شخصيتون ۽ خاڪا

محمود مغل: فن ۽ شخصيت

ھي ڪتاب محمود مغل جي اڌ صديءَ جي علمي، ادبي ۽ نشرياتي سفر جي جهلڪ آھي، ڪتاب ۾ محمود مغل جي فن ۽ شخصيت بابت ساڃاھ وندن جا مضمون ۽ رايا، سندس ڪتابن جو تعارف ۽ ڪتابن تي لکيل رويوز ۽ رايا، سندس ڊرامن جو تعارف، محمود مغل کان ورتل انٽرويوز شامل آھن.

  • 4.5/5.0
  • 297
  • 50
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book Mehmood Mughal: Fan’u Aien Shakhsiyat’a

ڪتاب جا حق ۽ واسطا محفوظ

محمود مغل: فن ۽ شخصيت ]اڌ صديءَ جو علمي، ادبي ۽ نشرياتي سفر[
سھيڙيندڙ: مير حاجن مير
ايڊيٽنگ ۽ لَي آئوٽ: فقير محمد ڍول
ٽائيٽل: عرفان علي ميمڻ
ڪمپوزنگ: مور ساگر ۽ راز محمد لغاري
ڇاپو پھريون: نومبر 2024ع
ڇپائيندڙ: سوچ پبليڪيشن- سيوهڻ شريف
ڇپيندڙ: امرتا پبليڪيشنس حيدرآباد،
امرتا ڇاپ گهر، 1-باسم چيمبرس حيدر چوڪ حيدرآباد
]amartachhapghar@gmail.com[
قيمت: 600.00 روپيا

ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
sindhsalamat.com
2026ع

Mehmood Mughal: Fan’u Aien Shakhsiyat’a
[Fifty Years in Art, Litrature & Broadcosting]
Compiled by: Mir Hajan Mir
Editing & Lay Out: Faqir Muhammad Dhol
Title: Irfan Ali Memon
Composing: Mor Sagar & Raaz Muhammad Laghari
First Edition: November 2024
Printed by: Soch Publication, Sewhan Sharif
Printed by: Amarta Publications Hyderabad,
Amarta Chhap Ghar, 1-Basim Chambers, Hyder Chowk Hyderabad.
]amartachhapghar@gmail.com[
Price: Rs.600.00

ارپنا

سنڌ جي نامور بزرگ،
عالمِ دين
مخدوم بصرالدين صديقي سيوهاڻيءَ
رحمة ﷲ عليہ
سندس خليفي ۽ منھنجي والدِ محترم
فقير ميان نُور محمد مغل قلندري سيوهاڻي
۽
امان سانئڻ جِيجِيءَ
جي نالي


محمود مغل

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران سنڌ جي نامياري شخصيت محمود مغل جي شخصيت ۽ فن بابت مير حاجن مير جو مرتب ڪيل ڪتاب ”محمود مغل: فن ۽ شخصيت“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون.
ڊاڪٽر محمود مغل جي شخصيت جا مختلف پاسا آهن، هُو بھترين ڪمپيئر، نامور ڪھاڻيڪار، مشھور ڊراما نويس، بھترين مترجم، سٺو ناول نگار، بھترين تعليمدان، ريڊيو جو ڪمپيئر، ٽيليويزن ۽ اسٽيج جو سيبتو ميزبان، سماج سڌارڪ، يار ويس، سخن شناس شخص آهي.
ھي ڪتاب محمود مغل: فن ۽ شخصيت سندس اڌ صديءَ جي علمي، ادبي ۽ نشرياتي سفر جي جهلڪ آھي، ڪتاب ۾ محمود مغل جي فن ۽ شخصيت بابت ساڃاھ وندن جا مضمون ۽ رايا، سندس ڪتابن جو تعارف ۽ ڪتابن تي لکيل رويوز ۽ رايا، سندس ڊرامن جو تعارف، محمود مغل کان ورتل انٽرويوز شامل آھن.
ھي ڪتاب 2024ع ۾ سوچ پبليڪيشن- سيوهڻ شريف پاران امرتا پبليڪيشنس حيدرآبادو ٽان ڇپايو ويو. ٿورائتا آھيون امرتا پبليڪيشن جي سرواڻ فقير محمد ڍول، محمود مغل ۽ مير حاجن مير جا جن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي ۽ سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

پبلشر نوٽ

’سوچ پبليڪيشن سيوهڻ شريف‘ هميشہ معياري ڪتاب ڇپائي، اوهان پڙهندڙن آڏو آڻيندي رهي ٿي. هن ڪتاب کان پھرين بہ ’پروانو سيوهاڻي: فن ۽ شخصيت‘، ’پروفيسر محبوب علي چنا سيوهاڻي: علمي ادبي خدمتن جو اڀياس‘، ’ڊاڪٽر عابد مظھر: فن ۽ شخصيت‘، ’دنيا جا مشھور فلسفا‘ ڇپائي منظر تي آندا آهن، جيڪي بيحد پسند ڪيا ويا ويا آهن.
سيوهڻ، سنڌ ۾ ادبي لحاظ کان هڪ پنھنجي سڃاڻپ رکي ٿو، هن خطي جون ادبي شخصيتون، پنھنجي تخليقي ڪم سبب سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ جوڳي جاءِ والارين ٿيون. سندن ڪيل تخليقي ڪم اڄ بہ نمايان ۽ فخر لائق آهي. اهڙين ناميارين شخصيتن ۾ ’ڊاڪٽر محمود مغل‘ بہ هڪ آهي. سندس فن ۽ شخصيت جا ڪيئي پاسا آهن؛ ڪھاڻيڪار، ناول نگار، شاعر، مترجم، ڊراما نويس، ڪمپيئر ۽ تعليمدان... سندس شخصيت جو هر پاسو سگهارو آهي.
اسين هي ڪتاب ’محمود مغل: فن ۽ شخصيت‘، اوهان پڙهندڙن آڏو آڻيندي، سَرهائي محسوس ڪري رهيا آهيون. اُميد تہ هيءُ ڪتاب بہ اڳ وارن ڪتابن جيان اوهان پڙهندڙن کي ضرور پسند ايندو.

پبلشر

مرتب پاران ٻہ اکر

سيوهڻ، سنڌ جي قديم تاريخي شھرن مان هڪ آهي. هن شھر جي هر گهٽيءَ جي وري تاريخ ئي جدا جدا آهي. ’قلندر لعل شھبازؒ ‘ هن شھر ۾ پير پسايا، تہ مشھور سياح ’ابنِ بطوطا‘ هن شھر جا قصا لکيا، ’مير ابوالقاسم نمڪين‘ جي پٽ نامور تاريخ نويس ’يوسف ميرڪ‘ هن شھر ۽ ان جي آسپاس جي تاريخ کي پنھنجي قلم جي نوڪ سان ’تاريخِ مظھر شاهجهاني‘ ۾ نروار ڪيو.
سيوهڻ جي ادبي تاريخ تي نظر وجهنداسين تہ اسان کي ڪيئي نامور ادبي شخصيتون نظر اينديون. جھڙوڪ؛ ’مخدوم جعفر بوبڪائي‘، ’مخدوم محمد عابد سنڌي‘، ’مخدوم عبدالواحد سنڌي‘، ’ديوان ننديرام ميرچنداڻي سيوهاڻي‘، ’ديوان دلپت صوفي‘، ’حڪيم فتح محمد سيوهاڻي‘، ’چيتن لال ماڙيوالا‘، ’پروفيسر محبوب علي چنا سيوهاڻي‘، ’ماستر محمد پريل سولنگي سيوهاڻي‘، ’گوورڌن محبوباڻي ڀارتي‘، ’پروفيسر ايشور جوتواڻي‘، ’پروفيسر فتح ﷲ صديقي’ ۽ ٻيون ڪيئي ادبي شخصيتون نظر اينديون، جن نظم توڙي نثر ۾ سنڌ هند ۽ عرب و عجم ۾ پاڻ مڃايو.
ڊاڪٽر محمود مغل، اِن ادبي لڙهيءَ جو هڪ آبدار موتي آهي، جنھن جي شخصيت جا مختلف پاسا آهن، هڪ پاسي هُو بھترين ڪمپيئر آهي تہ ٻئي پاسي هُو نامور ڪھاڻيڪار آهي، هڪ پاسي هُو مشھور ڊراما نويس آهي تہ ٻئي پاسي هُو بھترين مترجم آهي. هُو ناول نگار بہ آهي تہ بھترين تعليمدان بہ آهي. هُو ريڊيو جو ڪمپيئر بہ آهي تہ ٽيليويزن جو ميزبان ۽ ليکڪ بہ، سماج سڌارڪ بہ آهي تہ يار ويس، سخن شناس بہ آهي. هن جي ڪھاڻين جي پنھنجي ڪھڪشان آهي، هن جي ناولن جو پنھنجو تجسس آهي، هُو جڏهن اخباري ڪالم لکي ٿو تہ پڙهندڙ داد ڏيڻ کان سواءِ رهي نٿو سگهي، سو ڊاڪٽر محمود مغل، فطرت جي ڏات سان رچيل ۽ هر فن مولا شخص آهي. سندس هٿ ڄڻ ڪي سونا آهن، جنھن بہ صنف تي هٿ رکي ٿو تہ اها پارس ٿيو وڃي.
هن ڪتاب کان پھرين بہ مان سنڌ جي ادبي شخصيتن، خاص ڪري سيوهڻ جي ادبي شخصيتن کي مانُ ڏيڻ، انھن جي ڪم کي نروار ڪرڻ، سندن شخصيت، ڪتابن ۽ فن کي ظاهر ڪرڻ لاءِ ننڍڙي ڀيٽا ڏيندو رهيو آهيان. جن ۾ ’ڊاڪٽر عابد مظھر: فن ۽ شخصيت‘، ’پروانو سيوهاڻي: فن ۽ شخصيت‘، ’سَرها ڏٺم سي: يوسف سنڌي فن ۽ شخصيت‘، ’پروفيسر اعجاز احمد قريشي: فن ۽ شخصيت‘ ڪتاب پڻ، مرتب ڪري ڇپائي چڪو آهيان. هاڻ اوهان جي هٿن ۾ هيءُ ڪتاب ’محمود مغل: فن ۽ شخصيت‘ آهي.
ڊاڪٽر محمود مغل، سادي طبيعت جو مالڪ آهي، هن جي سادگي ۽ سچائيءَ جي سڄي سنڌ ۾ سڃاڻپ آهي. ڊاڪٽر صاحب جون ڪھاڻيون، ناول، ترجما، ڪالم گهڻا پڙهيا وڃن ٿا. آءٌ کيس ننڍڙي ڀيٽا طور هيءُ ڪتاب مرتب ڪري خراج ڏيان ٿو. اميد تہ اوهان پڙهندڙ ڊاڪٽر محمود مغل جي فن ۽ شخصيت کان واقف ٿيندا. آءٌ سنڌي ٻوليءَ جي نامور شاعر پياري دوست ’انور ساگر ڪانڌڙي‘ جو ٿورائتو آهيان، جنھن هن ڪتاب جو مُھاڳ لکي ڏنو.

مير حاجن مير
پھرين نومبر ٻہ هزار چوويھہ
سيوهڻ شريف

مُھاڳ

سيوھڻ، سنڌ تہ ڇا دنيا جي قديم شھرن مان ھڪ آھي. ھي شھر جنگي حوالي سان بہ وڏي اھميت رکي ٿو، ھندستان جي قديم رستن سان بہ ھن شھر جو تعلق آھي، جيئن خاص طور ماڻھو اڄ بہ نوراني ۽ لاھوت بلوچستان مان ٿيندو، ايران وڃي ٿو. ھونئن بہ ايران جا قديم سنڌ سان سلسلا جڙيل رھيا آھن، ايرانين ڪيترا سال سنڌ تي حڪومت ڪئي آهي. تڏھن تہ نماز ۽ روزي جا لفظ ايرانين جي دين مان آھن ۽ ٻيو سيوھڻ مان نڪرندڙ قديم رستو، جيڪو سيوھڻ کان شروع ٿي دادوءَ جي وچان ٿيندو وڃي راڌڻ ۽ موھين جي دڙي سان لڳي ٿو، ان مان اھو معلوم ٿئي ٿو، موھين جو دڙو ۾ ٿيندڙ واپار ۾ سيوھڻ ۽ آمري جو وڏو حصو ھو،
سيوھڻ وارو قديم قلعو جنھن بابت غلط العام راءِ ’ڪافر قلعو‘ يا ’اُلٽو ٿيل قلعو‘ آھي، اھو تاريخي ’سيوھڻ قلعو‘ بہ قبل مسيح جي دؤر جو ٺھرايل آھي. ’رچرڊ برٽن‘ بہ جڏھن ھي قلعو ڏٺو ھو تہ لکيو ھئائين تہ اھڙو قلعو مون ٻيو شام ۾ ڏٺو آھي. ان ڪري جنگي نوعيت کان علاوہ آمدورفت جي حوالي سان بہ سيوھڻ کي وڏي اهميت حاصل ھئي.
ڪنھن زماني ۾ ’لعل باغ‘ لڳ ھڪڙو بندرگاھہ بہ ھوندو ھو، جيڪو ھاڻي ڦِٽي ويو آهي. ’بندر محلو‘ اڄ بہ موجود آهي، پر ھن بندر بابت واريءَ جا نشان اڃا بہ موجود آھن. ان جو مطلب تہ ڪنھن زماني ۾ درياھہ اتان وهندو ھو، ’منڇر ڍنڍ‘ پڻ ڪنھن زماني ۾ درياھہ جو پيٽ ھوندي ھئي. نامور آرڪيالاجسٽ ’سيد حاڪم علي شاھہ بخاري‘ ھڪ روايت ٻڌائيندو ھو ته؛ ’جڏھن اھو درياھہ جو پيٽ منڇر ڍنڍ ٿيو تہ جبلن جي پاڻيءَ سبب ھن ڍنڍ موھين جو دڙو جي ماڻھن کي لڏو کڻڻ تي مجبور ڪيو ھو ۽ شھر ھڪ پراڻو کنڊر ٿي ويو.‘ مطلب سيوھڻ کي تاريخ ۾ وڏا اعزاز حاصل آھن، ھي شھر ايڏو تہ مشھور آھي، جو دنيا جو مشھور سياح ۽ مھم جُو ’ابنِ بطوطا‘ بہ ھتي اچي نڪتو ھو. ڪجهه وقت ھتي رھيو بہ ھو، گرمي ۽ مڇرن کان علاوہ سيوھڻ ۾ ٿيندڙ ظلمن جون ڪھاڻيون لکيون اٿس، اھو سڀ محسوس ڪري، ڪنھن زماني ۾ مون بہ ھڪ شعر چيو ھو:
ڇا تہ تاريخ ۾ جاڳيو آهي سيوھڻ،
قلعي مان ھي ٽاپون ڪَنائجن پيون.
ھا ھتان کان ڊنل ڪو بطوطہ ھيو،
۽ ھتان جو ڌڪيل ڪو سڪندر بہ آ.
(انور ساگر)
سنڌ جي ھن قديم شھر سيوھڻ جي ’قاضي محلہہ‘ ۾ 1961ع ۾ جنم وٺندڙ ’محمود مغل‘ بہ قلندرانہ صفت رکندڙ بي مثل انسان آھي، ’شھباز ميلا ڪميٽي بہ 1961ع ۾ ٺھي ھئي‘ سندن اصل ميدان ڪھاڻي، ترجمو، ڊرامو، نثر، مطلب فڪشن آھي، ساڳئي وقت کين پنھنجي ڪمپيئرنگ واري ڪِرت تي سدائين فخر رھيو آھي ۽ ڇو نہ رھي! ممتاز مرزا آڊيٽوريم ۾ ڪيترا ڀيرا نرم ۽ ڌيمي انداز سان ڪيل ڪمپيئرنگ ٻڌيسين، جڏھن چوندو ھو، ’عزيزانِ من ھي ڳالھہ ذرا توجھہ طلب آهي....‘ تہ ماڻھو پنڊ پھڻ ٿي ويندا ھئا. شعر، مثال ۽ لفظن جا اھڙا تہ طلسم ھلائيندو، جو محفل صفا مَنڊجي ويندي ھئي... سبحان ﷲ. ڪمپيئرنگ ۾ سندن پنھنجو منفرد انداز ھوندو آھي. مان سمجهان ٿو، سؤ پروگرامن جي ڪمپيئرنگ مون بہ ڪئي آھي، محمود مغل صاحب بہ سوين پروگرامن جي ڪمپيئرنگ ڪئي ھوندي. ائين ناھي تہ گذريل 24 سالن کان حيدرآباد جي ھوائن ۾ رھڻ جي باوجود محمود مغل سان ملاقات نہ ٿي ھوندي، ڪيترا ڀيرا ملاقاتون ٿيون آھن.
ھڪ ڀيرو 2002ع ۾ جڏھن سنڌ يونيورسٽيءَ جي اردو ڊپارٽمينٽ ۾ ايم فل ڪري رھيو ھئس تہ انھن ڏينھن ۾ منھنجي ڪلاس فيلو عظميٰ جي محمود مغل سان ڄاڻ سڃاڻ ھئي، سو رستي واٽ ويندي، ٻئي ڪچھري ۾ لڳي ويا، منھنجو بہ تعارف ٿيو، خير ان ئي ڏينھن سنڌ يونيورسٽيءَ جي آرٽس فيڪلٽيءَ ۾ اسٽوڊنٽ گالا جو آخري ڏينھن ھو، اسان بہ (مان ۽ عظميٰ) مختلف اسٽال گهمي رھيا ھئاسين، ائين عظميٰ کي اھو خفت لڳل ھوندو ھو تہ مان تولئہ ڇوڪري پسند ٿي ڪيان، تون ان سان شادي ڪر، گهڻو تڻو ان ڪري گڏ گهمندا هئاسين ۽ ٻين ڊپارٽمينٽن جا چڪر ڏيندا ھئاسون، ھڪڙي پامسٽريءَ واري اسٽال تي اسان وياسين، اتي اسان کي تہ ڪا لفٽ ئي ڪانہ ملي پر جڏھن محمود مغل آيو تہ ڇوڪريون ڀليڪار ڪندي، چنبڙي ويس ۽ ڇوڪرين جا انبوھ گڏ ٿي ويا، ڇا تہ پرسنلٽي ۽ لباس پھريل ھو محمود مغل کي، جتي جتي جنھن جنھن اسٽال تي ويو پئي، کيس مرحبا ڪئي پئي وئي تہ مون اھو محسوس ڪيو تہ يونيورسٽيءَ ۾، ڇوڪرين ۽ ڇوڪرن ۾ محمود مغل جي تمام گهڻي عزت ھئي.
سٺي استاد جي اھا ئي اھم سڃاڻپ آھي. اسان بہ ان ئي دؤر ۾ رھون ٿا، جنھن ۾ ڊاڪٽر محمود مغل کي عروج مليو. شھرتن جي بلندين کي ڇھيائين، سندس فيسبوڪ تي لائيو اچڻ، سندس گفتگو ٻڌڻ جو شرف حاصل رھيو آھي. ڪاوش ۾ ڪالم پڙھڻ جو موقعو مليو آھي، پر ھن مھاڳ ۾ سندس موسيقيءَ سان عشق جو ھڪ واقعو بيان ڪندس؛ ڪوثر ٻرڙي جي ترتيب ڏنل ڪتاب ’استاد منظور علي خان: فن ۽ شخصيت‘ ۾ محمود مغل جو لکيل ليک مون کان ڪڏھن بہ نہ وسرندو جيئن راڻي کان پوءِ ٻيو راڳ نہ ھلندو آھي، ائين استاد منظور علي خان کان پوءِ ٻيو فنڪار مٿان اچي ڳائڻ جي جرئت نہ ڪندو. ھن ئي ليک ۾ محمود مغل وڌيڪ لکي ٿو تہ:
”استاد نياز حسين، استاد فدا حسين، استاد فتح علي خان سان ذاتي نشستن ۾ اندر کي الاءِ ڇو تشنگي ئي پلئہ پئي، الاءِ ڪيترا جملا آھن، جيڪي اندر آڇي ناھي سگهندو يا شايد مون ۾ اھو دم ناھي تہ مان لکي سگهان، پر بھرحال استاد نياز حسين جي ھڪ سِٽ ڪوٽ ڪيان ٿو: ’منظور کي اڃا سُر سمجهہ ۾ آيو تہ وفات ڪري ويو‘ (1)
ھاڻي توھان جو تعارف، ھن ڪتاب سان ٿو ڪرايان، ھن ڪتاب ۾ پھريون ليک سنڌي ٻوليءَ جي برک ڪھاڻيڪار ۽ ڊراما نويس محترم عبدالقادر جوڻيجي جو آھي، جنھن ۾ ھن شروعات پاڙيسريءَ جي حوالي سان ڪئي آهي تہ جڏھن بہ 1981ع ۾ پاڙي ۾ پاڻيءَ جو مسئلو ٿيندو ھو ۽ دروازا کڙڪندا ھئا، پاڙي وارا ايندا ھئا تہ مان ڪونہ نڪرندو ھئس مون کي پڪ ھوندي ھئي تہ محمود مغل جو دروازو کڙڪيو آھي. پاڻھي منھن ڏيندو ۽ پوءِ ھُو ويھن سالن جي عمر ۾ بہ پاڙي جو حق ادا ڪرڻ ۾ اڳڀرو ھوندو ھو (عبدالقادر جوڻيجو- محمود سٺو ڪھاڻيڪار آھي)
ھن مضمون ۾ عبدالقادر جوڻيجي، محمود مغل جي ڪھاڻين تي بھترين تبصرو ڪيو آهي ۽ محمود مغل جي مطالعي جي پڻ تعريف ڪئي آهي. سندس ٻوليءَ جا ڳڻ پڻ ڳايا اٿس، ھن وڌيڪ لکيو آهي تہ يڪسانيت واري ماحول ۾ محمود مغل پنھنجي ڪھاڻين جا موضوع ڳولي وڃي ٿو. (عبدالقادر جوڻيجو- محمود ھڪ سٺو ڪھاڻيڪار آھي)
محمد بخش سميجو، اصل دادوءَ جو ھو. مرحوم عثمان ميمڻ اڪثر سندس ذڪر فخريه لفظن ۾ ڪندو ھو. ھن ڪتاب ۾ ٽي وي جي ڊرامن بابت محمد بخش سميجي جو آرٽيڪل، نہ رڳو معلوماتي ۽ اتساھيندڙ لڳو، پر خاص طور محمود مغل جي لکيل ڊرامي ’نوري ڄام تماچي‘ جي جيڪا تعريف ڪئي اٿس، ان ۾ ’روميو جيوليٽ‘ کان شروع ٿي، ’مارئي‘ ڊرامي جو ذڪر ڪندي، محمود مغل جي ڊرامي جي والھانہ تعريف ڪندي، پي ٽي ويءَ جو ايوارڊ حاصل ڪرڻ جي زبردست ڳالھہ ڪئي آھي. ان کان سواءِ اردو جي ڊرامي ’رَوِش‘ بابت لکندي، محمود مغل جي نفسياتي حِس جي پختگيءَ جو ذڪر وڏي ڦُڙتائيءَ سان ڪيو اٿس.
مھتاب اڪبر راشديءَ جو مضمون مختصر مگر جامع آھي. محمود مغل جي اخلاق ۽ خلوص جي باري ۾ سھڻو لکيو اٿس. مضمون جي شروعات ھن چوڻيءَ سان ڪئي اٿس ته، ’آواز زندگي آھي ۽ خاموشي موت‘.
مون کي نامياري ڪھاڻيڪاره تنوير جوڻيجو جو آرٽيڪل پڙھي ڏاڍي خوشي ٿِي، ڪيڏو نہ دل سان لکيو ويو آهي، پيار سان لکيو ويو آهي ۽ عقيدت سان لکيو ويو آهي، جنھن جو عنوان ئي ’سيوستان ھائوس ۽ مان‘ ھجي تہ باقي ڪھڙا ڳڻ ڳائجن. ھن آرٽيڪل ۾ لکيو ويو آهي، ڪيڏي نہ لاڏ ڪوڏ سان محمود مغل جي پالنا ٿي، آرٽيڪل مان ٻہ ٽڪرا ضرور ڏيندس:
”سيوستان هائوس جيڪو هڪ طرف حويليءَ جو نظارو پيو پيش ڪندو، ٻئي طرف جديد بنگلي جو ڏيک ڏيندو ھو. لائِف اسٽائيل بہ قديم ۽ جديد جو ميلاپ آهي. مذهب، ڪلام پاڪ، نمازون، روزا هتان جي مڪينن جا ريگيولر دستورَ آهن. ھي ڪٽنب (fundamentalist) نہ آھي ۽ نہ وري (conservative) آھي، عبادتن سان گڏوگڏ موسيقيءَ سان محبت، هن ڪٽنب جو trail آھي. لتا، مڪيش، طلعت محمود کان وٺي صادق عليءَ جا ڪلام، هتي جي مڪينن کي برزبان ياد هوندا ۽ هن ڪٽنب جي عورتن جو بہ ماحول کي سڌارڻ ۾ اھم ڪردار آهي.“
(تنوير جوڻيجو- سيوستان ھائوس ۽ مان)
مٿئين ٽڪري ۾ گهر جو نقشو ۽ ھيٺئين ٽڪري ۾ محمود مغل جي وڏي ڀاءُ جو ذڪرِ خير ڪمال آھي، اصل ۾ ھيءُ ٽڪرو پڙھندي پڙھندي، مون کي محمود مغل جي زندگيءَ تي فخر محسوس ٿيو تہ:
”عبدالرحمان، محمود جو ذڪر ڏاڍي پيار سان ڪندا هئا. محمود جي باري ۾ گفتگو ڪرڻ مھل، جيڪا چمڪ سندن اکين ۾ ايندي هئي. اها مون کان ڪڏهن نہ وسرندي.“
(تنوير جوڻيجو- سيوستان ھائوس ۽ مان)
ھن ئي آرٽيڪل ۾ محمود مغل جي نالي رکڻ جو ذڪر ٿيل آھي ته، ”سندس والد فرمايو؛ ڌيءُ ڄمندي تہ بِيبِي سانئڻ وارو نالو رکنداسين ۽ پٽ ڄائو تہ سندس نالو تحريڪِ آزاديءَ جي اڳواڻ ’محمودالحسن‘ تي رکيو ويندو، گهر جي مايُن اھي نالا اڱرن سان ڀتين تي لکي ڇڏيا (تنوير جوڻيجو- سيوستان ھائوس ۽ مان )
چوڻ ۽ لکڻ جو مقصد، جنھن شخص جي نالي مان پڻ سياسي بيداريءَ جي سوچ کي هٿي ملي رھي ھئي ۽ چاليھون حصو نالي جو اثر تہ ضرور پوندو آھي، تنوير جوڻيجو جو محمود مغل تي لکيل آرٽيڪل ھڪ مڪمل خاڪو آھي، جيڪو اي حميد، منٽو، عصمت يا عبدالقادر جوڻيجي جھڙا ليکڪ ئي اھڙو لکي سگهن ٿا، مطلب تنوير جوڻيجو سنڌي ادب جي تمام وڏي خاڪا نويس ليکڪا آھي. ان کي پڙھي منھنجي راءِ تبديل ٿي آھي تہ سنڌي ٻوليءَ ۾ بہ اھڙا بي مثل خاڪا لکيل آھن، جن کي پڙھي اکين ۾ لڙڪ تري اچن. لک شابسون تنوير جوڻيجو کي... مير حاجن مير جي ترتيب ڏنل ھن ڪتاب ۾ جيڪڏھن ھي امر شاھڪار خاڪو شامل نہ ھجي ھان تہ ڪتاب اڻپورو ليکجي ھا. ھي خاڪو محمود مغل جي زندگيءَ جي اڪثر پاسن کي نروار ڪري ٿو، اھو محمود مغل جي ڪھاڻي ’ٻوٽي‘ بابت تبصرو ھجي يا 2500 ڪئسٽون گڏ ڪرڻ جو ذڪر ھجي يا محمود مغل جو فاطمہ سان شادي ڪرڻ جو ذڪر ھجي، وڏي اڪير، محبت ۽ گهِرائيءَ سان لکيو ويو آهي.
ڪتاب ۾ نياز پنھور جھڙي ناليواري ليکڪ، جنھن کي خاڪن جي دنيا ۾ وڏي مڃتا ملي آھي. سندس محمود مغل تي لکيل خاڪو، ننڍپڻ، خصلت، عشق، مزاحيہ انداز ۾ گرامي صاحب سان ملاقات، انور ھالائيءَ سان ملاقات جو احاطو دلچسپ وارتائن سان ڪري دل موھي وجهي ٿو.
برک ايڊيٽر ۽ ليکڪ انور ابڙي جو ليک محمود مغل جي سنڌالاجيءَ ۾ بي مثل ڪم بابت سٺي ڄاڻ مھيا ڪري ٿو.
مانائتي گل ڪونڌر جو محمود مغل کان ورتل انٽرويو پڻ قيمتي وکر آهي، جيڪو پئي پراڻو نہ ٿئي، جيڪي نوجوان تحقيق ڪندا، انھن کي ھي انٽرويو ڪم ايندو.
گل حسن قريشي جو ليک مختصر مگر معلومات ۽ احساسن جو خزانو آهي لکي ٿو:
ٻاهران پروفيسر نظر ايندڙ اسان جو هيءُ ديسي درويش آهي. دوستن کي ڪتاب پڙهائڻ ۽ اتساهڻ جو خاص ڏانءُ اٿس ڪتابن جون خاص خاص ڳالھيون ايڏي تہ وڻندڙ انداز ۾ بيان ڪندو جو مون جھڙو ڪتابن کان ٽھندڙ بہ پنج ڏھہ سير وزن وارا ڪتاب پڙهڻ تي مجبور ٿي وڃي پنھنجائپ جو احساس ڏياريندڙ محمود جنھن بہ شعبي ۾ وک وڌائي آهي تہ پنھنجو پاڻ کي فاتح ثابت ڪيو اٿائين (گل حسن قريشي_ نئين ملينيم جو مست محمود يار )
ھن ڪتاب ۾ مانائتي ليکڪ محمود مغل جي وني فاطمہ محمود جو لکيل ليک پڻ گهر جي ذميوارين کي ادا ڪرڻ بابت ڄاڻ ڏيندڙ آھي ۽ مضمون ۾ جتي محمود مغل سٺو پيءُ، سٺو پٽ ۽ گهروارو ثابت ٿيل آھي، اتي سندس طبيعت ۾ جذباتي پڻو ۽ اٻھرائپ جھڙين خامين جو بہ برملا اظھار ڪيو ويو آهي.
ھجي ڪا کاڻ خوبين جي ۽ خامين کان بنھہ آجي،
نہ پنھنجي زندگي اھڙي، نہ پنھنجي شاعري اھڙي.
(شيام)
مرتب نگار، سنڌ جي کاھوڙي اديب ۽ محقق، شاعر، نقاد، ايڊيٽر، پبلشر، مير حاجن مير، محمود مغل جي تصنيفن جو تذڪرو ڏاڍي محنت سان ڪيو آهي. يقينن ايم فل يا پي ايڇ ڊي ڪندڙ شاگردن کي ھي آرٽيڪل بنيادي ماخذن ڏانھن رجوع ڪرڻ ۾ آساني پيدا ڪندو. مقالي ۾ محمود مغل جي ڪتابن جو سگهارو تعارف پيش ڪيو ويو آهي، ڪتاب ڪھڙي سال ۾ ڇپيو، ڪتاب ڪھڙي موضوع تي آهي، اصلوڪو آهي يا ترجمو ٿيل آهي. هر هڪ ڪتاب جو تعارف مختصر پر شاندار ۽ جامع نموني پيش ڪيو ويو آهي. مير حاجن مير ڪتابن جو شاندار تعارف پيش ڪيو آهي، جنھن سان ڊاڪٽر محمود مغل جو فني، فڪري ۽ تخليقي پاسو نکري نروار ٿي پيو آهي.
صحافي نياز نديم جو ليک ’پنھنجو ھاڻي ملڻ ضروري آ‘ پڻ محمود مغل جي سھڻي سڀاءُ ۽ ڪچھري جي ڪوڏئي ھجڻ جو وچور پيش ڪري ٿو.
سنڌي ٻوليءَ جي نامور ليکڪ، محقق، ادبي تاريخ نويس ۽ مرتب نگار جناب مختيار ملاح، محمود مغل جي ڪھاڻين جو اڀياس جي عنوان سان ڏاڍو ڪارائتو مقالو لکيو آهي، جيڪو ڪھاڻين جي ڪردارن سميت ٻولي ۽ پلاٽ جو پڻ احاطو ڪري ٿو، ھي مقالو وڏي ڪم جي شئي آھي، ھن مقالي ۾ محمود مغل جي ھڪ ھڪ ڪھاڻيءَ تي گھرو تبصرو ڪري مثال ڏنا ويا آهن.
ھڪڙو پتڪڙو پورٽريٽ (’اڻ لکيل پورٽريٽ‘ جي آئوٽ لائِن) نصير مرزا جو بہ ھن ڪتاب ۾ شامل آھي، جنھن ۾ ڪيترين ئي خوبين سان گڏ محمود مغل فقط پنھنجو دوست آھي. جھڙي وڏي راءِ موجود آهي جنھن کي مرتب ۽ محمود مغل بہ اکين جي حضور سان آڌرڀاءُ ڪندي قبول ڪيو آهي. اھڙيون ڳالھيون خاڪن ۾ ضرور ھونديون آھن، پر ھي تہ ننڍڙو ليک آھي، ڄڻ ڪوزي ۾ بحر بند ڪيو ويو آهي
’عاشق مزاج آ محمود‘ جي عنوان سان پروڊيوسر محمد انور ھَڪڙَي ڏاڍو سٺو ليک لکيو آهي، جنھن ۾ زبيدہ ڪاليج ۾ اختر علي جِي قاضي اڳوڻي وزيرِاعليٰ سنڌ جي سامھون وڏي اعتماد سان انگريزيءَ ۾ ڪمپيئرنگ ڪري، محمود مغل سڀني کي حيران ڪري ڇڏڻ واري ڳالھہ وڏي تجسس سان لکي آھي.
’وڻندڙ ڪھاڻيڪار محمود مغل‘ جي عنوان سان برک رسالي ’مھراڻ‘ جي ايڊيٽر نفيس احمد ناشاد ڪھاڻين جي حوالي سان ڏاڍيون ڪارائتيون ڳالھيون ڪيون آھن، پر پير حسام الدين راشديءَ جي ذاتي ڪچھريءَ جي حوالي سان ڪيل ڳالھه ۾ عشق کي ڪارو منھن چوڻ واري ڳالھہ ڪجهہ عجيب لڳي؟
’منھنجو ڀاءُ محمود‘ جي عنوان سان لکيل ھڪ خوبصورت ليک ۾ فقير محمد ڍول، محمود مغل جي ترجمن، ترجمن جي چونڊ، رشتا نباهڻ ۽ ڪمپيئرنگ جو ذڪر ڏاڍي جاندار ۽ شاندار انداز سان ڪيو آهي.
’منھنجو ڀاءُ... محمود‘ جي عنوان سان مٺل جسڪاڻيءَ جو ليک پڻ ھن ڪتاب جي سونھن ۾ اضافو ڪري ٿو.
ڪتاب ۾ سميع بلوچ جو مختصر ليک شامل آھي، جنھن ۾ لکي ٿو تہ:
”لڳي ٿو تہ محمود کي دنيا ڇاڇولڻي آهي، تڏهن تہ محبت، سِڪ ۽ سونھن جو سمنڊ ساڻ کڻي ٿو هلي، محمود، محبت ۾ سنڌ جو صوفي ٿو لڳي“ (سميع بلوچ- مرڪندڙ محبتي ماڻھو)
محمود مغل جي اباڻي شھر سيوھڻ سان تعلق رکندڙ ليکڪا ۽ ڪمپيئر مانائتي عائشہ ڀٽو پنھنجي ليک بعنوان ’محبتن جو سفر ٻڙي ميل‘ ۾ ڏاڍو بھادراڻو تجزيو ڪيو آهي لکي ٿي تہ:
”آخرڪار ڪجهه ئي عرصي ۾ يعني ڪھاڻيءَ جي آخري حصي ۾ جڏھن ھُو ڪشف جي اعليٰ ڪردار، اعليٰ ظرفيءَ سان گڏوگڏ ان جي سھڻي صورت ۽ سيرت کان متاثر ٿيندي، ان سان سچي محبت جو اظھار ڪري شادي جي ڳالھہ ڪندو آهي، تہ ڪشف پنھنجي ماضيءَ جي دردناڪ ڪھاڻي ٻڌائي، ساڻس ٿيل ظلم ۽ بيوفائيءَ جو سمورو احوال ڏئي، اياز کي ڳجهن لفظن ۾ معاشري جو حقيقي چھرو ڏيکاري، ان کي ھميشہ لاءِ الوداع چئي شھر محبت جو پھريون ۽ آخري ڀيرو اظھار ڪندي ڇڏي هلي ويندي آهي.“ (عائشہ ڀٽو- محبتن جو شھر ٻڙي ميل)
ھن ڪھاڻيءَ بابت لکندي مانائتي عائشہ ڀٽو عورتن سان ناانصافي جو ھڪ ڊگهو داستان لکي، محمود مغل جي ڪھاڻين سان وڏو انصاف ڪيو آهي ھن آرٽيڪل کي بار بار پڙھجي تہ ان مان ڪتاب لکي سگهجن ٿا.
’محبتن جو محمود‘ جي عنوان سان احساس ميرل، اڏيري لعل تي ٿيندڙ ھڪ ادبي دعوت ۽ ان بعد نوجوانن جو نثر ڏانھن راغب ٿيڻ، اھو محمود مغل جي ڪرشماتي طبيعت جو نتيجو آھي، وارو شاندار ليک لکي حق ادا ڪيو آهي.
ھاڻي آخري حصي ۾ مان مرتب مير حاجن مير جي محنتن جو ذڪر ضرور ڪندس، مير حاجن مير ـ اصل نالو حاجي خان پنھور ولد محمد سليمان پنھور ـ ڳوٺ محمد يعقوب پنھور ـ لڳ لڪي شاھ صدر ويجهو سيوھڻ ۾ جنم ورتو. تعليم ايم. اي سنڌي ادب ۽ ايم فل ڪري چڪو آهي، لکڻ جي شروعات 1995ع کان ڪيائين، سندس سڃاڻپ ـ شاعر، تاريخ نويس، محقق ـ نقاد، ڪھاڻيڪار ۽ صحافي طور آھي.
سنڌي ادبي سنگت شاخ سيوھڻ جو چار دفعا سيڪريٽري، ضلعي ڄامشوري جو ٽي دفعا ضلعا رابطا سيڪريٽري رھي چڪو آھي، مطلب ايشيا جي وڏي ۾ وڏي ادبي تنظيم سنڌي ادبي سنگت سان مير حاجن مير جو گهرو گهاٽو تعلق رھيو آھي. مير حاجن مير ھڪ چيڙھو ايڊيٽر بہ آھي. سيوھڻ سماچار جو ايڊيٽر، ٽه ماھي مڃتا جو جوائنٽ ايڊيٽر، سلسله وار صبح جوائنٽ ايڊيٽر رھي چڪو آھي. راقم سان گڏ حضرت قلندر لعل شھباز ادبي ڪانفرنس ۾ ڊپٽي ڪنوينر رھي چڪو آھي، جنھن ۾ سندس خدمتون بي مثل آھن، مير جا شاھڪار تصنيفي ڪارناما ھيٺيان آھن:
سندس پھريٽو شعري مجموعو:
(1) رنگ، خوشبو ۽ گل (شاعري) 2008ع
(2) نيرا خواب (شاعري) 2012ع
(3) سيوھڻ جون ادبي شخصيتون (ادبي تاريخ) سيوهڻ جي 800
سالن جي ادبي تاريخ (تحقيق) 2014ع
(4) سڄڻن ياد ڪيوم (خط) مير حاجن مير ڏي آيل دوستن جا خط
2016ع
(5) موتي ميڙيا مون (تحقيق) تحقيقي مضمون ۽ مقالا 2018ع
(6) سيوھڻ شھر جون تاريخي درگاھون (تحقيق) سيوهڻ جي بزرگن جي تاريخ 2019ع
(7) ڊاڪٽر عابد مظھر (فن ۽ شخصيت) (مرتب) 2022ع
(8) پروانو سيوھاڻي (فن ۽ شخصيت) (مرتب) 2023ع
(9) سرها ڏٺم سي (يوسف سنڌي فن ۽ شخصيت) 2023ع
(10) سيوهڻ تي ٿيل ڪاهون، حملا ۽ حڪومتون (تحقيق) 2023ع
528 صفحن تي لکيل سندس بي مثل تاريخي ڪتاب سيوھڻ تي ٿيل ڪاھون، حملا ۽ حڪومتون آهي، جنھن ق.م کان موجودہ دؤر تائين سيوهڻ جي تاريخ کي اڪيڊمڪ ريسرچ طور لکيو ويو آهي، سيوهڻ جي تاريخ کي ڇنڊي ڦوڪي ڇاڻي ظاهر ڪيو آهي، کيس شھباز سگا ۽ ٻيا بھترين پرفارمنس تي ايوارڊ ملي چڪا آهن.
مير حاجن مير سان منھنجو پراڻو تعلق آھي. ڀانيان ٿو جوھيءَ ۾ نامياري عوامي شاعر احمد خان مدہوش جي ڪتاب ’نظر ۾ نظر بند‘ جي مھورت وقت يا ان کان اڳ ۾ مليا ھئاسين، بحرحال جوھيءَ ۾ اسان ھڪ ٻئي کي ڀاڪر ۾ ڀري ڇڏيو، تڏھن مير جي شاعريءَ جا شروعاتي ڏينھن ھئا بعد ۾ شھباز ميلا ڪميٽي طرفان ادبي ڪانفرنس جو راقم ڪنوينر تہ مير ڊپٽي ڪنوينر ھو، پر مون سمورا پاور مير حاجن مير کي ڏئي ڇڏيا ھئا، اڄ بہ سيوھڻ جي ادبي ڪم ۾ مير حاجن مير ۽ مان گڏ گڏ ھوندا آھيون. مون کي ائين لڳندو آهي، اسان دوست ناھيون، پر سڳا ڀائر آھيون.
ڪي سال اڳ سيوھڻ ڪاليج ۾ ايڪسٽرنل ٿي ويس تہ ٻہ چار ڏينھن رھڻ جو بندوبست بہ مير حاجن مير ڪيو ھو، بعد ۾ سگا اڳواڻ نور محمد سيال پنھنجي بنگلي تي رھائي، منھنجي وڏي خدمت ڪئي. ھڪ ڀيرو منظور ميراڻي ۽ مون گڏجي سوچو تہ ھن ڀيري سيوھڻ تي تصويري سووينئر ٿا آڻيون. تڏھن آغا سھيل پٺاڻ ڊي سي ڄام شورو ۽ چيئرمئن شھباز ميلا ڪميٽي ھو، سو مير سان صلاح ڪيم. ڦوٽوگرافر سيوھڻ ۾ ھٿ ڪيوسين پوءِ ٻہ ڏينھن اسان سيوھڻ جي گهٽي گهٽي گهمي، مير حاجن مير مون کي تذڪرہ مشائخ سيوستان جي 14 مان 7 بزرگن جون مزارون ڏيکاريون، ھڪ ھڪ جي تصوير ڪڍيسين، ھڪ ھڪ جي ڪھاڻي ٻڌايائين، رات جو وري دير تائين ان بابت ڪچھري ھلندي ھئي، وري جڏھن سيوھڻ جي ڪربلا واري ميدان تي پھتاسين تہ اتي سيد ثابت علي شاھہ جي عظمت بابت ڪيتريون قيمتي ڳالھيون ٿيون، تاريخ طاھري جو ذڪر نڪتو، وري ڪافيون گهمڻ وياسين، اتي ڪيترن ڪردارن بابت ڄاڻ ملي، اتي اھا معلومات ملي تہ ڪافي رھڻ جي جاءِ کي چئجي ٿو، ھاڻي ھوٽلون کلي ويون آھن، ان ڪري ڪافين جو رجحان گهٽجندو پيو وڃي، سائين منور مھيسر جڏھن چيف ايڊمنسٽريٽر اوقاف ٿيو تہ کيس صلاح ڏنم تہ ”سيوھڻ جو ھڪ نوجوان محقق ڏاڍو سٺو ٿو لکي، ان سيوھڻ جي بزرگ شخصيتن تي ڏاڍو ڪارائتو ڪتاب لکيو آهي.“ چيائين: ”ڇپينداسين بس اھو مسودو تيار ڪري پيڪاڪ وارن کي پھچاءِ“ ۽ ان ئي سال 2019ع ۾ اھو ڪتاب شايع ٿيو، ان ڪتاب جو بئڪ ٽائيٽل راقم جو لکيل آھي. اھو سچ آھي تہ مير حاجن مير جي تحقيق جو ڪم سائنسي بنيادن تي آھي، پير حسام الدين راشدي جو ارادو ھو، ڪجهه وقت سيوھڻ ۾ رھي تذڪرہ مشائخ سيوستان ڪتاب جي بزرگن بابت وڌيڪ تحقيق ڪندس، پر پير صاحب ڪينسر جي موذي مرضي سبب لاڏاڻو ڪري ويو ۽ بعد ۾ سيوھڻ جي تاريخ اڌوري رھجي وئي، جنھن کي وڏي تيزيءَ سان مير حاجن مير مڪمل ڪري رھيو آھي، مير حاجن مير جا تقريبن 1100 صفحا سيوهڻ جي تاريخ تي لکيل آھن، جڏهن تہ سندس اڃا ڪم هلندڙ آهي. موجود دور ۾ جڏھن تاريخ تي اٽي ۾ لوڻ جي برابر ڪم ٿئي ٿو، مير جو اھو ڪو گهٽ ڪارنامو آهي. شخصيتن تي ڪيل ڪم بہ مير حاجن مير وٽ عشق جي حيثيت رکي ٿو، راقم کي ھن ڪتاب جو مھاڳ لکڻ لاءِ چيائين. مون چيو: ”مون وٽ وقت گهٽ آھي مقابلو سخت آھي.“ پر ھن مون ۾ اميد رکي ۽ مون اھا پوري ڪئي، سچ پڇو تہ ھا ڪرڻ کان پوءِ منھنجو موڊ نہ ٺھي ھان تہ مان لکي نہ سگهان، پر ڪتاب ۾ موجود اھڙا تہ مضمون، مقالا ۽ خاڪا ھئا، جن مون کي لکڻ تي مجبور ڪيو، خاص طور سانئڻ تنوير جوڻيجو جو لکيل خاڪو نہ پڙھان ھان تہ مان ھي مھاڳ لکي نہ سگهان ھان. ٻيو اتساھہ جو سبب مذڪوره شخصيتون آھن، جن تي لکڻ سمجهو تہ فرضن ۾ شامل ٿي ويو آهي.
هن ڪتاب ۾ فقير محمد ڍول، ڄاڻ سڃاڻ ۾ ڊاڪٽر محمود مغل جو مڪمل تعارف پيش ڪيو آهي ۽ مير حاجن مير، مقالا ۽ مضمون چونڊي شامل ڪيا آهن، جنھن سان ڊاڪٽر صاحب جو فن ۽ شخصيت الڳ ۽ منفرد نظر ٿو اچي.
مير حاجن مير، هن ڪتاب ’محمود مغل: فن ۽ شخصيت‘ کان پھرين بہ، سنڌ جي نامور اديبن کي ڀيٽا ڏيندو رهيو آهي. جن ۾ ڊاڪٽر عابد مظھر (فن ۽ شخصيت) پروانو سيوهاڻي (فن ۽ شخصيت) سرها ڏٺم سي (يوسف سنڌي فن ۽ شخصيت)، پروفيسر اعجاز احمد قريشي (فن ۽ شخصيت) ڇپجي چڪا آهن. مير حاجن مير کي جس آهي جو پنھنجي هڙان وڙان خرچ ڪري، دوستن کان مقالا مضمون لکائي، سنڌ جي اهم اديبن کي جيئري ڀيٽا ڏيندو رهي ٿو ۽ سندن قدرداني ڪندو رهي ٿو. مير حاجن مير جي شخصيت ۽ فن جا ڪيئي پاسا آهن، جن تي جدا لکبو، هتي محبت طور ٻہ اکر لکيا آهن. اميد تہ اوهان کي قبول پوندا ۽ پنھنجي مُھاڳ کي ختم ڪريان ٿو.

انور ساگر ڪانڌڙو
ايسوسي ايٽ پروفيسر
گورنمينٽ غزالي ڪاليج
لطيف آباد حيدرآباد
]25 جُون 2024ع[

حوالو :
(1) ٻرڙو ڪوثر، استاد منظور علي خان (فن ۽ شخصيت )ڇاپو پھريون 2010ع پوپٽ پبليشنگ ھائوس خيرپورميرس ص 91

ڄاڻ سُڃاڻ

فقير محمد ڍول

نالو: محمودالحسن مغل
ادبي نالو: محمود مغل
والد جو نالو: فقير ميان نُور محمد مغل
ڄم جي تاريخ: 27 نومبر 1961ع
ڄم جو هنڌ: قاضي محلہ سيوهڻ شريف
ڀائر: ڪل پنج ڀائر (حنيف الرحمان مغل، عبدالرحمان مغل، خليل الرحمان مغل، گل محمد مغل، (محمودالحسن مغل) محمود مغل سڀني کان ننڍو آهي.
ڀينرون: ٻہ ڀينرون
شادي: 22 جُولاءِ 1988ع
شريڪِ حيات: فاطمہ محمود
اولاد: ڊاڪٽر ڪشف الدجيٰ محمود

ابتدائي تعليم: گورنمينٽ پرئڪٽسنگ اسڪول ’ٽرئننگ ڪاليج فار مئن‘ حيدرآباد (پھريان پنج درجا.)
سيڪنڊري تعليم: ماڊل اسڪول سنڌ يونيورسٽي حيدرآباد (ڇھين درجي کان مئٽرڪ : 1977ع)
ڪاليج: ماڊل ڪاليج سنڌ يونيورسٽي حيدرآباد (انٽرميڊيٽ:1979ع)
ميڊيڪل: شروعاتي داخلا ’چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻو‘ ۾ ٿي، جتان ان آخري بئچ ۾ مائگريشن ٿي ۽ ’لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄامشورو‘ ۾ وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ جي اجازت ملي، جنھن بئچ مطابق ڪوٽڙي تعلقي ۽ ٿاڻي بُولا خان سان تعلق رکندڙ شاگرد، ايل ايم سي ۾ داخل ٿي سگهيا پئي. (ايم بي بي ايس: 1988ع)
ايم فِل: سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو (شعبو: فارماڪالاجي 2009ع)

نوڪريون: هائوس جاب: 1 جنوري 1989ع کان 31 ڊسمبر 1989ع ايل ايم سي حيدرآباد ۽ ڄامشورو.
ميڊيڪل آفيسر (BPS-17): 29 جنوري 1990ع کان 14 مئي 1990ع تعلقہ اسپتال خيرپور ناٿن شاھہ
ميڊيڪل آفيسر (ڊيپوٽيشن) 15 مئي 1990ع کان 23 فيبروري 1991ع سنڌ مڪينيڪل ڊويزن واپڊا ڪالوني ڄامشورو
ڊيمانسٽريٽر: ايناٽامي: 24 فيبروري 1991ع کان 1 جولاءِ 1992ع لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄامشورو
ميڊيڪل آفيسر: 2 جولاءِ 1992ع کان 9 سيپٽمبر 1992ع تعلقہ اسپتال ٽنڊوالھيار
ميڊيڪل آفيسر: 16 سيپٽمبر 1992ع کان 22 سيپٽمبر 1992ع رورل هيلٿ سينٽر مٽياري (هتان گورنمينٽ سروس تان استعيفيٰ ڏني)
ليڪچرار: (BPS-17) عارضي: 24 سيپٽمبر 1992ع کان 23 مئي 1992ع، فارميسي ڊپارٽمينٽ، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو
ليڪچرار مستقل: 24 مئي 1992ع کان 15 آڪٽوبر 1999ع، فارميسي ڊپارٽمينٽ، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو
اسسٽنٽ پروفيسر: 14 آڪٽوبر 1999ع کان 2 مئي 2008ع، فئڪلٽي آف فارميسي، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو
اسسٽنٽ پروفيسر: 3 مئي 2008ع کان 6 جنوري 2014ع، سينٽر فار فزيڪل ايجوڪيشن، هيلٿ ائنڊ اسپورٽس سائنس، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو
اسسٽنٽ پروفيسر: 7 جنوري 2014ع کان 26 نومبر 2021ع، سينٽر فار فزيڪل ايجوڪيشن، هيلٿ ائنڊ اسپورٽس سائنس، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو (جتان ريٽائر ڪيو.)

اضافي عھدا:
ميوزيڪالاجسٽ/
ڪنسلٽنٽ: 19 آڪٽوبر 1999ع کان 22 فيبروري 2001ع، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو
ڪنوينر: 12 سيپٽمبر 2006ع کان 26 جون 2012ع، پيٽروليم سروس ۽ سي اين جي اسٽيشن، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو
ڊائريڪٽر (انچارج): 12 جولاءِ 2013ع کان 10 فيبروري 2014ع، سينٽر فار فزيڪل ايجوڪيشن، هيلٿ ائنڊ اسپورٽس سائنس، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو
ڊائريڪٽر (انچارج): 24 جولاءِ 2014ع کان 18 سيپٽمبر 2014ع انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو
ڊائريڪٽر (انچارج): 16 جولاءِ 2015ع کان 12 آگسٽ 2016ع، سينٽر فار فزيڪل ايجوڪيشن، هيلٿ ائنڊ اسپورٽس سائنس، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو
ڊائريڪٽر (انچارج): 21 ڊسمبر 2019ع کان 26 نومبر 2021ع انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو
وائيس چيئرمين: سنڌ يونيورسٽي اسپورٽس بورڊ 8 اپريل 2015ع کان 1 ڊسمبر 2020ع
صدر: سيد غلام مصطفيٰ شاھہ ائڊمنسٽريشن بلڊنگ سان متصل مسجد جي تعميراتي ڪميٽي. (ميمبرس: پروفيسر جيئندو شيخ، پروفيسر ڪمال الدين ميمڻ، خزانچي: احمد عليم پاشا 27.02.2015 - 2020ع)
ميمبر: سنڌ يونيورسٽي سئنڊيڪيٽ (ٻہ مُدا)
1. ليڪچرر: 30.03.1995 - 04.10.1997
2. اسسٽنٽ پروفيسر: 07.05.2005 - 22.04.2008
ميمبر: سنڌ يونيورسٽي سينيٽ (ٻن مُدن جون ٽي ميٽنگون اٽينڊ ڪيون)
1. ليڪچرر: 04.12.1995
2. اسسٽنٽ پروفيسر: 14.09.1999 ۽ 08.11.2000
ميمبر: اڪيڊمڪ ڪائونسل شاھہ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور
ڪوآرڊينيٽر: ثقافت کاتي حُڪومتِ سنڌ پاران ضلعي دادو ۽ ضلعي ڄامشوري لاءِ ريجنل ائڊوائزري ڪميٽي (ميبرس: ڊاڪٽر تھمينہ مفتي، جناب محمد هاشم شورو، جناب مير حاجن مير، جناب احمد خان سُهاڳ، جناب تابش بخاري، جناب عزيز ڪنگراڻي، جناب ايوب عمراڻي 03.10.2016)
نوٽ: هن ڪميٽيءَ جي ميٽنگ صرف هڪ ڀيرو 23 جولاءِ 2017ع تي سنڌ ميوزيم حيدرآباد ۾ ٿي.

ريٽائرمينٽ بعد: ڪنسلٽنٽ ٽو وائيس چانسلر آن ميڊيا ائنڊ هيريٽيج، سنڌ ايگريڪلچر يونيورسٽي ٽنڊوڄام: 19 جولاءِ 2022ع کان جاري.

فنونِ لطيفہ ]ادب، نشريات، پيشڪاري[
ادب: پھرين ڪھاڻي ’سچ جي سزا‘، ماهوار گُل ڦُل، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو جنوري/فيبروري 1975ع
الحمدﷲ، اڃا تائين يعني 2024ع تائين اهو سلسلو جاري آهي.

لکيل ڪھاڻين جو
تعداد: هڪ سئو کان مٿي
ترجمن جو تعداد: ٽي سئو کان مٿي
ڪالم: ڇھہ سئو کان مٿي
مضمون/آرٽيڪل: هڪ سئو کان مٿي

ڪتابَ: ڪوهيڙي ۾ ويڙهيل يادون (ڪھاڻيون) 1982ع
تو سنگ تو بن ڏينھڙا (ڪھاڻيون) آڪٽوبر 1985ع
هٿ ريکائن کان خالي (ناوليٽ) سيپٽمبر 1991ع اسين جيئرا آهيون (ترجمو) اپريل 1992ع
سرءُ (ناوليٽ) ٽماهي سنڌ جي شماري (سرءُ) 1983ع ۾ ڇپيل
محمود مغل جون ڪھاڻيون (ڪھاڻيون) ڊسمبر 1995ع
خواب نگر (پھريان هڪ سئو ڪالم) سيپٽمبر 2007ع
جون آف آرڪ (ترجمو) قسطوار ڇپيل ماهوار گل ڦل
سنڌي چونڊ ڪھاڻيون (سھيڙ) 2010ع
هڪ يادگار منصف: فقير برڪت علي بلوچ 2012ع
محبتن جا ٻہ ناوليٽ
(سرءُ ۽ هٿ ريکائن کان خالي) جنوري 2015ع
سنڌ ٽاڪيز (سنڌي فلمن تي تحقيق) 2015ع
زيب النساء (طويل ڪھاڻي) 2016ع
زندگي محسوس ڪيو (ترجمو) جنوري 2016ع
محبتن جو شھر ٻُڙي ميل (ڪھاڻيون) جولاءِ 2018ع
پيار ڪھاڻيون (سھيڙ) آڪٽوبر 2019ع تُرت طبي امداد (ترجمو) ڊسمبر 2019ع
هڪڙي ملندي آهي زندگي (ترجمو) فيبروري 2021ع
خواب نگر: سائين - محبت ۽ حياتي: رمزون (ڪالم) جون 2021ع
خواب نگر: تعزيت ناما (ڪالم) جنوري 2023ع
ڳاڙهي لوئي (ٻارن لاءِ عالمي ڪھاڻين جا ترجما) جنوري 2023ع

ڪو زمانو هو، جڏهن ٽيليوزن جو هڪڙو ئي چينل ملڪي نشريات جي دنيا تي راڄ ڪندو هو، جنھن کي ’پاڪستان ٽيليوزن‘ سڏيو ويندو هو. تنھن زماني ۾ نشريات جو وقت محدود هوندو هو. شام جو پنجين وڳي ٽيليوزن جي نشريات شروع ٿيندي هئي تہ ڏسندڙ شوقين پوڻين پنجين کان ٽيليوزن سيٽ کولي ويھندا هئا ۽ پنج منٽ پھرين نشر ٿيندڙ موسيقي، جنھن ۾ رڳو اسڪرين تي پِي ٽِي وِي جو لوگو نظر ايندو هو، ٻُڌندا رهندا هئا ۽ خوش ٿيندا رهندا هئا. اها صورتحال رات جو نشريات بند ٿيڻ کان پوءِ بہ ڪجهہ منٽ جاري هوندي هئي. قومي تراني کان پوءِ جڏهن اسڪرين تان سڀ ڪجهہ غائب ٿي ويندو هو، تڏهن بہ ڏسندڙ ڪجهہ لمحا، ان ’ڦڙ ڦڙ‘ ڏانھن نھاريندا رهندا هئا.
ٽيليوزن جي اسڪرين تي ايندڙ هر چھرو، گهرڀاتيءَ جيان هو. اڄ ڪلھہ جي دؤر جھڙي ڪابہ ڳالھہ نہ هئي، جو پرفارمر کي ٻُڌائڻو پوي تہ فلاڻي وقت تي، فلاڻي چينل تي منھنجو پروگرام ايندو. تنھن زماني ۾ مادري زبان سنڌي رکندي، سڀ کان پھرين اردو نشريات ۾ ميزباني محترمہ مھتاب چنا جي نصيب ۾ آئي، جيڪا اڳتي هلي، مھتاب اڪبر راشدي جي نالي سان ڄاتي سُڃاتي وئي. مادري زبان سنڌي رکندي، جيڪو ٻيو نالو گهڻو عرصو سڀني جي سامھون آيو، اهو محمود مغل آهي. هتي ڪابہ ڀيٽ ڪونھي ڪرڻي، پر جتي ’آپا مھتاب‘، سنڌيءَ ۾ ’روشن تارا‘ ۽ اردوءَ ۾ ’فروزان‘ ڪيو ۽ ڪجهہ ٻيا اسٽيج شوز، اليڪشن جون سنيون سِڌيون نشريات، سندس نصيب ۾ آيون، اُتي ئي کانئس پوءِ ’محمود مغل‘ کي تقريبن هر اهم پروگرام جي سنئين سِڌي نشريات جي ميزباني، ايوارڊز سيريمنيز، اسٽيج شوز، لائيوِ ٽرانسميشنس ۽ اهم موقعن تي ميزباني نصيب ٿي. مقصد اهو ظاهر ڪرڻ ڪونھي تہ ڪو محمود مغل، آپا مھتاب کان وڏو ميزبان آهي، پر اهو چئي سگهجي ٿو تہ جيڪا راھہ آپا ڏيکاري، ان تي هلڻ جي محمود ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي.
پاڪستان ٽيليوزن جي اسڪرين تي، سندس پھرين حاضري 16 نومبر 1985ع تي ٿي، جڏهن کيس ’ممتاز مرزا‘ صاحب جي ميزبانيءَ ۾ ’ادبي سنگت‘ ۾ شرڪت لاءِ گهرايو ويو. ٻين مھمانن ۾ ڪيھر شوڪت ۽ طارق عالم هئا، جڏهن تہ سنڌي ادب جو وڏو نالو، جناب جمال ابڙو، پروگرام جو خاص مھمان هو. پروگرام ٻن حصن ۾ رڪارڊ ٿيو هو. پھرئين حصي ۾ ڪيھر شوڪت ڪھاڻي پڙهي، طارق عالم ۽ محمود مغل ان تي راءِ ڏني، جڏهن تہ ٻئي حصي ۾ محمود مغل ڪھاڻي پڙهي ۽ طارق عالم ۽ ڪيھر شوڪت ان تي تنقيد ڪئي. جڏهن تہ جمال ابڙو صاحب، پنھنجي خاص راءِ ڏني ۽ محترم ممتاز مرزا بہ ادبي حوالي سان پنھنجو جائزو پيش ڪيو.
تنھن کان پوءِ محمود مغل 16 جولاءِ 1989ع تي ’مخزن‘ پروگرام ۾ ڪھاڻي پيش ڪئي.
محمود مغل، اردو ميڊيا ۾، پي ٽي ويءَ جي تقريبن سڀني اهم پروگرامن جي ميزباني ڪئي آهي، اها سنئين سِڌي (Live) نشريات هجي يا رڪارڊيڊ، قدرت کيس خاص موقعن تي خوب عنايت ڪئي آهي ۽ هُن بہ پنھنجي پاران پرفارم ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر ڪونھي ڇڏي.
 وزيرِاعظم پاڪستان محترمہ بينظير ڀٽو پاران ديھہ شاه مريد بوسٽر جو افتتاح: لائيوِ ٽرانسميشن: موسيقيءَ جي حصي جا ميزبان بشريٰ انصاري ۽ محمود مغل 18.08.1996
 قائداعظم جو جنم ڏينھن 25.12.1996
 عيد شو: خوشبو (Live) 02.02.1997
 پورٽريٽ: شيخ اياز 24.12.1997
 تعزيتي پروگرام: ممتاز مرزا ڪِي ياد ۾ 12.02.1998
 تعزيتي پروگرام: شيخ اياز 19.03.1998
 نائون پي ٽي وي ايوارڊ 1998ع 03.11.1999
(ڊرامي ’ڄاتل اڻڄاتل‘ تي بھترين ليکڪ ۽ پروگرام ’پرک‘ لاءِ بھترين ميزبان جون نامزدگيون مليون.)
 علن فقير ڪِي ياد ۾ 09.07.2000
 36هون پي ٽي وي ايوارڊ تقريب (Live) 26.11.2000
 عيد ٽرانسميشن (Live) 28.12.2000 - 01.01.2001
(پي ٽي وي جي تاريخ ۾ اها اڪيلي ٽرانسميشن آهي، جنھن ۾ محمود مغل اڪيلو چيف اينڪر رهيو ۽ ٽن ڏينھن جي ان طويل ٽرانسميشن ۾ 43 ميزبان مختلف چنڪس ۾ ساڻس گڏ ميزباني ڪندا رهيا.)
 ڏهون پي ٽي وي ريجنل ايوارڊ 13.06.2001
(کيس پھريون ڀيرو، بخشڻ مھراڻوي ۽ آغا رفيق سان گڏ بھترين ڪمپيئر جي نامزدگي ملي. ايوارڊ بہ کيس پلئہ پيو.)
 بنين گَي هم سھاره (Live) 04.08.2001
(برسات سٽيَلن جي امداد لاءِ لائيوِ ٽرانسميشن ۾ محمود مغل چيف اينڪر رهيو، جڏهن تہ ساڻس گڏ ’قيصر خان‘، ’هما مير‘، ’ماريه جلالي‘، ’رحيم شاه‘، ’شڪيلا خراساني‘ ۽ ’سليم جاويد‘ ساٿي ميزبانن طور رهيا.)
 آزادي ٽرانسميشن (Live) 14.08.2001
(ساٿي ميزبان: مايہ خان ۽ غزل سلام)
 عيد ٽرانسميشن (Live) 19.12.2001
 فريد نواز بلوچ ڪِي ياد ۾ 26.12.2001
 عيد شو (Live) 17.12.2001 - 19.12.2001
(سومر کان اربع تائين تقريبن 45 ڪلاڪن جي ميزبانيءَ ۾ محمود مغل چيف اينڪر رهيو ۽ ساڻس گڏ سومر ڏهاڙي ’اسد ملڪ‘، ’هما مير‘، ’صباحت بخاري‘، ’رُوحينہ حُسين‘ ۽ ’تسمينہ علي‘، اڱاري ڏينھن ’صنم اقبال‘، ’عدنان جيلاني‘، ’حُميرہ خان‘، ’شھزاد راءِ‘، ’عذره صديقي‘، ’اسد ملڪ‘، ’صائمه خان‘ ۽ ’صائمه قريشي‘ ۽ اربع جي ڏينھن ’ڪامران جيلاني‘، ’مصطفيٰ تنيو‘، ’جويريہ جليل‘، ’جويريہ عباسي‘، ’خديجہ رحمان‘، ’شھزاد راءِ‘، ’نجم شيراز‘، ’فرح نديم‘، ’پير معظم‘ ۽ ’عابد نويد‘ ساٿي ميزبان رهيا.)
 11هون پي ٽي وي ريجنل ايوارڊ 21.09.2002
(ٻيو ڀيرو، بھترين ڪمپيئر جي نامزدگي ملي، جيڪو ايوارڊ بہ کيس نصيب ٿيو.)
 حي اللفلاح (Live) 14.09.2002
 ٺٽي شھر مان (Live) ٽرانسميشن 06.10.2002
 عيد شو (Live) 08.12.2002
 مھراڻ ميلو (تحرير ۽ ميزبان) 25.05.2003
 ڪرڪيٽ شو شارجا ڪپ 2003ع 13.04.2003
(ان شو جي گڏيل ميزباني محمود مغل ۽ عدنان صديقيءَ ڪئي. پيشڪش شاهدہ شعيب رضويءَ جي هئي، جنھن سڄي پاڪستاني ٽيم کي گهرايو هو.)
 پي ٽي وي ريجنل ايوارڊ شو 23.10.2003
(بيسٽ پلي رائيٽ سيريل جي نامزدگي ملي.)
 عيد شو (Live) 22.11.2003
 پي ٽي وي جي چاليھين سالگرہ 30.11.2003
(هن شو جي تحرير ۽ ميزباني محمود مغل جي حوالي هئي. هن ئي پروگرام ۾ پاڪستان ٽيليوزن جي چئنل 4 جو افتتاح ڪيو ويو هو.)
 صبحِ روشن: رمضان المبارڪ 1428ھہ ۾ سحريءَ جي خاص نشريات (Live)
16.09.2007، 23.09.2007، 30.09.2007، 07.10.2007
 رحمتون ڪِي رات: رمضان المبارڪ ۾ رات جي نشريات (Live)
سال 2004: 09.01.2004، 16.01.2004، 23.01.2004، 30.01.2004، 01.02.2004
سال 2009: 24.08.2009، 25.08.2009، 26.08.2009، 27.08.2009، 03.09.2009، 04.09.2009، 05.09.2009، 08.09.2009، 09.09.2009، 13.09.2009، 14.09.2009، 15.09.2009
سال 2010: 11.08.2010، 10.08.2010، 13.08.2010، 18.08.2010، 15.08.2010، 22.08.2010، 26.08.2010
 پروگرام مشعل
13.01.2005، 04.02.2005، 05.02.2005، 06.02.2005، 04.03.2007
 روبينہ قريشي ڪَي گيت 30.12.2003
 پچيس دسمبر (Live) نشريات 25.12.2003
 شيدي ميلا منگهو پير 18.08.2004
 عيدالفطر شو (Live) 12.10.2004
 سحر هونَي تڪ: اسپيشل جشنِ آزادي 14.08.2005
 درد آشنا 11.10.2005
(زلزلي جي متاثرين لاءِ انور مقصود، معين اختر، بشريٰ انصاري ۽ محمود مغل مالي مدد لاءِ گڏيل (Live) ٽرانسميشن ڪئي.)
 مھراڻ شو: جشنِ آزادي 14.08.2006
 پي ٽي وي ريجنل پروگرام ڪِي بياليسوين سالگرہ
(پي ٽي وي نيشنل: تحرير ۽ ميزبان) 26.11.2006
 بياليس سنہرَي سال مبارڪ هون (تحرير ۽ ميزبان)
26.11.2006
 اَي قائداعظم تيرا احسان هَي (Live) شو 25.12.2006
 مائون ڪا عالمي دن (Live) 11.05.2008
 پندروان پي ٽي وي ريجنل ايوارڊ 15.11.2008
(بھترين ڪمپيئر لاءِ محمود کي نامزدگي ملي)
 پي ٽي وي ڪِي پينتاليسوين سالگرہ 26.11.2009
(پاڪستان ٽيليوزن پنھنجي چئِن ميزبانن کي اعليٰ اعزازن سان نوازيو، محترم عبيدﷲ بيگ، محترمہ خوشبخت شجاعت، محترم قريش پور ۽ محترم محمود مغل)
 محنت ڪِي عظمت (Live) مزدورون ڪا عالمي دن 01.05.2010
 شبِ نُور: شبِ معراج (Live) 09.07.2010
 سھراب فقير ڪِي ياد ۾ 31.10.2010
 پورٽريٽ: شيخ اياز نومبر 2010ع
 مھران ميلا (تحرير ۽ ميزبان) 25.05.2013
 پي ٽي وي ميراٿن ٽرانسميشن: امدادي پروگرام 04.08.2014
 آج ڀي ڀٽو زندہ هَي
(برسي ڪَي موقعي په لائيو ٽرانسميشن، جنھن ۾ ’لطيف مغل‘، ’حبيب جنيدي‘، ’زاهدہ حنا‘، ’مھتاب اڪبر راشدي‘، ’مرزا اختيار بيگ‘، ’سينيٽر ڪمال اظفر‘، ’آغا مسعود حُسين‘، ’نجم الدين شيخ‘ ۽ ’فھميدہ رياض‘ مھمانن طور شرڪت ڪئي. سڄي ڏينھن جي ان ٽرانسميشن ۾ ’محمود مغل‘ چيف اينڪر رهيو، جڏهن تہ شام جو 7 کان 9 وڳي تائين ’شرميلا فاروقي‘ ۽ ’خالد انعم‘ ساڻس ساٿي ميزبان رهيا. پاڪستان ٽيليوزن لاءِ محمود مغل جي هيءَ آخري لائيوِ ٽرانسميشن هئي.) 04.04.2012

نشريات: ميزباني
]ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۽ ڪراچي[:
1982ع کان ريڊيو پاڪستان جي نشريات سان تعلق هلندڙ آهي، جيڪو 42 سالن جو سفر طئہ ڪري چڪو آهي. سڀ کان پھرين ’ادبي سنگت‘ ۾ ڪھاڻي پڙهڻ سان شروعات ٿي، جنھن کان پوءِ، اڱارو 6 جنوري 1987ع کان لائيوِ ميزبانيءَ جو سلسلو لاڳيتو هلندو رهيو آهي. ميزباني، تحرير، پورهيي ۾ شامل آهن ۽ 1985ع کان پروگرام ’صبحِ مھراڻ‘ جي لاڳيتو ڪمپيئرنگ هلندي رهي ٿي. تقريبن چاليھن سالن جي هن ساٿَ ۾ ’صبحِ مھراڻ‘ جي ٻاويھہ سؤ کان مٿي پروگرامز جي محمود ميزباني ڪري چڪو آهي.
تنھن کان سواءِ ريڊيو پاڪستان تان ’سُڳنڌ‘، ’اوهان جو خط پھتو‘، ’سُرهي سانجهہ‘، ’ادبي سنگت‘، ’يونيورسٽي مئگزين‘، ’ڪتاب ڪھاڻي‘ (جنھن ۾ ڪُڻن ذريعي نڪتل ٻُڌندڙن کي 23 ڪتاب تحفتن موڪليا ويا) جا تقريبن ڇھہ سؤ کان مٿي پروگرامز ڪمپيئر ڪيا، جڏهن تہ لائيوِ ٽرانسميشن شوز ’ديا جلائَي رکنا هَي‘ ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ تان 13 آگسٽ 2002ع تي ڪئي، جنھن ۾ محمد نقي صاحب، ڊاڪٽر هُما مير، اسمي خان ۽ محمود مغل ميزباني ڪئي، جڏهن تہ ساڳيو شو ٻئي ڏينھن تي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان 14 آگسٽ 2002ع تي سنئون سِڌو نشر ٿيو، جنھن جي ميزباني ’محمود مغل‘، ’طاهرہ حسن‘، ’نسرين آفتاب‘، ’سيما مرزا‘ ۽ ’عبدالستار خان‘ ڪئي، ’نيشنل ايوارڊ سيريمني‘، ’مھراڻ موج لائيوِ ٽرانسميشن‘ بہ محمود جي نصيب ۾ آيا.
نشريات: ميزباني
]پاڪستان ٽيليوزن ڪراچي اسٽوڊيوز[:
1993ع کان 2016ع تائين چوويھہ سال لاڳيتا پاڪستان ٽيليوزن ڪراچي مرڪز تان ميزباني ڪئي.
 ’سنڌ مئگ‘ (تحرير ۽ ميزبان)
37 پروگرام، 13 جنوري 1994ع کان 15 سيپٽمبر 1994ع
پيشڪش: هارون رند
 ’سنڌ سينگار‘ (تحرير ۽ ميزبان)
8 پروگرام، سيپٽمبر 1994ع کان آڪٽوبر 1994ع
پيشڪش: محمد بخش سميجو
 ’اڄ جو مھمان‘ (ميزبان)
52 پروگرامَ
پيشڪش: نواب مھدي لغاري
مھمان:
1. محترم انور رامل 19 آڪٽوبر 1994ع
2. آپا مريم نُوحاڻي 25 آڪٽوبر 1994ع
3. محترم الياس عشقي 25 آڪٽوبر 1994ع
4. آپا لِيلاوتي هرچنداڻي 1 نومبر 1994ع
5. محترم غلام حيدر صديقي 9 نومبر 1994ع
6. محترم رئيس علي نواز اُنڙ 16 نومبر 1994ع
7. محترم عبدالڪريم بلوچ 23 نومبر 1994ع
8. محترم مخدوم امين فھيم 30 نومبر 1994ع
9. محترم ڪشنچند پارواڻي 10 ڊسمبر 1994ع
10. محترم يوسف لغاري 14 ڊسمبر 1994ع
11. محترم مصطفيٰ قريشي 20 ڊسمبر 1994ع
12. محترمہ روبينہ قريشي 20 ڊسمبر 1994ع
13. آپا شمس عباسي 4 جنوري 1995ع
14. محترم حميد سنڌي 7 جنوري 1995ع
15. محترم فيروز خواجہ 12 جنوري 1995ع
16. محترم پروانو ڀٽي 18 جنوري 1995ع
17. محترم مراد علي مرزا 18 جنوري 1995ع
18. محترم سيد منظور نقوي 7 فيبروري 1995ع
19. محترم ايڇ. ايم خواجہ 7 فيبروري 1995ع
20. محترم عنايت بلوچ 22 فيبروري 1995ع
21. محترم گل محمد حاجاڻو 22 فيبروري 1995ع
22. آپا مھتاب اڪبر راشدي 28 فيبروري 1995ع
23. محترم مظفر حُسين جوش 28 فيبروري 1995ع
24. محترم شاهد ڪاظمي 20 اپريل 1995ع
25. سرجن عبدالغني صديقي 18 مئي 1995ع
26. محترم علي بابا 1 جُون 1995ع
27. محترم استاد وزير علي خان 1 جُون 1995ع
28. محترم شفيع پڃارو 15 جُون 1995ع
29. محترم نياز همايوني 15 جُون 1995ع
30. محترم شيخ اياز 16 جُون 1995ع
31. محترم غلام رباني آگرو 23 جُون 1995ع
32. محترم احمد محمد قاضي 3 جُولاءِ 1995ع
33. محترم يُوسف شاهين 3 جُولاءِ 1995ع
34. محترمہ عابدہ پروين 10 جُولاءِ 1995ع
35. محترم سيد احسن الھاشمي 20 جُولاءِ 1995ع
36. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ 21 جُولاءِ 1995ع
37. علامہ غلام مصطفيٰ قاسمي 21 جُولاءِ 1995ع
38. ڊاڪٽر نجم عباسي 21 جُولاءِ 1995ع
39. محترم حُسين شاھہ (باڪسر) 28 آگسٽ 1995ع
40. محترم محمد عالم چنا 28 آگسٽ 1995ع
41. سيد صالح محمد شاھہ 16 سيپٽمبر 1995ع
42. محترم علڻ فقير 16 سيپٽمبر 1995ع
43. محترمہ روشن عطا 3 نومبر 1995ع
44. محترم قربان جيلاني 3 نومبر 1995ع
45. سيد مرتضيٰ ڏاڏاهي 10 نومبر 1995ع
46. محترم شمشيرالحيدري 21 نومبر 1995ع
47. حافظ ارشد انڍڙ 23 نومبر 1995ع
48. محترم مشتاق چنگيزي 23 نومبر 1995ع
49. محترم فيروز گل 27 نومبر 1995ع
50. محترم عبدالحق ابڙو 27 نومبر 1995ع
51. محترم علي احمد بروهي 3 ڊسمبر 1995ع
52. محترم نُور محمد لاشاري 3 ڊسمبر 1995ع
 ’مھراڻ مئگ‘ (ميزبان)
31 پروگرام، 21 آڪٽوبر 1996ع کان 29 اپريل 1997ع
پيشڪش: هارون رند
 ’ماڻڪ موتي‘ (تحرير ۽ ميزبان)
15 پروگرام، 20 اپريل 2002ع کان 28 سيپٽمبر 2002ع
پيشڪش: اقبال سعيد انصاري
 ’پرک‘ 782 پروگرام (تحرير ۽ ميزبان)
21 ڊسمبر 1997ع کان 22 مئي 2012ع
پيشڪش: عبدالحميد هاليپوٽو/قربان چنا/فيض ٻُگهيو/ سميع بلوچ/اقبال سعيد انصاري/اقبال احمد/مزمل شجراح/بادل جمالي
 ’سنڌي فلم سنسار‘، هڪ سؤ قسطون (تحرير ۽ ميزبان)
2015-2016ع پيشڪش: ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ سولنگي
سنڌ ٽي وي
 ’جهڙا گل گلاب جا ود محمود مغل‘ (پروفائل انٽرويوز)
23 پروگرامَ
تحرير، ميزبان ۽ پيشڪار: محمود مغل
مھمانَ:
1. محترم ولي رام ولڀ
2. محترم فتاح هاليپوٽو
3. محترم نصير مرزا
4. محترم مشتاق چنگيزي
5. محترم پروانو ڀٽي
6. محترم شھباز دراني
7. ڊاڪٽر فھميدہ حُسين
8. محترم خواجہ امداد علي
9. استاد عبدﷲ خان (شرناءِ نواز)
10. محترمہ زينت صديقي
11. استاد بچل (ڍولڪ نواز)
12. سيد مرتضيٰ ڏاڏاهي
13. سيد نثار حُسين شاھہ لطيفي (سجادہ نشين: ڀٽ ڌڻي)
14. محترم ڪامران ڀٽي
15. محترم غفور گل
16. استاد نظير خان (طبلا نواز)
17. محترم مرتضيٰ سولنگي
18. ڊاڪٽر غلام قادر قاضي (وائيس چانسلر اسريٰ يونيورسٽي)
19. محترم سوز هالائي
20. ڊاڪٽر راس مسعود حُسين (سفارتڪار)
21. محترم دين محمد شيخ
22. سيد حيات علي شاھہ بخاري
23. استاد فتح علي خان
ڪي ٽي اين
 موسيقيءَ جي پھرئين پروگرام ’محفل‘ جو پھريون ميزبان، جنھن ۾ ذوالفقار علي ۽ مظھر حسين شريڪ ٿيا هئا.
عنايتون
پاڪستان ٽيليوزن ڪراچي مرڪز، پنھنجي پاران مختلف پروگرامن ۾ مھمان طور شرڪت جي عزت بخشي.
1. سنڌي ناٽڪ بابت سنڌي اديبن جو مذاڪرو 27.04.1987
2. رحمتون ڪِي رات (ٻہ ڀيرا)
3. صبحِ پاڪستان (ٻہ ڀيرا)
4. يِو اين ڊي پي جي مدد سان ٽن ڏينھن جو ورڪشاپ 19.04.2001 - 21.04.2001
5. حي اللفلاح 06.10.2002
6. کٽڻھار شو 24.04.2007
7. رائيٽرس ڪانفرنس 2010 20.04.2010
8. سيليبريشن آف 2007ع ’وزٽ پاڪستان ييئر‘ 30.11.2006
9. مينا بازار (مارننگ شو: ميزبان عائشہ خان) 10.03.2010
10. سب رنگ 14.11.2016
11. پي ٽي وي هوم جي سالگرہ 2023ع

________________
پيءُ کي ڏسندي، ڪشف الدجيٰ محمود کي بہ سنڌي ٻارڙن جي پروگرام ’روشن تارا‘ ۾ اسسٽنٽ ڪمپيئر رکيو ويو. عمر ڏھہ سال هئس ۽ ان ئي عمر ۾ هُن 10 پروگرام ڪيا ۽ آخرڪار پنھنجي مرضيءَ سان اڳتي پروگرام ڪرڻ کان انڪاري ٿي، جيتوڻيڪ پروڊيوسر محمد امين ميمڻ سندس ٽئلينٽ کي ڏسندي بيحد اصرار ڪيو پر ڪشف جو انڪار، انڪار ئي رهيو.
1. 28.12.2003 02. 28.12.2003 03. 28.12.2003 04. 04.01.2004 05. 11.01.2004 06. 11.01.2004 07. 25.01.2004 08. 15.02.2004 (محرم الحرام اسپيشل) 09. 15.02.2004 10. 07.03.2004
________________

نشريات: تحرير
]ريڊيو پاڪستان حيدرآباد[:
ريڊيو ناٽڪ:
ناٽڪ جو نالو: پيشڪار:
پڇتاءُ نصير مرزا
اُڏام محمد انور هڪڙو
تفاسير فرخ بلوچ
زندگي فرخ بلوچ
ذمہ علي اڪبر هنڱورجو
چُوڙيان الياس رضا
رپورٽ عرفان علي انصاري
ٽارگيٽ عرفان علي انصاري

نشريات: تحرير
]پاڪستان ٽيليوزن ڪراچي مرڪز[:
سنڌي ڊراما: (سَولَو پليز)
1. آئيڊيل 16.09.1982 هارون رند
2. زندگيءَ جو زهر 1983 هارون رند
3. خالي گهر 1983 هارون رند
4. خوشبو 10.01.1983 منظور قريشي
5. واپسي 25.05.1986 اقبال سعيد انصاري
6. بخشش 24.05.1987 محمد بخش سميجو
7. آس نراس جي وچ ۾ 02.10.1990 محمد بخش سميجو
8. جذبا سچن موتين جھڙا 09.06.1993 محمد بخش سميجو
9. وڃايل منزلون 27.06.1993 محمد اقبال لطيف
10. موٽي آءُ 25.07.1993 محمد اقبال لطيف
11. رشتو 06.06.1993 محمد اقبال لطيف
12. خواب اڌورو 15.08.1994 منظور مگسي
13. هڪ خوشيءَ جو سوال 06.12.1994 محمد بخش سميجو
14. هڪڙي ملندي آهي زندگي03.11.1996 نواب مھدي
15. ڄاتل اڻڄاتل 26.07.1998 محمد بخش سميجو
16. لھندڙ سج، وڌندڙ پاڇا محمد بخش سميجو
17. شناس 06.06.1998 اقبال سعيد انصاري
18. اڻ ڏٺل موسم منظور مگسي
19. تنھنجا منھنجا خواب 12.12.1999 عبدالحميد هاليپوٽو
20. ٽُٽل وجود جو ميلاپ سميع بلوچ
21. روبرو 12.10.2005 منظور مگسي
22. تون منھنجي حياتيءَ جو مقصد 2006 مزمل شجراع
23. آيا آس ٿيام 2010 مقبول شجراع
24. مايا 05.01.2011 انور سادات

سنڌي سيريلس
1. خالي هَٿَ 28.12.1985 12.01.1986
محمد اقبال لطيف
2. ڪنھن ڪنھن ماڻھو منجهہ 04.05.2010 26.10.2010
محمد بخش سميجو
3. عشق هاڻي ڪجي ڪنھن سان 16.08.2012 22.11.2012
منظور مگسي
سنڌ ٽي وي
1. ’جِيوَن درد ڪھاڻي‘ سوپ سيريل: هڪ سئو قسطون
اپريل 2018 - جولاءِ 2018ع
حُسين شيخ
اردو سيريز
1. چارسُو:
انگارَي 06.06.1989 هارون رند
خالي گهر 07.10.1989 هارون رند
2. ايڪ رات ايڪ ڪھاني:
گُرگ آشتي 10.12.1994 هارون رند
بھت دير ڪِي 14.01.1995 محمد اقبال لطيف
3. خواهش: (ڊرامن جو نالو نہ هو)
قسط هڪ: 27.02.2002 رانا تعريف
قسط ٻہ: 03.03.2002 منظور مگسي
قسط ٽي: 03.04.2002 رانا تعريف
قسط چار: 08.05.2002 ڪاظم پاشا
4. مشعل (مختلف ڊراما)
قسط هڪ: 13.01.2005
قسط ٻہ: 04.09.2006
قسط ٽي: 05.09.2006
قسط چار: 07.09.2006
5. رول ماڊل (رمضان المبارڪ لاءِ خاص ڊراما)
گمان 07.09.2007 رانا تعريف
بوجهہ 08.09.2007 رانا تعريف
مطالبہ 19.09.2007 رانا تعريف
روشن ڪمري 20.09.2007 رانا تعريف
پرانا شيلف 21.09.2007 رانا تعريف
سبق 22.09.2007 رانا تعريف
پھچان 25.09.2007 رانا تعريف
ڊيئر ڊائري 26.09.2007 رانا تعريف
منہ بولي 07.10.2007 رانا تعريف
لمبَي هاٿ 07.10.2007 رانا تعريف
اردو سيريلس
1. رَوِش 11.11.1993-20.07.1994 محمد بخش سميجو
2. نُوري ڄام تماچي21.03.1996-15.08.1996 محمد بخش سميجو
3. سمجهوتا 11.11.2000-02.03.2001 محمد بخش سميجو
]نوٽ: ’سمجهوتہ‘، پاڪستان ٽيليوزن جي تاريخ ۾ اها واحد سيريل آهي، جيڪا هڪ ئي وقت سنڌي ۽ اردوءَ ۾ رڪارڊ ڪئي وئي ۽ ٽيليڪاسٽ ڪئي وئي. سنڌي سيريل جو نالو ’ڪنھن ڪنھن ماڻھوءَ منجهہ‘ هيو، جيڪا 04.05.2000 کان 26.10.2000 تائين ٽيليڪاسٽ ڪئي وئي. هن سيريل کي پي ٽي وي ايوارڊس ۾ 8 ڪيٽيگريز ۾ نامزد ڪيو ويو، جنھن مان بھترين پروڊيوسر: محمد بخش سميجو، بھترين ليکڪ: محمود مغل، بھترين اداڪارہ: فرح نديم، بھترين ميڪ اپ: ثمينہ قيصر ۽ بھترين سيٽ ڊزائينر: تنوير عالم صديقي ايوارڊ ماڻيا هئا. [
4. ماهپارہ 22.03.2004 23.06.2004 شاهد اقبال پاشا
5. مُشڪبار 15.12.2008 04.06.2009 منظور قريشي

اردو منفرد ڊراما، لانگ پليز، اسپيشل پليز
]پاڪستان ٽيلويزن ڪراچي مرڪز[
1. ايڪ بدلہ هُوا پل (ٽيلي ٿيٽر) 01.11.1194 محمد بخش سميجو
2. بھت دير ڪِي (ٽيلي ٿيٽر) 1994ع علي رضوي
3. تيرَي آجاني سَي (اسپيشل پلي) 19.11.2001 محمد بخش سميجو
4. سليوٽ (لانگ پلي) 12.08.2006 تسنيم اسلم/ڪاظم پاشا
5. خدوخال (لانگ پلي) 11.03.2007 منظور قريشي
(هن ناٽڪ کي پاڪستان ٽيليوزن لائيو ٽرانسميشن ۾ رکيو هو. شديد ترين هلندڙ بارش ۾ اسلام آباد اسٽوڊيوز ۾ پروڊيوسر ’منظور قريشي‘ ۽ ڄامشوري ۾ پنھنجي گهر ’محمود مغل‘ هئا، جن سان مشھور ميزبان ’عمار مسعود‘ گفتگو ڪئي ۽ پي ٽي ويءَ پنھنجن پنجن ڪلاڪن جي ٽرانسميشن هن ڊرامي جي نالي ڪئي.)
6. محبت، عورت اور مامتا 27.04.2009 قربان چنا
7. ابا نَي هماري ساٿ ڪيا ڪِيا
(ٽيلي ٿيٽر) 05.01.2011 سيد محسن علي
8. مَنانا نھين آتا (سيريز تمثيل) جنوري 2024 رانا تعريف
9. اَڌُورا پَن محمد بخش سميجو
10. بِکر نہ جانا منظور مگسي
11. مايا تسنيم اسلم
12. درد آشنا ڪاظم پاشا
13. روبرو آفاق احمد
14. رشتَي ناتَي منظور مگسي
15. پانچوان موسم منظور مگسي

اردو منفرد ڊراما، لانگ پليز، اسپيشل پليز ۽ سيريلس:
]مختلف ٽيليوزن چينلس[
1. ’آج‘ ٽيليوزن:
قدآور (لانگ پلي) پريو فاروق
يادين (سيريل) محمد احمد علي
دل گرفتہ (سيريل) محمد احمد علي
2. ’جيو‘ ٽيليوزن:
ميرا دل ايڪ مسافر (لانگ پلي) سيد محسن علي
سرگوشيان (سيريل) رابعہ نورين
اُس نَي ڪھا ٿا (سيريل) خالد بن شاهين
عشق آتش (سيريل) سڪينہ سمون
3. ’اي آر وائي ڊجيٽل‘ ٽيليوزن:
مقروض (لانگ پلي) پريو فاروق
مجهي ڪُڇ ڪھنا هَي (لانگ پلي) محمد احمد علي
ڪٿا (سيريل) محمد احمد علي

سب ٽائيٽلنگ/ٽرانسڪرپشن/ٽِڪرنگ (Sub-Titling):
1. ڪنھن ڪنھن ماڻھو منجهہ 04.08.2003
2. بوند بوند زهر 10.08.2003
3. ڪشمڪش 21.08.2003
4. واھہ پنھل واھہ 31.10.2003
5. اُجالَي جي آمد 09.12.2003
6. زندگيءَ جو امر گيت 21.12.2003
7. زندگي هڪ ڄار 01.10.2004

اسٽيج:
1981ع کان وٺي هيل تائين محمود مغل، هزارن جي تعداد ۾ اسٽيج پروگرامس ڪري چڪو آهي. انعامي حوالن کان، سڄي سنڌ ۾ مشھور ’پرل جو خزانو‘ هُن لاءِ شھرتن جو هڪ نئون دروازو کولي ويو. لاڳيتا ٽي سال 2001، 2002 ۽ 2003ع سنڌ جي مختلف شھرن ۾ ’ليور برادرز پاڪستان‘ پاران چيف اينڪر جي حيثيت سان کيس قرعه اندازي ڪرڻ لاءِ مڪمل اجازت هوندي هئي. هُن خيرپور ميرس، ٽنڊوالھيار، نئون ڪوٽ، شھدادپور، نوابشاھہ، قاضي احمد، جيڪب آباد، دادو، سانگهڙ، هالا، ٺٽي ۽ ٻين شھرن ۾ ’پرل جو خزانو‘ جا گرانڊ شوز ڪيا، جن ۾ وڏي ۾ وڏو انعام ’لگزري ڪار‘ ۽ ننڍي ۾ ننڍو انعام ’وي سي آر‘ هوندا هئا.

صحافتي خدمتون:
 سب ايڊيٽر ’روزاني مھراڻ حيدرآباد‘ 1988ع
 سب ايڊيٽر ’روزاني ڪاوش حيدرآباد‘ 1992ع
 ايڊيٽر ’هالار ڊائجسٽ حيدرآباد‘ 1992ع
 ايڊيٽر ’سنڌ رنگ ڊائجسٽ حيدرآباد‘ 1995ع
 ايڊيٽر ’نازڪ: ڪاوش سٿ حيدرآباد‘ 2012ع
 ايڊيٽر ’ڪاوش گئلري: ڪاوش سٿ حيدرآباد‘ 2015ع - 2017ع

ايوارڊس:
1. ڪوهيڙي ۾ ويڙهيل يادون سنڌي ادبي سنگت بيسٽ رائيٽر
(ايوارڊ 1985 (اڱارو 1 جنوري 1987ع تي ’امر لال هنڱوراڻي‘ جي نانءَ تي ’شيخ اياز‘ جي هٿان ڏياريو ويو)
2. 1996ع جو بھترين ليکڪ پي بي سي ريجنل ايوارڊ 1996ع
3. بيسٽ ڪامپيئر پي ٽي وي 1998ع
4. بيسٽ ڪامپيئر ايڪسيلينسي ايوارڊ 1998ع
5. بيسٽ ڪامپيئر پي ٽي وي 2000ع
6. ريڊيو پاڪستان PBC ايڪسيلينسي ايوارڊ 2000ع
7. بيسٽ اسڪرپٽ رائيٽر پي ٽي وي 2001ع
8. ريڊيو پاڪستان ريجنل ايڪسيلينسي ايوارڊ 2001ع
9. بيسٽ ڪامپيئر پي ٽي وي 2002ع
10. سچل ايوارڊ (گِيبو شِيبو ملٽي ميڊيا) 2003ع
11. پي ٽي وي نيشنل ايوارڊ 2009ع
12. بيسٽ رائيٽر ايوارڊ 2010ع
13. ڪتاب: سنڌ ٽاڪيز سنڌي لئنگئيج اٿارٽي ايوارڊ 2016ع
14. ڪتاب: زيب النساءِ انجمن ترقي پسند مصنفين ايوارڊ
2018ع
15. لائيف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊ (چوٿون عالمي فلم فيسٽيول 2018ع)
انسٽيٽيوٽ آف آرٽ ائنڊ ڊزائين،
سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو
16. لائيف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊ (فلم فيسٽيول 2018ع)
انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄامشورو
17. لائيف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊ ڏاڏاهي ادبي تنظيم (ڏات) ٽنڊوالھيار
2019ع
18. ڪتاب: خواب نگر: سائين انجمن ترقي پسند مصنفين ايوارڊ
2022ع
 محمود مغل ٻہ ڀيرا، صدارتي ايوارڊ براءِ حُسنِ ڪارڪردگي لاءِ نامزدگي ماڻي چڪو آهي.

]پھرين نومبر 2024ع[

محمود مغل جا ڇپيل ڪتابَ

حافظ احمدالدين انڍڙ

1. ڪوهيڙي ۾ ويڙهيل يادون (ڪھاڻيون)
پبلشر: نظام عباسي رابيل پبليڪيشنس لاڙڪاڻو
پريس: مرتضيٰ پرنٽنگ پريس، حيدرآباد
نيرنگ آرٽ پريس حيدرآباد
ٽائيٽل: علي نواز ڦُلپوٽو
سال: 1982ع
سائيز: ڪرائون
صفحا: 112
قيمت: 8 روپيا

2. تو سنگ تو بن ڏينھڙا (ڪھاڻيون)
پبلشر: نذير ناز، ناري پبليڪيشنس حيدرآباد
پريس: نيو گرين پرنٽرس، صدر حيدرآباد
ٽائيٽل ۽ لي آئوٽ: منصور عالم ابڙو
سال: آڪٽوبر 1985ع
سائيز: ڪرائون
صفحا: 224
قيمت: 20 روپيا

3. هٿ ريکائن کان خالي (ناول)
پبلشر: نذير ناز، ناري پبليڪيشنس حيدرآباد
ڪمپوزنگ: حبيب قادر قريشي، سارنگ رام
سنڌ ٽيڪ ڪمپوزنگ سينٽر، حيدرآباد
پريس: نيرنگ آرٽ پريس حيدرآباد
ٽائيٽل ۽ لي آئوٽ: محمود مغل
سال: 1991ع
سائيز: ڪرائون
صفحا: 106
قيمت: 20 روپيا

4. اسين جيئرا آهيون (ترجمو)
پبلشر: نذير ناز، ناري پبليڪيشنس حيدرآباد
ڪمپوزنگ: حبيب قادر قريشي،
هوت رام مينگهواڙ
سنڌ ٽيڪ ڪمپوزنگ سينٽر، حيدرآباد
پريس: حيدري پرنٽنگ پريس، لجپت روڊ حيدرآباد
ٽائيٽل ۽ لي آئوٽ: محمود مغل
سال: اپريل 1992ع
سائيز: ڊيمي
صفحا: 318
قيمت: 60 روپيا

5. محمود مغل جون ڪھاڻيون (ڪھاڻيون)
پبلشر: طارق عزيز شيخ، باک پبليڪيشنس ڪراچي
ٽائيٽل ۽ لي آئوٽ: محمود مغل
سال: ڊسمبر 1995ع
سائيز: ڊيمي
صفحا: 208
قيمت: 60 روپيا

6. خواب نگر (پھريان هڪ سؤ ڪالم)
(انجنيئر عبدالمالڪ ميمڻ جي مھربانين سان ڇپيو)
پبلشر: مھراڻ اڪيڊمي، واڳڻو در شڪارپور
ڪمپوزنگ: عرفان علي ميمڻ، محمد اصغر رند
ٽائيٽل: عاشق عارباڻي صاحب جي نڪتل تصوير، جنھن جي پيسٽنگ ۽ لَي آئوٽ جو ڪم محترم نُور محمد سميجو ۽ محترم مرتضيٰ سيال ڪيو، جڏهن تہ بئڪ ٽائيٽل تصوير محمد راشد سلاوٽ ڪڍي.
سال: سيپٽمبر 2002ع
سائيز: ڊيمي
صفحا: 404
قيمت: 250 روپيا

7. سنڌي چونڊ ڪھاڻيون (ڪھاڻيون / سھيڙ)
پبلشر: تاج جويو، سيڪريٽري سنڌي لئنگئيج اٿارٽي حيدرآباد
ڪمپوزنگ: اسدﷲ ڀٽو، حُسين ميمڻ
ٽائيٽل: اسدﷲ ڀٽو
سال: 2010ع
سائيز: ڊيمي
صفحا: 386
قيمت: 200 روپيا

8. هڪ يادگار منصف: فقير برڪت علي بلوچ (سھيڙ)
پبلشر: سعيد احمد جاگيراڻي
ڪمپوزنگ: حبيب قادر قريشي، حسيب ڪمپوزنگ سينٽر حيدرآباد
ٽائيٽل ۽ لي آئوٽ: نُور محمد سميجو
ڇپيندڙ: امرتا پبليڪيشنس، ڍول فقير فائونڊيشن حيدرآباد
سال: 2012ع
سائيز: ڊيمي
صفحا: 206
قيمت: 400 روپيا

9. محبتن جا ٻہ ناوليٽ: سرءُ ۽ هَٿَ ريکائن کان خالي (ناول)
پبلشر: محمد علي ماجد
ڪاڇو پبليڪيشنس ڪراچي
لي آئوٽ: پيار گرافڪس
ٽائيٽل: نعيم خان ديسوالي
پريس: ذڪي سنز پرنٽرز ڪراچي
سال: جنوري 2015ع
سائيز: ڊيمي
صفحا: 158
قيمت: 220 روپيا

10. سنڌ ٽاڪيز
(سنڌي فلمن جي ڪٿا / تحقيق، تحرير ۽ ترتيب)
ايڊيٽر: فقير محمد ڍول
ڪمپوزنگ ۽ لَي آئوٽ:
فقير محمد ڍول ۽ محمود مغل
ٽائيٽل ۽ تصويرن جي تزئين: نعيم خان ديسوالي
ڇپائيندڙ: انڊوومينٽ فنڊ ٽرسٽ فار پرزرويشن آف هيريٽيج آف سنڌ ڪراچي
ڇپيندڙ: امرتا پبليڪيشنس، ڍول فقير فائونڊيشن حيدرآباد
سال: 2015ع
سائيز: رائل
صفحا: 804 (آخر ۾ 40 رنگين فلمي پوسٽر)
قيمت: 3500 روپيا

11. زندگي محسوس ڪيو (نفسيات / ترجمو)
ڪمپوزنگ: سيد محمد رضا حُسين شاھہ نقوي
ٽائيٽل ۽ لي آئوٽ: نعيم خان ديسوالي
ڇپيندڙ: امرتا پبليڪيشنس، ڍول فقير فائونڊيشن حيدرآباد
پريس: ذڪي سنز پرنٽرز ڪراچي
سال: جنوري 2016ع
سائيز: پاڪيٽ
صفحا: 64
قيمت: 100 روپيا

12. زيب النساء (طويل ڪھاڻي)
ڪمپوزنگ:
فقير محمد ڍول/سيد محمد رضا حُسين شاھہ نقوي
ٽائيٽل: نعيم خان ديسوالي
لي آئوٽ: آصف نظاماڻي
پبلشر: قربان منگي، پوپٽ پبلشنگ هائوس، مال روڊ خيرپور سنڌ
پريس: پوپٽ پرنٽنگ پريس خيرپور سنڌ
سال: 2016ع
سائيز: ديمي
صفحا: 304
قيمت:400 روپيا

13. محبتن جو شھر ٻُڙي ميل: (ڪھاڻيون)
پبلشر: محمد علي ماجد
ڪاڇو پبليڪيشنس ڪراچي
لي آئوٽ: علي اڪبر ڇُٽو
ٽائيٽل: نعيم خان ديسوالي
پريس: سومرا پرنٽرس ڪراچي
سال: جولاءِ 2018
سائيز: ڊيمي
صفحا: 320
قيمت: 300 روپيا

14. پيار ڪھاڻيون (امرتا ڪلاسڪس / سھيڙ)
ايڊيٽنگ ۽ لي آئوٽ: فقير محمد ڍول
ڪمپوزنگ: راز محمد لغاري
ٽائيٽل: عرفان علي ميمڻ
ڇپيندڙ: امرتا پبليڪيشنس، ڍول فقير فائونڊيشن حيدرآباد
سال: آڪٽوبر 2019ع
سائيز: ڊيمي
صفحا: 128
قيمت: 100 روپيا

15. تُرت طبي امداد (ترجمو) سنڌي ۽ اردو
مالي سھائتا: سال 2016ع جي بئچ، سينٽر فار فزيڪل ايجوڪيشن، هيلٿ ائنڊ اسپورٽس سائنس، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو
ايڊيٽنگ ۽ لي آئوٽ: فقير محمد ڍول
ڪمپوزنگ: راز محمد لغاري
ٽائيٽل: عرفان علي ميمڻ
ڇپيندڙ: امرتا پبليڪيشنس، ڍول فقير
فائونڊيشن حيدرآباد
سال: ڊسمبر 2019ع
سائيز: ڊيمي
صفحا: 80
قيمت: 100 روپيا

16. هڪڙي ملندي آهي زندگي
(نفسيات / ترجمو)
ڪمپوزنگ: سيد محمد رضا حُسين شاھہ نقوي
ايڊيٽنگ ۽ لي آئوٽ: فقير محمد ڍول
ٽائيٽل: عرفان علي ميمڻ
بئڪ ٽائيٽل تصوير: مرتضيٰ سيال
ڇپيندڙ: امرتا پبليڪيشنس، ڍول فقير فائونڊيشن حيدرآباد
سال: فيبروري 2021ع
سائيز: ڊيمي
صفحا: 176
قيمت: 300 روپيا

17. خواب نگر: سائين
(محبت ۽ حياتي: رمزون) 38 ڪالمَ
مالي سھائتا: سڪينہ بنت سائين
ايڊيٽنگ ۽ لي آئوٽ: فقير محمد ڍول
ڪمپوزنگ: راز محمد لغاري
ٽائيٽل: عرفان علي ميمڻ
ڇپيندڙ: امرتا پبليڪيشنس، ڍول فقير فائونڊيشن حيدرآباد
سال: جون 2021ع
سائيز: ڊيمي
صفحا: 192
قيمت: 300 روپيا

18. خواب نگر (تعزيت ناما) 57 ڪالم
ايڊيٽنگ ۽ لي آئوٽ: فقير محمد ڍول
ڪمپوزنگ: راز محمد لغاري
ٽائيٽل: عرفان علي ميمڻ
ڇپيندڙ: امرتا پبليڪيشنس، ڍول فقير فائونڊيشن حيدرآباد
سال: جنوري 2023ع
سائيز: ڊيمي
صفحا: 308
قيمت: 600 روپيا

19. ڳاڙهي لوئي
(ٻارن لاءِ عالمي ڪھاڻيون / ترجمو)
10 ڪھاڻيون
ايڊيٽنگ ۽ لي آئوٽ: فقير محمد ڍول
ڪمپوزنگ: راز محمد لغاري
ٽائيٽل: عرفان علي ميمڻ
ڇپيندڙ: امرتا پبليڪيشنس، ڍول فقير فائونڊيشن حيدرآباد
سال: جنوري 2023ع
سائيز: ڊيمي، صفحا: 112
قيمت: 300 روپيا

محمود مغل جي ڪتابن جون مھورتون

حميرہ گل

پنجاھہ سالن جي عرصي ۾، محمود مغل جي هيٺين پنجن ڪتابن جون مھورتي تقريبون ٿي چڪيون آهن، جن جو پيرائتو احوال هيٺ ڏجي ٿو:

1. ڪوهيڙي ۾ ويڙهيل يادون
تاريخ: 17 جون 1982ع
هنڌ: ٽيچرس ڪلب، سنڌ يونيورسٽي ڪالوني ڄامشورو
مھورتڪار: محترم سيد ظفر حسن
خاص مھمان: محترم ولي رام ولڀ
اعزازي مھمان: محترم پروفيسر ڊاڪٽر عبدالرحمان مغل (محمود مغل جو وڏو ڀاءُ)
ميزبان: محترم نظام عباسي،
رابيل پبليڪيشنس لاڙڪاڻو
ڪمپيئر: محترم عابد اُنڙ
مقرر: محترم عابد مظھر، محترم شوڪت حُسين شورو، محترم نظام عباسي، محترم عابد اُنڙ، محترم هدايت پريم، محترم پروفيسر ڊاڪٽر عبدالرحمان مغل، محترم ولي رام ولڀ، محترم سيد ظفر حسن
مھمانن کي بيج لڳائيندڙ: محترم عابد مظھر، محترم عابد انڙ، محترم علي مرتضيٰ ڌاريجو

2. تو سنگ تو بن ڏينھڙا
تاريخ: 28 ڊسمبر 1985ع
هنڌ: آڊيٽوريم ٽريننگ ڪاليج فار مئن حيدرآباد سنڌ
مھورتڪار: آپا مھتاب اڪبر راشدي
خاص مھمان: محترم نصير مرزا
ميزبان: محترمہ نذير ناز،
ناري ادبي سنگت حيدرآباد
ڪمپيئر: ڊاڪٽر خورشيد صديقي
مقرر: محترم خان محمد پنھور، محترمہ ڊاڪٽر قمر واحد، محترم تاج بلوچ، محترمہ نسرين نُوري، محترمہ نذير ناز، محترم نصير مرزا، آپا مھتاب اڪبر راشدي
مھمانن کي بيج لڳائيندڙ: محترمہ نذير ناز، محترم خان محمد پنھور

3. هٿَ ريکائن کان خالي (ناول)
تاريخ: 27 نومبر 1991ع
هنڌ: نيشنل سينٽر حيدرآباد سنڌ
مھورتڪار: محترم شمشيرالحيدري (اچي ڪونہ سگهيا)
خاص مھمان: محترمہ خيرالنساء جعفري (مھورت ڪيائون)
اعزازي مھمان: محترمہ شگفتہ شاھہ، محترم نصير مرزا
ميزبان: محترمہ نذير ناز،
ناري ادبي سنگت حيدرآباد
ڪمپيئر: شبنم گل
مقرر: محترم ناصر ساريو، محترم مسعود لوهار، محترم سيد فدا حُسين شاھہ، محترم اياز لطيف پليجو، محترم تاج جويو، محترم گل حسن قريشي، محترم نصير مرزا، محترمہ شگفتہ شاھہ، محترمہ خيرالنساء جعفري
(ساڳئي موقعي تي، ناري پبليڪيشنس پاران ٻين ٻن ڪتابن جو مھورت بہ ڪيو ويو:

1. ڌُنڌلا ڌُنڌلا خواب مھورتڪار: محترم تاج جويو
2. داستانِ مير مھورتڪار: محترمہ نزهت پٺاڻ

مھمانن کي بيج لڳائيندڙ: محترم محمد انور هَڪڙو، محترمہ پريم لتا، محترم محمد علي شيخ

4. خواب نگر (پھريان هڪ سؤ ڪالم)
تاريخ: ڇنڇر 15 مارچ 2008ع
هنڌ: پير حسام الدين راشدي آڊيٽوريم، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو
مھورتڪار: محترم مظھرالحق صديقي (وائيس چانسلر، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو)
خاص مھمان: محترم ڊاڪٽر اسدﷲ قاضي (چانسلر، اسريٰ يونيورسٽي حيدرآباد)
ميزبان: محترم قمرالدين ميمڻ
مھراڻ پبليڪيشنس واڳڻو در شڪاپور
ڪمپيئر: محترم محمد قاسم ماڪا
قراءت: ميان مشھود مغل
وائي: ذوالفقار علي
مقرر: انجنيئر عبدالمالڪ ميمڻ، محترم گوبند مينگهواڙ، محترم ڊاڪٽر عبدالرحمان سيال، محترمہ ڊاڪٽر مرحب قاسمي، محترم منظور جوکيو، محترم ولي رام ولڀ، محترمہ ڊاڪٽر قمر واحد، محترم طارق عالم ابڙو (جنھن جي موجودگيءَ ۾ سندس آرٽيڪل رضيہ طارق پڙهيو)، محترم قمرالدين ميمڻ، محترم محمد قاسم ماڪا، محترم ڊاڪٽر اسدﷲ قاضي، محترم مظھرالحق صديقي
مھمانن کي بيج لڳائيندڙ: ڊاڪٽر عبيدالرحمان مغل، محترم محمد اسلم پنھور، محترم شاهنواز ڀُرٽ

5. سنڌ ٽاڪيز
تاريخ: جمعو 28 آگسٽ 2015ع
هنڌ: ظفر اڪبر هال، آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچي سنڌ
مھورتڪار: حميد هارون (سِي اِي او ڊان ميڊيا گروپ)
خاص مھمان: محترم مظھرالحق صديقي
ميزبان: محترم عبدالحميد آخوند (سيڪريٽري اِنڊومينٽ فنڊ ٽرسٽ ڪراچي)
محترم ڊاڪٽر ايوب شيخ (آرٽس ڪائونسل ڪراچي)
ڪمپيئر: محترم ياسر قاضي
ڊاڪيومينٽري: ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ سولنگي (پروڊيوسر پاڪستان ٽيليوزن ڪراچي مرڪز)
وائي: ذوالفقار علي، مظھر حُسين
ڪِي نوٽ اسپيڪر: محمود هارون
مقرر: ڊاڪٽر قاسم راڄپر، ڊاڪٽر ايوب شيخ، محترم مظھرالحق صديقي
مھمانن کي بيج لڳائيندڙ: محترمہ نذير ناز، محترم خان محمد پنھور

6. محبتن جو شھر ٻُڙي ميل
تاريخ: 29 جنوري 2019ع
هنڌ: پريس ڪلب ٽنڊوالھيار سنڌ
مھورتڪار: محترم سيد مرتضيٰ ڏاڏاهي
خاص مھمان: محترم نُور گهلو
اعزازي مھمان: محترم مٺل جسڪاڻي
ميزبان: محترم ايم حنيف لغاري، برڪت علي خواجہ
ڏاڏاهي ادبي تنظيم (ڏات) ٽنڊوالھيار
ڪمپيئر: فقير محمد ڍول
مقرر: محترم فقير محمد ڍول، محترم شنڪر ڀيل، محترم سعيد مڱڻھار، محترم ايم حنيف لغاري، محترم برڪت علي خواجہ، محترم منظور ڪالرو، محترم امين اُڏيرائي، محترم احساس ميرل سھتو، محترم فقير محمد اُنڙ، محترم فرهاد جروار، محترم حاجي غلام حيدر خاصخيلي، محترم محمد علي ميرجت، محترم نصير نھڙيو، محترم غلام رسول نھڙيو، محترم غلام محمد ڪنڀار باغي، محترم مشتاق حُسين لغاري، ريحان ابڙو، خادم حُسين گِهراڻو، خادم جروار، مٺل جسڪاڻي، نُور گهلو، سيد مرتضيٰ ڏاڏاهي.

هڪ شاعر: محمود مغل (شگفتہ شاھہ)

محمود مغل... نالو آهي هڪ اهڙي شخصيت جو، جنھن جا مختلف رُوپ آهن. محمود مغل، جيڪو شاعر آهي، محمود مغل، جيڪو ڪھاڻيڪار آهي، جنھن 16 ڪھاڻيون لکيون ۽ ٻن مجموعن ’ڪوهيڙي ۾ ويڙهيل يادون‘ ۽ ’تو سنگ تو بن ڏينھڙا‘ جو خالق بڻجي ويو. محمود مغل... جيڪو ايل ايم سي حيدرآباد ۾ ’ڊاڪٽر محمود مغل‘ جي حيثيت سان ’ايناٽامي‘ جي شعبي جو ڊيمانسٽريٽر آهي. محمود مغل، جيڪو اسٽيج ۽ ريڊيو جو سٺو ڪمپيئر آهي. محمود مغل، جيڪو ٽي ويءَ لاءِ لکيل 12 ڊرامن جو تخليقڪار آهي. جلد ئي سندس ناول ’هَٿَ ريکائن کان خالي‘، جيڪو ڇپائيءَ جي آخري مرحلن مان گذري رهيو آهي، پڌرو ٿيندو.
محمود مغل، جيڪو زندگيءَ جي انھن مختلف شعبن ۾ ورهايل آهي، پوءِ بہ هُو هميشہ ڪوشش ۾ هوندو آهي تہ هُو هر هڪ شعبي سان انصاف ڪري ۽ جيڪو ڪم بہ کيس ڏنو ويندو آهي، ان ۾ محنت ۽ جاکوڙ ڪندي نظر ايندو. عام زندگيءَ ۾ هُو گهٽ ڳالھائيندڙ ۽ پنھنجي ڪم سان ڪم رکندڙ شخص آهي. مون کي هُو ادب جي واٽ جو هڪ اهڙو مسافر لڳندو آهي، جنھن پنھنجي هڪ الڳ واٽ ورتي آهي ۽ کيس ان ڳالھہ جي ڪا پرواھہ ناهي تہ کيس ان واٽ تي ڪھڙيون دشواريون اچي سگهن ٿيون. ڪير ان واٽ ۾ سندس ساٿُ ڏئي ٿو يا نہ، همت افزائي ڪري ٿو يا نہ، کيس ان سان ڪا دلچسپي ناهي، بس کيس تہ رڳو پنھنجي ڏات ۽ سچائيءَ تي اعتماد آهي. هُو خاموشيءَ سان ڪيتري ئي عرصي کان پنھنجو ڪم جاري رکندو پيو اچي ۽ گهڻو ڪجهہ ڪم ڪيو اٿس، پر کيس پنھنجي محنت ۽ contribution جي مطابق صلو گهٽ مليو آهي. بھرحال سندس ادبي خدمتن کي ڪوبہ لنوائي نٿو سگهي.

ٻہ شعر

تو جي هٿُ پنھنجو ڇڏايو هوندو
’ڪنھن‘ کِلي پاڻ پَسايو هوندو
جڳ جي آڱر تہ الاهِي آ ڊگهي
هُن پنھنجو هٿُ ڪپايو هوندو

غزل
او سانئڻ تنھنجي نيڻن جي ڪاراڻ سلامت آ
چاهت جي سائي وڻ جي ساواڻ سلامت آ
مَنَ مندرَ جي کنڊر ۾، ڪنھن ڪويل ڪُوڪ ڪئي
اڄ بہ هتي ڪنھن چاهت جو اُهڃاڻ سلامت آ
هيل بسنتي رُت ۾ چادر رنگن سان سَٿبي
خيال جي پاڇي ۾ ڪا ئي آلاڻ سلامت آ
راڻا تنھنجي ڪاڪ محل ۾ ڪا ئي مُومل ڪانھي ڇا
جو تنھنجي نيڻن ۾ اڃا مانڌاڻ سلامت آ

غزل

منھنجي اکين ۾ هِن سوال ڪَئي
تنھنجي چپڙن تي ڪو جواب نہ آ

مون سان ملندين، کري ٻُهرُ ٿيندين
مون جيان هِت ڪوبہ خراب نہ آ

نيڻ تنھنجا ڀريا پيا آهن
منھنجي اکين ۾ ڪو بہ خواب نہ آ

ڪنھن سان ملجي، ملي الڳ ٿجي
تنھن کان وڌ ڪو بہ هِت عذاب نہ آ

غزل

بيقراري ڪا بيقراري آ
تنھنجي نيڻن جيان رات ڪاري آ

دوست ڪاڏي ويا سڀئي پنھنجا
هاڻي دشمن سان پنھنجي ياري آ

تون تہ هر وقت ساڻ هوندو هئين
مون بنا ڪيئن تو سانجهہ ٽاري آ

جيڪا پئسو ڏسي، تجارت آ
خالي هٿ واري ئي تہ ياري آ

نظم: گل ۽ خوشبو

ماما،
منھنجن وارن ۾ رابيلن جا هِن گُلَ
مگر خوشبو ناهي،
ساڻ گُلن جي ’هُن‘ جو هٿُ ناهي
وارن ۾ هِن رابيلن جا گُلَ، مگر خوشبو ناهي
ڌيءَ،
تنھنجي سونَ ورن وارن ۾
سونا گُلَ ئي سُونھن ٿا
رابيلن جي قيمت ڪھڙي
جَن کي هر ڪو هٿُ پَٽَي
اڄ،
هُن جي سونن وارن ۾،
سونا سونا گُلَ آهن
سونا گُلَ آهن، مگر خوشبو ناهي
ساڻ گُلن جي، ’ڪنھن‘ جو هٿُ ناهي
وارن ۾ هِن سونا سونا گُلَ، مگر خوشبو ناهي

نظم: سھاڳ رات

ڪو، جڏهن تنھنجو چھرو پَسِي مرڪندو
نيڻ منھنجا انھيءَ مھل پاڻي ڇڏي
تو سُهاڳڻ جي چھري کي آلو ڪندا
جُهڙ جُهڙالو ڪندا
خوبصورت ڪري، ڪا ئي آلاڻ، هُن کي ستابو ڪندي
مون الاءِ ڪيترا خواب جنھن لاءِ ڏٺا
نقشَ جنھن لاءِ چِٽيا
سا ئي
وڻ ويڙهين جيان شرمائيندي
پنکڙيون ۽ گُل ٻُور وکرائيندي
رات، هُن سان ۽ تو ساڻ چھلون ڪندي
مون کي روئندو ڏسي
مون کي ڏُسڪيَل ڇڏي
تو سان کِلندي، سا ڪُڏندي، سا مستيون ڪندي
تون بہ کلجانءِ پئي ڪنھن جي آغوش ۾
وقت جو فيصلو آهي، مڃڻو ئي آ
خواب جيڪو هو، تعبير ڏسڻو ئي آ
رات
تو ساڻ پرچيَل، مون سان رُٺل
نيٺ ويندي هلي
نيٺ ويندي هلي

]ڇپيل:پندرهن روزہ ’عبرت مئگزين‘ 15 سيپٽمبر 1991ع[

رايا

---

رايا بانسريءَ کان ٻُڌ تہ ڇا بيان ٿي ڪري

بشن واز نَي چون حڪايت مِي ڪُند
وز جدائي ها شڪايت مِي ڪُند
ڪز نيستان تامرا وبريدہ اند
از نفرم مرد و زن ناليدہ اند

بانسريءَ کان ٻُڌ تہ ڇا بيان ٿي ڪري
۽ جُدائيءَ جي شڪايت ڪيئن ٿي ڪري
جڏهن کان مون کي نَڙ کان ڪَٽي جدا ڪيو آ
تہ منھنجي سوز ڀريي آواز کان عورت ۽ مرد ٻئي روئن ٿا

(مثنوي مولانا روم جو پھريون شعر)

مستقبل جو محمود مغل (انور هالائي)

ڪھاڻي، ڪھاڻيڪار جي اَحساسات جي اِظھار جو هڪ بھترين ذريعو آهي، جنھن سان هُو نہ رُڳو سماج جي سڀني پاسن تي روشني وجهي ٿو، بلڪہ پاڻ جيڪي ڏِسي ٻُڌي ٿو، اُنھيءَ کي لفظن جي رُوپَ ۾ اِئين پيش ڪري ٿو، جو پڙهندڙ اِيئن محسوس ڪري ٿو تہ ڄڻ هُو اُن ڪھاڻيءَ جو ڪو ڪردار آهي يا حِصيدار آهي.
سنڌيءَ ۾ ڪھاڻيءَ جي اِبتدا جي تاريخ تمام پُراڻي آهي، پر هن صديءَ جي اَٺين ڏهاڪي ۾ جيڪي بہ ڪھاڻيون لِکيون ويون آهن، اُهي سنڌي ڪھاڻيءَ جي عروج جي نشاندہي ڪن ٿيون. اِئين ٿو محسوس ٿئي تہ نہ رُڳو سنڌ جي ڪھاڻيڪارن، ڪھاڻيءَ کي لازوال حيثيت ڏِيڻ جو پَڪو پھه ڪيو آهي، پر پڙهندڙن بہ ڪھاڻي پڙهڻ ۾ دل جي گهِرائين سان حِصو ورتو آهي.
محمود مغل جون هي ڪھاڻيون پڻ اَهڙيون ڪھاڻيون آهن، جيڪي معاشري جي صحيح صحيح عڪاسي ڪن ٿيون. محمود مغل ڪھاڻين جي شروعات 1974ع کان ڪئي ۽ عمر جي لحاظ کان هُو صرف ٻارن لاءِ ڪھاڻيون لِکندو هو. 1974ع کان 1977ع تائين هن جيڪي ٻارن لاءِ ڪھاڻيون لِکيون، اُنھن مان ئي محسوس ٿيو تہ محمود مغل کي لِکڻ جو ڏانءُ آهي ۽ هُو ڏاتِ جي ڏيھه ۾ قدم رکي چُڪو آهي. اُن وقت تہ مون اِئين سمجهيو تہ هُو صرف ٻارن لاءِ لِکندو، پر جڏهن هن مون کي وڏن لاءِ لِکيل ڪھاڻي ڏيکاري تہ آءٌ حيران رهجي ويس. مون نئين ٽھيءَ جي هن اُسرندڙ اَديب جي منھن ۾ چتائي نھاريو تہ مون کي سندس اَکين ۾ همت ۽ اِستقلال جي چمڪَ ڏِسڻ ۾ آئي. اُن وقت مون کي لڳو تہ هن نوجوان جو مستقبل نھايت شاندار آهي.
محمود مغل جي زيرِ مطالعه ڪھاڻين جو هي مجموعو، فن ۽ فنڪار جي گهاٽي سُٻنڌ جو ثبوت آهي. سندس ڪھاڻيون ٻھراڙيءَ جي ڪکائن گهرن کان وٺي ماڊرن سوسائٽيءَ جي بال رومن تائين ذري ذري جون ترجمان آهن. سندس جذباتي طبع، قلم جي نوڪَ سان نوان نوان موضوع، نوان نوان عُنوان تلاش ڪيا آهن. سندس ڪھاڻين ۾ سُکن جو تفيصلي ذڪر آهي تہ ڏُکن جو گهِرو مطالعو پڻ آهي. اِنسان جي پيڙا کي جنھن سبق آموز نموني سان هن پيش ڪيو آهي، اُنھيءَ کيس چوٽيءَ جي ڪھاڻيڪارن جي صف ۾ آڻي بيھاريو آهي. منھنجي اِنھيءَ دعويٰ کي جيڪڏهن ڪو پڙهندڙ ڪو مجذوب جي بڙ ۾ سمجهي تہ ڀلي سمجهي، پر آءٌ اِهو ضرور چوندس تہ ايندڙ وقت ثابت ڪندو تہ محمود مغل جون ڪھاڻيون، سنڌي اَدب ۾ نامياريون ڪھاڻيون ليکيون وينديون. اَڃا بہ سندس ميڊيڪل جي تعليم سندس جذبن کي روڪي ويٺِي آهي، پر جيڪڏهن هن نوجوان لاءِ ماحول سازگار هجي تہ هُو گهڻن پُراڻن ڪھاڻيڪارن کي پُٺتي ڇڏي وڃڻ جي بہ صلاحيت رکي ٿو.
پَسي جهاجهہ جمال جي، جنين پيتي پِڪَ،
اَپر اَڳانجهو ٿيو، سور انين کي سِڪَ،
هڏ نہ ڀڳين هڪ، سدا سائر سِيرَ ۾.
(شاھہ)

]ڪھاڻين جي مجموعي ’ڪوهيڙي ۾ ويڙهيَل يادون‘ جو پيش لفظ: 1982ع[

محمود سُٺو ڪھاڻيڪار آهي (عبدالقادر جوڻيجو)

سُلڇڻو، سھڻو، صحتمند، گنديءَ ڪپڙي ۾ ٺھيل، ڳاڙهي جواڻيءَ جو ڌڻي محمود مغل منھنجو پاڙيسري آهي، بلڪ در جي سامھون در آهي. سندس ڏينھن رات ٺھڪيل نموني سان گذرندڙ آهن. مشھور جملي، ”راند جي وقت راند ڪريو، ڪم جي وقت ڪم ڪريو.“ جو اعليٰ ۽ نادر نمونو آهي. فجر جو اٿي نماز پڙهي نارٿ اسٽار جوتا پائي گرائونڊ ۾ ورزش ڪندو آهي. وقت تي ميڊيڪل ڪاليج ۾ پڙهڻ هليو ويندو آهي، شام جو دوستن سان ’هان شڪان‘ ڪندو آهي. رات جو شايد پنھنجي ڪورس جا ڪتاب پڙهندو هوندو ۽ وقت بچندو هوندس تہ ٻيو مطالعو بہ، ٻين نوجوان اديبن جي ابتڙ جذباني طرح تي ڳرو نہ آهي، نہ ايترن ڪامپليڪسز جو شڪار آهي، نہ ايترو ڪامپليڪيٽيڊ ذهن جو مالڪ آهي. ذاتي طرح کيس نہ خاندان کان شڪايت آهي نہ سماج کان شڪايت آهي ۽ نہ ادبي لڏي کان شڪايت آهي. روئيندو گهٽ ۽ مرڪندو وڌيڪ آهي. وڏي سڄي جي عزت، ننڍي سان پيار ڪندو آهي ۽ منھنجا چرچا گُهٻا وڏي صبر سان ٻڌندو آهي. دراصل هُو ٻن سوسائٽين جي ٽڪراءَ جو شڪار ٿيل نہ آهي ۽ سندس حالت ”آسمان سَي گِرَي کجور ۾ اَٽِڪَي“ واري نہ آهي. جتي ڄائو آهي، اتي ئي جوان ٿيو آهي، وڏي عذاب توڙي وڏي ثواب کان بچيو پيو آهي.
محمود پنھنجن وڏن ڀائرن وانگر پاڙي جو سوشل ورڪر بہ آهي. بجلي بند ٿي وڃي، پاڻيءَ جو مسئلو ٿي پوي تہ محمود جي گهر جو لوهائون در ضرور کڙڪي ۽ ان تي ٻين پاڙي وارن جو ردعمل تہ الاءِ ڇا هوندو آهي، پر آئون مطمئن ٿي ويندو آهيان تہ هاڻي ٻاهر نڪرڻ جي ضرورت نہ آهي. پاڻھي محمود وڃي سڄي ڳالھہ کي منھن ڏيندو.
محمود سٺو ڪھاڻيڪار بہ آهي، سندس ڪھاڻين جا خاص جزا رومانس، گل، هلڪي روشني، خوشبو، خواب، انساني همدردي ۽ سافٽيڪيٽڊ ڪردار وغيرہ آهن. محمود جي ڪھاڻين جو وڏو ڪمال اهو آهي تہ هُو جنھن ماحول ۾ رهي ٿو، انھيءَ ماحول ۾ سماجي طرح تي ڪو بہ ايڊونچر، ڪابہ دلچسپ شئي ڪو بہ ڀرپور ۽ منفرد ڪردار نٿو ملي، بس ائين کڻي چئجي تہ يڪسانيت جو شڪار ۽ غير دلچسپ ماحول آهي. اهڙي غير دلچسپ ۽ يڪسان ماحول مان موضوع کڻي ڪھاڻي اُڻڻ تمام ڏکيو ۽ ذهانت جو گهرو ڪم آهي ۽ هي همراھہ اهو ڪم پنھنجي ڪھاڻيءَ جي معرفت ڏيکاري ٿو.
غير دلچسپ ماحول مان دلچسپ ڪھاڻيون ڪڍندڙ محمود مغل جي نہ رڳو گهر جو در زور سان کڙڪندو آهي، پر سندس ڪھاڻيون پڙهي دل جو در بہ زور سان کڙڪندو آهي.

