو عام ماڻھن کان مختلف هوندو. پر ائين ناهي ۽ اهو رڳو هڪ استشنا ئي ٿي سگهي ٿو. سارا کي ان جا نھايت تلخ تجربا ٿيا. هن جنھن شاعر تي ڀروسو ڪري ان سان شادي ڪئي ان کيس رڻ ۾ رولي ڇڏيو. وٽس جيڪي ڪجهہ هو، اهو کانئس ڦرڻ سان گڏ هڪ روايتي مڙد جي ذهنيت جو مظاهرو ڪندي کيس نوڪري ڇڏرائي گهر ويھاري ڇڏيو. سندس چواڻي تہ ان ليکڪ جا دوست روز سندن جهوپڙي ۾ گڏ ٿيندا هئا ۽ گهر ۾ فلسفو رڌبو ۽ منطق کائبي هئي.
سندس ڏک جو وڏو ڪارڻ سندس ٻار هئا. سندس ٽي ٻار تہ سندس اڳوڻي مڙس پاڻ وٽ رکيا. انھن کي نہ رڳو ساڻس ملڻ نہ ٿي ڏنو ويو پر انھن جي ذهن ۾ سندس خلاف مختلف ڳالھيون وڌيون ٿي ويون، جنھن جي ڪري انھن کيس هڪ سٺي ڪردار جي عورت نہ ٿي سمجهيو. سندس وڏو ڏک سندس اهو نئون ڄاول ٻار هو، جنھن جي اسپتال جو بل تہ ٺھيو هو، ان جي مري وڃڻ تي کيس ڪفن بہ نہ ڏيئي سگهي.
ان سڄي صورتحال کيس هڪ نفسياتي مريض بڻائي ڇڏيو هو. مائٽن پاران کيس چرين جي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو جتي کيس بجلي جا شاڪ ڏنا ويندا هئا. ڪجهہ عرصو اتي رهڻ کانپوء هو وري اصل چرين جي دنيا ۾ موٽي آئي. سندس نظم ۽ نثر منجهيل آهن. ان ۾ سندس پنھنجن ڏکن سان گڏ مڙد خلاف هڪ نفرت ۽ ڪروڌ ملي ٿو.
سندس ريل هيٺان اچي مرڻ پڻ هڪ معمو آهي. عام تاثر اهو آهي تہ هن آپگهات ڪيو هو جڏهين تہ هڪ ٻيو رايو اهو بہ آهي تہ هو پنھنجي پٽ جي قبر تي گل کڻي وڃي رهي هئي ۽ ريل هيٺان اچي ويئي.
سندس جيئري سندس شاعري جو هڪ مجموعو ڀارت ۾ ديوناگري رسم الخط ۾ شائع ٿيو هو جنھن کي هو پاڻ بہ پڙهي نہ پئي سگهي. پاڪستان ۾ ان وقت سندس ڪو ڪتاب شائع نہ ٿي سگهيو هو. مرڻ کانپوء گهڻن اديبن ساڻس ويجهڙائي جو ڊونگ رچايو ۽ سندس شاعري جي مجموعي کي شائع ڪرڻ جون ڳالھيون ڪيون.

ستيا جيت رائي ۽ ڪلچر

متبادل سينيما جي حوالي سان ستيا جيت رائي جووڏو نالو آهي. امرتا سين سندس ڪجهہ مضمونن جي بنياد تي خاص طور ڪلچر متعلق سندس خيالن تي پنھنجي ڪتاب The Argumentative Indian ۾ لکيو آهي. هڪ لحاظ کان سندس اهي خيال ڪجهہ سالن کان بي جي پي سميت ڀارت جي ڪجهہ سياسي جماعتن ۽ ليکڪن ڀارت جي ڪلچر، تاريخ ۽ ٻين شعبن کي ٻاهرين اثرن کان پاڪ ڪرڻ جي جيڪا مھم شروع ڪئي آهي ان جو جواب ۽ ان جي خلاف مزاحمت آهي.
رائي کي شروع کان فلم ڏسڻ، موسيقي ۽ مصوري جو گهڻو شوق هو. هن اولھہ جي ملڪن جون گهڻيون فلمون ڏٺيون. هو وشوا ڀارتي شانتي نڪيتن جو شاگرد بہ رهيو ۽ سندس دلچسپي جا موضوع موسيقي ۽ مصوري هئا. هتي انھن موضوعن تي کيس سٺا استاد مليا ۽ سندس سٺي تربيت ٿي. هن هندوستان جي ڪلاسيڪي موسيقي کي تفصيل سان سکيو. مصوري ۾ نند لعل بوس هڪ قابل استاد هو، جنھن جي سيکاريل هڪ ڳالھہ جو ذڪر ڪندي هو ٻڌائي ٿو تہ سندس چوڻ هو تہ وڻ جي تصوير ٺاهڻ وقت ان کي بجائي مٿان جي هيٺان پاڙ کان شروع ڪرڻ گهرجي. ڇاڪاڻ تہ وڻ پاڙ کان ئي وڌي ويجهي ٿو. اهو استاد اولھہ جي مصوري جي طريقن تي تنقيدي نڪتہ نگاه رکندو هو ۽ پنھنجن شاگردن جي توجھہ ايشيائي ملڪن ۽ خاص طور جپان ۽ چين جي مصوري جي علم ڏانھن ڏياريندو هو. رائي جو چوڻ آهي تہ کيس فلمي رسالا جھڙوڪ Film goer وغيرہ پڙهڻ جو شوق هوندو هو ۽ اهڙي ريت پڙهائي ڏانھن سندس ڌيان گهٽ هوندو هو. هن اڳتي هلي پنھنجين فلمن لاء اولھہ جي گهڻين فلمن مان آئيڊيا ورتا، پر انھن کي هندوستان ۽ بنگال جي ماحول جي حوالي سان پنھنجين فلمن ۾ پيش ڪيو. سندس چوڻ آهي هن لندن وڃڻ کانپوء اٽلي جي پروڊيوسر ڊيسيڪاز جي فلم Bicycle Thieves ٽي ڀيرا ڏٺي ۽ هن سوچيو تہ هو پنھنجي بنگالي ٻولي جي فلم پٿر پنچلي، جنھن جو خيال اڳ ئي سندس ذهن ۾ موجود هو، ان طرز تي ٺاهيندو. پر ان جي باوجود سندس فلم جو ماحول هندوستان ۽ بنگال جو آهي. سندس فلمن جي خاصيت اها آهي تہ هو بجائي مشھور اداڪارن جي اڻڄاتل اداڪارن کي پنھنجين فلمن ۾ کڻي ايندو آهي ۽ فلمن جو ماحول ڳوٺن ۽ شھرن جي حقيقتن تي ٻڌل هوندو آهي. هو خاص طور ٻين ملڪن جي ماڻھن لاء هندوستان کي گلرميرائز ڪري پيش نہ ڪندو آهي پر جيئن اهو آهي ائين ئي سندس فلمن ۾ پيش ٿيندو آهي.
ليکڪ جو چوڻ آهي تہ اهي ماڻھو جيڪي ٻين ملڪن سان رابطي ۽ انھن جي خيالن ۽ نظرين کي اختيار ڪرڻ خلاف دليل استعمال ڪن ٿا اهي بہ اولھہ جي عالمن ۽ ڪتابن کان مستعار ورتل هوندا آهن. هو جيتوڻيڪ هندوستان جي مجموعي ڪلچر جي ڳالھہ ڪري ٿو پر ساڳي وقت هو اهو بہ چئي ٿو تہ مختلف علائقن ۽ گروهن جي پنھنجي انفراديت ۽ سڃاڻپ بہ هوندي آهي جنھن کي مڃڻ گهرجي ۽ ان کي سامھون آڻڻ گهرجي. پر ساڳي وقت ان جو اهو مطلب ناهي تہ پنھنجي ڏيڍ سر جي مسيت ٺاهي، ٻين کان ڌار ٿي ويھي رهجي. ٻين علائقن، ٻولين ۽ ڪلچر مان جيڪي مثبت شيون ملن ٿيون انھن کي حاصل ڪرڻ گهرجي.
ان سلسلي ۾ هو ڪلڪلي جو مثال ڏئي ٿو، جتي شھر جي مختلف علائقن ۾ ماڻھو بنگالي مختلف لھجن ۾ ڳالھائين ٿا ۽ سندن رهڻ سھڻ ۽ لباس مختلف آهن. وچولي طبقي جا ماڻھو پنھنجي ڳالھہ ٻولھہ ۾ انگريزي جا گهڻا لفظ استعمال ڪن ٿا. ساڳي ريت پورهيت طبقي جي عورتن ۾ ساڙهي جو استعمال گهڻو آهي. پر ان جو مطلب ماڻھن کي هڪ ٻئي کان ڌار ڪري بيھارڻ ناهي. اهي هڪ ٻئي سان ملن ٿا، هڪ ٻئي جي تجربن مان استفادو ڪن ٿا ۽ پنھنجي ثقافت کي وڌيڪ شاهوڪار ڪن ٿا.
اولھہ جي ملڪن سائنس جي مختلف شعبن ۽ ٽيڪنالوجي وغيرہ ۾ جيڪا ترقي ڪئي آهي ان کي اڪيلو ۽ ڌار ڪري نہ ٿو ڏسي سگهجي ۽ نہ ئي اهو چئي سگهجي ٿو تہ اهو رڳو اولھہ جي ملڪن جو ورثو ۽ انھن جا ڪرناما آهن. اهو سڀڪجهہ هڪ تاريخي تسلسل جو نتيجو آهي ۽ ان ۾ دنيا جي سڀني ماڻھن ۽ ملڪن مختلف وقتن تي پنھنجو حصو وڌو آهي ۽ اهڙي ريت اهو انھن جو گڏيل ورثو آهي.
سندس چوڻ آهي تہ مختلف ڪلچر، ٻولين ۽ ملڪن جي ماڻھن کي هڪ ٻئي کي سمجهڻ ۾ ڏکياائي ٿيندي آهي. پر غم، خوشي وغيرہ اهڙا يونيورسل سمبلز ۽ ڳالھيون آهن، جن ۾ گهڻي ڀاڱي هڪجھڙائي هوندي آهي پر پوء بہ ڪي ننڍيون ڳالھيون ۽ اشارا اهڙا هوندا آهن، جيڪي رڳو ان ڪلچر سان لاڳاپيل ماڻھو ئي سمجهي سگهندو آهي ۽ ان تي پنھنجو ردعمل ظاهر ڪري سگهندو آهي. ان سلسلي ۾ فلمون پنھنجي خاص طور ايڪشن وسيلي مختلف ملڪن، ٻولين ۽ ثقافتن جي ماڻھن ۾ رابطي جو هڪ سولو ۽ آسان ذريعو آهن.

سرخ سلام

هي عبدالرحمان پيرزادو جو ٽيويھہ ڪھاڻين تي مشتمل نئون ڪتاب آهي. ليکڪ جا ايستائين شاعري، ڪھاڻين ۽ بلاگز جا مختلف ڪتاب اچي چڪا آهن. هو جيتوڻيڪ پبلڪ هيلٿ سان لاڳاپيل ڊاڪٽر آهي، پر ساڳي وقت هن هڪ ڊگهو عرصو ترقي پسند سياست ۾ گذاريو آهي جنھن جي ڪري شين متعلق سندس هڪ خاص نڪتہ نظر آهي.
سندس لکڻين جي خاص ڳالھہ اها آهي تہ هو شين کي تنقيدي نظر سان ڏسندو آهي ۽ ڪنھن بہ ڳالھہ کي جيئن جو تيئن قبول ڪرڻ لاء تيار ناهي هوندو. هڪ تہ ماڻھن کي صحت ۽ صفائي سٿرائي جي حوالي سان صلاحون ڏيندو رهندو آهي، ٻي خاص ڳالھہ اها آهي تہ هو صحت، تعليم ۽ عوامي ڀلائي سان لاڳاپيل ٻين ادارن جي نجي ملڪيت جي بجائي سرڪاري يا عوامي ملڪيت تي زور ڏيندو آهي، جيڪا ڳالھہ اڄ جي دور ۾ ايتري مقبول نہ رهي آهي، پر هڪ لحاظ کان ماڻھن جي فائدي ۾ آهي.
سندس ڪھاڻين جو هيءُ ٽيون ڪتاب آهي. ان کان اڳ سندس ٻہ مجموعا ”هاري جو پٽ“ ۽ ”انڌي جي لٺ“ اچي چڪا آهن. ڪھاڻي جا مختلف فارميٽ ۽ نمونا آهن ۽ ان جي ڊيگه ويڪر ۽ طوالت وغيرہ کي مقرر نہ ٿو ڪري سگهجي. پر اهو چئي سگهجي ٿو تہ اها ڀلي ٻن سٽن جي هجي، پر ان ۾ هڪ تاثر هجي ۽ پڙهندڙ ان کي محسوس ڪري. هن ڪتاب ۾ ٽيويھہ مختصر ڪھاڻيون شامل آهن.
اهي ڪھاڻيون ڪمينٽس ۽ ڳالھہ ٻولھہ جي صورت ۾ مختلف سماجي ۽ سياسي موضوعن سان لاڳاپيل آهن. انھن ڪھاڻين مان مختلف ڳالھين ۽ شين متعلق ليکڪ جو نڪتہ نظر واضح ٿئي ٿو. هن ڪن ڳالھين جي وضاحت ڪئي آهي تہ ڪن تي طنز ڪيو آهي. مثال طور ٽائٽل ڪھاڻي سرخ سلام ۾ ڪامريڊ لفظ جو هاڻي جنھن نموني استعمال ڪيو وڃي ٿو، ان کي هن واضح ڪيو آهي. ساڳي ريت ڪجهہ ڪھاڻين ۾ عدالتن جي روين تي نظر وڌي آهي. ڪھاڻي مدر ڊي جو خاص طور ذڪر ڪري سگهجي ٿو جنھن ۾ ان ڳالھہ کي چٽو ڪيو ويو آهي تہ هڪ شخص آمريڪا، ڪينيڊا جا معاشي ۽ سماجي فائدا تہ حاصل ڪري ٿو، پر ان ڳالھہ کي گوارا نہ ٿو ڪري تہ خاص طور سندس ڌيئر ان ماحول جي طور طريقن کي اختيار ڪن ۽ سندس ضابطي مان نڪري وڃن. اهو هن سماج ۾ هڪ عام رويو آهي.
آئون اهو سمجهان ٿو تہ ليکڪ پنھنجين لکڻين ذريعي هڪ پاسي ماڻھن جي منفي روين جي نندا بہ ڪري ٿو ۽ ساڳي وقت مثبت پاسن جي حوالي سان سندن ذهني تربيت ڪرڻ جي ڪوشش بہ ڪري ٿو.
سنڌ ۾ جانور ۽ پکين جو شڪار تہ پري جي ڳالھہ، ماڻھو جو شڪار بہ هڪ بھادري جي علامت سمجهيو وڃي ٿو. ليکڪ پنھنجي ڪھاڻي شڪار ۾ ان روئي کي نندي ٿو. ساڳي وقت ڪھاڻي جاڙا ۾ هو خانداني رٿابندي جي فائدن جي نشاندہي ڪري ٿو.
هن ڪتاب کي هڪ مثبت واڌاري طور ليکي سگهجي ٿو.

جرنيلي سڙڪ تي سفر

چون ٿا شيرشاه سوري جڏهين دھلي پھتو تہ هڪ پوڙهي عورت کيس ڏسي چيو تہ دھلي جو گهوٽ اچي ويو. شير شاه جڏهين پنھنجي ڏاڙهي کي ڏٺو تہ کيس هڪ اڇو وار نظر آيو. کيس محسوس ٿيو تہ وٽس گهٽ وقت آهي ۽ جيڪي ڪرڻو آهي ڪري وٺان. هن پنج سال هندوستان تي حڪومت ڪئي.
جرنيلي سڙڪ جي تعمير سندس هڪ وڏو ڪارنامو ڪري ليکيو وڃي ٿو. جيتوڻيڪ کانئس اڳ ۽ پوء جي حڪمرانن بہ ان سڙڪ تي ڪم ڪيو پر هن جنھن منظم نموني ان کي ٺاهيو، ان هن سڙڪ کي ڄڻ سندس نالي سان ئي ڪري ڇڏيو. شيرشاه هن سڙڪ تي هر ٻن ڪوس تي هڪ سرائي ۽ اهڙي ريت اٽڪل سترنھن سو سرائي قائم ڪيون. ان سڙڪ کانسواء ملتان وغيرہ جي سڙڪن تي بہ سرائي قائم ڪيون ويون. انھن جو مقصد مسافرن ۽ سندن سواري جي جانورن کي کاڌو، پاڻي ۽ آرام ڏيڻ هو. ان سان گڏوگڏ اهي بادشاه جي لاء هڪ لحاظ کان اطلاعن پھچائڻ ۽ جاسوسي جو ڪم پڻ ڏيندا هئا. هتي موجود بادشاه جا ماڻھو، هر نئين مسافر ۽ کانئس ٻڌل ڳالھين جي رپورٽ دھلي پھچائيندا هئا. ان لحاظ کان انھن جي هڪ فوجي اهميت پڻ هئي.
موجودہ پاڪستان ۽ هندوستان جا گهڻا شھر ان شاهراه تي آهن، جيڪا پشاور کان شروع ٿي ڪلڪتي تائين وڃي ٿي. جڏهين تہ ڪلڪتي وارا چون ٿا تہ اها شروع ئي هتان ٿئي ٿي ۽ پشاور تي ختم ٿئي ٿي. انگريزن جي جي ٽي روڊ ۽ شيرشاه جي سڙڪ ۾ فرق اهو آهي تہ پھرين دھلي کان قنوج ۽ علي ڳڙه وغيرہ ڏانھن هلي وڃي ٿي، جڏهين تہ ٻين سڌو آگرہ وڃي ٿي.
رضا علي عابدي جرنيلي سڙڪ جي عنوان سان بي بي سي لاء هڪ پروگرام جي سلسلي ۾ ان سڙڪ تي سفر ڪيو هو ۽ پوء ان کي جرنيلي سڙڪ جي عنوان سان ڪتاب جي شڪل ڏني هئي. ليکڪ پشاور کان زيرو پوائنٽ تان اهو سفر شروع ڪيو. پشاور اهڙو شھر آهي جيڪو صدين کان آباد آهي. تاريخي طور اهو پٺاڻن جو شھر ناهي رهيو، پر هتي هندڪو ڳالھائڻ وارن جي گهڻائي رهي آهي. پر هن وقت صورتحال تبديل ٿي چڪي آهي. هڪ تہ هتي پٺاڻن جي آبادي وڌي ويئي آهي، جڏهين تہ ٻئي پاسي افغان پناهگيرن جو هڪ وڌو تعداد شھر ۾ اچي آباد ٿيو آهي. شھر جا اصلوڪا ماڻھو ٿورائي ۾ ٿي ويا آهن. ان سان گڏ اهو شھر جيڪو گلن ۽ پنھنجي سونھن ڪري ڄاتو ويندو هوهن وقت هٿيارن ۽ منشيات جو مرڪز آهي. ان جو هڪ ڪارڻ تہ افعان پناهگير آهن، جڏهين تہ ٻيو ڪارڻ اهو آهي تہ مختلف قبائلي ايجنسيون بلڪل شھر سان لڳ ۽ ويجهو آهن.
رهتاس جھلم جي ويجهو شيرشاه جو تعمير ڪرايل قلعو آهي. اهو گکڙن جو علائقو آهي. اهي همايون جا حامي ۽ شيرشاه جا مخالف هئا. اهي ان قلعي جي تعمير ۾ سھڪار ڪرڻ لاء تيار نہ هئا پر لالچ ۽ وڌيڪ اجورو ڏيڻ ڪري اهو ڪم ممڪن ٿي سگهيو. ان قلعي ۾ هن وقت بہ ماڻھو رهن ٿا. ان ساڳئي نالي سان هڪ قلعو بھار جي شھر سھسرام ۾ بہ آهي، جتي شيرشاه ۽ سندس پٽ اسلام شاه دفن آهن.
ان قلعي جي تعمير جو مقصد ڪاهن کان بچاء ڪرڻ هو. باراني علائقو هئڻ ڪري جهلم جي ماڻھن جي روزگار جو وسيلو سپه گيري رهيو آهي. شيرشاه جي دور ۾ بہ ائين هو ۽ پوء بہ ائين ئي رهيو پر هاڻي وقت بدلجي ويو آهي. پرڏيھہ ۾ وڃي پئسو ڪمائڻ هتان جي ماڻھن جي پھرين ترجيح آهي. ان ڪري سپه گيري ڏانھن لاڙو گهٽجي ويو آهي.
ليکڪ گجرات ۽ گجرانوالا ۽ اتان جي ماڻھن جو ذڪر ڪري ٿو. رام پياري جي سونھن ۽ ان جي لاء ٺھرايل محل جو ذڪر ڪري ٿو، جنھن جي سڄي علائقي ۾ هاڪ هوندي هئي. هن وقت اهو محل عورتن جي تعليم ۽ هاسٽل طور ڪم اچي ٿو. ساڳي ريت هو رنجيت سنگه جي پيءُ جي سمادي متعلق ٻڌائي ٿو تہ اها هن وقت خراب حالت ۾ آهي.
لاهور باغن جي شھر طور مشھور آهي. ان وقت بہ هتي گهڻا باغ هوندا هئا. شھر جي چوڌاري هڪ وڏو باغ هوندو هو، جيڪو پوء آهستي آهستي ختم ٿي ويو. شھر جي آبادي قلعن ۾ ئي رهندي هئي. جڏهين تہ پوء شھر ڦھلجندو ويو.
اوڀر پنجاب جي مختلف شھرن ۾ کيس مسلمانن جي ٿورائي ۾ هئڻ جي باوجود اها ڳالھہ محسوس ٿئي ٿي تہ اهي اتان جي غيرمسلم آبادي سان مٺ محبت سان رهي رهيا هئا. اردو جي ترقي لاء هڪ سازگار ماحول هو ۽ گهڻا غير مسلم ان سلسلي ۾ سرگرم هئا.
آگره سندس لاء هڪ اهم شھر آهي. هتي هڪ تہ تاج محل آهي. ان کي اڳ روضہ ممتاز محل چيو ويندو هو، پوء اهو تاج محل سڏجڻ لڳو. اهو گهڻن بحرانن مان گذريو آهي. پھرين جاٽن حملو ڪري ان ۾ لڳل هيرا جواهر خنجرن سان کوٽي ڪڍيا. ٻين گهڻن حملي آورن ان کي نقصان پھچايو جڏهين تہ انگريزن ماڳيئي ان کي ڊاهي ان جو پٿر وڪڻڻ ٿي چاهيو. پر جڏهين انھن ڏٺو تہ ان مان گهڻي رقم نہ ملندي تہ انھن اهو ارادو ترڪ ڪري ڇڏيو. پوء ان کي هڪ سياحتي مقام جي طور ترقي وٺرائي ويئي. ان جي تہ خاني ۾ ئي ممتاز محل سان گڏ شاهجهان جي بہ قبر آهي. ان تہ خاني ۾ وڃڻ تي گهڻي عرصي کان بندش رهي آهي. ليکڪ جو چوڻ آهي تہ موجودہ دور ۾ مختلف آفيسرن پاران جيڪي هدايت نامہ وغيرہ لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي ان سان ان جي ديوارن کي نقصان پھتو آهي.
ٿورو پرتي اسڪندريا جي علائقي ۾ اڪبر اعظم جي قبر جي صورتحال اڃا وڌيڪ افسوس جوڳي آهي. اتي قبر مٿان رڳو هڪ بلب ٻري رهيو هو. جاٽن حملو ڪري ان عظيم حڪمران جي قبر مان سندس هڏن کي ڪڍي باه ڏني هئي جنھن کي وري ٺيڪ ڪيو ويو.
هو يوپي مان بھار ۾ داخل ٿئي ٿو جتي سھسرام ۾ شيرشاه ۽ سندس پٽ اسلام شاه جون قبرون آهن. هتي شيرشاه جي مزار سميت گهڻن جاين تي ننڍا ننڍا مندر ٺاهي والار ڪئي ويئي آهي ۽ انھن حد دخلين خلاف آواز کڻڻ ڏکيو آهي. هتي ڪانگريس جي هڪ مقامي اڳواڻ شيرشاه جي مزار جي حفاظت ۽ سارسنڀال پنھنجي مٿان کنئي آهي ۽ ان لاء گهڻي ڊوڙ ڊڪ ڪندو آهي.ايستائين تہ ماڻھو کيس شيرشاه جو پٽ چوڻ لڳا آهن.
هتان هو بنگال ۾ داخل ٿئي ٿو ۽ شانتي نڪيتن وغيرہ مان ٿيندو، پنھنجي آخري منزل ڪلڪتي ۾ داخل ٿئي ٿو. ڪلڪتي جي آبادي ۾ وڏو حصو ڀارت جي ٻين رياستن ۽ شھرن مان آيل ماڻھن جو آهي. چيو وڃي ٿو تہ هتي بنگالي ڪل آبادي جو چاليھہ سيڪڙو آهي. شھر ۾ گهڻو ڪري اڙدو ڳالھائي وڃي ٿي. هتي ئي اڙدو جي ترقي لاء فورٽ وليم ڪاليج قائم ڪيو ويو هو. هاڻي بنگالين جي گهر آهي تہ ان ڪاليج جو نالو بدلائي سراج الدولا جي نالي تي رکيو وڃي. هتي اهڙا گهڻا ماڻھو آهن، جيڪي صبوح شھر ۾ روزگار لاء اڄن ٿا ۽ شام جو پنھنجن گهرن ڏانھن هليا وڃن ٿا. مثال طور ڏينھن ۾ جيڪڏهين شھر جي آبادي هڪ ڪروڙ ويھہ لک آهي تہ شام ۾ اها گهٽجي هڪ ڪروڙ ٿي ٿي وڃي. ڀارت جي گهڻن شھرن جيان سائيڪل رڪشا هتان جي عام سواري آهي ۽ انھن کي هلائيندڙن جي حالت رحم جوڳي آهي. شھر سان لڳ هگلي دريا، جيڪو گنگا جو حصو آهي، وٽ اهم بندرگاه هوندي هئي جنھن جي ڪري يورپي ڪمپنين شھر کي پنھنجو مرڪز بڻايو هو هن وقت اهو دريا لٽجي چڪو آهي. ان جو ڪارڻ هڪ دريا جي صفائي نہ ٿيڻ ۽ ٻيو ڀارت پاران فاخرا بئراج جو ٺاهڻ آهي، جنھن جي ڪري دريا ۾ ايترو پاڻي نہ ٿو اچي جيڪو ان واري کي کڻي وڃي.
ليکڪ جڏهين اهو سفر ڪري رهيو هو تہ ان وقت جي ڀارت جي وزيراعظم راجيو گانڌي شھر جي مجموعي صورتحال کي ڏسندي بيان ڏنو هو تہ ڪلڪتو هڪ مرندڙ شھر آهي. ليکڪ شھر ۾ ان سلسلي ۾ صحافين ۽ ٻين مختلف ماڻھن کي رايا ورتا، پر اهي ان سلسلي ۾ ڪنھن هڪ ڳالھہ تي متفق نہ هئا. بھرحال شھر جي هڪ تاريخي، ثقافتي ۽ سماجي حيثيت آهي ان کي ائين نظر انداز نہ ٿو ڪري سگهجي.
ان سڄي سفر مان ليکڪ اهو نتيجو ڪڍيو آهي تہ مجموعي طور ٽي وي، ريڊيو ۽ ٻين ايجادن جي ڪري ماڻھن جي زندگي ۾ وڏي تبديلي آئي آهي. ساڳي وقت انھن ۾ اڳ واري مٺ محبت نہ رهي آهي. افراتفري ۽ انفراديت وڌي ويئي آهي.

شھر، ليکڪ ۽ ڪھاڻيون

انور ابڙو ڪھاڻيڪار بہ آهي، شاعر بہ آهي ۽ صحافي بہ آهي. هي انور جي ڪھاڻين جو چوٿون ڪتاب آهي. ان کانسواء سندس ڪجهہ ناول ۽ مضمونن جا ڪجهہ ٻيا ڪتاب پڻ شائع ٿيل آهن.
منھنجي آڏو هن وقت سندس ڪھاڻين جو مجموعو ”پرسڪون چھري جي آتم ڪٿا“ آهي. آئون اهو سمجهان ٿو تہ سماج ۽ ان جي ماڻھن جي روين، عمل، ردعمل ۽ زندگي کي سمجهڻ لاء اتان جي ادب کي پڙهڻ ضروري آهي. اها ڳالھہ ڪنھن حد تائين سنڌي ادب ۾ پڻ ملي ٿي. پاڪستان جي ٺھڻ کانپوء ايستائين جيڪي سياسي، سماجي ۽ ثقافتي تبديليون آيون آهن، ان جا عڪس سنڌي ڪھاڻي ۽ شاعري ۾ پڻ ملن ٿا، جن جا موضوع وقت ۽ حالتن سان گڏ تبديل ٿيندا رهيا آهن.
سنڌي ليکڪ جو ٻھراڙي ۽ خاص طور پنھنجي ڳوٺ سان هڪ مضبوط ناتو رهيو آهي. شھر کين اوپرا محسوس ٿيندا آهن. اها ڳالھہ خاص طور ڪراچي لاء چئي سگهجي ٿي جيڪو صحيح معنيٰ ۾ پنھنجي اندر هڪ شھر جون خاصيتون رکي ٿو. حيدرآباد، سکر ۽ لاڙڪاڻو سميت سنڌ جا جيڪي ننڍا وڏا شھر آهن، اهي هڪ لحاظ کان ٻھراڙين جي ئي توسيع آهن. اڌ ٻھراڙي ۽ اڌ شھر. ان ڪري انھن شھرن ۾ رهندڙن کي گهڻي اوپرائپ محسوس نہ ٿي ٿئي.
مون اهو محسوس ڪيو آهي تہ منھنجا گهڻا اهڙا دوست رهيا آهن جن جي لاء ڪراچي ۾ رهڻ نوڪري يا ٻئي ڪنھن ڪارڻ هڪ مجبوري رهي آهي ۽ اهي هتان نڪرڻ لاء ڪنھن موقعي جي ڳولا ۾ رهيا آهن. انور سان ذاتي ۽ ادبي لحاظ کان منھنجو گهڻو واسطو رهيو آهي. منھنجي اندازي موجب کيس ڪراچي ۾ رهندي ٽيھہ سالن کان وڌيڪ عرصو ٿي ويو آهي. سندس صحافتي ڪيريئر ۽ نوڪري ڪراچي ۾ ئي رهي آهي.
مون کي الائي ڇو ائين لڳندو آهي ۽ سندس ڪجهہ ڪھاڻين مان بہ مون اهو محسوس ڪيو آهي تہ منجهس ڪراچي ڇڏڻ ۽ ڳوٺ وڃڻ جو هڪ لاڙو موجود آهي. خاص طور گذريل گهڻي عرصي کان شھر جون حالتون غير مستحڪم رهيون آهن. دھشت گردي سان گڏ امن امان جي خراب صورتحال گهڻن مسئلن کي جنم ڏنو آهي. انور ان موضوع تي اڳ بہ ڪجهہ ڪھاڻيون لکيون آهن ۽ هن مجموعي ۾ پڻ شھر جي حوالي سان ڪجهہ ڪھاڻيون شامل آهن.
ان سلسلي جي پھرين ڪھاڻي ڳوٺ ۽ شھر جي گفتگو آهي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي تہ سنڌ جي ڳوٺن ۽ شھرن جي سماجي ۽ معاشي صورتحال ۽ اتان جي ماڻھن جي زندگي جي معيار ۾ وڏو فرق آهي. ليکڪ ان کي سٺي نموني بيان ڪيو آهي. پر هڪ ڳالھہ کي نظر ۾ رکڻ ضروري آهي تہ ان جي لاء ٽول پلازه جي ٻئي پاسي وڃڻ جي ضرورت ناهي پر ڪراچي شھر جي وچ ۾ اهڙا گهڻا ڳوٺ آهن جيڪي ان ميٽروپوليٽن شھر جو حصو هوندي بہ بنيادي شھري سھولتن کان محروم آهن جيڪي سڏ پنڌ تي موجود سندن پاڙيسرين کي حاصل آهن.
ان حوالي سان ٻي ڪھاڻي ڊڄ آهي. اها هڪ نفسياتي ڪيفيت آهي، جنھن مان شھر جي صورتحال جي ڪري گهڻا ماڻھو متاثر ٿيا آهن. ڪھاڻي پڙهندي مون کي لڳو تہ ڄڻ اها منھنجي پنھنجي صورتحال ۽ ڪيفيت آهي. ماڻھو کي گهڻا وهم وسوسا وڪوڙي وڃن ٿا ۽ هو گهڻا ڊپ جيڪي موجود نہ ٿا هجن، اهي بہ پاڻ تي طاري ڪري ٿو ان جو هڪ حل هڪ ڳوٺاڻي لاء شھر ڇڏي پنھنجي ڳوٺ هليو وڃڻ آهي، جيئن ان ڪھاڻي جو ڪردار غلام علي ڪري ٿو. ڳوٺ ڄڻ سندس ان نفسياتي ڪيفيت جو علاج ثابت ٿئي ٿو ۽ هو ايستائين تہ پنھنجي نوڪري ڇڏڻ لاء بہ تيار ٿي وڃي ٿو، پر سندس ماء جي آٿت کيس وري شھر وڃڻ لاء تيار ڪري ٿي. پر ڏٺو وڃي تہ ڳوٺ وارو اهو آپشن شھر جي گهڻائي کي ميسر ناهي ۽ ٻي ڳالھہ تہ ڳوٺ غلام علي لاء هڪ رومانس تہ آهي، پر اتان جي صورتحال ڪا گهڻي آدرشي ناهي جنھن کي شھر تي ترجيح ڏجي.
ڪھاڻي منھنجو شھر بہ شھر جي ابتر حالتن جي عڪاسي ڪري ٿي، جنھن ۾ ڪھاڻي جي ڪردار اياز کي صبوح دفتر لاء نڪرڻ کان وٺي مختلف مسئلن کي منھن ڏيڻو پئي ٿو ۽ آخر ۾ شام جو هو ڦرجي اچي گهر پھچي ٿو.
ٽائيٽل ڪھاڻي پرسڪون چھري جي آتم ڪٿا پريل جي هڪ دور جي ڏکن ڏولاون ۽ انھن کي ڪردار جي مضبوطي سان منھن ڏيڻ جي ڪٿا آهي. اها هڪ مثبت ڳالھہ آهي تہ هو چئي ٿو ڪراچي منھنجي ٻارن جي جنم ڀومي آهي ۽ هتي ئي سندن آئيندو آهي.
هن مجموعي ۾ نيڍيون وڏيون ڪل سٺ ڪھاڻيون شامل آهن. انھن ڪھاڻين ۾ ڳوٺ ۽ شھر جا مختلف ڪردار ۽ مسئلا آهن. انھن ڪردارن سان ليکڪ جو ورتاء هڪ پنھنجائپ ۽ همدردي وارو آهي. سندس ڪھاڻين ۾ ڪو مونجهارو محسوس نہ ٿو ٿئي ۽ نہ ئي ڪو نسلي يا ٻولي جي بنياد تي ڪو مت ڀيد محسوس ٿئي ٿو. ڪي ڪھاڻيون خاص طور ٻئي پار دل کي ڇھندڙ آهن. ان ڪھاڻي ۾ ڇوڪري جي ڪردار مون کي گهڻو متاثر ڪيو جيڪا ڇوڪري جي انڪار کان پوء ٻيلي ۾ لھي گم ٿي وڃي ٿي.
انور جي شعوري زندگي جو جيڪڏهين سڄو نہ تہ بہ ڳپل حصو ڪراچي ۾ گذريو آهي. شھر سندس شعوري تربيت ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ ان سان سندس گهڻيون خوشگوار يادگيريون بہ آهن. اهي جيڪڏهين لکت ۾ اڄن يا سندس ڪھاڻين جو موضوع بڻجن تہ پڙهندڙ کي ليکڪ جي شخصيت جو هڪ ٻيو پاسو پڻ ملي ويندو.

سنڌ جون معدنيات

سنڌ تيل، ڪوئلي ۽ ٻين معدني وسيلن سان مالا مال آهي. تازو بيورو آف اسٽيٽسٽڪس سنڌ پاران سنڌ جي معدنيات جي حوالي سان هڪ رپورٽSindh Minerals Statistics 2021-22 شائع ڪئي ويئي آهي. اها رپورٽ اداري جي ڊائريڪٽر جنرل ڊاڪٽر اسحاق انصاري جي اڳواڻي ۾ هڪ ٽيم تيار ڪئي آهي.
تاريخي طور سنڌ جي نو ضلعن مان ويھہ معدنيات ملن ٿيون. ڄامشورو ۽ ٺٽي ضلعن کي معدنيات جي حوالي سان شاهوڪار سمجهيو وڃي ٿو، جڏهين تہ ڪڍيل معدنيات جي پاڪستان جي ڪرنسي ۾ قدر ۽ قيمت جي حوالي سان بالترتيب پنج ضلعا ٿرپارڪر، ڄامشورو، ڪراچي، ٺٽو ۽ دادو آهن. ان سلسلي ۾ هاڻي ڪراچي ٺٽي کان اڳتي وڌي ويو آهي.
گذريل مالي سال ۾ سنڌ مختلف ضلعن ۾ سورنھن معدنيات پيدا ڪيون. معدنيات جي حوالي سان مختلف ضلعن جون ڌار ڌار خاصيتون آهن. مثال طور ٿرپارڪر، ڄامشورو ۽ ٺٽو ڪوئلي جي لحاظ کان شاهوڪار آهن. دادو مٽي، چن جو پٿر ۽ ڍنڍ جو لوڻ پيدا ڪري ٿو. حيدرآباد ضلعو معدنيات جي پيداوار جي لحاظ کان گهڻو شاهوڪار ناهي. گذريل سال هن چن جي پٿر ۽ فلر جي نالي ماتر پيداوار ڏني پر موجودہ سال اها ٻڙي آهي. ڪوئلي کانسواء ڄام شورو ضلعي جي مک پيداوار چن جو پٿر، مٽي ۽ ريتي بجري آهن. خيرپور ضلعي ۾ چن جو پٿر بہ آهي، جڏهين تہ اهو واحد ضلعو آهي، جتي فلر، ٽرونا ۽ ليٽيرائٽ جي پيداوار ٿئي ٿي. چن جي پٿر جي پيداوار ۾ ڪراچي ضلعي جو اڌ سيڪڙو کان وڌيڪ حصو آهي، جڏهين تہ ڪراچي سنڌ ۾ بجري جو وڏي ۾ وڏو ضلعو آهي. سکر ضلعي ۾ معدنيات جا محدود ذخيرا آهن. هتي بجري، چن جو پٿر ۽ عام مٽي ملي ٿي. موجودہ سال ۾ اهو عام مٽي وارو اڪيلو ضلعو هو. سانگهڙ رڳو کپرو تعلقي ۾ ڍنڍ جو لوڻ پيدا ڪري ٿو. ٿرپارڪر ڪوئلي، چيني مٽي ۽ ڍنڍ جي لوڻ ڪري ڄاتو وڃي ٿو. اهو سنڌ ۾ گرينائٽ ۽ چيني مٽي پيدا ڪندڙ اڪيلو ۽ وڏي ۾ وڏو ضلعو آهي. ٺٽو سنڌ جو واحد ضلعو آهي جتي سنڌ ۾ وڌ ۾ وڌ تعداد ۾ معدنيات آهن. هڪ لحاظ کان اهو ضلعو سنڌ جي سونھن آهي، جتي ڪيئي قدرتي نظارا آهن. هتي مٽي، ڪوئلو، لوهي معدنيات، چن جو پٿر، سنگ مرمر، مورم، سليڪا مٽي ۽ ريتي بجري ملن ٿا. هن ضلعي ۾ سنڌ جي سو سيڪڙو لوهي معدنيات، سنگ مرمر ۽ مورم جي پيداوار ٿئي ٿي.
2018-19 ۾ معدنيات جي ماليت جو ڪل ڪاٿو هڪ ارب ستھٺ ڪروڙ روپيا لڳايو ويو هو، جيڪو 2022-23 ۾ اٽڪل ٽي ارب ڇھہ ڪروڙ روپيا ٿي ويو. ان حوالي سان ٿرپارڪر ضلعو 2018-19 ۾ پنجين انمبر تي هو جيڪو 2022-23 ۾ پھرئين نمبر تي اچي ويو. ڄامشورو ضلعو اڳ بہ ٻئين نمبر تي هو ۽ هاڻي بہ ساڳئي نمبر تي آهي. ڪراچي پھرئين نمبر کان ٽئين نمبر تي، ٺٽو ٽئين نمبر کان چوثين نمبر ۽ دادو چوٿين کان پنجين نمبر تي هليو ويو آهي. ٿرپارڪر جي حوالي سان اهم ڳالھہ اها آهي تہ نہ رڳو ان جي رينڪنگ ۾ سڌارو آيو آهي، پر ان جي ماليت ۾ ڪيئي ڀيرا واڌارو ٿيو آهي. اها 2018-19 ۾ رڳو پندرنھن ڪروڙ هئي، جيڪا 2022-23 ۾ وڌي اٽڪل هڪ ارب اوڻيتاليھہ ڪروڙ ٿي ويئي. ممڪنہ طور ان جو مک ڪارڻ ڪوئلي جي پيداوار آهي.
هن رپورٽ ۾ سنڌ ۾ تيل ۽ گيس جي پيداوار متعلق انگ اکر شامل ناهن. انھن جا تفصيل توانائي جي شعبي ۾ هئڻ ڪري سنڌ اسٽيٽڪس جي توانائي واري باب ۾ ڏنا ويا آهن.
ان سلسلي ۾ ڪجهہ ڳالھين کي نظر ۾ رکڻ ضروري آهي. پھرين ڳالھہ تہ اها قدرت پاران عطا ڪيل دولت آهي. ساڳي ريت اها استعمال ڪرڻ سان وقت سان گڏ گهٽبي ۽ ختم ٿي ويندي. ان ڪري رڳو ان تي ڀاڙي ۽ انحصار نہ ٿو ڪري سگهجي. ان جو اندازو ان ڳالھہ مان ڪري سگهجي ٿو تہ تيل پيدا ڪندڙ گهڻا ملڪ هن وقت پنھنجي معيشت کي تجارتي ۽ صنعتي لحاظ کان نوان رخ ۽ سمتون ڏيئي رهيا آهن تہ جيئن کين رڳو تيل تي نہ ڀاڙڻو پئي.
ٻي اهم ڳالھہ اها آهي تہ انھن معدنيات جو فائدو گهڻي ڀاڱي گهڻ قومي ڪمپنين ۽ حڪمران طبقن کي ٿو ملي جڏهين تہ عام ماڻھو ان کان محروم ٿو رهي. اها ڳالھہ وڏن تيل پيدا ڪندڙ ۽ برآمد ڪندڙ ملڪن ۾ بہ نظر اچي ٿي ۽ اسان جي پنھنجي ملڪ ۾ بہ ان کي ڏسي سگهجي ٿو.ان ڳالھہ جي باوجود تہ تيل ۽ گئس وغيرہ جون ڪمپنيون ٺاه تحت ان ڳالھہ لاء پابند هونديون آهن تہ اهي هڪ خاص رقم علائقي جي سماجي ۽ معاشي ڀلائي جي ڪمن تي خرچ ڪنديون، پر هيستائين ڏٺو اهو ويو آهي تہ انھن علائقن ۽ اتان جي ماڻھن جي حالت ۾ ڪو خاص سڌارو ناهي آيو. ڪمپنين ۽ علائقي جي بااثر ماڻھن جو پاڻ ۾ ڳٺ جوڙ هوندو آهي ۽ اهڙي ريت معاملو هلندو رهندو آهي.
سنڌ جي معيشت جي حوالي سان بيورو آف اسٽيٽسڪس سنڌ وقت بوقت مختلف شعبن متعلق انگ اکر شائع ڪندي رهندي آهي. پنھنجي حدبندين جي باوجود اهو سنڌ تي تحقيق ڪندڙ محققن، ليکڪن، سياسي ڪارڪنن ۽ معيشت دانن لاء اهم مواد آهي جنھن مان استفادو ڪرڻ گهرجي.

دريا ۽ ماڻھو

سنڌو هڪ حقيقت بہ آهي ۽ هڪ ڏندڪٿا بہ آهي. ان گهڻين ڪھاڻين ۽ تھذيبن کي جنم ڏنو آهي. صدين کان هڪ وڏي جيوت کي جياپو ڏيندڙ، هيءُ دريا هڪ لحاظ کان هن وقت بحران ۾ ورتل آهي ۽ پنھنجي جياپي جي جنگ وڙهي رهيو آهي.
سنڌو جو انت لھڻ گهڻن لاء هڪ خواب مثل رهيو آهي. ڪن تبت تائين سفر ڪيو آهي، جتان دريا شروع ٿئي ٿو، ڪن اٽڪ کان پنھنجو سفر شروع ڪيو آهي، جتي ڪابل دريا سنڌو جو حصو بڻجي ٿو، جڏهين تہ اڳوڻي براڊ ڪاسٽر رضا علي عابدي لداخ کان اهو سفر شروع ڪيو. ان جو ڪارڻ اهو هو تہ اڳتي وڃڻ جي اجازت نہ هئي. اهو علائقو ٽن ملڪن پاڪستان، ڀارت ۽ چين جي فوجي سرگرمين جو مرڪز آهي. هن بي بي سي جي نمائندي طور اهو سفر گذريل صدي جي اسي جي ڏهاڪي جي آخر ڌاري ڪيو. ريديو تان ان جو تفصيل سلسليوار هليو ۽ پوء ان کي شير دريا جي نالي سان ڪتابي شڪل ويئي. اهو سفر ڪنھن ٻيڙي وغيرہ ۾ نہ پر دريا جي ڪنارن کان ڪيو ويو آهي ۽ مختلف علائقن جي ماڻھن جي رهڻي ڪھڻي، ٻولي ۽ ڪلچر وغيرہ جو ذڪر ڪيو ويو آهي. گهڻو دارومدار، ليکڪ سفر ڪندي جنھن علائقي کي ڏٺو آهي ۽ مختلف ماڻھن کان جيڪي انٽرويو ورتا آهن، انھن تي آهي. ائين کڻي چئجي تہ ٽيه پنجٽيھہ سال اڳ انھن علائقن جي جيڪا صورتحال هئي ان تي هڪ طائرانہ نظر وڌي ويئي آهي.
لداخ ۾ ٻڌمت، هندومت جا پوئلڳ ۽ مسلمان آهن. انھن ۾ گهڻائي ٻڌ مت جي پوئلڳن جي آهي. دريا هوندي بہ اهو علائقو ويران ۽ غير آباد آهي. ڪجهہ ڳوٺ دريا جي سطح کان مٿي آهن جنھن جو اتان جي ماڻھن کي ڪو بہ فائدو ڪونھي. ليکڪ اسڪردو، چلاس، گلگت، ڪوهستان ۽ ٻين مختلف اهڙن علائقن، جيڪي دريا کان مٿي آهن ۽ دريا سان لڳ آهن، اهو پڇيو تہ ڇا کين دنيا جي هن وڏن دريائن مان هڪ مان ڪو فائدو آهي. گهڻن، بلڪہ اٽڪل سڀني جو اهو چوڻ هو تہ کين ڪو فائدو تہ ڪونھي، پر اڪثر نقصان ٿيندو آهي. جبلن تان جيڪي ڇپون ڪرنديون آهن، انھن جي ڪري پاڻي جي وهڪري ۾ رڪاوٽ ٿيندي آهي ۽ دريا جي سطح مٿي ٿي ويندي آهي، جنھن جي ڪري گهر زمينون ۽ ماڻھو ٻڏي ويندا آهن. شاهراه قراقرم جي ٺھڻ کان اڳ اهو سڄو علائقو ڄڻ دنيا جھان کان ڪٽيل هو. ماڻھن کي نہ ريڊيو ٽيليويزن جي ڄاڻ هئي ۽ نہ انھن موٽرڪار ۽ جيپ وغيرہ ڏٺي هئي. شاهراه جي ٺھڻ سان جيتوڻيڪ گهڻيون تبديليون آيون آهن، پر خاص طور چيني انجنيئرن جي واپس وڃڻ کان پوء ان جي خراب حالت آهي ۽ ڪن ڪن جاين تي ٻھراڙي جي سڙڪن جو ڏيک ڏيندي آهي.
هتان جو واپار گهڻي ڀاڱي هندن جي هٿ ۾ هو. مقامي ماڻھن کي واپاري معاملن جي گهڻي ڄاڻ ناهي. ان ڪري انھن جي لڏي وڃڻ کانپوء پنجاب ۽ ڪي پي جي ماڻھن هتي اچي ڪاروبار سنڀاليو آهي. تعليم ۾ واڌارو آيو آهي ۽ ڇوڪرن کانسواء ڇوڪريون بہ تعليم حاصل ڪرڻ لڳيون آهن. بالغن جي تعليم لاء نئين روشني اسڪول قائم ڪيا ويا، جيڪي پوء بند ٿي ويا. پر هتي پڙهيل لکيل نوجوانن لاء ڪو ڍنگ جو روزگار ناهي. اهي هوٽلن تي ڪم ڪن ٿا، دريا تي مڇيون مارين ٿا ۽ يا سڄو ڏينھن ائين ئي رلندا رهن ٿا.
ڪوهستان جي ماڻھن جي اکين ۾ هڪ وحشت آهي، جنھن کي ڏسي ڊپ لڳندو آهي. کيس ٻڌايو ويو تہ هتي ڦرمار ۽ مسافرن کي ڦرڻ وغيرہ جا واقعا تہ نہ ٿا ٿين، پر قتل جو بدلو چاليه پنجاه سال کانپوء بہ ورتو وڃي ٿو.
ٿاڪوٽ اخري شھر آهي، جتان پوء دريا ميدانن ۾ داخل ٿئي ٿو. هتي هڪ وڏو جبل جيڏو تربيلا ڊيم ٺاهي، دريا تي بندش وڌي ويئي آهي. هن ان ڪالوني کي بہ ڏٺو، جيڪا ڊيم جي ڪري بي گهر ٿيل ماڻھن لاء ٺاهي ويئي هئي. ان لاء اهو چيو ويو هو تہ ان ۾ ماڻھن کي سڀ سھولتون مھيا ڪيون وينديون. پر ان ڪالوني ۽ اتان جي ماڻھن کي پنھنجي حال تي ڇڏيو ويو ۽ اهي اتي ڪسمپرسي جي حالت ۾ رهي رهيا هئا.
ليکڪ ٻڌائي ٿو تہ ٿورو اڳتي هلي خيبر پختونخواه جو هندو جو علائقو آهي جتان دريا پار ڪري پنڊي جي علائقي حضرو ۾ داخل ٿي سگهجي ٿو. پراڻي دور ۾ هندوستان تي حملو ڪندڙ هندو مان دريا پار ڪري حضرو پنجاب ۾ داخل ٿيندا هئا ۽ پوء دھلي ڏانھن رخ ڪندا هئا. حضرو پنجاب جو اهو علائقو آهي، جيڪو ولايت جو ڏيک ڏئي ٿو. ان جو ڪارڻ اهو آهي تہ ان علائقي جا گهڻا ماڻھو ٻين ملڪن ۽ خاص برطانيا ۾ لڏي ويا آهن. گهر جو هڪ اڌ فرد هتي رهي ٿو پر گهرن جي آرائش نھايت سھڻي نموني ڪئي وڃي ٿي ۽ زندگي جي هر آسائش موجود هجي ٿي. کين اها شڪايت هجي ٿي تہ کين انگلينڊ جو ويزا ڏکيو ملي ٿو ۽ اهڙا گهڻا مڙس پنھنجين زالن کانسواء رهي رهيا هئا.
ان کانپوء ليکڪ ميانوالي جي علائقي ۾ داخل ٿئي ٿو جيڪو انتظامي طور تہ پنجاب جو حصو آهي پر پنجاب وارن جي ليکي اهو ڪي پي ۾ آهي جڏهين تہ ڪي پي وارا ان کي پنجاب ۾ سمجهن ٿا. ان علائقي ۾ سرائيڪي ۽ پشتو ڳالھائي وڃي ٿي.
ليکڪ اتان جي هڪ علائقي ڪلر مثاني ۾ ويو. هڪ پٺتي پيل علائقو جتي ماڻھو بجلي لڳائڻ بہ قبول نہ ٿا ڪن تہ ان سان اهي مري ويندا. هو ڊيرہ اسماعيل خان ۾ خاص طور گومل يونيورسٽي جو ذڪر ڪري ٿو، جيڪا اتان جي مخير ۽ شھر جي پڙهيل ڳڙهيل ماڻھن جي ڪاوشن جو نتيجو آهي. هتان جي ماڻھن جو چوڻ آهي تہ دريا جو کين ڪو فائدو ناهي. اڳ جبلن تان جيڪو پاڻي ايندو هو ان تي بند ٻڌي ان کي زراعت لاء استعمال ڪيو ويندو هو، پر هاڻي اهو نظام ختم ٿي ويو آهي ۽ جبلن جو اهو پاڻي سندن پوک ۽ زمينن کي نقصان پھچائي سڌو دريا ۾ هليو وڃي ٿو.
ليکڪ وٽ جيڪو نقشو هو، ان مطابق هو دريا جو ڪنارو وٺي، سڌو ڊيرا غازي خان وڃي سگهيو ٿي، پر کيس ٻڌايو ويو تہ اها سڙڪ هاڻي زبون حالت ۾ آهي ۽ سفر جوڳي ناهي. ان ڪري کيس دريا پار ڪري بکر وڃڻو پيو ۽ اتان ريل رستي ڊيرہ غازي خان. ديرا جات جي ان علائقي ۾ گهڻي ڀاڱي بلوچ قبيلا رهن ٿا ۽ بلوچستان سان پنھنجي وابستگي کي ظاهر ڪن ٿا. ليکڪ جڏهين اتي هو تہ اتي بلوچستان جي ڪنھن تنظيم پاران بلوچستان جي مسئلن جي حوالي سان جلسو ٿي رهيو هو. هتان جي ماڻھن جو بہ مينھن جي مند ۾ جبلن کان ايندڙ پاڻي جو مسئلو آهي، جنھن سان سندن جاني ۽ مالي نقصان ٿئي ٿو. هتان جي ماڻھن جي بہ دريا کان ساڳي شڪايت آهي تہ کين ان مان فائدو نہ پر نقصان آهي.
سنڌو بھاولپور ۾ ريتي جي علائقي مان سنڌ ۾ داخل ٿئي ٿو. سکر ۾ هن عورتن کي ٻيڙي هلائيندي ڏٺو ۽ هڪ عورت جي ٻيڙي ۾ سفر بہ ڪيو. هو عورت کيس ٻڌائي ٿي تہ اهي بہ عام ماڻھن وانگر گهر ۾ رهڻ چاهين ٿا، پر حڪومت پاران اهڙي ڪا سھولت نہ ٿي ڏني وڃي. هتي ان ڳالھہ جي کوجنا ڪري ٿو تہ سنڌي ۽ مھاجر اڳ هتي ڀائرن وانگر رهندا هئا نيٺ منجهن اهو تفرقو ۽ تضاد ڇو پيدا ٿيو. ان لاء هو حليم پيرزادو سان ڳالھائي ٿو، جيڪو کيس ٻڌائي ٿو تہ ان جو مک ڪارڻ ون يونٽ آهي، جنھن جي ڪري هتي ننڍيون وڏيون سڀ نوڪريون بجائي مقامي ماڻھن کي ڏيڻ جي ٻين صوبن جي ماڻھن کي ڏنيون ويون ۽ جڏهين سڀ جايون ڀرجي ويون تہ ون يونٽ کي ختم ڪيو ويو.
هتان هو لاڙڪاڻو وڃي ٿو، جتي شھر جي صورتحال ڏسي کيس افسوس ٿئي ٿو تہ اڳ اهو هڪ صاف سٿرو ۽ سٺو شھر هو، پر هاڻي گندگي ۽ بي توجھي جو شڪار ٿي ويو آهي. اڳ جتي مختلف ميون جا باغ ۽ پارڪ هوندا هئا، اتي هاڻي عمارتون ٺھي ويون آهن. سندس چوڻ آهي تہ اهو واحد شھر هو جتان جي ماڻھن جو چوڻ هو تہ کين رائيس ڪينال وغيرہ جي ڪري دريا مان فائدو ٿيو آهي. هتي کيس عبدالعزيز نالي هڪ همراه ملي ٿو، جنھن جو چوڻ هو تہ سندس خاندان ڀارت مان لڏي آيو هو ۽ کيس هتي رهندي هڪ ڊگهو عرصو ٿي ويو آهي. هو پاڻ کي سنڌي سمجهي ٿو پر هتان جا ماڻھو کيس قبول ڪرڻ لاء تيار ناهن. گهڻا اڙدو ڳالھائيندڙ لاڙڪاڻي مان لڏي ويا آهن ۽ کيس بہ جيڪڏهين پنھنجي گهر جا مناسب پئسا مليا تہ هو بہ هليو ويندو.
هتان هو حيدرآباد وڃي ٿو. هتي بہ شھر جي بدليل حالت ڏسي کيس افسوس ٿئي ٿو. شھر ۾ گندگي ۽ رش وڌي ويئي آهي. اڳ شھر ۾ ويڪرا رستا ۽ پارڪ هوندا هئا، اهي سڀ ماڻھن ۽ حڪومت ختم ڪري ڇڏيا آهن. سڀ کان وڏي ڳالھہ تہ شھر جا ماڻھو جيڪي اڳ امن ۽ سڪون سان رهندا هئا اهي هاڻي ڊپ ۽ خوف جي ڪيفيت ۾ زندگي گذاري رهيا هئا تہ ڪٿان جي گولي اچي ۽ ڪٿي ٿو بم ڦاٽي.
هتان هو سجاول وغيرہ مان ٿيندو ٺٽي پھچي ٿو، جتي جيتوڻيڪ ڪا نسلي ۽ لساني ڇڪتاڻ موجود نہ ٿي هجي، پراهو شھر جيڪو اڳ سنڌ جي گادي جو هنڌ ۽ علم ۽ ادب جو مرڪز هو، لاهري بندر جي ختم ٿي وڃڻ ۽ حيدرآباد جي گادي جي هنڌ ٿيڻ ڪري، هن وقت هڪ ڪسمپرسي واري حالت ۾ آهي. هتان سنڌو جي ڊيلٽا جو علائقو شروع ٿئي ٿو.
هتي خاص طور ابوظھبي جي حڪمرانن پاران پنھنجي شڪار جي سھولت لاء سڙڪون ۽ محل وغيرہ ٺھرايا ويا آهن. اهڙي هڪ محل ۾ ملازمن پاران ليکڪ کي محل گهمڻ جي اجازت ڏني ويئي، جنھن جا تفصيل هن بي بي سي تي نشر ڪيا جنھن جي ڪري اتان جي ٻن ملازمن کي نوڪري تان برطرف ڪيو ويو.
ڊيلٽا جي پنھنجي هڪ ڏکوئيندڙ ڪھاڻي آهي. دريا ۾ پاڻي جي اڻھوند ڪري گهڻيون شاخون ختم ٿي ويون آهن. هڪ اڌ شاخ ئي آهي جنھن جي وسيلي دريا سمنڊ سان ڳنڍيل آهي. ڏينھون ڏينھن سمنڊ جي دخل اندازي وڌنڌي وڃي ٿي. زرعي زمينون ختم ٿي ويون آهن. پيئڻ لاء پاڻي ناهي. ماڻھو لڏپلاڻ ڪري ويا آهن ۽ شھر ويران ٿي ويا آهن. شاه بندر جو رڳو نالو وڃي رهيو آهي. هتي سنڌو ۽ ليکڪ ٻنھي جو سفر ختم ٿئي ٿو.

سونھن جو تصور

سونھن جو ڪو هڪ معيار ڪونھي. هر شخص پنھنجي سماجي ۽ جاگرافيائي حالتن موجب ان کي پسي ٿو ۽ ان جا معيار قائم ڪري ٿو. ٻيو تہ هر ماڻھو وٽ حسن جو پنھنجو تصور آهي. ڪي ان کي مخالف جنس ۾ ڏسن ٿا تہ ڪن کي اهو قدرتي نظارن ۽ فطرت ۾ نظر اچي ٿو. جبل، دريا ۽ جهنگل وغيرہ ماڻھو جي لاء اتساه جو باعث رهيا آهن. ليکڪ ان سڀ کي پنھنجي انداز ۽ طريقي سان بيان ڪن ٿا. اختر حسين رائي پوري پنھنجي آتم ڪٿا ”گرد راه“ ۾ لکي ٿو تہ حسن رڳو ڪنھن عورت يا مڙد ۾ نہ ٿو هجي، پر اهو فطرت جي نظارن، تصويرن ۽ مجسمن وغيرہ ۾ بہ ملي ٿو. ان سلسلي ۾ کيس جبل گهڻو متاثر ڪن ٿا ۽ پاڻ ڏانھن ڇڪين ٿا. هن مختلف ملڪن ۾ اهي ڏٺا آهن ۽ گهڻين جاين تي رڳو اها جبلن جي ڇڪ کيس وٺي ويئي آهي. پر خاص طور يورپ جي الپس جبل کيس گهڻو متاثر ڪيو. اهو اوچو ۽ وسيع جبلن جو سلسلو آهي، جيڪو ٻارنھن سؤ ڪلوميٽر تي ڦھليل ۽ يورپ جي اٺ ملڪن ۾ آهي ۽ انھن ملڪن ۾ اتان جي ٻولي موجب ان جا مختلف نالا آهن.
اٽلي جي تاريخ، پينٽنگز، تصويرون ۽ مجسما وغيرہ گهڻن ماڻھن لاء ڇڪ جو باعث آهن. هتان ئي رينازان ۽ روشن خيالي جي شروعات ٿي، جيڪا پوء يورپ جي گهڻن ملڪن ۾ پھتي. ان سڀڪجهہ کي پسڻ لاء هو اتي وڃي ٿو. ان سلسلي ۾ هو خاص طور اٽلي جي شھر فلورنس جو ذڪر ڪري ٿو، جتان رينازان جي شروعات ٿي ۽ اھو پنھنجي تاريخ، آرٽ ۽ آرڪيٽيڪچر جي ڪري ڄاتو وڃي ٿو.
يونيسڪو پاران ڪجهہ ڏينھن لاء هو فلسطين ۾ تعليم جي سلسلي ۾ ويو هو. ويزا يونيسڪو پاران هو. تل ابيب ايئرپورٽ تي لھڻ کانپوء هو يروشلم ۽ ٻين مختلف شھرن ۾ ويو. هو حضرت سليمان جي محل هيڪل سليماني جو ذڪر ڪري ٿو، جنھن کي رومن بادشاه ڊاهي ڇڏيو هو ۽ جنھن جي جاء تي ديوارگريہ تي يھودي مٿو رکي روئندا آهن. سندن اهو عزم آهي تہ هڪ ڏينھن هو هيڪل سليماني کي ضرور بحال ڪري سگهندا. سندس هڪ مشاهدو اهو هو تہ اسرائيل جي حڪومت جي فلسطينين جي تعليم ۾ دلچسپي جو هڪ ڪارڻ اهو هو تہ ان چاهيو ٿي تہ فلسطيني نوجوان تعليم حاصل ڪري ٻاهر هليا وڃن ۽ هتي آزادي جي تحريڪ جو حصو نہ بڻجن. هو پوء غزه جي پٽي ۾ ويو. حماس پاران هتان پي ايل او کي بيدخل ڪرڻ کانپوء اهو علائقو ڄڻ حماس جو موڪز آهي، جنھن جون وقت بوقت اسرائيل سان جهڙپون ٿينديون رهنديون آهن ۽ هن وقت ان هڪ جنگ جي صورت اختيار ڪئي آهي. ان جي هڪ پاسي سنائي جو رڻ پٽ آهي. ڪنھن وقت ۾ اهو مصر جو حصو هو. هتان جا لکين ماڻھو ڄڻ هڪ کليل جيل ۾ رهي رهيا آهن. مصر پاران بہ هن وقت ان واٽ کي بند ڪيو ويو آهي، جتان مصر مان اچ وڃ ٿي سگهي. اتي روز ڌماڪا ٿيڻ هڪ معمول جي ڳالھہ هئي. هڪ پاسي اسرائيلي فوج جي مداخلت ۽ هراس هو پر ٻئي پاسي فلسطينين جي مزاحمت هئي. هن هڪ اسڪول جو ذڪر ڪيو آهي، جتي اسرائيلي فوجي ڪنھن مشڪوڪ ماڻھو جي ڳولھا ۾ داخل ٿين ٿا تہ شاگرد ڪلاسن جو بائيڪاٽ ڪن ٿا ۽ فوجين کي مجبور ٿي اتان وڃڻو پئي ٿو. هو اتان جي ماڻھن سان مختلف گڏجاڻين ۾ اهو محسوس ڪري ٿو تہ اهي خاص طور اردن جي شاه حسين جي ذڪر کي پسند نہ ٿا ڪن. ان جو ڪارڻ شاه حسين پاران فلسطينين جي مزاحمت کي ختم ڪرڻ لاء انھن خلاف فوجي آپريشن ڪرڻ هو. جنگ کان اڳ هتان جا گهڻا ماڻھو روز روزگار خاطر اسرائيل ويندا هئا.
گهڻو عرصو مولوي عبدالحق سان انجمن ترقي اردو ۾ ڪم ڪرڻ ۽ هندي اردو تنازعي جي ڪري هو اردو جي پاڪستان ۾ حيثيت متعلق گهڻو حساس آهي. ملڪ ۾ اردو جي لاء هو قومي ٻولي جي حيثيت تي زور ڏئي ٿو، پر ساڳي وقت پاڪستان جي ٻين ٻولين متعلق سندس اهو موقف آهي تہ انھن کي بہ ترقي وٺائڻ گهرجي. سندس چوڻ آهي تہ جڏهين مھاجر سنڌ ۾ آيا تہ سنڌين پاران انھن جي آجيان ڪئي ويئي ۽ سٺو ورتاء ڪيو ويو. پر جڏهين هتي اهڙا ماڻھو اچڻ شروع ٿيا، جن جو مقصد ملڪيتن ۽ زمينن تي قبضا ڪرڻ هو تہ پوء منجهن اختلاف پيدا ٿيڻ شروع ٿيا.
پنھنجي آخري عمر ۾ ليکڪ ڊاڪٽرن جي غلطي ۽ لاپرواهي ڪري بينائي کان محروم ٿي ويو. ان موقعي تي سندس ٻارن ۽ زال جي ساٿ ۽ سھڪار سان هن پنھنجي زندگي گذاري۽ پنھنجن ڪجهہ ڪتابن کي مڪمل ڪري سگهيو.

سياسي سفر

”منھنجو سياسي سفر“ علي حسن چانڊيو جي آتم ڪٿا آهي. ان جو گهڻو حصو عوامي آواز۾ قسطوار ڇپيو هو ۽ پوء ان کي ڪتاب جي صورت ڏني ويئي. سنڌ جي ترقي پسند ۽ قوم پرست سياست گذريل اڌ صدي کان وڌيڪ جي عرصي ۾ غريب ۽ وچولي طبقي جي گهڻن ڪردارن کي سامھون آندو آهي، جن پنھنجن مقصدن ۽ آدرشن جي ڳولھا ڪندي گهڻيون سختيون بہ سٺيون آهن ۽ ساڳي وقت متنازعه ۽ بحث جو موضوع بہ رهيا آهن.
علي حسن جو واسطو هڪ غريب گهراڻي سان هو. شاگردي واري دور ۾ سندس ڊي ايس ايف سان واسطو هو. اهو سنڌ ۾ وڏي سياسي اٿل پٿل جو دور هو. ڀٽو کي ڦاهي ڏني ويئي هئي. ملڪ ۾ جمھوريت جي بحالي لاء ايم آر ڊي جي نالي سان سياسي جماعتن جو اتحاد جدوجھد ڪري رهيو هو. 1983 ۽ 1986 جي ايم آر ڊي جي تحريڪ خاص طور سنڌ ۾ وڏي سياسي هلچل پيدا ڪئي هئي. گرفتارين ڏيڻ وارن ۾ ڪميونسٽ پارٽي ۽ ان جا فرنٽ وغيرہ شامل نہ هئا. پرعلي حسن انفرادي طور ٻين سياسي جماعتن جي ڪارڪنن سان گڏجي گرفتاري ڏني. مقصد اهو هو تہ هڪ تجربو بہ حاصل ٿئي ۽ جيل ۾ ٻين سياسي ڪارڪنن سان ملڻ ۽ ٻحث مباحثن وغيرہ ڪرڻ جو بہ موقعو ملي.
هو ڪميونسٽ پارٽي ۾ نھايت سرگرم رهيو. ۽ پارٽي پاران سوويت يونين ۽ اوڀر يورپ جي سوشلسٽ ملڪن ۾ ويندڙ وفدن ۾ پڻ شامل رهيو. پارٽي مرڪزي ڪاميٽي ۾ اڪثريت ۽ اقليت جي بنياد تي ٻن حصن ۾ ورهائجي ويئي. علي حسن پاڻ اڪثريت واري پاسي هو. مرڪزي ڪاميٽي ۾ جيڪي ٿورائي ۾ هئا، ڪارڪنن جي گهڻائي انھن سان گڏ هئي. ان اختلاف ۽ ورهاست جو بنيادي محرڪ گورباچيف جي گلاسنوسٽ ۽ پريستريئڪا جي پاليسي هئي.
ليکڪ جو چوڻ آهي تہ پارٽي کي افغانستان جي ڪميونسٽ حڪومت پاران وڏي پئماني فنڊ ملندا هئا ۽ ان جي ڪري پارٽي جا اڳواڻ پر تعيش زندگي گذاريندا هئا. هن خاص طور مختيار باچا جو ذڪر ڪيو آهي، جيڪو وڏين گاڏين ۾ گهمندو ۽ ڪولمبو ۾ فائيو اسٽار هوٽلن ۾ رهندو هو. بھرحال سندس لاء پارٽي ۾ ڪا ڇڪ نہ رهي ۽ پارٽي خادم ٿھيم ۽ امداد قاضي جي گروپن تائين محدود ٿي ويئي، جن مان هاڻي رڳو امداد قاضي جو گروپ اخباري بيانن تائين سرگرم آهي. ليکڪ پاڻ پارٽي پاران اوڀر يورپ ۽ ٻين ملڪن جا دورا ڪيا.
ليکڪ نيٺ مختلف جوازن تحت پارٽي کان ڌار ٿي، ڊاڪٽر قادر مگسي سان ملاقات کان پوء ترقي پسند پارٽي ۾ شامل ٿيو. هو ان پارٽي ۾ ويھہ سالن کان وڌيڪ عرصو رهيو ۽ وائس چيئرمين جي اهم عھدي تائين پھتو. 30 سيپٽمبر جي واقعي متعلق سندس چوڻ آهي ڊاڪٽر قادر مگسي جو اهو چوڻ هو تہ مھاجرن کي سبق سيکارڻ ضروري آهي. سندس چوڻ آهي تہ ڪجهہ دوستن جن ۾ هو پاڻ بہ شامل هو ان ڳالھہ جي مخالفت ڪئي، پر هو ان ڳالھہ تي قائم رهيو ۽ ڌاڙيلن ۽ ڪجهہ پارٽي ڪارڪنن کان اهو ڪم ورتو ويو. ان ۾ گهڻا بي گناه ماڻھو ماريا ويا جن ۾ سٺ کن سنڌي بہ شامل هئا. آئون سمجهان ٿو تہ ليکڪ کي ان جي ذميواري کان آجو نہ ٿو ڪري سگهجي. ڇاڪاڻ تہ هن ان وقت نہ ان جي مخالفت ۾ ڪو بيان ڏنو ۽ نہ ئي ان جي رد عمل ۾ پارٽي ڇڏڻ جو اعلان وغيرہ ڪيو.
ليکڪ کي ڪراچي ۾ تنظيمي ڪم جي ذميواري ڏني ويئي هئي. ڪراچي ۾ سرڪاري ۽ خانگي زمينن ۽ اپارٽمنٽ تي قبضا سڀني سياسي پارٽين ۽ گروهن جو وطيرو رهيو آهي. ليکڪ نہ رڳوان ڪم ۾ شامل رهيو، پر هن ان جو نھايت فخر سان ذڪر ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ سندن خاص طور ايم ڪيو ايم سان ٽڪراء رهندو ٿي آيو، جنھن ۾ گهڻا پارٽي ڪارڪن ماريا ويا. سندس چوڻ آهي تہ سرڪاري زمينن تي قبضي مان حاصل ٿيل پئسي کي پنھنجي ذاتي ضرورتن ۽ ڪراچي ۾ تنظيمي سرگرمين لاء استعمال ڪيو ويو. پر ان جو وڏو حصو پارٽي جي مرڪز کي موڪليو ويو، جنھن جو ڪجهہ حصو پارٽي لاء ڪتب آندو ويو ۽ وڏو حصو قادر مگسي پنھنجي استعمال ۾ آندو.
پارٽي پاران پاڪستان سطح تي مختلف سياسي جماعتن سان جيڪا ڳالھہ ٻولھہ ۽ جيڪي اتحاد وغيرہ ٿيا، ليکڪ ان ۾ شامل رهيو. هو قادر مگسي سان گڏجي سياسي جماعتن جي ڪانفرنس ۾ لندن بہ ويو هو. سندس چوڻ هو تہ سياست جي ڪري کيس لنڊن اچڻ نصيب ٿيو نہ تہ هڪ غريب جي ٻار لاء اها ڳالھہ ڪيئن ممڪن هجي ها.
هن جو پارٽي قيادت سان فوري اختلاف نوازشريف کي دعوت ڏيڻ هو. سندس چوڻ هو تہ هڪ تہ نوازشريف جي پاليسي سنڌ جي مفاد ۾ نہ رهي آهي ۽ ٻي ڳالھہ تہ سندس پارٽي جا اڳواڻ ڪالا باغ ڊيم ٺاهڻ جي حق ۾ بيان ڏيندا رهيا آهن، جيڪا ڳالھہ اسان جي پارٽي پاليسي سان مطابقت نہ ٿي رکي. ساڳي ريت ان ڳالھہ جي پارٽي جي مرڪزي ڪاميٽي وغيرہ کان بہ منظوري نہ ورتي ويئي هئي.
بھرحال انھن ڳالھين جو ڪو فائدو نہ هو ۽ پارٽي پاران کيس وائس چيئرمين جي عھدي تان هٽائي کيس شوڪاز ڏنو ويو. اهڙي ريت سندس ترقي پسند پارٽي سان ويه سال کان وڌيڪ جو تعلق ختم ٿي ويو.
هو جيتوڻيڪ پوء مختلف فورمز وغيرہ وسيلي سرگرم رهيو آهي. پر سندس ڪنھن سياسي جماعت سان باقاعدي تعلق نہ رهيو آهي. شايد ليکڪ پنھنجي صحت جي مسئلن جي ڪري هڪ تہ ڪتاب جي گهڻي حصي کي تڙ تڪڙ ۾ لکيو آهي ۽ ٻيو تہ خاص طور آخري حصو ٻين لکيو آهي، جيڪو سندن چوڻ موجب تہ علي حسن لکڻ چاهيو ٿي.

سياسي گڏجاڻيون

لينن ماياڪووسڪي ۽ لونا چارسڪي جي ڀيٽ ۾ پشڪن جي شاعري کي وڌيڪ پسند ڪندو هو. اهو ان ڳالھہ جي باوجود هوندو هو تہ سندس ساٿي کيس چوندا هئا تہ اهي بالشويزم ۽ پرولتاريا جا شاعر آهن. رڳو هڪ موقعي تي هو ماياڪووسڪي سان پوري ريت سھمت ٿيو هو: هن چواڻي تہ ڪالھہ مون ازويستا ۾ ماياڪووسڪي جو هڪ سياسي نظم ”اڻکٽ گڏجاڻيون ڪندڙ“ پڙهيو. آئون جيتوڻيڪ سندس سياسي صلاحيت جو معترف ناهيان، پر آئون اهو بہ مڃيان ٿو تہ آئون ڪو فيصلو ڪندڙ بہ ناهيان. پر مون سياست ۽ انتظاميا تي هڪ ڊگهي وقت کان ايڏي خوشي سان ڪا شي ناهي پڙهي، جيئن هن کي پڙهيو آهي. هن نظم ۾ هو گڏجاڻي جي عادت تي تنقيد ڪري ٿو ۽ ڪميونسٽن جي اڻکٽ گڏجاڻين تي طنز ڪري ٿو. مون کي شاعري متعلق تہ ڪا پڪ ناهي، پر جيستائين سياست جو تعلق آهي تہ آئون ان نظم کي قطعي طور صحيح سمجهان ٿو. درحقيقت اسان نہ ختم ٿيندڙ گڏجاڻين ۾ ويھڻ، ڪميشنن ٺاهڻ ۽ اڻ کٽ رٿائن جوڙڻ واري بلڪل واهيات ڪم ۾ ڦاسي پيا آهيون.
نظم ڪجهہ هن ريت آهي:
جيئن ئي رات صبوح ۾ بدلجي ٿي
جڏهين هر ڪنھن جو ڪم اهو هوندو آهي:
فرم ۾ وڃڻ
ڪمپني ۾ وڃڻ
ٽرسٽ ۾ وڃڻ
ڪارپوريشن ۾ وڃڻ
اهي سڀ دفترن ۾ غائب ٿي ويندا آهن.
جيئن ئي اوهان دفترن ۾ داخل ٿيندا آهيو
ڪاغذن جو ڪم
ٻوڏ وانگر ايندو آهي
سو مان اهم ترين ملازم
جي چونڊ ڪريو
اهي ڪانفرنسن ۾ غائب ٿي ويندا
پوء آئون ايندس ۽ پڇندس
ڇا آئون ان سان ملي سگهان ٿو
جيڪو گذريل ڀيري هت هو
ڪامريڊ ايوان ايوانچ
ٽيٽوٽل وائن جي عوامي ڪميسارسان ملاقات لاء ويو آهي.
اڻ ڳڻين ڏاڪڻين جو ٿڪ سھندي
بلڪل ڌيمي روشني ۾
وري
توهان کي چيو وڃي ٿو تہ ڪلاڪ سوا ۾ موٽي اچو
ڪانفرنس ۾ :
سڀني ڪوآپريٽوز، ڪارپوريشنن ۽ ڪمپنين جي
مس جي خريداري لاء
ڪلاڪ ۾
نہ ڪلارڪ،
نہ ڪو پٽيوالو،
ظاهر ٿئي ٿو
ٻاويه سالن تائين جي عمر وارا سڀ
مٿي ڪومسومول جي ڪانفرنس ۾ آهن
رات ٿي رهي آهي
آئون اڃا پنھنجي عارضي گهر جي
سڀ کان اوچي ماڙ ڏانھن وڃان پيو
ڇا ڪامريڊ ايوان ايوانچ آيو آهي؟
اڃا ڪانفرنس ۾ آهي
ا ب ت ث ج ح خ جي ڪاميٽي سان
ان ڪانفرنس ۾
آئون نھايت گهٽ وڌ ڳالھائيندي
هڪ ٻرندڙ جبل جيان داخل ٿيان ٿو
۽ ڏسان ٿو تہ ماڻھو اتي
آسمان جي هيٺان
اڌورا ويٺا آهن
سندن ٻيو اڌ ڌڙ ڪيڏانھن هليو ويو
ڪسجي ويو
قتل ٿي ويو
چرين وانگر ڊوڙندي آئون رڙ ٿو ڪيان
اهڙي منظر تي آئون پنھنجن حواسن مان
نڪري ٿو وڃان
پوء آئون سڀني کان پرسڪون
ڪلرڪ کي نشاندہي ڪندي ٻڌان ٿو
اهي بلڪل ساڳي وقت ٻن ڪانفرنسن ۾ آهن
اسان کي هر روز ويھن ڪانفرنسن ۾ وڃڻو آهي
جڏهين تہ باقي ٻيون انھن کان ڌار آهن
ان ڪري اسان کي پاڻ کي ٻن حصن ۾
ورهائڻو پيو آهي
چيلھہ تائين هتي آهيون
۽ باقي هتي آهن
ان تجسس ۾ آئون سمھي نہ سگهيس
صبوح پريشان حواسن سان جاڳيس
۽ بس انھن سڀني ڪانفرنسن
کي ختم ڪرڻ لاء هڪ ٻي ڪانفرنس
اها ڳالھہ رڳو سوويت يونين سان لاڳو نہ آهپر ساڳي ريت سنڌ جي کاٻي ڌر جي جماعتن ۾ پڻ موجود آهي ۽ ماڻھن جي سياست کان بيزار ٿيڻ جو هڪ وڏو ڪارڻ آهي. آئون سنڌ جي کاٻي ڌرسان واسطو رکندڙ ٻن سياسي جماعتن، عوامي تحريڪ ۽ وطن دوست ۾ ڪجهہ عرصو رهيو آهيان. انھن جماعتن جي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن جو زور اهڙين گڏجاڻين تي هوندو هو، جن جو ڪو سر پير نہ هوندو هو ۽ نہ ئي پنھنجي ليکي ڪو نتيجو نڪرندو هو. مون کي ياد آهي هڪ ڀيري لطيف آباد ۾ رسول بخش پليجو جي گهر تي مرڪزي ڪاميٽي جي گڏجاڻي هئي. مون کي تازو پارٽي ۾ ٽوڙ ڦوڙ کان پوء ڪاميٽي ۾ کنيو ويو هو. پليجو ٿوري دير گڏجاڻي ۾ ويھي وڃي سمھي پيو، جڏهين تہ گڏجاڻي ۾ موجود همراهن لاء ايجنڊا جي هڪ اسم کي اڪلائڻ بہ ڏکيو ڪم هو. هڪ همراه جيڪا ڳالھہ ختم پيو ڪري، اتان ٻيو همراه شروع پيو ڪري ۽ ائين ڳالھہ ختم ئي نہ پئي ٿئي. ائين ڪندي سڄي رات گذري ويئي پر ڳالھہ اتي ئي هئي. آخري فيصلو وري پليجي اچي ڪيو ۽ اهڙي ريت گڏجاڻي پوري ٿي. اها ساڳي ڪار وطن دوست جي گڏجاڻين سان هوندي هئي. ڪنھن دوست جي گهر ۾ جيڪڏهين گڏجاڻي رکبي هئي تہ ان جي گهر وارن لاء ڄڻ عذاب ٿي پوندو هو. هڪ تہ چانھن، ماني ۽ پاڻي وغيرہ لاء ڄڻ ڪجهہ ماڻھو مخصوص ٿي ويندا هئا ۽ ٻيو تہ گڏجاڻي ۾ ويٺل همراهن کي سڄي دنيا جا فيصلا ڄڻ ان هڪ گڏجاڻي ۾ ئي ڪرڻا هوندا هئا، پر ڪو بہ فيصلو نہ ٿي سگهندو هو. اهو سلسلو لاڳيتو پيو هلندو هو ۽ بجائي ڪنھن عملي ڪم ڪرڻ جي معاملو رڳو ڪجهہ دوستن جي ملڻ تي وڃي ختم ٿيندو هو.

