ڪافي پوري ٿي ته سڀني جي دلين کي گوندر جون وليون وڪوڙي ويون ۽ ڏکڙا چوٽيءَ تائين چڙھي ويا. نواب ھيري جي منڊي لاھي عنايتيءَ کي ڏني ۽ عليءَ کان پڇيائين:
”ھي ڪنھنجو ڪلام آھي؟“
”سائين ھڪڙي سيدزادي جو ڪلام آھي. چون ٿا ته ويراڳي آھي. جوڳين سامين سان جبل جھاڳيندو ٿو وتي. مخدوم معين وٽ ٺٽي ۾ ايندو آھي.“
”سيدزادي جي شاعريءَ ۾ ڪيڏو نه درد آھي.“
”سائين ھڪڙي مغل شھزاديءَ جي عشق ۾ شاعر ٿيو آھي. چون ٿا ته مغل زاديءَ جي چيچ ڏسي مٿس عاشق پيو ۽ سندس چيچ جھلي چيائين ته جنھن جي چيچ سيد جي ھٿ ۾ تنھن کي لھر نه لوڏو.“
نواب سوچيو ته اھي به ڪھڙا نه خوش نصيب انسان آھن جيڪي چيچ ڏسي پرينءَ کي سڃاڻي ٿا وٺن. مان ته سھڻن سھڻن چھرن جي جھنگ ۾ ان چھري کي ڳوليندو ٿو وتان جنھن جا پار چوڏھينءَ جو چنڊ ڏيندو آھي. سجاول خان عنايتيءَ کي اشارو ڪيو. عنايتي ٻاھر ھلي وئي. نواب تي اڃان سيدزادي جي ڪلام جا خمار ھئا.
”اسان وڏن وڏن ڳائڻن کان شاعرن جو ڪلام ٻڌو آھي. پر سيدزادي جي ڪلام جو انداز ئي نرالو آھي. سندس ڪلام ۾ سنڌ جي ساري سونھن ۽ سارا سور ٿا جھلڪن. اسين سيدزادي سان ملڻ ٿا گھرون.“
”اوھان جو حڪم اکين تي پر سائين چون ٿا ته خاڪ نشين گدڙي پوش آھي ۽ ٺٽي جي مخدوم معين کان سواءِ ڪنھن سان نه ملندو آھي.“
”درويشيءَ تان ڳالھه ياد پئي. درويش شاہ عنايت جو ڇا معاملو آھي؟“
”شاہ عنايت صوفي درويش آھي. درگاہ جي خرچ پکي لاءِ سرڪار جيڪي زمينون کيس عنايت ڪيون آھن سي بنا بٽئيءَ جي ھارين کي ٿو ڏئي. تر جا ھاري زميندارن کي ڇڏي شاہ عنايت جون زمينون ٿا کيڙن ۽ زميندارن کي ھاري نٿا ملن، ان ڪري بلڙيءَ جا سيد ۽ پليجا زميندار دانھين ٿيا آھن.“
”اسان ٻڌو آھي ته شاہ عنايت جي تحريڪ سياسي تحريڪ آھي. سارنگ! تنھنجو ڇا خيال آھي؟“
”سرڪار مان شاہ عنايت جي باري ۾ ڪجھه چئي نٿو سگھان پر اھا حقيقت آھي ته ھر سياسي تحريڪ مذھب جي مورچي ۾ ويھي ھلائي ويندي آھي. مختار ثقفيءَ جي تحريڪ، مھدوي تحريڪون، سکن جي تحريڪ ۽ اتر سنڌ ۾ ڪلھوڙن جي درويشيءَ واري تحريڪ، اھي سڀ تحريڪون اقتدار حاصل ڪرڻ جون سياسي تحريڪون ھيون جن تي مذھبي رنگ چڙھيل ھو. منھنجي خيال ۾ اھڙي قسم جي ڪنھن به تحريڪ کي وڌڻ کان اڳ ختم ڪرڻ گھرجي.“
”ان معاملي ۾ دين ڇا ٿو چئي؟“
”دين سياست جي تابع آھي. امام حسين ؓ سياست کي دين جي تابع ڪرڻ ٿي گھريو ان ڪري شھيد ٿيو. نبي پنھنجي دور جي، غلط بنيادن تي قائم ٿيل معاشري جا بنياد ڪڍي، ان کي ڊاھي ان مان ھڪ ڌوتل پوتل معاشرو ٺاھيندو آھي. پر ھر شيءِ پنھنجي ابتڙ شيءِ جي وجود سان قائم آھي. نبيءَ جي قائم ڪيل معاشري ۽ انجي ابتڙ معاشري ۾ رڳو تر جيتري وٿي ھوندي آھي ۽ ڪو يزيد ان تر جيتري وٿيءَ کي ختم ڪري، ملڪيت ۽ ملوڪيت وارو معاشرو قائم ڪندو آھي. امام حسينؓ کان وٺي شاہ عنايت تائين جيڪي به يزيد جي ملڪيت ۽ ملوڪيت واري معاشري سان ٽڪرايا آھن سي ختم ٿيندا آيا آھن. اسانجو معاشرو نبي صلعم جي قائم ڪيل معاشري جي ابتڙ ملڪيت ۽ ملوڪيت وارو معاشرو آھي ۽ جيڪڏھن شاہ عنايت جي تحريڪ امام حسينؓ جي تحريڪ آھي ته پوءِ اسان کي فيصلو ڪرڻو پوندو ته اسان جو ملڪيت ۽ ملوڪيت وارو معاشرو قائم رھي يا شاہ عنايت صوفي.“
شاہ عنايت جو نالو ٻڌي نواب جي اکين آڏو صوفين ۽ درويشن جا ٽولا اچي ويا جن سنڌ کان بنگال تائين خانقاھون ۽ مَٺ قائم ڪيا. انھن خاڪ نشين گدڙي پوش صوفين مراقبي مان منھن مٿي ڪري ”ھمه اوست“ جو نعرو ٿي ھنيو ته ڪائنات ڪنبي ٿي ويئي ۽ سڀ ھيٺاھيون مٿاھيون ھڪ ٿي ٿي ويون، جن سماع ۾ آھسته خرام رقص ڪندي قدم ٿي کنيون ته سندن قدم آسمان تي ٿي پيو. سڀ عربي ۽ فارسي دان ھئا پر سڀني مقامي زبان ۾ مقامي محاوري ۾ انساني ھڪ جھڙائي ۽ ڀائپيءَ جو پرچار ڪيو ۽ برھڻ بڻجي الله سان عشق ڪيائون. ڪاجي محمود درياڻي، ڪاجي ڪاجن، حجرت نجام الدين اوليا، بوعلي قلندر، بھاؤالدين باجن.
ڪاجي محمود، ڪاجل ڊالون ڪرڪرا، سرمه سھيونه جاءِ
جن نينن ۾ ڀي بسي، دوجا اور نه سمائي.
بوعلي قلندر: سجن سکيري جائينگي، نين مرينگي روءِ،
بدنا ايسي رين ڪرو، ڀور ڪدي نه ھوءِ.
بابا فريد شڪر گنج: ڪاگا سب تن کائيو، چن چن کائيو ماس،
اي دو نين نه کائيو، پيا ملن ڪي آس.
امير خسرو: ھي، اي مان! رنگ ھي
ايسو پيو پايو نجام الدين اوليا
جگ جياريو، مين تو ايسو رنگ اور نه ديکوري
ديس بديس مين تو ڍونڍ ڦري ھون
تورا رنگ نھين پايو اي
نجام الدين اوليا.
امير کسرو تان پوري جون تارون ڇيڙي، تارن جي ارتعاش مان نڪرندڙ ”تنڪ“ جو آواز جيڪو پرٻنڌ جو چوٿون انگ، تن تنا جي ورجاڻي ۽ اندروني طور برھما جو تصور ھو، تنھن کي صوفين جي سماع لاءِ تلانه جو روپ ڏنو.
يارِ من بيا بيا، در تنم تاديم
(منھنجا پرين اچ اچ، منھنجي تن ۾ اچ)
تانن، تاناديم، توم تا نانانا
(ڇاڪاڻ ته مان تنھنجو آھيان)
به لبم رسيدہ جانم، تو پياڪ زندہ ھانم- پس ازان ڪ من نه مانم، به چه ڪار خواھي آمد.
(منھنجو ساہ چپن تي اچي ويو، تون اچ ته جيئرو ٿي پوان. جڏھن مان نه ھوندس ته پوءِ تنھنجو اچڻ ڪھڙي ڪم جو)
حصو ٻيو
ٺٽي جي علي شيرازي ۽ شاہ ڪريم بلڙيءَ واري جون سماع جو محفلون! ھن سنڌ، گجرات ۽ مارواڙ ۾ سنٿ پنٿي اسماعيلي ڏٺا جن جي رھڻي ڪھڻي ھندن جھڙي ھئي ۽ گپتي ٿي سڏيا ويا ۽ جن ڳوٺ ڳوٺ وستيءَ وستيءَ ۾ الله جي ھيڪڙائي ۽ عشق، ماڻھن جي ھڪ جھڙائي ۽ ڀائپيءَ جا اسلامي ڀڄن ٿي ڳايا ۽ ذات پات واري برھمڻ سماج جي ڌڪاريل انسانن جا ٽولا اچي ساڻن شامل ٿي ٿيا. ھاڻي سنڌ جا، مغلن، جاگيردارن ۽ ڏاڍ جا ماريل، ھاري ناري، ڪڙمي ڪاسبي ٽولن ۾ جھوڪ ڏانھن ٿي ويا جتي ھنن جو مسيحا ھو! ڪھڙي خبر ته مان به تاريخ جي جبر جو شڪار ٿيان ۽ جھوڪ وارو مسيحا منھنجي ھٿان مصلوب ٿئي. نواب کي پنھنجو پاڻ مان، پنھنجي مسند مان، بخمل جي لباس مان، ھيرن جواھرن مان، صندل، حنا ۽ مشڪ جي خوشبوئن مان انساني رت جي بوءِ اچڻ لڳي. ھن يڪدم جام چپن تي آندو ۽ ڳيت ڏيئي پي ويو. زبان چپن تي ڦيريندي ھن سارنگ کان پڇيو.
”تنھنجو تصوف جي باري ۾ ڇا خيال آھي.“
سارنگ به جام خالي ڪيو ۽ چپ اگھندي چيائين.
”تصوف اسلام جي عجمي صورت آھي.“
”ڪيئن؟“
”بغداد ۾ جڏھن سنڌ جي پنڊتن ۽ اخوان الصفا عالمن ھندوستان ۽ يونان جي ڏاھپ کي عربي زبان ۾ آندو ته عربن جي ذھني دنيا ۾ انقلاب اچي ويو. عقل ۽ عقيدي ۾ ڇڪتاڻ شروع ٿي ۽ معتزله جو طبقو وجود ۾ آيو جنھن عقيدي کي عقل سان پرکڻ شروع ڪيو. معتزله چيو ته خدا شڪل ۽ صورت کان پاڪ آھي ان ڪري اھو عقيدو صحيح نه آھي ته قيامت ۾ خدا جو ديدار ٿيندو. قيامت جي ڏينھن ڪو ڪنھنجي شفاعت نه ڪندو ڇاڪاڻ ته جيڪو خدا جي حڪمن جي ڀڃڪڙي ٿو ڪري تنھن کي ڪنھن جي شفاعت تي بخشي ڇڏڻ عدل ۽ انصاف جي خلاف آھي. ابليس نفس امارہ ۽ ماڻھوءَ جي غضب ۽ شھوت جي قوت آھي. جبرائيل نبيءَ جي پنھنجي ئي جبرائيلي قوتن جو نالو آھي ۽ وحي نبي پنھنجي ذات مان ئي فيض حاصل ڪندو آھي. ھر ظاھر پنھنجي باطن مان نڪري ٿو ۽ ظاھر باطن جو ظاھري روپ آھي. ظاھر تنزيل ۽ باطن تاويل آھي. اسماعيلي، قرامطي ۽ فاطمي باطنيه ھئا.“
سارنگ ٿوري دير لاءِ ماٺ ٿي ويو. ھن غور سان نواب جي اکين ۾ نھاريو. نواب جي اکين ۾ اشتياق ھو. ھن ڳالھه جو سلسلو جاري رکندي چيو.
”اخوان الصفا اسڪندريه جي يوناني ڏاھپ کي ھڪڙي رسالي جي صورت ۾ آندو ۽ اھا ڏاھپ، اھو نظريو اسلامي تصوف جو فيلسوفياڻو بنياد ٺھيو. ان نظريي مطابق ذاتِ احد مان پھرين عقل نڪتو. عقل ڪل مان روح ڪل ۽ روح ڪل مان ٻيا روح نڪتا. روح جڏھين مادي ڏانھن جھڪيو ته ادنيٰ ٿي پيو. ذات احد سج مثال آھي جنھن مان نُور جو نيڪاس ٿيندو ٿورھي. عقلِ ڪل، روح ڪل ۽ اعليٰ ۽ ادنيٰ روح، ذات احد مان ائين ڇلڪي نڪتا جيئن سج مان نُور ڇلڪي نڪرندو آھي. مادو تاريڪ آھي جنھن تائين نُور جو شعاعون پڄي نه سگھيون. پر مادو ڪائنات جي سڀني شين جو بنياد آھي ۽ روح مادي کي جدا جدا شڪليون ۽ صورت ڏيندا آھن. روح مادي جي اونداھي جھان مان نڪري پنھنجي حقيقي محبوب ۽ اصل مصدر ڏانھن وڃڻ لاءِ بيتاب آھي. اھو عشق آھي.
ويدانتيءَ ذات احد کي ادويتا يعني جيڪو ٻه نه آھي سڏيو. ذات احد کي پرم ۽ برھم سڏيو. برھم مان ئي ڪائنات نڪتي. جيو آتما (انساني روح) پرم آتما (روح ڪل) کان جدا ٿي. جڏھن آتما تي مايا جي ڪثرت جو فريب ظاھر ٿيندو آھي تڏھين آتما، پرم آتما سان ملڻ لاءِ بيتاب ٿيندي آھي. جيو آتمان جو پرم آتما ۾ جذب ٿيڻ نروان ۽ مڪتي آھي. اسلامي تصوف جي ساري فيلسوفياڻي عمارت ان نظريي تي بيٺل آھي. ان ڪري تصوف کي مان اسلام جي عجمي صورت ٿو سڏيان ڇاڪاڻ جو اسلام وجود جي وحدت جو نه پر وجود جي دوئيءَ جو قائل آھي.
سارنگ ماٺ ٿي پنھنجي گفتگوءَ جو ردعمل ڏسڻ لاءِ نواب جي اکين ۾ نھاريو. ھن جي ڳالھه ٻڌي نواب مُرڪڻ لڳو.
”اسلام جو بنيادي عقيدو وحدانيت آھي ۽ تون دوئيءَ جي ڳالھه ٿو ڪرين.“ نواب چيو.
”مان الله جي وحدانيت جي ڳالھه نٿو ڪيان پر وجود جي وحدت جي ڳالھه ٿو ڪيان. اسلام ۾ الله جي وحدانيت آھي پر وجود جي وحدانيت ڪانھي. خالق ۽ مخلوق جا جدا جدا وجود آھن، جڏھين ته صوفي خالق ۽ مخلوق، الله ۽ ڪائنات جي وجود کي ھڪ ٿا مڃين. حضرت بايزيد بسطاميءَ جي محفل ۾ تخليق جو مسئلو بحث ھيٺ آيو. ھڪڙي مُريد چيو ته ڪو وقت اھڙو ھو جو رڳو خدا جو وجود ھو ۽ ٻيو ڪجھه نه ھو. بايزيد وراڻيو: ھاڻي ڇا آھي. ھاڻي به ته صرف خدا جو وجود آھي. ابنِ عربيءَ ذاتِ احد کي حسنِ ازل ۽ عقلِ اول کي حقيقتِ محمديه جو نالو ڏنو. اسلام ۾ ابليس لعنتي آھي پر صوفين ابليس کي خدا جي جلال جو مظھر سمجھيو ۽ ابليس جو اشتقاق تبليس مان ڪيو. ابليس کي آدم کي سجدو ڪرڻ لاءِ چيو ويو ته ابليس سوچيو ته جيڪڏھن آدم کي سجدو ڪيم ته غيرالله کي سجدي جو گنھگار ٿيندس ان ڪري ھن سجدي کان انڪار ڪيو ۽ ابليس سڀ کان وڏو موحد سڏيو ويو.
صوفي حضور ڪريم جن جون ٻه حديثون نقل ڪندا آھن ته علم ۽ نيڪي مومن جي وڃايل ميراث آھي ۽ صوفين کي جتان به پنھنجي وڃايل ميراث ملي تنھنکي پنھنجو ڪيائون. حضور ڪريمؐ جي ٻي حديث اھا نقل ڪندا آھن ته عبادت کان سواءِ ھر بدعت رذالت آھي ۽ صوفين پنھنجن روحاني تجربن جي آڌار تي عبادتن جا نوان نوان طريقا جاري ڪيا.