]31.08.1981 - ڄام شورو[

آواز زندگي آهي (مھتاب اڪبر راشدي)

’آواز، زندگي آهي ۽ خاموشي موت...‘ اها سِٽ ڪٿي پڙهي هيم ۽ نہ ڄاڻ ڇو ذهن جي پردي تي اها سٽ، اهو خيال ڄڻ تہ چنبڙي پيو آهي. جيترو ان تي غور ڪيو، ان سٽ جي حقيقت تيئن تيئن واضح ٿيندي ويندي.
قرآن حڪيم جو بہ فرمودو آهي، ”ڪلام ڪيو جيئن سڃاتا وڃو“ پر اهو سڃاتو وڃڻ ڪيترو نہ مشڪل آهي. پاڻ کي سڃارائڻ لاءِ ڇا ڇا نٿو ڪرڻو پوي. ذهن جون دريون کولڻيون پون ٿيون. دل جا دروازا وائکا ڪرڻا پون ٿا، لفظن سان ياري رکڻي ٿي پوي، قلم سان شناسائي ازحد ضروري ٿيو پوي. دل حساس آهي تہ زخم بہ کائڻا آهن ۽ جڏهن انھن سڀني شين جو ميلاپ ٿئي تہ ڪا نہ ڪا تخليق وجود ۾ اچي ئي اچي ٿي. تخليق، ڀلي تہ هر تحريڪ جي صورت ۾ هجي اظھار، صورت و آهنگ ۾ ڇو نہ هجي، سڃاڻ لاءِ تہ آواز ۽ ڪلام بہ هڪ ذريعو بڻجيو وڃي.
اهي سڀ خيال ذهن ۾ گردش ڪندا ويا. جڏهن محمود مغل تي لکڻ ويٺس. سوچيم سندس شخصيت جي ڪھڙي پھلوءَ تي لکان؟ هڪ انتھائي منڪسرالمزاج، حليم، شفيق، تميزدار ۽ تمام ’پنھنجو پنھنجو‘ لڳندڙ يا محنت ڪش مسيحا (ڊاڪٽر) يا وري لفظن سان صورتگري ڪندڙ اديب يا صوت ۽ سماعتن ذريعي ڪينجهر کان ڪارونجهر ۽ ڪراچيءَ کان ڪشمور تائين پنھنجا ويچار پھچائيندڙ ٽي ويءَ جو ميزبان يا اسٽيج پروگرامن کي نھايت ڪاميابيءَ سان هلائيندڙ هڪ سڄاڻ ۽ پڙهيل ڳڙهيل Master of Ceremonies.
تمام ٿورا ماڻھو هوندا آهن، جن کي ﷲ طرفان ايتريون خوبيون ٿينديون آهن. محمود ۾ ڪا تہ ڏات، ڌڻيءَ طرفان آهي ۽ ڪجهہ شيون هن پنھنجي مشاهدي ۽ محنت جي ٻَل تي حاصل ڪيون آهن. تخليقي ذهن هڪ ڏات آهي، قلم کڻي گهاڙيٽا گهڙڻ لاءِ مطالعي، مشاهدي ۽ حساس ذهن جي ضرورت آهي، جنھن جو مظاهرو اسان کي محمود جي تحريرن ۾ بخوبي نظر اچي ٿو.
ڪھاڻيون هجن يا ٽي ويءَ لاءِ ڊراما، اهي زندگيءَ کي ويجها ۽ اسان جي سماج جي مسئلن جي عڪاسي ڪندا نظر ايندا. محمود پنھنجي لاءِ پيشو بہ مسيحائيءَ جو منتخب ڪيو، جنھن جو ڪم ئي آهي جسم جا زخم ڀرڻ، آزار کي آرام ڏيڻ، اها ٻي ڳالھہ آهي تہ هن پنھنجي ان هُنر کي بہ پيغمبري پيشي ۾ بدلائي، تدريس طرف لاڙو رکيو، البتہ مسيحائيءَ جي هُنر کي قائم رکندي، نشتر بدران لفظن جا مرهم رکڻ جي ڪوشش ڪئي اٿائين.
مطلب تہ محمود جنھن شئي ۾ بہ هٿ وڌو آهي، اُن کي سليقي سان پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي اٿس. مستقل متحرڪ، جتي چوندؤس هليو ايندو، انڪار شايد محبت ۾ ڪري ئي ڪو نہ سگهي. اسٽيج يا ٽي ويءَ تي سندس موجودگي هڪ مھذب ماڻھوءَ جو ڏيک ڏيندي آهي ۽ سندس زبان مان ادا ٿيل جملا سندس مطالعي ۽ مشاهدي جي گواهي ڏيندا آهن. شعرن، اصطلاحن ۽ پھاڪن جو هڪ وڏو ذخيرو سندس نوڪ، قلم ۽ زبان تي آهي، جيڪو هن جي گفتگو ۽ تحرير کي وزندار بڻائي ٿو.
اڄڪلھہ جي هن دؤر ۾ جڏهن تہ سطحي پڻو عام جام هجي، ٽيپ رڪاررڊر On ۽ Off ڪرڻ وارو پاڻ کي فنڪار سمجهندو هجي. ٻہ اکر لکڻ وارو اديبن جي سٿ ۾ اچيو ويھي. اهڙي ڪاري ڪال جي عالم ۾ محمود مغل جھڙن سچن ۽ کَرن ماڻھن جي موجودگي وڏي رحمت آهي. ڪم از ڪم انھن جا پير زمين ۾ تہ کُتل آهن. شھرت انھن وٽ آهي پر دماغ تي ڪونہ چڙهي اٿن. هُو اڄ بہ توهان سان محبت سان ملندا، عزت ڏيندا ۽ وٺندا. محمود انھن مان ئي آهي، معاشري ۾، ادبي ۽ فني حلقن ۾ پنھنجي جاءِ ٺاهي اٿس، پر پنھنجي محنت سان ۽ سچ پڇو تہ هُن هِن مھل تائين جيڪو ڪجهہ حاصل ڪيو آهي، ان سلسلي ۾ مٿس ڪنھن جو احسان ڪونھي.

]ڇپيل: ماهوار ’ادب‘ شمارو: 91، اپريل 2002ع [

سيوستان هائوس ۽ مان (تنوير جوڻيجو)

لکڻ جي ابتدا ڪٿان ڪيان؟ ادا عبدالرحمان مغل کان؟ ادا خليل الرحمان مغل کان؟ ادا گل محمد مغل کان؟ ادي منور کان؟ يا ادي زرينہ کان؟ اهي سڀ، جيڪي محمود جي گهر جا ئي فرد ناهن پر منھنجي گهر جا فرد آهن، جن محمود کي ئي پيار ئي پيار نہ ڏنو پر، مون کي بہ پيار ڏنو. عزت ڏني، مانُ ڏنو ۽ نہ رڳو مون کي مانُ ڏنو، پر سموري سوسائٽيءَ کي پنھنجائپ ۽ محبت بخشي.
سنڌ يونيورسٽي ايمپلائيز ڪوآپريٽو هائوسنگ سوسائٽي، جتي پنھنجن اباڻن ڪٽبن ۽ ڳوٺن کان ڏور، فردن پنھنجي لاءِ ڪميونٽيءَ جو بنياد رکيو ۽ هت رهندڙن کي احساس آهي تہ هاڻي، اسان جو مرڻ جيئڻ، اسان جون خوشيون، اسان جا ڏک سک، سوسائٽيءَ ۾ رهندڙ ماڻھن سان ئي لاڳاپيل آهن، هتي جا واسي ئي اسان جا عزيز ۽ ساٿي آهن. انھيءَ ئي آڌار هتي جي ماڻھن جا هڪ ٻئي سان تعلقات ۽ لڳ لاڳاپا آهن ۽ برادرين يا ڳوٺن ۾ ڪي گهر ’وڏڙا‘ گهر هوندا آهن ۽ سڀني کي سميٽي پيا هلندا آهن. هن سوسائٽيءَ ۾ اهڙو ئي هڪڙو وڏڙو گهر نہ رڳو رقبي پر بزرگيءَ ۽ لاڳاپن جي آڌار تي ’سيوستان هائوس‘ آهي. جنھن جي نہ رڳو گهر پر دل جا دروازا هتان جي رهواسين لاءِ هر وقت ۽ هر دم کليل رهندا آهن. شادي، وهانءُ، غمي، خوشي مطلب تہ هر موقعي تي ’سيوستان هائوس‘ جا گهر ڀاتي، سڀ کان اڳ اوهان کي نظر ايندا.
’سيوستان هائوس‘ بيھڪ ۽ جوڙجڪ جي لحاظ کان قديم ۽ جديد آرڪيٽيڪچر جو خوبصورت سنگم آهي، جيڪو هڪ طرف حويليءَ جو نظارو پيو پيش ڪندو. ٻئي طرف جديد بنگلي جي ڏيک ڏيندو. لائيف اسٽائيل بہ قديم ۽ جديد جو ميلاپ آهي. مذهب، ڪلام پاڪ، نمازون، روزا هتان جي مڪينن جا ريگيولر دستورَ آهن، پر هي ڪٽنب ساڳي وقت Fundamentalist نہ آهي، نہ وري Conservative آهي. عبادتن سان گڏوگڏ موسيقيءَ سان محبت، هن ڪٽنب جو Trail آهي. لتا، مڪيش، طلعت محمود کان وٺي صادق عليءَ جا ڪلام، هتي جي مڪينن کي برزبان ياد هوندا ۽ هن ڪٽنب جي عورتن جو بہ هتان جي ماحول کي سڌارڻ ۾ اهم ڪردار آهي.
’استاد‘ محمود جي امڙ، جنھن هتي جي ٻارن کي ڪلام پاڪ جي تعليم سان گڏوگڏ بنيادي پرائمري تعليم پڻ ڏني، خدمتِ خلق ۽ واٽ خدا ڪارڻ ۽ اڄ اهو اهم فريضو محمود جي عزت واري فرشتہ صفت ادي زرينہ سرانجام ڏئي رهي آهي. انھيءَ حوالي سان محمود نھايت خوش قسمت آهي، جنھن کي پڙهيل ماءُ جي گود ملي ۽ اولياء ڀيڻ جون دعائون.
مانواري استاد، استاد رشيدہ بيگم جنھن اڳئين دؤر ۾ فائنل پاس ڪئي ۽ نہ رڳو تعليم جي زيور کان آراستہ ٿي، پر علم جي لاٽ، پنھنجي اباڻي ڳوٺ ٽلٽيءَ ۾ روشن ڪئي ۽ ان بعد سندس بدلي ’سن‘ ۾ ٿي ۽ هي دؤر ڪو اڄوڪو دؤر نہ، پر اهو دؤر جو ورهاڱي کان اڳ هئو، جت مسلمان نياڻيون ڪي ڳاڻ ڳڻيون هونديون هيون جي تعليم يافتہ هونديون هيون ۽ پوءِ شاديءَ کان پوءِ سندن ساهرو گهر سيوهڻ بڻيو. سرڪاري نوڪري بيشڪ، هنن ڇڏي پر تعليم ڏيڻ جو خوبصورت عمل هنن پوري زندگي جاري رکيو ۽ سندن وفات کان پوءِ ’ادي زرينہ‘ واٽ خدا جو اهو ڪم ڪندي پئي اچي ۽ خوش نصيب آهن، اسان جا اهي ٻارڙا، غريب هجن يا امير، جي ڀيڻ زرينہ وٽ تعليم پرائِن ٿا. ڪلام پاڪ ختم ٿيندي، ادي زرينہ ٻارن کي ٽوپي، تسبيح، خرچي ڏئي رخصت ڪندي، جي نياڻي آهي تہ ان کي بہ پوتي، تسبيح ۽ خرچي ڏئي پوءِ خداحافظ ڪندي. هر عيد براد جيڪي ٻار عيد کڻي سيوستان هائوس ويندا، ادي زرينہ پنج پنج روپيا خرچي هنن کي ضرور ڏيندي ۽ انھيءَ سلسلي ۾ مان ۽ منھنجي ڀيڻ، پاڻ کي نھايت خوش نصيب پائيندا آهيون، ’ادي زرينہ‘ ٻين دنياوي شين سان گڏوگڏ پنھنجين دعائن مان بہ اسان کي حصو عطا ڪندي آهي. اسان کي باقاعدگيءَ سان ياد ڪندي آهي.
ادي منور بيگم، محمود جي وڏي ڀيڻ، کلڻي ملڻي، سماجي تعلقاتن ۾ اڳ ڀري، پير پنڌ، مبارڪ، ادي منور جي جوابداري، ڪلب هجي يا ڪو گهر، گهر جي نمائندگيءَ جو ذمو سندس عيدبراد، فون ڪري حال پڇڻ، مبارڪ چوڻ ”نظر ڪونہ ٿا اچو“ سبب جاچڻ، مطلب تہ زندگيءَ سان ڀرپور/ سوسائٽيءَ جي خواتين جي مجلس آهي. سھرا ۽ گيت پيا ٿا ڳائجن، ڪا سِٽَ منجهي تہ ادي منوءَ کان پيا سوال ٿيندا تہ فلاڻي گاني جي ڪھڙي سِٽ هئي؟ ۽ ساڳي وقت قرآن خوانيءَ جي خاتمي تي ادي منور کي گذارش ڪئي ويندي هئي تہ دعا پڙهي. زندگي ۽ محبتن سان ڀرپور ڪٽنب محمود جي سڃاڻپ آهي. رات جو سندس گهر وڃجي ۽ بنا مانيءَ کائڻ جي اچجي، ناممڪن. ادي زرينہ، ادي منور کان سواءِ ادا عبدالرحمان جي گهر واري، ڀاڄائي رضيہ جا لفظ ”ڀاءُ جو گهر اٿوَ... ڀاءُ جي گهران ڀينرن ماني کاڌي تہ اهو سندن حق آهي.“
هڪڙو ڀرپور پنھنجائپ جو احساس، هر دم هن گهر مان ملندو. لڳندو تہ ماڻھو پنھنجن عزيزن جي ئي گهر ۾ آهي. گهر وڃبو واري واري سان هر ڪو اچي ملندو. مجال آهي جي ڪا هڪڙي خاتون بہ اهو سوچي تہ ٺھيو. نہ.... اها روايت هن گهر جي قطعي ناهي، گهر آئي کي مڪمل محبت ۽ پروٽوڪول ڏيڻو آهي، هر حال هر صورت ۾ محمود خوش نصيب آهي جو اهڙي روايتي ۽ محبت ڀرئي ماحول ۾ نہ رڳو جنم ورتائين، پر قدرت کيس اتي ئي نوڪري ڏني.
محمود سان ملاقات ڪٿي ٿي؟ ڪيئن ٿي؟ اهڙو ڪو ذهن ۾ واضح نقش ڪونھيم. البتہ ادا خليل الرحمان مغل سان منھنجو پھريائين تعلق جڙيو.
سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ بطور ’اسٽوڊنٽس ويلفيئر آفيسر‘ منھنجي تقرري 1973ع ۾ ٿي ۽ مون کان اڳ ’ادي خالدہ قريشي‘ انھيءَ پوسٽ تي هوندي هئي. ادي خالدہ قريشي جھڙي بڙ جي گهاٽي ڇانوَ سمان هوندي هئي ۽ اڪثر نسيم نوراني ۽ مان سندس آفيس ۾ ويندا هئاسون ۽ پوءِ کيس لالچي نظرن سان ڏسندا هئاسون. ”ادي خالدہ، ڀلا اسان کي پاڻ وٽ ڪلارڪي ئي ڏيار....‘ ۽ منھنجي انھيءَ خواهش حقيقت جو روپ ورتو. جڏهن ٻن ڏينھن کان پوءِ ادي خالدہ قريشيءَ ڪاريڊور مان سڏ ڪيو، ”نوڪري ڪندينءَ؟“
مان سخت حيران، ”ڪٿي؟ ڪيئن؟“ ڪيترائي سوال ذهن ۾ اڀريا. ”مون کي پاپوليشن پلاننگ ۾ ارڙهين گريڊ ۾ نوڪري ملي آهي. مون سائين غلام مصطفيٰ شاھہ سان ڳالھہ ڪئي تہ ان چيو ٻي ڪا ڇوڪري انھيءَ جاءِ تي ڇڏي ٿي وڃين يا نہ؟ ۽ پوءِ مون هڪدم تنھنجو نالو کنيو، هاڻي سڀاڻي تنھنجو انٽرويو آهي.“
ﷲ سائينءَ مون کي ڇپر ڦاڙي ڏنو. ٻئي ڏينھن مان شاھہ سائينءَ سان مليس ۽ مون کي چيائون، ”امتحان پورا ڪري پوءِ مون وٽ اچجان.“ ان وقت پير مظھرالحق صاحب بہ اتي هو ۽ جيئن مون امتحان ختم ڪيا، پير مظھرالحق مون کي سڏرايو ۽ مون کي نوڪري ملي. نئين نئين فريش اسٽوڊنٽ هئس ۽ اي.سي ٽو ۾ اڪيلي واحد عورت، اهڙين حالتن ۾ ادا خليل سان ادي خالدہ قريشيءَ معرفت ملاقات ٿي، جا مون کي ٻڌائي وئي، ”ڪو مسئلو ڪو مامرو ڪا شئي سمجهہ ۾ نہ اچي تہ ادا خليل مغل کان صلاح مصلحت ڪجانءِ...“ ادا ان وقت اتي پلاننگ آفيسر هئا. ائين ادا سان 1973ع کان ڀائپي وارو تعلق جڙيو ۽ هڪ ڀيري مون کي گهر تي دعوت ڏنائون ۽ پھريون ڀيرو ٽيهتر يا چوهتر ۾ سندن گهر وئي هئس. ان دؤر ۾ ڪالونيءَ ۾ سندن گهر هوندو هو ۽ انھيءَ ڪٽنب سان ناتو جڙيو.
ادا ڊاڪٽر عبدالرحمان مغل، محمود جو وڏو ڀاءُ، فزڪس جھڙي خشڪ ۽ ڏکئي سبجيڪٽ ۾ ٻاهران پي.ايڇ ڊيءَ جي ڊگري وٺي آيا هئا. ڏسڻ ۾ مولوي صاحب پر مزاجن نھايت هلڪا ڦلڪا محبتي انسان ۽ انھن سان ڳالھہ ٻولھہ کان پوءِ قطعي اهو محسوس نہ ٿيندو هو تہ ادا عبدالرحمان سان وڌيڪ ويجهائپ ان وقت ٿي، جڏهن پاڻ سوسائٽيءَ ۾ اچي رهڻ لڳا. ريڊيو پاڪستان تان پروگرام ڪري اولڊ ڪيمپس ايندي هئس ۽ اتان بي ايڊ واري بس ۾ سوسائٽيءَ ايندي هئس.
انھيءَ بس ۾ ادا عبدالرحمان، ايجوڪيشن جا ٻيا استاد ۽ منھنجو مامو غلام حسين انصاري بہ هوندو هو. سندن مخصوص سيٽون هونديون هيون ۽ پوءِ واپسيءَ ۾ مشڪري مذاق زندگيءَ سان ڀرپور گفتگو هوندي هئي ۽ ادا عبدالرحمان گفتگوءَ دوران اڪثر زباني پراڻن گانن جي سٽن کي ورجائيندا هئا. جنھن مان سندن موسيقيءَ سان محبت جو ثبوت ملندو هو ۽ ادي منور چواڻي تہ جڏهن بہ ڪٿان ٻاهران موٽندا هئا تہ گهر جي هر ڀاتيءَ لاءِ واچ ۽ ننڍڙو ريڊيو ضرور آڻيندا هئا.
ماما غلام حسين ۽ سندن محبت جو عجيب رشتو هو. سوسائٽيءَ ۾ گهر اڏڻ لاءِ ادا عبدالرحمان کي Motivate ڪيو. ماما گهر ٺاهيو ۽ رهڻ لڳا. هڪ ڀيري ياد اٿم، بس ۾ ٻئي الاءِ ڪھڙي ڳالھہ تان مذاق ڪرڻ لڳا ۽ مامي کلندي ادي عبدالرحمان کي چيو هو، ”اڙي ملا ياد رکجانءِ، توکي غسل مان ڏيندس.“ ۽ پوءِ مھيني ٻن بعد هلندي گهمندي، مسجد ڏانھن ويندي. ادا عبدالرحمان اسان کان رخصت ورتي ۽ اهو ڏک ماما غلام حسين دل تي ورتو ۽ ان کان پوءِ نھايت افسردہ ۽ ملول رهڻ لڳا. هڪ ٻن مھينن بعد مامي بہ دنيا کان موڪلاڻي ورتي. محبت جا اهي رشتا اڄ بہ دنيا ۾ موجود آهن.
محمود، ادا عبدالرحمان جو رشتي ۾ تہ ننڍو ڀاءُ هو، پر ادا کيس پنھنجي اولاد کان وڌيڪ ڀائيندو هو. محمود، سنڌيءَ سان گڏ انگريزيءَ ۾ بہ هوشيار آهي، انگريزيءَ ۾ تقرير ۽ گفتگو بہ نھايت سوَلائيءَ سان ڪري سگهندو آهي. ادا عبدالرحمان ،محمود جو ذڪر ڏاڍي پيار سان ڪندا هئا. محمود جي باري ۾ گفتگو ڪرڻ مھل جيڪا چمڪ سندن اکين ۾ ايندي هئي. اها مون کان ڪڏهن نہ وسرندي. ”جيتوڻيڪ کين پنھنجو پٽ عبيد هو، ان جي باوجود بہ ريڊيو يا ٽي ويءَ جو لائسنس هميشہ محمود جي نالي تي ٺھرائيندو هو.“ ادي منور ٻڌائي ٿي.
ادي منور، وڌيڪ ننڍپڻ جي حوالي سان ڪجهہ ذڪر ڪري ٿي. سندن ماءُ جو تعلق ٽلٽيءَ سان هو، جڏهن تہ والد صاحب جو تعلق سيوهڻ سان هو، خانداني پيشو چوڙيگر هو. عاج جي چوڙين جي ٺاهڻ جو ڪم سندن آبائي هُنر هو، پر عاج جي ناپيديءَ کان پوءِ بابا سرڪاري نوڪري جوائن ڪئي. ڪورٽ ۾ بطور بيلف مقرر ٿيو. جڏهن تہ سندن چاچا اڳواٽ ئي حيدرآباد لڏي آيا ۽ پڦين جي شادي ٺارُو شاھہ جي ڳوٺ ۾ ٿي.
1961ع ستاويھن نومبر تي محمود جو جنم ساڍي يارهين ڌاري سيوهڻ ۾ ٿيو، ان وقت بابا سائين گهر ۾ موجود نہ هئا ۽ محمود جي ڪنن سڀ کان پھريائين ادا عبدالرحمان جو آواز ٻڌو.
محمود جو نالو، محمود ڪيئن پيو؟ ادي زرينہ يادگيرين جا ورق اٿلائيندي ٻڌائي ٿي. ”بابا اڳواٽ ئي ٻہ نالا ڏَسيا هئا تہ جي نياڻي ڄمي تہ بِيبِي سائنڻ جي نالي تي سندس نالو رکجو ۽ جي پٽ ڄمي تہ تحريڪِ آزاديءَ جي مشھور اڳواڻ مولانا محمودالحسن جي نالي تي سندس نالو رکجو.“ وڌيڪ ادي زرينہ ٻڌائي ٿي تہ، ”ان وقت اسان ننڍڙا هئاسين ۽ اهو سوچيندي تہ متان اسان کان اهي نالا وسري وڃن، ڪوئلي سان ڀت تي لکي ڇڏيا هئاسين.“ ادي زرينہ، محمود کان ست سال وڏي هئي ۽ گهر ڀاتين ۾ سڀ کان ننڍي هئي. ان ڪري محمود جو ساٿ زرينہ سان گهڻو رهيو.
1966ع ۾ ادا عبدالرحمان کي سنڌ يونيوسٽيءَ ۾ نوڪري ملي ۽ هي ڪٽنب سيوهڻ مان لڏي ڄامشوري ۾ اچي آباد ٿيو. 1968ع ۾ محمود جي والد صاحب جي وفات ٿي. جنھن جي آخري آرامگاھہ بہ ڄامشوري ۾ ئي موجود آهي.
”محمود ننڍپڻ ۾ ڪيئن هو؟ ڪھڙي مزاج ۽ ڪھڙي طبيعت جو هو؟“ منھنجو سوال،
”جيئن تہ سڀني ڀائرن ڀينرن ۾ ننڍو هو، ان ڪري ڌيان جو مرڪز رهيو. گهر کان ٻاهر گهٽ وڃڻ ڏيندا هئاسونس، گهر ۾ ئي ڪتابن سان دلچسپي رهيس. نياز پنھور سندس ننڍي لاءِ جو دوست هو ۽ دوستيءَ جي معاملي ۾ بہ اسان کيس آزاد نہ ڇڏيو ۽ هميشہ اسان جي نظرداريءَ ۾ رهيو. ننڍي هوندي راند کيڏڻ مھل پاڻ ڊاڪٽر بڻبو هو ۽ ٻين کي مريض بڻائي پيو سيون هڻندو هو. موسيقيءَ سان ننڍي هوندي کان لڳاءُ هوس. هڪ ڀيري گهر جي در تي بيٺي طلعت محمود جو گانو ڳايائين ۽ ڪنھن ماڻھوءَ اهو ٻڌو ۽ ڏاڍي واکاڻ ڪيائين، جنھن کان پوءِ محمود نظرجي پيو ۽ ڪافي بيمار رهڻ لڳو، هر سال کيس ٽائيفائيڊ ٿي پوندو هو.“
”ڀلا ڪڏهن ڪا شرارت ڪيائين يار مار کاڌائين؟“
”ها هڪ ڀيرو هن فرمائش ڪئي تہ لغڙ کپن ۽ انھيءَ ضد تان بابا کيس مار ڪڍي، پر پوءِ بابا سخت پشيمان ٿيو ۽ شام جو ڍير سارا لغڙ محمود لاءِ وٺي آيو جو سموري کٽ ڀرجي وئي.“
”محمود مزاجن سخت حساس هو،“ ادي زرينہ يادگيرين جا ورق اٿلائي ٿي، ”شايد سبب اهو هو جو محمود ننڍو هو تہ بابا گذاري ويو ۽ اهو صدمو هن ٻارڙي دل تي کنيو ۽ ڪڏهن ڪڏهن بنا ڪنھن سبب جي اڪيلو ويٺو روئندو هو. جيتوڻيڪ وڏا ڀائر سندس تمام گهڻو خيال ڪندا هئا. امتحان ڏيڻ ويندو هو تہ ادا گلڻ ساڻس گڏ ويندو هو ۽ جيتري دير محمود امتحان ڏئي اوتري دير اسڪول کان ٻاهر ويٺو هوندو هو.“
”جڏهن لکڻ شروع ڪيائين ۽ سندس تحرير ڇپي ان وقت اوهان ڪيئن محسوس ڪيو؟“
ادي زرينہ مشڪڻ لڳي، ”محمود جي پھرين ڪھاڻي جيڪا ’گل ڦل‘ ۾ شايع ٿي سا ’ٻوٽي‘ هئي ۽ اها هن مون تي لکي هئي، جيڪا بہ شئي آڻيندو هو، اها اڌ ڪري مون کي ضرور ڏيندو هو. ٻوٽي جي هڪ هوندي هئي تہ ان مان اڌو اڌ ڪري کائيندا هئاسين پر شاديءَ کان پوءِ مون کيس سمجهايو تہ اهو حق ’فاطمہ‘ جو آهي، اها ئي تنھنجي ڀاڱي ڀائيوار آهي.“
فاطمہ سان شادي بہ هڪڙو وڏو مرحلو هو. فاطمہ نھايت سمجهدار سلجهليل ۽ پڙهيل نياڻي، جنھن جو تعلق ’آغا خاني ڪميونٽي‘ سان هو. جيئن تہ سندس وڏي ڀيڻ غير آغا خانين ۾ پرڻيل هئي، ان ڪري هي ڪٽنب برادريءَ کان نڪتل هئو ۽ لبرل هئو. ملاقات جو سلسلو ائين ٿيو جو تلڪ چاڙهيءَ تي واقع ’اينمري شمل انسٽيٽيوٽ‘ ۾ محمود، جرمن ٻولي سکڻ ويندو هو ۽ اتي فاطمہ بہ جرمن ٻولي سکڻ ايندي هئي. محمود ٻہ سال فاطمہ کي ڏٺو، پرکيو، پروڙيو ۽ پوءِ گهر وارن سان ذڪر ڪيائين.
اهو ڪيئن ممڪن آهي؟ ماڻھو ڇا چوندا، اسان جو گهراڻو هڪڙو مذهبي گهراڻو ڄاتو وڃي ٿو، مسجد جا رکوالا پيش امام اسين؟“
پر پوءِ ادي عبدالرحمان کي هار مڃڻي پئي ۽ محمود هڪ نھايت بھترين فيصلي ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. 21 جون 1988ع تي سندس شادي ٿي. شاديءَ لاءِ اولڊ ڪيمپس جو هال ورتو ويو، پر لساني جهيڙن ۽ ڪرفيوءَ سببان اها شادي ڄامشوري جي گيسٽ هائوس ۾ ٿي. ٿورن ماڻھن جي موجودگيءَ ۾ فاطمہ، محمود سان لائون لڌيون ۽ هڪڙي مذهبي ۽ ديندار گهراڻي جي فرد بڻي. طبيعت جي نھٺائي ۽ نماڻائي باعث گهر جي هر فرد جي دلعزيز ساٿي بڻي ۽ سڀ گهر وارا سندس ذڪر ڏاڍي پيار ۽ محبتن سان ڪندا آهن.
فاطمہ، جا محمود جي ساٿياڻي آهي، محمود مان باقائدہ مطمئن آهي. ”گهر کي مڪمل ٽائيم ڏئي ٿو، منھنجي ۽ ڪشف جي خوشين جو باقائدہ خيال رکي ٿو. فجر جي پھر ۾ لکندو آهي. رات جو ساڍي ڏهين وڳي سمھڻ جي عادت اٿس. شڪ ناهي ڪندو، مون تي اعتماد ۽ اعتبار هوندو اٿس، صبح جو ڪلام پاڪ جي تلاوت بہ ڪندو، موسيقيءَ سان بيپناھہ چاھہ اٿس، اڍائي هزارن کان وڌيڪ ڪيسٽون اٿس. البتہ اٻھرو ضرور آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن تڪڙ ۾ نقصان بہ کائيندو آهي. جيتوڻيڪ آئون کيس جهليندي بہ آهيان پر، ان وقت ڳالھہ کيس سمجهہ ۾ ناهي ايندي. نقصان کائڻ کان پوءِ چوندو آهي تہ سچ پئي چيَوَ.“
”ڪشف ڪنھن سان گهڻو پيار ڪري ٿي؟“ منھنجو سوال
”محمود سان“ فاطمہ جو مرڪندي جواب
”کاڌي ۾ ڇا پسند اٿس؟“
”مرغي ۽ ڀاڄيون“
”سالگرہ ڪيئن ملھايو؟“
”ٻاهر وڃي ماني کائيندا آهيون ۽ محمود گفٽ بہ وٺي ڏيندو آهي.“ فاطمہ جو جواب...
”ڪا خواهش؟“ آخري سوال...
”ﷲ پاڪ جو ڪرم آهي، سڀ خواهشون پوريون ٿي ويون اٿم.“ فاطمہ جو جواب.
خدا ڪري هي ڪٽنب خوش رهي، شاد آباد رهي، ڪو ڪوسو واءُ هنن کي نہ لڳي.

]ڇپيل: ماهوار ’ادب‘ شمارو: 91، اپريل 2002ع [

محمود مغل ۽ شرم ٻُوٽي (نياز پنھور)

سوچان ٿو تہ محمود مغل بابت لکڻ جي شروعات ڪٿان کان ڪريان؟ ڇو تہ محمود جي ٻالڪپڻ کان ڦوھہ جوانيءَ تائين ۽ ڦوھہ جوانيءَ کان وٺي اڄ تائين، لکڻ جو مطلب ٿيندو ڄڻ مان پاڻ تي لکي رهيو هجان. محمود جي همعمر، پاڙيسري ۽ ادبي ساٿي هئڻ سبب هن جي ذاتي، ادبي ۽ تعليمي زندگيءَ جي شروعات جي ذري گهٽ سمورن واقعن جو آئون اکين ڏٺو شاهد رهيو آهيان ۽ شايد ڪيترن ئي سلسلن ۽ معاملن جي شروعات مون ۽ محمود گڏ ڪئي آهي. زندگيءَ جي لڳ ڀڳ چاليھن پنجيتاليھن سالن کي ڪجهہ صفحن ۾ سميٽڻ تمام گهڻو مشڪل ڪم آهي. بھرحال محمود منھنجو يار آهي، ان ڪري ڪجهہ يادگيرين کي لفظن جو روپ ڏيڻ تہ ضروري بڻجي ٿو.
محمود ۽ منھنجي ملاقات جو جيڪو پھريون منظر منھنجي ذهن ۾ جُڙي ٿو، اهو سنڌ يونيورسٽي ڪالونيءَ جي ’بلال مسجد‘ جو خوبصورت آڳنڌ آهي، جتي ڪڏهن صبح جو ڪڏهن شام جو آئون ۽ محمود ’قرآن پاڪ‘ پڙهڻ ايندا هئاسين. محمود جو وڏو ڀاءُ پروفيسر عبدالرحمان مغل صاحب بہ گهڻي ڀاڱي اتي موجود هوندو هو. ڪڏهن ڪڏهن، جڏهن آئون ۽ محمود ڀرسان ويھي هڪ ٻئي سان مذاق ڪندا هئاسين تہ اوچتو ادا عبدالرحمان جو هڪ وڏو دڙڪو اچي ڦھڪو ڪندو هو ۽ اسين ٻئي هراسجي ويندا هئاسين. هيءَ انھن ڏينھن جي ڳالھہ آهي، جڏهن آئون ۽ محمود پنجين يا ڇھين ڪلاس جا شاگرد هئاسين. قران پاڪ جي تعليم سان گڏ اسين ٻئي هڪ ئي اسڪول يعني ماڊل اسڪول سنڌ يونيورسٽي، حيدرآباد ۾ بہ گڏ پڙهندا هئاسين. اتي روزانو صبح جو ڄام شوري کان ٻارڙن لاءِ مخصوص بس ذريعي حيدرآباد ايندا هئاسين. تہ، اسان جي، اسڪول ۾ ڪا دوستي نہ هئي، ٻار هئڻ ڪري ڪيترائي ڀيرا بس ۾ سيٽ رکڻ تان منھنجي، محمود سان تلخ ڪلامي ٿي پوندي هئي.
هڪ ڀيري جو منظر ياد ٿو اچي تہ، محمود منجهند جي وقت ڪٿان اچي رهيو هو ۽ آئون ڪجهہ دوستن سان گڏ روڊ تي گهمي رهيو هئس. ان ڏينھن بس ۾ سيٽ رکڻ تان محمود سان منھنجي تازي تلخ ڪلامي بہ ٿي هئي. منھنجو محمود کي ڏسڻ ۽ جهيڙي لاءِ تيار ٿي وڃڻ. ذري گهٽ آئون ساڻس ڳنڍجي وڃان ها، پر دوستن وچ ۾ پئي جهيڙو ٽاري ڇڏيو. اصل ۾ محمود ننڍپڻ کان ئي جهيڙي کان پاسو ڪندو رهيو آهي. هن ڪڏهن بہ ڪنھن سان هروڀرو جهيڙو نہ ڪيو هوندو. اڄ جڏهن اسان ٻئي هڪ ٻئي سان گهٽ ٿا ملون، تہ مون کي خبر ناهي تہ هُو جهيڙي کان پاڻ بچائي ٿو يا جهيڙي ۾ ٽپي پوي ٿو.
محمود ننڍپڻ کان ئي انتھائي خاموش طبع ۽ شرميلو رهيو آهي. شروع ۾ تہ ڪيئي سالن تائين محمود جو ڪو بہ دوست نہ هو يا تہ هُو ڪنھن سان دوستي نہ رکندو هو يا ڪو کيس پنھنجو دوست نہ بڻائيندو هو. باقي سٺا ڪپڙا پائڻ محمود جي ننڍپڻ کان عادت رهي آهي. سندس ڀائر شروع کان ئي سٺن عھدن تي رهيا ۽ انھن کيس سدائين سٺي ڊريس ۾ رکيو، پر محمود کي پاڻ وري لنڊي جا ڪپڙا پائڻ پسند هئا. هُو لنڊي جي ڪپڙن جي دڪانن تان انگريزن جون لاٿل شرٽون ۽ پينٽون وٺي پاڻ پنھنجي هٿن سان انھن جي الٽريشن ڪندو هو ۽ پوءِ نموني نموني جون ڊزائينون ٺاهي، اهي پھريندو هو. ڪڏهن رنگين ڪف، ڪڏهن رنگين ڪالر تہ ڪڏهن ٻيو انداز. سٺي ڊريسنگ ڪرڻ، سٺو نظر اچڻ محمود جي ڪمزوري رهيو آهي. هُو شايد پنھنجي کائڻ پيئڻ تي ايترو خرچ نہ ڪندو آهي، جيترو هُو پنھنجي ڪپڙن ۽ بوٽن وغيرہ تي ڪندو آهي.
سٺا ڪپڙا پائڻ سان گڏ ڪرڪيٽ راند سان بہ محمود جي انتھائي گھري دلچسپي رهي آهي. آئون سندس همعمر جي باوجود ڪڏهن سندس ڪئليبر جو ڪرڪيٽر ٿي نہ سگهيس. اسين شام جو اسڪول کان پوءِ سنڌ يونيورسٽيءَ جي ڪالونيءَ جي ٽينس ڪورٽ تي گڏجي ڪرڪيٽ جي پريڪٽس ڪندا هئاسين. محمود گهڻي ڀاڱي سدائين ڪيپٽن هوندو هو ۽ مون کي پاڻ سان اوپننگ تي گڏ رکندو هو. جڏهن اسڪور بورڊ تي 50 رنسون ٿينديون هيون تہ ان ۾ منھنجون بس 5 رنسون هونديون هيون ۽ محمود جو اسڪور 45 کان مٿي هوندو هو. ان جي باوجود اسان جو اوپننگ پيئر ڪيترو وقت گڏ هلندو رهيو.
76-1975ع ڌاري محمود جي پھرين لکڻي مون پڙهي نہ، پر ٻڌي، جڏهن اسان ’ٻارڙن جي ٻاري‘ تنظيم پاران آرٽس فيڪلٽي آڊيٽوريم ۾ هڪ ادبي گڏجاڻي ڪرائي. آءٌ ان گڏجاڻيءَ جو اسٽيج سيڪريٽري هئس ۽ محمود جو ڀاءُ ادا خليل الرحمٰن مغل صدارت ڪري رهيو هو. اتي محمود پنھنجي ٻاراڻي ڪھاڻي پڙهي. آئون حيران ٿي ويس تہ هي خاموش، شرميلو، رنگيلو ۽ رانديگر قسم جو يار ڪيئن ڪھاڻي لکي آيو آهي! ان کان پوءِ سنڌ يونيورسٽي ڪالونيءَ ۾ ٿيندڙ ٻاراڻين تنظيمن کان وٺي وڏو ٿي ’سنڌي ادبي سنگت‘ جي گڏجاڻين تائين، محمود جي سمورين لکڻين کي پھرين ٻڌڻ وارن ۾ آئون بہ شامل رهيو آهيان.
اسان جي اها ڪچين ڦڪين تحريرن واري مشق جاري رهي. آئون ۽ محمود اهي لکڻيون ڪڏهن اخبارن ۾ شايع ٿيندڙ ٻارڙن جي صفحن کي موڪليندا هئاسين، تہ ڪڏهن ’سنڌي ادبي بورڊ‘ جي ماهوار رسالي ’گل ڦل‘ ڏي ڏياري موڪلينداسين هئاسين. انھن ڏينھن ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي آفيس، سنڌ يونيورسٽي ڪالونيءَ ڀرسان اڏجي تيار ٿي چڪي هئي. ’گل ڦل‘ جو ايڊيٽر سائين انور هالائي بہ ان آفيس ۾ ويھندو هو. هڪ ڀيري جڏهن گرمين جي وئڪيشن هئي، مون ۽ محمود سوچيو تہ، هلي ان آفيس کي ڏسجي ۽ ’گل ڦل‘ جي ايڊيٽر سان ملاقت ڪجي. سو ٻئي ڄڻا بورڊ جي ان عمارت جي ٻاهران اڏيل چوديواريءَ جي چوڌاري چڪر هڻڻ لڳاسين. همت ٻنھي ۾ نہ پئي ٿي تہ اها چوديواري ٽپي اندر داخل ٿجي، سو ٻئي ٽئي ڏينھن پئي ان عمارت جو چڪر لڳايوسين. نيٺ هڪ ڏينھن ٻئي همت ڪري چوديواري تان جمپ ڏئي اندر داخل ٿياسين. ڏسون تہ ڀرسان سائين غلام رباني آگري صاحب جو انگريز ڪتو پيو ڀونڪي. سو وٺي پوئتي ڀڳاسون. آئون هيٺ ڪرِي پيس ۽ محمود ڀت ٽپي ويو. منھنجي ۽ ڪتي جي وچ ۾ ٿوري دير ”تون ڇا تون ڇا“ جاري هئي، تہ محمود هڪڙو پٿر کڻي ڪتي کي هنيو ۽ ڪتو جان بچائي وٺي ڀڳو ۽ آئون پنھنجو ڦاٽل پانچو کڻي ديوار ٽپي واپس موٽي آيس... پوءِ گهڻن ڏينھن تائين ’گل ڦل‘ کي وساري ڇڏيوسين.
هڪ ڏينھن اسان جو دوست ڊاڪٽر عبدالرحمان سيال اسان کي مليو. ٻڌايائين تہ، ”آئون انور هالائيءَ سان ملي آيو آهيان. توهان بہ هلي ملو.“
اسان وري همت ڪري پاڻ کي مضبوط ڪيو ۽ ٻئي ڏينھن ﷲ جو نالو وٺي ادبي بورڊ جي ڀت ٽپي اندر داخل ٿياسين. هن ڀيري ڪتو ڪنھن ٻئي ڪم ۾ مشغول هو. اسان لِڪندا لِڪندا وڃي انور هالائيءَ وٽ پھتاسين. دل جو ڌڙڪو تيز کان تيز هو. انور صاحب پاڻي پياريو ۽ پوءِ چانھہ... ۽ ائين پھريون ڀيرو ڪنھن وڏي ليکڪ اسان جي آڱر پڪڙي، اسان ۾ ڏڍ، همت ۽ اعتماد پيدا ڪيو.
وئڪيشن جا اهي ٻئي مھينا آئون ۽ محمود روزانو سائين انور هالائيءَ وٽ ويندا هئاسين ۽ وڃي ’گل ڦل‘ جي ڪم ۾ ساڻس هٿ ونڊائيندا هئاسين. ان جي موٽ ۾ هالائي صاحب اسان جون ڪجهہ ڦڪيون لکڻيون شايع ڪندو هو ۽ اسان وياسين پُراعتماد ٿيندا. هاڻي هالائي صاحب جن ڪيترائي سلسلا اسان جي حوالي ڪيا ۽ اسان پوري محنت ۽ پنھنجائپ سان ان رسالي ۾ ڪم ڪيو. انور صاحب سان اها پنھنجائپ ۽ محبت سندن لاڏاڻي تائين جاري رهي. هُو سدائين اسان کي پنھنجي خوشين ۾ شريڪ ڪندو هو ۽ اسان جي تڪليفن ۽ ڏکن ۾ اسان سان گڏ هوندو هو.
ٿورا وڏا ٿياسين تہ: ’گل ڦل‘ کي ڇڏي وڏن لاءِ لکڻ لڳاسين. محمود نثر جو رستو ورتو، تہ شاعري مون کي سٺي لڳي. ائين اسان ٻئي پنھنجي پنھنجي ڪم ۾ جنبي وياسين. انھن ڏينھن ۾ ’سنڌي ادبي سنگت‘ سنڌ جا وڏا وڏا اديب؛ امداد حسيني، شوڪت حسين شورو، عبدالقادر جوڻيجو، علي بابا، ظفر حسن، عبدالواحد آريسر، تاج جويو، عابد مظھر، بلبل کورواهي، خان محمد پنھور، اخلاق انصاري، طارق عالم ۽ ٻيا شرڪت ڪندا هئا. ڪو هفتو خالي نہ هو، جنھن ۾ آئون ڪو شعر نہ لکان ۽ محمود ڪا ڪھاڻي نہ پڙهي. ٻئي پنھنجيون لکڻيون کڻي ايندا هئاسين ۽ اچي پڙهنداسين. اسان جي لکڻين تي ڀرپور تنقيد ٿيندي هئي، جيڪا اسان کي صحيح رخ ڏانھن وٺي وڃي رهي هئي.
هڪ ڀيري آئون، طارق عالم ۽ محمود مغل پنھنجيون لکڻيون کڻي ’مھراڻ‘ رسالي جي ايڊيٽر مرحوم ’مولانا غلام محمد گراميءَ‘ وٽ وياسين. صبح جو وقت هو. سياري جا ڏينھن هئا. گرامي صاحب پنھنجي آفيس جي ٻاهران باغ ۾ ڪرسي رکيو ويٺو هو. اسان ٽنھي کيس سلام ڪيو. هن جواب ڏيئي پڇيو: ”ڪير مڙس آهيو؟“
مون چيو: ”آئون پنھور آهيان.“
طارق عالم چيو: ”آئون ابڙو آهيان.“
۽ محمود چيو: ”مان مغل آهيان.“
گرامي صاحب شايد مذاق جي موڊ ۾ هو، تنھن اسان ٻنھي يعني طارق ۽ مون کي چيو: ”ابا توهين ٻئي اصلي سنڌي آهيو، منھنجي پاسي ٿي بيھو، هي مغل سنڌي ناهي. هي تہ ٻاهران آيو آهي. مغلن تہ سنڌ سان وڏو ظلم ڪيو هو. هي ڪيئن سنڌي ليکڪ آهي؟“ ۽ اهڙيون ٻيون ڪيئي ڳالھيون ڪيائين.
محمود کي ان تي سخت ڪاوڙ لڳي. محمود، گرامي صاحب کي منھن تي تہ ڪجهہ بہ نہ چيو، پر گهر وڃڻ تائين سخت ڪاوڙيل رهيو ۽ چيائين تہ، ”هي ڪير ٿيندو آهي، اسان کي گاريون ڏيڻ وارو. آئون ڪڏهن بہ ’مھراڻ‘ ۾ نہ لکندس“ شايد جيسيتائين گرامي صاحب حيات هو، محمود ڪڏهن بہ ’مھراڻ ‘رسالي لاءِ ڪجهہ نہ لکيو ۽ پوءِ گرامي صاحب جي لاڏاڻي بعد ڪجهہ لکيو هوندائين تہ ٻي ڳالھہ آهي.
محمود جوانيءَ ۾ عشق جي معاملي ۾ بلا جو جذباتي هوندو هو. ننڍي هوندي هڪ ڇوڪري کيس وڻي وئي. اسان سان گڏ پڙهندي هئي. محمود سالن تائين کيس پنھنجيءَ دل جو حال ٻڌائي نہ سگهيو. نيٺ ڇوڪريءَ سندس اکين جو حال پڙهي ورتو ۽ پاڻ ئي کيس خط لکيائين. پياري محمود ان خط جو، ڊپ ۾ ڪو جواب نہ ڏنو. اهو فقط سدائين پيو اکين تي رکندو هو، پيو سنڀاليندو هو، پر جواب کان جواب. نيٺ ڇوڪريءَ کڻي بس ڪئي، پر محمود ڪيئي سال ان جي فراق ۾ ڳرندو رهيو. چوندو هو: ”يار، خط ڪيئن لکان، ڪيئن پھچايان؟ جيڪڏهن ڪنھن جي هٿ لڳي وڃي تہ پوءِ ڇا ٿيندو؟“ آئون کيس چوندو هئس تہ: ”ڀلا خط نٿو لکي سگهين تہ، روبرو کڻي ڳالھائينس.“ پر روبرو ڳالھائڻ لاءِ ڪو ٻيو ماڻھو هجي، باقي محمود جي پنھنجي همٿ ڪانہ ٿي. هاڻي ڇوڪرين سان ڳالھائڻ ۾ محمود جي ڪيتري همٿ، ان جي مون کي ڪا خبر ناهي.
محمود کي ڳائڻ جو بہ وڏو شوق رهيو آهي. رب سائين کيس آواز بہ سٺو ڏنو آهي. هو دوستن جي محفلن ۾ ويھي خوبصورت گيت ڳائي ٻڌائيندو هو. جتي اسان سڀ بي سُرا پنھنجا گيت ڳائي بس ڪندا هئاسين تہ پوءِ محمود ڳائڻ شروع ڪندو هو ۽ آخر ۾ محفل کي جهومائي اٿندو هو. محمود جي موسيقيءَ سان محبت جو مثال اهو ڏئي سگهجي ٿو تہ، وٽس هن وقت هزارن جي تعداد ۾ ڪيسٽون، ٽيپَ ۽ وڊيو ڪيسٽون موجود آهن ۽ ريڊيو تي شايد اهڙن گيتن جو رڪارڊ موجود نہ هجي، جيڪو محمود وٽ آهي.
محمود جون ڪجهہ عادتون سال گذري ويا، اڄ بہ نہ بدليون آهن. هو گذريل الاءِ ڪيترن سالن کان هر سال عيد نماز پڙهي، ٻين دوستن وٽان ٿيندو، مون وٽ ايندو آهي، عيد مبارڪون ڏيندو آهي ۽ امان کان دعائون گهرائيندو آهي. محمود پنھنجي گهر وارن کي پنھنجو پورو وقت ڏئي ٿو. مان حيران آهيان تہ هُو ايڏو مصروف هئڻ جي باوجود پنھنجن ڀائرن، انھن جي اولاد، پنھنجي زال ۽ پنھنجي ٻارڙن لاءِ وقت ڪيئن ڪڍي ٿو؟ ٻارڙن کي اسڪول پھچائڻ ۽ ڪار ۾ واپس گهر کڻي اچڻ محمود جي ذميواري آهي ۽ هو اها ذميواري پنھنجين مصروفيتن جي باوجود پنھنجين پورين سچائين سان نڀائي ٿو.
اڄ جڏهن آئون گذريل 40ــ45 سالن ڏانھن مُڙي ٿو ڏسان تہ حيران ٿي وڃان ٿو تہ، هڪ خاموش طبيعت ۽ شرميلي ڇوڪرَ، ڪيئن ۽ ڪٿان ايڏي طاقت، همٿ ۽ ڏات آندي جو هو هن وقت ڏات جي الاءِ ڪيترين ڏورين کي پنھنجين آڱرين ۾ مضبوط پڪڙي ويٺو آهي. هڪ ئي وقت ڪھاڻيڪار، ناول نگار، ڊراما نگار، ريڊيو، ٽي وي ۽ اسٽيج جو ڪمپيئر، ليکڪ ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ جو استاد... الاءِ ڪيئن اهي سڀ سلسلا گڏ هلائي ٿو ۽ انھن سڀني ۾ سندس حيثيت نمايان آهي. هُو جتي بہ وڃي ٿو، پنھنجي لاءِ پھرين پوزيشن چونڊي وٺي ٿو ۽ ان لاءِ کيس ڪا خاص محنت بہ نٿي ڪرڻي پوي. هُو بنا دير جي انھن تي حاوي ٿي وڃي ٿو. منھنجو ناهي خيال تہ محمود ننڍپڻ ۾ شايد هڪ ئي وقت ايترين شين جي خواهش بہ ڪئي هوندي، جيڪي وٽس اڄ، هڪ ئي وقت موجود آهن.

]ڇپيل: ماهوار ’ادب‘ شمارو: 91، اپريل 2002ع [

محمود مغل: هڪ سنڌ شناس (انور ابڙو)

جڏهن بہ ليکڪ دوستن سان ملاقات ٿيندي آهي تہ ڳالھہ ٻولھہ دوارن نہ چاهيندي بہ اڪثر سنڌي ادب، تاريخ، تحقيق، ثقافت ۽ علمي ۽ ادبي ادارا ۽ شخصيتون گفتگوءَ جو موضوع بڻجي وينديون آهن... پوءِ ڪٿي افسوس جو اظھار ٿيندو آهي، تہ ڪٿي خوشيءَ جو احساس ٿيندو آهي، پر خوشيءَ جي احساس وارا موقعا گهٽ ايندا آهن. اربع 3 سيپٽمبر 2014ع تي پڻ اهڙي ئي هڪ ڪچھري ليکڪ دوستن؛ رکيل مورائي، نصير سومرو ۽ مختيار ملاح سان ٿي. ڳالھہ ٻولھہ دوران وري بہ سنڌ جي ادب، تاريخ، سنڌ جي ڳوٺن، شھرن ۽ علمي ۽ ادبي ادارن جو ذڪر نڪتو. سمورن دوستن جي اِها راءِ بيٺي تہ، ”هاڻي سنڌ جي ادب، تاريخ، ثقافت، جاگرافي ۽ ٻين موضوعن تي ڪي جامع ڪتاب ترتيب ڏيڻ گهرجن. هاڻي ’مختصر تاريخ‘ لکڻ وارو دؤر گذري چڪو آهي.“
سڀني جو اِهو بہ خيال هو تہ، ”ائين بہ ناهي تہ اسان جي ادارن وٽ اهڙن ڪمن لاءِ فنڊس ناهن، پر اصل مسئلو ادارن جي سربراهن ۽ اُنھن جي ترجيحن جو آهي. جيڪڏهن اسان جي علمي، ادبي ۽ ثقافتي ادارن کي پرخلوص، ڄاڻو ۽ قومي جذبي سان ڪم ڪندڙ ۽ ايماندار سربراھہ ملن تہ، اهي وڏو ڪم ڪري سگهن ٿا.“
ان دوران ئي سنڌ جي سمورن علمي ۽ ادبي ادارن جي سربراهن تي نظر وجهندي چيو ويو تہ، ”سنڌ جو جديد شاعر اياز گل، سچل چيئر جو سربراھہ رهيو آهي. اهڙي طرح تازو سنڌ جي هڪ بھترين ليکڪ محمود مغل کي سنڌالاجيءَ جو نئون ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو آهي.“
اِن گفتگوءَ دوران اِهو بہ چيو ويو تہ، ”هِن وقت سنڌ جي جن علمي، ادبي ۽ تاريخي موضوعن تي پي ايڇ ڊيءَ جون ڊگريون ڏنيون پيون وڃن، تن مان اڪثر غير معياري آهن، ڇاڪاڻ جو نہ نوان موضوع کنيا ٿا وڃن ۽ نہ نئين تحقيق ڪئي ٿي وڃي. اهڙي صورتحال جو ذميوار پي ايڇ ڊي ڪندڙن بدران انھن جي گائيڊس کي قرار ڏنو ويو. ”هِن وقت جيئن ڪمزور ماستر؛ ڪلاسن ۾ اچي ويا آهن، ائين علمي لحاظ کان ڪمزور ماڻھو پي ايڇ ڊي جا گائيڊ بڻجي ويا آهن،“ هڪ دوست چيو، ”ڳالھہ تہ صحيح هئي، پر اڄ اسان کي سنڌالاجيءَ ۽ اُن جي نئين سربراھہ بابت لکڻو آهي.“
ماضيءَ ۾ سنڌالاجيءَ جو هڪ شاندار ڪم اِهو بہ هوندو هيو تہ، اِها سنڌ يونيورسٽيءَ پاران مختلف ماڻھن کي ڪرايل پي ايڇ ڊيءَ جي ٿيسز ڪتابي صورت ۾ شايع ڪرائيندي هئي، جن ۾ هڪ اهم ٿيسز ڊاڪٽر اياز قادريءَ جي ’سنڌي غزل جي اوسر‘ پڻ هئي، جيڪا ٻن جلدن ۾ شايع ڪئي ويئي هئي. ان سان گڏ سنڌالاجي، سنڌي ٻوليءَ جي بھترين ڪتابن تي، اُنھن جي ليکڪن کي ايوارڊ پڻ ڏيندي هئي، جيئن اِن گهڻو ڪري 1978ع ۾ تاج جويو ۽ اياز گل کي سندن شاعريءَ جي گڏيل ڪتاب تي ڏنو هو. ان بعد بہ اِهو سلسلو هليو، پر پوءِ اِهو بند ٿي ويو. هاڻي جنھن جاءِ تي سنڌالاجي بيٺي آهي، اُتان اِن کي نئين ۽ جديد انداز سان پنھنجو نئون سفر شروع ڪرڻو آهي، ڇاڪاڻ جو هاڻي آءِ ٽي جي مدد سان سنڌالاجيءَ کي وڌيڪ شاهوڪار، جديد ۽ متحرڪ بڻائي سگهڻ جا تمام گهڻا امڪان ۽ موقعا موجود آهن، صرف vision ۽ ڪم ڪرڻ جي تڙپ کپي.
منھنجي ذاتي راءِ آهي تہ، ڪنھن بہ حقيقي تخليقڪار کي ڪنھن بہ سھاري، بيساکي يا مدد جي ضرورت ناهي پوندي. هُو ڪنول جي گل جيان سَرَ مان سِرُ مٿي کڻي اُڀري، ماڻھن جو پاڻ ڏانھن ڌيان ڇڪائي وٺندو آهي ۽ جيڪي ليکڪ پنھنجي ادبي سفر جي ابتدا ۾ ڪنھن سھاري جي آڌار، پنھنجن لفظن جا ڪمزور وکر کڻي اڳتي وڌندا آهن، انھن جي ”مڻن کي بہ موٽ ٿيندي آهي“ ۽ اهي پنھنجي عمر جي آخري گهڙيءَ تائين، پنھنجي اندر جي تخليقڪار کي مانائتي انداز ۾ کڻي، هلي ناهن سگهندا. هو اڌ پنڌ تي ئي ادبي طور دم ڏيئي ويھي رهندا آهن. اِها ٻي ڳالھہ آهي تہ ڪي تمام وڏا تخليقڪار هوندا آهن، پر انھن کي سندن ذاتي الميا اڳتي وڌڻ ۽ کين ادب کي پنھنجي زندگيءَ جي هر سرگرميءَ جو محور بڻائڻ جي ڪا گهڻي اجازت ناهن ڏيندا. ان پسمنظر ۾ جڏهن ڊاڪٽر محمود مغل کي ڏسجي ٿو تہ، اهو چئي سگهجي ٿو تہ، هِن ماڻھوءَ ۾ بيپناھہ تخليقي صلاحيت آهي، منجهس جستجو ۽ جنون آهي ۽ جنھن مٿان نوان ويچار ڇانورو ڪري توڙي سندس آس پاس هٿَ ادب جا ٻڌي بيٺل هوندا آهن، تنھن ڪري هِن 1975ع کان پوءِ جڏهن بہ، جيڪو بہ علم ۽ ادب سان لاڳاپيل سفر شروع ڪيو آهي، اُن ۾ هيءُ ڪامياب ئي ويو آهي.
آغا سليم، امر جليل، تاج بلوچ، قمر شھباز، عبدالقادر جوڻيجو، نورالھديٰ شاھہ، غلام نبي مغل، حميد سنڌي، شوڪت حسين شورو ۽ بادل جمالي واري ٽھيءَ کان پوءِ واري آيل ٽھيءَ جي بھترين ڪھاڻيڪارن، ڊرامي نگارن ۽ ڪالم نگارن ۾ محمود مغل بہ شامل آهي. هِن جي ٽھيءَ ۾ جيڪي ٻيا اهم ليکڪ اچن ٿا، انھن ۾ بدر ابڙو، تاج جويو، ڪيھر شوڪت، رزاق مھر، طارق عالم ابڙو، نصير مرزا، اياز گل، ادل سومرو، رحمت ﷲ ماڃوٺي، زيب سنڌي، جان خاصخيلي، محمد علي پٺاڻ ۽ ڪجهہ ٻيا شامل آهن. هِن ٽھيءَ ۾ محمود مغل بلڪل ائين پنھنجي الڳ سڃاڻپ رکي ٿو، جيئن اسان جا مٿي ڄاڻايل معتبر ليکڪ رکن ٿا. سچ اِهو آهي تہ محمود مغل ”ڪنھن بہ ادبي ڌر“ جو حصو ٿيڻ بدران پنھنجي آزاد انداز وارو علمي ۽ ادبي سفر؛ بنا ڪنھن ادبي تڪرار يا مقابلي جو حصو بڻجڻ جي، خاموشي، پر تيزيءَ سان جاري رکيو آهي.
سنڌي شھري ماحول جي هِن نمائندہ ڪھاڻيڪار ۽ ڊرامي نگار حيدرآباد ۾ رهي، ڪراچيءَ جي ڊرامي جي اسٽيج (پي ٽي وي) تان جيڪي 23 انفرادي ڊراما، 9 لانگ پليز (اردوءَ ۾)، 13 سيريئلز (اردو ۾) ۽ 2 سيريئلس (سنڌيءَ ۾) ڏنيون، اُهي موجودہ دؤر جي اُن درد جون عڪاس آهن، جيڪو درد اسان جي دل جي دامن سان لڳي، اسان کي پنھنجي قومي، سماجي ۽ ثقافتي بيوسيءَ جي، بار بار ياد ڏياري ٿو.
محمود مغل جي سيريئلس مان ‘سمجهوتہ‘، ’روشِ‘، ’نوري ڄام تماچي‘، ’ماه پارا‘، ’دل اُسي چاهتا هي’، ’اس نَي ڪھا تھا‘ ۽ ’عشق آتش‘ ڏسندڙن ۾ تمام گهڻيون مقبول ٿيون هيون.
محمود مغل 1975ع کان ڪھاڻيون لکڻ شروع ڪيون ۽ 1984ع کان ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي لڳاتار ڪم ڪرڻ لڳو. هيءُ جڏهن پي ٽي وي جي سنڌي پروگرام ’پرک‘ (جنھن جا هِن 1993ع کان 2011ع تائين لڳاتار 732 پروگرام ڪيا) جي ميزبانيءَ جا فرض انجام ڏيندو هو تہ، اسلم آزاد کان پوءِ هيءُ ان پروگرام جي جان محسوس ٿيندو هو. ’پرک‘ پروگرام محمود مغل جي موجودگيءَ سبب هڪ اهم پروگرام بڻجي پيو هو.
”مون 2011ع ۾ پاڻ، پنھنجي مرضيءَ سان پي ٽي ويءَ تان اِهو پروگرام نہ ڪرڻ جو، اِهو سوچي فيصلو ڪيو تہ، هاڻي نوجوانن کي موقعو ڏيڻ گهرجي،“ محمود مغل چوي ٿو.
اهڙي طرح سندس ڪھاڻين جا 9 ڪتاب پڻ جديد سنڌي ڪھاڻيءَ جي تاريخ ۾ سندس هڪ الڳ حيثيت ٺاهين ٿا. سندس ڪھاڻين جي ڪتابن ۾ ’ڪوهيڙي ۾ ويڙهيل يادون‘ ۽ ’تو سنگ، تو بن ڏينھڙا‘ ۽ ٻہ ناول؛ ’هٿَ ريکائن کان خالي‘ ۽ ’سرءُ‘ جديد سنڌي ادب ۾ اهم جاءِ والارين ٿا. اهڙي طرح يارهن سالن جي محنت سان هِن جو؛ سنڌي سئنيما ۽ سنڌي فلمن تي لکيل ڪتاب ’سنڌ ٽاڪيز‘ پڻ هڪ تاريخي دستاويز آهي.
محمود مغل هڪ بھترين ڪالم نگار جي حيثيت ۾ پنھنجي پڙهندڙن جو هڪ وسيع حلقو رکي ٿو. روزاني ڪاوش ۾ ’خواب نگر‘ جي عنوان سان سندس شايع ٿيل ڪالم جن مان چونڊ 100 ڪالمن جو ڪتاب پڻ اچي چڪو آهي. کيس ڪالم نگاريءَ جي دنيا ۾ هڪ الڳ حيثيت ڏيارين ٿا. هِن روزاني ڪاوش ۾ لڳاتار 438 ڪالم لکيا. ان کان سواءِ هِن ڪيترن ئي ڪتابن جا مھاڳ ۽ ٻيا علمي ۽ ادبي ليک پڻ لکيا آهن.
اڄ سنڌ جو هيءُ بھترين ليکڪ سنڌ جي هڪ اهم ثقافتي ۽ تاريخي اداري ’سنڌالاجيءَ‘ جو 24 جولاءِ 2014ع کان ڊائريڪٽر مقرر ٿيو آهي. اهڙي اديب جو هِن اداري جو سربراھہ ٿيڻ اسان جي لاءِ خوشيءَ جو سبب آهي. جڏهن انعام شيخ صاحب ۽ بعد ۾ اعجاز منگي صاحب سنڌي ادبي بورڊ جا سيڪريٽري مقرر ٿيا هئا، تہ اُن وقت اِنھن جي مقرريءَ تي بہ اسان کي خوشي ٿي هئي، ڇاڪاڻ جو اسان جي راءِ هئي تہ، سنڌ جا باصلاحيت نوجوان پڻ سنڌ جي اهم ادارن جي سربراهيءَ واريون ذميواريون سنڀالين ۽ سنڌ کي پنھنجي نئين سوچ، قابليت ۽ چست عمل سان اڳتي وٺي هلن، رڳو اڳوڻي سوويت يونين جي پولٽ بيورو وانگر، اُنھن ۾ ڪراڙا نہ ويٺا هجن. (سوويت يونين جي پولٽ بيورو ۾ جڏهن گورباچوف کي ميمبر مقرر ڪيو ويو هو تہ، اِن کي نوجوان سمجهيو ويو هو). سو اسان کي پنھنجن بزرگن جي لاءِ تمام گهڻو احترام آهي، پر اِنھن کي هاڻي، نوجوانن کي جاءِ ڏيئي، پاڻ کي رضاڪاراڻي طور اهڙن ڪمن ۾ مصروف رکڻ گهرجي، جتان سنڌ جو نئون نسل ۽ سنڌ، سندن ڀرپور علم، تجربي ۽ مشاهدي مان فائدو حاصل ڪن.
سنڌالاجيءَ ۾ ڊائريڪٽر جي حيثيت ۾ ڪم ڪندڙ بھترين ليکڪن واري فھرست ۾؛ عبدالقادر جوڻيجو ۽ شوڪت حسين شورو کان پوءِ هاڻي محمود مغل جو بہ نانءُ شامل ٿي ويو آهي. سو هِتي اِها ڳالھہ ڪرڻ مناسب رهندي تہ، سنڌالاجيءَ ۾ بہ ائين نہ ٿيڻ گهرجي، جو هِن جي ايندي ئي سندس خلاف ماڻھو ائين ڪم ڪرڻ شروع ڪري ڏين، جيئن طاهرالقادري ۽ عمران خان اسلام آباد ۾ ڌرڻو هڻي، سوا سال تائين مس حڪمراني ڪندڙ ميان نواز شريف جي استعيفيٰ جو مطالبو ڪرڻ لڳا. ڇاڪاڻ جو هاڻي اِهو عام ورتاءُ آهي تہ، اسين ڪنھن بہ اهل ۽ باصلاحيت ماڻھوءَ کي پنھنجن ذاتي مفادن خاطر گهٽ برداشت ڪندا آهيون. تنھن ڪري اسان کي اهو طئہ ڪرڻو پوندو تہ، جيڪي بہ اسان جا باصلاحيت ماڻھو، جيتري بہ وقت لاءِ، جيڪا بہ ذميواري سنڀالين ٿا، انھن کي (ساڻن پنھنجي سٺي يا خراب تعلق جي باوجود) اها ذميواري نڀائڻ ڏني وڃي. ان دوران ڀل اُنھن جي ڪارڪردگيءَ تي نظر رکجي ۽ جيڪڏهن هُو ڪو غلط ڪم ڪن تہ، کين ٽوڪجي بہ. ان سان گڏ اسان کي گهرجي تہ جيڪڏهن ادارن جي اِنھن ذميوار دوستن کي، ڪنھن مرحلي تي، ڪنھن بہ دوست جي مدد جي ضرورت پوي تہ، اُها پنھنجو قومي فرض سمجهي کين ڏيڻ گهرجي. مان سمجهان ٿو تہ، اهڙي طرح، پنھنجن ادارن کي ’قومي ملڪيت‘ سمجهي، اُنھن کي ترقي ڏياري سگهجي ٿي. (پر هِن کي واقعي هلڻ نہ ڏنو ويو ۽ هيءُ چند مھينن جي اندر ئي اِن عھدي تان استعفيٰ ڏيئي ويو.)
اسان سمجهون ٿا تہ، مھتاب اڪبر راشدي صاحبہ کان پوءِ محمود مغل صاحب ئي آهي، جيڪو پنھنجي عمر جي اُن حصي ۾ هِن اداري جو سربراھہ مقرر ٿيو آهي، جتي هُو نہ پوڙهو آهي ۽ نہ بلڪل جوان آهي. هيءُ هڪ مئچوئر عمر ۾ هِن اداري ۾ آيو آهي. ان سان گڏ هِن سان اميدون اِن ڪري بہ وابستہ ڪجن ٿيون جو هينئر تائين سندس ڪردار صاف، شفاف ۽ ايمانداريءَ وارو رهيو آهي.
اِهو صحيح آهي تہ سنڌالاجيءَ کي مھتاب اڪبر راشديءَ پنھنجي دؤر ۾ هڪ الڳ سڃاڻپ ڏني هئي. مون کي ياد آهي تہ انھن ڏينھن ۾ مان ’مھراڻ يونيورسٽيءَ‘ جي پھرئين سال ۾ پڙهندو هوس (1986ع ۾)، تہ مھتاب اڪبر راشديءَ سنڌالاجي پاران هڪ شاندار ڪانفرنس منعقد ڪرائي هئي. ان موقعي تي سنڌالاجيءَ جي ڀرسان ان جي ساڄي پاسي تي پيل خالي پلاٽ تي راڳ رنگ جو بندوبست ڪيو ويو هو. ڄامشوري جي شام ۾ سنڌ جي مرحوم ڪلاسيڪل فنڪارن جي ڳايل ڪلامن تي، سندن ئي گيٽ اپ ۾ نوجوانن کان پرفارم ڪرايو پئي ويو. ان دوران ئي اُن پروگرام جي اسٽيج ڌڙام سان هيٺ اچي ڪِري هئي، جنھن کان پوءِ اِهو ميلو ڦِٽي ويو هو. سو هينئر هيءُ ميلو ڦِٽائڻ جي ڪوشش نہ ڪرڻ گهرجي.
انھن ڏينھن ۾ مان ڪڏهن ڪڏهن سنڌالاجيءَ مان نوٽس فوٽو ڪاپي ڪرائڻ ويندو هوس، ڇاڪاڻ جو مھراڻ يونيورسٽي توڙي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ رکيل هڪ هڪ فوٽو اسٽيٽ مشين تي اڪثر شاگردن جي پيھہ هوندي هئي. ان جي ابتڙ سنڌالاجيءَ ۾ گهٽ شاگرد ايندا هئا. اُتي مون حسن هتار صاحب (جيڪو سنڌالاجيءَ جي آڊيو ويوئل سيڪشن ۾ مقرر هو) کان هڪ ڀيري فقير عبدالغفور جو رڪارڊ ڪيل انٽرويو ٻڌو هو، جنھن ۾ هُن چيو پئي تہ، ”مان جاپان بہ ويو هيس ۽ اُتي مان، اُتان جي صدر سوزوڪيءَ سان بہ مليو هوس... اِها سوزوڪي، جيڪا پاڻ وٽ ناهي هلندي، اِهو نالو هو اِن جو...“ اهڙي طرح هِن اينميري شمل بابت چيو هو تہ، ”جرمنيءَ ۾ مان مائي شَمُلِ سان بہ مليو هوس.“
انھن ئي ڏينھن ۾سنڌالاجيءَ جي آڊيو ويوئل سيڪشن ۾ سنڌ جي اهم شخصيتن جي انٽرويوز ۽ ڪلاسيڪل توڙي جديد راڳ جي شاندار ڪليڪشن موجود هئي ۽ اڃا اِن تي تيزيءَ سان ڪم هلندڙ هو. مون کي ڌنڌلو ياد آهي تہ هِنن سنڌ جي سياستدانن جا بہ انٽرويوز رڪارڊ ڪيا پئي، جن ۾ گهڻو ڪري محترم جي ايم سيد جو بہ انٽرويو شامل هو. پوءِ سنڌ جي اِن سرمائي مان اسان پنھنجيون ذاتي ڪمپنيون ٺاهي، اهو ورثو کپائڻ شروع ڪيو. اسان اِن راءِ جا آهيون تہ اِهو سمورو سرمايو سنڌ جي ماڻھن تائين لازمي طور پھچايو وڃي، ڇاڪاڻ جو سنڌالاجي ڪو مھين جو دڙو تہ نہ آهي، جتي اِهو خزانو دفن ٿيل هجي، پر اِها سنڌ جي ثقافت، تاريخ، ادب ۽ اينٿروپولاجيءَ جي هڪ جيئري جاڳندي ميوزيم آهي، پر ضروري هيو تہ، سنڌ جو اِهو سرمايو سنڌالاجيءَ جي ٽيگ سان سنڌ جي ماڻھن تائين پھچي ها ۽ اُن مان حاصل ٿيندڙ ناڻو سنڌالاجيءَ جي اڪائونٽ ۾ ئي جمع ٿيڻ گهرجي ها، پر افسوس جو شايد ائين نہ ٿي سگهيو.
اهڙي طرح اسان جي ڪجهہ محققن تي الزام آهي تہ، انھن سنڌالاجيءَ مان تاريخي مواد کڻي وڃي پنھنجا ذاتي انسٽيٽيوٽ ٺاهيا. جڏهن ائين ٿيندو تہ پوءِ سنڌالاجي تباھہ نہ ٿيندي تہ ٻيو ڇا ٿيندو؟ اسان اِهو بہ ڏٺو آهي تہ سنڌ جي اڪثر ادارن ۾ ماڻھو ڪيترن ئي سالن (ايستائين جو رٽائرمينٽ) کان پوءِ بہ لڳاتار سربراھہ بڻيا ويٺا آهن، جتي نہ هُو پنھنجي ڪا خاص ڪارڪردگي ٿا ڏيکارين ۽ نہ ڪنھن نئين، ڪم واري ماڻھوءَ کي اندر اچڻ ٿا ڏين، تنھن هوندي بہ سنڌالاجيءَ ۾ ڪنھن حدتائين مناسب وقت تي (جيڪا هونئن تہ گهڻو اڳ ۾ اچڻ گهرجي ها) انتظامي تبديلي آڻي، اِن جي ترقيءَ جي سفر جو نئين سِر سانباهو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي، تنھن ڪري اسان کي اميد آهي تہ ڊاڪٽر محمود مغل، هڪ سنڌ شناس ۽ هڪ بھترين ليکڪ ۽ منتظم جي حيثيت ۾ سنڌ جي هِن ثقافتي مرڪز کي اهڙي طرح ٺاهيندو، جديد بڻائيندو، وڌائيندو ۽ اُن کي سڄي دنيا سان جوڙيندو جو جڏهن ڪو ڏيھي يا پرڏيھي ماڻھو هيءُ ادارو ڏسڻ ايندو، يا اِن کي ويب سائيٽ تي ڏسندو تہ اُن کي سنڌ ۽ اُن جي سونھن هڪ جاءِ تي شاندار انداز ۾ محفوظ ٿيل نظر ايندي.

]7 سيپٽمبر 2014ع تي لکيل ۽ 2017ع ۾ انور ابڙي جي شايع ٿيل ڪتاب ’قلم جا وارث‘ ۾ شامل[

نئين ملينيَم جو مست يار (گُل حسن قريشي)

جيڪڏهن اوهان کي پنھنجي شھر ۾ ڪو اهڙو شخص نظر اچي، جنھن جي وک ۽ زبان ٻئي تڪڙيون هلنديون هجن... جنھن جي گهاٽين مُڇن هيٺان سندس شخصيت جي سموري تازگي ۽ عينڪ جي ٿلھن شيشن هيٺان ذهانت لڪل هجي تہ پڪ ڄاڻو تہ اهو شخص ڪو ٻيو نہ پر ’محمود مُغل‘ آهي.
هيءُ يار دلين جي مندرن تي ڪاهيندڙ تہ آهي پر دلين ۾ موجود بتن کي ڊاهڻ بجاءِ پنھنجي شخصيت جي مورت ڪنھن ڪنڊ پاسي سجائڻ جو عادي آهي. محمود! جيڪڏهن پنھنجي هم نام غزنويءَ جي شاھہ جي جاءِ تي هجي ها تہ ڪر سومناٿ مٿان سترهن ڪاهون ڪرڻ بجاءِ رڳو هڪڙي ڪاھہ مندر جي وڏي پوڄاريءَ مٿان زبان سان ڪري ها ۽ بُت ڊاهڻ بجاءِ مندر جي ڪنھن ڪنڊ ۾ پاڻ ئي بت بڻجي ويھي رهي ها.
انسانن، پکين، ٻوٽن ۽ جانورن سان هڪ جھڙو پيار ونڊيندڙ محمود جي ڪمزوري سونھن، پينگهو، ڪتاب، قلم، مائيڪ، ڪئميرا ۽ اعليٰ مقصد ماڻڻ رهيو آهي. هُو سنڌي، انگريزي ۽ اردوءَ مان ڪھڙي ٻوليءَ ۾ ڀڙ آهي. انھيءَ لاءِ تحقيق جي ضرورت آهي.
محمود ’زبان جو پڪو‘ ۽ ’آئيڊياز جو ماسٽر‘ آهي. ريڊيو تان هونئن تہ ڪيترائي وڻندڙ ۽ ڄاڻ سان ڀريل سلسلا هن جي ڪريڊٽ تي آهن پر ’جوڙي سلامت‘ ۽ ’گلاب خاص‘ جو جواب ناهي.
ٻاهران ولائتي پروفيسر نظر ايندڙ اسان جو هيءُ دوست اندران سڄو سارو ديسي درويش آهي. دوستن کي ڪتاب پڙهائڻ ۽ اُتساهڻ جو خاص ڏانءُ اٿس. ڪتاب جون خاص خاص ڳالھيون ايڏي تہ وڻندڙ انداز ۾ بيان ڪندو جو مون جھڙو ڪتابن کان ٽھندڙ بہ پنج ڏھہ سير وزن وارا ڪتاب پڙهڻ تي مجبور ٿيو وڃي. پنھنجائپ جو احساس ڏياريندڙ محمود جنھن بہ شعبي ۾ وک وڌائي آهي، تہ پنھنجو پاڻ کي فاتح ثابت ڪيو اٿائين.

]ماهوار ’ادب‘ شمارو: 91، اپريل 2002ع [

ها مان تنھنجي بنا ڪجهہ بہ تہ ناهيان (فاطمہ محمود)

محمود سان ملاقات 1985ع ۾ ٿي، پر هڪ عام رواجي ملاقات هئي. ڇو تہ اُن وقت منھنجي دل ۾ محمود لاءِ ڪو اهڙو خيال هو، نہ ئي محمود ڪو اهڙو تاثر ڏنو. اسان ٻئي هڪ Languages جي Institute ۾ مختلف شوز Conduct ڪندا هئاسين.
ان کان پوءِ 1987ع ۾ محمود پاران اها ڳالھہ مون تي ظاهر ٿي تہ هُو مون سان شاديءَ جو خواهشمند آهي ۽ پوءِ مائٽن جي ذريعي ئي اسان جي شادي طئہ ٿي ۽ 1988ع ۾ شادي ٿي. اسان جو ملڻ ان ڳالھہ جو مڪمل ثبوت آهي تہ انسانن جو ملڻ رب سائينءَ آسمانن تي لکي ڇڏيو آهي.
هڪڙي ڳالھہ جي خوشي ۽ اطمينان اهو بہ هوندو آهي تہ مون محمود کي ’محمود‘ سمجهي پسند ڪيو، نہ ليکڪ يا Celebraty... محمود پڻ پنھنجي Attitude مان پنھنجي پاڻ کي ڪڏهن ڪا مشھور شخصيت ڪري پيش نہ ڪندو آهي. فائيو اسٽار هوٽل کان وٺي، ڍاٻي واري هوٽل تائين ماني کائيندي شرم محسوس نہ ڪندو آهي. مون سان گڏجي هر Market يا Shopping Centre ۾ خريداري ڪندي بُرو محسوس نہ ڪندو آهي. شاديءَ کان پھريائين محمود پنھنجي طور طريقن مان هڪ لاابالي ۽ لاپرواھہ ماڻھو لڳندو هو، پر محمود بلڪل اُن جي ابتڙ آهي. هڪ Mature ذميدار پيءُ، ڀاءُ ۽ گهر وارو آهي. گهر جي ڪمن ۾ ڀرپور ساٿ ڏيندڙ، ايترين مصروفتين جي باوجود گهر جي سامان وٺڻ لاءِ ان کي ڪنھن لسٽ جي ضرورت پيش نہ ايندي آهي. کيس خبر هوندي آهي تہ گهر ۾ ڪھڙي شئي کُٽل آهي يا ڪھڙي شئي جي ضرورت آهي.
محمود هن مقام تائين پھچڻ لاءِ تمام گهڻي محنت ۽ جاکوڙ ڪئي آهي. هر قسم جون ننڍيون ۽ محنت طلب نوڪريون بہ ڪيون اٿس. محمود وقت ڪڏهن نہ وڃائيندو آهي. As a writerبہ محمود لکڻ وقت ڪو خاص ماحول نہ گهرندو آهي. مثال طور اڪثر ليکڪ پُرسڪون جاءِ تي ويھي لکڻ پسند ڪندا آهن پر محمود گهر جي ذميدارين سان گڏوگڏ لکندو رهندو آهي. سواءِ ڪھاڻيءَ جي Climax لکڻ مھل، ان وقت محمود ڪجهہ دير لاءِ خاموشي چاهيندو آهي ۽ نہ ئي کيس لکڻ وقت ڪا سگريٽ وغيرہ پيئڻ جي عادت آهي. لکڻ وقت صرف چانھہ پيئڻ پسند ڪندو آهي.
لکڻين جي حوالي سان مون کي محمود جي Teleplays کان وڌيڪ ڪھاڻيون سٺيون لڳنديون آهن، جيڪي انسان جي ننڍن ننڍن جذبن ۽ Light Romance تي مشتمل هونديون آهن. ان حوالي سان هڪ ٻي ڳالھہ تہ محمود جي ڪھاڻين ۾ صاف سٿرو رومانس هوندو آهي. ڇو تہ اڪثر ليکڪن کان اها ئي شڪايت هوندي آهي تہ هُو ان معاملي ۾ پٽڙيءَ تان لھي ويندا آهن، جيترو وڏو ليکڪ هوندو آهي، اوترو ئي کُليل لکندو آهي ۽ پنھنجو سڄو Image خراب ڪندو آهي.
پڙهندڙ بہ سوچيندا تہ محمود ۾ صرف خوبيون ئي آهن. خاميون ناهن؟ ائين ناهي، هر ماڻھوءَ ۾ خوبيون ۽ خاميون گڏ هونديون آهن. اگر خاميون نہ هجن تہ خوبين جو اندازو ئي نہ ٿئي. محمود جو جذباتي ۽ تڪڙو يا اٻھرو هئڻ کيس نقصان ڏيندو آهي ۽ اڪثر ان جذباتيت ۾ اهڙيون غلطيون ڪري ويھندو آهي، جن کان پوءِ پڇتائڻو پوندو آهي.

]ڇپيل: ماهوار ’ادب‘ شمارو: 91، اپريل 2002ع [

هاڻ پنھنجو ملڻ ضروري آ (نياز نديم)

ڪجهہ ڏينھن اڳ گهڻي وقت کان پوءِ بلڪہ اخباري دنيا ۾ اچڻ کان پوءِ، پھريون ڀيرو هڪ اهڙي شام نصيب ٿي، اها شام مون صرف پنھنجي لاءِ وقف ڪئي هئي ۽ قادر سان گڏ سوچيو هو تہ پنھنجي لاءِ وقف ڪيل اهي چند گهڙيون ڊاڪٽر محمود مغل سان گڏ گذارينداسين. اسين ٻئي دعائون گهرندا پئي وياسين تہ شل ڊاڪٽر صاحب ملي وڃي. ڇاڪاڻ تہ اسان جي وچ ۾ پيدا ٿيل دوريءَ لاءِ ڊاڪٽر جون ڪراچيءَ جون ٽي ويءَ تي اچ وڃ واريون مصروفيتون بہ ايتريون ئي ذميوار هيون، جيتري منھنجي اخباري نوڪري.
خير سان اسان جي خوش نصيبي جو ڊاڪٽر صاحب نہ رڳو موجود هو پر وٽس ايترو وقت بہ هو، جو اسان کي ڏئي پئي سگهيو. گهٽ ملڻ يا نہ ملڻ جي جوازن جي ڳالھہ تہ ضرور نڪتي، پر ڊاڪٽر محمود پاڻ ئي ان معاملي جي Justification ٻڌائي، نہ ڪا ميار ڏني ۽ نہ ئي ميار ڏيڻ جو اسان کي ڪو موقعو ڏنو. جڏهن مون کيس پنھنجي باري ۾ ٻڌايو تہ اڄ ڪلھہ صرف ٻن اخبارن جي نوڪري ۽ انساني صحت لاءِ مقرر بيحد ضروري ننڊ مس پوري ٿئي ٿي ۽ ٻيو ڪجهہ نہ پيو ٿئي، نہ ئي ڪي مصروفيتون آهن تہ جواب ۾ ڊاڪٽر محمود مغل هيءَ Justification ڏني هئي، ”سڀ معاملا پنھنجي جاءِ تي پر بورچيخانو صحيح هلي ويو تہ معنيٰ سڀ ڪجهہ صحيح پيو هلي.“
ڪجهہ سال اڳ جڏهن آئون اڃا غمِ روزگار جو شڪار هئس، تڏهن ڊاڪٽر محمود سان روز ملڻ ٿيندو هو. جيتوڻيڪ ان وقت ۾ ڊاڪٽر محمود جون سرگرميون ۽ حلقو محدود هوندو هو. پر، هن وٽ اسان لاءِ (آئون، قادر ڪنڌر ۽ سميع ڪنڌر) هر وقت، وقت هوندو هو ۽ اسان ڪنھن بہ بندش بنا ساڻس گڏ ڪيترو ئي وقت گذاري سگهندا هئاسين. آئون جيڪڏهن پنھنجي ڳالھہ ڪريان تہ مون کي ان زماني ۾ ڊاڪٽر جي گهڻو تہ نہ پر پوءِ بہ ڪجهہ ويجهو رهڻ جو موقعو مليو.
هُو ان وقت بہ دنياداريءَ جو قائل هجڻ باوجود تمام گهڻن ماڻھن کي دوست سمجهندو هو يا وري واقعي بہ هن جا دوست تمام گهڻا هوندا هئا. آئون عمر ۾ ڪافي ننڍو هوندي، ان تمام ننڍي حلقي جو هڪ ميمبر هوس، جيڪي پاڻ کي ڊاڪٽر محمود مغل جو دوست سڏائيندا هئا ۽ هُو بہ سندن دوستيءَ کي Own ڪندو هو. هُونءَ بہ سندس دوستيءَ جا دعويدار ممڪن آهي تہ تمام گهڻا هجن، پر اصل ڳالھہ Own ڪرڻ جي هوندي آهي. شايد اها محمود جي دوستن جو تعداد گهٽ هجڻ جي ئي مھرباني آهي، جو اسان کي اڄ بہ اهو احساس آهي تہ اسان جو سچو دوست آهي ۽ ملون نہ ملون هڪ ٻئي کي ڏسون نہ ڏسون، پر کيس بہ اسان جي ان دوستيءَ جي ايتري Care آهي جو آئون اهڙي دعويٰ ڪري سگهان ٿو.
هُو اسان جي هر ڏک سک ۾ شريڪ رهيو آهي ۽ هزار مصروفيتن باوجود اسان جي مسئلن کي پنھنجو مسئلو سمجهي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو سڀن کان پھريان قادر ۽ پوءِ سميع ۽ آئون، جڏهن ڊاڪٽر جي ويجهو آياسين تہ هن ڪڏهن بہ اسان کي ڪنھن اوپرائپ جو احساس نہ ڏياريو. بھرحال انھن ڏينھن ۾ مون کي احساس ٿيو تہ جيڪڏهن اوهان جا دوست گهٽ هوندا تہ دوستيءَ سان انصاف وڌيڪ ٿيندو.
ڊاڪٽر محمود مغل دوستيءَ کان وٺي نوڪريءَ تائين ۽ نوڪريءَ کان وٺي گهر تائين هڪ انتھائي اهم خوبيءَ جو مالڪ آهي ۽ اُها خوبي آهي منجهس Sense of Responsibility جو هجڻ. ڏاهن جو چوڻ آهي تہ جيڪڏهن هر ڪم وقت سان ڪيو وڃي ۽ Commitment جو پورائو ڪيو وڃي تہ اهو ڪاميابي ۽ ڪامياب زندگيءَ جو راز آهي. مون کي ياد ناهي تہ ڊاڪٽر محمود ڪڏهن ڪنھن هنڌ تي وقت سر نہ پھتو هجي، ڪڏهن ڪو ڪم پنھنجي مقرر وقت کان دير سان ڪيو هجي يا وري ڪنھن Commitment تي پورو نہ لٿو هجي. مسلسل ڪم ۽ ڪم وسيلي ئي پنھنجو نالو ٺاهڻ، شھرت ۽ دولت حاصل ڪرڻ لاءِ ڪنھن Shortcut جو استعمال نہ ڪرڻ سبب ئي، اڄ هر هنڌ سندس سڃاڻپ سندس ڪم ئي آهي. پوءِ اها ڪھاڻي هجي، براڊ ڪاسٽنگ هجي، ڊراما نگاري هجي يا شوبز جي دنيا.
اسان وٽ اهڙا ماڻھو آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ملندا آهن، جيڪي پنھنجي پنھنجي فيلڊ جا ’جڳاڙي جلال‘ نہ هجن، پر سندن سڃاڻپ سندن ڪم ئي هجي. پر جيڪڏهن ڪي ماڻھو ٿورو گهڻو ڪم ڪن بہ ٿا تہ اهي پنھنجي Sources وسيلي ان کي ايترو Exploit ڪن ٿا جو هو فوري طور Surface تي اچي وڃن ٿا، پر محمود انھن سڀني جڳاڙن کان پاسيرو رهڻ کي ترجيح ڏئي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو ميڊيا جي ٻن ميڊيمز ريڊيو ۽ ٽي ويءَ تي هُو پنھنجي ڪم جي ڪري نمايان آهي.
جتوڻيڪ هن مضمون ۾ مون کي ڊاڪٽر محمود مغل جي ڊرامن، ڪھاڻين، ناولن يا ٻئي ڪم تي تفصيلي بحث ۽ جائزو پيش ڪرڻ گهرجي ها. پر، آئون نٿو سمجهان تہ ان ڏس ۾ ڪو انصاف ڪري سگهندس، پر تنھن هوندي بہ اها ڳالھہ مڃڻ ضروري آهي تہ هُو دلين جي ترجماني ڪندڙ ڪنھن صنف ۾ لکندڙ ليکڪن جي صف ۾ محمود انھن تمام ٿورڙن ليکڪن ۾ هڪ آهي، جن جون تحريرون ڪو عاشق پنھنجي محبوبا کي تحفي ۾ ڏيئي سگهي ٿو ۽ جيڪڏهن محبوبا ادب پڙهندڙ نہ هجي تہ سندس ڪھاڻين مان ڪيترائي جملا کڻي ماڻھو آسانيءَ سان ٿوري وقت ۾ اهو ڪم ڪري سگهي ٿو. جيڪڏهن ڪو نئون عاشق، پيار جو پھريون خط لکڻ ۾ گهڻو وقت وٺي ويو هجي تہ کيس آئون ’هٿ ريکائن کان خالي‘ پڙهڻ جي صلاح ڏيندس پر جيڪڏهن وٽس اڃا بہ ڪجهہ وقت آهي تہ کيس محمود جي اها تازي ڪھاڻي ’هڪ ڪلاڪ ٻاويھہ منٽ‘ شايع ٿيڻ جو انتظار ڪرڻ گهرجي. هيءَ اها ڪھاڻي آهي، جيڪا ٻُڌڻ کان اڳ آءٌ محمود جي ان فرمائش بابت پريشان هئس تہ مون کي سندس باري ۾ مضمون لکڻو آهي ۽ اهو جلد لکڻو آهي.
ان شام محمود منھنجي پريشاني ختم ڪرڻ جو بندوبست پاڻ ئي ڪري ورتو ۽ مون کي ۽ قادر کي 19 صفحن تي ٻڌل ڪھاڻي، اٽڪل ان جي عنوان ۾ ڄاڻايل وقت جيتري ئي وقت ۾ ٻڌائي ويو. اها ئي ڪھاڻي هئي. جنھن مون کان هي مضمون لکرائڻ ۾ Fuel جو ڪم ڏنو. نہ تہ شايد آئون جيئن تيئن ڪري هي مضمون تہ لکي وڃان ها پر ان لاءِ Fuel هجي ها ۽ نہ ئي آئون جلد مضمون لکڻ جي ڪا Commitment ڪري ۽ ان کي پورو بہ ڪري سگهان ها. شايد اها بہ ان ڪھاڻيءَ جي مھرباني آهي، جو اسان آخر ۾ اهو طئہ ڪري اٿياسين تہ هر پندرهن ڏينھن کان پوءِ ملندڙ هڪ موڪل تي اهڙو ڪو رستو ضرور ڪڍبو، جو اسان محمود سان ملي سگهون ۽ وري ڪتابن، ڪھاڻين، گيتن، فلمن، موسيقي ۽ محبوبائن جون ڳالھيون ٿي سگهن ۽ محمود ان ڪري ڪچھريءَ کان پوءِ اسان کي شعر جي اها سِٽ ٻڌائي موڪلايو هو تہ:
”هاڻ پنھنجو ملڻ ضروري آهي.“

]ڇپيل: ماهوار ’ادب‘ شمارو: 91، اپريل 2002ع [

محبتن ۾ شدتن جو قائل: محمود مغل (سميع ڪنڌر)

مون کي چڱيءَ طرح تہ ياد نہ آهي تہ اها ڪھڙي تاريخ، ڪھڙو مھينو يا ڪھڙو ڏينھن هو؟ پر ايترو ضرور ياد اٿم تہ اها سياري جي ڪا ئي شام هئي، سنڌي ادبي سنگت شاخ سنڌ يونيورسٽي ڪالوني ڄامشوري جي دستوري گڏجاڻي ’ٽيچرس ڪلب‘ ۾ شروع ٿي چڪي هئي. مان خاموشيءَ سان وڃي هڪڙي ڪرسيءَ تي ويھي رهيس. هڪڙو شخص ’ڪھاڻي‘ پڙهڻ ۾ مصروف هو، ڪھاڻي پڙهندڙ شخص ڪير هو؟ مون ان کي نہ پئي سڃاتو، پر سندس مٺڙو آواز ۽ ڪھاڻي پوري ماحول تي ڇانيل هئي ۽ مون کي پڪ ٿي وئي تہ هي ڪھاڻيڪار ڪو سيکڙاٽ ناهي، پر ڪھاڻيءَ جي ميدان ۾ هُو پنھنجا پير پختا ڪري چڪو آهي. موضوع تي هن جي گرفت ۽ لفظن جي بيھڪ مان هُو پختو ڪھاڻيڪار ٿي لڳو.
جڏهن گڏجاڻي، پڄاڻيءَ تي پھتي ۽ جيئن تہ منھنجي حيثيت اُتي هڪ مھمان جي هئي، گڏجاڻيءَ ۾ شريڪ دوست مون سان ملي رهيا هئا، ائين اهو ڪھاڻيڪار بہ وڌي اچي مون سان اهڙي تہ پنھنجائپ سان مليو، ڄڻ هو مون کي سالن کان سڃاڻيندو هجي. مون سان ملڻ کان پوءِ هن قادر ڪنڌر کي مون ڏانھن اشارو ڪندي چيو، ”دوست جو تعارف؟“ قادر پھريان منھنجو تعارف ڪرايو ۽ پوءِ ان ڪھاڻيڪار ڏانھن اشارو ڪندي چيائين، ”هي آهي محمود مغل.“
محمود مغل جو نانءُ منھنجي لاءِ نئون نہ هو، مان سندس ڪھاڻين جو هڪ مجموعو ’تو سنگ تو بن ڏينھڙا‘ ۽ هڪ ناول ’هَٿَ ريکائن کان خالي‘ پڙهي چڪو هيس. پر پوءِ بہ محمود سان اها منھنجي پھرين ملاقات هئي.
مان، قادر ڪنڌر ۽ محمود مغل ٽيچرس ڪلب کان ٻاهر اچي موڪلائڻ لڳاسين تہ محمود چيو، ”رات مون وٽ اچو تہ ڪچھري ڪريون“ هن ايتري تہ پنھنجائپ سان چيو هو، جو ڪو ئي انڪار ڪرڻ بہ چاهي ها، تڏهن بہ نہ ڪري سگهي ها ۽ اسان تہ وري انڪار ڪرڻ بہ نہ پئي چاهيو، ڇو تہ اهڙا پيار ڪندڙ ماڻھو تہ ڪڏهن ڪڏهن ملندا آهن ۽ دل بہ چاهيندي آهي تہ اهڙن ماڻھن سان ڪجهہ گهڙيون ويھي ڳالھيون ڪجن ۽ اسان يعني مان ۽ قادر تہ هر انھيءَ ماڻھو ڏانھن ڇڪجي ويندا آهيون، جيڪو ٿوري بہ محبت آڇيندو آهي، سو محمود کي انڪار ڪيئن پيا ڪري سگهون. ڳالھہ هلي آهي محبت جي ۽ محمود تہ وري محبت ۾ شدتن جو قائل آهي. هُو چوندو آهي تہ، ”انسان ڪنھن سان محبت ڪري تہ شدت سان، اها شدت لمحي لمحي جي پڪار هجي.“
محمود جي دعوت تي انھيءَ رات مان ۽ قادر ”سيوستان هائوس“ (محمود جو گهر) ويا هئاسين، زماني جون ڳالھيون، پنھنجون ڳالھيون مطلب تہ گهڻن موضوعن تي ڳالھايو هوسون. وقت ڪيئن گذري ويو هو، خبر ئي نہ پئي هئي ۽ گهڙيال ۾ يارنھن وڳا هئا. اٺين کان يارهين وڳي تائين، اهي ٽي ڪلاڪ ائين گذري ويا هئا، ڄڻ ٽي منٽ گذريا هجن، پوءِ اسان محمود کان موڪلايو هو. بس پوءِ تہ ملاقاتن جو هڪ سلسلو جڙي پيو ۽ اها ڄاڻ سڃاڻ دوستيءَ ۾ بدلجي وئي. دوستي، جنھن لاءِ چيو ويندو آهي تہ، ’دوستي ٺاهڻ سولي هوندي آهي، پر ان کي نڀائڻ ڏاڍو ڏکيو هوندو آهي.‘ ۽ هُو نڀائيندو آهي ها! اها ڳالھہ بنا ڪنھن هٻڪ جي چئي سگهجي ٿي تہ محمود دوستيءَ نڀائڻ وارو ماڻھو آهي. هو هڪ سٺو دوست آهي، توڙي جو هو مون کان عمر ۾ ڪجهہ وڏو آهي، پر هن ڪڏهن بہ اهو فرق محسوس ڪرڻ نہ ڏنو آهي. هو دوستن سان دوستن جھڙو ئي هوندو آهي. ’اندر ۾ هڪڙي ٻاهر ٻي‘ واري محاوري کان اڻ واقف آهي، هُو کرو ڳالھائيندو آهي، سامھون سچ چوندڙ- ان ڪري گهڻا ماڻھو هن کان ناراض بہ رهندا آهن.
مان محمود کي مڪمل طور سڃاڻڻ جي دعويٰ تہ نٿو ڪري سگهان پر ايترو ضرور ڄاڻان ٿو تہ جيون جي رڻ ۾ جڏهن هن شروعاتي وکون کنيون هيون تہ هو اڪيلو هو. سندس ٻالڪپڻو گهٽين ۾ رانديون ڪندي يا لغڙن پويان ڊوڙون پائيندي نہ گذريو، ڇاڪاڻ تہ سندس گهر وارا سخت مذهبي ماڻھو هئا/ آهن ۽ هن کي گهر کان ٻاهر وڃڻ بہ نہ ڏيندا هئا. هو ننڍپڻ ۾ دوستيون ٺاهي نہ سگهيو ۽ ائين جوانيءَ جي سرحدن تائين تنھا رهيو. ٻالڪپڻي ۾ ڏاڍو ڊڄڻو، خوفزدہ محمود مغل، هاڻي سنڌي ادب جو هڪ معتبر نانءَ آهي. تڏهن ڪنھن سوچيو بہ نہ هو تہ ايترو ڊڄڻو محمودالحسن، جوانيءَ جي سرحدن ۾ داخل ٿي، اسٽيج، ريڊيو ۽ ٽيليويزن تي پرفارم ڪندو. هاڻي هُو تنھا بہ ناهي، جِيوَن جي رڻ ۾ ڀاڀي ’فاطمہ‘ سندس همسفر آهي، کيس ننڍڙي، نازڪ گلن جھڙي ڌيءَ ’ڪشف‘ آهي ۽ اها ئي سندن ڪل ڪائنات آهي.
محمود مغل پنھنجي جِيوَن جو تقريبن اڌ حصو سنڌي ادب کي ڏنو آهي، انھيءَ عرصي ۾ هن ڪيتريون ئي ڪھاڻيون، شاعري، ناول، ڊراما ۽ ڪالم تخليق ۽ ترجمو ڪيا آهن. ’ڪوهيڙي ۾ ويڙهيل يادون‘، ’تو سنگ تو بن ڏينھڙا‘، ’هَٿَ ريکائن کان خالي‘، ’سرءُ‘ ۽ ’محمود مغل جون ڪھاڻيون‘ سندس تخليقي قوتن جو واضح مثال آهن. جڏهن تہ ’اسين جيئرا آهيون‘، ’جون آف آرڪ‘ ۽ ’عوام جو نمائندو‘ وغيرہ مان سندس مترجم واري خاصيت جي ڄاڻ پوي ٿي. تخليق جي انھيءَ سفر ۾ هو تڪبر جو فقير بڻجي ناهي بيٺو، پر هن پنھنجي لاءِ نيون راهون ۽ نوان رستا تلاش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
وچولي قد، وڻندڙ نيڻن نقشن سان پُرڪشش شخصيت جو مالڪ محمود مغل، جڏهن ڳالھائيندو آهي تہ ائين محسوس ٿيندو آهي ڄڻ ڄامشوري جي هوا ڪي سُر ڇيڙي ڇڏيا هجن. سندس آواز ڪيڏو تہ مٺو آهي، ڪيڏي نہ پنھنجائپ آهي، هن جي لھجي ۾. اهو سندس لھجي جو ميٺاج ئي آهي، جو هن ريڊيو ۽ ٽيليويزن تان ڪمپيئرنگ ڪندي پنھنجا ڪيترائي مداح پيدا ڪيا آهن. مان اڪثر سوچيندو آهيان تہ محمود هڪ استاد پڻ آهي. جڏهن هو ڪلاس ۾ ليڪچر ڏيندو هوندو تہ ڇا سندس شاگرد بہ ائين ئي سندس آواز مان لطف اندوز ٿيندا هوندا، جيئن سندس ڪمپئرنگ جا مداح؟ ڪجهہ بہ هجي پر هڪڙي ڳالھہ واضح آهي تہ محمود جو شاگردن سان روَيو دوستن وارو هوندو آهي ۽ شاگرد بہ سندس تمام گهڻي عزت ڪندا آهن. مون اهو تڏهن محسوس ڪيو، جڏهن مان ۽ محمود ڪنھن ڪم سان سنڌ يونيورسٽي سوسائٽيءَ واري مارڪيٽ وياسين، اتي محمود جو هڪ شاگرد سگريٽ پي رهيو هو. هن جيئن ئي محمود کي ڏٺو، هڪدم سگريٽ اڇلائي وڌي اچي محمود سان نِوِڙي هٿ ملايائين. محمود ساڄو هٿ ان ڇوڪري جي هٿ ۾ ڏنو ۽ کاٻو سندس ڪلھي تي رکيو. اهو ان استاد جو مان ۽ مرتبو آهي، جيڪو شاگرد کي ائين ڪرڻ تي مجبور ڪري ٿو. هونئن اڄڪلھہ جي دؤر ۾ ائين گهٽ ٿيندو آهي تہ ڪو شاگرد استاد کي ڏسي سگريٽ اڇلائي ڇڏي.
محمود، فطري طور پيار ڪندڙ ماڻھو آهي. سندس پيار نہ رڳو انسانن لاءِ آهي، پر جانورن، پکين، گلن، ٻوٽن، وڻن مطلب تہ قدرت جي تخليق ڪيل هر شئي سان هن جو پيار آهي. سندس گهر ۾ پلجندڙ کوڙ سارن پکين، توڙي سندس گل نہ پٽڻ واري عادت مان اهو ظاهر آهي تہ کيس پکين ۽ گلن سان تمام گهڻو پيار آهي. رابيل سندس پسند جو گل آهي، پر پوءِ بہ هو گُل نہ پٽيندو آهي. مجموعي طور ائين چئجي تہ هو خوبصورتيءَ سان پيار ڪندڙ ماڻھو آهي تہ غلط نہ ٿيندو. هونئن بہ شاعر ۽ ڪھاڻيڪار سونھن جا پوڄاري ٿيندا آهن، سونھن لاءِ سندن من ۾ نرم ۽ نازڪ احساس ازل کان موجود هوندا آهن.
محمود هونئن تہ سنجيدہ شخصيت جو مالڪ آهي، پر جڏهن هو دوستن سان ڪچھري مچائي ويھندو آهي تہ ڪڏهن ڪڏهن کل ڀوڳ واري موڊ ۾ بہ ايندو آهي ۽ پوءِ ان ڪچھريءَ ۾ سندس ٽھڪ نمايا هوندا آهن. مون محمود کي کلندي بہ ڏٺو آهي تہ هن جي نيڻن مان وهندڙ سنڌو بہ ڏٺو آهي. ها! پنھنجي والدہ جي وفات تي هُو رنو هو. مون کي ياد آهي جڏهن سندس والدہ کي مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو تہ هو ڪجهہ پل اتي بيھي رهيو. سندس نڙيءَ مان ڪوبہ سڏڪو نہ نڪتو، پر سندس اکين جو بند ڀڄي پيو هو ۽ هُو گهر تائين لڙڪن جو مينھن وسائيندو آيو هو، سڀ دوست کيس پرچائي رهيا هئا ۽ پوءِ دوستن، مٽن مائٽن جي پيار هن جي ڳوڙهن کي بند ڏئي ڇڏيو هو، پر سندس من جو گهاءُ اڃان بہ ڀرجي نہ سگهيو آهي. سندس والدہ جي وفات کان پوءِ جلد ئي عيدالفطر جو موقعو آيو هو ۽ مان ان عيد کان ڪجهہ ڏينھن پوءِ جڏهن هن سان ملڻ ويس تہ هُو ٻڌائي رهيو هو، ”امان مون کي ننڍي هوندي کان وٺي عيد جي خرچي ڏھہ روپيا ڏيندي هئي ۽ جڏهن هاڻي آءٌ وڏو ٿي ويو هوس تہ هوءَ پنھنجا پئسا مون آڏو رکندي هئي ۽ چوندي هئي، ”پنھنجي خرچي کڻ“ توڙي جو انھن پئسن ۾ پنجاھہ ۽ سؤ جا نوٽ بہ شامل هوندا هئا، پر مان رڳو ڏهن جو نوٽ کڻندو هيس، پر هن عيد تي مون وٽ گهڻا پئسا هئا پر ڏهن جو نوٽ مون کي نہ مليو.“ اهو ٻڌائيندي سندس آواز روئڻھارڪو ٿي ويو ۽ مون موضوع بدلائي ڇڏيو هو.
موسيقيءَ جا سُر انسان جي روح تي گَهِرو اثر ڇڏن ٿا، تڏهن تہ راڳ کي روح جي غذا چيو ويندو آهي. مون مٿي لکيو آهي تہ شاعر ۽ ڪھاڻيڪار سونھن جا پوڄاري ٿيندا آهن، پوءِ سونھن جو اهو ڪھڙو بہ روپ هجي. ساز ۽ آواز جو ميلاپ بہ سونھن جو هڪ روپ آهي ۽ ماڻھو موسيقيءَ سان پڻ عشق ڪندا آهن. محمود تہ موسيقيءَ جي عاشقن منجهان آهي، هن وٽ آڊيو ڪيسٽس جي تمام سٺي ڪليڪشن موجود آهي. هڪ اندازي مطابق وٽس نو سؤ کان وڌيڪ آڊيو ڪيسٽس موجود آهن. ڪلاسيڪل موسيقي، نيم ڪلاسيڪل ۽ پاپ ميوزڪ وغيرہ هن جي آڊيو لائبريري ۾موجود آهن. هو چوندو آهي، ”آڊيو ڪيسٽس جي ڪليڪشن ڪرڻ ۾ مون کي مزو ايندو آهي.“ بسم ﷲ خان شھنائي نواز، روي شنڪر، ستار نواز، استاد منظور علي خان، ذاڪر حسين خان، عدنان سميع خان کيس پسند آهن، پر هيمنت ڪمار ۽ يسوداس کيس گهڻو وڻندا آهن. هن کي آرٽ موويز ڏسڻ جو بہ تمام گهڻو شوق آهي. آرٽ فلم جي دنيا ۾ شھرت ماڻيندڙ انڊيا جو مشھور شاعر گلزار سندس پسنديدہ شاعر آهي. موسيقي ۽ آرٽ فلم جيان نوجوانيءَ جي ڏينھن ۾ هن جو ڪرڪيٽ سان بہ لڳاءُ رهيو ۽ نوجوانيءَ جي ڏينھن ۾ گهڻي ڪرڪيٽ کيڏندو هو، پر هاڻ سندس اهو شوق بہ صرف ڏسڻ جي حد تائين آهي.
محمود جي هڪڙي ڳالھہ مختلف آهي تہ هُو کاڌي ۾ ڪروڌ نہ ڪندو آهي. مطلب تہ کاڌي ۾ ناپسند جي خلاف آهي، کاڌي ۾ ڪا خاص پسند يا ناپسند ڪونہ اٿس.
محمود جي روزمرہ جي مصروفيتن کي ڏسي مان اڪثر سوچيندو هيس تہ هي ماڻھو ايترو وقت ڪيئن ٿو ڪڍي؟ سرڪاري نوڪري، ريڊيو، ٽيليويزن لاءِ لکڻ، مطالعو، گهريلو مصروفيتون وغيرہ، نيٺ هڪ ڏينھن کانئس پڇيم، چيائين، ”زندگيءَ ۾ ڊسپلين هجڻ گهرجي، هر ڪم پنھنجي ٽائيم مطابق ٿيڻ گهرجي، وقت جي پابندي آهي تہ سڀ ڪجهہ آهي.“
محمود پنھنجي نجي مصروفيتن سبب گهڻن ماڻھن سان نہ ملي سگهندو آهي، فنڪشنز ۾ بہ گهٽ وڃڻ ٿيندو اٿس ۽ انھيءَ ڪري ڪي ماڻھو کيس مغرور سمجهندا آهن، ڪوبہ ماڻھو ساڻس نظرياتي توڙي ذاتي اختلاف رکي سگهي ٿو، پر هن جيڪو پروهيو ڪيو آهي، جيڪو ڪجهہ سنڌي ادب کي ڏنو آهي، اهو اختلافن جي ور چڙهڻ نہ گهرجي. ان کي ضايع ٿيڻ نہ گهرجي، ڇو تہ اهو سنڌي ادب جو اسان جو سرمايو آهي.

]ڇپيل: پندرهن روزہ ’عبرت مئگزين‘ 15 مارچ 1996ع[

محمود بابت اڻ لکيل پورٽريٽ جي آئوٽ لائين (نصير مرزا)

محمود نھايت Sincere دوست آهي. ڪنھن ٻئي جو نہ، صرف پنھنجي پاڻ جو، ها! ايترو ضرور آهي تہ، هُو دشمن ڪنھن جو بہ ڪونھي. يعني هن جي سڀاوَ جي Positive ڳالھہ هيءَ آهي تہ هُو Romanttic ماڻھو برابر آهي Negative قطعي نہ.
محمود، دوست چونڊڻ جي سلسلي ۾ بہ ڏاڍو Selective آهي ۽ ڇاڪاڻ تہ سندس ان Tight selection ۾ آئون شامل ناهيان، ان ڪري ساڙَ منجهان چوان پيو تہ هُو مزاجن Typical سيوهاڻي آهي ۽ ڪنھن جي دشمن ٿيڻ جي صورت ۾ بہ، محمود کي، جي پٿر اڇلائڻا پوندا آهن تہ هُو اهي بہ ڪنھن ٻئي جي گهر ڏانھن نہ، پنھنجي ڄام شوري واري بنگلي ’سيوستان هائوس‘ ڏانھن ئي اڇلائڻ پسند ڪندو آهي.
پنھنجي ذات ۾ محمود هڪڙو اسٽار آهي ۽ رڳو اسٽار ئي نہ، بلڪ سپر اسٽار آهي، جنھن ۾ روشني ئي روشني پنھنجي آهي. لکڻ، ڪمپيئرنگ ڪرڻ، ڳالھائڻ.... ۽ انھن سڀني فيلڊس ۾ محمود، نہ فقط Fast پر... فاسٽ تر آهي. هن بابت منھنجو مشاهدو هيءُ بہ آهي تہ، هن جي زندگي محض زندگي ڪونھي، Schedule جو ٻيو نالو آهي. قدرت هن کي هڪڙي Organised طبيعت ڏني آهي. ان ڪريCommercial writings ڪرڻ سان گڏوگڏ هُو Creative writings لاءِ بہ وقت ڪڍي وٺندو آهي ۽ گڏوگڏ ايڊهاڪ تي عشق ڪرڻ لاءِ بہ... ۽ عشق جھڙي سٺي عمل کان سواءِ، ڇا ڪنھن بري عمل ۾ بہ، ڪڏهن محمود Involve رهيو هوندو؟
آئون نٿو ڀانيان ۽ ڇاڪاڻ تہ هُو هڪ مذهبي گهراڻي ۾ پيدا ٿيو آهي ۽ الحمدﷲ سونھاري شريفن وارن ڀائرن جي صحبت ۾ پرورش پاتي اٿائين، اِن ڪري، هر برائيءَ، سگريٽ، شراب ۽ بيئر... نہ... محمود کي مون ڪنھن بہ اهڙي شئي جي ويجهو ويندي ڪڏهن بہ ناهي ڏٺو. توڙي جو محمود ۾ بلا جو ضبط آهي، پر ڇا هن پنھنجي الھڙ نوجوانيءَ کي بہ، ڪڏهن نظم و ضبط ۾ رکيو هوندو... I don’t believe
محمود هڪڙو خوش ماڻھو آهي ۽ شديد خوش هوندو تہ بُود ۾ ڀرجي خوشيءَ منجهان ننڍڙين ننڍڙين خوشين تي بہ زور زور سان چپٽيون وڄائڻ لڳندو آهي ۽ جي ڪنھن وقت هُن تي غم حملہ آور ٿيندا آهن تہ هُو ايڏو تہ ڪنجوس ٿي پوندو آهي، جو لڙڪن کي ڳلن تي ضايع ڪرڻ بدران انھن Golden Drops کي. پنھنجي ئي اکين کي پياري ڇڏيندو آهي.
ليکڪ طور محمود! پنھنجي ٽھيءَ جو منفرد ڪھاڻيڪار آهي. خاص ڪري هن جا لکيل رومينٽڪ ڊراما ڏسندي ۽ افسانہ پڙهندي، لڳندو آهي. محمود اِهو سڀ ڪجهہ الھامي ڪيفيت ۾ لکيو آهي. محمود جي تحرير جي انھيءَ حيرت انگيز flow ۽ ڪردارن جي وچ ۾ ٿيندڙ بي اختيار مڪالمه بازيءَ تي، ڪڏهن ڪڏهن تہ شڪ پوندو اٿم ۽ لڳندو اٿم، ياخدا! محمود جا هي ڪردار ڪجهہ سوچين بہ پيا يا رڳو پيا بنا سوچڻ جي ھھڙو سھڻو سھڻو ڳالھائين.
ڪو زمانو هو، جو محمود ڏاڍو سٺو ’کلاڙي‘ هو ڪرڪيٽ راند جو! هن حاضر دؤر ۽ وقت ۾، اهو تہ، طئہ آهي تہ هُو ڪمرشل رائيٽنگ ۽ ڪمپيئرنگ جي فيلڊ ۾. پنھنجي زندگيءَ جي بھترين Inning کيڏڻ ۾ مصروف آهي.

]ڇپيل: ماهوار ’ادب‘ شمارو: 91، اپريل 2002ع [

عاشق مزاج آ محمود (محمد انور هَڪڙو)

مون کي چيو ويو تہ جيڪڏهن توکي چيو وڃي تہ محمود مغل تي ٻہ اکر لکي ڏي، تہ ڇا لکندين؟ مون وراڻيو تہ، اهو تہ ڪو مسئلو ئي ناهي، مان محمود کي چڱيءَ طرح سڃاڻان ٿو. تقريبن پندرهن سورهن سالن کان هن سان دعا سلام آهي، پر جڏهن واقعي لکڻ لاءِ ڪاغذ ۽ قلم کڻي ويٺس تہ منجهي پيس تہ محمود لاءِ ها تہ ڪري ويٺم پر ڪيئن شروع ڪيان، ڪٿان شروع ڪريان، ڏاڍو پريشان ٿيس، محمود جي ڪھڙي خوبي بيان ڪريان يا ڪھڙيون خاميون ڳڻايان. محمود هڪ دوست آهي، هڪ براڊ ڪاسٽر، هڪ ليکڪ آ، هڪ پيءُ آ، هڪ مڙس آ، هڪ عاشق آ، هڪ عام ماڻھو آ، هڪ خاص ماڻھو بہ آ، پر ڪنھن جي نظر ۾؟
محمود مغل هڪ عام شخص ناهي، هُو هڪ گهڻ رخي(Multi Dimentional) شخصيت آهي. مان ڪوشش ڪريان ٿو هُن سان نڀائڻ ۾ ڪٿي هن سان بدديانتي نہ ڪري ويھان، پر پوءِ بہ محمود يار، ڪجهہ بہ اڻڄاڻائيءَ ۾ سمجهي هضم ڪري ڇڏجانءِ.
1985ع جي آگسٽ ۾ جڏهن بطور پروڊيوسر ريڊيو حيدرآباد پھتس تہ عورتن ۽ مزدور ڀائرن جا پروگرام مليا. مھينو رمضان جو هيو. انھيءَ زماني ۾ ڊاڪٽر عبدالرحمان (مرحوم) جھڙي خوش اخلاق ۽ کلمک شخصيت سان ملاقات ٿي. ملاقات ۾ هڪ ٻئي سان پنھنجائپ محسوس ڪندي معلوم ٿيو تہ ڊاڪٽر صاحب جي شادي شڪارپور شھر جي شيخن جي پاڙي مان لکيدر وٽان ٿيل آهي. ڊاڪٽر صاحب سان پنھنجائپ هڪ تہ هن جي ساهرن، ٻيو تہ منھنجي جنم ڀومي ۽ ٽيون لکي در منھنجو بلڪل ويجهو پاڙو هجڻ ڪري ٿي.
انھيءَ دوران نصير مرزا جي معرفت ڊاڪٽر محمود مغل سان ملاقات ٿي. ڊاڪٽر عبدالرحمان جي بلڪل برعڪس ان جو ننڍو ڀاءُ مليو. حيرت ٿي. ڊاڪٽر عبدالرحمان جيترو کَرو هو، اوترو ئي محمود مغل نفيس هو پر انھن ۾ هڪ ڳالھہ مشترڪ هئي ۽ ڇو نہ هجي، آخر هئا تہ هڪ، مطلب تہ ڀائر. هنن ۾ سڀ کان وڏي خوبي اها هئي تہ ڪڏهن ڪنھن کي دلاسو نہ ڏيندا هئا، جيڪڏهن ڪم ڪرڻو ناهي تہ هڪدم جواب. ٻڌڻ وارو اکيون ڦاڙي ڏسندو رهجي وڃي تہ يار ڏاڍا بي حياءَ آهن، هڪدم منھن تي ٺپ جواب ڏنائون نہ دم نہ دلاسو ڪجهہ تہ خيال ڪبو آهي. پر اهو هنن جو ڏوھہ ناهي. هونئن بہ سچو ماڻھو ائين ئي کُهرو هوندو آهي، محمود شروعاتي دؤر ۾ بلڪل پُرخلوص ۽ انتھائي گهٽ ڳالھائڻ وارو شخص معلوم ٿيندو هو.
مان اها ڳالھہ پنھنجي حوالي سان ٿو چوان، مان سمجهندو هئس تہ محمود جا دوست بہ بلڪل مختصر هوندا پر جڏهن هن جي ڪتابن جي مھورت ناري پبليڪيشن طرفان شايد 1992ع ۾ پاڪستان نيشنل سينٽر ۾ ٿي تہ اُن ۾ مان بہ دعوتين ۾ شامل هئس. مان حيران ٿي ويس تہ محمود جا نہ صرف ايترا سارا مرد دوست هئا پر، ٺيڪ ٺاڪ عورتن جو بہ انگ نظر آيو ،پوءِ معلوم ٿيو تہ گهٽ ڳالھائڻ ۽ وقتائتو ڳالھائڻ واري شخص جا مداح هر طبقي جا دوست هئا.
محمود مغل هڪ سٺو دوست آهي، ان جو مثال اهو آهي تہ محمود، ڀاڀيءَ سان گڏ هڪ دفعي حسين آباد ۾ منھنجي ڪرائي واري جاءِ ۾ ائين ڪاهي آيو جو مون کي سوچڻ جو بہ وقت نہ ڏنائين تہ ڇا ڪريان، هن کي اندر گهرايان بہ يا نہ، مون کي اترادي گوڏ ٻڌل هئي ۽ مٿي ۾ ميندي لڳل هئي ۽ پٺن اگهاڙو هئس. خبر تڏهن پئي جڏهن هُو بنا پڇڻ جي گهر ۾ داخل ٿي چڪو هو ۽ نئين شادي ڪئي هئائين. اسان پردي وارا ماڻھو، ڏاڍو سٺو لڳو انھيءَ وقت جڏهن هن مون کي انھيءَ حال ۾ ڏٺو. ڇاڪاڻ تہ اسان ۾ ڪابہ بناوت نہ هئي. ٻيو Heart attack کان وٺي باءِ پاس تائين هن جو مڪمل مون سان رابطو بہ، هن جي دوستيءَ جي خاص سڃاڻپ آهي. محمود پنھنجي وڏي ڀاءُ کي بابا چوندو هو. بابا جھڙي ئي وڏي ڀاءُ جي عزت ڪندو هو. مون کي هميشہ وڏو ڀاءُ سمجهندو آهي نہ صرف سمجهندو آ پر عزت بہ ڪندو آ. مان جڏهن بہ کيس ڊاڪٽر چوندو آهيان تہ هڪدم چوندو آهي تہ سائين توهان ڊاڪٽر نہ چوندا ڪريو. مان توهان لاءِ محمود آهيان.
محمود بطور ڊاڪٽر مختلف جاين تي ڪم ڪندو رهيو. هر موڙ تي پنھنجي مزاج ۽ مسئلن کان ائين آگاھہ ڪندو آهي، جيئن هڪ وڏي ڀاءُ کي اعتماد ۾ وٺبو آهي. محمود مون سان تہ ننڍو هوندي بہ، حجت ائين ڪندو آهي جيئن ڪو معشوق پنھنجي عاشق سان انگل ڪندو آهي. محمود منھنجو ڀرم رکڻ لاءِ ڪراچيءَ جي مخصوص بازار مان مون لاءِ منھنجي مطابق ٻہ دفعا شرٽس وٺي آيو، چيائين سائين ڪراچيءَ جا چڱا ڀلا پروديوسر انھيءَ بازار جا خريدار آهن ۽ مان بہ پائيندو آهيان، ڇا ڪجي مان بہ ايترو ئي Afford ڪري ٿو سگهان، مون کي نشو تہ ڏنائين پر نڀايائين نہ انھيءَ ۾... الائجي ڇو؟
ليکڪ جي حيثيت سان سندس ڇپيل ڪتاب، ٽي ويءَ لاءِ سنڌي ۽ اردو ڊراما ادبي کيتر ۾ اهم جڳھہ والارين ٿا. مان اديب تہ ناهيان پر اديبن سان ٿورو ويھڻ اٿم. محمود هڪ نفيس ڪمپيئر ۽ براڊ ڪاسٽر آهي. اسٽيج ۽ ٽي ويءَ لاءِ هڪ مڪمل ڪمپيئر آ، مون کي ياد آهي جڏهن قاضي اختر وزير تعليم سنڌ هيو تہ محمود مغل، زبيدہ گرلز ڪاليج ۾ انگريزيءَ ۾ اسٽيج سيڪريٽري جا فرائض سرانجام ڏنا هئا. قاضي اختر تہ وزيراعليٰ بہ پوءِ ٿيو هو. محمود جا جوهر يقينن انھن دوستن کي ياد هوندا، جن بہ هن جي ميزبانيءَ ۾ فنڪشن اٽينڊ ڪيا هوندا.
ڪي دوست چون ٿا تہ محمود ايتري ساري جاکوڙ يا محنت، بجلي، پاڻي ۽ سوئي گيس جي بلن لاءِ ٿو ڪري، اها ڳالھہ هن جا ساٿي ڪمپيئر ٿا چون، جڏهن محمود مغل کان پڇيم تہ ڇا اهو صحيح آهي. هُن هڪدم بنا ڪنھن سوچڻ جي چيو تہ ها، سائين ٻن ڀائرن جي ڇڏي وڃڻ کان پوءِ پوري ذميداري منھنجي آهي. ان ڪري ڪنھن بہ حال ۾ مھيني لاءِ ڪجهہ هزار ڪمائڻا آهن، تڏهن وڃي پوري خاندان جي صحيح ڪفالت ڪري سگهان ٿو، ڪيڏو نہ ڪڙو سچ ٿو ڳالھائي محمود.
محمود ڪيترو سٺو عاشق آ، ڪيترو سٺو مڙس آ، ڪيترو سٺو پيءُ آ، اهي سڀ جواب مون وٽ تہ ناهن، پر ها اهو سڀ ڪجهہ ڀاڀي ۽ محمود جي ننڍڙي ڪشف ٻڌائي سگهي ٿي. پر، مون محمود کي ڀاڀيءَ لاءِ ۽ ننڍڙي ڪشف لاءِ محبت ۾ تڙپندي ڏٺو آ. ان ڪري چئي سگهان ٿو تہ محمود سٺو پيءُ ۽ عاشق آ، پر محمود عاشق مزاج بہ آ، اها هاڻي راز جي ڳالھہ ناهي رهي. اهو توهان محمود سان ملي ڪنفرم ڪري سگهو ٿا.
محمود خاص آ، اسان جي لاءِ، ريڊيو ٽي ويءَ ۽ پنھنجي گهر جي ڀاتين لاءِ ۽ عام آ، انھن لاءِ جيڪي هن جي صورت ۽ سيرت کان واقف ناهن. محمود يار Sorry وقت جي ڪمي، باءِ پاس ڪري يادداشت جي بي وفائي ڪري، اهو ڪجهہ نہ لکي سگهيس، جيڪو ذهن جي پردي تي ڌنڌلو ڌنڌلو رهجي ويو آ. باقي ڳالھيون تنھنجون راز واريون طارق، نياز، نصير ٻيو الائجي ڪنھن جو نالو ورتو هيئي نامڪمل ذهن تي تري پئي آيون. ان ڪري نہ پيو لکان، متان هڪ جي ٻي ٿي وڃي.
محمود جڏهن بہ ڪنھن ڪم ۾ هٿ وڌو آ پاڻ مڃرايو، هو تمام هڏڏوکي ساھہ صدقي وڃڻ وارو دوست ۽ انسان آ، محمود عورتن کان بہ نفيس آ، خوش پوشاڪ ۽ صابرين نوجوان آهي. حالانڪ ايڏين خوبين جو مالڪ، آپي کان ٻاهر هجي ۽ هلڪڙو هجي، پر هُو ان جي بلڪل برعڪس آهي. محمود نجي زندگيءَ ۾ جيترو سٺو حقيقي پرفارمر، ڪاش هُو ريڊيو يا ٽي ويءَ جو ڊرامائي پرفارمر ٿئي.


]ڇپيل: ماهوار ’ادب‘ شمارو: 91، اپريل 2002ع [

وڻندڙ ڪھاڻيڪار محمود مغل (نفيس احمد ’ناشاد‘)

منھنجو وڻندڙ ڪھاڻيڪار محمود مغل، گوناگون ادبي صلاحيتن جو صاحب آهي! ڀُلجان نٿو تہ، محمود جون گهڻي ۾ گهڻيون ڪھاڻيون ’مھراڻ‘ ۾ ئي ڇپيون آهن، جا ڳالھہ خود ’مھراڻ‘ لاءِ فخر جو باعث آهي.
محمود جي ڪھاڻين جو منھنجي خيال ۾ مرڪزي نقطو آهي سماجي ۽ معاشي مسئلن جو نھايت باريڪ بينيءَ ۽ فنڪارانہ پختگيءَ سان اظھار ڪرڻ ۽ اُن ۾ سندس ڪاميابي، کيس افساني جي موضوع تي ادبي اُتانھين بخشي ٿي. گهڻا سال اڳ محمود جي هڪ ڪھاڻي پڙهي هئم. اُن ۾ هڪ ڪُراڙيءَ جو ڪردار آهي. جا ڀاڄي وٺڻ لاءِ بازار ٿي وڃي. نھايت غريب آهي. گس تي پيل هڪ سڪو اچانڪ سندس اکين آڏو ٿو اچي. فطري ڪشش ٿئي ٿي سِڪو کڻڻ لاءِ ۽ پوءِ ٻُڏتر جو هڪ سلسلو... انھيءَ منظر ۾ محمود انساني امنگ ۽ آرزو کي جنھن دل ڇُھندڙ انداز سان بيان ڪيو آهي. سو سندس ئي خاصو آهي.
محمود جي ڪھاڻين ۾ عشق، معاشقي ۽ رومانس جي موضوعن جي اڻھوند (يا بنھہ گهٽ) کي آئون قطعي ’ڪمي‘ قرار ڪونہ ڏيندس. هڪ انٽرويو دوران، ’عشق ڪرڻ‘ بابت هڪ روايتي سوال جي جواب ۾، منھنجي محسن پير صاحب سائين حسام الدين شاھہ راشدي، کلندي، چرچي ۾، واھہ جو جواب ڏنو هو تہ، ”بابا! عشق ڪرڻ کان سواءِ ئي ماڻھو شرافت ۽ شائستگيءَ واري زندگي بسر ڪري سگهي ٿو، تہ هروڀرو انھيءَ مُنھن ڪارائيءَ ۾ هٿ ڇو وجهي؟“
خير، پير صاحب تہ سراسر پيار مان، بنھہ مذاق ۾ اهو اُمالڪ جواب ڏيئي اسان کي خوب کِلايو ۽ پاڻ بہ کليو، پر سچ تہ اهو آهي تہ سماجي توڙي معاشي توڙي ٻين انيڪ برجستہ موضوعن تي ڪمال ڪاريگريءَ سان ڪامياب ڪھاڻيون لکي سگهجن ٿيون تہ پوءِ ’رومانس‘ جي موضوع جو لازمو هروڀرو پنھنجي مٿان مڙهڻ ضروري بہ ڪونھي.
منھنجو مشاهدو آهي تہ محمود، ’عشق‘ کان عاري بہ ڪونہ آهي. مون هميشہ ڏٺو آهي تہ محمود جو عشق آهي، ’ذميواري‘ سان، انتھائي ’سنجيدگي‘ هر وقت جا محمود جي چھري مان پئي بکندي آهي. اُن جو سرچشمو آهي، ’ذميواري‘ ڪنھن سالڪ صحيح چيو آهي تہ انسان زندگيءَ ۾ ذميواري قبول نہ ڪندو تہ پوءِ ڪم ڪيئن هلندو؟
’ذميواري‘ سان عشق جو ئي تہ ڪرشمو آهي، جو محمود نھايت ڪاميابيءَ سان ادب توڙي تعليم، ثقافت توڙي موسيقي، سڀني شين سان خوش اسلوبيءَ سان نباهيندو ٿو اچي. (پنھنجيون گهرو سماجي ۽ پرائيويٽ لائيف جون مشغوليون اُن کان الڳ) آئون کيس ذميواريءَ سان ’عشق‘ تي مخلصانہ مبارڪون پيش ڪريان ٿو. ڪھاڻين تان ياد آيم تہ محمود خاڪا بہ ڏاڍا دل کي ڇُھندڙ لکيا آهن. ’مھراڻ‘ ۾ انور هالائي ۽ اڪبر جسڪاڻيءَ تي لکيل سندس تاثر، سندس ڪھاڻيءَ واري فن کي پاڻ ۾ سمايو بيٺا آهن. ادبي ڏات ۾ ڏانءَ جي صاحب، محمود جي سمورين علمي خدمتن تي مون کي هميشہ خوشي رهي آهي ۽ منھنجي دل ۾ محمود لاءِ هميشہ دعائون.