امرتا سين

ڀارت جو مشھور نوبل انعام يافتا فلاسافر ۽ معيشت دان امرتا سين پنھنجي آتم ڪٿا ۾ لکي ٿو تہ کيس ڊاڪا جي مشنيري اسڪول سينٽ گريگوري ۾ داخل ڪرايو ويو هو. اهو هڪ پراڻو اسڪول هو، جتي نظم وضبط ۽ پڙهائي تي خاص توجھہ ڏنو ويندو هو. اهو ڊسپلن ۽ پابنديون کيس تنگ ڪنديون هيون ۽ هو اسڪول جي معيار تي پورو نہ لھي سگهندو هو.
ٻين مھاڀاري جنگ وقت سندس پيءُ ان ڳالھہ کي ڏسندي تہ جاپان برما تي قبضو ڪري چڪو هو ۽ ڪلڪتو ۽ ڊاڪا تي بہ بمباري جو امڪان هو، کيس شانتي نڪيتن ۾ منتقل ڪري ڇڏيو. اتي بجائي شاگردن ۾ چٽاڀيٽي ڪرائڻ ۽ گريڊن جي ڊوڙ جي انھن ۾ تجسس کي وڌائڻ ۽ سوال ڪرڻ کي وڌيڪ ترجيح ڏني ويندي هئي. اهڙي ريت کيس اتي پڙهائي وڌيڪ سولي لڳندي هئي.
سندس چوڻ آهي تہ جڏهين کيس نوبل انعام مليو تہ ڊاڪا جي سينٽ گريگوري اسڪول پاران سندس مان ۾ هڪ تقريب رکي ويئي. پرنسپل هڪ نموني طور شاگردن کي ڏيکارڻ لاء سندس ان دور جا امتحانن جا پيپر ڪڍرايا. پر سندس رزلٽ نھايت مايوس ڪن هو. ڪلاس جي ستٽيھہ شاگردن مان سندس نمبر ٽيٽيھون هو.
اها ڳالھہ دنيا جي گهڻن جينيئس ۽ مختلف علمن ۾ غيرمعمولي ڪارڪردگي ڏيکاريندڙن لاء پڻ چئي وڃي ٿي.

سنڌ جي شاگرد تحريڪ

سنڌ جا گهڻا سياسي اڳواڻ ساڳي وقت ليکڪ بہ رهيا آهن. ڄام ساقي بہ انھن مان هڪ آهي. هن فڪشن ۽ نان فڪشن ٻنھي صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي. سنڌ جي شاگرد تحريڪ سندس هڪ اهم ڪتابچو آهي. اهو گهڻي ڀاڱي سندس شاگرد دور جي يادگيرين تي ٻڌل آهي.
جيتوڻيڪ انقلاب ۽ سياسي تبديلي جي حوالي سان شاگردن جو ڪو ڪليدي ڪردار ناهي، پر اهي سماج ۾ تحرڪ پيدا ڪرڻ ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. ليکڪ جو چوڻ آهي تہ پنجاه جي ڏهاڪي ۽ 1962 جي سنڌي شاگردن جون تحريڪون ان ڪري موثر نہ ٿي سگهيون، جو ان وقت سنڌ جو وچولو طبقو ايترو مضبوط نہ هو جيڪو انھن تحريڪن لاء ڀرجهلو ٿي سگهي ۽ انھن جي مدد ڪري سگهي.
ليکڪ جو چوڻ آهي تہ جڏهين سنڌ سطح جي شاگرد تنظيم سنڌ اسٽوڊينٽس فيڊريشن ذوالفقار علي ڀٽو جي حمايت جي ڪري ڪامياب نہ ٿي سگهي تہ پوء ضلعي سطح تي حيدرآباد اسٽوڊينٽس فيڊريشن ۽ ٻين ضلعن دادو، نوابشاه ۽ جيڪب آباد وغيرہ ۾ شاگرد تنظِيمون قائم ڪيون ويون. شروع ۾ انھن جون گهرون گهڻي ڀاڱي شاگردن جي مسئلن جھڙوڪ داخلا في هرسال وٺڻ بجائي هڪ ڀيرو ئي ورتي وڃي، تائين محدود هيون ۽ انھن مان گهڻين گهرن کي اهي مڃرائڻ ۾ ڪامياب بہ ويا.
4 مارچ جي تحريڪ جو مک ڪارڻ ان وقت جي سنڌ يونيورسٽي جي وائس چانسلر ۽ ڪمشنر وچ ۾ اختلاف هئا. شروع ۾ ڄام ۽ سندس هم خيال دوست ڪامورن جي ان جهيڙي ۾ ملوث ٿيڻ جي خلاف هئا، پر پوء جڏهين اهي ان ۾ شامل ٿيا تہ انھن ان ۾ ون يونٽ ٽوڙيو ۽ سنڌي ٻولي قومي ٻولي جا ٻہ اضافي نعرا ۽ گهرون شامل ڪري ڇڏيون. ان ڳالھہ تان ڄام، سندس ساٿين ۽ يوسف لغاري، جيڪو ان کي سياسي رنگ ڏيڻ لاء تيار نہ هو، تہ جيئن حڪومت ناراض نہ ٿئي، ۾ واضح اختلاف پيدا ٿيا، جن اڳتي هلي وڌيڪ واضح شڪل اختيار ڪئي ۽ مسعود نوراني ۽ يوسف لغاري پنھنجي ڌار تنظيم سنڌ اسٽوڊينٽس ڪلچرل آرگنائزيشن ٺاهي.
انھن ۾ هڪ ٻيو مک اختلاف مھاجر شاگردن ڏانھن رويو هو. اها ڳالھہ انٽر ڪاليجيئٽ باڊي ٺاهڻ مھل سامھون آئي. مھاجرشاگردن جو چوڻ هو تہ کين ان ۾ ڀلي نالي ماتر ئي نمائندگي ڏني وڃي پر سنڌي شاگرد اڳواڻ ان تي راضي نہ ٿيا ۽ نتيجي ۾ انھن پنھنجي ڌار تنظيم قائم ڪئي ۽ اهڙي ريت شاگرد تحريڪ نسلي بنيادن تي ورهائجي ويئي. اهو فرق پوء ان ريت بہ ظاهر ٿيو تہ سنڌ اسٽوڊينٽس ڪلچرل آرگنائزيشن جي رڪنيت رڳو سنڌين تائين محدود هئي، جڏهين تہ حيدرآباد اسٽوڊينٽس فيڊريشن جو هر اهو شاگرد رڪن ٿي پئي سگهيو جيڪو ان جي پروگرام سان متفق هجي.
اڳتي هلي حيدرآباد اسٽوڊينٽس فيڊريشن پاران هڪ ڪنونشن ڪري سنڌ نيشنل اسٽوڊينٽس فيڊريشن جو قيام عمل ۾ آندو ويو. اهو اهڙو وقت هو جو سنڌ ۾ تنظيم سازي جو عمل هلندڙ هو. جي ايم سيد پاران سنڌ متحدہ محاذ جو قيام عمل ۾ آندو ويو جنھن جي 120 ميمبرن جي ڪائونسل ۾ باوجود اصرار جي هارين، مزدورن، شاگردن ۽ ليکڪن کي نالي ماتر نمائندگي ڏني ويئي، جڏهين تہ سٺ سيڪڙو نمائندگي وڏيرن کي ڏني ويئي. اڳتي هلي کھڙو ۽ راشدي کي بہ ان ۾ شامل ڪيو ويو. پر ليکڪ ۽ سندس ساٿي ان جي باوجود ان ۾ شامل رهيا.
شروع ۾ سنڌ ۾ جن سياسي تنظيمن جو قيام عمل ۾ آيو ان ۾ ڪجهہ بنيادي مسئلن جھڙوڪ سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيو ۽ ون يونٽ ٽوڙيو وغيرہ جھڙن مسئلن تي مختلف خيالن ء نظرين جا همراه گڏ هئا پر ساڳي وقت انھن ۾ ڇڪتاڻ پڻ موجود هئي جنھن جي ڪري گهڻي عرصي تائين انھن جو هڪ تنظيم ۾ گڏ رهڻ ممڪن نہ هو. اهڙي ريت وقت سان گڏوگڏ مختلف سياسي تنظيمون وجود ۾ آيون.
مون کي هن ڪتاب ۽ سنڌ جي ان وقت جي شاگرد تحريڪ ۾ هڪ وڏي کوٽ اها نظر آئي تہ اها تحريڪ ڪراچي جي سياسي ۽ شاگرد تحريڪ کان بلڪل ئي ڪٽيل نظر اچي ٿي. هڪ تہ پنجاه جي ڏهاڪي کان وٺي ڪراچي ۾ مختلف معاملن تي شاگرد سرگرم رهيا آهن ۽ ٻي ڳالھہ تہ ڪراچي جي سنڌ کان ڌار ٿيڻ ۽ ون يونٽ خلاف سنڌي شاگردن ۽ ليکڪن جن ۾ رشيد ڀٽي، تنويرعباسي، پوهو ۽ ٻيا شامل هئا، سرگرم تحريڪ هلائي هئي، جلوس ڪڍيا هئا ۽ ٻيون سياسي سرگرميون ڪيون هيون. ان ڳالھہ جو ذڪر گهٽ ئي ملي ٿو. ان کانسواء خاص طور تعليم سان لاڳاپيل مختلف مسئلن تي شاگردن ڀرپور تحريڪ هلائي هئي، جنھن جي نتيجي ۾ کين گهڻيون سختيون ۽ ڪجهہ کي شھر بدري بہ سھڻي پيئي. ڊي ايس ايف ۽ پوء اين ايس ايف ان دور ۾ ئي ٺھيون، جن اڳتي هلي ايوب خلاف تحريڪ ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪيو. ائين لڳي ٿو تہ حيدرآباد ۽ سنڌ جي ٻين شھرن جي سنڌي شاگردن جو ان سان ڪو واسطو ئي نہ هو. ان سلسلي ۾ جيڪڏهين شاگردن جي اڳواڻن جو ٿورو بہ ويزن ۽ سوچ هجي ها تہ هن وقت لساني ۽ نسلي لحاظ کان سنڌ جي صورتحال ٻي هجي ها.
بھرحال ان دور جي شاگرد تحريڪ کي ان لحاظ کان اهم چئي سگهجي ٿو تہ ان جي ڪري سنڌ جي مستقبل جي قوم پرست ۽ ترقي پسند سياست جا خدوخال واضح ٿيا.

شانتي نڪيتن ۽ ٽيگور

شانتي نڪيتن هڪ پنج سو سالن کان ترقي ڪندڙ پراڻي شھر بولپور جي ويجهو آهي. 1863 ۾ رائي پور جاگير جي هڪ زميدار ستيڪانتا سنہا رابندر ناٿ جي پي ديبندر ناٿ، جيڪو پاڻ هڪ وڏو عالم هو، کي زمين جو هڪ ٽڪرو ڏنو تہ جيئن هو اتي غور فڪر ۽ ٻيو علمي ڪم ڪري سگهي. ويھين صدي جي شروعاتي سالن ۾ ديبندر جي پٽ رابندر ناٿ ان کي دنياوي علمن لاء استعمال ڪرڻ جو سوچيو ۽ 1901 ۾ هتي وشوا ڀارتي قائم ڪيو. ان جي قائم ڪرڻ جي پويان مک ڳالھہ اها هئي تہ ٽيگور پاڻ انڊيا جي تعليمي نظام مان مطمئن نہ هو. کيس ان وقت جي گهڻن معياري ادارن ۾ داخل ڪرايو ويو، پر هو اتي نہ هلي سگهيو ۽ نيٺ کيس گهر ۾ استاد رکي پڙهايو ويو. ڀارت جي تعليمي نظام منجهس هڪ خوف پيدا ڪري ڇڏيو هو.
امرتا سين شانتي نڪيتن ۾ 1941 کان 1951 تائين ڏه سال رهيو. هو جڏهين هتي آيو تہ ٽيگور جي وفات ٿي چڪي هئي. هو هتان جي تعليمي نظام جي خاص ڳالھہ اها ٻڌائي ٿو تہ اتي ٻارن کي ڪلاس روم ۾ نہ پر ٻاهر کلي ماحول ۾ ڪنھن وڻ جي هيٺان پڙهايو ويندو هو. موسم خراب هئڻ ۽ مينھن وغيرہ جي صورت ۾ انھن کي اندر ڪمرن ۾ منتقل ڪيو ويندو هو. ٻار فرش تي ويھندا هئا ۽ استاد انھن جي آڏو سيميٽ جي ٺھيل دڪي تي ويھندو هو. ٻي خاص ڳالھہ اها هئي تہ ٻار کي مار ڏيڻ ۽ جسماني تشدد ڪرڻ جي سختي سان منع ٿيل هئي. ان ڳالھہ کي ڏٺو ويندو هو تہ ٻار جو ڪھڙي مضمون ڏانھن لاڙو آهي تہ ان ۾ ان کي اڳتي وڌايو ويندو هو. هروڀرو ڪنھن مضمون کي پڙهڻ لاء زور زبردستي نہ ڪئي ويندي هئي. ليکڪ کي موسيقي ٻڌڻ جو گهڻو شوق هوندو هو پر ڳائڻ وغيرہ ۾ سندس گهڻي دلچسپي نہ هوندي هئي. سندس موسيقي جي استاد جو اهو اصرار هو تہ ماڻھو جيڪڏهين ڪوشش ڪري تہ ڳائي سگهي ٿو، پر هو ڪوشش جي باوجود ان ۾ ڪامياب نہ ٿي سگهيو ۽ نيٺ استاد کيس موسيقي جي ڪلاس کان مھلت ڏيئي ڇڏي. هتي نھايت قابل ۽ باصلاحيت استاد هوندا هئا، پر سندن پگهار نھايت گهٽ هوندي هئي. هتان جو بنيادي اصول آزادي سان عقل جو استعمال هو. شاگردن تي پنھنجن خيالن جي اظھار ۽ بحث مباحثي تي ڪا پابندي نہ هئي. هتي هفتي ۾ هڪ ڀيرو ٽيگور مختلف مذهبي ۽ دنيوي معاملن تي ليڪچر ڏيندو هو. ٽيگور جي وفات کانپوء اهو ڪم سندس دوست ۽ ليکڪ جو نانو ڪشتي موئن ڪندو هو. ليکڪ جو چوڻ آهي تہ جيئن کيس مذهب سان گهڻي دلچسپي نہ هئي، ان ڪري هن ڪشتي موئن کي چيو تہ هو انھن ليڪچرن ۾ نہ ايندو، جنھن تي هن ڪنھن ناراضگي جو اظھار نہ ڪيو. شانتي نڪيتن کي ان لحاظ کان آشرم بہ چيو ويندو هو تہ اڳ مندرن سان گڏ جيڪي آشرم هوندا هئا، اتي اهڙي تعليم ۽ تربيت ڏني ويندي هئي جيڪا آهستي آهستي ختم ٿيندي ويئي.
آزادي عقل سان گڏ شانتي نڪيتن جي تعليمي نظام جو بنيادي اصول هو. ليکڪ جو چوڻ آهي تہ هو شروع ۾ سڌارٿ ٻڌ کان گهڻو متاثر هو ۽ هن پاڻ کي ٻڌ مت جو پوئلڳ چوڻ شروع ڪيو هو جيتوڻيڪ کيس ان مذهب متعلق گهڻي ڄاڻ نہ هئي ۽ نہ ئي هو جتي رهندو هو، اتي ميلن تائين ڪو ٻڌمت جو پوئلڳ رهندو هو. پر اسڪول پاران کيس هڪ بدہسٽ طور رجسٽرڊ نہ ڪيو ويو. سندس ليکي ٻڌازم ڪو مذهب نہ پر هڪ فلسفو آهي، جنھن ۾ حضرت عيسيٰ جي تعليم جيان زندگي گذارڻ جا اصول ٻڌايا ويا آهن. ساڳي وقت انھن جي تعليم روسو ۽ جديد دور جي ٻين فلاسافرن جيان سماجي معاهدي جي نظرئي تي ٻڌل ناهي، جنھن ۾ ٻنھي فريقن پاران ڏي وٺ ٿئي ٿي. اهو غيرمشروط هوندو آهي بلڪل ائين جڏهين ماء پنھنجي ٻار کي کير پيئاري ٿي يا ان جي سارسنڀال لھي ٿي تہ موٽ ۾ ان کي ڪنھن اجوري وغيرہ جي توقع نہ ٿي هجي. ليکڪ موڪلن ۾ ٻين شاگردن سان گڏ ڀرپاسي جي قبائلي ماڻھن کي تعليم ڏيڻ لاء پڻ ويندو هو.
ليکڪ ٻين شاگردن ۽ استادن سان گڏ بھار ۾ پاٽلي پترا، جيڪو گپتا ۽ موريا سلطنتن جي گادي جو هنڌ رهيو آهي، جي ويجهو نالندا يونيورسٽي ڏسڻ لاء پڻ ويو هو. اها يونيورسٽي ٻڌ مت ۽ ٻين دنيوي علمن جي تعليم جو هڪ وڏو مرڪز هئي. هتي ڀارت ۽ دنيا جي ٻين گهڻن ملڪن کان آيل اٽڪل ڏه هزار شاگرد پڙهندا هئا. چين جا ماڻھو سوائي هتي اچڻ جي تعليم لاء دنيا جي ٻئي ڪنھن ملڪ ۾ نہ ويندا هئا. شاهراه ريشم جي لاء جيڪو چيو وڃي ٿو تہ ان سان واپار کي ترقي ملي ۽ مختلف ملڪن جا ماڻھو هڪ ٻئي جي ويجهو آيا پر ساڳي وقت اها شاهراه علم جي پانديئڙن لاء نالندا يونيورستي تائين پھچڻ جو هڪ ذريعو پڻ هئي. اها يونيورسٽي پنجين صدي عيسوي ۾ آڪسفورڊ ۽ ڪيمبرج کان بہ پنج ڇه سو سال اڳ قائم ٿي. مختلف وقتن تي ٽي ڀيرا ان يونيورسٽي کي تباه ڪيو ويو، آخري حملو ترڪ حملي آور بختيار خلجي ٻارنھين صدي عيسوي ۾ ڪيو جنھن ۾ يونيورسٽي جو نالو نشان ختم ٿي ويو. چون ٿا تہ عمارت کي ڏنل باه اتڪل ٽي مھينا ٻرندي رهي ۽ هتان جي لائبريري ۾ کجور جي پتن تي لکيل هزارين ڪتاب سڙي رک ٿي ويا. هڪ خيال اهو آهي تہ ان کي باه ڏيڻ جو مقصد اهو هو تہ ٻڌ مت جون تعليمات جيئن تہ اسلام جي خلاف آهن ان ڪري انھن کي ٻنجو ڏنو وڃي، جڏهين تہ ٻيو خيال اهو بہ آهي تہ خلجي ان جي تعمير وغيرہ کي ڏسندي ان کي مندر وغيرہ سمجهيو هو ۽ سندس ليکي هتي خزانو وغيرہ هوندو. جيتوڻيڪ کوٽائي مان يونيورسٽي جي حوالي سان گهڻين شين جھڙوڪ ليڪچر هال، آڊيٽوريم ۽ هاسٽل وغيرہ جي خبر پيئي آهي، پر گهڻين شين جو ظاهر ٿيڻ اڃا باقي آهي. ان ڪم جي اڳتي وڌڻ ۾ موجودہ بي جي پي جي حڪومت سان مسئلو اهو آهي تہ اهي ٻڌ مت جا آثار آهن، جيڪي نظرياتي طور ان جي هندوتا جي فلسفي سان ٺھڪي نہ ٿا اچن.
شانتي نڪيتن جي تعليم جي ٻولي بنگالي هئي. ليکڪ جي پسند جا مضمون سسنسڪرت ۽ ميٿميٽڪس هئا. انگريزي ڏانھن سندس گهڻي توجھہ نہ هئي. ڊاڪا جي سينٽ گريگوري مشنيري اسڪول ۾ بہ سندس ڪارڪردگي ڪا چڱي نہ هئي. شانتي نڪيتن کانپوء کيس ڪلڪتي جي پريزيڊينسي ڪاليج وڃڻو هو، جتي کيس انھن ٻنھي مضمونن ۾ مھارت حاصل ڪرڻي هئي. سندس چوڻ آهي تہ شاگردن کي ڪنھن هڪ ڪلاسيڪي ٻولي جھڙوڪ سنسڪرت، لاطيني، يوناني ۽ قديم عربي وغيرہ ۾ مھارت حاصل ڪرڻ گهرجي، پر ڀارت ۾ ان حوالي سان رڳو سنسڪرت کي ترجيح ڏني وڃي ٿي. سنسڪرت رڳو اهڙي ٻولي ناهي، جنھن ۾ مذهبي لٽريچر هجي پر ان ۾ فلسفو ۽ ٻيون گهڻيون شيون آهن. مذهب سان گڏوگڏ ان ۾ غير مذهبي خيال بہ ملن ٿا. ويد ۽ مھاڀارت سان گڏوگڏ گهڻو ٻڌ لٽريچر پالي ۽ سنسڪرت ٻولين ۾ ملي ٿو. هو شروع کان شين کي عقل ۽ منطق وسيلي ڏسڻ ڏانھن مائل رهيو آهي. ميٿميٽڪس پنھنجي فلسفي، فارمولن ۽ ٿيوريم وغيرہ ذريعي سندس ان سوچ کي وڌيڪ قوت ٿي ڏني.
ٽيگور شانتي نڪيتن جي فنڊنگ لاء ملڪ جي مختلف حصن ۾ ڊرامن ۽ ڊانس وغيرہ جا پروگرام ڪندو هو ۽ ايستائين تہ انھن ۾ پاڻ بہ حصو وٺندو هو ۽ ڊانس ڪندو هو. 1913 ۾ اداري جي ڪنھن رٿا جي حوالي سان فنڊنگ وغيرہ جي مسئلي تي گڏجاڻي هلي رهي هئي. ان گڏجاڻي هلندي کيس نوبل ايوارڊ ملڻ متعلق ٻڌايو ويو تہ هن اتي ويٺل همراهن کي چيو تہ بس رقم جو بندوبست ٿي ويو ۽ نوبل ايوارڊ جي اها ملندڙ رقم ان رٿا تي خرچ ٿيندي.
شانتي نڪيتن ۾ گهڻا وڏا اڳواڻ ۽ عالم ايندا هئا ۽ شاگردن کي ليڪچر ڏيندا هئا. ان سلسلي ۾ هن چيانگ ڪائي شيڪ جو ذڪر ڪيو آهي. هن چيني ٻولي ۾ ڳالھايو پر ان جي ترجمي جو ڪو بندوبست نہ هو جنھن جي ڪري تقرير ۾ ماڻھن جي دلچسپي نہ رهي ۽ ان دوران ئي اتي ويٺل پنھنجين ڳالھين ۾ لڳي ويا. پوء کين ان ڳالھہ جو احساس ٿيو. ميڊم چيانگ ڪائي شيڪ هڪ رک رکاء واري عورت هئي ۽ کيس چڱي انگريزي ايندي هئي. مھاتما گانڌي بہ اتي آيو هو، هن پنھنجي تقرير ۾ چيو تہ جڏهين تہ موسيقي زندگي ۾ ئي شامل آهي تہ پوء ان کي ڌار مضمون طور پڙهائڻ جي ڪھڙي ضرورت آهي. گانڌي سان ٽيگور جا ٻيا بہ گهڻا اختلاف رهيا. 1934 ۾ جڏهين ليکڪ اڃا سال کن جو مس هو تہ بھار ۾ هڪ وڏو زلزلو آيو هو جنھن جا اثر ويجهڙائي ڪري شانتي نڪيتن ۾ بہ محسوس ڪيا ويا. ان زلزلي ۾ اٽڪل ٽيه هزار ماڻھو اجل جو شڪار ٿيا هئا ۽ ٻيو گهڻو نقصان ٿيو هو. ان تي گانڌي جو اهو موقف هو تہ اهو ڀارت ۾ اڇوتن سان ورتاء جي ڪري قدرت پاران سزا آهي. ٽيگور ان تي پنھنجو ردعمل ڏيندي گانڌي کي لکيو تہ اوهان انھن آفتن جي سائنسي توجيه جي بجائي ان کي اخلاقي نموني سان ڏسڻ جي ڪوشش نہ ڪيو. ساڳي ريت هو گانڌي جي ان موقف سان بہ متفق نہ هو تہ هرڪنھن کي روز اڌ ڪلاڪ چرخو هلائڻ گهرجي، جنھن سان ماڻھو جي ذهني صلاحيت وڌي ٿي. سندس چوڻ هو تہ هڪ طرح سان چرخي جي هلڻ سان ڪھڙي ذهني صلاحيت وڌندي ۽ ٻي ڳالھہ تہ جڏهين تيزرفتار مشينون موجود آهن تہ پوء چرخي تي ڇو ڀاڙيو وڇي. ٽيگور جو گانڌي سان اختلاف جو هڪ ڪارڻ اهو بہ هو تہ هو قوم پرستي جو مخالف هو جنھن جو اظھار سندس ناولThe Home and the World ۾ بہ ملي ٿو. هن 1930 هربرٽ ليڪچر ۾ اهو اظھار ڪيو هو تہ سندس شخصيت جي ٺھڻ ۽ سڃاڻپ ۾ ٽن ثقافتن انگريز، اسلام ۽ هندوازم جو ڪردار آهي. ٽيگور سوويت يونين بہ ويو هو. هو اتان جي معاشي مساوات کان گهڻو متاثر ٿيو هو، پر ساڳي وقت هن ان ڳالھہ کي پسند نہ ٿي ڪيو تہ اتي اظھار رائي جي آزادي نہ هئي ۽ مخالف رائي کي پسند نہ ٿي ڪيو ويو. هن اهڙو اظھار سوويت نيوز ايجنسي ازويستا کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ بہ ڪيو. پر اهو انٽوويو سندس سوويت يونين کان موٽڻ کان پوء بہ نہ ڇپجي سگهيو. هن جڏهين ان متعلق معلومات ڪئي تہ کيس ڪو تسلي بخش جواب نہ ملي سگهيو. اهو انٽرويو گهڻي عرصي کانپوء ان وقت ڇپيو جڏهين گورباچيف جي دور ۾ سوويت يونين ۾ پابنديون ختم ٿيون.
ڇا ٽيگور جو گانڌي سان اختلاف رڳو شين کي مذهبي حوالي سان ڏسڻ سان هو ۽ ٽيگور پاڻ ان کي عقلي ۽ سائنسي لحاظ کان ڏسندو هو. ائين نہ هو. اولھہ ۾ ٽيگور جو جيڪو تاثر ٺاهيو ويو اهو هڪ صوفي جو هو ۽ هن پاڻ ليکڪ جي ناني ڪشتي موئن کي چيو هو تہ اها ڳالھہ هاڻي پڪي ٿي چڪي آهي ۽ ان کان پوئتي هٽڻ ڏکيو آهي. برٽينڊ رسل جو سندس متعلق چوڻ هو تہ هو مذهب وغيرہ جي حوالي سان پنھنجي خيالن جي اظھار ۾ مبھم آهي ۽ انھن جو واضح طور اظھار نہ ٿو ڪري. A Passage to India جو ليکڪ اي ايم فوسٽر ٽيگور جي انگريزي مان مطمئن نہ هو سندس چوڻ هو تہ هو پنھنجي انگريزي نثر ۾ تجربا ڪندو رهندو آهي. ان کي هو بابو انگريزي جو نالو ڏئي ٿو.
بھرحال ٽيگور شانتي نڪيتن ۾ وشوا ڀارتي قائم ڪري هڪ متبادل تعليمي نطام جو نمونو ڏنو هو، جنھن کي حڪومتي سطح تي سرپرستي ملي ها ۽ ان کي اختيار ڪيو وڃي ها تہ گهڻا مثبت نتيجا سامھون اچن ها.

دارون ۽ ڪارون: شيخ عزيز جي آتم ڪٿا

شيخ عزيز سان منھنجي رڳو هڪ ملاقات چاليھہ پنجيتاليھہ سال کن اڳ حيدرآباد ۾ سنڌ نيوز جي آفيس ۾ ٿي هئي، جڏهين اسان ڪراچي يونيورسٽي ۾ سنڌي اخبارن جي نمائش جي حوالي سان اتي ويا هئاسين. مون کي هو هڪ گهٽ ڳالھائڻ ۽ پنھنجي ڪم سان ڪم رکڻ وارو ماڻھو لڳو. پوء مختلف سنڌي، اڙدو ۽ انگريزي اخبارن ۾ سندس ليک ڇپبا هئا. پر جيئن تہ سندس ادبي پروگرامن وغيرہ ۾ اچڻ گهٽ هوندو هو ان ڪري ساڻس وري ملاقات نہ ٿي سگهي. سندس پبلسٽي وغيرہ کان پري رهڻ جو اندازو ان ڳالھہ مان لڳائي سگهجي ٿو تہ پنھنجي آتم ڪٿا لکڻ جي باوجود هن پنھنجي زندگي ۾ ان کي نہ ڇپرايو ۽ اها سندس وفات کانپوء سندس ڪاغذن مان هٿ ڪري سندس پٽ ڇپرائي.
آتم ڪٿا تاريخ جي لاء هڪ اهم ذريعو آهي. خاص طور ڪنھن سڄاڻ ماڻھو جي ڪٿا ان سلسلي ۾ اڃا وڌيڪ اهميت جي حامل هوندي آهي. شيخ عزيز جي آتم ڪٿا ڪارون ۽ دارون ان لحاظ کان اهميت رکي ٿي. پنھنجي خاندان متعلق ليکڪ اها ڄاڻ ڏني آهي تہ سندس وڏا لوهاڻا ذات جا هندو هئا. سندس ڏاڏو مسلمان ٿيو جڏهين تہ ان جا ٻيا ڀائر پنھنجي مذهب تي قائم رهيا. اهي حيدرآباد ۾ سندن پاڙي ۾ ئي رهندا هئا ۽ ورهاڱي کان پوء ڀارت لڏي ويا.
پنھنجي شھر سان ماڻھو کي جيڪا محبت ۽ قربت هوندي آهي، اها ليکڪ جي حيدرآباد لاء نظر اچي ٿي. آتم ڪٿا ورهاڱي کان اڳ جي حيدرآباد کان شروع ٿئي ٿي. ليکڪ شھر جي مختلف پاڙن ۽ اتي رهندڙ ماڻھن جو ذڪر ڪري ٿو. ورهاڱي وقت هندن جي هتان لڏڻ ۽ نون ماڻھن جي شھر ۾ اچڻ متعلق هو ٻڌائي ٿو. ان وقت سندس پي، جنھن کي هو هڪ خاڪسار ملو چئي ٿو، هڪ مھاجر خاندان کي اچي پنھنجي گهر ۾ رهايو هو، جيڪي ڪجهہ وقت کانپوء گهر الاٽ ٿيڻ تي اتان هليا ويا هئا. پوء ان خاندان جو هڪ فرد ڊان ۾ ساڻس گڏ ڪم بہ ڪندو هو. شھر ۾ آيل تبديلين متعلق سندس چوڻ آهي تہ ورهاڱي جي نتيجي ۾ جيڪا حيدرآباد جي خراب صورتحال ٿي، اهڙي شايد ٻئي ڪنھن شھر جي نہ ٿي هجي. ان وقت سرڪار مختلف شين تي مھاجر ٽيڪس جي نالي ۾ ٽيڪس جي وصولي شروع ڪئي هئي. پر اهي پئسا مھاجرن جي بحالي وغيرہ تي خرچ نہ ٿيا ۽ نہ ئي ان جو ڪو حساب ڏنو ويو، جيئن اڄ بہ مختلف معاملن ۾ ٿي رهيو آهي. ان وقت حيدرآباد جي پسگردائي ۾ ٻيلو هو، جتي مھاجرن کي آباد ڪرڻ لاء لطيف آباد ٺاهيو ويو. پر ٺاهڻ وارن کان اها ڀل ٿي تہ علائقي ۾ ڊرينيج جو سسٽم نہ ٺاهيو ويو، جنھن جي ڪري خاص طور مينھن جي مند ۾ پاڻي ماڻھن جي گهرن ۾ داخل ٿي ويندو هو.
ان دور ۾ ئي سندس پنھنجي پيءُ سان ڪراچي وڃڻ ٿيو. مختلف جاين تي هو گهمڻ ويو. مھاجرن جي حوالي سان کيس هتي ساڳي صورتحال نظر آئي جيڪا حيدرآباد ۾ هئي.
صحافي جي طور هن پنھنجي ڪيريئر جي شروعات عبرت کان ڪئي. ڪراچي ۾ الوحيد ۽ ٻيون سنڌي اخبارون بند ٿي ويون هيون يا حيدرآباد منتقل ٿي ويون هيون. سنڌي اخبارن کي ان وقت ۽ هاڻي بہ هو هڪ خرڪار ڪئمپ قرار ڏئي ٿو، جتي هڪ صحافي کي خبرن ٺاهڻ کان وٺي پروف ريڊنگ ۽ پيسٽنگ تائين جا سڀ ڪم ڪرڻا پوندا هئا ۽ آهن. گهڻين اخبارن ۾ ليکڪن کي ڪو اجورو نہ ڏنو ويندو آهي ۽ مالڪن جي ليکي اهي تہ ڄڻ کين اڃا پبلسٽي ڏيئي رهيا آهن. پئسن بچائڻ خاطر ايجنسين کان سڌي ريت خبرون نہ اينديون هيون ۽ ذاتي لاڳاپن تي انھن جي دفتر وڃي اتان خبرن جا پرنٽ آئوٽ کڻي اچڻا پوندا هئا. عبرت پنھنجين خبرن ۽ تجزين وغيرہ جي لحاظ کان سنڌ جي هڪ گهڻي پڙهي ويندڙ اخبار هئي. 1970 جي چونڊن ۾ قاضي اڪبر ڪنونشن مسلم ليگ پاران بيٺو هو ۽ سندس مقابلي ۾ پيپلز پارٽي جو اعجاز ٽالپر هو. ان وقت ڀٽو جي مقبوليت آڏو ڪنھن جو بيھڻ ڏکيو هو. اهڙي ريت اخبار جي پاليسي ماڻھن ۾ ان جي اميج کي متاثر ڪيو، جنھن ڌڪ مان اها وري ريڪور نہ ڪري سگهي.
ضياءالحق جي دور ۾ اظھار رائي تي بندشن جي ڪري هن ملڪ ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو. سندس سويڊن وڃڻ جو سڄو بندوبست ٿي ويو پر عين موقعي تي هن پنھنجو ارادو بدلائي ڇڏيو. ساڳي ريت برطانيا ۾ تربيت دوران روئٽر پاران کيس اتي رهي ڪم ڪرڻ جي آڇ ڪئي ويئي، پر هن اها قبول نہ ڪئي. ساڳي ريت ڊان ۾ هوندي يوسف هارون کيس پنھنجي آتم ڪٿا لکڻ لاء پاڻ سان گڏ آمريڪا هلڻ جي آڇ ڪئي، پرهن اها بہ قبول نہ ڪئي. ڇاڪاڻ تہ سندس چواڻي تہ کيس Ghost writer ٿيڻ قبول نہ هو. ڊان جي چيف ايڊيٽر احمد علي خان کيس دھلي ۾ ڊان جي نمائندي طور موڪلڻ لاء چيو. پر سندس چوڻ هو تہ هڪ سنڌي هئڻ ناتي هو ٻنھي ملڪن جي ايجنسين جي نظر ۾ هوندو. ان ڪري هن وڃڻ کان انڪار ڪيو.
موسيقي سان کيس عشق رهيو آهي. سندس چوڻ موجب اهو صحافت کان بہ وڌيڪ سندس دل جي ويجهو آهي. هن ان جي لاء استاد کان تربيت بہ ورتي ۽ ان جي باقاعدي مشق بہ ڪندو هو. سنڌي ۽ انگريزي ۾ هن موسيقي تي مضمون وغيرہ بہ لکيا. سندس چوڻ آهي تہ سندس هڪ مضمون کي ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ڪنھن حوالي ڏيڻ کانسواء پنھنجي ڪتاب ۾ شامل ڪري ڇڏيو هو.
جيتوڻيڪ هو اخبار ۾ ڊيسڪ جو ماڻھو هو پر اخبار لاء Exclusive رپورٽ آڻڻ ۽ مختلف شعبن ۾ تحقيق سان سندس خاص دلچسپي هئي. حيدرآباد پريس ڪلب جي قيام ۾ سندس اهم ڪردار هو ۽ هو ان جو سيڪريٽري بہ رهيو. ساڳي ريت سنڌ يونيورسٽي ۾ جرنلزم ڊپارٽمنٽ جي نصاب ٺاهڻ ۽ ان کي اڳتي وڌائڻ ۾ سندس ڪوششون شامل هيون. هو 2008 کان ٽن سالن تائين سنڌي ادبي بورڊ جو وائس چيئرمين بہ رهيو جيڪو سندس چواڻي ڪو خوشگوار تجربو نہ هو.
ملھن سان سندس خاص تعلق هو. هو هر ميلي ۾ جتي ملاکڙو ٿيندو هو اتي ويندو هو. ڊان ۾ سندس پھرين Obituary بہ سنڌ جي مشھورملهہ شير مير بحر تي شائع ٿي هئي. ساڳي ريت ڌاڙيلن تي سندس تحقيق قسطوار ڊان ۾ ڇپي ۽ پوء ان کي سنڌي ۾ ترجمو ڪيو ويو.
جيتوڻيڪ سندس گهڻن وڏن ماڻھن سان لاڳاپا هئا پر هو سنڌ جو هڪ اهڙو صحافي هو جنھن جي لاء انھن لاڳاپن کان وڌيڪ سندس ڪم اهم هو.
ڪتاب ۾ صورتخطي جي غلطين، جملن جي بيھڪ ۽ ڪجهہ جاين تي ورجاء مان اهو محسوس ٿئي ٿو تہ ڪتاب کي ايڊيٽنگ جي ضرورت آهي. ٻئي ايڊيشن ۾ جيڪڏهين ان پاسي ڌيان ڏنو وڃي تہ ڪتاب جي ڪوالٽي اڃا بھتر ٿي سگهي ٿي.

صليبي جنگين جا اثر

صليبي جنگن جو سلسلو1095 عيسوي کان 1291 عيسوي تائين هليو. سرڪاري لحاظ کان انھن جو تعداد اٺ آهي، جڏهين تہ گهڻيون غير سرڪاري جنگيون بہ ٿيون. اهو سلسلو چوڏهين ۽ پندرنھين صدي ۾ بہ جاري رهيو. يارهين صدي عيسوي جي آخر ۾ روم جي پوپ پاران پنھنجن پوئلڳن کي يروشلم، جيڪو صدين کان عربن جي قبضي ۾ هو، آزاد ڪرائڻ لاء چيو ويو. ان جو ٻيو مقصد يورپ ڏانھن اسلام جي ڦھلاء کي روڪڻ هو. انھن جنگن جي نتيجي ۾ وڏي پئماني تي رتوڇاڻ ٿي، پر ساڳي وقت وچ اوڀر ۽ يورپ جي ماڻھن ۾ پيدا ٿيل تعلق جي ڪري ان جا ٻنھي علائقن جي سياست، ثقافت ۽ معيشت تي پڻ گهڻا اثر پيا، جن کي هاڻي بہ پسي سگهجي ٿو.
پھرين ڳالھہ تہ چرچ ۽ پوپ جي اثر رسوخ ۽ طاقت ۾ واڌارو ٿيو ۽ انھن کي مختلف ملڪن جي بادشاهن تي مٿڀرائپ حاصل ٿي. رياست جيڪا مختلف جاگيرن ۽ علائقن ۾ ورهايل هئي، ان جي مرڪزيت وڌي. انھن جنگن جي خرچ جي پورائي لاء ماڻھن تي رياست ۽ چرچ پاران وڌيڪ ٽئڪس لاڳو ڪيا ويا. ڪو اهڙو ماڻھو نہ هو، جنھن جي کيسي تي بار نہ پيو هجي. هڪ اهم ڳالھہ اها ٿي تہ گهڻن سردارن ۽ Knights کي جنگ جي خرچ جي پورائي لاء پنھنجيون جاگيرون ۽ زمينون وڪڻڻيون پيون ،جنھن جي ڪري يورپ ۾ جاگيرداري گهڻو ڪمزور ٿي ويئي. انھن جنگن جي ڪري فوجي تنظيم ۽ ٽيڪنالوجي وغيرہ ۾ پڻ ترقي ٿي ۽ سڌارا آيا. جيئن تہ انھن جنگجوئن جو گذر بازنطيني سلطنت جي علائقن مان هو، تنھن ڪري اتي جيڪو ڏڦيڙ پيدا ٿيو۽ انھن جنگجو جٿن جو بازنطيني فوج سان جيڪو ٽڪراء ٿيو، ان اولھہ جي ملڪن ۽ بازنطيني سلطنت ۾ اختلافن کي وڌائي ڇڏيو. ان جو ڪلائمڪس 1204 ۾ ٿيو جڏهين صليبي فوجن قسطنطنيا کي تھس نهس ڪري، اتان گهڻا قيمتي نوادرات اولھہ جي ملڪن ۾ منتقل ڪري ڇڏيا. ان بازنطيني سلطنت کي صفا نستو ڪري ڇڏيو، جنھن جي نتيجي ۾ 1453 عيسوي ۾ اها ترڪن جي ڪاه کي منھن نہ ڏيئي سگهي.
مصر ان وقت فاطمي سلطنت جو مرڪز هو. پر ساڳي وقت اها سلطنت بدعنواني ۽ سازشن جي ڪري زوال پذير هئي. خليفي جو گهڻو اثر رسوخ نہ رهيو هو. مختلف وزير پنھنجن اختيارن ۽ طاقت کي وڌائڻ لاء ٻين ملڪن مان ويڙهاڪن کي گهرائيندا هئا. صلاح الدين ايوبي، جيڪو هڪ ڪرد هو، ان جي نتيجي ۾ ئي پنھنجي چاچي سان گڏ مصر پھتو. صليبي فوجن يروشلم تي قبضو ڪري اتي وڏي پئماني تي مسلمانن ۽ يھودينِ جو قتل عام ڪيو هو. اهي شام تائين پھچي چڪا هئا ۽ مصر سندن پھچ کان گهڻو پري نہ هو.
صلاح الدين ايوبي پنھنجي فوجي طاقت کي منظم ڪري يروشلم کي تہ صليبي فوجن کان آزاد ڪرايو پر سندس پاران فاطمي خلافت کي ختم ڪرڻ جا اثر نہ رڳو مصر پر سڄي مسلم دنيا تي پيا. فاطمي شيعه مسلڪ جا پوئلڳ هئا، جڏهين تہ صلاح الدين سني هو. الاهزر درسگاه ۽ اتان جي لائبريري فاطمين جو وڏو ڪارنامو هو. صلاح الدين ان کي شيعه درسگاه مان هڪ سني درسگاه ۾ تبديل ڪيو. هتي مسلم دنيا جي گهڻن ملڪن جا ماڻھو اچي علم پرائيندا هئا.
انھن جنگن جي نتيجي ۾ هڪ پاسي صلاح الدين ايوبي مسلمانن جي هيرو طور سامھون آيو تہ ٻئي رچرڊ شيردل صليبين ۽ عيسائي دنيا جي هيرو طور سامھون آيو.
صليبي فوجن پاران وچ اوڀر جي مختلف علائقن تي قبضو ڪيو ويو هو ان کي برقرار ۽ مستحڪم ڪرڻ لاء اولھہ مان لاڳيتو کين افرادي، هٿيارن ۽ ٻي امداد ملندي رهي. ان جو خاص مقصد يروشلم تي پنھنجي قبضي کي برقرار رکڻ هو. انھن ننڍي ننڍي رياستن کي ايوبي خاندان جي حڪومت ختم ٿيڻ کانپوء آيل مملوڪ خاندان جي سلطنت پاڻ ۾ ضم ڪري ڇڏيو. پر ان سان وچ اوڀر جي ملڪن ۾ عيسائين جي آبادي ۾ چڱو واڌارو ٿيو. هن وقت بہ خاص طور لبنان ۾ عيسائين جي وڏي تعداد ۽ اتان جي سياست، سماج ۽ معيشت ۾ انھن جي ڪردار کي ان تناظر ۾ ڏسي سگهجي ٿو.
يورپ جي مختلف ملڪن ۽ خاص طور اٽلي ۽ فرانس وغيرہ ۾ مسلمانن جون جيڪي بيٺڪون هيون انھن کي ختم ڪيو ويو. اسپين جي اٽلي، فرانس ۽ انگلينڊ سان گڏ انھن جنگن ۾ شموليت ان ڪري هڪ فطري ڳالھہ هئي تہ اتي مسلمانن جي هڪ ڊگهي عرصي جي راڄ کي ختم ڪري مسلمانن کي لڏڻ يا مذهب بدلائڻ تي مجبور ڪيو ويو هو. انھن سڀني ملڪن ۾ يھودين سان ظلم روا رکي انھن سان امتيازي ورتاء رکيو ويو ۽ انھن کي اتان لڏڻ تي مجبور ڪيو ويو.
انھن جنگن جي نتيجي ۾ هڪ پاسي جيتوڻيڪ اولھہ ۽ مسلم دنيا ۾ دشمني ۽ مخاصمت ۾ واڌارو ٿيو، پر ٻئي پاسي مختلف شين جي ڏي وٺ ۽ واپار ۾ پڻ واڌارو ٿيو. ساڳي وقت ٻنھي فريقن هڪ ٻئي جي علم، سائنس ۽ ٽيڪنالوجي مان پڻ استفادو ڪيو.
هڪ لحاظ کان اٽڪل ٻہ سو سالن کان وڌيڪ عرصي تائين هلندڙ صليبي جنگون دنيا ۽ خاص طور مسلمانن ۽ عيسائين کي مختلف طريقن سان متاثر ڪرڻ سان گڏ ڄڻ تہ سندن نفسيات جو حصو بڻجي ويون آهن. آمريڪي اڳوڻي صدر بش جڏهين عراق تي حملي جي ڳالھہ ڪري ٿو تہ هو شعوري يا غير شعوري طور صليبي جنگن جو حوالو ڏئي ٿو.

يادگيريون ۽ مشاهدا

قرت العين حيدر پنھنجي ڪتاب ”جھان ديگر“ ۾ آمريڪا ۾ گذاريل ڪجهہ وقت ۽ تجربن کي بيان ڪيو آهي. اسپين ۾ هڪ پاسي مسلمان پنھنجي ست سو سالن جي اقتدار جي ختم ٿيڻ تي ڳوڙها ڳاڙيندا رهيا تہ ٻئي پاسي اسپين جي راڻي ازابيلا ۽ شاه فرڊيننڊ جھازران ڪولمبس کي نين دنيائن ۽ خاص طور هندوستان کي ڳولھڻ جي اجازت ڏني.
هندوستان جي بجائي اهي جھازي آمريڪا کان اچي نڪتا. ڪولمبس کي بہ اها خبر نہ پيئي تہ اهي هندوستان جي بجائي ٻي ڪنھن سرزمين تي اچي نڪتا هئا. يورپ جي مختلف ملڪن جي ڏتڙيل، غريب، مھم جو ۽ مذهبي ڏاڍ ۽ امتيازي ورتاء جي شڪار ماڻھن ان نئين سرزمين جو رخ ڪيو. انھن ۾ چرچ خلاف بغاوت ڪندڙ مارٽن لوٿر ڪنگ جي پروٽسٽنٽ پوئلڳن جو هڪ وڏو تعداد هو جن ڪيثولڪ چرچ جي ڏاڍ ۽ ظلم کان بچڻ لاء هتي اچي پناه حاصل ڪئي.
برطانيا پاران جڏهين پنھنجي جنگين جي خرچن کي پوري ڪرڻ لاء پنھنجي آمريڪا جي نوآبادين تي ٽئڪس مڙهڻ شروع ڪيا ويا تہ انھن ان کي مڃڻ کان انڪار ڪندي بغاوت جو اعلان ڪيو ۽ چانھہ جا ذخيرا سمنڊ ۾ ٻوڙي ڇڏيا.
آمريڪا جي هڪ زال مڙس پاران دنيا جي مختلف ملڪن جي اديبن کي ڪجهہ عرصي لاء پنھنجي مرضي مطابق رهڻ ۽ ڪم ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪرڻ جو انتظام ڪيو ويو هو. ان مقصد لاء اهي مختلف ذريعن کان رقم هٿ ڪن ٿا. ٽيه چاليه کن ليکڪ هجن ٿا. شروع ۾ اهو پروگرام اٺ مھينن لاء هجي ٿو، پر پوء خرچ جو اندازو ڪندي، ان کي چار مھينن تائين محدود ڪيو وڃي ٿو. ان متعلق گهڻن ليکڪن ۾ اهو تاثر ۽ غلط فھمي هئي تہ اهو سياسي مقصد حاصل ڪرڻ لاء هو، پر ليکڪا جو چوڻ آهي تہ هتي اچي پتو پئي ٿو تہ ائين نہ هو. سندس چوڻ آهي تہ ان پروگرام ۾ فيض احمد فيض بہ شريڪ رهيو آهي. هو مختلف ملڪن، خيالن ۽ نظرين جي ليکڪن سان لھہ وچڙه ۾ اچي ٿي. مصر جي هڪ شاعرہ ۽ انگريزي ادب جي پروفيسر سان سندس ڳالھہ ٻولھہ ٿئي ٿي. هو قبطي عيسائي آهي ۽ سندس خيال آهي تہ اتي قبطين سان امتيازي ورتاء ڪيو وڃي ٿو ۽ سندن آبادي کي گهٽ ڪري ڏيکاريو وڃي ٿو. هو پاڻ کي فرعونن جي اولاد چئي ٿي ۽ سندس چوڻ موجب مصر ۾ کاڌي پيتي جي طور طريقن سميت جيڪي بہ چڱيون شيون آهن، سڀ فرعونن جي زماني جون آهن. برازيل جي هڪ ليکڪ جو چوڻ هو تہ هتي تہ عيش وارا ڏينھن گذاري رهيو آهيان، پر جڏهين هو پنھينجي وطن موٽندو تہ کيس ساڳين تڪليفن، سزائن ۽ ايذائن مان گذرڻو پوندو. ساڳي ريت فلپائين جو هڪ ليکڪ پروگرام شروع ٿيڻ جي ٽن هفتن کانپوء اتي پھتو. کانئس جڏهين ان جو ڪارڻ پڇيو ويو تہ هن ٻڌايو تہ هو سڌو جيل مان هت آيو هو. کيس پيرول تي ان شرط تي آزاد ڪيو ويو هو تہ هو موٽي واپس پنھنجي ملڪ ايندو. ڏکڻ آفريقا جي فاطمہ، جيڪا عيسائي آهي پرسندس ماء پنھنجي مسلمان ساهيڙي کان متاثر ٿي، سندس اهو نالو رکيو هو، ٻڌائي ٿي تہ گذريل رات ٻين وڳي نيويارڪ جي ٽائمزاسڪوائر ۾ جيڪا ڪاري ڇوڪري آوارہ گردي ڪندي نظر آئي هئي، اها آئون هيس. ليکڪا کانئس پڇي ٿي تہ ڇا کيس ڊپ نہ ٿو لڳي تہ هو چئي ٿي تہ منھنجو هڪ ڀاء ڏکڻ آفريقا ۾ جيل ۾ آهي ۽ هڪ مارجي چڪو آهي، جڏهين تہ هو هميشہ هڪ ڇري پاڻ سان رکندي آهي. هو کيس چئي ٿي تہ اوهان ماڻھن کي خبر ناهي تہ زندگي ڇا آهي ۽ ڪيئن گذاربي آهي. سندس هڪ ڊرامو لنڊن ۾ اسٽيج ٿيڻ وارو هو. ڪجهہ وقت کانپوء اوچتو اها خبر پئي ٿي تہ هن هڪ ڌي کي جنم ڏنو هو، جنھن جي پي جي خبر نہ هئي ۽ هڪ ذاتي معاملو هئڻ ڪري ڪير کانئس اهو پڇڻ جي همت بہ نہ پيو ڪري.
ان پروگرام دوران ڪنھن جي بہ ڪٿي وڃڻ تي ڪا پابندي نہ هئي. ليکڪا مختلف جاين تي وڃي ٿي. هو پنھنجن مائٽن سان وقت گذاري ٿي. ساڳي وقت هن آمريڪا جي سماجي زندگي جو مشاهدو بہ ڪيو ۽ ان کي خاص طور پاڪستان ۽ ڀارت سان ڀيٽيو آهي. انھن ملڪن جي هتي رهندڙ ماڻھن جو وڏو مسئلو خاص طور پنھنجي ڌيئرن کي هتان جي ماحول کان محفوظ ڪرڻ هوندو آهي جنھن ۾ ڪيترو ڪامياب ٿيا آهن، ان جا احوال روز ميڊيا ۾ اچن ٿا. ليکڪا نيويارڪ جي پسگردائي ۾ برلنگٽن ۾ پنھنجن ڪجهہ مائٽن وٽ وڃي ٿي ۽ اتي هتان جي زندگي متعلق حال احوال ٿين ٿا. هڪ خيال اهو آهي تہ انفراديت آمريڪي زندگي جي خاصيت آهي، جيڪا ماڻھن جي تخليقي صلاحيتن کي وڌائي ٿي. پر ان سان خاص طور پوڙهن ماڻھن لاء مسئلا پيدا ٿين ٿا ۽ اهي اڪيلائي جو شڪار ٿي وڃن ٿا. هن رستي تي ڪجهہ امير پوڙهي عورتن کي ڏٺو، جن هر ايندڙ ويندڙ کي پئي کيڪاريو تہ من ڪو سندن اڪيلائي جا ڪجهہ پل شيئر ڪري سگهي. سندس چوڻ آهي تہ اتي حڪومت پاران پوڙهن ماڻھن لاء ڌار شھر قائم ڪيا ويا آهن جنھن جو تصور ئي اسان جي ملڪن ۾ ممڪن ناهي.
پاڪستان ۽ ڀارت وانگر کيس آمريڪا جي شھرن ۾ ڪچري جا ڍير ۽ غريب آباديون نظر نہ ٿي آيون. پر جڏهين هو نيويارڪ وڃي رهي هئي تہ کيس پسگردائي ۾ ڪچري جا ڍير ۽ غريبن جا ٻار نظر آيا، جنھن تي هن خوش ٿيندي ٻين کي اهي ڏيکارڻ شروع ڪيا.
ليکڪا آمريڪا ۾ پنھنجن مائٽن سان ڊزني لينڊ ۽ هالي ووڊ بہ گهمي ٿي. اتي هڪ قبرستان، جتي گهڻي ڀاڱي امير ماڻھو ۽ وڏا فنڪار دفن هجن ٿا، ۾ کيس هڪ هيئر ڊريسر ملي ٿو جيڪو مري ويل ماڻھن جا وار وغيرہ ٺاهي ٿو. سندس چوڻ هو تہ انھن ماڻھن جي مائٽن جي اها خواهش هجي ٿي تہ اهي مرڻ کانپوء سھڻا نظر اچن. ان کانپوء هو ڪجهہ اهڙن علائقن ۾ وڃي ٿي جيڪي آمريڪا ميڪسيڪو کان جنگ ذريعي حاصل ڪيا هئا. انھن علائقن ۾ کيس ريڊ انڊين نظر اچن ٿا. انھن لاء اهو تاثر هجي ٿو تہ اهي سست آهن ۽ انھن آمريڪا جي زندگي ۾ اهو مقام حاصل نہ ڪيو آهي جيڪو ڪارن پنھنجي جدوجھد وسيلي حاصل ڪيو آهي. انھن مان گهڻا آمريڪا جي ٻين ماڻھن ۾ ضم ٿي ويا آهن. سندس خيال آهي تہ اهي ماڻھو منگول نسل جا آهن، جيڪي هڪ هزار سال کن اڳ سائيبيريا جي رستي آمريڪا آيا هئا. ڪائو بوائز متعلق سندس خيال آهي تہ اهي منگولن، عرب بدوئن ۽ ٻين اهڙن ماڻھن جيان آهن، جن صحرا جي زندگي گذاري آهي ۽ تھذيبن کي تھس نھس ڪيو آهي.
آمريڪا جو ڏکڻ پنھنجي معاشي ۽ سماجي ترقي جي لحاظ کان اتر آمريڪا کان مختلف آهي. غلامي کي ختم ڪرڻ واري معاملي تي اهو هڪ ڊگهي گهرو ويڙه مان گذريو هو، جنھن جي نتيجي ۾ صدر ابراهام لنڪن قتل ٿي ويو هو. هتي اڃا ڪنھن حد تائين خاندان ۽ ٻين معاملن ۾ يورپ جا قدر موجود آهن.
هو ڪجهہ يونيورسٽين ۾ ليڪچر پروگرام بہ ڪري ٿي ۽ پوء موٽي پنھنجي ماڳ ڏانھن وڃي ٿي جتان هو پروگرام جي ختم ٿيڻ کانپوء پنھنجن مائٽن سان ملڻ لاء آسٽريليا رواني ٿي وڃي ٿي.

غدار

ڪنھن بہ قوم ۾ غدار ۽ محب وطن جو قطعي طور تعين نہ ٿو ڪري سگهجي. ماڻھن جي هڪ حصي لاء غدار ليکيو ويندڙ ٻئي حصي لاء قابل احترام هوندو آهي. سيٺ نائون مل هوتچند لاء سنڌي مسلمانن ۾ هڪ غدار جو تصور آهي، جنھن ٽالپرن جي خلاف انگريزن کي سنڌ فتح ڪرڻ ۾ مدد ڪئي. پر سنڌي هندن جو نڪتہ نظر ان کان مختلف آهي. اهي ان کي هڪ قابل احترام ۽ لوڪ ڪھاڻين جي هيرو جيان سمجهن ٿا، جنھن پنھنجي دولت کي سنڌي هندن جي ڀلائي ۽ سار سنڀال لاء استعمال ڪيو ۽ سنڌ جي هندن کي مسلم حڪمرانن جي ظلم ۽ ڏاڍ کان نجات ڏياري. هند جي سنڌي ليکڪن خاص طور ساز اگروال ۽ لعل پشپ جي لکڻين ۾ ان کي ڏسي سگهجي ٿو.
ان جو مک ڪارڻ اهو آهي تہ سنڌي مسلمان نائون مل جي ڪردار جو جائزو وٺڻ مھل ان کي سياق و سباق ۾ نہ ٿا ڏسن. اهي اهو نہ ٿا ڏسن تہ اهڙا ڪردار ڇو پيدا ٿين ٿا. ٽالپرن جا سنڌ تي حڪمراني جا اسي سال سنڌي هندن لاء تمام ڏکيا هئا. انھن جي زمين خريد ڪرڻ تي تہ پابندي هئي پر ان سان گڏ مالدار ۽ معتبر هندن تي بہ گهوڙي جي سواري ڪرڻ تي پابندي هئي ۽ کين گڏه ۽ خچر سواري لاء استعمال ڪرڻو پوندو هو. مختلف بھانن سان کين زوري مسلمان ڪيو ويندو هو ۽ سندن طھر ڪرايا ويندا هئا. نائون مل جي پيءُ سان پڻ اها ساڳي ڪار ٿيڻ واري هئي، پر هو بچي ويو.
ان ڳالھہ کي نظر ۾ رکڻ گهرجي تہ انگريزن هڪ لحاظ کان سنڌي هندن لاء نجات ڏياريندڙ جو ڪردار ادا ڪيو. ساڳي وقت ان ڳالھہ جو جائزو وٺڻ گهرجي تہ سنڌي هندن کي سنڌ جي مين اسٽريم کان پري ڪرڻ ۽ نائون مل کي غدار ڪرڻ ۾ عام سنڌي مسلمانن ۽ خاص طور ٽالپور حڪمرانن جو ڪيترو ڪردار هو.

فوٽ بال

فوٽ بال لياري جي پسند جي راند آهي. اها ڳالھہ بلڪل صحيح آهي. پر هاڻي اها کيڏڻ نہ پر رڳو ٽيلي ويزن جي ڏسڻ جي حد تائين رهجي ويئي آهي. اها لياري جي ماڻھن جو هڪ جنون هوندو آهي. ان ڳالھہ جي باوجود تہ سرڪار پاران ان کي نالي ماتر سرپرستي ئي حاصل هوندي هئي. سڄو ڏينھن بندرگاه تي مزدوري ڪري ۽ شھر ۾ پورهيو ڪري، اهي رانديگر لياري جون گهٽيون ۽ گرائونڊ فوٽ بال جي راند سان آباد ڪندا هئا.
اسان جي نوآباد جي گهر جي سامھون، ڏيپچند ٽي اوجها اسڪول جو وڏو گرائونڊ هوندو هو، جنھن کي ننڍي ديوار ڏنل هوندي هئي ۽ ماڻھو اها ٽپي بہ اندر وڃي سگهندو هو. ڏينھن ۾ پاڙي جا ٻار راند ڪندا هئا پر شام جو روز لياري جي مشھور ٽيمن جا هتي مئچ ٿيندا هئا، جن کي ڏسڻ لاء سڄو گرائونڊ ماڻھن سان ڀريل هوندو هو. هن وقت هتي ڪرن فائونڊيشن جي نالي تحت ڪيترا اسڪول کليل هئا ۽ ان جي چوڌاري هڪ وڏي ديوار ٺاهي ويئي آهي. اهڙي ريت گرائونڊ ختم ٿي ويو آهي ۽ اتي ٿيندڙ راند کي بہ نيڪالي ملي ويئي آهي.
ٿورو اڳتي مشھور ڪڪري گرائونڊ آهي، جتي روز شام جو مختلف ٽيمن جا مقابلا ٿيندا هئا ۽ وڏي تعداد ۾ ماڻھو انھن کي ڏسڻ لاء ايندا هئا. شھر ۾ چائنا ڪٽنگ جو جيڪو سلسلو هليو پئي ان تحت تي فاروق ستار جي ميئر هئڻ وقت ڪتيانہ

فيض احمد فيض ۽ سوويت يونين جون يادون

فيض احمد فيض پاڪستان جي ترقي پسند ادبي تحريڪ جو اهم نالو رهيو آهي. هن راولپنڊي سازش ڪيس ۾ سزا بہ ڀوڳي. هو پاڪستان جي انھن ڪجهہ اديبن مان آهي، جن جو عالمي انقلابي تحريڪن سان ويجهو لاڳاپو رهيو آهي. هو گهڻو عرصو بيروت ۾ سوويت يونين جي اشتراڪ سان نڪرندڙ رسالي لوٽس جو ايڊيٽر بہ رهيو. فيض پھريون ڀيرو 1958 ۾ افرو ايشيائي ليکڪن جي ڪانفرنس ۾ شرڪت لاء تاشقند ويو هو. اتي ٻين ڳالھين سان گڏ هڪ اهڙي رسالي طور لوٽس جو خيال پيش ڪيو ويو، جيڪو نوآبادياتي غلامي مان آزاد ٿيل ملڪن جي ليکڪن جي ترجماني ڪري ۽ انھن جي خيالن کي پيش ڪري. ان سلسلي ۾ گهڻن مسئلن کي مئگزين جي جاري ٿيڻ کان اڳ حل ڪرڻو هو. پراڻن سوالن سان گڏوگڏ گهڻا عملي سوال بہ هئا، جن کي حل ڪرڻو هو. مثال طور ان جي لاء مالي ذريعا ڪٿان ايندا، اهو هڪ نمائندہ رسالو ڪيئن ٿيندو، ڪھڙي ملڪ ۾ اهو عالمي سطح جو مئگزين قائم ڪيو ويندو ۽ آخري اهو تہ ان کي ايڊٽ ڪير ڪندو ۽ ان ۾ ڪير پنھنجيون لکڻيون ڏيندا. فيض انھن سڀني سوالن تي غور ڪري آڪٽوبر 1963 ۾ سوويت يونين جي ليکڪن جي تنظيم کي پنھنجيون تجويزون پيش ڪيون. انھن سوالن جا جواب ڏيندي هن عرب دنيا جي سياسي ۽ دانشورانا زندگي جون اهم جهلڪيون پڻ پيش ڪيون. ان تنظيم فيض جي خط سان گڏ انھن تجويزن کي سوويت يونين جي ڪميونسٽ پارٽي جي مرڪزي ڪاميٽي کي پيش ڪيو ۽ ان سان فيض جي زندگي جو مختصر خاڪو پڻ پيش ڪيو. اهو مئگزين مارچ 1968 ۾ بيروت مان جاري ٿيو ۽ 1991 تائين هليو.
سندس اڳوڻي سوويت يونين سان هڪ ويجهو ناتو رهيو. سوويت انقلاب فيض ۽ ننڍي کنڊ جي ٻين گهڻن نوجوانن لاء هندوستان جي قومي ۽ طبقاتي آزادي جي حوالي سان اتساه جو باعث هو. سندس سوويت ليکڪن سان پھريون واسطو ۽ ملاقات 1949 ۾ لاهور ۾ ترقي پسند ليکڪن جي ڪانفرنس جي موقعي تي ٿي. ان کانپوء 1956 ۾ دھلي ۾ ايشيائي اديبن جي ڪانفرنس ۾ ڪجهہ سوويت اديبن سان ملاقات ٿي. کيس 1962 ۾ لينن پرائز ڏنو ويو. هو پھريون ڀيرو سوويت يونين 1958 ۾ تاشقند ۾ ٿيل افرو ايشيائي ليکڪن جي ڪانفرنس جي موقعي تي ويو، جنھن ۾ شرڪت لاء وڏي مشڪل سان پاڪستان مان ٻن اديبن حفيظ جالنڌري ۽ فيض کي وڃڻ جي اجازت ملي ۽ پوء لاڳيتو سندس ٻہ ٽي ڀيرا اتي وڃڻ ٿيو.
ان ڪانفرنس کانپوء هو 1967 جي تباه ڪن زلزلي کان ڪجهہ وقت پوء تاشقند ويو هو جڏهين شھر ۾ گهڻي تباهي ٿي هئي. ان وقت شھر ۾ تعمير نو جو ڪم جاري هو ۽ پوء جڏهين ستر جي ڏهاڪي ۾ ازبڪ ليکڪن جي دعوت تي اتي پھتو تہ کيس تاشقند بلڪل هڪ نئون شھر نظر آيو. مھمانن کي ميون ۽ ٻين شين جا فارم گهمايا ويا. سندس چوڻ آهي تہ هتي اهو رواج آهي تہ اوهان جنھن بہ گهر ۾ ويندا تہ اوهان کي قھوو تيار ملندو. هتي کين ٻڌايو ويو تہ معاشي لحاظ کان جمھوريہ ڪافي ترقي ڪئي هئي. ڪپهہ جي اپت ۾ اهو دنيا ۾ پھرئين نمبر تي هو ۽ آفريڪا کي پوئتي ڇڏي آيو هو. ازبڪستان جي سرزمين ڄڻ گئس جي سمنڊ تي تري پئي. لکين ڪلوواٽ بجلي، هزارين ڪلو ميٽر روڊ ۽ ڪيترا نوان ڪارخانا قائم ٿيا هئا، پر افسوس ان ڳالھہ جو هو تہ ادب ۽ ثقافت ان رفتار سان ترقي نہ ڪئي هئي. شرف رشيدوف جڏهين مھمانن کي چيو تہ انھن ويٺل ليکڪن کان پڇو تہ ڪيترا نوان ڪتاب لکيا ويا آهن تہ سڀني جو منھن هارجي ويو.
ان وفد کي سمرقند ۽ بخارا جو سير بہ ڪرايو ويو. اتي گور امير جي نالي سان تيمور لنگ جي قبر ۽ ٻيا بہ قديم آثار آهن. پر انھن آثارن جي مناسب سنڀال ناهي ڪئي ويئي ۽ انھن ۾ بخارا جي آثارن جي حالت وڌيڪ خراب هئي. ليکڪ ان تي تبصرو ڪندي لکي ٿو تہ قديم آثارن جي سنڀال جي صورتحال ملڪ جي يورپ واري پاسي بہ ساڳي آهي. انھن جي سنڀال وغيرہ تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ گهرجي، پر ساڳي وقت هو لکي ٿو تہ جيڪا قوم پنھنجي حال مان مطمئن هوندي آهي، ان کي پنھنجي ماضي جو گهڻو اونو نہ هوندو آهي ۽ جنھن جو حال چڱو نہ هوندو آهي، ان جي ماضي سان وڌيڪ محبت هوندي آهي. هن هڪ نئين قائم ٿيل شھردوشنبہ جو ذڪر ڪيو آهي، جيڪو اڳ نہ هو. اهو انھن ڪجهہ شھرن مان آهي، جيڪي انقلاب کان پوء قائم ٿيا آهن. انقلاب کان اڳ اهو هڪ ننڍڙو ڳوٺ هو، جتي پڙي لڳندي هئي ۽ هن وقت اهو تاجڪستان جو گادي جو هنڌ آهي.
فيض جڏهين ماسڪو ويو تہ اهو شھر ان کي لندن ۽ پيرس جھڙن شھرن کان بلڪل مختلف لڳو. هڪ تہ اتي اهو گوڙ شور نہ هو جيڪو انھن شھرن ۾ هوندو آهي. کيس بلڪل ائين لڳو تہ جڏهين هو جيل جي گوڙ شور واري ماحول مان آزاد ٿي گهر آيو هو تہ کيس ٻہ ٽي ڏينھن گهر جي پرسڪون ۽ خاموش ماحول ۾ ننڊ ئي نہ ٿي آئي. ٻي ڳالھہ تہ پھريون ڀيرو اتي وڃڻ مھل کيس اشتھارن وغيرہ لاء نيون سائن ۽ بل بورڊ وغيرہ نظر نہ آيا، جڏهين تہ ٻئي ڀيري اتي وڃڻ مھل اهي ڪجهہ ڪجهہ نظرآيا. سندس چوڻ آهي تہ گادي جي هنڌ هئڻ ڪري ماسڪو ۾ ملڪ جي ٻين شھرن مان مختلف ڪمن ڪارين لاء ايندڙ ماڻھن ۽ ٻين ملڪن جي سياحن وغيرہ جي گهڻي اچ وڃ آهي. پر اتي ايتريون هوٽلون وغيرہ نظر نہ آيون، جيڪي انھن سڀني ماڻھن کي رهائش وغيرہ فراهم ڪري سگهن. هن جڏهين ان متعلق پڇا ڪئي تہ کيس ٻڌايو ويو تہ هتي گهڻا ماڻھو پنھنجن دوستن ۽ مٽن مائٽن وٽ اچي رهندا آهن ۽ کين هوٽل جي رهائش جي ضرورت محسوس نہ ٿيندي آهي.
فيض جو چوڻ آهي تہ ماسڪو جهڙو ڪر دنيا جي اديبن ۽ دانشورن جو هڪ بين الاقوامي مسافرخانو آهي. هتي سوويت يونين جي مختلف جمھوريتن جي اديبن ۽ شاعرن کانسواء دنيا جي مختلف ملڪن جا ليکڪ رهن ٿا. انھن مان گهڻن سان فيض جي ملاقات ٿي. هو خاص طور ترڪي جي شاعر ناظم حڪمت سان پنھنجي ملاقات جو ذڪر ڪري ٿو، جيڪا 1958 ۾ افروايشيائي ليکڪن جي ڪانفرنس جي موقعي تي ٿي ۽ پوء 1963 ۾ سندس اوچتي وفات تائين سندن پاڻ ۾ رابطو رهيو. هو سندس متعلق لکي ٿو تہ هو ڊگهو عرصو جيل ۾ رهڻ دوران سندس هڪ سٽ ”ڀلي غم ڪيڏا بہ هجن پر پنھنجي شيشي جھڙي دل هميشہ درخشان رکو“ کي ورجائيندو رهندو هو. ماسڪو ۾ انھن ۾ شاعري متعلق پڻ ڳالھہ ٻوله ٿيندي رهندي هئي.
فيض تاشقند ۾ ڪانفرنس جي موقعي تي هڪ مشاعرو بہ رکرايو هو، جيڪو اتان جي ماڻھن لاء هڪ نئين ڳالھہ هئي. اتي ڪلام شاعر بزبان شاعر جو دستور ناهي. هتي ڪنھن خاص تقريب ۾ ڪنھن مشھور شاعر جو ڪلام ٻڌو وڃي ٿو يا تقريب جي مناسبت سان نظم ۽ نثر ٻيئي پيش ٿيندا آهن. هتي اسان جيان شاعر پڙ ۾ ملھہ نہ وڙهندا آهن.
هتي ناظم حڪمت سان سندس شعر جي اسلوب هيئت ۽ لغت تي ڳالھہ ٻولھہ ٿي ۽ اهو سلسلو سندن وچ ۾ گهڻين ملاقاتن ۾ جاري رهيو. ناظم حڪمت جو چوڻ هو تہ قطعي آزاد شاعري يا آزاد نظم جو وجود ممڪن ئي ناهي. جيئن لفظ نظم مان ظاهر آهي. لفظن کي ڪنھن ترتيب ۾ جوڙڻ پڻ هڪ پابندي آهي ۽ مٿان وري شعر جون بنيادي گهرجون ان پابندي کي اڃا وڌائين ٿيون جيئن شعر نثر کان الڳ ِ۽ مٿانھون ٿي سگهي. ڇو تہ شعر موسيقي مان جنم ورتو آهي ان ڪري پھريون شرط ئي اهو آهي تہ اهو مخصوص ردم ۾ هجي ۽ ان ۾ لئہ ۽ آهنگ جي پابندي هجي جيڪا خود شعر جي موضوع مطابق هجي. ان سان گڏوگڏ وري هي بہ فرض ڪيو ويو آهي تہ انھن مخصوص بحرن کانسواء شعر جي تخليق ممڪن ناهي، جيڪا ڳالھہ صحيح ناهي. ان ڪري جو هتي ٻولي جي روزاني ڳالھہ ٻولھہ ۾ ان جو پنھنجو هڪ لڪل ۽ وکريل آهنگ هوندو آهي.جنھن تي ٻڻ ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. ائين ڪيترا ئي مترنم نوان آوازي آهنگ اخذ ڪري سگهجن ٿا. پنھنجي ٻولي جي فطري آهنگ ۽ ترنم جا نوان امڪان دريافت ڪجن، پر اسين سڀيئي ائين نہ ٿا ڪيون ۽ شعر چوڻ مھل پيروي عربي عروض جي ڪيون ٿا. ڇا لاء؟ ڀلا. پراڻا بحر۽ وزن بہ تہ عربن پنھنجي زبان، ان جي ڳالھہ ٻولهہ، ان جي رجز، پنھنجي گيتن ۽ نغمن مان برآمد ڪيا هئا. اوهان ڪتابن ۾ پڙهيو هوندو تہ ان جي لئي جو ماخذ اٺ جي چال جو ردم آهي. ان موضوع تي ٻنھي جي وچ ۾ گهڻي ڳالھہ ٻولھہ ٿيندي هئي. فيض اتي اليا اهرن برگ، سارتر، چنگيز اعتماتوف، رسول حمزہ توف ۽ ٻين مختلف اديبن سان پڻ ملاقات ڪئي. .
فيض سائيبريا جو بہ دورو ڪيو. هن اتان جي جيڪا تصوير پيش ڪئي آهي اها اسان وٽ ان جي روايتي تصور کان بلڪل ئي مختلف آهي. اسان وٽ ان جو تصور هڪ اهڙي برف جي ريگستان جو آهي، جتي زار جي دور ۾ سياسي مخالفن، باغين ۽ عادي ڏوهارين کي سزا طور موڪليو ويندو هو. هڪ اهڙي سخت زندگي جتان جيئرو موٽي اچڻ ڏکيو هوندو هو. انقلاب کانپوء اتي جيڪا ترقي ٿي آهي ان جي ڪري اتان جو سڄو نقشو ئي بدلجي ويو آهي. اتي نوان شھر قائم ٿيا آهن، مختلف قسم جا فارم، ڪارخانا ۽ معدنيات جا ذخيرا آهن. ان کانسواء اتان جي فطري سونھن آهي جيڪا ماڻھن کي پاڻ ڏانھن ڇڪي ٿي. اڳ ماڻھن کي اتي سزا طور موڪليو ويندو هو پر هاڻي ماڻھو اتي پنھنجي شوق سان ۽ گهمڻ وڃن ٿا.
.فيض گهڻي اصرار کانپوء سوويت يونين جي مختلف دورن متعلق پنھنجين يادگيرين کي هڪ ڪتاب ماه و سال آشنا يادون ڪا مجموعه جي نالي سان قلم بند ڪيو، جيڪو 1979 ۾ ڇپيو. سندس چوڻ آهي تہ هي نہ ڪنھن صحافي جي رپورٽ آهي ۽ نہ ڪنھن مبصر جو تجزياتي مطالعو آهي. اهو تہ بس هڪ دوست ۽ هڪ تماشائي جون يادون آهن

فاطمي خلافت جا ڪجهہ پاسا

مسلم تاريخ ۾ فاطميد خلافت جو قيام هڪ اهم واقعو آهي. ٽين صدي هجري جي آخر ۽ ڏهين صدي عيسوي جي شروع ۾ ان جي قائم ٿيڻ جو عمل شروع ٿيو. اتر آفريڪا جي مختلف علائقن جن ۾ تيونس، الجزائر، ليبيا ۽ مصر وغيرہ اچي وڃن ٿا، جيڪي ان وقت عباسي سلطنت جي اثر هيٺ هئا، ۾ قائم رهي. ٻارهين صدي عيسوي جي آخر تائين اها خلافت قائم رهي.
آفريڪا ۾ وڳوڙ کي منھن ڏيڻ لاء عباسين پاران 800 عيسوي ۾ ابراهيم ابن الاغلب کي اتان جو گورنر مقرر ڪيو ويو. 908 عيسوي تائين جڏهين فاطمين گادي جي هنڌ رڪادا ۽ ٻين اهم شھرن تي قبضو ڪيو، هڪٻئي پويان ان خاندان جا ڪيئي حڪمران آيا. اهي بنو تميم قبيلي جا نجدي هئا ۽ مذهبي لحاظ کان اهي حنفي مسلڪ جي معتزلہ فڪر جا پوئلڳ هئا. اهي جيتوڻيڪ عباسين کي ڏن ڏيندا هئا، پر گهڻن معاملن ۾ اهي آزاد ۽ خود مختار هئا. اٽلي جي شھر سسلي کي انھن فتح ڪيو هو. جيتوڻيڪ آفريڪا جي انھن علائقن ۾ بربرن جي گهڻائي هئي، پر شام ۽ عراق کان آيل اٽڪل هڪ لک عرب پڻ اتي آباد هئا ۽ سندن اچڻ جو سلسلو لاڳيتو جاري هو.
ابوعبدﷲ ڪوفي سان واسطو رکندڙ هڪ شيعہ اسماعيلي داعي يا مبلغ هو، جنھن کي اسماعيلي امام پاران آفريڪا ۾ تبليغ ۽ مقامي ماڻھن کي منظم ڪرڻ لاء موڪليو ويو هو. هن ارڙنھن سالن جو هڪ ڊگهو عرصو بربر قبيلي ڪٽاما ۾ گذاريو هو ۽ انھن کي فوجي لحاظ کان پڻ منظم ڪيو هو. شروع ۾ اها تحريڪ ڏورانھن علائقن ۾ شروع ٿي ۽ حڪمرانن پاران ان کي گهڻي اهميت نہ ڏني ويئي ۽ ان خلاف فوجي ڪاروائي ڪرڻ کي وقت ۽ وسيلن جو زيان سمجهيو ويو. اهڙي ريت ان جي گهڻي توجھہ بربر قبيلن ڏانھن هئي. شھري علائقن تائين پھچڻ ۾ ان کي گهڻو وقت لڳو.
گادي واري هنڌ رڪادا تي بربرن جي شروعاتي حملن کي پسپا ڪيو ويو. نيٺ 908 عيسوي ۾ جڏهين ابراهيم اغلب اٽلي جي شھر سسلي تي ڪاه ۾ رڌل هو ۽ شھر جي حفاظت لاء مقرر ڪيل سندس ڪمانڊر مال دولت ميڙي اتان ڀڄي چڪو هو، شھر هڪ افراتفري واري صورتحال ۾ هو ۽ ماڻھو ڦرمار ۾ لڳل هئا تہ ابوعبدﷲ رڪادا تي حملو ڪري حالتن کي سنڀاليو ۽ ان کي فتح ڪري ورتو. اصل حڪمراني جو حق امام جو سمجهيو ويو ٿي، پر امام جيئن تہ ان وقت اتي موجود نہ هو ان ڪري اٺ ڏه مھينا کن ابو عبدﷲ ۽ سندس ڀاء ابو عباس اقتدار سنڀاليو. امام جي اچڻ کانپوء اقتدار ان جي حوالي ڪيو ويو.
969 عيسوي ۾ خليفي المعز جي دور ۾ انھن مصر فتح ڪيو ۽ 973 عيسوي ۾ نئين قئم ڪيل شھر قاهره ۾ پنھنجي گادي جو هنڌ منتقل ڪيو. مصر سلطنت جو سياسي، مذهبي ۽ ثقافتي مرڪز بڻجي ويو ۽ هتي مقامي ۽ عرب ڪلچر کي فروغ مليو. بھرحال اها ڳالھہ پنھنجي جاء تي آهي تہ حڪمراني جي هڪ ڊگهي دور جي باوجود، اهي ملڪ جي آبادي جي گهڻائي کي پنھنجي مسلڪ تي نہ آڻي سگهيا.
ان سلسلي ۾ تاريخ جا جيڪي مختلف ذريعا هئا، انھن کي مخالفن پاران سامھون اچڻ نہ ڏنو ويو، يا انھن کي ختم ڪيو ويو. ابن الھشيم جي يادگيرين جو ڪتاب ڪتاب المناظرت يا The Book of Discussion فاطمين جي نظرئي کي سمجهڻ جو هڪ اهم ذريعو آهي. ان ڪتاب کي ترجمي ۽ ايڊٽ ڪرڻ کانپوءI.B.Tauris ٻئي مواد جي مدد سان پنھنجيِ ڪتاب The Advent of The Fatimids- A- Contemporary Shi I Witness لکي. ابن الھشيم پاڻ شيعہ اسماعيلي مسلڪ جو پوئلڳ هو.
شروع ۾ شھرن ۾ انھن جو گهڻو اثررسوخ نہ هو. مسلڪ جي لحاظ کان شھرن جا عالم ۽ ماڻھو مالڪي ۽ حنفي فرقن ۾ ورهايل هئا. انھن مان پھريون گروه اموي خلافت جي حمايت ڪندو هو ۽ ٻيو بغداد جي عباسين جي پاسي هو. جڏهين تہ شيعن جو تعداد نہ هئڻ برابر هو ۽ جيڪي هئا اهي بہ ڊپ کان پنھنجي سڃاڻپ لڪائي رکندا هئا.
مذهب ئي فاطميد تحريڪ جي اهم سڃاڻپ هئي ۽ شھرن ۾ اچڻ کانپوء ان پاسي ئي انھن گهڻو توجھہ ڏنو. ان سلسلي ۾ حنفي ڄڻ سندن اتحادي هئا. گهڻا حنفي پنھنجو مسلڪ بدلائي فاطمين سان اقتدار ۾ شامل ٿي ويا، جڏهين تہ مالڪين جي حوالي سان اهو معاملو مختلف هو. فاطمين پنھنجي مسلڪ جا ئي قاضي ۽ ٻيا عملدار مقرر ڪيا هئا. عام تاثر اهو آهي تہ اهو دور مذهبي مخالفن لاء خاص طور ڏکيو دور هو. پر ابو عبدﷲ پاڻ سھپ ۽ مذهبي رواداري جو َقائل هو ۽ اڳتي هلي فاطمين نہ رڳو اسلام جي ٻين مختلف فرقن پر غير مسلمن جي حوالي سان بہ سھپ ۽ مذهبي رواداري جو مظاهرو ڪيو.
ڪجهہ عرصي کانپوء جن اهو انقلاب آڻڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هو، انھن ۽ امام، جنھن پنھنجي اقتدار کي جائز ثابت ڪرڻ لاء پاڻ کي مھدي سڏائڻ شروع ڪيو هو، ۾ اختلاف پيدا ٿيڻ شروع ٿيا. امام کي اهو شڪ هو تہ ٻيئي ڀائر، ابو عبدﷲ ۽ ابو عباس ۽ ڪٽاما قبيلي جو ابو موسا ۽ قبيلي جا ٻيا ڪجهہ اڳواڻ سندس خلاف سازشون پيا ڪن ۽ کيس اقتدار کان محروم ڪرڻ چاهين ٿا. ان ۾ هن سمجهيو ٿي تہ اهم ڪردار وڏي ڀاء ابو عباس جو هو، جنھن پنھنجي ننڍي ڀاء کي ان ڳالھہ لاء تيار ڪيو هو. امام پھرئين قدم طور انھن جي حامين کي مختلف علائقن ۾ موڪلي وکيري ڇڏيو جيئن تہ ڪا مضبوط مخالفت ۽ مزاحمت نہ ٿي سگهي ۽ پوء ٻنھي ڀائرن، ابوموسا ۽ ڪٽاما قبيلي جي ڪجهہ ٻين ماڻھن کي ڦاهي ڏيئي ڇڏي.
ٻنھي ڀائرن مان ابو عبدﷲ کي جيتوڻيڪ مذهبي معاملن جي ڄاڻ هئي پر هو مرد ميدان هو ۽ هن ڊگهوعرصو ويڙه ڪندي ۽ جنگين ۾ گذاريو هو جڏهين تہ وڏو ڀاء ابو عباس هڪ دانشور هو ۽ اڪيلائي ۾ پنھنجي ليکي ڪم ڪرڻ کي ترجيح ڏيندو هو. ان وقت اسلامي فلسفي ۽ مذهب جا جيڪي عالم هئا اهي ساڳي وقت يوناني فلسفي جي مختلف مڪتبہ فڪر ۽ خاص طور ارسطو ۽ افلاطون جي خيالن کان گهڻو متاثر هئا. ابو هشيم ۽ ٻنھي ڀائرن خاص طور وڏي ڀاء ابو عباس کي انھن معاملن جي چڱي ريت ڄاڻ هئي. جيتوڻيڪ ڪتاب جو ليکڪ انھن ڀائرن سان ملاقات کان اڳ ئي شيعہ مسلڪ اختيار ڪري فاطمين جي اسماعيلي نظرئي سان متفق ٿي چڪو هو پر هو انھن ڀائرن سان خلافت ۽ امام جعفر صادق کانپوء شيعن جي مختلف فرقن ۾ ورهائجڻ تي تفصيل سان بحث ڪري ٿو. جيئن ان ڪتاب جي نالي مان ظاهر آهي اهو ليکڪ ۽ انھن ٻنھي ڀائرن ۾ بحث مباحثي ۽ مناظري تي ٻڌل آهي.
اها هڪ موروثي خلافت هئي ۽ جيئن ٿيندو آيو آهي تہ وقت سان گڏوگڏ ان ۾ هڪ جمود ايندو ويو. خليفو پنھنجي خول ۾ بند ٿيندو ويو، ۽ وزير وڌيڪ بااختيار ٿيندا ويا. نسلي ۽ سياسي اختلاف وڌنڌا ويا. ڀرپاسي ۾ سلجوڪ، صليبي ۽ ٻين مختلف قوتن جو اثر وڌنڌو ويو ۽ نيٺ 1171 عيسوي ۾ صلاح الدين ايوبي ان کي ختم ڪري، ايوبي سلطنت قائم ڪئي ۽ مصر هڪ ڀيرو ٻيھر نالي ماتر طور ئي عباسي سلطنت جو حصو بڻجي ويو.