سارنگ ماٺ ٿي ويو. سجاول خان ۽ عليءَ سارنگ جي ڳالھين جو ردعمل ڏسڻ لاءِ نواب ڏانھن نھاريو. ٻاھر چنڊ سنڌوءَ جي وچ سير مٿان ٽِڪ ٻڌي بيٺو ھو ۽ نواب جي اکين تي مڌ جا کيپ چڙھي ويا ھئا. نواب چيو.
”نوجوان توسان وڌيڪ ڪچھريون ھاڻي ٺٽي ۾ ٿينديون.“
----------------------------
سارنگ اڄ ڏاڍو خوش ھو. ھن کي ٺٽي جي نواب وٽ منصبداري ملي ھئي. ھو خوشيءَ ۾ عرش تي ٿي اُڏاڻو. تارا ڪتيون ھن جي لتڙ ۾ ھئا. ھن تصور ۾ پنھنجو پاڻ کي نواب جي درٻار ۾ ويٺل ڏٺو، مغل طرز تي ٺھيل محلسراءِ، در تي ڀير ۽ علمُ، غلام گردشن ۾ گشت ڪندڙ چوبدار، سنگ مرمر جي ھال ۾، ھالن جي ھندوري ۾، سنڌو ويٺي ھئي. ڪنيزن ھندورو ٿي لوڏيو ۽ کيس مورڇل ٿي ھنيون. اڙيل ڪميت گھوڙي ھنجي ران ھيٺان ھئي. ھو ھٿ ۾ ڀالو جھلي، ڪھڪشان کي گھوڙيءَ جي سنبن سان لتاڙي، تارن جي کينھن سان چوگان ٿو کيڏي..... ماڻھن جا ميڙ ھئا. ھو ۽ ھن جو ويري گھوڙن تي ھڪ ٻئي جي سامھون ھئا، ٻنھي جي ھٿن ۾ ڀالا ھئا. ٻنھي گھوڙا ڊوڙايا، ھڪ ٻئي تي وار ڪيا. ھن ڀر ڪڍائي ڀالو ھنيون، ڀالو ويريءَ جي وجود مان آرپار ھليو ويو. ھن سٽ ڏيئي ڀالو ويريءَ جي ھانوَ مان ڪڍي آسمان ڏانھن اڇلايو ته عرش جا ڪونگرا ڪري پيا.... نواب ھن کي باغي قبيلن جي سرڪوبيءَ لاءِ موڪليو. ھن اوچتو باغين جي لشڪر تي حملو ڪيو ۽ سندن ڪنڌ لُڻي ڇڏيائين. نواب ھن کي خلعت پارائي ۽ ھند سنڌ ۾ سندس ھاڪار ٿي وئي.
انسان اقتدار ۽ طاقت کانسواءِ ڇا آھي. ھن کٽ تي پاسو ورائيندي سوچيو: آچر، سومر يا چاچو سانوڻ، جنھن سان ملي، ھٿ ٻڌي، نِوڙي، سلام ڪري. نوڙت ۾ سندس چيلھه ئي چٻي ٿي وئي ھئي. نوڙت چڱي آھي. پر ان صورت ۾ جڏھين ماڻھوءَ ۾ ٻين کي نوڙائڻ جي طاقت ھجي. چاچي سانوڻ جي نوڙت ته ھنجي سماجي مجبوري آھي. طاقت سان ماڻھوءَ کي نوڙائڻ، سرڪش ۽ آڪڙيل ڪنڌن کي طاقت سان جھڪائڻ ۾ به عجيب مزو آھي. طاقت ئي اھڙي نيڪي آھي جنھن مان سڀ نيڪيون ڦُٽن ٿيون، ماڻھو الله جي اڳيان ان ڪري ٿو جھڪي جو الله قھار ۽ جبار آھي. ماڻھءَ ۾ ڪا ڳالھه آھي جو ھو قھر ۽ جبر کي پوڄي ٿو ۽ قھر ۽ جبر سان پاڻ کي پوڄائي ٿو.
علي ھن جو سوٽ ھو. علي ھن کان ڪنھن به ڳالھه ۾ وڌ نه ھو. سپھه گيري توڙي علم ۽ ادب، ھر ميدان ۾ ھو عليءَ کي پٺتي ڇڏي ويندو ھو. چاچو سجاول خان به ھن کي عليءَ کان وڌيڪ ڀائيندو ھو. راڄ ۽ تَر جا سڀ ماڻھو ھن کي عليءَ کان وڌيڪ ڀائيندا ھئا. پر جڏھين کان عليءَ کي ٺٽي جي مغل نواب وٽ نوڪري ملي ھئي تڏھن کان سڀ ھن کي نظرانداز ڪري، عليءَ جي ڪڍَ ڪڍَ پيا گھمندا ھئا. انسان جي عزت لياقت سان نه پر رتبي سان آھي ۽ رتبو طاقت آھي، طاقت نيڪي آھي، محبت آھي. سڀ لڳ لاڳاپا ڪنھن نه ڪنھن ضرورت، غرض يا مطلب سان ڳنڍيل آھن. رڳا ڪي ڪي رشتا غرض ۽ مطلب کان مٿاھان ھوندا آھن جيئن منھنجو ۽ سنڌوءَ جو رشتو!
سنڌو الائجي ڪڏھن ايندي. صبح ٿئي، سنڌو اچي ته ھن کي پنھنجي سرڪاري عھدي جي ڳالھه ٻڌايان. ھوءِ ڪيڏي نه خوش ٿيندي. اڄ منھنجا ماءُ پيءُ ھجن ھا ته اھي به ڪيڏا نه خوش ٿين ھا..... ھن جا ماءُ پيءُ ننڍي ھوندي ئي مري چڪا ھئا. ھن کي سندن شڪل به ياد ڪانه ھئي. ماضيءَ کي ياد ڪندي ڪندي اوچتو ويسر جي اونداھي سرحد شروع ٿي ويندي ھئي. اونداھي جي سرحد جي ھن پار ھنجو ننڍپڻ ھو. ننڍپڻ جون يادون ھيون، ھن جي پيءُ ماءُ جا چھرا ھئا. ھو جيئن جيئن اونداھيءَ جي سرحد کي ٽپڻ جي ڪوشش ڪندو ھو ته ھن کي مٿي ۾ سور ٿيڻ لڳندو ھو. سور وڌندو ويندو ھو. مٿو ڦٽ وانگر ڏکندو ھو ۽ ھو کٽ تي مڇيءَ وانگر ڦٿڪندو ھو. وڏن وڏن حڪيمن ۽ ويڄن کان علاج ڪرايو ھئائين پر سندس مٿي جي سور جو ڪنھن وٽ علاج نه ھو. ان وقت رڳو سنڌوءَ جي ھنج ھن کي آرام ڏيندي ھئي. ھو سنڌوءَ جي ھنج ۾ مٿو رکندو ھو. سنڌو ھن جي نرڙ تي پنھنجا پٽ پٽيھر ھٿ ڦيريندي ھئي ۽ ھن کي ننڊ وٺي ويندي ھئي.
چاچي سجاول خان ۽ چاچِي ماھرو جي محبت سڪ ۽ لاڏ ڪوڏ ھن کان پنھنجا سڳا ماءُ پيءُ ئي وسارائي ڇڏيا ھئا. ٻَئي کيس پنھنجي سڳي پٽ علي ۽ ڌيءَ ’درل‘ کان به وڌيڪ ڀائيندا ھئا. عليءَ به ھن سان ڪڏھين ساڙ نه ڪيو. علي ته پاڻ ھن تي فخر ڪندو ھو.ٻئي ذري گھٽ ھم عمر ھئا. ٻئي جھڙا سڳا ڀائر! ڀائرن کان وڌيڪ دل گھريا دوست. ’درل‘ ته ھن کي سڳيءَ ڀيڻ کان وڌيڪ ڀائيندي ھئي. سنڌوءَ کان به وڌيڪ ھن جو خيال رکندي ھئي. نوڪرياڻين ۽ ٻانھين ھوندي سوندي پنھنجي ھٿن سان ھن لاءِ مغلي طعام پچائيندي ھئي.شِوَ جو پھريون پلو مرندو، ساٽياڻي پلو کڻي ايندي ۽ درل ڏاڍي پيار سان پلو سئي، سنڌوءَ جي ھٿ ھن ڏانھن موڪليندي ھئي. سڳي ڀيڻ کان به وڌيڪ سڪ ۽ پيار ھوندي به درل ھن کان ڌارين وانگر ايڏو حجاب الائجي ڇو ڪندي ھئي. شرميلي ته ننڍي لاءِ کان ھئي. جوان ٿي ته ھن جي منھن تي چڙھڻ ئي ڇڏي ڏنائين. اجرڪ ۾ پاڻ کي ويڙھي سيڙھي ھن کان لڪندي وتندي ھئي. اوچتو بي خياليءَ ۾ سارنگ جي نظر پئجي ويندي ھيس ته شرم ۾ ڳاڙھي ٿي ويندي ھئي.
سجاول خان ھن جو آدرش ھو. ماڻھو جوانيءَ ماڻي ته سجاول خان جھڙي ۽ جيئي ته سجاول خان وانگر. جوانيءَ ۾ جبل جھڙو مڙس- کھرو، اڻ گھڙيو، ارڏو ۽ اڙٻنگ. ’مڙڻ‘ ته سکيو ئي نه ھو. ڀلا جبل به ڪڏھين ’مڙيا‘ آھن جو سجاول خان مڙي. مغلن سان اھي چوٽون کاڌائين جو ننڊ ۾ به سجاول خان سمي جا ڇرڪ پيا پوندا ھئن.
ھڪ ڀيري مغلن سمن جي ڪنھن ويڙھي تي حملو ڪيو. مڙس ماريائون ۽ ننگ کڻي ويا. تن ڏينھن ۾ سجاول خان جبلن ۾ روپوش ھو. خبر پيس ته شينھن وانگر گجگوڙ ڪري اٿيو ۽ ڏينھن ڏٺي ٺٽي جھڙي شھر ۾، ويرين تي ڪڙڪيو. مڙس ماري، ننگ ڇڏائي، سالار جي ڌيءُ ماھرو کڻي آيو. مغلن وڏا زور آزمايا. فوج ڪشي ڪيائون پر مغل ڌيءُ موٽائي نه سگھيا. آخر راڄ وچ ۾ پيا. ڳالھيون ھليون. مغل پنھنجو ننگ موٽائڻ لاءِ ڏن ڀري ڏيڻ لاءِ تيار ٿي ويا. سالار جي ڌيءُ کي خبر پئي ته ھن مغلن کي چوائي موڪليو ته سمن پنھنجا سَڱ مڙسيءَ سان موٽايا ۽ اوھين ڏن ڀري ٿا ننگ موٽايو. مڙسي اَٿو ته سمن وانگر مڙسيءَ سان موٽايو. باقي ڏن تي مان به نه موٽنديس. ھاڻي مان سجاول خان جو ننگ آھيان.
سجاول خان ماھروءَ سان شادي ڪئي ۽ ھوءَ مڙس سان جبلن ۾ ڀٽڪندي رھي. جبلن ۾ ئي کيس علي ڄائو ۽ پوءِ جڏھين ’درل‘ ڄائي ته سجاول خان جي ڄڻ چيلھه ڀڄي پئي. مغلن سان ٺاھه جون ڳالھيون ڪيائين، مغلن سندس جاگير ۽ سرداري بحال ڪئي. موٽ ۾ ھن کي مغلن جي مدد ڪرڻ لاءِ فوج مھيا ڪري ڏيڻي ھئي. سجاول خان جاگير ۽ سرداري وٺي ويھي رھيو. چاچي ماھرو پوڙھي ٿي وئي ھئي پر سندس منھن ۾ اڃان اھا مغل شھزادين واري سونھن ۽ ڏيا ھئي. سوني ٻانھينءَ واري ٻانھن لوڏي گھمندي ھئي ته ڄڻ راڻي پئي گھمي. پر نه ھَٺُ نه ھوڏ، رڳي سِڪ ۽ پيار.
اوچتو پرھه جي پکيءَ جي لات ھن جي ڪن تي پئي. ھن اکيون ٻوٽي ڇڏيون. پکيءَ جي لات ٻڌڻ لڳو. ھر طرف سانت ھئي. پن به نٿي چريو. ان سانت ۾ پکيءَ جي لات الحامي سُر بڻجي ھن جي وجود ۾ گونجڻ لڳي. قدرت پنھنجا سمورا ڳُجھه ۽ اسرار سَلڻ لڳي ۽ ھن کي پھريون دفعو خبر پئي ته پکي به پيغمبر ٿيندا آھن. ھن آھستي آھستي اکيون کوليون، آسمان ۾ ستارن جا فانوس روشن ھئا. ھير گھلي ۽ پپل جي پنن جا آواز اُڀريا ڄڻ پپل جي وڻ قرآت ٿي ڪئي. مسجد مان ٻانگ جو آواز آيو. الله اڪبر..... ٻانگ جو آواز ستارن سان جڙيل آسمان سان ٽڪرائڻ لڳو. ستارن جي روشني ڏڪڻ لڳي ۽ ھن جي وجود ۾ الله جي عظمت جنھن ۾ دھشت ۽ ڊپ جي بدران نسورو پيار ھو. ان پيار جو ھڪڙو ٽيپو ھن جي دل تي ڪريو ھو ۽ ھن جي ٻوٽيل دل گل وانگر کڙي پئي ھئي جنھن مان سنڌوءَ جي ساھن جي خوشبوءِ ٿي آئي.
ٿوري دير گذري ته ڀر واري شوالي مان گھنڊ جو آواز آيو ۽ شوالي جو ٻاؤ، گرنٿ صاحب مان بابا فريد جا دوھا ڳائڻ لڳو.
ڳلئين چڪڙ، ڏور گھر، نال پياري نينھن
چلان ته ڀڄي ڪملي، رھان ته ٽٽي نينھن.
ھن جي منطقي ذھن قلابازي کاڌي ۽ ھن جو ذھن تصوف ۽ ويدانيت جي ڪاڪ محل ۾ ڀٽڪڻ لڳو. جوڳيءَ ٻيو بيت ڏنو.
رھيا اُتيئي رات، صبح ويندءِ صابري
لُنءَ لُنءَ منجھه لطيف چئي، ڪر تنين جي تات
سندي جوڳيان ذات، ٻئي ڀيري مس مڙي.
جوڳين جو آواز ھن جي ھانوَ ۾ سيرون وجھڻ لڳو. ھن جي ساري وجود ۾ ڪو آسماني غم گونجڻ لڳو. ھن کي پڪ ٿي ته ھزارين سال اڳ سنڌوءَ جي ڪَپ تي رگ ويد جون رچاؤن رچڻ وارن رشين ۽ ڪَوين جي اندر ۾ به آڪاش وائي ائين ئي غم بڻجي گونجي ھوندي. آسمان ۾ چنڊ ٿي چمڪيو ۽ چوڏھينءَ جي اُداس چانڊاڻ ھر طرف پکڙيل ھئي. ھوا ۾ پپل جا پن ٿي کڙڪيا ۽ وديالي جي پويان ٻيلي ۾ وڻن مان واءُ جو آواز ائين ٿي آيو ڄڻ ڪي ڀٽڪيل روح ٿي رُنا. ھن جي پٺيان وديالو ھو. ڏاھپ جو مساڻ! ۽ ھن جي سامھون جوڳي ويٺا ھئا جن نانھن ۾ ناٿ ڏٺو ھو. وچ ۾ باھه ٿي ٻري ۽ باہ جي اُلن جو عڪس جوڳين جي منھن تي ٿي پيو. ھن لاھري بندر کان ڪشمور تائين يڪتاري، چپڙن ۽ جھانجھن جا آواز ٻڌا، نانڪ پنٿن جي واتان گرو نانڪ جا شبد ٻڌا، سنت پنٿي اسماعيلين جا گنان، بابا فريد، شاہ ڪريم ۽ قاضي قاضن جا دوھا ۽ قلندر جي ڌمال ٻڌي. اُھا سنڌ ھئي. صوفين سنتن، سُک سانت جي سنڌ! پر سُک ۽ سانت جي اُن نگريءَ ۾ ڏاڍ جو ڪيڏو نه ڏھڪاءُ ھو. ھر طرف ڪوس ۽ قتلام. جوڳيءَ بيت ڏنو.
اڱڻ آھين اڄ، صبح ويندءِ صابري
ڪج ڪاپڙين سان، روح رچندو رڄ
پير تنين جا پُڄ، متان سِڪين سنياسين کي.