]ڇپيل: ماهوار ’ادب‘ شمارو: 91، اپريل 2002ع [

جذبا سچن موتين جهڙا (محمد بخش سميجو)

ڪراچي ٽيليوزن تان ٿيندڙ سنڌي پروگرامن جي ابتدا 1970ع ۾ مرزا قليچ بيگ جي ناول ’زينت‘ جي ٽن قسطن ۾ ڊرامائي تشڪيل سان ٿي هئي، جيڪا اسان جي محترم شمشيرالحيدري صاحب ڪئي هئي. اهڙيءَ طرح سنڌي ٽيلي پلي جي جڏهن بہ تاريخ لکي ويندي يا ذڪر ڪيو ويندو تہ سڀ کان پھريائين شمشيرالحيدريءَ جو ئي نالو کنيو ويندو.
سنڌي ٽي وي ڊرامي جي يقينن اها خوش قسمتي ليکي ويندي تہ جڏهن کان هي لکجڻ شروع ٿيو آهي، تڏهن کان وٺي سنڌي ادب جي وڏن وڏن نالن پنھنجو پنھنجو Contrbution شامل پئي ڪيو آهي. جھڙوڪ امر جليل، آغا سليم، علي بابا، نسيم کرل ۽ ڏسجي تہ جناب محترم جمال ابڙي صاحب جي افسانن جي ڊرامائي تشڪيل ٿيڻ جي ڪري، چئي سگهجي ٿو تہ سنڌي ٽي.وي ڊرامي کي اهو شرف بہ حاصل رهيو آهي تہ سنڌي ڊرامي سان جمال صاحب جو نالو بہ منسلڪ رهيو آهي ۽ ان بعد سنڌ جي تمام وڏن افسانہ نگارن سنڌي ٽي.وي ڊرامو لکيو ۽ شاهڪار سنڌي ٽي.وي ڊرامو لکيو. انھن جا نالا ضرور کڻبا نہ تہ انھن سڀني محترمن سان زيادتي ٿيندي.
جناب قمر شھباز، جناب مراد علي مرزا، جناب ممتاز مرزا مرحوم، عبدالقادر جوڻيجو، قاضي خادم، شوڪت حسين شورو، ڪيھر شوڪت، نورالھديٰ شاھہ، طارق عالم ابڙو، اياز عالم ابڙو، آغا رفيق، ملڪ آگاڻي، زيب سنڌي، رزاق مھر، نور گهلو، شرجيل، عثمان ميمڻ، حق نواز سمون، شاهنواز سوڍر، حفيظ ڪنڀر، عزيز ڪنگراڻي، سحر قريشي، رحمت ﷲ ماڃوٺي، ماڪن شاھہ رضوي، اختر رند ۽ محمود مغل... ۽ شايد هن وقت ڪنھن محترم جو نالو منھنجي ذهن مان نڪري ويو هجي تہ منھنجي معذرت ضرور قبول ڪري معاف ڪري ڇڏيندا.
محمود مغل پھريون ڊرامو ’آئيڊيل‘ نالي سان 1982ع ۾ لکيو، جڏهن اڃا پاڻ ميڊيڪل ڪاليج ۾ پڙهندو هو. اهو ڊرامو محترم هارون رند صاحب پروڊيوس ڪيو هو. هي اهو دؤر هيو، جڏهن سنڌي ڊرامي لکڻ وارن ۾ نوان نوان نالا شامل ٿي رهيا هئا. مون جيڪي مٿي نالا ڄاڻايا آهن. انھن ۾ اسان جا گهڻا ساٿي اُن دؤر سان تعلق ٿا رکن. محمود مغل جو اهو ڊرامو ان وقت نشر ٿيو هو جڏهن قاضي خادم صاحب جي لکيل جاسوسي ڊراما سيريل ’تلاش‘ هلي ختم ٿي هئي. ان کان هڪ سال اڳ ۾ عبدالقادر جوڻيجو صاحب جي مشھور ڊراما سيريل ’راڻيءَ جي ڪھاڻي‘ هلي هئي، جيڪا بعد ۾ ’ديوارين‘ جي نالي سان اردوءَ ۾ پروڊيوس ڪئي وئي هئي. جنھن جي ذريعي سنڌي رائيٽرز، سنڌي فنڪارن ۽ پروڊيوسرن کي پنھنجون پنھنجون صلاحيتون اردوءَ ۾ ثابت ڪرڻ جو موقعو مليو هو.
جڏهن محمود مغل جو اهو پھريون ڊرامو نشر ٿيو هو تہ زوردار طريقي سان اِهو احساس ٿيو هو تہ، هڪ ٻيو سنڌي نوجوان پنھنجي صلاحيت جي زور تي سنڌي ڊراما لکڻ وارن جي فھرست ۾ پاڻ کي شامل ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي. مون کي ياد آ تہ اُن وقت منھنجي هڪ ٻئي نوجوان ۽ زبردست ڊراما نگار ۽ يار ڪيھر شوڪت چيو هو تہ محمود ڏاڍو سٺو ڊرامو لکيو آ ۽ يقينن اڳتي سٺن لکڻ وارن ۾ شمار ٿيندو. ان وقت منھنجي محمود مغل سان ملاقات ڪانہ ٿي هئي ۽ پوءِ جڏهن ملاقات ٿي تہ واھہ واھہ ٿي وئي.
مان سمجهان ٿو تہ Fine Arts جي گهٽ ۾ گهٽ ۾ فلم ۽ ٽي.وي ڊرامي جي شعبن ۾ ڪجهہ Combinations ڏاڍيون ڪامياب رهيون آهن. ڪجهہ فنڪارن جون جوڙيون، ڪجهہ هدايتڪارن ۽ فنڪارن جو ساٿ ۽ ڪجهہ هدايتڪارن ۽ ليکڪن جو ساٿ بہ ڪجهہ شاهڪارن جي تخليق ٿيڻ جو سبب بڻيو رهيو آهي.
مان سمجهان ٿو تہ مان بہ انھن ڀاڳ وارن ماڻھن ۾ شامل هجڻ جو اعزاز رکان ٿو. جن کي ڪجهہ ڪامياب، ذهين ۽ باصلاحيت فنڪارن جو ساٿ مليو تہ ڪافي سٺا ۽ قابلِ تعريف ڊراما تخليق ٿيا ۽ ساڳيءَ ريت ڪجهہ زبردست ليکڪن جي لکيل ڊرامن کي پروڊيوس ڪري ڏاڍي خوشي بہ ماڻيم تہ تعريف بہ حاصل ڪيم. انھن ساٿي ليکڪن ۾ تمام فخر سان ڪيھر شوڪت، آغا رفيق، طارق عالم ابڙو، نُور گهلو، علي بابا ۽ نورالھديٰ ڊرامي ’غلام‘ جي حوالي سان ۽ پياري محمود مغل جا نالا ڳڻائي سگهان ٿو.
پھريون دفعو مان ۽ منھنجو ڊراما رائيٽر آغا رفيق، ’سام‘ ڊرامي جي حوالي سان P.T.V Award لاءِ نامزد ڪيا وياسين. ٻيو دفعو منھنجي ڊرامي ’عڪس ۽ اولڙا‘ لاءِ مان ۽ رائيٽر علي بابا P.T.V Award لاءِ نامزد ٿياسين. ان بعد وري بہ مان ۽ ڪيھر شوڪت ڊرامي ’بند دروازي‘ تي نامزد ٿياسين. ان بعد نورالھديٰ شاھہ صاحبہ سان گڏ مون ڊرامي ’غلام‘ تي پي. ٽي. وي ايوارڊ حاصل ڪيو ۽ پوءِ اردو ڊرامي ’نوري ڄام تماچي‘ لاءِ مان P.T.V Award لاءِ نامزد ٿيس ۽ اهو ڊرامو فقط محمود مغل ئي لکي ٿَي سگهيو.
ڏاڍو خوبصورت ۽ شاندار اسڪرپٽ لکيل هو. پروڊيوس ڪرڻ ۾ ڏاڍو مزو آيو. اُن بعد وري هڪ خوبصورت ڊرامو ’ڄاتل اڻڄاتل‘ محمود صاحب مون لاءِ لکيو. يقينن خوبصورت ڊرامو هو. ان تي اسان يعني مان ۽ محمود مغل صاحب P.T.V Award لاءِ نامزد ٿياسين ۽ ايوارڊ بہ ماڻيوسين. سو مان اها ڳالھہ چوندي ڏاڍي خوشي ۽ فخر محسوس ڪندو آهيان تہ ٻين دوستن جي ساٿ سان گڏ، محمود مغل جي ساٿ ۽ تعاون سان بہ مان تمام گهڻا خوبصورت ڊراما پيش ڪرڻ جي لائق بڻجي سگهيو آهيان.
محمود مغل صاحب مون لاءِ جيڪو پھريون ڊرامو لکيو هو، ان جو نالو هيو ’جذبا سچن موتين جهڙا‘ ڏاڍو خوبصورت ڊرامو لکيو ويو هو ۽ مان سمجهان ٿو تہ منھنجي فني ۽ تخليقي سفر ۾ مون کي اڳتي وڌائڻ ۾ ان ڊرامي جو يقينن وڏو حصو آهي. هن ڊرامي ۾ پھريون دفعو شيخ اياز جي مشھور وائي علڻ فقير جي آواز ۾ ’ٽڙي پوندا ٽارئين، جڏهن ڳاڙها گل، الا او تڏهن ملنداسين‘ بطور بئڪ گرائونڊ سائونڊ افيڪٽ جي استعمال ڪئي وئي هئي، جنھن سان ڊرامي جي خوبصورتيءَ ۾ اضافو ٿيو هو.
اُن بعد هڪ ٻيو ڊرامو ’بخشش‘ نالي سان ڪيو هئم، جيڪو پنھنجي منفرد موضوع ۽ پريزنٽيشن جي ڪري منھنجن تمام سٺن ڊرامن ۾ جاءِ والاري ٿو.
ان بعد هڪ ٻيو اهم ۽ يادگار ڊرامو لکيو هو محمود صاحب جيڪو مون ڪيو هو. ’آس نراس جي وچ ۾‘. هي ڊرامو هڪ اسٽيج ڊراما فنڪار جي زندگيءَ کي بنياد بڻائي لکيو ويو هو، جيڪو اسٽيج تي اداڪاري ڪندي ڪندي دل جو دورو پوڻ سبب مري ٿو وڃي ۽ ڏسندڙ سمجهن ٿا تہ فنڪار تمام سھڻي ادڪاري ڪئي آهي، پر پوءِ معلوم ٿو ٿئي تہ هُو تہ گذاري ويو آ ۽ هُن کي اُهو سچو پچو دل جو دورو پيو هو. ان ڊرامي ۾ مرڪزي ڪردار منھنجي دوست فنڪار مرحوم يوسف عليءَ ڪيو هو. جنھن اهو ڪردار تمام خوبصورتيءَ سان ڪيو هو، جيڪو پوءِ واقعي جلد ئي دل جي دوري پوڻ سبب اسان کان جدا بہ ٿي ويو هو.
مان ان ڊرامي کي يوسف عليءَ جي موت جي حوالي سان ۽ هونئن بہ تخليقي حوالي سان پنھنجو ۽ محمود مغل جو هڪ يادگار ڊرامو سمجهندو آهيان.
’لھندڙ سج وڌندڙ پاڇا‘ هيءُ هڪ ٻيو شاهڪار اسڪرپٽ محمود صاحب لکيو هو. هن ڊرامي ۾ انساني جذبن جھڙوڪ محبت، نفرت، چڱايون، مدايون ۽ رشتن جون سچايون ۽ حقيقتون بيحد خوبصورتيءَ سان قلمبند ڪيون ويون هيون. شفيع محمد، ممتاز ڪنول ۽ فرح بلوچ کي پنھنجا پنھنجا ڪردار ڪندي ڏاڍو مزو آيو هو ۽ مون بہ ڏاڍي خوشي ماڻي هئي.
اصل ۾ تخليقڪار جي اُها ڪيفيت ڪو ٻيو تخليقڪار ئي محسوس ڪري سگهي ٿو تہ اُن تخليق جي دوران ان بنيادي تخليقڪار جي ڪھڙي ڪيفيت هئي. محمود مغل پنھنجي اسڪرپٽ، پنھنجي پھرين تخليق ڪري محسوس ڪندو آهي. جيئن هر ماءُ پنھنجي وجود مان پنھنجي اولاد کي تخليق ڪرڻ واري عمل دوران هر گهڙي هر لمحي سرور ڀرين تصورن کي پئي سرجيندي آهي، جوڙيندي آهي، تمام خوبصورت ڪيفيت هوندي يقينن.
ان بعد اهو دؤر ٿو شروع ٿئي، جڏهن محمود مغل صاحب ٽي ويءَ جي اردو ناظرين سان متعارف ٿو ٿئي. سندس پھريون اردو ڊرامو، ڊراما سيريل ’رَوِش‘ مون پروڊيوس ڪيو 1995ع ۾. منھنجي حساب ۾ سمورين ڊرامائي ضرورتن کي مدنظر رکي، هي ڊراما سيريل لکي وئي هئي. پنھنجي مختلف موضوع جي ڪري ظاهري سببن جي ڪري اهو احساس هيو تہ سندس والدہ کيس نظر انداز ٿي ڪري ۽ هُو پيار جي کوٽ کي ڏاڍي شدت سان محسوس ڪندي، پيار کي پائڻ جي ڪوشش ڪرڻ جي باوجود بہ پائي نٿو سگهي.
نفسياتي ڪشمڪش جو شڪار ٿيل، نئين نسل جي هڪ حقيقي ڪردار جي صورت ۾ محمود تمام اهم ۽ سوچڻ جھڙيون ڳالھيون ڏسندڙن جي اڳيان پيش ڪيون. منھنجي ۽ ٻين تنقيد نگارن جي نظر ۾ هڪ ڪامياب ڪوشش ڪئي هئي محمود صاحب.
ان بعد محمود صاحب منھنجي لاءِ Tele Theater ۾ ڪرڻ لاءِ هڪ لانگ پلي ’ايڪ بدلا هوا پل‘ لکيو. هي ڊرامو پنھنجي ٻئي جدا ٿي ويل دوست فنڪار مرحوم محمود صديقيءَ جي شاهڪار اداڪاريءَ جي لحاظ کان هميشہ ياد رکندو آهيان. هن ڊرامي کي محمود صاحب رٽائرڊ لائيف گذارڻ وارن ٻن دوستن جي خواهشن کي بنياد بنائي لکيو هو. ڏاڍو خوبصورت لکيو ويو هو ۽ محمود صديقيءَ ڏاڍو سٺو ڪردار ڪيو هو.
مضمون جي طوالت جي باوجود مان پاڻ تي فرض ٿو سمجهان ٿو تہ محمود مغل لاءِ ڪجهہ ڪرڻ جي دوران سندس بيحد خوبصورت ۽ بامقصد ڊرامن جو ذڪر ڀلي تفصيل سان نہ بہ، پر ڪرڻ تمام ضروري آهي.
’هڪ خوشيءَ جو سوال‘ خوبصورت نالي وانگر ڊرامو بہ خوبصورت هو. هڪ ماءُ ۽ جوان پٽ جي پيار ۽ محبت جو خوبصورت انداز ۾ اظھار. ’نوري ڄام تماچي‘ اردو ڊراما سيريل تيرنھن قسطون، منھنجي بہ ڪيريئر جو هڪ تمام خوبصورت ڊرامو. شاندار Love Story، لوڪ ادب مان ڪھاڻي کڻي، ان کي جديد دؤر جي جديد تقاضائن سان جديد زندگيءَ جي ڪردارن ۾ پوئي ڊرامو لکڻ تمام وڏي ڪوشش آهي. اهڙي ڪوشش اسان وٽ صرف نورالھديٰ شاھہ صاحبہ ’مارئي‘ لکي ڪري ڪئي ۽ محمود مغل ’نوري ڄام تماچي‘ لکي ڪري ڪئي آهي. انگريزي ادب ۾ بہ شيڪسپيئر جي شاهڪار ڊرامي ’Romeo Julest‘ کي نئين انداز ۾ پيش ڪري ڪئي وئي آهي. محمود مغل کي ان طرح جي شاندار تحرير تي مان تمام گهڻيون مبارڪون ڏيندو آهيان، جو منھنجي نظر ۾ هُو لھڻي بہ.
اهڙي طرح ڊرامو ’ڄاتل اڻڄاتل‘ بہ ڇاڪاڻ تہ تمام سٺو اسڪرپٽ لکيل هو، ان ڪري هڪ خوبصورت ڊرامو تخليق ڪرڻ ممڪن ٿي سگهيو. جنھن تي مون کي ۽ سيد يار محمد شاھہ کي پي. ٽي. وي. ايوارڊ بہ مليو هو. ممتاز ڪنول جي بہ نامزدگي ٿي هئي.
ٽئين اردو ڊراما سيريل ‘سمجهوتہ‘ جيڪا بہ مون ئي پروڊيوس ڪئي. مان ڇا ڪيان، ان ڪري ئي مان اڳ ۾ بہ عرض ڪري چڪو آهيان تہ ڪجهہ ’جوڙا‘ هِن فن جي دنيا ۾ ڏاڍا ڪامياب ٿيندا آهن. مان پاڻ کي خوشنصيب سمجهندو آهيان، ٻين شاندار ۽ ڪامياب ليکڪن کان علاوہ محمود مغل سان بہ منھنجو فني ساٿ ڏاڍو ڪامياب رهيو آ ۽ مون کي خوشي بخشيندڙ بہ ثابت ٿيو آهي. منھنجي نظر ۾ جديد معاشرتي ضرورتن ۽ تقاضائن کي بنياد بنائي، ڏاڍو خوبصورت ڊرامو لکيو آهي محمود صاحب. ان جو سنڌي ورزن ناٽڪ رنگ ۾ ’ڪنھن ڪنھن ماڻھوءَ منجهہ‘ جي عنوان سان ناظرين جلد ئي ڏسي سگهندا.
محمود مغل صاحب جو ڊرامون ’تيري آجاني سي‘ مون ئي پروڊيوس ڪيو هو. مزو آيو. هيءَ بہ هڪ Love Story هئي ۽ تمام خوبصورت هئي. ٻہ ٻيون ڊراما سيريل ’يادين‘ ۽ ’دل اسي چاهتا هي‘ پرائيويٽ سيڪٽر ۾ پروڊيوس ٿيون آهن، ’يادين‘ بہ Romance Base Drama اسٽوري هئي. سٺي ڊراما سيريل هئي. ’دل اسي چاهتا هي‘ بابت بہ چيو ٿو وڃي تہ سٺي ڊراما سيريل رڪارڊ ٿي آهي.
محمود مغل صاحب جي ڊراما نگار کان علاوہ هڪ سڃاڻپ ڪمپيئر جي حيثيت جي بہ آهي. 1994ع ۾ ’سنڌ ميگ‘ پروگرام شروع ڪيو ويو. هڪ ميگزين پروگرام هو. محمود مغل ڪمپيئرنگ ڪندي ڏاڍو سٺو لڳو. هڪ تازگي محسوس ٿي. ڪجهہ پروگرامز کان پوءِ مون بہ ان عنوان تحت پروگرام ڪيا ۽ محمود مغل جي ڪمپيئرنگ سان سٺا لڳا.
بعد ۾ ڪجهہ عرصي کان پوءِ ’پرک‘ جي ڪامياب ڪمپيئرنگ بہ ڪرائي پئي وڃي. ڪجهہ لائيو شوز جي ڪمپيئرنگ ۾ بہ محمود مغل صاحب بيحد موزون طريقي سان ڪئي آهي. انھن سڀني پروفيشنل حيثيتن کان علاوہ بہ محمود مغل جي شخصيت ڏاڍي وڻندڙ ۽ خوبصورت آهي. ڏاڍو نفيس ماڻھو آ، ڪتابي ۽ ادبي ٻولي ڳالھائڻ وارو ماڻھو. جلد ئي هر ڪنھن کي پنھنجو گرويدہ بنائڻ وارو ماڻھو آ، مان سمجهان ٿو تہ محمود مغل لاءِ اها راءِ فقط منھنجي ناهي، ان ڪري منھنجي اڳيان اهي سمورا ڊراما فنڪار جيڪي سندس ڊرامن ۾ ڪم ڪندا آهن، اهي بہ محمود مغل جي مٿي ڄاڻايل وصفن جي ڪري ساڻس جلد ئي گهرا ٿي ويندا آهن ۽ بيحد احترام ۽ محبت جو اظھار ڪندا رهندا آهن. ايتري ننڍي عمر ۾ پنھنجي لاءِ ٻين ماڻھن جي دلين ۾ ايتري گهڻي جاءِ ٺاهي وٺڻ يقينن خوشيءَ جي ڳالھہ هجڻ سان گڏوگڏ، شاندار ڪامياب ماڻھو هجڻ جي نشاني بہ آهي.

]ڇپيل: ماهوار ’ادب‘ شمارو: 91، اپريل 2002ع [

مُرڪندڙ محبتي ماڻھو (سميع بلوچ)

محمود مغل محبت جو اهڙو سمنڊ آهي، جنھن مان ڪيئي ڪوڏ ۽ سِپون خوبصورت لفظن جي صورت ۾ سندس لکڻين جي سونھن بڻجن ٿيون. هونئن بہ محبت ۽ محمود جي نالي ۾ پھريان ٻہ اکر ساڳيا آهن. محبت جي جذبي جا ڪيترائي رنگ ٿين ٿا. دوستن لاءِ هڪڙو رنگ تہ ٻارڙن لاءِ ٻيو رنگ، محبوب لاءِ ٽيو رنگ تہ وري گهر لاءِ، اهي سڀئي رنگ گڏجي محمود جي چھري تي انڊلٺي رنگ سجائن ٿا، شل انھن رنگن مان ڪوبہ رنگ ٻئي رنگ جي رڪاوٽ نہ بڻجي.
لڳي ٿو تہ محمود کي دنيا ڇاڇولڻي آهي، تڏهن تہ محبت، سِڪ ۽ سونھن جو سمنڊ ساڻ کڻي ٿو هلي، محمود محبت ۾ سنڌ جو صوفي ٿو لڳي. ان ڪري ئي تہ هي ڪڏهن ڪونہ ٿو سوچي تہ موٽ ۾ کيس ڇا ٿو ملي! بَس پاڻ ماڻھن ۾ محبت ورهائيندو ٿو رهي.
محمود مغل خوبصورت مُرڪ جو مالڪ پڻ آهي، محمود جي من موهيندڙ مُرڪ الاءِ تہ ڪيترن اپسرائن جي دلين جي ڪئنواس تي ڇانيل هوندي. محمود مغل جي دوستي، دوست لاءِ چنڊ جي ٿڌي چانڊوڪي بہ آهي تہ ڪو اجرو سج بہ، منھنجي هن دوست لاءِ دعا آهي تہ شل هن جي مڙني خوبين تي ڪڏهن بہ خزان جو پاڇو نہ پوي.

]ڇپيل: ماهوار ’ادب‘ شمارو: 91، اپريل 2002ع [

سُونھن، رومانس ۽ محمود (طارق عزيز شيخ)

ڪا ڪھاڻي پڙهڻ کان پوءِ جيڪڏهن ذهن تي گهاٽو تاثر رهجي وڃي تہ يقيناً اُها ڪھاڻي، حقيقت مان ڪھاڻيءَ جو رُوپ وٺي سَرجيل هوندي. زندگيءَ جي مختلف رُوپن جا عڪس جڏهن چِٽا ڏِسڻ ۾ اَچن، لفظن مان ساهُہ کڄندي محسوس ٿئي ۽ ڪردارن ۾ پنھنجو پاڻ کي ڀانئجي تہ اُهو ڪھاڻيڪار جو ڪمال ناهي، بلڪہ اُهو سندس سَچائين جو ثمر آهي، جنھن جو هُو اِظھار ڪري ٿو. اُنھيءَ ڪري اِهو چوڻ ۾ ڪو وڌاءُ ڪونہ ٿيندو تہ محمود وٽ سَچائيءَ جو اِظھار لفظن ۾ ساهُہ ڀريو ڇڏي ۽ ڪھاڻي زندھہ ٿي، چُرڻ پُرڻ لڳندي آهي.
پنھنجي اَندر جا جذبا، شِدت سان ڀرپور پيار، پرينءَ سان گڏ گهاريل سُھڻا ۽ يادگار پلَ، خوبصورت خواب، رُسڻ پَرچڻ، پرينءَ ۾ اَٽڪيل ساهُہ، وڇوڙو، وڇوڙي جو پيڙا ۽ يادون، فقط يادون... ڪي بھار ۾ رنگين ٽڙيل گُلن جھڙيون خوشبودار تہ ڪي وري سَرءَ ۾ لُڪَ لڳل، لِڱَ ساڙيندڙ اُس جھڙيون اُداس يادون... اِهي سَمورا جذبا، عڪس ۽ ڪيفيتون محمود جي ڪھاڻين ۾ خاص اَهميت ٿا رکن، جيڪي هن زندگيءَ جي مختلف موڙن تان ورتا آهن.
محمود مغل جي ڪھاڻين ۾ اُها ڳالھہ آهي، جا رات جو دير سان ٽيپ رڪارڊ تي وڄندڙ وائلن جي ڌُن ٻُڌڻ مان مِلندي آهي، جنھن مان جيترو رومينٽڪ ميوزڪ مزو ڏيندي آهي، اوترو ئي ٽريجٽڪ سُر پيڙائيندو آهي. سندس اَسلوب ۽ منظرنگاريءَ جي اَنداز ۾ سَموريون چاهنائون، پريت سان لبريز پلَ ۽ چنڊ جھڙي سُونھن سَمايل آهن. شِدت سان ڀرپور محبت کي جيڪڏهن بيوفائيءَ جو نانگ ڏنگي ڇڏي تہ وڇوڙي وارين ڀوڳنائن جو زهر عمر ڀر تيزاب بڻجي ساڙيندو رهندو آهي. اُهي ئي ڀوڳنائون ۽ پيڙائون جذبن جي ڀڃ ڊاهَہ کي سَميٽي، محمود جون ڪھاڻيون بڻيون آهن. سندس ڪھاڻيون پڙهندي ائين لڳندو اَٿم تہ ڄڻ منھنجن پنھنجن جذبن ۽ ڪيفيتن جو بيان ٿيندو هجي.
شاھہ لطيف جي شاعريءَ ۾ سَمايل ڪائنات جي سُونھن، نارائڻ شيام جي شاعريءَ واري سُونھن ديوي ۽ شيخ اَياز جي شاعريءَ ۾ سمنڊ جي زوردار ڇولين جھڙو شِدت ڀريو پيار، فقط محمود جي ڪھاڻين ۾ ئي ڏِسڻ ۾ اَچي ٿو. اِها ئي محمود جي ڪھاڻين جي وصف آهي.

]ڪتاب: ’محمود مغل جون ڪھاڻيون‘ جو بئڪ ٽائيٽل: 1995ع [

منھنجو ڀاءُ...محمود (مٺل جسڪاڻي)

محمود مغل (پروفيسر ڊاڪٽر محمودالحسن مغل) کي مون پھريون دفعو ريڊيو وسيلي ڪَنن سان ٻُڌو، پي. ٽي. وي. ڪراچي سينٽر جي ڪنھن پروگرام کي ڏسندي اکين سان ڏٺو ۽ ڪَنن سان ٻڌو يا ڪنھن اخبار، رسالي، مخزن، ڪتاب ۾، پھرين سندس ڪا تحرير پڙھيم، اھو ياد نہ اٿم. محمود مغل جي نگاھہ ۾ آئون پھريون دفعو ڪڏھن ۽ ڪيئن آيس، سا بہ خبر نہ اٿم. جڏھن يادگيرين جا تاڪيا کوليم تہ ياد آيو، اسان جي پھرين ملاقات سنڌ زرعي يونيورسٽي ڪالوني ٽنڊو ڄام ۾، منھنجي رھائش واري اَي ٽائيپ ڪوارٽر جي در تي، فقيراڻي طبيعت جي علمي ادبي شخصيت فقير محمد ڍول، 17 جنوري 2015ع جي صبح ڪرائي. جنھن بعد ان ملاقات کي يادگار بڻائڻ لاءِ، مون پنھنجي فيسبوڪ ٽائيم لائين تي، چند تصويرن سان گڏ لکيو ھو:
”محترم شخصيت محمود مغل جڏهن پيار ونڊيندڙن سميت ملاقات جو شرف بخشيو، سچ تہ روح کي راحت ملي... محمود سائين جي ٽي. وي. اسٽيج ۽ اخبار جي ڪالمن واري بلڪ ان کان بہ وڌيڪ مٺڙي ٻولي موهي وڌو... دل تہ گهري پئي گهڻو لکان پر، لکڻ سان بہ آئون قرضي رهندس... محترم شاهنواز ڀُرٽ جي بہ مھرباني، سندن موجودگي بہ سھڻي، سٺي رهي... حافظ احمدالدين انڍڙ کي بہ وساري نٿو سگهجي، سندس قرب بہ ياد رهندو... وفا مولابخش لاءِ لکان يا فقير محمد ڍول جا ٿورا مڃان، آئون مڙني مھربانن جو ٿورائتو... ان موقعي تي ڀاءُ علي ۽ اظھار جي موجود هجڻ تي بہ سچ پچ تہ اسان سڀ خوش هئاسين.“
اسان جي ان پھرين يادگار ملاقات ۽ ڪچھريءَ کان پوءِ، ھڪ ٻئي سان رابطي جي جديد ۽ قديم ذريعن معرفت رابطو، روبرو ملڻ، گڏجي اٿڻ ويھڻ ۽ گهمڻ ڦرڻ جو جيڪو سلسلو شروع ٿيو، اھو محمود صاحب جي سندس مثالي طبيعت سبب، ساڳي طرح نہ صرف جاري آھي، پر اسان جي ھر ملاقات، ڪيڏانھن گڏجي نڪرڻ ۽ واپس ورڻ بہ جيئن جو تيئن روان دوان آھي.
محمود مغل جي مڪمل سڃاڻپ کان تہ آئون بہ واقف نہ آھيان، پر سندس مشھور ۽ معروف سڃاڻپ ڪمپيئر ۽ ليکڪ طور آھي. سندس عملي زندگيءَ جي ٻين گهڻن پھلوئن کان اڪثريت اڻ ڄاڻ آھي. مون کي جيڪا ۽ جيتري خبر آھي، اھا پڙھندڙن تائين پھچائڻ ضروري ٿو سمجهان. پيشي جي لحاظ کان ڊاڪٽر ۽ استاد آھي. صحت ۽ تعليم جي حوالي سان سندس رضاڪار طور ڪردار نڀائڻ جي گهڻن کي خبر نہ آھي. جڏھن تہ جتي جتي بہ پھچي سگهي ٿو، اتي ليڪچر بہ ڏي ٿو، تہ ھڙان وڙان ۽ سرنديءَ وارن کان پَٽَي سَٽَي، ڪٿي دوائون، ڪٿي ڪاپيون، ڪتاب ۽ ٻيو ضروري سامان بہ پھچائي ٿو. ملازمت تان رٽائر ٿيڻ تائين اضافي ذميواري طور منتظم بہ رھيو آھي. ان دوران ساڻس گڏ ڪم ڪندڙ ھر ڪارڪن سان ھڪ جھڙو پنھنجائپ وارو ملڻ جلڻ ئي نہ، وقت جي نزاڪت، صداقت ۽ ضرورت مطابق، شفيق ۽ مددگار بہ رھيو آھي. ادارن کي سڌارڻ، وڌائڻ ۽ بچائڻ ۾ سدائين اڳي کان اڳرو، ھر واجب ڪم ڪرڻ جي سگهہ رکندڙ ڪردار طور رھيو آھي. ’لائجي تہ نڀائجي‘ تي عمل ڪندو، جنھن جنھن سان بہ واسطو، لاڳاپو، رابطو، ان سان نڀائڻ جي ڀرپور عملي ڪوشش ڪندو آھي. زماني گيريءَ ۾ ڪي ڇلا گِهرگِهلا ٿي پوندا آھن.
محمود مغل جو ڪو ڏوھہ نہ ھوندي بہ محمود مغل ئي سوچ ويچار ۾ پئجي ويندو آھي، پشيمان ٿئي ٿو. اوکي سوکي ۾ پنھنجي ھڙان وڙان بہ ۽ واسطي وارن کان وٺي، نہ ڄاڻ نہ سڃاڻ جي پرگهور سندس اڻ اعلانيل ذميواري، پاڻ پنھنجي ليکي اڪيلي سر بہ، تہ ساڻس سڏ ۾ سڏ ڏيندڙن سان گڏجي سڏجي فلاح ۽ بھبود جا، نيڪيءَ وارا ڪم سندس معمول آھي. برسات ۽ ٻوڏ يا وبا جي صورتحال ۾ گهڻو سرگرم رھيو آھي. غريب مسڪين جي گهر ۾ ڪڏھن پيٽ جي بک ختم ڪرڻ، ڪڏھن ڪو ڀڳل ٽُٽل حصو مرمت ڪرائڻ يا نئون ٺھرائڻ، بيواھن جي مدد ۽ يتيمن جي شادي ڪرائڻ جا ڪم بہ جيترا ممڪن ٿي سگهيا، ڪيائين. سندس اھي سڀ ڪوششون، سندس وت ۽ وس آھر جاري آھن.
محمود مغل جي جيڪا خاص خوبي آھي، سا اھا تہ سدائين پاڻ تي ڀاڙڻ، نہ ڪنھن جو ڪلھو استعمال ڪرڻ، نہ ئي ڪنھن ٻئي کي پنھنجو ڪلھو استعمال ڪرڻ ڏي. ڪنھن تي ڪو بہ بار ڀري نہ وجهندو آھي. رضاڪار طور جيترو پھچي، ڪندو بہ آھي، ھٿ ھمراھي قبوليندو بہ آھي.
اسان پاڻ ۾ ھمسفر بہ رھيا آھيون. ڪم ڪار سان بہ، گهمڻ ڦرڻ خاطر بہ، سماجي تعلقات نڀائڻ يا اخلاقي ذميواري پوري ڪرڻ لاءِ بہ ڪيترائي دفعا گڏ نڪتا آھيون. آئون مٿس بار، بوجهہ ٿيو ھوندس، تہ محسوس بہ نہ ڪرايائين. ان مان اندازو ڪريو، تہ پاڻ ڪنھن تي بار ڀري ٿيڻ نہ چاھيائين.
علمي ادبي حوالي سان اخبار ۾ ڪم ڪرڻ کان ويندي، رسالي، مخزن جو ڪم ۽ ڪتاب جو ڪم، ادبي گڏجاڻين کي وقت ڏيڻ، نوَن اديبن ۽ شاعرن کي اتساھڻ، لڪل کي متعارف ڪرائڻ، ان لاءِ وقت ڪڍڻ، خرچ ۽ پنڌ ڪرڻ، ھونئن ڀلي ڳجهہ ڳوھہ رھيو ھجي، پر جديد دور جي سماجي رابطن وسيلي سڀ ڪجهہ پاڻھي پڌرو ٿي پوي ٿو. يادگار ماڳ مڪان ڏسڻ، ڪُتبخانا گهمڻ، قائم ڪرڻ، جيڪي قائم ھجن انھن جي پرگهور لھڻ ۽ سھائتا ڪرڻ، اھڙيون انيڪ شاھديون مختلف دوستن جي فيسبوڪ اڪائونٽ معرفت ھر ڪنھن کي ملي وينديون.
مِٽي مائٽي ۽ دوستي نڀائڻ جي حوالي سان بہ جيڪا مون کي ڄاڻ آھي، جيڪڏھن محمود مغل جھڙا وڌي پون، تہ مٽن مائٽن ۽ سنگت ساٿ ۾ ٿيندڙ مسئلا نہ ٿين، جيڪي مسئلا ٿي چڪا آھن، اھي ختم ٿي وڃن. ڇو تہ اھي اڪثر معاملا صبر ۽ شڪر سان طئہ تہ ٿيندا آھن، نبرندا بہ آھن، نڀائبا بہ آھن. محمود مغل طبيعتن صبر، سھپ ۽ شڪر ڪندڙ شخص آھي. ننڍن مان سکڻ ۽ ننڍن کي سيکارڻ لاءِ ننڍن سان ننڍو ٿي پوڻ ۽ وڏن سان ننڍو رھڻ ڪو محمود مغل مان سکي.
ڳالھائي ھر ڪو ٿو، لکن بہ گهڻا ٿا. ڳالھائيندڙ ۽ لکندڙ ٻيا بہ پنھنجي ذميواريءَ سان، احتياط ڪري ڳالھائيندا ۽ لکندا آھن. ڪنھن تي ڪنھن جو، تہ ڪنھن تي ڪنھن جو اثر بہ ظاھر ٿئي ٿو. ڪن جو پنھنجو انداز بہ ھوندو آھي. خاص ۽ اھم ليکڪن ۾ ٻيا بہ گهڻا، ھڪڙو نالو محمود مغل جو بہ کڄي ٿو. جنھن جو پنھنجو انداز آھي. جيڪڏھن ذھن تي زور ڏئي سندس ڳالھيون ۽ تحريرون ياد ڪبيون، ڳولي ڳولي ڪي چونڊ جملا، ڪجهہ چونڊ سٽون، ڪي چونڊ تحريرون ڇانٽي ڪبيون ۽ اھي سھيڙبيون، تہ ڇنڊي ڇاڻي بہ جيڪو مواد بچندو، اھو بہ عام ڪتاب کان گهڻو ٿي پوندو. منھنجي دل ٿي گهري تہ آئون سندس لکيل ھڪ پراڻو جملو پڙھندڙن کي لازمي طور پڙھايان. ڇو تہ ان ھڪ جملي جي تفصيل ۾ لکبو، تہ پڻ ھڪ جامع ڪتاب جُڙي پوندو. سندس اھو مختصر جملو اڳ ۾ بہ گهڻن پڙھيو ھوندو. ممڪن آھي تہ ڪن پڙھندڙن جي ذھن ۾ بہ ھجي، پر اھو ساڳيو جملو ھاڻي پڙھي، مھرباني ڪري ان ننڍڙي جملي جي گهِرائي ۽ آس پاس تي ويچاري، سمجهڻ، پرائڻ ۽ اھو پيغام سليس انداز ۾ ٻين تائين پھچائڻ ۽ سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي، تہ محمود مغل جو سمورو ڳالھايو ۽ لکيو سجايو ٿي پوي. اھو جملو آھي:
’ڪھڙي ڪم جو اھو عقل، جيڪو برادريءَ ۾ لڄارو ڪرائي.‘
’ڪڇان تان ڪافر‘ (شاھہ ) پنھنجي معاشري ۾ جيءَ ۾ جايون ڏئي، ڪَن سان ٻڌڻ ۽ ڌيان سان پڙھڻ وارا بہ گهڻا، پر اھي ٻڌندڙ ۽ پڙھندڙ بہ ڪھڙا، جن محمود مغل کي ٻڌي ۽ پڙھي بہ ڄڻ اجايو ٻڌو ۽ اجايو پڙھيو. منھنجي خيال ۾ اجايو ٻڌڻ ۽ اجايو پڙھڻ جي ڪري ئي، پنھنجو سماج مجموعي طور اڃا ان حالت ۾ آھي، جنھن مان نڪرڻ جي ڪوشش آدجڳاد کان جاري آھي. محمود مغل بہ سرگردان آھي. اميد تہ ماضي وانگر مسلسل پنھنجي فھم سان نڀائڻ جي ڀرپور ڪوشش جاري رکندو.

]2024ع[

محمود مغل: سراپا محبت ئي محبت (فقير محمد ڍول)

مون کان نہ ڪڏهن ڪير جيڪڏهن اهو پڇي... تہ: ”ڀلا محبت ڇا ٿيندي آهي؟“
”محبت ڪھڙي هوندي آهي؟“
”محبت ڪيئن هوندي آهي؟“
”محبت نظر ايندي آهي يا نہ؟“
”محبت رنگدار آهي يا بي رنگ؟“
يا وري کڻي رڳو اهو ئي پڇي تہ ڀلا... ”محبت نيٺ ڪھڙي شئي جو نالو آهي؟“
تہ سچ پڇو، آءٌ انھن سڀني سوالن جو هڪڙو ئي جواب ڏيندس سو بہ نھايت ئي مختصر:
”محبت، محمود مغل آهي.“
هاڻ محمود مغل ڏي نھاريو ۽ ڏسي وٺو تہ محبت ڇا ٿيندي آهي...! محبت ڪھڙي هوندي آهي...! محبت ڪيئن هوندي آهي...! محبت نظر ايندي آهي يا نہ...! يا محبت ڪھڙي رنگ جي ٿيندي آهي...!
دراصل محمود مغل جو وجود ئي سراپا محبت آهي.
جي قسم کڻڻ جي اجازت ڏيو تہ هڪڙي ڳالھہ قسم کڻي ڪريان تہ دنيا ۾ محمود مغل ئي اڪيلو ماڻھو آهي، جيڪو ڀاڪر ۾ ڀرڻ ڄاڻي ٿو. ڀاڪر توهان بہ پايو ٿا تہ اسان بہ پايون ٿا، پر اسان جا ڀاڪر خدا جو قسم ڀاڪر جي احساسن کان خالي هوندا آهن. اعتبار ڪريو ۽ اعتراف ڪريو تہ انھن ڀاڪرن ۾ ڀريل ڪجهہ بہ ناهي هوندو... اهي ڀاڪر، نالي جا سَکڻا ڀاڪر هوندا آهن. هونئن ڀاڪر ۾ جيڪا گرمجوشي هئڻ گهرجي، جيڪا سِڪَ ۽ ڇِڪَ هئڻ گهرجي، اها جيڪڏهن ڪنھن جي ڀاڪر ۾ مون ڏٺي آهي تہ اهو فقط ۽ فقط محمود جو ڀاڪر آهي... محمود جي ڀاڪر جھڙي گرمي، سِڪ ۽ ڇِڪ شايد هر محبوبا جي ڀاڪر ۾ بہ الاءِ هجي يا نہ هجي..!
ننڍي کنڊ جي وڏي ليکڪ اشفاق احمد کي قدرت واري جيترو لکڻ جي فن سان نوازيو هو، اوترو ئي وري ڳالھائڻ جي فن سان بہ نوازي ڇڏيو هئائين. سندس ادبي ڪاوشون ايتريون تہ گهڻيون آهن، جيڪي ڪيئي ڪتابَ آهن. اشفاق صاحب جي ٻين قصن، ڪھاڻين ۽ ڪتابن کي ڇڏي رڳو سندس ڪھاڻي ڪتاب ’ايڪ محبت سَو افساني‘ جي ڳالھہ ڪجي ۽ ان جي ڪھاڻين کي نظر مان ڪڍجي، جن کي هڪڙي زماني ۾ پاڪستان ٽيليوزن ڊراماٽائيز پڻ ڪيو هو. سي ڇا تہ شاهڪار ڪھاڻيون آهن ۽ مزي جي ڳالھہ تہ پاڻ اشفاق صاحب بہ ڇا تہ شاهڪار ماڻھو هو.
اشفاق صاحب ’زاويہ‘ جي نالي پاڪستان ٽيليوزن تان پنجاھہ منٽن جو پروگرام بہ پنھنجي حياتيءَ جي پوئين پھر ۾ ڪندو هو، جنھن ۾ پنھنجي مرشدن، جن کي هُو پنھنجي ٻوليءَ ۾ ’بابا جِي‘ ڪوٺيندو هو، تن جون ۽ پنھنجيون ڳالھيون، مختلف موضوعن تي ڪچھريءَ جي انداز ۾ پيش ڪندو هو... هُو وقت ۽ واقعن تي ايترو تہ انوکو ڳالھائيندو هو، جو ڏندين آڱريون اچي وينديون هيون. اشفاق صاحب جا ساڳئي نالي يعني ’زاويہ‘ جي عنوان هيٺ ڪتابَ بہ پڌرا ٿيل آهن. ’زاويہ‘ پڙهندي ائين لڳندو آهي، ڄڻ ماڻھوءَ جي هَٿَ ۾ ڪو ڪتاب ڪونھي، بلڪِ ماڻھو ڪنھن ’حاويليءَ‘ يا ’ڌرمشالا‘ نما ’ڪتاب گهر‘ ۾ گهڙي آيو آهي، جنھن جي ورق ورق ۾ ڪيئي دروديوار ۽ ڳڙکيون آهن، جن مان ڪيئي ڪردارَ، ڪيئي ڳالھيون ۽ ڪيئي قصا ليئا پائي، مَنُ پِرڀائي، مَنَ جي مئڪدي ۾ ويھاري، اُتي الاءِ تہ ڪھڙو مَڌُ پياري، ڪنھن مَڌُوبالا ڏي مدہوشيءَ وچان ڇڪي وڃن ٿا، جو پنھنجي وجود جو ڪو هوش ئي نٿو رهي.
ائين ئي سنڌي ادب ۾ محمود مغل بہ گهڻين ڀاڱين، گهڻين ڳالھين ۽ گهڻن ڪردارن ۾ مون کي اشفاق احمد جو ئي ٻيو روپ لڳندو آهي. سندس ڪالم ڪتاب ’خواب نگر‘ کي اُٿلائبو تہ، ’جُهڙ نيڻان نہ لھي...‘ واري ڪيفيت جُڙي وڃي ٿي... اکين جون ماڻڪيون ازخود آليون ٿيو وڃن ٿيون ۽ ڳوڙها ڳلن تي ڳڙي ايندا آهن. الاءِ ڪھڙيون ڳالھيون آهن ۽ نگاھہ جا الاءِ تہ ڪھڙا زاويا آهن، جن تائين محمود مغل جو قلم پھچي وڃي ٿو ۽ سندس قلم ۾ ايتري سگهہ بہ آهي، جو هُو ان درد کي لکي وٺي ٿو ۽ اظھاري وڃي ٿو. اهو درد، جيڪو ايترو طاقتور ۽ زورآور آهي، جيڪو حياتين جا ۽ احساسن جا ڪَرَ ۽ ڪنڌ هڪڙي سَٽَ سان ئي ڀڃيو ٿو ڇڏي، پر محمود جي قلم کي ڀڃڻ جي سگهہ جو منجهس ساهس ئي ڪونھي.
محمود سان منھنجي ملاقات جو پھريون سبب ’مائي فوزيہ سومرو‘ بڻي هئي، جنھن جي 2004ع ۾ پھرين ورسيءَ جي موقعي تي ’امرتا‘ جي پاران ڀيٽا طور نمبر تيار پئي ڪيم. ان ۾ محمود مغل جو بہ مضمون شامل هو. ان جا پروف ڏسڻ لاءِ هُو مون وٽ ڪمپازيٽر جي آفيس تي آيو هو ۽ ان مضمون لاءِ کيس برادرم نصير مرزا چيو هو.
نصير مرزا جو ذڪرِ خير جو نڪتو آهي تہ گهڻيون نہ پر هڪڙي ڳالھہ ضرور ٻُڌندا هلو ۽ اها ضروري ان ڪري بہ آهي، جو ان ۾ محمود مغل جو بہ ذڪر آهي. عرض ڪرڻ فرض آهي، پوءِ ڪنھن کي وڻي يا نہ وڻي!
اسان جو يار اسحاق سميجو، ڪاوش جو ايڊيٽوريل پيج ايڊٽ ڪندو هو ۽ ڪاوش ۾ نصير ۽ محمود ٻئي ڪالم ڪڙا پيا لکندا هئا. هڪڙو مستقل ڪالم ’خواب نگر‘ لکندو هو ۽ ٻيو وري ’ڪڏهن ڪڏهن‘ لکندو هو. سو اسحاق، هڪ ڀيري نصير کي چيو تہ، ”يار تو تہ سنڌي ادب کي ’امام بارگاھہ‘ ۽ محمود وري ’مسجد سڳوري‘ بڻائي ڇڏيو آهي.“
هونئن منھنجو خيال آهي تہ ان ۾ هنن ٻنھي يارن جو ڪو ڏوھہ ئي ڪونھي... جو هڪڙي کي ’امام بارگاھہ‘ ۽ ٻئي کي ’مسجد سڳوري‘ ورثي ۾ مليون آهن. نصير، مرزا پاڙي حيدرآباد جي ڪھڙي امام بارگاھہ جو متوَلِي آهي، انھي جي اڃا مون کي ڄاڻ ڪونھي. باقي محمود جنھن مسجد شريف جو متولي آهي، سا ڄامشوري جي سنڌ يونيورسٽي جي ڪوآپريٽوِ هائوسنگ سوسائٽيءَ جي ’جامع مسجد قبہ‘ آهي.
هي جو محمود مغل جا ليک پاڻ ڪٿي نہ ڪٿي پيا پڙهندا آهيون يا ڪٿي ڪٿي کيس ڳالھائيندي ٻُڌڻ جو موقعو ميسر ٿي پوندو آهي تہ پاڻ کي هڪڙي ڳالھہ ضرور پلئہ پوندي آهي تہ هُو پاڻ کي ’فقير‘ لکندو بہ آهي تہ سڏيندو بہ آهي، سو ڪا گهڻي نہ پر سوا ڪسيري جيتري ڳالھہ ان فقيريءَ جي بہ ٻُڌائي ڇڏيان تہ هُو سچو فقير آهي ۽ پنھنجو تہ آزمايل بہ آهي، اعتبار نہ اچيوَ تہ سھڻو فقير محمد انڙ حال حيات آهي، ڌڻي کيس وڏي حياتي ڏئي، ان کان ئي پڇي وٺو، باقي پاڻ تہ فقير محمود مغل الاءِ مڃي يا نہ مڃي!
هونئن ان فقيريءَ ۾ سندس عمل دخل ۽ پارسائي ڪيتري؟ تنھنجي تہ پاڻ کي خبرچار ڪونھي، باقي اها سا پڪي پروڙ اٿئون تہ اهي فقر وارا فقيري ڪڻا ۽ فقيري رنگ کيس خانداني ورثي ۾ وراثت طور مليو آهي، جو سندس والد بزرگوار ميان فقير نور محمد مغل سيوهاڻي قلندري، فقير هئا ۽ کين وري ’فقيري‘ واري اهڙي ورڇ يا رمز ’حضرت مخدوم بصرالدين صديقي سيوهاڻي رحمة ﷲ عليہ وٽان ملي هئي، جا پشت در پشت سيوهڻ شريف کان هلندي، سندن ڄامشوري واري گهر ’سيوستان هائوس‘ اندر ادا عبدالرحمان مغل، ادا خليل الرحمان مغل ۽ ادا گل محمد مغل تائين پھتي ۽ اتان کان ’ميان فقير محمودالحسن مغل سيوهاڻي قلندريءَ‘ تائين اچي پھتي آهي ۽ محمود! پنھنجي فقيريءَ جو ذڪر اذڪار کڻي ڪٿي نہ بہ ڪيو هجي، پر پنھنجي خانوادي جي سموري ڪٿا، هُن پنھنجي آتم ڪٿا ’ڪڏهن اسين ڏاڍو کِلندا هئاسين‘ ۾ قلمبند ڪري ڇڏي آهي، جنھن ۾ سندن خانوادي جي فقيريءَ جا ڪيئي قصا ڀريا پيا آهن... اها آتم ڪٿا سچ پچ پڙهڻ وٽان آهي، جنھن ۾ هن پنھنجي امڙ سانئڻ ۽ امڙ جيجيءَ جي ڳوٺ ٽلٽيءَ ۽ بوبڪن واري ريلوي اسٽيشن جو ۽ اتان کان گهوڙي گاڏين تي ٽلٽيءَ پھچڻ جو داستانو ايڏو تہ دلپذير لکيو آهي، جو ان جي تعريف لاءِ مون فقير وٽ تہ لفظ ڪونھي... ۽ ساڳئي وقت ادا عبدالرحمان ۽ ادا خليل جو سيوهڻ مان حيدرآباد اچي پڙهڻ وارو احوال بہ باڪمال آهي.
پر قصو تہ ميان محمود مغل جي پرائمري اسڪول ۾ سندس پڙهڻ وارو بہ گهٽ ڪونھي، جنھن ۾ پاڻ اسڪول ۾ پنھنجي زاروقطار روئڻ وارو رينگٽ بہ اظھاريو اٿس، تہ ماڊل اسڪول ۾ اسٽيج تي تلاوت لاءِ سڏ ٿيڻ تي، پوري آيت سڳوري تہ رهي پري، بسم ﷲ کان پوءِ بيھوش ٿي ڪرِي پوڻ جو ذڪر بہ ڪري ڇڏيو اٿس.
هونئن محمود مغل پاڻ کي اصل کان روئڻو تہ سڏيو ئي آهي. سو اسان جي محمود مغل جي مٽيءَ جو پِنوڙو سنڌ جي لال شھباز قلندر جي لال گُلال شھر سيوهڻ جو آهي. جنھن جي گهٽين ۾ اڄ بہ بودلي بھار جو روح سانجهيءَ ٽاڻي ٽُلڪندو هوندو. ان سيوهڻ ۾ محمود مغل جو اباڻو گهر مبارڪ، حضرت لال شھباز قلندر مرونديءَ جي مزار مبارڪ جي سيرانڌيءَ کان آهي ۽ ان گهر جي دروديوار کي ڏسڻ جو شرف بہ ڪو گهٽ ڪونھي. ان هڪڙي ڪمري واري ڪچي گهر جو ڏيک ويک ۽ آسيس محمود جي اکين ۾ ڇُلڪندي سوَلائيءَ سان ڏسي سگهجي ٿو ۽ مون کي پوري پڪ آهي تہ ان گهر کي هڪ ڀيرو ٻيھر پنھنجو ڪرڻ واري خواهش، سندس مَنَ ۾ حياتيءَ جي پوئين پھر تائين پساھہ کڻندي رهندي، جنھن گهر ۾ سندس جيجل ماءُ، سڀني ڀائرن ۽ ڀينرن کي نپائي وڏو ڪيو ۽ جنھن جو در ٽپڻ کان اڳ فقير ميان نور محمد مغل قلندري سيوهاڻي پنھنجي گهرواريءَ کان فقط ايترو پڇندو هو، ”ڪنوار! گهر ۾ اٽو ۽ پاڻي آهي؟“ ۽ ورنديءَ ۾ هاڪار ٻُڌي، بوڇڻ ڪُلھي تي رکي ﷲ توآهر ڪندو هو.
محمود هڪڙو محبتن جو جيئرو جاڳندو ميلو جهميلو آهي، جيڪو جنھن کي بہ ڀاڪر منجهہ ڀري ٿو تہ قرار ٿي وڃن ٿا. دعاڳو آهيان تہ سندس محبتون پنھنجي محبوبن جي جيئري هجڻ تائين تہ جيئنديون رهن ۽ اسان جيڪي سندس عاشق آهيون، تن کي هُو پنھنجي محبتن جي ڀاڪرن منجهہ ڀريندو رهي ۽ سندس وجود جي گرمي اسان جي اندر جي ٿڌاڻ کي گرميءَ ۾ مَٽائيندي رهي، جو ڪٿي اسان کي ويسر ۽ بي احساسيءَ جي ٿڌ نھوڙي نہ وجهي.

]’ڏاڏاهي ادبي تنظيم‘ (ڏات) پاران ’محمود مغل جي مانَ ۾ رکيل اعزازي تقريب ۾ پڙهيل: 29 جنوري 2019ع [

منھنجو ڀاءُ محمود (فقير محمد ڍول)

اهو سال ٻہ هزار چار هو. سنڌ جي ڪويل سڏجندڙ ۽ پنھنجي موهيندڙ آواز واري فنڪارہ فوزيہ سومرو تي سندس وڇوڙي کان پوءِ امرتا جي پاران مون خاص شمارو پئي تيار ڪيو. تن ڏينھنِ نصير صاحب جون مون سان ٻٽيھہ ڇڏيو، ڇٽيھہ دليون هيون، منھنجيون تہ هاڻ بہ ساڻس اڻ ڳڻيون دليون آهن، پر پاڻ دل کڻي ويو ۽ دل پَلَي ويو...الاس..! سو مرزا صاحب، مون کي محمود کان فوزيہ تي آرٽيڪل ’بيقدرا قدر نہ ڪيڙئي ڪو‘ وٺي ڏنو ۽ بعد ۾ محمود ان جي پروفنگ لاءِ موهن مدہوش واري ’انٽيل آشرم‘ تي اچي سھڙيو... بس اتان، ان ڏينھن کان حُجتن ۽ محبتن جو هڪڙو زمانو شروع ٿيو، جنھن تڪڙا پنڌ اُڪرِي، ڀائپيءَ جو آڳنڌ جوڙي ورتو، جتي اسان ’امرتا‘ جي پيھي تي جيئن جو ڪانڀ ڪري ويٺا آهيون تہ ان ڪانڀَ جي ڳنڍ جيئن پوءِ تيئن وئي قابو ٿيندي، پر افسوس جو ان ڪانڀَ جو جيڪو ڪارڻ بڻيو هو، تنھن پنھنجي ڪانڀ جي ڳنڍ پھرين ڍرِي ڪئي ۽ پوءِ ماڳھين ڳنڍ ڇوڙي ڪچھريءَ مان ڪُوچ ڪري ويو.
محمود سان ڀائپيءَ واري جيڪا جِيءَ جڙي ۽ لنئون لڳي وئي، تنھن کي هاڻ هن سال يعني 2024ع ۾ ڀريا ويھہ ورهيہ وهامي ويا آهن ۽ اسان ٻئي ڀائر انھن ويھن ورهين ۾ گهڻا ويجها رهيا آھيون. مون ڀاءُ محمود کي جيئن ڏٺو ۽ ڄاتو آهي، تنھن جي رام ڪھاڻي لکڻ ڪا سوَلي ڳالھہ تہ ڪونھي، پر اهو چوڻ بنھہ سوَلو آهي تہ هُو پنھنجي اُٿ ويھہ ۾ هڪڙو ڪميٽيڊ، نباھہ ڪري ڄاڻندڙ ۽ نباهيندڙ دوست آهي، جنھن وٽ ڪوبہ لوڀ ۽ عُذر ڪونھي.
پنھنجي جُسي، جسامت ۽ بيھڪ ۾ محمود واقعن هڪ سيليبريٽي وجود آهي، جنھن سان ساڻ هجڻ يا جنھن جو دوست يا ڀاءُ هجڻ ڪنھن بہ طرح اعزاز کان گهٽ قطعي ڪونھي.
گفتگوءَ جي شناس کيس ڀلي ڀت آهي. ڏاهپ جو سندس وجود تي ڇانورو يقينن امان سانئڻ جي دعائن جو نتيجو آهي. جڏهن بہ ڳالھائي تہ لھجي ۾ ڪا هلڪي رنڊڪ بہ نہ، بلڪِ روانيءَ سان وهندڙ ڪو درياھہ يا سمندر. وٽس علم جا واهڙ هڪ ئي وقت ڪُشادا وهندا رهن ٿا، ادبي علم هجي، مذهبي علم هجي يا سائنسي علم هجي... کوٽ ڪٿي بہ نٿي سُجهي. ٻولين جي سمجهہ بہ وٽس بي مثل آهي، ماءُ ٻولي سنڌي هجي، اردو ۽ انگريزي هجي يا وري پرشن فارسي هجي، ڄڻ تہ ڪا لھر در لھر آهي، جن کي ڪا وٿي ڪونھي ۽ جيڪي مسلسل وهنديون، هڪ ٻئي مٿان اُٿلنديون اچن ٿيون.
مون کي لڳندو آهي تہ محمود هڪڙي مسلسل رياضت جو نالو آهي، جيڪو سيوهڻ واري رستي جي جاڙن جبلن جي سلسلي واري پٽيءَ جيان آهي، جنھن جو انت شايد اَکُٽ آهي. هُو جڏهن اسٽيج تي اچي بيھندو آهي تہ ائين لڳندو آهي تہ اسٽيج تي هڪڙو خالُ هيو، جيڪو سندس وجود جي اچڻ سان ڀرجي ويو آهي يا ائين کڻي چوان تہ اهو خال فقط سندس ئي وجود سان ڀرجي سگهي ٿو ۽ پوءِ جڏهن ڊائيس تان هُو پنھنجي واري تي چَپَ چورڻ شروع ڪندو آهي تہ ويٺلن جا چُرندڙ چَپَ، چُپ اختيار ڪرڻ کان سواءِ ڪجهہ بہ ڪرڻ يا ڪُڇڻ جي سگهہ ڪونھي ساريندا. هڪڙي مسلسل ماٺ پنھنجو گهيرو، ڪنھن ڪاري چادر جيان ان جاءِ تي تاڻي بيھي رهندي آهي، جنھن مان زمان و مڪان سميت ڪنھن بہ شئي جي خبر پوڻ جي سُرت ئي ڪونھي پوندي.
هڪڙو ماڻھو في البديھہ اهڙي حيرت انگيز گفتگو ڪيئن ٿو ڪري سگهي! ڪيئن ٿو ڳالھين جي ڪپڙن جا رنگبرنگي، خوبصورت ۽ سِلڪِي ٿانَ کوليندو وڃي ۽ گفتگوءَ تي دسترس ايتري، جو جيئن جو وقت سِر ڳالھہ کي اُڪلائڻ چاهي تہ ڪپڙن جا کُليل ٿانَ هڪدم ئي اک ڇنڀ ۾ ائين ويڙهجيو وڃن، جو ڄڻ تہ ڪنھن ڪھاڻيءَ جو ڪو ڪلائيميڪس... جيڪو جيئن پڙهندڙ جي وجود تي طاري ٿي وڃي ٿو، تيئن هيڏانھن وري ويٺلن جي چُپ سائلنس تاڙين جي جلترين آواز ۾ مَٽجيو وڃي ۽ حيرت جو هڪڙو زمانو ڄڻ تہ ويٺل وجودن کي سراپي وڃي. اهو فن فقط محمود ئي ڄاڻي ٿو ۽ خوب ڄاڻي ٿو. قدرت واري ان هنر تي کيس مَلڪو ڏنو آهي.
پنھنجائپ ڇا ٿيندي آهي؟ رشتا ناتا ڪيئن نباهبا آهن؟ پرت جا پيرَ پنڌَ ڪيئن ڀربا آهن؟ ۽ شاه سائينءَ جي فرمانَ، ’لائي تہ نماڻيءَ سان نينھن، محب ائين نہ مُنھن مَٽجي‘ تي عمل پيرا ٿي، مُنھن نہ موڙڻ، پير پوئتي نہ ڪرڻ، سندس محبتن جي خُو آهي. پيار، پاٻوھہ ۽ ڀرم جو ڀيرو نہ ڀڃڻ، اهو سڀ سندس دل جي وراڪن ۾ امڙ سانئڻ سُتيءَ سان گڏ اهڙو وجهي ڇڏيو، جو هُو پيو پنڌَ پُڇائيندو، پيو پيرَ ڀريندو ۽ جنھن سان لاتئين تنھن وٽان پيو وقت سِر ڀيرو ڀڃندو آهي.
محمود جون ڪھاڻيون، ڪالم، ڊراما، ناوليٽ ۽ ترجما سندس ڏات ۽ ذات جا اهڃاڻ ۽ سندس سوچ جا ڀرپور حوالا يا عڪسَ آهن. مون سندس ڪھاڻيون بہ پڙهيون آهن، ڪي ڊراما بہ ڏٺا آھن تہ سندس ناوليٽ بہ پڙهيا آهن. انھن جي اُڻت، انھن جو ٿِيمُ، پلاٽ ۽ ڪلائيميڪس، فن جي ڪنھن ماهر ڪاريگر جيان هُن حُسناڪ نموني تخليق ڪيو آهي، جيڪو هرڪو ڪھاڻيڪار، ناول نگار يا ڊرامانگار نٿو ڪري سگهي، بلڪ انھن ۾ اهم ڳالھہ تہ سندس ڪردارن جي نفاست ۽ نفسيات آهي، جيڪا ڪنھن چيلينج کان گهٽ ڪونھي. ساڳيءَ ريت سندس ترجمي نگاريءَ جو فن بہ ڪمال آهي، پر ان کان وڏو ڪمال تہ ان سلسلي ۾ بہ سندس چونڊ آهي. سندس ترجمن جي چونڊ بہ پنھنجن موضوعن جي ڪري ايتري ئي سھڻي آهي، خاص ڪري انساني سُلوڪن يا حڪايتن بابت سندس ترجمن جي چونڊ ڏاڍي اَڇُھيل، وڻندڙ ۽ حيرتناڪ آهي. ترجمن جا اهي سڀئي موضوع اهڙا آھن، جن کي کانئس اڳ شايد ڪنھن ترجمي لاءِ چونڊيو ئي نہ هجي.
ڀاءُ محمود لاءِ منھنجي دعا آهي تہ هُو سدائين سُکيو رهي. ڪڏهن کيس ڪوسو واءُ نہ لڳي - آمين.

]6 فيبروري 2024ع[

سائين محمود... (گوبند مينگهواڙ)

سائين محمود مغل جي فن ۽ شخصيت تي ڳالھائڻ کان اَڳ ۾ آءٌ ٿوري وضاحت ڪندو هلان تہ آءٌ سندس هڪڙو اَدنيٰ شاگرد آهيان، جنھن جي وسَ ۾ هن جي شخصيت جو مڪمل احاطو ڪرڻ بلڪل بہ ڪونھي. هُو اَهڙو ماڻھو آهي، جنھن تي ڳالھائڻ لاءِ ڪنھن حَوالي جي ضرورت محسوس نہ ٿيندي آهي ۽ اُن ئي پرسپيڪٽِوِ ۾ اِها ڳالھہ دعويٰ سان چئجي ٿي تہ هن تي ڳالھائيندي، آءٌ پنھنجي شاگرد هُجڻ وارو حوالو بلڪل بہ ڪمزور نہ پيو سَمجهان. سائين محمود هڪڙو اِسٽرڪٽ ٽيچر ضرور آهي، پر هن اسان جي خيال جي پرواز کي سَدائين اَهڙي آزادي ڏِني آهي، جھڙي گورنمينٽ ڪاليج لاهور ۾ پطرس بُخاري ۽ صوفي غلام مصطفيٰ تبسم، فيض احمد فيض ۽ حفيظ هوشيارپوريءَ کي ڏِني هئي.
۽ ٻي ڳالھہ هونئن عام طور ليکڪن جي لکڻين جا پھريان ٻُڌندڙ سندن زالون هونديون آهن، پر سائين محمود جي هن ڪتاب ۾ آيل ڪيترن ئي ڪالمن جو پھريون ٻُڌرندڙ آءٌ رهيو آهيان، سو:
بڙا هَي درد ڪا رشتہ، يه دل غريب سَهِي!
پر اُن لاءِ آءٌ ڪو ڊِگهو مقالو ڪونہ لِکي رهيو آهيان. اسان جو دوست اِمتياز اَبڙو چوندو آهي تہ: ”سُٺو مقالو اُهو آهي، جنھن ۾ ٻُڌندڙن کي گهڻيون اوٻاسيون اَچن.“ سو پاڻ هتي قناعت کان ڪم ٿا وٺون ۽ چند هڪ ڳالھيون ٿا ڪريون.
پنھنجي اُستاد تي لِکڻ يا ڳالھائڻ بنھہ ڏُکيو ڪم آهي ۽ اُهو اُن صورت ۾ تہ اَڃان وڌيڪ ڏُکيو ٿي پوندو آهي، جڏهن اُها شخصيت گهڻ پاسائين هُجي. سائين محمود جي شخصيت جون ڪيتريون ئي ڊائمينشن آهن، ڪيترائي پھلو آهن، جن تي ڳالھائڻ جي وڏي گُنجائش موجود آهي. ٽي. وي، ريڊيو، اِسٽيج توڻي پرنٽ ميڊيا ۾ گُذريل ٻن ڏهاڪن کان ماڻھن جا ڪاڄَ سَجايا ڪندڙ سائين محمود اَڄ جڏهن پاڻ گهوٽ بڻجي مٿي ويٺو آهي، تہ سندس هي نالائق شاگرد هن تي ٻہ اَکر ڳالھائيندي سَرهائي پيو محسوس ڪري. گڏوگڏ کيس اِهو خوف بہ ورائي رهيو آهي تہ هڪ اَهڙي شخصيت، جنھن جي ڇانوَ ۽ ٻاجهہ هيٺ پَلجي، وڏا ٿيندڙ اسان جھڙا وجود هن سان ڪيترو اِنصاف ڪري سَگهندا.
بڙَ جي ڇانوَ، اَڳي کان گهاٽي..!
هڪ شاگرد جي حيثيت ۾ گُذريل پنجن ورهين کان هن سان ساٿُ جُڙيل آهي. اُن عرصي دؤران مون نہ رُڳو سائينءَ جي وارن ۾ تيزيءَ سان لھندڙ چانديءَ کي ڏِٺو آهي، پر هن جي شخصيت جي ٻين ڪيترن ئي رنگن سان پڻ پاڻ کي رُوشناس ٿيندي ڀانيو اَٿم، جن جي آشنائي مون لاءِ هر ڀيري اُتساھہ جو سامان کڻي آئي آهي.
پنھنجي مزاج ۾ سائين محمود هڪڙو نفيس ماڻھو آهي، جنھن وٽ پنھنجي اُصولن تي سوديبازيءَ لاءِ ڪا گُنجائش نہ هوندي آهي. مون کي ياد ٿو اَچي، اَڄ کان چار سال پھرين جو هڪڙو واقعو آهي. اسان پھرئين سال ۾ پڙهندا هُئاسين، سائينءَ جي سبجيڪٽ جي ليب هلي پئي، ڪم مڪمل ٿيڻ کان پوءِ هن اُستاد ۽ شاگرد جو پيءُ، ماءُ، ۽ اولاد جھڙو رشتو هُجڻ واريءَ ڳالھہ تي فر فر اَنگريزيءَ ۾ هڪڙو ڀاشن ڏِيڻ کان پوءِ گُذريل هفتي پرفارم ڪيل ايڪسپريمينٽ جنرل چيڪ ڪرائڻ جو چيو ۽ چيائين تہ: ”جن وٽ مڪمل جرنل ناهي، اُهي ٻاهر هليا وڃن.“ اُنھن ۾ آءٌ بہ هئس. سو مون سوچيو، ليکڪ ماڻھو آهي، ڪيڏانھن ويندو؟ ٺھي وينداسين. سو سائينءَ ڏي ويس ۽ ٽُٽل ڦُٽل لفظن ۾ چيم: ”سائين! ماءُ پيءُ پنھنجي اولاد کي ٿوري گهڻي Sympathy بہ ڏيکاريندا آهن.“ يڪدم چيائين: ”نو ٻَچا! تنھنجو هڪ ڏِنگي ماڻھوءَ سان پالو پيو آهي.“ ۽ پوءِ هن اَنگريزيءَ ۾ ٻاهر نڪرڻ لاءِ اِستعمال ٿيندڙ ٻہ اَکر ايڏو تہ زور سان چيا، جو اُن جي ٻئي لمحي ۾، مون پنھنجي پاڻ کي ليب جي ٻاهران هٿ ڪيو.
جرنل جي معاملي ۾ سائين محمود اَڃان تائين اسان سان جنرلن واري ڪار ڪندو آهي.
سائين محمود جي ڪتابن تي مون کان وڌيڪ سُٺو ٻيا مقرر ڳالھائي سَگهن ٿا، پر ’خواب نگر‘ جو هي سلسلو منھنجي سامھون ئي شروع ٿيو هو ۽ آءٌ اُن دؤر جي سڀني لاهن چاڙهن جو اَکين ڏِٺو شاهد آهيان. تنقيد جا سوين تير ترڪش مان نڪتا، بيجا ڪمينٽس پاس ٿيڻ جي بازار بہ سَدائين گرم رهي، پر اُن سَڄي عرصي ۾ مون سائينءَ جي ڪمينٽمينٽ ۾ ذري جيترو بہ جهول نہ ڏِٺو. سائين محمود هڪڙو لوئر ڪلاس مان اُڀري آيل ماڻھو آهي، اَهڙو ڪلاس، جنھن ۾ ماڻھن کي ورثي ۾ ساڙڻ لاءِ ڪي ٻيڙيون ميسر نہ هونديون آهن، اُنھن کي بس پنھنجي ٻلَ ۽ صلاحيتن جي آڌار اَڳتي وڌڻو هوندو آهي، اُن ڪري بہ سائين ڪڏهن پوئتي مُڙي نہ ڏِٺو آهي ۽ پنھنجي حِصي جو ڪم بِنا ڪنھن دادَ ۽ طلب جي ڪيو آهي.
’ميلان ڪنڊيرا‘ چيو آهي تہ، ”رائيٽر جي لِکڻي اِيئن هُجي، جيئن ٽيبل جي چؤڌاري ويٺل چار ماڻھو پاڻ ۾ ڳالھائيندا هُجن.“ ٻين لفظن ۾ ڪنڊيرا جو چوڻ آهي تہ لِکڻي عام فھم هُجي. سائين محمود جا هي ڪالم اُن وصف تي بلڪل پورا لھن ٿا، جنھن جو وڏو ثبوت هن کي مِلندڙ فيڊبيڪ آهي. سائين محمود جي اُن کان بہ وڌيڪ اَهڙي ريڊرشپ آهي، جنھن تائين خود هن جي بہ رَسائي ڪونھي، پر ’خواب نگر‘ رُڳو ساراھہ نہ، پر گهڻي حدَ تائين تنقيد هيٺ پڻ آيو آهي. ڪجهہ ماڻھن جو خيال آهي تہ هُو تمام گهڻو پيسمسٽ آهي ۽ هن جي لِکڻين تي اَشفاق احمد جو اَثر آهي. اِها ڳالھہ ڪنھن حدَ تائين مڃي بہ سَگهجي ٿي، پر لِکڻيون هونديون ئي گهڻو ڪري مطالعي جو اولڙو آهن.
جڏهن تہ سائينءَ تي تنقيد ڪندڙ ٻين ڌُرين جو خيال آهي تہ هن جا ڪالم اَخبار ۾ تہ ڇپجن ٿا، پر اُنھن ۾ خبر ڪابہ ناهي هوندي. ٻين لفظن ۾ اُنھن جو خيال آهي تہ سائين محمود ڪرنٽ اَفيئرس يا وري سياست تي بلڪل نٿو لِکي، جيڪو سندس وڏي ۾ وڏو ڊرا بيڪ آهي... پر آءٌ سمجهان ٿو تہ سائين محمود پنھنجي هر ڪالم ۾ سياست جو ئي تہ ذڪر ڪيو آهي. اَهڙي سياست، جيڪا اَسين سڀ رِشتن جي آڙ ۾ پاڻ سان جُڙيل ماڻھن سان ڪريون ٿا، اَهڙيون ويساھہ گهاتيون، جيڪي اَسين دوستيءَ جي نالي ۾ دوستن سان ڪرڻ جا عادي ٿي ويا آهيون. اَهڙي سياست، جيڪا اَسين قانون، اَخلاقي ۽ سَماجي معاهدن ۽ پاڻ سان لاڳو فرضن جي اَدائيگيءَ سان ڪندا آهيون، اَهڙي سياست، جيڪا اَسين پنھنجي پاڻ سان ڪندا آهيون.
بھرحال قحط الرجال جي ڏينھن ۾ سائين محمود هڪ اَهڙو ماڻھو آهي، جنھن وٽ نہ رُڳو زندگي گُذارڻ جو آرٽ آهي، پر هن جي شخصيت، هن جون لِکڻيون، اَهڙو مواد آڇين ٿيون، جن سان ماڻھو زندگي گُذارڻ ۽ جيئڻ جي وچ ۾ آرام سان فرق ڪرڻ سِکي سگهن ٿا.
آخر ۾ هڪڙي وضاحت ضروري آهي تہ مون هنن پنن ۾ سائين کي هُو يا هُن ڪري سَڏيو/لِکيو آهي، اِهو اُن ڪري جو اِنساني عظمتون مخاطب ٿيل لفظن کان اَلاهي مٿانھين سطح تي هونديون آهن ۽ اِها ڳالھہ مون سائين محمود کان ئي سِکي آهي.

]’خواب نگر: پھريان هڪ سؤ ڪالم‘ جي مھورت ۾ پڙهيل 2003ع [

پنھنجي حصي جو ڪم (گوبند مينگهواڙ)

سائين محمود مغل بھترين استاد، مڃيل ڪمپيئر، ڪميٽيڊ رائيٽر ۽ وڻندڙ شخصيت جو مالڪ هڪ ڀرجهل انسان آهي. هڪ شاگرد جي حيثيت ۾ گذريل چئن بھارن جا ڏينھڙا هُن سنگ گذريا آهن. پنھنجي سڄي مزاج ۾ مڪمل عملي ماڻھو هئڻ ڪري سائنس، جيڪا تجربن ۽ نتيجن جو علم آهي. ان جا مختلف سبجيڪٽ پڙهائيندي، سندس شخصيت جو ٻيو پاسو، پنھنجي شاگردن کي، شين ڏانھن آرٽسٽڪ ۽ حد درجي جي پريڪٽيڪل ائپروچ رکڻ جو ڏس ڏئي ٿو. پنھنجي محنت ۽ پورهئي جي ٻل تي هن پد تي پھتل هُو هڪ سچو ۽ کرو انسان آهي، جنھن جي محبت ۽ نفرت ٻئي ملاوٽ کان پاڪ آهن.
فارميسيءَ جي فروٽ سالٽ جھڙي ماحول ۾ هن جي آفيس بَڙ جي ڇانوَ جو احساس رکي ٿي، جتي خيال جي پکيءَ کي عمل جي اَن پاڻيءَ جو جيءَ جياريندڙ اُتساھہ ملي ٿو. تمام گهڻو پِرِي آڪيوپائڊ هوندي بہ سندن خلوص ۽ ٻاجهہ ڀري شخصيت هن ڏي هلي ويندڙ ٿڪل مسافر کي ننڊ ڏيارڻ لاءِ ڪافي آهي. هُو محبت جي مٽيءَ مان ڳوهيل ماڻھو آهي، جنھن کي ماڻھن جي محبت سان محبت آهي ۽ انھن جي ڏکن، اهنجن ۽ تڪليفن کي هن هميشہ پنھنجو ڀانيو آهي. هڪ مڪمل ترتيب ۽ ڪيلڪيوليٽڊ وقت واري زندگي گذاريندڙ سائين محمود جي اندر ۾ هڪ معصوم ٻار ويٺل آهي، جيڪو ڪنھن جي رانديڪي جھڙي دل ٽُٽڻ تي روئي پوندو آهي.
ٽي. وي، ريڊيو ۽ پرنٽ ميڊيا ۾ گذريل ويھن سالن کان ساندھہ ڪم ڪندڙ سائين محمود جي فن جا اولڙا، سندس شخصيت سان بلڪل ملندڙ جلندڙ ۽ ٺھڪي ايندڙ آهن، جيڪو سندن ادبي قدڪاٺ جي غير متضاد ۽ رزلٽ اوريئينٽيڊ هئڻ جو اهم سبب آهي. ڪاوش جي ايڊيٽوريل پيج تي ڇپيل سندن هي لکڻيون زماني جي ضمير کي جاڳائڻ جي ننڍڙي ڪوشش آهن، جيڪي سنڌي ادب جي نام نھاد Taboos وٽ ڀلي کڻي ڪا جاءِ نہ ٺاهي سگهيون هجن، پر هنن لکڻين پنھنجي واضح پيغام ۽ دلپذير اندازِ بيان سان اهڙن ماڻھن جي هڪ ريڊرشپ جوڙي آهي، جيڪي ماڻهپي سان پيار ڪندڙ آهن ۽ جن وٽ زندگيءَ ۾ تبديلي جي وڏي گنجائش موجود آهي.
سنڌ ۾ جڏهن ماڻھو شناسيءَ جي موڪلائي ويل موسم وري موٽي ايندي تہ سائين محمود، بلاشڪ انھن ماڻھن جي قطار ۾ بيٺل نظر ايندو، جن سدائين بنا ڪنھن داد ۽ طلب جي پنھنجي حصي جو ڪم ڪيو.

]2012ع[

هي مڻيادار ماڻھو (شبانہ سنڌي)

حياتيءَ ۾ ڪي وجود بڙ جي گهاٽي ڇانوَ سمان ھوندا آھن. انھن سان تعلق پنھنجي ڪيل ڪنھن نيڪيءَ جو صلو محسوس ٿيندو آھي. ادا محمود مغل جو نانءُ وٺڻ سان بہ ڪجهہ اھڙو ئي محسوس ٿيندو آھي. ھي ماڻھو مڻيادار ڪيترين ئي خوبين جي کاڻ، نھايت ئي نفيس شخصيت ۽ نرم دل وارو، منھنجي پسند جو ڪھاڻيڪار، ناول نگار ۽ ڪالم نگار ادا محمود مغل ليکڪ تہ سٺو آھي ئي پر پاڻ ھڪ ڀلو انسان بہ آھي.
محمود مغل جي سڃاڻپ جو پھريون حوالو سندس ڪھاڻين جو ڪتاب. مون کي ياد آھي عابد مظھر جي نياڻيءَ مون کي سندس ڪھاڻين جو ڪتاب ’تو سنگ تو بن ڏينھڙا‘ پڙھڻ لاءِ ڏنو ھو. ڪھاڻين جو اھو پھريون ڪتاب ھيو جيڪو مون کي بيحد وڻيو. تقريبن سموريون ڪھاڻيون سٺيون ھيون. دل نہ پئي چوي تہ ڪتاب واپس ڪريان، پر موٽائڻ تي مجبور ڪيو ويو، جو اھو ڪتاب سندس بہ پسند جو ڪتاب ھيو. پوءِ ھڪ ٻيو ڪتاب بہ پڙھيم، ’ھٿ ريکائن کان خالي‘ ڏاڍو زبردست ناول... انھن ئي ڏينھن ۾ ادا سان ملڻ جي خواھش ڪَرُ کنيو. ڪنھن ليکڪ جا لفظ پڙھيا ھئم تہ، ’ليکڪن سان فقط سندن لکڻين ۾ ملڻ گهرجي.‘ انھن لفظن جو اثر دل تي ويٺل ھو، جنھن ادا سان ملڻ واري خواهش کي ختم ڪري ڇڏيو.
ادا ڏانھن خط لکيو ھيم، جنھن جي مانائتي موٽ ملي ھئي، جڏھن ڪاوش اخبار ۾ سندن ڪالم ’خواب نگر‘ جي سري ھيٺ ڇپجڻ لڳا تہ انھن ڪالمن ۾ ڪيل ڳالھيون دل ۾ جاءِ والارينديون ويون.
حياتيءَ ۾ ماڻھو ڇا وڃائي ٿو ڇا ماڻي ٿو، جيڪو ڪجهہ ماڻي ٿو ان جو ملھ ڇاھي يا جيڪو ڪجهہ وڃائي ٿو اھو ڪيترو قيمتي آھي؟! محبتن جي مام ۽ پريت جي پيچرن جي آگاھي ڏيندي، ڪيترين ئي رمزن جا راز پڌرا ٿي پوندا ھئا، جيڪي زندگيءَ جو مُنجهيل سُٽ سلجهائي سَڦلتا جو سبب بڻبا ھئا. ڪڏھن اکين ۾ آلين ڪاٺين جو دونھون ڀري ڇڏيندا ھئا تہ ڪڏھن مُک تي مرڪ جو دائرو وسيع ٿي ويندو ھو. الاءِ ڪھڙو جادو ھوندو ھو، جو پڙھندڙ کي پنھنجي سحر ۾ جڪڙي رکندو ھو.
دل ۾ ھڪ ڀيرو وري ملڻ جي خواهش جاڳي ۽ نيٺ اھو ڏينھن آيو. ادا سان ملڻ کان پوءِ مون ڪنھن ليکڪ پاران لکيل انھن لفظن، ’ليکڪن سان فقط سندن لکڻين ۾ ملڻ گهرجي‘ کي رجيڪٽ ڪيو.
پاڻ ايتري تہ پنھنجائپ ۽ پيار مان مليا، جو ان ڏينھن کان پوءِ منھنجي پسند جو ڪھاڻيڪار ’محمود مغل‘ منھنجو محترم ’ادا محمود مغل‘ بڻجي ويو ـ سوچيان ٿي جيڪڏھن ادا کي مان ذاتي طور نہ سڃاڻان ھان تہ پاڻ فقط ادبي حوالي کان منھنجي پسند جا ڪھاڻيڪار ھجن ھان. جڏھن تہ مان ھاڻي ان محمود مغل کي بہ سڃاڻان ٿي، جيڪو نھايت شفيق ۽ ٻاجهارو انسان آھي. ھُو جڏھن ’امان‘، ’ٻچا‘ ۽ ’نياڻي‘ جھڙن لفظن سان مخاطب ٿيندا آھن، تہ سندن لھجي جي چاشني حياتيءَ ۾ اوتيل ڪيترن ماڻھن جي سخت رَوَيَن ۽ تلخ لھجن جي ڪڙاڻ کي لوڻ پاڻي ڪري ڇڏيندي آھي.
آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ڪي انسان آھن، جيڪي ماڻھپي جو مانُ رکندي، انسانيت کي جيئدان ڏيندا ٿا اچن. ھي اھي ماڻھو آھن، جن جي صحت ۽ سلامتيءَ جي دعا لاءِ ھٿ کڻبا ناھن، پر پاڻمرادو ئي کڄي ويندا آھن.

]11 آڪٽوبر 2024ع [

محبتن جو محمود (احساس ميرل سھتو)

جتي دنيا ۾ لاتعداد شخصيتون پنھنجي ڪردار جي ڪري سڃاڻپ رکن ٿيون، اتي غور ڪجي ٿو تہ اسان جي هيءَ محبت ڀري مِٽي جيجل سنڌ اُها سرزمين آهي، جنھن جو نرالو ۽ منفرد هڳاءُ آهي، جنھن جي سڃاڻپ ڏيھان ڏيھ مشھور رهي آ. اسان کي سنڌ ڌرتيءَ امر ڪردار، مھان ڏاها، ڏات ڌڻي، عالم، اديب ۽ اڪابر ڏنا آهن، جن جو اعليٰ مثال ڏئي سگهجي ٿو. جن پنھنجي علمي ۽ ادبي صلاحيتن سان هزاين دلين ۽ دماغن ۾ پنھنجي جاءِ والاري آهي.
سونھاري سنڌ جي ادبي کيتر ۾ جِن ماڻھن پنھنجي ڪم، ڪردار تحريرن ۽ خاص طور پنھنجي مڌُر آوازن ذريعي لکين دِلين تي راڄ ڪيو، جن سماج کي مُحبتن جا سبق ڏنا، پيار، پريت ۽ نينھن جي نياپن کي عام ڪيو.
جن جي لھجن تي ماڻھو موهجي وڃن، جن جي گفتار ۾ محبتن جون ميکون آهن، اُنھن امر انسانن ۾ سنڌ ڌرتيءَ جو هيءُ سڄڻ ۽ شفيق انسان ڊاڪٽر محمود مغل بہ هڪ آهي! جنھن جي گفتگوءَ ۾ ايڏو تہ سحر آهي، جو ماڻھو سندس لفظن ۾ گم ٿي ويندو آهي. پاڻ جڏهن ڳالھائيندو آهي تہ دل چوندي آهي تہ ماڻھو ٻُڌندو ئي رهي.
سچي ڳالھہ اها آهي تہ مون ڪڏهن سوچيو بہ نہ هو تہ ڊاڪٽر محمود مغل صاحب سان ائين ملاقات ٿيندي ۽ اهڙي ٿيندي جو وڃي ٿيا ست خير..!
سائين منھنجا هيءَ 2014ع جي ڳالھہ آهي، جڏهن اسان سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊوالھيار جي دستوري گڏجاڻين ۾ ويندا هئاسين. تمام بھترين تنقيدي اصلاحي پروگرام ٿيندا هئا. حيدر آباد، ڄام شوري مان ڊاڪٽر محمود مغل صاحب بہ پروگرام ۾ شرڪت ڪندو هو. اتي ملاقات دوران دل چيو پئي تہ، محمود صاحب کي دعوت ڏجي، ڇو تہ محمود صاحب کي اسان تڏهن ڏٺو هو، جڏھن ٻھراڙيءَ جي ماحول ۾ اسان گاھ جون ڀريون ڪري ايندا هئاسين. تڏهن ڳوٺ ۾ صرف هڪ ٽيليوزن هوندي هئي، جيڪا بيٽريءَ تي هلندي هُئي. شام ڌاري اچي اتي گڏ ٿيندا هئاسين. تڏهن ڊاڪٽر محمود مغل، پي ٽي ويءَ تي ’پرک‘ پروگرام جي ميزباني ڪندا هئا.
سو مون وڃي پنھنجي ادبي استاد سائين امين اڏيرائيءَ سان ڳالھہ ڪئي تہ، ”سائين! اڄ ٽنڊوالھيار گڏجاڻيءَ ۾ ڊاڪٽر محمود مغل صاحب سان ملاقات ٿي هئي، دل چوي ٿي کيس پاڻ بہ دعوت ڏيون ۽ سائين اڏيرو لال اسٽيشن تي اچي.“
سائين امين چيو، ”چريو ٿيو آهين ڇا!؟ ڊاڪٽر محمود مغل هتي ڪٿي ٿو اچي! وڌيڪ تنھنجي مرضي، باقي منھنجي خيال ۾ دعوت ڏيڻ مان ڪو فائدو ناهي!“
سو مون ٽنڊوالھيار شاخ جي ٻِي گڏجاڻيءَ ۾ ڊاڪٽر محمود مغل کي دعوت ڏني ۽ ڊاڪٽر محمود چيو، ”ٻچا مان بلڪل ايندس.“
پوءِ اسان 2015ع ۾ پنھنجي شھر اُڏيرو لال اسٽيشن ۾ هڪ پروگرام ڪيو، جنھن ۾ ڊاڪٽر محمود مغل آيو ۽ ان پروگرام ۾ عجيب اتقاق اهو ٿيو جو ڊاڪٽر محمود مغل صاحب کي پنھنجي شاگرديءَ جي دؤر جو وڇڙيل دوست، سندس ڪلاس فيلو ’سائين ڪريم بخش ساند‘ مليو. وڏي ڳالھہ اِها ٿي جو اُهو پروگرام بہ سائين ڪريم بخش ساند جي سندي اسڪول ’اصفيٰ اڪيڊميءَ‘ ۾ ٿيو. اُن کان اڳ سائين ڪريم بخش جي اسڪول ۾ انيڪ پروگرام ٿي چُڪا هئا، پر ڊاڪٽر محمود جي اچڻ سان اسان جي اڏيري لال اسٽيشن جي ادبي اوسر ۾ اضافو ٿيو. ڊاڪٽر محمود جي صحبت کان پوءِ اسان وٽ ڪافي دوست نثر طرف آيا. ڊاڪٽر محمود کي اڏيرو لال اسٽيشن ۾ ايترو پيار مليو، جو پاڻ اتي هڪ گهر ورتن ۽ قدرت جو هي ڪمال بہ ڏسو تہ سائين امين کي اهو يقين هو تہ ڊاڪٽر محمود مغل، اڏيرو لال اسٽيشن مشڪل اچي، پر آئون سمجهان ٿو تہ جيڪي روح، عالمِ ارواح ۾ گڏ هئا، اهي هتي عالمِ فاني ۾ بہ هڪ ٻئي کي ڳولي لھن ٿا. ڊاڪٽر محمود سڀني کان وڌيڪ ويجهو سائين امين اڏيرائيءَ کي ٿي ويو ۽ سائين امين اڏيرائيءَ جي نياڻيءَ جو سَڱُ ڊاڪٽر محمود مغل صاحب پنھنجي ڀائٽيي لاءِ ورتو.
اهو ڪمال آهي قدرت جو! مون ڏٺو ۽ محسوس ڪيو آهي تہ ڊاڪٽر محمود جو ڀاڪر، روح جي رشتي کي نئين زندگي ۽ تازگي ڏيندو آهي. سچي ڳالھہ اها آهي تہ ڪجهه ماڻھن جو ساٿ زندگيءَ جو رُخ بدلائي ڇڏيندو آهي. ڊاڪٽر محمود جي ڪچھريءَ مون جھڙي گهٽ علم ماڻھوءَ کي بہ پيار جي پيچرن جا پنڌ ڪرائڻ ۾ ڪابہ ڪسر ناهي ڇڏي. ڊاڪٽر محمود جون لکڻيون ٻُڌڻ ۽ پڙھڻ سان حساس دل ماڻھن جون اَکيون عرق ضرور ڇڏينديون. سندس لکڻيءَ ۾ ڏک ۽ سک جو سنگم جڙيل هوندو آهي. سندن گفتگوءَ ۾ انسانيت کي اولين ترجيح هوندي آهي. ڊاڪٽر محمود جي تحريرن ۾ سماج ۾ ٿيندڙ ظلم جي نشاندہيءَ سان گڏ محبوب جي رسامن ۽ پيار محبت جي هر پھلوءَ کي اُجاڳر ڪيو ويو آهي. سندس قلم جي اولار خاص طور رشتن ۾ ٿيندڙ رنجشن تي، ماءُ جي ممتا جي تقدس تي ۽ ڀاءُ جي ڀاءُ سان محبت ڪيئن هوندي آهي؟ ڀيڻن سان پيار جو مثال هجي، يا پيءُ سان گڏ زندگي ڪيئن ڀرپور گذرندي آهي، يا ماءُ جيجل پنھنجي ٻچي تي ڪيئن ساھ ڇڏيندي آهي، اھڙن سڀني رشتن جي اھميت کي ڊاڪٽر محمود مغل صاحب خوبصورت طريقي سان سھيڙيو آهي
ڊاڪٽر محمود مغل صاحب جو ايڏو وڏو ڪم ڏسي دل تمام گهڻو خوش ٿئي ٿي. هن ڪتاب جي نالي ’محبتن جو شھر ٻڙي ميل‘ ۾ ٻڙيءَ جو هڪ وڏو تصور ذھن تي اُڀري اچي ٿو تہ واقعي محبت جو شھر ٻڙي ميل هوندو آهي، ڇو تہ محبتن جي ٻُڙي ميل جو پٿر دل جي شھر ۾ هوندو آهي، يعني جتي پرين موجود آهي. تڏهن تہ لطيف سرڪار چيو آهي تہ:
وَڃِين ڇو وڻڪار، هِت نہ ڳولھين هوت کي،
لِڪو ڪِينَ لَطِيفُ چَئي، ٻاروچو ٻئي پار،
ٿِي سَتِي ٻَڌُ سَندرو، پِرت پُنھونءَ سِين پار،
نائي نيڻ نِهار، تو ۾ ديرو دوست جو.
منھنجي دعا آهي تہ ﷲ پاڪ ڊاڪٽر محمود مغل صاحب کي جَهجهي عمر سان گڏ صحتِ ڪامله عطا فرمائي. سندن سايو اسان اولاد مٿان قائم دائم رهي- آمين.

]فيبروري 2024ع [

ناليوارو اديب ۽ ليکڪ: محمود مغل (عاطف حُسين وگهيو)

هُو ميزباني ڪندي لفظن جي تيرن کي پنھنجي ڪمان مان ڪڍي ٿو تہ اهي لفظن جا تير وقت جي سيني منجهان پار ٿي وڃن ٿا ۽ وقت جو ساھہ رڪجي ٿو وڃي، پر جڏهن هُو لکي ٿو تہ سندس قلم جي نوڪ منجهان نڪتل لفظ ڪاڳر جي ڪينواس تي پنھنجا پوپٽ جھڙا رنگ ڇڏي، پڙهندڙن جي اکين کي آلو ڪري ٿا ڇڏين ۽ پڙهندڙ اهو سوچڻ تي مجبور ٿي وڃن ٿا تہ جيڪو اسين سوچيون ٿا، اهو سڀ ڪجهہ محمود مغل پنھنجي شيرين انداز ۾ سندن اکين آڏو آڻي ٿو.
محمود مغل، جنھن جي آواز ۾ شينھن جي گجگوڙ گونجي ٿي، جيڪا ٻڌندڙن جي هرڻيءَ جھڙن ذهنن کي جهٽ ۾ جهٽي ٿي وٺي. سندس لکڻيون پڙهندڙن کي اهو احساس ٿيون ڏيارين تہ واقعي زندگي ان کي چئبو آهي ۽ جيئڻ جو طريقو ڪھڙو آهي. سندس ڪالمن جو سلسلو ’خواب نگر‘ هزارن خوابن کي جنم ڏئي ٿو. ’خواب نگر‘ جيئڻ جو ڍنگ سيکاري ٿو.
محمود مغل نہ فقط هڪ ناليوارو ليکڪ ۽ اديب پر هڪ ڊاڪٽر بہ آهي تہ هڪ ڊراما لکندڙ پڻ، سندس ڪيترائي ڊراما مختلف چيلنز تي هلي چڪا آهن، هُو ڊراما لکندڙ بہ آهي تہ ناول نگار بہ. هُو هڪ ڊاڪٽر بہ آهي تہ هڪ استاد بہ. سندس نانءُ تہ ’خواب نگر‘ جي رهواسي طور ڄاتو ٿو وڃي، پر حقيقت اها آهي تہ هُو ’خواب نگر‘ جو رهواسي نہ پر ’خواب نگر‘ جو جوڙيندڙ آهي، جيڪو اسان کي اتان مختلف رنگن جا خواب کڻي ورهائي ٿو ڏي. جنھن مان اسين پنھنجي پسند جا خواب کڻي پنھنجي اکين منجهہ سجايون ٿا. هڪ ناميارو ليکڪ، ڪھاڻيڪار، ناول نگار، ميزبان ۽ هڪ ڊاڪٽر هوندي بہ هُو پاڻ کي استاد سڏائيندي فخر ٿو محسوس ڪري، جنھن لاءِ چوي ٿو تہ، ’آئون جيڪو ڪجهہ آهيان، ان پيغمبري پيشي جي ڪري ئي آهيان. جيڪڏهن نہ هجان تہ بہ مون کي هڪ استاد طور ياد رکيو وڃي.‘
”’خواب نگر‘ هڪ حاضري آهي. جيڪا هر آچر تي ڀريندو آهيان.“ هُو ٻڌائي ٿو تہ، ”مون کي حيرت ٿيندي آهي جڏهن ٻاهران اِي ميلز اينديون آهن، مون هڪ ڪالم لکيو هو، ’والدين کي خرچي ڏيو.‘ ٻئي ڏينھن وٽس ڪال آئي، ڪال ڪرڻ وارو شخص روئي رهيو هو، هن پنھنجي والد کي فون ڏنو، جنھن چيو تہ منھنجو پٽ تنھنجو ڪالم پڙهي، ويھن سالن کان پوءِ مون ڏانھن واپس آيو آهي ۽ مون کي خرچي ڏيئي رهيو آهي.“
سياست بابت لکڻ تي هُو چوي ٿو تہ، ”آئون حساس ۽ بزدل آهيان. مون ۾ حوصلو ناهي تہ آئون سياست تي لکان.“ پر سندس ڪالمن ۾ اهو ڪجهہ آهي جيڪو اسين سوچيون ٿا پر اسان ۾ لکڻ جو ڏانءُ نہ آهي. محمود مغل پنھنجي خيال جي آواز کي پرواز ڏني آهي، سائين طارق عالم ابڙي چواڻي تہ، ”محمود مغل پنھنجو قلم کيسي ۾ رکڻ بجاءِ، برف پوش پھاڙن جي گلشيئر تي رکي اچي ٿو ۽ پوءِ لکڻ وقت کڻي اچي ٿو. محمود مغل جا ڪالم ’ٽائيٽينڪ‘ جهري ٻڏندڙ سماج ۾ وڄايل وائلن جيان آهن. ”مون کي ماحول جي ضرورت نٿي پئي“ هُو ٻڌائي ٿو تہ، ”’خواب نگر‘ لاءِ ڏيڍ ڪلاڪ کپندو آهي، جيڪو آئون پنھنجو پاڻ کي ڏيندو آهيان.“
سندس فطرت ۾ ڪافي خوبيون سمايل آهن. جن جي ڪري هُو نہ فقط ماڻھن جي ذهنن ۾ ڪنھن خوبصورت خيال وانگي هُرندو رهي ٿو، سندن دلين ۾ ڪاڪ جا محل اڏي ويھي رهيو آهي. اهو ڪنھن کان بہ ڳجهو نہ هوندو تہ هُو هڪ وڏو ليکڪ آهي ۽ سندس ڪيترائي ڊراما، چينلز تان هلي چڪا آهن، پر ماڻھن کي اها بہ ڀلي ڀت ڄاڻ هوندي تہ هُو هڪ سٺو آوازڪار بہ آهي. پي. ٽي. وي تان سندس پروگرام ’پرک‘ تہ هلندو ئي رهي ٿو. هُو سنڌ يونيورسٽي، توڙي ٻين ادبي ۽ علمي پروگرامن جي پڻ ميزباني ڪندو رهي ٿو. هُو چوي ٿو تہ، ”منھنجي لاءِ دانشور ۽ ڏاهو منھنجي امڙ آهي، مون کي اڄ بہ پنھنجي ماءُ جا اهي لفظ ياد آهن تہ ڪيترو بہ اڏامو پر وري بہ توهان کي زمين تي اچڻو آهي. جيڪڏهن توهين هيٺ نہ ايندؤ يا تہ توهان کي پٿر لڳندا يا اوهين ٿڪجي هيٺ ڪرندؤ ۽ ساڳيا ئي ڌرتيءَ جا قدم چمندؤ.“
هُو پنھنجي ڪتاب ’خواب نگر‘ جي بئڪ ٽائيٽل تي چٽيل سندس ماءُ جي هٿ اکرن کي پنھنجي ’خواب نگر‘ جو وڏو خواب ڪوٺي ٿو. جنھن مان کيس ماءُ جي هٿن جي خوشبو اچي ٿي.
هُو ٻڌائي ٿو تہ، ”’خواب نگر‘ لکڻ وقت جڏهن آئون ستر سيڪڙو لکي ويندو آهيان تہ آئون روئي ڏيندو آهيان.“ کيس اها اميد ٿي رهي ۽ ان ڳالھہ جو دعاڳو آهي تہ کيس مَٽجڻ جو ڪوبہ شوق نہ آهي. هُو چوي ٿو تہ، ”آئون جيڪو آهيان اهو ئي رهان. مون کي مَٽجڻ جو ڪوبہ شوق نہ آهي.“ ۽ اسين بہ اها ئي اميد ٿا ڪريون تہ هُو هميشہ ائين ئي ماڻھن جي دلين جي ترجماني ڪندو رهي ۽ ائين ئي پنھنجي لکڻين سان ماڻھن جي وجودن تي طاري ٿيل جمود کي ٽوڙيندو رهي ۽ کين اتساھہ بخشيندو رهي.

]17 مارچ 2022ع [

محمود ’درويش‘ يا ’مغل‘ (علي حسن عباسي)

محمود دويش جي پيدائش کان تقريبن ويھ سال پوءِ ڪنھن حد تائين فلسطين جي زمين سان مطابقت رکندڙ سرزمينِ سنڌ جي سرموڙ سورھيہ، جوڌي، عالم، فقير منش صوفي، سنڌ ڌرتيءَ جي مٽيءَ ۽ ماڻھن سان جنون جي حد تائين عشق ۽ پيار ڪندڙ ’شھيد مخدوم بلاول‘ جي رت مليل مٽيءَ جو پنوڙو کڄي دعائن، عنايتن، ڪرم نوازين ۽ مھر ڀريي سيوھڻ جي مٺي پاڻيءَ سان ان کي ڳوھي، ھڪ شفيق ماءُ ۽ باوقار پيءُ جي جهوليءَ ۾ اڇلايو ويو. تڏھن تہ رب ڪريم ايڏو نوازيو اٿس، جو لفظ، خيال، جملا ۽ سوچ سندس ٻانھن ٻڌا غلام بڻيا بيٺا ھوندا آھن ۽ روح ۽ دل ۽ دماغ ۾ رچي وڃڻ جھڙيون رچنائون، سندس حصي ۾ اينديون رھيون آھن ۽ ھي يگانو، پيار، پاٻوھ، احترام، عزت، مانَ، مرتبو ۽ عزتون ماڻيندو ۽ انھن سان نہ صرف پنھنجي جهول ڀريندو رھيو آھي، پر برابر ۽ اوترو ئي بلڪ ان کان بہ وڌيڪ ٻين ۾ ونڊيندو ۽ ورھائيندو رھيو آھي ۽ جيھان پوءِ تيھان ان ۾ برڪتن جي بارشن جو اضافو ٿيندو رھيو آھي.
عزت، شھرت، محبت، مانَ ۽ مرتبي جو اھو معراج ماڻيندو رھيو آھي. جنھن جي ھر ذي شعور انسان خواھش رکندو آھي. جيئن جيئن عمر عزيز جي ڏاڪن تي چڙھندو ويو تيئن تيئن ڪاميابي سندس قدم چمندي رھي ۽ پوءِ نہ صرف لکڻ جي دنيا ۾ بلڪ ريڊيو، ٽي وي، اسٽيج، نجي محفلن ۽ گڏجاڻين جو مھندار ٿيندو ويو.
سڀ کان اھم ڳالھ اھا آھي تہ ايترو ڪجهہ حاصل ٿيڻ جي باوجود سندس وجود اندر عاجزي تيھان وڌندي وئي. ننڍو ھجي توڙي وڏو، امير ھجي چاھي غريب، سندس عاجزي، پيار، محبت، عزت ۽ احترام سڀن لاءِ ھڪ جهڙو. جڏھن بہ جتي بہ ۽ ڪنھن سان بہ پوءِ ڀلي اھا پھرين ملاقات ڇونہ ھجي. ڀاڪر پائي مِيٺ، محبت، پيار ۽ پاٻوھ سان، ملبو اھڙي نموني جو اڳلو سمجهندو تہ مون کان وڌيڪ ھن جو تعلق، نيازمندي ۽ محبت جو رشتو ٻئي ڪنھن سان ٿي ئي نٿو سگهي. اھو احساس ئي ڪونہ ٿيندو تہ ڪو ادب ۽ تخليق جي دنيا جو قدآور شخص، ڪھاڻيڪار، افسانا نگار، ڊراما نگار، شاعر، تخليقڪار، ريڊيو ۽ ٽي وي جو اينڪر، ميزبان ۽ مقرر پيو ملي يا ڪوئي عام رواجي ماڻھو....
اھو سمورو شايد ٽلٽيءَ جي مٽي ۽ سيوھڻ جي پاڻي، مھان امڙ ۽ باوقار بابي جي خون ۽ تربيت جو ڪمال آھي، جو انھن صفتن جو مالڪ محمود جڙيو آھي. جيڪو واقعي جي فلسطين جو محمود درويش ناھي تہ سنڌ جو محمود مغل ضرور آھي ۽ ڪنھن محمود درويش کان گهٽ بہ ناھي.
مان نالائق لکي ھرگز ڪونہ سگهندو آھيان، ڇوتہ جڏھن قلم کي ڪاغذ تي رکندو آھيان تہ لفظ رُسي ويندا آھن ۽ جملا چٻرا ڪڍڻ شروع ڪندا آھن. بس ھي ڀڳل شيشي جا ٽڪرا شل ساب پوَن.

]اسلام آباد: 18 آڪٽوبر 2024ع شام: پنج وڳا[

سائين محمود (عرفان علي ميمڻ)

-
اندازو نٿو لڳائي سگهجي تہ وقت جو رُوپُ سيڪنڊن، منٽن، ڪلاڪن، ڏينھنِ ۽ راتين ۾ ڪيئن ٿو مَٽجي...! ايڏو تيزيءَ سان سفر ڪري ڪيئن ٿو؟! ۽ ٿڪجي ڇو نٿو؟ اهو ٿَڪُ شايد اسان جي سمجهہ کان پرانھون آهي.
1997ع کان 2024ع تائين ڀريا 28 سال ڪيئن ايڏو تيزيءَ سان ڪنھن سامونڊي وهڪري جيان وهي ويا، جو خبر ئي نہ پئي، پر هڪڙي ڳالھہ جي خوشي ضرور آهي تہ زندگيءَ ۾ جن جو ساٿ آهي، اهو اڄ تائين هلندو اچي.
سائين محمود سان ويجهڙائپ روزاني ’ڪاوش‘ حيدرآباد اخبار کان شروع ٿي، جتي مون زندگيءَ جون پھريون عملي وِکون 1997ع کان کڻڻ شروع ڪيون. مون کي اڄ بہ ياد آهي تہ آئون ڪاوش جي ايڊيٽوريل پيج تي ڪم ڪندو هئس ۽ سائين محمود اتي پنھنجا آرٽيڪل کڻي ايندو هو. هڪ ڏينھن سائين محمود ڪاوش اخبار جي ايڊيٽوريل پيج جي سيڪشن ۾ آيو ۽ اسان جي ايڊيٽوريل پيج جي انچارج کان پڇا ڪيائين تہ، ”ڪمپوزنگ ڪير ڪندو آهي؟“ جنھن تي انچارج صاحب وراڻيس، ”عرفان ڪندو آھي.“ سائين محمود مون ڏي وڌي آيو ۽ چيائين، ”پٽ عرفان..!“ مون وراڻيءَ ۾ ”جيءُ“ سائين محمود کي جواب ڏنو. سائين محمود... هڪدم گرمجوشيءَ مان مون کي ڀاڪر پاتو ۽ دعائون ڏنيون. سائين محمود جي ڀاڪر مان، مون کي بابا سائينءَ جي خوشبو آئي، جيئن بابا سائين ڀاڪر پائي دعائون ڏيندو آهي، اُن گهڙيءَ بلڪل ائين ئي محسوس ڪيم. بس انھيءَ ڏينھن کان سائين محمود سان پنھنجائپ وارو رشتو هلندو اچي.
سائين محمود، منھنجي لاءِ اڄ بہ ائين ئي آهي، جيئن ڪو بڙ جو وڻ وڏو ڇَٽُ هڻي ڇانوَ ڪري بيٺو هوندو آهي. اڄ بہ ائين ئي سائينءَ جو شفقت ڀريو هٿ مٿي تي آهي. سائين محمود سان ويجهڙائپ، محبت، چاهتون، رساما پرچاما سڀ آهن، زندگيءَ جا ڏک هجن يا سُور، سائينءَ جو ساٿ هلندو اچي. اڻٽُٽ رشتو آهي سائين محمود سان. سائينءَ کي خدا تعاليٰ اهڙي تہ ڪا ڏات عطا ڪئي آهي جو، هو هر ماڻھوءَ کي پنھنجو ڪري وٺندو آهي، پوءِ ڀلي اهو سندس دشمن ڇو نہ هجي، پر سائين هميشہ ان دشمن سان بہ ائين ڀاڪر پائي مليو آهي، جيئن هُو دوستن سان ملندو ۽ دعائون ڏيندو آهي.
سائين محمود جو ڪمالِ هُنر سندس لکڻي آهي، جنھن ڪمال جي لکڻي سائين لکي ٿو، اها گهڻن جي وس کان چڙهيل آهي. مون جڏهن بہ سندن لکڻ جو ڪمال ڏٺو آهي تہ ڄڻ منھنجو اندر ٻوليندو آهي: ٽڙياسين دامنِ صحرا ۾، خوشبو ئي اجائي وئي!
سائين محمود محبتن جي ڀاڪر کي ڀرڻ ڄاڻي ٿو. ڪڏهن بہ مون سائينءَ کي مايوس نہ ڏٺو، هميشہ سرخرو ۽ خوش ڏٺو آهي. سائينءَ جون سمجهاڻيون آئون دل جي هڪ جدا ڪنڊ ۾ سانڍي رکي ڇڏيندو آهيان، جيڪي وقت تي مون کي مدد ڏينديون آهن ۽ اها بہ حقيقت آهي تہ مون جيڪو بہ ٿورو گهڻو لکيو آهي، سو سائين محمود جون لکڻيون چورائي لکيو آهي. سائين محمود جي لکڻي دل ۾ گهر ڪري ويندي آهي. ان ڪري سائينءَ جا لفظ چورائي ڪجهہ نہ ڪجهہ پيو لکندو آهيان.
ڳوڙهن ۾ وزن تہ ڪونھي پر اهي پاڻ سان گڏ انساني ڪيفيتن جو وڏو بار کڻي اکين مان نڪرندا آهن! سمجهداريءَ جون ڳالھيون ٻن طرح جا ماڻھو ڪندا آهن هڪڙا اهي جن جي عمر وڏي هوندي آهي ۽ ٻيا اهي جن ننڍي عمر ۾ وڌيڪ مشڪلاتون ڏٺيون هجن. مون سائينءَ کان سمجهداري واريون ڳالھيون بہ سکيون آهن تہ سائين محمود کان مشڪلاتن جي ڏينھن ۾ ڪيئن برجستو ٿي مقابلو ڪبو آهي، اهو بہ سکيو آهي. سائين مون کي هميشہ پنھنجي پٽن وانگر ئي ڀائيندو ۽ سمجهاڻيون ڏيندو آهي، جيڪي نہ وسرڻ جھڙيون آهن.
زندگيءَ جي 40 سالن جي سفر دوران مون کي اهڙو ڪو بہ ماڻھو نہ مليو آهي، جيڪو پنھنجائپ واري نظر سان ڏسندو هجي، هر ڪو پنھنجي مفاد ۽ مطلب آهر استعمال ڪندو آيو. خير اها تہ دنيا داري آهي پئي هلندي ۽ ان تي مون کي ڪو بہ ڏک نہ آهي. سائين جو شفقت ڀريو هٿ مٿي تي آهي، اها بہ خدا جي قدرت آهي. خدا رب العزت هر ڪنھن کي اهڙا ماڻھو عطا نٿو ڪري، آئون خوشقسمت آهيان جو مون کي رب تعاليٰ اهڙي ماڻھوءَ جي شفقت هيٺ رکيو آهي، جنھن مون کي هميشہ سکياريو تہ زندگيءَ جو ڪاروهنوار ڪيئن هلندو آهي ۽ زندگي گذاربي ڪيئن آهي.
آئ رب تعاليٰ جو شڪر گذار آهيان ۽ سائين محمود جو بہ ٿورائتو آهيان، جنھن زندگي جي ڏُک سُک ۾ مون کي پنھنجي اولاد جيان سمجهيو آهي ۽ هر ڏکئي سُکئي وقت ۾ منھنجو ساٿ ڏنو ۽ پنھنجو سمجهيو آهي. منھنجو مٺڙو مالڪ، سائين محمود کي ائين خوش رکي ۽ صحتياب رکي- آمين.

]خميس 31 آڪٽوبر 2024ع[

ڪتابن جو تعارف / تبصرا / اڀياس

---

گفتند يافت مي نشود جستہ ايم ما

گفت آنڪِ يافت مي نشود آنم آرزوست

[مولانا روم]

[هُنن چيو، اسان جو جيڪو مقصود آهي ۽ جنھن کي اسين ڳوليون پيا، اهو نٿو ملي. هُن وراڻيو، جو مون کي نٿو ملي، مون کي تہ بس ان جي آرزو آهي.]

مدعيان در طلبش بيخبر انند
ڪانرا ڪہ خبر شد خبرش باز نہ آيد

[دعويدار سندس طلب ۾ بي خبر آهن ڇاڪاڻ تہ جن کي ’خبر‘ پئي، انھن جي ’خبر‘ وري واپس نہ آئي]

ڊاڪٽر محمود مغل جون تحريرون (مير حاجن مير)

سنڌ جو نامور ڪھاڻيڪار، مترجم، ناول نگار، ڊراما نگار، ڪمپيئر، تعليمدان، شاعر ڊاڪٽر محمود مغل، سنڌ جي قديم شھر سيوهڻ شريف جي قاضي محلي ۾ نور محمد مغل جي گهر 27 نومبر 1961ع تي پيدا ٿيو، سندس اصل نالو محمودالحسن آهي. ادبي نالو محمود مغل اٿس. محمود مغل جي پھرين ڪھاڻي ’سچ جي سزا ‘ 76-1975ع سنڌي ادبي بورڊ طرفان نڪرندڙ رسالي ’گل ڦل‘ ۾ شايع ٿي، ان کان پوءِ هُو مسلسل لکندو رهيو آهي. سندس ڪتابن جو وچور هن ريت آهي.

(1) هٿ ريکائن کان خالي (ناول) 1981ع
هي ڪتابُ ناري پبليڪيشن حيدرآباد طرفان ڇپجي پڌرو ٿيو.

(2) ڪوهيڙي ۾ ويِڙهيل يادون (ڪھاڻيون) 1982ع
محمود مغل جون ڪھاڻيون، هن معاشري جي عڪاسي ڪندڙ آهن. سماج ۾ جو وهي واپري ٿو، هُو انھن تي لکي ٿو. هُو هر احساس کي قلم ذريعي اوتي ٿو. ڪتاب ۾ ڪھاڻين بابت انور هالائي لکي ٿو تہ:
”محمود مغل جون ڪھاڻيون معاشري جي صحيح عڪاسي ڪن ٿيون. سندس ڪھاڻيون ٻھراڙيءَ جي گهرن کان وٺي ماڊرن سوسائٽيءَ جي ذري ذري جون ترجمان آهن.“ (هالائي، 2015: 419)
سندس ڪھاڻي ’ٻارن جو عالمي سال‘ ٻارن جي پرماريت کي چٽي، معاشري ۽ بين الاقوامي تنظيمن تي طنز ڪئي اٿائين. ’ٿڌي جنگ‘ ۾ عورت جي نفسيات ۽ ان جي اندر جي احساس کي ڪاميابيءَ سان بيان ڪيو ويو آهي. ’شڪست‘ ڪھاڻي ۾ وقت ۽ حالتن جي ڦيري کي انتھائي خوبصورتيءَ سان بيان ڪيو آهي. ڪھاڻيءَ ۾ ٻڌايو ويو آهي تہ وقت ۽ حالتون سدائين هڪ جھڙيون نٿيون رهن‏، اهي ڪڏهن بہ ڦيرو کائي سگهن ٿيون.“ (ملاح، 2015: 419)
”محمود مغل جي ڪھاڻين جا ڪردار هن معاشري جا جيئرا جاڳندا ڪردار آهن ڪٿي بہ اجنبي نٿا لڳن. ’شڪست‘ جي ننڍڙي، ’احساس‘ جي مائي خيري، جهونا مارڪيٽ ۾ ٻہ جهونا ماڻھو‘ مامو صاحب ۽ غلامون، ’سوچون، بند مُٺ ۽ ڪاري پئنٽ وارو‘ جو شاگرد، ’ٿڌي جنگ‘ جي ريشمان، ’ڪوهيڙي ۾ ويڙهيل يادون‘ جا مومي ۽ شيري، ’ٻارن جو عالمي سال‘ پيءُ ۽ سندس ڪھاڻين جا سمورا ڪردار هن معاشري مان کنيا آهن، جيڪي سندس ڳوڙهي مشاهدي جا دليل آهن.“ (ڪنڌر، 5 201: 419)
هي ڪتاب رابيل پبليڪيشن لاڙڪاڻي طرفان ڇپيو. ڪتاب 109 پيجن تي مشتمل آهي. ڪتاب جو مھاڳ انور هالائيءَ لکيو آهي، عبدالقادر جوڻيجي ڪھاڻين بابت ٻہ اکر لکيا آهن. ڪتاب ۾ ڪھاڻيون خواهشون، حقيقتون، آئيڊيل ۽ سپنا، شڪست، جهونا مارڪيٽ ۾ ٻہ جهونا ماڻھو، سوچون، بند مُٺ ۽ ڪاري پئنٽ وارو، ٻارن جو عالمي سال، ٿڌي جنگ، احساس، ٽھڪ، ڪوهيڙي ۾ ويڙهيل يادون شامل آهن.

(3) تو سنگ توبن ڏينھڙا ۽ ٻيون ڪھاڻيون (ڪھاڻيون) 1985ع
هي ڪتاب ناري پبليڪيشن حيدرآباد طرفان ڇپجي پڌرو ٿيو. جنھن ۾ ٽوٽل 16 ڪھاڻيون شامل آهن. مھاڳ تنوير جوڻيجو جو لکيل آهي.

(4) اسين جيئرا آهيون (ترجمو) 1992ع
هي ڪتاب پيئرز پال ريڊ جي جڳ مشھور ڪتاب Aiveجو ترجمو آهي. هي سچو واقعو، دنيا جي خطرناڪ ترين هنڌ اينڊز Andes۾ يورا گوئي جي رانديگرن جو هڪ جھاز حادثي جو شڪار ٿي ڪرِي پيو. ڳولا ڪندڙن مايوس ٿي ڳولا بند ڪري ڇڏي ڇاڪاڻ تہ جھاز جو ڪوبہ اتو پتو نہ هو. 44 مسافرن مان 16 ڄڻا حيات هئا، جن پنھنجي مئل دوستن جو گوشت واپرايو ۽ آخرڪار خطرناڪ ترين رستو لتاڙي ٻہ همراه ستر ڏينھن کان پوءِ ۽ ڪنھن انساني وستيءَ ۾ پھتا. ويھين صديءَ جي جرئتمند بھادريءَ تي ناول پيئرز پال لکيو. ان کي سنڌي ٻوليءَ جو ويس ڊاڪٽر محمود مغل پارايو.
ڊاڪٽر محمود مغل هن ڪتاب جو ترجمو اهڙو ڪيو آهي، جو احساس نٿو ٿئي تہ هي ڪو ناول ٻي ڪنھن ٻوليءَ ۾ لکيل آهي ۽ هي ترجمو ٿيل آهي. مختيار احمد ملاح لکي ٿو تہ، ”هن ناول جو ترجمو محمود مغل شاندار نموني ڪيو آهي. هڪ حادثاتي موضوع کي افسانوي انداز ۾ ڀرپور نڀايو آهي. بنيادي طور تي محمود مغل هڪ رومانوي ليکڪ آهي. هُو دلين جي ترجماني ڪندڙ ناول نگار آهي.“ (ملاح، 2012: 304)
محمود مغل اسان جي ادب جو هڪ ڄاتل سڃاتل نالو آهي، مان سمجهان ٿي تہ جتي محمود جي ڪھاڻين، ڊرامن ۽ ناولن پنھنجو پاڻ ملھايو آهي. اتي هي ترجمو بہ ڪين گهٽائي ٿو (نذير ناز، 1992ع)
محمود مغل ترجمي جي حوالي سان هڪ الڳ ٿلڳ حيثيت رکي ٿو. هُو ٻوليءَ جو اهڙو استعمال ڪري ٿو، جو خبر ئي نٿي پوي تہ هي ڪو ترجمو ٿيل آهي. ٻوليءَ جي لسائي، سلاست، بلاغت، جملن جي بيھڪ، اهڙي تہ وڻندڙ آهي جو پڙهندڙ ڪا اٽڪ محسوس نٿو ڪري ۽ سندس لکڻيءَ جي سحر ۾ پڙهندڙ گم ٿو ٿي وڃي.

(5) محمود مغل جون ڪھاڻيون (ڪھاڻيون) (اصلوڪو) ڊسمبر 1995ع
سندس هي ڪتاب ’باک پبليڪيشن ڪراچيءَ‘ طرفان ڇپجي پڌرو ٿيو، جنھن ۾ ويھہ ڪھاڻيون شامل آهن. هن ڪتاب ۾ سندس اڳ ڇپيل ڪتابن ’ڪوهيڙي ۾ ويڙهيل يادون‘ ۽ ’تو سنگ تو بن ڏينھڙا‘ جون سڀ ڪھاڻيون ۽ ڪجهہ نيون ڪھاڻيون شامل ڪيون ويون آهن.

(6) خواب نگر (اخباري ڪالم) 2005ع
هن ڪتاب ۾ محمود مغل، سنڌ جا سماجي مسئلا، يادگيريون، تبصرا شامل ڪيا آهن. سندءِ ڪالم روزاني ڪاوش ۾ ڇپجندا هئا. انھن کي ڪتابي صورت ڏئي ڇپايو ويو آهي.

(7) سنڌي چونڊ ڪھاڻيون (ترتيب) 2010ع
هن ڪتاب ۾ سنڌي چونڊ ڪھاڻيون شامل ڪيون ويون آهن. (1989ع کان 2000ع) تائين لکيل چونڊ ڪھاڻين جو انتخاب ڪيو ويو آهي. ڪتاب سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري حيدرآباد پاران ڇپجي پڌرو ڪيو ويو هو.

(8) محبتن جا ٻہ ناوليٽ (ناوليٽ) 2015ع
هن ڪتاب ۾ ٻہ ناوليٽ (1) ’سرءُ‘ (2) ’هَٿ ريکائن کان خالي‘ شامل آهن. سرءُ ناوليٽ بابت فضل احمد بچاڻي لکي ٿو تہ، ”ناوليٽ جي شڪل ۾ هڪ بھترين ۽ ڀرپور شئي پيش ڪئي اٿوَ. ان کي هڪ اعليٰ معيار جو ادب پارو چئي سگهجي ٿو. ليکڪ جي انھيءَ مھارت ۽ ڪاريگريءَ جو داد ڏيڻو پوندو. جو هڪ طويل تحرير جي سلسلي کي اهڙي طرح نڀايو اٿس جو شروع کان آخر تائين ان جي حسين جذباتي ۽ جمالياتي تسلسل کي ڪٿي بہ ٽُٽڻ توڙي معطل ٿيڻ نہ ڏنو اٿس نہ جذبات ۽ احساس جي بروقت اظھار ۽ اپٽار ۾ ڪٿي، ڪا خطا کاڌي اٿس، نہ ڪردارن جي ذهني ۽ احساساتي، سطح ۾ ڪٿي ڪا اوچ نيچ جي ڀل ڪئي اٿس. اهڙي مھارت تمام ٿورن ليکڪن جي نصيب هوندي آهي.“ (بچاڻي، 2015: 10)
هٿ ريکائن کان خالي بابت آپا نذير ناز لکي ٿي تہ، ”محمود مغل جو ناول هٿ رکائن کان خالي، پڙهجي ٿو تہ هي نوجوان ڪھاڻيڪار هڪ سگهارو قلمڪار آهي. جنھن جي قلم وقت گذرڻ سان حياتيءَ جي ڪيترن ئي ڪنڊن پاسن کي نروار ڪري، اوهان سامھون پڌرو ٿيو آهي. محمود لاءِ مشھور آهي تہ هُو اندر جي وارتائن کي ڪھاڻيءَ جو جسم عطا ڪري، لفظن جو لباس ٿو پھرائي، اهو بہ چيو ويندو آهي تہ هڪڙي ننڍڙي خيال کي ڪمال خوبيءَ سان پڙهندڙ ڏي منتقل ڪرڻ محمود جي ئي خاصيت آهي.“ (ناز، 2015: 13)
محمود مغل جا ناول رومانوي ۽ معاشرتي مسئلن تي ڏاڍي خوبصورتي سان لکيل آهن. هن جي لکڻين ۾ هڪ خوبي اها بہ آهي تہ اهي اسان جي پنھنجي ماحول جي عڪاسي ڪن ٿيون. سندس ڪھاڻيون فن ۽ فڪر جو حسين سنگم آهن. (ملاح، 2012: 302)
هن ناول ۾ محمود جي ٻولي، اسلوب، ٽيڪنڪ پنھنجي آهي. هُو هر ڪردار کي پنھنجي ڪھاڻي ٻڌائي ٿو. احساس، جذبا، خيال نوان ڏئي ٿو. هي روايتي ڪردارن کان ڇڏي ڪري منفرد ڪردار پيش ڪري ٿو. ڊائلاگ، پلاٽ، ڪردار، مڪالما، منظر پنھنجا پيش ڪري ٿو.

(9) زيب النساءِ (طويل ڪھاڻي) 2016ع
هيءَ هڪ طويل ڪھاڻي آهي، جيڪا پھرين سنڌ جي مشھور روزاني اخبار ’ڪاوش‘ جي خاص صفحي ’ڪاوش گيلريءَ‘ 5 مئي 2015ع کان 27 آڪٽوبر 2015ع تائين 100 قسطن ۾ ڇپي، بعد ۾ 2016ع ۾ ’پوپٽ پبليڪيشن خيرپور سنڌ‘ پاران ڇپجي پڌري ٿي.

(10) زندگي محسوس ڪيو (ترجمو) 2016ع
لائنڊا فيلڊ (Lynda Field) جي حيرت انگيز محسوس ڪرڻ جا 60 طريقا جو ترجمو ڊاڪٽر محمود مغل ’زندگي محسوس ڪيو‘ جي نالي سان ڪيو آهي. هي ڪتاب ’امرتا پبليڪيشن حيدرآباد‘ طرفان 2016ع ۾ شايع ٿيو. ڪتاب 63 پيجن تي مشتمل آهي. ننڍي سائيز ۾ ڇپيل آهي.

(11) سنڌ ٽاڪيز (فلمي دنيا) 2018ع
سنڌي فلم ڪھاڻيءَ جي حوالي سان هي اهم ڪتاب آهي، جو وڏي محنت سان محمود مغل لکيو آهي، امرتا پبليڪيشن حيدرآباد طرفان پھريون ڀيرو ڇپجي پڌرو ٿيو هو.

(12) محبتن جو شھر ٻڙي ميل (ڪھاڻيون ) اصلوڪو 2018ع
هي ڪتاب ڪاڇو پبليڪيشن ڪراچيءَ طرفان ڇپجي پڌرو ٿيو، هن ڪتاب ۾ 37 ڪھاڻيون شامل آهن. جن ۾ وڇوٽي، آرزو ۽ سپنا، خواهشون، حقيقتون، آئيڊيل ۽ سپنا، سَٺل سُور، شڪست، جهونا مارڪيٽ ۾ ٻہ جهونا ماڻھو، سوچون، بند مٺ ۽ ڪاري پئنٽ وارو، واردات، آس نراس جي وچ ۾، ٻارن جو عالمي سال، ٿڌي جنگ، احساس، ٽھڪ، ڪوهيڙي ۾ ويڙهيل يادون، ديس پرديس، ٽپڙي، سم ٿنگ اِن سائيڊ، وير، ٽکڙ، پَرُ، تو سنگ توبن ڏينھڙا، گيڙو، حقدار، محبتن جو شھر ٻڙي ميل، ٽانڊا، رَدُ، اکين ۾ مئل ٻلو، زوال، شناس، هر ماڻھوءَ جي ڏٺل فلم، ٻار کي ريجهائڻ لاءِ ڪجهہ تہ گهرجي، غلط جاءِ تي ويٺل همراھہ، هر نظر اگهاڙي آهي، منھنجي مڙس جي عادت آهي مذاق ڪرڻ، وٺڻ نہ وٺڻ جي وچ ۾، هڪ ڪلاڪ ٻاويھہ منٽ، پاچڪو.