مرزا قليچ بيگ: جديد سنڌي سماج ۽ ادب جو نمائندو

مرزا قليچ بيگ سنڌي ٻولي ۽ ادب جو وڏو نالو آهي. کيس بجا طور جديد سنڌي ادب جو ابو چيو وڃي ٿو. هن ٻارن جي ادب سميت ادب جي مختلف صنفن تي گهڻو ڪم ڪيو آهي. سندس چوڻ موجب اهو قلمي پورهيو ماڻھو جي علم جي زڪوات آهي.
سندس علمي خدمتن جي مڃتا طور2008 ۾ قليچ چيئر قائم ڪئي ويئي. چيئر جي شائع ڪيل تشريحي ببلوگرافي موجب سندن طبع زاد ۽ ترجمو ڪيل ڪتابن جو تعداد 461 آهي. جڏهين تہ سنڌي، انگريزي،فارسي ۽ بلوچي ۾ اڃا بہ اسي کن قلمي نسخا موجود آهن، جن تي ڪم هلندڙ آهي. چيئر پاران ڪل ٻاهٺ ڪتاب شائع ڪيا ويا آهن جن مان سٺ قليچ بيگ جا پنھنجا ۽ ٻہ سندس فن ۽ شخصيت تي لکيل آهن. عالمي ۽ قومي ڪانفرنسون، سيمينار ۽ ورڪشاپ پڻ منعقد ڪيا ويا آهن ۽ 2015 کان هڪ تحقيقي جرنل پڻ شائع ٿي رهيو آهي. چيئر جي ڊائريڪٽر موجب مرزا صاحب جي ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل ڪتابن ۽ مسودن کي هارڊ ۽ سافٽ فارم ۾ بہ محفوظ ڪيو ويو آهي.
ورهاڱي کان اڳ ڪنھن مذهبي مت ڀيد کان قطع نظر مختلف پبلشرن سندس گهڻا ڪتاب ڇاپيا پر ورهاڱي کانپوء اها رفتار گهٽجي ويئي. اڃا بہ سندس گهڻا ڪتاب ڇپجي نہ سگهيا آهن.
”سائو پن يا ڪارو پنو“ سندن آتم ڪٿا آهي. هن ان جي شروعات ۾ ئي لکيو آهي تہ هو پنھنجي حياتي ۾ پنھنجي آتم ڪٿا لکڻ ۽ ان کي ڇپرائڻ جي حق ۾ نہ هو. هن اهو سمجهيو ٿي تہ اهڙي آتم ڪٿا هميشہ نامڪمل ئي رهي ٿي. ڇاڪاڻ تہ ماڻھو کي اها خبر نہ ٿي هجي تہ آتم ڪٿا لکڻ کانپوء زندگي ۾ ساڻس ڇا ٿيندو. سندس دوست ڀيرو مل مھرچند سندس زندگي جي ڪٿا لکي هئي ۽ ڪجهہ ٻين دوستن انگريزي ۽ سنڌي ۾ اهو ڪم ڪيو، پر هو انھن کي ان جي ڇپرائڻ جي اجازت ڏيڻ لاء تيار نہ هو.
دوستن جي گهڻي اصرار تي هو پنھنجي وفات کان ٻہ ٽي سال اڳ پاڻ پنھنجي آتم ڪٿا لکڻ تي راضي ٿيو هو، جيڪا سندس چوڻ موجب سندس خاندان جي ڀاتين ۽ ٻارن لاء هوندي. کين روزنامچي لکڻ جي عادت هوندي هئي. اها آتم ڪٿا 1965 ۾ سنڌي ادبي بورڊ پاران شائع ٿي ۽ ان وقت جي بورڊ جي سيڪريٽري محمد ابراهيم جويو جي هدايتن موجب سندن آتم ڪٿا لکڻ واري وقت ِء وفات جي وچ واري عرصي کي ان روزنامچي ذريعي پورو ڪيو ويو آهي.
مرزا صاحب جي خاندان جو تعلق جارجيا سان هو. ان وقت روس ۽ ايران ۾ جنگون ٿينديون رهنديون هيون. اهڙي ئي هڪ جنگ ۾ سندس ڏاڏو ۽ سندس ناني جو پيءُ مارجي ويا هئا ۽ سندن خاندان ايران ۾ رهڻ لڳو هو. ميرن جي دور ۾ سندس پيءُ ۽ نانو ايران مان سنڌ آيا. سندس پي شروع ۾ عيسائيت جو پوئلڳ هو ۽ پوء مير حڪمرانن جي صحبت ڪري، اسلام اختيار ڪيائين. پر مذهب جي معاملي ۾ هو گهڻو شدت پسند نہ هو ۽ گهڻي ڀاڱي صوفي خيالن جو هو. سندس پي پنھنجن ٻارن جي تعليم جي معاملي ۾ ڪا رعايت نہ ڪندو هو. انھن شروعاتي سنڌي ۽ انگريزي تعليم حيدرآباد جي اسڪولن ۾ حاصل ڪئي جيڪي ٽنڊي ٺوڙهي ۾ سندن گهر کان ڪجهہ فاصلي تي هئا ۽ هو روز پنھنجي نوڪر سان گڏجي پنڌ اتي ويندا هئا. جيتوڻيڪ انھن ننڍي هوندي پنھنجين شرارتن جو ذڪر ڪيو آهي پر سندن چوڻ آهي تہ کين گهر کان ٻاهر راند روند جو گهڻو شوق نہ هوندو هو ۽ هو ڦرهين وغيرہ تي ابتا سبتا ليڪا پائي وقت گذاريندا هئا. سندس ٻہ وڏا ڀائر بمبئي تائين تعليم حاصل ڪرڻ ويا ۽ هو پاڻ بہ ڪاليج جي تعليم حاصل ڪرڻ اتي ويو. هو پاڻ ۽ ان خاندان جا فرد عربي، فارسي، انگريزي ۽ سنڌي سميت مختلف ٻولين ۾ مھارت رکندا ۽ انھن ۾ خط و ڪتابت پڻ ڪندا هئا. ننڍي هوندي پيءُ جي وفات ڪري ماءُ گهر ۾ پورهيو ڪري گذربسر ڪيو ۽ پنھنجن ٻارن کي ڪنھن محرومي جو احساس ٿيڻ نہ ڏنو.
ءُپنھنجي ما جي وفات کانپوء جڏهين هو بمبئي موٽيو تہ بيماري جي ڪري لاڳيتو امتحان ۾ فيل ٿيندو رهيو ۽ پنھنجي تعليم جاري نہ رکي سگهيو. ڪجهہ عرصو حيدرآباد ۽ پوء ڪراچي ۾ پنھنجي ڀاء وٽ رهڻ لڳو. هن انگريزي ۽ فارسي ۾ شاعري ڪئي ۽ ڪراچي مان شائع ٿيندڙ اخبار سنڌ نيوز ۽ هڪ فارسي اخبار۾ سندس اها شاعري شائع ٿي. ڪجهہ عرصو هن اخبار سنڌ نيوز جو انتظام بہ سنڀاليو ۽ مضمون ۽ ايڊيٽوريل وغيرہ بہ لکيا. هتي حسن علي آفندي سان بہ سندس واسطو هو ۽ هن سنڌ مدرسي جي قيام ۾ بہ سندس هٿ ونڊايو. حب بلوچستان ۾ رهڻ دوران اتي سندس واسطو پٺاڻن سان پيو ۽ هن انھن جي صحبت ۾ پشتو سکي. ساڳي ريت نوڪري دوران جيڪب آباد ۾ هوندي انھن بلوچي سکي. کين موسيقي جو شوق هو. هو ڪافيون لکندا هئا ۽ نوڪري دوران جڏهين هو مختلف هنڌن تي دوري تي ويندا هئا تہ ڳائڻا گڏ هوندا هئا جيڪي اهي ڪافيون ڳائيندا هئا.
آتم ڪٿا مان ان ڳالھہ جي خبر پئي ٿي تہ مرزا صاحب ۽ سندن خاندان جيتوڻيڪ نماز، روزي ۽ ٻين مذهبي فرضن جي پابندي ڪندا هئا، پر ان سلسلي ۾ شدت پسند نہ هئا. پھرين ڳالھہ تہ مرزا صاحب جي جيڪي ويجها ماڻھو هئا ۽ جن مختلف موقعن تي سندن مدد پڻ ڪئي انھن ۾ گهڻائي هندن جي هئي. ٻي اهم ڳالھہ اها آهي تہ جڏهين سندن هڪ انگريز عورت سان محبت ٿي ۽ اها شادي ٻنھي ڌرين جي رضامندي سان طئي ٿي چڪي هئي تہ اهو بہ طئي ٿي چڪو هو تہ اهي رسمون اسلامي ۽ عيسائي ٻنھي طريقن سان ٿينديون. معاملو ان وقت خراب ٿيو جڏهين بشپ پاران گهوٽ جي ظاهري طور عيسائيت قبول ڪرڻ جو شرط رکيو ويو. پوء انھن جيڪا شادي ڪئي اها عورت هندوستاني ڳالھائيندي هئي ۽ ان جي لاء خاص طور اڙدو رسالا ۽ ڪتاب وغيرہ گهرائبا هئا. سندن چوڻ آهي تہ اها هندوستاني نموني جا کاڌا رڌيندي هئي ۽ سندس لباس يعني ساڙهي وغيرہ اسان جي گهر جي عورتن جو لباس بڻجي ويو. 1904 ۾ حيدرآباد ۾ پليگ جي وبا جي ڪري اها عورت گذاري ويئي. انھن ٻي شادي پنھنجي خاندان مان ڪئي تہ جيئن ٻارن جي سٺي نموني سنڀال ٿي سگهي. ڪجهہ عرصي کان پوء سندن اها زال بہ گذاري ويئي ۽ کين ٽين شادي ڪرڻي پيئي.
نوڪري ۾ هوندي هو رات جو پنھنجي لکڻ پڙهڻ جو ڪم ڪندا هئا. پنجونجاه سالن جي عمر ۾ نوڪري جا ٽيھہ سال پورا ڪري انھن رٽائرمنٽ ورتي تہ جيئن وڌ ۾ وڌ وقت پنھنجي لکڻ پڙهڻ کي ڏيئي سگهن. ان سان گڏوگڏ رٽائرمنٽ کانپوء سماجي سرگرمين ۾ پڻ مصروف هوندا هئا.
مرزا قليچ بيگ جون علمي ۽ ادبي خدمتون تہ پنھنجي جاء تي آهن ساڳي وقت انھن جي زندگي ڪنھن بہ قسم جي مذهبي ۽ ٻئي مت ڀيد کان مٿاھين هئي. سنڌ ۾ هڪ سيڪيولر شخص طور انھن کي هڪ مثال طور پيش ڪري سگهجي ٿو.

هڪ دور جي ڪٿا

قيد ڪھاڻي اشتياق انصاري جي 1976 ۾ جيل ياترا جي ڪٿا آهي. هو ان دور ۾ نواب شاه ۾ انجنيئرنگ ڪاليج جو شاگرد هو. هو تنظيمي طور ڪنھن بہ سياسي ڌر سان لاڳاپيل نہ هو ۽ سندس سڄي دلچسپي راندين سان هوندي هئي. ڪاليج جي چونڊن ۾ ووٽ دوستي ياري جي بنياد تي ڏبا هئا. هو ڪرڪيٽ جو هڪ سٺو رانديگر هو ۽ ساڳي وقت فوج ۾ پڻ ڪجهہ عرصي لاء خدمتون انجام ڏنيون هيون. سندس همدرديون جيئي سنڌ اسٽوڊينٽس فيڊريشن سان هيون. نوابشاه انجنيئرنگ ڪاليج ۾ اچڻ کانپوء هو شاگرد سياست ۾ وڌيڪ سرگرم ٿي ويو.
سندس چوڻ آهي تہ انجنيرنگ ڪاليج کي نوابشاه منتقل ڪرڻ جو هڪ ڪارڻ ڄامشورو ۾ موجود مختلف تعليمي ادارن جي شاگردن کي ورهائڻ ۽ سندن احتجاج جي طاقت کي ڪمزور ڪرڻ هو. هتي سندن مطالبا سياسي نہ بلڪ تعليم سان ئي لاڳاپيل هئا ۽ انھن ۾ اهم ڪاليج کي يونيورسٽي جو درجو ڏيڻ هو.
اهو پيپلزپارٽي جي پھرين حڪومت جو دور هو. پيپلز پارٽي جي شاگرد تنظيم سپاف ۽ جيئي سنڌ جي اها ڪوشش هئي تہ تعليمي ادارن تي سندن ضابطو هجي. ان هڪ پرتشدد ويڙه جي صورت اختيار ڪري ورتي هئي. ليکڪ جو چوڻ آهي تہ اهڙو وقت هوندو هو جو وٽس ٻہ ريوالور ساڻ هوندا هئا ۽ هو سمھڻ مھل پاڻ سان هٿيار رکندو هو. مخالف گروپ جي شاگردن کي مار ڏيڻ ۽ تشدد ڪرڻ هڪ عام ڳالھہ هئي. هو سنڌ يونيورسٽي ۾ ايندو ۽ هاسٽل ۾ پنھنجن دوستن وٽ رهندو هو. هو شاگردن جي مختلف گروپن ۾ ويڙه ۽ يوسف جکراڻي جي مھراڻ انجنيئرنگ ڪاليج جي پرنسپل اي ايف عباسي جي ڪار تي فائرنگ ۽ هاسٽل جي ڪجهہ شاگردن کي قتل ڪرڻ جو ذڪر ڪري ٿو. کيس ان ڳالھہ تي تشويش هئي تہ اهي جهيڙا اڳتي هلي قبائلي ۽ راڄوڻي جهيڙن جي صورت بہ اختيار ڪري سگهيا ٿي.
اهڙي ئي هڪ جهيڙي ۽ ڪاليج تي قبضي کانپوء ليکڪ سميت جيئي سنڌ سان لاڳاپيل ڪجهہ شاگردن کي گرفتار ڪري سنڌ جي مختلف جيلن ۾ رکيو ويو. جيل ۾ انھن کي بي ڪلاس ڏنو ويو هو ۽ ڪا مشقت وغيرہ نہ ورتي ويندي هئي ۽ نہ ئي ملاقات تي ڪا پابندي هئي. ٿورو وقت نوابشاه جيل ۾ رهڻ کانپوء انھن کي حيدرآباد جيل منتقل ڪيو ويو. حيدرآباد جيل ۾ ان وقت حيدرآباد سازش ڪيس جا قيدي ولي خان، غوث بّخش بزنجو، شيرمحمد مري ۽ عطاء ﷲ مينگل وغيرہ بہ قيد هئا پر ليکڪ ان ڳالھہ تي افسوس جو اظھار ڪري ٿو تہ انھن شاگرد هئڻ جي ناتي ساڻن ڪو رابطو نہ ڪيو. ڪجهہ وقت کانپوء انھن کي ڪراچي جيل منتقل ڪيو ويو. اتي ڪجهہ عرصو رهڻ کانپوء کين خيرپور جيل موڪليو ويو.
قيد جي ان عرصي دوران سندس عام قيدين کانسواء مختلف سياسي جماعتن جي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن سان پڻ واسطو پيو. ڪراچي جيل ۾ جنھن وارڊ ۾ هو هئا اتي نذير عباسي، ڊاڪٽراعزازنذير ۽ عبدالواحد آريسر پڻ قيد هئا. خيرپور جيل ۾ قيد جي آخري ڏينھن ۾ رسول بخش پليجو بہ سندن وارڊ ۾ هو. نظرياتي ۽ سياسي اختلافن هئڻ جي باوجود جيل ۾ سندن هڪ ٻئي سان تعلق سھڪار ۽ قرب وارو هو. هو ڊاڪٽر اعزاز نذير سان گڏ ورزش ڪندو هو ۽ سندس نظرياتي ڪلاس اٽينڊ ڪندو هو. ساڳي وقت هو آريسر جا سنڌ جي تاريخ تي ليڪچر پڻ ٻڌندو هو. هو پليجو جا آندل ڪتاب بہ پڙهندو هو ۽ سندس ڳالھيون بہ ٻڌندو هو. ساڳي وقت راند ۽ ڪاليج ۾ سندس دوستي غير سنڌي ڇوڪرن سان بہ رهي. هو انھن لاء نہ رڳو اهو تہ ڪنھن نسلي نفرت جو اظھار نہ ٿو ڪري، جيڪو ان وقت سنڌ جي سياست جو هڪ حاوي لاڙو هو پر هڪ اهڙي مھاجر شاگرد لاء همدردي جو اظھار ڪري ٿو جنھن کي سندن جهيڙي ۾ ٻانھن ۾ گولي لڳي هئي ۽ هو معذور ٿي ويو هو. ان وقت جي شاگرد سياست جي هڪ جذباتي ماحول ۾ اهڙا مثبت رويا واقعي ساراهڻ جوڳا آهن.
کيس پنھنجي خاندان ۽ خاص طور پنھنجي پي کان اخلاقي مدد ۽ همت افزائي ملندي رهي جيڪا سندس لاء جيل جي ڏکيائين کي برداشت ڪرڻ ۾ ڀرجهلو ثابت ٿي. کيس جيتوڻيڪ معافي وٺڻ تي آزاد ڪرڻ لاء چيو وڃي ٿو پر نہ تہ هو پاڻ ۽ نہ ئي سندس پي ان ڳالھہ لاء راضي ٿين ٿا.
جيتوڻيڪ ليکڪ جي گهڻي دلچسپي راندين ۽ شاگرد سياست سان رهي، پر ان ڊائري مان ان ڳالھہ جي خبر پئي ٿي تہ کيس پنھنجي گهر ۾ اهڙو ماحول مليو جنھن ۾ ڪتاب هئا ۽ ٻارن لاء ٻيا مختلف اڙدو ۽ انگريزي رسالا، جن ۾ ٽائيم ۽ لائف ميگزين وغيرہ بہ شامل هوندا هئا، ايندا هئا. ان مان عالمي سياست ۽ ادب متعلق هن گهڻو ڪجهہ پرايو. جيئي سنڌ جي هڪ اڳواڻ سان هن پنھنجي ملاقات جو حوالو ڏنو آهي، جنھن ۾ ان اڳواڻ ان ڳالھہ تي حيرت جو اظھار ڪيو تہ جيئي سنڌ ۾ اهڙا پڙهيل ڳڙهيل ۽ ميچوئر نوجوان بہ شامل آهن.
ڊائري ۾ اهي اشارا تہ ملن ٿا ليکڪ جو ڪنھن سان نينھن آهي پر ان جو کليل نموني اظھار نہ ٿو ڪري جيڪا گهٽتائي محسوس ٿئي ٿي.

ڪتابڙا

1953 ۽ 1954 ڌاري جڏهين غلام محمد سرڪار ون يونٽ جي سازش سٽڻ شروع ڪئي، تڏهين ڪراچي ۽ حيدرآباد جي نوجوانن هڪ تنظيم ٺاهي، جنھن جو نالو سنڌ يوٿ فرنٽ رکيو ويو هو. ان فرنٽ جو روح روان جناب ذوالفقار علي ڀٽو هو ۽ خاص اهم رڪنن ۾ مقبول ڀٽي، حفيظ لاکو، حفيظ قريشي، هادي بخش لاڙڪ، عبدالرحيم شيخ وغيرہ هئا. ان فرنٽ جي ئي هڪ حيدرآباد ۾ ڪوٺايل گڏجاڻي ۾ منھنجي مقبول سان ملاقات ٿي هئي. ان فرنٽ سڀني سياسي جماعتن ۽ فردن کي (ون يونٽ خلاف) رئيس ڀرڳڙي بنگلي تي ڪٺو ڪيو هو. ون يونٽ خلاف تحريڪ هلائڻ لاء هڪ متحدہ محاذ ٺاهڻ جو ادم ڪيو هو.ان ۾ ئي الوحيد، ڪاروان تي بندش وڌي ويئي، ڪا بہ اخبار سنڌ جو آواز اڀارڻ لاء ڪانہ رهي. ان نازڪ موقعن تي مقبول ڀٽي جي اخبار وطن حيدرآباد نہ رڳو سنڌ جي جذبات جي ترجماني ڪئي، پر مينھن واچوڙي جيان پکڙجي ويئي.
فرنٽ هونئن تہ ڪيترا ڪتابڙا ۽ هينڊ بل ڪڍيا پر ٽي پمفليٽ يا ڪتابڙا ان دور جي سنڌين جي جدوجھد جي انداز ۽ رخ جو آئينہ دار آهن. اهي آهن:
1) سنڌ يوٿ فرنٽ جو پڌرنامو،
2) ذوالفقار علي ڀٽو جو ڪتابڙو Federal Form of Government and Press oppose One Unit move to a man,
3) Sindh Unity its People
وطن اخبار ۽ اهي ڪتابڙا ون يونٽ خلاف سندس ڄمڻ کان اڳ هلايل تحريڪ جو مڪمل دستاويز آهن.
(ڪتاب جي جياريو جن، ليکڪ رشيد ڀٽي صفحو 179)

ڪراچي، سنڌي ادب ۽ ثقافت

انگريزن پاران ڪراچي کي سنڌ جي گادي جو هنڌ ڪرڻ ڪري شھر ۾ خاصيتي تبديليون واقع ٿيون. انتظامي ادارن قائم ٿيڻ سان گڏ تعليمي ادارا قائم ٿيا ۽ خاص طور هندو عاملن ۽ ڪجهہ مسلمان سنڌين نون موقعن ۽ نوڪرين جي ڳولھا ۾ شھر جو رخ ڪيو. ان جي نتيجي ۾ شھر ۾ ادبي ۽ ٿقافتي سرگرميون پڻ شروع ٿيون ۽ وقت سان گڏ انھن کي فروغ مليو. اهڙي ريت ڪراچي سان سنڌي اديبن جو ناتو ڪا هاڻوڪي يا نئين ڳالھہ ناهي. پر اهو ورهاڱي کان بہ گهڻو اڳ اٽڪل ڏيڍ سو سالن کان بہ وڌيڪ عرصي کان آهي. اهو نہ رڳو سنڌ جي گادي جو هنڌ، پر ادب، ثقافت ۽ سياست جو مرڪز پڻ ٿي ويو هو. سنڌي ادبي سنگت جو بنيادہ تي ئي پيو. سنگت جون ۽ ٻيون ادبي گڏجاڻيون جناح ڪورٽس ۽ ٻين مختلف جاين تي ٿينديون هيون. سنڌي ادبي بورڊ هن شھر ۾ قائم ٿيو ۽ پوء سياسي حالتن جي بدلجڻ جي ڪري اهو حيدرآباد منتقل ٿي ويو. حشو ڪيولراماڻي، گوبند مالھي، ڪيرت ٻاٻاڻي، سوڀو گيانچنداڻي شيخ اياز ۽ محمد ابراهيم جويو وغيرہ ادبي ۽ پورهيت تنظيمن ۽ سياسي تحريڪن جو حصو هوندا هئا. هتان الوحيد سميت گهڻيون سنڌي اخبارون ۽ رسالا شائع ٿيندا هئا.
ورهاڱي کانپوء اهو منظرنامو ڪنھن حد تائين تبديل ٿي ويو. ڪراچي هڪ سنڌي گهڻائي وارو شھر نہ رهيو. گهڻيون سنڌي اخبارون وغيرہ بند ٿي ويون. حشو، ڪيرت ٻاٻاڻي ۽ گوبند مالھي وغيرہ کي هتان زوري لڏڻ تي مجبور ڪيو ويو جڏهين تہ سوڀو گهڻي دٻاء ۽ قيد جي باوجود بہ هتان لڏڻ تي تيار نہ ٿيو. سوائي هڪ اڌ جي سنڌي اخبارن جي اشاعت ڪراچي مان بند ٿي ويئي. سنڌي ادبي سنگت جي سرگرمين ۾ پڻ ماٺار اچي ويئي.
ڪراچي کي پھرين وفاقي حڪومت ۽ سنڌ جو گڏيل گادي جو هنڌ ڪيو ويو پر پوء ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪري ان کي وفاق جي حوالي ڪيو ويو ۽ سنڌ جي گادي جو هنڌ حيدرآباد منتقل ٿي ويو. ڪجهہ عرصي کانپوء ون يونٽ ذريعي سنڌ جو وجود ئي ختم ٿي ويو. ان وقت هتي شھر ۾ تنويرعباسي، رشيد ڀٽي، اياز ۽ ابراهيم جويو جھڙا ليکڪ رهيل هئا. انھن جي لکڻين ۽ ياد گيرين مان اها خبر پئي ٿي تہ انھن پنھنجي ليکي پنھنجي لکڻين، مظاهرن ۽ مختلف سياسي جماعتن جي پليٽ فارم تان وال چاڪنگ ۽ ٻين مختلف ذريعن سان انھن قدمن جي مخالفت ڪئي. پر ڪجهہ عرصي کانپوء انھن مان گهڻا پنھنجن پنھنجن شھرن ڏانھن هليا ويا ۽ سنڌي اديبن جو خاص طور ادبي ۽ سياسي مرڪز ڪراچي کان حيدرآباد منتقل ٿي ويو. سائين اياز قادري جھڙا ڪجهہ اديب شھر ۾ رهجي ويا جيڪي ادبي ۽ تدريسي سرگرمين ۾ مصروف هوندا هئا. اهي ماڻھو شھر جي سنڌي نوجوانن لاء هڪ اتساه هوندا هئا ۽ انھن کي لطيف ڊي ۽ ٻين پروگرامن ۾ عزت ڏيئي گهرايو ويندو هو. دراصل انھن پروگرامن وغيرہ ڪرڻ جو مقصد اهو ئي هوندو هو تہ شھر ۾ پنھنجي موجودگي ۽ سڃاڻپ کي برقرار رکيو وڃي.
هتي ڪراچي ۾ جيڪي مقامي ادبي تنظيمون ۽ شخص هئا انھن ادبي سرگرمي تہ ڪئي ٿي پر ٻولي وغيرہ جي تحريڪ جي حوالي سان گهڻو سرگرم نہ هئا. ان حوالي سان ڪراچي جي سنڌي شاگردن جو هڪ ڪردار آهي جن سختين باوجود ريڊيو ۽ ٽي وي تي سنڌي پروگرامن کي وقت ڏيڻ لاء مظاهرا ۽ جلسا وغيرہ ڪيا.
ٻولي ادب ۽ ثقافت لاء سياسي حالتون هڪ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون. اها ڳالھہ سنڌ ۽ خاص طور ڪراچي جي حوالي سان ڪري سگهجي ٿي. ڪراچي جيڪو سنڌي ماڻھن ۽ خاص طور ليکڪن لاء هڪ اوپرو شھر بڻجي ويو هو، اتي ون يونٽ جي ختم ٿيڻ ۽ ڪراچي جي هڪ ڀيرو ٻيھر سنڌ جي گادي جي هنڌ ٿيڻ سان ٻولي ۽ ادب وغيرہ ۾ مثبت تبديلين جو عمل شروع ٿيو. سنڌ جي تاريخ ۽ ثقافت متعلق عالمي سطح جا سيمينار منعقد ڪيا ويا. قديم آثارن ۽ خاص طور موئن جو دڙو جي تحفظ جي حوالي سان مختلف قدم کنيا ويا. سنڌي اخبارن ۽ رسالن جي اجراء جو عمل شروع ٿيو. ڪراچي يونيورسٽي ۾ مختلف سنڌي اخبارن جي ايڊيٽرن جي سھڪار سان ڪجهہ دوستن ٻن ڏينھن جي سنڌي اخبارن جي نمائش جو انعقاد ڪيو تہ جيئن شاگردن کي اها ڄاڻ ملي تہ سنڌي صحافت جي پنھنجي هڪ تاريخ ۽ معيار آهي. سنڌي نوجوانن ۽ ليکڪن جي شھر سان اوپرائپ ختم ٿيڻ شروع ٿي. هڪ ڀيرو ٻيھر سنڌي ادبي سنگت سرگرم ٿي. خاص طور هلال پاڪستان جو ڪراچي مان جاري ٿيڻ ڄڻ شھر ۾ سنڌي صحافت جو Revival هو. ان خاص طور هتان جي مقامي سنڌين، جيڪي اڳ ڄڻ سنڌي ادب ۽ ثقافت وغيرہ کان ويڳاڻا هئا کي باقي سنڌ سان ڳنڍي ڇڏيو.
هن وقت خاص طور ادب ۽ ثقافت جي لحاظ کان سنڌي ماڻھن لاء ڪراچي هڪ اوپرو شھر ناهي.

ڪراچيءَ جي تاريخ

پروفيسر اعجاز قريشي سان منھنجي واقفيت اٽڪل چاليھہ سال پراڻي آهي. ان وقت آئون اسٽيٽ بينڪ ۾ هوس. سنڌ يونيورسٽي جي سنڌ اسٽڊي سينٽر، جنھن جو انچارج پروفيسر غلام حسين خاصخيلي هو، پاران سنڌ ۾ فروٽ فارمز تي اسٽڊي لاء اشتھار ڏنو ويو هو. مون کي جيئن تہ اڳ ۾ ئي سروي وغيرہ جو تجربو هو، ان ڪري مون بہ ان لاء اپلائي ڪيو. ڪجهہ وقت کانپوء منھنجي گهر اعجاز قريشي جو فون آيو تہ اوهان کي شارٽ لسٽ ڪيو ويو آهي ۽ اوهان فلاڻي ڏينھن ٽيسٽ ۽ انٽرويو لاء يونيورسٽي پھچو. ان کان هڪ ڏينھن اڳ صدر بوهري بازار وٽ بم جو ڌماڪو ٿيو هو جنھن ۾ ڪيترائي ماڻھو اجل جو شڪار ٿيا هئا ۽ شھر ۾ هڪ خوف ۽ هراس واري ڪيفيت هئي. بھرحال آئون اتي انٽرويو لاء پھتس. جيتوڻيڪ منھنجي ان اسٽڊي ۾ سليڪشن تہ نہ ٿي پر ان بھاني سنڌ يونيورسٽي ۽ اتان جي گهڻن ماڻھن سان تعارف ٿي ويو.
سنڌ جي حوالي سان اعجاز قريشي جو گهڻو ڪم ٿيل آهي. ون يونٽ تي سنڌي ۽ اردو ۾ سندس ڪتاب شائع ٿيا آهن، جڏهين تہ سنڌ جي معيشت تي هن ڪجهہ ٻين همراهن سان گڏجي ڪم ڪيو آهي. ڪراچي جي تاريخ تحقيق، ترجمو ۽ سھيڙ سندس تازو ڪتاب آهي. هن ڪتاب لاء هن مون کي بہ مضمون لکڻ لاء چيو هو جيڪو ڪتاب ۾ پيش لفظ طور شامل ڪيو ويو آهي.
ڪراچي جي تاريخ، معيشت، سياست ۽ بين مختلف پاسن تي ليکڪن گهڻو ڪجهہ لکيو آهي. هن ڪتاب جي ان لحاظ کان اهميت آهي تہ ان ۾ شھر تي لکيل گهڻي مواد کي گڏ ڪري هڪ جاء تي آندو ويو آهي. ان ۾ گهڻن ليکڪن جون لکڻيون شامل ڪيون ويون آهن.
خاص طور لاهري بندر جي ختم ٿيڻ جي ڪري ڪراچي جي اهميت وڌي. ان جو اثر اهو ٿيو تہ ٺٽو جيڪو سنڌ جي گادي جو هنڌ ۽ معاشي، سياسي ۽ ثقافتي لحاظ کان هڪ اهم شھر هو پنھنجي اهميت وڃائي ويٺو. انگريزن جي اچڻ کان اڳ ڪراچي جو سمنڊ رستي نار جي ملڪن سان واپار هوندو هو، جڏهين تہ هتان جا واپاري سلامتي جي لحاظ کان هندوستان سان واپارکان لھرائيندا هئا. ائين چوڻ غلط نہ ٿيندو تہ ڪراچي کي هڪ جديد شھر ٺاهڻ ۾ انگريزن جو وڏو ڪردار آهي. سنڌ جي گادي جو هنڌ حيدرآباد کان منتقل ڪري ڪراچي کي ڪيو ويو. هتي جديد تعليم جا مختلف ادارا ۽ ٻيون عمارتون تعمير ڪيون ويون. تعليم ۽ نوڪرين جي ڪري سنڌي هندن جو وڏو تعداد هتي منتقل ٿي ويو. بمبئي پزيڊينسي جي حصي هئڻ ڪري ڪڇ، گجرات ۽ ٻين علائقن جا گهڻا ماڻھو شھر ۾ اچي آباد ٿيا. اها واقعي حيرت جوڳي ڳالھہ آهي تہ واپار جي حوالي سان سنڌي هندو دنيا جي مختلف ملڪن ۾ ڦھليل هئا پر پنھنجي شھر ڪراچي جي واپار ۾ سندن نالي ماتر حصو هو ۽ هتان جي واپار تي گهڻي ڀاڱي مارواڙي، پارسي ۽ بمبئي پريزيڊينسي جي ٻين علائقن جا ماڻھو ڇانيل هئا.
ورهاڱي کان اڳ ڪراچي هڪ پرسڪون شھر هو. سڄي هندوستان ۾ احتجاج، جلسا ۽ جلوس ٿيندا هئا، پر ڪراچي ان لحاظ کان گهڻي ڀاڱي خاموش هوندو هو. ان ڪري ئي انگريز سرڪار پاران علي برادران جو مقدمو هن شھر جي خالقڏني هال ۾ هلائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. پر اها صورتحال نئين ملڪ جي ٺھڻ ۽ ڪراچي جي ان جي گادي جي هنڌ ٿيڻ کانپوء تبديل ٿي ويئي. وقت بوقت شھر جو اسٽيٽس تبديل ٿيندو رهيو ۽ شھر وقت گذرڻ سان گڏ ڄڻ افراتفري جو شڪار ٿي ويو. وفاق جي گادي جي هنڌ هئڻ وقت جتي شھر ۾ گهڻا ترقياتي ڪم ٿيا، اتي شھر جي آبادي ۽ معاش جي صورتحال پڻ بدلجي ويئي.
پھرئين مرحلي ۾ ورهاڱي جي لڏپلاڻ جي ڪري شھر ۾ سنڌي ٿورائي ۾ ٿي ويا جڏهين تہ شھر ۾ وڏي پئماني تي صنعتي ترقي جي عمل جي ڪري ملڪ جي اترين علائقن مان پورهيت وڏي پئماني تي هتي اچي آباد ٿيا. شھر ۾ خاص طور پٺاڻن جي آبادي جو اندازو ان ڳالھہ مان لڳائي سگهجي ٿو تہ ڪراچي ۾ پشاور، جيڪو پٺاڻن جو پنھنجو شھر ۽ خيبر پختون خواه جي گادي جو هنڌ آهي، کان وڌيڪ پٺاڻ رهن ٿا. جيستائين ڪراچي ملڪ جي گادي جو هنڌ هو، تيسين هتي ترقياتي ڪم جاري رهيا، پر گادي جي هنڌ اسلام آباد منتقل ٿيڻ ۽ پوء ون يونٽ جي حصي هئڻ ڪري شھر ڄڻ تہ لاتعلقي جو شڪار ٿي ويو. هن وقت جيتوڻيڪ اهو سنڌ جي گادي جو هنڌ آهي، پر شھر جو بنيادي ڍانچو زبون حالت ۾ آهي. مختلف سياسي جماعتن جي ڪارڪنن، سرڪاري اهلڪارن ۽ لينڊ مافيا جو اهم ڪم شھر جي زمينن تي مختلف طريقن سان قبضا ڪرڻ رهيو آهي. شھر جي ڀلائي جو اونو ڪنھن کي ناهي.
ڪراچي جي تاريخ جي حوالي سان هي هڪ اهم ڪتاب آهي. اهو انھن ماڻھن جي معلومات ۾ واڌارو ڪندو جن جو اهو چوڻ آهي تہ ڪراچي جي ڪا تاريخ ناهي. هڪ لحاظ کان اهو ڄڻ هڪ دستاويز آهي جيڪو ڪراچي تي تحقيق ڪندڙن لاء گهڻو مددگار ثابت ٿيندو.

ڪرشن کٽواڻي، سوڀو ۽ سنڌ

ڪرشن کٽواڻي هند جي سنڌي ادب جو هڪ اهم نالو آهي. ناول، ڪھاڻي، ڊرامن ۽ شاعري وغيرہ جي حوالي سان سندس گهڻو ڪم ٿيل آهي. سندس پھريون ڪتاب پندرنھن سالن جي عمر ۾ ڇپيو جيڪو جلد ئي کپي ويو.
ليکڪ جو چوڻ آهي تہ ننڍي هوندي مون تي ٽيگور، ڪيٽس ۽ شيلي جو گهڻو اثر هو. پھريان ٽي ناول هن پنھنجي يادگيرين کان مڪت ٿيڻ لاء لکيا، جڏهين تہ ٻين ۾ شانتي نڪيتن ۽ ڀارت جي مختلف علائقن جي ڪيل دورن جون يادگيريون آهن. سنڌ جي يادگيرين متعلق سندس ناول منھنجي مٺڙي سنڌ خاص طور سنڌ ۾ گهڻو مقبول ٿيو. ڪتاب هن پار مان هن پار تون ۾ سندس ڪھاڻين، شاعري مضمونن ۽ آتم ڪٿا وغيرہ جون ڪجهہ جهلڪيون ملن ٿيون.
هن چار سال شانتي نڪيتن ۾ گذاريا. ورهاڱي وقت کيس اتي اڃا ٻہ سال ٿيا هئا ۽ هو سنڌ ۾ ويڪيشن تي آيل هو. هتي پاڪستان ٺھڻ وقت جناح جي تقرير ٻڌڻ کانپوء هو 16 آگسٽ 1947 تي شانتي نڪيتن لاء روانو ٿي ويو. سندس چوڻ آهي تہ جڏهين هن ٿر جي سرحد پار ڪئي تہ کيس اهو خيال آيو تہ هو شايد وري سنڌ موٽي نہ اچي سگهي. ڪلڪتي ۾ ڀارتيہ وشيہ پاران مليل ايوارڊ وقت هن چيو تہ بنگال سندس ٻيو گهر آهي. سندس گهر وارا سنڌ ڇڏڻ کانپوء راجستان ۾ هڪ جهوپڙي نما گهر مسواڙ تي وٺي اچي رهيا هئا.
هو سنڌ ۾ سوڀو گيانچنداڻي جي وڌيڪ ويجهو رهيو آهي. هو ڪراچي ۾ لائيٽ هائوس جي ويجهو ڪميونسٽ پارٽي جي آفيس ۾ سوڀي سان ڪچھري وغيرہ لا ويندو هو جتي سندس ملاقات ڪامريڊ بخاري سان بہ ٿيندي هئي. سوڀو کيس مختلف ڪتاب پڙهڻ لاء ڏيندو هو ۽ کيس چوندو هو تہ ناول خاص طور زندگي کي سمجهڻ ۾ مدد ڪندا آهن. سوڀو ان وقت جيل مان نڪرڻ کانپوء جڏهين سنڌ جي مختلف علائقن جي دوري تي ويو تہ کيس بہ پاڻ سان گڏ وٺي ويو. سوڀي کيس وشوا ڀارتي شانتي نڪيتن ۾ داخل ڪرايو، جتي هن چار سال گذاريا. جڏهين هو اسي جي ڏهاڪي ۾ سگا پاران ٿيل سچل ڪانفرنس ۾ شرڪت لاء سنڌ آيو هو تہ هن هند جي ٻين سنڌي اديبن سان گڏ ڪجهہ وقت سوڀي سان سندس ڳوٺ ۾ گذاريو هو. سوڀي سان ايتري قربت جي باوجود هن ڪتاب مان اهڙو ڪو اشارو نہ ٿو ملي تہ سندس ڪميونسٽ پارٽي سان ڪو لاڳاپو هو يا هو ان جي نظرئي کان متاثر هو. هن مجموعي ۾ سوڀو گيانچنداڻي هڪ انسان جي عنوان سان هڪ مضمون آهي جنھن ۾ هن انھن سڀني ڳالھين جا تفصيل ڏنا آهن ۽ سوڀي کي خراج پيش ڪيو آهي. هڪ لحاظ کان سوڀو ڄڻ سندس آدرش رهيو آهي.
هن مجموعي ۾ ٻارنھن ڪھاڻيون شامل آهن. انھن ڪھاڻين ۾ پيار ۽ وڇوڙي جا احساس آهن. انھن مان اهو اندازو پڻ ٿئي ٿو تہ ورهاڱي جي نتيجي ۾ خاص طور هند جي سنڌين جي نئين نسل کي جيڪو ماحول مليو آهي ان جي ڪري سندن خاص طور سنڌي ٻولي ڏانھن ڪھڙو رويو آهي ۽ ان جي هندوستان ۾ ڇا صورتحال آهي. سندس ڪھاڻين ۾ سمنڊ ۽ ان سان قربت جو گهڻو ذڪر ملي ٿو. ڪھاڻي هڪ ننڍڙي مرڪ جيان ننڍا ننڍا احساس سندس ڪھاڻين کي اندر کي ڇھندڙ ٺاهين ٿا. ڪھاڻي اڪيلي هڪ اهڙي آرٽسٽ ڇوڪري جي ڪھاڻي آهي، جيڪا پنھنجي پريوار وارن سان نہ ٿي هلي سگهي ۽ اڪيلي رهڻ ۾ ئي کيس سڪون ملي ٿو. سمنڊ ڪناري، ماستر صاحب. هڪ سنڌي جي آتم ڪھاڻي ۾ هن اهڙا ڪردار پيش ڪيا آهن جيڪي ورهاڱي جي ڪري آيل تبديلين جي ڪري تبديل ٿي ويا آهن يا جن کي انھن تبديلين متاثر ڪيو آهي. سمنڊ ڪناري هڪ اهڙي سنڌي خاندان جي ڪھاڻي آهي جنھن جي ڇوڪرين ڪانوينٽ ۾ تعليم حاصل ڪئي آهي ۽ انھن جو سنڌي ٻولي ۽ ثقافت سان ڪو واسطو ناهي. انھن مان هڪ ڇوڪري کي هو ڀٽائي سمجهائي ۽ پڙهائي ٿو. ماستر صاحب سنڌي جي هڪ اهڙي استاد جي ڪھاڻي آهي جنھن کي اسڪول ۾ سنڌي پڙهندڙ ٻارن جي گهٽجندڙ تعداد جي ڪري ننڍين ڪلاسن کي هندي پڙهائڻ لاء چيو وڃي ٿو ۽ سندس پگهار بہ گهٽائي وڃي ٿي. ٻن سڀيتائن ۾ پلي آمريڪا ۾ رهندڙ هڪ اهڙي ڇوڪري جي ڪھاڻي آهي، جنھن جي شادي هندوستان جي آمريڪا ۾ رهندڙ هڪ هندو خاندان ۾ ٿئي ٿي پر اهي ان مان هندوستان جي روايتي طور طريقن مطابق هلڻ جي توقع رکن ٿا. پر آمريڪا ۾ نپني وڏي ٿيڻ جي ڪري اها انھن جي معيارن تي پوري نہ ٿي لھي ۽ نتيجو عليحدگي جي صورت ۾ نڪري ٿو.
ليکڪ جا مختلف شوق ۽ مصروفيتون رهيون آهن. لکڻ ۽ پڙهڻ سان گڏوگڏ کيس موسيقي ٻڌڻ جو شوق آهي. ان ۾ اولھہ جي موسيقي ۽ هندوستان جي ڪلاسيڪي موسيقي شامل آهن. لطيف ۽ سندس شاعري ڄڻ تہ سندس شخصيت جو حصو آهن جنھن جو هو مختلف موقعن تي ذڪر ڪري ٿو. پنھنجي شروعاتي دور ۾ هن مصوري جي تربيت پڻ حاصل ڪئي هئي.
هندوستان جي سنڌي ليکڪن ۽ سنڌ جي سنڌي ليکڪن ۾ فرق متعلق هو لکي ٿو تہ هندوستان جي سنڌي ليکڪن ۽ سنڌ جي سنڌي ليکڪن ۾ هڪ وڏو فرق آهي. اسين هن ڀر جا سنڌي ليکڪ وشو ساهتيہ جون ڳالھيون ڪندا آهيون ۽ هر وشيہ تي لکندا آهيون ( شايد سنڌين جي زندگي ۽ سندن مسئلن کي ڇڏي) پر سنڌ ۾ مون کي ليکڪن ٻڌايو تہ جو سنڌ جو سنڌي ليکڪ سنڌين جي هن جياپي جي لڙائي لاء نہ ٿو لکي، اهو اسان لاء ليکڪ ئي ناهي.
ڪرشن کٽواڻي هڪ گهڻ پاسائتو سنڌ دوست ليکڪ آهي جنھن جون لکڻيون پڙهندڙ جي احساسن ۽ جذبن ۾ نرمي ۽ مھذب پڻو پيدا ڪن ٿيون ۽ ڀارت لڏي ويل سنڌين ۽ خاص طور نئين نسل جي پنھنجي ٻولي ۽ ثقافت ڏانھن روين کي سمجهڻ ۾ مدد ڪن ٿيون.

انور پيرزادو: هڪ سنڌ دوست ليکڪ

انور پيرزادو اهڙي شخصيت آهي، جنھن ۾ شاعري، تاريخ، آرڪيالوجي، صحافت ۽ ثقافت سڀ شيون گڏ ٿي ويون آهن. هو گهڻن صوفين وانگر اهڙي بيچين روح هو، جيڪو سڄي عمر غيرمطمئن ۽ اڻ ڄاتل جي ڳولھا ۾ رهيو. انور جي ڳولھا ۽ جستجو هڪ عام محقق، ليکڪ ۽ صحافي جي نہ پر هڪ عاشق جي آهي، جيڪو پنھنجو اظھار شاعري، صحافت ۽ ايستائين تہ تحقيق ۾ بہ ڪري ٿو. اهڙو عاشق جنھن کي هر شي ۾ پنھنجو محبوب ٿو نظر اچي ۽ اهو محبوب ڪو خاص شخص نہ پر سندس خوابن جي سرزمين مادر وطن سنڌ ۽ ان جا ماڻھو آهن. ان مقصد لاء هن سڄي زندگي مختلف محاذن تي جدوجھد ڪئي ۽ گهڻو سفر ڪيو، جيڪو هڪ اهڙي ماڻھو لاء جيڪو شھري زندگي ۽ خاص طور وچولي طبقي جي آرام دہ زندگي جو عادي هجي ممڪن ناهي. ڀٽائي جي هڪ پوئلڳ ۽ شاگرد هئڻ جي ناتي سنڌ سان سندس پيار جو مطلب ٻين سان نفرت ۽ ڪروڌ نہ، پر هن دنيا جي سڀني پيڙهيل ۽ مظلوم ماڻھن لاء نيڪ خواهشون هيون. جيترو آئون کانئس واقف آهيان، اهو چئي سگهان ٿو تہ هو اهڙو شخص هو جنھن جي منزل، جيڪا سندس لاء هڪ ننڍي ۽ معمولي شي هئي ۽ جيڪا گهڻن وڏن ماڻھن لاء هڪ سراب هوندي آهي، تي پھچڻ ۾ يقين نہ هو پر لاڳيتو هلندو رهڻ ۽ منزل کي رڳو ٿڪ ڀڃڻ جي هڪ عارضي جاء سمجهڻ هو. هو اهڙو شخص هو جنھن ڊگهي عرصي لاء آرام ڪرڻ ۾ يقين نہ ٿي رکيو. سندس لاء آرام بہ بس هلندو رهڻ هو. جيتوڻيڪ هن جن شعبن ڪم ڪيو، انھن جي صورتحال ڪافي مايوس ڪندڙ هئي پر هن کي هر شي ۾ اميد جو ڪرڻو نظر ٿي آيو. هن سمجهيو ٿي تہ جيڪڏهين حال چڱو ناهي تہ سنڌ جو ماضي شاندار هو جيڪو هڪ روشن آئندي جي بنياد ٿي سگهي ٿو.
ڇا انور کي اسان هڪ رولاڪ چئي سگهون ٿا. ننڍي کنڊ ۽ سنڌ ۾ جوڳين ۽ ساڌوئن جي روايت آهي جيڪي هڪ هنڌ ٽڪاء ڪري نہ ويٺا آهن. انور ڀٽائي جو پوئلڳ هو جنھن جوڳين سان گڏ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙچ جو سفر ڪيو ۽ نہ رڳو پنھنجي وطن جي سرزمين ۽ اتان جي ماڻھن پر پکين، جانورن، ٻوٽن ۽ گهڻين اهڙين شين کي ريڪارڊ تي آندو آهي، جيڪي ٻي صورت ۾ گم ٿي وڃن ها. انور بہ گهڻو سفر ڪيو. سندس پرڏيھہ جي سفر کي هڪ پاسي رکي اهو چئي سگهجي ٿو تہ هن سنڌ جي جهنگلن، جبلن، ساحلي علائقن، ٿر ۽ اٽڪ کان ڪيٽي بندر تائين سنڌو ۾ سفر ڪرڻ سميت اٽڪل سڄي سنڌ جو سفر ڪيو.
انور گهڻين صلاحيتن وارو شخص هو جنھن کي زندگي هڪ آرام دہ زندگي گذارڻ جا گهڻا موقعا فراهم ڪيا. پر هن ان کي قبول نہ ڪيو ۽ ان جي بجائي ان ڳالھہ کي سمجهندي تہ ان جي هڪ قيمت آهي جيڪا هو ادا ڪرڻ لاء تيار هو، پنھنجي چونڊ ڪئي. جيئن گلاب جي چوڌاري ڪنڊا هوندا آهن ائين ئي پنھنجي مرضي سان زندگي گذارڻ جا پنھنجا انعام، مزا ۽ ڏکيائيون هونديون آهن. انور هڪ شاعر هو. هن جيتوڻيڪ هڪ ڊگهي عرصي تائين شاعري نہ ڪئي، پر هو پوء بہ هڪ شاعر هو. ڇاڪاڻ تہ هن جيڪو نثر لکيو پوء ڀلي اهو صحافت هجي، تاريخ هجي يا آرڪيالوجي هجي ان جو اظھار شاعراڻو هو. اهڙي دور ۾ جڏهين هر ڪو ڪجهہ ڪرڻ کانسواء پبلسٽي جي پويان هجي، هي اهڙو شخص هو، جنھن جو ان ڳالھہ ۾ يقين نہ هو. هن جي لاء ليکڪ جو ڪم لکڻ جڏهين تہ ان جي اشاعت پبلشرن جو ڪم آهي. اهڙي ريت هن ان ڳالھہ جو فڪر ڪرڻ کانسواء تہ آيا سندس لکڻيون ڪتابي صورت ۾ ڇپجن ٿيون يا نہ لاڳيتو لکيندو رهيو. ان ڪري سندس حياتي ۾ رڳو سندس هڪ شاعري جو ڪتاب ڇپجي سگهيو.
هن ڪتاب،Cultural Heritage of Sindh ، ۾ سنڌ سان لاڳاپيل مختلف بزرگن جي درگاهن تي لڳل ميلن، قلعن، جبلن، دريائن، ڊيلٽا، دستڪاري، تاريخ ۽ آثار قديمہ سميت گهڻيون شيون شامل آهن. انھن مان ڪجهہ مضمون ان تحقيقي ڪم جو حصو آهن، جنھن ۾ هن بھرو ورتو جڏهين تہ گهڻا مضمون سندس صحافتي ڪم جي حوالي سان مختلف اخبارن ۾ شائع ٿيا آهن. انور انھن سنڌي صحافين مان هو جن سنڌ سان لاڳاپيل شين کي فاصلي تي بيھي نہ ڏٺو ۽ انھن کي رپورٽ ڪيو. اهي سندس لاء خاص اهميت جون حامل هيون. گهڻو ڪري اخبارون انھن شين کي رپورٽ نہ ڪنديون هيون. ڇاڪاڻ تہ انھن جي ليکي انھن جي خبر جي نڪتہ نظر سان ڪا اهميت نہ هئي. اهڙي ريت اهي جيڪي سفر نہ ٿا ڪن ۽ اخبارن کانسواء ٻيو ڪجهہ نہ ٿا پڙهن پنھنجي ملڪ جي تاريخ، ڪلچر ۽ جاگرافي وغيرہ جي اهم پاسن کان اڻڄاڻ رهن ٿا. اها ڳالھہ پڻ انھن مضمونن جي اهميت کي وڌائي ٿي. ساڳي وقت ليکڪ جي انھن شين ۾ شموليت ۽ جانبداري پڻ انھن ۾ ظاهر ٿئي ٿي. هن رڳو شين کي رپورٽ ناهي ڪيو، پر اهو ٻڌايو آهي تہ انھن جي لاء ڇا ڪرڻ گهرجي. جيتوڻيڪ هن مختلف آثارن کي محفوظ ڪرڻ متعلق حڪومت جي لاتعلقي متعلق پنھنجي تشويش جو اظھار ڪيو آهي، پر سندس گهڻي تشويش موئن جو دڙو متعلق آهي، جيڪو سم جي پاڻي ۾ ٻڏي رهيو آهي ۽ ڪلر ان کي کائي رهيو آهي. ان جو مک ڪارڻ ان جي تحفظ لاء قائم ڪيل اٿارٽي کي ختم ڪرڻ، ٽيوب ويلن جو ڪم نہ ڪرڻ ۽ ان لاء مخصوص ڪيل رقم جو وفاقي آرڪيالوجيڪل کاتي جي اڪائونٽ ۾ پيل هئڻ آهي. اها ڳالھہ سندس لاء ان ڪري اهم آهي تہ هو نہ رڳو موئن جو دڙو جي ويجهو رهندو هو پر هن موئن جو دڙو تي ڪم ڪندڙ مختلف مقامي ۽ پرڏيھي ماهرن سان گڏ ڪم بہ ڪيو هو. اها واقعي صدمو پھچائيندڙ ڳالھہ آهي جڏهين هو اهو چئي ٿو تہ سنڌ جي ان املھہ هيري کي تباه ڪرڻ جي بجائي ان کي دفن ڪري ڇڏيو ۽ اسان کي اسان جو اهو موئن جو دڙو واپس ڏيو، جيڪو جان مارشل جي کوٽائي کان اڳ هو.
هو اسان کي سنڌ جي جبلن متعلق ڪارائتي ڄاڻ ڏئي ٿو جنھن ۾ اتي رهندڙ ماڻھن جي زندگي جا مختلف پاسا، جبلن جي مختلف بزرگن جي مزارن تي ٿيندڙ ميلا ۽ جابلو درياه وعيره شامل آهن. شھرن ۽ تھذيب جي اچڻ کان اڳ ماڻھو جبلن ۾ غارن رهندا هئا، جنھن سان سنڌ جي تاريخ کان اڳ جي زندگي جي ڄاڻ ملي ٿي. ڊيلٽا جي زندگي تي مختلف مضمون ان ڳالھہ جي ڄاڻ ڏين ٿا تہ ڪيئن اها مٺي پاڻي جي اڻاٺ ۽ سمنڊ جي نفوذ جي ڪري تباه ٿي ويئي آهي.
جيتوڻيڪ ڪتاب ۾ ڏنل ڪجهہ معلومات جي ممڪن آهي تہ پڙهندڙ کي اڳ ڄاڻ هجي پر ان ۾ گهڻو ڪجهہ اوريجنل آهي ۽ عام پڙهندڙ جي ڄاڻ ۾ واڌاري جو باعث بڻجي سگهي ٿو. هن ڪتاب جي اهو سمجهن ۾ بہ اهميت آهي تہ سنڌ جي تاريخ جا گهڻا مسئلا اڃا اڻ نبيريل آهن ۽ اهي پڙهيل ڳڙهيل ماڻھن ۽ حڪومت کان اڃا وڌيڪ توجھہ جي گهر ڪن ٿا.
جيئن شھرن جي واڌ ۽ ترقي ٿي آهي ۽ نوان هنر ۽ ڪم متعارف ٿيا آهن تيئن پراڻا هنر ۽ پيشا غائب ٿي ويا آهن، جيڪا ڳالھہ ڪاشي، اجرڪ ۽ سنڌ جي ٻين روايتي هنرن جي پوئتي پوڻ مان ظاهر آهي. انھن پيشن ۽ هنرن جي باقي ۽ محفوظ هئڻ لاء سرڪاري مدد جي ضرورت آهي، جنھن ڳالھہ ڏانھن ليکڪ بجا طور نشاندہي ڪئي آهي.
اهو چئي سگهجي ٿو تہ اهي مضمون سنڌ جي مختلف پاسن جون جهلڪيون آهن جيڪي آئندہ جي محققن لاء ان سلسلي ۾ وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي راه هموار ڪن ٿيون.
(هي مضمون انور پيرزادو جي ڪتاب Cultural Heritage of Sindh جو مھاڳ آهي)

بي وطن ماڻھن جو الميو

غسان ڪنفاني هڪ فلسطيني ليکڪ آهي. هو 1936 ۾ عڪرہ جي شھر ۾ پيدا ٿيو. دير ياسين جي واقعي ۽ يھودين جي سندس شھر عڪرہ تي قبضي کانپوء کيس ٻارنھن سالن جي عمر۾ نارنگين جي ديس مان لڏي پھرين لبنان ۽ پوء شام وڃڻو پيو. هڪ سکئي خاندان سان واسطو هئڻ ڪري سندس ابتدائي تعليم فرينچ مشنيري اسڪول ۾ فرانسيسي ۾ ٿي هئي. سندس چوڻ هو تہ کيس عربي تي عربن جيان عبور حاصل نہ هو، پر پوء پنھنجي ڪوششن سان هن ان گهٽتائي کي پورو ڪيو. گهڻن فلسطيني مھاجرن وانگر هن سمجهيو ٿي تہ سندن اها جلاوطني ٿوري عرصي ۽ وڌ ۾ وڌ هڪ سال لاء هوندي ۽ هو وري فلسطين موٽي ويندو. پر ائين نہ ٿيو ۽ مھاجر ڪئمپن ۾ رهندي هو فلسطيني ڪاز سان لاڳاپجي ويو.
دمشق يونيورسٽي ۾ هن عربي ادب ۾ داخلا ورتي هئي. هتي ئي سندس ملاقات پي ايف ايل پي جي جارج حباش سان ٿي. ڪجهہ عرصو هن ڪويت، جتي گهڻا فلسطيني رهندا هئا، پنھنجي ڀاء ۽ ڀيڻ وٽ گذاريو. هو هڪ صحافي طور گهڻين اخبارن سان لاڳاپيل رهيو ۽ پي ايف ايل پي جي اخبار الحريت جو ايڊيٽر پڻ رهيو.
1964 ۾ پي ايل او جو قيام فلسطينين جي جدوجھد جي هڪ نئين مرحلي جي شروعات هئي. ساڳي ريت 1967 جي عرب اسرائيل جنگ ۾ عربن جي شڪست غسان ڪنفاني سميت گهڻن فلسطينين لاء مايوسي جو باعث هئي. پر ڪنفاني هڪ اميد پرست شخص هو. شديد ذيابيطس جو مريض هئڻ جي باوجود هو انسولين جون سيون پاڻ پاڻ کي هڻندو هو ۽ بيماري کي پاڻ تي حاوي ٿيڻ نہ ڏيندو هو. 1972 ۾ هو پنھنجي ڀاڻيجي سان گڏ بيروت ۾ هڪ ڪار بم ۾ مارجي ويو. چيو وڃي ٿو تہ اهو اسرائيل تل ابيب ايئرپورٽ تي ريڊ بريگيڊ جي حملي، جنھن جي ذميواري پي ايف ايل پي قبول ڪئي هئي، جي جواب ۾ ڪيو هو.
فلسطيني مسلم ۽ عرب قوم جو حصو هئڻ جي باوجود پنھنجي سڃاڻپ جي ڳولھا ۾ هوندا آهن. کين هر وقت اهو ڊپ هوندو آهي تہ اهي هڪ قوم جي حيثيت ۾ ختم نہ ٿي وڃن. فلسطيني دانشورايڊورڊ سعد جي چوڻ موجب اهي ڪافڪا جي ڪھاڻين جا اهڙا ڪردار آهن، جيڪي هاڻي موجود آهن ۽ هاڻي غائب ٿي ويا آهن. ان جو بنيادي ڪارڻ سندن پنھنجي وطن ۽ سرزمين کان محروم ٿيڻ آهي. ان سلسلي ۾ هن ايمل حبيبي، جيڪو ويھہ سالن تائين اسرائيلي پارليمينٽ جو رڪن رهيو، جي ڪھاڻي سعد ابي نحس متشائل جي گمشدگي متعلق عجيب و غريب حقيقتون ۽ محمود درويش جي نظم سڃاڻپ ڪارڊ جو ذڪر ڪيو آهي.
ڪنفاني جي ناول Men in the Sun جنھن جو اڙدو ۾ ترجمو دھوپ مين لوگ جي عنوان سان شاهد حميد ڪيو آهي، کي بہ ان زمري ۾ شامل ڪري سگهجي ٿو. هن ناول ۾ ٽي اهڙا ڪردار آهن جيڪي مھاجرڪيمپن جي زندگي، معاشي بدحالي ۽ بيروزگاري وغيرہ مان تنگ ٿي غيرقانوني طور عراق مان ڪويت وڃڻ چاهين ٿا.
ناول جا ٽي اهم ڪردار آهن. ابوقيس، اسد ۽ مروان. اهي ٽيئي فلسطيني مھاجر آهن ۽ حالتن کين متاثر ڪيو آهي. ابوقيس جي خراب معاشي حالت کي ڏسندي سندس دوست. جيڪو ڪويت ۾ نوڪري ڪري ٿو، کيس ڪويت وڃڻ جي صلاح ڏئي ٿو. سندس زال بہ کيس چئي ٿي تہ کيس انتظار ڪندي ڏه سال ٿي ويا آهن، آخر ڪيستائين هو واپس وڃڻ ۽ پنھنجي زيتون جي وڻن جي واپسي جو انتظار ڪندو رهندو. هو چئي ٿو تہ ڇا ڪويت وڃڻ سان هو پنھنجي پٽ کي پڙهائي سگهندو، گهر ٺھرائي سگهندو ۽ زيتون جا ٻہ وڻ بہ خريد ڪري سگهندو. سندس زال هاڪار ۾ جواب ڏئي ٿي. اهڙي ريت هو بصرہ پھچي ٿو. اسد هڪ نوجوان آهي، جيڪو فلسطيني مزاحمت جو حصو رهيو آهي. جڏهين گرفتاري کانپوء اسرائيلي فوجين پاران سندس تذليل ڪئي وڃي ٿي ۽ کيس هڪ اسرائيلي فوجي جي حوالي ڪيو وڃي ٿو تہ اهو فوجي چپن ۾ ڀڻڪي ٿو تہ وردي پھرائي ڪھڙي نہ ڪني ڪم تي اسان کي لڳايو ويو آهي. هو اتان ڀڄي نڪري ٿو. کيس سندس چاچو ڪويت وڃڻ لاء ان اميد تي قرض ڏئي ٿو تہ هو واپسي تي سندس ڌي ندا سان شادي ڪندو. مروان کي سندس پي جي ٻي شادي ڪرڻ ۽ ڀاء پاران ڪويت مان پئسا موڪلڻ بند ڪرڻ جي ڪري پڙهائي اڌوري ڇڏي ڪمائڻ لاء ڪويت ڏانھن نڪرڻو پئي ٿو.
اهي ٽيئي بصره ۾ غير قانوني طور ڪويت موڪليندڙ ايجنٽ سان پئسن تي نہ ٿا ٺھن. کين ابوالخيزان نالي هڪ شخص ملي ٿو جنھن کي پنھنجي مالڪ جي گاڏي ڪويت کڻي وڃڻي هجي ٿي. ڪجهہ پئسن خاطر هو انھن ٽنھي کي بہ وٺي وڃڻ لاء تيار ٿئي ٿو. ابوالخيزان اهڙو شخص آهي جنھن جي مردانا صلاحيت بارودي سرنگ جي ڌماڪي جو شڪار ٿيڻ ڪري ختم ٿي چڪي هئي. هو انھن ٽنھي کي ٻڌائي ٿو تہ واٽ تي محافظن جي چوڪين کان بچڻ لاء کين ٻہ ڀيرا ڇھن ڇھن منٽن لاء گاڏي ۾ رکيل پاڻي جي خالي ٽينڪ ۾ لڪڻو پوندو. ريگستان ۾ سخت قسم جي اس ۽ گرمي هجي ٿي. ابوالخيزان کين ٻڌايو تہ رات جو ٿڌ ۾ ان ڪري سفر نہ ڪيو جو ان وقت محافظن جو گشت گهنو هوندو آهي ۽ اهڙي ريت پڪڙجي پوڻ جو امڪان بہ گهڻو هوندو آهي. پھرين چوڪي وٽ جڏهين ڇھن منٽن لاء کين ٽينڪ جي اندر رهڻو پئي ٿو تہ سندن حالت خراب ٿي وڃي ٿي. پر ٻي چوڪي وٽ ابوالخيزان کي محافظن کي منھن ڏيندي گهڻو وقت لڳي وڃي ٿو ۽ هو جڏهين موٽي ٿو تہ انھن ٽنھي کي مئل حالت ۾ ڏسي ٿو. هو اونداهي رات ۾ ٿڪل هئڻ ڪري کين دفن ڪرڻ بجائي ڪچري جي ڍير تي ڦٽو ڪري ٿو تہ صبوح کين ڪو هتان کڻي ويندو.
بھرحال هڪ سوال کيس پريشان ڪندو رهي ٿو تہ انھن ٽنھي ڪو آواز ڇو نہ ڏنو ۽ ٽينڪ کي کڙڪايو ڇو نہ. شايد ان ڪري تہ ڪير ٻڌي نہ وٺي. اهو سوال ئي فلسطينين لاء اهم رهيو آهي.

وهي کاتي جا پنا : ورهاڱي جي هڪ ٻي ڪٿا

”وهي کاتي جا پنا“ ورهاڱي جي ڪري ٿيل لڏپلاڻ جي هڪ ٻي ڪٿا آهي. لڇمڻ ڪومل هند جو هڪ ناميارو سنڌي ليکڪ آهي، جنھن ادب جي مختلف صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي. فرقيوارانا فسادن جي حوالي سان سنڌ جي اها صورتحال نہ هئي، جيڪا پنجاب ۽ بنگال جي هئي. گهڻن سنڌي هندن ڊپ ۽ هڪ غيريقيني صورتحال جي ڪري لڏپلاڻ ڪئي. ايڪڙ ٻيڪڙ ٿيل واقعن جيئن نوابشاه ۾ ڪليڪٽر مسعود کدرپوش جي چرچ تي سکن جي ٽرين تي حملو وغيرہ جو ان سلسلي ۾ اهم ڪردار هو. گهڻي لڏپلاڻ 1948 ۾ ڪراچي ۾ ٿيل واقعن جي ڪري ٿي، جڏهين تہ ليکڪ جو چوڻ آهي تہ ڪراچي ۾ ٿيل واقعن کي وڌائي پيش ڪيو ويو ۽ هتي مارجي ويل ماڻھن جو جيڪو تعداد ٻڌايو وڃي ٿو اهو صحيح ناهي. انھن واقعن ۾ پنج ڇھہ ماڻھو ماريا ويا هئا. ليکڪ جڏهين پنھنجي ماء ۽ ڀائرن ڀينرن سان هتان لڏي ويو ان وقت سندس عمر ٻارنھن سال هئي.
ليکڪ جو ڏاڏو وڏو زميندار هو.ِ سندس تر جي ٻين مسلم زميندارن وغيرہ سان ناتا هئا ۽ سندس ڪم اهي ئي هئا، جيڪي زميندارن جا هوندا آهن، جڏهين تہ سندس پيءُ مئجسٽريٽ هو. سنڌ ڇڏڻ جا ڪارڻ اوسي پاسي جون حالتون، غير يقيني صورتحال ۽ ڊپٽي ڪمشنر مسعود کدرپوش جو سندس پيءُ، جيڪو ان جو ماتحت هو، سان نامناسب رويوهئا. سندن لڏڻ کانپوء بہ سندس پي ڪجهہ عرصو سنڌ ۾ ئي هو.
شروع ۾ اهي اوکا بندر، اجمير ۽ احمد آباد وغيرہ ۾ ڪجهہ عرصو رهيا. مڇي ماس وغيرہ کائڻ جي حوالي سان مقامي ماڻھو کين پسند نہ ڪندا هئا. سندس پيءُ جي هندوستان اچڻ تائين اهي ڏکين حالتن ۾ هئا ۽ ليکڪ ۽ سندس ڀاء کي مختلف ڪم ڪري پنھنجو گذ بسر ڪرڻو پيو.
ڪٿي مون پڙهيو هو تہ ناول حقيقت تي ٻڌل هوندو آهي جڏهين تہ آتم ڪٿا هڪ افسانو هوندي آهي. ان ڳالھہ کي ليکڪ پاڻ محسوس ڪيو آهي. سندس چوڻ آهي تہ گهڻا سندس لکيل ڳالھين کي ڪوڙ ۽ افسانو سمجهندا. اها ڳالھہ ان حد تائين صحيح آهي تہ لکت ۾ زور پيدا ڪرڻ لاء ڪٿي ڪٿي ائين ڪرڻو ٿو پئي. پر حقيقتون پنھنجي جاء تي آهن ۽ رڳو تحرير جي ٽئين حصي کي ان کاتي ۾ وجهي سگهجي ٿو. ائين کڻي چئجي تہ عمارت جي ٺاهڻ ۾ سرون تہ پنھنجيون آهن رڳو گارو سيمينٽ وغيرہ ٻيو ملائڻو ٿو پئي.
دھلي مان ٽرين ۾ ايندي هڪ ٿيٽر گروپ سان سندس ملاقات ٿئي ٿي ۽ سندس دل ان گروپ ۾ شامل هڪ ڇوڪري سروري تي اچي وڃي ٿي. هو ان سان همبستري بہ ڪري ٿو پر هڪ پراڻي طوائف جي چوڻ تي تہ توکي هتي حاصل ڪجهہ نہ ٿيندو ۽ تون آخر ۾ ان ڇوڪري جو ڀڙوو بڻجي ويندين، هو ان گروپ کي ڇڏي گهر موٽي ٿو. ساڳي ريت هو صبا نالي هڪ مسلمان ڇوڪري کي گهر مان ڀڄائي وٺي ٿو وڃي پر مختلف شھرن ۾ گهمڻ ۽ هوٽلن ۾ رهڻ کانپوء هو نيٺ پنھنجي گهر اچي ٿو جتي ڇوڪري پنھنجن مائٽن سان هلي وڃي ٿي.
سنڌي هندن ۾ جيتوڻيڪ هندوستان جي ٻين علائقن جي هندن جيان ذات پات جو ايڏو سخت نظام نہ هو، پر اها ڳالھہ علائقي ۽ برادري وغيرہ جي حوالي سان منجهن موجود هئي. مثال طور حيدرآباد جا عامل مائٽي ڪرڻ جي حوالي سان حيدرآباد جي عاملن کي ئي ترجيح ڏيندا. ليکڪ جي مائٽن ۽ خاص طور سندس ماءُ جي اها ترجيح هئي تہ مائٽي ڀاٽيا ذات مان ڪجي. پر ليکڪ جو جنھن ڇوڪري سان پيار هو ۽ جنھن سان هن شادي ڪرڻ چاهي ٿي اها ڀاٽيا نہ هئي. ان ڪري هن پنھنجي ماء جي ڪيل هڪ مڱڻي کي ٽوڙي ڇڏيو ۽ سندس پسند جي ٻئي ڪنھن رشتي کي بہ قبول نہ ڪيو. هن شادي پنھنجي پسند تي گوپي سان ئي ڪئي جنھن کي هن پيار ڪيو ٿي.
اها وارتا گهڻن اديبن سان آهي تہ انھن زندگي جي ڪنھن موڙ تي اچي پنھنجي اڳوڻين لکڻين کي رد ڪيو آهي. ليکڪ رام پور جي هڪ لائبريري ۾ غالب جي رکيل ڪلام جو ذڪر ڪيو آهي. سندس چوڻ آهي تہ اتي غالب جي اهڙي شاعري موجود آهي، جنھن کي غالب رد ڪري چڪو هو ۽ جيڪا ديوان غالب ۾ شامل ناهي. لائبريري وارا ان ڪلام جي ڪاپي ڪرڻ جي اجازت نہ ٿا ڏين. ساڳي ريت ليکڪ جو دھلي ۾ قرت العين حيدر سان ويجهو تعلق هو ۽ هو اڪثر ان سان ملندو رهندو هو. سندس چوڻ آهي تہ جڏهين سندس جڳ مشھور ناول آگ ڪا دريا جو ذڪر نڪرندو هو تہ هو چڙي پوندي هئي. سندس چوڻ هو تہ اهو هن ٽيھہ سال کن اڳ لکيو هو ۽ ضروري ناهي تہ هو ان کي هاڻي بہ اون ڪري. اياز جو هن پنھنجي آتم ڪٿا ۾ گهڻو ذڪر ڪيو آهي ۽ ان جي گهڻي ساراه ڪئي آهي پر سندس چوڻ آهي تہ اياز جڏهين دعائون وغيرہ لکڻ شروع ڪيون تہ هن سمجهي ورتو تہ اسان هڪ وڏو شاعر وڃايو آهي. هو لکي ٿو تہ هڪ مشھور ۽ وڏو شاعر عمر جي پوئين پھر ۾ پنھنجي سڄي شاعري جي قرباني ڏيئي، مصلحتن جيڪي دعائون ۽ مناجاتون لکيون اهو ڪو هن جي آتمڪ ۽ روحاني اڇل جو آواز نہ هو، پر هن جي ابن الوقتي ۽ احساس جرم جو اعتراف هو، جيڪو هن راجا ڀرتري هري جي وئراڳ شتڪ کان متاٿر ٿي لکيو. اياز جي دعائن جون سٽن جون سٽون وئراڳ شتڪ ۾ شامل اشلوڪن جو لفظي ترجمو آهن، جو اياز جو ذاتي آزمودو ۽ انڀو اهو نہ هو جيڪو راجا ڀرتري هري جو هو.(صفحو 380). سندس واسطو گهڻن سنڌي اديبن سان پيو ۽ گهڻا دھلي ۾ سندس مھمان طور سندس گهر ۾ بہ رهيا . هو ضياء الحق جي دور ۾ جڏهين پاڪستان آيو تہ لاهور مان هن امر جليل سان اسلام آباد ۾ فون تي رابطو ڪيو، جنھن ساڻس اچڻ جو واعدو ڪري پوء پاڻ بہ لاهور نہ آيو ۽ کيس بہ اسلام آباد اچڻ کان منع ڪيائين. ليکڪ جو هند ۾ سنڌي ٿئيٽر ۽ ڊرامي وغيرہ جي ترقي ۽ ترويج ۾ ٻين سنڌي اديبن ۽ ڪلاڪارن سان گڏ وڏو ڪردار رهيو آهي.
هي اهڙي ماڻھو جي آتم ڪٿا آهي جنھن جو هند ۽ سنڌ جي اديبن سان گهڻو واسطو رهيو آهي ۽ هن انھن کي ويجهي کان ڏٺو آهي. ان آتم ڪٿا جي هڪ ٻي خاصيت اها بہ آهي تہ ان ۾ هند جي ٻين سنڌي ليکڪن جيان هندي ۽ سنسڪرت لفظن جو گهڻو استعمال نہ ڪيو ويو آهي جنھن جي ڪري هڪ Communication Gap پيدا نہ ٿو ٿئي.