ھن فيصلو ڪيو ته ھو اڄ ئي وديالو ڇڏي، ھن سيدزادي صوفيءَ جو چيلو ٿيندو ۽ سندس سنگ مان دل جو دڳ ڳولھيندو. آڌيءَ رات جو ھو موھن کي جوڳين وٽ ڇڏي، اُٿي آيو. حجري ۾ اچي، پنھنجي سامان جي ڳنڍ ٻڌي، پڙڇ تي آھلي پيو. سوچيائين اَسر جو جوڳين سان گڏ ھليو ويندس. ٿوريءَ دير لاءِ ھن جي اک لڳي ويئي پر پوءِ ھو ڇرڪ ڀري جاڳي پيو. ڳنڍ ڪلھي تي رکي وديالي مان نڪتو ۽ درياءَ جي ڪپر تي اچي ڏٺائين ته اُتي ڪو ڪونه ھو. رات جوڳين جيڪا باھڙي ٻاري ھئي تنھن جي رَک ٿي اُڏاڻي ۽ جوڳيئڙا دلين جا سنک وڄائيندا واٽ وٺي ويا ھئا. ھن ته سوچيو ھو ته ھو اُن سيد زادي صوفيءَ جو چيلو ٿيندو ۽ دل جي دڳ تان نانھن ۾ ناٿ ڏسندو پر سيد زادو صوفي به ھن کي ڇڏي ھليو ويو ھو. ھاڻي ھو ڪيڏانھن وڃين، ڪھڙي واٽ وٺي. وديالي کي ھو ڇڏي آيو ھو جوڳي ھن کي ڇڏي ھليا ويا ھئا. ھاڻي ڪيڏانھن وڃين. ٺٽو! ٺٽي ۾ ھن جو گھر ھو ۽ ٺٽي ھن کي سڏ ڪيا. ٺٽي جي مَنگھن ھن کي صدائون ڏنيون ۽ ٺٽي جي ھوا ھن کي ڀاڪر ۾ ڀرڻ لاءِ ھن ڏانھن ٻانھون ڊگھيريون ۽ ھو ٺٽي ڏانھن روانو ٿيو.
...............................
حصو چوٿون
پادري الفنسو باربوسا عبادت پوري ڪري گرجا مان ٻاھر نڪتو ته مِينھن جي بوند ھن جي منھن تي پئي. ھن اکيون کڻي آسمان ڏانھن نھاريو. آسمان ۾ ڪارا ڪڪر مڙي آيا ھئا ۽ اڇا اڇا ڪَنگ ٿي اڏاڻا، ھوا ۾ چيڪي مٽيءَ جي خوشبوءِ رچيل ھئي. پريان سمنڊ جي کاريءَ وٽان ٽيٽيھر جي ”ٽين ٽين..... ٽين ٽين“ جو آواز آيو. سسٽر ايلز چيو:
”منھنجي خيال ۾ مينھن پوڻ وارو آھي، اڄ ٺٽي نه وڃون.“
”مينھن مونکي ڇا ڪندو. تَنگ ڪيائين ته ڪنھن وسنديءَ ۾ پناہ وٺندس.“
پادري گرجا جي آڳر مان نڪري وسنديءَ ڏانھن روانو ٿيو. سامھون قلعو ھو جنھن جي چئني برجن تي توبون رکيون ھيون. ھن بندر مان ڏيساورن مان آيل مال ٺٽي ويندو ھو ته رستي تي مڪراني ڌاڙيل قافلن کي ڦريندا ھئا ۽ قافلن جي بچاءَ لاءِ مغلن جو ٻِن سَون جو فوجي دستو ان ۾ رھندو ھو. قلعي کان اڳتي لاھري بندر جي وسندي ھئي. مِٽي ۽ ڪاٺ جا اٽڪل ٻه سو ٽي سو گھر ھئا. شروع ۾ ھو جڏھين ھتي آيو ھو ته ماڻھو ھن کي ان وسنديءَ ۾ اچڻ نه ڏيندا ھئا. پر پوءِ آھستي آھستي جڏھين ماڻھن کي خبر پئي ته ھو ڊاڪٽر به آھي ته ماڻھن ھن وٽ اچڻ وڃڻ ۽ کيس پنھنجي گھرن ۾ وٺي وڃڻ لڳا. ھاڻي وسنديءَ جا سڀ ماڻھو، ھڪ ھڪ ٻار، ھڪ ھڪ پوڙھو ۽ ھڪ ھڪ جوان ھن جو چڱيءَ طرح واقف ھو. ھو وسنديءَ ڏانھن ويو. رستي ۽ گھٽين مان لنگھڻ وارن ھن جي کيڪر ڪئي ۽ وسنديءَ جا ڪِنا، ڪوجھا، ڪارا ۽ بُڇڙا ٻار ”فادر اچي ويو.....فادر اچي ويو.“ چوندا ڊوڙندا، ھن جي ڄنگھن سان چنبڙيا. ھن سڀني ٻارن کي پيار ڪيو ۽ کين ٽول ڏنا. ھن وسنديءَ جي ٻن چئن مريضن کي ڏٺو. سڀني کي مليريا ھئي. مليريا کي ماڻھن بيماري ئي نٿي سمجھيو. موسمي تپ چئي ٽاري ٿي ڇڏيائون. پر پوءِ جڏھين بخار سندن ھڏن ۾ ويھي ٿي ويو تڏھين لاچار ٿي طبيب وٽ ٿي ويا جنھن کين گھوٽا ۽ ڪاڙھا ٿي ڏنا. ھن پاڻ سان ڪونين آندي ھئي ۽ ڪونين معجزو ڏيکاريندڙ دوا ھئي. ان ڪونين جي مدد سان ھو ماڻھن جي گھرن ۽ سندن دلين تائين پڄڻ ۾ ڪامياب ٿيو ھو.
وسنديءَ کان واپسيءَ تي ھو کاريءَ واري پاسي کان آيو. کاريءَ ۾ ڏيساور جي ڪنھن جھاز لنگر ھنيون ھو ۽ مزدورن سامان لاٿو ۽ چاڙھيو ٿي. ھو به اِئين ئي پاڻيءَ جي جھاز ۾ گوا مان ھت آيو ھو. ھن ڊيڪ تي بيھي ڪناري ڏانھن نھاريو ھو ۽ آسمان مان مينھن جي بوند ھن جي مُنھن تي پئي ھئي. آسمان ۾ ڪارا ڪڪر ھئا، اڇن ڪنگن جا ولر ٿي اڏاڻا ۽ پريان ٽيٽيھر جي ”ٽين ٽين.....ٽين ٽين.“ جا آواز ٿي آيا.
پادري الفنسو باربوسا اصل پورچوگيزي ھو. تمام غريب گھراڻي ۾ پئدا ٿيو ھو ۽ ھن جا پيءُ ماءُ قسمت آزمائڻ لاءِ لزبن مان پورچوگيزي جھاز تي چڙھي ھندوستان روانا ٿيا ھئا. رستي ۾ جھاز تي ڪا وچڙندڙ بيماري پئي ھئي. اڌ کان وڌيڪ مسافر ان بيماريءَ ۾ مئا ھئا. ھن جا پيءُ ماءُ به اُن بيماريءَ جو شڪار ٿيا ھئا. جھاز ۾ ھڪڙي پادريءَ سفر تي ڪيو. مرڻ وقت ھن جي ماءُ ھن کي پادريءَ جي ھنج ۾ ڏنو ھو ۽ گوا ۾ پادريءَ ھن کي پالي نپائي وڏو ڪيو ھو.
پادريءَ کي ھو پاپا چوندو ھو. پاپا ڏاڍو ماٺيڻو ھو ۽ ڪم جي ڳالھه کانسواءِ اجايو اکر به نه ڳالھائيندو ھو پر ھن سان ننڍڙن ٻارن وانگر ڪچھريون ڪندو ۽ رانديون کيڏندو ھو. پر پوءِ جڏھين ھو وڏو ٿيو ته پاپا ھن سان به گھڻو ڳالھائڻ ڇڏي ڏنو ۽ ٻنھي ۾ ويڇا اچي ويا. پاپا ھن جو آدرش ھو. سنھڙو، ڊگھو ۽ ماٺيڻو. سنھي ڏاڙھي جيڪا کاڏيءَ وٽ ٿوري ڊگھي ٿِي ٿَي وئي. ڊگھو اڇو چوغو مٿي تي ٽِڪڻ وٽ ننڍي اڇي ٽوپي ۽ ڳچيءَ ۾ صليب جي زنجيري. ڊگھا سنھرا وار ۽ اداس اکيون، ماٺ ڪيو پيو گرجا ۽ گرجا جي ساون ساون ٻارن ۾ گھمندو ھو. آچر جي ڏينھن گرجا ۾ عبادت ڪرائيندي انجيل جون آيتون پڙھندو ھو ته ائين لڳندو ھو ڄڻ يسوح مسيح صليب تان لھي، ماڻھن جي سامھون بيھي ماڻھن کي آسماني پيءُ جي محبت جون آيتون ٿو ٻڌائي. ننڍي لاءِ پاپا کي گرجا ۾ عبادت ڪرائيندو ڏسي ھن سوچيو ته جيڪر يسوح مسيح جي بدران ماڻھو پاپا کي صليب تي چاڙھن ھا ته پاپا جي ڪيڏي نه مڃتا ٿئي ھا.
اسڪول جي تعليم پوري ڪري ھو ڪاليج ۾ آيو ته ڪاليجي دوستن سان اٿندي ويھندي ھن کي پنھنجي شخصيت جي ھڪ عجيب اوڻائيءَ جي خبر پئي. ھن کي خبر پئي ته ھن جو سڀاءُ عام ڇوڪرن کان نرالو ھو. ھن جي ذھن ۾ ڪوھيڙو ڇانيل ھو ۽ ھو ھر ماڻھو ۽ ھر چھري کي اُن ڪوھيڙي مان ڏسندو ھو. ھر چھرو، ھر سڀاءُ ڌُنڌ ۾ ويڙھيل، اڻ چٽو ۽ وڻندڙ ھو. ھو ڇڪجي ان چھري ان سڀاءَ جي ويجھو ويندو ھو ته اوچتو ئي اوچتو ذھن مان ڪوھيڙو ختم ٿي ويندو ھو ۽ ھر طرف تيز، تِکي ۽ چُڀندڙ اُس پکڙجي ويندي ھئي جنھن ۾ ھو ماڻھوءَ کي ھن جي آر پار ڏسي سگھندو ھو. ھن جون سڀ خاميون، اوڳڻ ۽ عيب ھنکي چٽا نظر ايندا ھئا. پنھنجي اصل حالت کان ڏھوڻا وڏا، ڄڻ ھن جي اکين تي خوردبيني چڙھيل ھئي ۽ ھر ھڪ شيءِ پنھنجي اصلي حالت کان ڏھوڻي وڏي نظر ايندي ھئي. ماڻھن جو شڪليون ۽ شخصيتون ڏنگيون، ڦڏيون ۽ اڻ وڻندڙ نظر اينديون ھيون. انھن ڏينھن ۾ ھن مصوري سکي. سندس تصويرن ۾ به انساني شڪليون عجيب نموني جون ڏنگيون ڦڏيون ھونديون ھيون. ھن جون تصويرون ماڻھوءَ جي ظاھري صورت جي بدران ھن جي اندر جو عڪس ھيون.
ڇوڪرين جي معاملي ۾ ھن جي ذھن مان ڪڏھين به ڪوھيڙو نه لٿو. ھر ڇوڪري ست رنگي انڊلٺ ۾ ويڙھيل ھئي. ھر جسم ميگھه ملھار ھو جنھن جي وسڪار سان وجود ۾ کٽڻھار کڙي پوندا ھئا. ڪڏھين ڪڏھين ھنکي لڳندو ھو ڄڻ ھو پنھنجي چوڌاري پکڙيل چھرن جي جھنگ ۾ ڪنھن وڃايل چھري کي ڳولھيندو ٿو وتي. ھن جي اندر جي اجنتا ۾ ڪا مورتي اُڪريل ھئي جنھن جا نقش، جنھن جي جسم جا انگ ۽ ونگ ھو ھر چھري ۽ ھر جسم ۾ ڳولھيندو ھو. ڪي اکيون ان مورتيءَ جي اکين جھڙيون ھيون ته ٻيا نقش اوپرا ۽ اڻ سونھان ھئا. جسم سڃاتل ھو ته چھرو اوپرو ھو ۽ چھرو سڃاتل ھو ته جسم اوپرو ھو! ڄڻ ڪنھن ھن جي روح تي اُڪريل مورتيءَ کي ڀڃي ان جا ٽڪرا ماڻھن ۾ ورھائي ڇڏيا ھئا. ڪنھن وٽ اُن جون اکيون ھيون، ڪنھن وٽ چھرو ته ڪنھن وٽ جسم. انھن سڀني ورھايل ٽڪرن کي پاڻ ۾ ملائي مڪمل مورتيءَ کي ھو ڳولھيندو رھيو ھو ۽ پوءِ ھڪڙي ڏينھن سڀ ورھايل ٽڪرا پاڻ ۾ ملي مڪمل صورت اختيار ڪري ويا. ھن اکيون کڻي سامھون نھاريو ھو. سامھون مارگريٽ بيٺي ھئي. جنھن مشنري اسڪول ۾ ھو ماستر ھو اُن اسڪول ۾ ھوءَ ماسترياڻي ٿي آئي ھئي. ڪارو ڪُٺ بدن، ماسيريون ڇاتيون، ڪونج جھڙي ڳِچي، وڏيون وڏيون اکيون، ڄمن جھڙا ڪارا رس سان ڀريل چپ. ڪارو رنگ ھنکي ڏاڍو پراسرار لڳندو ھو. شايد اھو ھندستان جي روح جو رنگ ھو. ڪرشن، رام ۽ مارگريٽ جو رنگ، شايد انسان جي جنسي خواھشن جو رنگ يا ته تکو ڳاڙھو ھو يا وري ڪارو ڪٺ.
مارگريٽ ۽ ھو ٻئي دوست ٿي ويا. ٻئي سمنڊ جي ڪناري، ناريل جي وڻن جي جھنڊ ۾ ڪچھريون ڪندا ھئا. الائجي سندن اندر ۾ ڪيتريون ۽ ڪھڙيون ڳالھيون ھيون جيڪي کٽي نٿي کٽيون ۽ پل پھر کٽي ٿي ويا.
سج لڙيو ۽ گرجا جو صليبي نشان شفق جي رنگن ۾ جرڪڻ لڳو. ڪپر سان بيٺل ٻيڙين جا سڙہ ڦڙڪڻ لڳا. ڪناري سان ڏور تائين پکڙيل ۽ جھنڊ ھڻي بيٺل ناريل جا وڻ جھولڻ لڳا. سائي سائي گاہ تي اڇيون قميصيون ۽ نيريون چڍيون پاتل ٻارن رانديون ٿي کيڏيون. کير جھڙن اُجرن وڳن ۾ ٻه ڪاريون ڪاريون جواڻ جماڻ نرسون الائجي ڪھڙيءَ ڳالھه تي ٽھڪڙا ڏينديون ھنن جي ڀر مان لنگھيون. يورپي طرز تي ٺھيل ڳاڙھي کپريل جي ڇتين وارن ننڍڙن بنگلن جي سائي سائي لان ۾ پورچوگيزي پوڙھا ۽ پوڙھيون آرام ڪرسين تي آھليل ھئا. ھڪڙو ٻاؤ ”اوم پرڀو شانتي“ چوندو ھنن جي ڀر مان لنگھيو. گل فروش پوڙھي گوين ھنن کي گل آڇيا. سمند جي ڪپرن جي آلاڻ ھنن جي وجود ۾ رچجڻ لڳي. ھن ڪنڌ جھڪائي چپ مارگريٽ جي چپن تي رکيا. لھرون کلڪار ڪنديون ڪپر ڏانھن وڌيون ۽ ھنن جي وجود تي وري ويون.
ھن پنھنجي شخصيت جي اظھار لاءِ مصوريءَ جو سھارو ورتو ھو. پر ھن جي تصويرن ۾ انساني صورتون ڏنگيون ڦڏيون ھونديون ھيون. ھاڻي ھن حواسن مان حاصل ٿيل لذتن کي روحاني رنگ ڏنو ۽ يسوح مسيح جي ننڍپڻ جي تصوير ٺاھي. يسوح مسيح ننڍڙي ٻار جي روپ ۾ بِيبي مريم جي ھنج ۾ ھو. بِيبي مريم جي نيڻن مان تقدس ڀري مامتا ٿي ڇلڪي ۽ ھن جي ڀرسان حضرت يحيٰ بيٺو ھو. ھن تصوير مڪمل ڪري تصوير کي غور سان ڏٺو ۽ ھنکي اھو ڏسي تعجب ٿيو ته حضرت يحيٰ جي شڪل پاپا جھڙي ھئي. بيبي مريم جي شبيھه مارگريٽ جھڙي ۽ ٻار جي روپ ۾ يسوح مسيح ھو پاڻ ھو.
