شخصيتون ۽ خاڪا

جنب گذاريم جن سين

ھي ڪتاب سنڌ جي نامياري سياستدان ۽ دانشور جي. ايم. سيد پاران لکيل هڪ مشھور آتم ڪٿا (سوانح عمري) ۽ 278 شخصي خاڪن تي مشتمل ڪتاب آهي، جيڪو ٻن جلدن ۾ شايع ٿيل آهي. هن ڪتاب ۾ جي ايم سيد پنھنجي زندگيءَ سان لاڳاپيل اهم سياسي، سماجي ۽ ادبي شخصيتن جو ذڪر ڪيو آهي، جيڪي هن جي خيالن ۽ عمل تي اثرانداز ٿيون. ھن ڪتاب ۾سنڌي تاريخ جي عظيم انسانن جي سيرت ۽ سوانح، حالات ۽ اثرات کي، هڪ هنڌ جمع ڪري، اهل بصيرت لاءِ عبرت ۽ موعظت جو سامان پيدا ڪيو آهي.

  • 5.0/5.0
  • 173
  • 54
  • ھڪ ھفتو اڳ
  • 1
Title Cover of book Janab Guzaryum Jin Sein
سنڌ سلامت پاران

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري سياستدان، عالم ۽ اديب جي ايم سيد جو لکيل ڪتاب ”جنب گذاريم جن سين (پھريون ۽ ٻيون جلد)“ اوھان اڳيان پيش آھي.
ھي ڪتاب سنڌ جي نامياري سياستدان ۽ دانشور جي. ايم. سيد پاران لکيل هڪ مشھور آتم ڪٿا (سوانح عمري) ۽ شخصي خاڪن تي مشتمل ڪتاب آهي، جيڪو ٻن جلدن ۾ شايع ٿيل آهي. هن ڪتاب ۾ جي ايم سيد پنھنجي زندگيءَ سان لاڳاپيل اهم سياسي، سماجي ۽ ادبي شخصيتن جو ذڪر ڪيو آهي، جيڪي هن جي خيالن ۽ عمل تي اثرانداز ٿيون. ھن ڪتاب ۾سنڌي تاريخ جي عظيم انسانن جي سيرت ۽ سوانح، حالات ۽ اثرات کي، هڪ هنڌ جمع ڪري، اهل بصيرت لاءِ عبرت ۽ موعظت جو سامان پيدا ڪيو آهي.
ٻنھي جلدن ۾ ڪُل 278 سوانح عمريون آيل آهن؛ جن ۾ استاد، زميندار، درويش، قومي ڪارڪن، سياستدان، اديب، عالم، نامور آفيسر، سماجي ڪارڪن، رفيق ۽ واقفڪار اچي وڃن ٿا. ان طرح ان ايتري ذخيري ۾، هندو، مسلمان، پارسي، ۽ انھن ۾ مردن سان گڏ انھن بيگمات جو پڻ ذڪر آيل آهي، جن قومي ۽ ملڪي خدمت ڪئي آهي.
ڪتاب جو پھريون ڇاپو 12021ع ۾ روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو پاران ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي ايم ايڇ پنھور انسٽيٽيوٽ آف سنڌ اسٽيڊيز جي سھڪار سان اوهان اڳيان شيئر ڪجي ٿي.

 

محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي
 

ھِي ڪتاب صرف پي.ڊي.ايف فارميٽ ۾ ئي موجود آھي، جيڪو ھيٺئين بٽڻ تي ڪلڪ ڪندي ڊائونلوڊ ڪري سگهو ٿا

ڪتاب تي آيل ريٽنگ ۽ رايا

5.0

(ڪُل 0 رائين آڌار)



ڪتاب تي راءِ ڏيڻ لاءِ مھرباني ڪري لاگ ان ڪريو.

  • مصنف جي ايم سيد
  • ڇپيو ويو 2021
  • ڇپائيندڙ روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو
  • ڇاپو اٺون
  • عالمي ڪتاب نمبر 978-969-9726-88-0
  • آن لائين ٿيو 25/Apr/2026
  • ترجمو آھي؟ جي نہ
  • ٽيڪسٽ ۾ آھي؟ جي نہ
  • لاٿو ويو 54 ڀيرا

ڪتاب ۾ ٽِڪليون