ڪيمبرج جا ڏينھن

امرتا سين لندن اسڪول آف ايڪانامڪس ۾ وڌيڪ تعليم لاء وڃڻ چاهيو ٿي. سندس پيءُ جنھن پاڻ انگلينڊ ۾ تعليم حاصل ڪئي هئي، کيس چيو تہ هو ٽن سالن تائين سندس تعليم جو خرچ ڏيئي سگهي ٿو. کيس سندس هڪ استاد پاران اها صلاح ڏني ويئي تہ بجائي لندن اسڪول آف ايڪانامڪس جي، هو ڪيمبرج وڃي جيڪو سندس لاء وڌيڪ فائديمند ثابت ٿيندو. هن ڪيمبرج جي ڪاليجن کي ڏسندي انھن مان ٽرينٽي ڪاليج جي چونڊ ڪئي ۽ کيس ڪجهہ ڪوشش کانپوء اتي داخلا بہ ملي وئي. هوائي جھاز جي ڀيٽ ۾ سستي ٽڪيٽ هئڻ ڪري هن سامونڊي جھاز ۾ وڃڻ جو فيصلو ڪيو. بمبئي کان جھاز ۾ سوار ٿيو. ان جھاز ۾ ڀارت جي مسافرن سان گڏ آسٽريليا ۽ انگلينڊ جا مسافر بہ هئا. هن اهو ڏٺو تہ جھاز جي ڊائننگ روم جو اسٽاف ڀارت جي شاگردن سان چڱو ورتاء نہ پئي ڪيو. هن جھاز جي ڪئپٽن جو ان ڳالھہ ڏانھن ڌيان ڇڪايو، پر ان جو ڪو تدارڪ نہ ٿي سگهيو. جھاز عدن جي بندرگاه تي بيٺو. ان وقت عدن پرامن هو ۽ اڄ جيان ٻاهرين طاقتن جي بمباري جو نشانو نہ هو. اهو 1953 جو سال هو مصر ۾ شاه فاروق جو تختو اونڌو ڪري هڪ قوم پرست حڪومت اقتدار ۾ هئي. نھر سوئز جي ڪنٽرول جي مسئلي تي مصر جو برطانيا ۽ فرانس وغيرہ سان تنازعو هلندڙ هو. اها ڳالھہ ان وقت واضح ٿي جڏهين جھاز نھر مان گذرڻ کان اڳ ڪجهہ وقت لنگر هنيو ۽ مسافرن کي جھاز مان لھڻ ۽ گهمڻ جي اجازت ملي. ليکڪ جو چوڻ آهي تہ هو جڏهين قطار ۾ بيٺو هو تہ هڪ مصري عملدار کانئس سندس ملڪ متعلق پڇيو ۽ جڏهين هن کيس ڀارت جو ٻڌايو تہ کيس قطار مان ڌار ڪري بس تائين آندو ويو ۽ اهڙي ريت کيس گهمڻ لاء گهڻو وقت ملي ويو جڏهين تہ آسٽريليا ۽ برطانيا جا مسافر پاڻ ۾ بڻ بڻ ڪندا رهيا تہ کين تمام ٿورو وقت مليو ۽ اهي ڪجهہ ڏسي نہ سگهيا. سندن چوڻ هو تہ بھتر آهي تہ نھر جو ڪنٽرول مصر کان واپس ورتو وڃي. هو جبرالٽر، فرانس ۽ يورپ جون ٻيون جايون ڏسندو اچي انگلينڊ پھتو.
ہءِ ہ هتي پھرين هو پنھنجي هڪ دوست سان رهيو. اتي گهر جي مالڪياڻي جو چوڻ هو تہ هڪ ماڻھو جي تڙ ڪرڻ واري گرم پاڻي تي هڪ شيلنگ خرچ اچي ٿو. هن کيس چيو تہ اهو هو ڏيندو. جتي يونيورسٽي پاران سندس رهائش جو بندوبست ڪيو ويو هو، اتي گهر جي مالڪياڻي جو چوڻ هو تہ هو ڪنھن رنگدار ماڻھو کي نہ رهائيندي. ان تي کيس يونيورسٽي پاران ڌمڪي ڏني ويئي تہ جيڪڏهين اهڙي ڳالھہ آهي تہ پوء اهي سندس نالو ئي يونيورسٽي جي ان فھرست مان خارج ٿا ڪن جنھن کان پوء هن پنھنجو اهو اعتراض واپس ورتو. اها عورت پوء ليکڪ کان اهو پڇندي هئي تہ هو جڏهين تڙ ڪري ٿو تہ ڇا سندس بدن مان رنگ نڪري ٿو. هن کيس چيو تہ نہ اهڙي ڪا ڳالھہ ناهي. پوء ان عورت سان سندس ناتا نھايت خوشگوار ٿي ويا ۽ هو اهو گهر ڇڏڻ کان چاليه سال پوبان عورت کي ساريندو ان گهر تي پھتو پر تيسين هو اتان وڃي چڪي هئي.
اتي ڪيمبريج ۾ سندس گهڻن ملڪن جي شاگردن سان ملاقات ٿي جن ۾ ڊاڪٽر محبوب الحق بہ شامل هو جيڪو اتي ڪنگز ڪاليج جو شاگرد هو. ان وقت اتي پاڪستان ۽ ڀارت جي شاگردن جي ڪا ڌار سوسائٽي وغيرہ نہ هئي، پر ڏکڻ ايشيا جي ملڪن جي شاگردن گڏجي مجلس جي نالي سان هڪ تنظيم قائم ڪئي هئي، جيڪا پنھنجا مختلف پروگرام وغيرہ ڪندي هئي. ڪلڪتي ۾ ليکڪ پنھنجي حلقي ۾ کاٻي ڌر بلڪ هڪ مارڪسٽ شاگرد طور ڄاتو ويندو هو. ڪيمبريج ۾ کاٻي ڌر جي شاگردن جو هڪ سوشلسٽ ڪلب هوندو هو، جنھن کي سندس هتي اچڻ کان اڳ ئي ڪلڪتي مان اهو اطلاع ملي ويو هو. ان سان گڏ ليکڪ لبرل ۽ ڪنزرويٽو پارٽين جي ڪلبن ۾ پڻ شامل ٿيو، جتي نظرياتي ۽ سياسي بحث مباحثا وغيرہ ٿيندا هئا. ليبر ڪلب جو اهو اصول هو تہ جيڪو سوشلسٽ ڪلب جو رڪن آهي، ان کي رڪن نہ ڪيو ويندو. ان ڪري هو ان ڪلب جي بحث مباحثن ۾ ٽڪيٽ وٺي شريڪ ٿيندو هو. ڪيمبرج ۾Apostles جي نالي سان هڪ سوسائٽي هوندي هئي جنھن جو گهڻو ذڪر ٿيندو هو. اها هڪ پراڻي سوسائٽي هئي، جيڪا 1820 ۾ قائم ٿي هئي. ان جا معاملا لڪل نموني هلايا ويندا هئا. هڪ وقت ۾ ان جا ٻارنھن کان وڌيڪ ميمبر نہ هوندا هئا. رٽائر ٿيڻ تي اهي Angels ٿي ويندا هئا، مطلب تہ انھن کي پر نڪري ايندا هئا ۽ اهي سڄي عمر لاء سوسائٽي جا رڪن هوندا هئا. ان ڪلب جي ميمبرن ۾ وڏا فلاسافر، سائنسدان ۽ تاريخدان وغيرہ جھڙوڪ برٽرنڊ رسل، فرينڪ رامسي، مينارڊ ڪينز ۽ رچرڊ بريٿويٽ وغره شامل هئا. گهڻا ان ۾ ٺھڪي نہ سگهندا هئا، جيئن مشھور شاعر الفريڊ ٽينيسن 1830 ۾ مجبور ٿي استيفيٰ ڏني. پوء کيس واپس اچڻ لاء منٿون ڪيون ويون پر هو ان لاء تيار نہ ٿيو. ليکڪ جو چوڻ آهي تہ جيتوڻيڪ ان سوسائتي جا اڪثر ميمبر سوشلسٽ خيالن جا هئا، پر ان تي سوويت يونين لاء جاسوسي ڪرڻ جا وقت بوقت جيڪا الزام لڳا اهي صحيح نہ هئا. ان سوسائٽي جي ڪجهہ ميمبرن سان گڏجي ليکڪ ڪجهہ مضمون پڻ لکيا جيڪي مختلف مشھور رسالن ۾ ڇپيا. ليکڪ يونيورسٽي ۾ انھن استادن ۽ دوستن جي ويجهو هوندو هو جيڪي عام ڀلائي واري معاشي نظرئي جا قائل هوندا هئا. جيتوڻيڪ اهڙن ماڻھن جو تعداد اتي گهٽ هوندو هو.
ليکڪ کي يورپ ۽ خاص طور اٽلي گهمڻ جو شوق هو. هن ڪلڪتي ۾ هوندي رينازان متعلق پڙهيو هو ۽ اتان جي ميوزيم، آرٽ جي نمونن ۽ ڪتب خانن وغيرہ کي ڏسڻ چاهيو ٿي. هو ويڪيشن ۾ اٽلي ويندڙ هڪ گروپ ۾ شامل ٿيو. هن اٽلي کي شيڪسپيئر جي ڊرامن ۽ لکڻين ۾ ڏٺو هو. هو چاهي ٿو تہ هتي شيڪسپيئر بہ شل ساڻس گڏ هجي پر کيس خبر پيئي تہ هو تہ ڪڏهين اٽلي آيو ئي نہ هو. هو گروپ سان گڏ واپس ڪيمبريج نہ ٿو اچي پر يورپ جي ٻين ملڪن سوئٽزرلينڊ ۽ فرانس وغيرہ هليو وڃي ٿو ۽ اتي هائڪنگ ڪري ٿو.
ليکڪ 1956 ۾ پنھنجي ريسرچ جنھن جي لاء وٽس ٽن سالن جو وقت هو، هڪ سال ۾ مڪمل ڪري ورتي هئي. پر يونيورسٽي ان کي ٽن سالن کان اڳ قبول نہ ٿي ڪيو. ان ڪري هن سوچيو تہ گهر جي سڪ بہ لڳي آهي ۽ وقت بہ آهي تہ پوء ڇو نہ ڪلڪتي جو چڪر هڻجي. هن ڀيري هو هوائي جھاز ۾ ويو. ڇاڪاڻ تہ هڪ تہ هوائي سفر جي ٽڪيٽ سستي ٿي ويئي هئي ۽ ٻيو تہ اجرتن ۾ واڌاري جي ڪري پاڻي جي جھاز جي ٽڪيٽ مھانگي ٿي ويئي هئي.
ڪلڪتي جي جديوپور جو پراڻو ڪاليج هاڻي يونيورسٽي ٿي ويو هو. اتان جي وائس چانسلر پاران کيس يونيورسٽي جي معاشيات جي شعبي جي سربراه جي آڇ ڏني ويئي. ٽيويه سالن جي ننڍي عمر ۾ اهو هڪ وڏو عھدو هو جڏهين تہ يونيورسٽي ۾ باقي پروفيسر وغيرہ کانئس عمر ۾ گهڻا وڏا هئا. هن ان ڊپارٽمنٽ کي قائم ڪرڻ لاء گهڻي محنت ڪئي. استادن جي غيرموجودگي ۾ کيس پاڻ گهڻا ڪلاس وٺڻا پوندا هئا. خاص طور ننڍي عمر جي ڪري سندس خلاف مختلف ڳالھيون هلنديون هيون. اهو مشھور ڪيو ويو هو تہ کيس اقربا پروري ۽ سياسي اثر رسوخ جي ڪري، اهو عھدو ڏنو ويو هو. بھرحال هو پوء ڪيمبريج موٽي ويو جتي هن پنھنجو ٿيسز جمع ڪرايو ۽ اڳتي جي تياري ڪيائين.
ساڳي وقت ڪلڪتي ۾ هوندي سندس ڪافي هائوس جون سرگرميون پڻ جاري هيون. سوويت يونين جي ڪميونسٽ پارٽي جي 1956 جي ويھين ڪانگريس ۽ ان ۾ خروشيف جي اسٽالن جي حوالي سان ڪيل تقرير سڄي دنيا جي ڪميونسٽن ۾ هڪ نئين بحث کي جنم ڏنو هو. ان کان اڳ بہ اسٽالن جي مقدمن ۽ سزائن متعلق جيڪي خبرون اچي رهيون هيون، ليکڪ انھن ۽ خاص طور بخارن جي مقدمي ۽ ان کي ڦاهي ڏيڻ متعلق سوچيندو رهندو هو. ليکڪ جيتوڻيڪ پاڻ ڪڏهين بہ ڪميونسٽ پارٽي جو رڪن نہ رهيو، پر هڪ همدرد جي طور سندس اها خواهش هوندي هئي تہ پارٽي ۾ جمھوريت ۽ رائي جي آزادي هجي ۽ اها هڪ جمھوري طريقي سان اقتدار سنڀالي.
1959 ۾ ليکڪ جو نبانيتا ديو سان مڱڻو ٿيو ۽ جون 1960 ۾ شادي ٿي. هو هڪ شاعر، ناول نگار ۽ ادب جي عالم هئي. ان سان سندس واقفيت 1956 ۾ جڏهين هو جديوپور يونيورسٽي ڪلڪتي ۾ هو، ان وقت ٿي هئي. اتي هو تقابلي ادب ۾ پڙهي رهي هئي. ان کانپوء کيس انڊيانا يونيورسٽي ۾ اسڪالرشپ ملي ۽ هو آمريڪا ويندي انگلينڊ ۾ ترسي، جتي اهي ٻيئي ويلز ۽ ٻين جاين تي گهمڻ ويا ۽ سال کانپوء انھن شادي ڪئي. هو جديوپور يونيورسٽي ۾ هڪ ڪامياب پروفيسر رهي. کين ٻہ ڌيئرون انتارا ۽ نندنا بہ ڄايون پر اها شادي 1973 ۾ طلاق تي ختم ٿي.
1960 ۾ انھن ٻنھي سوچيو تہ ڇو نہ سال کن آمريڪا ۾ گذاريو وڃي. ليکڪ کي ايم آئي ٽي مان سال لاء وزيٽنگ پروفيسر جي آڇ بہ ٿي. اهڙي ريت اهي ٻيئي 1960 جي سرء ۾ آمريڪا روانا ٿي ويا. ليکڪ ان کانپوء اسٽينفورڊ يونيورسٽي ۾ بہ وزيٽنگ پروفيسر رهيو. ائين ٿيو تہ اٽڪل هر چوٿين سال جيئن 1964 ۽ 1968 ۾ سندس لاء آمريڪا جي ڪنھن نہ ڪنھن سٺي يونيورسٽي ۾ پڙهائڻ جا موقعا نڪرندا رهيا. اهي آمريڪا جي صدارتي چونڊن جا ئي سال هوندا هئا. ان دوران کيس آمريڪي سماج ۽ سياست ۾ جيڪي ڪجهہ ٿي رهيو هو اهو بہ پسڻ جو موقعو مليو. هن برڪلي ۾ 1964 ۽ 1965 Free Speech Movement ۽ 1969 ۾ هارورڊ ۾ شاگردن پاران يونيورسٽي هال تي قبضي کي ويجهڙائي سان ڏٺو. 1968 جي بھار جي مند ۾ هو ڪولمبيا يونيورسٽي ۾ موجود هو ۽ ان سال جي گرمين جي مند ۾ پيرس جي دوري دوران اتي ٿيندڙ واقعن کي پڻ ڏٺو هو.
ليکڪ جو چوڻ آهي تہ هن بہ ڪلڪتي ۾ شاگردن جي احتجاج ۽ مظاهرن ۾ حصو ورتو هو پر 1964 ۾ برڪلي ۾ شاگردن جي فري اسپيچ مومينٽ جھڙي اوچتي پر هڪ منظم احتجاج کي ٿيندي نہ ڏٺو هو. ان احتجاج جا ڪارڻ سماجي حقن جي تحريڪ ۽ ويٽنام جي جنگ خلاف مزاحمت هئي. ان وقت هن ڪل وقتي طور سماجي چونڊ جو نظريو پئي پڙهايو ۽ اهو سڀڪجهہ سندس لاء ڇڪ ۽ اتساه جو باعث هو. ڪلاس ۾ شاگرد ان تي بحث ڪندا هئا. ان تحريڪ جي اڳواڻن ۾ جيڪي بحث ٿيندا هئا کيس دوستن وسيلي ان جي خبر چار ملندي رهندي هئي ۽ اهڙي ريت ٻاهر جي دنيا ۾ ٿيندڙ واقعن ۽ ڪلاس ۾ ٿيندڙ بحث ۾ هڪ ويجهڙائي هئي.
1960 جي ڏهاڪي جي شروع ۾ کيس دھلي اسڪول آف ايڪانامڪس مان آڇ ٿي. هن ان کي قبوليندي اوڏانھن وڃڻ جو فيصلو ڪيو. ڀارت ويندي هو پاڪستان ۾ ترسيو ۽ اتي لاهور ۾ پنھنجي دوست عارف افتخار سان مليو ۽ پوء ڪراچي ۾ محبوب الحق ۽ سندس زال بني سان مليو. ان جي باوجود تہ محبوب ان وقت پلاننگ ڪميشن جو اڳواڻ ۽ پوء خزاني جو وزير بہ ٿيو پر کيس لڳو تہ هو فرستريٽيڊ هو. هن ان ڳالھہ جي وضاحت ڪئي تہ پاڪستان جي رٿابندي جي عمل کي سڌارڻ جي ڪوشش ڪندي هن ڇا پرايو هو. چڱيون شيون ٿي سگهيون ٿي، پر سياست جي تنگ نظري ۽ موجودہ جاگيرداري ڍانچو اهڙيون رڪاوٽون هيون، جن کي ختم ڪرڻ ڏکيو هو. جيئن ڪراچي جو طلسماتي سج لٿو، تيئن محبوب جو آواز هڪ گهري باغي جذبي سان گڏيل تجزئي سان بلند ٿي ٿيو. کيس اها ڄاڻ هئي تہ پاڪستان جي پراڻن مسئلن کي ڪيئن منھن ڏجي، پر کيس هڪ مختلف بنياد گهربل هو، جتان هو اهو ڪم ڪري سگهي. ڪجهہ سالن کانپوء کيس گڏيل قومن جي ترقياتي پروگرام UNDP ۾ اهڙو موقعو مليو. جتي انسان جي تعليم، صحت، خوراڪ ۽ ٻين وسيلن تائين پھچ جي بنياد تي قومن جي ترقي کي جاچي سگهجي. 1989 ۾ نيويارڪ ۾ ان اداري جي آفيس قائم ڪئي ويئي. هو ليکڪ کي فون ڪندو رهندو هو تہ امرتا سڀ ڪم ڇڏ هتي اچ. ان اداري پاران هڪ رپورٽ شائع ڪئي ويندي هئي جنھن ۾ ليکڪ هڪ مددگار طور سندس ٻانھن ٻيلي هو. ِ

ڪيئي ڪتاب ۽ ڪيئي روپ

ڪيئي ڪتاب رئيس ڪريم بخش نظاماڻي جي گهڻن ڪتابن تي مشتمل آتم ڪٿا آهي. هڪ ڊگهي آتم ڪٿا ۾ ليکڪ پنھنجي زندگي جي مختلف پاسن تي لکيو آهي.
پنھنجي شروعاتي زندگي متعلق هو لکي ٿو تہ سندس ماء جو تعلق لاڏائو يا خانہ بدوش ماڻھن سان هو. سندس پي، جيڪو هڪ پوليس آفيسر هو، جو ان سان پيار ٿي ويو ۽ هو ان کي پرڻائي پنھنجي گهر وٺِي آيو. جيتوڻيڪ ما ۽ پي ۾ اختلافن جي ڪري ماء ڌار پنھنجن مائٽن وٽ رهندي هئي، پر ليکڪ جو پنھنجي ماء سان پيار هو ۽ هو پي جي منع ڪرڻ جي باوجود وقت بوقت ان سان ملڻ ويندو رهندو هو.
پنھنجي پيءُ جي ان طعني تہ پيءُ جي پئسي کي خرچڻ ۽ ضائع ڪرڻ سولو آهي، پنھنجو ڪمائي تہ پئسي جو قدر ٿئي، هن ڪاسائي سميت مختلف ننڍا وڏا ڪم ڪيا. سندس اصل شوق ناچ، راڳ، موسيقي ۽ فلم سان هو. راڳ جون محفلون منعقد ڪرڻ، انھن ۾ شريڪ ٿيڻ، ڳائڻ، نچڻ سندس خاص مشغلا هئا. ورهاڱي کان اڳ فلمن جي سلسلي ۾ گهڻا ڀيرا سندس بمبئي وڃڻ ٿيو. بمبئي جو سفر هن ريل رستي ئي ڪيو. هن ان سفر جا احوال ۽ واٽ ۾ ايندڙ مختلف شھرن ۽ ماڻھن متعلق لکيو آهي. ان وقت جي گونگين فلمن ۾ هن ڪجهہ ڪردار بہ ادا ڪيا. هن پنجابي ۽ اڙدو ٻولين ۾ ٻن فلمن ٺاهڻ جي رٿا پڻ جوڙي، پر ان تي گهڻي وقت ۽ پئسي لڳائڻ جي باوجود اها ورهاڱي جي وڳوڙن جو شڪار ٿي ويئي ۽ کيس نقصان کڻي پنھنجي ڳوٺ موٽي اچڻو پيو
سندس پنھنجي ڏاڏي پوٽي سان شادي ٿيل هئي. هڪ گجراتي فنڪارہ سان سندس تعلق قائم ٿيو. ان عورت کي هٿ ڪرڻ لاء کيس گهڻين ڏکيائين مان گذرڻو پيو. اهو تعلق ان عورت جي انتقال تائين قائم رهيو. پوء بمبئي ۾ هڪ ڪشميري عورت سان شادي ڪري، ان کي ماتلي پنھنجي گهر وٺي آيو، جيڪا آخر تائين ساڻس گڏ رهي. ان سان هو ڪشمير ويو. اتي هو ٻہ اڍائي مھينا کن رهيو ۽ مختلف جاين تي گهمڻ ويو. هن پنھنجي ان سفر ۽ ڪشمير جي نظارن ۽ سونھن جو تفصيل سان ذڪر ڪيو آهي. انھن ٻن زالن مان کيس رڳو ڌيئر هيون. هن جي ٽين شادي ڪرڻ جو مقصد پٽ جي اولاد ٿيڻ هو. اهڙي ريت کيس اٺ ڌيئرون، چار پٽ ۽ ٽي زالون هيون.
ادب ۽ سياست بہ سندس دلچسپي جا شعبا رهيا آهن. انھن شعبن سان واسطو رکندڙ سنڌ جي اٽڪل سڀني ناميارن ماڻھن سان سندس واسطا رهيا آهن. انھن ۾ جي ايم سيد بہ شامل آهي، جنھن وٽ هو مختلف موقعن ۽ خاص طور سندس سالگرہ ۽ سندس جد امجد جي عرس تي سندس دعوت تي سن پنھنجن ڳائڻن سان گڏ ويندو رهندو هو. علي احمد ٽالپر ۽ رسول بخش ٽالپر سان سندس خاص ناتا هئا. علي محمد راشدي لاء هن چونڊن ۾ ڪم ڪيو هو، جڏهين تہ حسام الدين راشدي سان سندس ڀائپي وارا ناتا هئا. ڄام انور جي ڪري ڄام خاندان سان سندس خاص ناتا هئا، جتي هڪ موقعي تي سندس ذوالفقار علي ڀٽو سان پڻ ملاقات ٿي هئي. محمد ابراهيم جويو ۽ سنڌ جا ٻيا اديب سندس رابطي ۾ هوندا هئا. حيدربخش جتوئي جو هو پيار ۽ عزت سان ذڪر ڪري ٿو. کيس سنڌي ادبي بورڊ جي هڪ محفل ۾ ڳائڻ وڄائڻ لاء مدعو ڪيو ويوهو. پوء سندس دعوت تي اهي سڀ اديب ٻيڙي ۾ ڦليلي رستي ماتلي ۾ سندس گهر آيا هئا. ان سلسلي ۾ هن خاص طور محمد عثمان ڏيپلائي جو ذڪر ڪيو آهي، جنھن کي انھن اديبن زوري شراب پياريو هو ۽ پوء هو سڄي رات الٽيون ڪندو رهيو هو. ڏيپلائي جو چوڻ هو تہ اهو ڪم هن زندگي ۾ پھريون ۽ آخري ڀيرو ڪيو هو.
موسيقي سان نہ رڳو کيس دلچسپي هئي پر ان متعلق کيس چڱي خاصي ڄاڻ پڻ هئي. هو جيتوڻيڪ ڳائيندو بہ هو، پر سندس ٻڌندڙ سندس آواز کي پسند نہ ڪندا هئا ۽ کيس بي سرو چوندا هئا جنھن جي ڪري هن ان پاسي گهڻي توجھہ نہ ڏني.
سنڌ ۾ جيتوڻيڪ هو اڪثر ميرپورخاص، حيدرآباد ۽ ڪراچي ۽ سنڌ کان ٻاهربہ بمبئي، دھلي ۽ ڪشمير ويندو رهيو هو، پر سندس قرب ۽ محبت ماتلي، جنھن کي هو ماٿري سڏي ٿو، ۽ ان کي ٻن حصن ۾ ورهائيندڙ نديا ڦليلي سان رهي آهي. هو ڦليلي ۾ ٻيڙي ۾ محفلون ۽ ايستائين تہ حيدرآباد کان ماتلي تائين سفر ڪندو رهيو هو.
سياست جي حوالي سان ڏٺو وڃِي تہ ڪنھن خاص سياسي ڌر سان لاڳاپيل هئڻ بجائي ذاتي تعلقات سندس لاء گهڻا اهم هوندا هئا ۽ هو چونڊن ۾ هڪ اميدوار لاء ڪم ڪندي ڪندي اوچتو ڪن ماڻھن جي رابطي ڪرڻ ۽ چوڻ تي ٻئي اميدوار جي حق ۾ ٿي ٿي ويو. پنھنجن گهڻگهرن ۽ دوستن جي چوڻ تي ئي هو ماتلي ميونسپالٽي جو صدر ٿيو جتي کيس گهڻين سازشن ۽ مخالفتن کي منھن ڏيڻو پيو پر هن پنھنجو مدو پورو ڪيو.
سمن شاه سان سندس خاص ناتا هئا. سندس سمن شاه متعلق چوڻ آهي تہ هو رک رکاء وارو ۽ شوقين مڙس هو. عشق ۾ ناڪامي کيس مجذوب ۽ ابدال جي درجي تي پھچايو. چرس ۽ ڪڪڙ جو ٻوڙ سندس پسند جون شيون هونديون هيون. هو جڏهين بہ ساڻس ملڻ ويندو هو تہ اهي ٻيئي شيون وڏي مقدار ۾ کڻي ويندو هو. حيدربخش جتوئي ۽ هاري ڪاميٽي وارن سمن شاه جي ميلي کي هاري ڪانفرنسن ڪرڻ وغيرہ لاء استعمال ڪيو. ميلي تي هو اڪثر ويندو رهندو هو.
اها هڪ منفرد آتم ڪٿا آهي. ليکڪ ساڳي وقت هڪ آزاد خيال صوفي منش ۽ سيڪيولر مزاج رکندڙ، ادب دوست ۽ فن ۽ فنڪارن سان محبت ڪندڙ ماڻھو آهي. ساڳي وقت سندس شخصيت جي خاص ڳالھہ اها آهي تہ هو پيرپڳارو، مخدوم طالب المولا، جي ايم سيد ۽ ذوالفقار علي ڀٽو سان برابري جي سطح تي تعلق رکڻ جو قائل هو. پنھنجي دوست ڄام انور سان گڏ هن هڪ ٻہ ڀيرا پير پاڳاري سان ان ڪري ملڻ کان انڪار ڪيو جو اتي کيس پنھنجا جوتا لاهڻا ٿي پيا.
هڪ لحاظ کان کيس سنڌ جي ثقافت جو نمائندو پڻ چئي سگهجي ٿو.

آگسٽ جو انتظار

گبرئيل گارشيا مارڪيز سان هڪ ليکڪ طور منھنجي واقفيت ڊسمبر 1982 ۾ ان وقت ٿي، جڏهين کيس سندس لکڻين جي ڪري نوبل ايوارڊ ڏنو ويو. پھرين سندس مشھور ناول ”سو سالن جي اڪيلائي“ هٿ ڪيو. ان ناول ۾ ليکڪ هڪ لحاظ کان لاطيني آمريڪا جي ماڻھن جي ڏکن، تڪليفن ۽ اڪيلائي جو ذڪر ڪيو آهي تہ ڪھڙي ريت انھن آمريتن کي منھن ڏنو. هو پابلو نرودا جو ذڪر ڪري ٿو، جنھن ان کان يارنھن سال اڳ ان سڄي صورتحال کي بيان ڪيو هو. مون ان وقت سو سالن جي اڪيلائي مان ڪجهہ ٽڪرا ترجمو ڪيا هئا، جيڪي هلال مئگزين ۾ ڇپيا هئا.
هڪ وڏو ليکڪ ساڳي وقت پنھنجي ڪوتاهين جو ذڪر بہ ڪري ٿو. پنھنجي آتم ڪٿا ۾ هو لکي ٿو تہ جڏهين هو پنھنجي ماء کي خط لکندو هو تہ هو ان مان صورتخطي ۽ گرامر جي غلطين جي نشاندہي ڪندي هئي ۽ هو ڪوشش ڪندو هو تہ اڳتي اهي غلطيون نہ ٿين.
آئون اڃا بہ اها دعوا تہ نہ ٿو ڪري سگهان تہ مون سندس سڀ لکڻيون پڙهيون آهن. پر هڪ ليکڪ جي طور هو مون کي وڻندو آهي ۽ منھنجي اها ڪوشش رهي آهي تہ سندس جيڪي بہ لکڻيون ملي سگهن اهي پڙهان. هو هڪ صحافي رهيو آهي ۽ هن فڪشن سان گڏوگڏ نان فڪشن تي بہ طبع آزمائي ڪئي آهي.
پيار ۽ سيڪس سندس پسند جا موضوع آهن ۽ سندس گهڻن لکڻين ۾ ان جو ذڪر ملي ٿو. اهو جيئن ننڍي کنڊ ۾ آهي تہ هڪ Taboo ناهي. اهي انساني زندگي سان لاڳاپيل احساس ۽ جذبا آهن. هن انھن کي مجرد طورنہ پر هڪ حقيقي انساني انداز ۾ پيش ڪيو آهي. جيڪڏهين انھن جذبن کي تخليقي انداز ۽ سياق و سباق ۾ پيش ڪيو وڃي تہ اهي تخليق جي سونھن بڻجي وڃن ٿا.
1999 ۾ اهو اعلان ڪيو ويو تہ گارشيا هڪ رٿا تي ڪم ڪري رهيو آهي. ان ڪتاب ۾ پنج ننڍا ناول شامل هوندا جيڪي جيتوڻيڪ هڪ ٻئي کان ڌار هوندا پر ساڳي وقت ان لحاظ کان هڪ ٻئي سان ڳنڍيل هوندا تہ هيروئن جو نالو هڪ تہ ساڳيو هوندو، جيڪو سندس تازو آيل ناول آگسٽ تائين ۾ آهي ۽ ٻيو تہ انھن ناولن جو موضوع وڏي عمر جي ماڻھن جي پيار جا ناتا هوندا.
ڪنھن بہ ڪتاب جي لاء، پوء ڀلي اهو فڪشن يا نان فڪشن جو هجي، هڪ سٺي ايڊيٽر جي ضرورت هوندي آهي، جيڪو ان جي ايڊيٽنگ ڪري سگهي. ان سلسلي ۾ ليکڪ جي وڏي ۽ ننڍي هئڻ جو معاملو نہ هوندو آهي. گارشيا جھڙي مرتبي جي ليکڪ ان ڳالھہ جي ضرورت کي محسوس ڪيو ٿي. ان ناول ۾ اسپيني ايڊيشن جو ايڊيٽر ٻڌائي ٿو تہ جڏهين هن گارشيا کي اهو ٻڌايو تہ جيئن هن پنھنجي آتم ڪٿا ۾ لکيو آهي تہ ڪافڪا جي ناولMetamorphosis جي ارجنٽائن ۾ ڇپيل بورجيس جي اسپيني ۾ ڪيل ترجمي سندس ذهن کي گهڻو متاثر ڪيو، صحيح ناهي. اهو ترجمو بورجيس نہ ڪيو هو. ان ڳالھہ تي گارشيا سندس ٿورا مڃيا.
گارشيا جي زندگي ۾ جيڪو سندس آخري ناول شائع ٿيو اهو Memories of My Melancholy Whores هو جيڪو 2005 ۾ شائع ٿيو. يادداشت ساڳي وقت ليکڪ جي لکڻين جو ذريعو بہ آهي ۽ انھن جو هٿيار بہ آهي. گارشيا جي بيماري کانئس اهو اثاثو کسي ورتو هو ۽ هو گهڻين ڪوششن کان پوء بہ ان آخري ڪم کي مڪمل نہ ڪري سگهيو هو، جنھن جي ثابتي سندس مختلف مسودن مان ملي. ٿي. نيٺ هن پنھنجن پونيئرن کي چيو تہ اهو ناول نہ ڇپجي سگهندو ان کي ختم ڪري ڇڏيو. پر سندس پونيئرن هڪ ڊگهي عرصي جي سوچ ويچار کانپوء اهو فيصلو ڪيو تہ پڙهندڙن کي ان کان محروم نہ رکڻ گهرجي. انھن ايڊيٽر سان رابطو ڪيو، جنھن ان مسودي، جيڪو هڪ خام شڪل ۾ وکريل هو، نھايت گهڻي محنت ۽ گارشيا جي سيڪريٽري جي مدد سان هڪ شڪل ڏني.
اهو اٽڪل پنجاه کن صفحن تي مشتمل ناول آهي. ان جو مرڪزي ڪردار پنجاه سالن جي هڪ عورت انا ميگڊالينا باچ آهي، جيڪا پنھنجي مڙس ۽ ڌي پٽ سان هڪ مطمئن زندگي گذاري رهي آهي. سندس ماء هڪ ٻيٽ تي ٽڪري تي هڪ قبرستان ۾ دفن ٿيل آهي. هو آگسٽ جي مھيني ۾ هڪ فيري ذريعي ان ٻيٽ تي وڃي ٿي. اتي هوٽل ۾ سندس ملاقات هڪ شخص سان ٿئي ٿي جنھن سان هو ڊانس ڪري ٿي ۽ پوء ان سان رات گذارڻ چاهي ٿي. هو شخص سندس ڪمري تي اچي ٿو ۽ ٻيئي سڄي رات هڪٻئي سان پيار ڪن ٿا. ان پيار سان سندس مقصد سوائي خوشي حاصل ڪرڻ جي ٻيو ڪجهہ نہ ٿو هجي. پر هو شخص صبوح جو وڃڻ مھل، جڏهين هو ننڊ ۾ هجي ٿي، سندس ڪتاب ۾ ويه ڊالر جو نوٽ رکي وڃي ٿو. سندس لاء اها هڪ بيعزتي واري ڳالھہ هجي ٿي تہ هن کيس هڪ وئشيا سمجهيو هو. کيس ان شخص متعلق ڪا ڄاڻ نہ ٿي هجي ۽ نہ ئي ان جي نالي جي خبر هجي ٿي. پنھنجي مڙس سان بيوفائي جي احساس ڪري کيس ڏوه جو احساس ٿئي ٿو.
پر ٿوري عرصي کانپوء کيس وري آگسٽ جو انتظار رهي ٿو. ٻئي ڀيري سندس جنھن ّشخص سان واسطو پئي ٿو هو ،کيس ريجهائي وڻن جي هڪ جهڳٽي ۾ وٺي وڃي ٿو جتي اهي پيار ڪن ٿا. هو ان کان بہ سندس نالو وغيرہ نہ ٿي پڇي. پوء ٽي وي تي هڪ ڀيرو هو ان شخص جي تصوير ڏسي ٿي جيڪو هڪ Vampire هو ۽ ڪجهہ عورتن کي قتل ڪري چڪو هو. ٽئين ڀيري سندس واسطو هڪ اهڙي شخص سان پئي ٿو، جيڪو وڃڻ مھل پنھنجو وزيٽنگ ڪارڊ ڇڏي وڃي ٿو ۽ کيس ٻڌائي ٿو تہ هو هڪ بشپ هو. هو اهو وزيٽنگ ڪارڊ گهر موٽندي پرزا پرزا ڪري اڇلائي ڇڏي ٿي پر پوء پڇتائي ٿي تہ ان ماڻھو سان جيڪر وري رابطو ٿئي ها.
هو سوچي ٿي تہ پنھنجي ان خوشي لاء هو سڄو سال آگسٽ ڇو انتظار ڇو ٿي ڪري جڏهين تہ سندس گهڻيون ساهيڙيون پنھنجا معاشقا بہ هلائين ٿيون ۽ ساڳي وقت هڪ ڪامياب ازدواجي زندگي پڻ گذارين ٿيون.
ان دوران هڪ ڀيري هو ريستوران ۾ پنھنجي ساهيڙين سان هجي ٿي تہ کيس اتي ٻي ميز تي ويٺل هڪ شخص نظر اچي ٿو. کيس اهو مانوس لڳي ٿو پر ياد نہ ٿو اچي تہ هن ڪٿي هن کي ڏٺو هو. نيٺ گهڻي سوچ ويچار کان پوء کيس ذهن ۾ اچي ٿو تہ اهو ساڳيو شخص آهي جنھن سان هن ٻيٽ تي هوٽل ۾ پھرين رات گذاري هئي. هو پوء روز ريستوران وڃي ٿي تہ جيئين ان سان منھن سامھون ٿي ويھہ ڊالر سندس منھن تي هڻي پر سندس ان سان ملاقات نہ ٿي ٿئي.
آخري ڀيرو جڏهين هو ٻيٽ تي وڃي ٿي تہ کيس پنھنجي ماء جي قبر تي قيمتي گلن جو هڪ وڏو تعداد نظر اچي ٿو. هو حيران ٿئي ٿي تہ نيٺ اهي گل ڪير ٿو رکي وڃي. قبرستان جو نگران کيس ٻڌائي ٿو تہ هڪ پوڙهو سٺي لباس وارو همراه اڪثر لٺ ٽيڪيندو ايندو آهي ۽ هو ئي اهي گل رکي ويندو آهي. پوء کيس اها ڳالھہ سمجه ۾ اچي ٿي تہ نيٺ سندس ماء هن ٻيٽ تي ڇو دفن ٿيڻ چاهيو ٿي. هن ڀيري هو قبر کوٽائي پنھنجي ماء جا هڏا هڪ ڳوڻ ۾ وجهي گهر کڻي اچي ٿي ۽ اهڙي ريت سندس اهو سلسلو ختم ٿئي ٿو.

گلگشت: سوويت يونين ۽ ڪشمير

گلگشت قرت العين حيدر جي سوويت يونين ۽ ڪشمير متعلق رپورتاز آهي. سندس چوڻ آهي تہ سوويت يونين جي اديبن جي ڪجهہ ڪتابن جي ترجمي ڪرڻ جي ڪري کيس ڀارت ۽ دنيا جي ٻين ملڪن جي ڪجهہ اديبن سان سوويت يونين گهمڻ جي دعوت ڏني ويئي. هڪ اهڙو وسيع ملڪ جنھن جي هڪ حصي ۾ ڏينھن هجي تہ ٻئي ۾ رات. هو ان ملڪ جي ايشيا ۽ يورپ جي مختلف علائقن ۾ ويئي.
هو ان جي تاريخ ۽ ماڻھن متعلق سوچي ٿي. روس جي تاريخ تي چنگيز خان ۽ تاتارين جو گهڻو اثر رهيو آهي. هن، منگول ۽ ٻيا حملہ آور هتي ايندا رهيا آهن، جن جو رت روسي نسلن جو حصو رهيو آهي. هڪ لحاظ کان جاگرافيائي طور يورپ جو حصو هوندي بہ ثقافتي لحاظ کان اهو ڄڻ تہ ايشيا جو حصو رهيو آهي. يورپ ۾ سائنس ۽ فلسفي وغيرہ جي ميدانن ۾ جيڪي تبديليون اچي رهيون هيون، ان سان ڄڻ روس جي حڪمرانن ۽ ماڻھن جو واسطو ئي نہ هو. پيٽراعظم جي دور ۾ ان کي يورپ سان ڳنڍڻ ۽ جديد ٺاهڻ جو عمل شروع ٿيو. هن پيٽروگراڊ جي شھر جو بنياد رکيو ۽ گادي جي هنڌ کي ماسڪو کان هتي منتقل ڪيو. ٻي مھاڀاري جنگ ۾ هن شھر جي ماڻھن جرمن فاشزم جو جيڪو مقابلو ڪيو ۽ جيڪي قربانيون ڏنيون اهي تاريخ جو حصو آهن. شھر جو ڪو گهر اهڙو نہ هو، جنھن جو ڪو فرد ان جنگ ۾ شھيد نہ ٿيو هجي. هتي ۽ ٻين شھرن ۾ پنھنجي مادر وطن لاء شھيد ٿيندڙن جي قبرن تي روزانو گل رکڻ هڪ معمول جي ڳالھہ آهي.
ماسڪو ۾ لينن جي مقبري تي ماڻھن جي وڏي تعداد ۾ صفن ۾ بيھي حاضري ڏيڻ هڪ معمول هو. هن تازو شادي ٿيل هڪ گهوٽ ڪنوار جو ذڪر ڪيو آهي، جيڪي اتي حاضري ڏيڻ آيا هئا. ماڻھن انھن کي موقعو ڏنو تہ اهي اڳ ۾ حاضري ڏين.
ڪو دور هوندو هو جڏهين ترڪي جو شمار دنيا جي وڏين طاقتن ۾ ٿيندو هو، يورپ جا گهڻا ملڪ سندس ضابطي ۾ هئا ۽ ائٽلانتڪ سمنڊ کي ان جي ڍنڍ ڪري ليکيو ويندو هو. روس جي راڻي ڪيٿرين جي دور ۾ جنگين ۽ مختلف ٺاهن ڪري ترڪي جي ان حيثيت ۾ زوال اچڻ شروع ٿيو. ترڪ ان ڳالھہ کي مڃڻ لاء تيار ناهن تہ انھن آرمينائي ماڻھن جو قتل عام وغيرہ ڪيو هو. پر آرمينائي هن وقت بہ ترڪن جو نالو ٻڌڻ لاء تيار ناهن. هن وقت بہ آرمينيا جو هڪ حصو ترڪي وٽ آهي. ليکڪا اهو سوال اٿاري ٿي تہ ڇا ان جو ڪارڻ اهو آهي تہ آرمينيا ۽ ترڪي جو مذهب مختلف آهي، جڏهين تہ روس سان عيسائي هئڻ ڪري انھن جي مذهبي هڪ جهڙائي آهي. آرمينيا جي ترڪي کان آزادي ۾ پڻ روس جو ڪردار رهيو آهي. جارجيا جي گادي جي هنڌ طبلسي ۾ هو اتان جي ليکڪن ۽ ٻين ماڻھن سان ملي ٿي ۽ سندس تاثر اهو ٿو هجي تہ اهي ماڻھو ڏاڍا خوش مزاج ۽ ملنسار آهن.
ملڪن جون سرحدون تبديل ٿينديون رهيون آهن. آذربائيجان جيڪو ان وقت سوويت يونين جو حصو هو ڪڏهين ايران ۽ ترڪي جو حصو بہ رهيو هو. کيس ان جي گادي جي هنڌ باڪو ۾ مختلف جاين تي پنھنجي ليکي روشني ۽ باه ٻرندي نظر اچي ٿي. اها اتي قدرتي گيس جي ذخيرن ڪري هجي ٿي. ان روشني ۽ باه کي ڏسندي هو اهو خيال ڏيکاري ٿي تہ زرتشت مذهب جي شروعات ان ئي علائقي مان ٿي ۽ پوء اهو ايران جي ٻين علائقن ۾ پھتو.
مسلمان جڏهين روم جو ذڪر ڪندا هئا تہ سندن نظر ۾ اوڀر جو روم يعني قسطنطنيه هوندو هو. مسلمانن جي فتح کانپوء ان جي اها حيثيت ختم ٿي ويئي ۽ آرٿوڊوڪس عيسائين جو مرڪز روس منتقل ٿي ويو.
1846 ۾ انگريزن هڪ ٺاه تحت گلاب سنگه ڊوگره کي ڪشمير، جمون ۽ لداخ وغيرہ جو علائقو ڏنو هو. اهو ڊوگره راڄ 1947 تائين رهيو.
ليکڪا ڪشمير جو ذڪر ڪندي ان جي سياسي پاسي جو ذڪر نہ ٿي ڪري، پر ان ڳالھہ تي زور ڏئي ٿي تہ ان ڳالھہ جي باوجود تہ مغل بادشاه اڪبر ۽ اورنگزيب وغيرہ هتي فوجون بہ موڪليندا رهيا ۽ پاڻ بہ وقت گذارڻ لاء هتي ايندا رهيا، پر هتي اسلام جو ڦھلاء گهڻي ڀاڱي صوفين جي وسيلي ٿيو. ان جو هڪ ڪارڻ اهو بہ هو تہ هتي هندن ۾ شيو مت جو گهڻو اثر هو، جيڪو پالڻھار سان سڌي تعلق جي ڳالھہ ڪري ٿو ۽ ڪنھن واسطي کي وچ ۾ نہ ٿو آڻي. ان ڪري هن ماٿري ۾ ماڻھو ڊگهي عرصي تائين ڪنھن مذهبي مت ڀيد کانسواء رهندا آيا آهن. هتي مسلمانن ۽ هندن جا گهڻا مذهبي ماڳ آهن. جڏهين ليکڪا اهو ڏٺو تہ بسون سري نگر کان اسلام آباد وڃن ٿيون تہ کيس خيال آيو تہ شايد دنيا ۾ ٻين جاين جيان هتي بہ ٻنھي ملڪن ۾ ڪو ٺاه ٿيو آهي. پر پوء کيس خبر پيئي تہ ٻين گهڻن علائقن جي نالن تبديل ڪرڻ سان گڏ اننت ناگ کي اسلام آباد چيو وڃي ٿو. ڪشميري ٻولي ۾ ناگ جي معنا چشمو آهي.
جمون جو ماحول کيس ماٿري جي ماحول کان مختلف لڳي ٿو. ڪشمير جو ماحول صوفي مت جي ويجهو لڳي ٿو جڏهين تہ جمون جي ماڻھن جي ثقافت ۽ انھن جا طور طريقا پنجاب جي وڌيڪ ويجهو لڳن ٿا.

قديم هندوستان: سمنڊ، واپار ۽ ان جا اثر

اسڪاٽ لينڊ سان واسطو رکندڙ ليکڪ وليم ڊئلرمپيئر جو هندوستان جي تاريخ ۽ سماج تي گهڻو ڪم ٿيل آهي. پنھنجي زندگي جو هڪ وڏو حصو هن هتي گذاريو آهي. سندس ان سلسلي ۾ گهڻا ڪتاب اچي چڪا آهن. The Golden Road-How Ancient India Transformed the world قديم دور کان هندوستان جي دنيا جي مختلف ملڪن سان تجارتي، علمي ۽ مذهبي لاڳاپن ۽ انھن جي اثرن متعلق تازو ڪتاب آهي.
سندس چوڻ آهي تہ شاهراه ريشم انگريزن جي ننڍي کنڊ ۾ اچڻ کانپوء اوڻويھين صدي جي وچ جي ڳالھہ آهي، جڏهين تہ هندوستان جا سمنڊ رستي دنيا سان لاڳاپا گهڻو اڳ جا آهن. ڳالھہ اها آهي تہ هندوستان ان لحاظ کان پس منظر ۾ رهيو آهي ۽ خطي جي ٻاهرين دنيا سان تعلق جو سڄو ڪريڊٽ چين کي ڏنو وڃي ٿو.
ان سلسلي ۾ ٻڌ مت جو وڏو ڪردار آهي. ٻڌ مت خاص طور تي هندوستان جي واپارين ۽ هنرمندن لاء هڪ Break through هو. ڇاڪاڻ تہ برهمڻن سمنڊ جي سفر کي ممنوع قرار ڏيئي ڇڏيو هو. سندن چوڻ هو تہ سمنڊ ۾ بد روحون آهن، جيڪي انسان کي جيئرو نٿيون ڇڏين. ٻي ڳالھہ تہ اهڙي سفر ڪرڻ سان ماڻھو پنھنجي ذات کان هيٺ ڪري پئي ٿو ۽ پنھنجي حيثيت وڃائي ڇڏي ٿو. جڏهين تہ ٻڌ مت دولت گڏ ڪرڻ ۽ وياج تي پئسن ڏيڻ کي خراب نہ ٿوسمجهي. ٻڌ جو چوڻ هو تہ دولت گڏ ڪرڻ ۾ ڪو عيب ناهي، جيستائين ڪنھن شخص کي نرواڻ حاصل نہ ٿو ٿئي. ساڳي طرح سمنڊ وسيلي واپار بہ خراب ڳالھہ ناهي.
واپارسان گڏ عقيدا ۽ نظريا بہ سفر ڪندا آهن ۽ ماڻھن کي متاثر ڪندا آهن. ان ۾ ڪا حيرت جي ڳالھہ ناهي تہ خاص طور ڏکڻ اوڀر ايشيا جي ملڪن جي طور طريقن ۽ عقيدن تي چين سان ويجهي هئڻ جي باوجود ڀارت جو اثر گهڻو آهي. مندر ۽ عبادت گاهن وغيرہ ۾ اهو سڀ ڏسي سگهجي ٿو. اهو سڀ ڪنھن ڪاه يا فوج ڪشي جي ڪري نہ پر واپار ۽ ثقافتي ڏي وٺ جي ڪري ٿيو آهي. ايستائين تہ اتان جي حڪمرانن بہ پنھنجي دربارن ۾ اهي رسمون ۽ طريقا اختيار ڪيا جيڪي هندوستان جي حڪمرانن جا هئا ۽ اهي پنھنجو شجرو بہ هبدو ديوتائن سان ڳنڍيندا هئا.
ٻڌ راهب بہ ان واپار جي ڪم ۾ شامل ٿي ويا. خانقاهون واپارين کي وياج تي قرض ڏينديون هيون. اهي واپاري جڏهين پنھنجي سفر تان موٽندا هئا تہ انھن خانقائن کي چندا ۽ تحفا ڏيندا هئا. خاص طور پرڏيھہمان آيل واپاري انھن خانقائن ۾ رهندا بہ هئا. هڪ لحاظ کان ڏورانھن علائقن تائين ڦھليل انھن خانقائن جي نيٽ ورڪ جي ڪري واپارين کي شھرن ۽ بندرگاھن تائين سفر ڪرڻ ۾ پڻ هڪ تحفظ جو احساس ٿيندو هو. ساڳي وقت مون سون جي هوائن جي ڪري سمنڊ جو سفر زمين جي سفر کان وڌيڪ سولو، گهٽ وقت وٺندڙ ۽ فائديمند هو. ٻڌ مت جي پوئلڳن سان گڏ سامونڊي ڪنارن جي ويجهو رهندڙ هندو مت جي پوئلڳن بہ سامونڊي سفر اختيار ڪيو. اهي اڳ ۾ ئي گهٽ ذات جا ماڻھو هئا، ان ڪري انھن کي سماج ۾ پنھنجي حيثيت گهٽ ٿيڻ جو ڪو اونو نہ هو. ان سفر جي ايتري ڇڪ هئي، جو گهڻا برهمڻ بہ سمنڊ رستي پرڏيھہويندا هئا ۽ پوء اهو عذر پيش ڪندا هئا تہ اهي ڪرشمي سان هوا ۾ اڏي اتي پھتا هئا. چيني ذريعن مان اها خبر پئي ٿي تہ 400 عيسوي ۾ ملايا اپٻيٽ جي هڪ ساحلي درٻار ۾ هڪ هزار برهمڻ هئا. اها خبر ناهي تہ اهي برهمڻ پنھنجي ليکي ايندا هئا يا اتان جي سردارن جي دعوت تي ايندا هئا. اتان جا ماڻھو سندن عقيدن تي عمل ڪندا ۽ پنھنجين ڌيئرن سان سندن شاديون ڪرائيندا هئا جنھن جي ڪري اهي موٽي نہ ويندا هئا.
آثار قديمہ جي ماهرن ڪمبوڊيا ۾ پھرين کان ٽين صدي عيسوي جي ماڻھن جي هڏين جي ڊي اين اي مان اهو نتيجو ڪڍيو آهي تہ ٻائيتاليہ کان اوڻونجاه سيڪڙو ماڻھن جو واسطو ڏکڻ هندوستان جي ماڻھن سان آهي ۽ انھن ۾ گهڻائي گهٽ ذات وارن ماڻھن جي آهي.
هندو مت جي ايتري اثر رسوخ جي باوجود انھن ملڪن جي ماڻھن جي زندگي جي ڪجهہ پاسن تي بلڪل اثر نہ ٿيو آهي. مثال طور اتي ذات پات جو نظام ناهي. ساڳي ريت اتي مختلف ماڻھو گڏجي ويھي کائي سگهن ٿا. اهڙي ريت هندو مت ۾ جيئن عورت کي گهٽ درجو ڏنو وڃي ٿو ۽ ان کي ملڪيت رکڻ ۽ ان جي وڪري وغيرہ جو حق ناهي پر انھن ملڪن ۾ انھن کي نہ رڳو اهي حق حاصل آهن پر ڪجهہ عبادتگاهن ۾ انھن جو اڳواڻي وارو ڪردار بہ آهي. جواهرلال نھرو جڏهين ورهاڱي کان اڳ عظيم هندوستان جي ڳالھہ ڪئي ٿي جنھن ۾ اهو سڄو علائقو شامل هو تہ سندس ذهن ۾ اها ئي ڳالھہ هئي.
ليکڪ سنڌ هند جو اصطلاح استعمال ڪري ٿو. سندس چوڻ آهي تہ ميٿميٽڪس، شطرنج ۽ فلڪيات جو علم هتان ئي افغانستان ۽ وچ ايشيا ذريعي عربن وٽ ويو. پھرين بغداد ۽ پوء اسپين ۾ موجود لائبريرين ذريعي اهو علم اٽلي، فرانس ۽ اولھہ جي ٻين علائقن تائين پھتو. ارسطو، افلاطون ۽ يونان جي ٻين فلسفين جي ڪتابن کي پھرين عربي ۾ ترجمو ڪيو ويو ۽ پوء اتان اهي اولھہ جي ملڪن ۾ پھتا. ان کان اڳ اولھہ جا ماڻھو ان کان اڻڄاڻ هئا. سندس چوڻ آهي تہ يورپ ۾ Renaissance ۾ ان جو اهم ڪردار هو.
ڀارت جا ڪجهہ تجزيہ نگار ان ڪتاب جي ساراه ڪن ٿا تہ ان خاص طور ڏکڻ هندوستان جي سمنڊ رستي ٻاهرين دنيا سان لاڳاپن جي تاريخي اهميت کي سامھون آندو آهي، جڏهين تہ ڪجهہ ٻيا اهو چون ٿا تہ ان کان اڳ بہ ان سلسلي ۾ ٻين تاريخدانن ڪم ڪيو آهي. سندن اعتراض خاص طور ان ڳالھہ تي آهي تہ ليکڪ هندو مت جي ڀيٽ ۾ ٻڌمت کي گهڻي اهميت ڏني آهي.

چلي: فلم ۽ مھم جوئي

گارشيا مارڪيز جيNews of Kidnapping کانپوء سندس نان فڪشن جو هڪ ٻيو ڪتاب Clandestine in Chile_ The Adventures of Miguel Litten منھنجي مطالعي ۾ رهيو. اهو چلي جي هڪ فلم پروڊيوسر جي چلي ۾ مھم جوئين جو بيان آهي. هي شخص چلي جي چونڊيل صدر سلواڊور آلندي جو حامي هو ۽ ان جي صدارتي مھم ۾ بہ حصو ورتو هئائين. گارشيا ساڻس جيڪا ڳالھہ ٻولھہ ڪئي ان جي رڪارڊنگ اٽڪل ڇھہ سو صفحن تي هئي، جنھن کي هن ٻہ سو کان گهٽ صفحن تي آندو آهي. هي ڪتاب پھريون ڀيرو 1987 ۾ آمريڪا ۾ شائع ٿيو.
آلندي جي حڪومت جي تختي اونڌي ٿيڻ ۽ سندس قتل ٿيڻ کانپوء ملڪ ۾ وڏي پئماني تي سندس حامين ۽ ٻين ترقي پسند ماڻھن جي گرفتارين ۽ انھن کي قتل ڪرڻ جو سلسلو شروع ٿيو. پنوشي اهو اعلان ڪيو هو تہ هو ملڪ مان جمھوريت جو نالو نشان مٽائي ڇڏيندو.
ميگوئيل لٽن کي آلندي چلي فلمز جو سربراه مقرر ڪيو هو. هن اداري جو مقصد چلي جي ثقافت ۽ ماڻھن جي زندگي جي حقيقي تصوير کي دنيا آڏو پيش ڪرڻو هو. آلندي جي قتل کانپوء کيس فلم اڪيڊمي مان گرفتار ڪيو ويو هو، پر فلمن جي شوقين هڪ سپاهي جي مدد سان کيس اتان تہ ڇوٽڪارو مليو پر هو آلندي جي حامي طور نشاني تي هو. هو پنھنجي خاندان سان گهر ڇڏي اٽڪل هڪ مھيني تائين دوستن ۽ واقفڪارن جي گهرن ۾ رهيو ۽ پوء ملڪ ڇڏي جلاوطني ۾ هليو ويو. ٻارنھن سالن تائين حڪومت پاران جن ماڻھن کي جلاوطني ختم ڪري ملڪ موٽڻ جي اجازت ڏني ويئي انھن ۾ سندس نالو شامل نہ هو.
ان دوران هن چلي جي موجودہ صورتحال تي هڪ فلم ٺاهڻ جي رٿا ٺاهي. هن ان لاء تياريون ڪيون. پرڏيھہ جي فلم سان لاڳاپيل مختلف ماڻھن سان رابطو ڪيو ۽ فرينچ، اٽالين ۽ ڊچ ماڻھن تي مشتمل ٽي ٽيمون ٺاهيون، جن کي ملڪ جي مختلف حصن ۾ ڪم ڪرڻو هو. پر مسئلو سندس لاء هو تہ پاڻ ملڪ ۾ ڪيئن داخل ٿيندو. ان مقصد لاء سندس سڄو حليو تبديل ڪيو ويو. اهڙي ريت تہ هو پنھنجو پاڻ کي بہ سڃاڻي نہ ٿي سگهيو. هو هاڻي يورا گوائي جو هڪ بزنس مين هو. کيس نئون پاسپورٽ ڏنو ويو. چلي جي زير زمين مزاحمت سان واسطو رکندڙ هڪ عورت ايلينا، جيڪا يورپ ۾ ڪم ڪري رهي هئي، زال جي طور ساڻس گڏ وڃي رهي هئي. اها چلي ۾ زير زمين ڪم ڪندڙ تحريڪ جي اڳواڻن سان سندس رابطو هئي.
هو ٻارنھن سالن جي جلاوطني کانپوء جڏهين چلي جي گادي جي هنڌ سنتياگو ۾ لٿو تہ کيس گهڻو ڪجهہ تبديل ٿيل نظر آيو. ايئر پورٽ کان شھر ڏانھن ويندي کيس عاليشان عمارتون۽ صاف سٿرا روڊ رستا نظر آيا. پھرين تہ کيس اهو محسوس ٿيو تہ هو هروڀرو آيو هو هتي تہ سڀڪجهہ ٺيڪ هو. پر جڏهين هو رستي تي ويندي ماڻھن کي ڏسي ٿو جيڪي پنھنجن خيالن ۾ گم تيز قدم کڻندا هلندا وڃن ٿا، جيڪو چلي جي ماڻھن جو طور طريقو نہ هو تہ کيس محسوس ٿئي ٿو تہ اهي عمارتون روڊ رستا سڀ ايئر پورٽ کان ايندڙ ٻاهر جي ماڻھن کي ڏيکارڻ لاء هئا، جڏهين تہ ماڻھو ڊپ ۽ هراس جي ڪيفيت ۾ زندگي گذاري رهيا هئا. اها خبر نہ هوندي هئي تہ ڪير سندن سڄڻ هو ۽ ڪير دشمن. هوٽلن ۽ ٻين عام جاين تي ڪئميرا ۽ جاسوسي جا آلات لڳل هوندا هئا. ملڪ ۾ محاصري واري ڪيفيت هئي. رات ٿيندي ئي ڪرفيو لاڳو ٿي ويندو هو.
هو نھايت احتياط ڪري ٿو. هر ٻئي ٽئين ڏينھن هوٽل بدلائي ٿو. ڪمري ۾ جاسوسي آلات هئڻ جي خيال کان جيڪڏهين کيس ڪنھن سان ڳالھائڻو هجي ٿو تہ ريڊيو جو آواز وڌائي ڇڏي ٿو. مختلف جاين تي کيس پوليس کي پنھنجي بدليل سڃاڻپ ڪرائڻي پئي ٿي ۽ ان سلسلي ۾ هو ڪڏهين منجهي بہ پئي ٿو. هڪ ڀيري هو سڙڪ تي پنھنجي سس کي هڪ ٻي عورت سان ويندي ڏسي ٿو. اها جيتوڻيڪ ڪجهہ وقت اڳ ميڊرڊ ۾ سندس گهر مان ٿي ويئي هئي پر ان جي باوجود تہ هو بلڪل سندس پاسي مان لنگهي ويئي پر کيس سڃاڻي نہ سگهي. شھر ۾ جيڪڏهين کيس سفر ڪرڻو هوندو هو تہ ور وڪڙ ڏيئي مختلف جاين کان ٿيندو ۽ ٽيڪسيون بدلائيندو ويندو هو. هو عام جاين تي ڪن ڏيئي ماڻھن جي ڳالھہ ٻولھہ ٻڌندو هو ۽ اهو ڏسندو هو تہ ماڻھو ڇا سوچي رهيا هئا. شھر ۾ هو فلمائڻ لاء پنج جايون چونڊي ٿو تہ جيئن سڀاڻي پنوشي اهو نہ چئي سگهي تہ اها فلم تہ چلي ۾ ٺھيل ئي ناهي. انھن جاين ۾ صدارتي محل بہ هجي ٿو جنھن جي لاء انھن خاص اجازت ورتي هئي.
ان محل کي آلندي جو تختو اونڌو ڪرڻ مھل بمباري ڪري تباه ڪيو ويو هو. هن ڏٺو تہ محل جي هر شي کي اڳ جيان ڪيو ويو هو سوائي انھن شين جي جيڪي آلندي سان لاڳاپيل هيون. ان دوران پنوشي پنھنجي آفيس ويندي اتان لنگهي ٿو ۽ کين ڪم بند ڪرڻ لاء چيو وڃي ٿو. هو بلڪل سندن ڀر مان لنگهي ٿو ۽ هو سندس اهو جملو ٻڌي سگهي ٿو تہ عورت ڀلي سچ ڳالھائيندي هجي پر مٿس اعتبار نہ ٿو ڪري سگهجي. صدر آلندي جي لاش کي خاموشي سان دفن ڪيو ويو هو ۽ ڪنھن کي ان جو منھن ڏسڻ نہ ڏنو ويو هو. ڪجهہ شاهدن جو بيان آهي تہ سندس مغز ٻہ اڌ ٿي ويو هو ۽ ان جا حصا ديوارن تي چھٽي ويا هئا.
هو ٻہ ٽي ڏينھن لاء ڪنھن کي ٻڌائڻ کانسواء لڪ چوري ملڪ جي ٻين حصن ڏانھن نڪري وڃي ٿو. فلم ٺاهيندڙن کي کاڻين واري علائقي ۾ وڃڻ جي اجازت نہ هئي پر اتي هڪ وڏي ۽ عاليشان پارڪ کي ڏسڻ جي بھاني، جنھن جي لاء انھن پوليس وارن کي چيو تہ اهو پارڪ دنيا ۾ چلي جي ناموس ۽ عزت جو نشان بڻبو ۽ اهڙي ريت اهي ان علائقي ۾ وڃي سگهيا هئا. ٽڪري تي ٺھيل ان پارڪ جي هيٺان ٿي کاڻين وارو علائقو هو. مٿي پارڪ ۾ تہ آڪسيجن ۽ صحت افزا ماحول هو جڏهين تہ هيٺ کاڻين ۾ ان جي ابتڙ پورهيت ۽ انھن جا ٻار نھايت ئي خراب حالتن ۾ هئا. هتان ئي شاعر پابلو نرودا اسمبلي جو رڪن چونڊيو ويو هو ۽ اهي پورهيت ئي آلندي جي طاقت ۽ ان جا حمايتي هئا. آلندي پاران انھن پورهيتن جي حالت سڌارڻ جو واعدو ڪيو ويو هو ۽ چونڊجڻ کانپوء هن انھن کاڻين کي قومي ملڪيت ۾ ورتو هو. پنوشي اقتدار سنڀالڻ کانپوء اهي سڀ پراڻن مالڪن کي واپس ڪري ڇڏيون ۽ هن وقت انھن جي حالت اڳ جيان ئي خراب هئي. ان دوران هو هڪ ڀيري اهڙي علائقي ۾ نڪري وڃي ٿو جتي سندس ماء رهندي هئي. هو بہ کيس سڃاڻي نہ ٿي ۽ کيس ٻڌائڻو پئي ٿو تہ هو سندس پٽ لتن آهي.
هو پنھنجي دوست سان شھر ۾ هلندي اهو محسوس ڪري ٿو تہ سندس نگراني ڪئي پيئي ويئي. ان صورتحال کي منھن ڏيڻ ۽ پنھنجي پويان لڳل همراهن کي اهو ٻڌائڻ تہ هو ملڪ مان نڪري ويو آهي، هو ايئرپورٽ تان ارجنٽائن وڃڻ جو فيصلو ڪري ٿو پر پوء ڪجهہ ڏينھن ۾ ئي هو وري چلي ۾ داخل ٿئي ٿو.
ان وقت چرچ چلي جي مزاحمت جو حصو هو.ِ چرچ سان لاڳاپيل گهڻا ماڻھو انڊرگرائونڊ تنظيمن جو حصو هئا.Nuns بہ زير زمين تحريڪ سان سندس رابطي جو هڪ ذريعو هيون. جيئن فلم ٺھي ٿي، تيئن ان کي ٻاهر موڪليو ٿي ويو. جڏهين ڪم مڪمل ٿيڻ کانپوء هو اتان روانو ٿيو ٿي تہ عين وقت تي جھاز کي روڪيو ويو ۽ مسافرن کي چيو ويو تہ ٻہ انسپيڪٽر سندن ٽڪيٽ چيڪ ڪندا. جڏهين اهو مرحلو گذري ويو تہ ايئر هوسٽس کيس ٻڌائي ٿي تہ جھاز ۾ هڪ Unauthorized مسافر جي اچڻ جو شڪ هو جنھن جي ڪري جھاز کي روڪيو ويو هو. بھرحال هو خيريت سان ميڊرڊ پھچي ٿو.
اها فلم ٿئيٽر لاء ٻہ ڪلاڪ ۽ ٽيليويزن لاء چار ڪلاڪن جي آهي.

درد جي ڪٿا

لعل پشپ جي ان ڪتاب جو روايتي طور ڪو عنوان ناهي. ان ۾ ورهاڱي جي ڪٿا بہ آهي، ليکڪ جي پنھنجي زندگي جي ڪھاڻي بہ آهي ۽ ساڳي وقت ڀارت لڏڻ کانپوء اتي پيش ايندڙ صورتحال بہ آهي. ليکڪ اهو فيصلو نہ ٿو ڪري سگهي تہ ان کي آتم جيوڻي چئي، ناول چئي يا تواريخ ۽ ٻيو ڪجهہ چئي. ان ڪري ان کي هن آتم جيوڻي، ناول ۽ تواريخ لکيو آهي. مون ان کي پڙهندي جيڪو محسوس ڪيو آهي اهو هي تہ اها هڪ درد جي ڪٿا آهي، جنھن ۾ خاص طور تي ورهاڱي جي ڏک سان گڏ سنڌ ۾ هندن سان هڪ ڊگهي عرصي کان جيڪي ڪجهہ وهيو واپريو آهي ان کي بيان ڪيو ويو آهي. ليکڪ جا ڪھاڻي، ناول ۽ تنقيد جي حوالي سان گهڻا ڪتاب ڇپيل آهن ۽ هو سنڌي جي هڪ اهم ليکڪ طور ڄاتو وڃي ٿو.
ريڪارڊ جي لحاظ کان ليکڪ جي ڄم جي تاريخ پھرين جنوري 1935 آهي پر هو پنھنجي هڪ واقف بزرگ، جيڪو لاڙڪاڻي ۾ سندن پاڙيسري هو، جي حوالي سان لکي ٿو تہ هو ورهاڱي کان ست اٺ سال اڳ ڄائو هو ۽ ڪتاب ۾ بہ مختلف جاين تي ورهاڱي وقت پاڻ کي اٺ سالن جو ڇوڪر ڪري لکي ٿو.
اهو تہ ٺيڪ آهي تہ سنڌ ۾ بنگال ۽ پنجاب وانگر فساد نہ ٿيا پر ساڳي وقت اها بہ هڪ حقيقت آهي تہ هڪ تہ سنڌي مسلمان نئين ملڪ پاڪستان جي ٺھڻ تي خوش هئا ۽ هر پاسي ساوا جهنڊا نظر ايندا هئا ۽ ٻيو اهو بہ تہ انھن کي اها بہ خوشي هئي تہ هندو لڏي ويندا تہ سندن گهر ۽ مال ملڪيت کين ملندو، جيڪا ڳالھہ ٿي نہ سگهي.
ستين صدي عيسوي ۾ مسلمانن جي سنڌ فتح ڪرڻ کانپوء هندن سان ظلم زيادتي شروع ٿي ويئي ۽ آهستي آهستي انھن جو تعداد گهٽجندو ويو. خاص طور ٽالپرن جي حڪمراني جا اسي سال گهڻا سخت هئا، جنھن ۾ هندن جي گهڻي تذليل ڪئي ويئي. انھن جي دولت مند ۽ معتبر ماڻھن کي بہ گهوڙي جي سواري جي اجازت نہ هئي ۽ کين گڏه ۽ خچر تي ويھڻو پوندو هو. اهو ڄڻ هڪ تبليغ جو دور هو جنھن ۾ ڪنھن بہ بھاني سان هندن کي زوري مسلمان ڪيو ويندو هو. هندن جو وڏو الميو اهو هو تہ انھن راجا ڏاهر کانپوء ڪو اڳواڻ پيدا نہ ڪيو. ڪانگريس جي سنڌي اڳواڻن مان ڪرپلاڻي گانڌي جي ڪڇ ۾ ويٺو هو ۽ دولت رام نھرو جو پوئلڳ هو. کين سنڌ ۽ هندو سنڌين جو ڪو اونو نہ هو. سيٺ نائونمل هو جنھن انگريزن جي سنڌ فتح ڪرڻ ۾ مدد ڪري هڪ لحاظ کان هندن کي مسلمانن ۽ خاص طور ٽالپور حڪمرانن جي ڏاڍ مان نجات ڏياري. هو هڪ وڏو واپاري هو، سڄي دنيا ۾ سندس واپاري ڪوٺيون هيون. ليکڪ جو چوڻ آهي تہ اڄ جي حوالي سان ڏسجي تہ سندس دولت ڀارت جي هندوجا ڀائرن کان بہ گهڻي هئي. هو سڄي سنڌ جي هندن جي سارسنڀال لھندو هو ۽ انھن جي مالي ۽ ٻي مدد ڪندو هو.
ليکڪ هند جي انھن ترقي پسند ليکڪن، جيڪي هر وقت سنڌ جو ذڪر ڪري ڳوڙها ڳاڙهين ٿا، اهو پڇي ٿو تہ سنڌ اوهان کي ڇا ڏنو. اهي جڏهين لڏي آيل سنڌين لاء اهو چون ٿا تہ اهي ڪانئر آهن ۽ سنڌين جان نہ گهوري وطن گهوري آيا تہ هو کانئن موٽ ۾ اهو پڇي ٿو تہ اهي پاڻ بہ تہ سنڌ ڇڏي آيا ۽ پنھنجي متعلق اها ڳالھہ ڇو نہ ٿا ڪن.
جيئن سنڌي هتي ڀارت مان لڏي آيل پناهگيرن لاء چوندا آهن تہ هڪ ڊگهي عرصي گذرڻ کانپوء بہ اهي سنڌ کي پنھنجو نہ ڪري سگهيا آهن ساڳي ريت ليکڪ لڏي ويل سنڌين لاء بہ ساڳي ڳالھہ ڪري ٿو تہ اڌ صدي کان وڌيڪ عرصو ڀارت ۾ رهڻ ۽ گنگا، برهمپترا ۽ ڀارت جي ٻين ندين جي پاڻي پيئڻ کانپوء بہ اهي ان ديش کي پنھنجو نہ ڪري سگهيا آهن ۽ اڃا تائين سنڌ ۽ سنڌو جو راڳ ڳائيندا رهن ٿا. جيڪڏهين واقعي اوهان کي سنڌ سان ايتري محبت هئي تہ پوء طھر ڪرائي مسلمان ٿي وڃو ها ۽ اتي اڌ هندو اڌ مسلمان واري زندگي گذاريو ها.
ڀارت ۾ بمبئي لڏي ويل گهڻن سنڌين کي الھاس نگر ۾ فوج جي خالي ڪيل بيرڪن ۾ رهايو ويو هو. هتي شھري سھولتن جي حوالي سان نھايت خراب صورتحال هئي. ڪوئا، نانگ، وڇون وغيرہ جام هوندا هئا ۽ حڪومت پاران انھن جي مارڻ تي باقاعدي معاوضي جو اعلان ڪيو ويو هو. گهڻا اهڙا خاندان هئا جن جا ڪجهہ ڀاتي جھاز تي چڙهڻ جي ڀڄ ڍڪ ۾ پوئتي رهجي ويا هئا. هتي شروع ۾ سرڪار پاران شرنارٿين کي کاڌ خوراڪ پھچائي ويندي هئي ۽ ٻي مالي مدد ڪئي ويندي هئي. ان سان گڏ اهڙا سرندي وارا سنڌي جيڪي اڳ ئي بمبئي ۾ رهيل هئا پڻ انھن جي مدد ڪندا هئا. ظاهر ڳالھہ آهي تہ اها مدد عارضي ۽ ڪجهہ وقت لاء هئي ۽ هميشہ جاري نہ ٿي رهي سگهي. ساڳي وقت اڳ جيڪو آسرو هو تہ اها صورتحال عارضي هئي ۽ اهي وري پنھنجي وطن سنڌ موٽي ويندا پر وقت گڏرڻ سان گڏ اها اميد بہ ختم ٿيندي ويئي ۽ انھن سمجهي ورتو تہ کين هميشہ ان وطن ۾ ئي رهڻو هو. ماڻھن کي پاڻ پنھنجي روزي ڪمائڻ جو بندوبست ڪرڻو هو. ڪجهہ اهڙا زميندار هئا، جن سنڌ ۾ سڄي عمر ڪک ڀڃي ٻہ نہ ڪيو هو. هڪ اهڙي زميندار جو هن ذڪر ڪيو آهي جنھن پنھنجي گهر ۾ جوا جي ٽيڪري هلائڻ شروع ڪئي. ننڍن ٻارن کي گهر وارن جي مالي مدد بہ ڪرڻي هئي ۽ ساڳي وقت پنھنجي تعليم کي بہ جاري رکڻو هو. ان لاء عورتون گهرن ۾ پاپڙ ۽ ٻيون مختلف شيون تيار ڪنديون هيون، جيڪي اهي ٻار ڏينھن جي وقت ٽرينن ۾ وڪڻندا هئا ۽ شام ۾ اسڪول ويندا هئا. انھن جي لاء ڪنھن ڪم جي شروعات ڪرڻ ڏکيو هو. ڪجهہ ڪم ڪرڻ وارن ماڻھن کي هتان جي حالتن مطابق پنھنجو ڌنڌو هلائڻو هو. ڪجهہ ڄڻا گڏجي ننڍي پئماني تي فوٽ پاٿ تي ميوا وغيرہ وڪڻڻ شروع ڪن ٿا ۽ انھن جا اگهہ مارڪيٽ ۾ ٻين دوڪاندارن کان گهٽ رکن ٿا جنھن جي ڪري سندن سامان تہ جلد وڪامي وڃي ٿو پر ساڳي وقت کين ٻين دوڪاندارن جي ڪاوڙ کي بہ منھن ڏيڻو پئي ٿو ۽ نفعو بہ گهٽ هجي ٿو. آهستي آهستي اهي ڌنڌي کي وڌائين ٿا ۽ فٽ پاٿ تان اٿي دوڪان خريد ڪري اتي پنھنجو ڪم ڪن ٿا.
ليکڪ جو لھجو سنڌي مسلمانن جي حوالي سان نھايت ڪڙو ۽ ڪاوڙ وارو آهي. هو لکي ٿو تہ جڏهين ورهاڱي کانپوء کين اهو محسوس ٿيو تہ کين هندن جي ڇڏيل ورثي مان ڪجهہ ناهي مليو تہ انھن رڙيون ۽ شڪايتون ڪرڻ شروع ڪيون ۽ هندن سان يڪجھتي جو اظھار ڪرڻ لڳا. جي ايم سيد بہ چوڻ لڳو تہ مون کان غلطي ٿي ويئي. سڀ زمينون ۽ ملڪيتون ڀارت مان آيل پناهگيرن کي مليون. ايستائين تہ روڊن رستن ۽ عمارتن وغيرہ جا نالا مٽائي، انھن تي بجائي سنڌي مسلمانن جا نالا رکڻ جي پناهگيرن جا نالا رکيا ويا.
اهو ڪتاب هڪ لحاظ کان شعور جو وهڪرو آهي جنھن ۾ ليکڪ پنھنجي اندر جو درد اوتيو آهي. ان ۾ سنڌ جي تواريخ ۽ لڏي ويل سنڌين جي صورتحال جون ڪجهہ جهلڪيون ملن ٿيون.