ھو مذھبي ماحول ۾ پليو نپنيو ھو. گھر جي ڪٽر مذھبي ماحول ھن جي اندر ۾ مذھب کان بيزاري پئدا ڪئي. ڪتابن ھن جي اندر ۾ عقل ۽ عقيدي جي ڇڪتاڻ شروع ڪئي ۽ ھو مذھب کان پري ٿيندو ويو. مذھبي رسمن ۽ عبادتن ۾ شامل ٿيڻ ۽ گرجا ۾ وڃڻ به ڇڏي ڏنائين. ماڻھو ھن جي عقيدن جي باري ۾ عجيب عجيب ڳالھيون ڪرڻ لڳا. ھو ماڻھن جون ڳالھيون ٻڌندو رھيو ۽ موٽ ۾ ڪجھ نه چيائين. ھن کي رڳو ھڪڙي ڳالھ جي حيرت ھئي ته ماڻھن ته ھن جي عقيدن جي باري ۾ ھيڏيون ڳالھيون ٿي ڪيون پر پاپا ماٺ ھو. ان باري ۾ پاپا ھن سان اکر به نه ڳالھايو ھو. پاپا جي ماٺ ھن کي بي چين ڪري ڇڏيو. ھن چاھيو ٿي ته پاپا ھن سان ھن جي عقيدن جي باري ۾ ڳالھائي. ھن کي سڌي راھ تي آڻڻ جي ڪوشش ڪري. ھن تي ڪاوڙجي. پر پاپا ماٺ ھو. آخر ھن کان پاپا جي ماٺ برداشت نه ٿي ۽ ھڪ رات ڊائننگ ٽيبل تي ھن پاڻ پاپا سان ڳالھ ڪڍي.
”پاپا، اوھان کي خبر آھي ته مان عقيدو وڃائي ويٺو آھيان.“
”ھا، مونکي خبر آھي.“ پاپا ڏاڍي ڌيرج سان وراڻيو. پاپا جي آواز ۾ نه ڪاوڙ ھئي ۽ نه ڏک.
”اوھان مونکي عقيدي تي آڻڻ جي ڪوشش ڇو نه ڪئي؟“
ھن جو سوال ٻڌي پاپا ھلڪي کنگھڪار ڪري نڙي صاف ڪئي، اھا ھن جي خاص اسٽائيل ھئي.
”عقل جي آڌار تي جيئڻ وارا جڏھين عقيدي جو سفر شروع ڪندا آھن تڏھين رستي تي بي عقيدي جو رڻ پٽ به ايندو آھي ۽ اُھو رِڻ ماڻھوءَ کي اڪيلي سر پار ڪرڻو پوندو آھي.“
”پر پاپا. منھنجي ذھن ۾ ڪي سوال آھن جن جا جواب اوھان کي ڏيڻا آھن. منھنجو سڀ کان پھريون سوال اوھان جي باري ۾ آھي. مونکي ٻڌايو ته اوھان زندگيءَ جي خوشين ۽ خواھشن کي پاڻ تي حرام ڪري راھب ڇو ٿيا؟“
”اُن لاءِ ته يسوح مسيح جي محبت جو پيغام ماڻھن تائين پھچايان.“
”۽ ماڻھن جو اڳيون جھان سنواريان. ائين ني. پر مان اوھان کان پڇان ٿو ته اوھان مذھبي ماڻھن کي انسان جي ھن جھان سنوارڻ جي بدران اڳين جھان سنوارڻ جو اونو ڇو ھوندو آھي. اوھان کي خبر آھي ته ڪيترن ماڻھن لاءِ ھيءَ زندگي ۽ ھي جھان جھنم آھي پر اوھان مان ڪوبه ماڻھوءَ کي زندگيءَ جي جھنم مان بچائڻ لاءِ راھب نٿو ٿئي پر موت کانپوءِ جو جھان سنوارڻ لاءِ راھب ٿو ٿئي. اوھان کي ڪنھن حق ڏنو آھي ته اوھان ڪنھن به ماڻھوءَ کي سندس مذھب ڇڏي، ٻيو مذھب اختيار ڪرڻ لاءِ مجبور ڪيو. ماڻھوءَ کي ڇڏيو ته ھو پنھنجي رنگ ۽ ڍنگ سان جيئي. اوھين رڳو ماڻھوءَ جون مجبوريون، بي وسيون، ڏُک ڏولاوا ڏُور ڪيو، کيس علم جو نُور عطا ڪيو ۽ زندگيءَ جون سچايون ھو پاڻيھي ڳولھي لھندو. گرجائن ٺاھڻ جي بدران اسڪول ۽ اسپتالون تعمير ڪيو ۽ ماڻھوءَ کي زندگيءَ جي جھنم کان بچايو. مان مڃان ٿو ته اوھان گوا ۾ اسڪول ۽ اسپتالون ٺھرايون آھن پر انڪري نه ته ماڻھوءَ سان ماڻھپي جي ناتي سان سندس اھنج ۽ ايذاءَ ۽ جھالت کي ختم ڪيو پر اُن لاءِ ته جيئن ھو زندگيءَ جون سھولتون حاصل ڪري عيسائي ٿئي. اُھا خودغرضي آھي ۽ ان خودغرضيءَ کي خدا ۽ يسوح مسيح به پسند نٿو ڪري. اوھان کي مڃڻو پوندو ته مذھب ماڻھوءَ کي سڌارڻ ۾ ناڪام ٿيو آھي. مذھب جي نالي تي ڪيڏو نه انساني ڪوس ٿيو آھي ۽ ”ھڪ ڳَل تي ڪو چماٽ ھڻيوَ ته ٻيو ڳَل سندس اڳيان جھليو“ جھڙي تعليم ڏيڻ واري يسوح مسيح جا پوئلڳ ھٿن ۾ بائيبل، بادفرنگ ۽ بارود کڻي آفريڪا ۽ ايشيا کي لُٽڻ لاءِ ڪاھي پيا آھن اچو ته مذھب کي رد ڪرڻ کانسواءِ ماڻھوءَ کي سڌارڻ ۽ زندگيءَ کي جنت بڻائڻ لاءِ ڪا ٻي واٽ ڳولھي ڪڍون.
ھو ماٺ ٿي ويو، ھن کي لڳو ته پاپا جي اڳيان ايڏي جوشيلي تقرير ڪري ھن پنھنجي اندر جي ٻار کي اوڳاڇي ڪڍيو ھو. پاپا ھن کي ماٺ ڏسي کنگھڪار ڪري نڙي صاف ڪئي ۽ پھريون کان وڌيڪ تحمل سان چيائين.
”گوتم پنھنجي ڀڪشن کي چيو ھو ته ڪڏھين به ڪنھن سان بحث نه ڪجو ڇاڪاڻ جو سچائيءَ کي رد ڪرڻ لاءِ به ايڏا ئي وزني دليل موجود آھن جيترا سچائيءَ کي ثابت ڪرڻ لاءِ. سرمد کي چيائون ته ڪلمو پڙھ، ھو لااِلالله چئي ماٺ ٿي ويو. قاضين چيس ته اھو ته انڪاري فقرو آھي اڳتي اقراري فقرو ڇونه ٿو پڙھين. سرمد جواب ڏنو ته مان اڃا انڪار جي منزل تي ئي چڱيءَ طرح نه پڳو آھيان ۽ اوھين اقرار جي منزل جون ڳالھيون ٿا ڪيو ۽ قاضين ھن کي اقرار جي منزل تي پڄڻ کان اڳ ئي شھيد ڪري ڇڏيو. تون به اڃا انڪار جي منزل تي آھين ۽ مان بحث ۽ دليلن سان توکي ان منزل تي شھيد ڪرڻ نٿو چاھيان..... ”پاڻ اقرار جي منزل تي ملنداسين. شب بخير!“
چانڊوڪي رات، چوڏھينءَ جو چنڊ گرجا جي صليب ۾ اٽڪي بيٺو آھي. ناريل جا وڻ جھنڊ ھڻي ننڊ ۾ آھن. چوڏھينءَ جي چانڊاڻ ۾ سمنڊ جو سينو ساه کڻڻ سان ھيٺ مٿي ٿو ٿئي ۽ ويرون کلنديون، ڪڏنديون، ڪناري تي اچي وٽڙي ٿيون وڃن. زندگيءَ جي ساري سونھن، خوشبويون، مارگريٽ جو موھ، سندس ڇھاءُ جسم ۾ جاڳندڙ، ڳائيندڙ، جھومندڙ جذبا. منھنجي ھجڻ، منھنجي ھستي ۽ منھنجي وجود جا شاھد آھن. وجود جي ھر مٿاڇري تي حواسن سان مان زندگيءَ کي محسوس ٿو ڪيان ۽ منھنجا حواس، منھنجا احساس ان ڳالھ جا شاھد آھن ته مان آھيان، مارگريٽ ۽ سندس موھ آھي، زندگي آھي. ڪو ازلي ۽ ابدي پيار آھي جنھنجو ھڪ ٽيپو منھنجي ۽ مارگريٽ جو موھ آھي. ڪا ازلي ۽ ابدي سونھن آھي جنھن جي ھڪ ڪرڻي ڪائنات کي ھيڏي سونھن ۽ ھٻڪار بخشي آھي. ڪا ازلي ۽ ابدي نيڪي آھي جيڪا انساني جسم جي صورت ۾ ھن دنيا ۾ اچي ٿي ۽ بڇڙائي ۽ شِر کي ختم ڪرڻ لاءِ صليب تي چڙھي ٿي وڃي. گرجائن جا گھنڊ، پرھ ڦٽيءَ جو ٻانگ جا آواز، مندرن جا جھانجھ ۽ جوڳين جا سنک ان نيڪي، ان سونھن ۽ ان پيار جا پڙلاءَ آھن.
”مارگريٽ، مان لامذھب آھيان پر دھريو نه آھيان. مون رڳو پادرين جي مذھب ۽ سندن مدي خارج رسمن کي رد ڪيو آھي. منھنجا ٻه وجود آھن. ھڪڙو عقلي ۽ ٻيو احساساتي. عقلي وجود مذھب کي رد ٿو ڪري ۽ احساساتي وجود ھر شيءِ ۾ ڪنھن ازلي ۽ ابدي حسن، پيار ۽ نيڪي کي محسوس ٿو ڪري. تنھنجي قرب ۽ تنھنجي ڇھاءَ سان مان ڪنھن ازلي سچ کي پنھنجي وجود ۾ ڌڙڪندو ٿو محسوس ڪيا.“
اسڪول مان موڪل جو گھنڊ وڳو. ٻارڙا ڊوڙندا ڪلاسن مان نڪتا. ھو مارگريٽ سان گڏ اسڪول مان نڪري رستي تي آيو. اڄ مارگريٽ ڪوماڻيل ٿي لڳي. ھن کيس ڇھي ڏٺو. مارگريٽ جو بت باھ وانگر ٿي ٻريو. ھو مارگريٽ کي گھر ۾ ڇڏي، ڊوڙ پائي ڊاڪٽر وٺي آيو. ڊاڪٽر مارگريٽ جو علاج ڪيو پر سندس بخار نه ٽٽو. پوءِ مھينو ھنکي بخار رھيو. ڪڏھين ھن تي غشي ٿي طاري ٿي ته ڪڏھين ھوش ۾ ٿي آئي. ھوش ۾ اچڻ سان مارگريٽ زور سان ھن جو ھٿ ٿي جھليو جيئن ڪو ٻڏندڙ ٻاھر نڪرڻ لاءِ ڪناري تي بيٺل ماڻھوءَ جو ھٿ زور سان جھليندو آھي. بخار ۾ مارگريٽ ڳري ڪنڊا ٿي ويئي. ھن جو ماسيرو بدن سڪي ھڏائون پڃرو ٿي ويو، ڀريل ڀريل ڇاتيون ڪومائجي ويون. ڳَلن ۾ کڏون ۽ اکيون ڏار ڏيئي ويون. ان حالت م ھوءَ پھرين کان وڌيڪ سھڻي ٿي لڳي. ھن مارگريٽ جي ان بيمار سونھن کي ڏسي سوچيو. سونھن ڇا آھي. مارگريٽ جي ظاھري سونھن ختم ٿي ويئي آھي پوءِ به ھوءَ مون کي ايڏي سھڻي ڇو ٿي لڳي. شايد اھا منھنجي جذبي جي سونھن آھي جنھن بيمار مارگريٽ کي ايڏو سھڻو بڻائي ڇڏيو آھي. شايد جذبي جي سونھن ئي سچي سونھن آھي.
مھيني کان پوءِ ھڪڙي ڏينھن مارگريٽ جو بخار ٽٽو. ان ڏينھن ھو ڏاڍو خوش ھو. مارگريٽ به خوش ھئي. ٻئي ڏينھن مارگريٽ صحت جو غسل ڪيو، بھترين وڳو پاتو، وھنجي سھنجي پاڻ سينگاريو، چوٽيءَ ۾ رابيل جو گل سجائي ھن کي چيائين ”مونکي سمنڊ جي ڪناري تي وٺي ھل“
”تون ھيڏي ڪمزور آھين، سمنڊ جي ڪناري تائين ڪيئن ھلي سگھندينءَ؟“
”تنھنجي سھاري سان مان دنيا جي ھُن ڪناري تائين به ھلي سگھان ٿي. ھي ته سمنڊ جو ڪنارو آھي.“
ھن کيس سھارو ڏنو ۽ ٻئي سمند جي ڪناري ڏانھن روانا ٿيا. اڄ به سج لڙيو ۽ شفق جي رنگ ۾ گرجا جي صليب جرڪڻ لڳي. اڄ به دخاني جھاز جا سڙه ڦڙڪڻ ۽ جھنڊ ھڻي بيٺل ناريل جا وڻ جھولڻ لڳا. اڄ به ھڪڙو ٻاؤ ”اوم پرڀو شانتي“ چوندو ھنن جي ڀر مان لنگھيو ۽ پوڙھي گل فروش گوين ھنن کي گل آڇيا. ھو سمنڊ جي ڪناري تي اچي ويٺا ۽ واريءَ جي آلاڻ ۽ نرمي ھنن جي جسمن ۾ لھڻ لڳي. وري چند نڪتو ۽ صليب ۾ اٽڪي بيٺو. سمنڊ ساه کنيان ۽ سمنڊ جو سينو ھيٺ مٿي ٿيڻ لڳو. ويرون نچنديون ٽپنديون، کلڪار ڪنديون ھنن ڏانھن وڌيون ۽ سندن وجودن تان وري ويون.