(13) پيار ڪھاڻيون (مرتب) 2019ع
هن ڪتاب ۾ ٽي ڪھاڻيون شامل آهن، ڪھاڻيڪارن جو تعلق سنڌ سان آهي، سندن مشھور ڪھاڻيون ڊاڪٽر محمود مغل گڏ ڪري ڪتاب سھيڙيو آهي. موهن ڪلپنا جي ڪھاڻي ’مانُ اپمانُ‘، طارق اشرف جي ڪھاڻي ’درد جا ڏينھن درد جون راتيون‘، ۽ خيرالنساء جعفريءَ جي ڪھاڻي ’1967ع، 1968ع، 1969ع‘ شامل آهن. ڪتابُ امرتا پبليڪيشن طرفان ڇپجي پڌرو ٿيو. ڪھاڻيءَ کان پھرين ڪھاڻيڪارَ جو مختصر تعارف پڻ پيش ڪيو ويو آهي.

(14) هڪ ياد گار منصف برڪت بلوچ.
پنھنجي وقت جي مشھور منصف ’مرحوم برڪت علي جاگيراڻي بلوچ‘ جي حياتيءَ جي سھيڙ هن ڪتاب ۾ شامل آهي، جنھن ۾ ملڪ جي مشھور شخصيتن هڪ يادگار منصف کي خراجِ عقيدت پيش ڪيو آهي.
سندس ٽيليويزن ناٽڪ 39، اردو سيريل 13، سنڌي سيريل 2. ڪنھن ڪنھن ماڻھوءَ منجهہ، عشق هاڻي ڪجي ڪنھن سان، ٽيليويزن تان نشر ٿي چڪا آهن.
ساڍا يارهن سال لاڳيتو پاڪستان ٽيليويزن ڪراچي سينٽر تي ’پرک‘ جا پروگرام رڪارڊ ڪرايا. ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان سندس پروگرام ’سڳنڌ‘ ۾ آواز نشر ٿيندو رهيو آهي. ريڊيو حيدرآباد جو مشھور ڪمپيئر رهيو آهي. هُو بنا ڪنھن وٿيءَ جي لڳاتار لکندو رهيو آهي.
سندس لکڻيءَ جو نمونو: ’ريلوي اسٽيشن، بسن جا اڏا ۽ ڪڏهن هوائي اڏا، منھنجو ساھہ ڀڪوڙيندا رهيا آهن. مون حياتيءَ ۾ ڪوٽڙي، حيدرآباد، بوبڪ، ڀان سعيدآباد، لاڙڪاڻو، سکر، روهڙي، ڪنڌڪوٽ، شڪارپور، ميرپورخاص جي اسٽيشن جو انيڪ ڀيرا ديدار ڪيو آهي. حياتيءَ ۾ هڪڙو ڀيرو لاهور، راولپنڊي، خيرپور ميرس ۽ ڪراچي ڪينٽ اسٽيشن تان مسافري شروع يا ختم ڪئي اٿم. لارين جا اڏا رڳو مون حيدرآباد، ميرپورخاص، دادو، لاڙڪاڻي، شڪارپور ۽ سکر جا ڏٺا آهن. ڏٺا مان وري اها مراد آهي تہ اتان اڏا مون رڳو ڪراچي ۽ حيدرآباد جا ڏٺا آهن. جتان مٽ مائٽ رخصتيءَ ۾ صدا بلند ڪندا رهن ٿا. خيرن سان فاطمہ جو سڄو ڪھول آمريڪا ۾ رهي ٿو. انھن جي اچ وڃ تي حاضريءَ جي رنگ ۾ رنگجي ايئرپورٽ جي ديدار جو شرف ملي ئي ويندو آهي. (مغل محمود)
ڊاڪٽر محمود مغل کي سنڌي ادبي سنگت سنڌ طرفان ڪھاڻين تي ايوارڊ ملي چڪو آهي. پنھنجيون تعليمي خدمتون Center For helath and physical education ڏئي چڪو آهي. ان کان سواءِ سنڌالاجيءَ ۾ ڊائريڪٽر جي حيثيت ۾ پڻ خدمتون ڏئي چڪو آهي.

(15) هڪڙي ملندي آهي زندگي (ترجمو) 2021ع
هن ڪتاب ۾ جياپي جي جاکوڙ جون 51 ڪھاڻيون شامل آهن، ڪھاڻين جا ليکڪ مختلف شخص آهن، ڊاڪٽر محمود مغل صاحب ڪھاڻين کي سنڌي ٻوليءَ جو ويس پاريو آهي. ڪتاب امرتا پبليڪيشن حيدرآباد طرفان ڇپجي پڌرو ٿيو. ڪتاب بابت فقير محمد ڍول لکي ٿو تہ: ”يقين ڄاڻو تہ هيءُ ڪتاب ڪو عام ڪتاب يا روايتي ڪتاب ڪونھي، هن ڪتاب ۾ جيڪو فڪر تخليقي ترجمي سان منھنجي ڀاءُ محمود مغل پيش ڪيو آهي، تنھن جي موجودہ مدي خارج سماج ۾ تمام گهڻي ضرورت هئي، علاوہ ازين هيءُ ڪتاب پڙهندي، يقين ڄاڻو تہ الاءِ ڪيترين سِٽُن تي منھنجيون ٻئي اکيون لُڙڪن جي پاڻيءَ سا تر ٿي ويون هيون ۽ اکين جون ماڻڪيون ڪتاب جي اکرن کي ڏيکارڻ کان قاصر بڻجي ٿي ويون.“ (ڍول، 2021ع : 8)

(17) خواب نگر سائين (محبت ۽ حياتيءَ جون رمزون) 2021ع
هن ڪتاب ۾ ڊاڪٽر محمود مغل جيڪي سنڌ جي مشھور روزاني اخبار ۾ ڪالم لکيا آهن، اُهي چونڊي شامل ڪيا آهن. هي ڪتاب امرتا پبليڪيشن حيدرآباد طرفان ڇپجي پڌرو ٿيو. ڪالمن جو تعداد 38 آهي. ڪالمن ۾ محدود لامحدود، بند دروازو نہ ٿجو پليز، جي ياد اچئي منھنجي، ڪَنڍي، تو ڇو لاتي آهي دير، ڪي ڏُور بہ اوڏا سپرين، داغ نہ لگ جائي، امپورٽ ايڪسپورٽ، تنھنجي رمز سھڻا، پيار جي پارت هجئي، عميق مان ڪجهہ موتي، عقلمند بيوقوف، الاءِ ڇا ڇا وڃائجي ويو آهي، سفر در سفر، اندر جو آواز، محبت هيکلي آهي، کنڊ کير ملائڻ جي ڪئيسين، ٽيون ڪنُ، چِپڪو، شڪ جو فائدو، هيءَ ڪھاڻي بہ ختم ٿي، حاصل لاحاصل، پھريون سَلو محبت جو، هڻين ٿو دِيدَ سان ڌاڙا، ذات جي شناخت، اندر جي ايڪتا، هڪڙي ڪَلي، ڪلر بلائينڊ، اَجايو سَجايو، وڏي رات، خوشيءَ جو مُلھہ، خالي پرس، ملڻ جي همٿ، مٺائيءَ جو وزن، خالي ٿانءُ، محبت جو ترياق، محبت جي حد، محبت جي گوءِ شامل آهن.

(18) خواب نگر (تعزيت ناما) اصلوڪو 2023 ع
هيءُ ڪتاب امرتا پبليڪيشن حيدرآباد طرفان ڇپجي پڌرو ٿيو، جنھن ۾ 57 ڪالم شامل آهن. محمود مغل صاحب 2004ع کان روزاني ’ڪاوش‘ اخبار ۾ هفتيوار ڪالم لکڻ شروع ڪيا، اهو سلسلو 17 سال لاڳيتو 2020ع تائين هليو. پھريون ڪالم پاڪستان ٽيليويزن سينٽر جي نامور پروڊيوسر محمد بخش سميجي تي لکيو (سميجو سمھي رهيو آهي) ٻين ڪالمن ۾ مائرون ڪمال ڄاڻنديون آهن (قبلا والدہ صاحبہ) بھار آندا پُٽن جا لاشا (شاگرد: نعيم ڀٽو)، استاد فيروزدين رخصت ٿيو (موسيقار: فيروزالدين)، ادا مَن - سلام آخر قبول ڪيو (مصور: منصور عالم ابڙو)، راھہَ ۾ اجل آهي (حادثو: ننڍڙو شڪيل الرحمان)، اسين اوهان جا ٿورائتا آهيون (سماج سڌارڪ : خان محمد پنھور) استاد امام بخش بہ موڪلايو (ڪلارنيٽ نواز: استاد امام بخش)، جيجي (لوڪ فنڪارہ: جيجي زرينہ بلوچ)، هڪ لوڪل فنڪار جو وڇوڙو (يڪتاري پوٽو: چاڪر چانڊيو)، سڀ ٺيڪ آهي (شاگرد: قدير ڪنڌر ۽ سيد مجتيٰ شاھہ)، ادا جمالي بہ الوداع چئي ويو (براڊڪاسٽر: امام الدين جمالي)، پدم بسم ﷲ خان (شرناءِ نواز: استاد بسم ﷲ خان)، پنھنجو پاڻ سان تعزيت (محترمہ ڀاڄائي صاحبہ)، سمجهين ٿو... نٿو سمجهين...! (شاعر: آثم ناٿن شاهي) ادا ظفر (مصور: ظفر ڪاظمي) هِڪَ ڪَلي (استاد محترم: سائين حمزہ علي عمراڻي)، راضي بہ رضا (موسيقار: رجب علي رضا)، ڦُلان دي رنگ ڪالَي (ادا خليل الرحمان جو فرزند: ميان مسعود)، بيقدرا قدر نہ ڪيَڙئي ڪو (براڊ ڪاسٽر: سيد صالح محمد شاھہ)، ڪنڊياري کان ڪراچيءَ تائين (اداڪار: سيد شفيع محمد شاھہ)، اَدِي (سياستدان: شھيد محترمہ بينظير ڀٽو)، ڀيٽا (قبلا امان جِيجي صاحبہ)، بيوفائين جي موسم (براڊڪاسٽر: محمد انور هڪڙو)، هڪڙو هيو انور سولنگي (اداڪار: انور سولنگي)، ڳليان پريم نگر ديان (راڳي: سھراب فقير)، دادوءَ جو جادو (تعليمدان: پروفيسر محمد ايوب شيخ )، شاھہ ڪاريگر (براڊڪاسٽر: سڪندر بلوچ)، صاحب (سياستدان: شھيد ذوالفقار علي ڀٽو)، هڪ گمنام سپاهي (قانوندان: فقير برڪت علي بلوچ)، دوست ڪنھن کان جُدا خُدا نہ ڪري (شاعر : احمد خان مدہوش)، فيض ٻگهئي جو وڇوڙو (پيشڪار: فيض ٻُگهيو)، تون ياد وري آئين (موسيقار: استاد ظفر علي قريشي)، حيرت ڪدہ (استاد محترم: سائين محمد صالح ميمڻ)، اکڙيون ڀرجي آيون (ڀائٽي: فھميدہ گل محمد مغل)، جي ها.... جِي نہ.... (ڪمپيئر: آفتاب احمد چنا)، ادا مِٺَو (سرجن: ڊاڪٽر عبدالحميد عباسي)، بيڪ ٽه بيڪ (استاد محترم: پروفيسر الھوسايو راڄڙ ۽ پروفيسر آصف سھاڳ)، گُلِ خوش رنگ (سياستدان: مخدوم امين فھيم)، هڪ اداري جو موت (تعليمدان ۽ محقق: مومن بُلو)، سيءُ، دونھين ۽ آلاپ (راڳي: امام بخش زرداري) ياد جي تارَ (ملازم ساٿي: بشير ڇڄڙو ۽ مجيب قريشي)، پلستر (ننڍپڻ جو دوست: محمد عيسيٰ خشڪ)، تن ريءَ سال ٿيام...(قبلا امان سانئڻ جِيجي)، هاءِ دل ناشاد آ.... (راڳي: دين محمد شيخ)، هِن سومر تي هُوءَ آفيس ڪونہ ايندي (تعليمدان: ڊاڪٽر عابدہ طاهراڻي)، پرويز هليو ويو آهي (تعليمدان: پروفيسر ڊاڪٽر پرويز احمد پٺاڻ)، ايڪتا جو آواز (صحافي ۽ براڊ ڪاسٽر: سائين ميوو خان پروانو ڀٽي)، اديون خبردار هونديون آهن (تعليمدان: پروفيسر آپا زيب شاھہ) پوپٽ جھڙا پَلَ (براڊ ڪاسٽر ۽ ڪمپيئر: طاهرہ حسن) ادا وڏو..! (وڏو ڀاءُ: ڊاڪٽر عبدالرحمان مغل)، ادا عارب (سماج سڌارڪ: سائين عارب ملاح) آباد سلامت هجو (سماج سڌارڪ: سائين محمد نعيم شاھہ)، هِيرآباد جي هيرَ (تعليمدان: دادِي ليلاوتي هرچنداڻي)، سائينءَ جي هُٻڪارَ (استاد محترم: سر عبدالفتاح مغل صاحب)، ادا نُور (ليکڪ: نور نبي گهلُو)، هٽڙيءَ جو گلاب ۽ ٿَرٽي فائِيوِ ايم ايم (فلمي هدايتڪار: سائين حيات علي شاھہ بخاري) شامل آهن.

(19) اسين ڏاڍو ڪڏهن کلندا هئاسين (آتم ڪٿا)
’امرتا‘ پبليڪيشنس حيدرآباد پاران جاري ٿيندڙ ماهوار رسالي ’امرتا‘، جنھن جا 141 شمارا شايع ٿي چڪا آهن، محمود مغل جي اِن آتم ڪٿا کي رسالي ۾ قسطوار ڇاپيو. اڃا اها آتم ڪٿا ڪتابي شڪل ۾ پڌري ڪونھي ٿي.

(20) ڳاڙهي لوئي (ٻارن لاءِ پرڏيھي ڪھاڻين جا ترجما) 2023ع
هن ڪتاب ۾ دنيا جي مختلف ملڪن جي ٻاراڻين لوڪ ڪھاڻين جو ترجمو ڪيو ويو آهي. ڊاڪٽر محمود مغل جون ترجمو ٿيل هي لوڪ ڪھاڻيون پھرين ڀيرو سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو طرفان نڪرندڙ ٻارڙن جي ماهوار رسالي ’گُل ڦُل‘ ۾ 1975ع کان 1984ع تائين شايع ٿيون، ان کي ڪتابي صورت ۾ 2023ع ۾ امرتا پبليڪيشن حيدرآباد طرفان شايع ڪيو ويو. ڪتاب ۾ ٽوٽل ڏھہ ڪھاڻيون آهن. جنھن ملڪ جي ڪھاڻي آهي، اُن ملڪ جو مختصر تعارف پڻ پيش ڪيو ويو آهي. ڪتاب ۾ پھرين ڪھاڻي انگلستان جي لوڪ ڪھاڻي ’سمنڊ جو سونُ‘، ٻين چيني لوڪ ڪھاڻي ’ڳاڙهي لوئي‘، ٽين هالينڊ جي لوڪ ڪھاڻي ’چانديءَ جو ٻيڙو‘، چوٿين رومانيا جي لوڪ ڪھاڻي ’ننڍڙو شڪاري‘، پنجين هالينڊ جي لوڪ ڪھاڻي ’جاني لاثاني‘، ڇھين آسٽريليا جي لوڪ ڪھاڻي ’گم ٿيل ٻيڙي‘، ستين رومانيا جي لوڪ ڪھاڻي ’روپ جي واپسي‘، اٺين جاپاني لوڪ ڪھاڻي ’ڄڀَ ڪَپيَل جهرڪي‘، نائين جاپاني لوڪ ڪھاڻي ’ڪُئيءَ جي شادي‘، ڏهين روم جي لوڪ ڪھاڻي ’پَسو پکيئڙن‘ شامل آهن. محمود مغل هنن ڪھاڻين جو خوبصورت ترجمو ڪيو آهي، جيئن سنڌ جو ٻار دنيا جو لوڪ ادب پڙهي ۽ شعور ماڻي.

نتيجو:
 محمود مغل سنڌي ڪھاڻيءَ ۾ هڪ منفرد حيثيت رکي ٿو، هن جي ٻولي، اسلوب ڊڪشن مختلف آهي. سندس ڪھاڻين ۾ فن ۽ فڪر سمايل آهي. هُو ڪھاڻين جا ڪردار سماج مان چونڊي ٿو. انھن ڪردارن کان ئي سڀ ڪجهہ چوائي ٿو.
 هي ترجمو اهڙو تہ خوبصورت ڪري ٿو، جو پڙهندڙ کي احساس نٿو ٿئي تہ هي ترجمو ٿيل آهي يا اصلوڪو آهي.
 ناول ۾ هن محنت ڪري نواڻ آندي آهي. پڙهندڙ ٿڪاوٽ محسوس نٿو ڪري ۽ ناول جي سحر ۾ گم ٿي ٿو وڃي، ڪلائمس تي پڙهندڙ کي ڪڏهن کلڻو بہ پوي ٿو تہ ڪڏهن روئڻو بہ پوي ٿو.
 ڪمپيئرنگ ڪندي لفظن جو تلفظ نٿو بگاڙي، هُو سادي سلوڻي ٻولي ڳالھائي ٿو، تحرير ۾ خاص طور ڪالم ’خواب نگر‘ ۾ سندس تخاطب جو انداز ’عزيزانِ من‘ رهي ٿو.
 محمود مغل سنڌي ڊرامي جو وڏو ليکاري آهي. سندس ڪيترن ڊرامن ايوارڊ پڻ ماڻيا آهن.
 ڊراما نگاريءَ جو فن هن وٽ فطرتي آهي. هي هٿ ٺوڪيا ڪردار نٿو جوڙي سندس ڊراما گهڻا پسند ڪيا وڃن ٿا.

حوالا:
1. هالائي، انور، 2015: سنڌي ڪھاڻيءَ جي مختصر تاريخ، مختيار احمد ملاح، ثقافت ۽ سياحت کاتو حڪومت سنڌ.
2. ملاح، مختيار احمد، 2015: سنڌي ڪھاڻيءَ جي مختصر تاريخ، ثقافت کاتو، حڪومت سنڌ.
3. ڪنڌر، گل 2015: سنڌي ڪھاڻيءَ جي مختصر ڪھاڻي، مختيار احمد ملاح، ثقافت کاتو، حڪومت سنڌ.
4. ملاح، مختيار احمد، 2012ع سنڌي ناول جي مختصر تاريخ، ثقافت کاتو حڪومت سنڌ.
5. ناز، نذير، 1992: اسين جيئرا آهيون، ترجمو، محمود مغل، ناري پبليڪيشن، حيدرآباد.
6. بچاڻي، فضل احمد، 2015: محبتن جا ٻہ ناوليٽ، محمود مغل، ڪاڇو پبليڪيشن، ڪراچي.
7. ناز، نذير 2015: محبتن جا ٻہ ناوليٽ، محمود مغل، ڪاڇو پبليڪييشن ڪراچي.
8. ملاح، مختيار احمد، 2012: سنڌي ناول جي مختصر تاريخ، ثقافت کاتو حڪومت سنڌ.
9. ڍول، فقير محمد، 2021: محمود مغل، هڪڙي ملندي آهي زندگي، امرتا پبليڪيشن حيدرآباد.

ڪوهيڙي ۾ ويڙهيل يادون

---

تبصرو: ڪوهيڙي ۾ ويڙهيل يادون (تنوير جوڻيجو)

ادا خليل مغل ۽ ادا عبدالرحمان مغل سان ڀائپيءَ وارو رشتو پراڻو اٿم. پھريون ڀيرو جڏهن ڄاڻ پيم تہ محمود، ادا مغل جو ننڍي ۾ ننڍو ڀاءُ آهي تہ ڪا خاص حيرت ڪانہ ٿيم، ڇاڪاڻ تہ ادا خليل کي اڪثر ادبي ڪتاب پڙهندي ڏٺو هئم. هونئن بہ آءٌ ذاتي طرح ادا عبدالرحمان ۽ ادا خليل کي سڃاڻان. سندن شخصيتن جو تعلق اهڙن ماڻھن منجهان آهي، جيڪي اجائي زباني لٻاڙ گهٽ هڻندا آهن، پر عملي طرح سنڌ واسين جي هر ممڪن مدد ڪندا آهن، پر پھريون ڀيرو جڏهن محمود کي عابد مظھر جي پارٽيءَ ۾ ڏٺم تہ حيرت ضرور ٿي هئي، ڇاڪاڻ تہ بنيادي طرح ادا مغل وارن جي فيملي، مذهبي فيملي آهي، ۽ مذهبي گهراڻن سان تعلق رکندڙ ٻارن لاءِ عام طور تي اسان جن ذهنن ۾ هڪ ٻئي قسم جو تصور هوندو آهي. جڏهن تہ ان تصور جي برخلاف محمود جا ٻہ روپ ٻيا بہ ات ڏٺا هئم. سنھڙو صحتمند ايڪٽو نينگر، اکين ۾ ذهانت جي چمڪ سان گڏوگڏ پڙهاڪو طبيعت جي نشاندہي ڪندڙ، ٿلھن شيشن وارو چشمو، پھرين نشست ۾ عابد مظھر جي شخصيت تي مقالو پڙهيو هئائين، جڏهن تہ ٻي راڳ رهاڻ واري نشست سندس ئي بلي هئي.
ات مون محمود کي هڪ سھڻي ۽ هوشيار ڪمپيئر جي روپ ۾ ڏٺو هئو.
ڪمپيئرنگ بذات خود نہ فقط هڪ فن، پر ڏات بہ آهي. جنھن ۾ هڪ طرف تہ ڪمپيئر کي لفظن جي چونڊ ۽ ادائگيءَ ڏانھن ڌيان ڏيڻو پوندو آهي تہ ٻئي طرف لھجي جي لطافت کي قائم رکندي، پيش ڪش جي سليقي کي مدِنظر رکڻو پوندو آهي، تہ ٽئين طرف وري حاضر دماغيءَ کان ڪم وٺي، موقعي جي مناسبت سان سھڻا ٽوٽڪا، جملا ۽ وڻندڙ شعر چوڻا پوندا آهن.
اهي ٽيئي خوبيون مون محمود جي ڪمپيئرنگ ۾ ڏٺيون ۽ محسوس ڪيون، جن جي مدد سان هن هڪڙي سادي سلوڻي پروگرام ۾ جان وڌي هئي.
جڏهن تہ سندس ٽيون روپ هئو هڪ گلوڪار جو، ’مون سان ملندين تہ من واھہ واھہ! کان وٺي ’Those were the days‘ تائين. هڪ طرف تہ سندس وڻندڙ آواز ۽ ٻئي طرف سندس ڳائڻ جو اسٽائيل ۽ نمونو. سندس ذات جو اعتماد سندس هر ادا مان جهلڪيو ٿَي.
ٽئين چوٿين ڏينھن تي حيدرآباد کان ڄامشورو ايندي بس ۾ ادا عبدالرحمان سان ملاقات ٿي.
”اهڙي چيز اوهان جي گهراڻي ۾ ڪيئن پيدا ٿي آ.“
مون ادا محمود جي باري ۾ سوال ڪيو.
۽ ان جو جواب ادا مغل کلندي ڏاڍي مزي سان ڏنو، ”ادي ڀليا آهيو، هر مذهبي ڏاڙهيءَ وارو ضروري ناهي تہ رجعت پسند ملو هجي.“ ۽ پوءِ يڪي دير ادا، محمود جي باري ۾ ڳالھائيندو رهيو بلڪل ان ماءُ جيان جنھن کي هڪڙو ئي، واحد پٽ هجي. سندس لھجي ۾ هڪ طرف تہ ممتا پئي جهلڪي تہ ٻئي طرف فخر بہ. ”ادي محمود زندگيءَ ۾ ڪڏهن بہ ڪوڙ ناهي ڳالھايو، ڪنسيڊريٽنگ ايترو جو اڄ ڏينھن تائين ڪڏهن بيجا فرمائش ناهيس ڪئي. بابا جو بيحد لاڏلو هو، ڇھن ورهين جو هو جو بابا وفات ڪئي... پنجين درجي تائين اسان کيس گهر ۾ پڙهايو. امتحان لاءِ فقط کيس اسڪول وٺي ويندا هئاسين ۽ اوتري دير ٻاهر بيٺا هوندا هئاسين جيتري دير تائين امتحان نہ پورو ٿئيس. ان بعد ڇھين کان ماڊل اسڪول ۾ داخلا ڏياريسينس ۽ ات تہ مان موجود هئس...“
ذات جو اهو اعتماد محمود کي پنھنجي گهر وارن طرفان ئي مليل آهي ۽ هت منھنجي سامھون عبدالقادر جوڻيجو جون اهي سٽون آهن جيڪي هن ’ڪوهيڙي ۾ ويڙهيل يادون‘ جي مھاڳ ۾ لکيون آهن:
”سلڇڻو، سھڻو، صحتمند، گنديءَ ڪپڙي ۾ ٺھيل ٺڪيل، ڳاڙهي جواڻيءَ جو ڌڻي محمود مغل منھنجو پاڙيسري آهي. بلڪہ در جي سامھون در آهي، سندس ڏينھن رات ٺھيل ٺڪيل نموني سان گذرندڙ آهن. ’راند جي وقت راند ڪريو، ڪم جي وقت ڪم ڪريو.‘ جو اعليٰ ۽ نادر نمونو آهي، فجر جو اٿي نماز پڙهي، نارٿ اسٽار جوتا پائي گرائونڊ ۾ ورزش ڪندو آهي. وقت تي ميڊيڪل ڪاليج ۾ پڙهڻ ويندو آهي، شام جو دوستن سان ’هان شڪان‘ ڪندو آهي، رات جو شايد پنھنجي ڪورس جا ڪتاب پڙهندو هوندو. ٻين نوجوان اديبن جي ابتڙ جذباتي طرح تي ڳرو نہ آهي. نہ ايترن ڪامپليڪسز جو شڪار آهي نہ ايترو ڪامپليڪيٽيڊ ذهن جو مالڪ آهي، ذاتي طرح نہ کيس خاندان کان شڪايت نہ سماج کان، نہ وري ادبي تڏي کان شڪايت اٿس، رئندو گهٽ ۽ مرڪندو وڌيڪ آهي. وڏي سڄي جي عزت ننڍي سان پيار ڪندو آهي.“
اهو ئي ذات جو اعتماد مون کي محمود جي ڪھاڻين ۾ بہ نظر ٿو اچي، سندس ڪھاڻين ۾ اجائي فرسٽريشن ۽ ڊپريشن موجود نہ آهي، جنھن سان سندس ذات جو اظھار ٿئي، سندس ڪھاڻيون ڀڳل ڀريل شخصيت بجاءِ ڀرپور شخصيت جي نشاندہي ڪن ٿيون، سندس ڪھاڻيون داخلي ڪيفيتن بجاءِ خارجي پھلوئن تي آڌار رکن ٿيون. هن ۾ ڪوئي شڪ ناهي تہ هر فرد پنھنجي وجود جي سڃاڻپ لاءِ ئي لکندو آهي، جيئن محمود پنھنجي ڪتاب ۾ لکي ٿو تہ، ”پوءِ ان هن مھل دعا ڪئي، رب سائين، ذات جو پڌرو ٿيڻ حالانڪ مشڪل آ، پر پوءِ بہ ڪي ڪي ذاتون پڌريون ٿي پونديون آهن، مون کي مون تي پڌرو ڪري ڇڏ.“ پر هر ڳالھہ لاءِ ڪي نہ ڪي اصول فارمس ۽ ڪي لوازمات ٿيندا آهن، محض پنھنجن ذاتي ڪيفيتن جو ذڪر، خود ثنائي نہ آهي تہ ڇا آهي.
محمود جي ڪھاڻين ۾ يڪسانيت ۽ هڪجھڙائي نہ آهي. موضوعن جي ويرانٽي اٿس. رومانيت کانسواءِ سماج جي ننڍڙن ننڍڙن حالتن ۽ واقعن تي بہ لکيو اٿس.
’خواهشون، حقيقتون، آئيڊيل ۽ سپنا‘ ۽ ’ڪوهيڙي ۾ ويڙهيل يادون‘ رومينٽڪ قسم جون ڪھاڻيون آهن، جڏهن تہ ’شڪست‘ جو مرڪزي خيال رستي ۾ شيون وڪڻندڙ ڪولھياڻيون آهن.
’جُهونا مارڪيٽ ۾ ٻہ جهونا ماڻھو‘ ۾ لنڊا بازار ۾ بيٺل ماڻھوءَ جي داخلي ۽ خارجي ڪيفيتن جو ذڪر آهي.
’سوچون، بند مٺ ۽ ڪاري پئنٽ وارو‘ هڪ نوجوان يا چوڏهن پندرهن سالن واري نينگر جي ڪھاڻي آهي، جنھن ۾ هن وهيءَ جي ٻار جي نفسياتي ۽ داخلي ڪيفيت هنن لفظن ۾ چٽي آهي، ”چوڏهن پندرنھن سالن جي وهي ڪن ڪن لاءِ وچولي هوندي آهي. هو جوان هوندا بہ آهن تہ ذهني طور ٻالڪپڻ اندر ٽپ پيو ڏيندو اٿن.“
’ٿڌي جنگ‘ ۾ هڪ عورت جي جذبن جي عڪاسي ڪيل آهي، جنھن جو مڙس بس ۾ ٻي عورت ڏانھن ڌيان ڏئي ٿو. جڏهن تہ ’احساس‘ کدڙن جي زندگيءَ تي مبني هڪ ڪھاڻي آهي، جنھن ۾ سندن ثقافت کان سواءِ سندن جذبن جو بہ اپٽار آهي.
محمود مغل جي ڪھاڻين مان ڪٿ ڪٿ مون کي نسيم کرل واري خوشبو پڻ اچي ٿي. جيڪا شئي جيئن وهي واپري ٿي تيئن هُو بيان ڪري ٿو، پنھنجي راءِ يا پنھنجي سوچ جو هروڀرو اظھار نٿو ڪري. هڪ ٻي ڳالھہ جيڪا محمود جي ڪھاڻين ۾ آهي اها هيءَ تہ ڪھاڻين جا پلاٽ ڪي ايڊونچرس ٽائيپ واقعن يا حادثن تي مبني نہ آهن، بلڪ سڌا سوان طرزِ زندگيءَ جا نمونا، سندس ڌيان جو مرڪز آهن، جنھن مان سندس مشاهدي جي تيزيءَ جو اندازو ٿئي ٿو. هاڻي اچون ٿا هن مجموعي جي ٻوليءَ تي. محمود جي ڪھاڻين ۾ ٻولي نھايت سوَلي، سادي، روزمرہ جي استعمال واري نظر اچي ٿي. هروڀرو هندي اکرن ۽ جملن جو ورجاءُ ڪونھيس.
ڪي ڪي جملا نھايت وڻندڙ ۽ دل کي ڇھندڙ پڻ اٿس. جيئن صفحي نمبر 3 تي ’ارپنا‘:
امان،
ارپيان ٿو،
هي ناقوسن ۾ وڄندڙ گهنڊڙين جهڙا، مٿان ڪرندڙ مينھن ڦڙين ۾.
ڌرتيءَ مان نڪرندڙ خوشبوءَ جهڙا.
سانوارا لفظ.
تو نالي.
پڪ اٿم، مالڪ عورت لاءِ حڪم ڪيو تہ،
جائز هجي ها تہ خدا کان پوءِ مڙس کي سجدو ڪري ها، جيڪڏهن.
اهو ئي حڪم مرد لاءِ هجي ها تہ.
سمجهان ٿو تہ اهو تہ،
خدا کان پوءِ سجدو جائز آ تہ ماءُ لاءِ.
مان تڇ، تون آسمان.
اهڙي طرح صفحي نمبر 25 تي، ’امانتون حقن سان واسطو رکنديون آهن. نہ منھنجو حق توهان ۾ ۽ نہ ڪا وري امانت ڀانئيان ٿي.‘
’ڪوهيڙي ۾ ويڙهيل يادون‘ ڪھاڻيءَ ۾ صفحي نمبر 104 تي ’ساوڻي هوا جڏهن وڻن جا پن ڍير ڪري ڪيرائي، دالان ڀريندي آهي تہ پنن کي ڳڻبو ناهي، اهي گند ۾ ساڙي ڇڏبا آهن.‘ ساڳي ئي ڪھاڻي جي صفحي نمبر 107 تي هڪ جملو هن ريت آهي:
ذهن جي هر پردي تان تنھنجو نالو ڪٽجي ويو آهي، ائين جيئن جوانيءَ ۾ رف ڪاپيءَ تي تنھنجا نالا لکي ڪٽي ڇڏيندو هئس.
محمود مغل شاگرد آهي، سندس گهڻو ڌيان پڙهائيءَ ڏانھن بہ آهي، پر وقت جي وير سان گڏوگڏ سندس ڪھاڻيون وڌيڪ پختيون ۽ ميچوئر ٿي وينديون ۽ جيڪڏهن هن ڪھاڻين ڏانھن اڃا بہ ڌيان ڏنو تہ اهو ڏينھن پري ڪونھي، جڏهن اسان کي نسيم کرل جي ڪھاڻين جا فوٽو اسٽيٽ ملندا.

]چپيل؛ ’هلالِ پاڪستان مئگزين‘ ڪراچي، آگسٽ 1982ع[

تبصرو: ڪوهيڙي ۾ ويڙهيل يادون

محمود مغل ۽ ڪھاڻي (سميع ڪنڌر)

اڄ سنڌ جي افسانوي ادب جي آسمان تي محمود مغل جو نانءُ هڪ روشن ستاري جيان چمڪي رهيو آهي. هُن اٽڪل پندرهن سالن جي عمر کان لکڻ شروع ڪيو ۽ مسلسل لکندو پيو اچي.
محمود مغل جو جنم 27 نومبر 1961ع ڌاري سيوهڻ شريف ۾ ٿيو ۽ هن لکڻ جي شروعات 1975ع ڌاري ٻارن لاءِ جاپاني ڪھاڻيءَ جي ترجمي سان ڪئي. جيڪا رسالي ’گل ڦل‘ ۾ شايع ٿي، محمود مغل ان وقت پنھنجي پوري نالي ’محمودالحسن‘ سان لکندو هو، پر پوءِ ’محمود مغل‘ جي نالي سان لکڻ لڳو.
محمود مغل، هيل تائين 70 کان وڌيڪ ڪھاڻيون، شاعري، ڪيترائي ڊراما، ڪالم ۽ ٻہ ناول لکي چڪو آهي. ان کان سواءِ ڪجهہ عرصو ’سنڌ رنگ‘ ڊائجسٽ ۽ ’هزار داستان‘ ڊائجسٽ ۾ صحافتي خدمتون پڻ سرانجام ڏئي چڪو آهي. هُو ريڊيو، اسٽيج ۽ ٽيليويزن جو هڪ ڪامياب ڪمپيئر پڻ آهي ۽ ڪافي عرصي کان ريڊيو ۽ ٽيليويزن تي ڪمپيئرنگ ڪري رهيو آهي.
ايم بي بي ايس جي ڊگري حاصل ڪرڻ کان پوءِ هن وقت هُو ’سنڌ يونيورسٽيءَ‘ جي ’فارميسي‘ شعبي ۾ ليڪچرار آهي. سندس چار مجموعا شايع ٿي چڪا آهن، جن ۾ ’ڪوهيڙي ۾ ويڙهيل يادون‘ (ڪھاڻيون)، ’تو سنگ تو بن ڏينھڙا‘ (ڪھاڻيون)، ’هَٿَ ريکائن کان خالي‘ (ناول)، ’اسين جيئرا آهيون‘ (ترجمو ڪيل ناول). ان کان سواءِ هڪ ناول ’سرءُ‘ ۽ هڪ ڪھاڻين جو مجموعو ڇپائي هيٺ آهن.
محمود مغل جون ڪھاڻيون معاشرتي مسئلن تي ڏاڍي خوبصورتيءَ سان لکيل آهن. سندس ڪھاڻين جي هڪ خوبي اها بہ آهي تہ اهي اسان جي پنھنجي ماحول جي عڪاسي ڪن ٿيون. هن جون ڪھاڻيون فن ۽ فڪر جو حسين سنگم آهن. سندس ڪھاڻين جي مجموعي ’ڪوهيڙي ۾ ويڙهيل يادون‘ جي مھاڳ ۾ ’انور هالائي‘ صاحب لکي ٿو تہ:
ڪھاڻي، ڪھاڻيڪار جي احساسات جي اظھار جو هڪ بھترين ذريعو آهي، جنھن سان هو نہ رڳو سماج جي سڀني پاسن تي روشني وجهي ٿو بلڪہ پاڻ جيڪي ڏسي ٻڌي ٿو، انھيءَ کي لفظن جي روپ ۾ ائين پيش ڪري ٿو، جو پڙهندڙ محسوس ڪري ٿو تہ ڄڻ هُو ان ڪھاڻيءَ جو ڪو ڪردار يا حصيدار آهي. محمود مغل جون هي ڪھاڻيون اهڙيون ڪھاڻيون آهن، جيڪي معاشري جي صحيح عڪاسي ڪن ٿيون. سندس ڪھاڻيون ٻھراڙيءَ جي ڪکائن گهرن کان وٺي ماڊرن سوسائٽيءَ جي ذري ذري جون ترجمان آهن.
سندس پڙهندڙن جو خيال آهي تہ محمود مغل رومانٽڪ آهي ۽ سندس ڪھاڻين ۾ رومانس وڌيڪ اثرائتي ۽ خوبصورت نموني ڏيکاريل آهي. ان جو اقرار محمود پاڻ بہ هن طرح ڪري ٿو:
مان ننڍين ننڍين محبتن جو قائل ناهيان. انسان ڪنھن سان محبت ڪري تہ شدت سان، اها شدت لمحي لمحي جي پڪار هجي. ها، نفرتون ننڍيون ننڍيون ڪن، ڇو جو خدا ٻانھي کي پيدا ئي ابدي محبت لاءِ ڪيو آهي.
محمود مغل جون ڪھاڻيون پڙهڻ سان ڪٿي بہ اهو احساس ڪونہ ٿيندو تہ اسان ڪنھن اجنبي دنيا ۾ پھچي ويا هجون، ڇو تہ سندس ڪھاڻيون اسان جي آسپاس جي حالتن، مسئلن ۽ ڪردارن سان تعلق رکن ٿيون. هُو جيڪو ڪجهہ محسوس ڪري ٿو سو ئي لکي ٿو. پنھنجي محسوسات ۽ مشاهدي کي جڏهن لفظن جو روپ ڏئي ڪاغذ تي اوتيندو وڃي ٿو تہ سندس لفظ خودبخود ڪھاڻي ٿيندا وڃن ٿا.
پنھنجي لکڻ جي باري ۾ محمود چوي ٿو تہ:
مون ڪڏهن بہ شعوري طور لکڻ جي ڪوشش نہ ڪئي آهي. جيڪو ڪجهہ لکندو آهيان، ان مھل ڄڻ لاشعور جي تھن ۾ هجان. ائين ڄڻ چؤطرف سرءُ جا ڇڻيل پن ۽ وڏا وڏا وڻ هجن، ڪو هلڪڙي آواز سان وهندڙ ماٺو پاڻي- ڪو ڪرندڙ پن، ان ۾ پُسيل ۽ جيئن جيئن اهو پن وهندو وڃي تيئن تيئن مان لکندو وڃان. تان جو وهڪرو ڦري، ڪو ڪنارو پن کي جهٽي وٺي، مان لکڻ بند ڪيان.
موضوع، ڪھاڻيءَ جو اهم حصو هوندو آهي، جنھن ۾ مرڪزي خيال سمايل هوندو آهي. ڪامياب ڪھاڻيءَ لاءِ جيترو ٻئي فن جي ضرورت هوندي آهي. موضوع بہ اوتري ئي اهميت رکي ٿو. اسان جي چوڌاري ڪيترائي مسئلا آهن، اهو ڪھاڻيڪار جي محسوسات تي دارومدار آهي تہ هُو معاشري جي ڪھڙن مسئلن کي پنھنجي ڪھاڻي جو موضوع بڻائي ٿو.
محمود مغل جي ڪھاڻين جا موضوع، هن ئي معاشري سان لاڳاپيل آهن. هن وڇوڙي ۽ بيوفائيءَ جھڙن جيءُ جهوريندڙ موضوعن تي بہ لکيو آهي تہ پيار جي ڇانو ۾ گذرندڙ حياتين جون رنگينيون بہ بيان ڪيون آهن. هُن معاشرتي براين کي بہ ننديو آهي. سندس ڪھاڻي ’ٻارن جو عالمي سال‘ طبقاتي معاشري جي ڳل تي هڪ زوردار چماٽ آهي. ڪھاڻي ’ٿڌي جنگ‘ ۾ عورت جي نفسيات ۽ ان جي اندر جي احساسات کي ڪاميابيءَ سان قلمبند ڪيو ويو آهي. ’شڪست‘ ڪھاڻيءَ ۾ وقت کي موضوع بڻايو ويو آهي. هن ڪھاڻيءَ ۾ وقت ۽ حالتن جي ڦيري کي انتھائي خوبصورتيءَ سان بيان ڪيو ويو آهي. ڪھاڻيءَ ۾ ٻڌايو ويو آهي تہ وقت ۽ حالتون سدائين هڪ جھڙيون نٿيون رهن، اهي ڪڏهن بہ ڦيرو کائي سگهن ٿيون. جڏهن تہ ’خواهشون، حقيقتون، آئيڊيل ۽ سپنا‘، ’سوچون، بند مُٺ ۽ ڪاري پئنٽ وارو‘ ۽ ’ڪوهيڙي ۾ ويڙهيل يادون‘ بھترين رومانوي ڪھاڻيون آهن.
محمود مغل جي ڪھاڻين جي ٻولي ڏاڍي خوبصورت ۽ اثرائتي آهي. هُو جيڪا ڳالھہ چوڻ چاهي ٿو سا بھترين ٻوليءَ سان ادا ڪري ٿو ۽ اها ئي سندس ڪھاڻين جي ڪاميابي آهي. سندس ٻولي ڪٿي بہ هٿرادو بناوٽ جو شڪار نہ آهي. هن ٻوليءَ جو استعمال ڪردارن ۽ ماحول جي مناسبت سان ڪيو آهي. تنھن ڪري اها ڪٿي بہ اوپري نٿي لڳي، جيئن ڪھاڻي ’شڪست‘ جي هڪ ڪردار ’رڪميءَ‘ جي ٻولي ۽ لھجو جيڪو ٻڌايو ويو آهي، سو ڪردار ۽ ماحول سان ٺھڪندڙ آهي ۽ حقيقت جي بلڪل ويجهو آهي.
ڏس نندري، کوابن (خوابن) کي ورچڻ ٿي گهرين تہ گهر وڃي رلي پاءِ، هت نہ ماڪڙ مار، هت اچين تہ وڪرو ڪر وڪرو! واندي نہ ويھہ. ]شڪست[.
محمود مغل جي ڪھاڻين جا ڪردار هن معاشري جا جيئرا جاڳندا ڪردار آهن. سندس ڪھاڻين جو ڪوبہ ڪردار تصوراتي ڪردار نہ آهي، تنھن ڪري اهي ڪٿي بہ اجنبي نٿا لڳن.
’شڪست‘ جي نندري، ’احساس‘ جي حاجي خيري، ’جهونا مارڪيٽ ۾ ٻہ جهونا ماڻھو‘ جا مريد صاحب ۽ غلامون، ’سوچون، بند مُٺ ۽ ڪاري پئنٽ وارو‘ جو نصرُو، ’ٿڌي جنگ‘ جي ريشمان، ’ڪوهيڙي ۾ ويڙهيل يادون‘ جا مومي ۽ شيري ۽ ’ٻارن جو عالمي سال‘ جو منون ۽ سندس پيءُ سميت هُن سمورا ڪردار هن معاشري مان کنيا آهن، جيڪي سندس ڳوڙهي مشاهدي جا دليل آهن. هُو ڪردارن جا نقش اهڙي طرح چٽي ٿو، جو انھن جا عڪس پڙهندڙ جي سامھون اچي وڃن ٿا. مثال طور:
سندس عمر پنجٽيھہن کان چاليھن جي وچ ۾ آ، رنگ گورو ۽ بدن لچڪ ۽ موھہ سان ڀرپور اٿس. عمر جي وچين حصي ۾ آ، جوڀن ايترو ڀرپور ڪونھيس، پر غور سان ڏسبس تہ اها ڳالھہ چٽي طرح محسوس ٿيندي تہ هُوءَ ڪنھن زماني ۾ بلاشڪ حسن جي راڻي هوندي. هن جون ٻئي ٻانھون اڇين ڪنگڻين سان ڀريل آهن. ڪي ڪنگڻيون آهن ڪي ڪڙا. هٿ جي پُٺيءَ تي ڊيل جو نشان اڪريل اٿس. سائو سائو اهو نشان هن جي هٿ جي سونھن ۾ اڃا بہ اضافو ٿو ڪري. ]شڪست[.
اها سندس ڪردار نگاريءَ جي ڪاميابي آهي، جو هُو ڪردارن کي پنھنجي مرضيءَ موجب نٿو هلائي، پر سندس ڪردار مڪمل طور آزاد آهن ۽ اهي پنھنجي سوچ ۽ سمجهہ سان چُرپُر ڪن ٿا.

]ڇپيل: ماهوار ’نئين زندگي‘، مارچ / اپريل 1997ع[

اسين جيئرا آهيون

---

اسين جيئرا آهيون (ناصر ساريو)

ڪتاب جو نالو: اَسين جيئرا آهيون (ناول)
ليکڪ پيئرز پال (Piers Paul Read)
سنڌيڪار: محمود مغل
ملھہ: سٺ روپيا
ڇپائيندڙ: محترمہ نذير ناز، ناري پبليڪيشن، صدر حيدرآباد، سنڌ

سنڌ ۾ آڱرين تي ڳڻڻ جيترن مستقل اَشاعتي اِدارن ۾ ’ناري پبليڪيشن‘ حيدرآباد جو نالو ڳڻي سگهجي ٿو. ’ناري پبليڪيشن‘ وقت بوقت سنڌي اَدب جي سَٿَ ۾ ڪو نہ ڪو ڪتاب شامل ڪيو آهي. ’اَسين جيئرا آهيون‘ ناول هن پبليڪيشن جو ٽيھون ڪتاب آهي، جيڪو جڳ مشھور ناول نگار ’پيئرز پال ريڊ‘ لِکيو ۽ ’اَلائيو‘ جي نانءَ سان دُنيا اَڳيان آندو ۽ هن ناول کي سنڌيءَ ۾ اِنعام يافتہ ليکڪ محمود مغل، ’اَسين جيئرا آهيون‘ جي نانءَ سان سنڌي ٻوليءَ ۾ آندو.
ڪنھن ڌاري ٻوليءَ کي پنھنجي ٻوليءَ ۾ آڻڻ ۽ سندس ميٺاج بہ برقرار رکڻ واقعي هڪ فن آهي. هڪ ترجمو ڪندڙ اَديب تي کوڙ ساريون ذميواريون لاڳو ٿين ٿيون. پھريان تہ هُو پرڏيھي اَدب مان ڪنھن شاهڪار چُونڊ لِکڻيءَ کي چُونڊي ٿو ۽ پوءِ پنھنجي ٻوليءَ جي وسعت ۽ ٻين پھلوئن کي ڏِسي ڪري، اُن لِکڻيءَ کي ڏينھن رات ڪري، پنھنجي ٻوليءَ منجهہ آڻي ٿو.
ڌارين لِکڻين کي پنھنجي ٻوليءَ ۾ آڻڻ وارو اَديب واقعي کيرون لھڻي، پر اَلاءِ ڇو ايڏو نُور نچوئڻ بعد بہ سنڌي اَدب ۾ ترجمو ڪندڙ جي حوصلا اَفزائي نہ ڪئي وئي آهي. جيئن تازو ’سنڌي اَدبي سَنگت‘ پاران ڏِنل مڃتائن منجهہ هڪ بہ سنڌيڪار کي شامل ڪونہ ڪيو ويو، جنھن تي ڪافي بحث بہ ٿيا، پر ڪو نتيجو ڪونہ نڪتو. ترجمي کي سنڌي اَدب جي صنفن ۾ شامل ڪرڻ يا نہ ڪرڻ بابت ’سنڌي اَدبي سنگت‘ کي هڪ ويھڪ ڪرائڻ گُهرجي، جيئن ترجمي بابت ڪو مستقل فيصلو ٿي سَگهي.
ناول ’اَسين جيئرا آهيون‘ خوبصورتيءَ سان ترجمو ڪيو ويو آهي، جيڪو هن صديءَ جو اِنساني جياپي لاءِ جاکوڙ جو سَچو واقعو آهي. ناول ۾ اُن بدنصيب جھاز جو ذڪر آهي، جيڪو 10 آڪٽوبر 1976ع يوراگوئي جا ڪجهہ رانديگر کڻي چِليءَ ڏانھن رَوانو ٿيو ۽ پوءِ دُنيا جي خطرناڪ ترين علائقي اينڊيز ۾ حادثي جو شڪار ٿي ويو. اَرجنٽينا، چليءَ ۽ يوراگوئي جي کوجين، جھاز ۽ مسافرن کي ڏاڍو ڳوليو، ليڪن آخر ڪيستائين....؟ ۽ پوءِ اُنھن بدنصيب اِنسانن کي زندہ هُئڻ جي باوجود مُئل قرار ڏئي ڇڏيو ويو ۽ ٻئي طرف زندگيءَ جي جاکوڙ جاري رهي. پنھنجن مُئل ساٿين جو گوشت بہ جياپي لاءِ واپرائڻو پيو ۽ نيٺ 44 مسافرن منجهان 16 ڄڻن موت کي شِڪست ڏِني ۽ زندگيءَ ڏانھن قدم وَڌايو.
سچ تہ محمود مغل واقعي جس لھڻي، جو هن هڪ سَچي ناول کي پنھنجي ٻوليءَ ۾ آندو ۽ هڪ سادي ۽ عام فھم ۾، جيئن هر ماڻھو هن ناول کي پڙهي سَگهي. ٻوليءَ سان بہ محمود مغل سُٺيءَ طرح اِنصاف ڪيو آهي ۽ اُنھن جياپي جي جاکوڙين جون تصويرون پڻ هن ناول جو سينگار آهن. محترم محمود مغل جي ڪاوشن سان گڏ محترمہ نذير ناز کي بہ جس هجي، جو هن هيڏي ساري ڪتاب تي ڳاٽي ٽوڙ خرچ ڪيو ۽ سُھڻي نموني سان ’ناري پبليڪيشن‘ پاران ڇپائي پڌرو ڪيو.
ناول ’اَلائيو‘، جنھن تي فلم بہ ٺھي چُڪي آهي ۽ هاڻي ’اَسين جيئرا آهيون‘ جي نانءَ سان اوهان جي هٿن ۾ آهي. هيءَ جاکوڙ چاهي اُنھن رانديگرن جي هُجي يا محمود مغل جي، وسارڻ جوڳي ناهي.

]ڇپيل: روزاني ’عوامي آواز‘ ڪراچي، 24 جولاءِ 1993ع[

اسين جيئرا آهيون (رابيل شر)

محمود مغل سنڌي ٻوليءَ جو هڪ مشھور نوجوان ڪھاڻيڪار آهي. هيل تائين هن جا ٻہ ڪھاڻين جا مجموعا ۽ هڪ ناول ڇپجي چڪا آهن. هيءَ ڪتاب سندس ترجمي ۾ پھريون وڏو تجربو آهي.
بوراگوني، ڏکڻ آفريڪا کنڊ جو هڪ ننڍڙو ملڪ آهي جيڪو ”پلاٽي“ نديءَ جي الھندي ڪناري، برازيل ۽ ارجنٽائن جي وچ ۾ قائم آهي. هن ملڪ جي رهواسين پھرين پنھنجي آزاديءَ جي لاءِ برازيل ۽ ارجنٽائن سان ويڙھہ ڪئي ۽ پوءِ وري ملڪ جي ٻن وڏين پارٽين جي وچ ۾ ويڙھہ جو شڪار ٿي ويا. 1904ع ۾ هن ملڪ ۾ جمھوريت قائم ٿي جيڪا ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين هلندي رهي. پر 1950ع کان ملڪ جي معاشي حالت خراب ٿيڻ لڳي. بيروزگاري ۽ واندڪائي سماجي اڻ برابريءَ کي جنم ڏنو. ان سڄي عمل جي نتيجي ۾ هڪ گوريلا انقلاب جي راھہ هموار ٿي ۽ ”توڀا ماروس“ نالي هڪ گروپ اهو انقلاب برپا ڪيو، جنھن کي پوءِ حڪومت فوج جي مدد سان هميشہ لاءِ خاموش ڪري ڇڏيو. هي ڪتاب انھيءَ ملڪ جي ڪھاڻي آهي، جنھن کي محمود مغل تمام سولي نموني ترجمو ڪري اسان تائين پھچايو آهي. ڪتاب ”اسين جيئرا آهيون“ زندگيءَ جي هڪ اتفاقي مھم جوئي آهي. 10 آڪٽوبر 1972ع تي يوراگوني ملڪ جا ڪجهہ رانديگر چليءَ جي ملڪ ڏانھن راند کيڏڻ لاءِ هوائي جھاز وسيلي اڏاڻا تہ کين ان ڳالھہ جو ذرو بہ احساس ڪونہ هو تہ ايندڙ ڪجهہ ڪلاڪن اندر، قدرت ساڻن اهو سڀ ڪجهہ ڪرڻ واري آهي، جنھن جو منظر انھن ڪڏهن خواب ۾ بہ نہ پَسيو هو. سندن هوائي جھاز دنيا جي هڪ خوفناڪ جڳھہ ”ائنڊس“ جي علائقي ۾ حادثي جو شڪار ٿي ويو. ارجنٽائن، چلي ۽ يوراگوني جي جھازن پاران ڳولا ڪئي ويئي پر انھي بدقسمت جھاز ۽ ان ۾ سوار رانديرن جو ڪوبہ پتو پئجي نہ سگهيو. آخرڪار سڀني کين گم ٿيل تصور ڪري، وڌيڪ ڳولا ڪرڻ ڇڏي ڏني. اهڙي نموني برف جي دنيا ۾ ٻاهتر ڏينھن تائين ڀٽڪندي 41 ڄڻن مان 16 ڄڻا زندھہ بچي سگهيا. انساني آباديءَ تائين پھچڻ ۾ هنن ڪيترائي ڏکيا ڏينھن ڏٺا. جتي سفيد برف کان سواءِ ٻيو ڪجهہ بہ نہ هو. هن ڪتاب ۾ سخت سرديءَ جي تڪليفن کان وٺي انساني گوشت کائڻ تائين جا ڇرڪائيندڙ واقعا ڏنل آهن. مان سمجهان ٿو تہ هن ڪتاب کي شروع کان آخر تائين پڙهڻ کان سواءِ رهي نہ سگهبو. هن ڪتاب ۾ مختلف يادگار تصويرون بہ ڏنل آهن. هيءَ ڪتاب موضوع جي لحاظ کان دلچسپ آهي.

]ڇپيل: هفتيوار ’سنڌو‘ 20 جنوري 1993ع [

اسين جيئرا آهيون: محمود مغل جو ترجمو ڪيل ناول (قادر ڪنڌر)

’اسين جيئرا آهيون‘ سنڌي ٻوليءَ جي نامياري ڪھاڻيڪار، شاعر، ناول نگار ۽ ڊراما نگار، ڊاڪٽر محمود مغل ترجمو ڪيو آهي. آپا نذير ناز، ’ناري پبليڪيشن حيدرآباد‘ پاران ڇپائي پڌرو ڪيو آهي.
هي ناول، هڪ سچو ۽ حقيقت تي مبني داستان آهي. جڏهن يوراگوئي ملڪ جا ڪجهہ رانديگر هوائي جھاز ۾ سوار ٿي راند لاءِ روانا ٿيا ۽ جھاز جڏهن دنيا جي خطرناڪ ترين علائقي ائنڊز ۾ پھتو تہ حادثو پيش آيو. جھاز تباھہ ٿي ويو. ڪجهہ ماڻھو موقعي تي ئي فوت ٿي ويا ۽ ڪجهہ ماڻھو بچي ويا. ائنڊز جيئن تہ هڪ برفاني علائقو هو جتي رڳو برف ئي برف هئي. ساوڪ جو تہ نالو نشان ئي نہ هو. بچيلن اتي پنھنجي جياپي لاءِ جاکوڙ شروع ڪئي. کين اتي ڪيترين ئي مشڪلاتن کي منھن ڏيڻو پيو. سخت سرديءَ ۾ هنن لاءِ زندہ رهڻ تمام ڏکيو هو. کين کائڻ لاءِ بہ ڪجهہ نہ بچيو هو. حادثي ۾ جيڪي بچي ويا انھن کي زندھہ رهڻ لاءِ خوراڪ جي سخت ضرورت هئي. بچيلن نيٺ اهو فيصلو ڪيو تہ هو مئلن جو گوشت کائي، پنھنجي جياپي جي جنگ وڙهندا ۽ هو پنھنجي دوستن، عزيزن ۽ پنھنجي پيارن جو گوشت کائي موت سان مقابلو ڪندا رهيا.
هنن جي ڪافي ڳولھا ڪئي پر ڪابہ خبر نہ پئي. نيٺ کين گم ٿيل تسليم ڪري امدادي ڪم بند ڪيا ويا. 44 مان رڳو 16 سورنھن ماڻھو زندہ بچيا، آخر ٻن ڄڻن، انساني وستيءَ جي ڳولھا ڪئي ۽ نيٺ آخر اڻانگو سفر طئي ڪري هو هڪ انساني وستي ۾ پھتا.
هي ناول هن صديءَ جي وڏي ۾ وڏي ۽ ڪڙي حقيقت آهي ۽ هي بھادريءَ جو داستان آهي. ڊاڪٽر محمود مغل هن کي تمام سٺي نموني ۽ مھارت سان ترجمو ڪيو آهي. ناول پڙهندي ڪٿي بہ اهو احساس نٿو ٿئي تہ ڪو هي ترجمو ٿيل آهي.
جيڪڏهن اهو ظاهر نہ ڪجي تہ هي ترجمو ٿيل آهي تہ اها بلڪل بہ خبر نہ پوندي تہ ڪو هي ترجمو ٿيل آهي. ائين لڳندو ڄڻ هي اسان جي سنڌي ٻوليءَ ۾ ئي لکيو ويو آهي. هي ناول ايڏو تہ دلچسپ آهي جو ڪوبہ هن کي پڙهڻ شروع ڪندو تہ هن کي مڪمل ڪرڻ کان سواءِ نہ ڇڏيندو.
اسان محمود مغل جي هن ناول مان ڪجهہ ٽڪرا هتي پڙهندڙن لاءِ شايع ڪري رهيا آهيون.
منھنجي پياري روزينہ.
مان هي سٽون توڏي جھاز ۾ ويٺي لکي رهيو آهيان!
(جيڪو هن مھل اسان جي پسنديدہ هوٽل آهي) هن مھل سج لھي پيو ٿو ۽ ٿڌي هوا جو زور وڌي ويو آهي. جيڪو روزانہ تقريباً ائين ئي ڪندو آهي.
اڄ موسم ڏاڍي سٺي هئي. سج ڀرپور چمڪيو ۽ خوب گرمي ڏنائين ۽ مون کي توسان، سامونڊي ڪنارن تي گذاريل ڏينھن ياد اچي ويا، انھن ڏينھن ۽ اڄوڪي ڏينھن ۾ اهو ئي فرق هو تہ تڏهن پاڻ ٻنپھرن جو تنھنجي گهر ماني کاڌي هئي ۽ اڄ مون جھاز جي ٻاهر، بکئي پيٽ سان موسم جو مزو ورتو.
اڄ، سڀ کان خاص ڳالھہ اها هئي تہ ڪيترائي ڄڻا همت هاري ويٺا آهن. (هتي اسان کي اڄ ڏھہ ڏينھن پورا ٿيا آهن) پر خوش قسمتي سان اها بيماري مون تائين نہ پھتي آهي. ڇاڪاڻ تہ مان هڪدم توسان وري ملڻ جو سوچي تازو توانو ٿي ويندو آهيان. سڀني کي مايوس ڪندڙ هڪ مسئلو اهو بہ آهي تہ ڪجهہ دير ۾ اسين سڀ کاڌو خلاص ڪري وينداسين، اسان وٽ هن مھل صرف سامونڊي خوراڪ جا ٻہ دٻا (ننڍا)، اڇي شراب جي هڪ بوتل ۽ تمام ٿوري چيري برانڊي بچيل آهي. جيڪا چوويھن مردن لاءِ ڪجهہ بہ ناهي (هتي آهن سڀئي تقريباً ڇوڪرا پر پاڻ کي مرد سڏائڻ ٿا گهرن.)
هڪ شئي جيڪا توکي عجيب لڳندي ۽ جنھن تي مون کي بہ اعتبار ڪونھي تہ اڄ اسان پنھنجي خوراڪ لاءِ مُردن کي ڪپڻ شروع ڪيو. ان کان سواءِ ٻيو حل بہ تہ ڪونھي. مون دل سان ڌڻيءَ در اها دعا گهري هئي تہ اهڙو ڏينھن ڪڏهن نہ اچي. پر اهو اچي ويو ۽ اسان کي هاڻي همت ۽ يقين سان ان کي منھن ڏيڻو آهي. يقين ان ڪري لکيو اٿم، ڇاڪاڻ تہ مون کي پڪ آهي تہ خدا، انھن کي رکيو ئي اسان لاءِ آهي، باقي جيستائين روح جي ڳالھہ آهي تہ مان ڪو دلير ماڻھو تہ ناهيان، پر جي اهڙو ڪو وقت اچي جو منھنجو بدن ڪنھن جي جان بچائڻ جي ڪم اچي تہ مان هوند خوشيءَ سان اهو سندس سامھون رکان.
مون کي اها خبر ناهي تہ پاپا، تون ۽ ٻارڙا، ان ڳالھہ کي ڪيئن وٺو، پر توکي اها خبر نہ هوندي تہ توهان جي ڏکن جو سوچي مان ڪيڏو نہ پريشان ٿي ويندو آهيان. مان ڌڻيءَ در دعاڳو آهيان تہ توهان کي صبر ڏئي ۽ اسان کي همٿ ڇاڪاڻ تہ همٿ ئي هتان نڪرڻ جو آخري ذريعو آهي. مون کي پڪ آهي تہ جلد ئي هر ڪنھن لاءِ خوشگوار پڄاڻي سامھون ايندي.
مون کي ڏسي تون يقيناً ساڪت ٿي ويندينءَ. مان ڏاڍو ميرو ٿي ويو آهيان. ڪجهہ سنھڙو، ڪجهہ عجيب، ڏاڙهي وڌي وئي اٿم ۽ مٿي تي ڦاڙ اٿم (جڏهن تہ سيني جو ڦاڙ ڀرجي چڪو آهي) ۽ هڪ ننڍڙو زخم بہ جيڪو اڄ ڪئبن صاف ڪندي رسيم، تنھن کان سواءِ ٻانھن ۽ ٽنگن تي ڪيترا چيرا آهن، پر انھن سڀني جي باوجود مان بلڪل ٺيڪ آهيان.

]ڇپيل؛ ’ڪاليج مئگزين مسلم سائنس ڪاليج حيدرآباد‘، جولاءِ 1993ع[

سرءُ

---

سرءُ (فضل احمد بچاڻي)

ٽماهي ’سنڌ: سرءُ‘ ۾، مند آهر نانوَ سان هن ڀيري ناوليٽ جي شڪل ۾ هڪ بھترين ۽ ڀرپور شئي پيش ڪئي اَٿوَ. اُن کي هڪ اَعليٰ معيار جو اَدب پارو چئي سَگهجي ٿو. ليکڪ جي اُنھيءَ مھارت ۽ ڪاريگريءَ جو داد ڏِيڻو پوندو، جو هڪ طويل تحرير جي سلسلي کي اَهڙيءَ طرح نڀايو اَٿس، جو شروع کان آخر تائين اُن جي حَسِين، جذباتي ۽ جمالياتي تسلسل کي ڪِٿي بہ ٽُٽڻ توڙي معطل ٿيڻ نہ ڏِنو اَٿس، نہ جذبات ۽ اَحساس جي بروقت ۽ برمھل اِظھار ۽ اُپٽار ۾ ڪِٿي ڪا خطا کاڌي اَٿس، نہ ڪِردارن جي ذهني ۽ اَحساساتي سطح ۾ ڪِٿي ڪا اُوچ نيچ جي ڀُل ڪئي اَٿس. اَهڙي مھارت تمام ٿورن ليکڪن کي نصيب هوندي آهي. واقعاتي ۽ حادثاتي موڙن ۽ تبديلين جو هن ناوليٽ ۾ ڪِٿي بہ رُونما نہ ٿيڻ جي باوجود وارتا جي دلچسپي شروع کان آخر تائين برقرار رهي ٿي. توڙي جو نھايت خوبيءَ سان عام اَنساني گهريلو، سَماجي، نفسياتي معاملن جي هڪ نازڪ شعوري پھلوءَ کي هڪ طويل تحرير ۾ نڀائڻ بہ بيشڪ ليکڪ جو ڪمال آهي.
هاڻي ڪجهہ اُنھن خامين جو ذڪر ڪجي، جن سَبب هي بھترين اَدب پارو piece of literature هڪ عمدو شاهڪار master piece بڻجڻ کان رهجي ٿو وڃي.
1. سَڄي ئي تحرير اُردو طرز ۽ اَسلوب ۾ لِکيل آهي، جيئن ڪنھن سنڌي ڄاڻندڙ اُردودان اُن کي سنئون سِڌو اُردوءَ تان ترجمو ڪيو هجي، پر پوريءَ طرح ڪامياب نہ ٿيو هجي. اُن لاءِ ليکڪ وٽ ضرور ڪو سبب هوندو. سنڌي اَکرن جا تہ هڏَ گُڏَ ڀڃي، اُنھن کي اُردو بڻايو ويو آهي، پر گهڻن هنڌن تي خود اُردوءَ جا جملا ئي غلط لِکيا ويا آهن، مثال طور هڪ هنڌ ’ديدہ و دل فرش راه‘ جي بدران ’ديدءِ دل فرش و راه‘ لِکيو ويو آهي. اِها اُردوزدہ سنڌي گهڻو تڪرار ٿي پيدا ڪري. ڪردارن جا نالا ئي غير سنڌي ٿا لڳن. ڪيترا اُردوءَ جا مرڪب لفظ ۽ جُملا سنڌيءَ ۾ اَچي ڪجهہ اَهڙا بگڙيا آهن، جو نہ سنڌي ٿا لڳن، نہ اُردو. اَهڙي ٽيڪنيڪي غلطين سان سَڄو ناول ٻُٽيو پيو آهي.
2. اَنگريزي لفظن جي هيڪاندي ڀرمار مان ظاهر اِيئن ٿو ٿئي تہ ليکڪ خود بہ اِظھارِ بيان جو ڪو ٻيو ذريعو اِختيار ڪرڻ کان قاصر آهي. نہ تہ ڪردارن کي گهڻو ترقي يافتہ، تعليم يافتہ ۽ گهڻو سُڌريل گهراڻو ڏيکارڻ لاءِ هتي چند اَنگريزي اَکرن جو هُئڻ ئي ڪافي هو. جيئن تہ سَڄو ئي ناوليٽ خود بيانيءَ تي ٻَڌل آهي، اُن ڪري ليکڪ جو اُهو عيب گهڻي قدر لِڪي وڃي ٿو، پر خود ڪردار جي اِظھار ۽ بيان ۾ بہ ايتري گهڻائي اَنگريزي لفظن ۽ جُملن جي ڪي قدر تنفر جو باعث ٿئي ٿي. هڪ هنڌ تہ ‘First and last’ دفعو هٿ ٿو لائيانءِ، ۽ مٿان ئي ”مان ٽڙي اُٿندي آن“ جا اِهي لِکيل ٽي جُملا ئي منھنجن هنن معروضات جو دليل پيش ڪرڻ لاءِ ڪافي آهن.
3.ڪن هنڌن تي ڪي اَهڙيون ڳالھيون آهن، جي وارتا نويسيءَ جي اُصولن کان ٻاهر ٿيون ڏِسن ۾ اَچن. مثال طور ناوليٽ جي سُورمي تي محبت ايڏي غالب آهي، جو پنھنجون دُعائون بہ محبوبہ جي حُصول لاءِ وقف ڪري ڇڏيون اٿس ۽ اُن ڪري هُو پنھنجي امڙ جي تندرستيءَ لاءِ دُعا گُهرڻ کان بہ نابري واري ٿو ڇڏي. بيشڪ هن کي پنھنجي ماءُ سان محبت جو اِظھار ڪرڻو آهي، پر هن خاص موقعي تي هن کي پنھنجي تعليم يافتہ ۽ آزاد خيال محبوبہ جي نظرن ۾ ڪِرڻ جو بہ اَنديشو ڌارڻو هو. توڙي سندس محبوبہ، سندس اُنھيءَ حقيقت کان اَڃان بي خبر هئي تہ هُو ماءُ کان ايڏو باغي ۽ بدظن يا متنفر آهي. کيسي ۾ سِگريٽن جو دٻو ۽ ماچيس بہ اَٿس ۽ پاڪيٽ ۽ ماچيس بہ. هڪ هنڌ سندس پياري ۽ رازدار دوست علي حَسن جو سندس محبوبہ سان هڪ ئي پلنگ تي ليٽي، هن کي هن لاءِ راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ عجيب ٿو لڳي. اِها ڳالھہ ساڳئي پلنگ تي ليٽڻ بدران ويھڻ سان بہ ٿي سَگهي ٿي يا ٻنھي مان هڪڙو ليٽيل ۽ هڪڙو ويٺل هجي ها تہ بہ مباح هو. ٻنھي جو ئي ليٽي ڳالھائڻ هنن کي ڪجهہ زيادہ ئي آزاد خيال ۽ ڇُڙواڳ ٿو ڏيکاري.
اُنھن ڪوتاهين جي باوجود هي ناوليٽ هڪڙي ڀرپور اَدبي ۽ فني حيثيت رکي ٿو. خاص ڪري شعور ۽ جذبات جي نفسياتي تاڃي پيٽي جي اِنتھائي ڪماليت ۽ هُنرمنديءَ سان رچنا رچي وئي آهي. هن وقت تہ ٻيو ڪوبہ ليکڪ محمود مغل صاحب سان ڀيٽي نٿو سَگهجي.

]ڇپيل: ٽماهي ’سنڌ‘ شمارو: سرءُ، 1983ع [

لکڻ جي رواني ۽ محمود مغل (سرور نواز ٻُگهيو)

محمود مغل جي ناوليٽ لاءِ ڇا چئجي؟
جنھن وقت مون اُهو ناوليٽ پئي پڙهيو، اُن وقت مان بس ۾ سَوار هيس، ڳوٺ پئي ويس. سو ناوليٽ بہ پڙهندو پئي ويس ۽ روئندو بہ ويس ۽ منھنجو اُهو روئڻ ڪافي ماڻھن ڏِٺو هوندو، ڇو تہ مون کي تجربو آهي تہ بس ۾ جڏهن ڪو ماڻھو ڪتاب پڙهندو آهي، تڏهن اُن کي ڪافي ماڻھو ڏِسندا آهن. ڪڏهن دل ۾ خيال پئي آيو تہ محمود مغل سان دوستي رکڻ گُهرجي. ڪڏهن سوچيم پئي تہ ڏس تہ ويچاري سان ڪيڏي ٽريجڊي ٿي آهي ۽ وري بہ جيئي پيو. شاباس آهي سندس همتن کي. ڪڏهن سوچيان پيو تہ ڌرتيءَ تي بہ عجيب عجيب قِسمن جا ماڻھو موجود آهن.
ناوليٽ ۾ جيڪا خاص ڳالھہ هئي، اُها هئي رَواني ۽ اِئين پئي لڳو، ڄڻ اِهو واقعو تازو ڪالھہ ٿيو آهي. مان تہ اِئين چوندس تہ محمود مغل سنڌ جو وڏو ليکڪ آهي.

]ڇپيل: ٽماهي ’سنڌ‘ شمارو: سرءُ، 1983ع [

هَٿَ ريکائن کان خالي

---

هَٿَ ريکائن کان خالي (سيد ظفر حسن)

سنڌ ۾ ناول لِکجي ئي ڪونہ ٿو ۽ جڏهن ڪو ورهين کان پوءِ ڪو ناول لِکجي ٿو تہ اُهو هڪ اَهم واقعو بڻجيو وڃي.
آءٌ سَمجهان ٿو تہ ماڊرن ناول تہ مورڳو نہ پيو لِکجي. ويجهڙائيءَ ۾ جيڪو ناول آيو هو، سو ملڪ آگاڻيءَ جو ’نيروليءَ جو ڪُن‘ هو ۽ اُن ناول کي بہ آئي ورهيہ ٿيا ۽ هاڻي 1991ع ۾ محمود مغل جو ناول ’هٿَ ريکائن کان خالي‘ اَلاءِ ڪيتري وقت کان پوءِ آيو آهي. ’ساهُہ مٺِ ۾‘ (ماڻڪ)، ’رهجي ويل منظر‘ (طارق عالم) ۽ ’نيروليءَ جو ڪُن‘ (ملڪ آگاڻي) جي تسلسل ۾ هي محمود مغل جو ناول چوٿون ناول آهي، جيڪو سنڌ ۾ ماڊرن ناول جي ويجهو اَچي ٿو.
هي ناول بہ هڪ طرح سان ماڊرن گهٽ، پر رومانٽڪ وڌيڪ آهي، پر اُن ۾ ناول کي جيڪا ڳالھہ هڪ معيار تي آڻي ٿي، اُها مغل جي اِسٽائيل (اَسلوب) آهي. آءٌ اِن راءِ جو آهيان تہ ساهتي لِکڻيءَ کي مواد (content) جي ڀيٽ ۾ اِسٽائيل وڌيڪ معياري بڻائي ٿي ۽ مغل جي اِسٽائيل دل جي گهِرائين مان نڪتل آهي، جا پڙهندڙ جي دل کي هڪدم ڇُھي وٺي ٿي ۽ ڪردار جيئرا جاڳندا محسوس ٿين ٿا، اِها ئي هن ناول جي هڪ خوبي آهي.
پر هتي هن ناول کي ناول چوڻ بدران اَڃا بہ مان ناوليٽ چوندس، جيتوڻيڪ ڪھاڻيءَ جو تاڃي پيٽو ناول وارو آهي، پر مون محسوس ڪيو تہ ناول کي ناول بڻائڻ بدران لکندڙ ڪجهہ جلدي ختم ڪري مختصر ڪيو آهي.
هن ناول جو پسمنظر، ٻن نوجوانن جي محبت (Teenage love) آهي، جيئن ’رهجي ويل منظر‘ هو، پر مغل پنھنجي لِکڻيءَ ۾ ايترو داخلي (subjective) نہ آهي، جيترو طارق عالم هو، پر اُن جي باوجود مغل جي اِسٽائيل ناوليٽ جي ٿيم (موضوع) کي زبردست هٿي ڏِني آهي. مغل جي ناول جو مُکيه ڪردار جيئن تہ ’فرسٽ پرسن‘ ضمير متڪلم ۾ آهي ۽ اُن مان ڪافي داخلي جذبا اُڀرن ٿا تہ بہ آءٌ سَمجهان ٿو تہ اُن ۾ اَڃا بہ وڌيڪ گُنجائش هئي. ٿي سَگهي ٿو تہ پڙهندڙ اُن سان سھمت نہ هجي، پر منھنجي اِها ذاتي راءِ آهي، ڇو تہ مُکيه ڪردار ’هاديءَ‘ جي پيڙائن ڀريل ڪردار ۾ جيترو ڏُک ۽ محروميون ڏيکاري وئي آهي، تنھن جا ڪارڻ ايترا پاورفل نہ آهن.
هن ناوليٽ جي مُکيه خوبي لِکڻ جي اِسٽائيل کان پوءِ بھرحال معصوم ۽ سادي جذبن جي پريت آهي، جا ٽنھي مُکيه ڪردارن ۾ پنھنجي پنھنجي جاءِ تي ڀرپور آهي، پر آءٌ سَمجهان ٿو تہ مغل، ناول ۾ ٽئين ڪردار کي متعارف ڪرائڻ ۽ اُن کي تڪميل تي پھچائڻ ۾ ٿوري تڪڙ ڪئي آهي. جيڪڏهن ٽيون ڪردار زاهدہ شروع کان متعارف ڪرايل هُجي ها ۽ اُها پسمنظر ۾ جلندي هلي ها ۽ پوءِ آخر ۾ اُڀري اَچي ها تہ منھنجي ويچار ۾ وڌيڪ سڀاويڪ لڳي ها.
هاديءَ جي زاهدہ سان محبت، همدردي وڌيڪ آهي ۽ خود هاديءَ کان فوزيہ جي ڏُور وڃڻ ڪري هڪ ’خال‘ جو پورائو ٿي لڳي ۽ جيئن عام طرح ماڻھو محبت جي ناڪاميءَ کان پوءِ Rebuond جي طور ٻي محبت يا شادي ڪري وجهندو آهي ۽ هن ناول ۾ هاديءَ جي ايڪسيڊنٽ وارو واقعو هڪ اَهم واقعو هو، جنھن کان مغل فائدو وٺي نہ سَگهيو ۽ منھنجو ذاتي خيال آهي تہ ايڪسيڊنٽ واري واقعي کي ايڪسپلائيٽ نہ ڪرڻ ڪري ئي هي ناول، ناوليٽ بڻجي پيو آهي، نہ تہ هن ۾ ناول هُجڻ جا سڀ جُزا موجود آهن.
هن ناول جي سڀ کان وڏي خوبي مغل جي لِکڻ جي اِسٽائيل آهي، پر جتي ڊائلاگن ۾ مغل پنھنجي صلاحيتن جو ڀرپور اِستعمال ڪيو آهي، اُتي هن narative (بياني) حِصن ۾ نہ ڪيو آهي. بياني حِصو گهٽ هُئڻ ڪري ناول جو ڪلچرل پسمنظر پيدا نہ ٿي سَگهيو آهي، جيڪو هڪ سھيوڳي (contemparay) لکڻين لاءِ نھايت ضروري آهي.
مغل، ڪھاڻيون بہ لِکيون آهن ۽ هي سندس پھريون ناول آهي ۽ آءٌ سَمجهان ٿو تہ جي مغل ٻيو ناول لِکيو تہ اُهو اَڃا بہ وڌيڪ معياري هوندو، ڇوتہ هن ۾ لِکڻ جي جيڪا اَعليٰ اِسٽائيل آهي، سا سھيوڳي لِکندڙن ۾ تمام گهٽ لکندڙن ۾ آهي ۽ مون کي پڪَ آهي تہ هي ناول ’هٿَ ريکائن کان خالي‘ سنڌي ماڊرن لِکڻين ۾ هڪ اَهم جاءِ والاريندو ۽ ’پيار ۽ سپنا‘ (قاضي خادم)، ’ساهُہ مُٺِ ۾‘ (ماڻڪ)، ’رهجي ويل منظر‘ (طارق عالم)، ’نيروليءَ جو ڪُن‘ (ملڪ آگاڻي) جي صف ۾ سَمجهڻ گُهرجي.
تنھن کان سواءِ ڪجهہ نظرون سندس ڪھاڻين جي مجموعي تي بہ وجهون ٿا. محمود مغل پنھنجي پھرئين مجموعي ۾ اِهو ثابت ڪيو آهي تہ هن ۾ پنھنجي ماحول جي مشاهدي جي اُها قوت موجود آهي، جيڪا ننڍين ننڍين ڳالھين ۽ واقعن کي پَسي ٿي. هن نہ رُڳو پنھنجو پاڻ سان واسطو رکندڙ ماڻھن، پر هن اُنھن ماڻھن جي جِيوَت جي جهلڪ بہ چِٽڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جي هن کان ڄمار، تجربي ۽ ڌنڌن کان بلڪل اَلڳ آهن.
مغل کي ڪھاڻي لِکڻ جو ڏانءُ اَچي ٿو ۽ هُن مختصر لفظن ۾ اهو تاثر ڏِيڻ ۾ سَڦل ويو آهي، جِتي ڪھاڻيءَ جو ڊگهو ٿيڻ ٿڪائيندڙ ٿو لڳي. اِهو ئي ڪارڻ آهي، جو سندس ڳنڀير موضوع وارين ڊگهين ڪھاڻين جي ڀيٽ ۾ هن جون معمولي واقعن ۽ اَحساسن تي ٻَڌل مختصر ڪھاڻيون ’جُهونا مارڪيٽ ۾ ٻہ جهونا ماڻھو‘، ’شڪست‘، ’ٻَل‘، ’سُتل سُور‘ نہ رُڳو حقيقت واري، پر فنائتَي لحاظ کان مڪمل آهن.
محمود مغل اسان جي نئين ڪھاڻيءَ ۾ سِڌي سنئين پلاٽ ۽ موضوع جي لحاظ کان ڪھاڻيءَ جي اوسر جي تسلسل کي برقرار رکيو آهي ۽ هُو بلاشڪ معمولي واقعن ۽ اَحساسن تي ٻَڌل ڪھاڻيڪارن جي اَقليت ۾ نمايان ماڳ حاصل ڪندو.

]1992ع [

خليل جبران کان محمود مغل تائين (تاج بلوچ)

بيروت (لبنان) انھيءَ شخص جي جنم ڀومي آهي، جنھن دنيا جي بي انت زبانن ۽ دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جي سوچيندڙن جي دلين ۽ ذهنن ۾ پنھنجي ڏاهپ ۽ ڏات سان ٽمٽار لکڻين وسيلي وڏو اتساھہ قائم ڪيو. ننڍن ننڍن ۽ تکن، رومانيت سان ڀرپور جملن ۽ احساسن جي پالوٽ، هر ڌڙڪندڙ دل تائين پھچائي. موھہ ۽ پاٻوھہ جي ڪرشمن ۽ جلون کي، پنھنجي پُرنور پلڪن تي پکيڙي هر ڪاري رات ۾، هن جو فڪر، هر ليکڪ لاءِ هڪ عميق تجربو بڻجي، روشن ڇانورن جون قطارون قائم ڪريو ڇڏي.
منھنجي ذهن جي افق تي، جيڪڏهن ٻاهرين ڪائنات منجهان ڪي چنڊ ۽ ستارا اوهان کي نظر اچن تہ، منھنجي محبوب دوست، استاد ۽ قلمڪار خليل جبران جو خوبصورت عڪس، ڪا من موهيندڙ تصوير ۽ جهريل جِيوَن کي سھارو ڏيندڙ، ڪو سگهارو مڪالمو ضرور محسوس ٿيو هوندو.
جبران، جڏهن ڳڀرو هو، تڏهن کيس، بيروت جي هڪ خوبصورت ڇوڪري سلميٰ ڪرامي سان پيار ٿي پيو هو. جبران انھيءَ پيار جي ناڪاميءَ جو، ڏاڍي خوبصورت ۽ دل ڀڄائيندڙ نوع ۾ ذڪر ڪيو آهي. ’The Broken wings‘ جبران جي سچي پيار جي ڪٿا آهي.
بيانيہ انداز ۾ لکيل اهو ناول، ڏهن مختصر مختصر بابن تي ٻڌل آهي، جنھن کي جبران، وڏي فنڪاريءَ ۽ مھارت سان، هڪ دکدائڪ موڙ تي پھچايو آهي.

مھڙ:
”حوا پنھنجي خواهش موجب آدم کي بھشت مان ٻاهر آندو، جڏهن تہ سلميٰ وڏيءَ هيج منجهان، پنھنجي اٿاھہ حُب ۽ اُڪير سان مون کي پيار جي جنت ۾ آندو...“
جبران، چمڪندڙ تلوار جي ڳالھہ ڪئي آهي، جنھن آدم کي جنت منجهان ۽ جبران کي پيار جي جنت منجهان تڙي ڪڍيو ۽ ٻنھي ڄڻن ڪنھن بہ حڪم جي نافرماني نہ ڪندي بہ، نہ رڳو هڪ کي جنت مان تڙي ڪڍيو ويو، پر ٻئي ڄڻي کي تہ، منع ڪيل وڻ جي ميوي چکڻ جو بہ موقعو نہ مليو.

وچ ۽ انت:
ظالم سماج... رنڊڪون... وڇوڙي جا ڏنجهہ ۽ ڏنڀ... سلميٰ ڪرامي جي هڪ خوشحال ماڻھوءَ سان شادي... پنجن سالن تائين ڳورهاري نہ ٿيڻ... مڙس جي نفرت جي انتھا... ۽ پوءِ سلميٰ جو ڳورهارو ٿيڻ، پٽ جو ڄمڻ... ڄمڻ کان پوءِ مري وڃڻ ۽ ٻنھي جو بيروت جي هڪ قبرستان ۾ ساڳي تابوت ۾ دفن ٿيڻ... ان مرحلي تي، جبران قبر کوٽيندڙ کان سلميٰ جي پيءُ جي قبر جو پڇي ٿو.
”توکي ياد آهي... فارسن آفندي ڪرامي ڪٿي پوريل آهي؟“
گورڪن ڪجهہ لحظن تائين، ڏانھنس نھاري، سلميٰ جي قبر ڏانھن اشارو ڪري چوي ٿو: ”بنھہ هن جاءِ تي... مون فارس جي قبر مٿان، سندس ڌيءَ کي ۽ ڌيڻس جي سيني تي سندس پٽڙي کي دفنايو ۽ مٿانئن هن ڪوڏر سان مٽي ورائي ڇڏي.“
”تو هن قبر ۾، منھنجي دل بہ دفنائي ڇڏي آهي.“ جبران چئي ٿو.
گورڪن، جڏهن صنوبر جي وڻن جي پويان گم ٿي وڃي ٿو تہ پوءِ جبران ضبط نٿو ڪري سگهي ۽ پاڻ کي سلميٰ جي قبر مٿان اڇلائي ڇڏي ٿو.
اٽڪل پنجاھہ سالن کان پوءِ، هڪ نئين جبران، محمود مغل جنم ورتو آهي، جنھن بيروت جي جاءِ تي، ٽنڊي ڄام کي نئين جُوڻ بخشي آهي.
’هٿ ريکائن کان خالي‘ محمود مغل جو مختصر مختصر ناول آهي... ننڍا ننڍا، تکا ۽ ڏاڍا تخليقي جملا.... هانءُ ۾ چگهہ ڪندڙ جملا... رومانيت سان ڀرپور.... پيار جي درد ۾ وهنتل جملا... دل جي پاتال ۾، مانڌاڻ مچائيندڙ جملا.... هر بيھجي ويل دل جي رفتار کي ڌڙڪائي وجهندڙ جملا.... ٽنڊي ڄام جي گهاٽن گهاٽن، ٿڌي ڇانءَ بخشيندڙ وڻن جيان رنگ برنگي ۽ خوشبو ڏيندڙ جملا.
محمود مغل جو ناول هڪ ساهيءَ ۾ پڙهي پورو ڪيم تہ امالڪ منھنجا هٿ، رئڪ تي رکيل جبران جي انگريزي سيٽ تي وڃي پيا. Broken wings جي ارپنا جبران هيئن ڪئي هئي؛
To The One
Who stares at the sun with glazed eyes and grasps the fire with unscrambling fingers and hears the spiritual tune of Eternity behind the glamorous shrieking of the blind to M.E.H.
محمود جي ارپنا بہ ڏاڍي تڙپائيندڙ ۽ آفاقي آهي؛
”انھن جي نالي، جيڪي واپس ورڻ ۾ الاهِي دير ڪري ڇڏيندا آهن.“
’بروڪن ونگس‘ ۽ ’هٿ ريکائن کان خالي‘ ۾ فرش ۽ عرش جو فرق آهي... پر جذبا، اڌما ۽ پيار جو درد ساڳيا آهن. جبران جي سلميٰ مجبور ۽ مظلوم آهي... ڏکن جي ڏڌل آهي... وفاشعار ۽ خوبصورت ۽ تخليقي ڇوڪري. مذهبي ساڃاھہ رکندڙ. سونھن ۽ قدرتي نظارن کان حظ حاصل ڪندڙ.... بالغ نگاھہ. دردمند دل جي مالڪ ۽ مستحڪم مزاج... رڳو ويھن سالن جي ڄمار ۾... سو بہ جبران هن جي سونھن جي هڪ جملي ۾ وڏي واکاڻ ڪري وڃي ٿو:
Salma was slender as a ray of moonlight coming through the window.
جبران سچ تہ ڏاڍي ڪاريگريءَ سان کيس کڙڪيءَ مان ڪمري ۾ گهڙي ايندڙ چانڊوڪيءَ جي ڪرڻي جيان محسوس ڪرايو آهي. جڏهن تہ نئين جبران (محمود مغل) جو ڪردار هڪ ويڳاڻي، Isolated نوجوان جو عڪس پيش ڪري ٿو.
ڏسڻ ۾ ڏکويل ۽ اندران کان پيار لاءِ پڄرندڙ هاديءَ جي جِيوَن ۾، فوزيہ، چانڊوڪيءَ جي ڪرڻي جيان، کڙڪي بدران، دروازو ٽوڙي گهڙي اچي ٿي... هادي، مئل ويساھہ سان، ٻڏ- تر جي حالت ۾ ’مھا ڪميڻو‘ بڻجي، فوزيہ جي پيار کي قبول ڪري، پاڻ کي بالغ نظر بڻائڻ جي جاکوڙ ۾، مشڪري بدران، مظلوم نظر اچي ٿو.

شروعات:
محبت پنھنجي فطري ۽ جذباتي سچائي سان چوٽ چڙهندي نظر اچي ٿي. سمورا ڪردار، سچا پچا، جيئرا جاڳندا ڪنھن اجائي ٺاھہ ٺوھہ ۽ ڇنڊ، ڦوڪ کان آجا. هادي لڳاتار، ٻڏ-تر جو شڪار، جڏهن تہ خوبصورت فوزيہ جو پيار، اڳرائيءَ وارو، تکو، برجستو، خوبصورت ۽ مستحڪم ڪري ٿو.

وچ:
فطري مڪالمن جو وهڪرو، هاديءَ جي مجبوريءَ واري دوري ۽ هڪ سطحي واقعي کان پوءِ فوزيہ جي پيار ۾ ماٺار. گهر جي وايو منڊل ۾ جوڳي تبديلي، هاديءَ جي حوالي سان.

انت:
خوبصورت اکين ۽ گهاٽن وارن واري زاهدہ، پيشانيءَ تي وڏو گهاءُ کڻي، هاديءَ جي جِيوَن جي ڪنھن ڪنڊ ۾، ڊسٽ بن طور داخل ٿئي ٿي. زاهدہ جي ٻانھن تہ سڙيل آهي، پر اندر سلامت اٿس ۽ تيز ترار جيان هن جي وجود ۾ گهڙي وڃي ٿي.
هادي آرسيءَ ۾ نھاري ٿو:
”خوبصورت آهين، پر جسماني طور، روحاني خوبصورت محبتون کپائي چڪو آهين. هن جي منھن جو گهاءُ، سندس دل جو کُڏو آهي، جنھن ۾ تو لاءِ محبتون ڀريون پيون آهن... دير نہ ڪر... هي خواب ناهي...“
۽ آخر ۾ هڪ جسماني ڏانگهو، روحاني ڏانگهي کي قبول ڪري وٺي ٿو... ۽ ٻہ مٿا هڪ ٻئي سان ٽڪرائجي وڃن ٿا، لائُن لھڻ جي انداز ۾.

]ڇپيل: روزاني ’عوامي آواز‘ ڪراچي، 9 مئي 1992ع [

هَٿَ ريکائن کان خالي: محمود مغل جو تازو ڇپيل ناول (شگفتہ شاھ)

ناول نگاري، ادب جي اهم ۽ سگهاري صنف آهي. ناول جو اثر، پڙهندڙ تي سنئون سِڌو ۽ دير تائين رهندڙ آهي. سنڌي ادب ۾ اسان جڏهن ناول نگاريءَ جو جائزو وٺون ٿا تہ، خبر پوي ٿي تہ ورهاڱي کان اڳ، ’سنڌي ناول‘ هڪ تسلسل سان ترقيءَ جي منزل ڏانھن وِکَ وڌائي رهيو هو، پر ورهاڱي کان پوءِ ترقيءَ جو اهو عمل سست پوندو ويو. اُن جا سبب پڻ ڪيترا ئي آهن. هڪ سبب تہ اهو هو تہ سنڌي ادب جو هڪ سگهارو حصو، هندو اديبن جو هو. ورهاڱي کان پوءِ هندو اديبن جي لڏپلاڻ سبب سنڌي ادب جي ترقيءَ تي سنئون سِڌو اثر ٿيو ۽ نتيجو اهو نڪتو، تہ سنڌي ادب ۾ ناول نگاريءَ جو عمل پڻ گهٽجي ويو. ناولن جي گهٽ لکجڻ يا ناولن جي کوٽ جو احساس پڻ سڀني اديبن ۽ ادب دوست ماڻھن کي آهي.
ناول نہ لکجڻ جو ٻيو وڏو سبب وقت جي ڪمي پڻ آهي هن نفسانفسيءَ واري دؤر ۾ ناول لکندڙ ۽ پڙهندڙ زندگيءَ جي بي شمار مصروفيتن مان وقت گهٽ ئي ڪڍي سگهن ٿا. معاشي ناآسودگي پڻ اديب کي ناول نگاريءَ کان پري وٺي ٿي وڃي. ظاهر آهي تہ اديب کي پنھنجي زندگيءَ جون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ ڪنھن روزگار سان لاڳو ٿيڻو ٿو پوي، پوءِ روزگار جي انھن مصروفيتن ۽ پريشانين ۾ هُو تخليقي ڪم لاءِ گهٽ وقت ڪڍي ٿو سگهي.
تازو ئي سنڌي ساهت کي، محمود مغل نئين ناول جو تحفو ’هَٿَ ريکائن کان خالي‘ جي نالي سان ڏنو آهي. ان ڏِس ۾ ’ناري پبليڪيشن‘ پڻ مبارڪباد جي مستحق آهي. هن پبليڪيشن وقت بہ وقت سنڌي ادب کي تمام سٺا ڪتاب ڏنا آهن.
’ناري پبليڪيشن‘ پاران ڇپايل ’محمود مغل‘ جو هي ناول، ’هَٿَ ريکائن کان خالي‘ خوبصورت ٽائيٽل ۽ 112 صفحن تي مشتمل آهي. محمود مغل جي تحريرن بابت هڪ ڳالھہ جيڪا مون محسوس ڪئي آهي، اها آهي سندس تحريرن ۾ گهريلو ماحول جو عڪس ملي ٿو. عام طور مرد حضرات، گهريلو ماحول کي خواتين جو ڊپارٽمينٽ سمجهي، پاڻ ان موضوع کان الڳ ئي رهندا آهن ۽ ڏٺو وڃي تہ گهڻي ڀاڱي گهرو معاملن ۽ مسئلن تي عورت ليکڪائن ئي لکيو آهي. جڏهن تہ گهر صرف درن، دريُن، ڀتين ۽ ڇتين جو نالو ئي ناهي، پر هڪ اهڙي اداري جو نالو آهي، جنھن کي عورتون ۽ مرد ملي ٺاهين ٿا. ڇو تہ ’جاءِ‘ جوڙائڻ تہ سوَلو ڪم آهي، پر ’گهر‘ ٺاهڻ تمام ڏکيو آهي. محمود مغل ان ڏِس ۾ مبارڪن لائق آهي، جو هن گهر ۽ گهريلو مسئلن کي صرف عورتن جو ڊپارٽمينٽ نہ سمجهيو آهي، پر گهر جي مسئلن کي عورتن ۽ مردن جي گڏيل مسئلن طور کنيو آهي. گهر، هڪ اهڙو بنيادي ادارو آهي، جيڪو معاشري جي هر هڪ فرد جي شخصيت جي بنيادي اوسر ڪري ٿو، پوءِ گهرو مسئلا ۽ ڪڏهن گهر ۾ رهندڙ ماڻھن جا مختلف روَيا هڪ ننڍي ٻار کي هڪ خاص سانچي ۾ جوڙي راس ڪن ٿا. گهرو معاملن جون گهٽ وڌايون، اُتي پلجندڙ روَين جي پڻ اوساري ڪن ٿيون، نتيجي جي طور تي اهي فرد جڏهن معاشري ۾ عملي قدم رکن ٿا تہ سندن مختلف روَيا سامھون اچن ٿا. ڪي فرد گهرو ماحول مان positive تہ ڪي وري negative روَيا کڻي اچن ٿا.
’هَٿَ ريکائن کان خالي‘ بہ هڪ اهڙي نوجوان جي ڪھاڻي آهي، جيڪو گهر جي گُهٽيَل ماحول ۾ رهي ۽ نفرتون سهِي، پنھنجي ذات جي اندر لڪيَل جواهرن کي کوٽڻ بجاءِ ’منفي روَيو‘ اختيار ڪري ٿو، پوءِ زندگيءَ جا لاها چاڙها، ڪڏهن کيس مثبت سوچ ڏين ٿا تہ ڪڏهن منفي. هي سمورو ناول ان ڪردار جي داخلي جذبن جي عڪاسي ڪري ٿو.
هن ناول جي ڪھاڻي، سِڌي ۽ سوَلي آهي. ٻولي پڻ عام ۽ سوَلي استعمال ڪيل آهي، جنھن کي هر عام پڙهندڙ آسانيءَ سان سمجهي سگهي. ليکڪ پڙهندڙ کي ڏکي ٻولي ۽ نہ سمجهہ ۾ ايندڙ فلسفن ۾ مُنجهائڻ بدران ڳالھہ واضح ۽ آسان ڪري پيش ڪئي آهي.
هونئن تہ هر هڪ ليکڪ زندگيءَ جي معمول جي مسئلن کي پنھنجي پنھنجي اسٽائل ۾ پيش ڪري ٿو ۽ ڪامياب ليکڪ هوندا بہ اُهي آهن، جيڪي روزانہ جي ساڳين ڳالھين ۽ مسئلن جي عڪاسي، نئين طرز تي ڪن ۽ زندگيءَ جي هنن عام مسئلن کي مختلف angles کان focus ڪري پڙهندڙن ڏانھن reflect ڪن. محمود مغل، هڪ پاسي تہ اڄ ڪلھہ جي نوجوانن جي اندر جي بيچيني ۽ frustration جي موضوع تي قلم ڪيو آهي ۽ ٻئي پاسي اها ڳالھہ چوڻ جي ڪوشش بہ ڪئي آهي تہ frustration جا ماريل اهي نوجوانَ مناسب توجھہ ۽ اهميت ملڻ جي ڪري پنھنجي سوچ کي مثبت لاڙو بہ ڏيئي سگهن ٿا.
هي تہ هئا هن ناول جا ڪجهہ تعريفي پھلو، پر ڪجهہ اُڻايون پڻ مون کي هن ناول ۾ محسوس ٿيون. تجسس ۽ حالات جي اوچتي تبديلي، ناول جو اهم جزو هوندي آهي، پر هن ناول ۾ پھرين تہ ڪجهہ تبديليون نظر اچن ٿيون، پر پوءِ مسلسل يڪسانيت جو عمل نظر اچي ٿو. ٻئي پاسي منظرنگاري هن ناول ۾ نظر نٿي اچي. جڏهن تہ منظرنگاري پڻ ناول جو هڪ اهم جزو آهي. ڊائلاگ پڻ گهڻا bold ناهن پر انتھائي عام آهن، جن ۾ گهرائي بنھہ ڪانھي، جڏهن تہ بھترين ڊائلاگَ، ڪھاڻيءَ جي اصل مفھوم کي واضح ڪرڻ ۾ مدد ڏيندا آهن.
هن ناول جي نائڪا (هيروئن) جو روَيو، ناول جي اختتام تائين واضح نہ آهي تہ سندس روَيي بدلجڻ جو اوچتو سبب ڇا هو؟ جڏهن تہ اشارن ۾ اها ڳالھہ ٿيل آهي تہ هن ڇوڪريءَ جو يقينن ڪو اهڙو بئڪ گرائونڊ رهيو آهي، جنھن جي ڪري کيس هاديءَ (نائڪ) جا گهروارا پسند نہ ڪندا هئا ۽ خود هن ڇوڪريءَ جي ماءُ پڻ سندس حرڪتن تي ناراض رهي ٿي، پر جيئن تہ آخر تائين هيروئن جو ڪردار صحيح طور تي واضح نہ ڪيو ويو آهي، ان ڪري ڪھاڻي مُنجهيل ٿي پئي آهي. ان کان علاوہ هن ناول ۾ شروع کان آخر تائين ’رومانيت‘ جو عنصر رهي ٿو. هن ڪھاڻيءَ جا هيرو ۽ هيروئن صرف رومانيت جي دائري ۾ قيد رهن ٿا، جڏهن تہ هادي، جڏهن پنھنجا روَيا positive ڪري ٿو تہ رومانيت سان گڏوگڏ کيس معاشري لاءِ پڻ ڪارآمد ٿيندي ڏيکاريو وڃي ها تہ نوجوان يقينن هن ناول جي اهڙي روَيي مان لاڀ پرائين ها. هُونئن بہ اڄ ڪلھہ جي حالتن ۾ ڌرتيءَ سان محبت سان گڏوگڏ ڌرتيءَ جي جياپي جي جنگ لاءِ جيڪو ڪردار نوجوان کي ادا ڪرڻ گهرجي ان جو درس ڏيڻ اديب جو اولين فرض آهي.
اُميد آهي تہ ليکڪ، جڏهن بہ اڳتي ڪا نئين تخليق پڙهندڙن کي ڏيندو تہ انھن سمورين ڳالھين کي ذهن ۾ رکندا.

]ڇپيل: پندرهن روزہ ’عبرت مئگزين‘ 15 ڊسمبر 1991ع[

’محبتن جا ٻہ ناوليٽ‘ جو جائزو (علي ڏنو جروار)

سنڌ ڌرتيءَ ڪيترائي ليکڪ، ڪھاڻيڪار، شاعر، ڊراما نويس ۽ ڏاها انسان پيدا ڪيا آهن. محمود مغل بہ انھن انسانن مان هڪ آهي، جيڪو هڪ ئي وقت ناول نگار، ڪھاڻيڪار، ڪالم نگار، ڊراما نويس ۽ ڪمپيئر هئڻ سان گڏوگڏ سنڌ يونيورسٽيءَ جو مانائتو استاد پڻ آهي. آتم ڪٿا لکڻ جو فن محمود مغل جي وري الڳ سڃاڻپ آهي. خاص طور هن جي آتم ڪٿا جون جيڪي قسطون ’امرتا‘ ۾ ’اسين ڏاڍو ڪڏهن کِلندا هئاسين‘ جي عنوان سان ڇپيون هيون، اهي وسارڻ جوڳيون نہ آهن.
آئون محمود مغل کي 83-1982ع کان باقاعدگيءَ سان پڙهندو اچان. مون کي سندس خوبصورت لکڻين ڏاڍو متاثر ڪيو آهي. سنڌي ٻوليءَ جي سڀني رسالن ۽ مئگزينن ۾ هن جون لکڻيون ڇپبيون رهيون آهن. ماهوار ’سھڻي‘ کان وٺي ’امرتا‘ ۽ ’عبرت مئگزين‘ تائين سڀئي رسالا سندس لکڻين جي زينت بڻيا آهن. ڪتابي صورت ۾ سندس ڪتاب ’خواب نگر‘، ’اسين جيئرا آهيون‘، ’ڪھاڻين جي اينٿالاجي‘، سندس چونڊ ڪھاڻين جو مجموعو جيڪو 1985ع ۾ ڇپيو، جنھن بھترين ڪھاڻين جو ايوارڊ حاصل ڪيو.
هن مضمون ۾ سندس تازي ڇپيل ڪتاب ’محبتن جا ٻہ ناوليٽ‘ جو ذڪر ڪنداسين. ڪتاب جو نالو بہ ’محبتن جا ٻہ ناوليٽ‘ آهي. جڏهن تہ ناول لکبا ئي محبتن جي باري ۾ آهن. اڪثر ناولن جا موضوع محبتن وارا هوندا ۽ ٻيو وري هن ڪتاب جي ٽائيٽل ۽ بئڪ ٽائيٽل جو رنگ ڪارو آهي. ڪارو رنگ ڏک ۽ وڇوڙي جي علامت سمجهيو ويندو آهي. سندس اهي ناوليٽ اڳ بہ ڇپجي چڪا آهن، پر هاڻ وري ڪتابي صورت ۾ گڏ ڇپيا آهن. اڳ ’سرءُ‘ ڇپيو هو ۽ ان کان پوءِ 8 سالن جي وقفي بعد ’هَٿَ ريکائن کان خالي‘ ڇپيو. اچو تہ انھن جو جائزو وٺون.
هڪ ناول ’سرءُ‘ آهي، جيڪو 1983ع ۾ ٽماهي ’سنڌ‘ ۾ ڇپيو هو، جنھن تي ان وقت جي ليکڪن ۽ پڙهندڙن تمام گهڻا رايا ڏنا هئا. فضل احمد بچاڻيءَ لکيو هو تہ، ”هي ناوليٽ هڪ ڀرپور ادبي ۽ فني حيثيت رکي ٿو. خاص ڪري شعور ۽ جذبات جي نفسياتي تاڃي پيٽي جي انتھائي ڪماليت ۽ هنرمنديءَ سان رچنا رچي وئي آهي.“
ڪتاب جي مھاڳ ۾ ليکڪ پاڻ هڪ هنڌ لکي ٿو تہ، ”ٽي ڏهاڪا اڳ محبتون بہ ساديون سوديون هونديون هيون، ڪو سوشل ميڊيا، ڪو موبائل فون، ملڻ جو ڪو سڌو سنئون ذريعو ڪٿان بہ ليئو پائيندي نظر نہ ايندو هو. محبتن لاءِ محبت ناما ضروري هوندا هئا، جيڪي طويل هوندا هئا.“
’سرءُ‘ ناوليٽ تي سرءُ جي مند جو اثر ڇانيل آهي، پن ڇڻ، وڻن جا سڪي ٺوٺ ٿي ويل پِيلا پَن، پيلاڻ، وڻن جون پنن کان خالي ٿي ويل ٽاريون ۽ انسان جو ڀُريل مَن هڪ جھڙا ئي ڀاسندا آهن. هي ناوليٽ واقعي سرءُ جي موسم جيان ويران ڪندڙ آهي. چوندا آهن تہ محبت ۾ هار جو پنھنجو الڳ سرور آهي. جيت جي خوشي چند گهڙين لاءِ هوندي آهي، پر هار جو اثر انسان جي سڄي زندگي تي ڇانيل رهندو آهي. هن ناوليٽ جو ڪلائيمڪس بہ ڪجهہ اهڙو ئي آهي.
’سرءُ‘ ناول جون سِٽون آهن تہ، ”هنن محبتن ڪرڻ کان پھرين انسان ڪنھن وڃايل ڪُنجيءَ جي بند ٿيل قلف جي ڪٻٽ وانگر هوندو آهي ۽ پوءِ هر محبت ڪندڙ وجود ڄڻ Master key هوندو آهي. هر قلف لاءِ پُڙي، جيئن تو منھنجي تنھائين جو قلف ڀڳو هو.“
محمود مغل جو ٻيو ناوليٽ ’هَٿَ ريکائن کان خالي‘ آهي، جيڪو ’سرءُ‘ جي اشاعت بعد اٺن سالن کان پوءِ ’ناري پبليڪيشن‘ پاران ڇپايو ويو هو. هن ناوليٽ ۾ ليکڪ ڪجهہ هنڌن تي شاعريءَ جون سِٽون بہ شامل ڪيون آهن، جيڪو ڏانءُ سنڌي ٻولي ۾ صرف ’محمود مغل‘ جي حصي ۾ آيل آهي. گهڻو ڪري شاعري، مضمونن ۽ خاڪن وغيرہ ۾ تہ ڏبي آهي، پر ناول ۽ ڪھاڻيءَ ۾ شاعريءَ جو هجڻ ليکڪ جي سگهاري هٿ ۽ قلم جي توسيع ڪري ٿو. ناول ۾ هڪ شعر جون سِٽون آهن تہ:
اندر اُداس هوندو، منظر اداس هوندو،
جيسين ملي نہ سگهيو دلبر اداس هوندو،
مون کي جنھن هو ڌڪاريو، سو در اداس هوندو،
ڪو ديوتا نہ داسي، مندر اُداس هوندو.
مٿيون شعر ۽ ناوليٽ ۾ ڏنل ڪجهہ ٻيا شعر سڄي ناوليٽ جي سونھن آهن. هن ناوليٽ جو موضوع بہ رنگ، اداسي، خواب ۽ موسمون آهن، لڳي ٿو تہ ليکڪ جي زندگيءَ تي موسمون حاوي آهن. هڪ هنڌ هو لکي ٿو تہ، ”مون خواب پئي اُڻيا، منھنجن اکين ۾ وري بہ رنگن لھڻ جي ڪوشش ڪئي پئي.“
ليکڪ جي باري ۾ ’نذير ناز‘ لکيو آهي تہ، ”محمود جيترو سادو، سٻاجهو ۽ کليل انسان آهي، اوترو ئي کليل سندس قلم جو اظھار آهي.“
’هَٿَ ريکائن کان خالي‘ ۾ ٻئي هنڌ هي سِٽون آهن تہ، ”محبتون فاصلن ۽ وقت جي درميان وقفن ۾ ونڊجنديون رهيون. تو مون کي بقول تنھنجي دل جي گهرائين سان گهريو هو ۽ مون پنھنجو هر جذبو ۽ اُن ڪارڻ خلقيل هر رشتو، تو نالي ڪيو هو.“
محمود جا هي ٻئي ناوليٽ گهڻو اڳ لکيل آهن. ’سرءُ‘ 32 سال ۽ ’هَٿَ ريکائن کان خالي‘ 24 سال اڳ ڇپيل آهن، پر اهي پڙهڻ وقت اڄ بہ نوان لڳي رهيا آهن، ڄڻ تازو محمود جي قلم سرجيا آهن. اهو ليکڪ جي قلم جو ڪمال آهي يا وري ڪٿي ائين تہ نہ آهي، جو ’محبتن جا داستان، قصا، ناول ۽ ڪھاڻيون پراڻيون نہ ٿينديون آهن‘ واري ڪٿا آهي. آئون اهو وقت، تاريخ ۽ حالتن جي نقادن تي ٿو ڇڏيان تہ اهي اصل ماجرا بيان ڪن تہ اصل حقيقت ۽ تقاضا ڪھڙي آهي. محبتن جي پڄاڻي ڪھڙي آهي...!
محمود جي ناول جي هڪ سٽ آهي تہ، ”۽ پوءِ رُتون بدليون تہ مون بہ جيئڻ جا انداز ڳولي ورتا.“ محمود کي جَسُ هجي، جنھن سنڌي ادب کي هر وقت نين تخليقن سان نوازيو آهي، پر سندس پراڻيون لکڻيون اڄ بہ نيون نڪور لڳنديون آهن. مون هي ناول اڳ بہ پڙهيا هئا، پر اڄ وري پڙهي رهيو آهيان تہ آئون محمود جي هنن سِٽن ۾ وڃائجي چڪو آهيان. منھنجو قلم دعاگو آهي تہ محمود سدائين لکندو رهي.

]ڇپيل: پندرهن روزہ ’عبرت مئگزين‘، 1 اپريل 2015ع [

خواب نگر

---

مبارڪون محمود صاحب (منظور جوکيو)

سڀ کان پھريائين مان محمود مغل کي سندس ’خواب نگر‘ جي پھرين 100 ڪالمن کي ڪتابي صورت ۾ ڇپجڻ تي مبارڪباد ڏيان ٿو ۽ دُعا پڻ ڪيان ٿو تہ هن جا اِهي ڪالم هزارن جي انگ تائين پھچن.
منھنجي ۽ محمود مغل جي دوستيءَ کي خيرن سان 22 سال ٿي چُڪا آهن. هن سان منھنجي دوستي اُن وقت ٿي هئي، جڏهن هُو ايل. ايم. سيءَ ۾ ميڊيڪل جو اِسٽوڊنٽ هوندو هو. جڏهن هُو ڪھاڻيون لِکندو هو، جڏهن هُو صبح جو سوير ڄام شوري جي کُليل سڙڪن تي جاگنگ ڪندو هو ۽ شام جو وسيع روڊن تي پنھنجي هنڊا MB100 تي چڪر لڳائيندو هو. اُنھيءَ دؤر ۾ ئي هُو ’سنڌي اَدبي سنگت‘ جا ڪلاس بہ اَٽينڊ ڪندو هو تہ اِنڊين آرٽ فلمون بہ ڏِسندو هو. اُنھيءَ وقت هُو يارن دوستن سان رُومانس تي وڏيون وڏيون ڪچھريون بہ ڪندو هو ۽ دوستن کي نوان نوان رومينٽڪ گانا بہ ٻُڌرائيندو هو. اُنھيءَ ساڳئي دؤر ۾ هُو ڪرڪيٽ بہ کيڏندو هو ۽ ساڳئي وقت هُو مشھور اِنڊين گٽارسٽ ’سُنيل گنگوليءَ‘ جي وڄايل گِٽار وارين ڌُنن کي نہ صرف ٻُڌندو هو، پر پاڻ لطيف آباد نمبر 7 جي ’مرحوم جليس احمد سُونا‘ جي ڪلب ۾ گِٽار پڻ وڄائيندو هو. مون کي اَڄ بہ ياد آهي تہ هُو اُنھيءَ وقت Jardache جي بلو جِين پھريندو هو ۽ لارڊس جو لانگ بوٽ پائيندو هو. مان هن جي ننڍڙين ننڍڙين ڳالھين ۾ ايترو تہ انٽريسٽ وٺندو هوس، جو مون کي اِها بہ خبر هوندي هئي تہ هُو شيو فيدر جي بليڊ سان ڪندو آهي.
اُنھيءَ دؤر ۾ سڀ کان اَهم ڳالھہ هيءَ هئي تہ محمود هر وقت مصروف رهڻ وارو ماڻھو هوندو هو. هُو هڪ ئي وقت اَلاءِ ڪيترين مصروفيتن ۾ مصروف رهندو هو. هن جي متحرڪ هُجڻ جو اَندازو لڳايو تہ هُو هڪ ئي وقت ميڊيڪل اِسٽوڊنٽ، ڪھاڻيڪار، گِٽارسٽ، اَنيڪ دوستن جو دوست، رومانٽڪ ۽ اَدبي ڪارڪن هو.
اُنھيءَ مصروفيتن کي هن ايترن سالن تائين continue رکيو آهي. سندس متحرڪ رهڻ واري خوبيءَ جي ڪري هُو اَڄ بہ هڪ ئي وقت اَنيڪ شعبن ۾ پاڻ ملھائي رهيو آهي. هُو جيڪو چوندا آهن تہ فلاڻو ماڻھو پنھنجي ذات ۾ اَنجمن آهي، اُها چوڻي محمود سان بلڪل ٺھڪي اَچي ٿي. مختلف شعبن ۾ مھارت هُجڻ ڪري، هن اِهو پڻ ثابت ڪيو آهي تہ هُو هڪ ئي وقت Jack of all trade بہ آهي تہ وري ساڳي وقت Master of all things بہ آهي.
مان حيران ٿيندو آهيان تہ هُو هڪ ئي وقت اُنھن سڀني شعبن سان ڪيئن نباهي رهيو آهي. شعبا بہ اَهڙا، جيڪي هڪ ٻئي کان بنھہ مختلف آهن. اها ڳالھہ بلڪل ناممڪن لڳندي آهي تہ هڪ ماڻھو هڪ وڏي ڪٽنب جي سَربراهيءَ جا فرضَ خوبيءَ سان نباهيندو هجي ۽ وري اَنيڪ دوستن سان دوستيون بہ نباهيندو هجي. مسجد جي اِنتظاميه بہ سنڀاليندو هجي يا وري ڪِٿي فارميسي ۽ ميڊيڪل جي سائنٽيفڪ جاب ۽ ڪِٿي وري اُستادن جي سياست ۽ سينڊيڪيٽ جي ميمبري، ساڳي طرح ٽي. وي ڊرامو ۽ ناول نگاري ٻہ بلڪل مختلف شعبا آهن ۽ ريڊيو جي ڪمپيئرنگ ۽ ٽي. ويءَ جي اينڪر ٿيڻ ۾ وڏي وِٿي آهي، پر منھنجي هن دوست اُنھن سڀني شين کي گڏ کڻي، جنھن مھارت سان پاڻ مڃرايو آهي، اُنھيءَ جو مثال مِلڻ مشڪل آهي.
چوندا آهن تہ ٽي. وي ڊرامي جي هڪ قسط جي ڄمار پنجاھہ منٽ هوندي آهي، اُنھيءَ کان پوءِ اُهو ڊرامو هوائن ۾ وکري ويندو آهي. اَهڙيءَ طرح اَخبار ۾ لکيَل هڪ ڪالم جي حياتي رُڳو هڪ ڏينھن هوندي آهي، هڪ ڏينھن کان پوءِ اُهو ڪالم اَخبار سان گڏ يا تہ ڪنھن لائبريريءَ جي ڪٻٽن ۾ دفن ٿي ويندو آهي يا وري رديءَ جي حوالي ٿي ويندو آهي، پر محمود مغل جي ’خواب نگر‘ وارن ڪالمن اُنھيءَ ٿيوريءَ کي غلط ثابت ڪيو آهي. محمود مغل جا اُهي ڪالم ماڻھن جي دلين تي نقش ٿي، محفوظ ٿي وڃن ٿا.
هن جي ڪالمن ۾ هڪ طرف هڪ ڳنڀير سوچ کي بلڪل سادي سُودي اَنداز ۾ بيان ڪيو ويندو آهي تہ ٻئي طرف زندگيءَ جي روزمرہ واري معمول ۾ هڪ معموليءَ کان معمولي شئي کي هڪ وڏي پيغام جي صورت ۾ ماڻھن تائين پھچايو ويندو آهي.
محمود جي اُنھن ڪالمن ۾ مذهب جا وڏا وڏا اُصول ۽ نُڪتا وڏي سادگيءَ سان ماڻھن تائين پھچائي، اُنھن کي عمل درآمد جي ترغيب ڏِني ويندي آهي. اُنھن ڪالمن ۾ تصوف جي باريڪ بينيءَ کي اَهڙو تہ سولو ڪري پيش ڪيو وڃي ٿو، جو پڙهندڙ اُنھن تي عمل ڪرڻ جي ڪوشش ضرور ڪري ٿو.
اسان پنھنجي روزمرہ جي زندگيءَ ۾ ننڍيون ننڍيون غلطيون ڪري اُنھن کي عام رَواجي ڳالھہ سمجهي نظر اَنداز ڪندا آهيون، پر محمود اُنھن عام رَواجي غلطين کي وائکو ڪري، اُنھن کان بَچڻ جي تلقين ڪئي آهي. جيئن ماني کائڻ کان پوءِ بچيل مانيءَ سان هٿَ صاف ڪري ڇڏڻ، ڪنھن فقير کي ڇڙٻَ ڏِيڻ، ڪنھن جانور تي ڪَھلَ نہ ڪرڻ ۽ ڪنھن ضرورت مند کي نظراَنداز ڪرڻ جھڙن اَنيڪ واقعن کي بُنياد بڻائي، پڙهندڙن لاءِ هڪ وڏو پيغام پُٺيان ڇڏيو آهي ۽ اُنھيءَ پيغام هر پڙهندڙ کي ڪنھن وڏي سوچ لاءِ آمادہ پڻ ڪيو آهي.
سنڌي اَخبارن جو شايد ئي ڪو ڪالم نگار هُجي، جنھن کي سنڌ جا ماڻھو نہ صرف ايترو پيار سان پڙهندا هُجن، بلڪہ هن کي خط لِکي، ڪالم ٻيھر لِکڻ لاءِ آمادہ پڻ ڪندا هُجن. هُو پنھنجي ڪالمن ۾، پڙهندڙن جي دلين ۾ هڪ حرارت پيدا ڪري ٿو، هڪ جذبو پيدا ڪري ٿو ۽ اُنھن کي ڪجهہ سوچڻ تي آمادہ ڪري ٿو ۽ جڏهن ڪو رائيٽر پنھنجي لِکڻيءَ جي ذريعي پڙهندڙ جي سِيني ۾ ڪا چڻنگ پيدا ڪري تہ پڪَ سمجهو تہ اُهو رائيٽر پيغمبرن جو وارث آهي.
منھنجي دُعا آهي تہ محمود جي قلم کي اَڃان بہ وڌيڪ ڏاتِ مِلي ۽ هُو پنھنجي ’خواب نگر‘ جي سلسلي کي تسلسل سان برقرار رکي.

]’خواب نگر: پھريان هڪ سؤ ڪالم‘ جي مھورت ۾ پڙهيل 2003ع [

اڪيلي دل ۾ لکن کي ترسائيندڙ: محمود مغل (مرتضيٰ سيال)

جڳ مشھور آمريڪي ليکڪ ۽ صحافي ’جارج اسٽيگ‘ هڪڙي هنڌ لکيو آهي تہ، ”ڪالم، لکندڙ جي ذهانت جي اظھار جو ذريعو ۽ سماج جي خدمت جو وسيلو آهي.“ ۽ پنجاب يونيورسٽيءَ ۾ صحافت پڙهائڻ کي زندگيءَ جا ڪيترائي سال ڏيندڙ ’مسڪين علي حجازي‘ جي خيال ۾، ’ڪالم نويسي هڪ ڏکيو فن ۽ وسيع موضوع آهي.‘
واقعي بہ ڪالم هڪ وسيع موضوع آهي، جنھن جا ڪيترائي پھلو آهن. اڪثر اخبارن جا ڪالم گهڻو ڪري سياسي هوندا آهن، اهڙي صورتحال ۾ جڏهن اخبارن ۾ گهڻائي سياسي خبرن جي هجي، مضمون ۽ تجزيا بہ سياسي هجن ۽ وري ڪالم بہ ڪن سياسي معاملن تي هجن تہ عام پڙهندڙ عجيب قسم جي بوريت محسوس ڪري ٿو. صحافت جي دنيا ۾ مون هن وقت تائين جي تجربي مان اهو ئي سکيو آهي تہ هڪ عام پڙهندڙن اهڙيون شيون پڙهڻ چاهي ٿو، جيڪي پنھنجي فارميٽ ۾ مختصر، ڄاڻ ڀريون ۽ دلچسپ هجن. اهي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ماڻھو مس هوندا، جيڪي خشڪ موضوعن کي پسند ڪن ٿا. پڙهندڙن جي اڪثريت اهڙيون شيون پڙهڻ چاهي ٿي، جيڪي کين پنھنجي دل جي عڪاسي ڪندڙ محسوس ٿين. مثال طور ماني ڳڀي لاءِ پريشان ماڻھوءَ کي جيڪڏهن آمريڪي چونڊن تي ٺونٺ جيڏا تبصرا پڙهڻ لاءِ پيش ڪبا تہ هُو انھن ۾ ڪا بہ دلچسپي نہ وٺندو، ان جي ڀيٽ ۾ جيڪڏهن بک، بدحاليءَ بابت لکيل هڪ سِٽ بہ سندس آڏو ايندي تہ هُو ان کي دلچسپيءَ سان پڙهندو. اسان جو سماج جيڪو هن وقت انيڪ مسئلن، مونجهارن، ذهني بيزارين، بکن، بيمارين، بدحالين جي ور چڙهيل آهي، ان کي اها شئي ئي متاثر ڪري سگهي ٿي، جيڪا کيس پنھنجي زخمن تي مرهم محسوس ٿئي ۽ جنھن ذريعي کيس ٿوري ٿَڪي آٿت ملي.
اڄ ڪلھہ صحافت جي دنيا ۾ جديد لاڙا اچي ويا آهن. نيوز رائيٽنگ کان وٺي ڪالمن تائين جي اندازِ بيان ۾ ڪافي سھڻيون تبديليون آيون آهن، جنھن ڪري ئي ماڻھن جي دلچسپي اڃا تائين برقرار آهي، نہ تہ اليڪٽرانڪ ميڊيا تہ ماڻھن جو سمورو ڌيان پاڻ ڏانھن ڇڪائڻ جي ڪوشش ۾ ڪا ڪسر ڪونہ ڇڏي آهي.
اهو هڪ تخليقڪار جي تخليق جو ئي ڪمال آهي، جو ماڻھو نہ صرف پنھنجا سڀ ڪم ڪار ڇڏي، اها تخليق پڙهڻ لڳن پر نئين تخليق جو بيچينيءَ سان انتظار بہ ڪن. اصل ۾ اهو تڏهن ئي ممڪن بڻجي ٿو جڏهن تخليق ۾ انھن ماڻھن جي ڪيفيت جو عڪس هجي.
محمود مغل بہ سنڌ جي انھن آڱرين تي ڳڻڻ جيترن تخليقڪارن مان هڪ آهي، جن جي پڙهندڙن جو هڪ وڏو حلقو آهي ۽ جيڪي سندس هر لکڻيءَ جو بيچينيءَ سان انتظار ڪن ٿا. محمود مغل، ڪالم نويس بہ آهي، ڊراما نويس بہ آهي، ڪمپيئر بہ آهي تہ نوجوان نسل کي علمي شعور ڏيندڙ استاد بہ آهي. هن جون اهي سڀ سڃاڻپون پنھنجي پنھنجي حوالي سان منفرد حيثيت رکن ٿيون، پر منھنجي نظر ۾ هن جي سڀني کان منفرد حيثيت اها آهي تہ هُو سٺو ماڻھو آهي. حساسيت، لکڻين سان گڏ هن جي ذات ۾ بہ شامل آهي، هُو ٻئي جي مسئلي تي بہ ايترو ئي پريشان ٿي ويندو آهي، جيترو پنھنجي مسئلي تي. سچي ڳالھہ اها آهي تہ محمود نيڪ نيت ۽ نفيس دل جو مالڪ آهي. هي منھنجو دوست آهي ۽ هڪ دوست جي حيثيت ۾ مون جيتري تائين کيس پرکيو آهي تہ هي مون کي ڪٿي بہ مفاد پرست نظر نہ آيو آهي. ’خواب نگر‘ سندس انھن ڪالمن جو مجموعو آهي، جيڪي ’ڪاوش‘ ۾ ڇپيل آهن ۽ پڙهندڙن وٽان انھن کي ڪافي پذيرائي حاصل ٿي آهي، انھن ڪالمن کي گڏ ڪري ڪتابي صورت ۾ آڻڻ سٺي ڳالھہ آهي.
اها حقيقت آهي تہ محمود جي لکڻين ۾ عوام جو احوال سمايل آهي. سندس Feelings پڙهندڙن کي پنھنجا احساس لڳن ٿيون، اهو ئي سبب آهي جو کيس پڙهندڙن جو وڏو حلقو پسند ڪري ٿو.
’خواب نگر‘ ۾ زندگيءَ جي مختلف موضوعن تي ڪالم شامل آهن، جيڪي پڙهڻ کان پوءِ اتساھہ پڻ ملي ٿو. محمود جي الم تي گرفت ايتري تہ مضبوط آهي، جو ائين لڳي ٿو تہ هُو ماڻھن جي دل مان گهمي اچي ٿو ۽ اتي جيڪي وارتائون ۽ ويچار ڏسي ٿو، انھن کي موضوع بڻائي ٿو. سندس لکڻيون پڙهڻ سان سوچ ۽ فڪر جي گهِرائيءَ وارا احساس اڀرن ٿا. هن جا موضوع عام معمول جا آهن، جن ۾ نہ روايتي سياسي جهڳي آهي نہ ادبي ڄُنڊا پَٽ آهي ۽ نہ ئي ڪنھن نااهل کي اجايو پَٽڪو ٻڌائڻ جي ڪوشش، خدا جي زمين تي گهمندي ڦڙندي هن جي اک جيڪو ڪجهہ ڏسي ٿي ۽ سندس دل جون جيڪي ڪيفيتون جُڙن ٿيون، هُو انھن کي جيئن جو تيئن پيش ڪري ٿو. سندس ڪالم اجائي فنڪاريءَ کان آجا ۽ دل سان لکيل هوندا آهن. هن جا ڪالم هن جي نفاست ۽ حساسيت جو اهڙو اظھار آهن، جيڪي پڙهندڙن جي دلين کي ڇُهي وٺندا آهن ۽ اها ئي خوبي هن جي ڪالمن کي ٻين کان الڳ ٿلڳ ڪري ڌار سڃاڻپ بخشي رهي آهي، مون کي تہ هُو ڪنھن اهڙي معصوم ٻارڙي جيان لڳندو آهي، جيڪو دنيا کي پنھنجي Morality جي نظر سان ڏسندو آهي ۽ حيران پريشان ٿيندو آهي، تہ دنيا اهڙي ڇو آهي؟ هُو جيئن تہ پاڻ نفيس آهي، ان ڪري چاهيندو آهي تہ سموري دنيا نفيس ٿي وڃي. هُو ڳوٺن کان شھرن ڏانھن لڏپلاڻ تي بہ فڪرمند آهي، تہ ساڳئي وقت کيس اها ڳالھہ بہ ڏک پھچائي ٿي تہ اسين پنھنجي نئين نسل کي پنھنجي ثقافتي ماڳن مڪانن، رهڻي ڪھڻي، اخلاقي طور طريقن کان واقف ڪرڻ بدران کين غير ضروري شين ڏانھن راغب ڪريون ٿا. هُو اسان کي اهو احساس ڏيارڻ جي ڪوشش ڪري ٿو تہ جيڪڏهن اسان جي ايندڙ نسل جون پاڙون پنھنجي ڌرتي ۾ کُتل نہ هونديون، تہ اسين پنھنجي سڃاڻپ وڃائي ويھنداسين.
سندس اندازِ بيان بہ سندس جيان بنھہ سادو، سلوڻو ۽ معصوم آهي. هن جا ڪالم پڙهڻ کان پوءِ ائين لڳندو آهي، ڄڻ اسان سندس سامھون خاموش ويٺا آهيون ۽ هُو ڳالھائي رهيو آهي ۽ پنھنجي دل جي ڳالھہ جيئن جو تيئن بنا ڪنھن حجاب ۽ رک رکاءَ جي بيان ڪري رهيو آهي، سندس انداز ڪيڏو نہ زبردست آهي:
”ماڻھو پاڻ ئي اڪيلو آهي ۽ پاڻ ئي هجوم، لکن ماڻھن جي وچ ۾ اداس، اڪيلي دل کڻي گهمندو رهي ٿو ۽ هڪ ئي وقت اڪيلي دل ۾ لکن کي ترسائي ٿو.“
۽:
”ڌڻيءَ جي عظمتن جو ٿورو ادا ڪرڻو اٿئي تہ پنھنجي مک تي ازل ابد جي مرڪ رک. ڪنھن ڏانھن مرڪ جو تحفو موڪلڻ چاهين تہ اها نجي مرڪ هجي ڪاروباري نہ هجي...“
يا وري سندس ڪالم جو هي پئراگراف:
”وقت بہ اهڙو ئي هڪڙو ماهر استاد اٿوَ صاحبانِ عقل... جيڪو تيزيءَ سان گذرندي تجربي جي ’وڏو عام.... ننڍو عام‘ جي ذريعي اسان جو حساب ڪتاب درست ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، اها اسان جي ناقص عقلمندي آهي، ذهني ڪمزوري هوندي آهي جو اسين پنھنجي تجربن کي ڪابہ اهميت ڪونہ ڏيندا آهيون.“
محمود مغل جي ڪالمن جا عنوان بہ ڏاڍا دل کي ڇھندڙ هوندا آهن، جيئن: ’جيا بيقرار هئي‘، ’هڪڙي ڀاڪر جي گهرج آهي‘، ’نامہربان موسم‘، ’شناختي ڪارڊ‘، ’هارَ... وِيرَ‘، ’پڪو پرامز‘، ’سرخاب جا پَرَ‘، ’پٿر جا ماڻھو‘ وغيرہ. محمود مغل جا ڪالم بند پيل دماغ جي دريءَ کي کولي ڇڏين ٿا، جنھن کان پوءِ حقيقت جا رنگ اکين سامھون اچي وڃن ٿا. سندس ڳالھيون، ڏاڍيون معنيٰ خيز ۽ معصوم آهن. ’دوست محبتن جي فصلن جا سلا هوندا آهن.‘ هُو محبتن جو پرچارڪ آهي، سو بہ ڌڻيءَ جي رضا خاطر ۽ جيڪو ڌڻيءَ جي رضا خاطر ڪجهہ ڪرڻ چاهي تہ يقينن سندس ٻيڙا پار ٿي ويندا آهن.
محمود جو اندازِ بيان بنھہ نرالو ۽ انوکو آهي، پر سندس ڊڪشن مان اها ڳالھہ ضرور محسوس ٿيندي آهي تہ هُو اشفاق احمد کان گهڻو متاثر آهي، زندگيءَ کي هڪ گل سمجهندڙ محمود کي اها ڳالھہ هر وقت پريشان ڪندي رهي ٿي تہ:
”زندگي، سوداگري بڻجندي وڃي ٿي هر ڪو ’ٻو پئسي جو فائدو‘ ڳولي ٿو، ڪٿان بہ اچي، ڪيئن بہ اچي بس رڳو فائدو ملي... نقصان کان ڌڻي بچائي... اها ئي وقت جي سوچ بڻجي وئي آهي. فائدي جي چڪر ۾ مليل نقصان جي خبر ئي نٿي پوي... خبر پئي بہ ٿي تہ الاهي دير ٿي وڃي ٿي.“
محمود مغل ’خواب نگر‘ ۾ بہ حقيقتون ڳولي ۽ لکي ٿو، هُو مصنوعيت جي دنيا کان پري ۽ سچ جو ڳولائو آهي. منجهس وڏي ۾ وڏي خوبي اها آهي تہ هُو لفظن جي قدر ۽ قيمت کي نہ رڳو ڄاڻي ٿو، پر انھن جي استعمال جو هنر بہ کيس چڱيءَ ريت اچي ٿو. هُو پنھنجي ذهن جي زمين تي جيڪي خواب پوکي ٿو، انھن جي ساڀيان جي حسرت بہ رکي ٿو. هُو، هن ننڍڙي سماج ۾ وڏو ذهن رکندڙ ماڻھو آهي، هڪ اهڙو ماڻھو جيڪو صرف سچ جو ئي ساٿي آهي، منھنجي دُعا آهي تہ محمود مغل جي قلم جو هيءُ سفر مسلسل جاري رهي.