ماڻڪ ۽ ماڻڪ ڪانفرنس

منير احمد ماڻڪ سنڌي جو هڪ نمائندہ ڪھاڻيڪار آهي. سندس وفات جي چاليھہ سالن کان وڌيڪ عرصي گذرڻ کانپوء بہ سندس لکڻين سان گڏ سندس زندگي ۽ موت بہ لاڳيتو بحث جا موضوع رهيا آهن. تازو انجمن ترقي پسند مصنفين ماڻڪ ڪانفرنس جي نالي سان نوابشاه پريس ڪلب هڪ پروگرام ڪيو.
ان پروگرام ۾ آئون بہ شريڪ ٿيس. 24 ڊسمبر 2023 تي اهو پروگرام رٿيل هو. اسان ڪجهہ دوست ڪراچي مان 23 ڊسمبر ٻنپھرن جو نڪتاسين. انڊس هائي وي کان آمري جي پل کان ٿيندا قاضي احمد ۽ پوء نواب شاه پھتاسين. اسان جي رات رهڻ جو بندوبست شھر کان ڏه ٻارنھن ڪلوميٽر پري ڊوڙائي مھر نالي ٻھراڙي جي معاذ فارم هائوس ۾ ڪيو ويو هو. نوابشاه سان هن علائقي کي ڳنڊيندڙ سڙڪ نھايت سٺي حالت ۾ آهي جنھن جو گهٽ ۾ گهٽ سنڌ جي ٻھراڙي ۾ تصور ڪرڻ ڏکيو آهي. ان جو ڪارڻ هڪ دوست ٻڌايو تہ اها سڙڪ سکر کان حيدرآباد تائين زير تعمير موٽر وي جو حصو آهي. انٽرچينج جيڪو ان موٽروي کي نوابشاه شھر سان ڳنڊيندو.
پروگرام نوابشاه پريس ڪلب ۾ ٿيڻو هو ۽ ان جي شروع ٿيڻ جو وقت صبوح ساڍي ڏهين وڳي هو. پروگرام جي شروع ۾ انجمن جي صدر مشتاق ڪشفي ۽ ترقي پسند دانشور احمد سليم جي وفات تي تعزيتي ريفرينس پيش ڪيا ويا. پوء ڪجهہ ڪتابن جي مھورت ڪئي ويئي. ان کانپوء ماڻڪ ڪانفرنس جي ڪاروائي شروع ٿي. مختلف مقررن ماڻڪ جي حياتي ۽ فن تي ڳالھايو. گهڻن جو اهو چوڻ هو تہ هو معاشي ڏکيئين ۽ خانداني مسئلن جو شڪار هو ۽ دوستن پاران بہ سندس ڪا مدد نہ ڪئي ويئي. ساڳي وقت سندس ڪھاڻين وغيرہ تي بہ بيجا تنقيد ڪئي ويئي. ماڻڪ جي پٽ علي جو چوڻ هو تہ اسان خاندان وارا ماڻڪ کي نہ ٿا سڃاڻون، پر اسان منير احمد کي سڃاڻون ٿا جيڪو آئون جڏهين ستن اٺن سالن جو مس هوس تہ اسان کي ڇڏي هليو ويو.
منھنجو اهو رايو هو تہ ماڻڪ کي بلڪل ئي رد نہ ڪيو ويو هو پر ان سلسلي ۾ ٻہ رايا هئا. هڪڙا کيس فحاشي ڦھلائيندڙ ليکڪ سڏيندا هئا، جڏهين تہ ٻين، جنھن ۾ ان وقت جي ڪراچي سنگت بہ شامل هئي، جنھن جو مٿي حوالو ڏنو آهي، سندس ڪھاڻين ۽ ناولن وغيرہ جي سنڌ جي سماجي ۽ سياسي تناظر ۾ ادبي حوالي سان تجزيو ڪرڻ تي زور ڏنو ٿي.
انجمن ترقي پسند مصنفين هندوستان جي سياسي حالتن جي پيداوار هئي. شروعاتي سالن ۾ انجمن جي اڳواڻن ان جي گڏيل پليٽ فارم هئڻ تي زور ڏنو ٿي جنھن ۾ رڳو سوشلسٽ ۽ ڪميونسٽ نہ پر ملڪ جي آزادي ۽ جمھوريت لاء جدوجھد ڪندڙ سڀ شامل ٿي سگهيا ٿي. اهو موقف سرد جنگ جي شروع ٿيڻ تائين هو. جڏهين دنيا فاشزم خلاف جنگ جي مرحلي مان گذري باقاعدي سرد جنگ جي مرحلي ۾ داّخل ٿي تہ اها باقاعدي طور ٻن ڪئمپن ۾ ورهائجي چڪي هئي. پھرين بمبئي ۽ پوء لاهور جي انجمن جي ڪانفرنسن ۾ ان ڳالھہ کي ورجايو ويو تہ رڳو ڪميونسٽ نظرئي جا ليکڪ ئي انجمن لاء قابل قبول آهن. ان بنياد تي منٽو کي رد ڪيو ويو، جنھن جو چوڻ هو تہ کيس رجعت پسند ترقي پسند چون ٿا ۽ ترقي پسند رجعت پسند چون ٿا. احمد نديم قاسمي، جيڪو انجمن جو سيڪريٽري جنرل بہ رهيو، پنھنجي رسالي نقوش لاء منٽو کان ڪھاڻي گهري. پر ڪجهہ وقت کانپوء اهو چئي هن اها واپس ڪري ڇڏي تہ انجمن پاران اهڙن ليکڪن جي لکڻين ڇاپڻ تي پابندي وڌي ويئي آهي، جيڪي سوشلسٽ ناهن. ساڳي وقت پاڪستان ٽائمز جي ايڊيٽر جي حيثيت ۾ فيض منٽو جي افساني ٺنڍا گوشت جي حوالي سان جيتوڻيڪ ان جي فحاشي واري الزام جي پريس ڪائونسل ۽ پوء عدالت ۾ حمايت نہ ڪئي، پر ان لاء چيو تہ ادبي لحاظ کان اها هڪ ڪمزور تخليق آهي ۽ ان تي ادبي لحاظ کان تنقيد ٿي سگهي ٿي. اهڙي ريت سندس موقف مبھم ۽ منٽوکي رجعت پسندن جي مقابلي ۾ مڪمل حمايت ڏيڻ وارو نہ هو.
ماڻڪ جي آپگهات وارو معاملو لاڳيتو بحث هيٺ رهندو آيو آهي. هڪ مضبوط رايو اهو آهي تہ وجودي نظريو سندس آپگهات جو مک ڪارڻ آهي. ڪانفرنس ۾ ان حوالي سان ماڻڪ جي بيروزگاري ۽ سندس معاشي ۽ خانداني مسئلا بحث هيٺ آيا، جيڪي سندس آپگهات جو هڪ اهم ڪارڻ ٿي سگهن ٿا. ساڳي وقت خاص طور سنڌ جي شھرن ۾ سنڌ جي وچولي طبقي جي نوجوانن کي جيڪي نفسياتي، معاشي ۽ سماجي مسئلا درپيش هئا، اهي بہ هڪ حساس ليکڪ لاء ان جو ڪارڻ ٿي سگهن ٿا. منھنجو رايو اهو آهي تہ جيئن ساره شگفتہ جا ذاتي ۽ خانداني مسئلا سندس آپگهات جو ڪارڻ هئا، اهڙي ريت ماڻڪ جا پڻ آپگهات لاء ڪارڻ سندس ذاتي، نفسياتي ۽ معاشي مسئلا هئا. جيڪڏهين وجودي نظريو آپگهات جو ڪارڻ هجي ها تہ ان جا ٽي وڏا وڪيل ليکڪ البرٽ ڪاميو، سارتري ۽ ڪافڪا آپگهات ڪن ها. بھرحال ماڻڪ جي زندگي ۽ تخليق تي اڃا ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.
جيتوڻيڪ مون کي شھر ۾ رهڻ ۽ گهمڻ جو گهڻو موقعو نہ مليو پر منھنجو فوري تاثر اهو هو تہ نوابشاه کي شھري سھولتن جي حوالي سان سنڌ جي بھتر شھرن ۾ ڳڻي سگهجي ٿو.

سعادت حسن منٽو جي زندگي جا ڪجهہ پاسا

سعادت حسن منٽو هڪ عام ليکڪ نہ هو. هن شروع کان هڪ غيرمعمولي زندگي گذاري هئي. سندس خاندان اوڻويھين صدي جي شروع ۾ ڪشمير مان اچي پنجاب ۾ امرتسر ۾ رهيو. ان وقت افغان حملہ آورن جي ظلم ۽ زيادتي جي ڪري ڪشمير جا گهڻا ماڻھو اچي پنجاب ۾ رهيا هئا. هو جيتوڻيڪ ڪشمير ۾ بٽوت کان اڳتي نہ ويو هو ۽ اتي ٽي مھينا گذارڻ دوران سندس هڪ رڍون چاريندڙ ڇوڪري تي دل اچي ويئي هئي، جنھن جا عڪس سندس ڪجهہ ڪھاڻين ۾ بہ ملن ٿا. پر ان جي باوجود ڪشمير ڄڻ تہ سندس شخصيت جو حصو هو. ۽ هو پنھنجي ڪشميري هئڻ تي فخر ڪندو هو.
منٽو جي پي مولوي غلام حسين ٻہ شاديون ڪيون هيون. هن ٻي شادي وڏي عمر ۾ ڪئي هئي ۽ منٽو ان ٻي زال جو پٽ هو. پيءُ هڪ سخت قسم جو ماڻھو هو ۽ منٽو کي ان مان پيار ۽ محبت نہ ملي ۽ نہ ئي هن سندس پڙهائي وغيرہ تي ڪا خاص توجھہ ڏني. ساڳي وقت منٽو جو پنھنجن وڏن ڀائرن سان بہ گهڻو تعلق نہ رهيو. انھن جي تعليم وغيرہ تي سندس پيءُ خاص توجھہ ڏنو هو. وڏا ٻيئي ڀائر وڪالت جون اعلا ڊگريون حاصل ڪري پھرين آفريڪا ۽ پوء فجي ۾ پريڪٽس ڪندا هئا. انھن سان سندس ملاقات گهڻي عرصي کانپوء ئي ٿي سگهي. منٽو جا اهي ڀائر ۽ خاندان جا ٻيا فرد مذهبي هوندا هئا، جڏهين تہ سندس مذهب سان تعلق رسمي ۽ واجبي هوندو هو. سندس سرگرميون انھن کان مختلف هونديون هيون. هڪ ڀيري سندس وڏو ڀاء وٽس ڪجهہ وقت لاء لاهور رهڻ آيو پر جڏهين پھرين رات هن ان جاء تي منٽو جي فلم سان لاڳاپيل دوستن جو هل هنگامو ڏٺو تہ ان تي ڪاوڙجي کيس گهٽ وڌ ڳالھائي، ٻئي ڏينھن ٻي جاء تي منتقل ٿي ويو. بمبئي ۾ رهندڙ سندس ڀيڻويو کيس پنھنجي گهر اچڻ نہ ڏيندو هو.
ان جي ڪري هو گهر کان ٻاهر ئي رهندو هو. ڪجهہ عرصو هو جوا ۽ شراب سان شغل ڪندو رهيو پر جوا مان هو ڪجهہ عرصي کانپوء بيزار ٿي پيو. جيتوڻيڪ هو هڪ ذهين شاگرد هو پر پڙهائي تي سندس خاص ڌيان نہ هو. انٽر جي امتحان ۾ ٽي ڀيرا فيل ٿيڻ کانپوء نيٺ هن ٿرڊ ڊويزن ۾ اهو امتحان پاس ڪيو.
سندس چوڻ آهي تہ کيس لکڻ پڙهڻ ۾ مائل ڪرڻ ۾ ڪمپني ڪي حڪومت ۽ انقلاب فرانس جي ليکڪ باري عليگ جو وڏو ڪردار آهي، جيڪو ان وقت امرتسر مان نڪرندڙ اخبار مساوات جو ايڊيٽر هو. هن کيس شروع ۾ خبرون ترجمو ڪرڻ ۽ فلمن تي ڪالم لکڻ جو ڪم ڏنو جنھن جي تصحيح هو پاڻ ڪندو هو. سندس چوڻ آهي تہ باري سان سندس لاهور وڃڻ تائين گذاريل ٽي مھينا سندس زندگي جو اهم ترين وقت هو. هن وڪٽرهيوگو جو ناول ۽ آسڪر وائلڊ جو ڪتاب ترجمو ڪيو. ڪجهہ وقت کانپوء هن اهو محسوس ڪيو تہ باري ساڻس رعايت ٿو ڪري ۽ سندس گهڻيون خاميون کيس نہ ٿو ٻڌائي. ان کان پوء هن اختر شيراني کي پنھنجيون شيون ڏيکارڻ شروع ڪيون.
بمبئي ۾ هو مختلف فلم ڪمپنين لاء ڪم ڪندو هو. سندس ماء پاران ان دوران بمبئي ۾ رهندڙ هڪ ڪشميري خاندان مان سندس رشتي جي ڳالھہ ٻولھہ ڪئي ويئي. جڏهين سندس ڇوڪري جي مائٽن سان ملاقات ٿي تہ هن کين صاف طور ٻڌايو تہ هو فلم ڪمپني ۾ ڪم ڪندو آهي ۽ کيس پگهار جي ڪا پڪ ناهي. پر ان پگهار مان بہ هو روز شام جو شراب پيئندو آهي. ان سڀ جي باوجود اهي کيس ان ڪري پنھنجي ڇوڪري جو رشتو ڏيڻ لاء تيار ٿي ويا تہ انھن اصل النسل ڪشميري سان مائٽي ڪرڻ چاهي ٿي ۽ ٻي ڳالہه تہ اهي آفريڪا ۾ رهندڙ سندس ڀائرن کان بہ واقف هئا. هو ڏيڍ سال کن دھلي ۾ آل انڊيا ريڊيو ۾ بہ رهيو. اتي هن ڪيترائي ريڊيو ڊراما لکيا. هتي سندس ملاقات ڪرشن چندر سان ٿي.
بمبئي ۾ هن مختلف فلم ڪمپنين جھڙوڪ بمبئي ٽاڪيز ۽ فلمستان وغيرہ ۾ فلمن جي ڪھاڻين لکڻ جو ڪم ڪيو. ان مان چڱي خاصي آمدني ٿيندي هئي. ورهاڱي کانپوء پاڪستان وڃڻ جو فيصلو ڪرڻ سندس لاء سولو نہ هو. هو جنوري 1948 ۾ پاڪستان آيو. ان جا ڪارڻ هو ٻڌائي ٿو تہ هڪ تہ سندس خاندان جا گهڻا ماڻھو پاڪستان هليا ويا هئا. ٻي ڳالھہ تہ فلم ڪمپني ۾ سندس معاملا صحيح نہ پئي هليا. ساڳي وقت بمبئي ۾ فرقيوارانا ڇڪتاڻ وڌي ويئي هئي ۽ ايستائين تہ دوستن جو بہ اعتبار نہ رهيو هو. هو ٻڌائي ٿو تہ هن ۽ سندس دوست شيام پاڪستان مان لڏي آيل هڪ سک تي مسلمانن پاران ڪيل ظلم جي داستان ٻڌي، پوء جڏهين هن شيام کان پڇيو تہ آئون مسلمان آهيان. ڇا ان وقت تو کي اهو خيال نہ آيو تہ مون کي ماري ڇڏين. شيام کيس چيو تہ ان وقت تہ اهڙو خيال آيو هو پر هاڻي نہ. هن سوچيو تہ اها صورتحال ڪنھن وقت بدلجي سگهي ٿي. هو پاڻي جي جھاز ۾ بمبئي کان ڪراچي آيو ۽ پوء ست يا اٺ جنوري 1948 تي لاهور پھتو.

منٽو پاڪستان ۾

پاڪستان اچڻ کان پوءِ منٽو جي معاشي صورتحال وڌيڪ خراب ٿي ويئي. ڇاڪاڻ تہ هندن ۽ سکن جي هتان وڃڻ جي ڪري فلمن ٺھڻ جو ڪم اٽڪل ختم ٿي ويو هو ۽ شھر ۾ رڳو فلمن جا پوسٽر ئي نظر ايندا هئا. پنھنجين لکڻين جي ڪري هو اڳ بہ عدالتن ۾ پيش ٿي ،مختلف ڪيسن کي منھن ڏيئي چڪو هو. پاڪستان ٺھڻ کانپوء کيس سندس ڪھاڻي ٺنڍا گوشت جي سلسلي ۾ عدالت ۾ پيش ٿيڻو پيو، جنھن کيس ٽي مھينا قيد ۽ ٽي سو روپيا ڏنڊ جي سزا ڏني، پر اپيل ۾ اها سزا ختم ٿي ويئي ۽ هو باعزت آزاد ٿي ويو. اها ڪھاڻي هن پھرين احمد نديم قاسمي کي نقوش لاء ڏني هئي پر پڙهڻ کانپوء هن ڪھاڻي جي تعريف تہ ڪئي پر چيو تہ ان کي هو پنھنجي رسالي ۾ ڇپي نہ ٿي سگهيو. پوء هن کيس پنھنجي ڪھاڻي کول دو ڏني جنھن کي.ڇاپڻ جي ڪري نقوش تي ڇه مھينن جي بندش پئجي ويئي. هڪ ٻن ٻين رسالن بہ ٺنڍا گوشت کي ڇاپڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. نيٺ اها ڪھاڻي افسانن جي هڪ مجموعي ۾ شائع ٿي ۽ ان جي شائع ٿيڻ سان ئي هڪ هنگامو برپا ٿي ويو. ليکڪ تي فحاشي ۽ ملڪ ۽ اسلام دشمني جا الزام لڳڻ شروع ٿي ويا. نيٺ ان جو ڪيس پريس ڪائونسل ۾ پيش ٿيو، جنھن جي صدارت پاڪستان ٽائمز جي ايڊيٽر فيض احمد فيض ٿي ڪئي ۽ نوائي وقت جو حميد نظامي ۽ ٻيا ان جا رڪن هئا. ان ۾ فيض جو موقف اهو هو تہ هن افساني تي ادبي لحاظ کان تہ تنقيد ٿي سگهي ٿي، پر ان کي فحاشي قرار نہ ٿو ڏيئي سگهجي. جڏهين تہ حميد نظامي ۽ ٻين جو رايو ان کان مختلف هو. بھرحال هڪ ڊگهي بحث مباحثي کان پوء بہ ڪائونسل ڪنھن حتمي فيصلي تي نہ پھچي سگهي ۽ معاملو عدالت جي سپرد ٿي ويو.
ان وقت ملڪ ۾ ڪليمن تي ملڪيت حاصل ڪرڻ جي ڊوڙ لڳل هئي. منٽو اهو سوچيو تہ روز روز جي مسئلن ۽ عدالتن ۾ پيش ٿيڻ کان بھتر آهي تہ لکڻ تان هٿ کڻجي ۽ ڪو ٻيو روزگار ڪري ڪنڊ وٺي ويھي رهجي. ان لاء هن ڪجهہ دوستن جي چوڻ تي ڪليم جو فارم ورتو، پر جڏهين ان کي ڀرڻ جو وقت آيو تہ هن ڏٺو تہ هن ۾ تہ سڄو ڪوڙ ڳالھائڻو هو. بھرحال هو فارم ڀري جڏهين ڪاميٽي آڏو ويو تہ هن کين ٻڌايو تہ سندس امرتسر ۾ سوائي گهر جي ٻي ڪا ملڪيت نہ هئي ۽ کيس ان ڪري ڪنھن برف جي ڪارخاني يا سينيما وغيرہ ۾ حصي جي ضرورت آهي تہ جيئن هو پنھنجو گذر بسر ڪري سگهي. سندس چوڻ آهي تہ ڪاميٽي ڪجهہ ڏيڻ لاء راضي هئي تہ هڪ ميمبر ٻين کي چيو تہ هي ترقي پسند اديب آهي ۽ هن کي ڪجهہ بہ ڏيڻ نہ گهرجي. اهڙي ريت کيس ڪجهہ بہ نہ ملي سگهيو. اها هڪ عجيب صورتحال هئي. رجعت پسندن جي ليکي هو ترقي پسند هو ۽ ترقي پسند کيس رجعت پرست چوندا هئا. ان جو مثال ڏيندي هو ٻڌائي ٿو تہ سندس ويجهي دوست احمد نديم قاسمي کيس سندس ادبي رسالي نقوش لاء ڪھاڻي ڏيڻ لاء چيو. هن کيس اها ڪھاڻي موڪلي ڇڏي. پر ڪجهہ وقت کانپوء قاسمي کيس لکيو تہ هو سندس ڪھاڻي نہ ٿو هلائي سگهي. ڇاڪاڻ تہ انجمن ترقي پسند مصنفين، جنھن جو قاسمي سيڪريٽري جنرل بہ رهيو هو، اهڙن اديبن سان تعلق ۽ انھن جي شين کي سندن رسالن ۾ ڇپڻ کان منع ڪري ڇڏي آهي، جيڪي ترقي پسندي جي معيار تي پورا نہ ٿا لھن.
معاشي پريشانين جي ڪري هن وڌيڪ شراب پيئڻ شروع ڪيو. هن عصمت چغتائي کي هڪ خط ۾ لکيو تہ ممڪن هجي تہ کيس ڀارت واپس گهرائڻ لاء ڪوشش ڪري ۽ وڌيڪ بھتر ٿيندو جيڪڏهين هو بمبئي موٽي اچي. اهو وقت هو جو هو لکڻ لاء شراب پيئندو هو پر هاڻي هو شراب پيئڻ لاء لکندو هو. گهڻن ماڻھن سان جيڪي نہ سندس دوست هئا ۽ نہ ليکڪ هئا، هو رڳو شراب پيئڻ لاء انھن وٽ ويندو هو ۽ ساڻن ملندو هو. کيس ٽي ڏيئرون ۽ هڪ پٽ هو. پٽ ننڍپڻ ۾ ئي گذاري ويو هو. هو پنھنجي زال ۽ ٻارن سان گهڻو پيار ڪندو هو ۽ سندن گهڻو خيال ڪندو هو ۽ ڪوشش ڪري سندن ضرورتون ۽ فرمائشون پوريون ڪندو هو. پر هاڻي سندس حيثيت اها نہ رهي هئي. ان ڪري گهڻو وقت گهر کان ٻاهر گذاريندو هو. سندس زال جو چوڻ آهي تہ لکڻين مان جيڪا آمدني ٿيندي هئي اها شراب جي بلي ٿي ويندي هئي ۽ گهر جي خرچ لاء ڪجهہ بہ نہ بچندو هو. نيٺ هن پبلشرن ۽ ايڊيٽرن کان اهي پئسا پاڻ وٺڻ شروع ڪيا ۽ پوء شراب لاء منٽو کي پئسا ڏيندي هئي. شراب سندس اها حالت ڪري ڇڏي هئي تہ هن کي ڪجهہ وقت لاء چرين جي اسپتال ۾ داخل ڪرائڻو پيو هو. بيماري جي حالت ۾ بہ کيس دوا کان وڌيڪ شراب جي گهرج هوندي هئي. سندس ڀاڻيجي جي چوڻ موجب آخري وقت ۾ جڏهين کيس اسپتال کڻي پئي ويا تہ هن شراب جي گهر ڪئي ۽ ٻہ ٽي ڍڪ سندس وات ۾ وڌا ويا.
منٽو جي وفات کانپوء سندس زال صفيہ کي اها شڪايت رهي تہ ڀارت ۽ پاڪستان ۾ پبلشر سندس مختلف ڪتاب ڇاپين ٿا ۽ انھن جي وڪري مان چڱو خاصو ڪمائين ٿا پر انھن جي رائلتي وغيرہ مان ان جي خاندان ۽ ٻارن کي ٽڪو بہ نہ ٿو ڏنو وڃي.

غني ڪاندڙي جي ڪتاب جو مھاڳ

غني ڪانڌڙو سان منھنجي واقفيت گلشن حديد ۾ اچڻ کانپوء سنڌي ادبي سنگت جي حوالي سان ٿي. هڪ ڊگهو عرصو پاڪستان اسٽيل ۾ ملازمت ڪرڻ کانپوء هاڻي هو رٽائر آهي ۽ سندس گهڻو وقت لکڻ پڙهڻ ۾ گذري ٿو. هن وقت تائين سندس ٻہ ڪتاب سنڌو ماٿري کان سڏ ۽ مھراڻ جي مت شائع ٿي چڪا آهن. هي سنڌو جي سمجه سندس ٽيون ڪتاب آهي. سنڌ ۾ نثر جي ڀيٽ ۾ شاعري گهڻي ٿي رهي آهي ۽ شاعري جا ڪتاب بہ گهڻا ڇپجي رهيا آهن، جڏهين تہ اهي ٽيئي ڪتاب نثر ۾ آهن جيڪا هڪ خوش آئند ڳالھہ آهي. اهو ان ڳالھہ جي باوجود آهي تہ ليکڪ پنھنجي ادبي سفر جي شروعات شاعري کان ڪئي ۽ اهو شاعر اڃا بہ سندس اندر ضرور موجود هوندو. غني سنڌي ادبي سنگت سان بہ لاڳاپيل رهيو آهي ۽ ان جي مختلف عھدن تي رهيو آهي.
سنڌي جي گهڻن ليکڪن وانگر هي بہ هڪ وڏي رقم خرچ ڪري پنھنجا ڪتاب ڇپرائي ٿو. لکڻ ۽ ڇپائڻ کانپوء ڪتاب جي ورهاست ۽ ان کي پڙهندڙن تائين پھچائڻ بہ ليکڪ جي ذميواري هوندي آهي. ان ڪري غني جي ان ڳالھہ ۾ بہ دلچسپي ناهي تہ ڪتاب وڪامن ٿا يا نہ ۽ ان مان ڪجهہ مالي فائدو حاصل ٿئي ٿو يا نہ. سندس بس اها خواهش آهي تہ ماڻھو سندس ڪتاب پڙهن جيڪا هر ليکڪ جي خواهش هوندي آهي. ان مقصد لاء هو پاڻ هلي وڃي دوستن کي ڪتاب ڏيندو آهي. اها خبر ناهي تہ انھن مان گهڻا دوست اهي پڙهن ٿا ۽ جيڪڏهين ڪي پڙهن ٿا تہ انھن جو انھن تي رايو ڇا ٿو هجي. بھرحال هڪ لحاظ کان هو ڄڻ تہ ان طريقي سان پنھنجي ڪم کي محفوظ ڪندو اچي ٿو.
انھن ڪتابن ۾ غني جا مختلف موضوعن تي سنڌي اخبارن ۾ ڇپيل ۽ ٻيا انيڪ مضمون شامل آهن. هن اڍائي سو صفحن جي ڪتاب ۾ ايڪهٺ مضمون شامل آهن. ان ڪتاب کي بہ هڪ لحاظ کان سندس اڳوڻن ٻن ڪتابن جوتسلسل ئي چئي سگهجي ٿو. خاص ڳالھہ اها آهي تہ ليکڪ ڪتابن جي ٽائٽل وسيلي پڙهندڙ کي هڪ وسيع ڪينواس ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هن سنڌو ماٿري، مھراڻ ۽ سنڌو جا لفظ استعمال ڪيا آهن. انھن ۾ اڄوڪي سڄي پاڪستان سميت اهي سڀ علائقا اچي وڃن ٿا جتان سنڌو گذري ٿو. آئون ان ۾ بلوچستان کي بہ ان ڪري شامل ڪيان ٿو تہ اتي خاص طور مھر ڳڙه ۾ جيڪي اٽڪل ست هزار سال قديم آثار مليا آهن، انھن ۾ ۽ موئن جو دڙو ۽ هڙپا جي آثارن ۾ گهڻي هڪجھڙائي آهي. انھن ماڻھن جو ڪلچر، معيشت، ٻولي ۽ رهڻ ڪرڻ وغيرہ سڀ ان جو حصو آهن.
ليکڪ ان ڪتاب ۾ شامل مضمونن ۾ گهڻن موضوعن کي ڇھيو آهي. ائين چئي سگهجي ٿو تہ ليکڪ زمين تي موجود ۽ آسمان جي هيٺان موجود اٽڪل هر موضوع کي ڇھڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. مثال طور هڪ پاسي هو جدلياتي ۽ تاريخي ماديت جي فلسفي تي طبع آزمائي ڪري ٿو ۽ ٻئي پاسي پنھنجي پڙهندڙ کي سنڌ جي موسمي جاگرافي متعلق ڄاڻ ڏيڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. ساڳي ريت هن مختلف معاشي، سياسي ۽ سماجي مسئلن تي پڻ پنھنجي رائي جو اظھار ڪيو آهي. زراعت جي حوالي سان هن تپيدار جي ڪردار تي لکيو آهي. نئين عالمي نظام جي سنڌ جي معيشت تي اثر ۽ اسلام آباد استنبول ريلوي ۽ سنڌ جي معيشت. مطلب تہ هن جيڪو بہ موضوع کنيو آهي ان کي هڪ يا ٻئي طريقي سان سنڌ سان ڳنڍڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
اهو نہ ٿو چئي سگهجي تہ ليکڪ انھن سڀني موضوعن تي مھارت رکي ٿو پر اها ڳالھہ ڪري سگهجي ٿي تہ هو شين متعلق پنھنجو هڪ نڪتہ نظر رکي ٿو ۽ ان جو محور ۽ مرڪز ڪنھن شڪ کانسواء سنڌ آهي. سنڌ جي گهڻن ليکڪن وانگر سندس سنڌ ۽ ان جي ماڻھن سان هڪ وابستگي ۽ ڪمٽمنٽ ملي ٿي، جيڪا هڪ اهم ڳالھہ آهي. ترقي بسندي رڳو ڪنھن نظرئي ۽ نڪتہ نظر جو نالو ناهي. هر اها شي جنھن ۾ خلق جي ڀلائي هجي، ۽ جيڪا سماج کي اڳتي وٺي وڃي ترقي پسندي ۾ ڳڻي سگهجي ٿي.
ليکڪ سنڌي سماج ۾ جيڪي تبديليون اچي رهيون آهن، ان جي مختلف پاسن کان جائزو ورتو آهي. زراعت ۾ ايوب خان جي دور کان جنھن سائي انقلاب جي شروعات ٿي ۽ زرعي مشنيري، ڀاڻ ۽ ٻج وغيرہ کي متعارف ڪرايو ان زميندار ۽ هاري جي حيثيت ۽ انھن جي ناتن کي تبديل ڪري ڇڏيو آهي. جيتوڻيڪ سنڌ ۾ پنجاب جي ڀيٽ ۾ وڏين زميندارين وغيرہ هئڻ جي ڪري ان جو اثر گهٽ ٿيو آهي، پر بھرحال ان سماجي تاڃي ڀيٽي کي متاثر ڪيو آهي. ساڳي وقت هاري جي پراڻي حيثيت ختم ٿيڻ جي ڪري هاري ڪاميٽين جو جيڪو اثر رسوخ هو، اهو گهڻي ڀاڱي ختم ٿي ويو آهي. آئون سمجهان ٿو تہ انھن تبديلين جي ڪري هاري جي ڀيٽ ۾ زميندار جي حيثيت اڃا مضبوط ٿي آهي. ليکڪ پنھنجي مضمون سنڌي سماج ۾ زرعي مشنيري کانپوء هاري جو حيثيت ۾ ان جو تفصيل سان جائزو ورتو آهي.
سنڌ جي مڊل ڪلاس سياست جون ڪچايون. ڇا سنڌين ۾ واقعي مل ڪلاس يا وچولو طبقو موجود آهي. اسان شاگردن ۽ نوڪري پيشہ طبقي جي سياست کي وچولي طبقي جي سياست سمجهندا رهيا آهيون. ان ڳالھہ کي ذهن ۾ رکڻ گهرجي تہ هڪ تہ شاگرد هڪ طبقو ناهن پر اهي سماج جي هڪ اهڙي پرت آهن، جنھن جو سماج جي مختلف طبقن سان واسطو هوندو آهي ۽ ٻيو تہ اهي هڪ عبوري دور ۾ هوندا آهن ۽ انھن جو ڪردار انھن جي شاگردي واري دور جي ختم ٿيڻ کانپوء بدلجي ويندو آهي. ساڳي ريت نوڪري پيشہ طبقي جا پنھنجا مفاد هوندا آهن ۽ سندس سياست رياست ۾ ٻين نسلي لساني گروهن جي ڀيٽ ۾ نوڪرين ۽ ٻين شعبن ۾ پنھنجي حصي کي وڌائڻ هوندو آهي. وچولو طبقو جيڪو پيشہ ور ڊاڪٽرن، وڪيلن، تاجرن ۽ صنعت ڪارن وغيرہ تي مشتمل هجي ۽ پنھنجي ڪرت ۽ خيالن ۾ گهڻي ڀاڱي آزاد هجي. اهو سوال پنھنجي جاء تي موجود آهي تہ ڇا اهڙو طبقو هڪ مضبوط ۽ منظم صورت ۾ سنڌين ۾ موجود آهي. منھنجي خيال ۾ اهو هن وقت ابتدائي مرحلي مان گذري رهيو آهي ۽ پنھنجن خيالن ۽ نظرين جي حوالي سان گهڻي ڀاڱي زميندار طبقي جي اثر ۾ آهي. مجموعي طور سنڌي سماج ۽ سياست ۾ ان جو ڪردار گهڻو موثر ناهي.
ليکڪ خاندان، سماج ۾ عورت جي حيثيت ۽ عورت ۽ مڙد جي ناتن تي پڻ پنھنجن خيالن جو اظھار ڪيو آهي. خاندان جي نوعيت، شادي جو مستقبل ۽ ٻين انيڪ موضوعن تي خيال آرائي ڪئي ويئي آهي. ڪتاب ۾ شامل موضوع پڙهندڙ کي سوچڻ لاء مواد ڏين ٿا، جنھن کي هو پنھنجي سمجه ۽ مطالعي آهر وڌيڪ اڳتي وڌائي سگهي ٿو.
ڪتاب جي آخر ۾ ليکڪ ڪانڌڙا ذات متعلق ٿيل تحقيق تي بحث ڪيو آهي. سنڌ سميت سڄي ننڍي کنڊ جي مسلمانن ۾ اهو لاڙو آهي تہ اهي بجائي پاڻ کي ڌرتي سان ڳنڍڻ جي پنھنجو ناتو فاتحن عربن، ايرانين، ترڪن ۽ وچ ايشيا جي مانھن سان ڳنڍيندا آهن. اها ساڳي ڳالھہ ڪانڌڙا ذات متعلق بہ آهي. ليکڪ ٻڌائي ٿو تہ ان متعلق ٻہ نڪتہ نظر آهن. هڪ پنھنجو ناتو عربن سان ڳنڍي ٿو جڏهين تہ ٻيو انھن کي هتان جا مقامي ماڻھو ئي ڪري ليکي ٿو، جن هندو ۽ ٻڌ مت مان اسلام اختيار ڪيو هو ۽ مسلمان ٿيا هئا. ليکڪ جو اهو سوال بلڪل بجا آهي تہ جيڪڏهين سڀني ذاتين جي ان دعوا کي مڃجي تہ سندن واسطو هتي ايندڙ فاتحن ۽ حڪمرانن جي ذاتين سان آهي تہ پوء ڇا اها ڌرتي انھن جي اچڻ کان اڳ ويران ۽ بنجر هئي.

رئوف نظاماڻي
2022-05-09

هند جي سنڌي اديبن جي سنڌ ياترا

”سي سڀ سانڊيم ساه سين“ هند جي نالي واري سنڌي اديب موتي پرڪاش جو سنڌ جو سفرنامو آهي. هو ورهاڱي وقت هتان لڏي وڃڻ کانپوء اٽڪل ستٽيھہ سالن کانپوء 1984 ۾ هتي آيو هو. ان وقت هو دبئي ۾ رهيل هو. سندس چوڻ آهي تہ هن گهڻي عرصي کان پاڪستان لاء ويزا جي ڪوشش پئي ڪئي، پر کيس اهو نہ ٿي مليو. نيٺ کيس ويزا تہ مليو، پر اهو چوڏنھن ڏينھن لاء ۽ اهو بہ رڳوڪراچي لاء.
هو پنھنجي پتني ڪلا ۽ هند جي هڪ ٻئي سنڌي اديب موهن گيھاڻي سان گڏ نومبر 1984 ۾ ڪراچي پھتو. هتي سنڌ ۾ سندن ظفر حسن ۽ ٻين مختلف دوستن ۽ ليکڪن وغيرہ سان رابطو هجي ٿو. سندن خواهش اها هجي ٿي تہ سندن ويزا جو مدو وڌايو وڃي ۽ ان ۾ حيدرآباد ۽ سکر وغيرہ کي بہ شامل ڪيو وڃي. هو غلام مصطفا شاه سان ملاقات ۾ کيس اهڙي درخواست بہ ڪن ٿا ۽ هو کين آسرو بہ ڏئي ٿو پر اهو ڪم نہ ٿو ٿئي. کين سنڌالاجي ڏسڻ جو شوق هجي ٿو پر اهو ڪم کين لڪي پنھنجي سڃاڻپ لڪائي ڏينھن ۾ ئي ڪرڻو پئي ٿو. ساڳي ريت دڙو، جيڪو موتي پرڪاش جو اباڻو شھر آهي، بہ ان ريت ئي وڃن ٿا.
رشيد ڀٽي، تنوير عباسي ۽ ٻيا مختلف ليکڪ وغيرہ خيرپور، سکر ۽ سنڌ جي ٻين شھرن مان اچي ساڻن ملاقاتون ڪن ٿا، پر ڪوشش جي باوجود اياز سان نہ تہ سندن فون تي رابطو ٿئي ٿو ۽ نہ ئي ملاقات ٿئي ٿي. اياز کي انھن جي ڪراچي اچڻ جي ضرور ڪنھن ريت خبر پيئي هوندي، پر هن الائي ڪھڙي ڪارڻ ساڻن ملاقات ڪرڻ گوارا نہ ڪئي.
موتي پنھنجي پڙهائي جي سلسلي ۾ ڪجهہ عرصو ڪراچي ۾ رهيو هو ۽ هتان ئي سڌو هو پاڻي جي جھاز ۾ بمبئي هليو ويو هو. جڏهين تہ ڪلا پرڪاش جو رام باغ جي ڀرسان برنس روڊ تي گهر هو ۽ هو روز شام پنھنجين ساهيڙين سان رام باغ ويندي هئي. موهن گيھاڻي جو بہ گرومندر وٽ گهر هو. موهن کي وڏي مشڪل سان پنھنجو گهر ملي ٿو ۽ هو ان کي پري کان ڏسي موٽي ٿو جڏهين تہ ڪلا کي فليٽن کي ڏسندي هڪ نوجوان ملي ٿو، جيڪو کيس ٻڌائي ٿو تہ ڪجهہ عرصو اڳ هو دھلي ويو هو تہ سندس ماء بہ کيس پنھنجو گهر ڏسڻ لاء چيو هو. هو اتي ويو هو ۽ اتي هڪ سردار جي رهيل هو. هن نوجوان جو فليٽ ئي دراصل ڪلا جو گهر هجي ٿو. هو کين اتي وٺي وڃي ٿو جتي ڪلا جي سندس ماء سان ملاقات ٿئي ٿي ۽ ٻيئي ماضي کي ياد ڪري هڪ ٻئي سان پنھنجا ڏک ونڊين ٿيون.
ستٽيھہ سالن کانپوء آيل مھمانن کي ڪراچي هڪ بدليل شھر نظر اچي ٿو. جاين جڳھن جا اصلوڪا نالا بدلائي نوان نالا رکيا ويا هئا، جيئن رام باغ آرام باغ ٿي ويو هو ۽ ان ۾ تعميرات وغيرہ ڪري ان جي سونھن ۽ وسعت کي ختم ڪيو ويو هو. شھر جي سڙڪن ۽ عمارتن وغيرہ جي نالن ۾ سنڌي ۽ شھر جي اصلوڪن رهاڪن جا نالا نہ ٿي مليا. شھر ۾ موٽر ڪارن جو وڏو تعداد هو. موتي کارادر ۾ ڇه نمبر ٽانڪي جي علائقي کي ياد ٿو ڪري، جتي هو پنھنجن مائٽن وٽ رهندو هو. موهن گيھاڻي هڪ ڀيري اڪيلو پنھنجي ليکي ڪراچي جي روڊ رستن ۽ گهٽين ۾ گهمڻ لاء نڪري پئي ٿو.
ڪجهہ عرصو ظفرحسن جي ڀاء جي گهر رهڻ کانپوء اهي ٽيئي ڄڻا صدر ۾ هوٽل جبيس ۾ ڪمرو وٺن ٿا تہ جيئن شھر جي مرڪز ۾ هئڻ ڪري ماڻھن سان ملڻ ۾ کين سولائي ٿئي. هتي گهڻا دوست ساڻن ملڻ اچن ٿا. سنگت ڪراچي پريس ڪلب جي سھڪار سان هڪ پروگرام ترتيب ڏئي ٿي جنھن ۾ سنگت جا ڪجهہ دوست ۽ مھمان پنھنجا خيال پيش ڪن ٿا. ان پروگرام ۾ آئون بہ شامل هوس. ساڳي ريت ڪراچي يونيورسٽي جي سنڌي شعبي پاران سندن مان ۾ آجياڻو ڏنو وڃي ٿو. اتي هو شاگردن ۽ ٻين ماڻھن سان ملن ٿا.
موتي موهن گيھاڻي لاء لکيو آهي تہ ان جي سياست ۾ دلچسپي رهي آهي جڏهين تہ پاڻ ان کان پاسيرو آهي. هونئن بہ پاڪستان ۽ ڀارت جي ناتن جي صورتحال کي ڏسندي اها احتياط سمجه ۾ اچي ٿي. پر هتي سنڌ جي ماڻھن هند جي سنڌي ادبي منظرنامي ۽ اتان جي سنڌي اديبن جي ادبي بحث مباحثن ۽ اختلافن وغيرہ متعلق ڪجهہ ٻڌڻ چاهيو ٿي. پر ان سلسلي ۾ بہ موتي پرڪاش جو هي سفرنامو پڙهندڙن جي ڄاڻ ۾ ڪو واڌارو نہ ٿو ڪري.
انھن ماڻھن لاء سنڌ هڪ ماضي آهي جنھن سان انھن جي محبت ۽ وابستگي آهي. جيڪڏهين انھن کي هاڻوڪي سنڌ ۾ مستقل رهڻ جي چونڊ ڏني وڃي جيئن موتي جو هڪ دوست سندس ويزا لاء ڪوشش ڪندي کيس مذاق ۾ چئي ٿو تہ سندس جواب اهو ئي هو تہ نہ اسان وٽ ڀارت جو پاسپورٽ ئي ٺيڪ آهي.
ان سفر جو مقصد پنھنجي يادگيرين کي تازو ڪرڻ ۽ ماضي سان هڪ ناتو ڳنڍڻ هو جيڪو انھن ڪيو.

نجم عباسي

نجم عباسي خاص طور سنڌي فڪشن جو هڪ اهم ۽ نمائندو ليکڪ آهي. هن افسانن سان گڏ ناول بہ لکيا آهن ۽ پنھنجي اسڪول ۽ ڪاليج جي دور ۾ شاعري بہ ڪئي آهي. تازو مون سندس آتم ڪٿا ”ڏٺم اڻ ڏٺل“ پڙهي، جنھن ۾ هن پنھنجي حياتي، پنھنجي خيالن ۽ سوچ ۾ تبديلي، لندن جي سفر۽ ڪھاڻي متعلق پنھنجن خيالن جو اظھارڪيو آهي.
نجم عباسي جو واسطو نوابشاه ضلعي جي خانواهڻ علائقي سان هو. پنھنجي چاچي، جيڪو اسڪول جي تعليم کي ڪفر سمجهندو هو، جي مخالفت جي باوجود هن ۽ سندس سوٽن پنھنجي پي جي حوصلي افزائي جي ڪري اسڪول ۽ پوء ڪاليج ۾ داخلا ورتي.
پنھنجي شاگردي واري دور ۾ هي مسلم اسٽوڊينٽس فيڊريشن سان لاڳاپيل هو. انگريز راڄ جي خلاف تقريرون ڪندو هو ۽ جلسن جلوسن ۾ حصو وٺندو هو. کيس ان ڳالھہ جو افسوس آهي تہ هن چونڊن ۾ جي ايم سيد جي خلاف مسلم ليگي اميدوار جي حمايت ڪئي. پر سندس سياسي سرگرمين جو دور شاگردي واري وقت سان گڏ ختم ٿي ويو.
هن دنيا جي مختلف شھرن ۽ خاص طور يورپ جي عجائب گهرن، لائبريرين ۽ آرٽ گئليرين کي ڏسڻ چاهيو ٿي. هڪڙي گروپ سان گڏ هن لنڊن وعيره وڃڻ جو پروگرام ٺاهيو پر آخر ۾ کيس ان جو افسوس ئي ٿيو تہ هن پنھنجو وقت ۽ پئسو ضائع ڪيو هو. ڇاڪاڻ تہ ان گروپ جو مقصد لنڊن ۾ هڪ مذهبي ڪنونشن ۾ شرڪت ڪرڻ ۽ ڪجهہ مذهبي جاين جي زيارت ڪرڻ هو. اهڙي ريت هو بيڪار پنھنجو وقت وڃائڻ جي ڪري دلشڪستو ٿي لندن کان واپس موٽيو.
ٻين همعصر سنڌي ليکڪن جيان نجم قومي حقن ۽ مظلوم ماڻھن جي حمايت ۾ لکيو آهي. ساڳي وقت جنس جھڙن موضوعن تي پڻ قلم کنيو آهي جيڪي سنڌي ادب ۾ منع ٿيل ميوي جيان رهيا آهن. هن خانداني رٿابندي جي فائدن متعلق هڪ مضمون لکيو، جنھن کي نہ رڳو گهڻو ساراهيو ويو پر حڪومت پاران ان کي ايوارڊ بہ ڏنو ويو. هو ادب برائي ادب لکڻ جو قائل ناهي. سندس خيال آهي تہ ادب کي سماجي تبديلي ۽ ماڻھن کي شعور ۽ ڄاڻ ڏيڻ لاء استعمال ڪرڻ گهرجي. اهڙي ريت جيڪڏهين ان کي پنھنجي مقصد کي حاصل ڪرڻ لاء پروپيگنڊہ طور استعمال ڪيو وڃي ٿو تہ ان ۾ ڪو حرج ناهي.
ڻنجم جي لکڻين ۽ خاص طور فڪشن مان سٺ ۽ ستر جي ڏهاڪن جي سنڌي ادب جي مختلف لاڙن جا ڪجهہ عڪس ملن ٿا. ستر جي ڏهاڪي جي شروع ۾ ٻولي جي فسادن سنڌين ۽ مھاجرن ۾ ويڇن کي گهڻو وڌائي ڇڏيو هو. گهڻا اديب نسلي نفرت جي ان وهڪري ۾ لڙهي ويا هئا. امر جليل جو خاص طور هلال پاڪستان ۾ هلندڙ ڪالم ان جو هڪ واضح مثال آهي. نجم عباسي جو ناول ”پيار ڪھاڻي“ ڊاڪٽر جي هڪ مھاجر عورت سان پيار کان وڌيڪ جنسي ناتن جي ڪھاڻي آهي جنھن ۾ ليکڪ جو نسلي نفرت جو جذبو واضح طور نظر اچي ٿو. اها ڳالھہ نجم جي ٻين ڪھاين وغيرہ ۾ بہ نظر اچي ٿي.

جنگ کانپوءِ جي دنيا

زاهد چوڌري جي ڪتاب ”پاڪستان ڪيسي بنا“ ۾ ٻي مھاڀاري جنگ کانپوء دنيا جي جيڪا صورتحال هئي، ان جو جائزو ورتو ويو آهي. ٻي مھاڀاري جنگ جو خاتمو رڳو هٽلر ۽ فاشزم جي شڪست نہ هئي، پر هڪ نئين دنيا جنم وٺڻ شروع ڪيو هو. هڪ پاسي برطانيا جنھن جي سلطنت تان سج لھندو ئي نہ هو، اهو زوال پذير هو. فرانس، هالينڊ ۽ بيلجيئم وغيرہ پنھنجي نوآبادياتي طاقت جي بچاء جي جنگ وڙهي رهيا هئا. ان صورتحال ۾ رڳو آمريڪا ئي اهڙو ملڪ هو، جنھن کي جنگ جي ڪري گهڻو معاشي نقصان نہ ٿيو هو. سوويت يونين جيتوڻيڪ جنگ جي نتيجي ۾ هڪ وڏي طاقت طور سامھون آيو هو پر اهو بہ پنھنجي معاشي ۽ سماجي بحالي جي عمل ۾ هو. ان مقصد لاء ان آمريڪا، جيڪو جنگ کان متاثر مختلف ملڪن جي مدد ڪري رهيو هو، کي قرض جي درخواست ڪئي پر ان کي اهو قرض ملي نہ سگهيو. آمريڪا پاران يورپ جي ملڪن جي نئين سر تعمير لاء اربين کربين ڊالرن جو جيڪو مارشل پلان پيش ڪيو ويو هو، ان جو مقصد اهو هو تہ يورپ جي ملڪن ۾ جيڪو معاشي ۽ سماجي بحران آيو هو ۽ بيروزگاري ۽ معاشي بدحالي جي ڪري عام ماڻھو ۾ جيڪا بيچيني ۽ پريشاني هئي، اها سرمايا درانا نظام لاء خطرو بڻجي سگهي پيئي ۽ سوشلزم لاء راه هموار ڪري سگهي ٿي، ان جو تدارڪ ڪجي. اهي آثار ان ريت نظر اچڻ شروع ٿيا هئا تہ برطانيا ۾ شديد معاشي بحران جنم ورتو هو. سون جا ذخيرا اٽڪل ختم ٿي ويا هئا، صنعتي پيداوار گهٽجي ويئي هئي بيروزگاري وڌي ويئي هئي ۽ مختلف شعبن ۾ پورهيت هڙتال تي هئا. ماڻھن پنھنجي ڪاوڙ ۽ ناراضگي جو اظھار ان ريت ڪيو هو تہ چونڊن ۾ ليبر پارٽي ڪنزرويٽو پارٽي کي شڪست ڏيئي اقتدار ۾ آئي هئي. ساڳي وقت ٻين مختلف ملڪن ۾ پڻ سوشلسٽ ۽ ڪميونسٽ جماعتن ڪاميابيون حاصل ڪيون هيون، جيڪا ڳالھہ خاص طور آمريڪا لاء تشويش جو باعث هئي. مارشل پلان ۾ سوويت يونين کي شامل نہ ڪيو ويو هو. مقصد اهو هو تہ معاشي مسئلن جي ڪري ملڪن ۾ سياسي اختلاف ۽ بيچيني جنم وٺندي جنھن جي نتيجي ۾ ملڪ جي نظام ۾ تبديليون ڪرڻيون پونديون.
برطانيا لاء جيئن عام طور چيو ويندو آهي تہ ان ورهايو ۽ حڪومت ڪريو واري پاليسي اختيار ڪئي هئي، پر جنگ جي خاتمي کانپوء نوآبادين جي حوالي سان ان پاليسي کي بدلائڻو پيو ۽ هاڻي اها پاليسي هئي تہ متحد رکو ۽ حڪومت ڪريو تہ جيئن ملڪ ۾ ڏڦيڙ ۽ انتشار نہ هجي ۽ پنھنجن مفادن جو موثر نموني بچاء ڪري سگهجي. ان سلسلي ۾ ملايا جو مثال آهي، جتي مختلف حصن ۾ انقلابي ۽ آزادي لاء وڙهندڙ گروپن پنھنجيون حڪومتون قائم ڪيون هيون. اتي برطانيا فوجي مداخلت ڪري ملڪ جي مختلف حصن کي اتان جي راجائن تحت هڪ ملڪ طور متحد ڪيو. ساڳي پاليسي انھن انڊونيشيا ۾ بہ اختيار ڪئي ۽ پوء ننڍي کنڊ جي سلسلي ۾ بہ انھن اها ئي پاليسي اختيار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
اوڀريورپ جي ڪجهہ ملڪن رومانيا، هنگري۽ پولينڊ وغيرہ ۾ انھن انقلابي جماعتن جن فاشزم خلاف جدوجھد ۽ ويڙه ڪئي هئي، اقتدار سنڀاليو هو. انھن کي سوويت يونين جي حمايت حاصل هئي. جڏهين تہ آمريڪا ۽ برطانيا هڪ پاسي انھن وايٽ گاردز جي حمايت ڪري رهيا هئا، جن جنگ ۾ جرمن فاشسٽن سان گڏجي سوويت يونين تي حملي ۾ حصو ورتو هو ۽ ٻئي پاسي سوويت يونين تي اهو دٻاء وڌو پئي ويو تہ جيئن تہ اهي حڪومتون عوام جون نمائندہ ناهن، ان ڪري سوويت يونين انھن جي حمايت تان هٿ کڻي پنھنجيون فوجون اتان واپس گهرائي. پر سوويت يونين ان لاء تيار نہ هو ۽ ان جو اهو اصرار هو تہ برطانيا يونان مان پنھنجيون فوجون، جيڪي هن اتي انقلابي تحريڪ کي ڪچلڻ لاء موڪليون هيون، واپس گهرائي. برطانيا پاران اهي فوجون ان وقت واپس گهرايون ويون جڏهين ان محسوس ڪيو تہ پنھنجن معاشي مسئلن جي ڪري هو انھن جو خرچ کڻڻ جي قابل نہ رهيو هو ۽ ان آمريڪا کي درخواست ڪئي هئي تہ سندس جاء تي اهو يونان جو ڪنٽرول سنڀالي. ساڳي ريت اهو معاملو ايران سان بہ هو جتي برطانيا ۽ آمريڪا جي تيل ڪمپنين جا مفاد هئا ۽ سوويت يونين جي فوجن جي هوندي اتي کاٻي ڌر ۽ قوم پرست ڌرين کي مدد ملي ٿي. گهڻي دٻاء جي ڪري نيٺ سوويت يونين کي هتان پنھنجيون فوجون واپس گهرائڻيون پيون.
فلسطين پھرين مھاڀاري جنگ کانپوء برطانيا جي مينڊيٽ ۾ هو. هتي يورپ جي مختلف ملڪن مان يھودين جي وڏي تعداد ۾ اچي آباد ٿيڻ جي ڪري سندن مقامي عرب آبادي سان هڪ ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿي پيئي هئي. برطانيا جو اهو خيال هو تہ هتان وڃڻ کانپوء علائقي ۾ پنھنجن مفادن کي تحفظ ڏيڻ جو بھتر طريقو شام، لبنان، سعودي عرب ۽ فلسطين تي مشتمل هڪ يونين ٺاهي وڃي جنھن سان معاملا طئي ڪرڻ سولا ٿيندا. پر يھودي آبادڪار ان ڳالھہ کي مڃڻ لاء تيار نہ هئا ۽ کين پنھنجو ڌار ملڪ گهربل هو. انھن برطانيا تي دٻاء وجهڻ لاء دھشت گرد ڪاروايون تيز ڪري ڇڏيون هيون. خاص طور يروشلم ۾ هوٽل، جتي برطانيا جو هيڊ ڪوارٽر هو، تي حملو جنھن ۾ ڪيترا فوجي مارجي ويا برطانيا کي هتان جلد ڪو فيصلو ڪري نڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. ٻيو آمريڪا جي بہ هتي هڪ يھودي رياست جي قائم ٿيڻ ۾ دلچسپي هئي، جيڪا ان اهم علائقي ۾ سندس مفادن جو تحفظ ڪري سگهي. ان مقصد لاء ان يھودي آبادڪارن جي حمايت ۽ مدد ڪئي ٿي. ساڳي وقت برطانيا تي دٻاء وجهڻ لاء سوويت يوئين پاران بہ يھودي آبادڪارن جي امداد ڪئي ويئي. اهڙي ريت برطانيا فلسطين جي حوالي سان پنھنجن ارادن ۾ ڪامياب ٿي نہ سگهيو ۽ فلسطين ۾ هڪ يھودي رياست جو قيام عمل ۾ آيو.
اهڙي ريت نون تضادن ۽ ٽڪراون سان نئين دنيا جو قيام عمل ۾ آيو.

هڪ واپاريءَ جي ڪٿا

اوڻويھہ سئو عيسوي ۾ ايران مان آغا خان ٽئين سان جيڪي اسماعيلي خوجا هندوستان آيا انھن مختلف علائقن ۾ سڪونت اختيار ڪئي. بلوچستان ۾ سامونڊي ڪناري وارن شھرن گوادر، تربت ۽ لسٻيلي وغيرہ ۾ جيڪي ويا هئا انھن مان گهڻا پوء سنڌ ۽ خاص طور ڪراچي جي بندرگاه ۽ ان جي تجارتي اهميت وڌڻ ڪري هتي لڏي آيا. انھن ماڻھن جي اها خاصيت هوندي هئي تہ اهي جتي ويندا هئا اتان جي ٻولي ۽ ثقافت کي پنھنجو ڪندا هئا.
ڪراچي ۾ ان وقت خاص طور کارادر، مٺادر، نوآباد ۽ لياري جي ٻين علائقن ۾ سندن رهائش هوندي هئي. اتان جي ٻين ماڻھن سان سندن سماجي ناتا هوندا هئا. مون تازو مشھور واپاري صدرالدين هاشواني جي آتم ڪٿا Truth Always Prevails- A memoir جنھن جو اڙدو ترجمو سچ ڪا سفر جي عنوان سان ٿيو آهي پڙهي.
هي خاندان لسٻيلي مان لڏي اچي ڪراچي ۾ رهيو. بغدادي ۾ اسان جي پراڻي گهر جي ويجهو ئي سندن جماعت خانو آهي، جيڪو لاسي جماعت خاني جي نالي سان ڄاتو وڃي ٿو. هو 1940 ۾ برٽش انڊيا ۾ کارادر جي جان بائي ميٽرينٽي هوم، جنھن کي هاڻي آغا خان اسپتال جو نالو ڏنو ويو آهي، ۾ ڄائو. هي پنھنجي گهر ۾ سنڌي ڳالھائيندا هئا، جڏهين تہ گوادر ۾ رهڻ ڪري سندس ماء کي بلوچي بہ ايندي هئي. ميٽرڪ تائين هن اين جي وي ۾ تعليم حاصل ڪئي. سندس ماء کيس ڊاڪٽر ڪرڻ چاهيو ٿي. پر انٽر ۾ ايس ايم سائنس ڪاليج ۾ داخلا وٺڻ کانپوء هو خاص طور ادب جي مضمون ۾ فيل ٿي ويو ۽ سندس ڊاڪٽر ٿيڻ جو خواب اڌورو رهجي ويو. ڪرڪيٽ سندس شوق هو ۽ هو فاسٽ بالر طور آغا خان جيمخانہ پاران کيڏندو هو. ڪرڪيٽ ۾ جيئن تہ ان وقت اڄ جيان گهڻو پئسو نہ هو ان ڪري هو ان کي پنھنجو ڪيريئر نہ ٿي ٺاهي سگهيو.
سندس پي ڪپھہ جو ڪاروبار ڪندو هو ۽ پنھنجي جماعت جو مکي هو. اهو ڪاروبار سندس وڏو ڀاء سنڀاليندو هو. ان ڳالھہ کي محسوس ڪندي تہ ان ڪم ۾ سندس لاء ڪا گنجائش نہ هئي سندس خاندان وارن کيس سندس ڀيڻوئي سان ڪم ۾ لڳائي ڇڏيو. ان ڪم جو واسطو بلوچستان حڪومت پاران مختلف علائقن ۾ ماڻھن کي کاڌ خوراڪ پھچائڻ ۽ رقم جي وصولي ڪرڻ هو. ان سلسلي ۾ هن ريل،ِ بس ۽ ٽرڪن ذريعي بلوچستان جي مختلف علائقن جا گهڻا ڏکيا سفر ڪيا. ان ڪم ڪندي هن بلوچي بہ سکي ورتي ۽ ڪجهہ نجي معاملن تي پنھنجي ماء سان بلوچي ۾ ڳالھائيندو هو. کيس بلوچي، گجراتي، سنڌي، اڙدو ۽ انگريزي ٻوليون اينديون آهن. ڪجهہ عرصي کانپوء سندس پنھنجي ڀيڻويئي سان معاملا خراب ٿي ويا ۽ هن پنھنجو ڌار ڪم شروع ڪيو. هن ڪپھہ جي خريداري ۽ روانگي واپار سان شروعات ڪئي. جيتوڻيڪ جيڪي اڳ ئي ان واپار سان لاڳاپيل هئا انھن سندس لاء گهڻيون ڏکيائيون ۽ رڪاوٽون پيدا ڪيون پر هو پنھنجي ذهانت ۽ محنت وسيلي انھن سڀني کي حل ڪندو ويو ۽ اهڙو وقت آيو جو مارڪيٽ ۾ هو ڪپھہ جي بادشاه جي نالي سان سڃاتو وڃڻ لڳو. سندس ڪپھہ جي ڪمپني 1973 ۾ قومي ملڪيت ۾ ورتي ويئي.
کيس هوٽلنگ جو شوق هو. 1981 ۾ هن ڪراچي ۽ پوء اسلام آباد ۾ هالي ڊي ان هوٽل قائم ڪيا، جن کي پوء ميريٽ جو نالو ڏنو ويو. هن آزاد مسابقت ذريعي پاڪستان سروسز لميٽيد جي چار انٽرڪانٽينينٽل هوٽلن جا ميجارٽي حصص خريد ڪيا ۽ پوء انھن کي پرل ڪانٽينينٽل هوٽل جو نالو ڏنو. هن ملڪ جي مختلف شھرن کانسواء آمريڪا سميت دنيا جي مختلف ملڪن ۾ هوٽل جي ڪاروبار ۾ حصو ورتو. پر مري ويجهو ڀورڀن جھڙي هڪ ويران پر قدرتي سونھن سان ڀرپور علائقي ۾ هوٽل کي پنھنجي هڪ وڏي ڪاميابي سمجهي ٿو. ان کانسواء هن تيل گيس سميت ٻين مختلف ڪاروبارن ۾ پڻ سيڙپ ڪئي آهي.
ان سڄي سفر ۾ کيس دھشت گردي ۽ خاص طور سياسي لحاظ کان گهڻين ڏکيائين کي منھن ڏيڻو پيو آهي. ضياءالحق ۽ محمد خان جوڻيجو کان وٺي بينظير ۽ نوازشريف تائين کيس گرفتاري کان بچڻ لاء ڪڏهين ملڪ اندر مختلف ڏورانھن علائقن ۾ لڪڻو پيو تہ ڪڏهين پرڏيھہ وڃڻو پيو آهي. اسلام آباد ۾ ميريٽ هوٽل تي آپگهاتي حملو ۽ ان ۾ ٿيل جاني نقصان سندس لاء نھايت ڏکوئيندڙ رهيو آهي.
محمد خان جوڻيجو جي دور ۾ سندس گهر تي پوليس ڪاه ڪئي، سندس ماء سميت گهر جي عورتن جي تذليل ڪئي ويئي ۽ کيس گرفتار ڪيو ويو. کيس مختلف وقتن تي ڌمڪيون ملنديون رهيون ۽ ڀتي جي گهر ٿيندي رهي. اڳوڻو چيف آف آرمي اسٽاف جنرل آصف نواز سندس خاص دوست هو. هن کيس اطلاع ڏنو تہ کيس اغواء ڪري قتل ڪرڻ جي رٿا آهي، ان ڪري بھتر آهي تہ هو ملڪ مان هليو وڃي. کيس سندس خاندان سميت فوجي ٽرڪن جي گهيري ۾ ايئرپورٽ پھچايو ويو جتان هو دبئي هليو ويو. ان کانپوء 2008 ۾ هو دبئي ويو. سندس ارادو جلد وطن موٽڻ جو هو پر هو 2013 ۾ واپس اچي سگهيو.
بينظير سندس گهر چانھن جي دعوت تي ويئي هئي، پر هو سندس حڪومت جي ٻن دورن مان مطمئن نہ هو. سندس چوڻ آهي تہ کيس بينظير جي ويجهن ذريعن ٻڌايو هو تہ کيس پنھنجين غلطين جو احساس هو ۽ هن ٽئين ڀيري حڪومت ۾ اچڻ کانپوء ڪجهہ مختلف ڪرڻ چاهيو ٿي. هو سمجهي ٿو تہ بينظير جي قتل ٿيڻ سان ملڪ جي سياست ۾ ڳالھہ ٻولھہ ۽ سھپ وغيرہ جو دور ختم ٿي ويو.
.هن ملڪ جي پٺتي پيل علائقن جي ماڻھن جي تعليم، صحت ۽ ٻين سماجي ڀلائي جي مختلف شعبن ۾ مدد ڪرڻ لاء پنھنجي پٽ مرتضا جي اڳواڻي ۾ هاشو فائونڊيشن قائم ڪئي آهي جنھن جو سندس چوڻ موجب هاشو گروپ سان ڪو واسطو ناهي

ورهاڱو: شھر ۽ ليکڪ

ماضي جي ڳولھا ورهاڱي تي لکندڙ مختلف ٻولين جي گهڻن ليکڪن جو موضوع رهيو آهي. هو ماضي کي پنھنجي حال ۾ ڏسڻ چاهين ٿا پر ان جي تبديل ٿيل صورت کي ڏسي کين مايوسي ٿئي ٿي. تبديلي هڪ تہ هڪ مستقل عمل آهي ۽ جيڪڏهين اهي ماڻھو لڏپلاڻ نہ بہ ڪن ها تہ بہ شيون، شھر ۽ ماڻھن ۾ تبديلي اڻ ٽر هئي.
هند جي سنڌي ليکڪ جيا جادواڻي جو ناول ”هن شھر ۾ هڪ شھر هو“ اهڙي ئي هڪ المئي جي ڪٿا آهي. اهو ناول هڪ آتم ڪٿا جي طور لکيو ويو آهي. ليکڪ جنوري 1948 ۾ اٽڪل ڏهن سالن جي عمر ۾ شڪارپور مان ڪراچي ۽ پوء اتان بحري جھاز ۾ بمبئي هليو ويو هو. اتي کين بمبئي کان پري هڪ ويران علائقي ۾ رهايو ويو هو. کيس ريل گاڏين ۽ سڙڪن تي شيون وڪڻي پنھنجو ۽ پنھنجي پريوارجو پيٽ پالڻو پيو ٿي. ان صورت ۾ پڙهائي کي جاري رکڻ هڪ ڏکيو ڪم هو.
گهڻن لڏي ويل سنڌين جيان ليکڪ جو بہ آر ايس ايس سان ويجهو تعلق رهيو. هو ان جي سرگرمين ۾ شامل رهيو. هڪ اڌ دفعو سندس مودي سان ريل ۾ واسطو پيو ۽ واجپائي سان بہ ڪجهہ ملاقاتون ٿيون.
هو اٽڪل ٻٽيھہ سالن کان پوء سنڌ موٽي ٿو. کيس هونئن ويزا نہ ٿي ملي پر هڪ جوهري جي حيثيت ۾ ڪراچي، لاهور ۽ اسلام آباد جي ويزا ملي ٿي. هو جھاز ۾ ڪراچي اچي ٿو ۽ صدر ۾ هڪ هوٽل ۾ رهي ٿو. جڏهين کيس ماني جي طلب ٿئي ٿي ۽ هو هندو کاڌو کائڻ چاهي ٿو. پر جڏهين ڏسي ٿو تہ هوٽل وارا تہ ساڳيا چمچا ۽ ڪفگير ماس ۾ بہ استعمال ڪن ثا ۽ سبزي ۾ بہ تہ هو اتان ماني کائڻ کانسواء اٿي اچي ٿو ۽ سوامي نارائڻ مندر جو رخ ڪري ٿو، جتي کيس خبر پئي ٿي تہ هتان جو پنڊت هڪ مسلمان کي هوٽل وڪڻي پاڻ ڀارت هليو ويو هو. بھرحال اتي رهندڙ ڪجهہ هندو کيس ماني کارائين ٿا ۽ هو واپس پنھنجي هوٽل هليو وڃي ٿو. صدر بمبئي جي ڪناٽ پيلس جو هڪ ننڍو حصو لڳي ٿو. ڪراچي ۾ بہ بمبئي وانگر وڏيون عمارتون ۽ پلازا آهن، پر بمبئي ۾ عمارتن کي ڏسندي آسمان نظر نہ ٿو اچي جڏهين تہ ڪراچي ۾ آسمان صاف طور نظر اچي ٿو ۽ شھر کليل ۽ ڪشادو لڳي ٿو.
سندس اصل منزل شڪارپور آهي، پر اتان جو وٽس ويزا ناهي. هو لڪل نموني ڪجهہ دوستن جي مدد سان سکر ۽ پوء اتان شڪارپور وڃي ٿو. اتي هو شھر، پنھنجي گهر ۽ پنھنجي ننڍپڻ جي محبت سنڌو کي ڏسڻ ۽ ملڻ چاهي ٿو. شھر ڪجهہ ساڳيو آهي ۽ ڪجهہ بدلجي ويو آهي. گهڻا نوان ماڻھو اچي ويا آهن جن کي نہ هو سڃاڻي ۽ نہ ئي اهي کيس سڃاڻن ٿا. هو ڳولھيندو پنھنجي گهر تائين تہ پھچي ٿو ۽ اتي رهندڙ ماڻھن سان پنھنجو تعارف ڪرائي ٿو ۽ کين شيخ اياز جو ڪتاب ڏيکاريندي ٻڌائي ٿو تہ هي شاعر سندس دوست آهي ۽ هو رڳو پنھنجي گهر کي ڏسڻ چاهي ٿو، پر اهي ماڻھو کيس اندر اچڻ نہ ٿا ڏين. هو هڪ عورت مائي زيني سان ملي ٿو جيڪا سندن ڪپڙا ڌوئندي هئي. هو ان جي هٿ جي ماني بہ کائي ٿو ۽ کيس ڪجهہ پئسا بہ ڏئي ٿو.
شڪارپور ۾ هوندي اسڪول مان ايندي ويندي سندس ملاقات هڪ ڇوڪري سنڌو سان ٿي هئي. اهي روز پاڻ ۾ ملن ۽ ڳالھيون ڪن ٿا. سنڌو کيس چئي ٿي تہ هو اڳتي پڙهندي ۽ جيڪڏهين سندس پي کيس ان کان جهليو تہ هو سندس ڳالھہ نہ مڃيندي. ساڳي ريت اهيِ ڀارت بہ لڏي نہ ويندا. ليکڪ جي سوچ ان جي بلڪل ابتڙ هجي ٿي. هو هاڻي ان ڇوڪري جي ڳولھا ۾ نڪري ٿو. گهڻي ڪوشش کانپوء هو رڳو پري کان سندس هڪ جهلڪ ڏسي سگهي ٿو ۽ ان تي اڪتفا ڪري واپس موٽي ٿو.
لڏي ويندڙ هندن ۾ سنڌي مسلمانن لاء جيڪو ڪروڌ ۽ ڪاوڙ آهي ان جو لعل بشپ وٽ بہ اظھار ٿيل آهي ۽ هن ڪتاب ۾ بہ ان جو ذڪر ٿيل آهي. هن سيٺ نائون مل سان ٿيل وارتا جو بہ ذڪر ڪيو آهي. سندس چوڻ آهي تہ شيخ ايازجي پي هڪ هندو شادي شدہ استري، جنھن کي ٽي ڌيئر هيون، کي ڀڄائي پنھنجي گهر کڻي آيو هو. ساڳي ريت هن بمبئي جي هڪ واقعي جو ذڪر ڪيوآهي. پندرنھن ويه ماڻھن جي هڪ محفل هئي، جنھن ۾ شيخ اياز پنھنجا شعر پڙهيا. سڀني واه واه ڪئي پر موھن ڪلپنا خاموش رهيو. اياز کانئس پڇيو تہ ڇو توکي منھنجو شعر نہ وڻيو. جنھن تي موھن ڪلپنا جواب ڏنو بڪواس. ان تي اياز کيس چيو تہ هڻانء پٿر. موئن جواب ڏنو تہ مسلمان ٻيو ڪري بہ ڇا پيا سگهن. ان تي ڪافي گرما گرمي ٿي ويئي ۽ موجود ماڻھن وچ ۾ پيئي معاملي کي ٿڌو ڪيو.
مسلمان ۽ هندن ۾ هڪ محبت ۽ نفرت جو تعلق رهيو آهي. ورهاڱي کان پوء سنڌ جي حالتن جي ڪري انھن جي ناتن ۾ هڪ مثبت تبديلي آئي آهي پر ماضي جا ڦٽ وقت بوقت ظاهر ٿيندا رهن ٿا.

جڏھن ھوش آيو

”جڏهين هوش آيو“ عبد الرحمان پيرزادو جو هڪ ٻيو ڪتاب آهي. ان ۾ مختلف ڏيھي ۽ پرڏيھي شاعرن جي شاعري جي ترجمن کي شامل ڪيو ويو آهي. ان ۾ محمود درويش، پابلو نرودا، فيض احمد فيض، استاد دامن، گلزار، فھميدہ رياض، ساحر لڌيانوي ۽ ٻين مختلف شاعرن جي شاعري شامل آهي.
شاعري احساسن کي خيالن جو روپ ڏيندي آهي ۽ ان ۾ شاعر جو پنھنجو اندر ڪنھن نہ ڪنھن شامل هوندو آهي. ڏٺو وڃي تہ ترجمو نثر ۽ خاص طور فڪشن جو بہ ڏکيو آهي پر شاعري جو ترجمو جيڪڏهين ناممڪن نہ تہ ڏکيو ضرور آهي. ان جو مقصد شاعر، جنھن جي ٻولي پڙهندڙ لاء اوپري هوندي آهي، کي پڙهندڙ تائين پھچائڻ هوندو آهي. منھنجو اهو خيال آهي تہ جيئن تہ اٽڪل سڀ سنڌي پڙهندڙ ساڳي ريت اردو بہ پڙهي سگهن ٿا، ان کي اردو مان سنڌي ۾ ترجمي ڪرڻ جو ڪو خاص لاڀ حاصل نہ ٿو ٿئي. خاص طور شاعري لاء تہ اها ڳالھہ وڌيڪ صحيح آهي. هن ڪتاب ۾ فيض، فھميدہ رياض ساحر لڌيانوي، علي سردار جعفري ۽ گلزار وغيرہ جي شاعري جا ترجما ڏنا ويا آهن پر مون کي جيڪو لطف انھن جي اصلوڪي ٻولي ۾ ڪيل شاعري ۾ آيو اهو ان ۾ نہ آيو. ٻي ڳالھہ تہ منھنجي خيال ۾ جيڪي نظم، ڊچ، عربي ۽ ٻين غيرانگريزي ٻولين ۾ آهن انھن جي انگريزي ترجمي مان انھن کي سنڌي ۾ آندو ويو آهي. اهڙي ريت ٽين ٻولي ۾ آڻڻ سان ان شاعري جو روح متاثر ٿئي ٿو.
ترجمي نگار ترجمي لاء مواد جي چونڊ پنھنجي مزاج مطابق ڪندو آهي. ساڳي ريت هتي بہ اهڙن شاعرن جي شاعري جي چونڊ ڪئي ويئي آهي جيڪي ترقي پسند ليکيا وڃن ٿا. اهو ضروري ناهي تہ ترقي پسند شاعر جو مطلب رڳو انقلابي گيت چوڻ ۽ طبقاتي جدوجھد جو راڳ ڳائڻ هجي. ڏٺو وڃي تہ انھن سڀني شاعرن اهي سڀ ڪم بہ ڪيا جيڪي عام ماڻھو ڪندو آهي ۽ ان جو پنھنجي تخليق ۾ اظھار بہ ڪيو. انھن شين جي تخليقي سونھن کي نظرانداز نہ ٿو ڪري سگهجي ۽ اهو پاڻ سندن انقلابي جدوجھد جو هڪ پاسو آهي.
اهڙي ريت ترجمي نگار شاعر جو رڳو اهو پاسو پيش ڪري ٿو جيڪو سندس پنھنجو ۽ سندس پسند جو پاسو آهي. ڪنھن بہ شاعر جي پوري شخصيت جو عڪس ان مان پڙهندڙ کي نہ ٿو ملي.

آريسر جي ڪٿا

جيئي سنڌ تحريڪ جي حوالي سان عبدالواحد آريسر هڪ اهم نالو آهي. جي ايم سيد جي وفات کانپوء جيئي سنڌ جي مختلف ڌڙن کي گڏ ڪرڻ ۾ سندس اهم ڪردار هو. هڪ لحاظ کان هو ڄڻ سيد جو سياسي جانشين هو.
جيئي سنڌ ۾ جي ايم سيد جي جيئري جيڪي اختلاف هئا، اهي سندس وفات کانپوء مختلف گروپن جي بظاهر گڏجڻ کانپوء بہ ختم نہ ٿيا. آريسر جي ڪتاب ”روداد هڪ رات جي“ ۾ ان جا ڪجهہ عڪس ۽ ليکڪ جي مايوسي ۽ فرسٽريشن صاف نظر اچي ٿي.
ان جي باوجود تہ آريسر پاڻ جسقم جي اڳواڻي لاء هڪ غير متنازعه اميدوار ٿي سگهيو ٿي هن بشير خان قريشي جو نالو چيئرمين جي عھدي لاء تجويز ڪيو هو ۽ هن ئي سندس فارم بہ ڀريو هو. پر شروع کان ئي مختلف معاملن تي سندن اختلاف ٿيڻ شروع ٿيا. مون کي ان جو بنيادي سبب اهو ٿو لڳي تہ آريسر جسقم ۾ هڪ قائد تحريڪ واري پوزيشن جو خواهش مند هو، جيڪا بشيرخان ۽ سندس دوست کيس ڏيڻ لاء تيار نہ هئا. ٻي ڳالھہ جيڪا آريسر ڪري ٿو تہ بشير خان ۽ سندس دوست شاگرد سياست واري ذهنيت کان ٻاهر نڪري نہ سگهيا هئا. ليکڪ جو چوڻ آهي تہ بشير خان نہ تہ عالمي سياست جي لاهين چاڙهين کان واقف هو ۽ نہ ئي کيس ملڪي سياست جي پوري ڄاڻ هئي. ايم ڪيو ايم سان جسقم جو جيڪو تعلق قائم ٿيو ان ۾ بشير خان جو ڪو ڪمال نہ هو پر اهو سڄو بندوبست سيد امداد محمد شاه ڪيو هو.
ليکڪ جي سڄي ڪاوڙ بشير خان جي پاليسين جي بجائي سندس ذات تي آهي. هو مٿس سرڪاري زمينن تي قبضا ڪرائڻ، ڀتي خوري ۽ پارٽي ۾ مخالفن کي قتل ڪرائڻ جھڙا الزام هڻي ٿو. هو ان ڳالھہ تي حيرت جو اظھار ڪري ٿو تہ هڪ غريب پي جو پٽ رات وچ ۾ ڪروڙپتي ۽ ارب پتي بڻجي وڃي ٿو. هو گلشن حديد ۾ پنجاسي لک ۾ بنگلو خريد ڪري ٿو ۽ ٽو ڊي گاڏي ۾ گهمي ٿو. مھانگي شراب پئي ٿو ۽ عياشي سان زندگي گذاري ٿو. ايجنسين سان واسطن ۽ انھن جي آشير واد کانسواء سندس لاء اهڙي زندگي گذارڻ ممڪن نہ هو. ظاهر ڳالھہ آهي تہ بشير خان جي انھن ڳالھين کان آريسر اڳ ئي واقف هو تہ پوء سوال اهو ٿو پيدا ٿئي تہ هن نيٺ جسقم جي چيئرمين جي عھدي لاء ان جو نالو ڇو تجويز ڪيو ۽ ان عھدي لاء هن جي حمايت ڇو ڪئي. سندس چوڻ آهي تہ پير پاڳاري جي سوٽ مجتبا شاه راشدي احتسابي ڪاميٽي آڏو جيڪا آريسر ۽ بشير خان خلاف چارج شيٽ پيش ڪئي ان ۾ لکيو هئائين تہ بشير خان غريب پارٽي جو امير ترين چيئرمين آهي.
آريسر شراب جو گهڻو شوقين ۽ عادي هو. سندس چوڻ آهي تہ اها سندس ذهن کي قوت ڏيندي هئي ۽ هن ان کانسواء ٻيا سڀ مشروب ء کاڌو پيتو بہ گهڻي ڀاڱي ڇڏي ڏنو هو. سگريٽ ۽ شراب ئي سندس پسند هئا. ميون ۾ بہ هو رڳو انب ۽ گدري کان سواء ٻيو ڪو ميوو نہ کائيندو هو. هن ٽنڊو محمد خان جي هڪ جلسي جو ذڪر ڪيو آهي، جتي ميزبانن جلسي کانپوء کيس ڪجهہ ٿڌو پيئڻ لاء زوري روڪيو ۽ جيسين اهو اچي تيسين پوليس وارن اچي کيس ۽ سندس ساٿين کي گرفتار ڪري ورتو. نيازڪالاڻي ڪنھن اٽڪل سان اتان نڪري ويو. آريسر ۽ سندس ٻين ساٿين کي چمبڙ ٿاڻي ۾ واڙي ڇڏيائون. سڄي سنڌ ۾ هڙتال جي ڌمڪي کانپوء کين آزاد ڪيو ويو.
ليکڪ هڪ رات جو قصو ٻڌائي ٿو جڏهين هو ۽ سندس دوست سندس گهر ۾ کائي پي ستا پيا هئا تہ اوچتو ڇاپو لڳو ۽ کين گاڏين ۾ وجهي نامعلوم مقام ڏانھن نيو ويو. اهي رستي ۾ انھن ڇھن ڄڻن مان خاص طور آريسر ۽ ٻن ٻين تي تشدد ڪندا رهيا ۽ مختلف سوال ڪندي اها ڌمڪي ڏيندا رهيا تہ انھن کي گولي هڻي لاش رستي تي اڇلائي ڇڏيندا ۽ ڏوه سڄو قادر مگسي تي ايندو. بھرحال انھن کي انتھائي خراب حالت ۾ اکيون ٻڌي حيدرآباد ڪينٽ وٽ ڇڏيو وڃي ٿو جتان هڪ مھاجر رڪشا وارو کيس قاسم آباد ۾ گهر پھچائي ٿو ۽ ڀاڙو بہ نہ ٿو وٺي.
ليکڪ جو چوڻ آهي تہ ساڻس اهو سڀڪجهہ ان ڪري ڪرايو ويو تہ علائقي ۾ سندس اثر رسوخ وڌي رهيو هو. ماڻھو مٿس اعتبار ڪرڻ لڳا هئا. قوم پرستن جي حسد ۽ ساڙ تي افسوس ڪندي هو لکي ٿو تہ ايڏي وڏي واردات تي ڪنھن بہ قومپرست مذمت جو بيان نہ ڏنو جڏهين تہ وفاق پرست پارٽي پيپلزپارٽي جي اڳواڻ قائم علي شاه هڪ عالماڻو بيان ڏيئي ان جي نندا ڪئي. سندس چوڻ هو تہ پاڪستان جي ايجنسين سنڌ جي هڪ اديب کي گهٽين ۾ ائين گهليو جيئن چلي ۾ پنوشي جي ايجنسين پابلو نرودا ۽ وڪٽر هارا کي گهليو هو.
آريسر کي هڪ ليکڪ ۽ سياسي اڳواڻ طور جوڳي مڃتا نہ ملي سگهي آهي. اهو ڏسڻ گهرجي تہ ان ۾ آريسر جو پنھنجو ۽ ٻين جو ڪيترو ڪردار آهي.