”ائين تو لڳيم ڄڻ ھي گھڙيون منھنجي تڪميل جون گھڙيون آھن. دل ۾ ڪا حسرت ڪانھي، اکين ۾ ڪو اڻ پورو خواب ڪونھي. ڄڻ سڀ خوشيون ماڻي ڇڏيم. سڀ خواب پورا ٿي ويا. دل ٿي چيو ته ساري منظر کي، تڪميل جي ھنن سمورين گھڙين کي اکين ۾ سانڍي سمھي پوان ۽ اکيون وري نه کوليان. منھنجي ھڪڙي ڳالھ مڃ، مان مري وڃان ته تون يسوح مسيح ڏانھن موٽي وڃجانءِ“
”ڪھڙيون ڳالھيون ٿي ڪرين. اڃا ته اسان کي جيئڻو آھي. تڪميل جون اڃان ڪي ٻيون گھڙيون ماڻڻيون آھن. اڃا ڪيتريون خوشيون آھن جيڪي ماڻي نه سگھيا آھيون، ڪيترا خواب آھن جيڪي جاڳندڙ اکين ۾ ستل آھن. اڃان اسان کي ننڍڙو گھر ٺاھڻو آھي. گھر جي اڱڻ ۾ اسانجا ٻار رانديون کيڏندا ۽ اسين لان ۾ آرام ڪرسين تي آھلي پنھنجي ٻارن کي کلندو ٽڙندو ڏسي خوش ٿينداسين.“
”مون کي پيار ڪر.“
ھن مارگريٽ کي سيني سان لاتو. مارگريٽ ھن کي ائين ٻانھن ۾ ڀڪوڙيو ڄڻ ڪو ھن کي کانئس کسي وٺندو. اڄ تائين ڪڏھين به مارگريٽ ھن کي ايڏي پيار ۽ زور سان نه ڀڪوڙيو ھو، ڄڻ ھن وجودن جي سڀني ويڄن کي ختم ڪرڻ ٿي چاھيو. ھن مارگريٽ جون اکيون چميون، پيشانيءَ تي چپ رکيا ته اوچتو مارگريٽ جون ڀڪوڙيل ٻانھون ڍليون ٿي ويون ۽ ڪنڌ ھڪ پاسي لڙي آيو. ھن ڇرڪي مارگريٽ کي سيني کان ڌار ڪري ھن کي غور سان ڏٺو. مارگريٽ جو بي جان جسم ھن جي ٻانھن ۾ ھو. سمنڊ گجگوڙ ڪندي ھن ڏانھن وڌيو ۽ سڀ ڪجھ ان ۾ غرق ٿي ويو....... ان کان پوءِ ڇا ٿيو تنھن جي ھن کي ڪا يادگيري ڪانه ھئي. ڪيئن مارگريٽ جو لاش گھر پھتو، ڪيئن گرجا جا گھنڊ وڳا، ڪيئن ڪفن ۽ دفن جون رسمون ادا ٿيون. ھن کي رڳو ايترو ياد ھو ته چنڊ گرجا جي صليب تي لڙڪيل ھو ۽ ھو مرمر جي بت وانگر مارگريٽ جي قبر وٽ بيٺو ھو ۽ الائجي گھڻا ڏينھن گذري ويا ھئا. پوءِ پاپا ھن جي ڪلھي تي ھٿ رکيو ھو ۽ کيس سھارو ڏيئي گرجا ۾ وٺي آيو ھو. ھن اکيون کڻي سامھون نھاريو ھو. سامھون وڏي صليب تي يسوع مسيح لڙڪيل ھو. ھن کي ائين لڳو ڄڻ صليب تي يسوع مسيح جي ھٿن ۽ پيرن ۾ کُتل ڪليون ڪنھن ھن جي ھانءَ ۾ ٺوڪيون ۽ پھريون دفعو ھن يسوع مسيح جي صليب تي چڙھڻ جي ايذاءَ کي محسوس ڪيو ۽ اندر جي ايذاءَ مان ھن جي اکين مان لڙڪ وھڻ لڳا ۽ ھو اوڇنگارون ڏيئي روئڻ لڳو. پاپا ھن کي سيني سان لاتو ۽ ھو پاپا جي سيني ۾ سڏڪندو رھيو. نيٺ جڏھن ھو روئي روئي ساڻو ٿي پيو تڏھين ھن پاپا جي سيني تان ڪنڌ کڻي، اکيون اگھي يسوع مسيح جي مورتيءَ ڏانھن نھاريو ۽ مورتيءَ تان نظرون ھٽائڻ کانسواءِ ھن پاپا کي چيو:
”پاپا، مان پادري ٿيندس.“
پوءِ ھن طب ۽ جدا جدا مذھبن جي تعليم ورتي ۽ باقائدي پادري ٿيو ۽ پاپا کيس تبليغ لاءِ لاھري بندر موڪليو. گوا جي ڀيٽ ۾ لاھري بندر ڏاڍو ويران ۽ اداس ھو. اڳوڻي مشھور بندر ديبل کان پنجن ميلن، ٺٽي کان چاليھ ميلن، سمند کان ويھ ميل اندرئين پاسي، مھراڻ جي ھڪ شاخ جي الھندي ڪناري تي اھو بندر ھو. پڪو قلعو، ڪاٺي ۽ مٽيءَ جا گھر، لاھري بندر ۾ ھن کي عجيب اداسيءَ جو احساس ٿيو. اداس گھر، گھرن تي اداس منگھ، ھوائن ۾ به عجيب بي نانءِ اداسي رچيل ھئي. ماڻھن جي چھرن، سندن مرڪن ۽ ٽھڪن مان به اداسي ٿي بکي. لاھري بندر جون چانڊوڪي راتيون ھن کي ڏاڍيون وڻيون. اداس چانڊوڪين ۽ ھن جي پنھنجي روح جي ويرانين ۾ عجيب ھڪجھڙائي ھئي.
ٽيٽيھر ”ٽين ٽين ......ٽين ٽين ڪندو آسمان ۾ اڏاڻو. پادري خيالن مان جاڳي آسمان ڏانھن نھاريو ۽ مينھن جي بوند ھن جي منھن تي پئي. ڪنگن جي قطار اُڏامندي لنگھي. پادري گرجا ڏانھن روانو ٿيو. گرجا جي احاطي کان ٻاھر وڻ جي ھيٺان نوڪر گھوڙو جھلي بيٺو ھو ۽ سسٽر ايلس ھن سان گڏ بيٺي ھئي. ھن سسٽر ايلس کان مرڪي موڪلائي گھوڙي تي لانگ ورائي ۽ ٺٽي روانو ٿيو.
............................................
حصو پنجون
سارنگ جي دل تي ٺٽي جي حشمت ۽ ھيبت ويٺل ھئي. ٺٽي جا محل ۽ ماڙيون، مسجدون ۽ مندر، بندر ۽ بازاريون، ماضيءَ جي عظمت جا داستان سيني ۾ لڪائي، وقت جي وھڪري مان ڳاٽ اوچو ڪري بيٺل مڪليءَ جا مقبرا ۽ کنڊر، عالم، اديب، شاعر، صوفي ۽ سنت، گھوڙن کي سنجن سان سجائي، غرور سان رستن تي گھمندڙ شاھي ڪامورا ۽ جھولندڙ ھاٿي. قلعه حاڪم نشين مان نوبت جو آواز ٻڌي ھن جي دل دھلجي ويندي ھئي. ٺٽي جي عظمت آڏو ھو پاڻ کي ڪيڏو نه ننڍو ۽ ڪين جھڙو محسوس ڪندو ھو پر ھاڻي ھن جو ڳاٽ ٺٽي کان به اوچو ھو.
ھن حاڪم جي درٻار ۾ عالمن سان علمي بحث ڪيا، درٻاري شاعرن جي شاعريءَ تي تنقيد ڪري سندن بخيا اڊيڙيا. سڀني جي وات تي واه واه ھئي. ھاڻي ھنکي پنھنجي بھادري ۽ شھزوريءَ جا جوھر ڏيکارڻا ھئا ۽ کيس موقعي جي تلاش ھئي. علي ھن جو ڀرجھلو ھو. عليءَ سان گڏ ھن مغل ۽ ترڪ ڳائڻين جا راڳ ٻڌا. شراب، شاعري ۽ شطرنج جي محفلن ۾ پاڻ مڃرايو. چانڊوڪي راتين ۾ مڪليءَ تي کيرسر ۽ کنڊسر تلائن جي ڪَپر تي انگوري ۽ مشڪين شراب جا پيالا پيتا.
علي ھن کي ڪينجھر ڍنڍ گھمائڻ وٺي ويو. چانڊوڪي رات جو ھن ڪينجھر جي ڪپ تي خيمان کوڙيا ۽ رات جو ٻيڙيءَ تي چڙھي وچ ڍنڍ ۾ مَڌُ پيئڻ لڳا. آسمان ۾ چوڏھينءَ جو چنڊ ٽڪ ٻڌي بيٺو ھو ۽ ڍنڍ ۾ ترندڙ چنڊ جي اولڙي سان لھرن راند ٿي کيڏي. ھوا ۾ عجيب بي نانءُ ھٻڪار ھئي. ڪنڌيءَ سان ڪنول ۽ وڻراه! پريان ڪينجھر جي ڪنڌيءَ سان ڪنھن مھاڻي بيت ڏنو. مھاڻي جو آواز لھرن ۾ لڙھندو، چنڊ کي ڇھندو ھنن جي ڪنن سان ٽڪرايو.
ھيٺ جرُ، مٿي مڃر، پاسي کان وڻراه
اچي وڃي وچ ۾، تماچي جي ساءِ
لڳي اتر واءُ، ڪينجھر ھندورو ٿئي.
مھاڻي جو آواز ٻڌي ٻنھي کي پنھنجا پنھنجا ڏک سور ياد پيا. سارنگ پاڻ کي سنڌ جي سلطان ڄام تماچي جي روپ ۾ ڏٺو. ساري ڏيھ ۾ سندس ڏھڪاءُ ھو، سندس گھوڙي جي سُنبن سان ڌرتي ٿي ڪنبي، پر ھن چارڻ جي ڌيءُ کان مات کاڌي. سنڌو ھن سان ٻيڙيءَ ۾ ساڻ ھئي. واھوندا وريا ۽ ڪينجھر کٿوري ٿي.
عليءَ پنھنجو پاڻ کي ڄام تماچيءَ جي روپ ۾ ڏٺو. پر ھن جي ڪا نُوري ڪانه ھئي. ھن ھر جواڻ ۽ سھڻي عورت کي نُوري سمجھي ساڻس عشق ڪيو ھو پر ھر نُوريءَ کان ھن جي دل کٽي ٿي پئي ھئي. ڪاته اھڙي نُوري ھجي جنھن لاءِ ھو پنھنجي خودپرستي ۽ لذت پرستيءَ جي تخت تان لھي، کارو ڪلھي ڪري، مھاڻو ٿي مڇي ماري.
”ڪنھنجو ڪلام آھي؟“ سارنگ پڇيو.
”سيد زادي صوفي، شاھ لطيف جو.“
شاھ لطيف، شاھ لطيف. ساري سنڌ ۾ شاھ لطيف جو نالو ٿي گونجيو. اديون شاھ لطيف چئي. لعلڻ لال لطيف چئي. ھر دل ۾ شاھ لطيف جي نانءَ جي نوبت ٿي وڳي.
”سائينءَ جو ڪلام ٻڌي ائين ٿو لڳي ڄڻ سائينءَ سنڌ جي ڏتڙيل ماروئڙن جي سورن کي زبان ڏني آھي.“
عليءَ جي دل ۾ اڃان مھاڻي جي آواز جا پڙلاءَ ھئا. عليءَ جي ڳالھ ٻڌي سارنگ مرڪيو ۽ چيائين:
”مڃان ٿو ته لطيف سائينءَ سنڌ جي ماروئڙن جي سورن کي زبان ڏني آھي. پر ڇا شاھ جي شاعريءَ سان ڏتڙيل ماروئڙن جا سور ختم ٿي ويندا يا کين ڪو وڌيڪ ڪونه ڏتڙيندو. ڏتڙيل ائين ئي ڏتڙبا رھندا ۽ ڏتڙيندڙ کين ڏتڙيندا رھندا. ھن دنيا ۾ رڳا ٻن قسمن جا ماڻھو آھن. ھيڻا ۽ ڏاڍا. اھو قدرت جو قانون آھي ته ھيڻو ڏاڍي جو کاڄ ٿئي“
”قدرت جا قانون بي رحم آھن.“ عليءَ چيو ” اھو به قدرت جو بي رحم قانون آھي ته ھيڻو ڏاڍي جو کاڄ ٿئي. سيءَ ۾ بيمار ٿيڻ به قدرت جو بي رحم قانون آھي پر انسان قدرت جي ان بي رحم قانون کان بچاءُ جي واٽ ڳولھي لڌي آھي ۽ ڪپھ ۽ اُن مان ڪپڙا اُڻي، سيءَ کان پاڻ کي بچايو آھي. اسان کي قدرت جي ان بي رحم قانون کان ته ھيڻو ڏاڍي جو کاڄ ٿئي، پاڻ کي بچائڻو آھي.“
”نبي ۽ اولياءَ قدرت جي ان قانون خلاف بچاءُ ڳولھيندا آيا آھن پر ماڻھن نبين ۽ ولين جي بچاءَ واري اُپاءَ کي ھٿيار بڻائي ھيڻن جي خلاف استعمال ڪيو آھي. منھنجي خيال ۾ قدرت جي ان قانون کان بچاءَ جي ڪا صورت ڪانھي. ھيڻي جو فنا ٿيڻ قدرت جي عين قانون مطابق آھي. ھن وقت، ھن گھڙيءَ، ڪائنات ۾ فنا ۽ بقا جي جنگ جاري آھي. الائجي ڪيتريون ھيڻيون شيون ھن گھڙيءَ تباھ پيون ٿين ۽ الائجي ڪيتريون توانا ۽ طاقتور شيون وجود ۾ پيون اچن. ھيڻي جي فنا ۽ طاقتور جي بقا جي بي رحم اصول تي تاريخ پئي ھلي. سومرا ڪمزور ٿيا ته سمن کانئن حڪومت کسي ان ڪري جو سومرن جي ڀيٽ ۾ سما وڌيڪ توانا قوم ھئي. سما ڪمزور ٿيا ته انھن کان وڌيڪ توانا قوم ارغونن ۽ ترخانن ھنن کان حڪومت کسي، ارغون ۽ ترخان ڪمزور ٿيا ته مغل آيا. مغل ڪمزور ٿيا آھن ۽ تاريخ ھاڻي ڪنھن ٻي توانا قوم جي تلاش ۾ آھي.“
”سنڌ سان ھيڏو ظلم پيو ٿئي ۽ تون ۽ مان مغلن جي نوڪري پيا ڪيون. ان باري ۾ تنھنجو ڇا خيال آھي.“
”سنڌ فنا ٿيندڙ قوت آھي ۽ مغل بقا جي قوت آھن. انسان کي بقا جي قوتن جو ساٿ ڏيڻو آھي نه ته ھو پاڻ فنا ٿي ويندو. ھن کي فيصلو ڪرڻو آھي ته ھو ڏتڙيل رھي يا ڏتڙيندڙ. ھيڻو ٿئي يا ڏاڍو ۽ اسان ڏتڙيل ٿيڻ جي بدران ڏتيڙيندڙن جي گروه ۾ شامل ٿيا آھيون. رڳو نبي ۽ اولياءَ، صوفي ۽ درويش فنا ٿيندڙ ھيڻن جو ساٿ ڏيئي ڏاڍن سان ٽڪرائيندا يا پاڻ فنا ٿيندا آھن يا ڏاڍ جي معاشري کي فنا ڪندا آھن.“
عليءَ کي خبر ھئي ته سارنگ اقتدار پرست آھي ۽ ھو ھر شيءِ کي انھيءَ نگاه سان ڏسندو ۽ پرکيندو آھي ھن کي اھا به خبر ھئي ته سارنگ ذاتي اقتدار لاءِ سڀئي رشتا ۽ ناتا به لتاڙي سگھي ٿو. ھو عليءَ جي لاش کي لتاڙي به اڳتي وڃي سگھي ٿو پر ته به سارنگ ھن کي پيارو ھو. ڪن ماڻھن ۾ قدرتي طور اھڙي ڪشش ٿيندي آھي جو سندن اوڻاين جي باوجود ماڻھو ھن ڏانھن ڇڪجي ويندا آھن، اھو ڄاڻندي به ته ھي مون کي تباھ ڪندو، ڄاڻي واڻي ھن جي ھٿان تباه ٿيندا آھن ۽ ڪن ماڻھن ۾ لک چڱايون ھونديون آھن پوءِ به ھنن ڏانھن دل نه ورندي آھي.
”سارنگ! سنڌو ياد پوندي اٿئي؟“
اھو سارنگ جي شخصيت جو ٻيو رخ ھو. ھن سنڌوءَ سان اندر جي سچاين سان پيار ڪيو ھو. ساري ڳوٺ کي سنڌو ۽ سارنگ جي پيار جي خبر ھئي پر ڪنھن به ھنن جي پيار کي ميري اک سان نه ڏٺو ھو. سارنگ سنڌوءَ کانسواءِ ڪڏھين به ڪنھن ٻي عورت ڏانھن اک کڻي نه نھاريو ھو. مرد ڪيترو به شريف ڇونه ھجي، عورت جي بدن جي اُس سان اکيون ضرور سيڪيندو آھي. پر سارنگ ڪنھن ڏانھن ڪونه نھاريندو ھو. ھن کي سارنگ جي شخصيت جي ان رُخ سان ريس ٿيڻ لڳي جيڪر ھو به سارنگ وانگر ڪنھن سنڌوءَ سان پيار ڪري سگھي ھا. ھن کي زندگيءَ ۾ گھڻيون ئي نوريون مليون ھيون پر ھو ڪنھن لاءِ به ڄام تماچي ٿي نه سگھيو ھو. ڪيتريون سھڻيون ڪچي گھڙي تي ھن لاءِ درياه ۾ ٽپيون ھيون پر ھو ڪنھن سان به سير ۾ ساڻ نه ھليو ھو. ھن کي پنھنجي زال سڪينه ياد پئي.