]’خواب نگر: پھريان هڪ سؤ ڪالم‘ جي مھورت ۾ پڙهيل 2003ع [

ايڊيٽرز نوٽ (منظور ميراڻي)

محمود هڪڙي ڀيري مون کي ٻڌايو هو تہ، ”هن جي سليڪشن فوج ۾ ٿي وئي هئي، پر کيس امڙ جي اجازت نہ ملي ۽ هُو اتي ئي رهجي ويو. آرٽسٽن جي دنيا ۾، ريڊيو، ٽيليويزن جي دنيا ۾، اخبارن ۽ رسالن جي دنيا ۾.“ توڙي جو هُو فوجي نہ ٿي سگهيو، پر مون کي ڪڏهن ڪڏهن محسوس ٿيندو آهي تہ ان جي اندر ۾ هڪ فوجي رهي ضرور ٿو... پر اهو فوجي ڪو بندوق وارو فوجي نہ، پر قلم وارو فوجي آهي ۽ ڊسيپلين وارو فوجي آهي. هن پنھنجي قلم کان بندوق وارو ڪم ڪيترو ورتو آهي، اهو تہ هن جا پڙهندڙ ئي ٻڌائي سگهن ٿا، پر هن جي ڊسيپلين جي شاهدي مان ڏيندس. هُو ڪنھن سان پئسن جو حساب ڪتاب رکندو آهي يا نہ، پر وقت جي هر پل جو حساب رکندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن تہ هُو مون کي اهو هَٽَ واڻيو لڳندو آهي، جيڪو حساب ڪتاب تي ڪو بہ ڪمپرومائيز ناهي ڪندو. محمود لمحن جو حساب ڪتاب ان واڻئي وانگر رکندو آهي. Money is wealth اها انگريزي چوڻي مان ڪيتري ئي وقت کان ٻڌندو پيو اچان، پر ان چوڻيءَ جي روح کي تڏهن سمجهي سگهيس، جڏهن منھنجي ملاقات محمود سان ٿي.
هن لاءِ دنيا اندر جيڪڏهن ڪنھن شئي جي قيمت آهي تہ اهو وقت ئي آهي. هُو وقت جي قيمت ڄاڻي ٿو، ان لاءِ ئي تہ ايترا گهڻا ڪم ڪري سگهيو آهي، جيڪڏهن وقت جي قيمت نہ ڄاڻي ها تہ محمود مغل اوهان کي ايترن سارن ڪمن ۾ ڪڏهن بہ نہ ملي ها!
اسان وٽ جڏهن بہ ڪنھن جي شخصيت تي لکيو ويندو آهي، تڏهن هڪڙو جملو اڪثر پڙهڻ لاءِ ملندو آهي تہ، ”سائين جن گهڻ رخي شخصيت آهن“ ۽ اهو جملو ايترا ڀيرا ۽ ايترن ۽ اهڙن ماڻھن لاءِ بہ لکيو ويو آهي، جو اهي گهڻ رخيون تہ ڇا، پر انھن جو ڪو هڪڙو رخ بہ ناهي هوندو. ان جملي سان مسلسل ناانصافي ٿيندي آئي آهي ۽ مون سوچيو هو تہ گهٽ ۾ گهٽ مان ڪنھن لاءِ اهو جملو نہ لکندس... ۽ واقعي بہ جيڪڏهن ڪنھن ٻئي ماڻھوءَ تي لکڻو پئي تہ شايد ئي مان اهو جملو لکان، پر مان ايمانداريءَ سان چوان ٿو تہ جيڪڏهن اهو جملو محمود لاءِ نہ لکجي تہ اها هن جملي سان ناانصافي ٿيندي، مان محمود لاءِ اهو جملو لکي محمود تي ڪو ٿورو نٿو ڪريان، پر دراصل انھيءَ جملي سان انصاف ڪرڻ چاهيان ٿو تہ ڪو ماڻھو واقعي بہ اهڙو آهي، جنھن جي شخصيت جا واقعي بہ ڪيترائي رخ آهن. مان حيران ٿيندو آهيان تہ هُو ايترا سارا ڪم ڪيئن ٿو ڪري؟ هُو اوهان کي ٽيليويزن تي ڪمپيئرنگ ڪندي بہ ملندو تہ اتي ئي هن جو ڪو نہ ڪو ڊرامو بہ آن ايئر هوندو. هن جو آواز اوهان کي ريڊيو تي ٻڌڻ لاءِ بہ ملندو تہ هر هفتي پابنديءَ سان هن جو ڪالم بہ پڙهي سگهندا. هُو ناول لکڻ ۾ بہ پورو هوندو تہ ادبي گڏجاڻين ۾ افسانہ بہ پيو پڙهندو. اوهان ڇا ٿا سمجهو تہ بس هُو فقط اهي ئي ڪم ڪري ٿو؟ نہ بابا اهي تہ هن جا پارٽ ٽائيم ڪم آهن، اصل ۾ تہ هُو سنڌ يونيورسٽيءَ جي فارميسي ڊپارٽمينٽ ۾ پروفيسر آهي ۽ ڪو گهوسٽ پروفيسر ڪونھي، پر اتي بہ هُو ايترو ئي پابند ۽ ريگيولر رهندو آهي، جيترو ريگيولر مون محمود کي ڪاوش جي ڪالمن ۾ ڏٺو آهي، جيترو ريگيولر مون هن کي ريڊيو جي پروگرامن ۾ حصو وٺندي ڏٺو آهي. يونيورسٽيءَ جا ٻيا ڪم انھيءَ کان سواءِ آهن، سينڊيڪيٽ جو ميمبر هجڻ جي ناتي اتان جون ذميواريون الڳ آهن.
محمود جي زندگيءَ جي اهڙي انداز تي ڪجهہ دوست تنقيد بہ ڪندا آهن، اها تنقيد ان ڪري بہ ٿي سگهي ٿي جو واندن جي هجوم ۾ ڪو ڪم ڪرڻ وارو ماڻھو طنز هيٺ نہ ايندو تہ ٻيو ڇا ٿيندو؟ خود ڪڏهن ڪڏهن مان بہ اهو سوچيندو هئس تہ يار، ڇا ڀلا ضروري آهي تہ سڀ ڪم محمود ڪري... جيڪڏهن ايترا ڪم نہ ڪندو تہ ڪھڙو آسمان ڪرِي پوندو؟ ۽ سچي بہ هن جو اهڙو انداز ڪڏهن ڪڏهن مون کي بہ عجيب لڳندو هو، پر پوءِ هڪ ڏينھن مون سوچيو تہ ڪو تہ اهڙو بہ هجي، جھڙو محمود آهي. ڪو تہ اهڙو بہ هجي، جنھن کي وقت جو احساس هجي، جنھن کي اهو احساس هجي تہ هڪ هڪ پل ڪيترو قيمتي آهي، هڪ هڪ لمحي جي ڪيتري اهميت آهي. ڪو تہ اهڙو بہ هجي، جيڪو حقيقي طور سمجهي تہ Money is wealth، ڪو تہ اهڙو بہ هجي، جنھن وٽ فوجين وارو ڊسيپلين هجي.
محمود ۾ وقت جو قدر بہ آهي ۽ جيئن مان چئي آيس تہ هُو گهڻ رخي شخصيت بہ آهي، پر هن ۾ هڪڙي کوٽ مون هر وقت محسوس ڪئي ۽ ان جو هي پاڻ بہ ڪيترن ئي ڪالمن ۾ سڌي اڻ سڌي طرح ذڪر بہ ڪري چڪو آهي. هن جي شخصيت جي اها کوٽ آهي Courage، همت، ڪا بہ ڳالھہ بنا خوف جي چئي ڏيڻ. هُو جيترو ڊسيپلينڊ آهي، اوترو ئي ڪمپرومائيزنگ بہ آهي. مون کي هن کان اها ئي شڪايت آهي!

]’خواب نگر: پھريان هڪ سؤ ڪالم‘ جي مھورت ۾ پڙهيل 2003ع [

محمود، استاد اشفاق ۽ طارق (طارق عالم)

هڪ ٻُڌمت چوڻي آهي: ”بُرو نہ ڏِسو، بُرو نہ ڳالھايو، بُرو نہ ٻُڌو.“
مون اَهڙا ڊئڪوريشن پيس ڪِن پڙهيل ڳڙهيل يا اَڄ جي ٻوليءَ ۾ ’سِول سوسائٽيءَ‘ جي گهراڻن جي سُھڻن ڊرائنگ روومن ۾ ڪنھن نہ ڪنھن ڪارنر ٽيبل تي رکيل ڏِٺا آهن. اُن ڊئڪوريشن پيسن ۾ ٽي باندر قطار ۾ ويٺل نظر اِيندا آهن، جن ۾ هڪ جي اَکِ تي، ٻئي جي واتَ تي ۽ ٽئين جي ڪَنن تي ٻيئي هٿ کُتل هوندا آهن.
۽ ’جارج بُش‘ جي هن دؤر ۾ اسان مسلمان اَديب، دانشور ۽ اسان جو عوام، جنھن جديد گئس چئمبر ۾ مجموعن جي صورت ۾ مري رهيا آهيون، اُن دؤر ۾ محمود مغل جا ڪالم بيشڪ تہ ’خواب نگر‘ جھڙا ئي دلفريب آهن.
محمود، اسان جو اُهو محبوب ليکڪ آهي، جيڪو ڪراچيءَ ۾ ٿيل ٻارهين مئي واري جليان والا باغ جھڙي اَنيڪ بُرائين کي ڏِسڻ تہ پنھنجي جاءِ، پر اُن تي ڪجهہ بُرو ڳالھائڻ کان بہ پاڻ کي پاسيرو رکي، چوڌري پرويز اِلاهيءَ ۽ ڊاڪٽر اَرباب غلام رحيم جي گوهر اَفشانين کي ٻُڌڻ بجاءِ ٻنھي هٿن سان ڪنَ ڍڪي رکڻ کي اَهميت ڏيندڙ ليکڪ آهي.
ڇو تہ هُو بُرو نہ ڏِسندڙ، بُرو نہ ڳالھائيندڙ ۽ بُرو نہ ٻُڌندڙ اَديب آهي.
۽ هُو پنھنجو قلم کيسي ۾ رکڻ بجاءِ هميشہ ’خواب نگر‘ جي برف پوش پھاڙين ۾ موجود ڪنھن گلئشيئر ۾ لِڪائي رکندو آهي ۽ فقط ڪالم لِکڻ وقت گلئشيئر تان قلم کي کڻي وٺندو آهي.
محمود ڳالھائڻ کان وٺي لِکڻ ۽ لِکڻ کان وٺي کنگهڻ تائين نھايت مھذب ليکڪ آهي. هن غير مھذب مُعاشري ۾، جِتي وانا ۽ وزيرستان ۾ پنھنجا ئي هٿَ، پنھنجن ئي سِينن تي جديد هٿيارن سان نشانا چُٽي رهيا آهن، جِتي دُنيا جي ذهين ترين ۽ اَڄ جي عظيم ترين شھادت ماڻيندڙ ماءُ بينظير ڀُٽو راولپنڊيءَ جي ’لياقت باغ‘ ۾ ٽارگيٽ ڪِلنگ جي نذر ٿي وڃي ٿي، جِتي ڪراچيءَ جھڙي ميٽروپوليٽن شھر ۾ هر شريف ماڻھو غير محفوظ آهي ۽ ’گُل جِي‘ جھڙو دنيا جو نامور ۽ معصوم مصور پنھنجي پياري گهرواريءَ سَميت خود ڪنھن دردناڪ اِسڪلپچر جھڙو موت مري وڃي ٿو ۽ بلوچستان جي چيف سيڪريٽري ۽ سنڌ جي ڄاتل سُڃاتل ۽ اَدبي دُنيا ۾ عزت جي نگاھہ سان ڏِٺو ويندڙ قَلي بخش رند جو معصوم پُٽ سمنڊ ڪِناري پُراِسرار موت مري وڃي ٿو ۽ سنڌ جو سمنڊ پنھنجي ئي اولاد جي سفاڪاڻي قتل تي ٿڌا ساهَه ڀريندو رهي ٿو. اُن غير مھذب مُعاشري ۾ محمود مغل جا صاحبانِ عقل و هنر جي لاءِ لِکيل نصيحت ڀريا ڪالم، محمود جي قلم جي همت ۽ حوصلي جا مرهونِ منت آهن.
مان جڏهن بہ محمود جا ڪالم پڙهندو آهيان تہ اُهي ڪالم مون کي هن آڏي ٽيڏي معاشري ۾ ٽائيٽينڪ جي اُن آخري سِين جھڙا لڳندا آهن، جنھن ۾ جھاز جي ٻُڏڻ کان اَڳ ڪئپٽن، جھاز جي عرشي تي ماڻھن جي دل وندرائيندڙ ميوزيشن کي مايوس ٿيڻ بَجاءِ ميوزڪ وڄائڻ جو حُڪم ڏيندو آهي ۽ ميوزيشن زندگيءَ لاءِ واجهائي، هيڏي هوڏي ڊوڙندڙ مسافرن وچ ۾ ساز وڄائڻ لڳندا آهن ۽ اوسين وڄائيندا رهندا آهن، جيسين جھاز ٻُڏي نٿو وڃي.
سلام آهي محمود جي اُن همت کي، جو هيڏي نفسانفسيءَ جي عالم ۾ بہ تدبر سان هُو پنھنجو فرض نڀائي رهيو آهي. بيشڪ محمود جا ڪالم هن ٽائيٽينڪ جھڙي ٻُڏندڙ سَماج ۾ اُهي وڄايل وائلن آهن، جن کي هُو پنھنجو اَدبي ۽ مُعاشرتي فرض سمجهي، نھايت خوش اَسلوبيءَ سان نڀائي رهيو آهي.
مرتضيٰ سيال، ’خواب نگر‘ جي ڪتاب جي صفحي ’ٺ‘ (هي ڪتاب سِواءِ ٽائيٽل ۽ بئڪ ٽائيٽل جي لي آئوٽ جي لحاظ کان باقي سَمورو ڪنھن تعويذ جھڙو نظر اَچي ٿو.) سو مرتضيٰ سيال جي مضمون جي صفحن تي نمبر لِکيل هُئڻ بجاءِ ’الف ب‘ لِکيل آهي ۽ اَهڙيءَ طرح صفحي ’ٺ‘ تي مرتضيٰ لِکيو آهي تہ: ”منھنجي نظر ۾ محمود جي سڀني کان منفرد حيثيت اِها آهي تہ هُو سُٺو ماڻھو آهي، هُو ٻئي جي مسئلي تي بہ ايترو ئي پريشان ٿي ويندو آهي، جيترو پنھنجي مسئلي تي. مون کي ڪِٿي بہ مفاد پرست نظر نہ آيو آهي.“
مان بہ مرتضيٰ سيال جي خيالن سان، سائين ظفر حَسن چواڻيءَ ڪي قدر ’سھمت‘ آهيان. مان بہ چوان ٿو تہ هُو سُٺو ماڻھو آهي ۽ مان بہ محمود کي ٻين جي مسئلن تي ايترو ئي پريشان ٿيندي ڏِٺو آهي، جيترو پنھنجي مسئلي تي، پر ڇا محمود پنھنجي مسئلي تي بہ فقط پريشان ٿيندو آهي يا اُن جي حلَ لاءِ بہ پاڻ پتوڙيندو آهي!؟
باقي جيسين مفاد پرستيءَ جو ذڪر آهي تہ هيءَ دُنيا تہ بيٺل ئي هڪٻئي جي مفادن جي اوساريءَ تي آهي، سو مان ڪيئن چوان تہ محمود مفاد پرست ناهي.
منھنجو اَدب ۾ رُوحاني اُستاد اَشفاق احمد آهي. اُستاد اَشفاق بہ آخر اِنسان ئي هو، اُنھيءَ ڪري تہ هن پنھنجي هڪ آتم ڪٿائي ناول ۾ لِکيو آهي تہ هُو اِسپتال ۾ في سبيل ﷲ رت جي ٿيلھي ڏِيڻ کان پوءِ اُن ٻانھن جو ڪف مٿي ڪري، اَچي بانو قدسيه جي سامھون بيھي ٿو، تہ جيئن هُوءَ سندس ٻانھن تي لڳل بينڊيج کي ڏِسي پُڇي تہ: ”هي ڇا ٿيو آهي اَشفاق؟“ ۽ هُو ٻُڌائي سَگهي تہ: ”اَڄ مان رت جي ٿيلھي ﷲ پاڪ جي راهَه ۾ ڏئي آيو آهيان.“
سو منھنجا ڀاءُ مرتضيٰ سيال! اِنسان ڏاڍو ويچارو آهي، قابلِ رحم آهي. هُو جيڪو بہ ڪري ٿو، ﷲ پاڪ جي خوشنودي حاصل ڪرڻ جي نانءَ تي، پنھنجي سُورهيائي ڏيکارڻ لاءِ ئي ڪندو رهي ٿو. ڪي آڱر ڪَٽائي شھيد سَڏائيندا آهن تہ لکن ڪروڙن مان ڪجهہ سِر ڏئي سوڀارا ٿيندا آهن.
اُستاد اَشفاق احمد جو ناٽڪن ۾ اَدبي اُستاد شيڪسپيئر هو ۽ رُوحاني اُستاد ’بابا لوڪ‘ ۽ هڪ عدد ’پِير جِي‘ بہ رهيو. اَشفاق، موچين، ريڍارن، پورهيتن کان فوڪ وزڊم حاصل ڪيو ۽ پنھنجن مسئلن جا حل ’پير بابا‘ کان حاصل ڪيائين.
۽ مون کي يقين آهي تہ محمود جو اَدبي اُستاد اَمر جليل آهي، رُوحاني اُستاد ’اَمان جِيجي‘ محمود جي اَمڙ آهي ۽ جيئن تہ محمود هڪ اِنتھائي مذهبي خاندان سان تعلق رکندڙ آهي، اُن ڪري سندس ’پير بابا‘ سِواءِ ﷲ پاڪ جي ذات جي ٻيو ڪوبہ نہ هوندو.
اُستاد اَشفاق احمد، تصوف جھڙي عميق کي اَدب ۾ سوَلائيءَ سان پلٽي ڇڏيو. سندس چواڻي: ”هن ’ايڪ محبت، سو اَفساني‘ جي نرسري جھڙن ناٽڪن کان وٺِي ’منچلي ڪا سودا‘ جھڙي يونيورسٽي ليول جي ناٽڪن ۾ تصوف کي حيرت اَنگيز ڪاميابيءَ سان نڀايو ۽ آخر ۾ پاڻ پي. ٽي. وي تي ’زاويہ‘ جي عنوان سان جيڪي ليڪچر ڏِنائين، سي اَدبي دُنيا جا شاهڪار ليکيا ويندا.
اَشفاق کي ﷲ پاڪ تائين پھچڻ لاءِ پھريون وتايو ٿيڻو پيو هو ۽ مان محمود کان معافيءَ سان اِجازت وٺي چوڻ جي جسارت ڪريان ٿو تہ محمود، وتائي ٿيڻ کان اَڳ ﷲ پاڪ تائين پھچڻ جي جستجو رکي ٿو، جيڪو بھرحال مون کي ناممڪن ٿو لڳي.
محمود ۽ مان ننڍپڻ جا دوست آهيون. مان جڏهن چوڏهن سالن جو ۽ محمود اَڃا ڏهن سالن جو هو، تڏهن بہ مان سندس گهر وڃي، هن جي ٽڦيٿي سائيڪل جي پوئين گديءَ تي ويھي رهندو هوس ۽ محمود هئنڊل پڪڙي، مون کي ڪواٽر A/16 جي ڪاريڊور ۾ گُهمائيندو هو. اَهڙيءَ طرح محمود ڪالھہ بہ مون کي ليڊ ڪندو هو، اَڄ بہ مون کي ليڊ ڪري رهيو آهي. هُو اَدب جو اُهو شھسوار آهي، جنھن وٽ پنھنجو ڊڪشن آهي، پنھنجا موضوع آهن.
هُو نہ فقط اَدبي دُنيا ۾ مون کان هر گهڙي ٻہ وکون اَڳتي رهيو آهي، پر دُنياداريءَ جي سَموري صحتمند رَوايتن ۾ مون کان سوڀارو رهيو آهي. مان اُستاد اَشفاق احمد وانگر، تصوف جي ٻوليءَ ۾ ملامتي ڪردار آهيان، پر محمود منھنجي اُبتڙ ۾ اُتم آهي.
مون محمود کان زندگيءَ ۾ ڪڏهن بہ ڪجهہ نہ ورتو آهي، سِواءِ ننڍپڻ ۾ سندس ٽڦيٿي سائيڪل جي ڦيرن جي ۽ سُڀاڻي بہ محمود کان ڪجهہ وٺڻ نہ چاهيندس، پر منھنجي هڪ خواهش آهي تہ آخر جڏهن ڪنھن وڏي ڪُرسيءَ تي مان محمود کي ويٺل ڏِسندس، مان تڏهن بہ هن کان ڪجهہ بہ وٺڻ نہ چاهيندس، ڇو تہ اُن وقت مان هيءَ دُنيا ڇڏي چُڪو هوندس ۽ هونئن بہ دوستن کي آزمائش ۾ وجهڻ کان بھتر آهي تہ ماڻھو دُنيا ڇڏي هليو وڃي.
آخر ۾ منھنجي محمود کي هڪ نماڻي گُذارش آهي تہ جڏهن بہ هُو ڪنھن مسند تي پھچي تہ جنرل ضياءَ جي دؤر ۾ ’ڊان‘ اَخبار ۾ ڇپيل اُن تصوير وانگر پنھنجو رَوَيو بلڪل نہ رکي، جنھن ۾ جنرل ٽڪا خان جو پرسنل سيڪريٽري ايئرپورٽ تي ٽِڪا خان جي کُلي ويل ڪَھِي ٻَڌي رهيو هو.
مان اُميد رکان ٿو تہ وڏي ماڻھو ٿيڻ کان پوءِ محمود پنھنجي بُوٽ جي ڪَھي، جيڪڏهن ڪنھن ايئرپورٽ تي کُلي وڃيس تہ ڪنھن پرسنل سيڪريٽريءَ کان ٻَڌائڻ بجاءِ پاڻ ٻَڌي ڇڏيندو.

]’خواب نگر: پھريان هڪ سؤ ڪالم‘ جي مھورت ۾ پڙهيل 2003ع [

محمود مغل جو خواب نگر (ڊاڪٽر اسدﷲ قاضي)

محمود مغل جي ’خواب نگر‘ ۾ سير ڪرڻ جو موقعو مِليو. هن نگر جو مُک ڪردار محمود پاڻ آهي ۽ اُن نگر جا ٻيا رَهواسي اسان جي معاشري جا اِنسان آهن، جن جي رهڻي ڪھڻيءَ کان متاثر ۽ بَتال ٿي، ليکڪ پنھنجي خيالن جو فلسفيانا اَنداز ۾ اِظھار ڪندي، حقيقت جا رنگ چِٽيا آهن.
’خواب نگر‘ کي تعمير ڪرڻ ۾ محمود کي پنھنجي گوناگون مصروفيتن باوجود هفتيوار ڪالم لِکندي ٻن سالن جو عرصو لڳي ويو آهي. هي سلسلو سيپٽمبر 2004ع ۾ شروع ٿيو ۽ جون 2006ع تائين ڇپيل ڪالم هن ڪتاب ۾ آهن.
محمود جو اَندازِ بيان ڪجهہ اَهڙو آهي، جو هن نگر جي تعمير ۾ ڪيترائي سالَ لڳي ويندا. آءٌ سَمجهان ٿو تہ ٿوري ئي وقت ۾ هن ’خواب نگر‘ جو ٻيو ڀاڱو جلد نڪري نروار ٿيندو. ’ڪاوش‘ اَخبار جي ساٿَ سان ٻئي ڀاڱي جون ڪافي قسطون اَچي چُڪيون آهن ۽ هر هفتي آچر تي نئين قسط جو اِنتظار رهندو آهي.
محمود جي لِکڻ جو اَنداز اَمر جليل وانگر نرالو ۽ پنھنجي نوعيت جو آهي، جنھن ۾ رس ۽ رهاڻ ٻئي شامل آهن. هن جي سوچَ جو گهِوارو فلسفياڻو آهي. محسوس ٿيندو آهي تہ هڪ ڏاهو ماڻھو نصيحت ڪري رهيو آهي. خيالن جي ڀرمار هوندي آهي، ساڳي ڳالھہ کي مختلف لفظن جي شڪل ڏئي، هڪ اُستاد جيان ورجائي ورجائي ٻُڌائڻ ٿو گهري. گُفتار ۾ وري تسلسل جو پئمانو اَهڙو اَٿس، جو پڙهندي پڙهندي هڪ اَڌ سِٽ گُسي وڃي تہ اِئين محسوس ٿيندو ڄڻ سِتار جي ڪا تند ٽُٽي پئي هجي.
’خواب نگر‘ ۾ چِٽيل خيالن جي نوعيت ڪجهہ اِن قِسم جي آهي، جو هن تقريباً 400 صفحن تي مشتمل ڪِتاب کي هڪ يا ٻن راتين ۾ پَڙهي پورو ڪرڻ مون جھڙي اِنسان لاءِ ممڪن نہ آهي. دل چاهيندي آهي تہ هر ڪالم کي وري وري پڙهي منَ اَندر سانڍجي. اِن سڀ ڪجهہ ڪرڻ ۽ سَمجهڻ لاءِ جُملا چَٻَي چَٻَي پڙهڻا پوندا آهن. اَڪثر اِيئن لڳندو آهي، ڄڻ محمود پڙهندڙ سان ڳالھائي رهيو هُجي. هُن جي ’خواب نگر‘ جي حِڪايتن ۾ ڪِٿي اَفسانوي تہ وري ڪِٿي ڊرامائي اَنداز نمايان آهي.
هر ڪالم يا مضمون کڻي چئو تہ پنھنجو مَٽُ پاڻ آهي، هر ڪو ڪالم اَلڳ اَلڳ سَماجي ۽ مُعاشرتي موضوع تي لِکيل آهي. آءٌ صرف هڪ ڪالم تي، جيڪو آچر 24 آڪٽوبر 2004ع تي ڇَپيو، مختصر تبصرو ڪندس. عنوان آهي ’مائرون ڪمال ڄاڻنديون آهن.‘
فجر جي ٻانگ اَچڻ واري هئي، هن لِکڻيءَ کي پڙهندي پڙهندي مون تي عجيب ڪيفيت طاري ٿي وئي. ذڪر آهي محمود جي ماءُ جي لاڏاڻي جو ۽ سندس پُٽَ محمود جي تاثرات جو. ماءُ جي دادلي محمود پنھنجي ماءُ سان بيحد پيار ۽ عقيدت جي اِظھار کي اَهڙي تہ ڏُکوئيندڙ ۽ دل ڏاريندڙ اَنداز ۾ پيش ڪيو آهي، جو آءٌ اوڇنگارون ڏيندو روئي پيس ۽ مُنھن تي کڻي ٽوال رکيم تہ متان منھنجي روئڻ تي منھنجي گهرواري سُجاڳ نہ ٿي پوي.
جيجل جي آخري پَساهن ۾ محمود پنھنجي ماءُ کي ڪَن ۾ سَرگوشي ڪندي چيو: ”اَمان! وقت اَچي ويو آهي، توهان هلو، اسان پويان اَچون پيا.“ محمود پنھنجي ماءُ سان پيار ۽ سندس اَمڙ جي پيار کي عشق جي اَعجاز سان مشابھت ڏِني آهي. لکي ٿو: ”۽ سَدائين منھنجو چيو مڃيندڙ، منھنجي اَزلي محبوبا، منھنجي عشق جي آوي، منھنجي ماءُ پَلڪون بند ڪري ڇڏيون هيون. هن جي اَکِ ڇا بند ٿي، ڪائنات ۾ ڄڻ مُرڪ جو دروازو بند ٿي ويو.“
ماءُ جي لاڏاڻي کان ڏهن ورهين بعد کيس ياد ڪندي محمود چوي ٿو: ”هنن ساعتن ۾، جڏهن توکي رخصت ٿئي اِسلامي لحاظ کان ڏھہ سال ٿيا آهن تہ خوشي اَمان ڄڻ توسان گڏ ئي دفن ٿي وئي آهي. ﷲ جو شڪر آهي... سڀ ڪجهہ آهي، پر تون ناهين.“
وري ٻئي هنڌ چوي ٿو: ”اَمان... تون سَچي هُئينءَ... جيڪو مقام تو مون لاءِ سوچيو هو، ڏِٺو هو، اُن جي سوچَ مون لاءِ اَهڙي قطعي نہ هئي. اَڄ جڏهن ماڻھن جو بي پناھہ پيار منھنجي پلئہ پئي ٿو، تڏهن غور ڪندو آهيان تہ هر چھرو، تنھنجو چھرو هوندو آهي. مان تہ آئيني کان ڇرڪندڙ ماڻھو آهيان. ڊپُ ٿيندو اَٿم، سوچَ اِيندي اَٿم تہ هي ماڻھو اُن لائق آهي، جيڪي ڪجهہ هن کي مِلي ٿو تہ هڪدم پُٺيءَ تي تنھنجو هٿ محسوس ٿيندو آهي ۽ ڪَنن ۾ گُونجندو آهي ”توکي ناهي خبر، تہ ڇا ٿيندين... ۽ اها خبر اَمان! ڪنھن بہ اولاد کي نہ هوندي ٿئي تہ هُو ڇا ٿيندو! واقعي مائٽ وڌيڪ ڄاڻي ٿو، پيءُ بہ ڄاڻي ٿو، پر ماءُ تہ ڪمال ڪري سَگهي ٿي.“
آخر ۾ محمود چوي ٿو: ”اَمان! هن نالائق لاءِ دُعا ڪندي رهجانءِ، ڇاڪاڻ تہ تنھنجي دُعا کان سواءِ هي ڪجهہ بہ ناهي. مون کي واقعي خبر نہ هئي تہ مان ڇا ٿيندس، پر ايتري خبر ضرور اَٿم تہ جيڪي ڪجهہ بہ ٿيان، تنھنجي دُعا کان سواءِ نہ ٿي سَگهندس. تون ڪمال جو ڄاڻين ٿي.“
اَدا محمود! تون تہ وڏي بخت وارو آهين، جو پنھنجي ماءُ جو آخري ديدار ڪيئه. مون کي تہ پنھنجي ماءُ جي لاڏاڻي جي بروقت خبر بہ پھچي نہ سَگهي ۽ هڪ هفتي کان پوءِ ٽيليفون ذريعي ٻُڌايو ويو تہ: ”تنھنجي ماءُ هن دُنيا مان لاڏاڻو ڪري وئي آهي!“
آءٌ بہ پنھنجي ماءُ جو تو وانگر ڏاڍو پيارو ۽ دادلو هوس. شال ﷲ پاڪ مرحومہ کي جنت الفردوس عطا فرمائي. آمين!

]’خواب نگر: پھريان هڪ سؤ ڪالم‘ جي مھورت ۾ پڙهيل 2003ع [

پوسٽ پارٽم (انجنيئر عبدالمالڪ ميمڻ)

جمال بي مثال هجي تہ ساراهڻ ڏکيو ٿيو پوي ۽ جمال وري جڏهن علم، ڏاهپ ۽ ڏات ڀريو هجي تہ ان کي سموهڻ ۽ سمائڻ هيڪاندو ڏکيو بلڪہ ڪڏهن تہ ناممڪن ٿي پوندو آهي. جهانن جي اُپائڻھار نبيءَ، صديقَ، شھيدَ، مومنَ، سگهڙَ، سياڻا، ڪونڌرَ ۽ جوڌا جنگ سڀئي انسانن ۾ اپايا آهن، جن جي احوال مان مشڪ ۽ عنبر جھڙي هٻڪار اچي ٿي.
عام توڻي خاص جو هر پل مشاهدو آهي تہ جنھن جي جھڙي ڪرت هوندي، ان مان اهڙي بُوءِ واسبي، جيئن مھاڻي مان مڇيءَ جي تہ گلن واري آرائينءَ مان گلن جي. بلڪل ساڳيءَ ريت نيڪيءَ سان، پريت رکندڙ مان بہ هانءُ ٺاريندڙ سُڳنڌ ايندي. هن ’خواب نگر‘ جي خالق محمود مغل چواڻي تہ، ”نيڪي تہ ريشم آهي، پَٽُ آهي... ريشم آهي... ڪيمخواب آهي... نيڪيءَ جھڙي تہ ڪا خوشبو ئي ڪونھي.“ (ڪالم 101)... پڌرو ٿئي ٿو تہ محمود نيڪيءَ سان نينھن لاتو آهي ۽ ’خواب نگر‘ جو هر باب نيڪي... ۽ اها بہ سڀ سان... انسانن سان ۽ هر طبقي جي انسانن سان نيڪي... سوچ جي نيڪي توڻي لوچ جي نيڪي... وري فقط انسانن سان ئي نہ پر جانورن سان بہ نيڪي. نيڪيءَ جي هيڏي اثرائتي ۽ پيرائتي تبليغ ۽ پرچار انسانيت جو معراج آهي، جيڪو ماڻھو ٻين لاءِ نيڪي سوچي ۽ نيڪي ڪري ٿو، اهو ماڻھوءَ مان ڦري انسان ٿيو پوي ۽ جڏهن انسان بڻجي ٿو تہ کيس مالڪ اشرف المخلوقات جي لقب سان سرفراز ڪري ٿو.
’حضرت سيدنا امام جعفر صادق عليہ السلام‘ جو قول آهي تہ، ”ماڻھن سان نيڪي ڪريو، مسلمان بڻجي ويندؤ.“ نيڪي ڪندڙ کي اهو شان انھيءَ ڪري عطا ٿئي ٿو جو هُو ﷲ جي مخلوق لاءِ ڀلو ڪري ٿو ۽ سھڻي سيد جو فرمان آهي تہ، ”خلق، ﷲ جو عيال آهي.“
هر آچر جي اخبار ۾ ڇپجندڙ ’خواب نگر‘ ۾، محمود مغل جي فوٽوءَ مان جيڪڏهن اهو انومان ڪڍجي تہ سندس کاٻي پاسي مڙيل ڪنڌ ٻڌائي ٿو تہ هن جو ڌيان سندس لڱايون لکندڙ ملائڪ ڏانھن آهي ۽ جيڪو پنھنجين اوڻائين ۽ ڪمين ڪوتاهين تي اک رکندو آهي، اهو انھن کان باخبر ٿي بچ بچان جي ڪوشش ڪندو آهي ۽ لڱائين کان بچندو تہ هروڀرو بہ چڱائين ڏانھن لڙندو ويندو ۽ سندس فوٽو بہ ’خواب نگر‘ جي تحريرن سان سھمت پيو ڏسجي. جو تحرير جو سڄو زور گهمائي ڦيرائي انسان کي رب سان جوڙڻ ۽ ان ناتي پنھنجي ڪائنات ۾ وسندڙ مخلوق سان محبت جو ناتو لائڻ ۽ نباهڻ تي آهي.
محمود مغل جي واھہ واھہ ڪھڙي ڪجي ۽ ڇو ڪجي! جيڪو پاڻ ئي هٿ ٻڌي هر هر منٿ ڪندي چوي ٿو تہ، ”هٿ ٻڌي هڪڙو عرض ڪرڻ گهران ٿو تہ مان واقعي بہ ان محبت جي لائق ناهيان... جيڪا مون کي اها جاءِ عطا ڪري... مان ڪو عالم، ڏاهو، دانشور يا فاضل ناهيان، پر اها سڀ منھنجي رب جي ٻاجهہ ۽ ڪرم آهي.“ (ڪالم 100).
’عشق ۽ مشڪ ڪڏهن بہ لڪائڻ سان ناهن لڪندا‘، جي مصداق ’خواب نگر‘ مشڪ مثل آهي، جنھن جي خوشبوءِ سڀني ڌرتيءَ وارن کي واسيندي رهي ٿي ۽ انھيءَ واس ۾ وسندڙ مخلوق سان محمود کي عشق آهي، پوءِ اهڙي عشق ۽ مشڪ کي وائکو ۽ نروار ڪرڻ جي ڪھڙي حاج آهي.
’خواب نگر‘ جي صدقي، جيڪڏهن ٽرئفڪ جام دوران ڪنھن هڪڙي گاڏيءَ واري فقط هڪڙو ڀيرو هارن نہ وڄايو، ڪنھن فرعون صفت سيٽيل ڪامورن جي سَٽ کان ڪو هڪڙو ماتحت فقط هڪڙو ڀيرو بہ بچي ويو، ڪنھن نانءَ چڙهي بي سمجهہ استاد جي ناانصافيءَ کان فقط هڪڙو ڀيرو ڪو هڪڙو شاگرد محفوظ رهيو، ڪنھن ڪاسائيءَ جھڙي دل رکندڙ ڊاڪٽر کان ڪو هڪڙو مريض فقط هڪ ڀيرو نرڙ تان پگهر اُگهڻ کان بچي نڪتو، ڪنھن ٽانءِ تي ٽوپي رکندڙ راشيءَ يا لٺ سردار هٿان ڪو دڪاندار، ڪو گهورڙيو، ڪو پينو فقير فقط هڪڙو ڀيرو هڪڙي ئي گارگند يا دڙڪي داٻ ۽ اڙي ڀيڻيان کان پٽڪو ۽ عزت بچائي ويو تہ پڪ ۽ ضرور چئبو تہ ’خواب نگر‘ جو مقصد سڪارتو ۽ سڦلو ويو ۽ گڏوگڏ محمود مغل جو پورهيو ڪمائتو ۽ لايو سجايو ٿيو.
هيل تائين جي تحرير تي ڪو چئي سگهي ٿو تہ اسين فقط محمود جي مدح سرائي عرف چاپلوسي يا خوشامد پيا ڪريون، پر هروڀرو ائين بہ ناهي. محمود جي ’خواب نگر‘ جي لکيت هڪ انسان جي لکڻي آهي، جو هُو بہ تہ عام جھڙو انسان ئي آهي، جنھن ۾ هڪ نہ پر اڪيچار اُڻايون ٿي سگهن ٿيون. وري اهڙي تحرير جيڪا هيڏي ڊگهي عرصي لاءِ هيڏي وڏي اخبار ۾ ڇپجندي رهندي هجي، ان جا پڙهندڙ بہ تہ ڀانت ڀانت جا ماڻھو هجن ٿا ۽ انھن مان ’ڪن لاءِ واڱڻ وائي تہ ڪن لاءِ بصر باديءَ‘ وانگر ڪا ڳالھہ هڪڙن کي مَٺي تہ ٻين کي مِٺي لڳي هوندي. مثال طور محمود جون ’خواب نگر‘ ۾ ڪنھن رٽائرڊ جهوني پرائمري ماستر وانگر نصيحتون ۽ وصيعتون ۽ اهي بہ گهڻي ڊيگهہ جو شڪار اسان مان ڪيترن کي بيزار ڪندڙ لڳنديون هونديون. ڪنھن دوست جو چوڻ (چڙ ۾) اهو بہ آهي تہ، ”محمود جي سڄي فيملي ٻارن کان پوڙهن تائين ۽ جيئرن کان مئلن تائين جو احوال يا ڪٿا ڦيرائي گهيرائي پڙهڻ سان اسان کي گهڻن نفلن جو ثواب ملندو.“ هڪ ٻئي دوست جو واڌارو تہ، ”ڀلا سندس گهر ۾ پاليل ڪتن، ٻلن ۽ ٻين جانورن سان اسان جو ڇا؟ جو اهي بہ سُور اسان (پڙهندڙن) جي مٿي ۾!“ هڪڙو رايو هي بہ تہ، ”محمود جيڪڏهن ڪنھن سان ڀلائي يا نيڪي ڪري ٿو تہ پوءِ اخبار ۾ پڙهو ڏئي... ڪھڙو ميڊل ٿو وٺڻ گهري، اهڙيون نيڪيون تہ اسان مان هر ڪو ڪندو رهي ٿو، پر اسان تہ ماڻھن کي ڪنڌ کان جهلي ناهيون ٻڌائيندا.“ وغيرہ وغيرہ. مطلب تہ جيترا وات اوتريون ڳالھيون ۽ اهڙين ڳالھين جو روئڻو محمود پاڻ بہ، ’خواب نگر‘ ۾ روئندو رهيو آهي. اسان هتي محمود جي ’خواب نگر‘ جي وڪالت ڪونہ ڪنداسين. باقي ايترو سو ضرور عرض ڪنداسين تہ ’خواب نگر‘ کي هڪ وار ورائي پڙهو، هن ۾ سھڻا گل بہ آهن ۽ گلن جي ڏانڊيءَ ۾ ڪنڊا بہ ضرور هوندا، پوءِ ڪنڊن (اوڻاين يا اڻ وڻندڙ ڳالھين) کان پاڻ بچائي گل (سھڻيون ڳالھيون) چونڊيو، انھن موهيندڙ گلن جا هار ٺاهي ڳلي ۾ پائي، سھڻا بڻجو پاڻ بہ خوشبوءِ جي هٻڪار ماڻيو ۽ ٻين کي بہ ان خوشبوءِ سان فرحت ۽ خوشيون پھچايو. انب کائو وڻ نہ ڳڻيو.
محبت پائي من ۾ رنڍا روڙيا جن
تن جو صرافن اڻ تورئو اگهائيو
]شاھہ[

]’خواب نگر: پھريان هڪ سؤ ڪالم‘ جي مھورت ۾ پڙهيل 2003ع [

رٽائر ناهي ٿيندي دل... (گوبند مينگهواڙ)

’ڪاوش‘ جي صفحن ۾ گُذريل ٻن سالن کان هر آچر تي مينھن ڪَڻين جھڙا اَحساس کڻي اِيندڙ محمود مغل جي مستقل سلسلي ’خواب نگر‘ جو هن هفتي آخري ڪالم ڇپيو آهي. دلڪش اَندازِ بيان ۽ دلپذير تاثير جو سامان کڻي اِيندڙ ’خواب نگر‘ ۾ هڪ وڏي عرصي تائين ڳالھين جون اِلاهي ساريون ڳنڍيون کُليون، جيڪي اسان جي آس پاس هوندي بہ اسان جي اَکين کان اوجهل هيون. توڻي جو محبت جي سَفر ۾ منزلن جو تعين نہ ڪرڻ کپي، پر محمود مغل پاران اَهڙيءَ ريت راند رَتي ڇڏڻ بہ هڪ مثبت قدم آهي.
ٻہ سال اَڳ جڏهن ’خواب نگر‘ جي شروعات ٿي هئي تہ يونيورسٽيءَ جي ڪاريڊور ۾ هڪڙي ڇوڪرَي، ’خواب نگر‘ جي ’شھزادي‘ جو پاند جهليندي پُڇيو هو تہ: ”ڇا هي سلسلو باقائدہ جاري رهندو؟“ تہ هن وراڻيو هو: ”مَنُ ۽ ماڻھو تہ اِيئن ٿا چاهِن، اَڳيان اُنھن جي مرضي!“ ۽ پوءِ بيکاريءَ کي برَ ۾ ڪيف چڙهندا ويا ۽ دل جي ڳالھين جو اُهو سلسلو سوسائٽيءَ جي هر سيگمينٽ جي ماڻھوءَ کي پنھنجي دل جي آواز جو پَڙاڏو ڀانئجڻ لڳو.
اَخباري ڪالمن جي هڪڙي هفتيوار سلسلي کي ماڻھن پاران ايڏي موٽ دراَصل سنڌي سَماج جي بيچينيءَ جو مظھر هئي. اسان جي هڪڙي دوست ڪجهہ سال اَڳ ڏاڍي سُٺي ڳالھہ چئي هئي تہ سنڌ ۾ هڪ ئي وقت غير معياري سياست ۽ غير معياري شاعري ٿي رهي آهي. غير معياري سياست جو قِصو تہ خير پاڻ وٽ هاڻ معيار جي ڪنھن بہ ڪئٽيگريءَ کان چڙهي ويو آهي، پر اِها غير معياري شاعري، معيار جون سَرحدون اورانگهي، سَڄي سنڌي اَدب کي وڻ ويڙهيءَ جيان وڪوڙي وئي آهي. محدود اَشاعتي وسيلن، نالي چڙهيل ’نوجوان ليکڪن‘ ۽ ’ڪُرسين تي ڄَور جيان چھٽيل بيوروڪريٽ اَديبن‘ سان سَٿيل سنڌ جي اَدبي قافلي جڏهن ايڪيھين صديءَ ۾ پير پاتو هو تہ دُنيا ۾ پروفيشنلزم جو ٻڙڌڪ متل هو، پر پاڻ وارو لَڏو جيئن تہ تڏهن بہ اَدب ۽ اَديب جي ڪارج جھڙي موضوع تي سوچڻ کان پالھو هو، سو تڏهن بہ وائڙن جيان بيٺل هو ۽ اَڄ بہ آهي. نتيجو سنڌ جي سياست جيان اَدب ۾ بہ مختلف نہ نڪتو آهي. هونئن بہ ٻاڻ جھڙن ديسن ۾ جِتي نظرياتي توڻي هماليہ جيڏا ماڻھو بہ ڪو اِنقلاب نہ آڻي سَگهيا، اُتان جي اَديبن، ليکڪن ۽ شاعرن مان سَماج کي بس رُڳو ايترو ئي پلئہ پوندو آهي، پر ڏُک اِهو آهي تہ هيڏو سارو اَدبي لشڪر اَڃان تائين پنھنجي اَئپروچ ۾ نہ رُڳو مئچوئر نہ ٿي سَگهيو آهي، پر ذِلتن ۽ نااِنصافين جي ماريل هن سَماج جو ڀرجهلو ٿيڻ لاءِ وٽس ڪو بہ ويزن ڪونھي.
ٽئين دُنيا جي هن ننڍڙي خِطي سنڌ ۾، سَماج پاران اَدب مان ڪو اُتساھہ نہ وٺڻ هڪ تہ اَهڙي رُڃ جھڙي منظرنامي سبب ٿيو آهي، پر اُن جو ٻيو سبب اَدب جو صحافتي فارميٽ ۾ تبديل ٿي، ماڻھن تائين پھچڻ بہ آهي. اَخبار جي پنھنجي عمر آهي، پنھنجي ريڊرشپ ۽ پنھنجو تاثر آهي، اُتي لِکندڙن کي پڙهندڙن جي هڪڙي وڏي اَنگ کي ذهن ۾ رکي، مڃتا جي مقابلي ۾ لھڻو ٿو پوي، سو تڪڙي شُھرت مِلڻ جي اُنھيءَ آسان آڏاڻي تي ليکڪن کي طبع آزمائي ڪرڻ لاءِ يا سياست جو موضوع وڃي بَچيو يا وري پنھنجي تجربن ۽ پڙهيل ڪتابن جو واعظ ڪجي. سياست مان سنڌي ماڻھو اَڳي ئي ڍئو ڪيو ويٺا هئا ۽ ڪتابن مان اُنھن کي ڪجهہ بہ ڪونہ ورڻو هو يعني اُنھن جي پنھنجي ڳالھہ ڪِٿي ڪونہ هئي، اُنھن جي پنھنجي اَندر جي خال جو ذڪر ڪِٿي بہ ڪونہ هو.
هيءَ ئي اُها پُوائنٽ هئي، جِتان ’خواب نگر‘ ڪِلڪ ڪيو. درد جون تصويرون ٺھنديون ويون، رنگن سان گڏ بي رنگ وجودن جون ڳالھيون ٿينديون ويون ۽ تصوير جي آئيني ۾ عڪس ٺھندا ويا. ڊِپارٽمينٽل اِسٽور ۾ محتاط نموني هلندڙ ماڻھو، غريب فروٽ وڪڻڻ واري جي ريڙهي تان اَلاهي ڇڏَ ڇوٽ ڪرائڻ کان پوءِ ويندي ويندي هڪ اَڌ شئي مُفت ۾ ڪيئن کڻن ٿا، کان وٺي تدفين مھل موبائيل فون جي رِنگ ٽِيُونِ وڄڻ تائين، اِهي سَموريون ننڍڙيون ننڍڙيون ڳالھيون ’خواب نگر‘ جي هِنن سؤ ورقن ۾ سَلھاڙجي آيون، جيڪي هڪ ماڻھوءَ کي اِنسان ۾ تبديل ٿيڻ لاءِ گُهربل هونديون آهن.
هڪ بھتر سماج جي تشڪيل لاءِ تبديليءَ جو بُنيادي ايڪو فرد آهي ۽ ’خواب نگر‘ ۾ اُهي سڀ ڳالھيون گُفتگوءَ هيٺ اِينديون رهيون، جيڪي تبديليءَ جي ڏُکوئيندڙ پنڌَ لاءِ Intiator ثابت ٿي سَگهن ٿيون، پر جيئن تہ سنڌي سوسائٽيءَ اَڃا تائين ڊولپمينٽل فيز نہ ڏِٺو آهي، سو اهي سڀ ڳالھيون ڪا اِجتماعي تبديلي آڻڻ کان قاصر آهن. پنھنجي پَرِ ۾ اِها هڪ ڪامياب ڪوشش ۽ پنھنجي حِصي جو ڪم آهي. ’ڪاوش’ معيار جي هڪڙي پرک آهي، اُتي هڪڙي سنڌي ليکڪ جو ايترو پروڊڪٽو ٿيڻ بہ هڪ ڪاميابي آهي. ’خواب نگر‘ جي حَدن جو تعين نثار بزميءَ جي سِٽن ڪيو هو، پر اُن جي پُڄاڻي مظھر لغاريءَ جي سِٽن جو هي سائِن بورڊ ڪري ٿو:
لکڻ کان لاتعلق ٿيو، مگر شاعر نہ ڄاتو هيءُ،
رٽـائر ناهي ٿيندي، دل چَري آ، بي چئي آهي.

]2002ع [

خواب نگر جو رُٺل راڻو ۽ اسان... (مختيار نظاماڻي)

حضرت شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جو رسالو سَڄو سارو حق ۽ سچَ تي ٻَڌل آهي، جنھن ۾ ڪوبہ ذَري جو بہ شڪ نہ آهي. شاھہ جي رسالي جا سڀئي سُر اَڄ بہ اسان جي عِلمي، اَدبي ۽ رُوحاني رهنمائي ڪن ٿا.
پر ’سُر مومل راڻو‘، جيڪو پنھنجي تمثيلي ۽ طلسماتي تجلين سان گڏوگڏ اَڄ بہ اسان جي اُونداهي ڪوٺيءَ ۾ عقل، فھم، سوچ لوچ، ڏاهپَ، ڏانءُ ۽ ڏاتِ جا ڏِيئا روشن ڪري، ڪنھن سَئين دڳ لائڻ ۾ دير نٿو ڪري. مومل ۽ راڻي جو قصو صديون پُراڻو کڻي ڇونہ هجي، پر جيڪڏهن اَڄ جي دؤر ۾ ويھي ويچارجي تہ قُرب جو ڪاڪ محل اَڄ بہ اسان کي نظر اِيندو ۽ اُن رُوح جي راڻي لئہ اَڄ بہ اَکڙيون اِنتظار ۽ اوسيئڙي ۾ اَٽڪيل نظر اِينديون ۽ محبت جي ماريل مومل اَڄ بہ اسان جي وجود ۾ وڍجي پئي، جنھن کي اسان ’دل‘ چئون ٿا.
اُها ’ڪاوش‘ جي اَڏيل ڪاڪِ محل جھڙي ’خواب نگر‘ ۾ پنھنجي رُوح جي راڻي (محمود مغل) لاءِ روئي رَڙي، راهن ۾ آس، اُميد، اِنتظار ۽ آھہ و زاريءَ جا ڏِيئا ٻاري، تاتِ طلب ۾ تڙپي، قُرب جا ڪانگ اُڏاري، پنھنجي من جي محبوبَ ۽ ساهَه جي سوڍي کي ساري ٿي.
ٻہ هفتا اَڳ، يعني آچر 24 جولاءِ وارو ڪالم ’ففٽي اَپ‘ اَصل هيئين مان پار ٿي ويو، جنھن ۾ محمود هڪ اَهڙي ڳالھہ ڏانھن اِشارو ڪيو، جنھن کي سُر مومل راڻي ۾ شاھہ سائينءَ جي هنن سِٽن ۾ ڳولجي تہ:
ڪاڪِ ڪڙهي، وَڻَ پيا، جَلي منھنجي جان،
رکي ڪامَ ڪِڻِڪيو، ماريس تنھن گُمان،
هَڏِ نہ جيئان هان! سِگهو موٽج سُپرين.
يعني راڻو، مُومل سان سُتل سُومل کي ڏِسي، ڌاريو مرد سمجهي، نشانيءَ طور پنھنجو لڪڻ رکي، آهستي آهستي کِسڪي ويو.
بلڪل اِئين محسوس ٿيو تہ هن جي من جو مينڌرو (محمود) بہ شايد ’ففٽي اَپ‘ جي ڪامَ رکي، ڪڻڪي ويندو ۽ ٿيو بہ اِيئن. آچر 31 جولاءِ تي ڪالم ڪونہ ڇپيو ۽ ڪالھوڪي سَتين آگسٽ واري آچر تي هيڪاري هينئون هيرڻ پن جيان چِيري، چوڏهن ٽُڪر ڪري ڇڏيو تہ ڪلھہ ٻيو هفتو گُذري ويو، پر محمود صاحب جو ڪالم ڪونہ آيو ۽ ’خواب نگر‘ جو فقط خواب ئي رهجي ويو. شايد اسان جا سَماجي ڪِريل ڪرتوتَ ۽ لڇڻ ڏِسي هاڻ ڪالم ڪڏهن بہ نہ لِکي.
محمود مغل، جيڪو اَدب جي آسمان تي چمڪندڙ چنڊ جھڙي حيثيت رکي ٿو، سندس سَٻاجهڙي شخصيت ڪنھن کان بہ ڳُجهي ناهي. سندس لِکڻين ۾ اَڇي کير جھڙي اَمرت، چاهت جھڙي چانڊوڪي ۽ سچ جي سُرهاڻ جو هڳاءُ هميشہ رهندو آهي. ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي پروگرام ’سُڳنڌ‘ جي سارَ هجي يا ’پرک‘ جي پَچارَ، ٽي. ويءَ تي لِکيل ڊراما هُجن يا اِسٽيج تي ڪمپيئرنگ، اَخبار جا ڪالم هُجن يا سندس رُوبرو جي ڪچھري، دل چاهيندي تہ بس رُڳو محمود کي خاموشيءَ سان ويھي ٻُڌجي، پڙهجي، ڏِسجي ۽ اَکيون بند ڪري محسوس ڪجي. قسم سان نيڻ ئي نٿا ڀَرجن، دل ئي نٿي ڍاپي.
مون کي ياد آهن ريڊيو جا اُهي ڏينھڙا، جڏهن آءٌ ۽ محمود صاحب هڪ ئي پروڊيوسر محمد اَنور هَڪڙَي وٽ پروگرام ڪندا هئاسين. اسان سنڌي ڊرامي جي ٽيم سان ريھرسل ڪندا هُئاسين تہ محمود صاحب پروگرام ’سُڳنڌ‘ جي تياريءَ لاءِ ريڊيو لسنرز جا سوين خط کڻي، هر هڪ خط کي غور سان پڙهي، بغير اِسڪرپٽ جي لائيوِ (Live) پروگرام ۾ شامل ڪندو هو. پروگرام مان واندو ٿي، هَڪڙَي صاحب جي آفيس ۾ سندس ڪچھري علم ۽ اَدب جا اُهڃاڻ، لفظن جي شائستگي ۽ مڌر آواز جو اَنداز پَساهن ۾ پيوَست ٿي پيھجي ويندو هو.
محمود مغل جي قلم جي اِها ئي تہ جادوگري آهي، جو سندس سِٽن ۾ سچ سھيڙجي اَچي ٿو ۽ هُو پڙهندڙ کي پنھنجي جيءَ ۾ جهاتي پائڻ تي مجبور ڪري ٿو. اِهو ئي سبب آهي، جو ’ڪاوش‘ ۾ لِکيل
’خواب نگر‘ جي هر هڪ ڪالم جون سونَ سَنديون سِٽون اَکڙين جي جهروڪن مان پار ٿي، اَندر جي آئيني تي ڪڏهن بہ نہ مِٽجندڙ عڪس عيان ڪري وڃن ٿيون.
محمود جي لِکڻين جو اِهو تہ ڪمال آهي، جو اُهي ضمير کي اَڇو اُجرو ۽ پاڪ صاف ڪرڻ لاءِ اِنسان جي اَگهي (بيمار) اَندر ۾ سَرجيڪل لفظن سان سَرجري ڪري ٿو، جو واقعي من جا مرض ۽ دل جا درد دُور ٿي وڃن ٿا ۽ اِنسان کي ڪماليت جو درجو ڏئي، معزز صاحب عِلم ۽ عقل جا اَعزاز بَخشي، اِنسان جي اَندر ۾ نااُميديءَ ۽ مايوسيءَ جي چِڪناچُور ٿيل آئيني کي باهمت لفظن سان سَھيڙي، ٻيھر جوڙي، اُن ۾ زندگيءَ جي سَمورن اَصلي عڪسن ۽ فطرت جي خوبصورت رنگن سان رَچنا ڪري ٿو.
محمود جا ’خواب نگر‘ سڀ پنھنجو مَٽ پاڻ آهن، پر خاص ڪري ’هني مون‘ ۾ طوطي ۽ چِٻري جي ڪردارن وسيلي عدل ۽ اِنصاف جي اَهميت کي اُجاگر ڪيو آهي. ’ڇھين موسم‘ ۾ محمود صاحب جو قلم گُگدام ۽ بي زبان زندگين جي زبان بڻجي، ضمير تي زوردار وار ڪري، اَندر جا تارَ ڇيڙي، ڇرڪائي، اَصل ڇيھه ڪري ڇڏي ٿو. ’ڏيندو سائين... کائيندو ڪونہ...‘ ۾ هن ڏاتِ ڌڻيءَ هڪ اَهڙي ڏُکايل ڏيل سندي بُکايل بندي جي ويلي کي ٺيلھي جي وارتا اِيئن ورجائي آهي، جيڪا ورهين تائين نہ وسرندي. سچ پچ ۾ اِها ئي تہ آهي اَصل ۾ اِنسانيت جي خدمت، جيڪا خود اِنسان جي اَندر کي اُجاگر ڪري، پر اسان ۾ اَهڙي اَهليت ڪِٿي، جو اَهڙن اَمُلھہ اُهڃاڻن کي سِيني ۾ سَمائي سَگهون.
’خواب نگر‘ هڪ اَهڙو آئينو، جنھن ۾ هر هڪ اِنسان کي پنھنجو چھرو نظر آيو، جنھن جو ذڪر خود محمود صاحب پنھنجي شايد آخري ڪالم ’ففٽي اَپ‘ ۾ وضاحت سان ڪري چُڪو آهي. ڪنھن دوست هن ڪالم لاءِ گاريون ڏِنيون تہ ڪنھن هن ڪالم کي ’ڪاوش‘ لاءِ زيان لِکيو تہ ڪِن وري هن ڪالم کي ’ڀيڙ چال‘ جا لقب ڏِنا.
بھرحال اِهو تہ هو هر ڪنھن جو پنھنجو ڪردار ۽ هر ڪنھن جو پنھنجو رايو ۽ اَهڙن راين جو اِظھار شخصيتون پنھنجي ظرف مطابق ضرور ظاهر ٿينديون هونديون ۽ شايد اَهڙن گهٽ عقل اِنسانن محمود صاحب جي دل ٽوڙي ڇڏي.
اِهو سڀ اِئين محسوس ٿيو، جو پاڻ پنھنجي دوست محترم منظور ميراڻيءَ کي چيائون تہ: ”پنجاھہ ڪالمن کان پوءِ رُخصت ٿي... راند رَتي ۽ ميڙو متل ڇڏجي.“ ٿي سَگهي ٿو تہ محمود صاحب دل شِڪستہ ٿي، ’خواب نگر‘ لِکڻ ڇڏي ڏِنو هجي، پر اِنھيءَ حقيقت کان اِنڪار ڪونھي تہ ڪي ڀٽڪيل اِنسان محمود صاحب جي قلم جي هن پورهئي کي راهَه ڏيندڙ رهبر بڻائي، دُنيا ۽ آخرت جون نيڪيون ڪمائڻ لڳا آهن، ڪنھن جي سوچن کي لوچڻ جي منزل مِلي هُجي تہ ڪڏهن ڪو بدنصيب، بدبخت ۽ بي چيو پُٽ پنھنجي جيجل ماءُ کي پَرچائي، گهر وٺي اَچي دُنيا ۾ ئي جيئري جنت جو حقدار ٿي ويو. جيڪڏهن ’خواب نگر‘ جي حقيقت جي خبر نہ هجي، پُڇو واپڊا جي اُن ملازم کان جنھن ’خواب نگر‘ مان سِکندي، پنھنجي قيامت ڪاري ٿيڻ کان بَچائي ورتي ۽ جيڪڏهن پُڇڻ چاهيو ٿا تہ ’خواب نگر‘ جي اَهميت تہ پُڇو اُن پوڙهي ماءُ کان، جنھن جو پُٽ ٽول پلازا تي جوس وڪڻي ٿو ۽ اُها پوڙهي عورت محمود کي ڀاڪر پائي، چُميون ڏيئي، پنھنجي غريباڻي اَجهي ۾ مھمانيءَ لاءِ منٿ ڪري ٿي.
ڇو؟ آخر ڇو..؟ اُن ڪري جو ’خواب نگر‘ اُنھن ’خوابن جي نگريءَ‘ ۾ حقيقت جا رنگ ڀريا آهن، اُنھن جي جِيوَن گاڏيءَ جا اِسٽيئرنگ اِنسان جي اَصل منزل ڏانھن موڙيا آهن.
آخر ۾ آءٌ پنھنجي طرفان ۽ ’ڪاوش‘ پڙهندڙن سڀني سنڌ واسين طرفان محمود جي جهوليءَ ۾ ڀٽَ ڌڻيءَ جو هي بيت وجهي، هي عرض ڪندس تہ:
رُسُ مَ رُسڻ گهوريو، ڇڏِ راڻا! ريڏائي،
منھنجي ميٽ مينڌرا، عاقل اَگلائي،
لپيٽج لطيف چئي، ڪامل ڪچائي،
ڪر معاف مدائي، تہ سوڍا سُکيائي ٿيان.
۽ محمود کي جهول جهلي ايلاز ڪندس تہ خدارا ’خواب نگر‘ نہ لِکي، اسان جا خواب نگر ويران نہ ڪريو. ڇو تہ اسان جي اَکڙين ۾ خواب سارا رهجي ويا ۽ لفظ ڪي چوڻ وارا رهجي ويا. رهجي ويل منظر... ٽُٽل لفظ، کنڀڙاٽ ڀڳل آس، اَڌورا سپنا، اَڻ پورا خواب ۽ اوهان جو لِکيل خواب نگر...
اِهي تہ آهن اسان جي وياڪل منَ جو ڪُل سَرمايو... مھرباني ڪري ’خواب نگر‘ وري لِکو.

]2002ع [

دل سان لکيل خواب نگر (عبدالمؤمن ميمڻ)

سوچان ٿو! ڪھڙو اَنداز، اَلفاظ اِستعمال ڪري باور ڪرايان تہ مان اوهان سان پيار ڪريان ٿو، اوهان کي دل ۽ منَ سان چاهيان ٿو. اوهان سان قلم جي وٿ سان ئي سھي، بھرحال مخاطب ٿيڻ جي پھريون ڀيرو سَعادت ماڻي، سچ پچ ڪا رُوحاني مسرت ۽ قلبي سُرور محسوس ڪري رهيو آهيان.
’خواب نگر‘ ۾ اوهان جا ليک پابنديءَ سان پڙهندو آهيان. ظاهري ڳالھہ آهي تہ ڪاغذ تي پٿاريل سِٽون، ليکڪ جي اَندر جي ئي عڪاسي هونديون آهن، جيڪا ڳالھہ يا سِٽِ، پڙهڻ/ٻُڌڻ سان دل ۾ کُپي وڃي، اُن ۾ شڪَ جي ڪھڙي گُنجائش ٿي رهي، جو سوچجي تہ منجهس خلوص آهي بہ اَلائجي نہ!
علامہ اِقبال ڪيڏو نہ خوبصورت چيو آهي:
دل سَي جو بات نڪلتِي هَي، اثر رکتِي هَي
پَر نھين، طاقتِ پرواز مگر رکتِي هَي
بھرحال اوهان جا ليک پڙهندي وڌيڪ خوشي اِن حوالي سان بہ ٿيندي اَٿم تہ حقيقت کي مذهبي رنگ ۾ بيان ڪرڻ جي جرئت وارا ماڻھو اَڃان بہ آهن. هڪ اَهڙي ماحول ۾، جِتي مذهبي رنگ کان اِنڪار فيشن بڻيل ۽ مذهبي رنگن سان ليکن کي رڱڻ پاڻ کي کِکو کِکو محسوس ڪرڻ برابر تصور ڪيو وڃي ٿو. هيل تائين ’ڪاوش‘ جھڙي سنڌ جي هردلعزيز اَخبار ۾ منھنجي خيال جو ئي نصيب بڻي آهي. الحمدلله! ڏاڍو سُٺو ۽ سو بہ وقتائتو لِکندا آهيو.
اِنَ ﷲ لا يُضِيع اَجرُالمحسنين.
اَلحمدﷲ! اوهان جو لايو سَجايو ٿي رهيو آهي، خُدا پاڪ ڪندو اوهان جون تحريرون اَڃا بہ وڌيڪ رنگ لائينديون.

]2002ع [

خواب نگر (دريا خان شنباڻي)

آچر اٺين جنوريءَ تي اوهان جو مضمون ’ڪاوش‘ ۾ پڙهيم، جنھن جي جواب ۾ مون هي هيٺيون ننڍڙو مضمون لِکيو هو، جيڪو ڇپجڻ کان رهجي ويو، سو بھتر سمجهيم تہ گهٽ ۾ گهٽ منھنجو آواز اوهان تائين تہ پھچي، سو هي اَڻ ڇپيل خط حاضر آهي.
آچر اٺين جنوريءَ تي ’خواب نگر‘ جي سلسلي ۾ ’زادِ راھہ‘ ۾ سائين محمود مغل دٻيل لفظن ۾ اِها شِڪايت ڪئي آهي تہ سندس لکڻين کي اَشفاق احمد جي لِکڻين سان ڳنڍيو ٿو وڃي، پر اَکين کي ڪو سَمجهائي سِگهي ٿو تہ سندس ڪالم پڙهندي ڇُلڪي ڇو ٿيون پون؟ آخر سندس ڪالم پڙهندي اَشفاق احمد ڇو ٿو ياد اَچي وڃي؟ ڇوتہ اَکيون تڏهن بہ اَشڪبار ٿي پونديون هيون، جڏهن اَشفاق احمد پنھنجي مشھور و معروف ٽي. وي پروگرام ’زاويہ‘ ۾ پنھنجن ڪُلھن تي شال رکي، بزرگانہ ڳالھيون ڏاڍي سَليقي سان ٻُڌائيندو هو. شايد اِهو ئي سبب آهي، جو سائينءَ جا ڪالم پڙهندي اَشفاق احمد ياد اَچيو وڃي، پر ڪي سوڙهيءَ دل جا مالڪ سندس لِکڻين کي ’نقل‘ ٿا سَمجهن. ڇا هن دؤر ۾ اَهڙين لکڻين جي کوٽ محسوس نٿي ڪئي وڃي ۽ هي دؤر تہ گُلزار جي هنن سِٽن سان ٺھي ويو آهي:
يه روٽيان هَين، يه سِڪَي هين اور دائرَي هَين
يه ايڪ دُوجَي ڪو دن ڀر پڪڙتَي رهتَي هَين
ڇا هن مُعاشري کي هڪڙو محمود مغل گُهرجي ۽ يا هڪڙو ئي اَشفاق احمد گُهرجي؟ ٻيا بہ محمود مغل گُهرجن، ٻيا بہ اَشفاق احمد گُهرجن، جيڪي ڀلي Optimist نہ هُجن، اُهي Passimist ئي هُجن تہ جيئن زندگيءَ جي اُونداهن رُخن، جن کي ڏِسڻ ۽ سَمجهڻ کان اسان قاصر آهيون، سي ڏيکاري ۽ ٻُڌائي سَگهن تہ زندگيءَ جي اَصل حقيقت ڇا آهي؟
علم پُھچائڻ وارن جي هتي کوٽ ناهي، ٽِڪ ٽِڪ ڪندڙ ڪمپيوٽر ۽ ڪلڪيوليٽر ذهنن ۽ پئسو ڪمائڻ ۽ بَچائڻ جا گُر سيکاريندڙ ماڻھن جي ڪمي ناهي، پر محبت جي راهن کي روشن ڪرڻ، ماڻھن کي محبت ڏانھن اُتساهڻ، ٻئي جي عزت ۽ دلي همدردي ڪرڻ وارن جي کوٽ آهي.
جيئن اَشفاق احمد جي ’زاويہ‘ ۾ هڪ هنڌ لِکيل آهي تہ: ”بابا (مرشد) ڏانھن ويس، کيس ٻُڌايم تہ مان ڪجهہ ماڻھن جي اِصرار تي سندن دعوت تي وڃي رهيو آهيان. چوڻ لڳا، ڳالھہ ٻُڌ! تون اوڏانھن وڃين پيو، وڏي خوشيءَ جي ڳالھہ آهي، اُتي وڃ ماڻھن کي عِلم عطا ڪرڻ نہ ويھجانءِ، اُنھن کي محبت ڏِجانِءِ. مون چيو، سر! محبت تہ اسان وٽ پنھنجي گهر ۾ ڏِيڻ جيتري بہ ناهي، اُتي ڇا ڏيندس، مون وٽ عِلم ئي عِلم آهي. چوڻ لڳا، نہ اُنھن کي عِلم نہ ڏِجانءِ، اُنھن محبت سان سَڏايو آهي، محبت سان وڃجانءِ، اَگر اَٿئي تہ ڏِجانءِ، پر ظاهر آهي تہ اسان علم ئي علم سيکاريندا آهيون تہ هيترو وڏو روشندان رکو، جانورن کي گهرن اَندر نہ ٻَڌو، نڪ سان ساهُہ کڻو وغيرہ وغيرہ ۽ هي محبت! مون چيو، سائين! هي مشڪل ڪم آهي، مون کان نہ ٿي سَگهندو. خير! مان ويس، ڪوششون بہ ورتم، پر ناڪام واپس وريس، ڇوتہ عِلم عطا ڪرڻ ۽ نصيحتون ڪرڻ آسان آهي، پر محبت ڏِيڻ بي اِنتھا مشڪل ڪم آهي.“
ساڳيءَ طرح مظھرالاسلام بہ تہ هن دُنيا مان تيزيءَ سان ختم ٿيندڙ محبت کي بَچائڻ لاءِ ’محبت مُردہ ڦُولون ڪِي سمفني‘ جھڙو خوبصورت ناول لِکيو.
محمود مغل بہ تہ ساڳي راهَه جو راهي آهي تہ پوءِ ڇو اُنھن راهن کي بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ۽ گڏوگڏ ’زادِ راهَه‘ ۾ هڪ غلطيءَ جي بہ نشاندہي ڪرڻ ضروري ٿو سمجهان، جنھن ۾ سائين محمود مغل لِکيو آهي تہ: ”مون ’خواب نگر‘ ڪافي اَڳ ۾ لکڻ شروع ڪيو هو، ’زاويہ‘ تہ پوءِ ڇپيو. اِيئن ناهي، ’زاويہ‘ تہ ’خواب نگر‘ کان اَڍائي ٽي مھينا اَڳ ۾ ڇپيو هو، ڪتابي ڪيڙي تہ ’زاويہ‘ کي اُنھن ڏينھن ۾ ڪتري ڇڏيو هو. ’زاويہ‘ جو پھريون ڇاپو مارچ 2004ع ۾ ’سنگِ ميل پبليڪيشنز‘ طرفان چپيو هو، اَهڙيءَ طرح ’سنگِ ميل پبليڪيشنز‘ طرفان ’زاويہ‘ جو ڇاپو، هر ٻئي ٽئين مھيني ڌڙاڌڙ جاري آهي. ’خواب نگر‘ تہ شايد جولاءِ 2004ع ۾ ڇپجڻ شروع ٿيو هو.
سائين ننڍڙو ماڻھو آهيان، ڪا غلطي ٿي وئي هُجي تہ معاف ڪندا!

]2002ع [

محمود مغل ۽ خواب نگر (ساگر سلام علي ساگر)

انسان سڄي زندگي لفظن جي ڀاڪر ۾ رهي ٿو ۽ لفظن جي تور ماپ ۾ مبتلا رهي ٿو، لفظن جو وزن ڪڏهن ڳرو ٿئي ٿو تہ وري ڪڏهن لفظن جو وزن نہ هجڻ برابر هجي ٿو. انھن لفظن جو وزن انسان جي شخصيت تي گَهِرو اثر ڇڏيندو آهي. انسان جي شخصيت ڪڏهن مھان ٿي پوي ٿي تہ ڪڏهن شخصيت وڃي نالي هجڻ تائين بچي ٿي. لفظن جي اها اُوچ نيچ انسان تي هر وقت هر لمحي گهري کان گَهِرا اثر ڇڏيندي رهندي آهي. پوءِ چاهي اهي اسان جي لبن مان ٿڙڪندڙ لفظ هجن يا اهي لفظ قلم جو نوڪ مان سرجندڙ هجن، پر لفظ پنھنجي حُسن و جمال مطابق هر وقت پيا خوشبوءِ اوتيندا آهن. لفظن ۾ سمايل خوشبوءِ جو ڳانڍاپو وري انسان جي اندر جي احساسن ۽ جذبات سان ڳنڍيل هوندو آهي.
ساڳي ريت انسان جي احساس ۽ جذبات جو ڳانڍاپو وقت سان ڳنڍيل هوندو آهي. اهو وقت جنھن ۾ اهي لفظ پيش ڪيا ويندا آهن، بيان ڪيا ويندا آهن ۽ ڳالھايا ويندا آهن. بيان ڪرڻ ۽ ڳالھائڻ جو هنر وري ادائگيءَ تي مشتمل هوندو آهي ۽ لفظن جي ادائگي، ڪيفيتن جي دائري ۾ قيد هوندي آهي.
انسان جنھن ڪيفيت مان گذرندو آهي. ان ڪيفيت موجب ئي لفظ جنم وٺندا آهن، پوءِ اها ڪيفيت ڪھڙي بہ هجي، اهو وقت تي ئي مشتمل هوندو آهي. ڇو تہ هر وقت ڪيفيتون هڪ جھڙيون ناهن هونديون، هر لمحي، هر پل ڪيفيتون بدلجنديون رهنديون آهن. مطلب تہ انسان جي ڪيفيتن جي ڪابہ موسم ناهي هوندي...! هر نئين پل ۾ ڪھڙي ڪيفيت جنم وٺي، ڪا بہ خبر ناهي هوندي! ڪيفيت اگر ڏک جي آهي تہ لفظن ۾ هڪ وڏو ۽ گَھِرو درد سمايل هوندو آهي. لفظن جي آلاپ مان جيءَ کي جهوريندڙ هڪ صدا گونجندي آهي ۽ اگر ڪيفيت خوشيءَ جي آهي تہ پوءِ لفظ پاڻ مُرادو ئي مُشڪندا آهن. ڄڻ تہ خوشيءَ جا انيڪ سُر وکرندا آهن ۽ سُر بہ اهڙا وڻندڙ ۽ من کي موهيندڙ هوندا آهن جو دل جي دنيا باغ و بھار بڻجي ويندي آهي. جھڙوڪ: جيجل ماءُ جي مٺڙي ٻوليءَ ۾ دل جي تارن کي ڇھندڙ سُرور سمايل هوندو آهي، جنھن کي اڄ بہ ٻُڌي مٺي ننڊ اچيو وڃي.
لفظ تہ صدين کان وٺي ساڳيا ئي آهن، مفھوم بہ ساڳيو اٿن ۽ معنيٰ بہ ساڳي اٿن. بس رڳو فرق آهي لفظن جي سھڻي ادائگيءَ ۾، ڇو تہ لفظن جي سھڻي ادائگيءَ سان لفظن جو مفھوم ئي سھڻو جڙندو آهي. معنيٰ اڃان وڌيڪ ئي اثرائتي ۽ پُرڪشش جُڙي پوندي آهي. اها ئي اُها سھڻي ادائگي هوندي آهي، جيڪا هڪ ماڻھوءَ کي ٻين ماڻھن جي دلين جو دادلو بڻائي ڇڏيندي آهي، جيڪا هر دل ۾ جڳھہ ٺاهيندي آهي. اهڙا انسان لفظن کي محبت ۽ چاھہ جي نيڪ نيتي سان سھڻي سھيڙ ۽ ترتيب ڏيندا آهن ۽ لفظن کي حُسن بخشڻ جو ڪمال ڄاڻيندا آهن. لفظن کي گلابن جيان هڪ هار ۾ پوئڻ ۽ خوشبوءِ کي خوشبوءِ جي ڀاڪر ۾ ڀرڻ جو ڪمال تمام گهٽ ماڻھن کي نصيب ٿيندو آهي ۽ اهڙا ماڻھو آڱرين تي ڳڻڻ جيترا هوندا آهن. اهڙن ڪمال ڄاڻيندڙ ماڻھن مان هڪ وڏو ۽ سھڻو نالو ’محمود مغل‘ صاحب جن جو بہ آهي.
محمود مغل کي اهڙو ڪمال، ’گاڊ گفٽيڊ‘ آهي ۽ ان ڪمال کي وري ڪمال بخشڻ جو هُنر پڻ آهي. جنھن جو ثبوت هُن جون بي مثال لکڻيون آهن. محمود مغل هڪ ڪمال جو رائيٽر آهي ۽ جيڪو پنھنجي هر لکڻيءَ سان هميشہ خوب نڀائيندو آهي ۽ نڀاءُ بہ اهڙو جھڙو سونَ تي سُهاڳو يا مُنڊيءَ تي ٽِڪ.... آئون نٿو سمجهان تہ اهڙو ڪوبہ شخص نہ هوندو جنھن محمود مغل جي لکڻيءَ هڪ دفعو پڙهي وري ٻيھر پڙهڻ جي خواهش نہ ڪئي هجي...! ڇاڪاڻ جو هي لکڻيون نہ صرف پڙهڻ جي حد تائين قيد ناهن، جنھن کي پڙهي پوءِ وساري ڇڏجي، انھن لکڻين مان گهڻو ڪجهہ سکڻ لاءِ حاصل ٿئي ٿو ۽ لکڻين ۾ سمايل هر لفظ مانائتو هوندو آهي. هر ڳالھہ مانائتي هوندي آهي. جنھن تي غور ڪرڻ ۽ سوچڻ تي هڪ نئون سبق حاصل ٿيندو آهي ۽ اهو سبق زندگيءَ ڀر لاءِ اصلاح جو هڪ نئون نمونو هوندو آهي.
محمود مغل جي ڳالھہ ڪجي ۽ ’خواب نگر‘ جو ذڪر نہ هجي. ڄڻ تہ ڪو گل خوشبوءِ کان خالي هجي، ڄڻ تہ ڪا ڪنوار سينگارن کان محروم هجي، هتي خواب نگر جو ذڪر نھايت ئي ضروري آهي. ڇو تہ ’خواب نگر‘ کان سواءِ ڳالھہ ئي پوري نہ ٿيندي، سڄي لکڻي ئي اڌوري هوندي.
’خواب نگر‘ جي دنيا ئي وري هڪ عجيب دنيا آهي، اهل علم ۽ اهل عقل ماڻھن لاءِ تہ وري ’خواب نگر‘ ڪو خواب نگر نہ آهي، پر هڪ حقيقت آهي. جنھن کي اهلِ نظر ماڻھو ئي پسندا آهن. حقيقت جو آئينو سامھون رکي لکجي تہ خواب نگر، خوابن جي دنيا سان بلڪل بہ جُڙيل ناهي ۽ نہ ئي خوابن جي دنياسان ڪو پري جو تعلق بہ آهي، پر خواب نگر معاشري جي مشاهدن ۽ تجربن سان ڀريل ۽ سينگاريل هڪ حقيقت ۽ سچ آهي. محمود مغل خواب نگر کي شائستہ لھجي ۾ لکيو ۽ ترتيب ڏنو آهي. پنھنجي احساسن ۽ جذبن کي محبت جي اهڙي سھيڙ ڏني آهي، جو اهي احساس ۽ جذبا پنھنجا پنھنجا لڳن ٿا. ڄڻ تہ دل جي تار کي ڇھن ٿا. لفظن ۾ ايتري تہ پنھنجائپ سمايل آهي، جو مون جھڙا اٻوجهہ بہ گهڻو ڪجهہ سکي سگهن ٿا. ڄڻ تہ مون جھڙن اٻوجهن جي زندگي ئي سنورجڻ جا هار پھرڻ لڳي ۽ اندر جو سُتل انسان اگهور ننڊ مان جاڳي سُرخرو ٿيڻ لڳو ۽ پنھنجي سڃاڻ ۽ شناخت لاءِ دل ڳولا شروع ڪري ڏني.
محمود مغل جون لکڻيون پاڻ سامھون ڳالھائن ٿيون... جيئن، ’نگاھہ ضروري آهي‘، ’بند دروازا نہ ٿجو پليز‘، ’لٿل پٿل‘، ’شُڀ شُڀ ڳالھايو‘، ’جي ياد اچئي منھنجي‘، ’مائرون ڪمال ڄاڻن ٿيون‘... ۽ ٻيو بہ گهڻو ڪجهہ مطلب تہ کوڙ سارن پھلوئن تي لکيل، کوڙ سايون عجيب حقيقتون ۽ هر حقيقت، خلوصِ دل ۽ خلوصِ نيت سان لکيل آهي، ڪا ميڪ اپ ناهي ٿيل. مصنوئي دنيا جون ڪي بہ جهلڪيون ناهن لکيل، جيڪو ڪجهہ بہ لکيل آهي، سچائي ان ۾ مُرڪي ٿي پئي. اهو ئي وڏي ۾ وڏو ڪمال آهي، جو محمود مغل منھنجي دل جو دادلو رائيٽر آهي. سندن لکڻين کي پڙهي ائين ٿو محسوس ٿئي تہ ’سَر هميشہ پنھنجي پڙهندڙ سان ئي هم آهنگ آهي. هم ڪلام آهي يا اُن پڙهندڙ کي چيچ مان وٺي ڪجهہ سيکاريندو هجي ۽ سکيا بہ اهڙي، جنھن تي عمل ڪري پنھنجي زندگيءَ ۾ غلطين جي ڪا بہ گنجائش نٿي ڇڏي سگهي ۽ وري ايترو ڪجهہ ٻڌڻ ۽ سمجهڻ کان پوءِ غلطين جي ڪا گنجائش هجڻ بہ نہ کپي.‘
سَر، کوڙ سارن پھلوئن تي دل کولي ۽ نفيس لھجي ۾ لفظن کي حُسن بخشيو آهي ۽ هر لفظ کي پنھنجي الڳ خوشبوءِ آهي. ليکڪ مون کي تخليقڪار گهٽ ۽ دلين جو ترجمان وڌيڪ لڳندو آهي ۽ ترجمانيءَ جو انداز بہ نھايت خوبصورت ۽ دلڪش آهي. ڇو تہ سَر جي لکيل هر هڪ ڳالھہ دل وٽان آهي ۽ دل جي بلڪل قريب آهي، سر پنھنجي سوچ کي اعليٰ نموني ۽ بلڪل آسان سنڌيءَ ۾ تحرير ڪيو آهي، لفظن ۾ ڪنھن بہ قسم جو ڪو بہ ڦير گهير نہ آهي. لفظن جو مفھوم صاف صاف چِٽو ۽ واضح آهي، سر پنھنجي لکڻيءَ ۾ هڪ نئون رنگ ڀريو آهي، کڻي ائين چئجي تہ هڪ منفرد انداز سان دل جي ڳالھہ کي بيان ڪيو آهي ۽ ان انداز اڃا لفظن کي ناياب بڻايو آهي.
سندن انداز ۾ نمايان ۽ معتبر ڳالھہ اها آهي تہ سر محمود مغل، ’عزيزانِ من‘ ۽ ’مانائتا مھربانو‘ جھڙن انمول ۽ محبت ڀريل لفظن سان پنھنجي پنھنجي لکڻيءَ ۾ اڃا بہ وڌيڪ سھڻا ۽ خوبصورت رنگ ڀريا آهن ۽ انھن رنگن ۾ ڌرتيءَ جي خوشبوءِ بہ سمائي آهي. نہ صرف ايترو پر لفظن کي انڊلٺ جا رنگ بہ هار پارايا آهن. سر رنگن سان سينگاريل انھن لفظن جي لکڻيءَ کي نہ صرف سينگاريو آهي پر پڙهندڙ جو مان ۽ شان بہ مٿانھون ڪيو آهي. ان مان اها ڳالھہ ظاهر آهي تہ سر پڙهندڙ کي رڳو محبتون ئي محبتون آڇي ٿو ۽ محبت جي ٻولي پڻ سيکاري ٿو. ان مان اهو بہ صاف ظاهر ٿو ٿئي تہ سر پنھنجي پڙهندڙ کي اڃا بہ پنھنجي قريب وٺي ٿو اچي.
لکندڙ تہ هزارين ئي آهن، پر اهڙو ڪمال هر ڪنھن جي وس جي ڳالھہ نہ آهي يا وري اهو ڪمال مارڪيٽ ۾ ملندڙ ڪا شئي ڪونہ آهي. جو ان کي خريد ڪري، ان جو مالڪ بڻجي پر اهڙو ڪمال خدا جي طرفان عطا ٿيل هڪ وڏي نعمت کان گهٽ نہ آهي ۽ وري نعمتون بہ انھن جي جهول ۾ اينديون آهن، جن جا اهي صحيح حقدار هوندا آهن ۽ جيڪي نعمتن جو شڪر بہ ادا ڪندا آهن.
لفظن کي تراشي هيرو بڻائي چمڪائڻ ڪو سؤلو ڪم نہ آهي. لفظن ۾ ساھہ ڀرڻ ۽ انھن کي گلن جھڙي خوشبوءِ ارپڻ لاءِ ڏاهپ ۽ اڪابريءَ جي سخت ضرورت هوندي آهي. ڏاهپ ۽ اڪابريءَ کان سواءِ لفظ بي جان هوندا آهن. لفظن ۾ محبت جي خوشبوءِ ڀرڻ کان پھريان محبت ۽ خوشبوءِ کان خوب آشنا ٿيڻو پوي ٿو. انھن جي عاجزي ۽ ٻوليءَ کي سمجهڻو پوي ٿو، انھن بنيادي شين کان علاوہ لفظ رڳو لفظ ئي رهندا آهن، پر محمود مغل انھن شين کان بي نياز آهي، سندن ڏاهپ ۽ ڪاريگريءَ ۾ اهي شيون اڳ ۾ ئي خدا جي طرفان عطا ٿيل آهن. جن جي ڪري هميشہ ڪمال ڪري ڇڏيندو آهي.
محمود مغل جو ڪمال، ڪنھن ڪمال کان گهٽ ڪونہ آهي، آئون هميشہ جيان اڄ بہ اها ئي ڳالھہ ڪندس ۽ اڳتي بہ اها ئي ڳالھہ ڪندو رهندس تہ ... ’محمود صاحب! اوهان سچ ۾ ڪمال لکو.‘

]ڇپيل: ’سنڊي مئگزين‘ روزاني ’سوڀ‘ حيدرآباد 04 مارچ 2012ع [

خواب نگر (سيدہ ڪنول شاھہ)

سنڌي ادب ۾ ڪالم نويسي جي کوٽ آهي، پر ڊاڪٽر محمود مغل جو ڪتاب ’خواب نگر‘ ان کوٽ کي پوري ڪرڻ ۾ ڪنھن حد تائين مددگار ثابت ٿيندو.
هن ڪتاب جو پھريون ايڊيشن سيپٽمبر 2007ع ۾ مھراڻ اڪيڊمي واڳڻو در شڪارپور جي نگرانيءَ ۾ ڇپيو، هن ڪتاب جي ڪمپوزنگ جا پھريان 200 صفحا عرفان علي ميمڻ (ڪاوش پرننٽنگ پريس حيدرآباد) ۽ پويان 204 صفحا محمد اصغر رند (ڪمپيوٽر ڪمپوزرس ڄامشورو) مان ڪرايا ويا. جنھن جو ٽائيٽل عاشق عارباڻي جي هڪ تخليق آ، ۽ سڄي ٽائيٽل جو لي آئوٽ نور محمد سميجو ۽ مرتضيٰ سيال تيار ڪيو. جنھن جي فوٽوگرافي راشد سلاوٽ ڪئي.
ڊاڪٽر محمود مغل، هن هڪ سؤ ڪالمن جي ڪتاب ۾ سڀني کان پھرين پنھنجي رب جي نعمتن جو شڪر ادا ڪيو آهي، تہ اي رب تو مون کي لکڻ جي سگهہ عطا ڪئي. ڊاڪٽر محمود مغل هن ڪتاب ۾ اصل حقيقتن کي بيان ڪيو آهي، پاڻ هن ڪتاب ۾ سچ بيان ڪيو آهي، جنھن کي اسان نظر انداز ڪري رهيا آهيون. سچ انسان کي هر پل ياد آهي پر انھن تي ڪوڙ جي مھر لڳائي هلون ٿا. هن ڪتاب ۾ مون ڊاڪٽر محمود مغل جي ڪجهہ ڪالمن تي نظر وڌي آهي ۽ انھن جي باري ۾ بيان ڪنديس.

مائرون ڪمال ڄاڻينديون آهن:
هن ڪالم ۾ ڊاڪٽر محمود مغل ماءُ جي عظمت ۽ سندس مقام بيان ڪيو آهي. جيجل ماءُ پنھنجي اولاد لاءِ ڇا نہ ٿي ڪري، اها هر ضد پورو ٿي ڪري، جنھن سان اولاد کي خوشي ملي. سندس ماءُ جون ڪجهہ يادون بہ محمود صاحب پنھنجن پڙهندڙن سان ونڊيون آهن. پر ڪجهہ يادون ۽ ڳالھيون اهڙيون آهن جيڪي وڇوڙي کي ظاهر ۽ محسوس ڪرائين ٿيون. اولاد کي کپي تہ هر پل، هر گهڙي ماءُ جي خدمت ڪن ۽ ان جي آواز تي احترامن جيءُ چئي پنھنجو فرض پورو ڪري دعا جي قبوليت جا رستا کولين، ماءُ اسان کي بھتر طريقي سان ڄاڻي ٿي، ماءُ جو ڪو مَٽُ ناهي ۽ جي ماءُ ناهي تہ زندگيءَ ۾ مسڪراهٽ ۽ خوشي بہ بي رُخي لڳي ٿي.

منھنجي دل ٿي چوي:
هن ڪالم ۾ ڊاڪٽر محمود مغل هڪ اهڙي واقعي بابت ٻڌايو آهي جيڪو پاڻ اکين سان ڏٺو. هڪ دڪان (ٺيلھي) واري پاڻ محمود مغل کي اندران سٺو ميوو ڪڍي ڏنو ۽ ٻي پاسي تڪڙي شخص کي بيزاريءَ مان فروٽ ڏنائين اتي محمود مغل سوچڻ لڳو تہ هن ائين ڇو ڪيو؟ پاڻ فوراً پڇيو تہ توهان مون کي سٺو ميوو ڏنو ۽ هُن همراھہ کي تڪڙ ۾ جھڙو تھڙو، فروٽ واري وراڻيو تہ توهان صبر سان سودو وٺي رهيا هئا ۽ هُو تمام تڪڙ ۾، ان ڪري منھنجي دل چيو ۽ توهان جو اخلاق ڏسي مون توهان کي سٺو ميوو ڏنو، انسان جيڪڏهن مرڪ جو دائرو اڄ بہ قائم رکي تہ محبت جي سڃاڻپ اڄ بہ ۽ ايندڙ وقت ۾ بہ زندھہ رهي ٿي.

مٽيءَ جا ماڻھو:
هن ڪالم ۾ محمود مغل پراڻي دور جي ماڻھن جي محبت ۽ احترام جو ذڪر ڪيو آهي، جڏهن لحاظ بنا ڪنھن مطلب ۽ لالچ جي ڪيو ويندو هو. هن زمين جي مٽيءَ جي خوشبو جيڪا ڳوٺن ۾ شام جي وقت پاڻي پوڻ کان پوءِ اڀري ٿي. اسان انسان جي اندر کي سڪون ۽ پنھنجائپ جو احساس ڏئي ٿي، پر هاڻي جي دور ۾ بند ڪمرا ۽ انھن ۾ لڳل ايئرڪنڊيشن جن مان آرٽيفيشل هوا اچي انسان کي سست ڪري ٿي ۽ اها تندرستي نہ ٿي ڏي جيڪا قدرتي هوا سان ملي ٿي. هن ڪالم ۾ محمود مغل انھن مٽيءَ جي ماڻھن کي بيان ڪيو آهي جيڪي ڪجهہ وقت کان پوءِ پنھنجي انھن دوستن ۽ ڀائرن کي نٿا سڃاڻين جيڪي اڳ ۾ ڀاڪر پائي ملندا هئا، پر اڄ حقيقت ۾ اهي مٽي جا ماڻھو ناهن اهي محبتون ناهن ڪاش اهو وقت واپس اچي.
مون اهڙا تمام گهٽ ڪالم نگار يا ليکڪ ڏٺا آهن جيڪي پنھنجي هڪ هڪ اکر جا ذميوار پاڻ کي ٿا سمجهن!
هن ڪتاب ۾ هر هڪ ڪالم ٻئي کان بلڪل مختلف ۽ هڪ نئين سوچ سان لکيل آهي. پڙهڻ سان ائين محسوس ٿيو تہ جيئن مان ڪا اداڪارہ هجان جيڪا پنھنجي ڪردار جي گهرائي ۾ گم آهيان. هڪ هڪ ڪالم ۾ زندگي سٺي نموني سان گذارڻ جا کوڙ سارا نظريا آهن. هنن ڪالمن پڙهڻ سان ڪافي شيون اسان جي دماغ ۾ محفوظ ٿي وڃن ٿيون. جيڪي زندگي جي ڪجهہ مشڪل پلن ۾ ڪافي حد تائين مددگار ثابت ٿين ٿيون. هن ڪالم ۾ بہ ڪجهہ اهي سبق ۽ ڳالھيون آهن، جن کي محمود مغل لفظن جي ميلاپ سان ٺاهي ڪالمن جي شڪل ڏني آهي.

]ڇپيل:’روشني‘، جمع 20 سيپٽمبر 2013ع[

سنڌ ٽاڪيز

---

سنڌي سماج ۾ فلمي باب جو گُم ٿيل خزانو (حميد هارون)

تحقيق هڪ مشڪل شعبو آهي، خاص ڪري ادارن جي سھڪار کان سواءِ هن شعبي ۾ ڪم ڪرڻ ذري گهٽ ناممڪن آهي. ان ڪري ’انڊومينٽ فنڊ ٽرسٽ‘ نجي شعبي ۾ ذاتي سطح تي ڪم ڪندڙ محققن ۽ ثقافتي شعبن ۾ معلومات مرتب ڪندڙ صاحبن کي قدر جي نگاھہ سان ڏسي ٿي ۽ سندن هٿان ٿيل جامع تحقيق کي محفوظ ڪرڻ ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪري ٿي. جيتوڻيڪ هن ٽرسٽ جي قيام کي ڪو گهڻو عرصو نہ ٿيو آهي، پر سنڌ جي ثقافت ۽ تاريخ سان دلچسپي رکندڙ صاحبن جو وقت سان ان ۾ اعتماد وڌندو پيو وڃي ۽ هُو هن اداري هٿان ٿيندڙ ثقافتي ورثي جي سنڀال ۽ تحقيقي ڪم ۾ شرڪت لاءِ اڳتي اچڻ لڳا آهن.
هي ڪتاب، هڪ اهڙي شعبي جو مڪمل دستاويز آهي، جنھن تي هن کان اڳ ڪنھن بہ ايڏي تفصيل سان ڪم نہ ڪيو آهي. محمود مغل، 27 نومبر 1961ع تي سيوهڻ ۾ پيدا ٿيو. هُو سنڌي ادب ۽ فن جي دنيا جو ڄاتل سُڃاتل نالو آهي، پر تحقيق جي شعبي ۾ سنڌي فلمي صنعت کي هڪ ڪتاب جي صورت ۾ سھيڙي هڪ شاندار ڪم ڪيو اٿائين. سنڌي سئنيما هاڻي ماضيءَ جو گم ٿيل داستان آهي، پر اها ڳالھہ اهم آهي تہ سنڌي سماج ۾ هي شعبو اُسريو ۽ سنڌ جي ماڻھن بہ ان جي سرپرستي ڪئي. جيڪڏهن هي ڪتاب نہ لکجي ها تہ شايد اهو دؤر بہ ميسارجي وڃي ها، ڇو تہ هاڻي اها ٽھي بہ ختم ٿيندي ٿي وڃي، جنھن سئنيمائن ۾ اڳين بئنچن تي، سرڪل ۽ گرانٽ سرڪل ڪلاسن ۾ يا گئلريءَ ۾ ويھي شوق سان فلمون ڏٺيون هونديون.
عالمي فلمي صنعت جي وسعت ڏانھن ڏسجي ٿو تہ حيرت وٺي ٿي وڃي. هالي وڊ تائين هڪ وڏي متحرڪ دنيا آهي. ان جي ڀيٽ ۾ پاڪستان جي فلمي صنعت سنجيدگي ۽ مستقل مزاجي نہ هئڻ ڪري، بلڪل ڪومائجي وئي آهي. سرپرستي، سيڙپڪاري، سھوليتن، تربيت ۽ مڪمل ڪمٽمينٽ کان سواءِ ڪا بہ صنعت اڳتي وڌي نٿي سگهي. پاڪستان ۾ سئنيما پنھنجا گس پيچرا ورتا، پر وڃائجي وئي. ائين ڇو ٿيو؟ اهو هڪ جدا موضوع آهي، پر اسان ڏسون ٿا تہ پاڪستان ۾ لاهور ۽ ڪراچيءَ ۾ شاهنور، ايسٽرن ۽ ماڊرن اسٽوڊيوز فلمي صنعت جا وڏا مرڪز ٿيا. ان ئي دؤر ۾ اردوءَ کان سواءِ سنڌي، پنجابي ۽ پشتو فلمون بہ ٺھيون. ائين سنڌي سماج ۾ ناٽڪ منڊلين کان پوءِ سئنيما جي اسڪرين پنھنجي جاءِ والاري. سنڌي فلمن، سنڌ جي قومي جذبن جي عڪاسي بہ ڪئي. 1972ع ۾ جڏهن فلم ’مٺڙا شال ملن‘ ۾ ’شيخ اياز‘ جو گيت ’سنڌڙيءَ تي سر ڪير نہ ڏيندو‘ فقير عبدالغفور جي آواز ۾ آيو تہ سنڌي ماڻھن جي احساسن کي ڇُهي ويو ۽ اڄ تائين سندن جذبن جي گونج بڻيل آهي.
سال 1940ع کان شروع ٿيل، سنڌي سئنيما وقفي وقفي سان فلمون رليز ڪندي رهي ۽ سن 2000ع تائين پھچندي پھچندي عروج ۽ زوال جون سڀ منزلون طئہ ڪري وئي. هاڻي تہ سئنيمائون بہ ڊهنديون پيون وڃن ۽ انھن جي جاءِ تي وڏيون واپاري مارڪيٽون ۽ شاپنگ پلازه ٺھندا پيا وڃن ۽ اهو امڪان ختم ٿيندو پيو وڃي تہ ڪو ٻيھر فلمي صنعت جون رونقون بحال ٿي وينديون. هاڻي ننڍي اسڪرين، وڏي اسڪرين جي جاءِ والاري ورتي آهي ۽ سئنيمائن جي جاءِ تي هوم ٿئيٽر گهر گهر پھچي ويو آهي. پاڪستان ۾ فلمي صنعت شايد ان ڪري ناڪام ٿي وئي، جو هن صنعت ۾ سيڙپڪار جي سنجيدگي ۽ فنڪارن جي تربيت جا ادارا مضبوط ٿي نہ سگهيا، نتيجي ۾ معيار گهٽجي ويو ۽ خلا پيدا ٿي پيو.
سنڌي سئنيما جيتوڻيڪ لڳ ڀڳ 60 سال زندہ رهي. هڪ نسل جي دلچسپيءَ کان پوءِ تسلسل برقرار رکي نہ سگهي. سنڌي فنڪار لاهور جي فلمي صنعت ۾ ضم ٿي ويا. ’چڪوري‘، ’مشتاق چنگيزي‘، ’مصطفيٰ قريشي‘ ۽ ٻيا لاهور هليا ويا. ’فاضلاڻي‘ هوريان هوريان پاسيرو ٿي ويو تہ سنڌي فلمي دنيا خالي ٿي وئي. ’ايس گل‘ ڪي قدر پنھنجو ڪردار ادا ڪندو رهيو، پر سنڌي فلمي صنعت جٽاءُ نہ ڪري سگهي. هي ڪتاب انھن 60 سالن جو دستاويز آهي. محمود مغل صاحب، هر ممڪن ڪوشش ڪري سنڌ جي سنڌي فلمي صنعت جي هر ڪاوش ۽ ڇپيل خبر کي قلمبند ڪيو آهي. نہ رڳو فلمن جا نالا، پر انھن جي رليز ٿيڻ جون تاريخون، انھن جا فلمساز، هدايتڪار، اداڪار، ڪھاڻيڪار، شاعر، شاعريءَ جا ٻول، ڪھڙي فلم ڪھڙي فلم اسٽوڊيو ۾ ٺھي ۽ غالبن هر گهربل معلومات يڪجا ڪئي اٿس.
دلچسپ اضافو اهو آهي تہ هن ڪتاب ۾ سنڌي فلمي دنيا جي اهم شخصيتن، فلمسازن، هدايتڪارن، ليکڪن، شاعرن ۽ فنڪارن جا مختصر پروفائل بہ ڏنل آهن. هڪ طرح، هي سنڌي سماج ۾ فلمي باب جو سڄو گم ٿيل خزانو انسائيڪلوپيڊيائي انداز ۾ يڪجا ڪيو آهي. اهو گم ٿيل رڪارڊ مرتب ڪرڻ ضروري هو، ڇاڪاڻ تہ سئنيما performing art جو سڀ کان اهم ۽ اثر انگيز حصو ٿئي ٿو، بلڪ اهو فلمون بہ محفوظ ڪرڻ جي ضرورت آهي، جيڪي هاڻي ڳولي نٿيون لڀجن. ائين ئي سنڌي ناٽڪ منڊلين جي تاريخ ۽ سنڌي سماج ۾ انھن جي ڪردار تي تحقيقي مواد سھيڙڻ جي ضرورت آهي.
سنڌي فلمن جي خاص ڳالھہ اها بہ آهي تہ اهي صاف سُٿريون هيون. سنڌ جي سماجي قدرن موجب هيون. انھن ۾ سنڌي ثقافت، لوڪ داستانن ۽ عوامي ڪردارن کي فوڪس ڪيو ويو. ائين برابر هو تہ اهي فني لحاظ کان عروج تي پھتل ڪونہ هيون، پر انھن ۾ سماج جي حقيقي منظرڪشي وڏي حد تائين ڪئي وئي. هن فلمي صنعت هڪ خاص movie collector طبقو بہ پيدا ڪيو، ڪي شوقين حضرات انھن فلمن جي ڪاپي هٿ ڪري، پنھنجي ذاتي فلم لائبريريءَ ۾ جمع ڪندا هئا. افسوس جو هن وقت اهي سڀ فلمون ڪنھن هڪ هنڌ جمع ناهن ۽ نہ وري انھن کي جديد ٽيڪنالوجيءَ جي ذريعي محفوظ ڪيو ويو آهي. ضروري آهي تہ اهي فلمون نہ رڳو پنھنجي اصلي حالت (reels) ۾ محفوظ هجن، پر اهي ڊجيٽلائيز ٿي CDs ۽ آرڪائيوز جي data bank ۾ محفوظ ٿي وڃن. جن جن صاحبن وٽ هي فلمي خزانو موجود آهي، انھن کي اڳتي وڌي هن ڪم ۾ شريڪ ٿيڻ گهرجي. ممڪن آهي تہ ڪڻو ڪڻو ٿي ويل هي ذخيرو ٻيھر يڪجا ڪري سگهجي.

]ڇپيل: ڪاوش مڊويڪ مئگزين اربع 8 جولاءِ 2015ع[

سنڌ ٽاڪيز: سنڌي فلمن جي انسائيڪلوپيڊيا (سيد حيات علي شاھہ بخاري)

ڪتاب جي تخليقڪار ’ڊاڪٽر محمود مغل‘، سنڌ ٽاڪيز ڪتاب، مون کي ڪافي ڏينھن اڳ ڏنو، پر سچ پڇو تہ ان ڪتاب تي تبصرو ڪرڻ جي همت نہ پيو ساري سگهان.
ڊاڪٽر محمود مغل، منھنجي لاءِ نھايت اهم شخصيت آهي ۽ مان ان علم جي سج آڏو ڏيئي برابر بہ ناهيان، ان ڪري سوچيندو رهجي ويس تہ ڳالھہ ڪٿان کان شروع ڪريان. ڪا ڳالھہ مزاج جي خلاف نہ هجي ۽ اڻ وڻندڙ ڪا ڳالھہ مون کي هن عظيم شخصيت کان دور نہ ڪري ڇڏي. منھنجا اهي انومان بلڪل درست آهن، ڊاڪٽر محمود مغل جيترو پيار ڪرڻ وارو آهي، مزاج خلاف ڳالھہ ڪرڻ واري کي ايترو پري ڪري ڇڏيندو، جو ڳوليو ڪونہ لڀندو.
بھرحال هن ڪتاب ’سنڌ ٽاڪيز‘ تي منھنجي ٽيڪاٽپڻي ان ڪري بہ ضروري آهي تہ مون چاليھہ کن سال ان فيلڊ ۾ گذاريا آهن. فلم انڊسٽريءَ جي هر ظاهري ۽ لڪل ڳالھہ کان واقف آهيان، پر هن ڪتاب ۾ اهڙو تہ تفصيلي مواد شامل ڪيو ويو آهي، جن مان ڪيترين ئي ڳالھين کان مان اڻڄاڻ آهيان. خاص طور هن ڪتاب جو سٽاءُ ۽ ترتيب ايڏي تہ وڻندڙ آهي، جو پڙهندڙ هر فلم جي سڄي معلومات ذهن نشين ڪريو وٺي.
رليز ٿيل سنڌي فلمن جو احوال، اڌ ۾ رهجي رليز نہ ٿيل فلمن جو حال ۽ وري فلمي پوسٽرن، اشتھارن ۽ سنڌي فلمن جون خبرون آئيني جيان پڙهندڙن آڏو اچيو وڃن. اها خاص خوبي محمود مغل جي آهي، جنھن جي تخليقڪار ذهن هن ڪتاب کي سونھن ۽ سوڀيا بخشي آهي.
ڊاڪٽر محمود مغل، سنڌ ٽاڪيز ڪتاب لکي، هڪ وڏو ڪم ڪيو آهي، جيڪو صدين تائين سنڌي فلمن جي حوالي کان تاريخ جي حيثيت رکندو. ڪوبہ ماڻھو تمام سوَلائيءَ سان سنڌي فلمن بابت پي ايڇ ڊي ڪرڻ لاءِ، هن ڪتاب مان مدد حاصل ڪري سگهي ٿو.
خاص طور هي ڪتاب، مون کي ’فليش بئڪ‘ ۾ وٺي وڃي ٿو. فلمن جو احوال، تصويرون ۽ ٻيو تفصيل، انھن فلمن ڏانھن منھنجو ڌيان ڇڪائي ٿو، جن ۾ آءٌ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر، ڪھاڻي نويس ۽ هدايتڪار جي حيثيت سان فلمي يونٽ سان سلھاڙيل هئس. اهي ڏينھن اهي شينھن، ايسٽرن ۽ ماڊرن فلم اسٽوڊيوز جا فلور، سائونڊ رڪارڊنگ رومز، ايڊيٽنگ رومز، ايسٽرن فلم اسٽوڊيو جو لان، اتان جا ماڻھو (جن مان ڪافي جھان ڇڏي ويا) مطلب تہ هن ڪتاب منھنجا سُتل سُور جاڳائي ڇڏيا.
ائين پيو لڳي، ڄڻ وري ساڳيو زمانو اچي ويو آهي ۽ ڪنھن ڪُنڊ مان ’اسٽارٽ سائونڊ، ڪئمرا ايڪشن‘ جو آواز خاموشيءَ کي ٽوڙيندو، پر افسوس جڏهن کان ’لائيٽ آف‘ جي صدا گونجي آهي، تڏهن کان ’فل لائيٽ‘ جو آواز ٻُڌڻ لاءِ سِڪي ويو آهيان.
واه ڊاڪٽر محمود مغل صاحب، سلام آهي اوهان جي سوچ، لوچ ۽ محنت کي، آءٌ وري بہ چوندس تہ ماڻھو ڇا بہ چون پر سرڪار کي پنھنجو مزو وڃائڻ نہ گهرجي.

]ڇپيل: روزاني ’عبرت‘ اخبار، اڱارو 13 آڪٽوبر 2015ع[

سنڌي فلمن بابت شايع ٿيل هڪ تاريخي ڪتاب (شاهنواز ڀُرٽ)

سنڌي فلمن جو سج 1997ع ۾ لھي ويو، جنھن کان پوءِ ڪابہ سنڌي فلم وڏي سئنيما جي اسڪرين تي اچي نہ سگهي آهي. اچڻ تہ پري ٿيو، تقريباً 18 سالن کان ڪا نئين سنڌي فلم ٺھي ئي ناهي. اِن جي سببن تي هِن وقت بحث ڪرڻ بدران اسان محمود مغل جي لکيل ۽ ترتيب ڏنل حقيقي ڪتاب ”سنڌ ٽاڪيز“ تي ڳالھايون ٿا، جيڪو تازو شايع ٿي مارڪيٽ ۾ آيو آهي.
مصنف جو چوڻ آهي تہ، ”هن گذريل ڏهن سالن کان مٿي عرصي تائين ڄاڻايل ڪتاب تي ڪم ڪيو، جنھن بعد اهو شايع ٿيو.“ سو، هيءَ ڇا تہ خوبصورت تحقيق ۽ سھيڙ اسان جي سامھون آئي آهي. ڪتاب کي 10 حصن ۾ ورهايو ويو آهي. پھرئين حصي جو نالو ”پردہء سيمي“ رکيو ويو آهي، جنھن ۾ 83 فلمن جا پوسٽر، اُنھن جا اسڪرول ۽ 40 کان مٿي فلمن جون، انھن جي سيٽس تان ورتل تصويرون ڏنيون ويون آهن. ان بابت ۾ ئي 22 فلمن جا نالا ۽ تصويرون بہ ڏنل آهن، جيڪي اڻ مڪمل رهجي ويون هيون. ان باب کي اڳتي وڌائيندي محمود مغل 14 فلمن جا اسڪرول ۽ گيت بہ شامل ڪيا آهن. ”اعلان ٻُڌو“ عنوان سان ڏنل ٻئي باب ۾ 84 فلمن جي اعلان جو تفصيل آهي، جيڪي اعلان مختلف وقتن تي ڪيا ويا، تقريباً 50 سالن جي اها سھيڙ، حوالي واري تاريخ سان گڏ سھيڙيل آهي.
”فلمون جيڪي رهجي ويون“ واري ٽئين باب ۾ 40 کان مٿي فلمن جو ذڪر آهي، جيڪي ٺھي نہ سگهيون. چوٿين باب ”خبر ڪھڙي هُئي“ ۾ مصنف تفصيلي جائزو پيش ڪيو آهي تہ 1958ع کان وٺي 1997ع تائين واري ان سفر ۾ سنڌي فلم ڪھڙا ڪھڙا ماڳ ماڻيا. پنجون باب ”ڪيئن حياتي گذاريان“ ۾ سڄي سنڌ جي سئنيمائن جو ذڪر آهي. ڇھين باب ”پرين اوهان سان پريت لڳائي“ ۾ سنڌي فلمن جي حاصل ڪيل نگار ايوارڊن جو ذڪر آهي. ستين باب ”آيا بادل آيا“ جي سري هيٺ فلمن جا رسالن ۽ ڪتابن ۾ ڇپيل پوسٽر شامل ڪيا ويا آهن. اٺين باب ۾ ”مون سي ڏٺا ماءِ“ جي سري هيٺ 33 فلمي سازن، 9 ليکڪن، مڪالمه نگارن ۽ منظر نگارن، 19 شاعرن، 15 موسيقارن، 25 راڳي عورتن، 30 مرد راڳين، 39 اداڪارائن ۽ 51 اداڪارن جي حياتين جو احوال سندس تصويرن سان ڏنو ويو آهي.
نائون باب ”او پرديسي جيئڙا“ جي نالي سان آهي، جنھن ۾ فلمن سان لاڳاپيل سڀني هدايتڪارن، پيشڪارن، مڪالمه نگارن، ڪھاڻيڪارن، مرد اداڪارن، اداڪارائن، مرد راڳين، خواتين راڳين ۽ موسيقارن جي فلموگرافي آهي تہ، ڪنھن ڪھڙين ڪھڙين فلمن ۾ ڪم ڪيو آهي. انڊوومينٽ فنڊ ٽرسٽ پاران ڇپايل هن جامع ڪتاب جي بيڪ ٽائيل ڪور تي مشھور ليکڪ نصير مرزا جي راءِ لکيل آهي ۽ ابتدايو حميد هارون جو لکيل آهي، جڏهن تہ پڄاڻيءَ وارو نوٽ فقير محمد ڍول لکيو آهي.
سنڌي فلمن تي هن کان اڳ ۾ اهڙي قسم جي ڪابہ تحرير سامھون نہ آئي آهي. اها محمود مغل جي محنت آهي، جيڪا اسان سڀني جي سامھون آئي آهي. محمود مغل جو نالو هاڻي ڪنھن بہ تعارف جو محتاج ناهي، پر ڪتاب جي پويان لکيل نصير مرزا جا جملا سڀ ڪجهہ واضح ڪن ٿا. هو لکي ٿو: ”هن ڪتاب جي بھاني محمود پاڻ بہ تہ صدين جيتري حيات ماڻي ورتي آهي.“ ”خواب نگر“ جي ليکڪ ۽ ٽيليويزن ۽ ريڊيو جي ڊراما نگار محمود مغل هن ڪتاب وسيلي سنڌي فلمي تاريخ کي محفوظ ڪري ڇڏيو آهي.
8 سئو 60 صفحن تي مشتمل، هن ضخيم ڪتاب جي قيمت ساڍا 3 هزار رپيا آهي.

]ڇپيل: ’ڪاوش دنيا‘، آچر 14 جون 2015ع[

سنڌ ٽاڪيز – هڪ ڪلاسڪ (غلام محمد ڪنڀار)

اِنسان هميشہ کان وندر ۽ ورونھن جا سَگهارا ذريعا ڳوليندو رهيو آهي. موسيقي، ريڊيو، ٽيليويزن، ٿيٽر، ميلا، ملاکڙا ۽ ٻيو گهڻو ڪجهہ، جنھن مان اِنسان محظوظ ٿيندو رهيو آهي، پر اُنھن سڀني مان جيڪا اَهم تفريح رهي آهي، سا آهي فلم. گُذريل هڪ سؤ سالن کان فلم ماڻھن کي فلمبينيءَ جي سَحر ۾ جڪڙي رکيو آهي. ننڍي کنڊ ۾ فلم هن وقت پنھنجو هڪ صديءَ جو سَفر مڪمل ڪري چُڪي آهي.
ڪتابَ، عِلم ۽ ڄاڻ جا ڀنڊار هوندا آهن. فلم ۽ ڪتاب جو گڏيل ۽ خوبصورت اِمتزاج ڏِسڻو آهي تہ ناليواري اَديب، ٽي. وي ڪمپيئر ۽ مشھور براڊڪاسٽر محمود مغل جو تازو پَڌرو ٿيل ڪتاب ’سنڌ ٽاڪيز‘ اُن جو بھترين مثال آهي. ڇا تہ ڪتاب آهي! 1942ع کان 1997ع تائين ساندھہ قائم رهيل سنڌي فلم اِنڊسٽريءَ جو ’الف‘ کان وٺي ’ي‘ تائين جو سَڄو داستان ڪمال ڪاريگريءَ سان قلمبند ڪيو ويو آهي هن ڪارائتي ۽ لاڀائتي ڪتاب ۾... جيتوڻيڪ هاڻي سنڌي فلم اِنڊسٽري تہ ڇا، پر پاڪستان فلم اِنڊسٽري بہ تقريباً ختم ٿي چُڪي آهي، پر ماضيءَ ۾ ڪيئي ڏهاڪا اَڳ هيءَ فلم اِنڊسٽري ماڻھن جي توجھہ جو مرڪز رهي آهي. سنڌي فلم اِنڊسٽريءَ جي اِنھن پنجونجاھہ سالن جي تاريخ جا سَمورا عڪس ۽ رنگ هن ڪتاب ۾ شامل آهن ۽ ڇو نہ هُجن، چوويھه ڪلاڪن مان سَترنھن اَرڙنھن ڪلاڪ لاڳيتون لکندڙ ۽ پڙهندڙ محمود مغل جي اَٺن ڏهن سالن جي پورهئي جو نچوڙ آهي ’سنڌ ٽاڪيز‘!
ننڍي هوندي جڏهن ريڊيو تان مڌو اَلماس جي آواز ۾ ڳايل لوڪ گيت ’سُھڻا تون نہ وڃ لاڙ‘ ٻُڌبو هو تہ دل باغ بھار ٿي ويندي هئي، جيڪو سنڌي فِلم ’پرائي زمين‘ ۾ شامل هو. ’سنڌ ٽاڪيز‘ پڙهندي ۽ اُن ۾ شامل تصويرن کي ڏِسندي ’سنڌ فلم ڪارپوريشن‘ جي بينر هيٺ ٺھيل ڪلاسڪ سنڌي فلم ’پَرائي زمين‘ جي هيروئين ’سوزي ڊينئيل‘ جي تصوير تي نظر پيم تہ حيران ٿي ويس تہ ڇا تہ حَسِين اَپسرا هئي ’سوزي ڊينئيل‘، جنھن جي حُسن اَڳيان تہ مڌو بالا ۽ نرگس جو حُسن و جمال بہ ڦِڪو ۽ ٻُسو ٿو لڳي.
محمود مغل، ’سنڌ ٽاڪيز‘ ۾ ماتليءَ واري رئيس ڪريم بخش نظاماڻيءَ پاران پھرين سنڌي فلم ’ايڪتا‘ کان اِبتدا ڪئي آهي، جيڪا 1942ع ۾ رليز ٿي هئي. اُن کان پوءِ ’اَباڻا‘ ۽ ’عمر ماروي‘ جھڙين ڪلاسڪ سنڌي فلمن جو سَڄو تفصيل تصويرن سَميت ڪتاب ۾ ڏِنو ويو آهي. ’سنڌ ٽاڪيز‘ صرف رليز ٿيل سنڌي فلمن جو داستان ڪونھي، جيڪي اَڻ رليز سنڌي فلمون هيون، جن جي شُوٽنگ ٿي هئي، پر ڪن سببن جي ڪري رليز نہ ٿي سَگهيون، تن کي بہ هن ڪتاب ۾ اَهڙي ئي اَنداز ۾ پيش ڪيو ويو آهي، جيئن رليز ٿيل فلمن کي پيش ڪيو ويو آهي. ٻيو تہ ٺھيو، پر جيڪي سنڌي فلمون صرف اَخباري اَعلانن تائين محدود رهيون، جن کي رليز ٿيڻ تہ ڇا، پر ڪنھن فلم اِسٽوڊيو جو سيٽ بہ نصيب نہ ٿيو، تن کي بہ شامل رکيو اَٿس.
پنھنجي هن ڪتاب ۾ سنڌي فلم سان لاڳاپيل هدايتڪار، فلمساز، موسيقار، اَداڪار، گُلوڪار، شاعر، مڪالمه نويس ۽ ٻيو جيڪو ٽيڪنيڪل اِسٽاف رهيو آهي، جيڪو اَڄوڪي نئين نسل لاءِ نڪور آهي، تن سَڀني جا تعارف تصويرن سميت شامل آهن. اَڄ جي نوجوان کي ڪھڙي خبر تہ شيخ اَياز جون اَمر سِٽون ’مان توکي گيت ڏِيان او ڌرتي‘ محمد يوسف جي آواز ۾ ٽنڊواَلھيار جي خليل بَچاڻيءَ جي سنڌي فلم ’ڌرتي لال ڪنوار‘ ۾ شامل هو ۽ اَڄ سَڄيءَ دُنيا ۾ پنھنجي مڌر گائيڪيءَ وسيلي سُڃاتي ويندڙ عابدہ پروين پھريون ڀيرو پلي بئڪ سنگنگ فلم ’ڌرتي لال ڪُنوار‘ ۾ ڏني. اُردو گائيڪيءَ جي هڪ وڏي نانءَ مھدي حَسن، جديد سنڌي شاعر تنوير عباسيءَ جون شاهڪار سِٽون ’پرين اوهان سان پريت لڳائي‘ سنڌي فلم ’مومل راڻو‘ لاءِ ڳايون. جڏهن تہ ملڪہ ترنم نورجھان سنڌي فلم، جھڙوڪ: ’گهونگهٽ لاهِه ڪنوار‘، ’رنگ محل‘، ’مومل راڻو‘، ’ڌرتي ۽ آڪاش‘ ۽ ’پَنو عاقل‘ ۾ پنھنجي آواز جو جادو جاڳايو، تنھن جو سَربستو اَحوال پڙهڻو اَٿوَ تہ ’سنڌ ٽاڪيز‘ ۾ سڀ ڪجهہ محفوظ ٿيل آهي. محمد رفيع جيڏي قد ڪاٺَ واري راڳيءَ محمد يوسف ڪھڙين ڪھڙين سنڌي فلمن ۾ پنھنجي پلي بئڪ سنگنگ ڏِني ۽ ڪھڙا سُپرهٽ نغما ڳايا، اُنھن جو نہ صرف هن ڪتاب ۾ تفصيل ڏِنل آهي، پر اُنھن مان گهڻا نغما شايع بہ ٿيل آهن. حُسين شاه فاضلاڻيءَ کي ’عمر مارئي‘ فلم لاءِ ڪھڙين تڪليفن ۽ مشڪلاتن کي مُنھن ڏِيڻو پيو، اُهو سڀ ڪجهہ بہ آهي ’سنڌ ٽاڪيز‘ ۾.
سنڌي فلمن جي ’دليپ ڪمار‘، مشتاق چنگيزيءَ جي سڀني سُپرهٽ سنڌي فلمن جو تفصيل، تصويرون ۽ پوسٽر بہ شامل آهن. مشھور براڊڪاسٽر سيد صالح محمد شاھہ ۽ ڪامران ڀٽي بہ سنڌي فلمن ۾ ڪاسٽ ٿيندا رهيا، سينئر صحافي پَروانو ڀَٽي بہ اُن طلسمي دُنيا سان وابستہ رهيو. سنڌي سئنيما سان لاڳاپيل وڏن نالن تہ ڇا، پر ننڍڙن ۽ گُمنام ڪردارن کي بہ محمود مغل صاحب اَهڙي تہ خوبصورت اَنداز سان هن ڪتاب ۾ پنھنجي تحقيق ۽ تحرير سان پينٽ ڪيو آهي، جو دل داد ڏِيڻ کان سواءِ رهي نٿي سگهي.
هڪ ڀيري ملاقات ۾ سنڌي فلم ’ڌرتي لال ڪنوار‘ جي فلمساز خليل بَچاڻيءَ ٻُڌايو پئي تہ: ”جڏهن ٽنڊواَلھيار ۾ ’ڪيريا شاخ‘ واري پاسي ’ڌرتي لال ڪُنوار‘ جي شوٽنگ ٿيندي هئي تہ ماڻھن جا ڳاهٽَ مِڙي اِيندا هئا ۽ ڪڏهن ڪڏهن تہ شوٽنگ ڏِسندڙن جي رش ايتري تہ ٿي ويندي هئي، جو مجبوراً هجوم کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ پوليس کي گُهرائڻو پوندو هو.“ هي اُهو دؤر هو، جيڪو سنڌي فلمن جي عروج جو دؤر هو ۽ جڏهن ماڻھو صرف وندر لاءِ نہ، پر قومي جذبي تحت بہ سئنيما گهرن جو رُخ ڪندا هئا. سُپرهٽ سنڌي فلم ’مِٺڙا شال مِلن‘ ۾ شيخ اَياز جو قومي گيت ”سنڌڙيءَ تي سِر ڪير نہ ڏيندو، سَھندو ڪير ميار او يار!“ فقير عبدالغفور جي آواز ۾ پردہ سِيميءَ تي اِيندو هو تہ ماڻھو سئنيما هائوس جي اِسٽيج تي اَچي رقص ڪندا هئا.
’سنڌ ٽاڪيز‘ سنڌي فلمن جي پوري تاريخ آهي. اَڳوڻي صدرِ پاڪستان آصف علي زرداريءَ جي والد حاڪم علي زرداري بہ سنڌ جي عظيم روومانوي داستان ’سورٺ راءِ ڏياچ‘ تي سنڌي فلم ’سورٺ‘ ٺاهي، آهي ڪنھن کي اِها خبر جي نہ بہ آهي تہ اِن فلم جو داستان ۽ خوبصورت تصويرون بہ آهن ’سنڌ ٽاڪيز‘ ۾. ٽنڊي اَلھيار جي مشھور ڳوٺ ’ڌڱاڻو بوزدار‘ ۾ بہ سنڌي فلمن جي شوٽنگ ٿي. اَهڙا ڪيئي قِصا هن ڪتاب ۾ شامل آهن، جيڪي کُٽن ئي نٿا، اَصل پڙهندي هڪ عجيب خوشبوءِ ۾ ماڻھو واسجي ٿو وڃي.
سنڌي فلمن جي تہ پوري تاريخ هن ڪتاب ۾ آهي، پر سنڌ جي ڊهندڙ سئنيما گهرن جو جيڪو نوحو محمود صاحب ’هڪڙي هئي سئنيما‘ جي سري هيٺ سَڄي سنڌ جي ڪيترن ئي سَڄڻن جي مدد سان سَھيڙيو آهي، جنھن ۾ اُنھن جا نالا بہ شامل آهن. سَڄي سنڌ جي اُنھن ڊهي ويندڙ سئنيما گهرن جي لسٽ پڙهڻ سان اَکين ۾ پاڻي ڀَرجي اَچي ٿو تہ اَڄ اُنھن خوبصورت سئنيما گهرن جي جاءِ تي شاپنگ سينٽر ٺھي ويا آهن.
’سنڌ ٽاڪيز‘ جي بئڪ ٽائيٽل تي نصير مرزا ڏاڍي زبردست ڳالھہ لِکي آهي محمود لاءِ تہ: ”محمود مغل سنڌي اَدب جي هفت انگيز شخصيت آهي. ڪھاڻيڪار، ناول نگار، ناٽڪ ڪار، ڪالم نويس، ڪمپيئر ۽ محقق! اِن ۾ ڪوبہ وڌاءُ ڪونھي تہ ’سنڌ ٽاڪيز‘ هڪ ڪميٽيڊ ليکڪ جو پورهيو آهي.“
محمود مغل کي هن ڪتاب کي مرتب ڪرڻ ۾ جيڪي ڏُکيائيون ۽ تڪليفون پيش آيون، تن جو بہ تفصيلي اَحوال ڏِنل آهي هن ڪتاب ۾...
’سنڌ ٽاڪيز‘ ۾ جيڪي بہ فلمي فوٽو ۽ پوسٽر شامل ڪيا ويا آهن، سي تہ ڪمال جا آهن. بس! اِئين سمجهو تہ هي ڪتاب سَڄو سونُ آهي، تاريخ آهي ۽ خاص طور تاريخ جي شاگردن لاءِ هي ڪتاب لاڀائتو ثابت ٿيندو. هن بي مثل پورهئي ’سنڌ ٽاڪيز‘ لاءِ ڪتاب جي آخري نوٽ پُڄاڻي، جيڪا ’نيٺ تہ ٿيڻي آ‘ ۾ فقير محمد ڍول هن ڪتاب کي ’هڪ رنگ منچ‘ ڪوٺيو آهي. واقعي ئي هي ڪتاب هڪ خوبصورت ’رنگ منچ‘ آهي، هي ڪتاب ڪو عام ڪتاب ڪونھي، عام ڪتابن کان مختلف ۽ گهڻو ئي مختلف آهي. جيئن جيئن هن ڪتاب کي پڙهندا ويندؤ، تيئن تيئن هن ڪتاب هي سحر ۾ جڪڙبا ويندؤ. سنڌي فلم اِنڊسٽري، جيڪا ڪڏهوڪو زوال پذير ٿي چُڪي، تنھن کي محمود مغل ’سنڌ ٽاڪيز‘ ۾ محفوظ ڪري، حياتِ جاودان عطا ڪري ڇڏي آهي... ويلڊن محمود ڀاءُ... زندہ آباد.