پنجاب جو ورهاڱو

”پاڪستان ڪيسي بنا“۾ ليکڪ زاهد چوڌري پنجاب جي ورهاڱي متعلق تفصيل سان بحث ڪيو آهي. مسلم ليگ ۽ جناح پاران ٻہ قومي نظرئي جي بنياد تي پاڪستان جي گهر ڪئي ويئي هئي. پر عملي طور تي اها ڳالھہ ايتري سولي نہ هئي ۽ ان ۾ گهڻا مسئلا درپيش هئا. ان سلسلي ۾ خاص طور بنگال ۽ پنجاب اهم حيثيت جا حامل هئا. انھن صوبن ۾ جيتوڻيڪ مجموعي طور مسلمانن جي گهڻائي هئي پر ساڳي وقت هتي غير مسلمن جو پڻ هڪ وڏو تعداد آباد هو.
جناح کي جيڪو پاڪستان گهربل هو، ان ۾ سڄو پنجاب ۽ سڄو بنگال شامل هو. ان کانسواء پاڪستان کي ان ناقابل عمل ۽ ٽٽل ڦٽل سمجهيو ٿي. پر اها ڳالھہ ڪانگريس، سکن ۽ انگريز وائسرائي کي قبول نہ هئي. ان سلسلي ۾ جناح جو دليل اهو هو تہ انھن ٻنھي صوبن جا ماڻھو پنھنجي ٻولي، ثقافت ۽ طور طريقن جي لحاظ کان هڪ آهن ۽ منجهن مذهب جو فرق ايڏي اهميت نہ ٿو رکي. اهو ساڳيو دليل وائسرائي مائونٽ بيٽن پاران جناح کي سڄي هندوستان جي ماڻھن لاء ڏنو ويو. سندس چوڻ هو تہ جيڪڏهين هندوستان جي مذهب جي بنياد تي ورهاست ٿيڻي آهي تہ پوء انھن ٻنھي صوبن جي بہ ان بنياد تي ٿيڻ گهرجي. اهو مسئلو خاص طور پنجاب ۾ وڌيڪ شديد هو.
پنجاب ۾ خاص طور سک ڪنھن بہ صورت ۾ تاريخي ۽ مذهبي تضادن جي ڪري مسلمانن جي حڪومت تحت رهڻ لاء تيار نہ هئا. ان سلسلي ۾ اهي تشدد سميت ڪنھن بہ حد تائين وڃڻ لاء تيار هئا. صوبي ۾ مسلمانن ۽ هندن جي ڀيٽ ۾ آبادي جي حوالي سان ٿورائي ۾ هئڻ جي باوجود اهي پنھنجي تنظيم ۽ ويڙهاڪ قوت جي ڪري وڏي اهميت جا حامل هئا. جناح ۽ مسلم ليگ جي يقين دھانين جي باوجود انھن مسلم ليگ جي ڀيٽ ۾ ڪانگريس سان اتحاد کي وڌيڪ مناسب سمجهيو ٿي. سندن چوڻ هو تہ کين جناح تي اعتماد نہ هو ۽ هو پنھنجن مقصدن حاصل ڪرڻ کانپوء ڪنھن بہ وقت پنھنجن واعدن تان ڦري سگهيو ٿي.
صوبي ۾ هڪ غير مستحڪم سياسي صورتحال هئي. 1946 جي چونڊن ۾ جيتوڻيڪ اسمبلي ۾ مسلم ليگ هڪ گهڻائي واري جماعت جي طور سامھون آئي هئي پر گورنر فرقيوارانا صورتحال کي سامھون رکندي ان ڳالھہ کي ترجيح ڏني تہ سکن جي جماعت اڪالي، ڪانگريس ۽ يوننسٽ جي گڏيل حڪومت هجي تہ جيئن سڀني فرقن کي نمائندگي حاصل هجي. اهڙي ريت خضر حيات جي اڳواڻي ۾ انھن جماعتين جي گڏيل حڪومت قائم ڪئي ويئي. ان اتحاد جي قائم ڪرڻ ۾ ان وقت ڪانگريس جي صدر مولانا آزاد اهم ڪردار ادا ڪيو. ليکڪ جو چوڻ آهي تہ سندس ان ڪردار تي ڪانگريس جي هڪ گڏجاڻي ۾ جواهرلال نھرو پاران تنقيد ڪئي ويئي. سندس چوڻ هو تہ مسلم ليگ کي اڪثريتي جماعت هئڻ ڪري حڪومت ٺاهڻ جو حق ملڻ گهرجي ها. پر گانڌي پاران آزاد جي حمايت ڪئي ويئي ۽ نھرو کي کانئس معذرت ڪرڻي پيئي. مسلم ليگ پاران ان تي هڙتالن ۽ احتجاج جو سلسلو شروع ڪيو ويو جنھن فرقيوارانا رنگ اختيار ڪري ورتو. ڪجهہ وقت کانپوء خضرحيات استعفا ڏيئي ڇڏي پر انگريز گورنر پنجاب جي حڪومت ڪنھن بہ صورت ۾ مسلم ليگ کي ڏيڻ لاء تيار نہ هو. جواز اهو هو تہ ان سان فرقيوارانا ڇڪتاڻ اڃا وڌنڌي ۽ صورتحال اڃا خراب ٿيندي. اهڙي ريت صوبي ۾ گرونر راڄ لاڳو ڪيو ويو.
فرقيوارانا فساد جيڪي ڪلڪتي مان شروع ٿيا هئا، اهي بنگال جي مختلف علائقن، بھار، احمد آباد ۽ ٻين علائقن تائين ڦھلجي ويا. انھن فسادن ۾ ڪيترائي بي گناه هندو، مسلمان ۽ ٻين مذهبن جا ماڻھو مارجي ويا. احمد آباد ۾ هندو سيٺين وٽ پٺاڻ ملازم هوندا هئا، جن کي انھن فسادن کانپوء نوڪري مان فارغ ڪري ڇڏيو هو. خاص طور ڪجهہ پٺاڻن جي مارجڻ جون خبرون جڏهين سرحد صوبي ۽ هزاره ۾ پھتيون تہ اتي هڪ وڏو وڳوڙ پيدا ٿيو ۽ هندو مسلم فساد شروع ٿي ويا. ان ۾ گهڻن سکن ۽ هندن کي قتل ڪيو ويو. ان جي ڪري اتر پنجاب ۽ خاص طور راولپنڊي ڊويزن گهڻو متاثر ٿيا. فرقيوارانا فسادن مسلمانن سان ويڇي کي اڃا وڌائي ڇڏيو هو. ان کانسواء سندن چوڻ هو تہ مسلمان ۽ هندو پنھنجي لاء جيڪي حق گهري رهيا آهن اهي ساڳيا حق سکن کي بہ ملڻ گهرجن.
پنجاب جي صورتحال کي ڏسندي نھرو ۽ ڪانگريس اهو محسوس ڪيو تہ ان جو حل صوبي جي ورهائجڻ ۾ آهي. نھرو پاران پھرين ان کي ٽن حصن مسلم، غير مسلم ۽ اهڙو علائقو جتي گڏيل آبادي هجي ۽ پوء ان کي مسلم ۽ غير مسلم حصن ۾ ورهائڻ جي تجويز سامھون رکي ويئي.
اهو پاڻ هڪ مسئلو هو تہ اها ورهاست ڪيئن ڪجي. هڪ تہ آبادي جو معيار هو پر ساڳي وقت پنجاب جي مختلف ضلعن ۾ زرعي ۽ شھري ملڪيت جي حوالي سان آبادي ۾ ٿورائي ۾ هئڻ جي باوجود هندن ۽ سکن کي مسلمانن تي فوقيت حاصل هئي. اهڙي ريت صوبي کي ورهائڻ وارو مسئلو بہ ايترو سولو نہ هو. اهي خدشا موجود هئا تہ ان جي نتيجي ۾ فساد ٿيندا ۽ ٻنھي پاسي بيگناه ماڻھن جو رت وهندو ۽ نيٺ ائين ئي ٿيو.

وڻ ۽ ڌرتي جو جياپو

صبوح واڪ ڪندي هڪ همراه سان سلام دعا ٿيندي آهي. ان سان گهڻي عرصي کان واقفيت آهي ۽ ڪڏهين ڪڏهين تفصيلي ڳالھہ ٻولھہ پڻ ٿيندي آهي. ان همراه جي خاص ڳالھہ اها آهي تہ کيس مختلف وڻن جي خاصيتن ۽ انھن جي انسانن لاء فائدي متعلق گهڻي ڄاڻ آهي. ڪنھن خاص وڻ جا پن وغيرہ بہ گڏ ڪندو آهي ۽ اهو ٻڌائيندو آهي تہ انھن جو استعمال ڪھڙين بيمارين ۽ تڪليفن لاء ڪارآمد آهي.
ڪنھن دور ۾ اسٽيل ٽائون ۽ گلشن حديد ۾ وڻڪاري ۽ صاف آبھوا جي ڪري ڊاڪٽر خاص طور ساه جي مريضن کي هتي رهڻ جي صلاح ڏيندا هئا. منھنجي پنھنجي مشاهدي ۾ اهڙا ماڻھو آهن جن کي هتي رهڻ جي ڪري فائدو ٿيو. هتي اها وڻڪاري جيتوڻيڪ اڃا بہ ڪنھن حد تائين موجود آهي پر هاڻي ڦيٿو ابتو ڦرڻ لڳو آهي. جيئن چوندا آهن تہ جتي انساني آبادي ٿيندي آهي اتي جهنگل ختم ٿي ويندا آهن.
اها ڳالھہ ان حد تائين تہ درست آهي تہ هن علائقي ۾ هڪ تہ آبادي وڌڻ ۽ ٻين مسئلن جي ڪري وڻڪاري ختم ٿيندي پئي وڃي. ان ۾ اهم عنصر پاڪستان اسٽيل جو بند ٿيڻ آهي. علائقي ۾ اسٽيل ٽائون جي گيس بند ڪئي ويئي آهي، جنھن جي ڪري ماڻھن رڌ پچاء وغيرہ لاء وڻ وڍي ڪاٺين جو استعمال شروع ڪيو آهي. اهو سلسلو گهڻي عرصي کان لاڳيتو جاري آهي ۽ في الحال ان جي ختم ٿيڻ جو ڪو امڪان نظر نہ ٿو اچي.
ترڪي جي ليکڪا ايلف شفق پنھنجي ناول The Island of Missing Trees ۾ قبرص ۾ انجير جي هڪ وڻ کي هڪ ڪردار جي طور پيش ڪيو آهي، جيڪو نسلي طور ورهايل ٻيٽ جي سياست، گهرو ويڙه ۽ محبت جو گواه هجي ٿو. مختلف پکي، جيت ۽ جانور وٽس اچي آسيس وٺن ٿا ۽ ساڻس ڳالھيون ڪن ٿا. اهڙي ريت جيئن ٻي جيوت آهي تيئن وڻن جي بہ پنھنجي زندگي آهي جنھن کي اهي ماڻھو ئي سمجهي سگهن ٿا جيڪي انھن سان پيار ڪن ٿا.
ڏٺو وڃي تہ گرمي پد ۾ واڌ جو شڪار هي ملڪ جتي هر ڪو وڻ لڳائڻ جي اهميت تي ليڪچر ڏئي ٿو ۽ هڪ ارب وڻ لڳائڻ جي رٿابندي ڪئي وڃي ٿي، اتي هڪ قوم جي حيثيت ۾ اسان شعوري طور مختلف بھانن سان ٻيلن ۽ جهنگلن کي تباه ڪيو آهي. ان کي ماحوليات جي حوالي سان شعور جي گهٽتائي ۽ ذاتي ۽ گروهي مفادن کي قومي ۽ اجتماعي مفادن تي ترجيح ڏيڻ ئي چئي سگهجي ٿو.
هونئن بہ اهو چيو ويندو آهي تہ سرمايادارانا سماج ۾ ماحول کان وڌيڪ سرمايادار لاء منافعو اهم هوندو آهي. ان لاء دنيا جي هڪ وڏي جهنگل امازون، جيڪو لاطيني آمريڪا جي ڪيترن ملڪن تي ڦھليل آهي، جو مثال پيش ڪري سگهجي ٿو. ان جهنگل جو ڏيھي ۽ پرڏيھي سرمايادارن خاص طور تيل ۽ ٻي معدنيات جي ڳولھا جي حوالي سان اهو حشر ڪيو آهي جو ماهرن اهو خدشو ڏيکاريو آهي تہ ڪٿي ان جي جهنگل واري حيثيت ئي ختم نہ ٿي وڃي. ساڳي ريت آمريڪا، چين، ڀارت ۽ ٻيا ملڪ ماحوليات جي حوالي سان ڪانفرنسن ۾ خاص طور ڪوئلي جي استعمال کي ختم ڪرڻ لاء ڪا ڪمٽمنٽ ڪرڻ لاء تيار ناهن.
گڏيل قومن جي مقرر ڪيل معيار موجب ڪنھن بہ ملڪ ۾ وڻن جي ڪوريج ان جي ڪل ايراضي جو گهٽ ۾ گهٽ ٻارنھن سيڪڙو هئڻ گهرجي. 2023 جي انگن اکرن موجب سڄي دنيا جي ايڪٽيھہ سيڪڙو ايراضي تي وڻ ۽ جهنگل آهن. ايراضي جي لحاظ کان دنيا جي وڏي ملڪ روس جو پنجاه سيڪڙو يا اسي لک ڪلوميٽر جهنگل آهي. پر في ڪس جهنگل جي حساب سان ڪينيڊا ان کان اڳتي آهي. روس جي في ڪس جهنگل جي ڪوريج ڇاونجاه هزار چورس ميٽر آهي، جڏهين تہ ڪينيڊا جي ان کان گهڻو وڌيڪ پنجانوي هزار چورس ميٽر آهي. ڪجهہ ٻيا ملڪ ان فھرست ۾ اچن ٿا، پر آمريڪا گهڻو پوئتي رڳو ڏه هزار چورس ميٽر آهي. سڄي دنيا جا اڌ کان وڌيڪ جهنگل يعني اٽڪل چوونجاه سيڪڙو پنجن ملڪن روس (20.1)، برازيل (12.2)، ڪينيڊا (8.6) يوايس اي (7.6) ۽ چين (5.4) ۾ آهن.
گڏيل قومن جي فوڊ اينڊ ايگريڪلچر آرگنائزيشن جي اندازي موجب 1990 ۽ 2020 جي وچ واري عرصي ۾ ٻائيتاليھہ ڪروڙ هيڪٽر جهنگل صاف ڪيا ويا. اهي گهڻي ڀاڱي آفريڪا ۽ ڏکڻ آمريڪا ۾ ڪيا ويا. ان جو سڌو سنئون اثر ماحول تي پئي ٿو. ڇاڪاڻ تہ وڻن ۾ جيڪا ڪاربن ڊائي آڪسائيڊ گڏ ٿيندي آهي، اها انھن کي وڍڻ سان خارج ٿي ماحول ۾ شامل ٿي ويندي آهي، جنھن جي ڪري گرمي پد وڌي ويندو آهي. هڪ اندازي موجب زمين جي استعمال ۾ تبديلي ۽ خاص طور جهنگلن جي صفائي جو عالمي سطح تي گرين هائوس گئسن جي اخراج ۾ ٻارنھن کان ويه سيڪڙو حصو آهي.
پاڪستان ۾ ٻائيتاليہ لک هيڪٽر تي جهنگل ۽ پوکيل وڻ آهن. اهو ڪل ايراضي جو 4.8 سيڪڙو آهي جيڪو گڏيل قومن جي مقرر ڪيل معيار کان گهڻو گهٽ آهي. پاڪستان هر سال پنھنجي قدرتي جهنگلن جي 27000 هيڪٽر کان محروم ٿئي ٿو. ان جو سڌو سنئون اثر ماحول ۽ ڳوٺن ۾ رهندڙ ماڻھن تي پئي ٿو. چيو وڃي ٿو تہ اهو تيل ۽ گيس وغيرہ جي ڪري ماحول کي ٿيندڙ نقصان کانپوء ٻئي نمبر تي آهي. ان جي ڪري ئي اهو چيو وڃي ٿو تہ پاڪستان هن وقتGreen Emergency واري حالت ۾ آهي.
ان جا ڪارڻ سڀني جي آڏو آهن. وڌنڌڙ شھر ۽ شھري آبادي، صنعتن جو ڦھلاء، سياحت ۽ گهريلو ٻارڻ وغيرہ لاء وڻن جي ڪٽائي ان جا اهم ڪارڻ آهن. لاهور ۽ جي ٽي روڊ تي هائوسنگ سوسائٽين ۽ خاص طور ننڍين صنعتن جو ڦھلاء زرعي زمينن ۽ جهنگلن کي ختم ڪرڻ جي نتيجي ۾ ئي ٿيو آهي. ساڳي صورتحال ڪراچي ۾ ڏسي سگهجي ٿي جتي ملير جا باغ ۽ زرعي زمينون لينڊ مافيا ۽ هائوسنگ سوسائٽين جي ڪري ختم ٿي ويا آهن.
هن وقت وڌنڌڙ گرمي پد ۽ سموگ وغيرہ جي جيڪا صورتحال اسان جي آڏو آهي ان لاء ٻاهر نھارڻ جي ضرورت ناهي بلڪ ان جا ڪارڻ اندر ئي موجود آهن جن تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.

رنگريز جي زندگي جا مختلف پاسا

”اڄ نہ پسان سي“ يوسف سنڌي جو غلام حسين رنگريز سان گذاريل وقت ۽ يادگيرين تي لکيل ڪتاب آهي. ليکڪ جو رنگريز سان هڪ ڊگهو ۽ ويجهو تعلق رهيو آهي. هو ساڳي وقت رنگريز جو دوست بہ رهيو آهي، شاگرد بہ رهيو آهي ۽ سندس گهڻا ڪتاب بہ شائع ڪيا آهن. ان ڪتاب ۾ هن رنگريز کي جيئن ڏٺو ۽ سمجهيو آهي ۽ انھن ناتن ۾ وقت سان گڏ جيڪي تبديليون آيون آهن انھن جو ذڪر ڪيو آهي.
ان ۾ رنگريز جي شخصيت جي گهڻن پاسن تي خيال آرائي ڪئي ويئي آهي. هو سنڌ جي قومي حقن جي حوالي سان هڪ موقف رکندو هو ۽ نظرياتي طور هڪ قوم پرست گروپ سان لاڳاپيل پڻ هو. ان گروپ پاران ئي تاج جويو جي جاء تي کيس سنڌي ادبي سنگت جي سيڪريٽري جنرل جي عھدي لاء چونڊن ۾ بيھاريو ويو هو تہ جيئن ڪتاب جي ليکڪ چواڻي سنگت کي مختلف گروپن ۾ ورهائڻ کان بچائي سگهجي. پر ان عھدي تي اچڻ کانپوء ان بجائي ان گروپ جي پاليسي تي هلڻ جي سنگت کي ان جي آئين موجب هلائڻ کي ترجيح ڏني. ان جو پھريون مثال اهو آهي تہ هن گهڻي دٻاء جي باوجود سنگت کي سنڌ قومي اتحاد جي رڪن ڪرڻ جي بجائي هڪ مبصر جي حيثيت کي ترجيح ڏني. سندس چوڻ هو تہ سنگت جو آئين ڪنھن بہ سياسي ڌر سان لاڳاپيل هئڻ کي قبول نہ ٿو ڪري. سندس اهو موقف ان وقت صحيح ثابت ٿيو، جڏهين سنڌ قومي اتحاد ۾ اختلاف پيدا ٿيا ۽ عوامي تحريڪ اتحاد کان ڌار ٿي ويئي.
ان جو ٻيو مثال اهو آهي تہ 1994 ۾ مورو ۾ سنڌ ڪائونسل جي اجلاس ۾ منھنجي سنگت جي تاحيات رڪنيت ختم ڪئي ويئي هئي. ان جو ڪارڻ رسالي سنڌ سجاڳ ۾ منھنجو شائع ٿيل هڪ مضمون هو جنھن ۾ مون دنيا جي تبديل ٿيل صورتحال جي پيش نظر سنگت جي نئين سر جوڙ جڪ جي تجويز ڏني هئي. رنگريز پاران ان تي هڪ اخباري بيان ذريعي سخت ردعمل جو اظھار ڪيو ويو ۽ اهو هن ڪتاب ۾ پڻ شامل آهي. رنگريز جو چوڻ هو تہ اهو فيصلو غيرآئيني هو. سندس چوڻ هو تہ آئين موجب اهڙي فيصلي ڪرڻ جو اختيار فقط مقامي شاخ جو آهي، جنھن جو هو ميمبر آهي. آئين مطابق ڪنھن بہ مرڪزي عھديدار يا سنڌ ڪائونسل کي اهڙي فيصلي ڪرڻ جو ڪوبہ اختيار ناهي (صفحو 85). منھنجي رڪنيت 8 نومبر 1996 ۾ حيدرآباد ۾ ٿيل سنڌ ڪائونسل جي اجلاس ۾ رنگريز جي رٿ تي ئي بحال ڪئي ويئي.
رنگريز سنگت کي هڪ اڪيڊمڪ تنظيم جي طور هلائڻ جي حق ۾ هو. اها ڳالھہ کانئس اڳ تاج واري دور ۾ نہ هئي. مون کي ياد آهي تہ تاج جي دور ۾ جڏهين اياز گل جوائنٽ سيڪريٽري هو حيدرآباد ۾ سنڌ ڪائونسل جي اجلاس ۾ سيڪريٽري جنرل جي رپورٽ تي مون اهو سوال اٿاريو هو تہ ان ۾ گهڻو ڌيان انھن ڪمن تي رهيو آهي، جن جو ادب سان واسطو ناهي تہ مون کي چپ ڪري ويھڻ لاء چيو ويو هو. رنگريز ڪنھن بہ قسم جي ذاتي تعلق کي تنظيمي معاملن تي اثرانداز ٿيڻ نہ ڏيندو هو. کيس جيتوڻيڪ ٻن سالن کان وڌيڪ مدو نہ ڏنو ويو پر ان عرصي ۾ هن جيڪي اهم ڪم ڪيا انھن ۾ سنگت پبليڪيشن جو قيام شامل آهي. ان عرصي ۾ ان جا پنج شمارا شائع ٿيا جيڪي ٻئي ڪنھن بہ سيڪريٽري جي دور ۾ نہ ٿي سگهيا. ساڳي وقت هن جيتوڻيڪ ٻن سالن جي مختصر عرصي ۾ سنگت جي سڀني شاخن جو دورو نہ ڪيو پر پوء بہ هو گهڻين جاين تي ويو. ان کانسواء شاخن سان سندس لکپڙه باقاعدي هوندي هئي، جنھن جو سندس مخالف کيس مھڻوبہ ڏيندا هئا تہ رنگريز کي شاخن سان لکپڙه کانسواء ٻيو ڪم ئي ناهي. ڏٺو وڃي تہ هن پنھنجي ٻن سالن جي مدي ۾ سنگت کي هڪ عملي ادبي تنظيم ٺاهي ڇڏيو هو. سندس اها تجويز پڻ وقتائتي هئي تہ سنگت جو ڪل وقتي سيڪريٽري جنرل هجي جنھن کي زندگي جي ٻين خفن کي منھن نہ ڏيڻو پئي.
رنگريز جي ذاتي زندگي بہ گهڻي سولي نہ هئي. هڪ ٻئي پويان کيس پنھنجن ٻن جوان پٽن ۽ ڌي جي موت جو صدمو سھڻو پيو. ان جي باوجود هن پنھنجي زندگي ۾ هڪ توازن قائم رکيو ۽ سندس دوستن سان ميل ملاقات ۽ لکڻ پڙهڻ جي عمل ۾ گهڻو فرق نہ آيو.
هڪ ڊگهي عرصي جي تعلق ۾ يوسف جا رنگريز سان دوستي وارا ناتا ساڳيا نہ رهيا. هن يوسف کي پنھنجن ڪجهہ ڪتابن شائع ڪرڻ کان پڻ جهلي ڇڏيو. يوسف هڪ پاسي تہ اها ڳالھہ ڪري ٿو تہ ان تبديلي جو واضح ڪارڻ کيس سمجه ۾ نہ آيو پر ٻئي پاسي هو ان جو ڪارڻ رنگريز جي ڪجهہ دوستن کي قرار ڏئي ٿو جن انھن کي هڪ ٻئي کان پري ڪري ڇڏيو هو. ساڳي وقت انھن دوستن جي صحبت ۾ رنگريز شراب پيئڻ بہ شروع ڪيو هو. رنگريز کيس ٻڌايو هو تہ سندس شراب پيئڻ جي شروعات سندس دوست ڪھاڻيڪار ساحر پريمي، جنھن اڳتي هلي آپگهات ڪيو، سان گڏ ٿي. آئون سمجهان ٿو تہ ناتن ۾ تبديلي جو رڳو اهو ڪارڻ نہ هوندو. رنگريز جي شخصيت ۽ سنجيدگي کي ڏسندي اهو چئي سگهجي ٿو تہ ان جا ضرور ٻيا ڪي ٺوس ڪارڻ هوندا. بھرحال رنگريز جي شخصيت جي مختلف پاسن جي حوالي سان اهو هڪ اهم ڪتاب آهي.

مھاراجا اشوڪ ۽ عدم تشدد جي پاليسي

اشوڪ هندوستان جو هڪ اهم حڪمران ٿي گذريو آهي. هو تاريخ ۾ اهڙن ڪجهہ حڪمرانن مان آهي، جن جي دور ۾ هندوستان گهڻي ڀاڱي هڪ ملڪ جي حيثيت اختيار ڪئي هئي. اشوڪ جي مشھوريءَ جو هڪ اهم ڪارڻ ٻڌ مت اختيار ڪرڻ ۽ ان کي ڏيھہ ۽ پرڏيھہ ۾ ڦھلائڻ لاء ڪوششون ڪرڻ هو.
اشوڪ کي سندس پيءُ پاران ٽيڪسيلا جو وائسرائي مقرر ڪري اتي موريا سرڪار خلاف بغاوت کي ختم ڪرڻ لاء موڪليو ويو هو.
سندس پيءُ بندوسرا جي وفات ۽ اشوڪ جي اقتدار سنڀالڻ ۾ چار سالن جو وقفو آهي. اهي تخت جي مختلف وارثن وچ ۾ ڇڪتاڻ جا سال هئا. اهو چيو وڃي ٿو تہ بندوسرا اشوڪ کي نہ پر پنھنجي وڏي پٽ کي تخت جو وارث مقرر ڪيو هو. پر ان کي ٻيا وارث مڃڻ لاء تيار نہ هئا. ٽيڪسيلا جي وائسرائي هوندي، اشوڪ کي حڪمراني جو تجربو حاصل ٿيو هو. پيءُ جي وفات کانپوء هو گادي جي هنڌ پاٽلي پترا پھتو. بندوسرا جا مختلف زالن ۽ ڪنيزن مان گهڻو اولاد هو. ڪجهہ ذريعن جو چوڻ آهي تہ تخت جي ان ويڙه ۾ اشوڪ پنھنجن نوانوي ڀائرن کي قتل ڪيو، پر اهو وڌاء ٿو لڳي جڏهين تہ يقين ڪرڻ جھڙي ڳالھہ اها آهي تہ هن پنھنجن ڇھن ڀائرن کي قتل ڪيو پر پنھنجي سڀ کان ننڍي ڀاءُ کي هٿ نہ لاٿو. هن 267 قبل مسيح ۾ اقتدار سنڀاليو ۽ اٽڪل ستٽيھہ سال حڪومت ڪرڻ کانپوء 230 قبل مسيح ۾ سندس وفات ٿي. اشوڪ لاء اهو بہ چيو وڃي ٿو تہ پڇاڙي ۾ اقتدار تي سندس ضابطو ڪمزور ٿي ويو هو. ايستائين تہ هو پنھنجي ٻڌ راهبن ۽ ٻڌ مت جي ادارن کي ڪجهہ ڏيئي نہ پئي سگهيو. چون ٿا تہ هڪ ڀيري ڪو راهب وٽس خيرات گهرڻ آيو تہ هن کيس چيو تہ مون وٽ هن اڌ انب کان وڌيڪ توکي ڏيڻ لاء ڪجهہ بہ ناهي.
ڪلنگا جي اشوڪ لاء اسٽريٽيجڪ اهميت هئي. پنھنجي حڪومت جي اٺين سال ۾ هن ڪلنگا تي حملو ڪيو ۽ ان کي فتح ڪري پنھنجي سلطنت جو حصو ٺاهي ڇڏيو. ان جنگ ۾ اشوڪ جي لڳايل ٿنڀن جي تحرير موجب هڪ لک ماڻھو قتل ٿيا ۽ اٽڪل ڏيڍ لک لڏپلاڻ ڪئي. ان علائقي ذريعي سندس سلطنت ڏکڻ هندوستان ۽ سيلون سان ڳنڍجي ٿي ۽ ٻيو ان لاء واپار جا نوان رستا کليا ٿي. اشوڪ لاء چيو وڃي ٿو تہ ڪلنگا ۾ جيڪو قتل عام ۽ عام ماڻھن جي جيڪا لڏپلاڻ ٿي هئي ان کان متاثر ٿي هن ٻڌ مت اختيار ڪيو هو ۽ عدم تشدد جي واٽ ورتي هئي. پر ليکڪا جو خيال آهي تہ ان ڳالھہ کي گهڻو ڪري ٻڌ ذريعن اهو ثابت ڪرڻ لاء ڦھلايو آهي تہ ٻڌ مت اختيار ڪرڻ جي ڪري سندس شخصيت ۾ بنيادي تبديلي آئي ۽ هن هڪ عادل ۽ رحم دل حڪمران جو رويو اختيار ڪيو. پر اها ڳالھہ مڪمل طور صحيح ناهي. بھرحال ٿنڀي جي تحرير موجب کيس انساني جانين جي ان نقصان تي افسوس ضرور هو. پر ساڳي وقت هن رياست ۾ رهندڙ قبائلين کي پڻ امن امان سان رهڻ لاء چيو تہ جيئن سندن خلاف طاقت جو استعمال نہ ڪرڻو پئي.
جيتوڻيڪ هن ٻڌ مت اختيار ڪيو هو ۽ ان جي ڦھلاء لاء هن ملڪ ۽ پرڏيھہ۾ ڪوششون ڪيون هيون پر سندس رويو ۽ پاليسي ٻين مذهبن ۽ عقيدن ڏانھن سھپ واري هئي ۽ هن تشدد ۽ زور زبردستي واري روش اختيار نہ ڪئي. سندس پاليسي گهڻي ڀاڱي سيڪيولر هئي. هن ماڻھن جي سماجي زندگي متعلق مختلف احڪام جاري ڪيا. شروعاتي سالن ۾ انھن جي حيثيت رضاڪارانا هوندي هئي. اڳتي هلي انھن تي عمل درآمد ڪرائڻ لاء ڪامورا مقرر ڪيا ويا پر ان جي باوجود سندس موقف اهو هوندو هو تہ ماڻھن کي قائل ڪرڻ زور زبردستي کان وڌيڪ اثرائتو طريقو آهي. ليکڪا جو خيال آهي تہ ڪلنگا جي حوالي سان پڇتاء، افسوس ۽ سوچ سندس حڪمراني جي پوين سالن ۾ سلطنت جي مختلف حصن ۾ جبلن ۽ ٿنڀن جي لکڻين مان ملي ٿي.
اشوڪ جي انھن پاليسين کي Dhamma جو نالو ڏنو وڃي ٿو. ان نظرئي موجب اڳ ديوتا ماڻھن کان پري رهندا هئا پر سندس ڪوششن جي ڪري اهي هاڻي ماڻھن سان گڏجي رهن ٿا. جيتوڻيڪ سندس حڪومت جي آخري دور ۾ ان حوالي سان مقرر ڪيل ڪامورن پاران ان تي عملدرآمد جي سلسلي ۾ سختي بہ ڪئي ويندي هئي پر ان کي ڪنھن ڌار مذهب جو نالو نہ ٿو ڏيئي سگهجي. ان جون ڪجهہ اهم ڳالھيون اهي هونديون هيون تہ برهمڻن سان سٺو ورتاء ڪيو وڃي. عدم تشدد جي پاليسي تي زور ڏنو ويندو هو. هونئن جانورن جي ڪھڻ کي عام طور ناپسند ڪيو ويندو هو، پر ڍڳي ۽ ٻين اهڙن جانورن جي ڪھڻ تي پابندي هوندي هئي جيڪي زراعت ۽ ٻين پيداواري ڪمن ۾ استعمال ٿيندا هئا. سلطنت ۾ گوشت جو استعمال ٿيندو هو ۽ محل ۾ بہ جيتوڻيڪ اڳ جي ڀيٽ ۾ ان جي استعمال ۾ گهٽتائي ٿي هئي، پر گوشت جو استعمال ٿيندو هو. اهو چيو ويو تہ اڳتي هلي اهو بہ ختم ٿي ويندو. هر ڪو پنھنجي مذهب ۽ عقيدي مطابق هلي پر ائين نہ ٿئي تہ پنھنجي مذهب جي ساراه ۽ ٻئي جي مذهب جي تذليل ڪئي وڃي. ڇاڪاڻ تہ ٻئي جي مذهب کي گهٽ ڪرڻ جو مطلب پنھنجي مذهب کي ئي گهٽ ڪرڻ آهي. ڪنھن ذات پات ۽ رتبي جي فرق کانسواء سڀني ماڻھن سان هڪجهڙو انصاف ۽ ورتاء ڪيو وڃي. ان عدم تشدد واري پاليسي جو هڪ تضاد اهو هو تہ اشوڪ پنھنجي دور جي پڄاڻي تائين موت جي سزا کي برقرار رکيو باقي ايترو هن ڪيو تہ سزا ملڻ ۽ ان تي عمل ۾ ٽن ڏينھن جو وقفو رکيو تہ جيئن ڏوهاري کي پنھنجي ڏوه جي معافي گهرڻ جو موقعو ملي سگهي ۽ متان ڪو اهڙو ثبوت ملي پئي جنھن سان سزا ۾ تبديلي ٿي سگهي. ان سان گڏوگڏ اشوڪ پاران عام ڀلائي جا گهڻا ڪم ڪيا ويا، سڙڪن کي بھتر ڪيو ويو ۽ مسافرن جي سھولت لاء سرائي وغيرہ قائم ڪيون ويون.
ان وقت زرعي معيشت وڌيڪ مستحڪم ٿي چڪي هئي ۽ ماڻھو ڳوٺ ٺاهي رهڻ لڳا هئا. ٻي ڳالھہ تہ هتان ڍل جي صورت ۾ حڪومت کي گهڻي آمدني ٿيندي هئي. ان ڪري اشوڪ پاران انھن ماڻھن کي وڌيڪ اهميت ڏني ويندي هئي. هو وقت بوقت سلطنت جي مختلف علائقن جا دورا ڪندو رهندو هو جنھن ۾ ٻڌمت سان لاڳاپيل مذهبي جاين جي ياترا سان گڏ ماڻھن سان ملڻ ۽ انھن جي مسئلن کان واقف ٿيڻ پڻ هوندو هو.
سندس ان پاليسي کي سندس ذات سان لاڳاپيل سمجهيو ويو ۽ سندس وفات کانپوء اها گمنامي جو شڪار ٿي ويئي. موجودہ دور ۾ اها نين تحقيقن وسيلي سامھون آئي آهي. هن وقت مھاتما گانڌي جي عدم تشدد جي پاليسي کي ان جو هڪ تسلسل چئي سگهجي ٿو.

ڪالاش جا ڪافر ۽ ٻاهرين دنيا

گل حسن ڪلمتي هيستائين جيڪي بہ ڪتاب لکيا آهن انھن ۾ فيلڊ ريسرچ جو بنيادي ڪردار رهيو آهي. ان ۾ کيس گهڻيون ڏکيائيون ۽ مسئلا بہ پيش آيا آهن. گهڻو عرصو اڳ گل حسن ڪلمتي جو ڪتاب برف جو دوزخ پڙهيو هو، جنھن ۾ چترال جي سفر ۾ هو پاڻ ۽ زبيدہ ڀرواڻي هڪ برفاني طوفان ۾ ڦاسي پيا هئا. گهڻي جدوجھد کانپوء هو ان صورتحال مان نڪري سگهيا هئا. اهو سفر هن 2003 ۾ ڪيو هو.
برف جي ڪري رستا بند هئڻ ڪري چترال سردين جي موسم ۾ گهڻو عرصو باقي ملڪ کان ڪٽيل رهندو آهي. لواري سرنگهہ ٺاهڻ جو مقصد اهو هو تہ اهو سڄو سال دنيا سان ڳنڍيل ۽ رابطي ۾ رهي. ذوالفقار علي ڀٽو جي شروع ڪيل اها رٿا سندس حڪومت ختم ٿيڻ کان پوء اڌ ۾ رهجي ويئي ۽ پوء گهڻي عرصي کانپوء مشرف جي دور ۾ ان تي ٻيھر ڪم شروع ڪيو ويو.
ليکڪ پنھنجن ڪجهہ دوستن سان 2004 ۾ جڏهين وري ان پاسي سفر لاء اسھيو تہ هڪ تہ موسم اڳ کان مختلف هئي، ۽ ٻيو لواري سرنگهہ جي مڪمل ٿيڻ جي ڪري اچ وڃ ۾ گهڻي سھولت ٿي پيئي هئي. انھن جي منزل ڪافرن جو ملڪ ڪالاش هئي. افغانستان جي بادشاه امان ﷲ کي ترقي پسند خيالن جو حامل چيو وڃي ٿو، جنھن جي ڪري اتان جا مذهبي عالم سندس مخالف ٿيا هئا. پر ساڳي وقت هن ڪافرن جي ان ملڪ تي قبضو ڪري ان کي نورستان جو نالو ڏنو.
ڪراچي کان سڙڪ ذريعي سفر ڪندي پنڊي، پشاور، مردان، مالاڪنڊ، اپر۽ لوئر دير مان ٿيندو هي قافلو ڪالاش پھتو. ليکڪ انھن علائقن جي ماڻھن، انھن جي رهڻي ڪھڻي ۽ ماضي تي تبصرو ڪندو هلي ٿو. هتي خاص طور ٻڌ مت جي ماضي ۾ موجودگي جا آثارنمايان آهن. افغانستان سان ويجهڙائي ڪري اتان جي صورتحال جا اثر بہ هت ٿين ٿا. افغان مھاجرين ۽ مقامي ماڻھن سان انھن جي ناتن تي پڻ ليکڪ روشني وڌي آهي.
هن وقت ڪافرن جي علائقي ۾ ٻاهرين مداخلت وڌي ويئي آهي. ليکڪ جو چوڻ آهي تہ اتي مختلف جاين تي بورڊ لڳل آهن تہ هتي تبليغ منع آهي پر ائين ناهي. اهو ڪم اتي هلندڙ آهي. اتي ساڳئي گهر ۾ هڪ ڀاءُ ڪافر آهي تہ ٻيو مسلمان. اها ساڳي ڳالھہ مون کي لياري، جتي ذڪرين جو وڏو تعداد رهي ٿو، جي گهڻن گهرن ۾ بہ مشاهدي ۾ آئي، جتي هڪ ئي گهر ۾ رهندڙ هڪ ڀاء ذڪري آهي تہ ٻيو نمازي آهي. ڪافرن جو تعداد ڏينھون ڏينھن گهٽبو ٿو وڃي. ليکڪ چواڻي تہ اهو هن وقت اٽڪل چار هزار آهي. اهو اٽڪل ويھہ سال اڳ جو انگ آهي. هن وقت جي صورتحال يقينن مختلف هوندي. مسلمان ٿيڻ جي صورت ۾ ان ماڻھو جو قرض معاف ٿي ٿو وڃي جيڪو پڻ هتي تبديلي جو هڪ اهم ڪارڻ آهي.
هتان جي ماڻھن لاء اهو مشھور آهي تہ اهي سڪندر مقدوني جي انھن بيمار فوجين جو اولاد آهن، جيڪي سڪندر جي واپس يونان وڃڻ کانپوء هتي رهجي ويا هئا ۽ انھن هتي شاديون ڪيون ۽ گهر وسايا. ان ڪري هتي يونان جي اين جي اوز جو گهڻو عمل دخل ۽ ڪم آهي. گهڻن ماڻھن کي انھن ۾ روزگار بہ حاصل آهي ۽ گهڻن نوجوانن کي اسڪالرشپ وغيرہ تي پڙهائي لاء يونان پڻ موڪليو وڃي ٿو.
هتان جي ماڻھن جو ڪو خاص مذهب ناهي. بس مختلف رسمون آهن. ڪنھن جي مرڻ جي صورت ۾ سندس لاش کي دفن ڪرڻ بجائي ان کي سندس استعمال جي سامان سان گڏ ائين ئي رکيو ويندو هو. پر پوء ان سامان جي چوري ٿيڻ جي ڪري هاڻي لاش کي سامان سان گڏ دفن ڪن ٿا. ليکڪ ان ڳالھہ جي بہ نشاندھي ڪئي آهي تہ جنھن گهر ۾ قضيو ٿيندو آهي، اهو ڄڻ تہ ويل ۾ اچي ويندو آهي. کيس ڪيترن ڏينھن تائين سڄي راڄ کي ماني کارائڻي پوندي آهي جنھن جي لاء ڀلي کيس قرض وٺڻو پئي.
نسواني سونھن جي لحاظ کان اهو علائقو گهڻو مشھور آهي. هتي ائين بہ ٿيو آهي تہ ملڪ جي ٻين حصن مان جيڪي ماڻھو گهمڻ لاء اچن ٿا انھن مان ڪجهہ هتان جي عورتن سان شاديون بہ ڪن ٿا. پر هاڻي ان سلسلي ۾ مقامي ماڻھو ان ڪري بہ وڌيڪ محتاط ٿي ويا آهن تہ گهڻن هتان شاديون ڪري ڇوڪرين کي ڌنڌي ڪرائڻ لاء بازار ۾ وڪڻي ڇڏيو. گهڻن پراڻن قبيلن جيان هتان جا ماڻھو اهو سمجهن ٿا تہ ماهواري دوران عورت ناپاڪ هوندي آهي ۽ اهڙي ريت ان کي گهر وارن کان ڌار ڪيو ويندو آهي. ان مقصد لاء خاص جايون ٺاهيون ويون آهن جتي انھن عورتن کي ان وقت دوران رهايو ويندو آهي. ان سلسلي ۾ يونان جي اين جي اوز پاران پڻ اهڙين جاين جي تعمير ڪرڻ ۾ مدد ڪئي ويئي آهي.
انھن ماڻھن متعلق گهڻيون ڳالھيون مشھور هونديون هيون. انھن مان ڪي سچ تہ ڪي غلط هونديون هيون. اچ وڃ جي ذريعن جي ترقي ڪرڻ ۽ انھن ماڻھن جي ٻي دنيا سان ڳانڍاپي جي ڪري هڪ تہ گهڻين ڳالھين جي اصليت جي خبر پيئي آهي ۽ ٻي ڳالھہ تہ انھن جي گهڻين رسمن ۾ تبديلي آئي آهي يا اهي ختم ٿي ويون آهن. هتان جا ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون جديد تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. انھن علائقن ۽ ماڻھن متعلق جيڪو تجسس هو اهو هاڻي گهڻي ڀاڱي ختم ٿي ويو آهي.

اشرافيا ۽ پنجابي ٻولي

پنجاب ۾ ٻولي جي حوالي سان عام طور اهو سمجهيو وڃي ٿو تہ اردو جي ڪري سندن ٻولي ترقي ناهي ڪري سگهي. پنجاب ۽ اردو جو ناتو گهڻو پراڻو آهي. گهڻن جو خيال آهي تہ اها ٻولي پيدا ئي پنجاب ۾ ٿي آهي. ان مسئلي کي پوري سياق و سباق ۾ ڏسڻ جي ضرورت آهي تہ ان ۾ پنجاب جي مسلمانن ۽ خاص طور اشرافيا جو ڪيترو حصو آهي.
اهو مسئلو خاص طور پنجاب جي مسلمانن سان لاڳو ٿئي ٿو. ڇاڪاڻ تہ سکن ڪڏهين بہ پنھنجي ٻولي ۽ ان جي رسم الخط تان هٿ ناهي کنيو. مسلمانن مذهبي بنيادن تي نہ رڳو ان رسم الخط کي قبول نہ ڪيو پر ماڳيئي پنھنجي ٻولي تان ئي هٿ کڻي ويا. انگريزن پاران ان ورهاست کي اهڙي ريت هڪ ادارتي شڪل ڏني ويئي تہ بجائي پنجابي کي صوبي جي سرڪاري ٻولي قرار ڏنو وڃي ۽ ان جي ترقي لاء جوڳا قدم کنيا وڃن اردو کي سرڪاري ٻولي قرار ڏنو ويو. ان مسئلي تي ڪو احتجاج نہ ٿيو. ان جي برخلاف اها هڪ عجيب صورتحال آهي تہ پنجاب جي ليکڪن جھڙوڪ پطرس بخاري، عبدالمجيد سالڪ ۽ دين محمد تاثير وغيرہ جو يوپي، حيدرآباد دکن ۽ دھلي جي اردو ليکڪن سان جيڪڏهين ڪو اختلاف رهيو آهي تہ اهو پنجابي ۽ اردو متعلق نہ پر ان ڳالھہ تي رهيو آهي تہ صحيح اردو ڪير ٿو لکي. انھن سڀني ليکڪن اردو ۾ لکيو ۽ نالو ڪمايو. مون کي فيض احمد فيض جي اها ڳالھہ سمجه ۾ نہ آئي تہ پنجابي ۾ جڏهين بابا ڀلي شاه، غلام فريد ۽ استاد دامن جھڙا شاعر آهن تہ پوء انھن جي ڀيٽ ۾ سندس ڇا حيثيت هجي ها. منھنجي خيال ۾ اهو رڳو پنھنجي ٻولي ۾ نہ لکڻ جو هڪ بھانو هو. اها ساڳي ڳالھہ اياز، جيڪو پڻ اردو جو هڪ سٺو شاعر هو، ڀٽائيِ، سچل ۽ سامي وغيرہ جي حوالي سان ڪري سگهيو ٿي پر هن ۽ ٻين جديد دور جي سنڌي شاعرن ائين نہ ڪيو ۽ جديد سنڌي شاعري ۾ پنھنجو هڪ مقام حاصل ڪيو.
اها صورتحال ورهاڱي کان اڳ کان رهندي اچي. پاڪستان ٺھڻ کان اڳ ۽ پوء جناح واضح طور اها ڳالھہ ڪئي تہ پاڪستان جي قومي ٻولي رڳو اردو هوندي. هن ان کي هندي جي مقابلي ۾ مسلمانن جي ٻولي ڪري پيش ڪيو جڏهين تہ ٻولي جو ڪو مذهب نہ هوندو آهي ۽ ٻي ڳالھہ تہ هندي ۽ اردو ۾ وڏو فرق رسم الخط جو آهي. ڏٺو وڃي تہ اهو موقف رڳو مسلم ٿورائي وارن علائقن يوپي، سي پي ۽ دھلي وغيرہ جو نہ پر ان جي پويان پنجاب جي مسلم اشرافيا بہ هئي. ان ڳالھہ کي خاص طور بنگال ۽ سنڌ پاران قبول نہ ڪيو ويو. پر پنجاب پاران ان سلسلي ۾ ڪو آواز سامھون نہ آيو.
جيتوڻيڪ ان حوالي سان ملڪ ۾ جيڪي اختلاف پيدا ٿيا، ان جو سڄو ڏوه اردو ڳالھائيندڙن کي ڏنو ويو پر حقيقت جي نظر سان ڏٺو وڃي تہ ان ۾ پنجابي اشرافيا جو وڏو هٿ هو. ملڪي معاملن جي حوالي سان سڀ اختيار وٽن ئي هئا. پنجابي ليکڪن جو هڪ حصو ان سلسلي ۾ گهڻي وقت کان سرگرم آهي ۽ ان ڳالھہ لا۽ ڪوشش ڪري رهيو آهي تہ پنجابي ٻولي کي پاڪستان ۾ ڪو جوڳو مقام حاصل ٿي سگهي. پر ان سلسلي ۾ انھن کي ڪا ذڪر جوڳي ڪاميابي حاصل نہ ٿي سگهي آهي. منھنجي خيال ۾ ان جو هڪ اهم ڪارڻ تہ اهو آهي تہ اهي بجائي پنجابي اشرافيا جي اردو ٻولي کي پنھنجو مک حريف سمجهن ٿا جڏهين تہ اها ڳالھہ سڀني جي آڏو آهي تہ پنجابي ٻولي کي سرڪاري حيثيت ڏيڻ ۽ ان کي تعليم جو ذريعو ڪرڻ جي وڏي مخالفت پنجاب اسمبلي جي ميمبرن پاران ڪئي ويئي، جنھن ۾ اٽڪل سڀ ميمبر پنجابي ڳالھائيندڙ آهن. پنجاب جا گهڻا پڙهيل ڳڙهيل ماڻھو پنجابي کي اشرافيه جي بجائي عام ماڻھن جي ٻولي سمجهن ٿا، پنھنجن ٻارن سان پنجابي ۾ ڳالھائڻ کي مناسب نہ ٿا سمجهن ۽ ان کي حقارت جي نظر سان ڏسن ٿا.
انڊين پنجاب ۾ پنجابي ۾ لکڻ جي روايت پراڻي آهي ۽ ان ۾ اهڙا ليکڪ پيدا ٿيا آهن جن کي عالمي سطح تي مڃتا مليل آهي ۽ انھن جون لکڻيون ٻين گهڻين ٻولين ۾ پڻ ترجمو ٿيون آهن. پاڪستان ۾ ٻولي جي حوالي سان پنجابي دانشورن جون ڪوششون گهڻي پراڻي ڳالھہ ناهي. ان سلسلي ۾ شاعري، ڪھاڻي ۽ ناول وغيرہ ۾ گهڻيون سٺيون شيون سامھون آيون آهن، جيڪي ٻين ٻولين ۾ پڻ ترجمو ٿيون آهن. پر ان سلسلي ۾ اها ڳالھہ ڌيان طلب آهي تہ هو بجائي پنجابي اشرافيا ۽ حڪمران طبقي جي پنھنجي ٻولي جي محرومي ۽ ان کي جوڳي حيثيت نہ ملڻ جو ذميوار هڪ تہ اردو ٻولي ۽ ان جي ليکڪن ۽ ڳالھائيندڙن کي قرار ڏين ٿا ۽ ٻيو پاڪستان جي ٻين ٻولين جي ماڻھن کي جيڪي پنجاب جي حڪمران طبقي ِجي پاليسين کي پنھنجي ٻولي جي واڌ ويجهہ ۾ رڪاوٽ سمجهن ٿا.
ان ڳالھہ کي سمجهڻ جي ضرورت آهي تہ ملڪ جي سڀني ٻولين کي جوڳي حيثيت ۽ مڃتا ڏيڻ سان ئي هڪ ٻئي کي سمجهڻ ۾ مدد ملندي ۽ ٻولين جي واڌ ويجهہ ٿيندي.

محمد علي جناح: ذاتي ۽ سياسي زندگي تي هڪ نظر

محمد علي جناح جي ذاتي ۽ سياسي زندگي متعلق گهڻو ڪجهہ لکيو ويو آهي. تازو مون اشتياق احمد جو ڪتابJinnah-His successes ,Failures and Role in History پڙهيو. ان ڪتاب ۾ تفصيل سان جناح جي سياسي ڪردار جو جائزو ورتو ويو آهي. تجزئي جي لحاظ کان اهو هڪ اهم ڪتاب آهي.
جناح هڪ ڊگهو سياسي سفرڪيو، جنھن ۾ گهڻا لاها چاڙها آيا. هوهڪ هندوستاني قوم پرست طور ڪانگريس کان شروعات ڪندي، جنھن سرسيد جي هندو ۽ مسلمانن جي ڌار ڌار هئڻ جي مخالفت ڪئي، مسلم قوم جي وڪيل ۽ پاڪستان جي باني طور سامھون آيو. آخر وقت تائين جناح کي گانڌي سميت ڪانگريس جي مختلف اڳواڻن پاران آزاد ۽ متحد هندوستان جي وزيراعظم ٿيڻ، پنھنجي مرضي جي ڪابينا جوڙڻ ۽ مسلم گهڻائي وارن صوبن کي وفاق ۾ رهندي وڌ ۾ وڌ خودمختياري ڏيڻ جھڙا آپشن ڏنا ويا پر جناح جو اصرار، خاص طور 1940 جي ٺھراء کانپوء اهو ئي هو تہ هندوستان کي ورهايو وڃي ۽ مسلم گهڻائي وارن صوبن، جيڪي سندس حساب مطابق ڪل ايراضي جو پنجويھہ سيڪڙو هئا، کي آزاد خودمختيار ملڪن جي حيثيت ڏني وڃي. سندس اهو موقف هو تہ متحد هندوستان جو تصور رڳو هڪ ڏند ڪٿا آهي ۽ تاريخ ۾ اهو ڪڏهين بہ هڪ متحد ملڪ ناهي رهيو.
ساڳي وقت جناح جو فيڊريشن يا ايستائين تہ ڪنفيڊريشن جي تصور ۾ بہ اعتماد نہ هو. سندس چوڻ هو تہ جيئن مختلف ٻين ملڪن ۾ ٿيو آهي تہ اقتدار جي منتقلي کانپوء مرڪز مختلف طريقن سان صوبن جا اختيار گهٽائيندو ۽ پنھنجا وڌائيندو ويندو آهي ۽ اها ساڳي ڳالھہ هتي بہ ٿيندي.
خودمختيار ۽ آزاد مسلم رياستن جو تصور ان کان اڳ چوڌري رحمت علي ۽ علامہ اقبال بہ پيش ڪري چڪا هئا. چوڌري رحمت علي ۽ سندس ساٿين پاران پيش ڪيل رٿا هڪ لحاظ کان هندوستان جيBalkanization يعني ان کي مختلف ٽڪرن ۾ ورهائڻ جي هئي، جنھن ۾ مسلم گهڻائي وارن علائقن کي ڌار رياستن جي شڪل ڏيڻ جي تجويز هئي. ان رٿا ۾ مذهب جي بنياد تي آبادي جي منتقلي جو نڪتو پڻ شامل هو. ليکڪ جو چوڻ آهي تہ ان گروپ کي برطانوي اينٽيليجينس جي حمايت حاصل هئي.
وائسرائي واويل جا هندوستان جي مختلف اڳواڻن لاء مختلف تاثر هئا. گانڌي انگريز حڪمرانن کي ڪنھن بہ ريت پسند نہ هو. چرچل ان کي اگهاڙو فقير چوندو هو. وائسرائي جو چوڻ هو تہ ان جي ڪنھن ڳالھہ تي ڀروسو نہ ٿو ڪري سگهجي. هو وقت بوقت پنھنجو موقف تبديل ڪندو رهي ٿو. خاص طور جنگ هلندي هن هندوستان ڇڏيو جي تحريڪ هلائي هئي، جنھن انگريز حڪومت لاء گهڻا مسئلا پيدا ڪري ڇڏيا هئا. جواهر لال نھرو متعلق سندس چوڻ هو تہ هو فلاسفر قسم جو هڪ آدرشي انسان آهي جيڪو ڳالھائڻ ۽ سھڪار ڪرڻ لاء تيار هوندو آهي، پر گانڌي آڏو بيھي نہ سگهندو آهي. سردار پٽيل متعلق سندس چوڻ هو تہ هو هڪ عملي قسم جو ۽ ڪانگريس جي مرڪزي ڪاميٽي جو اهم ماڻھو آهي. هي ڪانگريس جو اهڙو واحد اڳواڻ آهي، جيڪو گانڌي سان اختلاف جي جرئت ڪري سگهي ٿو. جناح متعلق سندس چوڻ هو تہ هو خيالن ۾ واضح پر هڪ اڪيلو ماڻھو آهي.
جنگ هلندي ڪانگريس پاران آزادي جي گهر ڪرڻ ۽ سھڪار نہ ڪرڻ جي صورت ۾ جناح پاران سھڪار نوآبادياتي سرڪار لاء هڪ اثاثو هو. پر جنگ ختم ٿيڻ کانپوء صورتحال بدلجي ويئي ۽ جناح جي حڪومت لاء اها اهميت نہ رهي.
جناح جي ذاتي زندگي متعلق گهڻيون ڳالھيون، ڪي تصديق ٿيل، ڪي اڻ تصديق ٿيل ۽ ڪي افواهون آهن. جناح آغا خاني اسماعيلي هو. ليکڪ پنھنجي ڊيلي ٽائمز ۾ جناح تي هڪ مضمون تي هڪ آغاخاني جي لکيل خط جو حوالو ڏنو آهي، جنھن ۾ هن چيو آهي تہ ڪوبہ آغاخاني جيڪڏهين پنھنجي فرقي کان ٻاهر شادي ڪري ٿو تہ هو ان جماعت ۾ نہ ٿو رهي. اهڙي ريت پارسي عورت سان شادي کانپوء هو ان جماعت مان نڪري ويو. هاڻي سندس آڏو ٻہ واٽون هيون. هو سني ٿئي يا اثنا عشري شيعو ٿئي. هو اثنا عشري شيعو ٿيو. اهو بہ چيو وڃي ٿو تہ هو صوفي قادري سلسلي جو پوئلڳ هو. ليکڪ صفدر محمود جي ڪتاب جو حوالو ڏنو آهي، جنھن ۾ هن مولانا حسرت موهاني، جنھن پاڪستان جي تحريڪ ۾ حصو ورتو هو، پر ورهاڱي کان پوء هندوستان ۾ رهڻ جو فيصلو ڪيو هو، جي حوالي سان ٻڌايو آهي تہ هو هڪ ڀيرو جناح سان ملڻ ويو تہ نوڪر کيس ملاقات جي ڪمري ۾ ويھاري ڇڏيو. جڏهين گهڻي دير ٿي تہ هن اندر وڃڻ جو فيصلو ڪيو. هو اڃا اندر ويو ٿي تہ هن ڏٺو تہ جناح مصلي تي سجدي ۾ هو ۽ سندس اکين مان ڳوڙها ڳڙهي رهيا هئا. اهو ڏسندي هو موٽي اچي ملاقات جي ڪمري ۾ ويھي رهيو. جناح پنھنجي اولھہ واري زندگي جي طور طريقن تي ڪمپرومائيز ڪرڻ لاء تيار نہ هو. سندس چوڻ هوندو هو تہ آئون منافق ناهيان. جيڪي آئون اندر آهيان اهوئي ٻاهر آهيان. اشرافيا لاء ان وقت بہ ۽ هاڻي بہ اهو نارمل آهي تہ ٻنھي شين کي ڌار رکندا آهن.

چين ۾ ٻڌ مت

چين ۾ ٻڌمت جي ڦھلاء متعلق ٻڌمت جي چيني عالم شن زانگ مطابق هان خاندان جي هڪ بادشاه کي خواب ۾ هڪ نوراني پاڇو نظر آيو، جنھن متعلق سندس درارين کيس ٻڌايو تہ اهو اولھہ جي هڪ بزرگ ٻڌ جو آهي. ان کان پوء هتي ٻڌ مت متعلق وڌيڪ معلومات گڏ ڪئي ويئي. پر تاريخي ريڪارڊ ٻي ڪھاڻي ٻڌائين ٿا. انھن مطابق پھرين صدي عيسوي جي آخر ۽ ٻين صدي عيسوي ۾ ٻڌ مت جو ڦھلاء گهڻي ڀاڱي وچ ايشيا مان ايندڙ واپارين، سفارتڪارن ۽ ڪجهہ راهبن جي ڪري ٿيو. شروع ۾ اهو هڪ ٿورائي جو مذهب هو، جيڪو گهڻي ڀاڱي پرڏيھين تائين محدود هو. ان جو هڪ ڪارڻ ان وقت چين ۾ ڏڦيڙ ۽ گهرو ويڙه واري صورتحال کي بہ ڄاڻايو وڃي ٿو، جتي مختلف علائقا باغين جي ڪنٽرول ۾ هئا. ماڻھو جنھن اڻ تڻ ۽ ذهني چڪتاڻ جو شڪار هئا ان ۾ ڪنفيوشس ازم ۽ ٻيا مروج عقيدا کين اطمينان نہ پئي ڏياري سگهيا. جيئن گوٿڪ جي حملي ۽ روم جي تباهي اتي عيسائيت لاء راه هموار ڪئي هئي ساڳي ريت ان سڄي صورتحال چين ۾ ٻڌمت جي ڦھلاء لاء ماحول سازگار ڪيو ۽ ماڻھن کي ان ۾ پنھنجن مسئلن جو حل نظر اچڻ لڳو.
پنجين صدي عيسوي ۾ چين اتر ۽ ڏکڻ ۾ ورهائجي ويو هو. 386 عيسوي ۾ هڪ ترڪ قبيلي جي اڳواڻ خان طوبا گل اتر چين جي مرڪز ۾ پنھنجي حڪومت قائم ڪئي. اها ڪنھن پرڏيھي جي چين ۾ پھرين حڪومت هئي. ان جي پوئينرن پوء هڪ چيني ٻڌ راهب جي هٿان ٻڌ مذهب قبول ڪيو. ڪشن خاندان جي زوال کانپوء اتر چين جي پھرين رياست هئي، جنھن ٻڌمت کي رياستي مذهب جي حيثيت ڏني. اهڙي ريت ڏکڻ ۽ اتر ٻيئي ٻڌ مت جا مرڪز بڻجي ويا. 580 عيسوي ۾ يانگ جيئان اقتدار تي قبضو ڪري، سوئي خاندان جو بنياد وڌو. اها واقعي هڪ عجيب ڳالھہ آهي تہ ٻڌمت جھڙي عدم تشدد واري مذهب ۾ ايڏو ظالم بادشاه ڪيئن آيو، جنھن ماڻھن تي ظلم ڪرڻ سان گڏوگڏ گهڻن علائقن تي حملا ڪري انھن کي فتح ڪيو ۽ اتر چين کي متحد ڪيو. ساڳي وقت هن ٻڌمت جي سرپرستي ڪئي. ايستائين تہ هندوستان مان ايندڙ بڪشو کيس ٻڌ جو نئون جنم قرار ڏيندا هئا. ان جو چوڻ هو تہ چين جي ماڻھن گهرو ويڙه ۽ تشدد وغيرہ جي ڪري، جيڪي ڏک ۽ تڪليفون ڏٺيون آهن ان جو علاج ٻڌ مت ۾ ئي آهي. ساڳي ريت اهو چين جي اتحاد کي بہ ممڪن بڻائي سگهي ٿو. پر سوئي خاندان جي حڪومت رڳو ٻن نسلن تائين رهي ۽ ان کانپوء ٽانگ خاندان حڪومت ۾ آيو، جنھن پڻ ٻڌمت جي سرپرستي ڪئي ۽ ان جي فروغ لاء ڪم ڪيو.
شين زانگ جبلن صحرائن مان ٿيندو، وچ ايشيا جي ملڪن ۾ پھتو جتي ٻڌمت جو گهڻو اثر رسوخ هو ۽ کيس پنھنجي سفر ۾ گهڻيون سھولتون مھيا ڪيون ويون. افغانستان مان ٿيندي جڏهين سنڌو پار ڪري هو گنڌارا ۾ داخل ٿيو ۽ سندس هندوستان جو سفر شروع ٿيو تہ سندس ذهن ۾ ٻڌ جي ان جنم ڀومي متعلق جيڪو تصور هو، ان کي وڏو ڌڪ لڳو. ان جو هڪ ڪارڻ اهو هو تہ سفيد هن جي حملن جو جيڪو طوفان آيو هو، ان ۾ ٻڌ مت کي خاص طور نشانو بڻايو ويو هو. گهڻين خانقائن کي تباه ڪيو ويو ۽ گهڻن راهبن کي قتل ڪيو ويو. ٻيو اهم ڪارڻ اهو هو تہ هندوستان ۾ موريا خاندان جي حڪومت ختم ٿي ويئي هئي. پوء گپتا خاندان جي حڪومت هئي جن بجائي ٻڌمت جي هندو مذهب جي سرپرستي ٿي ڪئي. ٽيون ڪارڻ ٻڌ راهبن جي سھل پسندي هئي. اهي خانقائن تائين محدود ٿي ويا هئا ۽ ماڻھن ۽ انھن جي مسئلن وغيرہ سان سندن واسطو نہ رهيو هو. شين زانگ 613 عيسوي ۾ جڏهين هندوستان پھتو تہ ان وقت اتر هندوستان ۾ راجا هريش جي حڪومت هئي، جنھن پڻ ان چيني راهب سان ملڻ جو شوق ڏيکاريو. هو هندوستان ۾ تيرنھن سال رهيو. سندس اهم مقصد نلندا جي ٻڌمت جي درسگاه ۾ وڃڻ ۽ اتان جي عالمن کان ٻڌمت متعلق پنھنجن سوالن جا جواب حاصل ڪرڻ هو. هنِ ٻڌمت جي گهڻن پوتر مسودن ۽ ڪتابن کي نقل ڪيو ۽ گهڻين پوتر جاين جي ياترا ڪئي. واپسي لاء کيس بادشاه پاران سواري لاء هاٿي ڏنو ويو، جڏهين تہ مسودن ۽ تحفن کي کڻڻ لاء ڪيئي خچر ۽ گهوڙا ڏنا ويا ۽ واٽ تي مختلف علائقن جا جيڪي بہ حاڪم هئا، انھن کي سندس خاطر تواضع ۽ حفاظت لاء چيو ويو. پر واپسي ۾ ساڻس اها وارتا ٿي تہ طوفان ۽ ٻوڏ جي ڪري هو پاڻ تہ هاٿي تي سوار هئڻ ڪري اٽڪ وٽ سنڌو مان حفاظت سان پار پئجي ويو، پر سندس گهڻا مسودا ۽ ٻيو سامان دريا ۾ لڙهي ويو. پوء ان لاء هن چين مان پنھنجن گهڻن دوستن ۽ واقفڪارن کي خط لکيا پر اهي کيس نہ ملي سگهيا.
هو اٽڪل سورنھن سالن کان پوء چين پھتو. هن چين جي بادشاه کي خط لکي ساڻس هندوستان وڃڻ جي اجازت نہ ملڻ جي باوجود اوڏانھن وڃڻ جي لاء معذرت ڪئي، پر کيس ٻڌايو تہ هو هندوستان مان ٻڌ مت متعلق گهڻو مواد کڻي آيو آهي، جيڪو چين جي ماڻھن لاء ڪارآمد ٿي سگهي ٿو. بادشاه پاران کيس گهڻي عزت ۽ مان ڏنو ويو ۽ کيس چيو ويو تہ هو ان کي چيني ٻولي ۾ ترجمو ڪري. چين ۾ ٻڌ مت جي ڦھلاء ۽ ترقي ۾ شين زانگ سان گڏ چين جي راڻي وو زيٽينگ، جنھن 665 کان 705 پھرين پنھنجي مڙس ۽ پٽن ۽ پوء سڌي ريت حڪومت ڪئي، جو وڏو ڪردار آهي. چين جي تاريخ ۾ اها اڪيلي عورت حڪمران آهي. ڪنفيوشس ازم ۽ ڊوازم چين جا عقيدا ۽ ڌرم هئا. انھن پاران هڪ پرڏيھي مذهب طور ٻڌ مت جي گهڻي مخالفت ۽ مزاحمت ڪئي ويئي پر حڪمرانن جي سرپرستي ڪري اهي ان ۾ ڪامياب نہ ٿي سگهيا ۽ ٻڌمت چين جي گهڻائي جومذهب بڻجي ويو. اهو اهڙو دور هو جڏهين هندوستان جو چين تي وڌ ۾ وڌ اثر هو. هڪ پاسي چين جا گهڻا ماڻھو ٻڌمت جي تعليم حاصل ڪرڻ ۽ پوتر جاين جي ياترا لاء هندوستان ويندا هئا تہ ٻئي پاسي هندوستان جا گهڻا ماڻھو چين ۾ اهم عھدن تي فائز هئا.

حر تحريڪ ۽ ھندو

ورهاڱي وقت سنڌ مان لڏي ويل عام سنڌي هندن جو تاريخ متعلق نڪتہ نظر مسلمان سنڌين کان مختلف آهي. سيٺ نائونمل جو مثال تہ واضح آهي، جنھن کي مسلمان غدار ۽ انگريز جو ايجنٽ ڪري پيش ڪن ٿا، جنھن سنڌ تي قبضي ڪرڻ ۾ انگريز جي مدد ڪئي جڏهين تہ هندوان کي هڪ عالم، سنڌ ۾ هندن جي حفاظت ڪندڙ ۽ ڪراچي کي جديد شھر ٺاهيندڙ طور ڏسن ٿا. ساڳي طرح جو اختلاف حر تحريڪ متعلق بہ آهي. مسلمان ان کي عام طور هڪ انگريز دشمن ۽ آزادي پسند تحريڪ طور پيش ڪن ٿا، جڏهين تہ انگريزن حرن کي دھشت گرد ۽ ڌاڙيل طور پيش ڪيو آهي. هن وقت تائين منھنجي مطالعي ۾ هند جي سنڌين جو، خاص طور انگريزي ۾ لکيل جيڪو لٽريچر آيو آهي، ان مان اها خبر پيئي ٿي تہ ان وقت سنڌ ۾ رهندڙ هندن جو بہ اٽڪل ساڳيو انگريزن وارو نڪتہ نظر هو. انھن لاء هر ڌاڙيل حر هوندو هو ۽ اهي پنھنجن ٻارن کي ڊيڄارڻ لاء چوندا هئا تہ حر اچي ويا. ان تحريڪ سان لاڳاپيل ۽ ان تي ڪم ڪندڙ ان سلسلي ۾ رهنمائي ڪري سگهن ٿا تہ ڇا واقعي حر تحريڪ ۾ سنڌي هندن لاء هڪ اسھپ موجود هئي، جنھن جي ڪري هو پاڻ کي غير محفوظ سمجهندا هئا.

دريائن جي ڪٿا

پاڻي انسان جي بنيادي ضرورت ۽ جياپي جي لازمي شرط آهي. اهو ڌرتي تي انسان جي هئڻ کان بہ اڳ موجود آهي، بلڪ تخليق جو اهم ڪارڻ آهي. ايلف شفق پنھنجي ناول There are Rivers in the sky ۾ پاڻي، دنيا جي اهم دريائن، دجله، فرات، ٿيمز ۽ ٻين مختلف دريائن جو ذڪر ڪيو آهي.
ساڳي وقت اهو انساني تھذيب جو هڪ تضاد آهي تہ انسان جن دريائن جي ڪنارن تي پنھنجا شھر اڏيندو آهي ۽ جتي تھذيب ۽ علم ۽ ادب جي پالنا ٿيندي آهي، انھن ئي دريائن کي شھرن جي آبادي وڌڻ ۽ وڌيڪ جاء جي گهرج ڪري زمين ۾ پوري ڇڏيندو آهي، جنھن جي ايندڙ نسلن کي ڪا خبر نہ هوندي آهي. ناول جي هڪ ڪردار زليخا پاڻي جي سائنس جي ماهر آهي ۽ ان جي مختلف پاسن تي تحقيق ڪري ٿي. هن هڪ اهڙي سائنسدان سان ڪم ڪيو هو، جنھن اهو نظريو پيش ڪيو هو تہ پاڻي بہ هڪ جيو آهي ۽ اهو هڪ سوچ رکي ٿو. ساڳي ريت ان جو ماضي، حال ۽ مستقبل آهي. سندس ان نظرئي کي قبوليت نہ ملي، پر هو پنھنجي سوچ تي قائم رهيو ۽ حياتي جي پڇاڙي ڏاڍي تڪليف ۾ گذاريائين. ساڳي ريت بابل ۽ نينوا جي بادشاه اشربني پال جي مٿي تي مينھن جو جيڪو پھريون ڪڻو ڪريو هو، اهو هزارين سال پوء انگلينڊ جي ٿيمز دريا جي ڪناري جنم وٺندڙ مستقبل جي آرڪيالوجسٽ آرٿرسمٿ جي منھن تي برف جي ٽڪڙي جي صورت ۾ ڪري ٿو.
پيرس جي سين دريا جي تہ هرڪنھن کي ڄاڻ آهي. زليخا فرينچ سائنسدانن سان گڏجي پيرس جي هڪ ٻئي دريا Bievre، جيڪو سين جي شاخ هو ۽ گهڻو عرصو اڳ غائب ٿي ويو هو، جي ڳولھا ۽ ان کي وري جيئارڻ تي ڪم ڪري رهي آهي. اوڻويھين صدي تائين اهو آمد ورفت جو اهم ذريعو هو ۽ پوء ماڻھن ۽ ڪارخانن جي ڪچري جي ڪري پيدا ٿيل گدلاڻ جي ڪري ان کي ڍڪي ۽ وساري ڇڏيائون. اهڙا دريا دنيا جي هر وڏي ننڍي شھر ۾ موجود آهن. ايٿنز ۾ اهڙا ٽي دريا هئا، جن جو هاڻي نالو نشان ناهي. ٽوڪيو کي پاڻي جو شھر چيو ويندو هو. هتي سو کان وڌيڪ چشمن ۽ نھرن کي سڙڪن ۽ رستن ٺاهڻ لاء ڍڪي ڇڏيائون. بڪنگهم محل هڪ نھر مٿان ٺاهيو ويو آهي. لندن ۾ ننڍا وڏا گهڻا دريا آهن، جن کي شھر جي واڌ ۽ گدلاڻ جي ڪري ڍڪي ڇڏيو ويو آهي. لنڊن جو دريا ٿيمز، جيڪو هن وقت هڪ صاف سٿرو ۽ شفاف دريا آهي، اوڻھويھين صدي جي وچ ڌاري هڪ گدلو دريا هو، جنھن ۾ گهرن ۽ ڪارخانن وغيرہ جو سڄو گند اڇلايو ويندو هو. سيوريج جي پيئڻ جي پاڻي ۾ گڏجي وڃڻ ڪري اڪثر ڪالرا جي وبا ظاهر ٿيندي هئي ۽ سوين ماڻھو اجل جو شڪار ٿيندا هئا. شھر ۾ ان وقت اٽڪل ٽي لک گهوڙا هئا، جيڪي سواري لاء استعمال ٿيندا هئا. صفائي جو مناسب بندوبست نہ هوندو هو ۽ انھن گهوڙن جي لڏن تان ترڪي گهڻيون گهوڙا گاڏيون ڪري پونديون هيون، جيڪي ساڳي وقت ماڻھن لاء تماشي ۽ ڦرمار جو ذريعو هونديون هيون.
جيئن ننڍي کنڊ ۾ سنڌو، گنگا، جمنا ۽ سرسوتي متعلق مختلف ڏند ڪٿائون آهن، ائين دجله ۽ فرات متعلق بہ آهن. اهي ساڳئي علائقي جا ٻہ دريا آهن، پر ٻنھي جي مزاج ۾ فرق آهي. دجله هڪ تيز، جوشيلو ۽ ڪاوڙ وارو دريا آهي، جڏهين تہ فرات هڪ شانت ۽ سڪون سان وهندڙ دريا آهي. اهي ترڪي، شام ۽ عراق ۾ وهن ٿا. انھن دريائن متعلق اها ڏند ڪٿا آهي تہ اهي ٻن ڳوڙهن مان وجود م آيا. تيامت کاري پاڻي جي ديوي هئي ۽ اپسو چشمن ء مٺي پاڻي جو ديوتا هو. انھن جي پاڻ ۾ شادي ٿي، پر اپسو مردوڪ جي هٿان مارجي ويو. تيامت بدلي وٺڻ جي تياري ڪري ٿي. مردوڪ جي دعا جي نتيجي ۾ سندس بدن ڦھلجي زمين برابر ٿي وڃي ٿو ۽ اهڙي ريت هو مردوڪ جي تير جو نشانو بڻجي وڃِي ٿي. تيامت اپسو جي ڏک ۾ جيڪي ٻہ ڳوڙها ڳاڙهيا، انھن مان اهي ٻہ دريا وجود ۾ آيا. بادشاه گلگيمش متعلق اها روايت آهي تہ جڏهين ان جي وفات ٿي تہ ان کي دريا جي هيٺان دفن ڪرڻ لاء فرات جي وهڪري کي غيرفطري طور ٻئي پاسي موڙيو ويو ۽ پوء ان کي دفن ڪرڻ کانپوء وهڪري کي وري ساڳي جاء تي آندو ويو. جن پورهيتن اهو سڄو ڪم ڪيو هو، انھن سڀني کي قتل ڪيو ويو تہ جيئن بادشاه جي دفن ٿيڻ جي اصل جاء جي ڪنھن کي خبر نہ پئجي سگهي. هتان جا ماڻھو پاڻي کي ايتري اهميت ڏين ٿا جو سندن ليکي هر شيءِ پاڻي آهي. مثال طور وڻ ڌرتي ۾ کتل پاڻي آهي، چشما وهندڙ پاڻي آهن جڏهين تہ انسان هلندڙ ڦرندڙ پاڻي آهي.
انساني سرگرمين دريا ۽ جيوت کي متاثر ڪيو آهي. حڪومتن پاران ڊيمن وغيرہ جي تعمير نہ رڳو اصلوڪن رهاڪن کي پنھنجا اجها ڇڏي لڏڻ تي مجبور ڪيو آهي، پر ٻي جيوت پڻ متاثر ٿي آهي. صدام جي دور ۾ موصل ڊيم جي تعمير ڌٻڻن جي علائقي ۾ رهندڙ ماڻھن کي متاثر ڪيو ۽ گهڻا ماڻھو اتان لڏي ويا. ان علائقي جا ماڻھو هڪ ڊپ ۽ هراس جي زندگي گذاريندا هئا. خوشي ۽ معاشي سرگرمي ختم ٿي ويئي هئي. سياسي مخالفن جو غائب ٿيڻ هڪ معمول بڻجي ويو هو. انھن مان ڪجهہ موٽي ايندا هئا ۽ ڪجهہ بہ نہ ٻڌائيندا هئا تہ ساڻن ڇا وهيو واپريو ۽ گهڻن جا لاش دريا ۾ لڙهندي ملندا هئا. ايستائين تہ ان علائقي جي مذهبي عالمن دريا جي مڇي کائڻ کي حرام قرار ڏيئي ڇڏيو هو. ماحولياتي تبديلين ۽ مٿين علائقن ۾ ڊيمن وغيرہ جي تعمير انھن دريائن جي وهڪرن کي متاثر ڪيو آهي. خاص طور پڇڙي وارن ماڻھن تي ان جو گهڻو اثر پيو آهي.