سڪينه ھن جي ماسيءَ جي ڌيءُ ھئي. ڪڏھين ڪڏھين اچڻ وڃڻ ٿيندو ھو. سڪينه ڪڏھن به ھن جي سامھون نه آئي. اڇي چادر ۾ ڪو پاڇو ھوندو ھو جيڪو ھيڏانھن ھوڏانھن پيو گھمندو ھو. ھڪڙي ڏينھن ھو ماسيءَ جي گھر جي آڳر ۾ ويٺو ھو. سرءُ جي مند ھئي، اُس مان تيک ختم ٿي ويئي ھئي ۽ اس جو رنگ پيلو ٿي ويو ھو. سڪينه وھنجي غسل خاني مان نڪتي، ھن کي خبر ڪانه ھئي ته ڪو علي آڳر ۾ ويٺو آھي، ھوءَ اُس ۾ وار ڇنڊڻ لڳي. ھن ھيترن سالن کان پوءِ پھريون دفعو سڪينه کي ڏٺو ھو. وار ڇنڊڻ سان جسم ۾ لھرون اڀريون ۽ چڙھيون. انگن جي ونگن تي چڙھيل جوڀن جي ول جا ڇُڳا ٿي ڇِڳا. اوچتو سڪينه جي ھن تي نظر پئي ۽ عليءَ کي پاڻ ڏانھن نھاريندو ڏسي ھن کان دانھن نڪري وئي. ”آئي گھوڙا!“
ان ڏينھن کان پوءِ ھو جڏھين به سڪينه کي ڏسندو ھو، ھن جون اکيون سڪينه ۾ کُپي وينديون ھيون. سڪينه جو سارو بت ٿڙڪڻ لڳندو ھو. ھوءَ به ڊنل ۽ ھيسيل اکيون کڻي ھن ڏانھن نھاريندي ھئي ان شڪار وانگر جيڪو شڪاريءَ کان ڊڄندو به آھي ته ساڳئي وقت شڪار ٿيڻ به چاھيندو آھي. ھڪ ڏينھن سڪينه کان پاڻيءَ جو گلاس وٺندي سڪينه جو ھٿ ھن جي ھٿ کي ڇُھي ويو. سڪينه کي ڄڻ ٽانڊن ڇھي ڇڏيو. ڇرڪي ھٿ ڇڪي ورتائين ۽ پاڻيءَ جو گلاس عليءَ جي لٽن تي ھارجي پيو.
”امڙ ڇا ٿي ڪرين، ڀاءُ جا لٽا آلا ڪري ڇڏيئه.“ ماسيءَ جو آواز آيو.
اڄ به سڪينه جي آڱرين جو ڇھاءُ ھن جي رڳ رڳ ۾ رچيل ھو.
ھن جي سڪينه سان شادي ٿي. پھريان ڏينھن ته ڏاڍي خوشيءَ ۾ گذريا. ھن کي لڳو ٿي ڄڻ ھو ڪنھن ٻئي جھان ۾ ھو. سارو ڏينھن گھر ۾ ويٺو ھوندو ھو. گھر کان ٻاھر نڪرڻ، ڪنھن دوست يا مائٽ سان ملڻ تي دل ئي ڪانه چوندي ھيس. جيڪڏھين دوستن وٽ دير ٿي ويندي ھيس ته سڪينه اڌ اڌ رات تائين بک ۽ اُڃ ۾ اکيون چائنٺ ۾ کپائي ھن جو انتظار ڪندي ھئي. پر پوءِ آھستي آھستي انتظار ختم ٿيڻ لڳا. ھو رات جو دير تائين گھر کان ٻاھر رھڻ لڳو ۽ جڏھين موٽي ايندو ھو ته سڪينه ھن جي وجود کي وساري بي خبر ستي پيئي ھوندي ھئي. محبت جون سڀ کان حسين گھڙيون شروعاتي ھونديون آھن جڏھين آڱرين جو ھلڪو ڇھاءُ مٺڙي ڄر بڻجي رڳ رڳ کي ڄرڪائيندو آھي. جڏھين وار ڇنڊڻ سان وجود جا ونگ ۽ انگ، ونگن تي وريل جوڀن ول ۾ انگور جا ڇڳا اکڙين ۾ اڻ ڏٺل جھان اڏي ڇڏيندا آھن. جسمن جون دوريون ۽ مجبوريون دل کي وڌيڪ ڌتارينديون آھن پر پوءِ جڏھين دوريون ۽ مجبوريون ختم ٿينديون آھن ته سڀ ڪجھ ختم ٿي ويندو آھي. ميلاپ محبت جو موت آھي.
عليءَ ڳيت ڏيئي مڌ جو پيالو خالي ڪيو. سارنگ ماٺ ڪري چنڊ ڏانھن نھاريو. چنڊ جي ڊونڊي آسمان جي ڪينجھر ۾ آھستي آھستي ٿي تري ۽ ھوا ۾ خنڪي رچجڻ لڳي.
”سارنگ، ڇا شاديءَ کان پوءِ محبت مري ويندي آھي؟“
”محبت ڪڏھين نه مرندي آھي.“
”شاديءَ کان اڳ محبت ۾ ڪيڏو نه جوش ھوندو آھي پر شاديءَ کانپوءِ سارو جوش ۽ ساري تڙپ ختم ٿي ويندي آھي. ڇا اھو محبت جو موت نه آھي؟“
”تون جوش، تڙپ ۽ بيتابيءَ کي محبت ڇو ٿو سمجھين. محبت ۾ وڌيڪ گھرائي ۽ وڌيڪ وسعت اچي وڃي ته اھا ڪينجھر وانگر ٿي ويندي آھي. سانتيڪي ۽ ماٺيڻي! درياھ جڏھين پھاڙن جي وچ ۾ ڪنھن سوڙھي لنگھ مان لنگھندو آھي ته ان ۾ ڪيڏي نه بي چيني، بي تابي ۽ شور ھوندو آھي. لھرون پٿرائين ڪنارن سان مٿو ٽڪرائينديون آھن پر جڏھن اھو ساڳيو درياھ ميدانن ۾ ايندو آھي ته ميدانن جي وسعتن ۾ پکڙجي، اڃايل ڌرتيءَ کي سيراب ڪري، ڪيڏي آرام سان وھندو آھي. ميلاپ کان اڳ محبت پٿرائين سوڙھي لنگھ مان وھندڙ درياھ وانگر آھي جنھن ۾ جذبا اُڀري ۽ الري پٿرائين ڪنارن سان مٿو ٽڪرائيندا آھن پر ميلاپ کان پوءِ محبت اڃايل جسمن کي سيراب ڪري، وسعتن ۾ پکڙيل درياھ وانگر ٿي ويندي آھي، سانتيڪي ۽ ماٺيڻي. شاديءَ کان پوءِ محبت مرندي نه آھي پر وڌيڪ گھري ۽ وسيع ٿي ويندي آھي ۽ جن ماڻھن لاءِ اندر جي لوچ، بي تابي، جذبن جو اُلرون ئي محبت آھي. اھي محبت جي وسعت گھرائي ۽ ڌيرج کي محبت جو موت سمجھندا آھن.“
سارنگ سچ ٿي چيو ته محبت مرندي نه آھي پر وڌيڪ گھري ٿي ويندي آھي. عليءَ کي سڪينه ۽ سندس ماٺيڻي محبت ياد پئي. اڄ سارنگ جي ڳالھ ٻڌي ھن سڪينه جي محبت کي ھڪ نئين انداز سان پنھنجو پاڻ ۾ محسوس ڪيو. پر ھن کي خبر ھئي ته جڏھين ھو سڪينه سان ملندو ته ٻن ٽن ڏينھن ۾ ھن جو اھو نئون احساس ختم ٿي ويندو ۽ ھر شيءِ پاروٿي لڳڻ شروع ٿيندي.
..........................................
حصو ڇهون
ٺٽو ماڻڪ جو اباڻو وطن ھو. ٺٽي ۾ ئي ڄائو، نپنو، پليو ۽ پڙھيو ھو. ٺٽي جو ھڪ ھڪ ڏيک ھن جي ھستيءَ جو حصو ھو. پر ھن دفعي ھن کي ائين لڳو ڄڻ ھو پھريون دفعو ٺٽي کي ٿو ڏسي. ٺٽي جا منگھ، محلات، ماڙيون، مسيتون ۽ مندر، باغ بوستان، بندر بازاريون. باغن ۾ ڪيڏي نه رونق ھئي. نصرپور، بکر، پاٽ، چانڊڪا، ملتان ۽ دھليءَ کان قافلا ايندا ھئا. لاھري ۽ ٺٽي بندر تي دخاني جھاز لنگر ھڻندا ھئا ۽ ڏيساورن مان آيل واپاري قسمين قسمين لباس پائي، شھر ۾ خريداريون ڪندا ۽ مال وڪڻندا ھئا. بازارن ۾ سجايل دڪان، بڪالي، بجاج، ڀلاوڻا، مٺائي، شربت ۽ پان جا دڪان. ھن صندل جي شربت جو گلاس پيتو ته رڳ رڳ ٺري پيس. گل فروشن ۽ عطر فروشن جي دڪانن تي ھٻڪارون. ھارون رشيد جي بغداد وانگر رستن تي اڇي اڇي منھن تي ڪارا ڪارا نقاب پائي گھمندڙ مغل ۽ ترڪ عورتون، ھار سينگار ڪري، ھٿن تي مينديءَ جون ڏياٽيون ٻاري ۽ چوٽن ۾ چنبيلي، چمپا ۽ رابيل جا گل سجائي گھمندڙ نچڻيون ۽ وئشايون، پتل جي ٿالن ۾ اَٽي جا ڏيئا ٻاري، مندر ڏانھن ويندڙ پوڄڻ جھڙيون پڄارڻيون. شام جو مڪليءَ جو سير، مڪليءَ تي واءُ جا جھوٽا ڄڻ مَڌُ جا ڍُڪَ!
ھن جو پيءُ وڏو سيٺ ھو. ھو پيءُ سان پيرين پئي مليو ته پڻس ڏاڍي پيار سان کيس ڇڪي ڇاتيءَ سان لاتو. زندگيءَ ۾ شايد پھريون دفعو پڻس کيس ڀاڪر پاتو ھو. ھو پيءُ ماءُ جو سڪيلڌو پٽ ھو پر پڻس ھن سان تمام گھٽ ڳالھائيندو ھو. ڪابه ڳالھ ڪرڻي ھوندي ھيس ته سندس ماءُ سان ڪندو ھو ۽ ماڻس اھا ڳالھ ھن سان ڪندي ھئي. پڻس جيترو پيار جو گھٽ اظھار ڪندو ھو ماڻس اوترو ئي وڌيڪ پيار جو اظھار ڪندي ھئي. ڪڏھين ڪڏھين ته ھو ماءُ جي پيار کان بيزار ٿي پوندو ھو. ماڻھو به عجيب آھي. پيار جو بکيو پر جيڪڏھن ڪو اڻ ميو پيار ڏئيس ته ان کي نه ليکيندو ۽ جيڪو نه ليکيس ان جي پيار لاءِ پيو واجھائيندو. ھن جڏھين وديالي ۾ پڙھڻ جو ارادو ڏيکاريو ته پڻس کيس ماڻس جي معرفت روڪيو، پر ھن ضد ڪيو ته راضي ٿي ويو. ھاڻي ھو وديالي مان موٽي آيو ھو ته پڻس ڏاڍو خوش ھو ماڻس ته ڪپڙن ۾ ڪانه ٿي ماپي. ھر وقت پٽ جي ٽھل ٽڪور ۽ نوان نوان طعام، زوري پئي کيس کارائيندي. پاڙي يا برادريءَ جون مايون اڱڻ ۾ گڏ ٿينديون ته رڳو پئي پٽ جون تعريفون ڪندي ۽ ھو پنھنجون تعريفون ٻڌي دل ئي دل ۾ پيو شڪي ٿيندو ھو.
ٻي ٽي ڏينھن ته ھن جا ھڪ نئين اُتساه ۾ گذري ويا پر پوءِ ٺٽو ۽ ٺٽي جي سونھن، ماڻھن جا منھن ۽ ڳالھيون ھنکي پاروٿيون لڳڻ لڳيون ۽ آھستي آھستي ھن جي چوڌاري اڪيلائيءَ جو رڻ پکڙجي ويو. ھاڻي صبح جو اسر سان ھو جاڳندو ھو ۽ سير ڪرڻ لاءِ جھنگ ڏانھن ھليو ويندو ھو. اڄ به ھو ننڊ مان اٿيو، منھن تي پاڻيءَ جي لپ ھڻي ڏندڻ ڪندو ٻاھر نڪتو. شھر اڃا ننڊ ۾ ھو، منگھن ڄڻ ساه ٿي کنيا، رستا ويڪرا ۽ وائکا ٿي لڳا. رستن جي ڪنارن ۽ گھرن جي اڳيان فانوس ٿي ٻريا، ھو رستن کي اورانگھيندو جھنگ ڏانھن ھليو ويو. حنگ جا وڻ ڄڻ تپسيا ۾ ھڪ ئي پير تي بيٺل جوڳي، رکي رکي واءُ کين ائين ٿي ڌونڌاڙيو جيئن ڪنھن ويراڳيءَ کي ڪڏھين ڪڏھين خواھشون ڌونڌاڙينديون آھن. وڻن سان ٽڪرائيندڙ واءُ سان خوفناڪ آواز ٿي اُڀريا. اڄ ھن کي الائجي ڇو خوف محسوس ٿيو. مان ڪنھن کان ٿو ڊڄان، پنھنجو پاڻ کان، پنھنجي اندر جي خال کان. صوفيءَ چيو ته پھريون رڳو خال ھو نانھن جو خال. نانھن جي ان خال ۾ ”ڪن“ جو آواز گونجيو. پھرين چرپر..... حرڪت ..... تخليق ..... زمان ۽ مڪان. ”لفظ خدا آھي“ ويدانتيءَ چيو. ھو جھنگ کان ٻاھر نڪتو. ھاڻي ھو درياه جي ڪپ تي بيٺو ھو. درياه ۾ ٻيڙيون ٿي تريون، سڙه ٿي ڦڙڪيا ھڪڙي مھاڻي ڳائڻ شروع ڪيو.
اکڙيون ميگھ ملھار، صورت تنھنجي سڀ جڳ موھيو.
مھاڻي جي آواز ھن جي اندر م ستل بي نانءُ سورن کي جاڳائي ڇڏيو. وائيءَ جا ٻول ٻڌي ھو سمجھي ويو ته اھو ھن جي ويراڳي گرو سيد زادي صوفيءَ جو ڪلام ھوندو. ڪلام جي ھڪ ھڪ اکر سان ھن کي چنڊ ڏانھن نھاريندڙ ۽ پوءِ مونن ۾ منھن وجھي ڇڏيندڙ سيد زادي صوفيءَ جي صورت نظر آئي ۽ ھو درياه جي ڪپ تي ويھي ماٺ ڪري مھاڻي جو راڳ ٻڌندو رھيو. مھاڻي جو آواز آھستي آھستي ڏور ٿيندو ويو. ھاڻي رڳو درياه جو آواز ٿي آيو. درياه ڄڻ وقت جو وھڪرو جنھن ۾ ھر شيءِ لڙھندي ٿي وئي. وقت ڇا آھي.....؟ حرڪت، چرپر ۽ تبديلي، حرڪت نه ھجي ته ڪا تبديلي نه ھجي، زمان ۽ مڪان نه ھجي. جيني چئي ٿو ته وقت آھي، تبديلي آھي، پر رڳو مادو تبديل ٿو ٿئي، جان تبديليءَ کان مٿاھين آھي انڪري غير فاني آھي. ٻوڌي چئي ٿو: ھر شيءِ ڦير گھير ۽ تبديليءَ ۾ آھي. ساري ڪائنات ۾ ڪھرام متل آھي، ڪنھن به شيءِ جو ساڳي حالت ۾ رھڻ ناممڪن آھي. ويدانتي چئي ٿو ته حقيقت م ڪا ڦير گھير اچي نٿي سگھي. جنھن کي اسان تبديلي چئون اھو رڳو اسان جو خيال آھي، حقيقت نه آھي. ڇا وقت جو وھڪرو به ائين ڪنھن ازلي ۽ ابدي ۽ بي انت ساگر ۾ ڇوڙ ٿو ڪري جيئن ھي سامھون وھندڙ درياه سمنڊ ۾ ڇوڙ ٿو ڪري. وري اھي ڇا ۽ ڇو جا ازلي ۽ ابدي سوال – ھو ڪپر تان اُٿيو ۽ گھر ڏانھن روانو ٿيو.
اڻ ڏٺل ۽ اوپرن پيچرن تان ٿيندو ھو گھر جي ويجھو پھتو. سامھون تلاءُ ھو. تلاءَ جي ڪپ تي بڙ جو وڻ ھو جنھن مان پاڙون ڦٽي زمين کي ڇھڻ لاءِ ھيٺ ٿي لڙڪيون. پاسي کان شوالو ھو. شوالي ۾ عورتن ۽ ٻارن ڀڄن ٿي ڳايا. ھو شوالي جي در تي اچي بيٺو. عورتون شايد نانڪ پنٿي ھيون جو بابا فريد جا اشلوڪ ٿي ڳايائون.
ڪاگا! ڪرنگھ ڍنڍوليا، سگلا کايا ماس
اِءِ دو نين نه ڇوھيو، پر ڏيکڻ دي آس.