]ڇپيل: سنڊي ميگ، روزاني ’سنڌ ايڪسپريس‘ ڪراچي، آچر 12 سيپٽمبر 2015ع [

زيب النساء

---

زيب النساءِ: طويل ڪھاڻيءَ تي مشتمل ڪتاب (مٺل جسڪاڻي)

سنڌي اَدب ۾ نثر، نثر ۾ ڪھاڻي بحث جو دلچسپ موضوع رهي آهي. هڪ طرف ڪھاڻي ختم ٿيڻ جا اَفواھہ عام آهن، ٻئي طرف ڪھاڻيون لِکجي بہ رهيون آهن. طويل مان مختصر ڪھاڻيءَ جو سَفر وَڌندو رهيو آهي ۽ هاڻي تہ ’هڪ لفظي ڪھاڻي‘ بہ اِيجاد ٿي چُڪي آهي!
’زيب النساءِ‘ محمود مغل جي هڪ طويل ڪھاڻي آهي، جيڪا ’پوپٽ پبليڪيشن هائوس، خيرپور‘ جي اَٺاسيھين ۽ محمود مغل جي ٻارهين ڪتاب طور شايع ٿي چُڪي آهي. ڊيمي سائيز جي 304 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 400 روپيا آهي. هيءَ ڪھاڻين پھرين قسطوار اَخبار ۾ ڇپجي تہ چُڪي آهي، پر هڪ سؤ قسطون پابنديءَ سان گهڻن تائين پھچنديون رهيون ۽ اُهي پڙهبيون بہ رهيون ۽ هاڻي سانڍي رکيل بہ هونديون، اُن نسبت سان هن ڪتاب جي اَهميت کي نظراَنداز ڪرڻ بي واجبي ٿيندي.
هن ڪتاب ۾ جيڪا بظاهر هڪ ڪھاڻي آهي، اَصل ۾ هڪ نہ، قسطن جي تعداد برابر هڪ سؤ ڪھاڻين تي مشتمل هڪ ڪھاڻي نہ، هن ڪھاڻيءَ ۾ تہ تمام گهڻيون ڪھاڻيون موجود آهن. هر ڪھاڻي پڙهندڙ کي سَڏي ٿي، هر ڪھاڻي سوَلي نموني سمجهڻ باوجود سمجهڻ جي دعوت ڏِئي ٿي.
ڪھاڻيءَ جي اِبتدا، اِبتدائي پھريون جملو هر پڙهندڙ کي مڪمل ڪھاڻي پڙهائڻ تي اُتساهيندڙ اِبتدا آهي. جيئن جيئن ڪھاڻيءَ کي پڙهبو، اَڳتي وڌبو، تيئن تيئن ڪھاڻيءَ ۾ چاهُه، اُتساھہ ۽ دلچسپي وڌندي پئي ويندي آهي. ڪھاڻيءَ ۾ اِستعمال ٿيل ٻولي، بحث ۾ آيل مسئلا، مُونجهارا، معاملا اَهڙا دلچسپ آهن، جو پڙهندڙ نہ صرف پڙهندو ويندو، پر ساڻس واسطي، رابطي وارن کي بہ پڙهڻ جي صلاح ڏيندو ويندو، ڇاڪاڻ تہ ’زيب النساءِ‘ هر عمر ۽ هر جنس جي پڙهندڙ لاءِ پڙهڻ ۽ پرائڻ جھڙو ڪتاب آهي، اُن ڪري هر ڪنھن کي پڙهڻ جي صلاح ڏِيڻ تمام گهڻي ضروري ٿو سمجهان.
مون کان ڊِگهيون ڪھاڻيون، ڊِگها مضمون ۽ ناول نہ پڙهيا ٿيندا آهن، پر مون کي حيرت آهي تہ آءٌ ڪيئن پنھنجي عام معمولي ڪمن ڪارين ۽ ذميوارين باوجود ’زيب النساءِ‘ جو مطالعو ڪندو ويس! نہ صرف ايترو، پر مون پنھنجي گهر ڀاتين کي ڪتاب هٿ ۾ ڏنو تہ خوش ٿيس ۽ جنھن نہ پڙهيو، اُن کي پڙهڻ جي صلاح بہ ڏِنم، ڇاڪاڻ تہ هن طويل ڪھاڻيءَ ۾ پنھنجي سَماج، پنھنجي معاشري ۾ موجود هر گهر جي ڪا هڪ نہ تہ ٻي ڪھاڻي، هن طويل ڪھاڻيءَ ۾ موجود آهي.
منھنجي مطالعي جو ڪارڻ شايد ڪھاڻيڪار يعني محمود مغل جي ڏاهپَ آهي. سندس سَمجهہ، سُرت ۽ ساڃاھہ ڀريو ڪردار، عمل ۽ رَوَيو ئي مون کان سندس لِکڻيون پڙهائيندو رهندو آهي، جڏهن تہ ’پاڻ سڀ‘ اُن ماحول جا واسي آهيون، جنھن ۾ ڄمڻ وقت ’زيب النساءِ‘، اُن کان پوءِ ٿورن ئي ڏينھن ۾ ’زيبو‘ ٿي ويندي آهي. اُن نسبت سان هيءَ ڪھاڻي ’زيبو‘ هُجڻ کپندي هئي، پر نہ... ڪھاڻيءَ ۾ بہ زيب النساءِ ڪِٿي ڪِٿي زيبو هُجڻ باوجود ڪتاب ڪھاڻي ’زيب النساءِ‘ صرف اُن ڪري آهي، ڇاڪاڻ تہ ڪھاڻيڪار محمود مغل آهي، جيڪو سياڻو، سيبتو، عِلم، حِلم ۽ عمل ۾ بہ حقيقي، اَصلي اَديب آهي.
محمود مغل توڙي سندس ڪنھن بہ تحرير تي مون کي لِکڻ جي ضرورت ئي نہ آهي، لکبو آهي متعارف ڪرائڻ لاءِ، محمود کي تعارف جي ضرورت نہ آهي. لِکبو آهي شاهدي ڏِيڻ لاءِ، محمود کي مون جھڙي ئي نہ، ڪنھن بہ شاهد جي ضرورت نہ آهي. شايد اُن ڪري ئي هن ڪتاب جي شروعات ۾ ’سڀني زيب النسائن جي نالي‘ اَرپنا کان پوءِ پھرين قُربان منگيءَ (چيئرمين) ’پوپٽ پبليڪيشن هائوس، خيرپور‘ پاران مختصر ’پبلشر نوٽ‘ آهي. اُن کان پوءِ اُن کان بہ مختصر ’پنھنجي پاران‘ ڪتاب ڪھاڻيءَ جي مصنف محمود مغل جا ٻہ اَکر آهن، جنھن کان پوءِ ڪھاڻي شروع.... نہ مھاڳ، نہ پيش لفظ، نہ ليکڪ جو تعارف، نہ ليکڪ ۽ نہ ئي ليکڪ جي لِکڻين تي ڪا لِکڻي آهي. آءٌ بہ اِئين ٿو سَمجهان تہ جيڪو بہ پڙهندڙ آهي، جيڪو بہ ليکڪ آهي، جيڪو بہ ڪھاڻيڪار آهي، اُن لاءِ محمود مغل جو نالو ئي ڪافي آهي. جنھن ڪھاڻيءَ تي محمود مغل جو نالو لِکيل هجي، اھا ڪھاڻي ڪير نہ پڙهندو؟ جيڪڏهن ڪو گهڻ پڙهيو پاڻ ليکي نہ پڙهڻ جو فيصلو ڪري بہ ٿو تہ اُهو اُن جو سَندو فيصلو آهي.
هن ڪتاب جو خوبصورت ۽ پُرڪشش ٽائيٽل نعيم ديسواليءَ ڊِزائن ڪيو آهي، ڪتاب جي لي آئوٽ ڊِزائن آصف نظاماڻيءَ جي محنت آهي، ڪتاب جي بئڪ ٽائيٽل تي محمود مغل جي هڪ يادگار تصوير ۽ سندس پاران ڪجهہ جُملا لِکيل آهن، جن کي پڙهڻ سان هن ڪتاب جي اَهميت جو اَندازو سوَلي نموني ٿي وڃي ٿو.

]ڇپيل: سنڊي مئگزين روزاني ’عوامي آواز‘ ڪراچي، 2016ع [

زيب النساءِ: عورتن لاءِ انمول (عروج جسڪاڻي)

’زيب النساء‘ ڪتاب سائين محمود مغل جو لکيل آهي. اها هڪ طويل ڪھاڻي آهي، جنھن ۾ ڪيتريون ئي ڪھاڻيون آهن. انھي ڪھاڻي ۾ سماج جو حقيقي عڪس نظر اچي ٿو. انھي ڪتاب ۾، هر هڪ ڳالھہ ۾ ڪونہ ڪو مقصد آهي. اهو ڪتاب پڙهي مون گهڻو ڪجهہ پرايو، بلڪہ اهو پڙهي مون کي بہ زيب النساءِ ٿيڻ جو شوق پيدا ٿيو آهي. انھي ڪتاب ۾ هر هڪ لکيل ڳالھہ دل تي لڳي، مون کي يقين ڪونہ ٿو اچي تہ اهي ڪتاب جو ليکڪ هڪ عورت نہ پر مرد آهي. عورت کي سمجهڻ تمام مشڪل ڪم آهي ۽ هڪ مرد ٿي، ڪنھن عورت جي خيالن ۽ سوچن کي بيان ڪرڻ ان کان بہ وڌيڪ مشڪل ڪم آهي. پر هن ڪتاب ۾ اهي سڀ ڳالھيون لکيل آهن، جيڪي عورت بيان نہ ٿي ڪري سگهي. ان ڪھاڻي ۾ مون کي نصيبان جو ڪردار تمام گهڻو وڻيو، ڇو تہ هو بظاهر تہ انھن ڳالھين کان، زندگيءَ جي انھن تلخ تجربن کان بيخبر لڳندي هئي، پر هن جي اندر ۾ اهو سڀ لڪيل هيو. هو نھايت ئي عقلمند ڇوڪري هئي، هو هر هڪ ننڍڙي ڳالھہ، بظاهر تہ کلي ٽاري ڇڏيندي هئي، پر اندر ۾ انھن ننڍڙين ڳالھين جي پٺيان وڏا وڏا مقصد بہ ڳولھي لھندي هئي ۽ زيب النساءِ بہ هڪ اهڙي ڇوڪري هئي، جيڪا عمر کان اڳ وڏي ٿي چڪي هئي. ان جي ننڍڙي دماغ ۾ وڏا وڏا خيال ۽ سوچون گردش ڪنديون هيون، پر اڪثر هو غلط سوچيندي هئي. مون کي هن جون اڪثر سوچون غلط لڳنديون هيون. هن کي پاڻ تي اعتماد نہ هو. هو پاڻ کي ڪمزور سمجهندي هئي، پر منھنجي خيال ۾ جن حالتن مان هو گذري رهي هئي. ان ۾ هن کي مضبوط رهڻ کپي ها ۽ وڏي ۾ وڏي ڪمزوري تہ پاڻ تي اعتماد نہ هجڻ ئي هوندي آهي. زيب النساءِ انھن حالتن کي منھن ڏئي تہ وئي هئي، پر جيترو مضبوط هن کي رهڻ کپي ها، ايتري هو هئي ڪونہ. هو هميشہ ننڍي ننڍي ڳالھہ تي گهڻو سوچيندي هئي، اهو تہ صحيح آهي، پر هن کي سوچ بہ اهڙي رکڻ کپي ها، جنھن سان هو وڌيڪ مضبوط رهي سگهي ها، پر بھرحال زيب النساءِ ڪردار بہ تمام سٺو هو. نيٺ تہ هو وقت گذاري وئي ۽ پنھنجون ذميواريون بہ تمام سٺي طريقي سان نڀايائين. پنھنجي پيءَ جي يقين کي ٽٽڻ نہ ڏنائين ۽ همت نہ هاريائين. مون هن ڪتاب کي جنھن مھل ڏٺو، تہ اتي ئي ويھي پڙهڻ شروع ڪيم. ان جا ٻہ سبب هئا، هڪ تہ هن ڪتاب جو ٽائيٽل اهڙو هو، جو هر ڇوڪري کي ڏسي ئي پڙهڻ گهرجي ۽ ٻيو سبب اهو هو تہ هن ڪتاب جو ليکڪ سائين محمود مغل هو. انھن جون لکڻيون مون کي ڏاڍيون وڻنديون آهن. سائين جو هڪ ڪتاب مون اڳ ۾ بہ پڙهيو هيو. جنھن ۾ ٻہ ناول هئا. ان ڪتاب جو نالو هو ”محبتن جا ٻہ ناوليٽ“. ان ڪتاب کي پڙهڻ کان پوءِ بس سائين جن جو نالو ڏسي ئي، انھن جي هر لکڻي شوق سان پڙهندي آهيان ۽ جڏهن زيب النساءِ ڪتاب پڙهيم، تہ منھنجي دل نہ پئي چيو تہ هي ڪتاب ختم ٿئي، بس، دل چيو پڙهندي وڃان ۽ بار بار پڙهان. آئون سائين جن جي تمام گهڻي شڪر گذار آهيان، تہ انھن اهو ڪتاب لکي، اسان کي علم ڏنو ۽ زندگي جيئڻ جو سليقو سيکاريائين ۽ اهو تہ هر مشڪلات ۽ وڏن وڏن مسئلن کي ڪيئن منھن ڏجي ۽ عورت ٿي ڪري، گهر کي ڪيئن سنڀالجي. ڪيئن همت ڪري اهڙين حالتن ۾ ثابت قدم رهي مسئلن کي منھن ڏجي. حقيقت ۾ زيب النساءِ صرف هڪ ڪھاڻي نہ، بلڪہ عورتن لاءِ هڪ انمول ۽ قيمتي تحفو آهي، جيڪو زندگيءَ جي اهڙين مشڪل حالتن ۾ تمام گهڻو مددگار ثابت ٿيندو ۽ انھن کي مضبوط رکندو.

]ڇپيل: سنڊي مئگزين روزاني ’عوامي آواز‘ ڪراچي، 08.05.2016ع [

هڪڙي ملندي آهي زندگي

---

واقعي سڀني کي هڪڙي ئي ملندي آهي زندگي! (مرتضيٰ سيال)

سٺا استاد ۽ سٺا ڪتاب انسان جي سوچ ۽ زندگي بدلائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا آهن، اهي استاد ۽ ڪتاب ئي آهن، جيڪي اسان کي هيٺان کان مٿي پھچائن ٿا، اسين ڀلي ڪٿي بہ پھچي وڃون، پر زندگيءَ جي آخري گهڙين تائين پھنجن سُٺن استادن کي وساري نہ ٿا سگهون، اهڙيءَ طرح ڪتاب بہ هميشہ اُتساھہ جو ذريعو رهن ٿا.
هونئن تہ سنڌي ٻوليءَ ۾ تمام گهڻا ڪتاب ڇپجن ٿا، جيڪي سُٺي ڳالھہ آهي، پر انھن مان ڪجهہ ڪتاب ايترو اثر ڇڏين ٿا، و اهي ماڻھوءَ جي ذهن جا بند طاق کولي ٿا ڇڏين، اهڙو ئي هڪ ڪتاب ”هڪڙي ملندي آهي زندگي“ آهي.
بلڪل، زندگي تہ هڪڙي ئي ملندي آهي، پر اُن هڪڙي زندگيءَ ۾ خوبصورتي ۽ مقصديت جا رنگ ڪيئن ڀرجن، زندگيءَ جي سفر کي رڳو پنھنجي لاءِ ئي نہ پر پنھنجن پيارن توڙي سماج ۾ رهندڙ ٻين ماڻھن لاءِ ڪارائتو ڪيئن بڻائجي ۽ پنھنجي عمل سان سماج ۾ موجود ڪٺورتا کي ڪيئن گهٽائجي؟ هيءُ ڪتاب اهو سڀ ڪجهہ ٻڌائي ٿو.
’سُندرتا جي 51 ڪھاڻين‘ تي مشمل هن ڪتاب جي سڀني، ٻين ٻولين جي خوبصورت ڪھاڻين کي، اسان جي پياري دوست ۽ ناليواري ليکڪ محمود مغل رڳو ترجمو ئي ناهي ڪيو، پر انھن لاجواب ڪھاڻين جي مختلف جاين تان چونڊ ڪري، هڪ خوبصورت گلدستي جيان سينگاري، هڪ لاجواب ڪتاب جي صورت ۾ اسان جي سامھون رکيو آهي. هي سڀئي ڪھاڻيون جنھن سھڻي نموني ترجمو ڪيون ويون آهن، ان جو بہ جواب ناهي، بنھہ سادي ۽ عام فھم ٻولي استعمال ڪئي ويئي آهي. هن ڪتاب جون سڀئي ڪھاڻيون خوبصورت احساسن سان تہ ڀرپور آهن ئي، پر مختصر هئڻ جي باوجود وڏي مفھوم واريون بہ آهن. هنن ڪھاڻين ۾ زندگيءَ جا اهڙا بھترين سبق موجود آهن، جن جي مقصد کي سمجهڻ سان اسان جي سوچ ۽ روين ۾ وڏي تبديلي اچي سگهي ٿي.
هي اُهي ڪھاڻيون آهن، جن وڏي عرصي کان پوءِ مون کي متاثر ڪيو آهي. سچ پچ هي سڀئي ڪھاڻيون ڪمال جون آهن، ڪھاڻين جي هر لفظ ۾ زندگي آهي.
ڪتاب جي 51 ڪھاڻين ۾ ڪابہ ڪھاڻي ٻن يا ٽن صفحن کان وڌيڪ ناهي، پر انھن سڀني ڪھاڻين ۾ ايتري تہ وسعت ۽ مقصديت آهي، جو هر ڪھاڻيءَ تي هڪ فلم ٺھي سگهي ٿي. 175 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب کي هونئن تہ پڙهڻ ۾ ٻن ڏينھن کان وڌيڪ وقت نہ لڳندو، پر مون کي هي ڪتاب پڙهڻ ۾ ڏھہ ڏينھن لڳي ويا، ڇاڪاڻ تہ هر ڪھاڻي پڙهڻ کان پوءِ ماڻھو ڄڻ ٻي دنيا ۾ پھچي ٿو وڃي ۽ سوچ جو هڪ سفر شروع ٿي ٿو وڃي. مان هنن مان هڪ يا ٻہ ڪھاڻيون پڙهڻ کان پوءِ وري ڪافي وقت تائين سوچيندو ئي رهيس.
’هڪڙي ملندي آهي زندگي‘ ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ آئون اهو ئي چوڻ چاهيندس تہ انساني احساسن ۽ زندگيءَ کي سمجهڻ لاءِ هي ڪتاب پڙهڻ ضروري آهي. هي ڪو عام ڪھاڻي ڪتاب ناهي، پر هي ڏاڍو اهم ۽ احساسن جو مجموعو آهي، جنھن ۾ اهڙو نشو آهي، جيڪو پڙهندڙ کي وڏي وقت تائين مدہوش رکڻ لاءِ ڪافي آهي.
آئون محمود مغل کي اهڙين انتھائي خوبصورت، زندگي ۽ احساسن سان ڀرپور سچين ڪھاڻين جي چونڊ، انھن کي حسين انداز ۾ پنھنجي سنڌي ٻوليءَ ۾ منتقل ڪرڻ ۽ لاجواب ترتيب ڏئي اسان تائين پھچائڻ تي مبارڪون پيش ڪيان ٿو. ساڳئي وقت ’امرتا پبليڪيشنس‘ کي اهڙي ڪتاب شايع ڪرڻ تي جس هجي. هي ڪتاب پنھنجي سرورق کان ويندي بئنڪ ٽائيٽل تائين ڏاڍو جاندار، ڏاڍو سھڻو ۽ ڏاڍو سحر انگيز آهي.
ڪتابن تي تبصرو ڪرڻ جو مون وٽ ڪو ڏانءُ ڪونھي، پر هي ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ شدت سان دل چاهيو تہ پنھنجن هنن احساسن کي جيئن جو تيئن قلمبند ڪيان. واقعي سڀني کي هڪڙي ئي ملندي آهي زندگي ۽ ان کي بامقصد ۽ ڀرپور بنائڻ لاءِ جيڪڏهن هي ڪتاب پڙهجي تہ ڪافي نوان گس ملي سگهن ٿا.

]ڇپيل: سنڊي مئگزين ’ڪاوش دنيا‘، آچر 28 مارچ 2021ع [

محبتن جو شھر ٻُڙي ميل

---

ڪھاڻيون اهڙيون، جو دل چوي ٿي: محبتي ماڻھن جو ڪو اهڙو شھر اڏجي (نُور گهلو)

اَڄ جو اِنسان، پنھنجي عزتِ نفس بَچائڻ، مادي ضرورتن جي پورائي جي ڪوشش ۽ غير يقينيءَ جي صورتحال ۾ ايترو تہ اُلجهي ويو آهي، جو هُو پاڻ کي اَڪيلو اَڪيلو محسوس ڪري، اَڪيلي سِر حالتن سان ويڙهاند جي عمل ۾ ڦاسي ويو آهي، جو هن لاءِ هڪ ٻئي سان محبت جو اِظھار ڄڻ مشڪل ٿي ويو آهي ۽ اُهو ئي محسوس بہ ڪيو وڃي ٿو ۽ هر ماڻھوءَ کان ٻُڌو بہ وڃي ٿو تہ هڪ ٻئي لاءِ همدرديءَ جو اَحساس مرڻينگ حالت ۾ ۽ محبتون ڄڻ موڪلائي ويون آهن. اِنسان ۽ محبت جي وچ وارو مفاصلو ٻُڙي ميل کان ٿيندو، اَلاءِ ڪيترن ميلن کان بہ پَري هليو ويو آهي، پر جيڪڏهن پنھنجي اَندر سان اَحوال ڪبو تہ خبر پوندي آهي تہ اِئين ڪونھي، اَندر ۾ هڪ ٻئي لاءِ اُها ئي محبت، اُها ئي همدردي ۽ اُها ئي سِڪ موجود آهي، پر سختگير خارجي حالتن اُن جي اِظھار جا رستا ڄڻ تہ بند ڪري ڇڏيا آهن.
محبت هڪ فطري جبلت ۽ جذبو آهي، جنھن کي ڪنھن بہ صورت ختم ٿيڻو ناهي ۽ اُن کي ختم ٿيڻ بہ نٿو ڏِنو وڃي. ڪي حساس اِنسان، جيڪي اِنسان کان بظاهر پَري ٿيندڙ محبت جي درد کي محسوس ڪندي، اَندران ڄڻ ڀڄي ڀُري پَون ٿا ۽ پنھنجي ڪوشش ۽ عمل سان اُن پَري ٿيندڙ محبت کي ٻُڙي ميل تي آڻڻ لاءِ جَتن ڪندا رهن ٿا، جن لاءِ شاھہ سائينءَ فرمايو آهي تہ:
محبت پائي مَنَ ۾، رنڍا روڙيا جن،
تِن جو صرافن، اڻ توريو ئي اَگهايو.
اَهڙن محبت ۾ رنڍا روڙيندڙن ۾ صوفي، سَنتن، عالمن، اوليائن کان سواءِ اسان جا ليکڪ بہ شامل آهن، جيڪي اِنسان جي تڪليفن ۽ پيڙائن مان بہ محبت جو وکر ڳولي، پنھنجي لِکڻين ذريعي نفرت جي نندا ڪرڻ ۽ محبت کي مڃتا ڏِيڻ جو درس ڏِيندا رهن ٿا.
اَهڙن حَساس اِنسانن مان ’محبتن جو شھر ٻُڙي ميل‘ ڪھاڻي ڪتاب ڏيندڙ ڊاڪٽر محمود مغل بہ هڪ آهي، جيڪو ريڊيو، ٽي. وي، اَخبار ۽ اَدبي حيثيت ۾ پنھنجو تعارف پاڻ آهي. هن ڪتاب کان سواءِ سندس ٻيا بہ ڪيترائي ڪتاب آهن، جن ۾ سندس پنھنجون تخليقون، ترجما ۽ مُرتب ڪيل ڪتاب آهن، اُنھن کي بہ پڙهندڙن، صرافن وانگر بنا ڪنھن هٻڪَ جي مڃتا ڏِني آهي.
’محبتن جو شھر ٻُڙي ميل‘ ڪتاب محمود مغل جي ’ڪھاڻين جي ڪُليات‘ آهي، جنھن ۾ 1979ع کان 2017ع تائين جون 37 ڪھاڻيون شامل آهن، جيڪي ناليوارن رسالن ’مھراڻ‘، ’آرسي‘ ۽ ’سُھڻي‘ کان سواءِ ٻين بہ ڪيترن ئي رسالن ۾ ڇپجي چُڪيون آهن.
ڪنھن بہ تخليقڪار جي تخليق تي راءِ ڏِيڻ کان اَڳ ۾ سندس شخصيت ۽ ڪردار کي سامھون رکيو ويندو آهي (جيڪو ضروري بہ ناهي)، ڇاڪاڻ تہ سندس شخصيت جو عڪس، سندس تخليق ۾ ۽ سندس ڪردار جو عڪس، سندس ڪردارن ۾ نظر اِيندو آهي. محمود مغل اَعليٰ قدرن ۽ رَوايتن جي حامل خانداني پس منظر ۽ تربيت سبب نرم مزاج، نرم لھجي، نرم سُڀاءُ ۽ خوش مزاج شخصيت جو مالڪ هُئڻ سبب پنھنجي تخليقن ۾ اِئين ئي نظر اَچي ٿو. ’پائلو ڪوهلو‘ چواڻي: ”اَثرائتي ڪھاڻي اُها آهي، جنھن ۾ ليکڪ پڙهندڙن کي ڪانہ ڪا شئي آڇيندو آهي. اُن آڇيل شئي جي شڪتي ئي سُٺي ڪھاڻيءَ جي ڪٿَ آهي. اُن حوالي سان ڏِسجي تہ محمود مغل ڪھاڻي لِکڻ جي اَهڙي فن کان چڱيءَ طرح واقف آهي. محمود مغل پڙهندڙن کي محبتون آڇي ٿو، ٻولي ۽ لھجو بہ اَهڙو اَپنائي ٿو، جنھن ۾ عام ليکڪ وانگر مصنوعيت يا هروڀرو جي گُلڪاري يا نقش نگاري تہ نظر ڪانہ ٿي اَچي، پر سندس لِکڻين ۾ سادي اَسلوب سان ٻوليءَ جي اَهڙي تہ رَواني آهي، جو دل چوندي آهي تہ اُنھن کي پڙهندو ئي رهجي، پوءِ اُها ٻولي عام طبقي جي هُجي يا خاص طبقي جي، اُن ئي حِساب سان هوندي آهي.
اَهڙيءَ طرح سندس ڪردار بہ ڪي ’مافوق الفطرت‘ ناهن هوندا، جن کي پَرَ لڳائي آسمان تي کڻي وڃجي. اُن جي بَرعڪس سندس ڪِردار اسان جي روزمرہ جي زندگيءَ ۾ شامل يا مشاهدي ۾ اِيندڙ ’زميني‘ هوندا آهن، جن جي نفسيات کان هُو نہ رُڳو واقف آهي، پر پنھنجي ايڪس ري جھڙين اَکين ۽ ذهن سان سندس اَندر ۾ جهاتي پائي، سندس سوچَ، دُکَ، سُک ۽ پيڙا کي محسوس ڪري لِکندو آهي تہ پاڻ بہ دُکي ٿي ويندو آهي، پاڻ بہ اُنھن سان گڏ کِلندو ۽ روئندو آهي، جيڪا هڪ سَچي، اِيماندار ۽ حساس ليکڪ جي سُڃاڻپَ آهي، جيڪو پنھنجي لِکڻين کي Own بہ ڪري ٿو ۽ پنھنجي ڪمٽمينٽ سان سَچو بہ رهي ٿو.
هن ڪتاب ۾ شامل ڪھاڻين ۾ بہ سندس اُن ئي آس ۽ خواهش جو اِظھار نظر اَچي ٿو تہ ڪاش! ڪو اَهڙو ماحول جُڙي، محبتي ماڻھن جو ڪو اَهڙو شھر اَڏجي، جِتي نفرت تہ ڪوهين ڏُور هُجي، پر محبتن جو فاصلو ’ٻُڙي ميل‘ هُجي. 230 صفحن وارو هي ڪتاب ’ڪاڇو پبليڪيشن‘ پاران شايع ڪيو ويو، جنھن جي قيمت 300 روپيا آهي.

]ڇپيل: سنڊي مئگزين ’ڪاوش دنيا‘، آچر 9 سيپٽمبر 2018ع [

تخليقي ڪھاڻيڪار: محمود مغل (رکيل مورائي)

سنڌي ڪھاڻيءَ جي تاريخي اوسر ڏانھن وڃڻ بي سود آهي. هن وقت ايترو چوڻ گهڻو آهي تہ سنڌي ڪھاڻي جڏهن پنھنجو سَفر ڪري، زرعي سَماج کان صنعتي سَماج ڏانھن وِک وَڌائي هئي، اُن موڙ تي جن سندس آجيان ڪئي هئي، اُنھن جي ٻئي ليکڪ نسل مان جيڪو نالو اَڳين نالن ۾ اَچي ٿو، اُهو محمود مغل آهي، ڊاڪٽر محمود مغل پوءِ!
پڪَ سان هُو ڊاڪٽر نہ هجي ها، تڏهن بہ سنڌي اَدب کي اَهم ڪھاڻيون ڏئي ها، تخليقي ناول ڏِئي ها، ترجما ڏئي ها ۽ نئون ناٽڪ ڏِئي ها! ڪالم سندس اَدب کان اَهم نہ، اَدبَ کان پوءِ ٿا اَچن، جيڪي هاڻ ڪھاڻيءَ سان گڏجي پيا آهن ۽ نئون نالو اِختيار ڪيو اَٿائون، ’ڪالم ڪھاڻي‘
ٻن ترارن جاءِ، ڪانھي هڪ مياڻ ۾!
ڪھاڻيءَ جو پنھنجو دائرو آهي ۽ ڪالم جي پنھنجي موضوعاتي محدودگي. ها! اَدب ۾ ڪنھن بہ ٻوليءَ جي اَدب کي نوان تجربا، نوان موڙ ڏيندا آهن ۽ اِئين اَدب اَڳتي وڌندو آهي. في الحال اُنھن ۾ عالمي اَدبي ڌارائون پوءِ اِينديون ۽ پَرکيون وينديون آهن، اَول اُهي شخص جو پنھنجو نِجي حِصو هونديون آهن ۽ محمود مغل اسان جي دوست اَدبَ جي ڪيترين شاخن/صنفن ۾ گهڻو گهڻو نئون ڏِنو آهي، اِهو سچ آهي.
قبولڻ/نہ قبولڻ هر شخص جو نِجي معاملو آهي ۽ بحث کان ٻاهر آهي. اِئين هُو ’سنڌ ٽاڪيز‘ سَھيڙي هڪ محقق جو مرتبو بہ ماڻي چُڪو آهي، هُو ڊاڪٽر تہ آهي ئي!
گهڻو لِکڻ ۽ سُٺو لِکڻ ٻہ اَلڳ موضوع آهن. جڏهن ٻئي موضوع هڪ هنڌ گڏجندا تہ محمود مُغل جي صورت اِختيار ڪندا. اِئين سنڌي ڪھاڻيءَ جو نئين صديءَ جو اَڀياس پاڻ ثابت ڪندو، اسان پاران چوڻ شايد پاسخاطري بڻجي يا هوائي فائر!
سنڌي ڪھاڻيءَ کي اَڄ تائين رُومانوي ڌارا مان نڪرڻ لاءِ هاڻ شايد گهڻو وقت نہ لڳي، پر اُن جو اَڀياس اِهو ضرور ٻُڌائي ٿو تہ وقت کان اَڳ جن نوجوانن ڪھاڻيءَ ۾ ڪجهہ بہ نئون ڏِيڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، محمود مغل اُنھن مان آهي. هن جنھن بہ صنف تي لِکيو، نئون محسوس ٿيو ۽ مٿس جيڪو ڪجهہ لِکيو ويو آهي، اُهو بنھہ اِيئن محسوس نہ ٿيو.
ڪيئن بہ! محمود مغل سنڌي ڪھاڻيءَ کي پنھنجو چھرو ڏِنو آهي، اُها سندس تخليقي حاصلات آهي. سندس تازو ئي ڪھاڻين جو هڪ گڏيل مجموعو آيو آهي، جيڪو پاڻ سان مٿئين ڳالھين جون ڪجهہ چِٽيون/اَڻ چِٽيون ثابتيون کڻي آيو آهي، جنھن ڪھاڻي ڪتاب جو نالو آهي ’محبتن جو شھر ٻُڙي ميل‘.... ڪتاب جو نالو غير مروج، سڀ کان اَلڳ ۽ نئون محسوس ٿئي تہ پڪَ سان پڙهندڙ لاءِ ڪتاب ۾ گهڻو ڪجهہ نئون هوندو.
محمود مغل ڪھاڻيءَ ۾ هر ممڪن حدَ تائين پنھنجو لھجو، اِظھار، ٻولي ۽ ماحول کڻي آيو ۽ اَهم ڳالھہ تہ اُن سڀ کي فقط محسوس ڪرائي، لِکڻ کان پاسيرو نہ ٿي ويو، پر اَڄ تائين هُو مسلسل لِکندو رهي ٿو، اِها ڪنھن بہ تخليقي ليکڪ جي قوتن جي ثابتي آهي. اِئين محمود مغل نہ فقط گهڻو لِکيو آهي، پر سُٺو بہ لِکيو آيو، جيڪو اَعزاز کيس مِلڻ ئي گُهرجي. لِکڻ لاءِ لِکڻ اَهم نہ آهي.
’محبتن جو شھر ٻُڙي ميل‘ محمود مغل جو مان ڀانيان ٿو تہ ’عيوضي‘ ڪھاڻي مجموعو آهي، جنھن کي هُو پاڻ ’ڪُليات‘ ڪوٺي ٿو ۽ جنھن ۾ سَتٽيھہ ڪھاڻيون آهن. کيس بابت جيڪو مھاڳ/ اَمھاڳ/ تاثر، حوالي لاءِ ڪجهہ لِکيل آهي، اُهو اَلڳ آهي، جنھن سان پڙهندڙ جو سھمت/اَسھمت هجڻ اُن جو پنھنجو مسئلو آهي، پر اِهو سچ آهي تہ نئين صديءَ ۾ آيل سنڌي ڪھاڻيءَ جي اَڀياس ۾ آيل هي ڪتاب محمود مغل جي ڪھاڻيءَ کي گهڻو ڪجهہ لِکرائيندو. جڏهن بہ سنڌي ڪھاڻيءَ بابت ڪوبہ سَنجيدہ اَڀياس لِکيو ويندو، محمود مغل ڪھاڻيءَ کي هڪ پنھنجو چھرو ڏيئي، اُن جي ڪجهہ ڪجهہ اَلڳ سُڃاڻپَ ڏِني آهي، اُن کي ’مارڪ‘ ڪيو وڃي!
لس ليٽ ۾ عظيم/شاندار/شاهڪار ۽ غير معمولي ڪھاڻي اسان جي آڏو وقت جو نقاد ڳولي، سامھون آڻي رکندو، تڪڙ ئي ڪھڙي آهي! ۽ يقين سان منھنجو پنھنجو چَوڻ اِهو آهي تہ پياري محمود مغل ڪڏهن بہ، ڪجهہ بہ لِکڻ وقت تڪڙ ۾ ئي سڀ ڪجهہ حاصل ڪرڻ لاءِ نہ لِکيو آهي. هو بُنيادي طور آرٽسٽ آهي، اُن ۾ ٻہ ڳالھيون نہ آهن.
’محبتن جو شھر ٻُڙي ميل‘ ۾ سندس ڪھاڻيون اَڄ جي سنڌي ڪھاڻيءَ کي گهڻو اَڳتي وٺي اِينديون، اَهڙي اُميد تہ اَوس آهي، رسمي مھاڳ/اَمھاڳ کان آجي هن ڪتاب ۾ ٽي سؤ ويھه صفحا آهن، پَڪي جُلد ۽ وڻندڙ تخليقي ٽائيٽل واري هن ڪتاب کي ’ڪاڇو پبليڪيشن‘ ڪراچيءَ پاران ڇَپايو ويو آهي ۽ اُن جو ملھہ بنھہ مُناسب ٽي سؤ روپيا آهي. واڌو هي ڪتاب سانڍڻ جھڙو آهي.

]ڇپيل: سنڊي مئگزين روزاني ’عوامي آواز‘ ڪراچي، آچر 16 سيپٽمبر 2018ع[

ڪھاڻي ’محبتن جو شھر ٻُڙي ميل‘ جو جائزو (عائشہ ڀُٽو)

عشق، هن سنسار جو اُھو خوبصورت ۽ روشن ترين سج آهي، جنھن جي روشنيءَ کي ڪو ئي زوال ناهي؛ ها ڪڏهن ڪڏهن ڪجهہ اماس راتيون ۽ ڪي ڪارا ڪڪر عشق جي گرمائيندڙ ۽ زندگي بخشيندڙ روشنيءَ مٿان وقتي طور حاوي ٿي ويندا آهن پر صبح جو وري سج جا تازا ڪِرڻا، عشق جي آسمان کي پھرين کان وڌيڪ اجاگر ڪري ڇڏيندا آهن...! عشق چئو يا محبت، ٻئي زندگي جا اھم ترين احساس ۽ خوبصورت ترين پھلو آهن. ڪنھن ليکڪ وٽ اِھي احساس فقط زندگيءَ جو هڪ عارضي حصو آهن تہ وري ڪنھن مصور وٽ اِھي احساس ئي زندگي آهن!
اسان ننڍا ھوندا آهيون تہ بادشاھي زندگي گذاريندا آهيون؛ ايئن لڳندو آهي تہ هي سڀ آس پاس جا ماڻھو بس اسان جي هڪ اشاري جا منتظر آهن، ڇاڪاڻ تہ اسين اُن وقت جنھن بہ شئي لاءِ ضد ڪندا آهيون تہ اُھا اُن مھل ئي حاصل ٿي ويندي آهي؛ ان عمر ۾ جيڪڏھن اسان وٽ ڪجهہ ناهي هوندو تہ اُھو بس عميق شعور آھي، جنھن کان اسان وانجهيل ھوندا آھيون. اسان اُن وقت بس هِڪ معصوم محبت جو مجسمو ھوندا آهيون، جيڪو آس پاس جو شعور رکندي بہ اڻڄاڻ ۽ بي سمجه هوندو آھي... پوءِ جڏھن زندگيءَ جي گاڏي نوجوانيءَ جي منزلن تان گذرندي آهي تہ محبت اسان مٿان پھرين بارش ۽ بھار جيان وسڻ لڳندي آهي ۽ اسان جي دلين ۽ زندگين ۾ انيڪ خواھشن جا پن، وڻ، گل ۽ ميوا ٽڙي ۽ ڦٽي پوندا آهن. ان وقت هر شئي خوبصورت نظر ايندي آهي؛ خوشي هِڪ لازوال احساس جيان محسوس ٿيڻ لڳندي آهي، پوءِ وري جڏهن اسان ٿورو اڳتي سفر ڪندا آهيون تہ دنياوي تلخ ترين حقيقتن جھڙوڪ وڇوڙو/فراق، بک، بدحالي، ڏُک، تڪليفون ۽ درد و رنج جي ڪيفيتن مان گذرندي عشق اسان جي سامھون بي نقاب ٿي پنھنجي ڀوائتي روپ ۾ رقص ڪرڻ لڳندو آهي.
عشق جي انھيءَ حقيقت کي بي حجاب ڏسي، ڪو وقت کان اڳيئي پراڻو ٿي پوندو آهي تہ ڪنھن جي الھڙ جوانيءَ ۾ بہ، ميچوئرٽي ڳالھائڻ شروع ڪندي آهي، تہ ڪنھن بدنصيب جون خواهشون حسرتن ۾ تبديل ٿي درد جو روپ وٺنديون آھن، پر پوءِ بہ اُھي درد ھن لاءِ راحت بڻجي ويندا آهن، تہ ڪنھن جون وري سڀ بھارون، خزان لُٽي کڻي ويندي آهي پوءِ کيس خبر پوندي آهي تہ زندگيءَ ۾ عشق جي سفر جو پانڌيئڙو ٿيڻ ايترو آسان ڪونھي.
عشق جي لازوال سفر جي انھيءَ داستان کي سنڌ جي نامياري ليکڪ محمود مغل پنھنجي ڪتاب ’محبتن جو شھر ٻڙي ميل‘ ۾ خوبصورت ڪھاڻيون لکي شامل ڪيو آهي. ھن ڪتاب ۾ ٻين ڪھاڻين سان گڏ انھيءَ عنوان تي ھڪ ڪھاڻي پڻ شامل آھي، جنھن جي سحر، محمود مغل کي سندس ھن ڪتاب کي انھيءَ نالي تي آڌارڻ تي مجبور ڪيو.
ڪتاب جي ڪھاڻي ’محبتن جو شھر ٻڙي ميل‘ حسن، ڪشش، عقيدت، محبت، حاصل، لاحاصل ۽ آخر ۾ فراق جي موضوعن جي خوبصورت ۽ خاردار ٿلھن تي رقص ڪندي نظر اچي ٿي. هن ڪھاڻيءَ جو مرڪزي ڪردار ادا ڪندڙ ’ڊاڪٽر ڪشف‘ نالي هڪ وچولي عمر جي خوبصورت عورت آهي، جيڪا پيشي جي حوالي کان ڊاڪٽر آهي. ھي افسانو ھڪ الميي تي آڌاريل آھي، جيڪو ڪشف سان جڙيل ھڪ راز سان وابستہ آھي، جيڪو پڙھندڙن تي ڪھاڻيءَ جي آخر ۾ کُلي ٿو. راز اهو آهي تہ عاشي نالي ننڍڙي ٻارڙي جيڪا ڪشف کي ’آپي آپي‘ ڪري سڏيندي آھي، کي ڪشف دنيا اڳيان پنھنجي اُن سؤٽ جي ڌيءُ ڄاڻايو هئو، جيڪا مڙس سميت ڪار ايڪسيڊنٽ ۾ مري وئي هئي، پر اصل ۾ اُھا ٻارڙي ڪشف جو پنھنجو حقيقي اولاد هوندي آهي، جيڪا اُن شاديءَ کان بغير يعني پيار جي پاپ جي سزا ڀوڳيندي پيدا ڪري پالي وڏي ڪئي هوندي آهي.
پڙھائيءَ کان پوءِ هڪ خوبرو ۽ خوشحال گهراڻي جو نوجوان ’ڊاڪٽر اياز مھدي‘ جڏھن ھائوس جاب لاءِ ھڪ اسپتال ۾ جوائن ڪندو آھي تہ ان اسپتال ۾ ڊاڪٽر ڪشف، رجسٽرار طور انتظام سنڀاليندڙ ھوندي آھي. اياز پڻ ڪشف وانگر ٻنھي ڳالھين يعني پڙهائي ۽ پيشہ ورانہ صلاحيتن ۾ ھڪ آئيڊيل ڪينڊيڊيٽ هوندو آهي، تنھن ڪري هُو ٻئي گڏجي ڪم ڪرڻ لڳندا آهن. آهستي آهستي هُو آفيس ٽائمنگ کان پوءِ بہ ڪنھن نہ ڪنھن ڪم سانگي گڏجي گهمڻ يا شاپنگ ڪرڻ لڳندا آهن. نتيجي ۾ اها دوستي، بي تڪلفي، ويجهڙائپ ۽ محبت ۾ تبديل ٿي ويندي آهي. اياز روز ڪشف کي آفيس لاءِ توڙي آفيس کان پوءِ سندس گهر تائين پنھنجي ڪار ۾ پڪ اينڊ ڊراپ ڪندو رهندو آهي. اياز تہ ڪشف تي پھرين ئي نظر ۾ پنھنجي دل هاري ويھندو آهي، پر کُلي طرح لفظن ۾ اظھار نہ ڪري سگهندو آھي.
آخرڪار ڪجهه ئي عرصي ۾ يعني ڪھاڻيءَ جي آخري حصي ۾ جڏھن هُو ڪشف جي اعليٰ ڪردار ۽ اعليٰ ظرفيءَ سان گڏوگڏ اُن جي سھڻي صورت ۽ سيرت کان متاثر ٿيندي، ساڻس سچي محبت جو اظھار ڪري شاديءَ جي ڳالھہ ڪندو آهي تہ ڪشف پنھنجي ماضيءَ جي دردناڪ ڪھاڻي ٻڌائي ساڻس ٿيل ظلم ۽ بيوفائيءَ جا سمورو احوال ڏئي، اياز کي ڳجهن لفظن ۾ معاشري جو حقيقي چھرو ڏيکاري پنھنجي محبت جو پھريون ۽ آخري ڀيرو اظھار ڪندي، کيس ھميشہ لاءِ الوداع چئي شھر ڇڏي هلي ويندي آهي..!
هيءَ مختصر ڪھاڻي، اسان جي سماج ۾ فيمينزم يعني عورت-واد نظريي ھيٺ اسان جي مرد غالب معاشري ۾ محبت جي معاملي ۾ ھر لحاظ کان عورت کي قصوروار قرار ڏيڻ جي ڪڙي حقيقت کي اجاگر ڪري ٿي... پيٽريارڪي يا مرد غالب معاشري جي شروعات ڪجهه ذريعن مطابق تقريباً ڇھہ هزار سال اڳ (4000 قبل مسيح) ۾ ٿي هئي جڏهن تہ ڪجهه ذريعا ان کي تقريباً 2 ملين يعني ويھه لک سال پراڻو سمجهن ٿا. ھن قسم جي معاشري ۾ مرد (پيءُ، ڀاءُ، سؤٽ، ماروٽ، سھرو، چاچو، مامو، ڏاڏو وغيرہ) خاندان ۾ فيصلي ڪرڻ وارو سربراھہ هجي ٿو، جڏھن تہ عورت (زال، ڌيءَ، ڀيڻ، سس، ڀاڄائِي، چاچِي، مامِي وغيرہ) مردن جون ضرورتون پوريون ڪندڙ نوڪرياڻيون آھن، جن کي پنھنجون ڪي بہ خواهشون ۽ جذبا نہ آھن، بلڪہ اھي بازار ۾ وڪامجندڙ وکر وانگر آھن، جنھن کي جتي رکجي اتي پيو ھجي ۽ جھڙي نموني استعمال ڪجي، اھو صحيح آھي.
تاريخ ۾ اهڙو بہ دؤر ھو (تعليم کان وانجهيل معاشري ۾ اڄ بہ اھو دؤر ھلي رھيو آھي) جو عورت کي ڳالھائڻ، لکڻ پڙهڻ ۽ مخصوص ڪمن کان علاوہ ٻيو ڪجهه بہ سکڻ ۽ ڪرڻ جي آزادي نہ هئي؛ عورتن کي مذھب، ثقافت ۽ مردن جي نام نھاد عزت برقرار رکڻ خاطر چادر ۽ چار ديواريءَ اندر قيد ڪيو ويندو ھو. اسان جي پنھنجي معاشري ۾ اڄ ايڪيھين صديءَ ۾ بہ عورتن کي مردن برابر حقن ھجڻ بابت ڳالھائڻ جي اجازت ناھي؛ مرد چاھي ڪيترين عورتن سان ڳجها توڙي ظاھري جنسي لاڳاپا رکندو ھجي، اھا سندس مردانگي سمجهي ويندي آھي، پر عورت ڪنھن غير مرد کي فقط ھڪ نظر ڏسي وٺي يا ان سان ھڪ جملو ڳالھائيندي ڏٺي وڃي تہ ان کي ڪاري قرار ڏئي، قتل ڪرڻ کان بہ ڪونہ ڪيٻايو ويندو آھي. اڄ بہ غيرت جي نالي تي عورتون سَرِعام قتل ڪيون وينديون آهن. پيار محبت جي ناڪامي، يعني جيڪڏھن عورت ۽ مرد جي وچ ۾ پيار، محبت ۽ عشق جو تعلق جڏھن شاديءَ جي ڪامياب سماجي تعلق ۾ تبديل نٿو ٿئي تہ ان رشتي جو سمورو عتاب اڪثر ڪري عورت کي عمر ڀر جي رسوائي ۽ ذلت ڏئي ٿو. اھو نتيجو ڪڏھن عورت مٿان بدڪرداريءَ جو ٺپو لڳڻ جي صورت ۾ سامھون اچي ٿو تہ ڪڏھن طلاق جي صورت ۾ نڪري ٿو؛ يا ڪڏھن وري ناجائز حمل ڪيرائڻ، ناجائز ٻار ڄڻڻ، ان کي قتل ڪرڻ جي صورت وٺي ٿو يا اگر عورت ھمت ۽ حوصلي سان اھڙي ٻار کي پالي ٿي تہ سڄي عمر جي اڪيلائي ۽ آخري پساھ تائين معاشري جي ڌڪار سندس پلئہ پوي ٿي. محمود مغل جي ھيءَ ڪھاڻي عورت مٿان مڙھيل پيار جي پاپ جي اھڙي نتيجي جو ھڪ ڪڙو اظھار آھي ۽ مرداڻي معاشري جي منھن تي ھڪ چماٽ آھي.
هن ڪھاڻيءَ ۾ بہ عورت کي عشق جي آڙاھ ۾ گهڙڻ جي ھڪ طرفَي ظلم، بيوفائي ۽ سزا جي گهاڻي ۾ پيڙجندي پيش ڪيو ويو آهي؛ ڊاڪٽر ڪشف جي محبت جي نالي تي عزت پامال ٿيندي ۽ سندس زندگي عذاب بڻجندي ڏيکاري وئي آهي؛ پيار جي خوبصورت سبز باغن ڏيکارڻ کان پوءِ کيس دوزخ جھڙي خوفناڪ زندگيءَ جي صحرا ۾ اڇلايل ڏيکاريو ويو آھي. ڊاڪٽر ڪشف کي سنگل مدر هئڻ باوجود بي لوثيءَ جي علامت بڻيل اھڙي سورميءَ طور پيش ڪيو ويو آھي، جنھن پنھنجي باقي عمر پنھنجي ڌيءُ عاشي ۽ ڀيڻين جي تعليم ۽ تربيت ۽ سک لاءِ ارپي ڇڏي آھي.
ڪھاڻيءَ جي مک ڪردار ڊاڪٽر ڪشف جي جرئت، سھپ، ھمت ۽ حوصلي جي پيشڪش جي داد ڏجي ٿي. سنڌ جي سرتاج شاعر شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ پڻ پنھنجين سورمين وسيلي سنڌ جي حقيقي ثقافت يعني مرد غالب معاشري جي ابتڙ، روشن خيال سنڌ ۽ عورت سورمين جي پيڙا ۽ جدوجھد کي پنھنجي شاعريءَ جي پيغام جو مرڪزي نقطو بڻايو آھي، جيڪو سراسر فيمينزم/عورت-واد (عورت-پسنديت) نظرئي سان ھم آھنگ آھي. سنڌ جي ڀٽائي گهوٽ سوين ورهيہ اڳ سھڻيءَ جي شادي شدہ ھوندي پنھنجي ميھار سان ملڻ لاءِ ڪشالا ڪٽي درياء پار ڪرڻ کي ڳايو آھي؛ راڻي يعني مينڌري پنھنجي مومل کي غير مرد (سُومل سندس ڀيڻ جيڪا سيتل راءِ جي ويس ۾) سان ستل ڏسندي بہ کيس غيرت جي نالي تي ڪاري ڪري قتل نہ ڪرڻ کي ڳايو آھي؛ مارئيءَ کي وقت جي بادشاھہ عمر پاران اغوا ڪيو پر ھن سان جبري شادي نہ ڪئي، ٻئي پاسي مارئي، عمر بادشاہه طرفان کيس شاديءَ لاءِ اغوا ڪرڻ ۽ سندس پاران مھيا ڪيل دنياوي آسائشن ۽ کائڻ پائڻ جي بادشاھي نعمتن کي ٺڪرائي ڇڏيو ۽ انھن جي ڀيٽ ۾ ھُوءَ پنھنجي ديس ۽ ان جي مسڪين ماروئڙن لاءِ ترسي ۽ تڙپي رھي ھئي، ان ڪري عمر کيس صحيح سلامت با آبرو سندس ماروئڙن ڏانھن موٽائي موڪليو، جنھن کي لطيف سائينءَ پنھنجي شاعريءَ ۾ ڳايو. سسئي وري تن تنھا پھاڙن ۽ جهنگن ۾ پنھنجي محبوب پنھونءَ کي ڳوليندي رھي ھئي پر ان دوران ڪنھن بہ حوَس جي پوڄاري مرد سندس اڪيلائيءَ جو فائدو نہ ورتو ۽ سندس عزت ۾ هٿ نہ وڌو، پنھونءَ لاءِ سندس پير پٿون ٿيڻ ۽ آخري پساھ تائين پنھنجي محبوب تائين رسڻ، رڙھڻ ۽ ان لاءِ واجهائڻ کي شاه سائينءَ ڳايو آهي. ان کان سواءِ سورٺ، راءِ ڏياچ سان گڏ تخت تي ويھندي هئي، جيڪو عورت مرد جي برابريءَ کي ظاھر ڪري ٿو. اهي سڀ ڳالھيون قديم سنڌ جي سونھن ۽ روشن خياليءَ جي عڪاسي ڪن ٿيون، جن کي ڀٽ جي ڀٽائيءَ پنھنجي شاعريءَ ۾ سمائي امر ڪري ڇڏيو آھي.
آدم کان ابنِ آدم تائين اِها انساني فطرت آهي ۽ ڪائناتي ڪشش جو قاعدو آھي تہ اسان انھن ئي شين/تخليقن ڏانھن وڌيڪ ڇڪجندا آهيون، جيڪي بظاهر ممنوع ۽ لاحاصل ھجن. ڪھاڻيءَ جي ڪردار ڊاڪٽر ڪشف کي بہ ائين ئي عشق ٿيڻو هئو ۽ شاديءَ جي ٻنڌڻ ۾ ٻنڌجڻ کان سواءِ ئي هڪ ٻار کي جنم ڏيڻو هئو... اها سندس غلطي ھجي يا گناھ، پر ڪائناتي حساب سان اهو هڪ آفاقي اصول رھيو آهي ۽ اڪثر حالتن ۾ ابتدا کان اڄ تائين ائين ئي ٿيندو رهيو آهي ڇو تہ اھو ھڪ فطري تقاضو پڻ آھي... پر اسان انسان پاڻ تي مذھب، ثقافت ۽ ريتن رسمن جا غير فطري قانون مڙھيندا رھيا آھيون. فرانس جي فلسفي ’جين جيڪس روسو‘ بلڪل صحيح چيو هئو تہ، ”انسان پيدا تہ آزاد ٿيندو آهي پر پيدائش کان پوءِ هُو هر هنڌ زنجيرن ۾ قيد هوندو آهي.“ اسان شعوري توڙي غير شعوري طريقن سان اھي ڳالھيون، تصور، نظريا ۽ عمل سکندا آھيون، جيڪي اسان پنھنجي آس پاس يعني والدين، مِٽن مائٽن، جنم ڀومي ۽ معاشري ۾ ڏسندا آهيون، ٻڌندا آھيون، پڙھندا آھيون يا ٻين کي ڪندي ڏسندا آھيون. اسان مان تقريبن سڀ وڏا ٿي ساڳيو ئي مذھب، ساڳي ذات پات، ساڳي ٻولي، ساڳيا لھجا، ساڳيا انداز، ساڳيا روَيا، ساڳيون ريتون رسمون، ايتري قدر جو اسان جو ذهن بہ اُھا ئي سوچ اُھو ئي نظريو اختيار ڪرڻ جو قائل ٿي ويندو آهي، جنھن ماحول ۽ مڪتبِ فڪر ۾ اسان اکيون کوليون ھجن ۽ وڌندا ويجهندا آهيون. مطلب تہ اسان پنھنجن مذھبي، ثقافتي، اخلاقي، سياسي، سماجي زنجيرن ۾ ايترو تہ شدت سان جڪڙيل ھوندا آهيون، جو اسان جي سوچ، اسان جا خيال، اسان جا نظريا بہ پڃري ۾ قيد ڪيل ڪبوترن جيان هڪ محدود دائري ۾ ئي پيا ڦڙڪندا آهن. اسان جون اکيون انھن زنجيرن کان آجيون ٿي ڪائناتي تصوير جو ٻيو رخ ڏسي ۽ سمجهي نٿيون سگهن؛ اسان جا ذھن، اسان تي مسلط ڪيل ذاتي ۽ سماجي تصورن ۽ دائرن کان ٻاهر نڪري دنيا جھان جي نِت نوَن رنگن، خيالن، فلسفن ۽ عملن کي قبول ڪرڻ جي همت ئي نٿا ڀانئين، نہ رڳو ايترو پر اھڙو بحث ۽ اھڙو اظھار بہ نٿا ڪري سگهن.
محمود مغل جي ڪھاڻي ’محبتن جو شھر ٻڙي ميل‘ ۾ مُک ڪردار ڊاڪٽر ڪشف جي لڪايل راز جي انڪشاف، تہ ھُوءَ ماضيءَ ۾ ڪنھن بي وفا مرد جي پيار جي اڻمٽ نشاني سندس ننڍڙي ڌيءَ عاشيءَ جي اڪيلي ماءُ (سنگل مدر) آھي، کي ڪھاڻيءَ جي ھيرو ڊاڪٽر اياز مھديءَ لاءِ عملي طور نہ قبولڻ کي پيٽريارڪي يعني مرد غالب معاشري جي اثر ھيٺ ان باھمي ڏوھ جو قصوروار فقط عورت کي قرار ڏيڻ جي ڀرپور عڪاسي ڪئي وئي آھي. اھا واقعي ھڪ حقيقت آھي تہ اسان عملي زندگيءَ ۾ پنھنجي سنڌي معاشري ۾ اھڙي ڳالھہ جو نہ تہ کُليل لفظن ۾ اظھار ڪري سگهون ٿا ۽ نہ وري اسان عورتون پنھنجي مرضيءَ سان ڪو ئي روايتن کان ھٽيل فيصلو ڪرڻ جو حق رکون ٿيون. ان لحاظ کان ھيءَ ڪھاڻي اسان جي معاشري جي حقيقي عڪاسي ڪندڙ آھي ۽ ڪڙي سچائيءَ جو ڀرپور ادبي اظھار آھي.
هي اُھو موضوع آهي، جنھن جي گهِرائيءَ ۾ جيڪڏھن آئون وڃڻ چاهيان تہ سؤ ٻيا لڪل پھلو بہ کُلي ظاهر ٿي پوندا. اسان جي مرد غالب معاشري ۾ اها دل موجود ئي ناهي، بلڪہ جڙڻ ئي نٿي ڏني وڃي جيڪا عورت جي سچي محبت جي احساس کي سڃاڻي سگهي؛ هتي ماڻھن ۾ اھڙي سوچ ئي جڙڻ نٿي ڏني وڃي، جيڪا مردن ۾ ان صلاحيت جي نشونما ڪري، جو اھي ھڪ عورت جي خاموش ٻوليءَ ۽ خاموش جذبن کي سمجهي سگهن؛ امرتا پريتم بلڪل صحيح چيو آھي تہ، ”مرد ھينئر تائين عورت سان فقط سمھڻ سکيو آھي، پر ان سان جاڳڻ نہ سکيو آھي، ان ڪري مرد ۽ عورت جو رشتو الجهن جو شڪار آھي.“
فيمينزم جي پيٽريارڪي (مرد غالب معاشري) نقطہءِ نظر کان علاوہ محمود مغل جي ھن عشقيہ ڪھاڻيءَ جو ھڪ ٻيو پھلو وڇوڙو پڻ آھي جيڪو ھر ٻوليءَ جي ادب ۾ ۽ ھر دؤر ۾ اھم رھيو آھي. وڇوڙو، عشق ۽ محبت واري فلسفي سان لاڳاپيل ھڪ اھم پھلو آھي، جيڪو جيڪڏھن وصل کان مقدم طور ظاھر ٿئي ٿو تہ اھو اسان کي عشق ۽ محبت توڙي وصل جي نعمتن کان آشنا ڪندڙ هڪ تلخ حقيقت آهي، بقول شاعر:
هجر ڪِي چلچلاتِي ڌُوپ ۾ طارق يه مين
وصل ڪي ڦُولون ڪِي رعنائي ڪا اندازه هوا.
ٻئي پاسي وڇوڙو ڪنھن جي زندگيءَ ۾ جيڪڏھن مؤخر طور ظاھر ٿئي ٿو تہ اھو ان ماڻھوءَ جي زندگيءَ کي موت کان بہ بدتر ڪري ڇڏي ٿو، فطري طور انسان چاھيندو آھي تہ زندگيءَ جا مسئلا حل ئي ٿين، ان ڪري اسان چاھيندا آھيون تہ ڪھاڻيءَ جو انجام پڻ وصل ۽ خوشيءَ تي ٿئي، پر ضروري ناهي تہ هر ڪھاڻيءَ جو انجام وصل/ميلاپ تي ئي ٿئي! ڇو تہ حقيقي زندگيءَ ۾ ٻئي امڪان بھرحال موجود رھندا آھن. ان ڪري ھن ڪھاڻيءَ جي پُڄاڻي پڻ وڇوڙي ۽ ڏک جي انتھا تي ٿئي ٿي. آخر ۾ ويندي ويندي ئي سھي پر ڪھاڻيءَ جي مُک ڪردار ڊاڪٽر ڪشف پنھنجي ٻئين پيار ڊاڪٽر اياز مھديءَ سان ھڪ پاسي پنھنجي محبت جو اظھار ڪندي آھي تہ ٻئي پاسي ھلندي ريل گاڏيءَ ۾ چڙھي ھن کان ھميشہ لاءِ موڪلائي، وڇوڙي جي ھنج ۾ ھلي ويندي آھي. اهو اقرار هڪ لازوال محبت جي نشاندہي ڪري ٿو، ڇو جو حاصل لا حاصل تہ عشق جي راه تي فقط ڪنھن موڙ وانگر آهن، محبوب کي حاصل ڪرڻ ئي عاشق جي منزل ناهي هوندي، پر ھڪ سچو عاشق ڪڏھن بہ پنھنجي محبوب کي ڪنھن امتحان ۽ تڪليف ۾ وجهي نہ سگهندو آھي.
مان سمجهان ٿي تہ محمود مغل، هن جديد دؤر جو اُھو بيباڪ ليکڪ آهي، جنھن ھن ڪھاڻيءَ ۾ پنھنجي وسيع سوچ ويچار سان پراڻي دقيانوس سوچ تي چٿر ڪندي، نئين اڀرندڙ سماجي انقلاب جي ڪرڻي ڦُٽڻ جو ڏس پڻ ڏنو آهي.

حوالا:
1. مغل، محمود 2018ع، محبتن جو شھر ٻڙي ميل، ڪاڇو پبليڪيشن ڪراچي.
2. Wikipedia.com.org (History of feminism)
Rousseau, Jean - Jacques, Translated G.D.H. cole, penguin classics 2003.

]2019 [

محبتن جو شھر ٻُڙي ميل (صدام حُسين بلوچ)

زيرِ نظر ڪتاب محمود مغل جي ڪھاڻين تي مبني آهي، جيڪو ’ڪاڇو پبليڪيشن‘ ڪراچي پاران جولاءِ 2018ع ۾ شايع ڪيو ويو آهي. هن ڪتاب ۾ محمود مغل جون 37 ڪھاڻيون ڇپيل آهن، جيڪي تقريباً سڀئي مختلف وقتن تي سنڌي ٻوليءَ جي مختلف رسالن ’مھراڻ‘، ’چڻنگ‘، ’آرسي‘ ۽ اَّخبارن ۾ شايع ٿينديون رهيون آهن، جيڪي هن وقت ترتيب ڏيئي، ڪِتابي شڪل ۾ آنديون ويون آهن ۽ اِئين ڪِتاب جو نالو ’محبتن جو شھر ٻُڙي ميل‘ رکيو ويو آهي.
ڪتاب جي مُھڙ ۾ ’اوهان آڏو‘ جي عنوان سان محمود مغل پاران لِکيل ڪتاب بابت ۽ سنڌ جي ڪجهہ ٻين ليکڪن ۽ اَديبن پاران لِکيل پيش لفظ ۽ مھاڳ طور لِکيل سِٽون بہ شامل آهن، جيڪي 7 کان 24 صفحن تائين آهن. تنھن کان پوءِ ڪھاڻين جو سلسلو شروع ٿئي ٿو، جن ۾: ’وڇوٽي‘، ’آرزو ۽ سپنا‘، ’خواهشون، حقيقتون آئيڊيل ۽ سپنا‘، ’سُتل سُور‘، ’شِڪست‘، ’جُهونا مارڪيٽ ۾ ٻہ جُهونا ماڻھو‘، ’سوچون، بند مُٺ ۽ ڪاري پينٽ وارو‘، ’واردات‘، ’آس نراس جي وچ ۾‘، ’ٻارن جو عالمي سال‘، ’ٿڌي جنگ‘، ’اَحساس‘، ’ٽھڪ‘، ’ڪوهِيڙي ۾ ويڙهيل يادون‘، ’ديس پرديس‘، ’ٽَپڙي‘، ’سَم ٿنگ اِن سائيڊ‘، ’وير‘، ’ٽکڙ‘، ’پَـر‘ُ، ’تو سَنگ توبن ڏينھڙا‘، ’گيڙو‘، ’حقدار‘، ’محبتن جو شھر ٻُڙي ميل‘، ’ٽانڊا‘، ’رَدُ‘، ’اَکين ۾ مُئل ٻلو‘، ’زوال‘، ’شُناس‘، ’هر ماڻھوءَ جي ڏِٺل فِلم‘، ’ٻارَ کي ريجهائڻ لاءِ ڪُجهہ تہ گُهرجي‘، ’غلط جاءِ تي ويٺل همراھہ‘، ’هر نظر اُگهاڙي آهي‘، ’منھنجي مُڙس جي عادت آهي مذاق ڪرڻ‘، ’وٺڻ نہ وٺڻ جي وچ ۾‘، ’هڪ ڪلاڪ ٻاويھه منٽ‘ ۽ ’پاچڪو‘ شامل آهي.
هي ڪتاب 230 صفحن تي مشتمل آهي، جنھن جي شروع ۾ محمود مغل لِکيو آهي تہ:
”شعور جي سطح تي هٿ لائجي تہ مون کي شھرت حاصل ڪرڻ جو جنون هو. مان چاهيندو هُئس تہ ماڻھو مون کي وڏو ڪھاڻيڪار سمجهن. مون ۾ گهڻو ڪجهہ آهي، مان اُهو گهڻو ڪجهہ ظاهر ڪرڻ ٿو گُهران ۽ شايد اُهو جُنون هو، جو ’سنڌي اَدبي سنگت‘ سنڌ يونيورسٽي ڪالوني شاخ جي هفتيوار گڏجاڻين ۾ ڪنھن جو ڪو اِسم هُجي، نہ هُجي، منھنجي نڪور ڪھاڻي ضرور موجود هوندي هئي.“
عبدالقادر جوڻيجي پنھنجي سِٽن ۾ هڪ هنڌ لِکيو آهي تہ: ”محمود سُٺو ڪھاڻيڪار بہ آهي، سندس ڪھاڻين جا خاص جُزا رومانس، گلَ، هلڪي روشني، خوشبوءِ، خوابَ، اِنساني همدردي ۽ سافسٽيڪيٽيڊ ڪردار وغيرہ آهن.“ اُن کان سواءِ اَنور هالائيءَ بہ هن ڪتاب متعلق ۽ محمود متعلق ڪجهہ سِٽون لِکيون آهن، جن ۾ هُو لِکي ٿو تہ: ”محمود مغل جو زيرِ مطالعه ڪھاڻين جو هي مجموعو فن ۽ فنڪار جي گهاٽي سُڳنڌ جو ثبوت آهي. سندس ڪھاڻيون ٻھراڙيءَ جي ڪکائن گهرن کان وٺي، ماڊرن سوسائٽيءَ جي بال رومن تائين ذري ذري جون ترجمان آهن. ’ناري پبليڪيشن‘ جي سَرواڻ نذير ناز پاران هن ڪتاب بابت ڪجهہ سٽون لکيون ويون آهن، جن ۾ هڪ جاءِ تي هُن لِکيو آهي تہ: ”1985ع، جيڪو نوجوانن جو عالمي سال آهي، اُنھيءَ موقعي تي ناري اوهان جي آڏو هڪ بھترين ۽ منفرد ڪھاڻين جو مجموعو پيش ڪري رهي آهي. محمود مغل جون ڪھاڻيون جديد ٽيڪنيڪ ۾ لِکيل آهن.“
ڪتاب جي مُھڙ ۾ محمود مغل لِکيو آهي تہ: ”43 سالن جو سَفر هنن ڪاغذن ۾ موجود آهي. سيپٽمبر 1975ع ۾ ’گُل ڦُل‘ ۾ ٻارن لاءِ لِکيل ڪھاڻي ’سَچَ جي سزا‘ کان 2017ع ۾ ڇپيل ’پاچڪو‘ تائين اِهو سَڄو عرصو کن پلَ ۾ گُذري ويو. لمحو پڪڙَ ۾ اَچي نٿو سَگهي، ڪاغذ هٿن تي لِکت کنيو بِيٺا آهن.“
1975ع کان وٺي 2017ع جي سَفر ۾ محمود مغل جا جيڪي ڪتاب شايع ٿيا آهن، تن جي ترتيب ڪجهہ هن ريت آهي:

1. ڪوهِيڙي ۾ ويڙهيل يادون (ڪھاڻيون: 1982ع)
2. تو سَنگ تو بن ڏينھڙا (ڪھاڻيون: 1985ع) ]جنھن کي ’سنڌي اَدبي سنگت‘ 1985ع جو بھترين ڪھاڻين جو مجموعو قرار ڏنو.[
3. هٿَ ريکائن کان خالي (ناوليٽ: 1991ع)
4. اَسين جيئرا آهيون (ترجمو: 1992ع)
5. محمود مغل جون ڪھاڻيون (1995ع)
6. خواب نگر: پھريان هڪ سؤ ڪالم (2007ع)
7. سنڌي چُونڊ ڪھاڻيون (سَھيڙ: 2010ع)
8. هڪ يادگار مصنف: فقير برڪت علي بلوچ (سَھيڙ: 2014ع)
9. سنڌ ٽاڪيز (تحقيق ۽ سَھيڙ: 2015ع) ]جنھن کي ’سنڌي لئنگئيج اَٿارٽيءَ‘ تحقيق جي ميدان ۾ سال جي بھترين ڪتاب جو ايوارڊ ڏِنو[
10. محبتن جا ٻہ ناوليٽ: ’سرءُ‘ ۽ ’هٿ ريکائن کان خالي‘ (2015ع)
11. زيب النساءِ (طويل ڪھاڻي: 2016ع) ]جنھن کي ’اَنجمنِ ترقي پسند مصنفين‘ پاران سال 2000ع جي بھترين ناول جو ايوارڊ ڏِنو ويو.[
12. زندگي محسوس ڪيو (ترجمو: 2016ع)

انھن کان سواءِ هن ٽيليويزن لاءَ ڪيترائي ڊراما لِکيا ۽ پروڊيوس ڪيا، جن چار ايوارڊ پڻ حاصل ڪيا.
محمود مغل، سنڌي ٻوليءَ جو هڪ بھترين ڪھاڻيڪار ۽ منفرد اَنداز ۽ اَسلوب رکندڙ ليکڪ آهي. سندس ڪھاڻين جا ڊائلاگ ۽ جُملا اِنتھائي بھترين اِنداز ۾ لِکيل هوندا آهن. هڪ هنڌ هُو لِکي ٿو تہ:
”هڪڙو ڪَنڊو هو، جيڪو سندس هيانءَ ۾ لاڳيتو چُڀڪو ڪري رهيو هئو. هن جو من ملول هئو، اُداسيءَ جي هڪ ڊِگهي لھر هئي، جنھن کيس ڄڻ وڪوڙي ورتو هو ۽ سندس وجود مسلسل ٻوڏ جو شِڪار هو.“
محمود مغل جون ڪھاڻيون، ڌرتي، ٻولي، رومانس، يونيورسِٽين، ڪاليجن ۽ فن جي موضوعن تي مبني آهن. سندس سندس ڪھاڻين ۾ ڪيترائي اَهڙا ڪردار بہ موجود آهن، جيڪي هن سَماجَ ۾ هر هنڌ نظر اِيندا آهن.
خوبصورت رنگين ٽائيٽل ۽ پَڪي جُلد واري هن ڪتاب جي قيمت 300 روپيا مقرر ڪئي وئي آهي، ڪتاب جي ٽائيٽل تي ريل جي پَٽڙيءَ تي بِيٺل ٻہ شخص ۽ ڪڪرن سان ڀريل آسمان ڏيکاريو ويو آهي، جڏهن تہ ڪتاب جي بئڪ ٽائيٽل تي محمود مغل جي تصوير سان گڏ عبدالقادر جوڻيجو، اَنور هالائي، نظير ناز، تنوير جوڻيجو، منصور عالم اَبڙو ۽ طارق عزيز شيخ جون سِٽون ڏنل آهن. محمود مغل جو هي ڪتاب اِنتھائي بھترين آهي، جيڪو سنڌي اَدب پڙهندڙن وٽ تمام گهڻي اَهميت اختيار ڪندو ۽ سنڌ جي سَمورين لائبريرين جي سُونھن بڻبو.
دُعا آهي تہ محمود مغل سدائين لِکندو رهي ۽ سنڌي اَدب پڙهندڙ اُن جي لِکڻين مان ڄاڻ حاصل ڪندا رهن.

]ڇپيل: سنڊي مئگزين، روزاني ’عوامي آواز‘ ڪراچي، آچر 16 سيپٽمبر 2018ع[

ڪتابن جو گڏيل اڀياس: محمود مغل جي ڪھاڻين جو مختصر اڀياس (مختيار احمد ملاح)

ڊاڪٽر محمودالحسن ولد ميان نور محمد مغل جو جنم سيوهڻ ۾ ٿيو. هو سنڌي نوجوانن اديبن مان آهي، جن ٿوري عرصي ۾ ڪمپيئر، ڪھاڻيڪار، ناول نگار ۽ ڊراما نويسيءَ ۾ پنھنجو نالو ڪڍيو آهي. محمود مغل لکڻ جي شروعات ڪھاڻين سان ڪئي. سندس ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيل آهن ۽ ڊراما ٽيليڪاسٽ ٿيل آهن. محمود مغل جون ڪھاڻيون رومانوي ۽ معاشرتي مسئلن بابت آهن، جن ۾ فن ۽ فڪر جو حسين سنگم آهي.
محمود مغل جي پھرين آکاڻي ’سچ جي سزا‘ 76-1975ع ۾ ’گل ڦل‘ ۾ شايع ٿي هئي ان کان پوءِ هن مسلسل لکيو آهي. هن 90 کان مٿي ڪھاڻيون لکيون آهن. محمود مغل جي ڪتاب ’ڪوهيڙي ۾ ويڙهيل يادون‘ جي مھاڳ ۾ انور هالائي لکي ٿو تہ: ”محمود مغل جون هي ڪھاڻيون معاشري جي صحيح عڪاسي ڪن ٿيون. سندس ڪھاڻيون ٻھراڙيءَ جي ڪکائن گهرن کان وٺي ماڊرن سوسائٽيءَ جي ذري ذري جون ترجمان آهن.“ (1)
سندس ڪھاڻي ’ٻارن جو عالمي سال‘ ٻارن جي پرماريت کي چٽي معاشري ۽ بين الاقوامي تنظيمن تي طنز ڪئي اٿائين. ’ٿڌي جنگ‘ ۾ عورت جي نفسيات ۽ ان جي اندر جي احساس کي ڪاميابيءَ سان بيان ڪيو ويو آهي. ’شڪست‘ ڪھاڻيءَ ۾ وقت ۽ حالتن جي ڦيري کي انتھائي خوبصورتيءَ سان بيان ڪيو ويو آهي. ڪھاڻيءَ ۾ ٻڌايو ويو آهي تہ وقت ۽ حالتون سدائين هڪجھڙيون نٿيون رهن، اُهي ڪڏهن بہ ڦيرو کائي سگهن ٿيون.
گل ڪونڌر سندس ڪھاڻين لاءِ لکي ٿو تہ: محمود مغل جي ڪھاڻين جا ڪردار هن معاشري جا جيئرا جاڳندا ڪردار آهن. سندس ڪھاڻين جو ڪو بہ ڪردار تصوراتي نہ آهي. ان ڪري اُهي ڪٿي بہ اجنبي نٿا لڳن. ’شڪست‘ جي ننڍڙي، ’احساس‘ جي مائي خيري، ’جهونا مارڪيٽ ۾ ٻہ جهونا ماڻھو‘ جو ’غلام‘، ’سوچون، بند مُٺ ۽ ’ڪاري پئنٽ وارو‘ جو نصرو، ’ٿڌي جنگ‘ جي ريشمان، ’ڪوهيڙي ۾ ويڙهيل يادون‘ جا مومي ۽ شيري، ’ٻارن جو عالمي سال‘ جو مير ۽ سندس پيءُ سميت سمورا ڪردار هن معاشري مان کنيا ويا آهن، جيڪي سندس ڳوڙهي مشاهدي جا دليل آهن.“ (2)
محمود مغل جي ٻي خاص ڳالھہ اها آهي تہ هُو ڪردارن کي بھترين نموني بيان ڪري ٿو. مثال طور ’شڪست‘ ۾ ننڍڙي جي ڪردار کي هيئن بيان ڪيو اٿائين:
سندس عمر پنجٽيھن کان چاليھن جي وچ ۾ هوندي رنگ گورو ۽ بدن لچڪ ۽ موھہ سان اٿس. عمر جي وچئين حصي ۾ آ، جوڀن ايترو ڀرپور ڪونھيس، غور سان ڏسبس تہ اها ڳالھہ چٽي طرح محسوس ٿيندي تہ هُوءَ ڪنھن زماني ۾ بلاشڪ حسن جي راڻي هوندي. هن جون ٻئي ٻانھون اڇن ڪنگڻن سان ڀريل آهن. ڪي ڪلنگيون آهن، ڪي ڪڙا، هٿ جي پٺيءَ تي نشان اڪريل اٿس. سائو سائو اهو نشان هن جي هٿ جي سونھن ۾ اڃا اضافو ٿو ڪري. (3)
محمود مغل بنيادي طور تي رومانوي ليکڪ آهي. سندس ڪھاڻيون خواهشون، حقيقتون، آئيڊيل ۽ سپنا، سوچون، بند مٺ ۽ ڪاري پئنٽ وارو ۽ ڪوهيڙي ۾ ويڙهيل يادون، بھترين رومانوي ڪھاڻيون آهن. محمود مغل پنھنجي ڪيترين ئي ڪھاڻين کي ڊرامائي روپ ڏنو آهي، انھن مان هڪ ڪھاڻي ’آس ۽ نراس جي وچ ۾‘ اها ڪھاڻي ’سنڌي ساهت‘ ڪھاڻين جي مجموعي ۾ 1979ع ۾ شايع ٿي هئي. هن رومانوي ڪھاڻيءَ ۾ سندس منظر نگاري ۽ مڪالما بہ شاندار آهن، هڪ هنڌ چوي ٿو تہ:
”محروميون ان پاڻيءَ وانگر هونديون آهن، جيڪو آلين ڪاٺين جي اندر هوندو آهي. تو ڪڏهن آلين ڪاٺين کي ٻرندي ڏٺو آهي. اهي هڪ پاسي کان ٻرنديون آهن تہ ٻئي پاسي کان هنن جي اندر وارو پاڻي بوڙيا ڪري ٻاهر نڪرندو آهي. منھنجو جسم جڏهن عذابن جي باھہ جي تپش برداشت ڪري نہ سگهندو آهي تہ منھنجون محروميون آلي ڪاٺيءَ جي پاڻيءَ جيان ٻاهر نڪرنديون آهن.“ (4)

حوالا:
1. هالائي، انور، ڪوهيڙي ۾ ويڙهيل يادون، محمود مغل، ( مھاڳ)
2. ڪنڌر، سميع، 1997ع محمود مغل ۽ ڪھاڻي، ماهوار نئين زندگي مارچ - اپريل.
3. مغل، محمود، شخصيت (ڪھاڻي)
4. مغل، محمود، آس ۽ نراس جي وچ ۾ (ڪھاڻي)

]2022ع[

ڊرامن / ٽيلي ناٽڪن جو اڀياس

---

’رَوِش‘ موجودہ ٽماهيءَ جي نمبر وَن سيريل (قادر ڪنڌر)

هن وقت ڪراچي سينٽر تان ’محمد بخش سميجو‘ اردو ڊراما سيريل ’رَوِش‘ پيش ڪري رهيو آهي، جيڪو سنڌي ٻوليءَ جي (۽ هاڻي اردو ٻوليءَ جي بہ) نامياري ليکڪ ’محمود مغل‘ جو لکيل آهي. محمود مغل جو اردوءَ ۾ هي پھريون ڊرامو آهي. هُن کان اڳ ۾ هُو سنڌيءَ ۾ ڪافي ڪامياب ڊراما لکي چڪو آهي.
محمود مغل، پھريون سنڌي ليکڪ آهي، جنھن اردو ڊرامي ۾ ڪنھن هڪ قوم جي نمائندگي نہ ڪئي آهي. هُن کان اڳ ۾ سنڌي ليکڪن مثال طور؛ عبدالقادر جوڻيجو، امر جليل، نُورالھديٰ شاه، آغا رفيق ۽ ڪيھر شوڪت وغيرہ پنھنجي اردو ڊرامن ۾ علائقائي رنگ ضرور ڀريو آهي، پر محمود مغل ڪنھن هڪ علائقي جي نمائندگي نہ ڪئي آهي، بلڪِ هُن پوري پاڪستان جي ماڻھن کي هڪ بھترين ڊرامو ڏسڻ لاءِ ڏنو آهي.
هن ڊرامي جي ڪھاڻي گهڻ پاسيري آهي يعني ائين چئي سگهجي ٿو تہ، ’رَوِش‘ ۾ هر ماڻھوءَ کي پنھنجو پاڻ نظر اچي سگهي ٿو. جيڪڏهن پنھنجي آس پاس ڏسنداسين تہ اسان کي کوڙ ساريون ’مسز عالمگير‘ نظر اينديون، جيڪي پنھنجي اسٽيٽس جي ڪري اولاد تي ڪوبہ ڌيان نہ ڏينديون آهن ۽ کوڙ سارا ’شمشاد‘ نظر ايندا، جيڪي مظلوميت ۽ ناانصافين جو شڪار ٿي، ڪارا ڌنڌا شروع ڪندا آهن ۽ کوڙ سارا ’آصف‘ نظر ايندا، جيڪي پنھنجي مائرن جي روَيي جي ڪري احساسِ ڪمتريءَ جو شڪار ٿي ويندا آهن.
ڊرامي جي ليکڪ ’محمود مغل‘ ڊرامي جي باري ۾ ٻُڌايو، ”اسان جي زندگيءَ ۾ روَيا تمام گهڻي اهميت رکن ٿا ۽ اُها رَوِش جيڪا اسان ٻين سان هلون ٿا، يا ٻيا اسان سان هلن ٿا، پنھنجي جاءِ تي تمام گهڻي اهميت رکي ٿي. هي هڪ اهڙو ئي ڊرامو آهي، جنھن جي ذريعي اسان ڪوشش ڪئي آهي تہ عام ماڻھن تائين عام ڳالھہ پھچائي وڃي ۽ انھن سڀني behaviors ڏانھن پوائنٽ آئوٽ ڪيو وڃي، جن جي ڪري وڏا مَمڻ مچن ٿا. عام طور اسان وٽ ماڻھو صرف ٻار ڄڻين ٿا، خرچي ڏين ٿا ۽ ٽولَ وٺي ڏين ٿا ۽ بس! سمجهو تہ سڀ ڪجهہ ٺيڪ ٿي ويو. اسان انھن کي ايترو ٽائيم ڪونہ ٿا ڏيون جيترو هنن جو حق آهي. هتي هڪ فيڪٽر تمام اهم آهي تہ گهڻو ڪري ماڻھوءَ کي اولاد ان مھل ٿيندو آهي، جڏهن هُو مالي وٺ پڪڙ واري عرصي ۾ هوندو آهي ۽ ائين بہ ٿئي ٿو تہ ڪم جي ڪري اولاد تي پورو ڌيان نہ ويندو آهي. پر بھرحال سبب ڪھڙو بہ هجي، اولاد محروميءَ جو شڪار رهي ٿو.“
سندس هيءَ راءِ بنھہ اهم آهي، ڇاڪاڻ تہ اُها ئي ڪھاڻي مقبول ٿي سگهي ٿي، جنھن ۾ هر ماڻھو پاڻ کي ڏسي سگهي ۽ انھن جي ئي جذبن جي عڪاسي ڪئي وڃي. اهو ئي سبب آهي جو هي ڊرامو ڏسندڙن ۾ تمام گهڻو مقبول ويو آهي.
ڊرامي جو مرڪزي ڪردار ’عبدﷲ ڪادواني‘ ۽ ’سيمي زيدي‘ ادا ڪيو آهي. سيمي زيدي عام زندگيءَ ۾ فلمي اداڪارہ ’تاني بيگم‘ جي ڌيءَ آهي. ’رَوِش‘ ۾ بہ تاني بيگم، سيمي زيديءَ جي ماءُ جو ڪردار ادا ڪيو آهي. تنھن کان سواءِ ’ڊاڪٽر عمرانہ خان‘، ’گلاب چانڊيو‘، ’نُور محمد لاشاري‘، ’صلاح الدين تنيو‘، ’منظور مراد‘، ’فرحان قيصر‘، ’ردا شيخ‘، ’اڪرم شيخ‘، ’مسرت رضا‘، ’نجمه علي‘، ’بشير سومرو‘، ’رخسار‘، ’ظھير هيسباڻي‘، ’ڪريم بخش‘، ’روشن عطا‘، ’قمرالنساء هَڪڙو‘ ۽ ’مائرہ پرويز‘ شامل آهن. مائرہ پرويز، شڪيلا پرويز جي ڌيءَ آهي، جيڪا پڻ هن ڊرامي ۾ سندس ئي ماءُ بڻي آهي. اداڪار ’ساقي ابڙي‘ کي بہ شروع وارين ٻن قسطن ۾ ڏيکاريو ويو. تنھن کان سواءِ بہ وڏي ڪاسٽ جي هن ڊرامي ۾ پنجاھہ کن اداڪارَ پنھنجي صلاحيتن جو مظاهرو ڪري رهيا آهن. بھرحال هيل تائين هن ڊرامي جون ڇھہ قسطون هلي چڪيون آهن. اڃا تائين هي سيريل نمبر وَن ثابت ٿيو آهي. اڳتي ڏسجي تہ ڇا ٿو ٿئي؟

]ڇپيل: پندرهن روزہ ’عبرت مئگزين‘ 15 جون 1994ع[

محمود مغل جو پي ٽي ويءَ جي ٽيلي ناٽڪ ۾ حصو (ڊاڪٽر قاسم راڄپر)

محمود مغل جي سڃاڻپ هڪ استاد، ڪھاڻيڪار، ناول نگار، ڊراما نويس، ڪالم نگار، ريڊيو ۽ ٽي وي ڪمپيئر طور رهي آهي، پر هُو بنيادي طور ڪھاڻيڪار ۽ ناٽڪ نويس آهي. هُن ٽي ويءَ لاءِ ناٽڪ لکڻ جي شروعات 1982ع ۾ تڏهن ڪئي، جڏهن سنڌي ڊرامو ٻالڪپڻي مان نڪري نوجوانيءَ ۾ داخل ٿيو. محمود مغل، ميان نُور محمد مغل جي گهر 27 نومبر 1961ع تي سيوهڻ ۾ ڄائو. هن لکڻ جي شروعات 1975ع ڌاري ٻارن لاءِ هڪ جاپاني ڪھاڻيءَ جي ترجمي سان ڪئي، جيڪا ٻارن جي رسالي ’گل ڦل‘ ۾ شايع ٿي، تڏهن پنھنجي پوري نالي ’محمودالحسن‘ جي نالي سان لکندو هو، پر پوءِ ’محمود مغل‘ جي نالي سان لکڻ لڳو ۽ اڃا تائين لڳاتار لکندو پيو اچي.
محمود مغل، هن وقت تائين ستر کان وڌيڪ ڪھاڻيون، شاعري، ڪيترائي ڊراما، ڪالم ۽ ٻہ ناول لکي چڪو آهي. ان کان سواءِ ڪجهہ عرصو ’سنڌ رنگ‘ ڊائجسٽ ۽ ’هزار داستان‘ ڊائجسٽ ۾ صحافتي خدمتون پڻ سرانجام ڏيئي چڪو آهي. هُو ريڊيو، اسٽيج ۽ ٽيليوزن جو هڪ ڪامياب ڪمپيئر پڻ آهي ۽ ڪافي عرصي کان ريڊيو ۽ ٽيليوزن تي ڪمپيئرنگ ڪري رهيو آهي. ايم بي بي ايس جي ڊگري حاصل ڪرڻ کان پوءِ سنڌ يونيورسٽيءَ جي فارميسي شعبي ۾ استاد آهي. هُن مختصر وقت لاءِ ’انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي‘ جي وقتي ڊائريڪٽر جي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏنيون. سندس چار ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن، جن ۾ ’ڪوهيڙي ۾ ويڙهيل يادون‘ (ڪھاڻيون)، ’تو سنگ تو بن ڏينھڙا‘ (ڪھاڻيون)، ’هٿ ريکائن کان خالي‘ (ناول)، ’اسين جيئرا آهيون‘ (ترجمو ڪيل ناول) شامل آهن. جڏهن تہ سندس ٻيو ناول ’سرءُ‘ ۽ ڪھاڻين جو هڪ مجموعو ڇپائيءَ هيٺ آهي. 
محمود مغل جون ڪھاڻيون ۽ سماجي بُڇڙاين کي وائکو ڪن ٿا. هن شھري توڙي ٻھراڙيءَ جي ماحول جو مشاهدو ڪري ڊراما لکيا آهن. هُن ڊرامي کي پنھنجي احساسن جي اظھار جو بھترين ذريعو بڻايو آهي. محمود مغل سنڌيءَ کان سواءِ اردو ٻوليءَ ۾ بہ ڊراما لکيا آهن، جيڪي پي ٽي ويءَ توڙي خانگي چينلن تان نشر ٿي چڪا آهن.
محمود مغل هر قسم جا ڊراما لکيا آهن، پر گهڻي ڀاڱي هن جا ڊراما رومانوي آهن. گڏوگڏ هُن سماجي مسئلن جھڙوڪ؛ پسند جو پرڻو، سماجي اڻبرابري، خودغرضي، سماجي ناانصافي، غربت، بُک، بدحالي، سياست، صحت، تعليم جي ڪرندڙ معيار ۽ ٻين سماجي مسئلن تي ڊراما لکيا آهن. سندس ڊرامن جا ڪردار زندگيءَ جي مختلف طبقن جي نمائندگي ڪن ٿا ۽ پنھنجي مسئلن جي ڌُٻڻ ۾ ڦاٿل هوندي بہ انساني عظمت جا خواب ڏسن ٿا. هن جا ڪيترائي ڊراما، پي ٽي وي ايوارڊ بہ ماڻي چڪا آهن، جن ۾ ’آس نراس جي وچ ۾‘ بہ شامل آهي، اهو ڊرامو هڪ اسٽيج اداڪار جي حياتي ۽ فن تي لکيل آهي.
پي ٽي ويءَ لاءِ لکيل سندس سنڌي ڊرامن بابت تفصيل هن ريت آهي:

 

 

سيريل                    پي ٽي وي               نشر ٿيڻ   ناٽڪ جو نالو                                         پروڊيوسر

نمبر                       لائبريري  جي تاريخ

1.                          512                       16.09.1982        آئيڊيل                                                  هارون رند

2.                          676                       10.01.1983        خوشبو                                                  منظور قريشي

3.                          2287                    28.12.1985        خالي هَٿَ (سيريل)                  اقبال لطيف

4.                          2502                    22.05.1986        واپسي                                                  اقبال لطيف

5.                          249                       24.05.1987        بخشش                                  محمد بخش سميجو

6.                          2733                    02.10.1990        آس نراس جي وچ ۾                  محمد بخش سميجو

7.                          4627                    27.05.1993        رشتو                                                    اقبال لطيف

8.                          4653                    09.06.1993        جذبا سچن موتين جهڙا                محمد بخش سميجو

9.                          5618                    15.08.1994        خواب اڌورو                                          منظور مگسي

10.                        6925                     1996                     هڪڙي ملندي آهي زندگي        نواب مھدي

11.                  8099               1998               ڄاتل اڻڄاتل                                محمد بخش سميجو

12.                  8110               1998               شناس                                        اقبال سعيد انصاري

13.                        9003                     2000                     ڪنھن ڪنھن ماڻھو منجهہ         محمد بخش سميجو

14.                        12456   2005                    رُوبرو                                                   بادل جمالي

15.                        12670    2006                     تون منھنجي حياتيءَ جو مقصد  مزمل شجراع

16.                        12764   2006                    محبت (سيريل)                      منظور مگسي

17.                        14384   2010                    مايا                                                       انور سادات

 

]ٿيسز مان ورتل: سال 2016ع[

 

انٽرويوز

---

توهين پنھنجو پاڻ کي، پاڻ ڀاڪُر نٿا پائي سگهو

(1990ع کان سال 2024ع تائين 34 سالن جي سفر ۾، شخصيت ۽ ان جا خيالَ، پاڻ بہ هڪ طويل سفر طئہ ڪن ٿا. ايندڙ صفحن ۾ ’محمود مغل‘ جا اَٺَ انٽرويوز، سندس شخصيت کي سمجهڻ ۾ وڏي مدد ڪري سگهن ٿا.)

[توهين پنھنجو پاڻ کي، پاڻ ڀاڪُر نٿا پائي سگهو،
پنھنجي ڪُلھي تي، پنھنجو مٿو رکي نٿا روئي سگهو،
حياتي تہ اصل ۾ هڪٻئي لاءِ جياپو آهي،
سو، انھن سان گهاريو،
جيڪي اوهان سان، بيحد پيار ڪن ٿا.]

شخصيتون ۽ خيال (شگفتہ شاھہ)

محمود مغل پيشي جي لحاظ کان تہ ڊاڪٽر آهي، پر سندس هڪ ٻيو روپ اديب ۽ شاعر جو بہ آهي. پاڻ نوجوان ليکڪن مان پنھنجو هڪ الڳ مقام رکي ٿو. محمود 1976ع کان لکڻ شروع ڪيو ۽ هيستائين سندس 18 ڪھاڻيون ڇپجي چڪيون آهن، جن مان 72 طبعزار آهن ۽ باقي ترجمو ٿيل آهن. 1982ع ۾ سندس ڪھاڻين جو پھريون مجموعو ”ڪوهيڙي ۾ ويڙهيل يادون“ ۽ 1985ع ۾ ٻيو مجموعو ”تو سنگ توبن ڏينھنڙا“ منظر عام تي اچي چڪا آهن. جلد ئي سندس طبعزاد ناول ”هٿ ريکائن کان خالي“ پڻ منظر عام تي اچڻ وارو آهي. پاڻ نئين ٽھيءَ جو سٺو شاعر پڻ آهي.
محمود مغل ريڊيو ۽ اسٽيج جو ڪمپيئر پڻ رهيو آهي.

(1) توهان جو پورو نالو؟
* محمود الحسن ميان نور محمد مغل
(2) توهان جي تاريخ پيدائش؟
* 27 نومبر 1961ع.
(3) مقام پيدائش؟
* سيوهڻ شريف.
(4) تعليم؟
* ايم. بي بي. ايس.
(5) گهر ۾ ڪنھن جي شخصيت متاثر ڪيو؟
* ماءُ جي.
(6) گهريلو زندگيءَ کان ٻاهر اچڻ کان پوءِ اها پھرين ڪھڙي شخصيت هئي جنھن دل تي اثر ڇڏيو؟
* پنجين درجي جي ڪلاس ماستر، ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد جي محترم سائين غلام رسول ٽالپر جي شخصيت دل تي اثر ڇڏيو.
(7) توهان جو آئيڊيل استاد؟
* وقت.
(8) ليکڪ ڪڏهن ۽ ڪئين ٿيا؟
* 1975ع ۾ پھرين ڪھاڻي لکي. (ليکڪ ڪئين ٿيو آ؟)
(9) ليکڪ جون خوبيون.... توهان جي نظر ۾؟
* ڪاغذ تي سچائي لاهڻ جي سگهہ رکڻ.
(10) ليکڪ ۽ شاعر نہ هجو ها تہ ڇا ٿيڻ پسند ڪريو ها؟
* استاد (پڙهائڻ وارو، ٻيو ڪونه)
(11) زندگيءَ کان ڪا شڪايت؟
* مرضي مطابق نہ ٿي گذري.
(12) زندگيءَ جي ڪا مھرباني؟
* ڪنھن جو محتاج نہ ڪيو اٿائين.
(13) ڪھڙن ماڻھن سان نفرت ڪندا آهيو؟
* جيڪي دلين جو احساس نہ رکن.
(14) ڪھڙن ماڻھن سان پيار ڪندا آهيو؟
* پاڻ جھڙن سان
(15) دوستي! دوست.... توهان جي نظر ۾؟
* دوست، صرف دوست.
(16) محبت... توهان جي نظر ۾؟
* دوکي جي بوتل ۾ رکيل، اميد جو جئم- ڪڏهن نہ ڪڏهن کٽبو وڃي.
(17) حسن.... توهان جي نظر ۾؟
* بي ثبات- هٿ ٺوڪيو.
(18) فرض... توهان جي نظر ۾؟
* صرف فرض.
(19) عبادت... توهان جي نظر ۾؟
* فرض؟
(20) عورت... توهان جي نظر ۾؟
* احترام لائق.
(21) زندگي جو مقصد ڇا هجڻ گهرجي؟
* ٻين جي خوشين جو انتظام ڪرڻ.
(22) ڪھڙيون ڳالھيون توهان کي اداس ڪنديون آهن؟
* سانجهيءَ مھل، هوائن آڌار تيز خوشبوءَ جو ڪو جهوٽو، ڪنھن کي ڏنل دڙڪو ۽ ريل جي وڃڻ کان پوءِ اسٽيشن جو ماحول مريض جي ويچاري ڪيفيت ۽ باوجود ڪوشش جي هنن لاءِ ڪجهہ نہ ڪري سگهڻ.
(23) ڪھڙيون ڳالھيون توهان کي خوشيون ڏينديون آهن؟
* ٻين جون ننڍيون ننڍيون خوشيون، ڪنھن بہ مريض جو خوش ٿي اچي ملاقات ڪرڻ.
(24) اداسيءَ جي ڪيفيت ۾ ڇا ڪندا آهيو؟
* اڪيلو رهڻ چاهيندو آهيان يا هيمنت ڪمار ۽ يسوداس جو آواز ڪنائڻ گهرندو آهيان.
(25) خوشيءَ جي ڪيفيت ۾ ڇا ڪندا آهيو؟
* خاموش رهندو آهيان هونئن بہ خوشي هر هر تہ ڏاڪا ڪونہ لتاڙيندي آهي.
(26) توهان جي پسند جو شاعر؟
* شاھہ سائين، اياز، فيض، ساحر.
(27) توهان جي پسند جو ليکڪ؟
* امر جليل، موهن ڪلپنا، پوپٽي هيراننداڻي.
(28) توهان جي لکيل اها تحرير (نثر ۾) جيڪا توهان کي بيحد پسند هجي؟
* تو سنگ تو بن ڏينھنڙا.
(29) توهان جي لکيل اها شاعري جيڪا توهان کي بيحد پسند هجي؟
* ٻاهريون در منھنجي گهر جو آ الاهي سوڙهو،
ڪير هوندو جيڪو هاٿيءَ چڙهي آيو هوندو.
(30) شاھہ لطيف جو ڪو اهڙو بيت جيڪو توهان کي بيحد پسند هجي؟
* اڄ پڻ اميدون، آگم سنديون اُڀ ۾
ساوڻ پسي سرتيون، سڄڻ ساريو مون،
آءٌ آسائتي آهيان، مان ڀڄائي ڀون،
گهر تہ گهر جين تون، مند مڙيوني مينھن جي.
(31) ان بيت جي پسنديدگي جو سبب؟
* انتظار جي ڪيفيت گهٽائيندو آهي.
(32) زنددگيءَ ۾ ڪا ڪمي جيڪا توهان کي اداس ڪندي هجي؟
* ايترا پئسا هجن، جو ڪوبہ گهرندڙ واپس نہ وڃي.
(33) ڪھڙي موسم سٺي لڳندي آهي؟
* سياري جي.
(34) ڏينھن جو ڪھڙو پھر وڌيڪ سٺو لڳندو آهي؟
* فجر جو.
(35) ڪنھن بہ نئين ماڻھو سان پھرين ملاقات دوران ان جي شخصيت ۾ ڪھڙي ڳالھہ کي نوٽ ڪندا آهيو؟
* صفائيءَ کي، هٿ ملائڻ مھل هٿ جي دٻاءَ کي.
(36) حقيقت پسند آهيو يا تخيل پسند؟
* حقيقت پسند.
(37) اهو ڪھڙو ماڻھو آهي جنھن سان توهان سڀنين کان گهڻو پيار ڪيو آهي؟
* پنھنجي ماءُ سان.
(38) اهو ڪھڙو ماڻھو آهي جنھن سان توهان سڀنين کان گهڻي نفرت ڪئي آهي؟
* نالو نٿو لکڻ گهران.
(39) اهو ڪھڙو ماڻھو آهي جنھن سان هڪ دفعو ملڻ کان پوءِ ٻيھر ملڻ جي خواهش ٿي هجي؟
* مرحوم ڀٽو صاحب سان.
(40) ماڻھو جي ڪھڙي خوبي سڀ کان اڳ توهان کي متاثر ڪندي آهي؟
* سندس بوٽ پالش ٿيل هجن.
(41) عورتن ۾ ڪھڙيون خوبيون هئڻ گهرجن؟
* ٿورو گهٽ ڳالھائن تہ سٺو ٿيندو.
(42) مردن ۾ ڪھڙيون خوبيون هئڻ گهرجن؟
* هر ڪنھن کي پاڻ تي مائل نہ سمجهن.
(43) عورتن ۾ ڪھڙيون ڳالھيون ڏسڻ نہ چاهيندا آهيو؟
* ميڪ اپ جو ٿڦڪو.
(44) مردن ۾ ڪھڙيون ڳالھيون ڏسڻ نہ چاهيندا آهيو؟
* ڪوڙا ٽھڪ.
(45) عورت جي آزادي جا ڪيتري قدر قائل آهيو؟
* جيتري آزادي مون کي حاصل آهي.
(46) زندگي جو ڪو يادگار واقعو؟
* ڪو بہ نہ.
(47) زندگي جو ڪو ڀوائتو واقعو؟
* ڪو بہ نہ.
(48) زندگيءَ جو ڪو حسين واقعو؟
* ڪو بہ نہ.
(49) زندگي جو ڪو دردناڪ واقعو؟
* هڪ مريضه جي سامھون هن جي مڙس مون کي چيو هو تہ ”هيءَ تہ مري بہ ڪونہ ٿي..... ۽ هوءَ جيڪا چرڻ پرڻ کان معذور هئي، هن الميي تي روئي بہ نہ پئي سگهي.
(50) زندگي ۾ مليل ڪو دوکو؟
* ساھہ جي آمد و رفت، هيترن عذابن ۽ دوکن سھڻ کان پوءِ بہ.
(51) توهان ڪجهہ لکڻ ۾ مصروف هجو ۽ ڪو ماڻھو توهان کي ڪو ڪم چوي تہ ڪھڙي ڪيفيت ٿيندي اٿو؟
* ڪم ڪري ايندو آهيان.
(52) توهان جو لکڻ جو موڊ نہ هجي ۽ ڪير توهان کي مجبور ڪري تہ...
* ڪوشش ڪندو آهيان تہ لکي ڏيان.
(53) ڪھڙيون ڳالھيون ياد رکڻ پسند ڪندا آهيو؟
* وعدو، مليل عزت.
(54) ڪھڙيون ڳالھيون وساري ڇڏڻ پسند ڪندا آهيو؟
* ڪجهہ بہ نہ، سڀ ڪجهہ ياد رکندو آهيان.
(55) عزت، محبت، شھرت ۽ دولت مان ڪنھن بہ هڪ جو انتخاب ڪرڻو پوي تہ توهان جو انتخاب ڇا هوندو؟
* عزت.
(56) توهان جو پسنديدہ گيت؟ (سنڌي، اردو، انگريزي)
* وقت ڏٺوسين، پاڻ پليوسين، پيار نٿو پلجي. (غلام قادر).
(57) توهان جي پسنديدہ گلوڪاره؟
* لتا منگيشڪر.
(58) توهان جي پسند جو گلوڪار؟
* هيمنت ڪمار.
(59) مصور هجو ها تہ سڀ کان پھرين ڇا جي تصوير ٺاهڻ چاهيو ها؟
* مصور ڇو هجان ها؟ (ٿيڻ چاهيان ها تہ ٿي وڃان ها)
(60) زندگي جي سڀ کان وڏي خواهش؟
* عزت سان گذري وڃي.
(61) زندگي جي سڀ کان وڏي ڪاميابي؟
* هيستائين ڪا بہ نہ.
(62) زندگي جي سڀ کان وڏي ناڪامي؟
* هيستائين ڪابہ نہ.
(63) زندگي جي سڀ کان وڏي خوشي؟
* هيستائين ڪابہ نہ.
(64) توهان جي پسنديدہ شخصيت؟
* مان، پنھنجو پاڻ.

]ڇپيل: پندرهن روزہ ’عبرت مئگزين‘ حيدرآباد، 15 مارچ 1990ع[

محمود مغل سان بي تڪلف ڳالھيون (آر. بِي. سارنگ)

س: نالو سڄو؟
ج: محمودالحسن مغل.
س: سڃاڻپ؟
ج: ٺيڪ ٺاڪ ماڻھو.
س: پيدائش جي تاريخ ۽ جاءِ؟
ج: 27 نومبر 1961ع، سيوهڻ شريف.
س: تعليم؟
ج: ايم بي بي ايس.
س: پيشو؟
ج: استاد (دوائون پڙهائيندڙ).
س: پھرين ملاقات ۾ ماڻھوءَ جي ڪھڙي ڳالھہ جو جائزو وٺندا آهيو؟
ج: ملڻ جو.
س: توهان جي روزاني زندگيءَ جو بنيادي اصول؟
ج: ﷲ جو شڪر تہ هڪ ٻيو ڏينھن مليو تہ جيئن ڪجهہ ڪري سگهجي.
س: اداس لمحن ۾ ڇا ڪندا آهيو؟
ج: خوش ٿيندو آهيان.
س: خوش لمحن ۾ ڇا ڪندا آهيو؟
ج: يسوداس جو آواز ۽ بسم ﷲ خان جي شرناءِ ٻُڌندو آهيان.
س: ڪھڙي ڳالھہ تي خوش ٿيندا آهيو؟
ج: ڪنھن کي بہ عزت ملي تہ خوش ٿيندو آهيان.
س: ڪھڙي ڳالھہ تي چِڙ لڳندي اٿوَ؟
ج: ٽوڪ تي ۽ غلط مذاق ڪرڻ تي.
س: ڪھڙين ڳالھين تي روئڻ ايندو اٿوَ؟
ج: مرتيي تي، ڪنھن جي موڪلائڻ تي.
س: توهان جي عادت، جنھن مان گهروارا بيزار هجن؟
ج: مصروفيت.
س: هڪ سپنو جيڪو ساڀيان ٿيو؟
ج: رشوت ڏيڻ کان جان ڇڏائي هئم.
س: ڪو واقعو جيڪو توهان کي ڪنڊي جيان چُڀندو آهي؟
ج: پنھنجي دوست طفيل ڀٽيءَ ۽ اداڪار يوسف عليءَ جو موت.
س: زندگيءَ جي اها گهڙي، جنھن زندگي بدلائي ڇڏي؟
ج: اڃا آئي ڪانھي.
س: آرسي ڏسڻ سان خيال ايندو اٿوَ...؟
ج: تہ شڪر آهي تہ صرف ٻاهريان سانورو آهيان.
س: توهان جي ننڍپڻ جا ڏينھن؟
ج: مناسب هئا.
س: ڪاش! زندگيءَ جا اهي ڏينھن موٽي اچن؟
ج: ڪي بہ نہ، اها سوچ ئي اجائي آهي.
س: شاگرديءَ واري زماني ۾ ڪھڙو سبجيڪٽ نہ وڻندو هيو؟
ج: فزڪس، حساب.
س: وڻندڙ شعر؟
ج: سائين شمشير جون سِٽون:
نگاهون کڻي، دادَ جي لاءِ مرڪڻ جي ڪھڙي ضرورت،
اوهان آهيو سھڻا، اوهان جي اها ئي وڏي ڳالھہ آهي.
س: وڻندڙ اديب؟
ج: ڪوبہ نہ... تحرير ڏسجي ليکڪ نہ ڏسجي.
س: وڻندڙ سياستدان؟
ج: ڪوبہ نہ.
س: وڻندڙ شاعر؟
ج: شيخ اياز، گلزار، شمشير، راجہ مھدي علي خان.
س: وڻندڙ ڪتاب؟
ج: چاند پکراج ڪا، شھاب نامہ.
س: وڻندڙ اخبار؟
ج: فرنٽيئر پوسٽ، جاڳو.
س: وڻندڙ صحافي؟
ج: سيد فدا حُسين شاھہ.
س: وڻندڙ ايڊيٽر؟
ج: فقير محمد لاشاري.
س: وڻندڙ فلم؟
ج: ايڪ بار ڪھو، آلاپ، ساون ڪو آنَي دو.
س: وڻندڙ اداڪار/اداڪارہ؟
ج: اميتاب، نوين نشچل، وحيدہ رحمان، نوتن، نصيرالدين شاھہ.
س: وڻندڙ گلوڪار/گلوڪاره؟
ج: يسوداس، چتراسنگهہ، هيمنت ڪامر، شمن علي ميرالي.
س: وڻندڙ لوڪ فنڪار/فنڪارہ؟
ج: مائي ڀاڳي، پروانہ مستانہ.
س: وڻندڙ گيت؟
ج: رفيع جو ڳايل:
تمھين ڪيا سُنائون مين دلربا، تيري سامنَي ميرا حال هَي
تيري اڪ نگاه ڪِي بات هَي، ميري زندگي ڪا سوال هَي.
س: وڻندڙ شھر؟
ج: شڪارپور.
س: وڻندڙ رنگ؟
ج: جيڪو فاطمہ پائي.
س: وڻندڙ ٽي وي پروگرام؟
ج: ناٽڪ رنگ، انگريزي فيچر فلم.
س: وڻندڙ ريڊيو پروگرام؟
ج: ڪوبہ نہ.
س: چوويھن ڪلاڪن مان وڻندڙ ڪلاڪ؟
ج: صبح جو.
س: وڻندڙ ڏينھن/مھينو؟
ج: ٿڌو/جنوري/ڊسمبر.
س: وڻندڙ لباس؟
ج: شلوار قميص، هاءِ نيڪ.
س: وڻندڙ راند؟
ج: ڪرڪيٽ، ٽيبل ٽينس، لان ٽينس
س: وڻندڙ رانديگر؟
ج: عمران خان، بجورن بارگ، ڪيپلر ويسلز.
س: وڻندڙ سواري؟
ج: گهوڙي جي.
س: وڻندڙ خوشبو؟
ج: ARAMIS, MASCULINE-2
س: وڻندڙ گل؟
ج: رابيل.
س: وڻندڙ کاڌو؟
ج: ڪابہ خشڪ شئي، جنھن گيھہ نہ هجي.
س: وڻندڙ مشروب؟
ج: پاڻي.
س: وڻندڙ ميوو؟
ج: چيڪو.
س: وڻندڙ ڏِڻ؟
ج: عيد رات.
س: وڻندڙ موضوع؟
ج: خاموشي.
س: ڪھڙي جانور/پکي/جيت کان ڊپ ٿيندو اٿوَ؟
ج: ڪرڙيءَ کان چڙ ايندي آهي.
س: ڪھڙي سفر کان ڊپ ٿيندو اٿوَ؟
ج: موت جي سفر کان.
س: موسيقي ڪھڙي ٻُڌندا آهيو؟
ج: هر ڪا.
س: توهان جي نظر ۾ سائنس جي بھترين ايجاد؟
ج: بجلي.
س: هڪ وهم جيڪو توهان کي پريشان ڪندو آهي؟
ج: ڪا غلطي نہ ڪري وجهان، ڪنھن جو دل نہ ٽوڙيان.
س: هڪ شخصيت جيڪا شدت سان ياد ايندي اٿوَ؟
ج: طفيل.
س: توهان طبيعت جي لحاظ کان ڪھڙي قسم جا ماڻھو آهيو؟
ج: مذاق نہ ايندو اٿم تہ بہ حياتيءَ ۾ ٻہ ڀيرا ڪيو اٿم.
س: هڪ ڪم جنھن تي فخر اٿوَ؟
ج: ڪو رستو پڇندو آهي تہ گهر تائين ڇڏي ايندو آهيان.
س: توهان جو مشن آهي؟
ج: مدد ڪرڻ.
س: زندگيءَ جي خواهش جنھن لاءِ زندہ رهو ٿا؟
ج: تہ ٺيڪ ٺاڪ ماڻھو هجان.
س: توهان کي جيڪڏهن خط لکجي تہ ڪھڙي ائڊريس تي؟
ج: محمود مغل، ليڪچرر فارميسي، سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو.

]ڇپيل: هفتيوار ’سنڌو‘ 9 کان 15 ڊسمبر 1993ع[

ڪاوش فيملي انٽرويو (مجيد ٿھيم)

منھنجي ذهن تان اڄ تائين ان ناول جا نقش نہ مِٽجي سگهيا آهن، جيڪو ڪجهہ سال اڳ هڪ دوست جي چوڻ تي ٽرين ۾ ڪراچيءَ ڏانھن سفر دوران مون پڙهيو هو. پيار جي جهڙالي يادن سان واسيل هي ناول ’هَٿَ ريکائن کان خالي‘ جنھن کي پڙهندي مون هڪ لمحي لاءِ بہ اهو نہ سوچيو هو تہ اڳتي هلي مستقبل جي ورن وڪڙن ۾ ڪٿي هن ناول جي خالق سان منھنجي دوستي ٿيندي ۽ اڄ بقول محمود جي تہ، ”آءٌ سندس جو ماضي آهيان ۽ هو منھنجو مستقبل“ ڇو تہ محمود چواڻي تہ، ”جڏهن آءٌ پڙهندو هئس تہ ان دوران آءٌ نوڪري بہ ڪندو هئس، يعني پنھنجي پڙهائيءَ جو خرچ آءٌ پاڻ ئي ڀريندو هوس ۽ اڄ تون بہ مون وانگر ڪري رهيو آهين. تنھن ڪري آءٌ چئي سگهان ٿو مجيد تہ تون منھنجو ماضي آهين ۽ آءٌ تنھنجو مستقبل.“
محمود، قلندر جي نگري سيوهڻ ۾ 1961/11/27 ۾ پيدا ٿيو، پنھنجي شروعاتي تعليم پڻ اتي ئي حاصل ڪيائين ۽ ان کان پوءِ ڊاڪٽريءَ ۾ داخلا ملڻ بعد هي ايل ايم سي ڄامشورو ۾ وڌيڪ تعليم پرائڻ لڳو. هينئر محمود سنڌ يونيورسٽيءَ جي فارميسي ڊپارٽمينٽ ۾ استاد آهي.
محمود کي شروع کان مختلف رسالا ۽ ڪتاب پڙهڻ جو شوق هئو، ان کان پوءِ هن باقاعدي لکڻ جي شروعات ڪئي. اهو 75 جو زمانو هئو، جنھن ۾ محمود جون لکڻيون مختلف رسالن ۽ ڪتابن ۾ شايع ٿيڻ لڳيون. ان بعد 81 ڌاري محمود جو پھريون ڪھاڻين جو مجموعو شايع ٿيو، ’ڪوهيڙي ۾ ويڙهيل يادون‘ جي نالي سان، تنھن کان پوءِ 87ع ڌاري ناول ’سرءُ‘ شايع ٿيو ۽ 92 ڌاري ’اسين جيئرا آهيون‘ منظرِعام تي آيو.
ان کان علاوہ محمود ٽي ويءَ لاءِ پڻ لکندو رهيو آهي ۽ پنھنجي لکڻ جي ان مختصر عرصي ۾ محمود ٽي ويءَ لاءِ پڻ گهڻو ڪجهہ لکيو آهي. محمود ٽي ويءَ تي لکڻ جي شروعات 1979ع ڌاري ڪئي، جنھن ۾ سندس پھريون پلي ’آئيڊل‘ جي نالي سان هليو، جيڪو ’هارون رند‘ پروڊيوس ڪيو هو. ان کان علاوہ سندس هڪ سيريل ’روش‘ جي نالي سان پڻ هلي چڪو آهي. ان سان گڏ محمود ٽي ويءَ لاءِ ڪجهہ وڌيڪ پڻ لکڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آهي. محمود جي تازين ڪھاڻين جو مجموعو ’تنھنجي يادن جو رجيل پاڻي‘ جنھن لاءِ اميد ٿي ڪجي تہ 95 تائين مارڪيٽ ۾ پھچي ويندو.
محمود ريڊيو تي پڻ ڪم ڪيو آهي ۽ ريڊيو تي ڪم ڪرڻ جي شروعات هن تقريباً 86ع کان ڪئي هئي، جنھن ۾ هي ڪمپيئرنگ ڪندو هو. ايترن سارن ڪمن جي باوجود محمود پنھنجي پڙهائي ڪڏهن بہ ڊسٽرب ٿيڻ نہ ڏني ۽ بھترين نموني سان پنھنجي پڙهائي مڪمل ڪرڻ کان پوءِ ٻئي هنڌ ڪٿي نوڪري ڪرڻ جي محمود پڙهائڻ کي وڌيڪ ترجيح ڏني.
گهر جي حوالي سان محمود مڪمل طور تي هڪ بھترين والد پڻ ثابت ٿيو آهي، سندس چواڻي تہ گهر ئي اهڙو هنڌ آهي، جتي پھچڻ سان ماڻھو پاڻ کي پرسڪون محسوس ڪندو آهي.
محمود جو هيل تائين ٿيل ڪم:
(1) ڪوهيڙي ۾ ويڙهيل يادون
(2) تو سنگ تو بن ڏينھڙا
ناول: ’سرءُ‘ ۽ ’هَٿَ ريکائن کان خالي‘
ترجمو: ’اسين جيئرا آهيون‘، ’عوام جو نمائندو‘، ’جَون آف آرڪ‘

محمود مغل
ڪاوش: اوهان جو مڪمل تعارف؟
محمود: محمود الحسن ميان نور محمد مغل.
ڪاوش: ڄم جو هنڌ؟
محمود: سيوهڻ شريف 27 نومبر 1961ع.
ڪاوش: لکڻ جي شروعات ڪڏهن کان ٿي؟
محمود: 1975ع کان.
ڪاوش: ٽي وي تي ڪم ڪرڻ جو تجربو ڪيئن رهيو؟
محمود: ٺيڪ... مناسب.
ڪاوش: محبت اوهان جي نظر ۾؟
محمود: محبت.
ڪاوش: شادي ڪڏهن ٿي، ان وقت اوهان جي عمر ڪيتري هئي؟
محمود: 1988ع ۾ 27سال.
ڪاوش: پنھنجي شاديءَ کي ڪھڙو درجو ڏيو ٿا لوَ ميريج، مڪس، ارينج ميريج؟
محمود: مڪس.
ڪاوش: اوهان جي نظر ۾ ڪھڙي درجي جي شادي معاشري ۾ ٿيڻ گهرجي؟
محمود: مڪس.
ڪاوش: اوهان ي پھرين ملاقات ڪيترو اڳ، ڪڏهن ٿي هئي؟
محمود: تقريباً سال پھرين.
ڪاوش: ان وقت اوهان جا ڪھڙا احساس هئا؟
محمود: هن سان ئي شادي ڪرڻي آهي.
ڪاوش: ڪٽنب ۾ اڳ ڪھڙي قسم جون شاديون ٿينديون رهيون؟
محمود: ارينج.
ڪاوش: اوهان جي شاديءَ ۾ مشڪلاتون؟
محمود: انيڪ.
ڪاوش: ’پيار‘ ۽ ’شادي‘ کان اڳ اوهان جا ڪھڙا ويچار هئا؟
محمود: جنھن سان پيار ڪجي، ان سان شادي نہ ڪجي.
ڪاوش: شاديءَ کان پوءِ انھن ويچارن ۾ ڪھڙو فرق ٿيو؟
محمود: ڪوبہ نہ.
ڪاوش: تجربي ۽ مشاهدي بنياد تي هاڻ اوهان پنھنجي اولاد کي ڪھڙي شادي ڪرڻ جو حق ڏيندو؟
محمود: انھن جي مرضيءَ تي ٻڌل آهي.
ڪاوش: اوهان کي ڀاڀيءَ جي ڪھڙي عادت ڀلي ۽ بري لڳندي آهي؟
محمود: سندس ٿڌو سڀاءُ، اجائي ماٺ، مقابلو نہ ڪرڻ.
ڪاوش: ڀاڀيءَ جي ڪمزوري؟
محمود: منھنجي خيال ۾ مان.
ڪاوش: رسندو گهڻو ڪير آهي؟ ڇا تان پرچائڻ ۾ پھل ڪندو آهي؟
محمود: ڪوبہ نہ رسندو آهي، حياتي پرچڻ لاءِ تمام ٿوري هوندي آهي.
ڪاوش: ٻنھين مان وڌيڪ بھادر ڪير آهي، ڊڄندا ڇا کان آهيو؟
محمود: مان ڏاڍو ڊڄڻو آهيان، فاطمہ بھادر آهي، ڊڄندا ڪرڙيءَ کان آهيون.
ڪاوش: موڪلن ۾ ڇا ڪندا آهيو؟
محمود: موڪلون ملن ڪونہ.
ڪاوش: چِڙ ڇا تي لڳندي آهي؟
محمود: روزمرہ جي شين جي بي ترتيبي تي.
ڪاوش: ڀاڀيءَ کان شڪايت؟
محمود: مقابلو ڪرڻ سِکي... اندر ۾ پاڻ کي نہ گُهٽَي.
ڪاوش: اوهان جي جِيوَن ساٿي فضول خرچ، وچٿري، ڪنجوس آهي؟
محمود: وچٿري.
ڪاوش: خوشيءَ وارا لمحا ڪھڙا هوندا آهن؟
محمود: جڏهن سڀ گڏ هجون.
ڪاوش: جوائنٽ فيملي ۾ رهڻ بھتر آهي يا پنھنجي سر؟
محمود: پنھنجي سر.
ڪاوش: پئسن جو حساب ڪتاب ڪنھن وٽ هوندو آهي؟
محمود: مون وٽ، فاطمہ کي ٻيا بہ الاهي بکيڙا آهن.
ڪاوش: مھمان گهڻا ڪنھن جا ايندا آهن، ۽ ان وقت ٻئي پارٽنر جي ڪيفيت ڇا هوندي آهي؟
محمود: منھنجا گهڻا ايندا آهن، اها تمام سھڻي ساعت هوندي آهي، فاطمہ مھمانن جي خدمت تي ڏاڍي خوش ٿيندي آهي.
ڪاوش: زندگيءَ جو يادگار ڏينھن؟
محمود: جنھن ڏينھن مون هيلٿ ڊپارٽمينٽ مان استعيفيٰ ڏني هئي.
ڪاوش: اوهان جي وڏي ۾ وڏي خوبي ۽ خامي؟
محمود: ڪسارو لھجو ۽ سچ... عام طور مان موٽ ۾ ڪجهہ چئي نہ سگهندو آهيان.
ڪاوش: وڏي ۾ وڏي خواهش؟
محمود: هڪڙو سٺو ماڻھو ٿي مران.
ڪاوش: زندگيءَ جي وڏي ۾ وڏو صدمو؟
محمود: ڀاءُ جي موت.
ڪاوش: ترتيبوار پسندون؟
محمود: (1) ڪتاب: ’جرنيلي سڙڪ‘، ’شھاب نامہ‘
(2) رسالو: ’سب رنگ‘ ڊائجسٽ
(3) گل: ڪوبہ نہ
(4) رنگ: گِرَي
(5) خوشبو: امينيسٽي
(6) شاعر: ’گلزار‘، ’سَدرشن فاقر‘، ’بشير بدر‘، ’شيخ اياز‘، ’تنوير عباسي‘، ’شمشيرالحيدري‘، ’امداد حُسيني‘
(7) ليکڪ: ’گارشيا مارڪئيز‘، ’جيمس ٿربر‘، ’مان، پنھنجو پاڻ‘
(8) راڳي: ’يسُوداس‘، ’هيمنت ڪمار‘، ’شمن علي ميرالي‘
(9) فلم: ’ايڪ بار ڪھو‘، ’جيني ڪي راھہ‘
(10) اداڪار: ’اميتاڀ بچن‘، ’نوين نِشچل‘
(11) اداڪارہ: ’نُوتن‘، ’ريکا‘
(12) کاڌو: سڀ ڪجهہ
(13) وقت: صبح جو
(14) لباس: ٽِي شرٽ
(15) موسم: سيارو
(16) راند: ٽيبل ٽينس، ڪرڪيٽ، لان ٽينس
(17) جاءِ: شڪارپور يا جتي فاطمہ ساڻ هجي.
فاطمہ
ڪاوش: شادي ڪڏهن ٿي، ان وقت اوهان جي عمر ڪيتري هئي؟
فاطمہ: 22 جولاءِ 1988ع تي، عمر 24 سال هئي.
ڪاوش: اوهان جي نظر ۾ شاديءَ جي مناسب عمر ڪھڙي آهي؟
فاطمہ: تقريباً ايتري ئي هجي، بس ذهن ميچور هجي.
ڪاوش: پنھنجي شاديءَ کي ڪھڙو درجو ڏيو ٿا، لوَ ميريج، مڪس/ ارينج ميريج؟
فاطمہ: مڪس.
ڪاوش: معاشري ۾ ڪھڙي درجي واري شادي عام ٿيڻ گهرجي؟
فاطمہ: درجي سان فرق نٿو ٿئي، ٻنھيءَ جي عقل ۽ سمجهہ سان ئي سٺي زندگي گذري ٿي.
ڪاوش: اوهان جي محمود سان پھرين ملاقات شاديءَ کان ڪيترو اڳ ڪڏهن ٿي هئي؟
فاطمہ: تقريباً ٽي سال اڳ.
ڪاوش: ان وقت اوهان جا سندس لاءِ ڪھڙا احساس هئا؟
فاطمہ: ڪجهہ بہ نہ، مون ان ڏانھن سوچيو ئي نہ هو.
ڪاوش: اوهان جي مائٽن اوهان جي رضامندي معلوم ڪئي هئي؟
فاطمہ: مون مائٽن جي رضامندي معلوم ڪئي هئي.
ڪاوش: اڳلي ڌر جو ردعمل ڪيئن ظاهر ٿيو؟
فاطمہ: اها محمود کي خبر.
ڪاوش: ڪٽنب ۾ اڳ ڪھڙي قسم جون شاديون ٿينديون هيون؟
فاطمہ: هر قسم جون.
ڪاوش: اوهان جي شاديءَ ۾ مشڪلاتون؟
فاطمہ: تمام گهڻيون... ڪرفيوءَ سميت
ڪاوش: ’پيار‘ ۽ ’شادي‘ بابت شادي کان اڳ اوهان جا ڪھڙا ويچار هئا؟
فاطمہ: تعليم دوران اهو سوچڻ جو وقت ئي نہ مليو ۽ شادي ٿي وئي.
ڪاوش: شاديءَ کان پوءِ انھن ويچارن ۾ ڪھڙو فرق ٿيو؟
فاطمہ: ويچار تہ ڪوبہ نہ هو، بس زندگيءَ جا مختلف تجربا ٿيا.
ڪاوش: تجربي يا مشاهدي جي بنياد تي هاڻ اوهان پنھنجي اولاد کي ڪھڙي شاديءَ جو حق ڏيندو؟
فاطمہ: اولاد جي معاملي ۾ آزادي پسند آهيان، جيئن چاهي ڪري.
ڪاوش: اوهان کي محمود جي ڪھڙي عادت ڀلي ۽ ڪھڙي بري لڳندي آهي؟
فاطمہ: ڀلي عادت ڪا هڪڙي ناهي، تمام گهڻيون آهن، بُري عادت ڪا ناهي، ننڍيون ننڍيون غلطيون تہ هر ڪو ماڻھو ڪندو آهي.
ڪاوش: محمود جي ڪمزوري؟
فاطمہ: سٺا ڪتاب، ميوزڪ ۽ آرٽ موويز.
ڪاوش: رسندو گهڻو ڪير آهي؟ ڇا تان؟ ۽ پرچائڻ ۾ پھل ڪير ڪندو آهي؟
فاطمہ: رسندا ٻار آهن، اسان هاڻي وڏا ٿي ويا آهيون.
ڪاوش: ٻنھي مان بھادر ڪير آهي؟ ڊڄندا ڇا کان آهيو؟
فاطمہ: ٻئي تقريباً مناسب آهيون، باقي ڪرڙيءَ کان ٻئي ڊڄندا آهيون.
ڪاوش: موڪلن ۾ ڇا ڪندا آهيو؟
فاطمہ: موڪلون گهٽ ئي نصيب ٿينديون آهن، ڇو تہ محمود تمام گهڻو مصروف رهندو آهي.
ڪاوش: خفا ڇا تي ٿيندا آهيو؟
فاطم: خفا نہ ٿيندي آهيان.
ڪاوش: پنھنجي جِيوَن ساٿيءَ کان ڪا شڪايت؟
فاطمہ: وقت گهٽ ڏيندو آهي.
ڪاوش: خوشيءَ وارا لمحا ڪھڙا هوندا آهن؟
فاطمہ: جڏهن منھنجي هٿ جي ڪا ڊش محمود کي پسند اچي وڃي.
ڪاوش: جوائنٽ فيمليءَ ۾ رهڻ بھتر آ، يا پنھنجي سر؟
فاطمہ: پنھنجي سر.
ڪاوش: محمود پاڻ دوستن ڏانھن گهڻو ويندو آهي يا دوست وٽس گهڻو ايندا آهن؟
فاطمہ: دوست وٽس گهڻو ايندا آهن.
ڪاوش: اوهان جي وڏي ۾ وڏي خوبي يا خامي؟
فاطمہ: ڪاوڙ نہ اچڻ، ڪنھن کي سامھون جواب نہ ڏئي سگهندي آهيان.
ڪاوش: وڏي ۾ وڏي خواهش؟
فاطمہ: هن unemployment واري دور ۾ پنھنجو ڪو ننڍي پيماني وارو (Business) ڪرڻ.
ڪاوش: ڏوڪڙن جو حساب ڪتاب/ اختيار ڪنھن وٽ هوندو آهي؟
فاطمہ: محمود وٽ هوندو آهي.
ڪاوش: ترتيبوار پسندون:
فاطمہ: ڪتاب: پڙهڻ سان دلچسپي ناهي
رسالو: Star dust
گل: موتيو
رنگ: اڇو
خوشبو: مينھن وسڻ کان پوءِ مٽيءَ جي
شاعر: گلزار
ليکڪ: محمود مغل
راڳي: ’منظور سخيراڻي‘، ’يسوداس‘
فلم: ’ايڪ بار ڪھو‘، ’ملي‘
اداڪار: اميتاڀ
اداڪارہ: ريکا
کاڌو: چڪن ڪارن سوپ
وقت: جڏهن محمود گهر هجي
لباس: ساڙهي
موسم: اندر جي موسم سٺي هوندي آهي تہ هر موسم وڻندي آهي
پنھنجي تخليق: ڪابہ نہ، خالق تہ هڪڙو ئي آهي، جنھن جي اسان تخليق آهيون.
ڪاوش: زندگيءَ جو يادگار ڏينھن؟
فاطمہ: ڪوبہ نہ.
ڪاوش: وڏي ۾ وڏو صدمو؟
فاطمہ: ﷲ جي مھرباني آهي جو هُن محفوظ رکيو آهي، آئندہ بہ محفوظ رکي.