امرتا پريتم ۽ رسيدي ٽڪيٽ

امرتا پريتم پنجابي ٻولي جي ليکڪا آهي، پر سندس نثر ۽ نظم ۾ ايتري ڇڪ آهي جو ان کي دنيا جي گهڻين ٻولين ۾ ترجمو ڪيو ويو آهي. خوشونت سنگهہ کيس چيو هو تہ تنھنجي آتم ڪٿا تہ هڪ رسيدي ٽڪيٽ جي پويان لکڻ جيتري ئي آهي. شايد ان ڪري هن پنھنجي آتم ڪٿا جوعنوان ئي رسيدي ٽڪيٽ رکيو آهي. مختلف وقتن تي هن ان ۾ واڌارا ۽ تبديليون ڪيون آهن.
سندس خاندان جو تعلق جيتوڻيڪ گجرانوالا سان رهيو، پر هو چئي ٿي تہ سندس اڌ زندگي لاهور ۽ اڌ دھلي ۾ گذري آهي. سندس ماء ننڊپڻ ۾ ئي گذاري ويئي هئي. سندس پيءُ هڪ مذهبي ماڻھو هو. ننڍپڻ کان ئي هو مذهبي مت ڀيد کان آجي هئي. سندس چوڻ آهي تہ سندس ڏاڏي مسلمان مھمانن لاء گهر ۾ ڌار ٿانھن رکيا هئا. کيس جڏهين ان ڳالھہ جي خبر پيئي تہ هن ان تي احتجاج ڪيو ۽ کائڻ پيئڻ ڇڏي ڏنو. سندس پي کي بہ ان ڳالھہ جي خبر پيئي ۽ نيٺ ان ڳالھہ کي ختم ڪرڻو پيو. کيس ڪھڙي خبر تہ اڳتي هلي، ان مذهب جي ئي هڪ فرد سان سندس نينھن جو ناتو جڙندو.
هو خاص طور پنھنجي بلوغت جي عمر سورنھن سالن ۾ پنھنجي ماء جي گهٽتائي کي گهڻو محسوس ڪري ٿي. اسان جي سماج ۾ بہ اهو هڪ عام مشاهدو آهي تہ هن عمر ۾ خاص طور ڇوڪرين کي پنھنجي ماء جي رهنمائي جي ضرورت محسوس ٿيندي آهي. سندس پي جي مٿس خاص نظر هوندي هئي. کيس سندس شاعري وغيرہ ڪرڻ تي ڪو اعتراض نہ هو پر هو چاهيندو هو تہ اها مذهبي موضوعن متعلق هجي. سندس چوڻ آهي تہ هونئن تہ اهو سال چپ چپات ۾ گذري ويو پر ڪڏهين ائين محسوس ٿيندو آهي تہ اهو ڄڻ اڃا سندس زندگي ۾ موجود آهي.
پندرنھن سورنھن سالن جي ننڍي عمر ۾ ئي سندس شادي ٿي ويئي هئي. جيتوڻيڪ اهو ناتو گهڻو وقت نہ هلي سگهيو پر انھن ۾ عليحدگي نھايت مھذب نموني ٿي ۽ هن جي مڙس امرتا جي گهڻن مخالفن جي ڪوشش جي باوجود ان کي هڪ اسڪينڊل ٿيڻ نہ ڏنو.
ساحر لڌيانوي سان سندس ناتو گهڻو مشھور ۽ ڏند ڪٿائي حيثيت جو حامل آهي. جيتوڻيڪ هو لکي ٿي تہ ساحر سان ناتو بہ ٻين گهڻن ناتن جيان اهڙو ڀاڻ هو، جنھن امروز سان سندن ناتن جي گل کي نسرڻ ۾ مدد ڪئي، پر جڏهين کيس پٽ ٿيو تہ ان جي شڪل ۽ صورت ساحر جھڙي هئي ۽ گهڻن اهو گمان ڪيو تہ اهو ساحر جو پٽ آهيِ. ايستائين تہ سندس پٽ بہ کانئس اهو پڇيو پر ليکڪا اهو نہ ٿي مڃي. سندس چوڻ آهي تہ هو جڏهين پيٽ سان هئي تہ جيئن چوندا آهن تہ ان موقعي تي جنھن جو تصور ڪبو تہ ٻار جي شڪل صورت اهڙي هوندي. هن خواهش ڪئي هئي تہ کيس ساحر جهڙو پٽ ٿئي ۽ سندس اها خواهش پوري ٿي. سندس چوڻ آهي تہ ساحر وٽس ايندو هو ۽ ڪلاڪن جا ڪلاڪ خاموش ويٺو سگريٽ ڇڪيندو رهندو هو. سندس وڃڻ کانپوء هو اهي ٽوٽا گڏ ڪري رکندي هئي ۽ انھن تي ساحر جي ڇھاء کي محسوس ڪندي هئي. سندس چوڻ آهي تہ کيس سگريٽ ڇڪڻ جي عادت اتان پيئي. هو جيتوڻيڪ وهسڪي جي ڪڙاڻ کي بہ محسوس ڪرڻ چاهيندي هئي پر اها سندس عادتن جو حصو نہ ٿي سگهي.
ڀارت لڏي اچڻ کانپوء سندس لاء روزگار جو مسئلو هو. هن شروع ۾ دھلي ۾ آل انڊيا ريڊيو تي پنج روپيا روز تي ملازمت ڪئي ۽ جنھن ڏينھن ڪنھن ڪارڻ هو اتي وڃي نہ سگهندي هئي تہ اهي سندس پنج روپيا ڪٽجي ويندا هئا.
کيس سڀ کان وڌيڪ تڪليف پنجابي اديبن، رسالن ۽ اخبارن پھچائي. جڏهين هن وارث شاه متعلق نظم لکيو تہ مٿس اها تنقيد ڪئي ويئي تہ هن وارث شاه بجائي گرونانڪ متعلق ڇو نہ لکيو. مٿس فحش نگاري ۽ ٻيا الزام هنيا ويا. هو جڏهين دھلي ريڊيو ۾ ڪم ڪندي هئي تہ هڪ ڏينھن سجاد ظھير وٽس آيو. هن کيس ٻڌايو تہ سوويت يونين ويندڙ اديبن جي وفد ۾ شامل سندس نالي تي ڪنھن بہ ٻولي جي اديب کي اعتراض ناهي، رڳو پنجابي اديب ان تي راضي ناهن. ان تي هن کيس جواب ڏنو تہ آئون هونئن بہ ڪنھن وفد ۾ شامل هئڻ جي بجائي اڪيلي ٻين ملڪن ۾ وڃڻ پسند ڪندي آهيان. ان کانپوء هو ڪيترا ڀيرا سوويت يونين ۽ يورپ جي مختلف ملڪن ۾ ويئي. پر ساڳي وقت هو پنھنجن پنجابي پڙهندڙن سان ڪميٽيڊ آهي. جڏهين ڪنھن کيس اها صلاح ڏني تہ پنھنجي آتم ڪٿا پنجابي ۾ نہ شائع ڪرائي تہ سندس چوڻ هو تہ هو پنھنجن پنجابي پڙهندڙن کي ان کان محروم ڪرڻ نہ ٿي چاهي.
پنھنجي تخليقن لاء سندس چوڻ آهي تہ اهي ڪڏهين اهڙن واقعن ۽ ڪردارن متعلق هونديون آهن جن سان سندس گهڻو عرصو اڳ واسطو پيو هوندو آهي ۽ اهي سندس لاشعور جو حصو تہ هوندا آهن، پر کيس ياد ناهن هوندا ۽ ڪڏهين اهي بلڪل ويجهڙ جا هوندا آهن پر سندس شعور جو حصو ناهن هوندا. ٻي ڳالھہ هو اها ڪري ٿي تہ هو پنھنجن جن ويجهن ماڻھن متعلق لکندي آهي، انھن کي اها لکڻي ڇپجڻ کان اڳ ڏيکاريندي آهي تہ اها ڪنھن جي دل آزاري جو ڪارڻ نہ ٿئي.
هڪ نفسياتي ڪيفيت جو ذڪر ڪندي هو لکي ٿي تہ جڏهين ٻن ماڻھن وچ ۾ اهڙي ڪيفيت هوندي آهي جنھن کي اهي هڪ ٻئي سان بيان نہ ڪري سگهندا آهن تہ پوء سندن جسم ۽ ذهن ۾ مختلف تبديليون واقع ٿينديون آهن. اهڙي ڪيفيت جو هو امروز متعلق ذڪر ڪري ٿي تہ کيس سندس متعلق ڪي ڳالھيون اندر ۾ هيون جيڪي هو ڪري نہ ٿي سگهيو ۽ ان ڪيفيت ۾ هو اٽڪل ٽي مھينا کانئس ڇڊو رهيو.

سچ جي ڳولھا

ريٽا شاهاڻي سنڌي جي هڪ نامياري ليکڪا آهي، جنھن ادب جي مختلف صنفن تي طبع آزمائي سان گڏ مختلف سنتن ۽ صوفين جھڙوڪ گوتم ٻڌ، ڀڳت ڪبير، ميران ٻائي، گرو نانڪِ، شاه لطيف ۽ دادا جشن واسواڻي تي پڻ لکيو آهي. سندس چوڻ آهي تہ انھن سڀني جو پيغام هڪ ئي سچ جو پيغام آهي. هو ڀارت جي شھر پوني ۾ رهندي هئي، جتي خاص طور سنڌي ليکڪائن جو وڏو تعداد رهي ٿو. ساڳي وقت هتي ئي سندس دادا جشن ۽ گرو رجنيش سان واسطو پيو ۽ ملاقاتون ٿيون. هو دادا جشن واسواڻي مشن سان پڻ لاڳاپيل رهي.
سندس ڪتاب روبرو رجنيش اوشو جي حوالي سان لکيل آهي. جنھن ۾ هن اوشو جي زندگي جي مختلف پاسن جو جائزو ورتو آهي. هو ننڍي هوندي پنھنجي ناناڻن وٽ رهندو هو. خاص طور سندس ناني سندس شخصيت جي ٺھڻ ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪيو. ڳوٺ ۾ جيئن تہ اسڪول نہ هو ان ڪري هو نون سالن تائين اسڪول نہ ويو. پنھنجي ناني جي وفات کانپوء جڏهين هو پنھنجي ماء پيءُ سان رهڻ آيو تہ سندس پيءُ کيس زوري اسڪول ۾ داخل ڪرايو. هو اسڪول کي هڪ قيد خانو سمجهي ٿو. ان عمر ۾ سندس هڪ ئي دوست وائس ميونسپل ڪمشنر ۽ ناميارو وڪيل شنڀو بي ئي ٺھي سگهيو، جنھن وٽ هو پنھنجي ظالم ماستر جي شڪايت کڻي ويو هو. ننڍي عمر ۾ ئي منجهس پيش بيني جي صلاحيت هئي ۽ ڪنھن کي سندس آئندي متعلق ٻڌائي سگهندو هو. پنھنجي روحاني سفر ۾ هن ٽن شخصن پاڳل بابا، مگا بابا ۽ مستو بابا کان فيض حاصل ڪيو.
رجنيش هڪ صاف گو ۽ هر ڪنھن کي منھن تي چئي ڇڏڻ وارو ماڻھو هو. سندس گهڻن ڳالھين ۾ تضاد هوندو هو. هو مدر ٽريسا کي پسند نہ ڪندو هو. ساڳي وقت سندس خيال ۾ تلسيداس اصلوڪو ڪوي نہ هو. رامائن اصل ۾ والميڪي جي تخليق هئي. هو مھاتما گانڌي جي ڪجهہ خيالن سان اختلاف ڪندو هو، پر سندس آخري رسمن ۾ شريڪ ٿيو. مرار جي ڊيسائي کي پسند نہ ڪندو هو پر جواهر لال نھرو ۽ اندرا جي عزت ڪندو هو. ساڌن سنتن کي مڃڻ تہ پري جي ڳالھہ، انھن کي انسانيت جو ويري ڪري ليکيندو هو. هن شري ڪرشن، مھاوير، ڪبير ۽ ميران ٻائي وغيرہ کي پسند ڪيو ٿي، پر گوتم ٻڌ سان سندس خاص لڳاء هو. ان جي نالي تي هن پنھنجي آشرم ۾ ٻڌ هال قائم ڪيو هو. ساڳي وقت هو ٻڌ جي من کي مارڻ واري فلسفي سان اتفاق نہ ڪندو هو. هو پاڻ بانسري وڄائيندو هو ۽ موسيقي کي نرواڻ حاصل ڪرڻ جو هڪ ذريعو سمجهندو هو.
ڀارت ۾ پوني ۾ پنھنجي آشرم قائم ڪرڻ سان گڏ هن پرڏيھہ ۾ پڻ ڪم ڪيو. آمريڪا ۾ هن هڪ ڏورانھين جاء تي پنھنجو آشرم قائم ڪيو هو. ان وقت اتي رونالڊ ريگن جي حڪومت هئي. هن کيس پسند نہ ٿي ڪيو ۽ آمريڪي مفادن لاء هاڃيڪار ٿي سمجهيو. روم جي پوپ سان صلاح کانپوء کيس گرفتار ڪيو ويو. ليکڪا جو چوڻ آهي تہ کيس ماني ۾ ڪوئن کي مارڻ وارو زهر ڏنو ويو. ان وقت هو بچي ويو ۽ جيل مان نڪري آيو. مختلف يورپي ملڪن جي دوري کانپوء هو ڀارت موٽي آيو.
هن ڪتاب ۾ ليکڪا تحقيق ۽ حقيقتن سان گڏ پنھنجي تصور ۽ خيال آرائي کي پڻ ڪم آندو آهي. باغ ۾ گهمندي هو گوتم ٻڌ، گرو نانڪ، ڪبير، ميران ٻائي ۽ شاه لطيف جي گڏجاڻي جو احوال لکي ٿي. انھن مان هر ڪو پنھنجي زندگي جي ڪٿا ٻڌائي ٿو. انھن سڀني ۾ هڪ ڳالھہ مشترڪ اها هجي ٿي تہ اهي سماج جي ريتن رسمن ۽ ڀيد ڀائوسان ٺھڪي نہ ٿا هلي سگهن ۽ پنھنجي طريقي سان انھن خلاف بغاوت ۽ جدوجھد ڪن ٿا. سندن مقصد حق ۽ سچ جي ڳولھا هجي ٿو. ان گڏجاڻي ۾ جيتوڻيڪ اوشو نہ ٿو هجي پر پوء باغ ۾ نصب اوشو جو مجسمو ساڻس ڳالھائي ٿو ۽ کيس ٻڌائي ٿو تہ هن ان سڄي گڏجاڻي کي ڏٺو پي ۽ ان ۾ شريڪ سڀ سندس ساٿي آهن.
اوشو نہ ڪنھن مذهب جو پيروڪار هو ۽ نہ ئي هن ڪو نئون ڌرم يا عقيدو پيش ٿي ڪيو. اڄ جو ماڻھو معاشي لحاظ کان آسودو هوندي بہ اڪيلو ۽ نفسياتي مسئلن جو شڪار آهي. کيس ذهني سڪون جي ڳولھا آهي ۽ ان جي لاء هو مختلف طريقا استعمال ڪري ٿو. وقت بوقت مختلف Cult سامھون اچن ٿا. انھن جو گهڻو زور يورپ ۽ آمريڪا ۾ رهيو آهي جتي ماڻھو گهڻي ڀاڱي مذهب کان پري ٿي ويا آهن ۽ پنھنجي نفسياتي خال ۽ مسئلن جو حل انھن ڳالھين ۾ ڏسن ٿا. ساڳي وقت ان کي رياست ۽ روايتي مذهب جي اسٽيبلشمنٽ پاڻ لاء خطرو تصور ڪري ٿي. خاص طور آمريڪا ۾ اهڙن گهڻن Cults خلاف ڪاروايون ٿيون آهن. اتي اوشو سان جيڪي ڪجهہ ٿيو اهو ان جو هڪ مثال آهي. ڪتاب ۾ ليکڪا جي اوشو سان قربت ۽ عقيدت جو اظھار ٿئي ٿو.
ان ڳالھہ تي غور ڪرڻ جي ضرورت آهي تہ سائنسي ۽ مادي ترقي سان گڏوگڏ ماڻھو جي روحاني ۽ ذهني مسئلن کي ڪيئن حل ڪجي.

سڃاڻپ جي ڳولھا

لڏپلاڻ رڳو جسماني تڪليف جو باعث ۽ مال ملڪيت کان محرومي نہ هوندي آهي، پر روحاني ۽ ذهني تڪليف بہ ايذائيندڙ هوندي آهي، جيڪا گهڻي عرصي بلڪ مرڻ گهڙي تائين هلندي آهي. سنڌي هندن ۾ اهڙا گهڻا ماڻھو هئا، جيڪي ورهاڱي وقت ڪاروبار ۽ روزگار جي سلسلي ۾ پرڏيھہ ويل هئا. ورهاڱو ۽ اهو تہ اهي هاڻي پنھنجي گهر ۽ وطن نہ وڃي سگهندا، صدمي کان گهٽ ڳالھہ نہ هئي. بي وطن ٿيڻ جي اها اذيت هڪ ڊگهي عرصي تائين ساڻن گڏ رهي.
ساز اگروال جو ايڊٽ ڪيل ڪتاب Sindhi Tapestry- an anthology on reflections on the Sindhi identity دنيا جي مختلف ملڪن ۾ رهندڙ سٺ کن سنڌين جي ڪٿا آهي. انھن جي گهڻائي ڀارت ۾ رهندڙن جي آهي. اها سنڌ مان لڏي ويندڙ ماڻھن جي ٻين يا ٽين نسل آهي. ليکڪا جو چوڻ آهي تہ سڃاڻپ هڪ پيچيدہ ۽ منجهيل مسئلو آهي. ڪتاب ۾ شامل مختلف ماڻھن پنھنجي ليکي ان جو اظھار ڪيو آهي. کين يھودي Diaspora سان تشبيه ڏيندي هڪ ليکڪ اهو رايو ڏيکاريو آهي تہ يھودي هر شي جو ريڪارڊ رکندا هئا، جڏهين تہ سنڌي هندن ۾ اها روايت ناهي ۽ اهي ڪاروبار ۾ پنھنجي ڪنھن اعتبارجوڳي ويجهي مائٽ کي شامل ڪندا يا ڪنھن اهڙي ماڻھو کي جنھن جو ڪو مضبوط حوالو هجي. ساڳي ريت گجراتي واپاري اهو مڃين ٿا تہ اهي اسمگلنگ ۽ غلامن جي واپار جي ڪم ۾ شامل رهيا آهن. سنڌي واپاري بہ جيتوڻيڪ اهي ڪم ڪندا رهيا آهن پر ان کي مڃڻ لاء تيار ناهن. شاهراه ريشم ۽ وچ ايشيا جا ملڪ ڄڻ تہ سندن ٻيو گهر هئا.
ٻي اهم ڳالھہ اها هئي تہ ورهاڱي جي افراتفري ۽ لڏپلاڻ ۾ گهڻا پنھنجي ماضي جو سڄو ريڪارڊ ۽ فوٽوگراف وغيرہ پويان ڇڏي ويا ۽ جيڪي ڪجهہ ريڪارڊ ۽ فوٽوگراف وغيرہ کڻي ويا اهي نئين ملڪ ۾ پاڻ کي سنڀالڻ ۽ نئين سر زندگي شروع ڪرڻ ۾ ايترو تہ مصروف ٿي ويا جو کين انھن شين کي سنڀالڻ جو هوش ئي نہ رهيو.
سنڌي سڃاڻپ جا کاڌي، مذهب ۽ ٻين طورطريقن جا گهڻا حوالا آهن. ليکڪا ان ڳالھہ جو بہ جائزو ورتو آهي تہ انھن جا نالا وغيرہ هندوستان جي ٻين هندن کان مختلف هوندا هئا ۽ لڏي وڃڻ کانپوء مقامي ماحول ۽ ماڻھن سان مطابقت پيدا ڪرڻ لاء گهڻن کي پنھنجن نالن ۾ تبديلي ڪرڻي پيئي.
پر ٻولي ڪنھن بہ فرد ۽ ماڻھن جي ڪنھن بہ گروه جي سڃاڻپ جو هڪ اهم ذريعو آهي. ساڳي وقت ٻولي جي بقاء لاء وطن جو هئڻ هڪ اهم شرط آهي. گهڻي ڀاڱي انھن ماڻھن جو پنھنجي ٻولي سان ناتو ختم ٿي چڪو آهي. گهڻن اهو خيال ڏيکاريو آهي تہ ورهاڱي وقت جيڪڏهين بنگال ۽ پنجاب جيان سنڌ جي بہ ورهاست ٿئي ها تہ ٻولي جي بقاء جو مسئلو ايڏو گنڀير نہ ٿئي ها. اهو بہ چيو وڃي ٿو تہ ورهاڱي کانپوء مھاتما گانڌي پاران سنڌي اڳواڻن کي چيو ويو هو تہ اوهان کي پورن بندر ۾ ڌار پرڳڻو ڏيون ٿا پر انھن اهو چئي انڪار ڪري ڇڏيو تہ اسان لوڻ آهيون، جيڪو هر کاڌي ۾ حل ٿي ويندو. ان جو نتيجو اهو نڪتو تہ سنڌ مان لڏي ويل سنڌي هندو نہ رڳو ڀارت جي مختلف علائقن ۾ آباد ٿيو، پر هو دنيا جي مختلف ملڪن ۽ جاين تي ويو، جن ۾ آمريڪا، انگلينڊ، هانگ ڪانگ، سنگاپور، ورهاڱي کان اڳ هندوستان جي آسام جي گادي جي هنڌ شلنگ جھڙا ڏورانھان علائقا ۽ اسپين ۽ لاطيني آمريڪا جو ملڪ چلي بہ شامل آهن. هن ڪتاب ۾ اهڙن گهڻن ماڻھن جون ڪٿائون شامل آهن.
پنھنجي مذهب، کاڌي پيتي جي طورطريقن ۽ ثقافت جي لحاظ کان اهي ماڻھو هندوستان جي ٻين ماڻھن کان مختلف هئا. ان جو ڪارڻ اهو هو تہ سنڌ جي مختلف حڪمرانن جي مذهبي مت ڀيد وارين پاليسين جي باوجود صوفي مت جو مٿن گهڻو اثر هو. ساڳي ريت سک ڌرم خاص طور سنڌ ۾ هندو مت جو ڄڻ هڪ حصو هو. هڪ تہ اها روايت هوندي هئي تہ جيڪڏهين ڪنھن کي گهڻا پٽ آهن تہ هڪ پٽ جي پالنا سک طور ڪئي ويندي هئي. پوڄا پاٺ لاء گردواري ۾ ويندا هئا ۽ اتي گرنٿ صاحب جو پاٺ ڪندا هئا. ايستائين تہ مندر کي گرو جي نالي سان گرو مندر سڏيو ويندو هو. ٻي ڳالھہ تہ سنڌ ۾ سکن جا پنھنجا گهڻا ڳوٺ هئا. اهي سک پنجاب جي سکن جيان ڏهين ۽ آخري گرو گوبند سنگهہ جا ويڙهاڪ پوئلڳ نہ پر بابا گرونانڪ جي پٽ شري چند جا پوئلڳ اداسي سنياسي سک هئا.
سنڌ جا سومرا حڪمران اسماعيلي هئا ۽ سنڌ ۾ صوفي مت جي واڌ ويجهہ انھن جي دور ۾ ٿي.
اهڙي ريت گهڻا اهڙا بزرگ ۽ سنت آهن جن کي هندو ۽ مسلمان ٻيئي پنھنجي ليکي مڃين ٿا. مثال طور هندن جو اڏيرو لال مسلمانن لاء خواجہ خضر عليہ السلام آهي. ان سلسلي ۾ قلندر شھباز جو اهم مثال آهي، جيڪو هندن لاء راجہ ڀرتري آهي. سالياني ميلي جي ٽن ڏينھن ۾ ٻہ ڏينھن ميندي جي رسم ٻہ هندو خاندان ادا ڪندا آهن. چيو وڃي ٿو تہ قلندر شھباز پاڻ انھن کي اهو اختيار ڏنو هو. ساڳي ريت هنگلاج ماتا سان شاه لطيف جو تعلق. ماتا جي لطيف جي هٿ مان کير پيئڻ تي يوگي سندس دشمن ٿي پيا هئا ۽ پوء هو غائب ٿي ٺٽي جي هڪ غار مان اچي نڪتو هو. ساڳي ريت ڀارت ۾ گهڻا اهڙا ماڻھو آهن جيڪي ماس کائين ٿا ۽ لاشعوري طور مختلف موقعن تي ﷲ جو نالو وٺن ٿا جنھن کي اتي پسند نہ ٿو ڪيو وڃي.
عام طور اهو سمجهيو ويندو آهي تہ سنڌ جي هندن ۾ ڀارت جي ٻين علائقن جيان ذات پات جو نظام ناهي پر ڪتاب ۾ اهو خيال ڏيکاريو ويو آهي تہ واضح نہ پرمسلمانن جي گهڻائي ڪري اهو لڪل ۽ غير واضح طور موجود رهيو آهي. ڪلڪتي ۾ گهڻي عرصي کان رهندڙ هڪ سنڌياڻي جو خيال آهي تہ سنڌي هندن ۾ عامل ۽ ڀائي ڀند جو تضاد، بنگال جي اوڀر ۽ اولھہ جي تضاد جنھن کي گوٽو ۽ بنگل جو تضاد چيو وڃي ٿو، کان وڌيڪ شديد آهي.
پنھنجي لوڻ هئڻ واري ڳالھہ کي انھن ماڻھن پوري ريت ثابت ڪيو آهي. هن وقت هندوستان جي معيشت ۽ سماجي خدمتن جي شعبي ۾ انھن جو اهم حصو آهي. پر اهي هندوستان ۾ جتي بہ ويا آهن اتي انھن اتان جي ماڻھن تي پاڻ کي مڙهڻ جي ڪوشش نہ ڪئي آهي پر اتان جي رسم رواجن ِ۽ ٻولي کي پنھنجو ڪيو آهي ۽ ايستائين تہ گهڻين حالتن ۾ پنھنجي ٻولي ۽ سڃاڻپ تان بہ هٿ کنيو آهي. يورپ ۽ آمريڪا ۾ رهندڙ ڪجهہ خاندانن تہ پنھنجو مذهب تبديل ڪري عيسائيت اختيار ڪئي آهي. پر بھرحال هندوستان جتي گهڻيون قومون رهن ٿيون ۽ گهڻيون ٻوليون ڳالھايون وڃن ٿيون اتي انھن لاء بہ پنھنجي سڃاڻپ جو مسئلو درپيش آهي. اهو وقت گذري چڪو آهي جڏهين سنڌين کي پنھنجي سڃاڻپ لڪائڻي پوندي هئي تہ جيئن کين گهٽ نہ سمجهيو وڃي. هن وقت مختلف ذريعن، ڪتابن، فلمن ۽ موسيقي وغيرہ ذريعي پنھنجي بنيادن جي ڳولھا ڪئي پيئي وڃي. سنڌي ڪلچر، تاريخ ۽ طورطريقا هاڻي سندن لاء فخر جو باعث آهن. بھرحال ان سلسلي ۾ نوٽ ڪرڻ جھڙي ڳالھہ اها آهي تہ سنڌين جي گهڻائي هميشہ ساڄي ڌر ۽ خاص طور بي جي پي جي پٺڀرائي ڪئي آهي پر مضبوط معاشي حيثيت هئڻ باوجود سنڌين گهڻي ڀاڱي پاڻ کي ڀارت جي سياست کان پري رکيو آهي ۽ رام جيٺملاڻي ۽ آڏواڻي کان پوء ڪو ذڪر جوڳو اڳواڻ سامھون اچي نہ سگهيو آهي.

صادقين: هڪ عوام دوست مصور ۽ خطاط

صادقين پاڪستان جو ناميارو خطاط، مصور ۽ شاعر رهيو آهي. فيض احمد فيض سندس فن جو مداح هو. هن جو سندس متعلق چوڻ هو تہ هو رڳو هڪ آرٽسٽ نہ پر هڪ سوچ ۽ فڪر رکندڙ ماڻھو هو. سندس واسطو امروھہ جي پڙهيل ڳڙهيل نامياري خاندان، جنھن ۾ ڪمال امروهي، جون ايليا، رئيس امروهي ۽ سيد محمد تقي شامل آهن، سان هو. اسٽيٽ بينڪ جي پراڻي لائبريري ۾ هڪ سڄي ديوار تي سندسTreasure of Time جي نالي سان تصوير ٺھيل هئي، جنھن ۾ سقراط کان وٺي آئنسٽائن ۽ اقبال تائين انسان جو ذهني سفر ڏيکاريل هو. بينڪ جا پراڻا ملازم ٻڌائيندا هئا تہ هو پنھنجي ڪم ۾ ايترو محو هوندو هو، جو کيس وقت جي پرواه نہ هوندي هئي. تازو مون محمد طفيل جي ڪتاب معظم ۾ سندس شخصيت ۽ زندگي جو خاڪو پڙهيو ۽ ڀارت ۾ رهندڙ سندس ڀاڻيجي جو انٽرويو ٻڌو. سندس زندگي ۽ فن کي ڏسندي اهو لڳي ٿو تہ فنڪار کي ٺاهيو نہ ويندو آهي پر اها قدرتي ڏات هوندي آهي، جيڪا کيس اڳتي وٺي ويندي آهي. هن پنھنجي ننڍپڻ متعلق ٻڌايو آهي تہ هو پنھنجي اسڪول جا ڪتاب پاڻ لکندو هو. ساڳي ريت هو چئي ٿو تہ سندس ڪوبہ استاد ناهي. سندس ننڍپڻ متعلق چيو وڃي ٿو تہ جيتوڻيڪ هن گريجويشن ڪئي پر رسمي تعليم ۾ سندس دل نہ لڳندي هئي ۽ هو ڪوئلي سان پاڙي جي گهرن جي ديوارن تي پيو ليڪا پائيندو هو جنھن جي شڪايت سندس گهر وارن سان ڪئي ويندي هئي.
هو پنھنجي جواني ۾ اشتراڪي خيالن جو هو جنھن جا اثر آخر تائين سندس زندگي تي رهيا. ٻين مھاڀاري جنگ هلندي جڏهين شروعات ۾ هندوستان جا گهڻا قومپرست ۽ ترقي پسند جنگ ۾ انگريزن جي مخالفت ۽ هٽلر جي حمايت ڪندا هئا، ان وقت جڳ کان نرالي هن ماڻھو هٽلر جي فاشزم کي محسوس ڪيو ٿي ۽ هو امروھہ جي ديوارن تي فاشزم جي خلاف نعرا ۽ پمفليٽ وغيرہ لکندو هو. ماڻھو حيران هوندا هئا تہ اهو ڪھڙو ماڻھو آهي جيڪو اهو سڀڪجهہ ڪري پيو. هو ڪنھن سياسي تحريڪ يا پارٽي جو حصو تہ نہ هو پر هن 1948 ۾ پاڪستان اچڻ کانپوء هتي ترقي پسند ليکڪن ۽ فنڪارن جي تنظيم سان ڪم ڪيو.
مال گڏ ڪرڻ سندس ڪڏهين بہ مقصد نہ رهيو. هن شادي نہ ڪئي. سندس چوڻ هو تہ هو شادي ڪري ها تہ پوء اهو سڀ ڪم نہ ڪري سگهي ها. پنھنجي تصويرن ۽ خطاطي جي نمونن جي پرڏيھہ ۽ ملڪ ۾ وڪري مان کيس جيڪا آمدني ٿيندي هئي اها گهڻي ڀاڱي هو ضرورتمندن ۾ ورهائي ڇڏيندو هو. ان لاء سندس چوڻ هو تہ جيڪو اڳ ايندو هو هو ان جي ضرورت پوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هو. گهڻن سرڪاري ۽ غير سرڪاري ادارن کي هن مفت ۾ بہ تصويرون ۽ خطاطي ٺاهي ڏنيون. ليکڪ جو چوڻ آهي تہ سندس تصويرن جي هڪ نمائش ۾ هن ڪنھن ماڻھو سان بيٺي ڳالھايو. سندس تصويرن کي ڪجهہ ڄڻن ٽي لک روپين ۾ خريد ڪرڻ ٿي چاهيو. کيس هڪ ڀيرو انھن ماڻھن سان ڳالھائڻ لاء چيو ويو، پر هن پنھنجي ڳالھہ ٻولھہ جاري رکي. جڏهين ٻيو ڀيرو کيس چيو ويو تہ سندس جواب هو تہ انھن ماڻھن کي چئو تہ اهي تصويرون وڪري لاء ناهن. هو ڪپڙن وغيرہ جي حوالي سان سادگي سان پنھنجي زندگي گذاريندو هو. سندس خرچ شراب، سگريٽ ۽ چانھن تي هوندو هو، جڏهين تہ کاڌي جي بہ کيس گهڻي پرواه نہ هوندي هئي.
جڏهين کانئس پڇيو ويو تہ هو قرآني آيتن جي خطاطي ڪري ٿو، مذهب جو احترام ڪري ٿو ۽ ساڳي وقت شراب سان بہ شوق ڪري ٿو تہ سندس چوڻ هو تہ مذهب منھنجو ايمان آهي ۽ شراب منھنجو جذبو ۽ شوق آهي ۽ آئون شراب پيئڻ کانسواء پنھنجو ڪم نہ ٿو ڪري سگهان. کيس چانھن پيئڻ جو بہ گهڻو شوق هوندو هو. سندس ڀاڻيجي جو چوڻ آهي تہ ڀارت جي دوري دوران هڪ ڀيري هن امروھہ ۾ امام بارگاه ۾ چيو تہ آئون بہ امامن تي ڳالھائيندس. هن ڳالھايو پر منبر تي اهو چئي نہ ويٺو تہ هو ان لائق نہ هو.
هو ڪجهہ عرصو فرانس ۾ رهيو جنھن سان سندس فن ۾ وڌيڪ نکار آيو. هو 1982 ۾ ڀارت جي دوري تي ويو. سندس ان وقت جي ڀارت جي وزير اعظم اندرا گانڌي سان ملاقات ٿي. جنھن سندس ويزا ۾ تبديلي ڪرائي کيس چيو تہ هو سڄي ملڪ ۾ ڪٿي بہ وڃي سگهي ٿو ۽ جيترو وقت چاهي هتي رهي سگهي ٿو. هو اٽڪل چوڏنھن مھينا اتي رهيو.
هو لاهور کي شاعرن ۽ فنڪارن جو شھر چئي ٿو، جڏهين تہ ڪراچي سرمايادارن ۽ واپارين جو شھر آهي. هن گهڻو عرصو لاهور ۾ گذاريو. 1965 جي پاڪ ڀارت جنگ کان ٿورو اڳ هو لاهور ۾ هو. هن اتي پنھنجن فن پارن جي نمائش ڪرڻ چاهي ٿي. کيس چيو ويو تہ جنگ مٿان بيٺي آهي اهڙي وقت ۾ نمائش ڪرڻ مناسب نہ ٿيندو پر سندس جواب هو تہ جنگ اسان کي ڇا ڪندي ۽ هن انھن ئي ڏينھن ۾ اتي نمائش منعقد ڪئي. جيئن مختلف پيشن سان واسطو رکندڙ ماڻھن ۾ هڪ ٻئي جي لاء ساڙ ۽ حسد هوندو آهي ان ڳالھہ کي نظر ۾ رکندي ليکڪ کانئس نامياري مصور عبدالرحمان چغتائي متعلق پڇيو. پر ان حوالي سان سندس رايو گهڻو مثبت هو. سندس چوڻ هو تہ هو سندس تصويرن جي نمائش ۾ آيو. هن نہ رڳو سندس فن جي تعريف ڪئي پر پوء هن کيس هڪ ڊگهو خط لکيو جنھن ۾ سندس گهڻي ساراه ڪيل هئي.
هو اهڙن ماڻھن مان هو جن پاڪستان جي ثقافت ۽ ٻولين ڏانھن هڪ مثبت رويو رکيو. لاهور ۾ رهندي هن پنجابي ۾ شاعري ڪئي. جڏهين کانئس سنڌ ۾ ٻولي وارن فسادن متعلق پڇيو ويو تہ سندس چوڻ هو تہ اهو مسئلو غيرضروري طور اٿاريو ويو. اڙدو کي هتي ڪو خطرو نہ هو ۽ نہ آهي ۽ اها واڌ ويجهہ ڪري رهي آهي. باقي ان ڳالھہ کي ذهن ۾ رکڻو پوندو تہ هي بدايون ناهي ۽ اڙدو کي پنھنجون پاڙون سنڌ جي ريگستان ۾ ئي مضبوط ڪرڻيون پونديون ۽ هتان جي ماحول ۽ ڪلچر سان ئي پاڻ کي ٺھڪائڻو پوندو.
هن اٽڪل پندرنھن هزار تصويرون ۽ خطاطي جا نمونا ٺاهيا پر انھن مان گهڻا محفوظ ناهن. سندس رباعين لاء چيو وڃي ٿو تہ انھن تي عمر خيام جو اثر آهي.
هڪ اهڙو فنڪار جنھن کي پنھنجي ملڪ کان وڌيڪ پرڏيھہ۾ مان مليو ۽ اتي ئي سندس شخصيت ۽ فن تي گهڻو ڪجهہ لکيو ويو.

ڀٽائيءَ جو ميلو ۽ اديب

محمد طفيل جي سڃاڻپ ادبي رسالي نقوش جي ايڊيٽر واري آهي. پھرين نقوش جا ايڊيٽر احمد نديم قاسمي ۽ هاجره مسرور هئا. پوء ڪجهہ عرصي لاء سيد وقار عظيم اهو ڪم سنڀاليو. طفيل جو ڊگهو دور 1950 کان 1986 يعني سندس وفات تائين رهيو. ان حوالي سان ان جو مختلف اديبن سان واسطو رهيو آهي ۽ هن پاڻ بہ ڪجهہ ڪتاب لکيا آهن. سندس ڪتاب محترم سنڌ جوسفرنامو آهي.
اهو سفرنامو 1963 جو لکيل آهي، جڏهين قدرت ﷲ شھاب ۽ جميل الدين عالي جي اڳواڻي ۾ رائٽرز گلڊ سرگرم هئي. ڪجهہ اديبن کي گلڊ پاران شاه عبدالطيف ڀٽائي جي ميلي تي ڀٽ شاه وڃڻ لاء چيو ويو. پر کين چيو ويو تہ اهي پنھنجو خرچ ڪن جيڪو پوء گلڊ پاران کين ڏنو ويندو. گلڊ پاڪستان سطح جي ادبي تنظيم هئي، جنھن ۾ اوڀر بنگال سميت ملڪ جي سڀني صوبن جا ليکڪ شامل هئا. ان پروگرام ۾ اوڀر بنگال جا بہ ڪجهہ اديب شامل هئا.
هو ٽرين ذريعي ڪجهہ اديبن سان گڏجي حيدرآباد لاء روانو ٿئي ٿو جتي اسٽيشن تي شيخ اياز ۽ ٻيا اديب سندن آڌرڀاء ڪن ٿا. سندن ملاقات ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ پير حسام الدين راشدي سان ٿئي ٿي. هوٽل ۾ رات گذاري هو ٻئي ڏينھن حيدرآباد جي ڪجهہ صحافين سان گڏجي ڀٽ شاه لاء روانا ٿين ٿا. ان وقت جي سنڌي ليکڪن جي هڪ خاص ڳالھہ جو هو ذڪر ڪري ٿو تہ اهي گهڻو ڪري اڙدو بدران سنڌي ۽ انگريزي ۾ پيا ڳالھائين. ان ميلي ۾ ايوب خان ۽ ذوالفقار علي ڀٽو بہ شريڪ ٿيا هئا. مختلف ڳائڻن جي راڳ مان خاص طور روبينا کي پسند ڪيو وڃي ٿو جنھن جو اظھار ڀٽو جي تاثرات مان پڻ ٿيو ٿي.
سندس چوڻ آهي تہ شاه ڄڻ تہ سنڌين جي ذات جو حصو آهي ۽ هر سنڌي کي سندس ڪجهہ شعر ياد آهن. ميلي ۾ عام ڳوٺاڻن ماڻھن جي شرڪت گهڻي هئي. هو جيتوڻيڪ سنڌي نہ ٿو سمجهي پر ميلي جي ٻئي ڏينھن خاص طور راڳ جي محفل ۾ هو ايترو تہ محو ٿي ويو جو حيدرآباد واپس ويندڙ سندس ساٿين کي کيس زوري اتان اٿارڻو پيو. آفاق صديقي جي مدد سان هن مختصر طور سنڌ جي تاريخ جو هڪ خاڪو پڻ پيش ڪيو آهي.
ميلي جي پڄاڻي کانپوء هو ڪراچي جي ڪجهہ اديبن سان گڏجي ڪراچي اچي ٿو. هتي هو ڪجهہ وقت صھبا لکنوي وٽ رهي ٿو ۽ پوء پير حسام الدين جي چوڻ تي پير علي محمد راشدي جي گهر رهي ٿو. پرهو پير علي محمد راشدي سان ڪنھن ملاقات وغيرہ جو ذڪر نہ ٿو ڪري. هو انجمن ترقي اردو ۾ جوش سان ملاقات ڪري ٿو. حيدرآباد اچڻ وقت جوش سان سندس لاهور ريلوي اسٽيشن تي ملاقات ٿي هئي ۽ هن کيس ڪراچي ۾ ملڻ لاء چيو هو. جوش کيس پنھنجي ڀارت جي دوري متعلق ٻڌائي ٿو ۽ اهو بہ تہ هن اتي وزيراعظم نھرو جي دعوت ڪئي هئي. سندس چوڻ هو تہ نھرو جي ڪوششن ڪري اتي مسلمانن خلاف فسادن تي ضابطو ڪيو ويو نہ تہ ٻي صورت ۾ پاڪستان ۾ پناهگيرن جو هڪ وڏو تعداد اچي ها، جنھن کي سنڀالڻ ڏکيو هجي ها. هو ايوان صدر ۾ جميل الدين عالي سان ملي ٿو ۽ گلڊ جي دفتر ۾ ابن انشاء سان ملاقات ڪري ٿو ۽ ان ڳالھہ کي ياد ڪري ٿو تہ ابن انشاء ڪنھن وقت سندس ويجهو دوست هو ۽ پوء عھدي ملڻ کانپوء ڪيئن نہ منجهس تبديلي اچي ويئي هئي. هاجره مسرور سان سندس ويجهو تعلق هو. اتي هو سندس مڙس ۽ ڊان جي ايڊيٽر احمد علي خان سان پڻ ملاقات ڪري ٿو.
هن ڪتاب ۾ پنجاب ۽ يوپي، حيدرآباد ۽ دھلي جي اڙدو اديبن ۾ ڇڪتاڻ جو پڻ اندازو ٿئي ٿو. سندس چوڻ آهي تہ هندوستان ۾ دھلي، يوپي ۽ حيدرآباد دکن سان گڏ لاهور بہ اڙدو جو هڪ اهم مرڪز رهيو آهي. جھڙي ريت لکنو، دھلي ۽ حيدرآباد دکن جي اڙدو جي لھجن، گرامر ۽ ڳالھہ ٻولھہ ۾ فرق آهي اهڙي ريت پاڪستان ۽ خاص طور پنجاب ۾ جيڪا اڙدو ڳالھائي ۽ لکي وڃي ٿي اها هندوستان جي مختلف علائقن جي اڙدو کان مختلف آهي. ان ڳالھہ کي اڙدو اهل زبان کي مڃڻ گهرجي. ان حوالي سان ان ڳالھہ تي پڻ منجهن اختلاف رهيو آهي تہ اڙدو جو وڏو شاعر جوش آهي يا فيض. بظاهر ان ڳالھہ جو تعلق بہ ٻنھي شاعرن جي مختلف علائقن سان هئڻ آهي. جوش هندوستان جي مليح آباد سان واسطو رکي ٿو جڏهين تہ فيض جو واسطو پنجاب سان آهي. ان سلسلي ۾ ليکڪ جو پنھنجو موقف منطقي آهي. سندس چوڻ آهي تہ هر شاعر جو پنھنجو اسلوب، ڊڪشن ۽ خيال هوندا آهن ۽ انھن ۾ چٽاڀيٽي ڪرائڻ ۽ علائقي جي حوالي سان تعصب ڪرڻ ۽ کين گهٽ وڌ ثابت ڪرڻ نامناسب ڳالھہ آهي.
هن ڪتاب ۾ 1960 جي ڏهاڪي جي ادبي وايومنڊل ۽ ماحول جون ڪجهہ جهلڪيون ملن ٿيون.

باچا خان جي آتم ڪٿا

خدائي خدمتگار ۽ خان عبدالغفار خان هندوستان جي آزادي جي جدوجھد جا ٻہ اهم نالا آهن. سندس جدوجھد جو بنيادي نڪتو تعليم، پنھنجي ٻولي جو ڦھلاء ۽ ترقي هو. هڪ اندازي موجب هو 1890 عيسوي ۾ پيدا ٿيو. ان وقت پختون خواه پنجاب جو حصو هو ۽ هتي پشتون ٻارن لاء تعليم جو مناسب بندوبست نہ هو. هن ۽ سندس وڏي ڀاء ڊاڪٽر خان صاحب پھرين مدرسي ۽ پوء مشن اسڪول ۾ تعليم حاصل ڪئي. مذهبي عالمن پاران جديد تعليم جي مخالفت ڪئي ويندي هئي ۽ چيو ويندو هو تہ ان تعليم جو مقصد دنياوي فائدو آهي ۽ اهي ماڻھو جيڪي اها تعليم حاصل ڪن ٿا دوزّخ ۾ ويندا. پر انھن جي اعلا سماجي حيثيت جي ڪري هو انھن کي ڪجهہ نہ ٿي ڪري سگهيا. غفار خان پنھنجي ماء، جنھن جو هڪ پٽ اڳيئي تعليم لاء انگلينڊ ويل هو، ٻئي پٽ کي اتي موڪلڻ نہ ٿي چاهيو، جي منع ڪرڻ ڪري اعلا تعليم لاء اتي وڃي نہ سگهيو.
منھنجي پنھنجي تجربي ۾ اها ڳالھہ آهي تہ پٺاڻ پنھنجي ٻولي متعلق گهڻو حساس آهي. نوڪري دوران پنھنجي ڪم جي سلسلي ۾ پشاور گهڻو وڃڻ ٿيندو هو. اتي منھنجي هڪ واقف هڪ ڀيري مون کي چيو تہ اوهان اڪثر پشاور اچو ٿا، پوء اوهان پشتو ڇو نہ سکي آهي. اهڙي ريت غفارخان جڏهين خلافت تحريڪ جي سلسلي ۾ هجرت ڪري افغانستان ويو تہ ان وقت اتي امان ﷲ خان جي حڪومت هئي، جيڪو پاڻ کي پشتونن جو انقلابي بادشاه چوندو هو. هڪ ملاقات ۾ غفار خان کيس چيو تہ پشتو افغانستان جي قومي ٻولي آهي، پوء اوهان کي اها ڇو نہ ٿي اچي. سندس چوڻ آهي تہ ان کان ٽن مھينن کانپوء امان ﷲ پشتو سکي ورتي. ساڳي وقت هو ان ڳالھہ جي پڻ وڪالت ڪري ٿو تہ احمد شاه ابدالي جي چوڻ موجب جهلم دريا کان آمو دريا تائين جيڪي بہ ماڻھو رهن ٿا پوء ڀلي اهي ڪھڙي بہ ٻولي ڳالھائين ٿا، سڀ ائين پٺاڻ آهن جيئن آمريڪا ۾ رهندڙ مختلف ٻوليون ڳالھائينڙ سڀ آمريڪي آهن.
هن پنھنجن ساٿين سان گڏجي 1929 ۾ خدائي خدمتگار تنظيم جو بنياد وڌو. ان تنظيم جو هڪ مقصد صوبي جي مختلف علائقن ۾ تعليمي ادارا قائم ڪري تعليم کي ڦھلائڻ هو. عدم تشدد ان جو بنيادي اصول هو. ان جو ڪارڻ اهو هو تہ پٺاڻن ۾ قبائلي جهيڙن ۽ ذاتي دشمني جي ڪري گهڻي رتوڇاڻ ٿيندي هئي. ان تنظيم جي هر رڪن کي اهو حلف کڻڻو پوندو هو تہ هو ذاتي دشمني وغيرہ جي ڪري ڪوبہ بدلي وٺڻ وارو ڪم نہ ڪندو ۽ هٿيارن کان پري رهندو. اها رڳو سياسي نہ پر هڪ ثقافتي ۽ اقتصادي تحريڪ پڻ هئي جنھن جو مقصد ماڻھن ۾ شعور پيدا ڪرڻ هو.
باچا خان جو چوڻ آهي تہ پٺاڻ هڪ شاهوڪار تھذيب جا وارث آهن. آريا هتان ئي ٻين ملڪن ڏانھن ويا ۽ انھن مان هتي رڳو پٺاڻ ۽ بلوچ رهجي ويا. هو مذهب جي حوالي سان ڪو فرق نہ ڪندو هو. سندس چوڻ هو تہ سڀ مذهب سچائي ۽ انسان ذات جي ڀلائي جي واٽ جو ڏس ڏين ٿا. هن قرآن ۽ گيتا جو تفصيلي مطالعو ڪيو هو. جيل ۾ هوندي پنھنجن سک ساٿين کان گرنٿ بہ ٻڌو هو. جيئن تہ پٺاڻ اسلام جي هت اچڻ کان اڳ ٻڌ مت جا پوئلڳ هئا، ان ڪري هو ان مذهب جي ڪتابن جو مطالعو پڻ ڪرڻ چاهيو ٿي پرکيس اهي ملي نہ سگهيا. ساڳي ريت سندس چوڻ آهي تہ زرتشت هڪ پٺاڻ پيغمبر هو، جنھن جو واسطو افغانستان جي شھر بلخ سان هو. پر ان مذهب متعلق کيس ڪي ڪتاب ملي ناهن سگهيا.
غفارخان خلافت تحريڪ ۾ حصو ورتو ۽ هجرت ڪري افغانستان بہ ويو جتي امان ﷲ خان جي حڪومت هئي، جنھن مھاجرن جي گهڻي سارسنڀال لڌي. پر انھن مھاجرن ۾ انگريز جا ايجنٽ هئا جيڪي ان تحريڪ کي نقصان پھچائڻ لاء پروپئگنڊا ڪندا رهندا هئا.
ماڻھن ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ لاء هڪ تہ اسڪول قائم ڪرڻ ۽ ٻيو مختلف علائقن جا دورا ڪرڻ شروع ڪيا. جيتوڻيڪ سندس ڪو سياسي ايجنڊا ۽ گهرون نہ هيون پر اها ڳالھہ انگريز سرڪار کي پسند نہ هئي ۽ عام ماڻھن ۾ شعور آڻڻ جي انھن ڪوششن کي انھن پنھنجي لاء خطرو سمجهيو ٿي. هن جيل مان پنھنجي صوبي جي مسئلن جي حل لاء پھرين پنھنجن ساٿين کي مسلم ليگ سان رابطوڪرڻ لاء چيو پر ان جي اڳواڻن پاران ڪا مثبت موٽ نہ ملڻ جي ڪري ڪانگريس سان رابطو ڪيو ويو، جن مدد ڪرڻ لاء ڪانگريس ۾ شامل ٿيڻ جي شرط رکي ۽ اهڙي ريت هو ڪانگريس ۾ شامل ٿي ويو ۽ اڳتي هلي ان جي ورڪنگ ڪاميٽي جو رڪن ٿيو.
صوبي جي انگريز آفيسر پاران سندس پي ذريعي کيس چيو ويو تہ هو هڪ تہ تعليم لاء ڪوششون نہ ڪري ۽ ٻيو مختلف علائقن جا دورا ڪري ماڻھن سان ملاقاتون نہ ڪري. پر هن پنھنجي پيءُ کي چيو تہ علم جو حصول تہ هڪ مذهبي فرض آهي ۽ هو انگريز جي چوڻ تي ان کي ڪيئن ٿو ڇڏي سگهي. ساڳي ريت جيل ۾ هوندي کيس آڇ ڪئي ويئي تہ هو تعليم لاء ڀلي ڪوششون ڪري، پر رڳو دورا ڪرڻ بند ڪري تہ کيس آزاد ڪيو ويندو پر هن ان ڳالھہ کي قبول نہ ڪيو.
خدائي خدمتگار پنھنجي ڪم جي ڪري سرحد صوبي جي هڪ مقبول تنظيم هئي. 1945 جي چونڊن ۾ اها مسلم ليگ جي ڪوششن ۽ مذهبي ڪارڊ جي استعمال جي باوجود صوبي جي هڪ اڪثريتي جماعت طور سامھون آئي. پر گورنر صاحبزادہ عبدالقيوم کي ڪجهہ آزاد سک ۽ عيسائي ميمبرن جي مدد سان حڪومت ٺاهڻ جي دعوت ڏني، جيڪا گهڻو عرصو نہ هلي سگهي ۽ پو۽ ڊاڪٽر خان صاحب ڪانگريس ۽ خدائي خدمتگار جي مدد سان اتي حڪومت قائم ڪئي.
غفارخان جو چوڻ آهي تہ ڪانگريس هندوستان جي ورهاست جي حمايت ڪئي. ڪانگريس جي ورڪنگ ڪاميٽي ۾ رڳو مھاتما گانڌي ۽ هن پاڻ ان ڳالھہ جي مخالفت ڪئي. ڪانگريس سان سندس ٻيو اختلاف اهو هو تہ ان سرحد صوبي ۾ ريفرينڊم جي حمايت ڪئي هئي، جڏهين تہ ٻين سڀني صوبن ۾ پاڪستان يا هندوستان ۾ شامل ٿيڻ جو آپشن 1945 جي چونڊن ۾ قائم ٿيل صوبائي اسمبلين کي ڏنو ويو هو. خدائي خدمتگار پاران اها گهر ڪئي ويئي تہ جيڪڏهين ريفرينڊم ڪرائڻو آهي تہ اهو بجائي پاڪستان ۽ هندوستان جي پاڪستان ۽ پشتونستان تي ڪرايو وڃي، پر ان ڳالھہ کي انگريز سرڪار پاران نہ مڃيو ويو ۽ نتيجي ۾ انھن ريفرينڊم جو بائيڪاٽ ڪيو.
ليکڪ پندرنھن سال انگريز سرڪار ۽ پندرنھن سال پاڪستان حڪومت جي جيل ۾ رهڻ کانپوء 1964 ۾ پھرين لندن ۽ پوء افغانستان هليو ويو.

قيصربنگاليءَ جون ڳالھيون

قيصر بنگالي هڪ ناميارو معيشت دان آهي. هو مختلف صوبائي حڪومتن جو صلاحڪار پڻ رهيو آهي، پر پنھنجن خيالن جي ڪري گهڻو وقت انھن سان هلي نہ سگهيو آهي يا ائين کڻي چئجي تہ اهي ان سان نہ هلي سگهيا آهن. تازو مون پاڪستان جي معيشت جي حوالي سان سندس هڪ تفصيلي انٽرويو ٻڌو. ان ۾ ڪجهہ ڳالھيون اهڙيون هيون جيڪي هو مختلف موقعن تي ڪندو رهيو آهي ۽ ڪجهہ منھنجي لاء نيون ڳالھيون هيون.
مثال طور هو هميشہ معيشت جي ٻٽي خساري يعني روانگي ۽ آمدني واپار جي تجارتي خساري ۽ حڪومت جي آمدني ۽ خرچ ۾ فرق يعني بجيٽ جي خساري جو ذڪر ڪندو رهيو آهي. سندس چوڻ آهي تہ بچاء ۽ سويلين بجيٽ ۾ گهڻن غير ضروري خرچن کي گهٽائي سگهجي ٿو.
ارڙھين ترميم کانپوء وفاق جا گهڻا ڪم صوبن کي منتقل ٿي ويا آهن ۽ گهڻين وزارتن جي ضرورت نہ رهي آهي. انھن وزارتن کي ختم ڪيو وڃي پر اتي ڪم ڪندڙ ملازمن کي بجائي بيروزگار ڪرڻ جي اهڙن ادارن ۾ کپايو وڃي جتي ماڻھن جي ضرورت آهي.
خانگي شعبي متعلق سندس چوڻ آهي تہ ان جو ملڪي معيشت ۾ ڪو اهم ڪردار نہ رهيو آهي ۽ اهو هميشہ حڪومت جي مدد ۽ سھڪار سان ئي هلندو رهيو آهي. 1960 جي ڏهاڪي ۾ ايوب خان جي دور جي جيڪا ڳالھہ ڪئي وڃي ٿي تہ ان دور ۾ بہ PIDC جو سرڪاري ادارو مختلف صنعتون قائم ڪري پوء جڏهين اهي منافع بخش ٿينديون هيون تہ انھن کي خانگي شعبي جي حوالي ڪندو هو. سندس چوڻ آهي تہ ان وقت جي ٻاويھہ خاندانن مان ڪي سندس مائٽ بہ هئا.ِ ستر جي ڏهاڪي ۾ مختلف صنعتن کي قومي ملڪيت ۾ وٺڻ کانپوء اهي مختلف تقريبن ۾ ان ڳالھہ جو اظھار ڪندا هئا تہ اهي پنھنجي موڙي ملڪ کان ٻاهر ڪيئن کڻي وڃن. پر ڏٺو وڃي تہ اهو پئسو بہ انھن جو پنھنجو نہ پر مالياتي ادارن خاص طور PICIC ۽ NDFC وغيرہ جا صنعتن قائم ڪرڻ لاء ڏنل قرض هئا. خانگي شعبي جي ڪارڪردگي جو مثال ڏيندي هو ٻڌائي ٿو تہ جڏهين زيل پاڪ سيمينٽ فيڪٽري کي سرڪاري شعبي مان خانگي شعبي ۾ ڏنو ويو تہ اها سال ۾ ئي بند ٿي ويئي.
هو پي آئي اي جو مثال ڏئي ٿو تہ ان ايئرلائين گهڻين پرڏيھي ايئرلائينن کي قائم ڪرڻ ۾ معاونت ۽ مدد ڪئي. ڪراچي يونيورسٽي جي AERC ۾ هوندي اتي آمريڪي پروفيسر کيس ٻڌائيندا هئا تہ اهي پي آئي اي جي سٺي سروس جي ڪري ٻين ايئر لائينن جي ڀيٽ ۾ ان ۾ سفر ڪرڻ کي ترجيح ڏيندا آهن. اهو ممڪن آهي تہ ٻين ملڪن جي ايئر لائينن پاران پي آئي اي کي نقصان پھچائڻ جي ڪوشش ٿي هجي پر اها ڳالھہ بہ تڏهين ئي ممڪن آهي جڏهين اندروني طور هڪ ڀونچال هجي جيڪو ان ڳالھہ کي سپورٽ ڪري.
بينڪن کان مختلف سياستدانن ۽ سرمايادارن جي سياسي بنيادن تي وڏن قرضن حاصل ڪرڻ ۽ پوء انھن کي معاف ڪرائڻ ويجهي ماضي جو اهڙو اسڪينڊل آهي، جنھن بينڪنگ جي نظام کي صفا ويھاري ڇڏيو هو. قيصرجو چوڻ آهي تہ 1977 کان اڳ اهڙن قرضن وٺڻ ۽ معاف ڪرائڻ جي اهڙي ڪا روايت نہ هئي. هو ٻڌائي ٿو تہ اسمبلي ميمبرن کي ملندڙ ترقياتي بجيٽ پڻ سياسي رشوت جي هڪ ذريعي طور استعمال ٿئي ٿو. هو سنڌ حڪومت ۾ جڏهين صلاحڪار طور ڪم ڪري رهيو هو تہ اسمبلي جا ميمبر وٽس رڳو اهو معلوم ڪرڻ ايندا هئا تہ کين ملندڙ ترقياتي رقم جو ڇا ٿيو. جيڪڏهين اهي فنڊ ڪنھن حد تائين خرچ بہ ٿيندا هئا تہ انھن جو صوبي، شھر يا علائقي جي مجموعي رٿا بندي سان ڪو واسطو نہ هوندو هو. ميمبر پاران ان کي پنھنجي حلقي تائين محدود رکيو ويندو هو تہ جيئن پنھنجن ووٽرن کي ڏيکاري سگهجي.
هن وقت حڪومت پاران معدني ذخيرن جي حوالي سان جيڪا ڳالھہ ڪئي پيئي وڃي تہ ان سان ملڪ جو سڄو پرڏيھي قرض ختم ٿيندو ۽ ملڪ پاڻ ڀرو ٿي ويندو. ان سلسلي ۾ قيصر جو چوڻ آهي تہ وقت بوقت اهڙيون ڳالھيون ڪيون وينديون آهن، پر انھن جو ڪو نتيجو نہ نڪرندو آهي. جيئن سيپيڪ جي لاء چيو پئي ويو تہ اهو معيشت لاء Game Changer ٿيندو پر ائين نہ ٿي سگهيو. ٻي ڳالھہ تہ معدني ذخيرن تائين پھچ لاء روڊ رستن، پاڻي، بجلي مطلب تہ پوري بنيادي ڍانچي جي ضرورت آهي، جنھن ڳالھہ لاء ڊگهو وقت ۽ سرمايو گهرجي. ڇا واقعي اهو سڀڪجهہ حڪومت ڪري سگهندي. اهو اهم سوال آهي.
قيصر انھن ڪجهہ دانشورن مان آهي، جيڪي ڪراچي جي سنڌ سان تعلق تي بلڪل واضح آهن. پاڻي جي مسئلي تي سندس موقف آهي تہ ڪراچي کي پاڻي ڪينجهر مان ملي ٿو جنھن کي سنڌو وسيلي اهو پاڻي ملي ٿو. اهڙي ريت جڏهين سنڌو ۾ پاڻي نہ هوندو تہ ڪراچي وارن جا نل بہ خشڪ هوندا. ساڳيو موقف شھري رٿابندي جي ماهر عارف حسن جو بہ اهي. سندس چوڻ آهي شھر کان نڪرندي ئي ماڻھو کي محسوس ٿئي ٿو تہ هو غربت ۽ پسماندگي جي اهڙي دنيا ۾ اچي ويو آهي جنھن جو ڪراچي شھر جي ترقي ڪيل سکي دنيا سان ڪو واسطو ناهي. جيئن تہ ڪراچي سنڌ جي گادي جو هنڌ ۽ ان جو اڻٽٽ حصو آهي ان ڪري ان جي ترقي جو لاڀ سنڌ جي ٻھراڙي کي ضرور ملڻ گهرجي.
هتي عام طور چيو ويندو آهي تہ ڪرپشن اهو نہ ٿو ڪري جنھن کي موقعو نہ ٿو ملي پر اها سڄي دنيا کي خبر آهي تہ قيصر کي اهڙا گهڻا موقعا مليا، پر هو پنھنجن اصولن تي قائم رهيو ۽ ان سڄي ماحول ۾ پنھنجو اعتبار قائم رکيو.

ڪشور ناهيد: زندگي جا مختلف پاسا

ڪشور ناهيد سان منھنجي واحد ملاقات لاهور ۾ 1989 ۾ ان وقت ٿي هئي، جڏهين هن جمھوريت پسند ليکڪن جي ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيندڙ سنڌي ليکڪن جي وفد کي نيرن ڪرايو هو. هو پاڪستان جي انھن عورت ليکڪائن مان آهي، جن سماج ۾ جنسي مت ڀيد جي حوالي سان زندگي جي مختلف شعبن ۾ عورت سان جيڪو ورتاء ڪيو وڃي ٿو، ان متعلق لکيو بہ آهي ۽ عملي طور جدوجھد بہ ڪئي آهي.
سندس سڃاڻپ هڪ شاعرہ طور آهي پر هن ساڳي وقت نثر بہ لکيو آهي. ايڪ بري عورت ڪي ڪٿا سندس آتم ڪھاڻي آهي. سندس خاندان جو تعلق يوپي جي بلند شھر سان هو. پاڪستان ٺاهڻ جي تحريڪ ۾ سندس خاندان سرگرم حصو ورتو هو. علي ڳڙه ۾ پاڪستان لاء ٿيندڙ جلسن ۾ هو بہ پنھنجي ماء سان گڏ هوندي هئي.
پاڪستان ٺھڻ وقت سندس پي کي گرفتار ڪيو ويو هو. آزاد ٿيڻ کانپوء هو ڪنھن ريت پنھنجن هندو دوستن جي مدد سان سرحد پار ڪري پاڪستان هليو ويو. نئين ملڪ وڃڻ لاء خاندان جي ٻين فردن بہ تياري ڪئي پر کين چيو ويو تہ ريلن تي ٿيندڙ حملن جي ڪري اهو سفر خطري کان خالي ناهي. نيٺ اهي پنھنجا زيور وغيرہ وڪڻي ٿوري ضروري سامان سان جھاز ۾ پاڪستان پھتا.
لاهور ۾ اهي ڪجهہ عرصو مائٽن وٽ رهيا ۽ پوء مسواڙ جي گهر ۾ منتقل ٿي ويا. سندس پي ڀارت ۾ ڇڏي آيل پنھنجي ملڪيت لاء ڪوڪليم وغيرہ داخل نہ ڪيو.
لڏپلاڻ ۽ هڪ ماحول ۽ ڪلچر کان ٻئي ماحول ۽ ڪلچر ۾ وڃڻ سان گهڻا پراڻا سماجي قدر ختم ٿي ويندا آهن ۽ گهڻن ۾ تبديلي اچي ويندي آهي. اهو عمل ان وقت ئي اچڻ شروع ٿي ويو هو جڏهين انھن هوائي جھاز ۾ پاڪستان اچڻ جي تياري پئي ڪئي. کيس ستن سالن جي عمر ۾ ئي برقعو پارايو ويو هو. پر جڏهين اهو پتو پيو تہ جھاز ۾ ٻارن جي ٽڪيٽ ۾ رعايت آهي تہ کيس ان مھل ئي برقعو لھرايو ويو. يوپي ۾ برقعو پيرن تائين هوندو هو جڏهين تہ لاهور ۾ اهو مرن کان مٿي هوندو هو. برقعو کيس يونيورسٽي تائين پائڻو پيو. تعليم جي حوالي سان سندس چوڻ آهي تہ سندس ٻہ وڏيون ڀينرون ميٽرڪ ڪري گهر ۾ ويھي رهيون هيون ۽ کيس بہ اهو چيو ويو تہ اڳتي پڙهڻ جي ضرورت ناهي. پر سندس احتجاج ۽ ضد جي ڪري مائٽن پاران نہ رڳو کيس پر سندس وڏي ڀيڻ کي بہ اها اجازت ڏيڻي پيئي.
شادي جي حوالي سان ڇوڪريون ڪنھن شريف، مھذب ۽ سٺي گهر جي سيد زادي جي انتظار ۾ عمر ڳاري پوڙهيون ٿي وينديون هيون. سندس وڏين ڀيڻن سان ائين ٿي رهيو هو پر هن فيصلو ڪيو تہ هو ائين ٿيڻ نہ ڏيندي ۽ پنھنجي خاندان جي مرضي جي خلاف پنھنجي پسند سان شادي ڪيائين، جنھن جي ڪري کيس هڪ پاسي پنھنجي گهر وارن جي مخالفت کي منھن ڏيڻو پيو ۽ ٻئي پاسي سندس مڙس جي گهر وارا کيس ڌمڪيون ڏيندا رهندا هئا.
هن اخبار ۾ قلمي دوستي سان شروعات ڪئي. مشاعرن ۾ وڃڻ ۽ ريڊيو تي ادبي پروگرام شروع ڪيا هڪ اخبار پاران کيس چيو ويو تہ هو سندن لاء ادبي پروگرامن جي رپورٽنگ ڪري جنھن جي لاء کيس معاوضو ۽ سائيڪل ڏني ويندي. هن سوچيو تہ گهر ۾ هونئن ئي سندس انھن سرگرمين کي پسند نہ ٿو ڪيو وڃي ۽ سندس پي بہ کيس چئي چڪو آهي تہ اهو سڀ ڇڏي ڏي ۽ ان صورت ۾ ڇا کيس شھر ۾ سائيڪل هلائڻ ڏني ويندي.
هو اهڙن شاعرن، ليکڪن ۽ ايڊيٽرن وغيرہ جو ذڪر ڪري ٿي جيڪي نظم وٺڻ وغيرہ جي بھاني سان سندس گهر پھچي ويندا هئا، جنھن کي سندس گهر وارا پسند نہ ڪندا هئا. سندس تعلق انھن ليکڪن سان گهڻو رهيو جيڪي کانئس عمر ۾ ٽيھہ سال وڏا هئا. انھن مان گهڻا سندس گهر جي ويجهو ئي رهندا هئا ۽ هن انھن جي صحبت مان گهڻو ڪجهہ پرايو. هو فيض، جنھن جي ڌي ساڻس ڪاليج ۾ پڙهندي هئي، سان خاص طور پنھنجي ويجهڙائي جو ذڪر ڪري ٿي.
هو هڪ پاسي گهر ۾ پنھنجي اڪيلائي جو ذڪر ڪري ٿي تہ جڏهين گهر ۾ آسودگي هوندي هئي تہ سندس مڙس ۽ پٽ هڪ ڪمري ۾ ٽھڪ ڏيئي رهيا هوندا هئا ۽ هو ٻئي ڪمري ۾ پنھنجي لکڻ پڙهڻ جو ڪم ڪري رهي هوندي هئي. ٻئي پاسي هو پنھنجي ٻنھي پٽن، جيڪي پرڏيھہ۾ رهن ٿا، جي تعريف ڪندي چئي ٿي تہ انھن ننڍي هوندي ئي پنھنجي محنت سان پنھنجي پيرن تي بيھڻ جي شروعات ڪئي هئي.
پوليس ۽ ٿاڻي سان سندس واسطو ننڍي هوندي ان وقت ئي پيو جڏهين آزادي وقت سندس پي کي گرفتار ڪيو ويو هو. اهو ڄڻ آئندہ جيڪي ساڻس ٿيڻو هو ان لاء کيس تيار ڪرڻو هو. 1970 ۾ فوج خلاف ڳالھائڻ جي ڏوه ۾ سندس مڙس يوسف ۽ ان جي پي کي گرفتار ڪيو ويو هو ۽ انھن کي هڪ سال قيد جي سزا ڏني ويئي هئي. 1977 کان 1979 تائين سندس سخت نگراني ڪئي ٿي ويئي. هڪ موٽرسائيڪل گاڏي جي اڳيان ۽ هڪ جيپ ان جي پويان هوندي هئي.
هو هڪ ڊگهي عرصي تائين سرڪاري نوڪري ۾ رهي آهي. هن ڪامورن جا اهڙا احوال لکيا آهن جيڪي مختلف طريقن سان مراعاتون حاصل ڪن ٿا. اهو ساڳيو ڪم ليکڪن جي حوالي سان ٽي وي پروڊيوسر ۽ پبلشر بہ ڪن ٿا.
ليکڪا جو چوڻ آهي تہ کيس لکڻ جو گهڻو لطف ان وقت ايندو آهي جڏهين هو جھاز ۾ ڪنھن ڊگهي سفر تي هوندي آهي. ان معاملي ۾ جھاز جو اسٽاف بہ سندس خيال ڪندو آهي ۽ ڌار نشست ۽ لکڻ لاء ضروري لوازمات پڻ مھيا ڪيا ويندا آهن.
سندس نظر ۾ هن سماج ۾ هڪ عام گهريلو عورت جي ڀيٽ ۾ هڪ نوڪري ڪندڙ عورت کي گهر ۽ ٻاهر وڌيڪ مسئلن ۽ رڪاوٽن کي منھن ڏيڻو پئي ٿو.

آزادي کانپوءِ لڏ پلاڻ

ننڍي کنڊ جو ورهاڱو هڪ اهڙو موضوع آهي جنھن جي مختلف پاسن تي مختلف ٻولين ۾ فڪشن ۽ نان فڪشن ۾ گهڻو ڪجهہ لکيو ويو آهي ۽ اڃا لکجي پيو. قدوائي خاندان ننڍي کنڊ جو هڪ معزز ۽ اهم خاندان رهيو آهي. نئين ملڪ ٺھڻ وقت رفيع قدوائي نھرو جي پھرين ڪابينا ۾ وزير هو. ان جي سوٽ بيگم انيس قدوائي ان وقت لڏپلاڻ ڪندڙن جي صورتحال تي پنھنجي يادگيرين تي ٻڌل اهم ڪتاب آزادي ڪي ڇائون مين لکيو آهي. سندس مڙس شفيع قدوائي ان وقت ديره دون ۾ آفيسر هو. کيس جيتوڻيڪ چيو ويو تہ هو پنھنجي زندگي جو جوکم نہ کڻي ۽ اتان هليو وڃي، پر هو پنھنجي ڊيوٽي ڪندو رهيو ۽ نتيجي ۾ وڳوڙين هٿان مارجي ويو.
لکنو ۾ جيتوڻيڪ شروع ۾ حالتون بھتر هيون پر ڪجهہ وقت کانپوء صبوح جو واڪ ڪندي ليکڪا کي ماحول ۾ ڪجهہ ڇڪتاڻ محسوس ٿي ۽ هن واڪ ڪرڻ ترڪ ڪري ڇڏي. کيس ان سڄي صورتحال ۾ رڳو مھاتما گانڌي جي صورت ۾ هڪ آسرو نظر آيو ٿي. هو جڏهين دھلي ۾ برلا هائوس ۾ گانڌي سان ملي تہ هو سندس ڏک سمجهي ويو ۽ کيس چيائين تہ ان جو حل اهو آهي تہ شھر ۾ ان وقت پراڻي قلعي ۽ همايون جي مقبري تي فسادن کان متاثر ٿيل مسلمانن جا جيڪي ٻہ ڪئمپ هئا اتي وڃي ڪم ڪر. انھن ڪئمپن جي سار سنڀال ۽ انتظام پاڪستان هائي ڪميشن ۽ هندوستان جي حڪومت گڏيل طور تي ڪيو ٿي.
سندس چوڻ آهي تہ ماڻھن ۾ عام خيال اهو هو تہ مسلمانن جيئن تہ پنھنجي لاء ڌار ملڪ ورتو آهي ان ڪري انھن کي هندوستان ۾ رهڻ جو ڪو حق ناهي. ايستائين تہ حڪومت پاڻ ٻڏتر جو شڪار هئي تہ مسلمان هتي رهن يا هتان هليا وڃن. سردار پٽيل جي آڏو جڏهين اهو سوال رکيو ويو تہ سندس چوڻ هو تہ ان سلسلي ۾ في الحال ڪجهہ بہ نہ ڪجي جڏهين ڌرتي تپندي تہ اهي پاڻيھي هتان هليا ويندا.
هتي ڪم ڪندي کيس گهڻن تجربن مان گذرڻو پيو. انھن ڪئمپن ۾ دھلي شھر ۽ پسگردائي جي مختلف علائقن جا فسادن کان متاثر خاندان ترسيل هئا. صورتحال کي وڌيڪ خراب انھن شرنارٿين ڪيو هو، جيڪي اولھہ پنجاب مان فسادن کان متاثر ٿي هتي آيا هئا. کين گهر ۽ ملڪيت ان صورت ۾ ئي ملي سگهي ٿي، جڏهين مسلمان هتان لڏي وڃن. انھن مان گهڻن مسلمانن جي منزل سندن خوابن جي سرزمين پاڪستان هئي. پاڪستان هائي ڪميشن پاران انھن لاء پاس جاري ڪيا ويندا هئا ۽ پوء اهي اسپيشل ٽرينن ذريعي پاڪستان هليا ويندا هئا. اهڙا واقعا بہ ٿيندا هئا جن ۾ گهر وارا پنھنجن پوڙهن مائٽن کي ڪئمپ يا اسٽيشن تي ئي ڇڏي ويندا هئا. سندن چوڻ هو تہ اهي ڀلا اتي هلي ڇا ڪندا.
گهڻا اهڙا ٻار هئا جيڪي وڳوڙن ۾ پنھنجن مائٽن کان وڇڙي ويا هئا يا جن جي مائٽن کي سندن آڏو ڪٺو ويو هو. اهڙن ٻارن کي محفوظ هنڌن تي گڏڪيو ويو هو. انھن ۾ ڪي اهڙا ٻار هئا جن تي ڄڻ ڪو اثر ئي نہ هو ۽ پنھنجي راند روند ۾ لڳا پيا هوندا هئا ۽ گهڻا اهڙا هوندا هئا جيڪي هندو ۽ سکن جي ويجهو وڃڻ تہ ڇا رڳو انھن جو نالو ٻڌي ئي ڪنبڻ لڳندا هئا. ليکڪا سوچي ٿي تہ وڏا ٿي انھن ٻارن جي ذهني ۽ نفسياتي ڪيفيت ڇا هوندي ۽ اهي ٻنھي ملڪن ۾ ڪھڙو ڪردار ادا ڪندا.
اغوا ٿيل عورتن جو معاملو گهڻو گنڀير هو. ٻنھي پاسي هزارين عورتون قتل ۽ اغوا ٿيون هيون ۽ انھن سان زيادتي ٿي هئي. خاص طور پنجاب جي ٻنھي پاسن عورتن کي اغوا ڪرڻ ۽ انھن سان زنا ڪرڻ جو هڪ طريقو هو. پھرين ننڍن ڳوٺن مان ماڻھن کي فسادن جو ڊپ ڏياري هڪ وڏي ڳوٺ ۾ گڏ ڪيو ويندو هو ۽ پوء اتان سرحد تائين ويندي عورتن جي اغوا جو ڪم شروع ٿيندو هو. ان ڪم ۾ عام ماڻھو سان گڏ زميندار ۽ ڪامورا بہ شامل هوندا هئا ۽ سھڻيون ۽ ننڍي عمر جون عورتون انھن لاء هونديون هيون. جڏهين ٻنھي حڪومتن جي رضامندي سان انھن جي بازيابي جو عمل شروع ٿيو تہ مسلمان خاندان تہ پنھنجين عورتن کي واپس وٺڻ لاء تيار هوندا هئا پر هندو ان لاء تيار نہ هوندا هئا. گهڻيون عورتون پاڻ پنھنجن مائٽن ۽ مڙسن وٽ وڃڻ لاء تيار نہ هونديون هيون. هڪ تہ انھن کي اهو ڊپ هوندو هو تہ ڪھڙو منھن کڻي انھن وٽ وڃن ۽ ٻيو تہ گهڻيون غريب مائٽن ۽ مڙسن جي ڀيٽ ۾ پنھنجن نون گهرن ۾ وڌيڪ خوش هونديون هيون. ٻنھي ملڪن ۾ اغوا ٿيل عورتن کي بازياب ڪرڻ جو سلسلو 1955 تائين هلندو رهيو. ليکڪا جو چوڻ آهي تہ اهڙيون گهڻيون عورتون هيون جيڪي هڪ کان وڌيڪ ڀيرا وڪيون ويون هيون. انھن عورتن ۾ ٽيھہ چاليه سال جي عمر وارين عورتن جو نين حالتن سان ٺھڪڻ ۾ گهڻي ڏکيائي ۽ گهڻو وقت نہ لڳندو هو. پر ٻارنھن پندرنھن سال جي ننڍي عمر جون ڇوڪريون گهڻن ذهني ۽ جسماني بيمارين ۽ مسئلن ۾ وٺجي وينديون هيون. انھن اها ڪوشش ڪئي تہ انھن عورتن جي بحالي ۽ سماج ۾ کين ڪارآمد ٺاهڻ لاء حڪومت جي مدد سان مختلف هنرن جي سکيا جا مرڪز قائم ڪيا وڃن. اها خبر ناهي تہ آيا پاڪستان ۾ بہ ائين ڪيو ويو يا نہ.
خاص طور ڳوٺن ۾ اهڙا گهڻا مثال هئا جتي ماڻھو وڏي تعداد ۾ بجائي لڏڻ جي شدي وسيلي پنھنجو مذهب بدلائي هندو ٿي ويا هئا. امن قائم ٿيڻ کانپوء انھن مان گهڻا وري پنھنجي اصل مذهب ڏانھن موٽي آيا هئا.
ان صورتحال ماڻھن کان ڄڻ تہ سندن ماڻهپو کسي ڇڏيو هو. گهڻا جيڪي مھذب سمجهيا ويندا هئا انھن اخلاق ۽ تھذيب جو جامو لاهي ڦٽو ڪيو ۽ هر قسم جي خراب ۽ ڪريل ڪم ۾ شامل ٿي ويا هئا. پر ان افراتفري واري صورتحال ۾ بہ سرحد جي ٻنھي پاسي ڪي اهڙا مثال هئا جن کي ڏسندي اهو چئي سگهجي پيو تہ انسانيت اڃا جيئري هئي.
ورهاڱي ۽ ان کان پوء لڏپلاڻ ۽ فسادن واري صورتحال کي سمجهڻ لاء هي هڪ اهم ڪتاب آهي.