ڪاگا! کاءِ نه پڃرا، بسي ته اُڏر جاءِ
جس تن ميرا شوه بسي، ماس نه تدو کاءِ
ھن چاکڙيون لاٿيون ۽ شوالي ۾ اندر گھڙيو، شوالي ۾ ٿڌ ۽ ڌوپ ۽ اُگر جي اڻ وڻندڙ بوءِ پکڙيل ھئي. سامھون ڪرشن ڀڳوان ۽ راڌا جون مورتيون رکيون ھيون. مورتين جي سامھون پوڙھن، جوان ۽ ٻارڙن، ھٿ ٻڌي پرارٿنا ٿي ڪئي. ھو مورتين جي ڀر ۾ ڀت کي ٽيڪ ڏيئي ويھي رھيو. ھن ڪنڌ ڀت سان ٽيڪيو ۽ اکيون ٻوٽي ڇڏيون. ھن جي آڏو اونده ڇانئجي وئي. ڪرشن ۽ راڌا جون مورتيون، عورتن ۽ ٻارن جا آواز ۽ بابا فريد جي ٻائيءَ جا ٻول گھڻو پٺتي رھجي ويا. ھر طرف اونداھو خال ھو جنھن ۾ سانت زوزاٽ ٿي ڪيا.
”ماڻڪ ڪيئن آھين؟“
عورت جو آواز ٻڌي ھن اکيون کوليون. ھن جي سامھون ھڪڙي جواڻ جماڻ عورت بيٺي ھئي. ھن کي کير جھڙي اڇي ساڙھي پاتل ھئي. سندس منھن مان پوترتا ٿي بَکي جنھن سندس آتما جي شانتيءَ جو ڏس ٿي ڏنو. سندس اکيون وڏيون، ڪاريون ، وڻندڙ ۽ ڏاڍيون اُداس ھيون ڄڻ اھي اداس ۽ اشانت اکيون ڪنھن ٻئي جون ھيون جن کي ڪنھن شانت ۽ پر سڪون منھن تي جڙي ڇڏيو ھو.
”ٻه ٽي ڏينھن ٿيا آھن.“
”پر توکي ته اڃا وڌيڪ پڙھڻو ھو. تعليم اڌ ۾ ڇڏي آئين ڇا؟“
”ھا......“
”ڇو......؟“
”لفظ جڏھين بي معنيٰ ٿي وڃن ته پوءِ انھن کي پڙھي ڇا ڪبو.“
”پَراڻن ۾ آيو آھي ته لفظ خدا آھي. اوم به ته لفظ ئي آھي ۽ ڪرشن ڀڳوان چيو ھو ته مان ويدن ۾ آيل اوم آھيان.“
”پر قاضي قاضن چيو ته اکر اڳيان اُڀري واڳون ٿي وريام.“
”درويشن جو دڳ وٺ. اھو دل جو دڳ آھي. پوءِ اکر ڏاڍا روشن نظر ايندءِ.“
”عقل جو دڳ کُٽي ته دل جو دڳ وٺان.“
”گيتا پڙھندو ڪر. ڪرشن ڀڳوان دل جو دڳ ڏيکاريندءِ.“
”گيتا ۾ به ته اکر آھن. اکرن کان ڏاڍو تنگ ٿيو آھيان. وديالي ۾ ھڪڙي ڏينھن مون ھڪڙو سيد زادو صوفي ڏٺو، ھو ھندو جوڳين جي سَنگ ۾ ھنگلاج کان آيو ھو. اھڙو شانت ۽ اُجرو مُک مون اڄ ڏينھن تائين نه ڏٺو آھي. شاعر ھو. سندس ڪلام جوڳين ڳاتو ته ائين لڳو ڄڻ ڌرتيءَ جا ڏُک ٽيپو ٽيپو ٿي ھڪ ھڪ اکر مان لڙڪن وانگر ٿا ٽمن. چون ٿا ته عشق جي چوٽ کائي ويراڳي ٿيو ھو. پرينءَ جي چيچ اشھد آڱر بڻجي ھن کي دل جو دڳ ڏيکاريو ھو. دل جا دڳ اکر پڙھڻ سان نه ملندا آھن.“
”روز ھتي ايندو ڪر. ڪنھن نه ڪنھن ڏينھن ڪرشن مھاراج تنھنجي دل جو در ضرور کڙڪائيندو.“ ھن کيس نمسڪار ڪيو ۽ ھلي وئي. ھاڻي شوالي ۾ سانت ڇانئجي وئي. ھن ڪنڌ ڀت سان ٽيڪيو ۽ اکيون ٻوٽي ڇڏيون. شوالي ۾ ڇانيل خاموشي ھن جي وجود ۾ گونجڻ لڳي. لفظ.....لفظ..... لفظ ھو لفظن کان بيزار ھو پر سانت ۾ ته موت آھي. ھن اکيون کوليون ۽ ڪرشن جي مورتيءَ ڏانھن نھاريو. ھن کي گيتا لفظ ياد پيا.
”مان بي انت وقت آھيان، تباھ ڪندڙ موت آھيان. مان رازن جي سانت آھيان.
جھانن جي ابتدا ۽ انتھا آھيان، ويدن ۾ لکيل اوم آھيان“
”انسان ۾ پنھنجو پاڻ پوڄائڻ جي ڪيڏي نه خواھش آھي. ڪيئن نه ڀڳوان بڻجي پنھنجي پوڄا ٿو ڪرائي. ڀڳوان بڻجي نٿو سگھي ته ڀڳوان جو اوتار ٿو ٿئي، رشي ٿو ٿئي، ڪجھ نه ڪجھ ٿي پاڻ ٿو پوڄائي. لفظن جون ڪوڙڪيون ۽ اکرن جو ڄار اُڻي ماڻھن جي ذھنن کي قيد ٿو ڪري، پنھنجي سوچ جا زنجير ٿو پارائي ۽ ھزارين سال گذري ٿا وڃن ۽ ويچارا ماڻھو انھن زنجيرن ۾ جڪڙيل ٿا رھن. موت کي مات ڪرڻ لاءِ، پنھنجو پاڻ کي فريب ڏيڻ لاءِ موت کان پوءِ وري جيئڻ جو تصور آواگان ۽ ان تصور کي اخلاقي بڻائڻ لاءِ ٻئي جنم ۾ ڪرم جو ڦَل!“
ھو يڪدم اُٿيو ۽ شوالي کان ٻاھر نڪري آيو. ٻاھر ھن کي روشني ۽ وائک محسوس ٿي. تلاءَ ۾ مينھن اوڳر ٿي ڪيو ۽ ڏاڍي آرام سان ڪن لوڏي، ڪنن تان مکيون ٿي ھڪليون، بڙ تي ڪانگن ڪان ڪان ٿي ڪئي. ڀر ۾ ڪتو بيٺو ھو ھنکي ڏسي ڪتي ڪن اُڀا ڪيا، گُرڪيو ۽ پوءِ پڇ لوڏيندو ھليو ويو.
گھر اچي ھن ماءُ کان پڇيو.
”امان اڄ شوالي ۾ ھڪ عورت ڏٺم. سڃاتل ٿي لڳي پر مون کيس نه سڃاتو، مون سان ائين ٿي ڳالھايائين ڄڻ منھنجي ڪا پنھنجي ھجي.“
ماڻس ھن جا پار پتا پڇيا، ۽ پوءِ چيائين.
”اڙي گوپيءَ کي نه سڃاتئه. دولت رام شرما جي ڌيءَ ننڍي لاءِ توسان رانديون کيڏندي ھئي. وڏي ڳڻواڻ عورت آھي. ننڍي لاءِ ويچاريءَ جي شادي ٿي ۽ جوانيءَ ۾ ودوا ٿي. مڙسھنس تمام گھڻي دولت ڇڏي ويو پڻس به ترت ئي مري ويو. پيءُ ۽ مڙس جي دولت سان ودوائن، يتيمن ۽ لاچارن لاءِ شوالو ٺھرايو اٿئين. وڏا وڏا دان پڃ ڪندي آھي. وڏن وڏن آچارين کان پراڻ پڙھيا اٿئين.“
ماڻڪ کي آھستي آھستي گوپيءَ جي شڪل ياد اچڻ لڳي. ھو ٻئي باغن مان رابيل جا گل پٽي ڪرشن ڀڳوان جي مورتيءَ تي چاڙھيندا ھئا، رنگ برنگي پرڙن وارن پوپٽن جي پٺيان ڊوڙندا ھئا.
”امان، ھوءَ ودوا آھي ته پوءِ ٻي شادي ڇونه ٿي ڪري؟“
”ھائي ھائي، ڪھڙِون ڳالھيون ٿو ڪرين. ودوا وري ڪيئن ٻيو وھانءُ ڪندي. اڳ ته ودوائون مڙس سان گڏ چتا ۾ سڙي رک ٿينديون ھيون.“
ٻئي ڏينھن گوپي پتل جي ٿال ۾ مصري، کير ۽ گل کڻي ماڻڪ جي ماءُ سان ملڻ آئي.
ماڻڪ جو گھر پَڪ سِرو ھو. اڱڻ ۾ ھڪ پاسي ڳئون ٻڌل ھئي مُندر، ڄنگھن ۾ پتل جي چؤنري ڦاسائي ڳئون ٿي ڏڌي. ڳئونءَ جي ٿڻن مان اڇا اڇا گوھا نڪري ھڪڙي خاص تار سان چؤنري ۾ ٿي پيا. ڀت جي ڀرسان گھڙاونجيءَ تي دلا رکيا ھئا ۽ دلن تي موتئي جي گلن جون ڪنڍيون. ڪنڊ ۾ ننڍڙو مندر ھو جنھن ۾ ڪرشن ڀڳوان ۽ راڌا جون مورتيون رکيون ھيون. مورتين جي آڏو گينڊي جا گل پيا ھئا ۽ اُگر ٿي ٻريو. بورچيخاني ۾ ڳئون جي ڇيڻي جو تازو ليپ ڏنل ھو ۽ پتل جا ڌوتل پوتل ٿانو چم چم ٿي چمڪيا. نوڪرياڻيءَ چلھ تي تئي چاڙھي ھئي ۽ پوريون ٿي تريائين. گرم گرم پورين ۽ گيھ جي خوشبوءِ ساري اڱڻ ۾ پکڙيل ھئي. سامھون ڪنڊ وٽ کُھي ھئي ۽ نوڪرياڻي کھيءَ مان پاڻي ڀري، لٽا ٿي ڌوتا. آڳر ۾ ھالن جو پينگھو رکيو ھو ۽ ماڻڪ ماءُ ھندوري ۾ لڏندي، تکي ۽ کھري آواز ۾ نوڪرياڻين کي جلدي جلدي ڪم اڪلائڻ جون ھدايتون ٿي ڪيون. گوپي چائنٺ ٽپي اڱڻ ۾ پير پاتو ۽ جھٽ پلڪ لاءِ ماٺ ڪري بيھي رھي. گھر......! گھر جو اڱڻ!! گھرن جي اڱڻ ۾ ڪيڏي نه عجيب خوشبوءِ ۽ آواز ھوندا آھن. چؤنريءَ ۾ پوندڙ کير جي گوھن، تئيءَ ۾ ترجندڙ پورين جي شون شون، سوٽيءَ سان ڪپڙن سٽڻ جا آواز، ماڻڪ ماءُ جو تکو ۽ کھرو آواز. ھر طرف زندگي ۽ زندگيءَ جا وڻندڙ، اڻ وڻندڙ، ڪومل ۽ تکا آواز ھئا. گوپيءَ کي ڏسي ماڻڪ ماءُ ٽپ ڏيئي اٿي ۽ گوپيءَ کي ڀاڪر پائي کيس پينگھي سان لڳ موري تي ويھاريائين.
”نچ آئينءَ، جي آئينءَ. مس مس منھن ڏيکاريو اٿئي.“
”ماڻڪ موٽي آيو آھي، سوچيم ته ماسيءَ کي واڌائي ڏيئي اچان.“
”توکي به واڌايون ھجن، ماڻڪ تنھنجو به ته ڀاءُ آھي.“
”ماڻڪ ڪٿي آھي؟“
”ٻاھر گھمڻ ويو آھي“ ماسيءَ جو آواز يڪدم کھرو ۽ تکو ٿي ويو. نوڪرياڻيءَ کي سڏ ڪندي چوڻ لڳي ”اڙي ڇوري لڇمي وارو ڪر، سيرو پوري کڻي آءُ، ڇوري ڏسي نٿين ته ڪير آئي آھي.“ ھاڻي ھن جو آواز يڪدم نرم ٿي ويو ۽ آواز ۾ ميٺاڄ ڀري ھوءَ گوپيءَ کي چوڻ لڳي ”گوپي، ماڻڪ تنھنجي لاءِ پڇيو پئي ته ڪير آھي. ڪالھ توکي شوالي ۾ ڏٺو ھئائين. چوڻ لڳو: امي شوالي ۾ ھڪڙي عورت ڏٺم، صفا ديوي ٿي لڳي، مونسان ائين ڳالھائڻ لڳي ڄڻ منھنجي پنھنجي ھجي. مون پار پتا پڇي چيومانس ته اڙي گوپيءَ کي نٿو سڃاڻين، پنھنجي دولت رام شرما جي ڌيءُ، ننڍي لاءِ توسان رانديون کيڏندي ھئي..... اڙي لڇمي! ڇو ايڏي دير لاتي اٿيئي. جلدي ڪر. چوڻ لڳو: گوپي ته ھيترڙي ھئي، ھاڻي ھيڏي وڏي ٿي وئي آھي. چيومانس ته تون به ته ھيترو ھئين، ھاڻي ڌڻيءَ جي ڪرپا سان ڪيڏو وڏو ٿي ويو آھين. اڙي لڇمي!“ لڇميءَ يڪدم سيرو ۽ پوريون آڻي ھنن جي اڳيان رکيون.
”ڇوري ايڏي دير لائبي آھي. ھاڻي ڊوڙ پائي کير جو گلاس کڻي آءُ. مصري وجھڻ نه وسارجانءِ سمجھيه گوپي، اچي سيرو کاءُ. ھڪڙي ڳالھ ته ٻڌاءِ. ماڻڪ شوالي ۾ مٿو به ٽيڪيو يا نه؟“
”نه ماسي. مٿو نه ٽيڪيائين. ڀت کي ٽيڪ ڏيئي ويٺو رھيو.“
”مان ڀانيان ٿي ڌرم مان نڪري ويو آھي. مان پاٺ ڪندي آھيان ته مونکي ڏسي مشڪندو آھي. تون ڳڻواڻ آھين. وڏن وڏن گيانن کان گيان ورتو اٿيئي، تون ڪو ماڻڪ کي ڌرم تي آڻ“
”ماسي مون وٽ موڪليندي ڪرينس. کيس گيتا جو پاٺ ڪري ٻڌائيدس ته پاڻيھي ڌرم تي اچي ويندو. ڀڳوان جا ٻول ته پٿر کي پاڻي ڪيو ڇڏين، ماڻڪ ته ماڻھو آھي.“
”مان تنھنجي ڏاڍي ٿورائتي ٿيندس. ماڻڪ ھيرو ٿي ھيرو. پر الائجي ڪھڙا پستڪ پڙھيا اٿئين جو ڌرم مان نڪري ويو آھي.“
”ماسي، تون خيال نه ڪر. پاڻيھي سڌي واٽ تي اچي ويندو.،
”خبر ٿي ته ڪالھ ڇا ٿي چيائين. چيائين ٿي ته گوپي جوان جماڻ آھي، سھڻي آھي، پوءِ ٻي شادي ڇونه ٿي ڪري. ھاڻي تون ئي ٻڌاءِ ته جيڪو ماڻھو ڌرم تي ھوندو سو اھڙيون ڳالھيون پڇندو. اڙي لڇمي. مُندر کان کير وٺي چلھ تي چاڙھ ماڻڪ جو ميرو وڳو آڻي مولي ماءُ کي ڏي. مون چيومانس ته چريو ته ڪونه ٿيو آھين جو اھڙيون ڳالھيون پيو ڪرين. ودوا ٻيو وھانءُ ڪيئن ڪندي. ست جڳ ۾ ته ودوائون پتيءَ سان گڏ چتا ۾ سڙنديون ھيون ۽ تون ودوا جي وھانءُ جون ڳالھيون ٿو ڪرين.“
”پوءِ ڇا چيائين؟“ گوپيءَ مشڪندي پڇيو.