]ڇپيل: ’ڪاوش فيملي مئگزين‘ 30 آڪٽوبر 1994ع[

استاد، آرٽسٽ، ليکڪ، ڪمپيئر ۽ مقرر ڊاڪٽر محمود مغل جو انٽرويو (مھر خادم، مجيد پنھور)

تعارف:
ڄامشوري جي ڌرتيءَ تي جنم وٺندڙ ۽ ڊاڪٽري پاس ڪري، هڪ ئي وقت استاد، آرٽسٽ، ليکڪ، ڪمپيئر ۽ تقرير جي فن سان نڀائڻ وارو ڊاڪٽر محمود مغل، ڏات ۾ وڪوڙيل، هلندو تہ نھايت تڪڙو، ڳالھائيندو تہ بہ تڪڙو ۽ کلندو تہ ڪڏهن ٽھڪ ڏئي تہ ڪڏهن صرف مشڪندو، چاليھن سان جي عمر ۾ ڪالھوڪي نوجوان جو ڏيک ڏيندڙ، ڊاڪٽر محمود مغل جي بقول، ’هُو پاڻ کي اندران صفا پوڙهو محسوس ڪندو آهي.‘
’تو سنگ تو بن ڏينھڙا‘ جو ڪتاب لکي گهڻا ئي پنھنجا مداح پيدا ڪيائين ۽ اڄڪلھہ نيٽ ورڪ تي سندس (خبر ناهي) پر ’رَوِش‘ ڊرامي پوري پاڪستان ۾ ڪيترائي مداح پيدا ڪيا آهن. ’پارس‘ طرفان ساڻس هيءَ مختصر ڪيل ڳالھہ ٻولھہ ’مھر خادم‘ جي ٿورن سان پڙهندڙن لاءِ حاضر آهي.
]مجيد پنھور[

مھر: اوهان لکڻ ڪڏهن کان شروع ڪيو؟
محمود مغل: لکڻ جي شروعات ٿي تقريباً 1975ع کان، ٻارن کان شروعات ڪئي. ادبي بورڊ جو رسالو نڪرندو هئو، (جيڪو اڄ بہ جاري آهي) ’گل ڦل‘ انھيءَ ۾ شوڪت حسين شورو صاحب هوندو هو، مون پھرين ڪھاڻي ترجمو ڪئي ٻارن لاءِ.
مھر: يعني شروعات ترجمي کان ٿي.
محمود مغل: ها شروعات ترجمي کان ڪيم، مون کي پڪ ڪونہ هئي تہ اها ڪھاڻي ڇپبي. ’محمودالحسن‘ جي نالي سان اها ڪھاڻي لکي هيم. جاپاني لوڪ ڪھاڻي هئي. آهستي آهستي اهو سلسلو هلندو رهيو. هڪ ڪھاڻي ڇپي تہ وري وڌيڪ اتساھہ ٿيو. 1975ع کان 80-81ع تائين اهو سلسلو هلندو رهيو. شروعات ٻارن جي لکڻ کان ٿي ۽ پوءِ وڏن لاءِ لکڻ شروع ڪيم.
مھر: اڇا تہ پھريائين محمود الحسن جي نالي لکندا هيوَ؟
محمود مغل: ها نالو بہ منھنجو محمودالحسن آهي.
’محمودالحسن‘ شروع ۾ تہ ڊگهو نالو هو، انھيءَ ڪري پوءِ ’محمود مغل‘ جي نالي سان شروع ڪيم ۽ محمود مغل اڃا جيئرو آهي.
مھر: ﷲ ان کي وڏي ڄمار ڏيندو. (ٻئي کلون ٿا).
مھر: لکڻ ڏانھن لاڙو ڪيئن ٿيو؟
محمود مغل: لکڻ جي باري ۾ مون ڪڏهن سوچيو ڪونہ هو، هڪڙا ماڻھو هوندا آهن، جيڪي سوچيندا آهن، گهرو ماحول بہ ٿئي ٿو گهر ۾ مان اڪيلو هوندو هوس، ٽي ڀائر ۽ ٻہ ڀينرون، اهي سڀ وڏا هئا، مان ننڍو اڪيلو هوس، مون کان جيڪا وڏي ڀيڻ آهي، انھيءَ جي ۽ منھنجي وچ ۾ وڏو فرق هو. يعني نوَن سالن جو گيپ هو، هاڻي ڇا هو تہ نوَن سالن جو گيپ هو تہ اهي سڀ مون کان وڏا هئا، اهو چئي سگهجي ٿو تہ مان هڪ سٺو ڪھاڻي گهڙيندڙ آهيان، مون کي باقي وڌيڪ ياد ڪونھي، بس ائين مون کي شوق ٿيو تہ آءٌ ليکڪ ٿيان ۽ ائين لکڻ جي شروعات ٿي ۽ اڃا لکان پيو.
مھر: ڀلا توهان گهر ۾ آخري ٻارڙي جي حيثيت سان وڌيڪ پيارا هوندا؟
محمود مغل: والد صاحب تہ مون ڪونہ ڏٺو، باقي والدہ واقعي تمام گهڻو پيار ڏنو.
مھر: لکڻ لاءِ ڪھڙيون شيون اتساھہ پيدا ڪن ٿيون؟
محمود مغل: ڪافي شيون آهن، سماج سان واسطو رکندڙ، منھنجا پڙهندڙ چوندا آهن تہ مان رومانٽڪ آهيان. حالانڪ ائين ڪونھي، منھنجي ڪھاڻين ۾ رومانس ضرور آهي، منھنجو پھريون ڪھاڻين جو مجموعو ’ڪوهيڙي ۾ ويڙهيل يادون‘ ان ۾ ٽي ڪھاڻيون رومانٽڪ آهن ۽ ست ڪھاڻيون عام موضوع واريون آهن. ليکڪ جا مختلف وقتن تي مختلف احساس ٿين ٿا. هو جنھن ڪيفيت مان گذري ٿو، اُهو ئي تاثر پنھنجي لکڻين ۾ ٿئي ٿو. ماڻھوءَ جو مشاهدو ۽ مطالعو وڏي اهميت رکي ٿو، مشاهدي سان ڪھاڻين ۾ وڏي سگهہ پيدا ٿئي ٿي.
مھر: ڪھاڻيون هن وقت تائين گهڻيون لکيون اٿوَ؟
محمود مغل: ڪھاڻيون ستر کن لکيون اٿم. ڇپيل ٻارهن کن ٿينديون، هاڻي تازو وري مان ڪھاڻين ڏانھن موٽ ڪئي آهي.
مھر: توهان گهر ۾ ئي ويھي ڪتاب پڙهي ڪھاڻيون لکندا آهيو يا ٻاهرين دنيا کي بہ ڏسندا آهيو؟
محمود مغل: نہ ائين ڪونھي، مان ٻاهر نڪرندو آهيان، چوويھہ ئي ڪلاڪ گهر ۾ نہ هوندو آهيان، اڪثر وقت گهر ۾ گذرندو آهي، پر ڪم ڪار سان ٻين شھرن ۾ بہ ويندو آهيان. مون شڪارپور ڏٺي آهي، سکر ڏٺو آهي، ميرپورخاص، لاڙڪاڻو، ڪراچي ۽ ٻيا پنھنجي سنڌ جا ڪجهہ شھر.
مھر: ڀلا اهي شھر شاديءَ کان اڳ ڏٺا هيوَ يا پوءِ؟
محمود مغل: (ٻئي کلندي) شاديءَ کان اڳ ۾ بہ ڏٺا هيم ۽ شاديءَ کان پوءِ بہ ڏٺا آهن. مان چانڊڪا ۾ پڙهيو آهيان. ائين آهي تہ الاءِ ڇو پنجهتر، ڇاهتر ۾ لاهور ويو هيس، اُتي بہ مون ڪافي ڏٺو ۽ محسوس ڪيو.
مھر: جيئن تہ مشاهدو ۽ مطالعو هر ليکڪ لاءِ تمام ضروري آهي، ڪٿي ائين تہ ناهي تہ توهان جو مطالعو وڌيڪ آهي ۽ مشاهدو گهٽ؟
محمود مغل: نہ ائين نہ آهي، منھنجو مشاهدو بہ تمام سٺو آهي، هاڻي ڏسو نہ ماڻھو گهر ۾ رهي ڪري بہ ڪي ڳالھيون محسوس ڪري وٺي ٿو. آهي تہ سڄو محسوسات جو عمل. رستي سان وڃي ٿو، ريل ۾ سفر ڪري ٿو، لازمي آهي ڪي شيون ڏسي ٿو. توهان سکر ۾ رهو ٿا، خيرپور ۾ رهو ٿا، روهڙيءَ ۾ رهو ٿا، تہ مختلف جاين تي مختلف ماڻھن کي ڏسي ڪجهہ محسوس ڪريو ٿا. ائين ئي هر جڳھہ تي، توهان ڪانہ ڪا شيءِ حاصل ڪريو ٿا. مطالعو انتھائي ضروري آهي، ڇو تہ مطالعي کان سواءِ ماڻھو اڳتي وڌي نہ سگهندو. ان ڪري مطالعو ضروري آهي، توهان جيڪڏهن مسلسل لکو ٿا ۽ مطالعو نٿا ڪريو تہ اڳتي هلي توهان بيھي رهندؤ.
مھر: توهان سنڌي ادب کان سواءِ ٻاهرين ادب کي ڪيترو پڙهيو آهي؟
محمود مغل: مون پڙهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
مھر: ٻاهرين يا پنھنجي ڪنھن اديب کان (Inspire) متاثر ٿيا آهيو؟
محمود مغل: مان ڪنھن اديب کان انسپائر ڪڏهن بہ ڪونہ ٿيندو آهيان، اديب جي لکڻين کان ضرور متاثر ٿيندو آهيان. هاڻي ڏسو نہ... امداد حسيني وڏو شاعر آهي، تمام وڏو شاعر آهي، ٿي سگهي ٿو تہ مھر خادم ان کان بہ سٺي شئي لکي هجي، امداد جو ويجهڙ ۾ انٽرويو ڇپيو آهي، ان ۾ چيو اٿائين تہ ’نوجوان ڪڏهن ڪڏهن سٺو پيا لکن، جو مان بہ چوندو آهيان تہ جيڪر مان بہ اهڙو لکان.‘ تہ ائين ٿئي ٿو ۽ لکڻيون پاڻ مڃائن ٿيون. اها شئي ڪنھن هڪڙي تي ٺپو هڻي ويھڻ سٺو نہ لڳندو آهي. ڏسو نہ ڪڏهن محمود مغل ڪا سٺي شئي لکي ٿو تہ لازمي آهي ٻيا پڙهندڙ ان کان متاثر ٿيندا. هاڻي مثال مان جيڪڏهن چوندس تہ امداد ئي پسند آهي تہ پوءِ مھر خادم ڪنھن لاءِ پيو لکي؟ ان جي ڪري ڪنھن هڪ کي سٺو چئي ڇڏڻ سٺو رجحان ناهي.
مھر: محمود مغل ڪھاڻيڪار بہ آهي، ڊرامہ نويس بہ آهي ۽ ناول نگار بہ، اوهان کي ڪھڙي روپ ۾ وڻندو آهي؟
محمود مغل: ڪھاڻيڪار جي روپ ۾، ڇو تہ ڪھاڻي هڪ ئي سٽنگ ۾ ويھي لکجي ٿي ۽ لازمي آهي تہ اها وڌيڪ بھتر هوندي. ناول هڪ سٽنگ ۾ نٿو لکي سگهجي. ٻن ٽن سٽنگس جي ڪري اهو گھرائپ وارو تسلسل نٿو رهي ۽ ڊرامو بہ ائين ئي آهي، تنھن ڪري پڙهندڙ تي ڪھاڻي وڌيڪ اثر ڇڏي ٿي. ان جي ڪري مان چاهيندس تہ محمود ڪھاڻيڪار هجي
مھر: ڇا ناول ڪھاڻيءَ جيترو تاثر نٿو ڇڏي؟
محمود مغل: منھنجي چوڻ جو مطلب اهو آهي تہ ڪھاڻي جيئن تہ هڪ سٽنگ ۾ ويھي لکي سگهجي ٿي، ان جي ڪري سگهارا احساس ان ۾ وڌيڪ هوندا آهن. ڇو تہ تسلسل نٿو ٽُٽي، پر ناول ۾ ائين نٿو ٿئي، هڪ سٽنگ ۾ ناول نٿو لکي سگهجي، تاثر ناول بہ ڇڏي ٿو، پر ڪھاڻيءَ جيترو نہ. هڪ سٽنگ ۾ ماڻھو جيڪا پيڙا ۽ درد محسوس ڪري ٿو، اها ٻي سٽنگ ۾ برقرار نٿي رهي، جيڪي ماڻھو چون ٿا تہ درد جاودان آهي، تہ اها غلط سوچ آهي، توهان ڏسو نہ ڪيترا اهڙا ماڻھو مري ويندا آهن، جن لاءِ اسان اهو محسوس ڪندا آهيون تہ اسان انھن کان سواءِ جي نہ سگهنداسون، پر اهڙي حالت ۾ بہ آهستي آهستي اهو درد گهٽجي ويندو آهي. وقت ظالم شئي آهي، ان جي ڪري مان چوان ٿو پيو تہ هڪ ئي سٽنگ جي ڪري ڪھاڻي وڌيڪ سگهاري ٿئي ٿي.
مھر: اڄ ڪلھہ جيڪا ڪھاڻي لکجي پئي، توهان ان کان ڪيتري قدر مطمئن آهيو؟
محمود مغل: پر مان ڪھاڻيءَ کان هميشہ مطمئن رهيو آهيان. هي مون کي اهو عجيب لڳندو آهي تہ هي جيڪي چوندا آهن تہ ڪھاڻيءَ جو موت اچي ويو آهي. ڪھاڻيءَ کي گولي لڳي وئي. ڪڏهن بہ نہ. هاڻي ڏسو نہ... اسان وٽ هڪڙي سوچ آهي تہ جيڪڏهن ڪو پراڻو ماڻھو ڪھاڻي لکي ٿو تہ ڪھاڻي آهي، پر جي فلاڻو ماڻھو ڪھاڻي لکي ٿو تہ ڪھاڻي ناهي. اها هڪ وڏي ۾ وڏي ڊيفالٽ سوچَ اٿوَ. مان هڪڙو مثال ڏيندس، ڀلي اهو توهان کي بہ برو لڳي... محمود مغل ڪھاڻي لکي ٿو تہ اها ڪھاڻي ناهي، پر جتي Z-Y-X وڏو ڪھاڻيڪار لکي ٿو تہ اها ڪھاڻي آهي. هاڻي محمود مغل جيڪڏهن لکي ٿو پيو تہ هڪڙي ڪھاڻي بہ تہ اچي ٿي پئي نہ. هڪڙو مشھور قول آهي تہ معنيٰ جيستائين ڪو نئون بندو جھان ۾ اچي ٿو پيو تہ مطلب اڃا خدا انسان مان مايوس نہ ٿيو آهي. يعني چئي ٿو پيو تہ مون کي اڃا اميد آهي. ڪھاڻيون تہ لکجن ٿيون پيون. توهان ڪيئن ٿا چئو تہ ڪھاڻي مري وئي آهي؟! ڏھہ ڏھہ پندرهن پندرهن جڏهن اديب هم عصر هئا ۽ لکندا هئا تہ سڀني جون شيون ايتريون پاورفل ڪونہ هيون. ائين توهان چئي سگهو ٿا تہ امر جليل هيو، آغا سليم هيو ۽ ٻيا هئا تہ ڇا اُهي سڀ هڪ کان هڪ ڪھاڻي لکندا هئا. نہ ائين ڪڏهن بہ ڪونہ هيو. ڪھاڻي نٿي مري سگهي. تازو علي بابا انٽرويو ۾ درست چيو آهي تہ نوجوان ڪھاڻيون لکن پيا ٿا. اسين لکون پيا، ڪھاڻي مرڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي.
مھر: امر جليل ڪھاڻيءَ جي حوالي سان تمام وڏو نالو آهي. ان ئي اهو ڄاڻايو آهي تہ شروعات ۾ ٽن سالن تائين موڪليل ڪھاڻيون لفافن سوڌيون کيس واپس ملنديون هيون. هاڻي وڏو نالو آهي، تنھن جي معنيٰ تجربو، مشاهدو ۽ مطالعو وڏي سگهہ پيدا ڪري ٿو؟
محمود مغل: بلڪل وڏي سگهہ پيدا ڪري ٿو، پر اتي هڪڙي ڳالھہ آهي تہ توهان ۾ ڌِڪن کائڻ جو حوصلو هجي، ڌِڪن کائڻ جو حوصلو... معنيٰ تہ جيئن جليل ۾ همت هئي، نہ تہ هن واپس ڪھاڻين ٿيڻ کان پوءِ بہ لکڻ ڇڏيون ڪونہ. اسان بہ ڌِڪا کاڌا آهن، سالن جا سال ڌِڪا کاڌا آهن، هڪ رسالي جي ايڊيٽر مون سان بہ ائين ڪيو هو. مان نالو نٿو وٺان، مان ان کي هڪ ڪھاڻي ڏني، ٺيڪ ٺاڪ ڪھاڻي هئي، چيائين تہ مان ڇپيندس ڪجهہ ڏينھن مان هن ڏي چڪر هنيان، مون کي چيائين تہ توهان ڪجهہ انتظار ڪريو، ڇپبي، مان هر شئي جي فوٽو اسٽيٽ پاڻ وٽ رکندو آهيان. انتظار ڪندي ڇھہ مھينا گذري ويا، هڪ ڏينھن مان جڏهن هن وٽ ويس تہ چيائين تہ، ”ڪھڙي ڪھاڻي، مون کي تہ ياد ناهي، مان تہ توکي ڪونہ ٿو سڃاڻان.“ تہ اهو جواب مليو، ڀلا جيڪڏهن نہ هُيس ڇپڻي تہ نہ ڇپي ها، هي تہ شڪر هو جو مون وٽ فوٽو اسٽيٽ هئي، نہ تہ اها ڪھاڻي ئي گم ٿي وڃي ها.
مھر: خبر پئي آهي تہ تازو توهان جي هڪ ڪھاڻيءَ سان هڪ ايڊيٽر اهڙي ئي تعدي ڪئي آهي، جو اها توهان کي خراب حالت ۾ واپس ملي آهي؟
محمود مغل: (کلندي) ها واقعي ائين ٿيو آهي. اها پاڻيءَ ۾ پسيل آهي. پوءِ ڪھڙو بہ پاڻي آهي. مان پوءِ توکي ڏيکاريان ٿو.
مھر: ان جو مطلب تہ پراڻو سلسلو اڃا هلندو پيو اچي؟
محمود مغل: يقيناً اهو ٿيو آهي ۽ ٿئي پيو.
مھر: يعني ڇا سمجهجي تہ اهو ذاتي پسند ۽ ناپسند جو عمل آهي؟
محمود مغل: اسان وٽ بھرحال لٽريچر ۾ ذاتي پسند ۽ ناپسند هلي پئي. اسان وٽ سينئر ۽ جونيئر جو چڪر هلي پيو، سينئر يا جونيئر کي پڇ لڳل ڪونہ هوندو آهي. ٻين جاين تي سينارٽيءَ کي ڪائونٽ ڪيو ويندو آهي. اسان وٽ اها خبر نہ پوندي آهي تہ ڪير جونيئر آهي ۽ ڪير سينئر آهي، جنھن کي توهان گڏجي چئو تہ سينئر سينئر تہ اهو سينئر آهي، سب رائيٽر وڏا پنھنجي جاءِ تي بلڪل آهن، اسان وٽ ذاتي پسند، ناپسند ۽ گروپنگ آهي. مون سان وڏي ۾ وڏو الميو اهو آهي تہ مان ڪنھن جي بہ عصر جو ڪونہ آهيان، ڪنھن جي بہ گروپ جو ڪونہ آهيان. مثال طور: طارق عالم وارا، نور الھديٰ شاھہ وارا مون کان ٿورا سينئر آهن. طارق قريشيءَ وارا مون کان جونيئر آهن، هاڻي مون کي اها خبر نہ آهي تہ مان ڪنھن جي لڏي ۾ شامل آهيان. مان طارق عالم جو همعصر آهيان يا طارق قريشيءَ جو؟ مون کي ڪا خبر ڪانھي، بس مون کي لکڻو آهي، مان لکان ٿو، مان اهو محسوس ڪيو آهي تہ مون کي لکڻ گهرجي، بنا ڪنھن لڏي جي، بنا ڪنھن پسند ۽ ناپسند جي... مٽيريل رهيو آهي، جيڪو ڇپجي پيو، مون کي جيڪا ڪھاڻي واپس ملي آهي اڄ کان ٻارنھن سال اڳ جيئن مان ڇھہ مھينا ڊوڙيو هيس، ان وقت ۽ هن وقت ۾ مون کي ڪوبہ فرق محسوس نہ ٿيو آهي ۽ نہ وري مون ڏک محسوس ڪيو آهي. مان ماڻھوءَ مان هميشہ خراب جي اميد رکندو آهيان، پوءِ جيڪڏهن ڪو سٺو ملي ويو تہ ٺيڪ آهي، باقي ماڻھو مان ڪڏهن سٺي جي اميد نہ ڪرڻ گهرجي.
مھر: اهو ڀلا توهان جو آئيڊيا آهي يا....؟
محمود مغل: اها منھنجي ذاتي راءِ آهي، ڇاڪاڻ تہ جيڪڏهن توهان ان ڪھاڻيءَ جو حشر ڏسو تہ توهان پاڻ ئي سوچيندؤ تہ ٻئي دفعي مون کي ڪھاڻي موڪلڻ نہ گهرجي. مان اورينجل ئي موڪلي ڇڏيندو آهيان، اها منھنجي عادت آهي، رائيٽر جي ڪمٽمينٽ هئڻ گهرجي. جيڪڏهن هو چوي ٿو تہ مان هيءَ شيءِ ڏيان ٿو تہ اها ڏيڻ گهرجي.
مھر: ڀلا ذاتي پسند ۽ ناپسند وارو دور پبلشرن لاءِ آهي يا اورآل سڀني لاءِ؟
محمود مغل: پسند ۽ ناپسند وارو معاملو جيڪو اسان جو ادبي طبقو آهي نہ ان ۾ ائين ٿئي پيو. توهان پاڻ جڏهن اڃان گهڻو ڪجهہ اڳتي ايندؤ نہ تہ توهان کي پاڻ خبر پئجي ويندي. اها شئي گهٽ ۾ گهٽ ان جاءِ تي نہ هئڻ گهرجي. پر ذاتي حلقا آهن ڪن ماڻھن جا... باقائدي اهي پروجيڪشن ڏين ٿا. اڪثر ڪري اهو هڪ دؤر ٿئي ٿو. جيڪڏهن توهان سٺو بہ لکو ٿا... ڀلي اها ڳالھہ مان سمجهان ٿو تہ ڏکي بہ لڳندي. جيڪڏهن توهان سٺو بہ لکو ٿا تہ ايتري توهان کي مڃتا نہ ملندي، جيتري ملڻ گهرجي، مثال طور مان هتي سڌو سنئون چوان ٿو تہ، منھنجا ٽيليويزن پلَي ٿيندا آهن، تہ اڄ تائين ڪنھن بہ ڪرٽڪ راءِ نہ ڏني آهي، ڇو تہ هو مون کي سڃاڻن ئي ڪونہ ٿا تہ ڇا لاءِ هُو راءِ ڏين. مان چوان ٿو تہ هڪ شيءِ جيڪا سامھون اچي ٿي، ان تي راءِ ڏيو، سٺي يا خراب. مان ٽيليويزن تي هوندو آهيان، اُتي پروڊيوسر يا عملو جيڪو هوندو آهي يا جيڪي ٽي وي ڏسڻ وارا هتان جا لوڪل ماڻھو، انھن کي خبر هوندي آهي تہ پلَي ڪيتري معيار جو آهي، پر مون کي ٻاهر ڪابہ خبر نہ ٿي پوي، هونئن ايوريج جيڪو مناسب ٺيڪ ٺاڪ ۽ پورو پلَي هوندو آهي تہ ان تي ٺيڪ ٺاڪ راءِ اچي ويندي آهي، پر مون تائين نہ پھچندي آهي، ٻاهر نہ هوندو آهيان، ڇو تہ ماڻھن جي ذات جي ذاتي پسند ۽ ناپسند آهي، اڃا بہ مان ماڻھن جي ناپسند ۾ شامل رهندس، پسند ۾ نہ.
مھر: تنھن جي معنيٰ تہ الڳ ويھڻ، سنگت ساٿ ۾ ذاتي لاڳاپا وڏو ڪم ڪن ٿا؟
محمود مغل: تمام وڏو ڪم ڪن ٿا، ڇاڪاڻ تہ مان نہ ڪنھن فنڪشن ۾ وڃان، گهر کان ٻاهر ويندو ئي ڪونہ آهيان، مان گهر کي وڌيڪ ٽائيم ڏيندو آهيان، ان سان وڏو فرق پوي ٿو، مون ڏٺو آهي تہ سال ڏيڍ ۾ مان جيڪڏهن ڪٿي بہ ڪنھن تقريب ۾ ويو آهيان تہ مون اهو محسوس ڪيو آهي تہ ملڻ جلڻ سان وڏو فرق پوي ٿو.
مھر: اهو مزاج توهان هاڻي اختيار ڪيو آهي يا...؟
محمود مغل: مان ڄائي ڄم کان ائين آهيان، ماڻھو چوندا آهن، تہ مان مغرور ڏاڍو آهيان، اها مغروري ناهي، منھنجي عادت آهي.
مھر: ڀلا جيڪڏهن ميل جول ۾ تعلق رکڻ سان ڪو فرق پوي ٿو تہ اها خراب ڳالھہ آهي ڇا؟
محمود مغل: ڏسو نہ شيءِ پنھنجو پاڻ مڃائيندي آهي، شئي لاڳاپن سان ڪونہ مڃي ويندي آهي. لاڳاپن سان توهان ڪنھن ماڻھو کي پُش ڏئي سگهو ٿا، توهان هن کي تسليم نٿا ڪري سگهو. تسليم شئي پنھنجو پاڻ ڪرائيندي آهي. انھيءَ تي منھنجو پنھنجي گهر واريءَ سان بہ بحث ٿيندو آهي. اها بہ چوندي آهي تہ واسطو هئڻ گهرجي، پر مان هميشہ اها ئي ڳالھہ ڪئي آهي تہ شئي پنھنجو پاڻ مڃائي ٿي، ڪو وقت ضرور ايندو ڇو تہ جيڪڏهن منھنجو ڪم ٿيل هوندو تہ وقت سان اها ڳالھہ پاڻ ئي مڃي ويندي. ماڻھو پاڻ ئي سڃاڻيندا، اڄ نہ تہ ڏھہ سالن کان پوءِ.
مھر: ڀلا ڪي سٺا دوست اٿوَ؟
محمود مغل: سٺا دوست ڪافي آهن، بلڪہ مان تہ سمجهندو آهيان تہ توهان آهيو، اهو ان ڪري نہ تہ توهان هن وقت منھنجي سامھون آهيو، سٺا دوست منھنجا گهر وارا آهن، منھنجي سڄي فيملي سٺي دوست آهي، مان جانور پاليندو آهيان، مون کي ڪتو آهي.
مھر: ڪُتي جو نالو ڇا اٿوَ؟
محمود مغل: سيزر... طوطا آهن، ٻيا پکي آهن.
مھر: پکين جا بہ نالا هوندا؟
محمود مغل: اهي الاهي سارا آهن، انھن جا نالا تہ وٺڻ ۾ ڏکيائي آهي. دوستي اها آهي، ٻيو تہ دوستي ڪا هلڪي ڳالھہ ڪونہ آهي، دوستيءَ ۾ ٻہ ٽي شيون آهن، توهان ڪميٽيڊ آهيو ماڻھن سان، اوهان انھن مان اميدون رکو ٿا، انھن جو خيال رکڻو ٿو پوي. ان جي ڪري دوستي ڏکي بہ آهي ۽ مان ٿورو کُهِرو ڳالھائيندو آهيان، سڌو سنئون ڳالھائيندو آهيان، توهان کي ماڻھن سان ملڻو هجي تہ انھن سان ملو، نہ ملڻو آهي تہ منافق نہ ٿيو. ’قدرت ﷲ شھاب‘ جي چوڻ موجب تہ، ”توهان ماڻھن بابت اها ڳالھہ چئو جيڪا توهان کي پَرپُٺ بہ ڏکي نہ لڳي، بلڪہ پرپٺ اها ڳالھہ چئو جيڪا هن جي منھن تي چوڻ چاهيو ٿا.“ ان ڳالھہ جي ڪري بہ دوست ناراض ٿي ويندا آهن. هاڻي مثال جي ڳالھہ جيئن ادبي سنگت وارو معاملو ٿيو تہ مان انھيءَ ۾ کُلي عام چئي ڇڏيو، حالانڪ ادل تمام سٺو دوست آهي منھنجو ۽ پوءِ سڀ ڳالھيون ختم ٿي ويون. بس هڪ ڳالھہ مون کي رڪارڊ ڪرائڻي هئي ۽ اها مان رڪارڊ ڪرائي.
مھر: اوهان جي لَوَ ميريج آهي؟
محمود مغل: پسند جي شادي آهي.
مھر: شادي ۽ محبت جي شروعات توهان ڪئي يا ڀاڄائي؟
محمود مغل: انھيءَ کي محبت نٿو چئي سگهجي، بھرحال پسند آهي ۽ شروعات ائين ٿي تہ سٺي لڳي ۽ شادي ڪئي سين.
مھر: اوهان جو ننڍپڻ ڪيئن گذريو؟
محمود مغل: ننڍپڻ مون اڪيلي گذاريو آهي. گهر وارا سخت مذهبي آهن ۽ سخت ان ڪري تہ ٻاهر نڪرڻ ڪونہ ڏيندا هئا. اٺين درجي تائين مان سخت ڊڄڻو ماڻھو هئس، مون کي ياد آهي تہ منھنجو استاد سائين غلام رسول ٽالپر صاحب ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد ۾، جتي مان پڙهيس، چانڊڪا مان ميڊيڪل ڪيم... تہ مان اسڪول ويندو هئس تہ مون سان گڏ نوڪر ويٺو هوندو هو، نوڪر مون کي ماستر صاحب تائين ڇڏي ايندو هو. ماستر صاحب وٽ مان ٻانھن کان پڪڙيو ويٺو هوندو هئس ۽ روئيندو هيس، جيستائين نوڪر نظر اچي، تہ اها حالت هوندي هئي. منھنجو ٽي ويءَ تي ڊرامو هليو تہ آءٌ ان استاد سان ملڻ ويس تہ مون کي چيائين تہ، ”اهو تون آهين، محمودَ؟ مون کي تہ اعتبار ئي نٿو اچي.“ مان ڏاڍو ڊڄڻو، انتھائي خوفزدہ، ڊنل ۽ مان سمجهان ٿو تہ منھنجي اندر ۾ اڃان اهو ٻار ويٺل آهي، ڊڄڻو، عام حالتن ۾ اڃا ائين ئي آهيان.
انھيءَ ڪري ئي منھنجون فيلنگس اڃا اهڙيون آهن. سوچيندو آهيان تہ ڪوئي ماڻھو هرٽ نہ ٿئي، ٽُٽي نہ. ٽُٽڻ کان پوءِ ماڻھو ڏاڍو خوفزدہ ٿيندو آهي. ننڍپڻ منھنجو ڪامپليڪس ۾ گذريو آهي ۽ پوءِ مون پنھنجو پاڻ کي تبديل ڪيو آهي ۽ سوچيو تہ ائين نہ ٿيڻ گهرجي. ماڻھو ٿورو دنيا جو مقابلو ڪري، اڳيان اچي، پوءِ آهستي آهستي ٺيڪ ٿي ويو. هاڻي تہ مان ريڊيو تي پرفارم ڪيان پيو ۽ اسٽيج تي بہ... ۽ هاڻي سوچيندو آهيان تہ ڪجهہ ڪرڻ سان گهڻو ڪجهہ تبديل ٿي وڃي ٿو. باقي ننڍپڻ ڏاڍو خوفزدہ گذريو، گهر وارن تہ ڀلايون پئي ڪيون، پر چوندا آهن نہ تہ سڪيلڌي ٻار جو مٿو جلدي خراب ٿيندو آهي، پر مون سان ائين ڪونہ ٿيو، هنن نظر صحيح رکي، فضول خرچي نہ ڪرڻ ڏنائون. ننڍپڻ جون دوستيون ڪونہ ٿي سگهيون. ان ڪري وڏي ٿيڻ سان بہ سٺيون دوستيون نہ رکي سگهيو آهيان.
مھر: ٻارڙن جي لاءِ توهان ڪيتريون ڪھاڻيون لکيون آهن؟
محمود مغل: ٻارڙن لاءِ مون اٽڪل ارڙهن کن ڪھاڻيون لکيون آهن ۽ تقريباً ٽيھہ نظم لکيا آهن. مون لکڻ جي حوالي سان ڪافي ڪم ڪيو آهي ۽ اڄ ڪلھہ بہ مان ٽيليويزن لاءِ لکان ٿو پيو. ناول تي ڪم ڪيان ٿو پيو ۽ ٻارڙن لاءِ مان وري ٽرانسليشن ڪيان ٿو پيو. مان چاهيندو آهيان تہ تخليق جي لاءِ جيڪڏهن ذهني پيڙا ڪونھي شئي نٿي لکي سگهجي تہ پوءِ ٽرانسليشن ڪري وٺي، اهو بہ پيڙا جو ڪم آهي. جيڪڏهن توهان جي ٻولي سٺي آهي تہ ٽرانسليشن ڪريو.
مھر: توهان جو ڪوئي شاعريءَ ڏانھن بہ لاڙو آهي؟
محمود مغل: شاعري بہ ڪندو آهيان، پر شاعري ڇپي ڪونھي.
مھر: پابند شاعري ڪندا آهيو يا آزاد؟
محمود مغل: پابند شاعري بہ ڪندو آهيان ۽ آزاد بہ.
مھر: ڪھڙيون صنفون لکيون اٿوَ؟
محمود مغل: پابند صنف ۾ غزل ۽ آزاد نظم بہ لکيا اٿم.
مھر: ڇند وديا جي حوالي سان اوهان جي شاعري آهي يا علم عروض تي؟
محمود مغل: ماترائن تي، يعني ڇند وديا.
مھر: ٻارڙن لاءِ بہ شاعري ڪئي اٿوَ؟
محمود مغل: ٻارڙن لاءِ شاعري نہ ڪئي اٿم، ٻارڙن لاءِ لکڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي. ٻارڙن جي سطح تي لھي اچڻو ٿو پوي ۽ اها سولي ڳالھہ ڪونھي. ماڻھو جيڪي چون ٿا تہ ٻارڙن لاءِ شاعري ٿا ڪريون، اها ٻارڙن لاءِ ڪونھي، اڪبر جسڪاڻي ’گل ڦل‘ جو ايڊيٽر آهي. اهو چوندو آهي تہ، يار توهان وڏا اديب ٿي ويا آهيو، ٻارڙن لاءِ لکڻ واقعي ڏکيو آهي. مان ڪوشش ڪندو آهيان تہ ٻارڙن لاءِ ڪا ڪھاڻي لکان. ان حوالي سان ادل وڏو ڪم ڪيو آهي، ادل کي شابس آهي، اياز گل ٻارڙن لاءِ ڪم ڪيو آهي. ادل جو تمام وڏو ڪم ڪيل آهي ۽ يار شابس آهي ان ماڻھوءَ کي، جيڪو اڃا تائين ان ڪم سان نڀائي پيو.
مھر: جيڪو ڪجهہ ٻارڙن لاءِ لکجي پيو، ان کان توهان مطمئن آهيو؟
محمود مغل: مان مطمئن ناهيان، اسان وٽ گهٽ ڪم ٿيل آهي. هاڻي ڏسو تہ ٻِين ٻِين رپئي يا چَئين چَئين رپئي ٻارڙن لاءِ ٻي ٻوليءَ ۾ ڪتابڙا ۽ چوپڙيون آهن، ڪھاڻين جا يا لطيفن جا ڪتابڙا آهن، پر اسان جي ٻوليءَ ۾ ڪونھن. منھنجي ڀائٽي آهي ننڍڙي، مون کي اخبار آڻي ڏنائين ۽ چيائين تہ، ”چاچا هي ڪتابڙا مون کي گهرجن. اهي مون کي لاهور مان گهرائي ڏيو.“ اُهي ڪتاب هئا ٻِين ٻِين، چَئين چَئين رپئي جا، ٽوٽل ڪيم تہ اهي ڪتاب وي پيءَ ذريعي پنجويھين ڇوهين رپئي جا ٿين پيا تہ مان پريشان ٿي ويس ۽ مان سوچيو تہ اهي ڪتاب اسان وٽ، اها شئي انھن جي کوٽ آهي. اهي لطيفا ۽ ڪھاڻيون ٻار اردوءَ ۾ پڙهن ٿا. مان اها ڳالھہ شمشير صاحب سان بہ ڪئي، تہ چيائين تہ، ”واقعي اها ڳالھہ آهي، ان طرف هاڻي ڌيان ڏيون پيا.“
مھر: مان سمجهان ٿو تہ لکندڙ صرف ٻارڙن کي نصيحتون ڪري ٿو، پر پاڻ ٻارڙن جي سطح تي لھي اچي، شاعري ڪونہ ٿو ڪري ۽ نہ وري پاڻ کي ٻار محسوس ڪرائي ٿو؟
محمود مغل: ها واقعي توهان صحيح ٿا چئو.
مھر: ٻارڙن جي عمر جي لحاظ بنا اسان وٽ شاعري ڪئي ٿي وڃي، يعني اهو طئي نہ ڪيو ويو آهي تہ پنجن سالن واري ٻار لاءِ، ڏهن سالن يا ٻارنھن سالن واري ٻار لاءِ ڪھڙي قسم جي شاعري هئڻ گهرجي. اهو تعين ڪونھي، اوهان جو ڇا خيال آهي؟
محمود مغل: ها بلڪل ائين آهي، توهان صحيح پيا چئو، جيڪو ڪجهہ مون کي چوڻو هو، اهو توهان چئي ڇڏيو.
مھر: زندگيءَ جو ڪو اڻ وسرندڙ واقعو؟
محمود مغل: بس ننڍيون ننڍيون شيون ٿينديون رهيون آهن، باقي اهڙو ڪو خاص واقعو تہ ڪونھي، باقي ها هڪڙي ڳالھہ ياد آئي، هڪ منھنجو دوست هو، ان کي مان پنھنجو دوست چوندو هيس، جنھن جي مانَ ۾ پنھنجو ڪتاب نالي ڪيو آهي، اُهو ۽ اسان گڏ گهمندا هئاسين، اُن ڏينھن مان هن سان گڏجي نہ وڃي سگهيو هوس، هُو وهنجندي ٻڏي فوت ٿي ويو. ان کان پوءِ مان پاڻ ۾ پريشاني محسوس ڪندو آهيان. هو يونيورسٽيءَ ۾ فزڪس جو شاگرد هو ۽ طفيل احمد ڀٽي نالو هيس. جھڙو مان انسان چاهيندو آهيان، هُو اهڙو ئي دوست هو. ان دوست جو مون خال محسوس ڪيو آهي.
مھر: اهڙا ڪي توهان جا دوست آهن، جنھن سان ملي خوشي ٿيندي اٿوَ يا مسلسل ان سان ملندا آهيو؟ جنھن سان توهان اندر جو حال بہ اوريندا هجو؟
محمود مغل: ڪنھن ڏاهي جو قول آهي تہ جيستائين توهان ڪا ڳالھہ پنھنجي پاڻ کان ڪونہ ٿا لڪايو تہ ٻيا توهان جي ڇا لڪائيندا. اندر جي ڳالھہ تہ ڪرڻ ئي بيوقوفي آهي. ان ڪري اندر جي ڳالھہ تہ ڪونہ ٿو چئي سگهان. باقي دوستن جي حوالي سان قادر ڪنڌر آهي. توهان آهيو، هڪ ٻہ ٻيا دوست ادبي سنگت کان ٻاهر جا آهن، امير بخش ڀٽي آهي، امان ڀٽي آهي ڳڙهي ياسين وارو، اهي دوست آهن جن سان ملي خوشي ٿيندي آهي. جيڪي ادب کان ٻاهر آهن تہ انھن سان تہ وري پنھنجي هلت آهي. انھن سان ادب جي موضوع تي ڳالھہ ڪبي آهي تہ چريو چوندا آهن، ادب سان انھن جو ڪو تعلق ئي ڪونھي. ادب جي حوالي سان تہ مھر خادم آهي، قدير انصاري، قادر ڪنڌر ۽ راهي چنا آهن. اهي سڀ دوست آهن، سميع ڪنڌر آهي، نياز نديم آهي.
مھر: اهڙو توهان جو ڪوبہ دوست ڪونھي، جنھن سان روزانو ملندا هجو؟
محمود مغل: نہ اهڙو ٻيو ڪوبہ دوست ڪونھي، روز جي دوست بس گهر واري آهي. جيڪا بھترين دوست آهي. مان سمجهان ٿو تہ جنھن جي زال سٺي آهي تہ، اهو ڪافي مطمئن رهي ٿو.
مھر: ماڻھو جيڪا اندر ۾ پيڙا ڀوڳي ٿو، ان کي ڪجهہ ٻاهر ڪڍڻ سان هلڪائي محسوس ٿئي ٿي؟
محمود مغل: ها اها ڳالھہ آهي. ڪاغذ بہ سٺا دوست آهن. انھن تي لکڻ سان بار هلڪو ٿئي ٿو، واقعي اندر ۾ ايترو نٿو رکي سگهجي.
مھر: ڇا اسان جي سنڌي ڪھاڻين بين الاقوامي معيار تي پوري لھي ٿي؟
محمود مغل: بين الاقوامي معيار جي جيستائين ڳالھہ آهي تہ ادب ۾ ترجمو وڏو ڪردار ادا ڪري ٿو. اسان وٽ ٻين ٻولين جو ادب ترجمو ٿئي ٿو، پر اسان جي سنڌي ڪھاڻي ٻين ٻولين ۾ ترجمو ڪونہ ٿي ٿئي. اسان ٻاهرين ادب کي پڙهون ٿا، پر اسان جي سنڌي ڪھاڻي اوسيتائين ڪونہ ٿي پھچي تہ پوءِ توهان ڀيٽ ڪيئن ڪري سگهندؤ؟ جڏهن توهان ان اسٽيج تي اچو. هاڻي جيئن ڏسو نہ، تہ ڪالم آهي تہ اسان جا سنڌي رائيٽر انگريزيءَ ۾ ڪالم ڪيترا لکن ٿا. صرف امر جليل آهي، جي اين مغل ۽ انور پيرزادو... تہ اهي ٿورڙا ماڻھو انگريزيءَ ۾ لکڻ وارا آهن، جيستائين توهان انگريزي ٻوليءَ ڏانھن توجھہ نہ ڏيندؤ تيستائين توهان بين الاقوامي معيار تي نٿا پھچي سگهو. انگريزي ورلڊ وائيڊ لينگويج آهي. شيخ اياز اسان جو وڏو شاعر آهي، پر شيخ اياز جي ورلڊ ليول تي مڃتا ڪونھي ڪا. شيخ اياز هن مھل صرف برصغير ۾ وڏو شاعر آهي. هن ماڻھوءَ جيترو ڪم ڪيو آهي، اوتري هن جي مڃتا ڪونہ ٿي آهي. توهان اسان چئون ٿا تہ هو عظيم شاعر آهي، پر اسان جي چوڻ سان هو عظيم نٿو ٿي سگهي. عظمت جي لائق تہ هو شروع کان وٺي آهي، هن تمام وڏو ڪم ڪيو آهي، ٻاهران هن کان گهٽ معيار وارا شاعر دنيا ليول تي مشھور آهن. معيار ۽ وڌيڪ ڪم شيخ اياز جو ٿيل آهي. ٽرانسليشن جي کوٽ آهي. ڪھاڻي سگهاري لکجي ٿي، پر ان کي ان معيار تي ڀيٽي نٿا سگهون. ڇاڪاڻ تہ توهان وٽ اهو ماپو ئي ڪونھي.
مھر: ٽئگور جي گيتانجلي جو انگريزي ترجمو بہ ٻين ڪيو، حالانڪ ٽئگور پاڻ بہ انگريزي ڄاڻندو هو، پر جڏهن ان جو معياري ترجمو ٿيو ۽ دنيا وارن پڙهيو تہ ان کي ان ئي ڪتاب تي نوبل انعام سان نوازيو ويو.
محمود مغل: بلڪل، هاڻي جيڪڏهن ٽئگور جو گيتا نجلي بنگاليءَ ۾ ئي هجي ها تہ کيس ايڏي مڃتا ڪونہ ملي ۽ نہ وري کيس نوبل انعام سان نوازيو وڃي ها. نوبل وارن کي بنگاليءَ جي ڪھڙي خبر. هاڻي ڏسو تہ فلمون ٺھن ٿيون، انھن اداڪارن جي ادائگي ۽ معيار ڏسي انھن کي آسڪر ايوارڊ سان نوازيو ويندو آهي. شيخ اياز جو اسڪيل انھن کان تمام مٿانھون آهي.
مھر: هر ٻوليءَ جا پنھنجا احساس آهن، سنڌي هجي توڙي انگريزي تہ هاڻي جيستائين اسان انگريزي ٻوليءَ جي احساسن کي چڱيءَ ريت نہ سمجهنداسين، تيستائين معياري ٻولي لکي بہ نہ سگهنداسين، ان صورت ۾ اسان کي ڇا ڪرڻ گهرجي جو بين الاقوامي معيار تي پھچي سگهون؟
محمود مغل: ادا اها واقعي ڳالھہ آهي تہ اسان وٽ وسيلا محدود آهن، پر حقيقت ۾ اسان محنت بہ ڪونہ ڪئي آهي. اسان منجهان اها ڳالھہ تہ گهڻن ئي ڪئي آهي، پر عمل ڪونہ ڪيو آهي. مثال هاڻي جيڪڏهن منھنجي انگريزي سٺي آهي تہ مون ڪھڙو ڪم ڪيو آهي، ان پاسي اسان لاڙو ئي ڪونہ رکيو آهي. اسان ۾ جڏهن اهو لاڙو پيدا ٿيندو تہ پوءِ ڪجهہ ٿيندو.
مھر: تہ اهو لاڙو ڪيئن پيدا ٿيندو؟
محمود مغل: اسان کي ان پاسي سوچڻ گهرجي ۽ باقاعدي ڪم ڪرڻ گهرجي، جيئن اسان جي ڪجهہ ماڻھن اهڙيون ڪوششون ڪيون آهن. پنھنجون تحريرون ٻين ٻولين ۾ ترجمو ڪيون بہ اٿائون، جيئن شيخ اياز، پنجابيءَ ۾ ترجمو ڪيو، ’جو ٻيجل نَي آکيا‘ يا جيئن ’حلقا ميري زنجير ڪا‘ اردو ٿيو. ان حوالي سان پڙهندڙن جو حلقو وڌيو. اهڙي نموني سان بہ ماڻھو ناپسند وارا، ٻہ ماڻھو پسند وارا پيدا ٿي پيا. اسان جا وڏا ادارا ان طرف ڌيان ڏين، اسان جي وڏن ادارن کي اهڙيون ڪوششون وٺڻ گهرجن، اهو فل فليج ڪم آهي.
مھر: جيئن سنڌي ادبي بورڊ آهي يا اڪيڊمي ادبيات آهي، يعني اهڙن ادارن کي اڳتي اچڻ گهرجي؟
محمود مغل: ها بلڪل اهڙا ادارا اهم ڪم ڪري سگهن ٿا.
مھر: اهي ادارا اڃا تائين اها ضرورت محسوس ڇو نہ ڪري سگهيا آهن؟
محمود مغل: اها ڳالھہ تہ انھن کان پڇڻ گهرجي، واقعي توهان اها وڏي ڳالھہ پڇي آهي. اسان سڀني کي ان طرف ڌيان ڏيڻ گهرجي.
مھر: ٻاهرئين ادب ۽ اسان جي ادب ۾ ڪھڙو فرق آهي يعني اسان جي ادب ۾ ڪھڙي کوٽ آهي؟
محمود مغل: تجربن جي اسان وٽ کوٽ آهي. مون ٻاهرئين ادب جي هڪ ڪھاڻي پڙهي، جيڪا شروع ئي وچ کان ٿي تہ مان ڇرڪجي ويس، اسان وٽ تہ ڪھاڻيءَ جو منڍ، وچ ۽ پڄاڻي آهي ۽ ان طريقي سان ڪھاڻي لکجي پئي. مطلب تہ ٻاهرئين ادب ۾ نوان تجربا ٿين ٿا، ائين بہ آهي تہ اسان جا ليکڪ فل ٽائيم اديب نہ آهن، هر ڪنھن سان معاشي مسئلا آهن، ڪھاڻيءَ جي پيٽرن جي کوٽ آهي. اسان کي ان طرف ڌيان ڏيڻ گهرجي. اسان پڙهون بہ گهٽ ٿا.
مھر: ڪڏهن توهان سان ائين بہ ٿيو آهي تہ توهان جي شئي ڪنھن ٻئي پنھنجي نالي سان ڇپرائي ڇڏي هجي؟
محمود مغل: نہ ائين نہ ٿيو آهي، هڪ دفعي نصير سارنگ ڪنھن جي چوري پڪڙي، اهو بہ نالي وارو اديب آهي، جنھن کي نصير سارنگ ’آئيني ۾‘ ظاهر ڪيو هو. هن اهو جملو چئي ڇڏيو تہ ’بدنام اگر هونگي تو ڪيا نام نہ هوگا‘... خير آ ادب ۾ ائين ٿيندو آهي.
مھر: توهان بہ ڪڏهن ائين ڪيو آهي؟
محمود مغل: نہ مون ڪڏهن بہ نہ ڪيو آهي. مون تہ نصير سارنگ کي بہ چئي ڇڏيو آهي تہ فوٽو اسٽيٽ موڪليانوَ ۽ ڪتاب بہ موڪلڻ لاءِ تيار آهيان. مون ڪڏهن بہ ٻئي جي شئي پنھنجي نالي نہ ڇپائي آهي.
مھر: توهان جو پسنديدہ شاعر؟
محمود مغل: شاعريءَ ۾ ٿورا نالا آهن، منھنجو تعلق موسيقيءَ سان آهي. موسيقيءَ سان ڏاڍو شوق آهي، شاعرن ۾ سڀ کان وڌيڪ وڻندڙ آهي گلزار... انڊيا جو... آرٽ فلم سان بہ تعلق اٿس. اهو تمام وڏو شاعر آهي. ’چاند پکراج ڪا‘ شاعريءَ جو مجموعو اٿس. خيالن کي پيش ڪرڻ جو جيڪو سليقو گلزار کي آهي، اُهو ٻئي ڪنھن وٽ ناهي، هر ڪنھن کي پنھنجي اک سان سگهاري نموني سان ڏسڻ. مون کي هن وٽان هر دفعي نئين شئي ملي آهي ۽ نئون لطف ايندو آهي. شيخ اياز وڏو شاعر آهي، امداد آهي، انھن جي تعريف ڪرڻ ئي اجائي آهي. باقي گلزار مون کي ڏاڍو پسند آهي.
مھر: نئين ٽھيءَ جي شاعرن مان ڪير پسند اٿوَ؟
محمود مغل: نئين ٽھيءَ ۾ جيڪي بہ آهن اُهي ڏاڍو خوبصورت لکن ٿا. اڄ ڪلھہ شاعري تہ ڀريل آهي. دوست ڀرپور ۽ کليل نموني سان لکن ٿا، نوان خيال ڏين ٿا. شاعريءَ ۾ تہ مالا مال آهن. ڪنھن هڪ جو نالو وٺڻ زيادتي ٿيندي. ڪنھن کي خوش ڪرڻ لاءِ ايڪسپرٽ لاءِ اها ڳالھہ نٿو چوان، واقعي سڀ سٺو لکن ٿا. منھنجو سنڌي ادبي سنگت ۽ ريڊيو رڪارڊنگ سان واسطو رهيو تہ مون نوجوانن کي ڏاڍو رڪارڊ ڪيو آهي.
مھر: پسند جو ڪوئي شعر، جيڪو توهان کي ياد هجي؟
محمود مغل: مان ٻڌندو گهڻو آهيان، جيئن هيمنت ڪمار آهي، يسُوداس جو آواز آهي، جن کي پسند ڪندو آهيان، شعر آهي:
اوهين حسن تي پنھنجي، نظرن جا پھرا اڃا تيز ڪريو،
ڪريون پيا اسين عشق جي رهنمائي وڏي ڳالھہ آهي.
نگاهون کڻي داد جي لاءِ، مُرڪڻ جي ڪھڙي ضرورت،
اوهان آهيو سھڻا، اوهان جي اها ئي وڏي ڳالھہ آهي.
شمشير جو شعر آهي، شمشير تمام سٺو شاعر آهي، تنوير آهي ۽ ٻيا ڪافي نالا آهن.
مھر: ڀلا کائڻ پيئڻ ۾ ڪروڌ ڪندا آهيو؟
محمود مغل: نه- مون کي اهڙو ماڻھو سخت ناپسند آهي، جيڪو کاڌي تي ڪروڌ ڪندو هجي. کاڌو آهي ئي کائڻ لاءِ، جيڪڏهن توهان کي ناهي کائڻو تہ ان جي لاءِ آواز نہ ڪريو.
مھر: کاڌي ۾ ڇا پسند ڪندا آهيو؟
محمود مغل: کاڌي پيتي ۾ ناپسند جي خلاف آهيان، بس کير مان ٺھيل شيون نہ کائيندو آهيان، سواءِ چانھہ جي، فروٽ بہ ڪونہ کائيندو آهيان ۽ گوشت کان هاڻي کان ئي پري ٿيندو پيو وڃان. ڀاڄيون کائيندو آهيان، کاڌي ۾ ڪا خاص پسند نہ آهي.
مھر: خوشبو ڪھڙي پسند اٿوَ؟
محمود مغل: خوشبو مون کي ’آرامِس‘ وڻندي آهي ۽ ٻي پيلا گل مون کي پسند هوندا آهن.
مھر: پسند جو گل؟
محمود مغل: رابيل پسند آهي، گلن کي مان پٽيندو ڪونہ آهيان، بس پريان ئي ڏسندو آهيان ۽ مان سنگهندو بہ نہ آهيان.
مھر: رنگ ڪھڙو پسند ڪندا آهيو؟
محمود مغل: گري ڪلر (Grey colour).
مھر: ڀاڄائي انجنيئر آهي؟
محمود مغل: آرڪيٽيڪٽ
مھر: مون سامھون ڏٺو تہ ڊاڪٽر ۽ انجنيئر لکيل آهي. ان جي ڪري ڳالھہ صاف ٿيڻ کپي؟
محمود مغل: ها بلڪل، آرڪيٽيڪچر، انجنيئرنگ جو شعبو آهي.
مھر: ڀاڀي سروس ڪندي آهي؟
محمود مغل: نہ اڃان نہ ملي اٿس.
مھر: ان لاءِ ڪوشش ڪريو پيا؟
محمود مغل: ﷲ مالڪ آهي، ڏسون ڇا ٿو ٿئي.
مھر: توهان جي ڪليڪشن، اٿڻ ويھڻ مان مون محسوس ڪيو آهي تہ ٽائيم ٽيبل سان ئي هلو پيا؟
محمود مغل: بس ٽائيم آهي تہ سڀ ڪجهہ آهي. لائيف ۾ ڊسيپلين هئڻ گهرجي، ڊسيپلين ناهي تہ پوءِ جانورن ۽ توهان ۾ ڪھڙو فرق رهيو. ڊسيپلين سان آساني ٿئي ٿي. مثال جي ڳالھہ مان آهيان، تہ مان ٽيليويزن کي بہ ٽائيم ڏيندو آهيان، ريڊيو کي بہ ڏيندو آهيان، پنھنجي گهر ۽ آفيس کي بہ ٽائيم ڏيندو آهيان، استاد آهيان، ليڪچر... پڙهائيندو آهيان. ٽيليويزن لاءِ لکندو آهيان، ريڊيو لاءِ ڪھاڻيون، ڊراما، ناول، ڪالم هاڻي انھن سڀني لاءِ مون کي ٽائيم کپي. هاڻي جيستائين ٽايم جي ورڇ نہ ڪبي تيستائين انھن سان نڀائڻ ڏکيو ٿيندو. دوست آهن، انھن کي ٽائيم ڏيڻو ٿو پوي. جيڪڏهن ٽائيم جي صحيح ورڇ نہ آهي تہ پوءِ ڪمَ اڌوگابرا ٿا ٿين. اسان جو هڪڙو استاد ورزش جو ڪوچ هوندو هو، ان اسان کي ڊسپيلين ۾ رهڻ سيکاريو. ان جو اثر ڪافي رهيو.
مھر: ٻڌو آهي تہ محمود مغل ڪرڪيٽ بہ ڏاڍي کيڏندو هيو؟
محمود مغل: ها ڪرڪيٽ سان ڏاڍي دلچسپي رهي آهي، ڏاڍي کيڏندو هيس.
مھر: اڃا اهو شوق اٿوَ؟
محمود مغل: نه- هاڻي صرف ڏسندو آهيان، ڏسڻ جي حد تائين شوق آهي ۽ هاڻي تہ پوڙها بہ ٿي ويا آهيون.
مھر: موسيقي ڪھڙي پسند ڪندا آهيو؟
محمود مغل: موسيقيءَ ۾ ڪلاسيڪل، نيم ڪلاسيڪل، پاپ ميوزڪ آهي. مون وٽ موسيقيءَ جي سٺي ڪليڪشن آهي. جيئن بسم ﷲ خان آهي، شھنائي نواز، روي شنڪر ستار نواز، استاد منظور علي خان ۽ ذاڪر حسين خان آهي.. عدنان سميع خان، هيمنت ڪمار، يسُوداس، اهي عجيب آواز آهن. توهان ٻڌندؤ تہ محسوس ڪندؤ تہ واقعي اهي ڪي آواز آهن. پاپ کان ميوزڪ تائين ٻڌندو آهيان. تازو سارڪ جو پروگرام هليو هو، ان جي بہ رڪارڊنگ ڪئي هيم. مون وٽ رڪارڊنگ جو بہ سسٽم آهي. مون وٽ آڊيو ۽ وڊيو سٺي ڪليڪشن آهي.
مھر: توهان کي اندازو آهي تہ اهي توهان جون آڊيو ڪيسٽس ڪيتريون ٿينديون؟
محمود مغل: مون کي اندازو آهي تقريباً نوَ سو (900) ڪيسٽس آهن. مون کي آڊيو ڪيسٽس جي ڪليڪشن ڪرڻ ۾مزو ايندو آهي.
مھر: سنڌي موسيقيءَ جي حوالي سان ڪنھن کي وڌيڪ پسند ڪندا آهيو؟
محمود مغل: استاد منظور علي خان آهي، برڪت علي سٺو ٿو ڳائي، مون کي وڌيڪ ڦوٽو زرداري وڻندو آهي. نڪ مان ڳائيندو آهي. فقير جن جو نڪ وارو خاندان وڌيڪ پسند ڪندو آهيان. انھن جو آواز اداس اداس هوندو آهي.
مھر: يعني اداس آواز کي وڌيڪ پسند ڪندا آهيو؟
محمود مغل: ها، آواز ۾ اداسي پاڻ ڏانھن متوجھہ ڪندي آهي. جيستائين توهان ڀڄو نٿا، ڀُرو نٿا، تيستائين تخليق نٿا ڏئي سگهو. جيڪڏهن تخليق ايڏي سوَلي هجي ها تہ ﷲ سائين عورت کي نوَ ڏھہ مھينا تڪليف ڪونہ ڏئي ها. ان لاءِ پيڙا ڀوڳڻي ٿي پوي. ماڻھو لُڇي ٿو، جيڪڏهن توهان ٺيڪ ٺاڪ موڊ ۾ وڃي لکو ٿا تہ اها سٺي تخليق ڪونہ هوندي، پر توهان پيڙا ڀوڳي جڏهن لکو ٿا، تڏهن ئي اها ڊائريڪٽ اثر ڪري ٿي. اسان جي نبي ڪريم صہ سائين جن جو بہ فرمان آهي تہ: ”توهان جيڪو پاڻ نہ ٿا ڪريو، ٻئي کي بہ ان لاءِ نہ چئو.“
مھر: توهان جڏهن رنجيدہ يا سيريس موڊ ۾ هوندا آهيو تہ پوءِ ڇا ڪندا آهيو؟
محمود مغل: مان سيريس مُوڊ وقت بسم ﷲ خان جي شرناءِ ٻڌندو آهيان، يا يسُوداس کي ٻڌندو آهيان ۽ جيڪڏهن اڃا بہ ٻاهران کان ڪا ڳالھہ هوندي آهي تہ مان پنھنجو پاڻ کي وقت ڏيڻ چاهيندو آهيان تہ مون سان ڪو ڳالھائي نہ. ماڻھو ڀلي هجن، پر مون سان ڪو ڳالھائڻ وارو نہ هجي.

]ڇپيل: ماهوار ’پارس‘، جلد 12، شمارو:4، 1994ع[

ڊاڪٽر محمود مغل سان ملون ٿا (ينگ جنريشن پينل)

ينگ جنريشن پينل : حفيظ ﷲ شيخ، مير مرڪ واڍو، لي ايلاف جمالي ۽ علي عمران سمون


ڪائنات جو سفر هزارن سالن کان بھتر کان بھتر جي تلاش ۾ روان دوان آهي، ڪائنات جو جوهر زندگي آهي ۽ زندگيءَ جو جوهر سونھن، سچ ۽ سوڀيا آهي. اشرف المخلوقات يعني حضرت انسان سونھن سچ ۽ سوڀيا جو امين آهي. هزارين سالن جي عمر رکندڙ سدا بھار ڪائنات اڳيان هڪ انسان جي عمر رڳو اک ڇنڀ يا کن پل جيتري مس آهي ۽ ان کن پل کي ڪا معنيٰ نہ آهي، پر هڪ تخليقڪار ان کن پل جي زندگيءَ کي بہ پنھنجي آس پاس ۽ ايندڙ وقت جي انسانن لاءِ هڪ مثال بڻائي ٿو وٺي ۽ سندس تخليق ڳاٽ اوچو ڪري سندس هئڻ جو ثبوت مھيا ڪري ٿي. تخليقڪار چشمِ ديد رکندڙ آهي، هو پنھنجي تخليق ۽ حساس اک سان ماضي، حال ۽ مستقبل کي ڏسي پنھنجي تخليق کي اڃا وڌيڪ سگهارو بنائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. ان ڪري تخليقڪار ان وقت بيشڪ لازوال ٿي وڃي ٿو.
سنڌ، هر دور ۾ سدابھار شخصن ۽ امر تخليقڪارن کي جنم ڏنو آهي ۽ اهڙي طرح ئي سنڌ ڌرتيءَ پنھنجي روايت کي قائم رکندي هڪ سدابھار ۽ مھان شخصيت يعني محمود مغل کي پڻ جنم ڏنو. جيڪو يقينن اسان سڀني لاءِ باعث فخر آهي، محمود مغل سان ملڻ کان پوءِ هر ماڻھو اهو ئي تاثر ڏيندو آهي تہ واقعي هيءَ دنيا اهڙن چند ماڻھن جي ڪري ئي هلي رهي آهي.
محترم محمود مغل جنھن جو اصل نالو محمودالحسن مغل ولد ميان نُور محمد مغل آهي، تنھن 27 نومبر 1961ع تي قلندر شھباز جي نگري سيوهڻ شريف ۾ پنھنجون اکيون کوليون. سندن والد صاحب جن حڪيم ۽ ڪورٽ ۾ بيلف هئا. سندن خوش قسمتيءَ سان سڄي فئملي لکيل پڙهيل هئي. 1965ع ۾ جڏهن مغل صاحب جي وڏي ڀاءُ کي ڄامشوري ۾ نوڪري ملي تہ سندن فئملي ڄامشوري شفٽ ٿي وئي. سندس تعليمي سفر جو آغاز گورنمينٽ ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد مان ٿيو. اتان پرائمري پنج درجا پاس ڪرڻ کان پوءِ ڇھين کان انٽر تائين ماڊل اسڪول حيدرآباد ۾ پڙهيو. سندس محنت ۽ گهر وارن جي دعائن سبب چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ سليڪشن ٿي، پر پوءِ لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄامشوري مائگريشن ڪرائي اُتان 1988ع ۾ ايم. بي. بي. ايس جي ڊگري حاصل ڪيائين. هن خيرپور ناٿن شاھہ، ٽنڊوالھيار، مٽياري ۽ ٻين هنڌن تي ميڊيڪل آفيسر جي حيثيت سان فرض سرانجام ڏنا ۽ ان کان علاوہ مغل صاحب ايل ايم سي ۾ ايناٽومي ۾ ڊمانسٽريٽر جي حيثيت سان پڻ ڪم ڪيو، پر اُتي گهڻو عرصو گذاري نہ سگهيا ۽ آخر هيلٿ ڊپارٽمينٽ تان استعيفا ڏنائون، ڇاڪاڻ تہ پنھنجي بااصول فطرت جي ڪري، رشوت، سفارش وغيرہ جھڙي ڪرپشن جو حصو بڻجڻ بجاءِ ان فيلڊ کي ڇڏي ڏيڻ ئي مناسب سمجهيائون. ان وقت کان هيل تائين مغل صاحب سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري جي فارميسي ڊپارٽمينٽ ۾ ليڪچرار جي حيثيت سان خوشي خوشي پنھنجو فرض نڀائيندو پيو اچي. پاڻ پنھنجي انھيءَ ڪم مان خوش آهن، ڇاڪاڻ تہ هتي اهڙين ڳالھين کان پري آهن، جيڪي کين ناپسند آهن.
صلاحيت، پنھنجو پاڻ مڃائي وٺندي آهي ۽ صلاحيت پنھنجا رستا پاڻ ئي تلاش ڪري وٺندي آهي، باوجود ان جي جو شروعاتي دؤر ۾ انسان کي پنھنجي بہ خبر نہ هوندي آهي تہ قدرت کيس ڪھڙين ڪھڙين صلاحيتن سان نوازيو آهي. پنھنجين صلاحيتن کان اڻ ڄاڻ محمودالحسن هڪڙي ٽرانسليشن 1975ع ۾ ڪئي، جيڪا ان وقت ’گل ڦل‘ ۾ شايع ٿي ۽ ان کان پوءِ سندس تخليقي سفر ۽ صلاحيتن پنھنجا رستا ۽ گس ڳولي ورتا ۽ هُو، محمودالحسن مان ڦري ’محمود مغل‘ جي نالي سان ادب، ريڊيو ۽ ٽي ويءَ تي نروار ٿيو.
زندگيءَ جي مختلف روپن جھڙوڪ پروفيشن، تخليقي ميدان ۽ روَيَن ۾ ڊسيپلين پسند ڪندڙ سلڇڻو، سلجهيل ۽ پيارو انسان ان ڄامشوري جي تيز هوائن ۾ زندگيءَ جي ڏينھن کي پنھنجي وني ۽ ننڍڙي ڌيءَ ڪشف سان گذاريندي ۽ ڪائنات جي ڪتاب جو اڀياس ڪندي مطمئن آهي، جنھن ڄامشوري جي لھندڙ شام، بنگالي شاعر ٽئگور کي موهي وڌو هو ۽ هن چئي ڏنو هو:
”سڄي دنيا جي سج لھڻ جي منظرن کان وڌيڪ حسين آهي ڄامشوري جي سج لھڻ جو منظر.“
مانوارا پڙهندڙ ساٿيو، هاڻي اچو تہ مغل صاحب کان سوالن ۽ جوابن جو سلسلو شروع ڪريون.

ينگ پينل: ادبي دنيا ۾ ڪڏهن ۽ ڪيئن پير پاتو ۽ اهو ڪھڙو جذبو هو، جنھن لکڻ لاءِ مجبور ڪيو؟
مغل صاحب: جذبي جي ڳالھہ تہ نالي جو شوق هو، ٻين جا نالا ايندا هئا تہ دل چاهيو تہ منھنجو نالو بہ ڪتابن ۽ رسالن ۾ ڇو نہ اچي، 1975ع ۾ لکڻ شروع ڪيم، تہ اهو ڪونہ ٿو چئي سگهجي تہ ننڍي هوندي کان ئي شوق هو، گهر ۾ ادبي ماحول هو ۽ مئگزين وغيرہ گهڻا ايندا هئا، شيون تہ گهڻيون پڙهيون، پوءِ هڪ ڏينھن ائين فالو اپ ۾ ترجمو ڪري وڌم، اهو موڪليم تہ ڇپجي ويو ۽ پوءِ پنھنجو نالو ڏسي ڏاڍو خوش ٿيس.
ينگ پينل: پنھنجون لکڻيون محمودالحسن جي نالي سان ڇپائيندا هئا يا محمود مغل جي نالي سان؟
مغل صاحب: پھرين منھنجو جيڪو ترجمو ڇپيو هو، سو محمودالحسن جي نالي سان ڇپيو هو، اردوءَ مان سنڌيءَ ۾ ڪيو هيم ۽ شايد 1975ع جي ’گل ڦل‘ ۾ شايع ٿيو هو، منھنجي خيال ۾ ان وقت شوڪت حسين شورو صاحب، سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري هو ۽ گڏوگڏ ’گل ڦل‘ جو انچارج پڻ هو.
ينگ پينل: اڄ ڪلھہ جيڪو سنڌي ادب سرجي پيو، سو توهان جي خيال ۾ وقت ۽ حالتن جي تقاضائن تي پورو لھي رهيو آهي؟
مغل صاحب: اسان جي زبان جي وڏي ۾ وڏي ٽرئجڊي اها آهي تہ اسان جو ماڻھو گِلا ڪرڻ ۾ هوشيار آهي، دنيا جي ڪنھن بہ قوم ۾ توهان ڪڏهن بہ ڪونہ ڏٺو هوندو تہ ٻہ ماڻھو گڏجن ۽ ڪنھن جي گلا ڪن ۽ اسان پھرين ڪم اهو ڪنداسين، بظاهر اسان پنھنجي ادب مان مطمئن ناهيون، حالانڪہ ائين ڪونھي، مان زندگيءَ ۾ هميشہ شين جو قائل رهيو آهيان ماڻھن جو نہ، امداد کان وٺي محمود مغل تائين ۽ محمود مغل کان ويندي نياز پنھور تائين ضروري ناهي تہ هر ڪا شئي ٽاپ تي هجي، امداد بہ خراب لکي سگهي ٿو ۽ نياز پنھور بہ سٺو لکي سگهي ٿو. ائين ٿيندو رهندو آهي، مان سمجهان ٿو تہ نثر نگاري ۽ شاعري خراب ڪونھن، باقي هر سينيئر ماڻھو، جونيئر مان عيب ڪڍندو آهي تہ اسان وٽ هيئن هو ۽ اوهان وٽ ائين ڪونھي. مان سمجهان ٿو تہ بلڪل ڪونھي، هر ماڻھو پنھنجي دؤر مطابق ۽ وس آهر ڪوشش ڪري ٿو، هُونءَ اسان وٽ ادب ماڻھو کي ڏئي ڇا ٿو؟ توهان هڪڙي ڪھاڻي لکو، سڀاڻي توهان کي ايترا پئسا بہ ڪونہ ملندا جو گهر جو سامان وٺي اچو. اهي سڀ توهان جا شوق آهن، هاڻي اڃا ريڊيو ۽ ٽي ويءَ تان ڪجهہ ملي ٿو، باقي جيڪو اديب ميڊيا کان پري آهي، سو ڪجهہ بہ ڪونہ ٿو ڪمائي ۽ هو جيڪو ڪجهہ ڪري ٿو، پنھنجي شوق لاءِ ڪري ٿو. مان نٿو سمجهان تہ ڪو ماڻھو پنھنجي شوق سان ويساھہ گهاتي ڪري.... ممڪن ڪونھي.
ينگ پينل: وڏن اديبن کي ڇڏي ڪري ننڍن اديبن يا نئين ٽھيءَ جو ادبي پورهيو اوهان جي نظر ۾؟
مغل صاحب: لکڻ وارو وڏو يا ننڍو نہ هوندو آهي، اسان جو هڪڙو پيراميٽر آهي، جو اسان چوندا آهيون تہ هي ماڻھو وڏو يا ننڍو آهي، ننڍيون يا وڏيون شيون ٿي سگهن ٿيون، باقي ماڻھو نہ.
ينگ پينل: ائين کڻي چئجي تہ ننڍو ماڻھو وڏي شئي لکي سگهي ٿو؟
مغل صاحب: مون پھرين جيئن چيو تہ امداد ۽ نياز جي پاڻ ۾ ڀيٽ ڪريو يا ٻئي ڪنھن جي ڪريو تہ توهان مون کان سٺو لکي سگهو ٿا، اهو ڪنھن جو ٺيڪو ڪونھي کنيل تہ مان ئي سٺو لکندو آهيان.
ينگ پينل: ادب جي ڪھڙي حصي کان لکڻ جي شروعات ڪئي؟
مغل صاحب: مون ترجمي سان شروعات ڪئي، ترجمو منھنجو شوق رهيو آهي، منھنجي پنھنجي هڪڙي فيلنگ آهي، تہ منھنجي سوشل لائيف تہ صفا ڪانھي، جيڪو مون کي ٽائيم ملي ٿو، سو لکڻ پڙهڻ جي حوالي ٿئي ٿو، ڪوشش هوندي آهي تہ منھنجي پنھنجي ڪريئيشن ٿئي، پر نٿو ٿئي، تہ پوءِ مان ترجمي واري پاسي ڌيان ڏيندو آهيان، جيئن پنھنجو وقت ضايع نہ ٿئي، ترجمي کان پوءِ مون ڪھاڻيون، ناول، ٽي وي ۽ ريڊيو جا ڊراما، موسيقيءَ تي مضمون ۽ ڪالم لکيا.
ينگ پينل: توهان هينئر چيو، تہ توهان جي سوشل لائيف ڪانھي، تہ توهان کي ان ڳالھہ جي ڪمي محسوس ٿئي ٿي؟
مغل صاحب: نہ نہ، مون کي نٿي ٿئي، هڪڙو سٺو قول آهي، تہ مان ڌرتيءَ تي پنھنجي سگنيچر ڇڏڻ چاهيان ٿو، تہ مان چاهيان ٿو تہ ڌرتيءَ تي منھنجي صحيح هجي، باقي مان تہ هونئن ئي ڪونہ هوندس.
ينگ پينل: ادب جي مختلف حصن مان توهان جي خيال ۾ توهان وڌيڪ سٺو ڇا ٿا لکي سگهو، ڪھاڻيون، ڊراما، ناول يا ڪالم؟
مغل صاحب: ڊرامو ٽيڪنيڪل آهي، ڊرامي جي ٽيڪنيڪ جنھن کي اچي وڃي ضروري ناهي سو وڏو ڪھاڻيڪار بہ هجي. ان ڳالھہ تي ڀلي منھنجا دوست مائنڊ ڪن، پر جيڪي بہ وڏا وڏا ڊراما نگار آهن، ضروري ناهي تہ سٺا ڪھاڻيڪار بہ هجن. انھن کي ڊرامي جو فن اچي ٿو ۽ ڪھاڻيءَ جي فن کي ڊرامي ۾ استعمال ڪرڻ اچي ٿو. ڪھاڻيڪار اصل ۾ وڏي ڳالھہ آهي، جيڪڏهن ڪو ڪھاڻيڪار ڪھاڻيءَ جي بيسڪ رکي ٿو، پوءِ ڀلي اهو وڏو ڊراما نگار نہ هجي، ڪھاڻي لکڻ وڏي ڳالھہ آهي، مان سمجهندو آهيان تہ جڏهن مان ڪھاڻي لکندو آهيان تہ پنھنجي پاڻ کي وڌيڪ مطمئن سمجهندو آهيان، مان بيسيڪلي چاهيان ٿو تہ مان ڪھاڻيڪار هجان.
ينگ پينل: ڇا ڊرامو لکڻ وڌيڪ سوَلو آهي، بنسبت ڪھاڻيءَ جي؟
مغل صاحب: سوَلي تہ ڪابہ شئي ڪونھي، مثال طور جڏهن ٽي ويءَ لاءِ ڪا شئي لکجي ٿي تہ ان کي اربين ماڻھو ڏسن ٿا، هڪ هڪ ماڻھو اسڪرين تي ويھي هڪڙي معمولي غلطي پڪڙي تہ بہ اربين غلطيون نڪري اينديون، تہ مون کي ٻوٽي ٻوٽي ڪري کائي وڃن، ٽيليويزن ناٽڪ اڄڪلھہ ڏاڍو ڏکيو ٿي ويو آهي، باقي منھنجو ذاتي شوق ڪھاڻيءَ طرف آهي.
ينگ پينل: توهان پھرين ٽرانسليشن جي ڳالھہ ڪئي تہ اَيز اَي سنڌي رائيٽر ڇا توهان سمجهو ٿا تہ ماضي يا حال ۾ اهڙي ڪا سنڌي تخليق ٿي آ، جيڪا ٻين ٻولين ۾ ٽرانسليٽ ٿيڻ گهرجي يا توهان ڪو ارادو رکو ٿا؟
مغل صاحب: ڏسو اسان وٽ جيڪو سڀ کان وڌيڪ اهم ڪم ڪيو ويو آهي، سو شاعريءَ ۾ شيخ اياز ڪيو آهي، دنيا ۾ جيڪي بہ نوبيل لاءِ نامينيشنز ٿينديون آهن، تن لاءِ شرط اهو آهي تہ اهي ترجمو ٿي اُتي پھچنديون آهن، مان سمجهان ٿو اياز صاحب کي ان ڪري نہ مليو ۽ ملڻ کپي، ڇو تہ هُو وڏو شاعر آهي، پر ان کي ان ڪري نہ مليو آهي، جو هن جو ترجمو ٻاهر نہ ويو آهي. اسان وٽ ترجمو ان ڪري ڪونہ ٿو ٿئي جو اسان جي ٻولي ڏاڍي ڪمزور آهي، انھيءَ ۾ ناراضگيءَ جي ڪابہ ڳالھہ ڪانھي تہ اسان جي سنڌي ليکڪن جي انگريزي ڪمزور آهي تہ هُو سٺي ٽرانسليشن نٿو ڪري، جيڪا ڪرڻ گهرجي، اسان سنڌي ادب ۾ ٻن شين ۾ ڏاڍا وانجهيل ۽ خالي آهيون، هڪ ترجمو ۽ ٻِي تنقيد. اسان وٽ هن دؤر ۾ بلڪہ ماضيءَ جي ڪافي حصي ۾ ڪو سٺو نقاد ڪونہ رهيو آهي، هتي هر ڪو ماڻھو بادشاھہ آهي، مثلاً مان لکان پيو تہ مون تي ڪو چيڪ ائنڊ بيلينس ڪونھي، منھنجي مرضي آهي مان لکان پيو، ڪو ماڻھو مون کي اهو چوڻ لاءِ ڪونھي تہ تو ايڏي سٺي يا خراب شئي لکي آهي، جيڪڏهن توهان نئين ۽ پراڻي ادب جي ڀيٽ ڪندا تہ توهان کي پراڻو ادب سگهارو ڇو لڳندو آهي، ڇاڪاڻ تہ پيراميٽرز هوندا هئا، ماڻھو ان کي گهاڙيٽي ۾ ڏسندا هئا، لمٽس ڏيندا هئا ۽ هاڻي لمٽس ڪونھن.
ينگ پينل: اسان وٽ سنڌي نقادن جي کوٽ آهي، ان جو ڪھڙو ڪارڻ آهي، اسان ۾ سھپ جو مادو گهٽ آهي يا ٻيو ڪو سبب ٿي سگهي ٿو؟
مغل صاحب: اسان پڙهون ڪونہ ٿا، پڙهڻ جي مقابلي ۾ اسان ٻہ شيون لکي ڇڏينداسين، اسان جو نالو ڇپجي، باقي اسان پڙهنداسين ڪونہ. مان هڪ مثال ڏيان تہ مون کي هڪ تمام وڏو اديب مليو، مون تي امپريشن وجهڻ لاءِ چيائين يار مون تنھنجو فلاڻو ڪتاب پڙهيو، مون کي ڏاڍو وڻيو، چيومانس: منھنجو اهو ڪتاب ڪونھي، چيائين تنھنجو دماغ خراب آهي ڇا. چيم مون ڪونہ لکيو آهي، چيائين تو لکيو آهي، منھنجي گهر ۾ ڪاپي پئي آهي، ان تي تنھنجو نالو لکيل آهي ۽ هاڻي جڏهن مون تي اهڙا اثر پوَن تہ پوءِ مان ڇا ڪندس.
ينگ پينل: اڄڪلھہ سنڌي ناول نہ لکجڻ جا ڪھڙا ڪارڻ آهن؟
مغل صاحب: ناول ٽائيم ڪنزيُومِنگ آهي، دنيا جا جيڪي بہ وڏا ناولسٽ آهن، انھن کي ايترو ملي ٿو، جو هُو ٻيو ڪوبہ ڪم ڪونہ ٿا ڪن، هُو رڳو سوچيندا آهن، سوچيندي سوچيندي ٽائپنگ ڪندا آهن ۽ پنھنجو مسودو مڪمل ڪندا آهن، سنڌي اديب اهو اڪيلو اديب آهي، جنھن وٽ کائڻ لاءِ نہ هوندو آهي ۽ هُو ڪھاڻي لکندو آهي، ٻئي هنڌان وڃي ڪمائيندو، باقي ادب هن کي ڪجهہ نہ ڏيندو، جيڪو اديب معاشي طور مستحڪم نہ هجي، سو ناول نٿو لکي سگهي. ناول جو ڪئنواس وڏو هوندو آهي، ناول هڪڙي سِٽنگ ۾ ممڪن ڪونھي، ناول هڪڙي مند آهي، موسم ۽ ڪيفيت آهي جنھن ۾ توهان لکو ٿا. انھيءَ جو هڪڙو تہ ڪئنواس سمجهڻ ڏکيو آهي، ٻيا جيڪي اسان جا معاشي مسئلا آهن، اهي اهڙا ڪونھن جو اسان ناول طرف ڌيان ڏيون ۽ جن ماڻھن ناول تي ڪم ڪيو آهي، تن کي واپسي ڪجهہ بہ نہ ملي آهي.
ينگ پينل: اسان جي اديب کي ادب هيلپ نٿو ڪري تہ اسان کي ان پاسي کي ڪَوَر ڪرڻ لاءِ ڇا ڪرڻ کپي ۽ ڇا ٿيڻ گهرجي، جو اديب کي payment ٿئي؟
مغل صاحب: اسان جو هر پبلشر جيڪو ڪتابَ ڇپيندو آهي، اهو چوندو آهي تہ منھنجو ان ڪتاب ۾ نقصان آهي ۽ مان سنڌي ادب جي ڪري نقصان کاوان پيو، پبلشر هڪڙو ڪاروباري ماڻھو آهي. اهو سيڙپ ڪري ٿو، مون کي دنيا جو ڪوبہ ايڏو نادان ماڻھو، احمق سمجهہ ۾ ڪونہ ٿو اچي، جيڪو اهو بزنس ڪندو رهي، جنھن ۾ کيس نقصان ٿئي. مان نٿو مڃان، هاڻي هُو نقصان وارو بھانو ٺاهي پئسا ڏيڻ کان انڪار ڪري ٿو. جنھن جي سڄي ڪريئيشن آهي، ان کي ڪجهہ بہ ڪونہ ٿو ملي ۽ جيڪو ماڻھو وچان ٻہ سرخيون ۽ ٻہ رنگ هڻي هڪڙو جهنڊو ٺاهي پيش ڪري ٿو، اهو ماڻھو پنھنجو نفعو ڪمائي ٿو، اسان وٽ پبلشرن جا گهر آهن ۽ گاڏيون آهن، مان وڏن ليکڪن جي ڳالھہ نٿو ڪيان، باقي ڪو هڪڙو غريب ليکڪ ٻڌايو، جنھن ادب مان پنھنجي ڪار ورتي هجي يا ڪو اسڪوٽر ورتو هجي، توهان کي سنڌي اديب وڪاميل لڳي ٿو، ڇاڪاڻ تہ هُو هاڻي اچي بيھي ٿو تہ payment ڪريو، اسان کي ڏيو، سڄي جڳ جھان کي ڏيو ٿا ۽ اسان کي ڇو نٿا ڏيو؟ ڀلي توهان 50 روپيہ ڪالم جا ڏيو ڪا ڳالھہ ناهي، پر توهان ان کي ڪجهہ موٽ تہ ڏيو.
ينگ پينل: چيو وڃي ٿو تہ هن وقت معياري سنڌي ڪھاڻي نٿي لکي وڃي، ان باري ۾ توهان ڇا چوندا؟
مغل صاحب: اسان وٽ معيار ڪھڙو آهي؟ اسان وٽ مسئلو اهو آهي تہ هي محمود مغل جي ڪھاڻي آهي، محمود مغل جيڪو توهان کي پسند ناهي تہ ان جي ڪھاڻي ٿرڊ ڪلاس آهي، جڏهن تہ مير مرڪ واڍو نمبر ون رائيٽر آهي، ڇاڪاڻ تہ توهان کي پسند آهي، ان ڪري سندس هر لکيل شئي Best آهي. توهان وٽ شئي ڪونہ ٿي ڏٺي وڃي، ماڻھو ڏٺو وڃي ٿو، انھي ڪري توهان جو گراف ڪري پوي ٿو، توهان جا جيڪي حواري آهن ۽ توهان سان گڏ هلن ٿا، مان اها ڳالھہ پھرين بہ چوندو آهيان تہ مان ڪنھن ڌڙي جو ڪونہ آهيان، تنھنڪري ڊڄان ڪونہ ٿو، مان نُورالھديٰ جو آهيان يا طارق عالم جو، مون کي ڪا خبر ڪانھي ڪا، پر جيڪي ماڻھو پوري لڏي جا آهن، خبر آهي تہ هو ڪٿي پھتل آهن، متان ڪو سمجهي تہ مون کي ڪنھن سان شڪايت آهي، نہ مون کي ڪا شڪايت ڪانھي، مان پنھنجي نئڪ ڊائُون ڪم ڪرڻ وارو ماڻھو آهيان، مان صرف اهو سمجهان ٿو تہ منھنجي ڪري، منھنجي پويان جيڪي ماڻھو اچن پيا، اهي لوڙِين ٿا پيا، ڪھاڻي لکي وڃي ٿي، ڪھاڻي ۾ پاور آهي، توهان پڙهو نہ؟ توهان پڙهو، ڇو ڪونہ ٿا پڙهو؟ اسان ڪھاڻيون لکون ٿا، اوهان پڙهو، بلڪل تنقيد ڪريو، باقي صرف اهو تہ هيءَ فلاڻي ماڻھو جي شيءَ آهي، غير معياري آهي، اڇلائي ڇڏيو، اهو گناھہ آهي ۽ ظلم آهي، مان تہ شيون پڙهندو آهيان تہ مون کي پريشاني ٿيندي آهي، مظھر لغاريءَ جو هڪڙو ڪالم هو، مون ان کي الائجي ڪيترا ڀيرا ڳولھي فون ڪيو تہ يار تو هي ڇا لکيو آهي تہ هو پريشان ٿي ويو.... چئي تہ مون کي فيڊ بيڪ ملندو، مون کي تہ اعتبار ڪونہ هو، توهان سٺي شيءَ لکو، مان توهان کي گهر تي اچي مبارڪ ڏيندس. توهان ڪيئن ٿا چئو تہ غير معياري ڪھاڻي آهي؟ ڇا معيار ختم ٿي ويو ۽ هي سڀ ماڻھو ڀڳڙا پيا وڪڻن؟ توهان معيار جي باري ۾ فيصلو ڪري ئي نٿا سگهو، ڇاڪاڻ تہ اوهان وٽ نقاد ڪونھي. توهان وٽ پيراميٽر ڪونھي تہ تور ڪيئن ٿا ڪيو...؟ معيار جي پرک ڪيئن ٿا ڪيو.
ينگ پينل: ڇا ريڊيو ۽ ٽي ويءَ تي بہ شئي ماڻھوءَ کي ڏسي هلائي وڃي ٿي؟
مغل صاحب: ميڊيا ۾ هڪڙو ڀيرو پُش اپ هوندو آهي، انھي کان پوءِ ٽئلينٽ ڪم ايندو آهي، جيڪڏهن توهان وٽ ٽئلينٽ ناهي تہ توهان ڄمي نہ سگهندؤ، بيھي نہ سگهندؤ ۽ توهان هٽي ويندؤ.
ينگ پينل: لکڻ وقت اوهان جي ڪيفيت ڪھڙي هوندي آهي؟
مغل صاحب: هونءَ تہ نارمل هوندي آهي پر پروفيشنل لکڻ جھڙوڪ: ٽي ويءَ جو ڊرامو لکڻ آهي، ان جي جيڪا اُڻت آهي، اها ڏھہ ٻارهن ڪلاڪ وٺندي آهي ۽ اها هڪڙي سِٽنگ وٺندي آهي، جنھن ۾ تيرهن قسطن جو خاڪو لکيو ويندو آهي. اها بہ ائين ئي هوندي آهي جيئن ڪھاڻي لکبي آهي.
ينگ پينل: ضروري آهي تہ هڪڙي سٽنگ ۾ لکجي؟
مغل صاحب: ها، ڇاڪاڻ تہ پوءِ ڊرامي ۾ ردم نہ هوندو ۽ توهان هڪڙي شئي ۽ وزن محسوس ڪريو. مان سمجهندو آهيان تہ منھنجي سٽنگ ۾ سٺ، ستر ۽ اسي پيج تہ آرام سان نڪري ويندا آهن.
ينگ پينل: مسلسل ڪيتري وقت تائين لکي سگهو ٿا؟
مغل صاحب: ٻارهن، چوڏهن ۽ سورهن ڪلاڪ، وچ ۾ رڳو ماني کائيندو آهيان ۽ نماز پڙهندو آهيان.
ينگ پينل: اوهان ناول هٿ ريکائن کان خالي هڪ رات ۾ لکي پورو ڪيو هو تہ اهو هڪ رات ۾ ڪيئن لکيو؟
مغل صاحب: بس اها ڪيفيت اهڙي هئي جو لکجي ويو، ان ناول جي وڏي ڳالھہ اها آهي تہ ان ۾ هڪڙو فِلو آهي، صرف انھيءَ ڪري جو سٽنگ هڪڙيءَ ۾ لکيل آهي.
ينگ پينل: توهان جي لکڻين جا مکيہ موضوع ڪھڙا رهيا آهن؟
مغل صاحب: ماڻھو، ماڻھن جون ڪيفيتون ۽ فيلنگس..
ينگ پينل: اهڙو ڪو موضوع، جنھن تي لکڻ چاهيندا هجو، پر لکي نہ سگهيا هجو؟
مغل صاحب: ڳوٺاڻو ماحول، مون لاءِ ممڪن ڪونھي جو ان تي لکي سگهان.
ينگ پينل: وجهہ؟
مغل صاحب: مان ڳوٺ ۾ تہ گهڻو رهيو آهيان، پر مون ان کي ايترو گهڻو نہ ڏٺو آهي، منھنجو لکڻ گهڻو ڪري مشاهدي تي هوندو آهي.
ينگ پينل: توهان شاعري ڪئي آهي؟
مغل صاحب: شاعري مان ڪڏهن ڪڏهن ڪندو آهيان.
ينگ پينل: ڪھاڻيڪارن جي ڀيٽ ۾ شاعرن جي گهڻائي آهي. انھيءَ جو ڪھڙو ڪارڻ آهي، اهو تہ هنن کي pay ڪانہ ٿي ٿئي يا هو سست آهن ۽ ٿوري مان ٿا جان ڇڏائڻ چاهين يا ٻيو ڪو سبب ٿي سگهي ٿو؟
مغل صاحب: ڪھاڻي ڏکي آهي ۽ ڪھاڻيءَ جو هڪڙو مخصوص گهاڙيٽو آهي، شاعري ڇا آهي جو جنھن پل توهان کي خيال آيو ۽ توهان لکي ورتي، پابند شاعري ٿوري ڏکي ۽ آزاد شاعري ٿوري سوَلي آهي، ڪھاڻي وقت گهري ٿي، ڪھاڻيءَ کي فيئر ڪجي، اهو وقت لڳي ٿو، باقي شاعري هڪ پني تي لکي، اها لفافي ۾ وجهي پوسٽ ڪري ڇڏي ۽ ڇپجي وئي، ڪھاڻي وارو پاسو ٽائيم ڪنزيُومِنگ آهي ۽ ان ۾ ٿورو بہ فالٽ نڪتو تہ ماڻھو وات ڦاڙڻ ۾ دير نہ ڪندا ۽ تنگ ڪندا، رائيٽر ان کان بہ ڊڄي ٿو ۽ سستي بہ شايد هجي.
ينگ پينل: توهان ٻارن لاءِ لکيو آهي؟
مغل صاحب: ٻارن لاءِ لکيو آهي، ٻارن لاءِ 50 کن ترجما ڪيا آهن ۽ ٻاويھہ کن ڪھاڻيون ٿي وينديون.
ينگ پينل: ٻارن لاءِ توهان جو ايندڙ ڪو ڪتاب؟
مغل صاحب: ها، هڪ ڪتاب آهي، پئسا ٿورا ٿيا تہ اهو بہ اچي ويندو.
ينگ پينل: سنڌي ٻاراڻو ادب گهٽ ٿو لکيو وڃي سو ڇو؟
مغل صاحب: ڏکيو آهي، هر ماڻھو ٻارن جو ادب ۽ ڪاميڊي نٿو لکي سگهي، روئندو تہ هر ڪو آهي ۽ مان روئڻ وارو ماڻھو آهيان، کلڻ وارو ناهيان، منھنجي زال چوندي آهي تہ جڏهن جوڪس ايندا آهن تہ مان اڌ ڪلاڪ کان پوءِ کلندو آهيان.
ينگ پينل: ائين تہ ناهي جو توهان کي ڳالھہ دير سان سمجهہ ۾ ايندي آهي؟
مغل صاحب: (ٽھڪ ڏيندي) نہ ائين تہ ناهي! مون کي اندازو نہ ٿيندو آهي تہ هي ڪو جوڪ آهي.
ينگ پينل: چيو وڃي ٿو تہ هر انسان جي اندر ۾ هڪ ننڍو ٻار رهندو آهي، ڇا هڪڙي رائيٽر لاءِ ڏکيو آهي تہ انھيءَ ٻار جو سھارو وٺي؟
مغل صاحب: رائيٽر وڏو ٿي وڃي ٿو، رائيٽر جي اندر ۾ ٻار مري وڃي ٿو، اسان وٽ ٿورا سنڌي ليکڪ آهن، جن ٻارن لاءِ لکيو آهي، جيئن ادل سومرو وغيرہ.
ينگ پينل: توهان جو ايندڙ ڪتاب ڪڏهن ايندو ۽ ڪھڙو هوندو؟
مغل صاحب: 1996ع ۾ منھنجو ڪتاب آيو، ’محمود مغل جون ڪھاڻيون‘، منھنجي هاڻي ڪوشش اها آهي تہ مون جيڪو ميوزڪ تي ڪم ڪيو آهي، سنڌ جو 50 شخصيتون آهن، جن تي مون لکيو آهي ۽ انھن جا انٽرويوز ڪيا آهن، انھي ڪتاب جو نالو ’گلاب خاص‘ آهي، مان چاهيان ٿو تہ اهو 97ع ۾ اچي وڃي ۽ ان سان گڏ هڪ ناول بہ اچي وڃي.
ينگ پينل: سنڌي ادبي سنگت جو ڪردار اوهان جي نظر ۾؟
مغل صاحب: سنڌي ادبي سنگت پوليٽيڪل ٿي وئي آهي، ادب ۽ سياست ۾ ڏينھن رات جو فرق آهي ۽ اديب ڪڏهن بہ سياستدان ڪونہ ٿو ٿي سگهي.
ينگ پينل: پوءِ اهي ڪھڙا اُپاءُ وٺڻ کپن يا changes آڻڻ کپن جو سنڌي ادبي سنگت کي ڪارگر ۽ مؤثر بڻائي سگهجي؟
مغل صاحب: اديب کي بس اديب رهڻ گهرجي، مون تہ سال ڏيڍ کان سنگت ۾ وڃڻ ئي ڇڏي ڏنو آهي، مون جڏهن اتي حالتون ڏٺيون تہ هيءَ شئي هيئن ٿئي پئي تہ مون سمجهيو پنھنجو ٽائيم ضايع ڪرڻ کان بھتر آهي تہ ماڻھو موٽي پنھنجي گهر اچي.
ينگ پينل: اڳي جيئن سکڻ ۽ سيکارڻ جو عمل گهڻو ٿيندو هو، ادبي سنگت هئي ۽ سينيئر ماڻھو جونيئرن کي سيکاريندا هئا، هاڻي ائين گهٽ آهي سو ڇو؟
مغل صاحب: ادبي سنگت ۾ ڇاهي تہ گڏجاڻيون ٿينديون هيون، توهان ان ۾ شين جي ماپ تور جي باري ۾ ڄاڻندا هئا تہ ڪھڙي شئي جو گهاڙيٽو ڪيئن ٿيندو آهي ۽ ڪيئن سکجي، هاڻي ائين آهي تہ اسان ليکڪ جي حيثيت سان شرم ٿا محسوس ڪيون تہ ڪنھن کان پڇجي تہ يار هيءَ شئي ڪيئن ٿيندي آهي. اڳلو وري سوچيندو تہ مان هن کي سمجهايان مون وٽ ايترو وقت ڪٿي آهي ۽ اها ٻنھي ڌرين ۾ ڪوتاهي آهي.
ينگ پينل: ريڊيو تي پروگرام ڪرڻ جو ڪيئن خيال ٿيو، ريڊيو تي ڪڏهن آيا ۽ هيستائين ڪھڙا ڪھڙا پروگرام ڪيا آهن؟
مغل صاحب: ريڊيو مون 85ع ۾ جوائن ڪيو هو، انھن ڏينھن پئسن جي ڪجهہ ضرورت هئي، مون محسوس ڪيو تہ هاڻي مون کي پنھنجو بار پنھنجي ڪلھن تي کڻڻ کپي، حالانڪہ گهر وارا تہ سپورٽ ڪندا هئا، پر مون سوچيو تہ پاڻ ڪجهہ ڪرڻ کپي، تہ مان ريڊيو تي نصير مرزا وٽ ويس، مون ان سان ڳالھہ ڪئي، پوءِ منھنجو آڊيشن ورتو ويو ۽ مان Approved ٿي ويس، 87ع کان پوءِ وري نئين طرز نشريات شروع ٿي تہ مون ڪمپيئرنگ ڪئي ۽ 10 سالن جي عرصي ۾ تمام گهڻا پروگرام ڪيا آهن، جھڙوڪ صبح مھراڻ، سڳنڌ، سرهي سانجهہ، يونيورسٽي مئگزين ۽ ادبي سنگت وغيرہ.
ينگ پينل: ٽي وي تي ڪمپيئرنگ ڪرڻ جو شوق ڪيئن جاڳيو، ڪڏهن آيا ۽ ڪھڙا پروگرام ڪمپيئر ڪيا آهن؟
مغل صاحب: ٽيليويزن تي ليکڪ جي حيثيت سان 79-1978ع ۾ آيس، باقي 1994ع کان ڪمپيئرنگ ڪرڻ شروع ڪيم، پھرين مون هارون رند صاحب جو ’سنڌ مئگ‘ پروگرام ڪيو، ’اڄ جو مھمان‘ ڪيم، جنھن ۾ ٽيهتر چوهتر شخصيتون رڪارڊ ڪيم. هاڻي مان ’مھراڻ مئگ‘ ڪيان پيو ۽ وچ ۾ ٻيا بہ پروگرام ڪيا اٿم.
ينگ پينل: توهان تمام گهڻين شخصيتن جا انٽرويوز ڪيا تہ توهان سڀ کان وڌيڪ ڪنھن کان متاثر ٿيا؟
مغل صاحب: ڪنھن کان بہ نہ!
ينگ پينل: سبب؟
مغل صاحب: في الحال تہ مون کي ڪو بہ سبب نظر نٿو اچي، پر مان متاثر ڪونہ ٿيس.
ينگ پينل: توهان ڊپلوميسي نہ ڪيو؟
مغل صاحب: نہ مان ڊپلوميسي نہ پيو ڪيان.
ينگ پينل: پر ڪنھن شئي جي پسند ۽ ناپسند جو سبب تہ ضرور هوندو آهي؟
مغل صاحب: پسند ۽ متاثر ٿيڻ ۾ وڏو فرق آهي، جيڪا شئي پسند آهي، ضروري ناهي تنھن کان توهان متاثر بہ هجو، منھنجي فيلنگ اها آهي تہ ماڻھو جيترو وڏو نظر اچي ٿو، اوترو وڏو نہ هوندو آهي.
ينگ پينل: توهان جي ذهن ۾ اهي ڪھڙا پيراميٽر آهن، جن سان ڪوبہ ماڻھو وڏو يا ننڍو ليکجي ٿو؟
مغل صاحب: ننڍڙي ماڻھو جو مان قائل ئي نہ آهيان، ننڍو ماڻھو ڪوبہ نہ هوندو آهي، باقي وڏو ماڻھو اهو آهي، جنھن مان توهان فائدو وٺو. وڏو ماڻھو هڪڙو وڻ سمجهو، جنھن مان هميشہ توهان کي ڇانوَ ملڻ جي اميد هجي. پوءِ ڀلي اهو اوهان کي ريڙهي تي ملي يا وڏي چيئر تي، پر اهو وڏو ماڻھو آهي.
ينگ پينل: هڪ سٺي ڪمپيئر ۾ ڪھڙيون خصوصيتون هئڻ کپن؟
مغل صاحب: ڪمپيئر جو بيسڪ تہ بااعتماد هئڻ ضروري آهي ۽ ٻي ڳالھہ تہ ان کي ڄاڻ هجي ۽ ڪانفيڊنس هجي.
ينگ پينل: اسٽيج تي ڪمپيئرنگ ڪئي آهي؟
مغل صاحب: مون سڄي زندگي اسٽيج ڪيو آهي.
ينگ پينل: اسٽيج، ريڊيو ۽ ٽي وي مان ڏکيائي ڪھڙي هنڌ ٿي؟
مغل صاحب: ڌڻيءَ جي مھرباني سان ڪٿي بہ نہ.
ينگ پينل: ڪمپيئرنگ ڪندي وڌيڪ خوشي ڪٿي ٿيندي آهي؟
مغل صاحب: وڌيڪ مان ريڊيو تي انجواءِ ڪندو آهيان.
ينگ پينل: جيڪڏهن توهان کي پابند بنايو وڃي تہ ريڊيو ۽ ٽي ويءَ مان ڪنھن هڪ ميڊيا تي پروگرام ڪيو تہ توهان ڪنھن کي اهميت ڏيندؤ؟
مغل صاحب: مان سمجهان ٿو تہ آءٌ ريڊيو کي اهميت ڏيندس.
ينگ پينل: ڪارڻ؟
مغل صاحب: ڇو تہ ريڊيو هر ماڻھوءَ سان گڏ هوندو آهي.
ينگ پينل: توهان ريڊيو ۽ ٽي ويءَ لاءِ گهڻو ڪجهہ لکيو آهي تہ سوَلو لکڻ ڪنھن لاءِ لڳو؟
مغل صاحب: سوَلو ڪوبہ ڪونھي.
ينگ پينل: ڪمپيئرنگ دوران ڏاڍو تيز ڳالھايو ٿا، توهان ڪڏهن محسوس ڪيو آهي؟
مغل صاحب: ڳالھہ اها آهي تہ توهان جڏهن انٽرنيشنل ميڊيا کي ڏسندؤ تہ توهان کي ڪو بہ ڪمپيئر سلو نظر نہ ايندو، زي ٽي وي کان ويندي ايل تائين ۽ ايل کان وٺي اسٽار تائين، انٽرنيشنل ميڊيا ۽ ڪمپيئر بنا ڪنھن پني يا اسڪرپٽ جي تيز ڳالھائي ٿو، جيڪڏهن مان چاهيان تہ پنھنجي پاڻ کي آرٽيفيشل ٺاهي سلو ڳالھايان، اهو بہ ممڪن آهي، پر مان نٿو چاهيان، مان چاهيان ٿو تہ مان جھڙو بہ آهيان، ٺيڪ آهيان، هونءَ بہ انگريزي منھنجو شوق آهي ۽ انگريزي هميشہ تيز ڳالھائي ويندي آهي.
ينگ پينل: توهان جي ڊرامي ’نوري ڄام تماچي‘ تي ڪجهہ تنقيد ٿي، اوهان ان باري ۾ ڇا چوندا؟
مغل صاحب: ادا وضاحت مان ڪندو ناهيان، جيڪا بہ شئي هئي، سٺي يا خراب هئي، توهان جي سامھون هئي، جن ماڻھن تنقيد ڪئي، انھن مان ٽي چار تہ مون وٽ هلي آيا ۽ چيائون تہ اسان تہ ڪو نہ چيو آهي، باقي اسان جي نالي سان چيو ويو آهي، اسان کي معاف ڪر، نالا بہ مون وٽ آهن، پر وٺڻ نٿو چاهيان، هو تہ چون ٿا اسان کان لکت ۾ وٺ تہ اسان ڪونہ چيو آهي، منھنجي خلاف اسيمبليءَ ۾ آواز اٿاريو ويو، گهڻو ڪجهہ ڪيو ويو پر فرق تہ ڪجهہ بہ نہ آيو.
ينگ پينل: چئبو تہ تنقيد براءِ تنقيد ٿي؟
مغل صاحب: بس خوامخواه جون ڳالھيون ٿيون، چيو ويو تہ مان ايجنسين جو ماڻھو آهيان ۽ مون ايجنسين جي چوڻ تي اهو ڊرامو لکيو آهي ۽ مون هيترن پئسن ۾ پاڻ کي وڪيو آهي، ٽيليويزن توهان کي ٽيھہ هزار روپيہ ڏي ٿي، ان مان پنج هزار ڪٽي وٺي ٿي، باقي پنجويھہ هزار سيريل جا پرچيز ڪري ٿي، ٻيو ڇا ٿي ڏي ٽي وي؟
ينگ پينل: هينئر ٽي ويءَ لاءِ ڇا پيا لکو؟
مغل صاحب: مان هاڻي ٽن سيريلس تي ڪم ڪريان پيو، جن مان هڪ سنڌي آهي.
ينگ پينل: ٽي ويءَ لاءِ اندازن ڪيترا ڊراما لکيا اٿو؟
مغل صاحب: سنڌيءَ ۾ تہ ستاويھہ اٺاويھہ ون ايڪٽ پلي ٿي ويندا ۽ اردوءَ ۾ آرٽ پلي سَتَ اَٺَ ۽ ٻہ سيريز آهن.
ينگ پينل: ٽي ويءَ جي ڀيٽ ۾ ريڊيو ڊراما گهٽ لکيا اٿو، سو ڇا جي ڪري؟
مغل صاحب: ريڊيو ڊرامي تي مون کي ايتري ڪمانڊ ڪانھي ۽ مون ان پاسي ايتري توجھہ بہ نہ ڏني آهي.
ينگ پينل: ريڊيو يا ٽي وي تي ڪڏهن صداڪاري يا اداڪاري ڪئي آهي يا ڪرڻ جو شوق ٿيو؟
مغل صاحب: مون کي اداڪاريءَ لاءِ آفرس آيون، پر شوق ڪونہ هو، باقي ريڊيو تي شبنم گل جي هڪ ڊرامي ۾ صداڪاري ڪئي اٿم. ادي شميم ٻانڀڻ سان منھنجو ڪئريڪٽر هو، رومانٽڪ پلي هو، شبنم جي نصير کي اها فرمائش هئي تہ مئن رول محمود ڪندو، ان جو آواز کپي ٿو، پوءِ ان جي چوڻ تي مون ڪيو ۽ پھريون ۽ آخري ڀيرو ڪيو ۽ هاڻي مون توبھہ ڪئي، وري ڪڏهن ڪونہ ڪندس.
ينگ پينل: تجربو ڪيئن رهيو؟
مغل صاحب: مون لاءِ خراب ۽ هنن لاءِ سٺو رهيو.
ينگ پينل: ٻڌو اٿئون تہ توهان کي ڪا فلم لکڻ جي بہ آفر ٿي هئي؟
مغل صاحب: فلم جون آفرس هيون، اسان وٽ شئي ڪانہ وڪامندي آهي، ماڻھو وڪامندو آهي، جڏهن نوري ڄام تماچي ٿي ويو تہ خبر پئي تہ محمود مغل بہ دنيا جي ڪنھن ڪنڊ ۾ آهي، پوءِ محمود مغل وٽ ماڻھو پھچڻ شروع ٿي ويا، هڪ ٻہ آفرس جيڪي آيون، انھن جو حساب ڪتاب اهڙو هو، جو مون کان تہ Adjust ٿئي ئي ڪونہ ها پوءِ Thanks چئي جان ڇڏايم.
ينگ پينل: توهان جو ڪم جي حوالي سان مختلف ماڻھن سان واسطو پوي ٿو، جيئن پروڊيوسر وغيرہ تہ توهان ڪنھن مخصوص ماڻھوءَ سان گڏ هلي سگهندا آهيو يا جھڙو بہ هجي؟
مغل صاحب: مان ايڊجسٽ ڪري ويندو آهيان، هونئن جيڪو اڳيون ماڻھو آهي سو مون کي ڪيترو سمجهي ٿو، جيڪا سٽنگ هوندي آهي، سا تہ اسان گڏجي ڪندا آهيون، يعني پروڊيوسر ۽ مان، نالو تہ ٻنھي جو اچي ٿو. سٺي شئي آئي تہ ٺيڪ، جي نہ تہ ڳچيءَ ۾ پئجي ويندي.
ينگ پينل: جيئن توهان هڪ پاسي درس و تدريس سان واسطو رکو ٿا تہ اڄڪلھہ جيڪا عام شڪايت شاگردن کي آهي تہ استاد پڙهائين ڪونہ ٿا ۽ استاد چون ٿا تہ شاگرد پڙهن ڪونہ ٿا ۽ نقل جو رجحان بہ گهڻو آهي، ان باري ۾ توهان ڇا چوندا؟
مغل صاحب: امين پرابلم اهو آهي تہ استاد هاڻي پنھنجي عزت ڪونہ ٿو ڪرائي، استاد وٽ اهي خوبيون ناهن رهيون جو سندس عزت ٿئي. جيڪڏهن استاد پنھنجي عزت ڪرائڻ چاهي تہ شاگرد اڄ بہ ٻاهر ڪونہ ويندو، اسان جو استاد جيڪو پھرين هو، هاڻي اهو ڪونھي.
ينگ پينل: توهان جي خيال ۾ تعليم جي ٻڏل ٻيڙيءَ کي ڪيئن تاري سگهجي ٿو؟
مغل صاحب: اهو تہ ايجوڪيشن وارا ئي ٻڌائي سگهن ٿا.
ينگ پينل: هي هيترا سارا ڪم ڪريو ٿا، وقت جي ورڇ ڪيئن ٿا ڪريو؟
مغل صاحب: هڪ تہ منھنجي سوشل لائيف ڪانھي ٻيو تہ منھنجي پلاننگ آهي جيئن هر ماڻھوءَ جي پٺيان هڪ عورت هوندي آهي، تہ منھنجي پٺيان منھنجي زال آهي، هوءَ منھنجي پوري پلاننگ ڪندي آهي، هن کي خبر آهي تہ مون کي ڪھڙا ڪھڙا ڪم ڪرڻا آهن. منھنجو باقائدي هڪ شيڊول ٺھيل هوندو آهي تہ مون کي هتي هتي وڃڻو آهي ۽ هي ڪم ڪرڻا آهن، اهڙيءَ طرح مان مختلف ڪم ڪري وڃان ٿو.
ينگ پينل: توهان جي خيال ۾ توهان ڪھڙي قسم جا ماڻھو آهيو؟
مغل صاحب: مان سمجهان ٿو مان هڪڙو ٺيڪ ٺاڪ ماڻھو ۽ ٿورو جذباتي آهيان ۽ مان پنھنجي زندگي ۾ ڊسيپلين پسند ڪريان ٿو ۽ انھي جي ڪري ڪيترائي ماڻھو مون کان ناراض پڻ آهن.
ينگ پينل: اهڙو ڪو ڪم جيڪو ڪري اوهان پڇتايو هجي؟
مغل صاحب: ها ٽي چار ڪم مون اهڙا ڪيا آهن، جن تي مون پڇتايو آهي.
ينگ پينل: ڪو هڪ ڪم جيڪو ٻڌائڻ پسند ڪريو؟
مغل صاحب: مون زندگي ۾ هڪڙي ماڻھو جي ڳالھہ ٻئي سان ڪري ڇڏي هئي.
ينگ پينل: زندگيءَ ۾ پيش آيل ڪو اڻ وڻندڙ واقعو؟
مغل صاحب: مان ان کي اڻ وڻندڙ تہ ڪونہ ٿو چوان، باقي هونئن ٻن سالن ۾ منھنجي فيملي ختم ٿي وئي، منھنجا ٻہ ڀائر ۽ ماءُ گذاري ويا، انھي جي ڪري منھنجي زندگي مَٽجي وئي، مان هڪڙو ڪيئر فري ماڻھو هيس، ڪجهہ بہ ڪرڻ وارو ۽ هاڻي ائين نٿو ڪري سگهان.
ينگ پينل: زندگيءَ جو ڪو وڻندڙ واقعو؟
مغل صاحب: ڪوبہ نہ!
ينگ پينل: توهان جيڪا زندگي گذاري آهي، توهان کي مختلف تجربا ٿيا آهن تہ توهان زندگي کي ڪيئن ٿا محسوس ڪريو؟
مغل صاحب: زندگي خواب آهي! جن ماڻھن سان مان ڪلوز رهيو آهيان سي هليا ويا آهن.
ينگ پينل: ٻيھر دنيا ۾ اچڻ جو موقعو ملي تہ اچڻ پسند ڪندؤ؟
مغل صاحب: ها، بلڪل مان پنھنجي رب کي Oblige ڪندو آهيان.
ينگ پينل: توهان پنھنجي روين ۽ عقيدن ۾ ڇا مذهبي آهيو ۽ ٻئي ڳالھہ تہ مذهب اڄوڪي دؤر جون سائنسي گهرجون پوريون ڪري ٿو يا نہ؟
مغل صاحب: مان مذهبي آهيان، روين ۽ عقيدن ٻنھي ۾ مذهب زندگي گذارڻ جو طريقو ڏسي ٿو ۽ رستو ڏيکاري ٿو، سائنس سيڪنڊري آهي، توهان سائنس کي ڏسندؤ تہ جيڪا شيءَ اڄ پروف ٿيل آهي، سا چوڏهن سو سال پھرين پروف ٿيل آهي.
ينگ پينل: توهان جي نظر ۾ موت ڇا آهي؟
مغل صاحب: يڪسانيت بيڪار آهي، ماڻھو مسلسل جيئي ٿو تہ بيڪار ٿي ٿو وڃي، موت لازمي آهي.
ينگ پينل: موت کان ڀؤ ٿيندو آهي؟
مغل صاحب: نہ، مون تي الائجي ڪھڙيون ڪيفيتون اٽيچ ٿي چڪيون آهن، جو مان محسوس ڪندو آهيان تہ هاڻي مان ٻِي گهڙي ۾ ڪونہ هوندس.
ينگ پينل: ڇا توهان کي ان ويل بہ ڀؤ نہ ٿيندو آهي؟
مغل صاحب: ان گهڙيءَ ٿورو ٿورو احساس ٿيندو آهي.
ينگ پينل: ان وقت توهان کي ڪھڙي شيءَ ياد ايندي آهي، اعمال؟
مغل صاحب: ها بلڪل! هونءَ مان روز رات جو سمھڻ کان پھرين سوچيندو آهيان تہ مون ڇا ڪيو ۽ مون گهڻن ماڻھن کي تنگ ڪيو.
ينگ پينل: توهان جيئن ٻڌايو تہ توهان سوچيندا آهيو تہ مون گهڻن ماڻھن کي تنگ ڪيو تہ ڪھڙي حوالي سان؟
مغل صاحب: هر حوالي سان، توهان رڳو ڪنھن کان منھن موڙيو ٿا تہ وڏي ڳالھہ آهي، ماڻھو کي مارڻ لاءِ گولي هڻڻ ضروري ناهي، توهان ڪنڌ ڦيري وٺو، هو پاڻھي مري ويندو. بس ۾ گهڻا ماڻھو بيٺا هئا، ڪيترن کي توهان ڌڪو ڏنو ۽ توهان جي موجودگيءَ ۾ هڪڙو اڇيءَ ڏاڙهي سان ماڻھو بيٺو هو، توهان ان مھل ڪھڙي پئي ڌوڙ پاتي، مان ڄامشوري تائين بيھي اچي سگهان ٿو ۽ هڪڙو ماڻھو سيءَ کان ڏڪي پيو، سو ويٺو تہ ڪو ڏوھہ تہ ڪونہ ٿيو!
ينگ پينل: توهان کي چِڙَ ڇا تي ايندي آهي؟
مغل صاحب: مون کي چڙ ننڍين ننڍين ڳالھين تي ٿيندي آهي، جڏهن ڪو ماڻھو بي عزت ٿيندو آ ۽ جڏهن ڪو ڪنھن تي ٽوڪ ڪندو آهي، ٽوڪ ۽ بي عزتي مون کان ڪڏهن بہ برداشت نہ ٿيندي آهي.
ينگ پينل: ڀلي ٽوڪ ۽ بي عزتي ڪنھن جي بہ ٿي هجي؟
مغل صاحب: ها ڪنھن تي بہ ٽوڪ ٿي هجي يا بي عزتي ٿي هجي، مان وڙهي پوندو آهيان ان ڪري منھنجي زال مون سان هلندي ڊڄندي آهي، ڇاڪاڻ تہ مان رستي ۾ جهيڙا ڪندو آهيان.
ينگ پينل: اهڙي ڪا خواهش جيڪا پوري نہ ٿي هجي؟
مغل صاحب: مان خواهشون ڪونہ ڪندو آهيان.
ينگ پينل: شادي ڪڏهن ڪئي ۽ ڪيترا ٻار آهن؟
مغل صاحب: شادي مون 88ع ۾ ڪئي ۽ مون کي هڪ نياڻي آهي.
ينگ پينل: لو مئريج آهي؟
مغل صاحب: نہ مڪس.
ينگ پينل: ڇا ڪامياب شادي لاءِ محبت جو هجڻ ضروري آهي؟
مغل صاحب: ها، بيسڪ آهي، محبت احساس آهي، جنھن شيءَ سان توهان کي محبت ناهي سا فضول آهي، هڪ دفعي آپا مھتاب کان انٽرويو ڪندي مون پڇيو تہ ڪو ماڻھو توهان سان محبت ڪري ٿو ۽ توهان جي عزت نٿو ڪري، تہ توهان کي ڪيترو قبول آهي؟ چيائين مون کي بلڪل قبول ڪونھي، ڇاڪاڻ تہ جيڪڏهن محبت ڪري ٿو ۽ عزت نہ ٿو ڪري تہ اها فضول محبت آهي.
ينگ پينل: اصل ۾ محبت آهي ڇا؟
مغل صاحب: محبت هڪ سٺي شيءَ جي فيلنگ آهي، مثال طور توهان کي ڪو نغمو نٿو وڻي، پر ڪنھن موسم ۾، ڪنھن پل، اهو نغمو توهان جي چپن تي اچي ويندو ۽ وڻندو، اها محبت آهي.
ينگ پينل: عزت، محبت دولت ۽ شھرت مان توهان جو انتخاب؟
مغل صاحب: عزت.
ينگ پينل: توهان ڪنھن سان محبت ڪئي آهي؟
مغل صاحب: ها، مون محبت ڪئي آهي.
ينگ پينل: توهان پھرين چيو تہ توهان جي پٺيان توهان جي گهر واريءَ جو هٿ آهي، تہ توهان جي زال، هائوس وائيف آهي يا ڪجهہ ڪندي آهي؟
مغل صاحب: في الحال تہ هائوس وائيف آهي، هونءَ جاب ڪري تہ مون روڪيو ڪونھي.
ينگ پينل: ڪھڙن ماڻھن سان پيار ڪندا آهيو؟
مغل صاحب: مان نفرت ڪنھن سان بہ نہ ڪندو آهيان، پر انھن سان ملڻ بہ نہ چاهيندو آهيان، جيڪي ڪنھن جي بي عزتي ڪندا آهن ۽ ٽوڪ ڪندا آهن، مان انھن سان هٿ بہ نہ ملائيندو آهيان، باقي پيار مان ڪندو آهيان ٻارڙن ۽ بزرگن سان.
ينگ پينل: مردن ۽ عورتن ۾ ڪھڙيون ڳالھيون ڏسي انھن جي پرک ڪندا آهيو؟
مغل صاحب: مردن ۾ هڪ تہ مان هٿ ڏسندو آهيان تہ هٿ ڪيترو دٻاءُ سان ملائي ٿو، ٻيو منھنجي عادت آهي شُوز ڏسڻ تہ سندس بُوٽ ڪيترا چمڪيل آهن، ڪپڙا بلڪل سادا هجن پر صاف سٿرا هجن ۽ ڊريس جي ٽيلرنگ سٺي ٿيل هجي، عورت ۾ سليقو هجي ۽ بولڊ هجي، کيس اهو احساس نہ هي تہ هوءَ ڪنھن مرد سان ڳالھائي رهي آهي، مان عورت مرد جو قائل نہ آهيان.
ينگ پينل: فرض ڪريو توهان جي موجودگي ۾ هڪ گهر کي باھہ ٿي لڳي وڃي، ان گهر ۾ ٽي شيون آهن، قرآن ميد، مصور جو شاهڪار ۽ ننڍڙو ٻار، توهان ڪنھن هڪ کي بچائي سگهو ٿا تہ ڪنھن کي بچائيندو؟
مغل صاحب: قرآن پاڪ کي تہ مالڪ پاڻ ئي بچائيندو، باقي ٻار لاءِ ڪوشش ڪندس.
ينگ پينل: اوليائن ۽ ولين ۾ ڪيترو يقين آهي؟
مغل صاحب: يقينن اعتبار وارو تہ ڪونھي، بس سڀ ڪجهہ ﷲ جي وس ۾ آهي.
ينگ پينل: اسٽارس تي ڪيترو يقين آهي؟
مغل صاحب: يقين ڪونھي.
ينگ پينل: توهان اڄ جيڪي ڪجهہ آهيو، اهو نہ هجو ها تہ ڇا هجو ها؟
مغل صاحب: سٺو ماڻھو هجان ها، ماڻھو سٺو هوندو آهي، باقي شيون سيڪنڊري آهن.
ينگ پينل: ملڪ کان ڪڏهن ٻاهر وڃڻ ٿيو آهي؟
مغل صاحب: نہ!
ينگ پينل: توهان فرسٽ آٽو گراف ڪڏهن، ڪنھن کي ۽ ڪھڙي حوالي سان ڏنو؟
مغل صاحب: مون فرسٽ آٽوگراف هڪ ليکڪ جي حيثيت سان ڏنو هو، شايد ايڪاسي ٻياسي ۾ هڪڙو ميلو هو، انھي ۾ هڪ ٻارڙي کي ڏنو هو.
ينگ پينل: آٽوگراف ۾ ڇا لکندا آهيو؟
مغل صاحب: ﷲ جو نالو.
ينگ پينل: توهان جي زندگيءَ جي سڀ کان وڏي خوشي؟
مغل صاحب: مان سمجهان ٿو مون کي هاڻي منھنجي ڌيءَ هڪ پنو ڏنو، جنھن ۾ هن Appointments نوٽ ڪري ڏنيون هيون، ان ۾ مون ٿورو پاڻ کي خوش محسوس ڪيو.
ينگ پينل: موسيقي ڪھڙي قسم جي ٻڌندا آهيو؟
مغل صاحب: هر قسم جي، ڪلاسيڪل کان ويندي پاپ تائين.
ينگ پينل: توهان جي پسند جا فنڪار؟
مغل صاحب: يسُوداس، شمن علي ميرالي، مصري فقير، لتا، ڦوٽو زرداري ۽ منظور علي خان، ياني، ڪرس برائون.
ينگ پينل: هاڻي توهان پنھنجون ترتيبوار پسندون ٻڌائيندا؟ پسند جا اداڪار؟
مغل صاحب: نصيرالدين شاھہ، ... ريکا ۽ زرينہ وهاب،
ينگ پينل: پسند جي اخبار؟
مغل صاحب: خليج ٽائمز
ينگ پينل: پسند جو مئگزين؟
مغل صاحب: نيوز لائين
ينگ پينل: ڪتاب؟
مغل صاحب: قرآن شريف ۽ بايوگرافيز شوق سان پڙهندو آهيان.
ينگ پينل: پھر؟
مغل صاحب: صبح جو، فجر نماز کان پوءِ.
ينگ پينل: موسم؟
مغل صاحب: سيارو وڻندو هو، پر ائين ٿيو جو جيڪي ماڻھو مون کي ويجها هئا، تن جا لاش مون سياري ۾ کنيا آهن، هاڻي سيارو نہ وڻندو آهي ۽ ان کان خوف ٿيندو آهي.
ينگ پينل: خوشبوءِ؟
مغل صاحب: مختلف پرفيومز.
ينگ پينل: ڪمپيئر؟
مغل صاحب: آپا مھتاب اڪبر.
ينگ پينل: کاڌو؟
مغل صاحب: مان هون تہ ڪنھن سان بہ نفرت نہ ڪندو آهيان، پر دنيا ۾ هڪڙي ماڻھو سان ڪندو آهيان جيڪو کاڌو اڇلائي ٿو، تنھن ڪري ڪوبہ.
ينگ پينل: سواري؟
مغل صاحب: ڪابہ نہ.
ينگ پينل: گل؟
مغل صاحب: چمپا.
ينگ پينل: آئيڊيل شخصيت؟
مغل صاحب: پاڻ ڪريم صلي ﷲ عليہ وسلم جن.
ينگ پينل: اوهان جي پسند جو لباس، اوهان ڪھڙي قسم جو ادب پڙهڻ پسند ڪندا آهيو؟
مغل صاحب: لباس ۾ ٽرائوزرز، ادب ۾ مان سٺي تخليق کي پسند ڪندو آهيان.
ينگ پينل: ڪھڙي قسم جون موويز ڏسڻ پسند ڪندا آهيو؟
مغل صاحب: هر قسم جون.
ينگ پينل: پسند جو شعر؟
مغل صاحب: آثم ناٿن شاهيءَ جو آهي تہ:
سونھن ۾ ٽُٻ لڳي پئي آهين،
ڊپ آهي، ڪٿي ڇُلڪي نہ پوين!
ينگ پينل: سائين توهان جي تمام گهڻي مھرباني، جو هيترو سارو وقت ڏنوَ ۽ هاڻي آخري سوال تہ پڙهندڙن لاءِ ڪھڙو پيغام ڏيندؤ؟
مغل صاحب: جيتري ٻئي جي مدد ڪري سگهو ٿا تہ ڪريو.

]ڇپيل: ’ينگ جنريشن‘ حيدرآباد ٻيو جُلد، شمارو: 6، ڊسبر 1997ع[

فئملي انٽرويو (مرتضيٰ سيال)

محمود مغل نالو آهي، کلڻي، ملڻي ۽ هڪ ذميوار شخص جو، جيڪو هر ڪم کي وڏي چاھہ ۽ لڳاءَ سان ڪرڻ جو عادي آهي. هُو نہ صرف گهڻا ڪم پنھنجي هٿ ۾ کڻندو آهي، پر انھن سان نڀاءُ بہ چڱيءَ پر ڄاڻي، هُو گهڻ پاسائون شخص آهي. اسٽوري رائيٽر، ڊراما رائيٽر، شاعر، ڪالم ۽ مضمون نويس، ناول نگار، ريڊيو ٽي وي ۽ اسٽيج ڪمپيئر... مطلب تہ سندس شخصيت جا ڪيترائي روپ ۽ رنگ آهن.
هن 27 نومبر 1961ع تي جنم ورتو. پرائمري تعليم ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد ۾ پرائي، سيڪنڊري سنڌ يونيورسٽي ماڊل اسڪول حيدرآباد ۾ پڙهيو، ايل. ايم. سي ڄامشورو مان ايم بي بي ايس جي ڊگري ورتائين. لکڻ جي شروعات 1977ع کان ڪئي ۽ هن وقت تائين 7 ڪتاب ڇپجي چڪا اٿس. سندس ڀاڱي ۾ ڪيترائي مڃتا جا ايوارڊ آيا آهن، جن ۾ 1986ع ۾ س.ا.س پاران Best writer جو ايوارڊ، 1985ع ۾ ريڊيو جو بيسٽ ڊراما رائيٽر جو ايوارڊ، 1999ع ۾ بيسٽ ٽي وي ڪمپيئر ايوارڊ، 1999ع ۾ ريڊيو جو بيسٽ ريجنل ڪمپيئر ايوارڊ شامل آهن.
محمود مغل جي شريڪِ حيات، سندس ڏک سک جي ساٿياڻي سندس وني جنھن جو نالو ’فاطمہ عزيز الانا‘ آهي. پڻ هڪ اهڙي شخصيت جي مالڪياڻي آهي، جنھن لاءِ ساراھہ کان سواءِ رهي نٿو سگهجي. فاطمہ عزيز الانا 24 سيپٽمبر 1964ع تي هوائن واري شھر حيدرآباد ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم ميران هاءِ اسڪول حيدرآباد، بي ايس سي زبيدہ گرلس ڪاليج حيدرآباد ۽ مھراڻ يونيورسٽي ڄامشورو مان آرڪيٽيڪٽ جي ڊگري حاصل ڪئي. هن وقت هُوءَ پنھنجي ور سان ڪيل گڏ جيئڻ مرڻ جا وچن نڀائيندي گهرداريءَ ۾ وندري پئي آهي. سندس وڏي ۾ وڏو شوق پڙهڻ آهي.