ڪجهہ ذڪر لاهور جو

لاهور هڪ اهڙو شھر آهي جنھن هڪ ڊگهي عرصي کان نہ رڳو پنجاب جي گادي جي هنڌ پر هڪ ادبي، صحافتي ۽ ثقافتي مرڪز طور پنھنجو تسلسل برقرار رکيو آهي. شھر جي مختلف پاسن ۽ وقت سان گڏ ان ۾ آيل تبديلين تي مختلف ليکڪن لکيو آهي.
گوپال متل جو ڪتاب لاهور ڪا جو ذڪر ڪيا (ڪڇ آپ بيتي ڪڇ جگ بيتي) تازو منھنجي مطالعي ۾ رهيو. اهو ڪتاب ورهاڱي کان اڳ لاهور جي ادبي ۽ صحافتي زندگي ۽ ان وقت اتي رهندڙ اديبن ۽ صحافين متعلق آهي.
ليکڪ پنجاب جي شھر مالر ڪوٽلا ۾ پنھنجي تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوء لڌيانہ آيو. اتي ڪجهہ دوستن جي مدد سان هڪ رسالو شروع ڪيو پر اهو معاملو مالي معاملن جي ڪري پھرئين پرچي کان اڳتي نہ هلي سگهيو ۽ هو لاهور هليو آيو. هتي بہ صورتحال ڪا گهڻي چڱي نہ هئي. پھرين ڳالھہ تہ ڪنھن اخبار يا رسالي ۾ نوڪري ملڻ ڏکي ڳالھہ هوندي هئي ۽ جيڪڏهين ملي بہ ويندي هئي تہ اهڙا گهٽ مالڪ هوندا هئا، جيڪي طئي ٿيل پگهار وقت سر ڏين يا پوري پگهار ڏين. اهڙي هڪ اخبار ۾ جڏهين کيس مناسب پگهار تي نوڪري ملي تہ ڪاتبن جي اهو ٻڌائڻ کانپوء تہ کين گهڻن مھينن کان پگهار ناهي ملي، هو نوڪري شروع ڪرڻ کان اڳ ئي اتان ڇڏي آيو.
لاهور جي اديبن جي حوالي سان ٽي هائوس جو گهڻو ذڪر آهي پر هن اديبن ۽ شاعرن جي ٻن ٻين مرڪزن عرب هوٽل ۽ نيلا گنبد جي ويجهو چانھن جي هڪ ننڍي هٽڙي نگينہ بيڪري جو ذڪر ڪيو آهي جتي مختلف ليکڪ گڏ ٿيندا هئا ۽ دنيا جھان جا احوال ڪندا هئا. اهي گهڻو ڪري اهڙا هوندا هئا، جن جا کيسا خالي هوندا هئا ۽ اهي پاڻ کي قلندر سڏائيندا هئا. حفيظ جالنڌري جهڙو ڪو بہ سکيو ۽ آسودو ليکڪ سندن مذاق جو نشانو هوندو هو. اتي ڪمپني ڪي حڪومت جو ليکڪ باري عليگ بہ ايندو هو. هو جيتوڻيڪ اڙدو ۾ لکندو هو پر پنجابي هئڻ ڪري کيس اڙدو تي ڪاوڙ هوندي هئي. اختر شيراني شراب گهڻو پيئندو هو. هو هڪ سکئي گهر جو فرد هو پر اهڙو وقت بہ آيو جو وٽس پيئڻ لاء پئسا نہ هوندا هئا پر هو ڪنھن جي آڏو هٿ نہ ٽنگيندو هو. ان شغل ۾ عبدالحميد عدم بہ ساڻس گڏ هوندو هو. ليکڪ پاڻ بہ ڪڏهين ڪڏهين انھن سان شريڪ ٿيندو هو. ڪرشن چندر متعلق سندس چوڻ آهي تہ کيس پنھنجي متعلق متنازعه ڳالھيون ڦھلائڻ جو شوق هوندو هو تہ جيئن کيس مشھوري ملي سگهي. هو سٺيون ڪھاڻيون لکندو هو پر ڪميونسٽ پارٽي جي اثر ۾ هن جيڪي ڪھاڻيون لکيون انھن ۾ گهڻي ڇڪ ۽ اثر نہ هوندو هو.
ان وقت محمد دين تاثير پنجاب مان اديبن جي هڪ وڏي وفد سان ترقي پسند مصنفين جي پھرين ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيو هو. هو ترقي پسندن جو وڏو وڪيل هو ۽ هر تنقيد جو ڀرپور جواب ڏيندو هو. ليکڪ جو چوڻ آهي تہ ان وقت ترقي پسند اديبن ۾ گهڻو ڪٽرپڻو نہ هو ۽ اهي منٽو ۽ ميراجي کي بہ پنھنجي لڏي جو سمجهندا هئا. ايستائين تہ حلقہ ارباب ذوق جي قيام ۾ بہ انھن جو ڪردار هو ۽ اهي ان جي گڏجاڻين ۾ شريڪ ٿيندا هئا. ميرا جي متعلق سندس چوڻ آهي تہ ان جي شاعري جيتري منجهيل ۽ ڏکي هوندي هئي تہ سندس نثر ايترو ئي سادو هوندو هو. ميراجي جي شاعري کي هو ساراهي ٿو پر هو سندس ويجهو دوست نہ هو. ان جو ڪارڻ هو ميراجي جو گدلو رهڻ ٻڌائي ٿو.
صحافت متعلق سندس چوڻ آهي تہ اخبارن جي ڪا پاليسي ۽ ڪو اصول نہ هوندو هو. هو صبوح هڪ ڌر جي پاسي هوندا هئا تہ شام ٻي ڌر جي پاسي. ساڳي ريت مالي لحاظ کان اخبارن جي هندو مالڪن وٽ ڪجهہ نظم و ضبط هوندو هو جڏهين تہ مسلمانن وٽ اهو بہ نہ هوندو هو. ائين بہ ٿيو تہ جڏهين هڪ اخبار جي ڪاتبن کي مھينن تائين پگهار نہ ملي ۽ اها اخبار بہ مالي ڏکيائين جي ڪري بند ٿي ويئي تہ انھن ليکڪ کي پنھنجي اڳواڻ طور سامھون آندو جنھن گهڻي ڪوشش کانپوء اڌ پگهار تي معاملي کي حل ڪيو. ليکڪ جو جيتوڻيڪ ٽريڊ يونين سان واسطو رهيو پر سندس چوڻ آهي تہ هو ان ۾ گهڻو سرگرم نہ رهيو.
ليکڪ پاڻ ايم اين رائي جي ڊيموڪريٽڪ ريپبليڪن پارٽي سان لاڳاپيل هو جنھن جا ڪميونسٽ پارٽي سان اختلاف هئا. ٻين مھاڀاري جنگ جي شروع ۾ ان جماعت فاشزم ۽ جمھوريت جي جنگ جي نالي ۾ جنگ جي حمايت ٿي ڪئي جڏهين تہ ڪميونسٽ ان جا مخالف هئا.
پنجاب ۾ ان وقت يوننسٽ پارٽي جو زور ۽ حڪومت هئي. اها پنجاب جي ٻھراڙي جي جماعت هئي ۽ اهو مسلم ۽ هندو زميندارن جو هڪ اتحاد هو. هڪ لحاظ کان اها هڪ سيڪيولر جماعت هئي. ڪانگريس کي شھرن ۾ حمايت حاصل هئي. پر اڳتي هلي صوبي جي وڏي وزير سڪندر حيات جڏهين مسلم ليگ سان اتحاد ڪيو تہ پارٽي جي سيڪيولر اميج کي بہ نقصان پھتو ۽ ان جا هندو اتحادي بہ ناراض ٿيا.
شھر ۾ جڏهين فساد شروع ٿيا تہ ليکڪ ان وقت شھر ۾ هو. سندس چوڻ آهي تہ انارڪلي جي هندو ۽ مسلم واپارين پاڻ ۾ اهو طئي ڪيو تہ بازار کي ڪو نقصان پھچڻ نہ ڏيندا پر ائين ٿي نہ سگهيو ۽ گهڻن دوڪانن کي باهيون ڏنيون ويون.
سندس دوستي ۽ اٿ ويه گهڻو ڪري مسلمان دوستن سان هوندي هئي، ان ڪري کيس بہ گهڻا مسلمان سمجهندا هئا جيستائين هو کين پنھنجي سڃاڻپ نہ ڪرائي. بھرحال کيس پنھنجن دوستن پاران بہ شڪ جي نظر سا ن ڏٺو ويو ٿي. پاڪستان ٺھڻ جي ٻہ ٽي ڏينھن کاپوء آخري ٽرڪ ۾ اتان ڀارت اچي ويو.

موريا سلطنت ۽ زوال جا ڪارڻ

روميلا ٿاپر جو ڪتاب Asoka and the decline of Mauryas هندوستان جي تاريخ جي ان دور تي تفصيلي روشني وجهي ٿو. ليکڪا جيتوڻيڪ ان دور جي مختلف مذهبي ڪتابن ۽ ذريعن کان مدد ورتي آهي، پر سندس چوڻ آهي تہ انھن ۾ هڪ يا ٻئي پاسي جي جانبداري جي ڪري هن جي تحقيق جو گهڻو دارومدار ان دور جي خاص طور اشوڪ جي ٺھرايل اسٽوپا، ٿنڀن ۽ جبلن تي درج تحريرن تي رهيو آهي، جن جو تعداد اٽڪل چوراسي هزار چيو وڃي ٿو. اهي تحريرون ٻن قسمن جون آهن. هڪ تہ اهي جيڪي ٻڌ مت جي اندروني معاملن سان لاڳاپيل آهن ۽ ٻيون اهي جن جو واسطو عام خلق سان آهي. اهي گهڻي ڀاڱي آبادي وارن علائقن، اهم شاهراهن جتان مسافرن جي گهڻي اچ وڃ هجي ۽ عبادتگاهن جتي ماڻھو زيارتن ۽ ياترا لاء ايندا هجن، وٽ لڳايا ويا آهن. گهڻو عرصو پوء انھن مان ڪجهہ ٿنڀا پھرين فيروز شاه تعلق ۽ پوء مغل شھنشاه جھانگير مختلف علائقن مان کڻي وڃي دھلي جي ويجهو لڳايا هئا.
موريا خاندان نندا خاندان، جنھن جو تعلق شودرن جي ذات سان هو، کان اقتدار حاصل ڪيو هو. اشوڪ ان جو ٽيون حڪمران هو. ان خاندان جو بنياد چندرگپت موريا وڌو هو. هي اهو دور هو جڏهين هندوستان جي معيشت، سماج ۽ سياست ۾ وڏيون تبديليون اچي رهيون هيون. خانہ بدوشي ۽ جانور پالڻ واري زندگي کان سماج زرعي معيشت ۽ هڪ جاء تي سڪونت اختيار ڪرڻ واري مرحلي ۾ داخل ٿي ويو هو. ان وقت جيتوڻيڪ ذات پات جو نظام رائج ٿي چڪو هو. پر هڪ تہ اهو سخت ۽ موروثي نہ هو ۽ ذات تبديل ٿي سگهي ٿي جڏهين تہ ٻي ڳالھہ اها هئي تہ برهمڻ سڀ کان اتم ذات نہ هئي پر اهو درجو کشترين کي حاصل هو. پوء جي دور ۾ ڪاريگر ۽ واپارين جو طبقو، جنھن جو ٽئين درجي وئيش سان واسطو هو، هڪ مضبوط حيثيت اختيار ڪري رهيا هئا ۽ اوچي ذات خاص طور برهمڻن لاء هڪ چئلينج بڻجي رهيا هئا. ٻڌ مت، جين مت ۽ ٻيا مختلف عقيدا انھن لاء ڀرجهلو بڻجي رهيا هئا.
سڌارٿ ٻڌ 563 قبل از مسيح ۾ پيدا ٿيو. جڏهين تہ 323 قبل از مسيح ۾ سڪندر اعظم جي وفات ڪري پيدا ٿيل خال جو فائدو وٺندي چندر گپت موريا هڪ وڏي فوج گڏ ڪري 321 قبل از مسيح جي لڳ ڀڳ اوڀر هندوستان ۾ مگدا تي قبضو ڪري نندا خاندان جي حڪومت جو خاتمو ڪيو ۽ هڪ وسيع سلطنت جو بنياد وڌو جيڪا 185 قبل مسيح تائين رهي. پنھنجي اقتدار جي پوئين دور ۾ چندرگپت جين مت اختيار ڪيو ۽ پوء اقتدار پنھنجي پٽ بندو سرا جي حوالي ڪري پاڻ هڪ راهب جي زندگي اختيار ڪندي ملڪ جي ڏورانھن علائقن ۾ نڪري ويو. سندس موت جين طريقي موجب فاقہ ڪشي ڪري ٿي.
بندو سر راهبن جي هڪ فرقي اجيويڪا، جيڪو هندوستان ۾ سڌارٿ ٻڌ ۽ مھاوير کان بہ اڳ موجود هو، جو پوئلڳ هو.
ساڳي وقت موريا حڪمرانن جو ان وقت ملڪ جي مختلف علائقن ۾ سڪندر مقدوني جي مقرر ڪيل حڪمرانن سان پڻ رابطو هو. موريا دربار جي حرم ۾ يوناني عورتون بہ هيون جن جي اثر رسوخ کان انڪار نہ ٿو ڪري سگهجي. اشوڪ جي وفات کانپوء سندس وسيع سلطنت انتشار ۽ زوال جو شڪار ٿي ويئي. موريا خاندان جي حڪومت 321 قبل مسيح کان 185 قبل مسيح تائين يعني اٽڪل 136 سال رهي. ان مان اٽڪل چوراسي سال پھرين ٽن حڪمرانن حڪومت ڪئي. اشوڪ کان پوء ان خاندان جا ڇه حڪمران آيا جن جي حڪومت جو ڪل عرصو ٻاونجاه سال آهي. اهي ڪمزور حڪمران هئا جن مختصر عرصي لاء حڪومت ڪئي. انھن جي حڪومت جو دارومدار دربار جي طاقتور ڌرين جي خوشنودي ۽ رضامندي تي هوندو هو ۽ ڪن کي تہ انھن اقتدار کان هٽائي ٻين کي مقرر ڪيو ٿي. مختلف ذريعا انھن جي نالن تي بہ متفق ناهن. بھرحال آخري حڪمران برهادراٿا کي سندس جنرل پشيا مترا فوجي پريڊ جي معائني جو بھانو ڪندي قتل ڪري ڇڏيو ۽ شنگا خاندان جي حڪومت جو بنياد وڌو.
اشوڪ هڪ وسيع سلطنت جو بنياد رکيو هو جنھن ۾ گهڻي ڀاڱي سڄو هندوستان شامل هو. سندس وفات کانپوء ان کي سندس وارثن ٻن حصن اوڀر، جنھن جي گادي جو هنڌ پاٽلي پترا هو، ۽ اتر اولھہ جنھن جو مرڪز ٽيڪسيلا هو، ۾ ورهائي ڇڏيو. ان جي ڪري رياست جي مرڪزيت ختم ٿي ويئي ۽ ٻاهرين ڪاهن، خاص طور پاڙيسري يوناني رياستن جي اتر اوله واري حصي تي ڪاهن جي صورت ۾ اوڀر پاران ان جي واهر نہ ٿي ٿي سگهي. موريا سلطنت جي زوال جو هڪ اهم ڪارڻ برهمڻن جي ناراضگي بہ ڄاڻايو وڃي ٿو. جيٽوڻيڪ اشوڪ پاران پنھنجن ڪامورن کي برهمڻن جي عزت ۽ خيال ڪرڻ لاء واضح هدايتون هيون پر سندس کنيل قدمن خاص طور جانورن جي قرباني تي پابندي، جيڪا برهمڻن جي آمدني جو اهم ذريعو هوندي هئي، ۽ ٻيو برهمڻن کي مٿائهين حيثيت ڏيڻ بجائي سڀني ماڻھن سان برابري جو ورتاء بہ سندن ناراضگي جو ڪارڻ هو. جيتوڻيڪ موريا حڪمرانن جو واسطو کشتري ذات سان هو پر ڪجهہ تاريخدان نندا خاندان جيان انھن کي بہ شودر سمجهن ٿا جيڪا ڳالھہ پڻ برهمڻن لاء برداشت جوڳي نہ هئي. شنگها خاندان جي صورت ۾ وري برهمڻن جو راڄ قائم ٿيو هو. ان خاندان جي باني پشومترا لاء چيو وڄي ٿو تہ هن چيو هو تہ اشوڪ جيڪي چوراسي هزار ڪتبا ٺاهيا هئا، هو انھن سڀني کي ڊاهي ڇڏيندو پر هن ائين نہ ڪيو. زوال جو هڪ ڪارڻ اهو بہ ٿي سگهي ٿو تہ بادشاه انتظام لاء جيڪي ڪامورا مقرر ڪندو هو، اهي رياست جي بجائي بادشاه سان وفادار هوندا هئا ۽ پوء نئون بادشاه انھن کي تبديل ڪري پنھنجي پسند جا ماڻھو آڻيندو هو. اهڙي ريت هڪ تہ پاليسين ۾ تسلسل نہ هوندو هو ۽ ٻيو هڪ غيريقيني واري صورتحال هوندي هئي. ان سلسلي ۾ هڪ عنصر اهو بہ هو تہ سماج ڌيري ڌيري تبديل ٿيندو رهندو هو جڏهين تہ سياسي ڍانچو ان تبديلي سان پاڻ کي ٺھڪائي نہ سگهندو هو ۽ نتيجي ۾ سياسي تبديلي جو عمل واقع ٿيندو هو.
جيتوڻيڪ اها هڪ وسيع سلطنت هئي پر مختلف علائقن جي ماڻھن ۾ معاشي، ثقافتي ۽ ٻولي وغيرہ جي لحاظ کان وڏا فرق هئا. اتر ۾ گنگا ماٿري معاشي لحاظ کان ڏکڻ کان وڌيڪ اڳتي وڌيل هئي ۽ ان فرق کي ختم ڪرڻ لاء ڪي جوڳا قدم بہ نہ کنيا ويا. ساڳي ريت اتر ۾ پراڪرت ڳالھائي ويندي هئي جڏهين تہ گنڌارا واري علائقي ۾ يوناني ۽ آرمينائي ڳالھائي ويندي هئي. مطلب اهو تہ اها هڪ قوم بجائي مختلف گروهن جو اهڙو مجموعو هئي جنھن ۾ گهڻا فرق ۽ اختلاف موجود هئا جيڪي مرڪزي ضابطي جي ڪمزور ٿيڻ ڪري معاندانا صورت پڻ اختيار ڪري ويندا هئا.

سياسي خال ۽ اڳواڻيءَ جو سوال

ٻٻرلو جي ڌرڻي کانپوء گڏيل مفادن واري ڪائونسل پاران سنڌو تي نھرن جي اڏاوت جي ڪم کي صوبن ۾ اتفاق رائي ٿيڻ تائين ملتوي ڪيو ويو آهي. سنڌو نہ رڳو سنڌ جي معاشي شه رڳ ۽ پاڻي جو اهم ذريعو آهي، پر ان جي تاريخ، تھذيب ۽ ثقافت جو هڪ اهم اهڃاڻ پڻ آهي.
سنڌ ۾ ماضي ۾ جيڪي تحريڪون هليون اها تحريڪ انھن کان ڪجهہ حوالن سان مختلف هئي. ان تحريڪ جو ڪالاباغ واري تحريڪ سان فرق اهو آهي تہ ان ۾ سياسي جماعتن هڪ اهم ڪردار ادا ڪيو هو ۽ ايستائين تہ بينظير ڀٽو بہ ڪمون شھيد واري ڌرڻي ۾ شرڪت ڪئي هئي. ساڳي ريت 1983 ۽ 1986 جون آيم آر ڊي جون تحريڪون پنھنجي خودرو نوعيت هئڻ باوجود بنيادي طور سياسي تحريڪون هيون ۽ انھن ۾ پيپلز پارٽي ۽ سنڌ جي ٻين سياسي جماعتن ۽ سياسي ڪارڪنن جو اهم ڪردار هو. ڏٺو وڃي تہ ضياء دور ۾ صحافين جي حقن جي حوالي سان جيڪا تحريڪ هلي هئي ان ۾ بہ سياسي جماعتن جو هڪ اهم ڪردار هو. ان موجودہ نھرن مخالف تحريڪ ۾ جيتوڻيڪ سياسي جماعتن ۽ سياسي اڳواڻن ماحول ٺاهڻ ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪيو پراهو هڪ خاص حد کان اڳتي نہ وڌي سگهيو. ان کي توڙ تي پھچائڻ ۽ ڪامياب ڪرڻ ۾ سنڌ جي وڪيلن ۽ عام ماڻھن جو مک ڪردار آهي.
تاريخ ۾ اهڙا ڪيئي مثال آهن جتي عوامي اڀار کي ڪو رخ ڏيڻ ۽ عوام جي قيادت ڪرڻ لاء ڪا مضبوط عوام دوست سياسي قوت موجود نہ هوندي آهي تہ اتي غيرسياسي عنصر ۽ ايستائين تہ فاشسٽ قوتون بہ عوام دوست هئڻ جو ڏيک ڏيئي ان تحريڪ تي قبضو ڪري ان تي پنھنجو ايجنڊا ٿاڦڻ جي ڪوشش ڪنديون آهن ۽ ڪڏهين ان ۾ ڪامياب بہ ٿينديون آهن. جرمني ۾ پھرين مھاڀاري جنگ کانپوء ملڪ جي خراب معاشي حالتن ۽ شڪست جي احساس هٽلر کي جنم ڏنو، جنھن کي عوامي حمايت پڻ حاصل هئي. ساڳي ريت عرب اسپرنگ ان لحاظ کان هڪ اهم حوالو آهي. ان جو بنيادي مقصد جيتوڻيڪ سياسي تبديلي هو، جنھن ۾ اهي ڪجهہ ملڪن ۾ حڪمرانن کي تبديل ڪرڻ ۾ ڪامياب بہ ويا. پرخاص طور مصر ۾ جتي حسني مبارڪ کي استعفا ڏيڻي پئي ۽ ملڪ ۾ چونڊون بہ ٿيون، پر مختلف سياسي ۽ غير سياسي گروپ جيڪي ان تحريڪ جو حصو بڻيا هئا، اهي آئندي جي لائحه عمل تي متفق نہ ٿي سگهيا ۽ تحريڪ جو تسلسل ٽٽي ويو. ان جو فائدو وٺندي فوج هڪ ڀيرو يھر اقتدار تي قبضو ڪري مزاحمت کي سختي سان دٻائي ڇڏيو ۽ ملڪ اڳ کان وڌيڪ رياستي ڏاڍ ۽ تشدد جو شڪار ٿي ويو.
موجودہ تحريڪ جو اهڙو ڪو سياسي ايجنڊا نہ هو. وڪيلن جي ايڪٽوازم، جنھن جي افتخار چوڌري جي بحالي جي حوالي سان شروعات ٿي اها پوء وقت بوقت جاري رهي آهي. ساڳي وقت اها ڳالھہ بہ پنھنجي جاء تي آهي تہ اهي پنھنجن مسئلن تائين محدود رهيا آهن ۽ ڪنھن سياسي تحريڪ جي شڪل اختيار نہ ڪئي آهي.
اها تہ هڪ حقيقت آهي تہ ڪڏهين بہ ڪو خال گهڻي عرصي تائين نہ رهندو آهي. اهو جلد يا بدير مثبت يا منفي نموني سان ڀرجي ويندو آهي. ان ۾ ڪنھن فرد يا گروه جي خواهشن جو عمل دخل نہ هوندو اهي. اهڙو خال سنڌ جي سياست ۾ موجود آهي. پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي هڪ وڏي سياسي جماعت آهي، جيڪا مختلف مرحلن مان گذري 2008 کان لاڳيتو اقتدار ۾ رهندي اچي. پارٽي جيتوڻيڪ سنڌ جي عام ماڻھو جي نمائندگي جي دعوا ڪري ٿي، پر ان جو گهڻو دارو مدار وڏن زميندارن وغيرہ تي آهي، جن جو عام ماڻھن ۽ انھن جي مسئلن سان ڪو تعلق ناهي. سنڌ جو ماڻھو ذاتي ۽ انفرادي تڪليف تہ ڪنھن ريت سھي ٿو وڃي، پر ڳالھہ جڏهين سنڌ ۽ سنڌي ماڻھن جي اجتماعي جياپي جي هجي ٿي تہ پوء هو ڪجهہ نہ ڪجهہ ڪرڻ لاء تيار ٿي وڃي ٿو. سنڌ جيتوڻيڪ گهڻن مسئلن جو شڪار آهي پر پاڻي ان جو جياپو آهي. ان سلسلي ۾ ان کي اهو محسوس ٿيو تہ پارٽي خاص طور سنڌو مان نھرون ڪڍڻ جي معاملي تي ساڻن ويساه گهاتي ڪئي آهي. پارٽي جي مختلف اڳواڻن پاران وضاحتون ۽ متضاد بيان ايندا رهيا پر اهي ماڻھن کي مطمئن نہ ڪري سگهيا.
ان مسئلي جو فوري حل گهربل هو. سنڌ جون قوم پرست ۽ کاٻي ڌر جون جماعتون انفرادي يا اجتماعي طور ڪو متبادل فراهم نہ پيون ڪري سگهن. انھن جماعتن جو پاڻ ۾ يا ماڻھن ۾ ايترو اعتماد نہ هو جو اهي ڪو وڏو ۽ فيصلائتو قدم کڻي سگهن. اهڙي ريت ماڻھن کي جيڪا قيادت گهربل هئي اها اهي جماعتون ڏيڻ جي حيثيت ۾ نہ هيون.
ڌرڻي ۾ ماڻھن جي وڏي پئماني تي شرڪت ان ڳالھہ کي تہ ثابت ڪري ٿي تہ ماڻھن ۾ تبديلي جي خواهش آهي. ساڳي وقت اها ڳالھہ پڻ ثابت ٿئي ٿي تہ سياسي جماعتن ۾ اها سگه ۽ تنظيم ناهي جيڪا ان کي پنھنجي پروگرام ۽ مقصدن آهر ڪو رخ ڏيئي سگهي. ان صورتحال ۾ ڪوبہ گروه ۽ اڳواڻ ان کي پنھنجو رخ ڏيئي سگهي ٿو. اها توقع ڪرڻ تہ اهي اوهان جي خواهشن ۽ ايجنڊا مطابق هلندا عبث آهي.
هن وقت جيڪا صورتحال آهي ان ۾ وڪيلن کي ڏوه ڏيڻ ۽ انھن تي مختلف الزام هڻڻ جو ڪو جواز ناهي. سياسي جماعتن ۽ گروهن کي پنھنجي انھن ڪمزورين ۽ ڪوتاهين جو جائزو وٺڻ گهرجي، جيڪي خاص طور ان ڌرڻي جي نتيجي ۾ ظاهر ٿيون آهن ۽ پوء آئندي لاء ڪو لائحہ عمل جوڙڻ گهرجي نہ تہ ٻي صورت ۾ رڳو اهي رڙيون ۽ شڪايتون هونديون ۽ ڪم ڪرڻ وارا پنھنجو ڪم ڪندا رهندا.

ورهاڱو ۽ هندوستان جون رياستون

انگريز سرڪار هندوستان کي ٻن حصن ۾ ورهايو هو. هڪ برٽش انڊيا، جيڪو سڌو سنئون انگريز سرڪار جي عملداري ۾ هو ۽ ٻيو 565 ننڍيون وڏيون رياستون جيڪي مختلف نوابن ۽ حاڪمن جي تحت هيون. اهي هندوستان جي ڪل ايراضي جو ٽيٽيھہ سيڪڙو هيون ۽ هتي ڪل آبادي جو پنجويھہ سيڪڙو ماڻھو رهندا هئا. انھن رياستن پاران اندروني انتظام تہ پاڻ هلايو ٿي ويو، پر پرڏيھي معاملا ۽ بچاء هڪ ٺاه تحت انگريز سرڪار جي حوالي ڪيا ويا هئا. جڏهين انگريز جي هندوستان ڇڏڻ جون تياريون ٿي رهيون هيون تہ انھن رياستن جي آئندي متعلق نہ تہ 1935 جي ايڪٽ ۽ نہ ئي آزادي واري ايڪٽ ۾ ڪجهہ ڄاڻايل هو. هڪ ابھام هو جنھن جو هڪ مطلب اهو هو تہ اهي رياستون آزاد رهنديون. ان جي ڪري پوء اڳتي هلي گهڻا مسئلا پيدا ٿيا. انھن رياستن جي حڪمرانن وٽ اهو آپشن هو تہ اهي ٻنھي آزاد ٿيل ملڪن مان ڪنھن هڪ ۾ شامل ٿي وڃن. 1948 تائين گهڻن هڪ يا ٻئي ملڪ جي چونڊ ڪري ورتي. پر ڪجهہ رياستن جي حڪمرانن اهو بہ سمجهيو تہ اهي هڪ آزاد حيثيت ۾ بہ رهي سگهيا ٿي. گهڻن رياستن جو اهو مسئلو بہ هو تہ اتان جي آبادي جي گهڻائي ۽ حڪمرانن جو مذهب مختلف هو. اها ڳالھہ خاص طور ڪشمير، جتان جو حڪمران غير مسلم هو پر آبادي جي گهڻائي مسلمانن جي هئي، جڏهين تہ حيدرآباد دکن ۽ جونا ڳڙه ۾ معاملو ان جي ابتڙ هو.
حيدرآباد، ڪشمير، ۽ جوناڳڙه آبادي ۽ ايراضي جي لحاظ کان اهم رياستون هيون.
حيدرآباد ۾ نظام عثمان آصف جاه نومبر 1947 ۾ ڀارت سان هڪ ٺاه ڪيو، جنھن ۾ سوائي هندوستان جي فوجن کي رياست ۾ رکڻ جي، باقي انگريز سرڪار سان ڪيل سڀني اڳوڻن ٺاهن کي برقرار رکيو ويو. هڪ پاسي خاص طور ڀارت جي عائد ڪيل معاشي پابندين جي ڪري رياست جي معاشي حالت خراب هئي ۽ ٻئي پاسي تلنگانا جي بغاوت هئي جنھن کي نظام جي حڪومت ڪچلڻ ۾ ناڪام ويئي هئي ۽ جنھن حڪومت کي ڪمزور ڪري ڇڏيو هو. ڀارت کي اهو خدشو هو تہ هتي ڪميونسٽ راڄ جو قائم ٿيڻ سندس لاء هڪ مسئلو ٿي پوندو. ساڳي وقت رضاڪارن جي نالي سان هڪ گروپ رياست ۾ اڀريو هو جنھن کي حڪومت ختم ڪرڻ ۾ ناڪام ويئي هئي. 7سيپٽمبر 1948 تي ڀارت پاران نظام کي رضاڪارن کي ختم ڪرڻ لاء چيو ويو ۽ 13 سيپٽمبر 1948 تي ڀارت رياست ۾ پنھنجي فوج موڪلي، آپريشن پولو جنھن کي پوليس ايڪشن جو نالو ڏنو ويو. اهو آپريشن پنج ڏينھن 18 سيپٽمبر 1948 تائين جاري رهيو جنھن کانپوء نظام ڀارت سان الحاق جي ٺاه تي صحيح ڪئي. ان کانپوء رياست ۾ فرقيوارانا فساد شروع ٿي ويا، جنھن ۾ ڀارتي فوج جي ملوث هئڻ جي پڻ ڳالھہ ڪئي وڃي ٿي. وزيراعظم نھرو ان جي جاچ لاء سندرلال ڪاميٽي قائم ڪئي، جنھن جي رپورٽ هڪ ڊگهي عرصي کانپوء 2013 ۾ جاري ڪئي ويئي. ان رپورٽ موجب انھن فسادن ۾ اٽڪل ٽيھہ هزار ماڻھو ماريا ويا جڏهين تہ آزاد ذريعا اهو تعداد ٻہ لک کان وڌيڪ ٻڌائين ٿا.
جونا ڳڙه رياست جو حڪمران جيتوڻيڪ مسلمان نواب محمد مھابت خانجي هو، پر ان جي آبادي جي گهڻائي يعني اٽڪل اسي سيڪڙو هندو هئي. رياست جي پاڪستان سان ڪابہ زميني سرحد نہ هئي ۽ اها رڳو سمنڊ رستي پاڪستان سان ڳنڍيل هئي. نواب کي مائونٽ بيٽن هندوستان سان الحاق ڪرڻ جي صلاح ڏني هئي پرنواب پاڪستان سان الحاق ڪرڻ جو فيصلو ڪيو جنھن تي ڀارت جي اڳواڻن پاران ناراضگي جو اظھار ڪيو ويو. رياست تي معاشي دٻاء سان گڏ اتان جي ماڻھن کي نواب خلاف احتجاج ڪرڻ لاء چيو ويو ۽ بمبئي ۾ رياست جي عارضي جلاوطن حڪومت قائم ڪئي ويئي. حالتن خراب ٿيڻ جي ڪري نواب ڪراچي ڀڄي ويو ۽ اتي پنھنجي جلاوطن حڪومت قائم ڪيائين. ڊسمبر 1947 ۾ ٿيل ريفرينڊم ۾ 99.95 ماڻھن ڀارت ۾ شامل ٿيڻ جي حق ۾ ووٽ ڏنو ۽ فيبروري 1948 ۾ رياست جو ڀارت سان الحاق ٿي ويو.
سڀ کان ڏکيو ۽ منجهيل معاملوڪشمير جو هو جيڪو اڃا حل نہ ٿي سگهيو آهي ۽ ٻنھي ملڪن ۾ لاڳيتو تنازعي جو ڪارڻ بڻيل آهي. هتي آبادي جي گهڻائي مسلمانن جي، پر حڪمران غير مسلم هو. اهو چيو وڃي ٿو تہ ريڊ ڪلف ايوارڊ ۾ پنجاب جي ورهاست ڪندي، گرداسپور، جتي مسلمانن جي گهڻائي هئي، ان ڪري ڀارت کي ڏنو ويو تہ هتان ڪشمير تائين سڙڪ ويئي ٿي جيڪا اڳ ۾ ڪچي هئي ۽ آزادي کان پوء ڀارت جي حڪومت ان کي پڪو ڪيو. پر اهو مائونٽ بيٽن جو نھرو کي ڏنل تحفو نہ هو، جيئن سمجهيو وڃي ٿو، پر ان کان اڳ واري وائسرائي لارڊ واويل اڳ ئي جناح کي اهو ٻڌائي ڇڏيو هو تہ گرداسپور پاڪستان کي نہ ملندو. پنجاب جي معاملي ۾ ريڊ ڪلف جون مقرر ڪيل سرحدون نوانوي سيڪڙو اهي ئي هيون جيڪي لارڊ واويل پنھنجي ورهاڱي واري رٿا ۾ تجويز ڪيون هيون. ڪشمير جي ڊوگرا حڪمران پاران هندوستان سان الحاق جي فيصلي کانپوء جناح رياست ۾ فوج موڪلڻ جو فيصلو ڪيو، پر ان وقت پاڪستان جي فوج جي انگريز سربراه جنرل گريسي ان بنياد تي سندس ان ڳالھہ کي مڃڻ کان انڪار ڪيو تہ ان سان ٻنھي ملڪن جي فوج ۾ جيڪي برطانوي افسر آهن اهي متاثر ٿيندا. ان کانپوء قبائلي لشڪر پاران ڪاه جي نتيجي ۾ ڪشمير جي گهڻي علائقي تي انھن جو قبضو ٿي ويو پر سرينگر جي ويجهو پھچي انھن پنھنجي قبائلي روايتن موجب ڦرمار ڪرڻ شروع ڪئي. ان دوران مھاراجا جي درخواست تي ڀارتي فوج ڪشمير ۾ پھچي ويئي ۽ قبائلي گهڻو اڳتي نہ وڌي سگهيا. ان وقت اهو مسئلو افھام تفھيم سان حل ٿي سگهيو ٿي. دھلي ۾ ٿيل هڪ گڏجاڻي ۾ سردار پٽيل لياقت علي خان کي اها آڇ ڪئي هئي تہ پاڪستان حيدرآباد جي نظام جي حمايت نہ ڪري ۽ رياست تان هٿ کڻي تہ موٽ ۾ ڀارت ڪشمير تان دستبردار ٿي ويندو پر پاڪستان اهڙي تجويز کي رد ڪري ڇڏيو. ٻنھي ملڪن ۾ ان معاملي تي 1948 جي جنگ کانپوء اهو معاملو گڏيل قومن جي حوالي ٿي ويو جنھن اهو فيصلو ڪيو تہ ٻيئي ملڪ رياست مان پنھنجيون فوجون واپس گهرائين ۽ پوء اتي ماڻھن جو رايو معلوم ڪرڻ لاء ريفرينڊم ڪرايو وڃي پر ائين ٿي نہ سگهيو. وزيراعظم نھرو شيخ عبدﷲ کي پاڪستان موڪليو هو تہ جيئن مسئلي جو حل ڪڍي سگهجي پر شيخ عبدﷲ اڃا پاڪستان ۾ ئي هو تہ نھرو جي وفات ٿي ويئي. 1973 ۾ شملا ۾ ٻنھي ملڪن ۾ جيڪو ٺاه ٿيو هو ان ۾ اهو طئي ڪيو ويو هو تہ ٻنھي ملڪن جي وچ ۾ جيڪي حل طلب مسئلا آهن انھن کي بجائي عالمي فورمن ۾ کڻي وڃڻ جي باهمي سطح تي حل ڪيو ويندو. بھرحال اهو مسئلو اڃا تائين حل طلب آهي ۽ ان جي ڪري ٻنھي ملڪن وچ ۾ ناتا نہ رڳو معمول تي ناهن اچي سگهيا پر ڇڪتاڻ اڃا وڌي ويئي آهي.

ورهاڱو ۽ فساد

جناح هميشہ قانون ۽ آئين موجب عمل ڪرڻ جو قائل هو. ليکڪ اشتياق احمد پنھنجي ڪتاب Jinnah: His Successes, Failures and Role in History ۾ ان ڳالھہ جي نشاندہي ڪري ٿو تہ ٻين مھاڀاري جنگ جي ختم ٿيڻ کانپوء هن اهو محسوس ڪيو تہ انگريز سرڪار ڪنھن بہ ريت سندس هندوستان کي ورهائڻ ۽ پاڪستان ٺاهڻ جي گهر کي قبولڻ لاء تيار نہ هئي. ڪابينا مشن پاران بہ هندوستان جي هڪ فيڊريشن جو خاڪو ڏنو ويو هو. ان موقعي تي 29 جولائي 1946 تي مسلم ليگ جي بمبئي جي اجلاس ۾ هن چيو تہ هاڻي گهڻو ڪجهہ ٿي ويو، اسان کي هاڻي آئيني ۽ قانوني واٽ ڇڏي ٻيا طريقا اختيار ڪرڻا پوندا. 16 آگسٽ تي هن ڊائريڪٽ ايڪشن جو سڏ ڏنو. ان ڏينھن تي بنگال ۽ سنڌ، جتي مسلم ليگ جي حڪومت هئي، عام موڪل جو اعلان ڪيو. ان ڏينھن هڙتال جو بہ اعلان ڪيو ويو ۽ بنگال جي وڏي وزير سھروردي پاران جلسو بہ ڪيو ويو. سنڌ ۾ ان سلسلي ۾ ڪا خاص سرگرمي نہ ٿي. ڪانگريس ان هڙتال جي مخالفت ڪئي ۽ پنھنجن حامين خاص طور غير مسلم واپارين کي پنھنجا ڪاروبار کليل رکڻ جو چيو. مسلم ليگ جي ڪارڪنن پاران زوري دوڪان وغيرہ بند ڪرائڻ ۽ هندن تي حملن جي ڪري ڪلڪتي جي صورتحال خراب ٿي ويئي. ليکڪ جو چوڻ آهي تہ پھرئين ڏينھن هندن جو گهڻو جاني نقصان ٿيو. ڏوهاري گروهن انھن حالتن مان فائدو وٺڻ ۽ ماڻھن کي مارڻ ۽ ڦرمار ڪرڻ شروع ڪئي. ڪلڪتي ۾ مسلمان ڪل آبادي جو ٽيويھہ سيڪڙو مس هئا. ايندڙ ٻن ڏينھن ۾ هندن پاران سخت ردعمل ڏيکاريو ويو. مجموعي طور انھن فسادن ۾ مسلمانن جو جاني نقصان گهڻو ٿيو. بيگم انيس قدوائي پنھنجي ڪتاب آزادي ڪي ڇائون مين ديره دون ۾ ڪلڪتي جي هڪ مسلم خاندان سان ملاقات جو ذڪر ڪيو آهي، جنھن ۾ مرد ذهني طور پريشان ۽ بيمار هجي ٿو. ان وقت بمبئي ۽ ڪلڪتي وغيرہ ۾ واپاري ۽ دوڪاندار پٺاڻ ملازم رکندا هئا. انھن فسادن دوران اهي پٺاڻ پنھنجن سيٺن جي چوڻ ۽ هشي تي ڇرين سان گهڻن ماڻھن کي ڪھڻ ۾ استعمال ٿيا. ليکڪا اندازو لڳائي ٿي تہ ان شخص جو بہ شايد ان ۾ ڪردار هو جنھن جي بار کيس سڪون سان ويھڻ نہ ٿي ڏئو. اهي فساد پوء نواکلي، بھار ۽ ٻين مختلف علائقن ۾ ڦھلجي ويا. بنگال جي گورنر ان جو ذميوار بنگال جي حڪومت کي قرار ڏنو. ڪلڪتي جي فسادن ۾ جيتوڻيڪ مسلمانن جو نقصان گهڻو ٿيو، پر ان کي شروع ڪرڻ جي ذميواري مسلمانن تي هئي. گانڌي امن قائم ڪرڻ لاء انھن علائقن جو دورو ڪيو هو. خاص طور بنگال ۾ هن سھروردي سان گڏجي دورا ڪيا هئا. جناح جيتوڻيڪ بھار ۾ مسلمانن جي قتل عام جي نندا ڪئي پر هن اتان جو دورو نہ ڪيو.
ہهندوستان جي ورهاڱي ۾ اهم سوال بنگال ۽ پنجاب جي ورهاست جو هو. انگريزن بنگال جي ترقي جو ڪم هڪ اڪائي طور ڪيو هو. ان ڪري ان کي ورهائڻ هڪ ڏکيو ڪم هو. خاص طور ڪلڪتي جو معاملو گهڻو متنازعہ هو. هڪ تہ اهو شھر هڪ ڊگهي عرصي تائين انگريز سرڪار جي گادي جو هنڌ رهيو هو ۽ ٻيو اهو تہ اها بنگال جي واحد جديد بندرگاه هئي. شھر ۾ مسلمانن جي آبادي جو تناسب رڳو ٽيويه سيڪڙو هو. پر ان جي اهميت جي ڪري جناح جو اهو اصرار هو تہ ان کي مسلم بنگال سان شامل ڪيو وڃي. ان سان گڏ سھروردي ڪانگريس جي سرت چندر بوس ۽ ٻين سان گڏجي اها تجويز پيش ڪئي هئي تہ بنگال کي پاڪستان ۽ هندوستان ۾ ورهائڻ بجائي ان کي هڪ آزاد ملڪ طور متحد رکيو وڃي، جيڪو برٽش ڪامن ويلٿ جو رڪن هجي. ان تجويز کي جناح قبول ڪيو، پر ڪانگريس ان کي قبولڻ لاء تيار نہ هئي. نھرو جو چوڻ هو تہ اهڙي ريت بنگال جا هندو هميشہ مسلمانن جي اقتدار هيٺ رهندا ان ڪري بنگال کي ورهائي اوله بنگال کي ڀارت ۾ شامل ڪيو وڃي. اهو موقف هڪ اهڙي جماعت جي اڳواڻ پاران ڏيڻ عجيب هو جنھن جو چوڻ هو تہ اهي سيڪيولر آهن ۽ ڪوبہ مذهبي مت ڀيد نہ ٿا رکن.
ليکڪ جو چوڻ آهي تہ گانڌي ۽ نھرو جي ڪوششن جي ڪري فساد گهڻي ڀاڱي دھلي ۽ پنجاب تائين محدود رهيا. جن صوبن ۾ ڪانگريس جي حڪومت هئي انھن بہ ڪوشش ڪري صورتحال تي ضابطو آندو. ان جو اندازو ان ڳالھہ مان لڳائي سگهجي ٿو تہ گانڌي جي پٽ پنھنجي پي کي خط لکي مٿس تنقيد ڪندي چيو تہ کيس مسلمانن جي گهڻي ڳڻتي آهي جڏهين تہ هندن سان جيڪي ڪجهہ ٿي رهيو آهي ان جي ڪا پرواه ناهي. گانڌي مسلمان اڳواڻن سان دھلي جي مختلف فساد کان متاثر ٿيل علائقن ۾ ويو ۽ مرن برت وسيلي حڪومت کي مجبور ڪيو تہ اها مسلمانن جي تحفظ لاء قدم کڻي. سندس قتل جو هڪ اهم ڪارڻ اهو بہ هو تہ هن هندوستان جي حڪومت کي ان ڳالھہ لاء مجبور ڪيو هو تہ اها پاڪستان کي ان جي حصي جا پئسا ادا ڪري. جيڪڏهين ائين نہ ٿئي ها تہ ڀارت مان جيڪي اٽڪل ساڍا ٽي ڪروڙ مسلمان لڏي پاڪستان اچن ها ان جو بار پاڪستان جي نئين رياست لاء کڻڻ ڏکيو هجي ها. بنگال ۾ 1946 ۾ مسلم ليگ جي ڊائريڪٽ ايڪشن جي نتيجي ۾ جيڪي هندو مسلم فساد ٿيا هئا، اهي گانڌي ۽ سھروردي جي گڏيل ڪوششن جي ڪري ختم ٿي ويا ۽ ورهاڱي کانپوء اتي گهڻي ڀاڱي امن رهيو ۽ فساد ۽ گهڻي لڏپلاڻ نہ ٿي. پر ان سلسلي ۾ بنگال سان واسطو رکندڙ دلت پاڪستان جي قانون جي وزير جوگندر ناٿ منڊل جو استعفا ذڪر جوڳو آهي. جناح جي وفات کانپوء هو گهڻو مايوس هو. آئين ساز اسمبلي ۾ جيڪا قرارداد مقاصد پيش ڪئي ويئي ان تي ٿيل بحث ۾ قانون جو وزير هئڻ باوجود هن بلڪل حصو نہ ورتو۽ استعفا ڏيئي هو ڀارت هليو ويو. استيعفيٰ ۾ هن ڄاڻايو هو تہ اوڀر بنگال ۾ اوچي ذات ۽ گهٽ ذات وارن هندن سان امتيازي ورتاء ڪيو ٿو وڃي. هجوم، جن کي سرڪاري ڪامورن جي پٺڀرائي حاصل هئي، جي حملن ۾ ڏه هزار هندو قتل ٿيا آهن. ساڳي وقت پاڪستان ۾ شھري حقن جي ڪا پاسداري نہ ٿي ڪئي وڃي ۽ سياسي مخالفن سان ورتاء جي حوالي سان هن خاص طور خان عبدالغفارخان جو حوالو ڏنو. سندس چوڻ هو تہ هن سمجهيو ٿي تہ پاڪستان جي گهر هڪ سودي بازي واري ڳالھہ آهي پر ائين نہ هو.

ورهاڱو ۽ مذهب

ليکڪ اشتياق احمد پنھنجي ڪتابJinnah : His successes, Failures and Role in History ۾ جناح جي سياست ۽ سياسي زندگي جي مختلف پاسن تي روشني وڌي آهي.
جناح پنھنجي پاڪستان واري مھم ۾ هڪ اسلام ۽ ٻيو بنگال ۽ آسام جي دوري دوران ان ڳالھہ تي زور ڏنو تہ جيئن تہ اڙدو مسلمانن جي ٻولي آهي ان ڪري اها سکو ۽ ڳالھايو.
مسلم ليگ ۽ جناح پاران سڄو زور مسلمانن جي هندن کان ڌار سڃاڻپ تي هو. پر ساڳي وقت مسلمانن جي مختلف فرقن ۾ ورهايل هئڻ جي ڪري هڪ ڏکي صورتحال هئي. جيئن تہ جن علائقن ۾ پاڪستان قائم ڪرڻ جي تجويز هئي، اتي سني مسلمانن جي گهڻائي هئي، ان ڪري ٻين فرقي وارن کي اهو خدشو هو تہ اتي سني شريعت لاڳو ٿيندي. ان ڪري شروع ۾ ڪجهہ شيعہ عالمن پاڪستان جي خيال جي مخالفت ڪئي، پر شيعہ عوام ان خيال جو حامي هو. هڪ اها بہ ڳالھہ هئي تہ گهڻن اهو سمجهيو ٿي تہ مسلم ليگ جا اڳواڻ ۽ خاص طور جناح ۽ لياقت رڳو نالي ۾ مسلمان آهن، جڏهين تہ سندن زندگي گذارڻ جا طور طريقا وغيرہ اولھہ جا آهن. جناح پاران مختلف فرقن جي اڳواڻن سان رابطا ڪيا ويا ۽ انھن کي پاڪستان جي حمايت ڪرڻ لاء چيو ويو. ختم نبوت جي مسئلي تي پنجاب ۾ خاص طور قاديانين کي اسلام جي دائري کان ٻاهر سمجهيو ٿي ويو. پر جناح شوڪت حيات کي ان جماعت جي اڳواڻ ڏانھن سندن مرڪز ربوه موڪليو، جنھن مسلم ليگ جي مڪمل حمايت جو يقين ڏياريو. ساڳي ريت مولانا مودودي سان پڻ رابطو ڪيو ويو پر ان جو چوڻ هو تہ اهو پاڪستان نہ پر ناپاڪستان آهي ۽ آئون ان جي ڪيئن حمايت ڪري سگهان ٿو. پير آف مانڪي شريف سان ٿيل ٺاه ان سلسلي ۾ اهم آهي. ليکڪ جو چوڻ آهي تہ ان ٺاه جو جناح متعلق دستاويزن ۽ خط وڪتابت ۾ ڪٿي ذڪر نہ ٿو ملي. ان جو ڪارڻ اهو ٿي سگهي ٿو، جيئن ليکڪ ٻڌائي ٿو، تہ ان ۾ اهو طئي ڪيو ويو هو تہ پاڪستان جو آئين ۽ قانون شريعت موجب هوندو ۽ ان کي پير جا نمائندا ڏسندا ۽ ان جي منظوري ڏيندا.ِ جناح مسلمانن جي ٻين فرقن ۽ دنيا کي اهو تاثر نہ پيو ڏيڻ چاهي تہ پاڪستان هڪ خاص فرقي جي طئي ڪيل طريقي موجب هلايو ويندو. ان ٺاه خاص طور ان وقت جي سرحد صوبي، جتي خدائي خدمتگار هڪ حاوي حيثيت ۾ هئا، ۾ ماڻھن جي حمايت حاصل ڪرڻ ۾ وڏي مدد ڪئي. ان کي ڏسندي خاص طور پنجاب جا مسلم اڳواڻ پاڻ کي پير سڏائڻ لڳا، جيئن ڪير پير آف واه شريف ٿي ويو تہ ڪير پير آف سرگوڌا شريف ٿي ويو.
1945 جي چونڊن ۾ مذهب جي ڪارڊ کي ڀرپور نموني استعمال ڪيو ويو. اها پروپئگنڊا ڪئي ويئي تہ مسلم ليگ کي ووٽ ڏيڻ جو مطلب اسلام کي ووٽ ڏيڻ آهي ۽ جيڪڏهين ائين نہ ڪيو ويوتہ هن خطي مان اسلام ختم ٿي ويندو.
ہہجناح جي 11 آگسٽ 1947 تي آئين ساز اسمبلي ۾ ڪيل تقرير گهڻي بحث جو موضوع آهي. ان جي اهميت ان ڪري بہ آهي تہ هن 1937 کانپوء مسلمانن کي بجائي هندوستان جي هڪ ٿورائي چوڻ جي هڪ قوم چوڻ شروع ڪيو هو. هن پنھنجي تقرير ۾ ان ڳالھہ تي زور ڏنو تہ پاڪستان ۾ رهندڙ سڀ ماڻھوڪنھن مذهب ۽ عقيدي جي فرق کانسواء هڪجهڙا حق رکندڙ نئين ملڪ جا شھري آهن ۽ مذهب ماڻھن جو هڪ نجي معاملو آهي. ليکڪ جو چوڻ آهي تہ ان موقف اختيار ڪرڻ پويان مقصد هندوستان کي اهو پيغام ڏيڻ هو تہ هتي مذهبي ٿوراين کي ڪو خطرو ناهي ۽ کين هڪجهڙا شھري حق حاصل آهن. ڇاڪاڻ تہ ان ڳالھہ جو خدشو هو تہ ڀارت ۾ جيڪي ڪروڙين مسلمان آهن انھن کي ڪٿي پاڪستان ڏانھن نہ ڌڪيو وڃي جنھن ڳالھہ جو هي نئون ملڪ متحمل نہ ٿي ٿي سگهيو. ان ڳالھہ جي ان ڪري بہ اهميت هئي تہ اوڀر پنجاب ۾ جولائي 1947 ۾ شروع ٿيل مسلم مخالف فسادن جي ڪري ماڻھن وڏي تعداد ۾ پاڪستان ڏانھن لڏپلاڻ شروع ڪئي هئي، جيڪا ڳالھہ جناح لاء تشويش جو باعث هئي. ان تقرير ۾ ڪٿي بہ سيڪيولر جو لفظ شامل نہ هو.

يزيدي ڪيرآهن؟

دجلہ ۽ فرات جي ڪنارن تي بابل ۽ نينوا جي تھذيب جنم ورتو. ايلف شفق پنھنجي ناول There are Rivers in the Sky ۾ اتي صدين کان رهندڙ يزيدي مذهب جي ماڻھن جو ذڪر ڪيو آهي. انھن جو وجود اڄ جي صورتحال ۾ خطري م پئجي ويو اهي. هڪ پاسي ISIS يا داعش جھڙا شدت پسند آهن، جيڪي کين مذهب تبديل ڪرڻ تي مجبور ڪن ٿا ۽ نہ ڪرڻ جي صورت ۾ مڙدن کي قتل ۽ عورتن کي اغوا ڪري انھن سان جنسي عمل ڪرڻ ۽ انھن کي وڪڻن ٿا. ٻيو دريائن تي ٺھندڙ مختلف رٿائون آهن، جن انھن کي پنھنجا اباڻا ڪک ڇڏي لڏڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي.
انھن لاء مختلف ڳالھيون مشھور آهن. ڪي انھن کي مسلمانن جو هڪ گمراه ٿيل فرقو چون ٿا تہ ڪي انھن کي عيسائين جو هڪ فرقو چون ٿا جڏهين تہ سندن رسمن ۽ عقيدن وغيرہ ۽ خاص طور انھن جي هڪ فرقي ۾ آواگون جي تصور هئڻ ڪري انھن کي هندن جي ويجهو بہ سمجهيو وڃي ٿو. ڪي انھن کي زرتشت جا پوئلڳ چون ٿا. پر مسلمانن ۽ عيسائين ٻنھي مان ڪير بہ انھن کي قبول ڪرڻ لاء تيار ناهن. مسلمانن جي ليکي اهي شيطان جا پوڄاري آهن جڏهين تہ عيسائي انھن کي جنس پرست قرار ڏين ٿا. اولھہ ۾ انھن کي اهڙا ماڻھو سمجهيو وڃي ٿو، جيڪي گدلا ۽ پاڻي کان پري رهن ٿا ۽ جن جو ڪم مسافرن کي ڦرڻ هجي ٿو. انھن سڀني ڳالھين جو مک ڪارڻ انھن جو پنھنجي خول ۾ بند رهڻ آهي. اهي نہ ڪنھن ٻئي کي پنھنجي مذهب ۾ قبول ڪن ٿا ۽ نہ ئي پنھنجي ڪنھن ماڻھو کي مذهب مان خارج ڪن ٿا. اهي بنيادي طور بابل ۽ نينوا جي قديم تھذيب جا ماڻھو آهن ۽ سندن لاڳاپو ان ڌرتي سان ئي آهي. انھن جو ڪو مذهبي ڪتاب ناهي ۽ نہ ئي ڪو ٻيو ماڻھو سندن مذهب ۾ شامل ٿي سگهي ٿو يا شادي وغيرہ جي ڪري ان مان نڪري سگهي ٿو. فطرت يعني سج، چنڊ ۽ پاڻي جا پوئلڳ آهن. انھن جي هڪ فرقي ۾ آواگون يعني ٻيھر جنم وٺڻ جو تصور آهي. اهو جنم رڳو انسان ۽ جانورن جي روپ ۾ نہ پر دريا ۽ مينھن جي هڪ قطري جي صورت ۾ بہ ٿي سگهي ٿو. پر عام ماڻھن ۾ هڪ تہ اهو تاثر آهي تہ اهي شيطان جا پوڄاري آهن ۽ ٻيا اهو سمجهن ٿا تہ اهي بنو اميه جي خليفي يزيد جو اولاد آهن. ان ڪري اهي بجائي يزيدي جي پاڻ کي ايزدي سڏائڻ کي ترجيح ڏين ٿا.
ناول جي هڪ ڪردار آرٿرسمٿ، جيڪو اوڻويھين صدي جي وچ ڌاري ميسوپيٽيما جي تھذيب ۽ خاص طور 2100 قبل مسيح جي ارڪ جي بادشاه گلگيمش جي دور جي هڪ ڊگهي ڪٿا تي تحقيق جي سلسلي ۾ انگلينڊ مان ترڪي جي رستي اتي وڃي ٿو، ان جو تجربو بلڪل مختلف هجي ٿو. هو اتي يزيدين جي هڪ ڳوٺ ۾ رهي ٿو جتي سندس سٺي خاطرداري ٿئي ٿي. پر کيس اهو اندازو ٿئي ٿو تہ علائقي جا ڪامورا ۽ حڪمران ڪنھن بہ ريت سندن وجود کي ختم ڪرڻ چاهين ٿا. هو جڏهين ٻيو ڀيرو اتي اچي ٿو تہ ان ڳوٺ ۾ ٻيا ماڻھو رهيل هئا. يزيدين کي گهڻي ڀاڱي قتل ڪيو ويو هو جڏهين تہ باقي اتان لڏي ويا هئا.
ليکڪا دجلہ جي ڪناري حسن ڪيف ڳوٺ ۾ آباد هڪ ڪردار نارن ۽ سندس خاندان جي ڪھاڻي ٻڌائي آهي. انھن کي دجله جي ڪناري نارن کي Baptize ڪرڻ جي رسم پوري ڪرڻ نہ ٿي ڏني وڃي. ان لاء اهي ڪجهہ عرصي کانپوء موصل عراق ۾ پنھنجي مقدس جاء لالش وڃن ٿا. اهو اهو وقت هو جڏهين داعش پوري عراق ۽ شام ۾ خاص طور يزيدين ۽ شيعن لاء هڪ دھشت جو ماحول پيدا ڪري ڇڏيو هو. انھن جي ڳوٺن ۾ پاڻي جي ذخيرن ۾ زهر ملائڻ، وڻن کي وڍڻ ۽ پوک کي نقصان پھچائڻ کانسواء حملا ڪري مڙدن، عورتن ۽ ٻارن کي پنھنجي مذهب نہ ڇڏڻ جي صورت ۾ قتل ڪرڻ اهڙيون ڳالھيون آهن جنھن جي سڄي دنيا کي خبر آهي. يزيدين جو چوڻ آهي تہ تاريخ ۾ ايستائين اٽڪل ستر ڀيرا ساڻن سندن مذهب جي بنياد تي ظلم ڪيو ويو آهي.
يزيدي مردن جو قتل ۽ عورتن کي زوري مسلمان ڪري انھن سان شاديون ڪرڻ ويجهي ماضي جي ڳالھہ آهي. عراق جي جنھن ڳوٺ ۾ اهي رهيل هجن ٿا، اتي داعش جي حملي جي ڊپ ڪري نارن پنھنجي ڏاڏي ۽ ٻين گهڻن ڳوٺاڻن سان گڏ ڳوٺ ڇڏي سنجر جبل ڏانھن فرار ٿئي ٿي تہ اتي اهي انتطار ۾ ويٺل داعش جي دھشت گردن جي حملي جو نشانو بڻجن ٿا. گهڻا مارجي وڃن ٿا ۽ گهڻيون عورتون جن ۾ نارن بہ شامل هجي ٿي، اغوا ٿي وڃن ٿيون. استنبول اهڙين عورتن جي وڪري جي هڪ وڏي منڊي هجي ٿي. ڪجهہ عرصي کانپوء نارن کي اتي وڪرو ڪيو وڃي ٿو. جتان پاڻي تي تحقيق ڪندڙ هڪ محقق زليخا پنھنجي دوست نين سان گڏجي ڪنھن ريت پئسن جو انتظام ڪري کيس آزاد ڪرائي ٿي.
هڪ تہ دنيا مان قديم ٻولين، مذهبن ۽ ثقافتن جي ختم ٿيڻ جو هڪ فطري عمل آهي پر ٻئي پاسي اقتداري حاوي ڌرين پاران انھن کي زوري ۽ طاقت وسيلي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي. مختلف هئڻ ڪنھن سماج ۽ دنيا جي سونھن آهي. پراقتداري ڌرين کي هميشہ يڪسانيت کپندي آهي ۽ اهي سڀني ماڻھن کي هڪ خول ۾ بند ڪرڻ چاهيندا آهن. ٻين ثقافتي، لساني ۽ مذهبي ٿوراين جيان يزيدي نہ رڳو انتھا پسند گروهن پر مختلف حڪومتن ۽ ايستائين تہ عام ماڻھن پاران ان سوچ ۽ ڏاڍ جو شڪار آهن. اهي اڄ جي دور جون حقيقتون آهن جن کي ليکڪا فڪشن جو روپ ڏنو آهي.

شاگرد يونين جي احياء جا امڪان

سنڌ اسمبلي ۾ شاگرد يونين کي بحال ڪرڻ جو قانون منظور ٿيڻ کانپوء بہ ان تي عمل ڇو نہ ٿي سگهيو. تعليمي ادارن ۾ يونين سازي جو عمل ڇو شروع نہ ٿيو. ان جو ڪارڻ رڳو سرڪار ناهي. پر ملڪ، سماج ۽ سياست جون حالتون تبديل ٿي ويون آهن ۽ مجموعي طور پورهيتن جي تنظيم ۽ سرگرمي ۾ بہ گهڻو فرق اچي چڪو آهي ۽ اهي گهڻو ڪمزور ٿي ويون آهن. صنعتن ۽ ٻين مختلف شعبن ۾ پورهيتن جي تنظيمن جو ڪردار نہ هئڻ برابر وڃي رهيو آهي ۽ ايستائين تہ مالڪن کي هاڻي پاڪيٽ يونين وغيرہ ٺاهڻ جي ضرورت بہ نہ رهي آهي. هڪ اندازي موجب پاڪستان ۾ يونين سان لاڳاپيل پورهيتن جو تعداد ڪل پورهيتن جي هڪ سيڪڙو کان بہ گهٽ آهي.
تعليم ۽ ان جا مسئلا ملڪ جي سياست، سماج ۽ معيشت سان ڳنڍيل هوندا آهن. پاڪستان جي شروعاتي سالن ۾ تعليمي ادارا هڪ تہ حڪومت جي ضابطي ۾ هوندا هئا، ۽ ٻيو انھن کي فلاحي ادارا هلائيندا هئا، جن جو مقصد نفعو ڪمائڻ نہ پر معاشري جي خدمت ڪرڻ هوندو هو. مون چار درجن تائين گهر جي ويجهو هڪ سرڪاري اسڪول ڏيپچند ٽي اوجها ۾ تعليم حاصل ڪئي. پوء ميٽرڪ تائين حاجي عبدﷲ هارون سيڪنڊري اسڪول کڏي ۾ رهيس. اسان ٽي ڀاء ان اسڪول ۾ پڙهندا هئاسين. اسڪول جي في نالي ماتر هوندي هئي، پر ان جي باوجود اسڪول جو اهو اصول هوندو هو تہ جنھن جا بہ هڪ کان وڌيڪ ٻار اسڪول ۾ هوندا هئا، انھن مان هڪ ٻار جي في معاف ٿي ويندي هئي. پر بابا اهو چئي ان سھولت وٺڻ کان انڪار ڪيو تہ جڏهين اسان في ڏيئي سگهون ٿا تہ پوء ائين ڇو ڪيون. اهڙي ريت ڪاليج ۽ يونيورسٽي ۾ بہ في نالي ماتر هوندي هئي ۽ مائٽن کي ان سلسلي ۾ گهڻي پريشاني نہ ٿيندي هئي. اها ساڳي صورتحال لياري ۽ خاص طور کارادر جي علائقي جي هوندي هئي، جتي خاص طور ڪاٺياواڙي ميمڻ ۽ اسماعيلي خوجن جي مختلف تنظيمن پاران اسڪول هلايا ويندا هئا، جن ۾ ڪميونٽي کان ٻاهر جي شآگردن کي پڻ داخلا ڏني ويندي هئي.
شروع ۾ ڊي ايس ايف جهڙيون جيڪي تنظيمون ٺھيون، انھن جو بنياد تعليمي مسئلن جھڙوڪ فين ۾ گهٽتائي،ِ تعليمي سال وغيرہ ۾ تبديلي سان گڏ ادارن جي ماحول کي سڌارڻ تي هو، جنھن جي لاء انھن مظاهرا بہ ڪيا، پوليس جون لٺيون بہ کاڌيون، شھر بدري بہ سٺي ۽ جيل بہ ڪاٽيا. انھن مان ڪي مسئلا تعليمي ادارن جي انتظاميا سان لاڳاپيل هئا ۽ ڪي وقت جي حڪومت جي پاليسين سان. انھن شاگردن جي گهڻائي کاٻي ڌر جي سوچ سان لاڳاپيل هئي. وقت سان گڏوگڏ جماعت اسلامي پاران کاٻي ڌر جي شاگردن جي سرگرمين کي منھن ڏيڻ لاء پنھنجي شاگرد تنظيم اسلامي جميعت طلبہ کي ميدان تي لاٿو ويو. ڪميونسٽ پارٽي سان گڏ ڊي ايس ايف تي بہ پابندي مڙهي ويئي. کاٻي ڌر جي سياست ۾ شخصي ۽ نظرياتي بنيادن تي ورهاست نئين قائم ٿيل تنظيم اين ايس ايف کي بہ رشيد، ڪاظمي وغيرہ جھڙن مختلف ڌڙن ۾ ورهائي ڇڏيو. اهڙي ريت شاگردن جي سرگرمي جيڪا شروع ۾ کاٻي ڌر جي شاگردن پاران ڪئي ويئي هئي ۽ ايوب آمريت خلاف انھن هڪ اهم ڪردار ادا ڪيو هو پسمنظر ۾ هلي ويئي ۽ جميعت هڪ حاوي حيثيت اختيار ڪري ورتي.
منھنجو پنھنجو ڪراچي يونيورسٽي جو تجربو اهو آهي تہ اتي کاٻي ڌر، لبرل ۽ مختلف قوم پرست گروپ پنھنجي ليکي ۽ پنھنجي دائري ۾ ڪم ڪري رهيا هئا. ان ڪري اهي يونين جي چونڊن ۾ پنھنجي ڌار حيثيت ۾ مشڪل سان ئي جميعت لاء ڪو چئلينج بڻجي سگهندا هئا. هڪ ٻہ ڀيرا انھن جو اتحاد جميعت کي شڪست ڏيڻ ۾ ڪامياب ويو هو. هڪ ڳالھہ اها نوٽ ڪرڻ جھڙي هئي تہ اتي ڇوڪرين جو تعداد ڇوڪرن کان جيڪڏهين وڌيڪ نہ تہ انھن جي برابر ضرور هو ۽ اهي آزادانہ طورپاڻ ۾ ميل جول ڪري سگهندا هئا. جميعت پاران شفيع نقي جامعي جڏهين صدر چونڊيو تہ هن شايد جميعت جي پاليسي موجب ئي ان ميل جول کي محدود ڪرڻ لاء ٿنڊر اسڪواڊ قائم ڪري شاگردن کي هراس ڪرڻ شروع ڪيو. ان جو جواب ٻئي سال جي چونڊن ۾ جميعت کي مليو ۽ سردار رحيم جي اڳواڻي ۾ لبرل ۽ ترقي پسند ڌرين جي اتحاد چونڊن ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي. اهو هڪ لحاظ کان ان ڳالھہ ڏانھن اشارو هو تہ جميعت جي حمايت پنھنجي انفرادي آزادي جي قيمت تي نہ ٿي ڪري سگهجي. پر ٻئي سال جميعت وري محمود ﷲ والا جي اڳواڻي ۾ چونڊن ۾ ڪاميابي حاصل ڪري ورتي.
شاگرد سياست جو اهو هڪ الميو آهي تہ ادارن ۾ پنھنجي هڪ هٽي قائم ڪرڻ لاء پنھنجي سرپرست سياسي تنظيمن جي آشيرواد سان هٿيارن ۽ تشدد جي استعمال کي جائز قرار ڏنو ويو. ڪراچي يونيورسٽي ۾ جميعت پاران اي پي ايم ايس او کي ڪابہ سرگرمي ڪرڻ نہ ٿي ڏني ويئي. انتظاميا پاران انھن سرگرمين کان اک ٻوٽ ڪئي ٿي ويئي يا جميعت جي انھن سرگرمين جي پٺڀرائي ڪئي ٿي ويئي. مختلف ڌرين جي وچ ۾ جهيڙو ۽ هٿيارن جو استعمال هڪ عام ڳالھہ ٿي ويئي جنھن ۾ مختلف ڌرين جا شاگرد مارجي ۽ اغوا ٿي ويندا هئا.
شاگردن ملڪ جي سياست ۾ هميشہ هڪ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. کاٻي ڌر هجي يا ساڄي ڌر انھن جي اڳواڻن ۾ وڏو تعداد ماضي جي شاگرد اڳواڻن جو رهندو آيو اهي. شاگردن کي سياسي شعور ڏيڻ جي حوالي سان انھن جو اهم ڪردار رهيو آهي. اها بہ اهم ڳالھہ آهي تہ گهڻين سياسي تنظيمن عوام ۾ ڪم ڪرڻ بجائي شاگردن تي ئي ڀاڙيو آهي ۽ هڪ لحاظ کان انھن کي پارٽي جي اوپن پليٽ فارم طور استعمال ڪيو آهي.
هن وقت تعليم بجائي هڪ حق جي هڪ مراعت بڻجي ويئي آهي. سرڪار معياري ۽ سستي تعليم مھيا نہ ٿي ڪري ۽ نہ ئي تعليم کي هڪ ترجيحي معاملو سمجهيو وڃي ٿو. سٺي ۽ معياري تعليم رڳو امير ۽ پئسي وارن ماڻھن جي پھچ ۾ آهي. سماج ۾Depoliticization جو جيڪو عمل گهڻن سالن کان هلندڙ آهي، ان عام ماڻھو سان گڏ شاگردن کي بہ متاثر ڪيو آهي. هن وقت سياسي عمل ۽ سياسي سوچ کان وڌيڪ ڪيريئر سندن لاء اهم بڻجي ويو آهي. ماضي ۾ تعليمي ادارن ۾ هٿيارن ۽ تشدد جو جيڪو ماحول رهيو آهي، ان پڻ شاگردن کي اهِڙين سرگرمين کان پري رکيو آهي. ان ڪري آئون سمجهان ٿو تہ ويجهي مستقبل ۾ شاگرد يونين جي احياء جا امڪان گهڻا گهٽ آهن.

مان ڏوھي ھان

عزيز ڀنگوار جي ڪتاب ”مان ڏوهي هان“ جو ڪافي ذڪر ٻڌو هو ۽ اهو پڙهڻ بہ چاهيو پئي. تازو سنڌ سلامت جي ويب سائيٽ تي اهو ڪتاب پڙهڻ جو موقعو مليو. اهو ڪتاب هڪ اهڙي شاگرد جي ڪٿا آهي، جيڪو پنھنجي ڪاليج جي شروع ڏينھن کان بجائي پنھنجي پڙهائي تي ڌيان ڏيڻ جي اهڙي قوم پرست سياست جي ور چڙهي ٿو وڃي، جنھن ۾ تشدد، ڀتا خوري ۽ ڪاپي ڪري يا ٻين کان پيپر حل ڪرائي پاس ٿيڻ هڪ اڳواڻ ۽ ڪارڪن جي بھادري جي نشاني سمجهي وڃي ٿي. اهڙي ريت هو يونيورسٽي پھچي ٿو. اتي بہ فائرنگ ڪرڻ، وي سي جي آفيس تي قبضو ڪرڻ ۽ مھاجر شاگردن کي چونڊن ۾ ووٽ ڏيڻ کان روڪڻ جهڙيون سرگرميون سندس معمول هجن ٿيون. ان جو انت ان ڳالھہ تي ٿئي ٿو جڏهين يونيورسٽي جي ڪنووڪشن ۾ بيگم رعنا لياقت جي بيعزتي ڪئي وڃي ٿي، حفيظ پيرزادي کي اسماعيل وساڻ چماٽ هڻي ٿو ۽ فائرنگ ۾ پوليس جي هڪ سپاهي جي موت ٿي وڃي ٿي.
ان ڪيس ۾ عزيز، جيڪو يونيورسٽي جي شاگرد يونين جو جنرل سيڪريٽري هجي ٿو، سميت ڪجهہ شاگرد گرفتار ٿين ٿا. ان کان اڳ بہ هو جيل ۾ رهي چڪو هو. ڪافي عرصو جيل ۾ رهڻ کانپوءِ، جنھن دوران هو پنھنجي پيءُ جي چوڻ تي معافي نامو بہ صحيح ڪري ڏئي ٿو پر آزاد نہ ٿو ٿئي، هو آزاد ٿئي ٿو پر پوليس لاڳيتو سندس گهر وارن کي تنگ ڪندي رهي ٿي. نيٺ سندس جند تڏهين آجي ٿئي ٿي، جڏهين هو غلام مصطفا جتوئي، جيڪو ان وقت سنڌ جو وڏو وزير هو، سان ملي سندس لاء ڪم ڪرڻ لاء تيار ٿئي ٿو. هو جتوئي کان ٽرڪن ۽ بسن وغيرہ جون پرمٽون وٺي ٿو ۽ پنھنجن مائٽن وغيرہ کي نوڪريون وٺي ڏئي ٿو. سنڌ يونيورسٽي ۾ جتوئي جي چوڻ مطابق ڪم ڪري ٿو. کيس رسول بخش ٽالپور جي جلسي ۾ موڪليو وڃي ٿو تہ جيئن سندس حڪومت خلاف تقرير جي بنياد تي ٽالپور کي گرفتار ڪيو وڃي. سندس چوڻ آهي تہ اتي پھچي هن ڏٺو تہ هو اڪيلو نہ ھو، پر هتي تہ سندس جھڙن ماڻھن جو وڏو تعداد هو، جيڪي حڪومت لاء ڪم ڪندڙ ھئا. پر هو رڳو شاه محمد شاه جو ذڪر ڪري ٿو، جنھن اتي حڪومت خلاف زوردار تقرير ڪئي ۽ کيس لڳو تہ هاڻي سندس ڳالھائڻ جي ضرورت نہ هئي. بھرحال ان کانپوء ٽالپور کي گرفتار نہ ڪيو ويو.
هو جتوئي جي سفارش تي ايڪسائز آفيسر ٿئي ٿو پر سندس چواڻي تہ کيس انگريزي جا ٻہ اکر بہ لکڻ نہ ٿي آيا، ۽ هو پنھنجن ماتحتن جو محتاج هجي ٿو. ڳوٺ ۾ هڪ ذاتي جهيڙي ۾ جيڪي کيس ڌڪ لڳن ٿا انھن جي ڪري هو سڄي عمر لاء معذور ٿي وڃي ٿو.
ليکڪ جو اعتراف جيتوڻيڪ جتوئي جو ماڻھو ٿيڻ ۽ حڪومت سان ٺھي هلڻ ۽ ان مان فائدا وٺڻ متعلق آهي، پر منھنجي خيال ۾ هو ان کان اڳ يونيورسٽي ۾ هڪ اهڙي سياست جو حصو رهيو، جنھن جي ڪري يونيورسٽي هڪ ڊگهي عرصي لاء تشدد ۽ نسل پرستي جي ور چڙهي ويئي. مھينن تائين تعليمي سرگرميون بند رهنديون هيون. تعليم جو معيار ڪري پيو ۽ سنڌ جي ماڻھن کي ڊگهي عرصي تائين هڪ وڏو نقصان کڻڻو پيو. اها هڪ لحاظ کان ڄڻ هڪ اهڙي ماڻھو جي شاهدي آهي جيڪو ان سڀڪجهہ جو حصو رهيو آهي.

چڱو قاسم موڪلاڻي ڪانھي

يوسف سنڌي پنھنجي ڪتاب ”چڱو قاسم موڪلاڻي ڪانہي“ ۾ لکيو آهي تہ پاڪستان ٺھڻ کانپوء سيد قمر الحسن نالي حيدرآباد دکن جو هڪ همراه ميرپور بٺورو جي سرڪاري اسپتال ۾ ڪمپائونڊر جي حيثيت سان مقرر ٿيو. ان همراه کي سنڌي سکڻ ۽ لکڻ پڙهڻ وغيرہ جو شوق هو. ان مقصد لاء هو مختلف ماڻھن سان رابطي ۾ آيو. هن نہ رڳو سنڌي ڳالھائڻ ۽ لکڻ پڙهڻ سکي پر بٺورو ۾ ڪجهہ دوستن جي مدد سان سنڌي ادبي سنگت جي شاخ قائم ڪري ادبي سرگرميون پڻ شروع ڪيائين.
ان وقت سنگت جو ڪو مرڪزي ڍانچو نہ هو ۽ سڄي سنڌ ۾ مختلف شاخون پنھنجي ليکي ادبي ڪم ڪنديون هيون. پوء ڪجهہ دوستن پاران ان کي هڪ مرڪزي حيثيت ڏيڻ جو سوچيو ويو ۽ پنجاه جي ڏهاڪي ۾ سنڌ مدرسي ڪراچي ۾ انھن سڀني شاخن جو اجلاس منعقد ڪيو ويو. ان اجلاس ۾ بٺورو جي سنگت جا جيڪي چار نمائندا شريڪ ٿيا انھن ۾ سيد قمرالحسن بہ شامل هو. ڪتاب موجب ان وقت سڄي ٺٽي ضلعي ۾ سنگت جي اها واحد شاخ هئي جيڪا ڪم ڪري رهي هئي.
سيد قمرالحسن هڪ مثبت مثال آهي ۽ يقينن سنڌ ۾ اهڙا ٻيا مثال بہ هوندا جن کي سامھون آڻڻ هن وقت جي اهم ضرورت آهي.

خواجہ غلام علي کوساڻي

خواجہ غلام علي کوساڻي پيشي جي لحاظ کان فوٽو گرافر رهيو آهي. هن پھرين حيدرآباد ۾ ٽائيم ۽ پوءِ سارنگ فوٽو اسٽوڊيو هلايو. ساڳي وقت سندس سنڌي عوامي تحريڪ ۽ ان جي اڳواڻن سان بہ تعلق رهيو آهي. لکڻ پڙهڻ سان واسطو هئڻ ڪري هو گھڻن ناميارن سنڌي ليکڪن جي ويجهو رهيو آهي. هو پنھنجي آتم ڪٿا فوٽو گرافر جي آتم ڪٿا ۾ هڪ دلچسپ واقعو ٻڌائي ٿو. سندس چوڻ آهي تہ اهو شايد 1992 جو سال هو. هو پنھنجي گاڏيءَ ۾ ڪراچي ۾ شيخ اياز سان ملڻ کانپوء حيدرآباد واپس اچي رهيا هئا. ساڻن محمد ابراهيم جويو بہ گڏ هو. ٿيو ائين تہ نوري آباد ويجهو گاڏي خراب ٿي پيئي. رڻ پٽ، سڃ ۽ اونداهي. ڪا گاڏي نہ پي بيٺي ۽ نہ ڪا مدد پئي ملي. رات جو هڪ ڏيڍ ٿيو هجي. پالارين جو علائقو، ڌاڙيلن جو ڊپ. بھرحال ان دوران پيٽرولنگ پوليس جي هڪ گاڏي اچي بيٺي جن گاڏي ڪچي ۾ بيھاري اسان کي نوري آبادي جي ڪنھن هوٽل تي پھچايو. ايتري ۾ اتي چوڏهن سيٽن واري هڪ ويگن اچي بيٺي جنھن ۾ ڊرائيور سان گڏ رڳو هڪ ماڻھو ويٺل هو جيڪو علڻ فقير هو. هو ڪراچي ۾ ثقافت کاتي جي ڪنھن پروگرام مان سرڪاري گاڏي ۾ حيدرآباد موٽي رهيو هو. هو نشي ۾ ڌت هو ۽ اسان جي ڳالھہ نہ پيو ٻڌي پر جڏهين کيس سمجهايوسين تہ محمد ابراهيم جويو اسان سان گڏ آهي تہ ٿڙندو ٿاٻڙندو منھنجو ابو ابو ڪندي گاڏي مان لٿو. اسان کي هن گاڏي ۾ تہ ويھاريو پر سڄو رستو شراب پيو پيئي ۽ جويو کان معافيون بہ گهري. خير حيدرآباد ۾ گاڏي جويو جي گهر تي پھتي تہ اسان کي بہ چيائين تہ اوهان بہ لھو، مون اوهان جو ٺيڪو نہ کنيو آهي ۽ رڳو ابي جي ڪري اوهان کي ويھاريو. اهڙي ريت اسين پنڌ اچي پنھنجي گهر پھتاسين.