عبرت مئگ: پنھنجي ننڍپڻ جي باري ۾ ٻڌايو تہ ننڍپڻ ڪيئن گذريو؟
محمود: بي انتھا خوبصورت گذريو، ٽلٽي، سيوهڻ، شڪارپور ۽ سکر ۾ وقت گذريو ۽ پنھنجون سڀ نشانيون ڇڏي ويو.
مسز محمود: ننڍپڻ حيدرآباد ۾ گذريو، آئيڊيل والدين جي سرپرستيءَ ۾ آئيڊيل گذريو.
عبرت مئگ: توهان جي تعليم ڪيتري آهي؟
محمود: ايم بي بي ايس.
مسز محمود: مون آرڪيٽيڪچر انجينئرنگ ۾ ڊگري حاصل ڪئي آهي.
عبرت مئگ: لکڻ ڪڏهن کان شروع ڪيو، هينئر تائين ڇا ڇا لکيو اٿوَ؟
محمود: تقريبن 1975ع کان مسلسل لکندو پيو اچان، ڪھاڻيون، ناول، ترجما، ڪالم، ريڊيو ۽ ٽيلي ناٽڪ مضمون ۽ شاعري.
عبرت مئگ: هينئر تائين ڪيترا ڪتاب ڇپجي چڪا آهن ۽ ڪيترا ڊراما نشر يا ٽيليڪاسٽ ٿي چڪا آهن؟
محمود: ڇپيل ڪتاب 6 آهن.
(1) ڪوهيڙي ۾ ويڙهيل يادون، (ڪھاڻيون)، (2) تو سنگ تو بن ڏينھڙا (ڪھاڻيون)، (3) هَٿَ ريکائن کان خالي (ناوليٽ)، (4) سرءُ (ناوليٽ)، (5) اسين جيئرا آهيون (ترجمو)، (6) محمود مغل جون ڪھاڻيون (ڪھاڻيون) اڻ ڇپيل، (7) جون آف آرڪ (ترجمو)، (8) تقريرون (ترجمو).
سنڌي ٽيلي ناٽڪن جو تعداد تقريبن 25 کن ٿيندو، جڏهن تہ اردوءَ ۾ 7 لانگ پليز ۽ 6 سيريلز آهن.
1. روش، 2. نوري ڄام تماچي، 3 يادين، 4. دل اُسي چاهتا هي، 5. سرگوشيان، 6. سمجهوتہ.
عبرت مئگ: توهان جو لائف اسٽائيل اهڙو آهي جو هر وقت مصروف رهو ٿا، گهر ۾ وقت گهٽ ڏيڻ ڪري گهر وارن جو ردعمل ڪھڙو هجي ٿو؟
محمود: گهر وارا سڀ سمجهن ٿا ۽ هونئن بہ ڪم کان جيڪو وقت باقي بچندو آهي، سو گهر جو ئي هوندو آهي.
عبرت مئگ: ڀاڀي توهان اُن باري ۾ ڇا ٿا چئو؟
مسز محمود: ايترو مصروف رهڻ جي باوجود محمود گهر کي پورو وقت ڏيندو آهي، هڪ ذميدار پيءُ ۽ گهروارو آهي.
عبرت مئگ: اڄڪلھہ ڇا پيا لکو ۽ ڪھڙن پراجيڪٽس تي ڪم ڪري رهيا آهيو؟
محمود: اڄڪلھہ ٻن سيريلز تي ڪم هلي رهيو آهي ۽ ڪجهہ ڪتاب مڪل ڪرڻ لاءِ سوچيان پيو. مثال طور موسيقيءَ جي حوالي سان ’گلاب خاص‘ ڇپائڻ چاهيان ٿو. خدا مدد ڪندو ۽ حوصلو ڏيندو.
عبرت مئگ: شادي ڪڏهن ۽ ڪيئن ٿي، ارينج يا...؟
محمود: 22هين جولاءِ 1988ع تي... مڪس.
مسز محمود: تاريخ تہ محمود لکي آهي، باقي هئي تاريخي شادي، ڪرفيو جي زماني ۾ چند مائٽن جي موجودگيءَ ۾ ٿي، پسند سان ٿي پر گهر وارا پڻ راضي هئا.
عبرت مئگ: توهان کي هڪٻئي جون ڪھڙيون خوبيون سٺيون لڳنديون آهن يا متاثر ڪنديون آهن؟
محمود: فاطمہ ماٺ رهندي آهي، مون جھڙي بدتميز ماڻھوءَ کي درگذر ڪندي آهي.
مسز محمود: محمود جو کُليل ذهن (Broad minded) جو هجڻ، عام مردن وانگر شڪي ناهي.
عبرت مئگ: ڀلا هڪٻئي جي ڪھڙي ڳالھہ چڙ ڏياريندي اٿوَ؟ (ايمانداريءَ سان ٻڌايو).
محمود: ڪڏهن ڪڏهن گئس تي پچڻ لاءِ ڪا شئي رکي، ڪنھن ٻئي ڪم ۾ مصروف ٿي ويندي آهي.
عبر مئگ: توهان ۾ جهيڙو وغيرہ ٿيندو آهي؟
محمود: بلڪل ٿيندو آهي. ان ۾ وڏو حصو منھنجو هوندو آهي، عجيب جهيڙو هوندو آهي. زال ماٺ هوندي آهي، مڙس پيو گجندو آهي.
مسز محمود: گهڻو ڪري نہ ڇو تہ one sided جهيڙو، جهيڙو نہ هوندو آهي، اگر محمود ڪاوڙ ۾ هوندو آهي تہ مان خاموش هوندي آهيان.
عبرت مئگ: چيڙاڪ وڌيڪ ڪير آهي؟
محمود: منھنجي خيال ۾ تہ مان آهيان.
مسز محمود: مون کي شرع کان ئي ڪاوڙ ناهي ايندي، باقي محمود هاڻ اڳي کان گهٽ چيڙاڪ آهي.
عبرت مئگ: ڪھڙين ڳالھين تي چِڙَ ايندي اٿوَ؟
محمود: بي ترتيبيءَ تي، وقت جي زيان تي، اجائي ڳالھہ تي.
مسز محمود: ڪڏهن ڪڏهن، جڏهن محمود ڪنھن ٻي ماڻھو جي اڳيان منھنجي insult ڪري ڇڏيندو آهي تہ.
عبرت مئگ: شاديءَ جي سالگرھہ ملھائيندا آهيو؟
محمود: هائو.
مسز محمود: جي ها.
عبرت مئگ: ڇا هڪٻئي جي تعريف ڪندا آهيو؟ ها تہ ڪھڙن موقعن تي؟
محمود: مان هُن جي تعريف دل سان ڪندو آهيان، ان حوالي سان مان منافقت جو قائل ناهيان. هوءَ زال تہ آهي پر ان کان وڌيڪ محبوبہ آهي ۽ توهان کي تہ خبر آهي تہ زال جي تعريف شايد نہ ٿيندي هجي، محبوبہ جي تہ ٿيڻ ئي گهرجي.
مسز محمود: جي ها، گهرُو ڳالھين تي ڀرپور ڌيان هجڻ سبب آئون محمود جي تعريف ڪندي آهيان.
عبرت مئگ: ڀلا هڪ ٻئي تي تنقيد ڪندا آهيو؟
محمود: بلڪل ڪندا آهيون.
مسز محمود: جي ها.
عبرت مئگ: جيڪڏهن هڪٻئي ۾ ناراضگي ٿي پوي تہ پرچائڻ ۾ شروعات ڪير ڪندو آهي؟
محمود: جنھن کي بہ پنھنجي غلطي محسوس ٿئي، اهو شروعات ڪندو آهي.
مسز محمود: گهڻو ڪري تہ اها نوبت نہ ايندي آهي، ڇو تہ مان ناراض نہ ٿيندي آهيان.
عبرت مئگ: ڊِشز ڪھڙيون پسند اٿوَ؟
محمود: پڪلَ، پر مان مانيءَ مان نقص ڪڍڻ جو قائل ناهيان.
مسز محمود: هر قسم جون، پر چائنيز (Chinese) تمام گهڻيون.
عبرت مئگ: ڀاڀي ڇا محمود گهر جي ڪنھن ڪم ۾ توهان جي هيلپ ڪندو آهي؟
مسز محمود: جي ها، گهڻن ڪمن ۾.
عبرت مئگ: موڪلون ڪيئن گذاريندا آهيو؟
محمود: گڏجي، ڪٿي بہ هجون، گڏ هجون.
مسز محمود: اڪثر مصروفيتن جي نظر ٿي وينديون آهن، يا گهر ئي هوندا آهيون، ڪراچي ۾ رڪارڊنگز جي سلسلي ۾ گذرنديون آهن.
عبرت مئگ: توهان مان ڪنجوس ڪير آهي؟
محمود: ڪوبہ نہ، ٻئي ڦڪڙَ آهيون، بچائيندا ئي ناهيون.
مسز محمود: ڪوبہ نہ.
عبرت مئگ: توهان لاءِ خوشيءَ وارا لمحا ڪھڙا هوندا آهن؟
محمود: جڏهن ٻيا خوش هجن.
مسز محمود: جڏهن اسان جي مدد سان ڀاتي خوش هجن.
عبرت مئگ: ڪائي اهڙي خواهش جا پوري نہ ٿي هجي؟
محمود: هڪ ئي وقت هر ڪو خوش هجي.
مسز محمود: ڪابہ نہ... رب جو ڪرم آهي، هن مشڪل دنيا ۾ هر شئي آسان ڪئي آهي.
عبر مئگ: توهان کي ڪڏهن ٻاهر جو موقعو مليو؟
محمود: مليو، پر وڃڻ نہ چاهيم، home-sick ڏاڍو آهيان.
مسز محمود: ٻاهر وڃڻ پسند ناهي.
عبرت مئگ: توهان موڊ جا غلام آهيو، موڊ اوهان جو غلام آهي؟
محمود: موڊي آهيان، پر موڊ کي ٺيڪ ڪري ڄاڻان ٿو.
مسز محمود: موڊ منھنجو غلام آهي.
عبرت مئگ: فيلمي افيئرس يا گهر جي بجيٽ ڪنھن جي هٿ ۾ هوندي آهي؟
محمود: گهڻو ڪري منھنجي هٿ ۾.
مسز محمود: گڏجي هلائيندا آهيون.
عبرت مئگ: اڄڪلھہ فيملي سسٽم رهيو آهي، توهان جي نظر ۾ ان جا ڪھڙا ڪارڻ آهن؟
محمود: اجايو جديد پيا ٿيون، شايد... هڪٻئي کي سھڻ جي قوت وڃائي چڪا آهيون.
مسز محمود: فيملي هميشہ ٻنھي جي سمجهہ سان هلندي آهي، اگر انسان پنھنجا اندر مان شڪ، مطلب پرستي ۽ حسد ڪڍي تہ سٺي زندگي گذري سگهي ٿي.
عبرت مئگ: لکڻ، پڙهڻ، پڙهائڻ، ڪمپيئرنگ کان علاوہ ڪھڙين ڳالھين ۾ دلچسپي رکو ٿا؟
محمود: ٽي وي ڏسڻ، ڪرڪيٽ کيڏڻ، گهر جو ڪم ڪرڻ.
عبرت مئگ: ڀاڀي توهان گهرداريءَ کان علاوہ ڪھڙين ڳالھين ۾ دلچسپي رکو ٿا؟
مسز محمود: سٺيون آرٽ موويز ڏسڻ، سٺو پُرسڪون ميوزڪ ٻڌڻ.
عبرت مئگ: زندگيءَ ۾ ڪا ئي ڪمي محسوس ڪريو ٿا؟
محمود: شڪر آهي رب جو... بس ڌڻيءَ ڏانھن ويل گهر وارن جي ڪمي محسوس ٿيندي آهي، پر اها ئي تہ حياتي آهي.
مسز محمود: جي نہ، صحت هوندي آهي تہ هر شئي سٺي لڳندي آهي ۽ ﷲ سائين ڏني آهي، اڳتي بہ محفوظ رکندو. (آمين).

]ڇپيل: پندرهن روزہ ’عبرت مئگزين‘ 1 مارچ 2001ع[

گهڻ رُخي شخصيت جي مالڪ ڊاڪٽر محمود مغل سان ڳالھہ ٻولھہ (گُل ڪونڌر)

سوال: سائين سڀ کان اول هڪ رسمي سوال تہ پنھنجي مختصر تعارف سان گڏ، ننڍپڻ کان هيل تائين جي جِيوَن سفر بابت ڪجهہ ٻڌايو؟
جواب: منھنجو مڪمل نالو محمودالحسن مغل آهي. مان 27 نومبر 1961ع تي سيوهڻ شريف ۾ پيدا ٿيس. 1966ع ڌاري اسان سيوهڻ مان ڄامشوري لڏي آياسين. ابتدائي تعليم ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد مان، ڇھين کان ڪاليج تائين ماڊل اسڪول سنڌ يونيورسٽي اولڊ ڪئمپس، ايم. بي. بي. ايس جي ابتدا چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻو، جتان چار مھينا گذاري مائيگريشن وسيلي، لياقت ميڊيڪل ڪاليج تائين پھتس، جتان 1988ع ۾ ايم. بي. بي. ايس ڪيم. پھرين هيلٿ ڊپارٽمينٽ ۾ ميرٽ تي کڄيس، پوءِ 24 سيپٽمبر 1992ع کان سنڌ يونيورسٽيءَ کي ليڪچرار جي حيثيت سان جوائن ڪيم ۽ هاڻي انسٽيٽيوٽ آف فارميسيءَ ۾ اسسٽنٽ پروفيسر آهيان.
سوال: اوهان لکڻ جي شروعات ڪڏهن کان ڪئي؟ اوهان جي پھرين لکڻي ڪھڙي هئي ۽ اها ڪٿي ڇپي؟
جواب: لکڻ جي شروعات 76-75ع کان ڪئي. پھرين ڪھاڻي ’گل ڦل‘ ۾ ’سچ جي سزا‘ ڇپي.
سوال: اهو ڪھڙو محرڪ جذبو هو، جنھن توهان کي لکڻ لاءِ اُتساهيو؟
جواب: پھرين مشھور ٿيڻ جو شوق هئم، پوءِ شوق عادت بڻجي ويو ۽ لکڻ بيحد سٺو لڳو.
سوال: اهي ڪھڙا عوامل هئا، جن اوهان جي فڪري اوسر ۾ ڪردار ادا ڪيو؟
جواب: گهڻو پڙهڻ، مشاهدو ۽ ڪجهہ استادن جون مھربانيون. سائين انور هالائي ’گل ڦل‘ جو ايڊيٽر هو. هن مون کي پنھنجو پٽ ڪيو هو ۽ گهڻو ڪجهہ سيکاريو ۽ ادبي حوالي سان مان هُن جو ۽ سائين ظفر حسن جو بيحد ٿورائتو آهيان. مھربان استادن سان گڏ، مون کي شوق هيو تہ مان ڪھاڻي کيتر ۾ ڪجهہ ڪيان ۽ منھنجو اندازو اهو آهي تہ وڌيڪ پڙهڻ مون لاءِ مشعلِ راھہ رهيو آهي. اڃا تائين تقريبن هڪ ڪتاب روزانو منھنجي عادتن ۾ شمار ٿئي ٿو.
سوال: اوهان جي خيال ۾ معياري ادب ڇا کي ٿو چئجي؟
جواب: معيار اهو آهي، جيڪو اوهان جي دل کي ڇُهي. هر اها تخليق، جيڪا اوهان جي اندر جي ايوانن مان گهمي اچي. معياري سڏائي سگهي ٿي. هونئن بہ دل تہ دل جو آواز ٻڌندي آهي، ٻاهريون آواز تہ صرف ڪن ئي ٻڌندا آهن.
سوال: عالمي ادب جي ڀيٽ ۾ سنڌي ادب ڪٿي بيٺل آهي؟
جواب: سنڌي ادب يقينن پنھنجي جاءِ تي ڀرپور آهي. اسان جي وڏن المين مان هڪ الميو اهو بہ آهي تہ اسان جي چڱن ڀلن ليکڪن جي انگريزي ڪا خاص چڱي ناهي ۽ ان ڪري ئي اسان ترجمو نٿا ٿيون، جي اسان جون ڪھاڻيون، نثر ۽ شاعري بہ ترجمو ٿين تہ يقينن اسان عالمي ادب سان برميچي سگهون ٿا.
سوال: ادب جو بنيادي طرح ڪھڙو ڪارج آهي؟
جواب: ادب، انسان ۾ ادب پيدا ڪري ٿو. ڄاڻ جا دروازا کولي ٿو. هونئن بہ تعليم انسان جي (Tamming) لاءِ هوندي آهي. سندس وحشتن کي سُڌارڻ جو ڪم سرانجام ڏيندي آهي ۽ ادب بہ معاشري جي وحشتن ۽ جبلتن کي لغام هڻي ٿو.
سوال: اوهان لکڻ وقت ڇا محسوس ڪندا آهيو؟ ڪيفيت ڪھڙي هوندي آهي؟
جواب: مان لکڻ مھل رليڪسڊ هوندو آهيان، جيڪا ڪيفيت هوندي اٿم سا ئي گهڻو ڪري ڪاغذ تي منتقل ٿيندي آهي. هونئن عام حياتيءَ ۾ مان اداس گهڻو هوندو آهيان. لکڻ مھل ڪا خاص نخريبازي مون کي نہ وڻندي آهي. مرڪزي خيال ذهن ۾ هجي تہ مان گوڙ گهمسان ۾ بہ ڪم ڪندو رهندو آهيان. ها سيريلز جو يا ڪنھن بہ ڪم جو ڪلائيمڪس ماٺ ۾ ڪرڻ چاهيندو آهيان.
سوال: ڊرامي لکڻ لاءِ ڪھڙين ڳالھين جو خاص خيال رکجي؟
جواب: ڊرامي جي ٽيڪنيڪ باقائدي ليکڪ کي اچڻ گهرجي، سندس مشاهدو ڳُوڙهو هجي ۽ غلطيءَ جو امڪان گهٽ کان گهٽ رکندو هجي.
سوال: ڊاڪيومينٽري ڇا آهي ۽ اها ڪيئن لکي وڃي ٿي؟
جواب: مون ڪڏهن ڪو دستاويزي اسڪرپٽ ڪونہ لکيو آهي.
سوال: اوهان زندگيءَ کي ڪيئن ٿا ڏسو؟
جواب: زندگيءَ کي زندگي ئي ڏٺو اٿم، ڪٿي اَزحد مھربان، خوش آئند، ڪرم فرما ۽ ڪٿي اَزحد نامہربان، ڪَساري، ڪڙِي، پريشان ڪندڙ، ٻنھي صورتن ۾ سندس بي وفائي، هر، ڳالھہ تي حاوي رهي ٿي.
سوال: بھترين لکڻيءَ جو معيار ڪھڙو آهي، اوهان جي نظر ۾؟
جواب: اڳ ۾ عرض ڪيم نہ، جيڪا اوهان کي موهي. اوهان جي اندر جي ڳڙکيءَ کي کولي جهاتي پائي ۽ اوهان سندس مُرڪ جي موھہ ۾ جڪڙجي وڃو.
سوال: سنڌي ادب ۾ صحتمند تنقيد ڇو گهٽ رهي آهي، ان جا ڪھڙا ڪارڻ سمجهو ٿا؟
جواب: اسان سڀ عظيم ليکڪ آهيون، اسان مان ڪو بہ گهٽ ڪونھي. اسان کي پنھنجي لکڻين پڙهڻ جو ئي وقت ناهي تہ اسان ٻين جو ڪو ڪم ڪٿي پڙهون؟ ۽ جڏهن پڙهون نٿا تہ تنقيد جو ماپو ڪٿان آڻيون؟ تنقيد صحتمند هجي يا بيجا، ڪو احساس گهري ٿي. اسان وٽ هجي تہ ڪيون نہ، مون کي اهو سڀ چوندي ڪو بہ شرم محسوس نٿو ٿئي تہ جيڪو پنھنجو نالو لکي سگهي ٿو، سو ليکڪ بڻجي وڃي ٿو، هاڻي جنھن کي ڪا محنت ئي ناهي ڪرڻي، اهو ڇا سوچيندو تہ ڇا ڪرڻ گهرجي.... ڇا نہ...؟
سوال: سنڌي ادب ۾ ناول ايترا گهڻا نہ لکيا ويا آهن، اها کوٽ ڇو آهي؟
جواب: وقت ناهي، پيٽ پالڻ ۾ اديب ڪجهہ نٿو ماڻي، شڪر آهي جو ٽيلي ناٽڪ رڌڻو هلائين ٿا، پر ايترا گهڻا ليکڪ آهن، جيڪي انھن مان لاڀ وٺي سگهن. عبدالقادر، نورالھديٰ، آغا رفيق، محمود مغل ۽ هاڻي عزيز ڪنگراڻي، حق نواز سمون ۽ اختر رند، هزارين ليکڪن مان اهي ڇھہ ست ماڻھو ادب مان ڪمائين ٿا تہ بہ ناول لکي نٿا سگهن، ڇاڪاڻ تہ وقت ناهي ۽ شايد مشاهدو بہ کٽي پوي ٿو.
سوال: عشق ۽ محبت بابت اوهان جو ڇا خيال آهي؟
جواب: عشق جنون هوندو آهي، محبت سوچ بہ ساڻ رکندي آهي. ٻئي شيون ٿي وينديون آهن، پر اوهان محبت ۾ فيصلا ڪري سگهو ٿا، عشق اوهان جا فيصلا ڪندو آهي، ٻئي اوهان کي تخليقڪار ٺاهين ٿا. مان نٿو سمجهان تہ ڪو بہ تخليقڪار، انھن عملن کان هٽي، هنرمند ٿيو هجي. مھا ڪاريگر، عشق کان سواءِ ٺھي نٿو سگهي.
سوال: اوهان لکو ڇو ٿا؟
جواب: اهو تہ هاڻي ائين ٿي ويو، جو ڪير پڇي تہ اوهان ساھہ ڇو ٿا کڻو؟
سوال: ڪنھن بہ ٻوليءَ ۾ مزاحيہ ادب جي اهميت ڪھڙي آهي؟
جواب: اها ئي اهميت آهي، جيڪا ڪنھن ٻي صنف جي هوندي آهي.
سوال: اڄ ڪلھه نئين ٽھي جيڪو ادب سرجي رهي آهي، ان مان ڪيتري قدر مطمئن آهيو؟
جواب: مڪمل طرح مطمئن آهيان، پڙهان ٿو ان ڪري ئي ايڏي وڏي دعويٰ ڪيان پيو.
سوال: ڇا هاڻوڪين حالتن ۾ سنڌي اديب پنھنجون ذميواريون پوريون ڪري رهيو آهي؟
جواب: اديب، اديب هوندو آهي، راھہ ڏسيندو آهي، ان کي Implement ڪرائڻ سندس فرض ناهي.
سوال: ادب ۽ سياست جو پاڻ ۾ ڪيتري قدر لاڳاپو آهي؟
جواب: منھنجي ذاتي راءِ ۾ ڪو بہ لاڳاپو ضروري ناهي.
سوال: ڇا اديب جو ڪنھن نظريي سان لاڳاپيل هجڻ ضروري آهي؟
جواب: مون کي ذاتي طرح ان جي ضرورت محسوس ناهي ٿيندي.
سوال: اڄ جو اديب نہ رڳو مادي پر، ذهني نفسياتي ۽ روحاني گهوٽالن جو شڪار آهي. ان جي رهنمائي ڪيئن ٿي سگهي ٿي؟
جواب: سادو جواب تہ آهي عبادت سان، پر ڳالھہ اها آهي تہ جيڪو روڳ جنھن حوالي جو آهي، ان جو پورائو ٿئي تہ سڀ ٺيڪ ٿي ويندو. وري بہ ذهني، نفسياتي ۽ روحاني گهوٽالا عبادت سان ئي پورا ٿي سگهن ٿا.
سوال: سنڌ جي ادبي ۽ ثقافتي ادارن جي زوال پذير هئڻ جا ڪھڙا ڪارڻ سمجهو ٿا؟
جواب: اتي جي بالا عملدارن کي مان سؤ سيڪڙو انھيءَ زوال جو ذميوار سمجهان ٿو.
سوال: اوهان سنڌ ۾ پرائمريءَ کان يونيورسٽيءَ تائين پڙهائجندڙ نصاب مان مطمئن آهيو؟
جواب: مان يونيورسٽيءَ ۾ پڙهايان ٿو، اتي جي نصاب کان بيحد مطمئن آهيان.
سوال: عالمي سطح تي شارٽ اسٽوريءَ جو مسقبل ڪيئن ٿا ڏسو؟
جواب: سٺو، سھڻو، خوبصورت
سوال: اڄ ڪلھہ نثر گهٽ ۽ نظم گهڻو لکجي ٿو، ان جو ڇا سبب آهي؟
جواب: تيزيءَ جي جھان ۾ وقت ڪونھي ۽ شايد نثر نگاري ڪجهہ گهڻي مشڪل بہ آهي.
سوال: توهان عالمي، برصغير ۽ سنڌ جي ادب مان ڪھڙن شاعرن ۽ ڪھاڻيڪار کان متاثر آهيو؟
جواب: اوهنري، مَوپسان، موهن ڪلپنا، اِيشور چندر، طارق اشرف، امر جليل، گلزار، عالمتاب تشنہ، صابر ظفر، اياز، نارائڻ شيام، نالا تہ ڏاڍا آهن. هونئن مان ليکڪ کان وڌيڪ تخليق جو قدر ڪندڙ آهيان. ضروري ناهي تہ وڏي نالي وارو سٺو بہ لکَي.
سوال: سنڌي موسيقي هن وقت ڪھڙي مقام تي بيٺي آهي؟
جواب: بيھجي وئي آهي، هاڻي محمد يوسف ۽ فيروز گل، غلام عليءَ جھڙا ماڻھو ناهن، ڏاڍو نقصان ٿئي پيو، مزو نٿو اچي.
سوال: ادب جو دؤر ختم ٿيو، هاڻي صحافت جو دؤر آهي، عالمي پس منظر جي حوالي سان ٻڌايو تہ ڇا اهو بيان صحيح آهي؟
جواب: مان نٿو سمجهان تہ صحافت، ادب جي جاءِ وٺي ٿي سگهي، ڪالم نگار، ڪھاڻيڪار سان ڪلھو ڪلھي ۾ ملائي تہ اها تہ سراسر زيادتي ۽ ظلم هوندو.
سوال: اهو ٻڌايو تہ ڇا ڊرامي جو تخليقي ادب ۾ ڪو مقام آهي؟
جواب: يقينن ماڻھو رت ست ڏئي ٿو. ڪو گهر ويٺي. ننڊ ۾ اسڪرپٽ نٿا لکجن ۽ اهي جي پڙهجن تہ خبر پئجي ويندي آهي تہ ڪيترو نہ خوبصورت ڪم ٿيل آهي.
سوال: هڪ مڪمل تخليقڪار ۾ ڪھڙيون خوبيون هجڻ گهرجن؟
جواب: پنھنجي ڪم سان سچو هجي.
سوال: ڪنھن بہ ليکڪ جي ليک جي ڪھڙي ڳالھہ اوهان کي وڌيڪ موهيندي آهي؟
جواب: ڪا بہ نہ، بس جي هو ماڻھو بھتر آهي تہ سڀ ٺيڪ آهي، نہ تہ لکڻ سان ڪھڙو فرق ٿو پوي.
سوال: سنڌ ۾ خودڪشين جو رجحان وڌي ويو آهي، ان کي ڪيئن ختم ڪجي؟
جواب: نٿو ختم ڪري سگهجي، اهو بحث بيڪار آهي.
سوال: ڪارو ڪاريءَ واري بڇڙي رسم بابت اوهان ڪھڙو رايو رکو ٿا؟
جواب: مان جي ٿورو بہ پڙهيل لکيل هجان تہ ڪھڙي راءِ رکي سگهان ٿو؟
سوال: پريمي جوڙن بابت پڻ خبرون پڙهندا هوندؤ، ان لاڙي کي ڪيئن ٿا ڏسو؟
جواب: اخبارن کي پيٽ ڀرڻ لاءِ اڃا الاءِ ڇا ڇا سوچڻو پوندو؟
سوال: اوهان جي زندگيءَ ۾ رونما ٿيل ڪو خاص واقعو، جيڪو اڄ تائين وساري نہ سگهيا هجو؟
جواب: ٻن سالن کان گهٽ عرصي ۾ ٻن ڀائرن عبدالرحمان مغل ۽ خليل الرحمان مغل جو موت... ان ئي عرصي ۾ امان جي وفات ۽ منھنجي دوست امير بخش ڀٽيءَ جو موت، مون کي ازحد اڪيلو ڪري ڇڏيو آهي ۽ مان اڪيلائيءَ سان گڏ هوندي، کيس ڪيئن وساري سگهي ٿو.
سوال: محبت اوهان جي نظر ۾، ڇا ڪڏهن اهڙو موقعو مليو؟
جواب: انيڪ محبتون ڪيون آهن، فاطمہ کي شاباس آهي، حوصلي سان منھنجي غلطين کي برداشت ڪندي رهي آهي.
سوال: اهڙي ڪا خواهش جيڪا پوري نہ ٿي سگهي هجي؟
جواب: ڪابہ نہ
سوال : عورت جو ڪھڙو روپ وڻندو اٿوَ؟
جواب: هر ڪو
سوال: اوهان ڪھڙن ماڻھن کان نفرت ڪندا آهيو ۽ ڪھڙا ماڻھو اوهان جي محبت ماڻي سگهن ٿا؟
جواب: نفرت ڪنھن سان بہ ڪري نہ سگهندو آهيان، محبت هر ماڻھوءَ کي پنھنجي پاران تہ ڏني ئي اٿم.
سوال: سڀ کان وڌيڪ وڻندڙ شخصيت جنھن کي وساري نہ سگهيا هجو؟
جواب: ڀاءُ خليل.
سوال: سنڌ جا ڪھڙا شھر ۽ ماڳ اوهان کي وڻن ٿا؟
جواب: ڄام شورو
سوال: خوشيءَ ۽ ڏک وارين گهڙين ۾ ڇا ڪندا آهيو؟
جواب: ٻنھين صورتن ۾ خاموش رهندو آهيان.
سوال: ادب پڙهندڙن لاءِ پيغام؟
جواب: محبت ڪندا رهو ۽ سٺو بڻجڻ جي ڪوشش ڪيو. جيڪڏهن پيشي جي حوالي کان سٺا بڻي وڃو ۽ ماڻھو سٺا نٿا ٿي سگهو تہ پڪ سمجهو، زندگي اڪارت وئي.

]ڇپيل: ماهوار ’ادب‘ شمارو: 91، اپريل 2002ع [

محمود مغل سان ملون (مرتضيٰ سيال ۽ واحد پارس هيسباڻي)

سوال: محمود مغل، جيڪو هڪ ڪھاڻيڪار آهي، ڊراما نويس آهي، ڪالم نويس آهي، شاعر آهي، ڪمپيئر آهي، سماجي ورڪر آهي ۽ ان سان گڏوگڏ هڪ استاد بہ آهي. ايترا سارا حوالا آهن تہ اهو پاڻ کي ڪھڙي خاني ۾ وڌيڪ فِٽ ۽ ڪامياب محسوس ڪري ٿو؟
جواب: مان الاءِ ڇو ڪٿي بہ پاڻ کي فِٽ محسوس نہ ڪري سگهندو آهيان. اها موليٰءِ ڪُل جي مھر آهي، جو مان هيترا سار ڪم ڪري وٺان ٿو ۽ حياتي، هيترن خانن ۾ ورهايل آهي، سڀ ڪجهہ ٿئي ٿو... ٿئي ڇا ٿو؟... ٿي وڃي ٿو... اسين تہ هونئن بہ ڪَٺ پُتليون آهيون... سڀ ڪجهہ تہ مٿي طئہ ٿئي ٿو، پر بھرحال نظر تہ اسين ئي اچون ٿا نہ... هاڻي ان نظر اچڻ ۾ منھنجي خيال ۾ تہ مان هڪ استاد بھتر آهيان.... علم جي وکير ۾ بھتر اعتقاد رکندڙ آهيان. مون کي حضرت علي ڪرم ﷲ وجه جو اهو قول، حياتيءَ جو مول لڳندو آهي تہ، ’موليٰ... اسين تنھنجي ان وراثت تي خوش آهيون، جو تو اسان کي علم عطا ڪيو آهي ۽ جاهلن کي دولت.‘... پر يار مرتضيٰ.... جي غور سان ڏسين تہ ٿوري دولت، ٿورو سڪو رائج الوقت هن مون کي بہ عطا ڪيو آهي. ملطب... نہ گهڻو عالم آهيان نہ گهڻو جاهل.... هاڻي اتي ڪاميابيءَ جو احوال ڪھڙو ٿي سگهي ٿو؟
سوال: ايترا سارا ڪم اوهان وٽ گڏ گڏ هلن ٿا. سڀني ڪمن سان نڀائڻ ۾ ڪا تڪليف محسوس نٿا ڪريو؟
جواب: نہ... تڪليف ڪونہ ٿيندي آهي. عرض ڪيم نہ... حوصلو تہ هُو عطا ڪري ٿو، سڀ ڪم هن جي حڪم سان هلن ٿا... هاڻي سڀ ڪيئن ٿو ٿئي؟ سچ پڇين تہ مون کي ان جي خبر نٿي پوي... ها... ائين البت آهي تہ منھنجي ڪا سوشل لائيف ناهي. اُٿڻ ويھڻ گهٽ آهي. محفلن ۾ گهٽ ويندو آهيان. سنگت ۾ ننڍو سرڪل آهي. هاڻي ائين بہ آهي جو سڀ چوندا آهن تہ مان مغرور آهيان، مٿو ڦريل اٿم تہ صحيح چوندا هوندا. باقي ان ڦريل مٿي جي ڪري منھنجا سڀ ڪم وقت تي ٿي ويندا آهن. اٿڻ ويھڻ جو سلسلو زال ۽ ڌيءَ جي حوالي آهي. مان مڙئي خال پيو ڀريندو آهيان... ۽ ان ڪري ئي شايد هيترا سارا ڪم ٿي وڃن ٿا. ٽي وي، ريڊيو، يونيورسٽي، لکڻ پڙهڻ.... انھن سڀني لاءِ باقاعدہ ٽائيم ٽيبل آهي مون وٽ.... منھنجا شاگرد، مون کان يونيورسٽيءَ ۾ شوق سان ٽائيم ٽيبل ٺھرائيندا آهن ۽ مان سدائين هر هڪ کان اهو واعدو وٺندو آهيان تہ هُو ان تي عمل بہ ڪندو.
سوال: اوهان جي پڙهندڙن مان ڪن جو خيال آهي تہ اوهان ڊرامي ۾ اِن ٿيڻ کان پوءِ پنھنجي بنيادي سُڃاڻپ واري ڪم يعني ڪھاڻي ۽ ناول ڏانھن ڌيان گهٽائي ڇڏيو آهي. توهان ڇا ٿا چئو؟
جواب: بلڪل صحيح خيال آهي. هاڻي تہ اهو هنن کان وڌيڪ منھنجو پنھنجو خيال پيو ٿيندو وڃي. ٽيلي ناٽڪ جي ڪم ۾ ڪمائي گهڻي آهي. پئسا سٺا ملن ٿا. هاڻي ان ڪمائيءَ جي ڪري ڌيان اوڏانھن گهڻو وڃي ٿو، ڇاڪاڻ تہ گهر جو رڌڻو هلائڻ ۽ هڪ مناسب حياتي گذارڻ بہ تمام ضروري آهي.... مٿان وري قدرتن ڪجهہ اضافي ذميواريون بہ اچي ويون آهن. ڪمائڻ ڪو خاص مسئلو ناهي... پر سٺو ۽ صحيح ڪمائڻ بيحد ڏکيو آهي.... منھنجو والد مرحوم نُور محمد مغل... فقير سائين... ڪورٽ ۾ بيلف هو... هُن سڄي حياتي بيحد سادي گذاري ۽ رخصت ٿيندي بہ هُن اهو ئي چيو هو تہ، ”بابا اوهان جو رهبر، اوهان لاءِ ﷲ جو ڪتاب ئي آهي. مال و زر مون وٽ اوهان لاءِ ڇڏڻ لاءِ ڪونھي...“ هاڻي اهڙي پيءَ جو پُٽ هجڻ جي ناتي منھنجي فرض ٿئي ٿو تہ صحيح ڪمايان.... ۽ ڪمائيءَ جي چڪر، ان صنف ڏانھن ڌِڪي ڇڏيو آهي. ڊرامو ساھہ نپُوڙي ٿو... هڪڙي سيريل گهٽ ۾ گهٽ ٽي مھينا وٺي ٿي... وقت ملي ٿو تہ ڪٿي ڪا ڪھاڻي سرجي ٿي يا ناول جو ڪو اڌ باب ٿي وڃي ٿو، پر هونئن واقعي سڀ صحيح ٿا چون تہ مون گذريل ڪجهہ عرصي ۾ گهڻو ڌيان ٽيلي ناٽڪ تي ئي ڏنو آهي.
سوال: بابا جو ذڪر ٿي ويو تہ ڪجهہ خاندان جي باري ۾ ٻُڌايو؟
جواب: والد مرحوم ’فقير ميان نُور محمد مغل‘ اصل ۾ حيدرآباد جا هئا ۽ پوءِ لڏي سيوهڻ شريف ۾ آباد ٿيا. امان صاحبہ، ٽلٽيءَ جي هئي ۽ هڪ پڙهيل ڳڙهيل خاتون هئي. 1938ع ڌاري هُوءَ سَنَ جي اسڪول ۾ ماسترياڻي هئي... مطلب ناناڻا اهڙا باشعور هئا جو ان زماني ۾ بہ نياڻين کي تعليم ڏياريندا هئا. امان ’خاصخيلي‘ هئي، بابا ’مغل‘... ۽ اسين هئاسين چار ڀائر ٻہ ڀينرون... مان سڀني ۾ ننڍو هئس... ڄاواسين سڀ سيوهڻ ۾ ۽ اتان 1966ع ۾ لڏي ڄامشوري ۾ آيا آهيون ۽ هاڻي خير جا 39 سال ٿيا آهن... ٽيئي وڏا ڀائر جھان مان رخصت ٿي چڪا آهن... ٽيئي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ هئا. ’ڊاڪٽر عبدالرحمان مغل‘ جيڪو ايجوڪيشن فئڪلٽيءَ جو ڊين هو. ’خليل الرحمان مغل‘ جيڪو ڊائريڪٽر پلاننگ رهيو ۽ ’گل محمد مغل‘ جيڪو سنڌالاجيءَ ۾ لائبريرين هو. بابا 1969ع ۾ وفات ڪئي. ڀائرن ۽ امان جي رخصتيءَ جو سلسلو 1993ع کان شروع ٿيو ۽ سڄو گهر جھڙو 11 سالن ۾ خالي ٿي ويو. ادا گل محمد گذريل سال موڪلايو... جُون ۾.
سوال: ايترا حادثا.... اهو سڀ؟ اوهان ڪيئن ورتو آهي؟
جواب: ڪيئن وٺي سگهان ٿو؟... 11 سالن ۾، قبرستان ۾ ڇھہ قبرون ٺھي چڪيون آهن.... امان، ٽي ڀائر، ادا جو پُٽ نوجوان مسعود ۽ ماسات... گهر سچي پڇين تہ خالي ٿو لڳي... مان تہ هڪ آوارہ گرد وجود هئس يار... هاڻي جو گهر جو ’هئڊ‘ ٿي ويو آهيان تہ عجيب پريشاني ٿئي ٿي. آئيني ۾ پنھنجو عڪس اوپرو ٿو لڳي. هر واري هڪ عجيب سوچ مون کي ورائيندي آهي، شاعر جو نالو نٿو اچي، پر سندس خيال واضح لڳندو آهي تہ:
سڀي ڪو ڪر ڪَي رخصت، يه نہ هو ڪه خود سَي مين پوڇون،
طبيعت خوش تو ميري هَي، مزاج اڇا تو ميرا هَي... تہ بس هاڻي شايد ماٺ وڌيڪ رهان ٿو.... ڳالھايان گهٽ ٿو. اڄ ڪلھہ سوچان پيو تہ جنم ڪٿا لکان. نالو بہ سوچيل آهي ۽ ڪم بہ ڪيو اٿم ’اسين ڏاڍو ڪڏهن کِلندا هئاسين‘... سو بس... ڇا وٺندس؟.... صبر تہ ڪرڻو ئي آهي.
سوال: زندگي بدلجي وئي آهي؟
جواب: بلڪل.... سئو سيڪڙو... هر لحاظ کان... ڏس، گهر ۾ تہ اهو سڀ ڪجهہ ٿيو، ٻاهر وري سلوڪ مَٽجي ويا آهن. ماڻھن ۾ اها شئي ناهي رهي. سڀ بس... ڀت کي هٿُ لائڻ لاءِ آتا آهن. قرب، خلوص، محبت گم ٿيندا ٿا وڃن دوست.... مٿي تي هٿُ رک تہ هٿُ پرايو ٿو لڳي... پير ڇُھہ تہ انھن ۾ اها خوشبو گهٽجندي ٿي وڃي... حياتي واقعي عجيب ٿئي پئي ٿي مرتضيٰ... يا شايد اسان پاڻ عجيب ٿي ويا آهيون.
سوال: توهان جو اسلوب هاڻي ڪجهہ بدلجي پيو... خاص طور اوهان جو ڪالم... جيڪو هڪ اخبار ۾ ڇپجي ٿو؟
جواب: ان جي وري موٽ ڪمال آهي. مون سچي بہ ائين نہ سوچيو هو تہ ڪو ماڻھو ائين پڙهندا... بس ڳالھين ڳالھين ۾ اهو سلسلو شروع ٿيو... ’خواب نگر‘... خوابن جون ڳالھيون شايد تعبيرن ۾ سٺيون لڳنديون آهن... ماڻھوءَ کي ماڻھوءَ جو پاڇو بہ تہ تنگ ڪري ٿو نہ... سو بس... هاڻي ان ۾ اندر جي ڳالھہ آهي، ڌَڪُ هڻي ٿي وڃي... الاءِ ڪيترا مھربان اهو چوندا آهن تہ تون هر هفتي روئاڙين ٿو، مان موٽ ۾ چوندو آهيان تہ پاڻ روئان ٿو... هاڻي جي اوهان بہ درد کي محسوس ڪريو ٿا تہ سچو ڪم ئي اهو آهي.... ٻئي جي درد کي محسوس ڪرڻ ئي اصل حياتي آهي... سو بس جانِ عزيز، اسلوب تہ هاڻي اهو ئي وڃي رهيو آهي.
سوال: اوهان ذاتي طور ڇا آهيو؟... سادا يا چالاڪ؟
جواب: ٻئي نہ... ها ائين چئي سگهجي ٿو تہ مان ذهين آهيان... علم جي ڳالھہ سمجهہ ۾ اچي ٿي، ڪتاب پڙهان ٿو باقي زندگيءَ ۾ چالاڪي ناهي آئي... دوکو جلدي کائي ويندو آهيان، ماڻھو ترا ڪڍي ويندا آهن، مان اهو ئي کِلندو رهندو آهيان... چالاڪ ناهيان... قطعي ناهيان، پر سچي ڳالھہ اها بہ اٿوَ تہ بنھہ سادو بہ ناهيان... چيم نہ، هوشيار آهيان.
سوال: حياتيءَ ۾ اصول ڪھڙا آهن؟
جواب: جيئو ۽ جيئڻ ڏيو... بلڪِ ٻين کي جيئارڻ لاءِ جيئو... جيڪي مرڪون نٿا رکن، انھن لاءِ انھن جو بندوبست ڪريو.
سوال: موٽون ٿا اوهان جي اهم پروفيشن ٽيليوزن ڏانھن... ڪجهہ وقت اڳ پي ٽي وي جي ڊرامن جي وڏي هاڪ هئي، ان کان پوءِ پرائيويٽ پراڊڪشن توڙي ڪيبل عام ٿيڻ کان پوءِ ڊرامو ڪٿي بيٺو آهي؟
جواب: چيو ويندو آهي تہ مُنھن ٻئي خراب هوندا آهن، اڇو مُنھن ۽ ڪارو مُنھن... هاڻي مان ڇا چوان، نہ اڇو ٿو چئي سگهان نہ ڪارو.... ٽيليوزن جو ڊرامو برباد ٿي ويو آهي ۽ خاص طور ان جو ڌَڪُ پي ٽي ويءَ کي لڳو آهي، ڇاڪاڻ تہ ڪاسٽ ۾ شامل اداڪارن وٽ وقت ئي ڪونھي جو هُو ريھرسلز ڪري سگهن... هنن لاءِ هاڻي ٽاپ پرائرٽي پي ٽي وي ناهي رهي... پرائيويٽ ڊرامن ۾ ڪم جام ملي ٿو، ڏوڪڙ بہ بظاهر سٺو ٿو ملي، حالانڪِ سچي ڳالھہ تہ اها آهي تہ هاڻي پي ٽي وي بہ تمام سٺا پئسا ڏئي ٿي... بلڪِ جي سچ وڌيڪ ڳالھائجي تہ پرائيويٽ وارا تہ پئسا کائي بہ وڃن ٿا... جڏهن تہ پي ٽي وي اوهان کي ٽڪو ٽڪو بہ ادا ڪري ٿي، پر وري بہ عجيب ٽرينڊ ٿي ويو آهي. ماڻھو ٻاهر ڪم وڌيڪ ڪن ٿا، پوءِ معيار تہ نيٺ ڪرڻو ئي آهي. انھن پروڊڪشنس ۾ سٺا ڊراما بہ ٺھن ٿا، پر گهڻي نسبت معيار کان گهٽ ٿيل ڪم جي آهي ۽ اداڪارن ۽ عملي جي روَيي جي ڪري، پي ٽي ويءَ بہ ڊرامي ۾ ڌَڪُ کاڌو آهي. مون 2004ع ۾ سيريل ڪيو هو ’ماهپاره‘ شاهد اقبال پاشا سان گڏ... خبر پئي تہ ڪيترائي اهم سينز ان ڪري بہ نہ ٿي سگهيا جو ڪاسٽ ۾ شامل هڪ ليڊ ڪيريڪٽر وٽ وقت گهٽ هو... سين هن جا هئا، سي سڀ بدلائڻا پيا... ۽ اهو سڀ ڪو نئون ڪونھي. مون ‘سمجهوتہ‘ پڻ ڪيو سميجي صاحب سان... هاڻي سائين ڪاسٽنگ ڪري ڦاٿاسين... مرحوم سميجي صاحب جي تہ زندگي تيل ٿي وئي... سائين هاڻي ڪردار کي ماءُ ڪونھي، صرف پيءُ آهي جنھن کي، ڪردار کي زندگيءَ جو فلسفو سمجهائڻو آهي... پيءُ جو ڪردار ادا ڪندڙ ’قبلو‘ واندو ناهي، اهي جملا ساهيڙي پئي ڳالھائي... هاڻي ڏسندڙ چريو ناهي... هُن کي ڪردار جي ڪيريڪٽر جي ذهني ليول جي خبر اسان توهان کان وڌيڪ هوندي آهي، سو کِلندو ڪونہ؟... تہ ابا هي ڇا ٿي ويو ويٺي ويٺي... جي ڪو ڳوٺاڻو گلوبلائيزيشن جو ذڪر ڪري تہ اوهان مڃيندؤ؟... تہ بس ڊرامي جو ٻيڙو گڏجي پيا ٿا ٻوڙيون، مٿان پرائيويٽ وارن جو وڏو ڪرم آهي.
سوال: موجودہ دؤر کي ميڊيا جو دؤر چيو پيو وڃي، توهان جي خيال ۾ مجموعي طور ميڊيا جا سماج تي ڪھڙا اثر پئجي رهيا آهن؟
جواب: مان اڃا ٽيو ڏينھن ڳوٺ ويو هئس... ٽلٽي... حيرانين جو سفر هو، ننڍين ننڍين هوٽلن ۽ ٻاڪڙن ۾ خير سان سي ڊي پليئرز هلي رهيا هئا. ماڻھن ڀارتي فلمون انجواءِ پئي ڪيون. جديد خبرون ٻُڌي ۽ ڏسي رهيا هئا... اسان کان وڌيڪ باخبر هئا، هاڻ اهو تہ چڱو رخ هو... اثر جي حوالي کان توهان ڏسو، اسان ڪھڙي رخ ۾ وڃون پيا، ڪو گذاري ٿو وڃي تہ لاش سان ڌرڻو هنيو ٿو وڃي، مذهبي طور سڀ سمجهندا آهن تہ مردو تہ ڪک بہ ڪونہ سھندو آهي، هاڻي ڪاڙهي ۾ اوهان ميت رُلايو ٿا... احتجاج ڪريو ٿا... اشو سڀ ٺھي ٿو؟ ڇا اخبارون مردو واپس ڪنديون؟ ڇا جھان ڇڏڻ کان پوءِ بہ مرحوم سان اهو سلوڪ اوهان کي ٺھي ٿو؟ منھنجي ذاتي خيال ۾ ميڊيا ان طرف اسان کي وڌيڪ وٺي وڃي رهي آهي. ڳوٺن ۾ رهندڙ هاڻي نہ شھري رهيا آهن نہ ڳوٺاڻا، مان ڇا چوان وڌيڪ؟... ٻيو سڀ تہ منھنجي خيال ۾ اسان سڀ سمجهون ٿا.
سوال: پرائيويٽ ٽي وي چينل، خاص ڪري ٻن سنڌي چينلس تي جيڪِي ڪجهہ ڏيکاريو پيو وڃي، ان جو سنڌ تي ڪھڙو تاثر پئجي رهيو آهي؟
جواب: ڪھڙو تاثر پوندو....؟ پھرين مون کي هڪڙي ڳالھہ ٻُڌائي... اها سنڌياڻي ڳولي ڏي، جيڪا جينز يا ٽائيٽ ٽائوزرس پائيندي هجي... چاليھن سالن کان مٿي منھنجي عمر آهي، ٽيھہ پنجٽيھہ کان وڌيڪ جو تون آهين... اهڙي ڪا ڇوڪري ڏٺي اٿئي؟ مان 13 سالن کان يونيورسٽيءَ ۾ پڙهايان ٿو، مون هڪ کان هڪ ماڊرن ڇوڪري ڏٺي آهي، پر الاءِ ڇو ان ساعتِ مھربان کان محروم رهيو آهيان... هاڻي اتي اسڪرين تي ڏسو تہ وري ڪا مائي، ثقافتي هجي؟ جيڪا ثقافتي وڳن ۾ ڳائيندي هئي، سا ميڊورا بڻجي وئي آهي... هاڻي پاڻ فيصلو ڪيون تہ اسين ڏيکاريون ڇا پيا؟ پوئلڳ ٿبو آهي، پر ماڳھين ائين لاهي پائي؟... ها هنن جي نيوز سٺي آهي، ڊاڪيومينٽري بھتر آهي، باقي ڪُل خير آهي.
سوال: ۽ ڊرامو؟
جواب: ڊرامو بس ڊرامو ئي آهي... بس هڪ ٻہ ڊائريڪٽر اُڀري آيا آهن، جن جو ڪم باقاعدي محسوس ٿئي ٿو.
سوال: اوهان لکو پيا؟
جواب: مون هڪ چينل لاءِ ڪم شروع ڪيو، وري اتي بہ ڪمال ٿي ويو. ٿيو ائين جو هڪ ڊائريڪٽر سان گڏجي، پنھنجي هڪ دوست جي چوڻ تي ۽ زور ڀرڻ تي مون هڪ آئيڊيا ڊسڪس ڪيو... انھي تي ان چينل وارن چيو تہ اوهان اهو سيريل ۾ بدلايو... جڏهن مون اهو سيريل ۾ بدلايو ۽ چار قسطون لکيم تہ اوچتو خبر پئي تہ ڊائريڪٽر مَٽايو ويو آهي. هاڻي ان سان ڳالھايم ڪھاڻيءَ لاءِ اڃا ڪم ڪيون پيا تہ اوچتو هڪ ڏينھن ڇا ڏسان تہ مون وارو آئيڊيا هلي پيو... اسڪرين تي اهو پنجاھہ منٽن جي ڊرامي ۾ بدلجي ويو هو. پھرئين ڊائريڪٽر صاحب پنھنجو ڪم ڏيکاري ڇڏيو هو. هاڻي ڇا لکان؟... ۽ ڪنھن لاءِ لکان؟
سوال: توهان ڪجهہ تلخ نہ ٿيا آهيو؟
جواب: ڪجهہ؟... ڪمال ٿو ڪرين يارَ.... مان تہ لڳي ٿو تلخ ئي تلخ آهيان... هن ميدان ۾ ڇويھہ سال گذاريا اٿم... دوستن جي مھربانين، سڀ رنگ کسي ورتا آهن. سينو گهايل آهي تہ پُٺي بہ خنجرن سان ڀريل آهي. جتي اوهان جا آئيڊياز ڪو ٻيو پيش ڪري، اوهان کان ڪو ڪم شروع ڪرائي، ان کي فل فِلو ۾ آڻي، ڪو ڌَڪُ هڻي الڳ ڪري، پاڻ سڀ ڪجهہ کڻي تہ بہ توهان تلخ نہ ٿيندؤ؟
سوال: ان ڳالھہ جي وضاحت ڪندؤ؟
جواب: ڪٿي ڪٿي خاموش رهڻو پوندو آهي مرتضيٰ... باقي هن دشت جي سياحيءَ مان هڪ ڳالھہ تہ مان سمجهي ويو آهيان تہ ’مون کي منھنجي دوستن کان بچايو، دشمنن کي مان پان ئي مُنھن ڏئي ويندس.‘
سوال: سنڌي ڪھاڻيءَ جي ڪھڙي دؤر کي بھترين دؤر قرار ڏيندؤ؟
جواب: سچي ڳالھہ تہ اها اٿئي تہ مون کي دؤرن جي خبر ئي ڪونھي. مون سڄي عمر صنف ڏٺي آهي، صاحبِ صنف نہ... مون کي ڪھاڻي وڻندي آهي، ڪھاڻيڪار نہ.
سوال: نوَن لکندڙن، خاص ڪري نوَن ڪھاڻيڪارن لاءِ اوهان جي ڪھڙي راءِ آهي؟
جواب: ٺيڪ آهن... مناسب آهن... منھنجو هڪڙو پرابلم آهي تہ مان ڪافي پڙهان ٿو. دؤرِ جديد جو ڪوبہ ڪھاڻيڪار ورلي منھنجي نظرن مان نہ نڪتو هجي... مون کي هنن جو ڪم متاثر نٿو ڪري.... ڪھاڻي مون کي بلڪل نٿي وڻي... الائجي ڇا پيو لکجي ۽ الائجي ڇو پيو لکجي؟... لکڻ ڀلا حج فرض تہ ناهي...؟ نٿو ٿئي تہ نہ ڪيو... پر شايد ڪرڻو بہ ضروري آهي.
سوال: اها شڪايت آهي؟
جواب: نہ... اها منھنجي ذاتي راءِ آهي. ڪجهہ عرصو پھرين ڪجهہ ڪتاب مون وٽ ججمينٽ لاءِ آيا... هاڻي انصاف ڇا ڪجي؟... رُوح ئي ملول ٿي ويو... ڪھاڻي اتي وڃي پھچندي، اهو سوچيو ئي ڪونہ هئوسين.
سوال: ان جا سبب سمجهہ ۾ اچن ٿا؟
جواب: اهو ئي تہ پڙهون ڪونہ ٿا، لکڻ تي ۽ ٻُڌڻ تي زور آهي... ڪتاب ڪير وٺي؟ ڏاڍا مھانگا آهن... مھانگا ڪٿان آهن دوستَ... اصل ۾ اسان کي ڪتاب وٺڻ جي عادت نہ آهي. هاڻي جيستائين پڙهجي نٿو، تيستائين ليکڪ ٿجي ئي نٿو... اهو سڀ قلم ڌڻين کي سمجهہ ۾ نٿو اچي.... جتي هر گهٽيءَ ۾ شاعر رهندو هجي ۽ هر پاڙي ۾ ڪھاڻيڪار، اتي توهان ڪھڙي معيار جي سوچ رکي سگهو ٿا.
سوال: اڄ جڏهن سمورو سماج، پستيءَ ڏانھن وڃي رهيو آهي تہ هن صورتحال ۾ اديب پنھنجو ڪردار صحيح طور نڀائي پيو يا نہ؟
جواب: مون کي نٿو لڳي تہ نڀائيندو هجي. اسان جو معاشرو هڪڙو تہ ادب تي منحصر ناهي، ٻيو مون جيئن پھرين چيو تہ اديب ئي ادب نٿو پڙهي تہ عام ماڻھوءَ تي ڪھڙي ميار... هاڻي جيڪا صنف صحيح نموني سان ايگزسٽ ئي نٿي ڪري، اها ڪھڙو ڪردار نڀائيندي هوندي.
سوال: اوهان سنڌي چينلس تي نظر نٿا اچو؟
جواب: ’ڪي ٽي اين‘ جڏهن شروع ٿيو هو تہ موسيقيءَ جو پھريون پروگرام ’محفل‘ مون ئي ڪمپيئر ڪيو هو معنيٰ اهو چئي سگهجي ٿو تہ سيٽلائيٽ جي پھرئين سنڌي چينل جي پھرئين موسيقيءَ جي پروگرام جو پھريون ميزبان آئون آهيان. هاڻي پوءِ خبر پئي تہ ڄڻ اڻ سِڌي طرح ڪو بہ پروگرام منھنجي لاءِ ناهي. دوستن کي شايد مون سان محبت گهڻي آهي، ان ڪري هُو مون کي ڪنھن بہ صورت ۾ اتي ڏسڻ نٿا چاهين. ائپروچ ڪرڻ منھنجو ڪم ناهي ۽ مزي جي ڳالھہ اها بہ آهي تہ مان ڪنھن بہ لابيءَ ۾ بليوِ نہ رکندو آهيان. منھنجو ڪم نظر اچي ٿو ۽ اهو ئي ڪافي آهي. باقي مزي جي هڪڙي ٻي ڳالھہ بہ آهي تہ جڏهن ’سنڌ ٽي وي‘ شروع ٿيو تہ نشريات جي شروعاتي پروگرام ۾ مون کي مھمان جي حيثيت ۾ گهرايو ويو، اتي پھچي خبر پئي تہ مان پھتو آهيان تہ هاڻي ڪمپيئر بہ ڪرڻو پوندو ۽ تاريخ شاهد آهي تہ سنڌ ٽي وي پاران سڄي دنيا ۾ پھريون سلام مون ڪيو هو. هاڻي مون کي لڳندو آهي تہ مان صرف پھريَن سلامن ڪرڻ جي لاءِ آهيان. هونئن مان شڪر ادا ڪندو آهيان ڌڻيءَ جو تہ جيڪا عزت هُن مون کي پي ٽي ويءَ تي ڏني آهي، تھڙي عزت گهٽ ماڻھن کي نصيب ٿيندي آهي.
سوال: هاڻي ڪجهہ ڳالھيون ذاتي زندگيءَ جون... ڪھڙين ڳالھين کان خوف ايندو آهي؟
جواب: ماڻھن کان، انسان بنيادي طرح زهريلو آهي، جانورن جي ڏنگ کان بچي سگهون ٿا، انسان جو ڪَکيل مشڪل بچي سگهي ۽ مزي جي ڳالھہ اِها تہ مارڻ لاءِ گوليءَ جي ضرورت ناهي، اوهان نگاھہ ڦيرايو، مرڻ وارو پاڻھي ئي مري ويندو. زندگيءَ جي تجربن ۾ مان سامھون واري کان ڏاڍو ڊڄندو آهيان. انسان، انسان سان ڪجهہ بہ ڪري سگهي ٿو. خبر ناهي تہ هي جيڪو ماڻھو، اوهان جي هيتري عزت ڪري ٿو، اهو ڪنھن گهڙيءَ اوهان جي پٽڪِي لاهيندو. ماڻھوءَ جھڙو بي اعتبار وجود دنيا جي تختي تي مشڪل ملي سگهي.
سوال: منھنجي خيال ۾ سڀ تہ اهڙا بہ نہ هوندا آهن؟
جواب: تہ ڪيترا هوندا آهن؟
سوال: منھنجو مطلب آهي تہ زهريلن ماڻھن سان گڏوگڏ اهڙا ماڻھو بہ تہ موجود آهن، جن سان ملي پنھنجائپ ۽ پيار جي خوشبو ايندي آهي؟
جواب: بلڪل ايندي آهي، پر اوهان خوف جو ذڪر ڪيو هو. بُوءِ تہ بُوءِ هوندي آهي، پوءِ اها خوش هجي يا بد... اهو ئي خوف کائيندو آهي تہ اها خوشبو، بدبوءِ ۾ مَٽجي نہ وڃي.
سوال: حياتيءَ جو اهم ترين تجربو؟
جواب: زندگيءَ جي شروعاتي دؤر ۾ جنھن سان شديد ترين محبت ڪئي هئم، اُن صرف ان ڪري ٺُڪرايو هو، جو بقول هن جي مان ڪنھن لائق نہ هئس. لائق تہ خير مان الاهِي شين جي هئس، پر جيڪِي ڪجهہ کيس گهرجندو هو، سو شايد مون وٽ نہ هو. حياتيءَ رستا مَٽايا، عمرِ عزيز ۾ فاطمہ شامل ٿي ۽ شاديءَ جي 12 سالن کان پوءِ، عاشقيءَ جي پھرئين مائل اسٽون، هڪ دفعو وري واپس گهرايو، چيائين، ”مون لاءِ ڪجهہ وقت اٿئي؟“ فاطمہ کان موڪل وٺي ملڻ ويوسانس. جتي هُن اهو سوال ڪري وڌو تہ، ”ڇا مان هاڻي هُن جو ٿي سگهان ٿو؟“ مون اهو ئي عرض ڪيو تہ، ”تون تہ نمبر ون آهين، توکي نمبر ٽُو ٿيڻ جو شوق ڪڏهن کان ٿيو آهي؟“ حيرت مون کي انھي ڳالھہ تي لڳي، جڏهن فاطمہ اهو سڀ ٻُڌي چيو تہ، ”مون کي پڪ هئي تہ اهو سڀ ائين ئي ٿيندو.“
سوال: زندگيءَ ۾ ڪنھن کان متاثر ٿيندا آهيو؟
جواب: ڪنھن کان بہ نہ... ۽ هر ڪنھن کان.... مون کي متاثر ڪرڻ لاءِ ضروري ناهي تہ ڪا ڪنگ ڪانگ شخصيت هجي، مان تہ عام ماڻھوءَ کان بہ متاثر ٿي ويندو آهيان. شرط رڳو اِها آهي تہ منجهس ڪجهہ گُڻ هجن... ڪجهہ سيکاري سگهي. هڪ ٻي اهم ڳالھہ مرتضيٰ تہ تقريبن 26-25 سال ٿيا آهن مون کي، ميڊيا جوائن ڪندي، جيڪا ڳالھہ مون کي عجيب ترين لڳندي آهي، اُها اِها آهي تہ وڏن ماڻھن ۾ گهڻائي ننڍن ماڻھن جي آهي. اوهان کي کوٽڻ جي ضرورت بہ نٿي پوي، هُو پنھنجو پاڻ ٻاهر نڪري اچي ٿو. ننڍا ماڻھو... خصيص ماڻھو، وڏو ماسڪ پھريو گهمندا ٿا وتن.... هاڻي اهو الميو ناهي تہ مون ٽيليوزن ۽ ريڊيو جي معرفت هڪ هزار کان مٿي شخصيتن جا انٽرويو ڪيا هوندا... سياسي، سماجي، فنونِ لطيفہ جون گُوناگون شخصيتون... پر ڪوبہ هڪڙو ياد نٿو بيھي... مطلب اهڙو ڪجهہ ٿيو ئي ڪونھي، جيڪو ياد رهي... ياموليٰ هاڻي ڇا چوان! ڪوڙ ڳالھائڻ نٿو گهران... ها ڪجهہ قدآور ماڻھو مون ڏٺا، جن سان منھنجي ذاتي ملاقات رهي... مون کانئن انٽرويو کڻي نہ بہ ڪيو هجي، پر ڪجهہ لمحن ۾ ئي ڄڻ سڀ ڪجهہ ڦُري ويا هجن. اسلم اظھر صاحب انھن مان هڪ آهي، اڳوڻو ايم ڊي پي ٽي وي... هُنن کي اڄ ڏينھن تائين ادارو ياد ڪري ٿو، هُنن لاءِ ڳوڙها ڳاڙي ٿو... انور سجاد... ييس اهڙا ماڻھو بہ آهن.
سوال: توهان پرک ڪيئن ڪندا آهيو؟
جواب: پرک ڪھڙي مٺا؟ هاڻي ايڏو وڏو پارکُو تہ مان ناهيان، پر بھرحال هڪ ننڍڙي انداز مان ئي اوهان جي خبر پئجي ويندي آهي تہ اوهان جو قد ڪيترو آهي... هڪڙو ننڍڙو مثال ڏيانءِ ٿو... مان سرڪاري، غير سرڪاري تقريبون ڪنڊڪٽ ڪندو آهيان. تازو هڪ وڏو دانشور صاحب، ڏاهو، صاحبِ حيثيت هڪ تقريب ۾ آيو... پاڻ دير ڪري آيو سو ڇُٽو... وري مقرر وقت کان وڌيڪ تقرير بہ ڪيائين... هلو اهو بہ ٺيڪ آهي... مٿان وري پڄاڻيءَ مھل جيڪي مھربانيءَ جا ڪلمات هڪ پروفيسر کي ادا ڪرڻا هئا، جنھن جي لاءِ مان انائونسمينٽ ڪري چڪو هئس ۽ اهو صاحب پير ۾ تڪليف هوندي آهستي آهستي ايندي، اسٽيج تائين پھچي بہ چڪو هو تہ ان مھل هٿ ڇندي اهو عالم صاحبِ صدر روانو ٿي ويو.... ﷲ غني... هُو ويچارو اتي ئي بيٺو آهي... صاحب روانو ٿيو تہ پنجاھہ چمچا بہ نڪتا... مطلب تہ سڄو هَلو گُلو ٿي ويو ۽ عجيب ذلت جو احساس ٿي رهيو هو... هاڻي ڇا ڪجي! جَي ٻہ منٽ ٻيا ڏئي ها، جتي ڪلاڪ وڃايو هئائين، اتي ٻن منٽن ۾ قيامت اچي ها ڇا؟... سچ اهو ئي اٿئي... ڪنھن نہ ڪنھن عادت مان ڪجهہ نہ ڪجهہ ظاهر ٿي پوندو آهي.
سوال: يعني... توهان متاثر ناهيو ٿيندا؟
جواب: ٿيو آهيان... پر انھن کان جن سان شايد مليو ناهيان. مان بظاهر ايڏو ڪانفيڊنٽ ماڻھو آهيان، جو وزيرِاعظم ۽ صدر صاحب جا پروگرام منھنجي عزت ۾ اضافو ئي بڻيا آهن... پر سوچيندو آهيان تہ استاد بسم ﷲ خان، يسوداس، ستياجيت رَي، اميتاب بچن ۽ پنھنجي خانصاحب فتح علي خان، جيڪو استاد امانت علي خان جو ڀاءُ آهي... انھن جي سامھون منھنجو اکر بہ جو اُڪلي... مان بس ڪنڌ هيٺ آواز گُم، اها منھنجي سوچ آهي... ٻاراڻي يا ميچوئر پر بھرحال منھنجي ذاتي آهي.
سوال: توهان جا جواب واضح آهن... پر هڪڙي سوچ اچي ٿي... توهان محدود ناهيو؟
جواب: هاڻي شايد ٿي ويو آهيان... فنونِ لطيفہ ۾ سلوَر جوبليءَ جي ڪري شايد مان ٿي ويو آهيان... محمود، محدود ٿي ويو آهي. اهي سڀ روَيا ڏسي، اهي سڀ سُلوڪ ڏسي... يارَ تون پاڻ سوچ... ڪوڙين روشنين جيان اسان جا سُلوڪ بہ ڪوڙا ٿي ويا آهن. دل جو خلوص رهيو ئي ناهي، اندر جو حُضور ختم ٿي ويو آهي. توهان الاءِ ڪيترا خواب کڻي هتي اچو ٿا، پر ٿئي ڇا ٿو؟ ڇا اوهان جو ميرٽ تسليم ڪيو وڃي ٿو؟ مان هنن ساعتن ۾ ’مھتاب آپا‘ کان پوءِ ٻيو سنڌي آهيان، جيڪو ان جاءِ تي پھتو آهي. پي ٽي ويءَ جي مکيہ اردو پروگرامن کي مون پنج سال ساندھہ ڪيو، چار سالن جون عيد جون ٽراسميشنس مون ڪيون، چار سال ايوارڊ مون ڪنڊڪٽ ڪيا... سڀني کان گهڻو ٿيل ڪم منھنجو آهي... 1998ع کان ’پرک‘ ڪريان پيو... هاڻي اهو سڀ سوَلو ناهي، هُنن سان ڪم ڪيان ٿو، جاءِ والاريان ٿو... انھن کي اعتراض ناهي، اسان جا ماڻھو بيزار آهن... عجيب مثال ڏس... هڪ ڀيرو ٽي ويءَ تي عيد جي نشريات پئي ڪيم، ٽي ڏينھن ساندھہ... لاڳيتا... سڀ ڪمپيئر بدلبا رهيا، مان اڪيلو هڪڙو ماسٽر ڪمپيئر ساڳيو رهيس... هاڻ ٻہ ڏينھن خير جا گذريا، ٽيو ڏينھن جاري هو، سخت ٿڪل هئس، شام جو جيڪي مھمان هئا، سي اسان جا سنڌي فنڪار هئا، هنن جو انٽرويو ڪري مون کي وائينڊ اپ ڪرڻو هو... هاڻي هنن سان ڳالھايان تہ جواب عجيب... مھمان خاتون چوي، ”مان تہ سنڌي ناهيان... ٽُٽل ڦُٽل سنڌي ڳالھائيندي آهيان.“... سبحان ﷲ... مٿان وري ٻيو مھمان فرمائي ٿو، ”مغل صاحب، ڀلا هنن کي ڪو ٻيو نٿو ملي... ٽن ڏينھن کان توهان کي ويھاريو ويٺا آهن؟“... اُتي منھنجي ڪن ۾ آڊيوميٽر جي مدد سان پروڊيوسر چيو هو، ”هن بيوقوف کي چوينس تہ پي ٽي ويءَ کي ضرورت آهي، تڏهن ويھاريو ويٺي آهي، ائين اجايو ناهيان ويٺو.“... هاڻي ان صورتحال ۾ سوچ ۽ پوءِ ٻُڌاءِ تہ ڇا ڪيان... جيڪي اردو ڳالھائين پيا، انھن کي اعتراض ڪونہ هو، اسان جن ماڻھن جو ساھہ پيو وڃي.
سوال: توهان جو ايترو تجربو آهي، انھن مان سنڌي چينلس وارن ڪو فائدو ورتو؟
جواب: مون کان ۽ فائدو؟.... مان تہ سنئين سِڌي ڳالھہ آهي تہ ڪنھن جي بہ گُڊ بُڪس ۾ ناهيان... هلي وڃڻ هاڻي عمرِ عزيز جي هِن حصي ۾ مون کي نٿو سٺو لڳي ۽ هُونئن بہ مغرور تہ آهيان. وڃڻ ٻڃڻ پان کان ڪونہ ٿيندو... هُونئن هڪ ڳالھہ ٻي بہ چوڻ ٿو گهران... جنھن کي بہ، جتي بہ ضرورت پئي هوندي... مون مدد ڪئي هوندي... ڪجهہ ڪمپيئرس مُنجهيا پئي، مون مدد ڪئيمانِ... ڪم ٿي وَيُن... ڳالھہ اِها ناهي تہ ڪو مان مدد نٿو ڪرڻ گهران، پر ڪو اڳيان بہ اچي نہ...
سوال: يعني ڪوبہ ڪونہ ٿو اڳيان اچي؟
جواب: ڇا اڳيان ايندو؟... مون چيو نہ مان ڪنھن وٽ بہ گُڊ بُڪس ۾ ناهيان.... هاڻي چوندس تہ شڪايت ٿي ويندي... پر پاڻ سوچ ڪر... هنن جا هيترا پروگرامس ٿيا آهن، مون کان جونيئرس شريڪ ٿين ٿا، مون کي ڪوبہ ان لائق نٿو سمجهي... جن جو نالو وَٽَي تي ڪونھي، اُهي بہ اَڳ اَڳرا آهن... ڪٿي راھہ ويندي، هنن جا ڪمپيئر ملندا آهن تہ چوندا آهن، ”سائين اسان جي هر لسٽ ۾ اوهان جو نالو شامل هوندو آهي، پر پوءِ ڪَٽجي ويندو آهي... الاءِ ڇو؟“ هاڻي اهو ’الاءِ ڇو؟‘ مون کي خبر آهي تہ ڇو آهي... ۽ اتي اهو چوڻ بہ مون کي بار ڪونھي تہ حياتي جيڪا بچي آهي، انھن ۾ جَي انھن ٻنھي سنڌي چينلس تي گهرايئون بہ تہ ڪونہ ويندس... جھڙو هنن مون سان سلوڪ رکيو آهي، اهڙو تہ مان بہ رکي سگهان ٿو... اتي سوچيندو اهو بہ آهيان تہ ايتري ميرٽ هوندي بہ مون سان اهڙو حال آهي تہ عام ماڻھوءَ سان ڇا ٿيندو هوندو!؟
سوال: توهان کي لڳي ٿو، تہ اهو سڀ ائين ڇو آهي؟
جواب: منھنجي خيال ۾ تہ سھپ ناهي... اسين سامھون واري جي قد کي بُلند ٿيندو ڏسي ڪونہ سگهندا آهيون. هر ڳالھہ ۾ دخل ڏيڻ جي اسان کي عادت هوندي آهي ۽ مزي جي ڳالھہ تہ اسان کي سدائين سامھون واري جو ڪم ايندو آهي ۽ چڱي طرح ايندو آهي، پر پنھنجي ڪم جي خبر نہ پوندي آهي... مان ڇا پيو ڪيان، انھي جو اندازو ڪونھيم.... مرتضيٰ جي جاءِ تي ’عبرت مئگزين‘ بھترين ڪڍي سگهان ٿو.... هاڻ اهو اطمينان اٿم... نوڪري اٿم پڙهائڻ جي، اها وئي ڌُوڙ ۾... فڪر تنھنجو ۽ پاڙي وارن جو آهي ۽ بس اهو ئي خاص سبب آهي.
سوال: ماڻھن جا قدَ تہ وري بہ وڏا ٿي وڃن ٿا!
جواب: لَتَ رکي... ٻئي تي لَتَ رکي... جي غور سان ڏسين تہ ڪيترا بلند بانگ وجودَ ٻئي کي ڏاڪو ٺاهي بيٺل نظر ايندئي... مھرباني ڪري، اهڙا ڪي هيڪڙ ٻيڪڙ وجودَ تہ ڳول، جن کي قدرت پاڻ دراز قد بڻايو هجي.
سوال: اوهان جو قد وڏو ناهي؟
جواب: نہ... مان بندرو آهيان ۽ مون کي اهڙي ڊگهي قد جي ڪا خواهش بہ ناهي... اها ئي دعا گهرندو آهيان تہ موليٰ ڪنھن کي بہ ڏاڪڻ ٺاهي، پنھنجو دراز قد ظاهر نہ ڪيان... هونئن بندرو آهيان تہ خوش آهيان، ڇاڪاڻ تہ ڏاڪو ٺھي سگهان ٿو ۽ الاءِ ڪيترن لاءِ ٺھيو بہ آهيان.

]ڇپيل: پندرهن وار ’عبرت مئگزين‘ 16 اپريل 2005ع[

حرفِ آخر: پنجاھہ سالن جي علمي ادبي ۽ نشرياتي سفر جا پنج مکيہ دردَ

تون اسان مان ناهين... مان اوهان مان آهيان

محمود مغل

پھريون درد:
نما شام جھڙو صبح هو. اسڪولن ۽ ڪاليجن جون موڪلون هيون. علم و ادب، ڪھاڻيڪاريءَ جو ڀُوت مٿي تي سوار هو. ننڍي هوندي کان ئي وٺي، مون پنھنجي گهر ۾، گهر وارن پاران ڏنل لائبريريءَ کي بار بار پڙهيو هو. ٻارهن کان تيرهن سالن جي ڄمار تائين مان ٽي سؤ کان مٿي ڪتابَ پڙهي چڪو هئس. مٿان وري قبلا والدہ صاحبہ جي علمي ادبي سِکيا، جنھن جي مٿان سونَ جو سُهاڳو، وڏي ڀاءُ مرحوم ادا خليل الرحمان مغل جو لائبريرين سان عشق، جيڪو روزانو ڏھہ پيسِي ۾ چوويھہ ڪلاڪن جي مسواڙ تي ڪتابَ، لائبريريءَ مان کڻي ايندو هو. گهڻي خرچ کان بچڻ لاءِ ڪوشش اِها ئي هوندي هئي تہ ڪتاب رات پيٽ ۾ پورو ڪيو وڃي.
پاڙي ۾، طارق ۽ ذوالفقار علي رهندڙ هئا. طارق ان مھل رڳو طارق هو، وقت کيس طارق عالم بڻايو، جڏهن تہ اهو ساڳيو ذوالفقار ’نياز پنھور‘ جي صورت ۾ اسان ۽ اوهان جي سامھون آ. گڏ گهمندا هئاسين، گڏ رُلندا هئاسين. تنھن زماني ۾ ’سنڌي ادبي بورڊ‘ جي آفيس، نئين نئين ڪَرُ کڻي بيٺي هئي. ڏهاڪي 1970ع جا شروعاتي ساھہ هئا. ليکڪن ۽ اديبن جا نالا چوويھہ ڪلاڪ ڪَنن ۾ گردش ڪندا هئا. سِڪَ ڏاڍي هوندي هئي ۽ ڏاڍو آئيڊيئلائيز ڪبو هو.
اُن نما شام جھڙي صبح ۾، مان، طارق ۽ نياز، ادبي بورڊ جي عمارت جي ڏاکڻين حصي ۾ ٺھيل، ايڊيٽر ’مھراڻ‘ جي آفيس ٻاهريان موجود هئاسين. سامھون ڪرسيءَ تي ’مھراڻ‘ جو ايڊيٽر ’غلام محمد گرامي‘ صاحب، چانھہ جون چشڪيون ڀريندي، ملاقات جو شرف بخشي رهيو هو.
طارق کان پڇيائين، ”تون ڪير؟“
طارق وراڻيو، ”ابڙو.“
ذوالفقار ڏانھن نھاريائين، جنھن وراڻيءَ ۾ چيو، ”پنھور.“
مون کان پڇيائين، ”تون ڪير؟“
مون چيو، ”مغل“
هنن ٻنھي کي، ساڄي پاسي ڏانھن، آفيس جي در ڏانھن اشارو ڪندي چيائين، ”توهان هيڏانھن... پنھنجا آهيو...“ مون ڏانھن نھاريندي چيائين، ”تون ڌاريو آهين... مغل آهين... تون اسان مان ناهين.“
حياتي، شروعاتي دؤر ۾ داخل ٿيل هئي، ان عمر ۾ شايد عزت بي عزتيءَ جو ايترو احساس نہ هجي، پر ايڊيٽر ’مھراڻ‘ جي ان گفتگوءَ، بي عزتيءَ جو اهو دروازو کولي ڇڏيو، جيڪو مون پوري ڄمار ۾ ڪڏهن بہ پنھنجي يادگيريءَ ۾ بند ٿيندي نہ ڏٺو آهي. مان اتان ئي موٽي آيو هئس... ياعمر وري سندس سامھون ڪڏهن بہ نہ آيس ۽ نہ وري مون ڪڏهن هن جي دؤر ۾ ’مھراڻ‘ ۾ لکڻ جي ڪوشش ڪئي. اُهو آواز، اڃا تائين بہ ٻُرندو آهي، ”تون اسان مان ناهين.“

ٻيو درد:
پنھنجي جوانيءَ واري دؤر ۾ مان تيز ترين لکندڙن مان هڪ هئس. شفيق والد جيان، مرحوم انور هالائي صاحب فرمايو هو، ”محمود... جڏهن طبعزاد ڪم نہ ڪري سگهين تہ ترجمي جو هٿُ ڪڏهن بہ نہ ڇڏجانءِ... ڪڏهن بہ وقت نہ وڃائجانءِ... ڏکئي کان ڏکيو مسودو ڌاري ٻوليءَ ۾ کڻجانءِ... خاص طور انگريزيءَ ۾... ياد رکجانءِ واندو نہ ويھجانءِ.“
ڌڻي شاهد آهي، تہ مون سڄي عمر سندن ان حۡڪم کي اکين تي رکيو آهي. 1978ع کان پوءِ، ساندہ لکندي، جَي مون کان طبعزاد ڪم نہ ٿي سگهيو هوندو تہ مون ترجمي ڪرڻ ۾ وقت صرف ڪيو هوندو. نوي واري ڏهاڪي ۾ لاطيني امريڪن انگريزيءَ ۾ ‘Alive’ (اَلائيوِ) جو ناول منھنجي هٿ آيو تہ مون تقريبن ڏيڍ سال ۾ اهو ترجمو مڪمل ڪيو. ان ڪري نہ پيو عرض ڪريان جو اهو ترجمو مون ڪيو هو سو بھترين هو. هن دؤر جي هڪ سدابھار ذهن ۽ گهڻ پڙهيي شخص محترم ’اياز لطيف پليجي‘ مون کي ڀاڪُر ۾ ڀري چيو، ”محمود، ’اَلائيوِ‘ جو ڪيل تنھنجو اهو ترجمو، اسان سڀني تي احسان آهي.
’سنڌي ادبي سنگت‘ سال 1992ع ۾ ڇپيل ڪتابن تي انعامي مقابلي جو اعلان ڪيو هو. تنھن زماني ۾ نگاھہ ۾ جوت وڌيل هئي. ايمانداريءَ تي اعتبار پنھنجي پوري يقين سان رت ۾ شامل هو. مقابلي ۾ شامل ٿيڻ لاءِ ڪتاب جا پنج نسخا ڏياري موڪليا ۽ الاءِ ڇو هڪ عجيب و غريب ماٺ پلئہ پوڻ لڳي. هڪ ڏينھن اوچتو، تنھن زماني جو نوجوان ليکڪ ۽ شاعر ’قدير انصاري‘ گهر تي ملڻ آيو ۽ موڪليل ڪتابن جو بنڊل، مسخ شدہ حالت ۾ هٿن ۾ ڏيندي چيائين، ”هن سال ترجما مقابلي جي ڊوڙ ۾ شامل ڪونھن. ڇاڪاڻ تہ ترجمو ڪا خاص صنف ڪونھي.“
مون وٽ چوڻ لاءِ ڪجهہ بہ ڪونہ هو. تنھن زماني ۾ مرڪزي سيڪريٽري محترم ’ادل سومرو‘ صاحب هئا. پندرهن روزہ ’عبرت مئگزين‘ جو انچارج ايڊيٽر ’مرتضيٰ سيال‘ هو ۽ ادبي شعبي جو سربراھہ ’لياقت رضوي‘... مون ڏانھن هڪ خط لکيو، جنھن کي 1 مئي 1993ع جي اشاعت ۾ ’محمود مغل ڳالھائي ٿو...‘ جي سري هيٺ ڇپيو ويو. تاريخ جي ورقن ۾ سندس اهميت کي رکندي ۽ هڪ اُڀرندڙ ليکڪ سان زيادتيءَ جي زمري ۾ هي ٻيو درد ڪاغذن تي اوتجي ٿو:

محمود مغل ڳالھائي ٿو....

لياقت!
سکيو هجين
اڄ الائي ڪيتري عرصي کان پوءِ مان توسان مخاطب ٿي رهيو آهيان. يا شايد حياتيءَ ۾ پھريون ڀيرو توسان قلمي گفتگوءَ جو حوالو ڪتب آڻيان پيو. اڄ توکي مان هڪ ڪھاڻي ٻڌائڻ ٿو گهران. مون آڏو هن مھل ٻہ تحريرون آهن، مٺي قدير انصاريءَ جا جرڪندڙ لفظ، جيڪي هن ڪتابن جو بنڊل سکر مان واپس آڻي، محبت جي مس سان لکيا ”سکر کان ايندي ايندي، ادل سومري صاحب اوهان جي لاءِ سلام ۽ هي ڪتابن جو پيڪٽ ڏنو هو. ڪتابن تي رکيل Awards جي لاءِ ضروري آهي تہ اهي ڪنھن بہ صورت ۾ Creative هجن، شايد ترجمن لاءِ مستقبل قريب ۾ ڪو اعلان ٿئي.“ ۽ ٻي تحرير آهي ’خادم وطن‘ 30 مارچ واري بئڪ پئج ۾ ڇپيل هڪ خبر جنھن موجب. ”22 اپريل تي سنڌي ادبي سنگت 92 جا انعام ورهائيندي. انعامن ۾ مختلف نالن سان مختلف ايوارڊز آهن، جيڪي شاعري، ڪھاڻي، ٻاراڻي ادب، تحقيق، عورتن جي جاڳرتا ۽ تعليم، پرائمري تعليم ۽ تنظيمي ڪارڪردگيءَ تي ڏنا ويندا.“
هيءُ هڪ منجهيل ڪھاڻي آهي، آهي نہ؟
توکي مٿئين پئراگراف مان ڪجهہ بہ سمجهہ ۾ نہ آيو هوندو، اچ مان توکي سڄو مامرو کولي ٿو سمجهايان.
شايد ڊسمبر 92ع ۾ اهو اعلان ٿيو تہ ’سنڌي ادبي سنگت‘ سال ۾ ڇپيل ڪتابن تي مختلف ’انعامن‘ سان نوازيندي، ليکڪن کي گذارش ڪئي وئي هئي تہ اهي هڪ مخصوص تاريخ تائين ڪتاب جون 3 ڪاپيون ڏياري موڪلين. اعلان پڙهي منھنجي دل خوشين جي هڪ زيروبم جو شڪار ٿي وئي. تون تہ واقف آهين تہ هن حياتيءَ ۾ ڪا بہ شيءِ ’سٿري‘ نموني حاصل ناهي ٿي، جڏهن بہ ڪٿي ڪا وک کنئين هوندي، يارن گهٽايو ڪونہ هوندو. (هڪ مقابلي ۾ منھنجو ڪتاب ويل هو، قسم کڻي ٿو چوان، دوست پھچي ويا ۽ ججن تي دٻاءُ وڌائون تہ خاص طور تي محمود مغل کي ڪجهہ نہ ملي، تاريخ شاهد آهي تہ انھيءَ ساڳئي جج منھنجي سامھون يارن کي خوار ڪري ٻڌايو تہ توهان ئي تہ هئا جيڪي مون وٽ آيا هئا تہ محمود کي ڪجهہ نہ ڏيان، نتيجو صرف کِل کِل، ڳالھہ کي هيڏانھن کان هوڏانھن ڪرڻ ۽ محمود مغل جو منھن اهو ئي مونن ۾، موليٰ پاڪ مشڪل ڪشا ڇا ڪربلا ۾ ماتم جا ڏينھن هر روز، هر ويلي هوندا آهن) بھرحال، هن واري اها ئي سوچ هئي تہ ’ادل‘ ويٺل آهي. اهڙي ڪابہ ڳالھہ ڪانہ ٿيندي، اهو ئي سوچي نذير آپا کان ’اسين جيئرا آهيون‘ جون چار ڪاپيون وٺي، مقابلي ۾ شرڪت لاءِ موڪلي ڇڏيم.
ساڳيءَ رات ادل سان فون تي ڳالھايم تہ، ”خبر ٻڌايانس تہ ڪتاب موڪليان اٿم“ تہ موٽ اها ئي ملي تہ ”ير، ترجمن جو ڪو حوال ئي ڪونھي، ڇاڪاڻ تہ صرف تخليقي شيون شامل ٿين ٿيون.“
مون ادل کي سمجهائڻ گهريو تہ سڄي جڳ جھان ۾ ادبي صنفن ۾ ترجمو بہ شامل ٿئي ٿو. ڇاڪاڻ تہ هڪ ٻوليءَ مان ٻيءَ ۾ مسودي جي منتقلي بہ ڪا مشڪري ڪانھي. اها بہ پيڙا گهري ٿي ۽ هونئن بہ منھنجي خواهش هئي تہ ترجمن لاءِ بہ انعام رکيو وڃي (ان لاءِ نہ تہ ڪو مون ڪو ترجمي جو ڪتاب لکيو هو، ٻيا بہ هن سال ڪيترائي ڪتاب آيا هئا ۽ جي open competition هجي ها تہ ضرور مزو اچي ها)، پر ادل وري بہ منجهيل، آخر مون هڪڙو جملو چيو ”يار ادل، ڪو جڳاڙ ڪر نہ“ جنھن تي منھنجي زال، فاطمہ سختيءَ سان اکيون ڦيرايون تہ منٿون ڇو ٿو ڪيان، حالانڪ مون پنھنجي ڪتاب لاءِ منٿ نہ پئي ڪئي، بلڪہ Over all سڀني ترجمن لاءِ هڪ ايوارڊ جي طلب ڪيم پئي. ادل چيو ”ﷲ تي رک، سوچون ٿا.“
وقت جي پل هيٺان، خدشن ۽ وهمن جو ڪجهہ ٻيو پاڻي لنگهي ويو تہ قدير انصاري ڪتاب واپس ڪندي چٺي لکي، مون سوچيو ٺيڪ آهي، ادبي سنگت وارا چون ٿا تہ پوءِ يقيناً ’ترجمو‘ ڪو ’تخليقي ڪم‘ نہ هوندو، پر 30 مارچ جي اخبار ’خادم وطن‘ ۾ خبر پڙهي مان تہ عجب ۾ اچي ويس. ”ادبي سنگت، موسيقي، عورتن جي جاڳرتا، پرائمري تعليم ۽ تحقيق تي بہ انعام ڏيندي، ياخدا، هي سڀ ڪجهہ ڇا واقعي ٿئي ٿو.“
مان محسوس ڪيان پيو تہ منھنجي اندر ۾ ڪجهہ ٿئي پيو. ڪا ڏک جي لھر آهي، جيڪا نھوڙي رهي آهي، مون کي خبر آهي تہ مان ڪيتري پاڻيءَ ۾ آهيان... مان هميشہ اها ڳالھہ چوندو آيو آهيان تہ مان ڪنھن بہ ’بلاڪ‘، ’گروپ‘، ’سَٿَ‘ جو ناهيان ۽ ان ڪري ئي ايترو ’مشھور مقبول‘ ناهيان، جيترا مون کان ’جونيئر‘ آهن. مون سان خدا جي فضل ڪرم سان ڪا بہ شام نٿي ملھائي وڃي، مون کي ڪوبہ ڪونہ ٿو سڃاڻي... اهو سڀ قدرت جو گيان آهي. طارق اشرف صاحب گذاري ويو. پريس رليز ۾ جنازي ۾ شريڪ هر ماڻھوءَ جو نالو هو سواءِ منھنجي... (محمودَ... ڪجهہ تہ ڪر تہ ماڻھو وٽي تي نالو تہ لکنئي.... تہ ’ڪجهہ‘ ڇا ڪيان، ادا... ڇا ٿو ڪري سگهان؟...) تون پاڻ اهو تسليم ڪندين تہ اسان وٽ اسي سيڪڙو کان مٿي پريس رليز، اعلان، ساهتيہ، صلاحون، هڪڙو ماڻھو لکندو آهي ۽ هنن جا نالا اچي ويندا آهن. ڪڏهن ڪير لکندو، ڪڏهن ڪير... بس اخبارن ۾ جاءِ ۽ ڪالم مٽيل هوندا، نالن جي لسٽ اها ئي ساڳي هوندي. (هڪ ڀيري پنھنجي هڪ همعصر کي مون بردي سنڌيءَ جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌائي، همراھہ ڇرڪجي ويو ”ڪڏهن گذاري ويو؟“ مون ڳالھہ ٽاري ڇڏي. حالانڪہ هڪ ڏينھن پھرين واري اخبار ۾ بردي جي موت تي تعزيتي ٺھراءُ ۾ هن جو نالو بہ هو.)
هاڻي اهو ئي معاملو آهي، شڪايت ادل کان ناهي، هن نظام کان آهي. ڪنھن چيو، ”محمود مغل جو رڳو ڊرائنگ روم ئي ڪنھن جي مڪمل گهر کان چڱو آهي.“ معنيٰ مڇي مانيءَ وارو اديب چوائي سگهان ٿو (بشرط مون کي اهو اعزاز عطا ٿئي بہ) شڪايت اها آهي تہ جڏهن تخليق ئي معيار آهي ۽ ترجما تخليق ۾ شامل نہ ٿا ٿين تہ ڇا عورتن جي جاڳرتا ۽ تعليم، پرائمري تعليم، موسيقي ۾ تحقيق انھيءَ زمري ۾ اچن ٿا ۽ مون جيترا الائي ڪھڙا حيران وجود هڪ اديب جي ڪردار ۽ جملن جو شڪار ٿين ٿا. گفتگو ڪندي سڄي قلعي لھي ٿي وڃين، ادل بادشاھہ ناهي، بادشاھہ گرن ۾ گهيريل آهي. هن جي سوچ مون کي سمجهہ ۾ نہ آئي، هڪ پاسي پاڻ ئي وضاحت طور دليل ڏئي ٿو. ٻئي پاسي انھيءَ دليل جو نھڪاري آهي.
منھنجي قلمن ۾ اڇا وار اچي ويا آهن، 75ع کان وٺي مون مسلسل لکڻ جو ڪم ڪيو آهي ۽ موليٰ جي مھر آهي جو اڃان تائين ڪيان پيو. بس اهو ئي خيال ماري ٿو تہ هن رُڃ جي سفر ۾ 18 سال جوانيءَ جا گهارڻ کان پوءِ بہ اها ئي حالت آهي جيڪي اڃان پھريون وکون پيا کڻن انھن سان ڇا حالت ٿيندي؟
مان سدائين ماٺ ۾ رهيو آهيان. ڪڏهن بہ ڪنھن ڳالھہ تي ڪنھن بہ راءِ جو اظھار نہ ڪيو اٿم، جيتوڻيڪ مون کي پنهجيءَ ذات تي اعتماد آهي تہ مون گهڻن کان چڱو لکيو آهي ۽ ڪيترن کان وڌيڪ سٺو سوچي ۽ لکي سگهان ٿو. اڄ الاءِ ڇو توسان اندر جو اظھار ڪري رهيو آهيان. (هونئن مان سدائين هڪ جملو چوندو آهيان تہ هر ڪلھي تي مٿو رکي ماڻھو نہ روئي سگهندو آهي). بس اهو سڀ ڪجهہ اڻ سونھون ٿو لڳي، ڪٿي اندر ۾ ڪجهہ مري ٿو.
زمانو انڌو، ٻوڙو ۽ گونگو آهي ۽ هونئن بہ هر ڪنھن جي هٿن جون ريکائون ڀرپور نہ هونديون آهن. رڪارڊز شاهد آهن تہ ليري هومز، محمد علي ڪلي کان وڏو باڪسر هو، پر دنيا ليري هومز کي ايترو ڪٿان سڃاڻي ٿي جيتري هُوءَ ’ڪلي‘ جو نالو وٺي ٿي. عمران خان ڪو هڪڙو تہ ڪونھي، دنيا هزارن عمرانن سان ڀريل آهي پر ڪنھن جي ڀاڳن سان ڪھڙي ريس ڪري ٿي سگهجي؟
بھرحال، مان معافي ضرور گهرندس قدير انصاريءَ کان، جنھن کان بنان پڇئي مون سندس حوالو ڪم آندو آهي ۽ توکان، جو تنھنجو هيڏو سارو وقت مون وڃايو آهي. تون جي چاهين تہ هي خط ڇاپي سگهين ٿو. هيءُ ڪا شڪايت ناهي، ڪا دانھن ناهي، ڇاڪاڻ تہ مان ڪا شڪايت يا دانھن ڪنھن ’ذات‘ جي حوالي سان ڏيڻ نٿو گهران. بس اهو ئي عرض آهي تہ جي اهو سڀ ائين ئي ٿيڻو آهي تہ مھرباني ڪري مون کي ٻڌاءِ تہ، مان پنھنجو پاڻ کي ڪھڙي خاني ۾ فٽ ڪيان.
مولا پاڪ توکي پنھنجي مھر ۾ رکي.

تنھنجو
محمود

۽ پوءِ ائين ٿيو هو تہ، ترجمي کي ادب جو حصو نہ مڃڻ تي، 22 اپريل 1992ع تي ٿيندڙ، پير حسام الدين شاھہ راشدي آڊيٽوريم، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ۾ ’سنڌي ادبي سنگت‘ پاران ايوارڊ تقريب جو فقير بائڪاٽ ڪيو هو.
ڪَنن ۾ اهو ئي ساڳيو آواز ٻُريو هو. هِن واري ’گرامي صاحب‘ جي جاءِ تي ’سنگت‘ گڏجي ڳالھايو هو، ”تون اسان مان ناهين...“

ٽيو درد:
علمي ادبي سفر، تيزيءَ سان روان دوان هو. پاڪستان ٽيليوزن جي ڊرامن ۾ فقير ڪَرُ کڻڻ شروع ڪيو هو. سنڌي ڊرامن جي تحريرن کي تہ ڪو ڏهاڪو کن سال ٿي چڪا هئا. ’محمد بخش سميجو‘ صاحب، اردو اسڪرپٽنگ ڏانھن وٺي آيو ۽ قدرت اتي بيحد محبت سان نوازيو. ’رَوِش‘ بيحد ڪامياب ٿي ۽ دروازا ڄڻ تہ کُلڻ لڳا. سميجو صاحب مرحوم کي تمثيلي ڊرامن جو بيحد شوق هو. شديد چاھہ وچان چيائين، ”ڊاڪٽر صاحب، پاڻ سسئي پنھون، لِيلا چنيسر يا نُوري ڄام تماچي جي ’تمثيل‘ ڪري سگهون ٿا؟ هلندڙ دؤر جي ڪا ڪھاڻي هجي، جنھن ۾ پنھنجا ٽچز شامل هجن.“ الاءِ ڪيئن جُڙت بڻجي وئي ۽ وڏي جاھہ و حشمت سان اشتھار پيش ڪندي، پاڪستان ٽيليوزن ڪراچي مرڪز ’نوري ڄام تماچي‘ پيش ڪرڻ شروع ڪيو.
محترم ’عبدالقادر جوڻيجي‘، محترمہ ’نُورالھديٰ شاھہ‘، محترم ’ڪيھر شوڪت‘ ۽ شايد محترم ’آغا رفيق‘ کان پوءِ مان پنجون ليکڪ هئس، جنھن اردو اسڪرپٽنگ ۾ ملڪي نيٽ ورڪ تي ڪم ڪيو پئي. قسطون اڃا ٽي مس هليون هيون ۽ ڊرامي شھرتن جي اُڏام شروع ڪئي تہ 27 صفرالمظفر 1417 ھہ بمطابق 14 جولاءِ 1996ع تي ٻن سنڌي اهم اخبارن روزاني ’هلالِ پاڪستان‘ ڪراچي ۽ روزاني ’جاڳو‘ ڪراچي، هڪڙي ئي ڏينھن تي ساڳيو آرٽيڪل ’پي ٽي وي ڊراما سيريل نوري ڄام تماچي تاريخ سان هٿ چراند يا نئين دور جي تقاضا‘ هلايو.
اها هڪڙي سروي هئي، جيڪا ’محمد علي ماجد‘ صاحب ڪئي هئي. عجب جھڙي ڳالھہ اها هئي جو ’هلالِ پاڪستان‘ جو ايڊيٽر محترم ’اقبال دل‘ ۽ ’جاڳو‘ جو ايڊيٽر محترم ’آغا سليم‘ هئا. اقبال دل صاحب بابت تہ مون کي ڪا گهڻي خبر ڪونھي، پر مون کي ان ڳالھہ جو شدت سان احساس ٿيو تہ ’آغا سليم‘ صاحب تہ ٽيلي ناٽڪ جي دنيا جا مسافر هئا. کين ڇا سمجهہ نہ هئي يا هُنن بہ وهندڙ پاڻيءَ مان هٿَ ٻوڙڻ پئي گهريا. ان سروي ۾ عبدالقادر جوڻيجي، آغا سليم، ممتاز مھر، شمس سومري، علي احمد بروهي، آغا رفيق، بدر ابڙي، طارق قريشي، انور ابڙي، اياز جاني ۽ بيدل مسرور پنھنجن خيال جو اظھار ڪيو هو. ڌڻي شاهد آهي، نالا لکڻ نٿو گهران، پر هنن مان ٻن معززين تہ مون کان معافي بہ گهري هئي تہ اسان بس لکي ڇڏيو. ڊرامو تہ اسان ڏٺو ئي ڪونہ هو.
اڃا قسطون ئي پنج هليون هيون، جو ’غداريءَ‘ جون فتوائون جاري ٿي ويون هيون. ’عبدالقادر جوڻيجي‘، ’شمس سومري‘، ’آغا رفيق‘ ۽ ’طارق قريشيءَ‘ کان سواءِ سڀني ڄڻ فليشز پئي ڏنا، ”تون اسان مان ناهين...“

چوٿون درد:
يارهون پي ٽي وي ايوارڊ، بحريہ آڊيٽوريم ۽ ان جي ڪار پارڪنگ ۾ ٿيڻو هو. قومي سطح تي چئن ليکڪن جو مقابلو هو. ڪراچي مرڪز تان ’محمود مغل‘، لاهور مرڪز تان ’امجد اسلام امجد‘، پشاور مرڪز تان ’ڊاڪٽر ڊينس آئزڪ‘ ۽ ڪوئٽه مرڪز تان ’اصغر نديم سيد‘... ايوارڊ تقريب ۾ سٽاءُ ڪجهہ اهڙو هو، جو جنھن بہ نامزدگيءَ جو اعلان ٿي رهيو هو، ان ۾ نامزد ٿيل چارئي مقابلو ڪندڙ، اڳيان ايندڙ هڪ صوفَي تي ويھي رهيا هئا. معين اختر ۽ بشريٰ انصاري ڪمپيئر ڪري رهيا هئا ۽ شو لائيوِ وڃي رهيو هو. ان ڏينھن تي صبح جو جنرل مئنيجر پي ٽي وي ڪراچي، مون کي مبارڪ ڏني هئي تہ اسان قومي سطح جو اهو ايوارڊ کٽي ويا آهيون. منھنجي عادت آ، خاموشي منھنجو محور هوندي آهي. مان ڪنھن سان بہ ڪابہ ڳالھہ ڪرڻ جو قائل ناهيان. زندگيءَ جي حيران ڪندڙ موقعن تي الاءِ ڇو مان نہ ڪڏهن گهڻو خوش ٿي سگهيو آهيان، نہ ڪو تاثر حياتيءَ ۾ منھنجي مُنھن تي آيو آهي. روئندو گهڻو آهيان اهو مان ڄاڻان ٿو ۽ ان ڪري ئي، جڏهن بہ ايوارڊس مليا آهن تہ مان ’پوسٽ ايوارڊ اسپيچ‘ ۾ گهڻو ڪجهہ چئي نہ سگهندو آهيان.
سلسلو اهو بہ هو، تہ جيڪو نامزد، ايوارڊ حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿئي پيو تہ اسپاٽ لائيٽ جو هڪ گول دائرو، کيس ان صوفہ سيٽ کان اسٽيج تائين ويندي ڏيکاري پيو ۽ پوءِ مڪمل روشنيون ٻرن پيون.
ويھڻ مھل اسان چارئي هن ترتيب سان ويٺا هئاسين. محمود مغل، ڊينس آئزڪ، اصغر نديم سيد ۽ امجد اسلام امجد.
اسڪرين تي نالا ۽ سڀني جون تصويرون آيون ۽ اوچتو انائونس ٿيو ’ايوارڊ امجد اسلام امجد کٽيو آهي.‘ الاءِ ڇو مون کي اهو ٻُڌي ڪجهہ عجيب نہ لڳو. مان بس اهڙو ئي آهيان. صوفہ تڪڙو خالي ڪرڻو هو، اسان سڀ اُٿي، پويان پيل پنھنجين نشستن ڏانھن مُڙياسين، تيستائين ’امجد صاحب‘ اسٽيج تي پھچي چڪو هو. ايوارڊ وٺڻ کان پھرين انائونسمينٽ ڪندي چيائين، ”جيتوڻيڪ مان کٽي ويو آهيان، پر مان سمجهان ٿو تہ هن سال جو سڀ کان مضبوط اسڪرپٽ ‘سمجهوتہ‘ جو آهي ۽ محمود مغل مون کان وڌيڪ حقدار آهي. مان اهو ايوارڊ کيس ڏيڻ ٿو گهران.“
هڪدم اسپاٽ لائيٽ مون تي اچي وئي هئي. مون وڃڻ نہ پئي گهريو، اتي ئي لاهور مرڪز جي جنرل مئنيجر ’منيزه هاشمي‘ جيڪا منھنجي سٺي دوست آهي. هڪدم رڙ ڪري چيو، ”محمود، اسٽيج پہ جائيي پليز...“ منھنجي نھڪار وڏي اسڪرين تي نظر اچي رهي هئي. منيزه اسڪرين تي ظاهر نہ هئي. هُن وري منٿ ڪندي چيو، ”محمود، هم لائيوِ جا رهَي هَين. عزت ڪا معاملہ هَي.“
اسپاٽ لائيٽ، اڃا تائين مون تي هئي. هن اداري منھنجو رڌڻو هلايو هو ۽ سچي ڳالھہ بہ اها آهي تہ مان ان جو احسانمند بہ هئس، نہ تہ مالي حوالي سان شايد مان اها جنگ جوٽي نہ سگهان هان. مان اسٽيج تي ويس، امجد صاحب کان ايوارڊ ورتم، موٽي آيس ۽ سِڌو گهر روانو ٿي ويس.
ٻئي ڏينھن، مون پريس رليز جاري ڪيو، جنھن ۾ عرض ڪيم، ’امجد صاحب منھنجا وڏا آهن. پاڪستان ٽيليوزن جي انتظاميہ ۽ امجد صاحب جا ٿورا مڃيندي، مان اهو ايوارڊ قبول تہ ڪري آيو آهيان، پر اداري جي منتظمين کي درخواست ڪريان ٿو تہ هن ايوارڊ سان ملندڙ ڪئش انعام 15 هزار روپين جو چيڪ، امجد اسلام امجد صاحب کي جاري ڪيو وڃي.‘
بيحد مزي جي ڳالھہ آهي، امجد صاحب اهو چيڪ خوشيءَ خوشيءَ قبول ڪيو هو.
منھنجي امجد اسلام امجد صاحب سان ٿوري گهڻي ويجهڙائپ هئي، ٻہ دفعا ڄامشوري ۾ آپا مرحب قاسميءَ جي معرفت هُو منھنجي گهر بہ آيو هو. لاهور ۾ رهندو هو تہ ساڻس گفتگو بہ ٿيندي هئي. ان ايوارڊ تقريب واري حرڪت کيس ڄڻ گرامي صاحب، سنڌي ادبي سنگت، هلالِ پاڪستان ۽ جاڳو اخبار جي منتظمين سان گڏ بيھاري ڇڏيو هو ۽ سڀني کي ڄڻ هڪڙي ئي ٻولي آئي پئي، ”تون اسان مان ناهين...“

پنجون درد:
انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ جي خدمت 19 ڊسمبر 2019ع کان 26 نومبر 2021ع تائين نصيب ٿي. ان وچ ۾ ڏيڍ سال ’ڪووڊ‘ جو وقت رهيو. وسيلا ۽ اسٽاف گهٽ هوندي بہ تعميرات جو هڪ وڏو دور هو، جيڪو تيزيءَ سان گذريو. سماعتن تہ اهو بہ ٻُڌو، ”مغلائي دور آهي... وڏو مغل تاج محل ٺھرائي پيو...“ تيزيءَ سان ٿيندڙ تعميرات ۾ هيٺيان ڪم ٿيا:

1. family on errand جوڙي کي، جيڪو سنڌالاجيءَ جي سڃاڻپ جو ڄڻ تہ اهڃاڻ هو. ان کي واپس سنواري سُڌاري، مٿان ڇانوري سميت لڳايو ويو ۽ مٿس ’سنڌالاجي: سنڌ جي دري‘ جو ٽئگ لڳايو ويو.
2. ڪئنٽين تعمير ڪئي وئي.
3. موٽرسائيڪل پارڪنگ جو الڳ حصو تعمير ڪيو ويو.
4. مسجد شريف کي وڌايو ويو.
5. هڪ وڏو واٽر ڪولر، خوبصورت بئنچن ساڻ تعمير ڪري لڳرايو ويو.
6. ريفرنس لائبريريءَ جو فرنيچر نئون لڳرايو ويو.
7. سڃاڻپ بورڊ بدلائي، جديد بورڊ لڳايا ويا.
8. پير حسام الدين راشدي آڊيٽوريم جي تزئين ڪئي وئي.
9. سنڌالاجي بُڪ شاپ اندر شفٽ ڪيو ويو.
10. ٻاهر خالي ٿيل جاءِ تي ’سنڌالاجي ڊسپلي سينٽر‘ تعمير ڪرڻ جو سوچيو ويو تہ جيئن سنڌالاجيءَ جي آمدني وڌائي سگهجي.
11. باٿ رومس جي مرمت ۽ سنوار ڪئي وئي
12. سنڌالاجيءَ جي ٻاهرئين دروازي کي مڪمل طور بدلائي سھڻو دروازو ٺھرايو ويو.

انھن سڀني عملي ڪمن لاءِ محترم طارق توقير، محترم عزت علي برهماڻي، محترم سيد زين العابدين شاھہ ۽ بابا محمد يوسف ميمڻ جي خاندان بيحد مدد ڪئي. هنن سڀني گڏجي انھن منصوبن کي مڪمل ڪرايو. هر شئي پنھنجي جاءِ تي بيحد اهم هئي، پر سنڌالاجيءَ جي نئين دروازي جي سونھن ڏسڻ وٽان هئي.
ڪنريءَ جي بابا محمد يوسف ميمڻ جي فرزندن ’علي ذوالقرنين‘، ’محمد حسن‘، ’گلزار علي‘ ۽ ’ذاڪر حُسين‘ پنھنجي والد صاحب جي ياد ۾ ان گيٽ جي تزئين لاءِ مدد فراهم ڪئي هئي. ان کان اڳ هڪڙو گول دروازو منتظر هوندو هو، پر پوءِ سنڌالاجيءَ جي شايانِ شان، قديم طرزِ تعمير جي حوالي سان هڪ ننڍو گيٽ رکي، ٻاهرين گِرل جي ٻاهران خوبصورت فلاور بيڊ هڻي 10X12 جو فرش لڳرايو ويو، جنھن تي ڀت واري پاسي کان ٻہ خوبصورت بئنچون بہ لڳل هيون.
مون کي ننڍڙي عمر کان ئي، ڊزائيننگ جون شوق آهي. مختلف آرڪيٽڪٽس سان گڏجي ڪم ڪندو آهيان. اتفاق سان گهرواري بہ آرڪيٽيڪٽ آهي. رب جي ڪرم سان هيل تائين عمارت سازيءَ ۾ انيڪ ڪم ڪيا اٿم.
ڏھہ ضربيان ٻارهن فوٽن جو فرش، روڊ جي حدن کان ٻاهر هو. فوٽپاٿ کان بہ اندر هو. بيحد حَسِين ڏيک ڌڻيءَ عنايت ڪيو هو. گيٽ پنھنجي مڪمل خوبصورتيءَ سان کڙو ٿي ويو. لڳو تہ ’سنڌالاجيءَ جو گيٽ‘ آهي.
وزيٽرس جو هڪ وڏو هُجوم، يادگار فوٽوز ڪڍرائڻ لڳو. صبح ۽ شام جي واڪ ڪندڙن لاءِ ڄڻ تہ پساھہ جي جاءِ ٿي وئي. نياڻيون ۽ شاگرد، رڪشا يا سواري ملڻ تائين، اُتي ويھي انتظار ڪرڻ لڳا. مان پنھنجي دل جي حُضور سان لکان ٿو، ”سنڌالاجيءَ جي شايانِ شان هو.“
اوچتو هڪ ڏينھن تصويرون مليون. ذريعو بہ سنڌالاجيءَ جو ئي هو. اُن سڄي حصي کي ٽوڙي پَٽ ڪيو ويو هو. فرش اُکيڙي، بئنچون ٽُڪر ٽُڪر ڪري، سڀ ڪجهہ ڀور ڀور ڪيو ويو. محبتن جي شدت ايتري نظر آئي جو اهي detacheable (الڳ ٿيندڙ) بئنچون هيون. اسڪروز کولي، کڻي، ڪنھن ٻيءَ جاءِ تي بہ سوَلائيءَ سان فِٽ ڪري پيا سگهن، پر محبتن جي شدت کين انھن آرامدہ سھوليتن کي بہ ٽُڪرا ٽُڪرا ڪرائي ڇڏيو. اڄ، اُتي بي ترتيب اسڪوٽر بيٺل هوندا آهن، ڪڏهن ڪڏهن ڪا رڪشا پئي، پنھنجي ڪَن مان ميڻ صاف ڪندي آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن لوھہ جا بدرنگ اينگلار جاءِ والاريندا آهن.
مون علي ذوالقرنين ۽ گهروارن کان فيسبُڪ پيج تي معافي ورتي هئي. سنڌالاجيءَ جي سونھن وڌائڻ لاءِ جيڪِي ڪجهہ بہ ٿيو هو، ان ۾ ذاتي ڪوششون ۽ سنگت جو ساٿُ شامل هو. سنڌالاجيءَ جو اڪائونٽ چيڪ ڪري سگهجي ٿو. انھن جو رُوپيو بہ ميرو نہ ٿيو هوندو.
مان اهو نٿو چوان تہ اهو عمل، ڪو منھنجي ذاتي دشمنيءَ جي ڪري ٿيو آهي، پر ايڏي حَسِين ڪاوش کي ۽ هن اداري جي اهميت کي ڏسندي ورتل ڪوششن کي برباد ڪرڻ، بس اُن ئي سڏ جو پڙاڏو محسوس ٿيو، ”تون اسان مان ناهين...“
ان اداري جي سرواڻي ڪندي، ٻاويھہ ڏينھن گهٽ ٻن سالن واري عرصي ۾ يعني 708 ڏينھن ۾ جيڪِي ڪجهہ هن فقير ڪيو، اهو تہ اداري ۾ وڃڻ سان معلوم ٿي سگهي ٿو يا اتي جيڪِي بہ ملازم آهن، سي پاڻ ٻُڌائي سگهن ٿا. انھن 708 ڏينھن جي ڪھاڻي بہ عجيب آهي. چارج ملڻ سان ئي ڳڻي ورتا هئم ۽ سوچيو هئم تہ ڇاڪاڻ تہ مون کي ريٽائر ڪرڻو آهي ۽ ايڪسٽينشن وٺڻ جو ڪوبہ وهم و گمان دماغ ۾ نہ اچڻ کپي. انھن 708 ڏينھن ۾ 20 فيبروري 2020ع کان 7 جولاءِ 2021ع تائين 503 ڏينھن ’ڪووِڊ-19‘ کائي ويو ۽ پابنديون چٻرا ڏينديون لنگهنديون رهيون.
دل کي ڌڪُ لڳي ويو. ڪيڏين مشڪلن ۽ منٿن سان اهو سڀ جُڙي راس ٿيو هو، جڏهن تہ ادارو ان لاءِ ٽڪو بہ ڏيڻ لاءِ تيار نہ هو. درد جي شدت اڃا بہ وڌيل آهي. هن هڪ سُور جي ڪري، پنھنجي پنجاھہ ورهين جي سفر تي لکندي، ٻيا درد بہ ڪَر کڻڻ لڳا آهن.
پنھنجي لاءِ ترتيب ڏنل هن ڳُٽڪي ۾، پاڻ لکڻ عجيب لڳي پيو، پر مون لکڻ گهريو ڇاڪاڻ تہ هاڻ هي مسودو تاريخ جو حصو بڻجي ويندو. رخصتيءَ ۾ ڪو گهڻو وقت ڪونھي. هڪ غريب بيلف جو پُٽ، پنھنجي پوري عاجزيءَ سان اهو عرض ڪري سگهي ٿو تہ ڪا ’لابي‘ ناهي، ڪو ’خويش‘، ڪو ’عزيز‘، ڪو ’وزير‘، ڪو ’سفير‘.... لڙي نہ آيو هوندو. جيڪِي ڪجهہ بہ ڪيو هوندو، رب ڪريم مٺڙي جي مَهر ۽ عنايت هوندي ۽ پنھنجي قد کي سمجهندي ڪيو هوندو.
مون کي ذاتي طور ناپسند ڪندڙ، ڀلي ناپسند ڪن، منھنجي ڪم کان انڪاري ٿي نٿا سگهن. مون جَي وڏن وڏن نالن جھڙو ڪم ناهي بہ ڪيو، تہ انھن کان گهٽ بہ نہ رهيو آهيان. مان تاريخ جو حصو آهيان. هڪ فقير جو اولاد، ان تي فخرمند آهي ۽ ان ڪري ئي پنھنجي دل سچائيءَ کي ڏسندي، عرض ڪري رهيو آهي، ”مان اوهان مان ئي آهيان.“
ذات پات جو قيد ڪمال آهي. ڪنھن کي بہ ڪنھن جي ذات سان سڏڻ، ذهني سوچ جي هيٺاهين سطح جو ڪمال آهي. ڪنھن جي بہ پورهيي کي لوئڻ ڪوتاه قامتي آهي. جيڪو اندر جي دري کولي درشن ڪري ٿو، اهو وڏي واڪي نہ ڳالھائيندو آهي. سندس نگاھہ ٻُڌائيندي آهي، ”مان آهيان... مان بلڪل آهيان...I am there... I am very much there“

حرفِ آخر:
وقت تيزيءَ سان گذري ويو آهي.
شروعاتي حياتيءَ کان، ڊائري لکڻ جو، اندراج ڪرڻ جو شوق رهيو آهي. اڄ پنھنجي حياتيءَ جا ڪجهہ گوشا، هن تحرير ۾ ظاهر ڪرڻ ٿو گهران:

 مان ننڍڙي عمر کان ئي، تنھائي پسند آهيان. اڪيلائپ، ڪتاب ۽ تحرير، سڄي ڄمار منھنجي حياتيءَ جو مرڪز رهيا آهن. اڪيلو رهندي، مان اڃا تائين بہ گهٽ ۾ گهٽ ٻہ سؤ صفحا سنڌي ۽ هڪ سؤ صفحا انگريزي روزانو پڙهڻ جو عادي آهيان. شين کي نوٽ ڪندو آهيان، لکندو ويندو آهيان، ان ڪري ئي هن ڪتاب جي سھيڙ ۾، تقريبن مڪمل ڊيٽا موجود آهي. 1982ع جو لکيل ’آپا تنوير جوڻيجو‘ جو اڀياس بہ شامل آهي تہ سال 2024ع جو هي آرٽيڪل بہ معنيٰ تقريبن ٻائيتاليھن سالن جو تحريري مواد مون وٽ تاريخن سان سھيڙيل آهي.
 اهو منھنجو شوق هيو/آهي ۽ ان ۾ ڪڏهن بہ ڪو اهو خيال ناهي رهيو تہ اهو سڀ ائين ڪَٺو ٿيندو ۽ ڇپجي پڌرو ٿيندو. ’مير حاجن مير‘ صاحب ڪمال انسان آهن، سيوهڻ شريف سان سندن عشق ڪمال آهي. سيوهڻ سان لاڳاپيل شخصيتن بابت ڪتابَ آڻڻ، هُنن ڄڻ تہ پنھنجي حياتيءَ جي اهم مقصدن مان هڪ رکيو آهي. گذريل ٻن سالن کان، هُو لاڳيتا مون کي چوندا رهيا، پر مان ٽاريندو رهيس. مون کي پنھنجي پاڻ تي ڪمينٽس حيران ڪندا آهن. رب ڪريم آهي، جو منھنجي حال کي ڍڪي، مون کي سھڻو ڪري پيش ڪري ٿو. پاڻ کي سچي بہ ان لائق نہ سمجهيم تہ مون تي ڪو ڪتاب اچي ۽ ان لاءِ ئي ٽاريندو رهيس. هڪ ڏينھن، هڪ ڊميءَ پريشان ڪري وڌو. هِتان هُتان ڪري، ’مير صاحب‘ پنھنجو ڪم ڪڍي ويو هو. آرٽيڪلس گڏ ڪري ڊمي موڪلي ڇڏي هئائين.
 مون حاجن سائينءَ کان ڏاڍو لنوايو، پر هُنن جي محبت ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو. پراڻين ڊائرين، فائيلن، ڪانٽريڪٽس ۽ مجموعن کي ڏٺم تہ هڪڙو ٻيو ’محمود مغل‘ نظر آيم. ’ڍول ڀاءُ‘ زيارتن تان موٽيو، تہ سڄو ڪم سندس حوالي ڪيم ۽ ’مير حاجن مير‘ ۽ ’فقير محمد ڍول‘ جي محبتن جو هي ڳٽڪو اوهان جي هٿن ۾ آهي.
 مان سچي بہ اهڙي ترتيب نہ رکي سگهان ها. هڪ هڪ شئي پنھنجي جاءِ تي اهم آهي. پنجاھہ سالن جو فني سفر، پنھنجي پوري حُسناڪيءَ سان اوهان جي هٿن ۾ آهي. توهان وانگر مان بہ پڙهان ٿو، مان تہ حيران ٿيان ٿو، جيتوڻيڪ شڪريہ ادائي منھنجو فرض آهي، اوهان جو الاءِ ڪھڙو حال آهي؟!
 ڪريم رب جي ڪرم سان، مون زندگيءَ ۾ ڪڏهن پوئتي مُڙي ناهي ڏٺو. پنج مئي ٻہ هزار يارهن تي ٽي وي ڇڏي تہ بس، ڪجهہ ئي موقعن تي خاص طور ڀاءُ ’ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ سولنگيءَ‘ جي محبت ڇڪي وئي آهي. پي ٽي وي پروڊڪشن ۾ جتي سندس الڳ نالو آهي، اتي ئي محبتن ۾ بہ الڳ مقام ماڻي ٿو.
 انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ تان ريٽائر ٿئي، ٽي سال ٿيا آهن. پريان در کي سلام ڪري گذربو آهي. تمام اهم پوزيشنس تي ڪم ڪيو آهي ۽ جڏهن رخصتي ورتي آهي تہ پوءِ آخري نگاھہ وجهڻ کان پوءِ ڪڏهن مُڙي نہ نھاريو آهي. فقير جو ڪم، اڳيان هلڻ آهي. ’مولانا رُوم‘ فرمائين ٿا، ”ٿانوَ جو اصل ڪم خالي رهڻ آهي، ڀربو تہ ڪم ايندو.“ هن فقير کي پنھنجي عاقبت ان ۾ ئي نظر ايندي آهي تہ سندس ٿانءُ خالي رهي.
 مون پيشي جي حوالي کان ڪڏهن بہ پنھنجي سي وي ناهي ٺاهي. ادا غلام مصطفيٰ سولنگيءَ جا لک ٿورا، ٻہ دفعا صدارتي ايوارڊ لاءِ نامزدگيون ويون آهن ۽ هن پنھنجي ڀلارن هٿن سان، هن فقير جي حياتيءَ جا پيشہ ورانہ جُز ڪَٺي ڪيا آهن.
 قدرت جو عجيب ڪرم رهيو آهي. نوڪريون سِڌيون مليون آهن. 31 ڊسمبر 1989ع تي هائوس جاب پورو ٿيو، پھرين جنوري 1990ع تي ڊي ايڇ او آفيس ۾ لسٽ لڳل هئي تہ ايڊهاڪ تي اپائنٽمينٽس ٿيون آهن. فقير، ان ۾ دادو ضلعي ۾ ٽيون نمبر ميرٽ تي هو. اتان ’سنڌ يونيورسٽي‘، جتي 29 سال گذريا ۽ پاڻ ئي پروموشنس ٿيندا ويا. ريٽائر ڪيو تہ قدرت ’سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام‘ ۾ نوازيو. ننگيءَ تي ننگ آهي. سي وي ناهي ٺاهي، هائو فارمز ڀريا هوندا، سي بہ ٻہ ڀيرا... پھريون ڀيرو ’سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن‘ جو ۽ ٻيو ’سنڌ يونيورسٽيءَ‘ ۾ ليڪچررشپ لاءِ... باقي هن فقير تي جيڪي ڪرم نوازيون رهيون آهن، اهي سڀ ڳڻپ کان ٻاهر آهن. ’ساجن سڀوئي، منھنجيون ڍَڪيون ڍولَ ڍِلايون‘...
 هن سڄي ڪٿا ۾، مان مير حاجن مير، ڀاءُ فقير محمد ڍول ۽ محترم غلام مصطفيٰ سولنگيءَ جو دليَئون ٿورائتو آهيان، جو هِنن منھنجي علمي، ادبي، نشرياتي حياتيءَ کي ترتيب عنايت ڪئي آهي.
 هِن سھيڙ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ، مير صاحب انيڪ ليکڪن کي عرض ڪيو هو، جنھن جو مون کي ٻُڌايو بہ هئائين، پر پوءِ ڪونہ ڪو عُذر، ڪانہ ڪا تاويل تہ هوندي ئي هوندي آهي. نصيب ۾ نہ هو تہ عنايتون ٿي نہ سگهيون. مان سڄي عمر، گهرڻ کان ڪِيٻائيندو رهيو آهيان. سڄي حياتي، رڳو امان سانئڻ ۽ فاطمہ جي وڏي ڀيڻ ’مرحومہ ڊاڪٽر افروز سليم‘ کان ئي ڪجهہ گهري سگهيس. ڪنھن کي پاڻ تي لکڻ لاءِ ڇا عرض ڪريان ها. اندر ۾ الاءِ ڪھڙو واءُ وريو، جو مون بھرحال ٽن مھربانن کي عرض ڪيو. اسلام آباد جي ڀاءُ ’علي حسن عباسيءَ‘ کي، پنھنجي ننڍڙي نياڻي ليکڪا ’شبانہ سنڌي‘ کي ۽ اولاد جيان پاليل ننڍڙي ’عرفان علي ميمڻ‘ کي... هُنن هڪدم منھنجو عرض قبوليو ۽ مون تي قلم سرائي ڪئي. ٿورن ادا ڪرڻ لاءِ مون وٽ سچي بہ لفظَ ڪونھن. مان وڏن نالن کان سدائين لھرائيندو آهيان. اسڪرين تي چمڪندڙ نالا شايد اوهان کي نظر نہ اچن، پر هي نالا منھنجي دل جي اسڪرين تي چمڪن ٿا.
 ڪتاب جي سھيڙ، لي آئوٽ، ٽائيٽل ۽ ڊزائيننگ لاءِ ’ڍول ڀاءُ‘ (فقير محمد ڍول)، ’عرفُو‘ (عرفان علي ميمڻ)، ننڍڙو راز (راز محمد لغاري) ۽ ڀاءُ مور (مور ساگر جوڻيجو) جا لک ٿورا... هُنن ڪتاب تي ڌيان ڏنو، ڄڻ مون تي ڌيان ڏنو.
 اوهان جو گهڻو وقت وٺڻ تي هي فقير هٿَ ٻَڌي ٿو. سيوهڻ جي خاڪ، درگاھہ قلندر جي جاروب ڪش خاندان، بودلي بھار سائينءَ جي سجادہ جو اولاد، اوهان جي سِڪَ، ڪرم، عنايتن ۽ مَهر جو ٿورائتو آهي، جيڪو اڌ صديءَ ج هن سفر ۾ نصيب ٿيو آهي.
 سڀ کان وڌيڪ ڪرم، اُن رب ڪريم جلشانہ جي ذات جو، جنھن هي عرصو عنايت ڪيو ۽ علم و ادب توڙي نشريات جي جھان ۾ هي فقير اڌ صدي گذاري ويو.
 عام زندگيءَ ۾ ڏٺو ويندو آهي تہ زندگي، يا تہ ’سَهو‘ هوندي آهي يا ’ڪڇون‘... جڏهن بہ انھن ٻنھي تي ڪنھن جي نگاھہ پوندي آهي تہ سھو تيز، چالاڪ، تڪڙو ۽ ڪڇون، ٻوڌ، لاغرض ۽ فوڪسڊ لڳندو آهي. مان ’ڪڇون‘ گهڻو آهيان، ’سھو‘ گهٽ آهيان، اها منھنجي پنھنجي بابت راءِ آهي. پنھنجي عام زندگيءَ ۾ منھنجي چال تيز آهي، ڳالھائڻ تڪڙو ۽ تِکو آهي، مان اتي جي ’سيھڙ‘ آهيان تہ پنھنجي لِکت پڙهت ۾ ۽ ادبي اوسر ۾ سدائين هڪ ڪَرِي چال هليو آهيان. مان ’ڪڇون‘ آهيان.
پنھنجي علمي، ادبي ۽ نشرياتي سفر ۾ مان هڪ ’ٻوڌ‘ آهيان، جنھن کي گهڻو عرصو رڳو پنھنجي گهر جو رڌڻو هلائڻ جو فڪر رهيو. بيحد لاغرض بہ رهيو آهيان. ڇاڪاڻ تہ مون ڪنھن بہ امير ڪبير، ڏاهي دانشور، بالاعملادار ۽ کاتي جو سھارو ناهي ورتو.
انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي جي ڊائريڪٽرشپ واري عرصي ۾ مون کي لڳندو آهي تہ مان اڪيلو صاحب هئس، جنھن وٽ اسان جا ڏاها، دانشور، اديب، وزارت، سفارت جا صاحب اچڻ پسند نہ ڪندا هئا ۽ مون کي بہ سچي ڳالھہ تہ ڪا غرض ڪونہ هئي. منھنجو ڪو بلاڪ هيو، نہ آهي ۽ نہ رهندو. مان، الحمدلله پنھنجو بلاڪ پاڻ آهيان. فوڪس، باقي مان سدائين رهيو آهيان. سڄي حياتيءَ مون پنھنجو ڪم پوري ڌيان سان ڪيو آهي.
’عالمتاب تشنه‘ چئي ويو:
جس دن سَي چَلا هون، ميري منزل په نظر هَي
آنکون نَي ڪڀي مِيل ڪا پٿر نھي ديکا
يہ ڦُول ڪوئي مجهي وراثت ۾ ملي هَين
تم نَي ميرا ڪانٽون ڀرا بستر نھين ديکا
پٿر مجهي ڪھتا هَي، ميرا چاهنَي والا
مين موم هون، اُس نَي مجهي ڇُو ڪر نھين ديکا
اِتي ئي، جڏهن کان ٻُڌو اٿم، تڏهن کان ’عنايت بلوچ‘ صاحب جي هنن سِٽن کي هنيين سان هنڍايو اٿم:
منھنجو ڪنھن سان ڀلِي نباھہ نہ ٿئي
نانءُ، تعريف، واھہ واھہ نہ ٿئي
قافلو راھہ ۾ لُٽيو بہ تہ ڇا
منھنجي تاريخ شل تباھہ نہ ٿئي
 حڪايتن ۾ اچي ٿو، ڪنھن ﷲ واري پڇيو، ”بابا، ٿانوَ ڌوتا ٿوَ ڪڏهن؟“
عرض ٿيو، ”بلڪل سائين... ٿانوَ ڌوئڻ ۾ ڇاهي!؟“
فرمايو ويو، ”اصل رمز اِها آهي تہ ٿانءُ اندران ڌوئبو آهي، سڄي صفائيءَ ۾ گهڻي صفائي اندر جي هوندي آهي.“
مان محمود مغل، پنھنجي اندر جي ٿانوَ کي صاف رکڻ جي ڪوشش ڪندو رهندو آهيان، پر جي ڪنھن بہ مھربان وجود کي منھنجي ڪا ڪدورت محسوس ٿي هجي تہ مان هن کان معافي گهران ٿو. گڏ گڏ اهو بہ عرض ڪيان ٿو تہ جيڪو بہ ايندڙ وقت عنايت ٿئي، ان ۾ ’ڀال ڀَلائڻ‘ نہ وسارجو. ڪا ’مدائي‘ هجي تہ ’دليَئون‘ معافي عنايت ڪجو. ڪڏهن ڪوسا نہ ٿيا ڏوراپا ڏيئي...
ڪريم رب، اوهان کي دامَي، درمَي، ڪرمَي، سُخنَي صرف پنھنجو محتاج رکي- آمين.
 مان هڪ ڀيرو وري عرض ڪرڻ ٿو گهران، ”مان اوهان مان آهيان.“

- محمود مغل
]پھرين نومبر 2024ع[


]هن سھيڙ جي آخري سِٽن ۾، مان پنھنجي ڀاءُ ’فقير محمد ڍول‘ جو دليَئون مقروض آهيان، جو هُن پنھنجي دل جي حُضور سان، هِن سڄي سھيڙ ۾ ’مير صاحب‘ جي مدد ڪئي. رب سائين کيس ان جا ڀاڙا ڏيندو- آمين[