”چوندو وري ڇا. مشڪڻ لڳو. ڌرم جي ڳالھ ڪرينس ته مرڪي ٿو. اڙي لڇمي....“
”چڱو ماسي، مان ھلان ٿي.“
”ڪيڏانھن ٿي وڃين. ويھ، ڄاڻ ماڻڪ آيو.“
”آشرم جا ڪم ڪاريون به آھن. ٻئي ڀيري وري ايندس. چڱو.“
”چڱو. ماڻڪ اچي ته مان اڄ ئي ٿي توڏانھن موڪليانس.“
ماڻڪ سير تان موٽيو ته سڌو آشرم ڏانھن ويو. آشرم جي عمارت پڪ سري ھئي. ٻاھران ڀت سان جانورن جي پاڻي پيئڻ لاءِ ٻه ھودا ٺھيل ھئا. دروازي وٽ ٻه ڏاڪا ھئا. ڏاڪا چڙھي چائنٺ ٽپ ته دروازي سان لڳ کُھي ۽ پپل جو وڻ ھو. کاٻي ۽ ساڄي طرف ودوائن، يتيمن ۽ لاچارن لاءِ ننڍيون ننڍيون ڪوٺيون ٺھيل ھيون. سامھون ڇپرو ھو. ڇپري جي ڀت ۾ دروازو ھو. اھا گوپيءَ جي ڪوٺي ھئي. اڱڻ ۾ پاٽڙن ۾ پکين لاءِ داڻو پاڻي پيو ھو ۽ پکين جا ولر داڻو ٿي چڳيا. ھڪڙي ڪوٺڙيءَ ۾ ھڪڙو بيمار پوڙھو کٽ تي ليٽيو پيو ھو، صفا ھڏائون پڃرو. کٽ جي پاٽيءَ سان لڳ سندس پوڙھي زال انگوڇي سان ھن جي منھن تان مکيون ٿي ھڪليون. اڱڻ ۾ ٻارن راند ٿي کيڏي. ڪنھن عورت جنڊ ٿي پيٺو ته ڪنھن چرخو ٿي ڪتيو. گوپي سامھون آڳر ۾ پڙڇ تي ويٺي ھئي ۽ چرخو ٿي ڪتيائين. اوپري ماڻھوءَ کي ڏسي، داڻو چڳيندڙ پکي ولر ڪري اُڏاڻا. گوپيءَ چرخي تان ڪنڌ کڻي ڏٺو. ماڻڪ ھن جي سامھون بيٺو ھو. ماڻڪ کي ڏسي ھن کي اچرج به ٿيو ۽ خوشي به. ھوءَ کيس پنھنجي ڪمري ۾ وٺي آئي. ڪمري ۾ عجيب اداسي ڇانيل ھئي. سامھون واري دريءَ جي ٻاھران انب جو وڻ ھو. کاٻي پاسي ڀت سان کٽ پئي ھئي ۽ ساڄي طرف ننڍڙو مندر رکيل ھو. ساڳيا گينڊي جا گل ۽ اگربتيون. در سان لڳ پاسي کان پڙڇ وڇايل ھو. پڙڇ تي طويل وھاڻو ۽ ويڻا رکي ھئي. ھن پڙڇ تي ويھندي گوپيءَ کي چيو:
”گوپي معاف ڪجانءِ جو ڪالھ مون توکي ڪونه سڃاتو. مونکي کي خبر ئي ڪانه ھئي ته تون اھا ڳاڙھي ڳٽولي گوپي آھين جنھن سان گڏ مان باغن ۾ پوپٽ ڦاسائيندو ھيس. مون سمجھيو ٿي ته تون اڃا اوتري ئي ھوندينءَ پر تون وڏي ٿئينءَ، وھانءُ ڪيئه ۽ ودوا به ٿي وئينءَ. وقت ڪيئن نه اک ڇنڀ ۾ گذري ٿو وڃي.“
”تون پاڻ ڏانھن به ته نھار، ڪيڏو وڏو ٿي ويو آھين. يقين ئي نٿو اچي ته توسان گڏ ڀنڀوريون جھليندي ھيس.“
”تون راڳ ڳائيندي آھين.“
”ڀڄن ڳائيندي آھيان.“
”مون به راڳ جي باقاعدي سکيا ورتي آھي.“
”اڄ ته ڪو ڀڄن ٻڌاءِ.“
”ڪنھن ڏينھن اندر اٿل کاڌي ته پنھنجي گروءَ جي وائي ڳائي ٻڌائيندوسانءِ.“
”شاھ عبداللطيف“
”گيتا ٻڌندين......“
”تنھنجي واتان ڇونه ٻڌندس.“
گوپي گيتا کڻي آئي ۽ پڙڇ تي ويھي، گيتا کي ھنج ۾ رکي پاٺ ڪرڻ لڳي.
””عمل نه ڪرڻ سان انسان کي ڪرم مان نجات ملي نٿي سگھي ۽ نه ڪرم کان بي نياز ٿي ھو مڪمل ٿي سگھيٿو ڇاڪاڻ جو پراڪرتيءَ مان پئدا ٿيل ڳڻن جي اثر ھيٺ انسان لڳاتار عمل ۾ آھي. او آرجڻ! تون ۽ مان گھڻيئي ڀيرا پئدا ٿيا آھيون.،
جيتوڻيڪ مان خدا آھيان پر پنھنجي پراڪرتيءَ تي اختيار حاصل ھجڻ جي ڪري مان پنھنجي مايا جي ذريعي پاڻ وجود ۾ ايندو آھيان.
او ڀرت! جڏھين دنيا ۾ نيڪيءَ جو زوال ٿيندو آھي تڏھين مان پنھنجو پاڻ کي سرير ۾ آڻيندو آھيان ۽ جيڪو منھنجي الاھي پئدائش کي سڃاڻندو آھي اھو پنھنجو سرير ڇڏي وري ٻِھر پئدا ٿيڻ جي بدران مونسان اچي ملندو آھي.
وڏا وڏا ڳڻواڻ سمجھي نه سگھندا آھن ته ڪرم ڇا آھي نہ ڪرم ڇا آھي
جيڪو نہ ڪرم ۾ ڪرم ۽ ڪرم ۾ نہ ڪرم ڏسندو آھي اھوئي اصل ۾ ڳڻواڻ آھي
او ارجڻ! عقل جي باہ ڪرمن کي ساڙي رک ڪري ڇڏيندي آھي
او جنارڌن! منھنجي پراڪرتي مٽي، پاڻي، ھوا، آسمان، دماغ، ذھن ۽ انانيت ۾ ورھايل آھي اھا ادنيٰ درجي جي پراڪرتي آھي
او مضبوط ٻانھن وارا راجڪمار! منھنجي اعليٰ درجي واري پراڪرتي وجود ۽ حياتيءَ جي احساس ۽ شعور ۾ موجود آھي جنھن جي آڌار تي ھيءَ ساري سرشتي قائم آھي
مان ئي جھان جي شروعات ۽ مان ئي جھان جو انت آھيان
او ڪنتيءَ جا پٽ! مان ئي پاڻيءَ جو ذائقو ۽ سج ۽ چنڊ جي روشني آھيان
مان سڀني ويدن ۾ لکيل اوم آھيان
مان آسمان جو آواز آھيان
مان انسان جي اجتمائي پاڻ سڃاڻ آھيان
مان زمين جي آتم سڳنڌ آھيان
مان سڀني ساھ وارن جو ساھ آھيان
مان رستو آھيان ۽ شاھدي ڏيڻ وارو، آخري پناه گاه، ابتدا، انتھا، آرام گاه، گنج ۽ ازلي ٻج
او ارجڻ! مان تپش پئدا ڪندو آھيان، مينھن وسائيندو آھيان
مان ابديت آھيان
مان موت آھيان
مان ھجڻ نه ھجڻ آھيان
مان وشنو آھيان
ويدن ۾ مان سام آھيان، ديوتائن ۾ اندر، حواسن ۾ ذھن ۽ خود ساڃہ، درون ۾ شنڪر آھيان.“
پھاڙن ۾ مير ويھاڙ. مان بزرگ ترين ڪاھن برھسپتي آھيان.
سپہ سالارن ۾ سڪندر، پاڻين ۾ مھاساگر، اکرن ۾ اوم، عبادت ۾ جپ، نه چرڻ وارين شين ۾ ھماليه، رشين ۾ نارد، مان ڏاھو ڪپل آھيان.
گھوڙن، ھاٿين ۽ انسانن ۾ منھنجو الڳ الڳ بادشاھي رتبو آھي.
نانگن ۾ اننت، پاڻيءَ جي رھواسين ۾ ورون، فرمان روائن ۾ يم، پئدائش ۾ وقت، جھنگلي جانورن ۾ ببر شينھن، پکين ۾ گرڙ، جنگي جوڌن ۾ رام، درياھن ۾ مان گنگا آھيان.
مان بي انت آھيان
مان تباھ ڪندڙ موت آھيان
مان عورت جي گفتار، ذھانت ۽ رحمدلي آھيان
مان گايتري منتر آھيان
مان کٿ آھيان
مان صوفين ۾ دياس، رتن ۾ سنت، اناجن ۾ جَوَ، مان سنسار جي ابتدا، وچ ۽ انت آھيان
مان رازن جي سانت آھيان
منھنجي الاھيات جا مظاھر بي انت آھن.“
”بس.....بس“ ماڻڪ يڪدم چيو
گوپيءَ ڪنڌ کڻي ماڻڪ ڏانھن نھاريو. ماڻڪ مشڪيو ۽ چيائين:
”دنيا جون سڀ چڱايون ته ڪرشن ڀڳوان پنھنجي کاتي تي چاڙھي ڇڏيون اسان پنھنجي کاتي تي ڪھڙي چڱائي چاڙھيون.“
”اسان لاءِ چڱائي اھا آھي ته اسان ڪرشن ڀڳوان جي الاھي پئدائش ۽ عمل کي سڃاڻون ۽ پنھنجو جسم ڇڏي ٻيھر پئدا ٿيڻ جي بدران ھنن سان ملي وڃون.“
”گوپي مان ڪو سرھو ۽ سکي رھڻ وارو ماڻھو نه آھيان. مونکي زندگيءَ مان مزو وٺڻ نٿو اچي. شايد منھنجي آتما بيمار آھي جو مونکي ڪنھن به شيءِ مان مزو ماڻڻ نٿو اچي. تنھن ھوندي به جنم جنم جو ڦيرو آھي ته مان پئدائش کي ڇڏي ڪرشن ڀڳوان سان ملي وڃڻ جي بدران واري واري سان ھن دنيا ۾ اچي زندگي ماڻڻ ٿو گھران. زندگيءَ جي اشانتي ۽ ڏک ڪرشن ڀڳوان ۾ جذب ٿي حاصل ڪيل شانتي ۽ سُک کان اُتم آھي. ھڪڙي ڳالھ سمجھ ۾ نٿي اچي ته ڪرشن ڀڳوان دنيا جون سڀ چڱايون ۽ چڱيون شيون ته پنھنجي نالي سان منسوب ڪري ڇڏيون پر برائي ۽ شر کي پنھنجي نالي سان منسوب نه ڪيائين. ڪو ڀڳوان ته اھڙو به پئدا ٿئي جيڪو براين جي تخليق جو ذمون پاڻ تي کڻي ۽ ھڪڙي اگيتا لکي ۽ چوي.
مان وئشيا آھيان
مان وياج ۽ ويساھ گھاتي آھيان
مان اھو وِه جو ٽيپو آھيان جيڪو نيل ڪنٺ جي چپن تان ترڪي ھن ڌرتيءَ تي ڪريو ۽ ڪيڪتيءَ جي من ۾ ساڙ ٿي پئدا ٿيو.
مان ڀسم ڪندڙ نفرت آھيان
مان مذھبي تعصب آھيان
مان ڪروڌ ۽ ڪميڻپڻو آھيان
مان ظالم جي تلوار ۽ انساني لاشن تي رکيل بادشاھي تخت ۽ تاج آھيان
او سندر ناري! مان زر، زمين ۽ زن لاءِ قتل ڪندڙ ڪارو اونداھو جذبو آھيان
مان رشين، اوتارن ۽ مذھبي اڳواڻن جا اچاريل اھي اکر آھيان جيڪي ھن يگ ۾ پنھنجي معنيٰ وڃائي ويٺا آھن پر جيڪي چچين وانگر انسانن جي ذھنن ۽ روحن ۾ چنبا کوڙي ويٺا آھن ۽ انسان کي اڳتي وڌڻ ۽ ھڪ ٻئي جي ويجھو اچڻ نٿا ڏين.
مان اھو پنڊت آھيان جيڪو ڌرم جي ٻڌايل چڱاين کي ٽوڙي مروڙي ان مان پنھنجي مطلب جون معنائون ڪڍي، انسانن جي خلاف استعمال ٿو ڪري.
مان مدي خارج رسمون آھيان.
او برھمڻ سندري! مان پتيءَ جي لاش سان گڏ چتا ۾ جلندڙ ودوا جي جيئري جاڳندي جلندڙ ماس جي ڌَپ آھيان.
مان جواڻ جماڻ بيوه جي اُڃايل تَن جون سڪايل ڪامناؤن آھيان.
مان.....“
”بس ڪر.“ گوپيءَ ھن جي وات تي ھٿ رکيو ”تون ڌرم تي ٺٺوليون ٿو ڪرين.“
”ٺٺوليون نٿو ڪيان.“ ماڻڪ ڀڳل ٽٽل آواز ۾ چيو ”پر سوچيان ٿو ته اھي سڀ ڪھڙي ڀڳوان ۽ ڪھڙي خدا جي کاتي تي چاڙھيان. تون چوندينءَ ته مارو يا شيطان انھن براين جو ڪارڻ آھي پر شيطان جي تخليق جو ڪارڻ ڪير آھي. جيڪڏھين برھم يا پرم آتما اديوتيا (جيڪو ٻه نه آھي) آھي ۽ ھيءَ سِرشتي ان جو مظھر آھي ته پوءِ ڇا شيطان، انسان جي اندر جو زھر، برائي ۽ شِر به ان برھم جو ئي مظھر آھي يا آتش پرستن جي عقيدن وانگر ٻه خدا آھن. ھڪ تاريڪي ۽ شِر جو خدا جنھن کي ھو اھريمن سڏيندا آھن ۽ ٻيو روشني ۽ نيڪيءَ جو خدا جنھن کي ھو يزدان سڏيندا آھن. روشني ۽ تاريڪي، خير ۽ شر جي ميلاپ سان ھن ڪائنات ۾ حرڪت، چرپر ۽ ڦيرگھير پئدا ٿي. ان ميلاپ لاءِ شر اڳرائي ڪئي. يعني ته شِر فاعل ۽ نيڪي مفعول آھي. وري به شِر ئي زورآور ۽ اُتم آھي.“
ماڻڪ ڳالھ پوري ڪئي ته ڄڻ ٿڪجي پيو. ھن مٿي تي ھٿ رکيو ۽ مٿو ڀت سان ٽيڪي اکيون ٻوٽي ڇڏيائين. گوپيءَ کي ھو ان ٻار وانگر لڳو جيڪو ڀريل ميلي ۽ ماڻھن جي گوڙ ۾ پيءُ ماءُ کان وڇڙي ويو ھجي ۽ ھيڏانھن ھوڏانھن ڊوڙي پيءُ ماءُ کي ڳولھيندو ڳولھيندو ٿڪجي پيو ھجي. گوپيءَ جي دل چيو ته ماڻڪ کي پنھنجي ھنج ۾ ليٽايان. ھن کي اھو ننڍپڻ وارو ماڻڪ ياد آيو جيڪو نٽھڻ اُس ۾ رنگ برنگي پرڙن وارن پوپٽن جي پٺيان ڊوڙندو ھو. ھو اڄ به رنگ برنگي پوپٽن جي پٺيان ٿي ڊوڙيو ۽ نٽھڻ اُس ۾ ڊوڙي ڊوڙي ٿڪجي پيو ھو. ھن جي اندر ۾ نفرت جي بجاءِ ايذاءُ ھو ۽ ان ايذاءُ تي گوپيءَ کي ڪھل اچي وئي.
”گوپي“ ماڻڪ جو آواز ڄڻ ڪنھن ڏورانھين ھنڌ تان آيو.
”جيءُ“
”توکي منھنجي گرو سائينءَ جي ڪا وائي ياد آھي؟“
”مان ته لطيف سائينءَ جي وائيءَ کي ڪرشن ڀڳوان جي اڳيان ڀَڄن ڪري ڳائيندي آھيان.“
”مونکي سائينءَ جي ڪا وائي ٻڌاءِ.
گوپيءَ گيتا پاسيري ڪري رکي ۽ ويڻا کڻي وڄائڻ لڳي ۽ ڀڄن جي انداز ۾ وائي ڳائڻ شروع ڪيائين:
جوڳيءَ گيت پورو ڪيو. مڙھيءَ ۾ ماٺ ڇانئجي وئي. رڳو ڪاٺين جا باھ ۾ ٽڙڪڻ جا آواز ٿي آيا. اوچتو جوڳيءَ جي آواز سانت کي ٽوڙيو.
”مھان آھن آھي انسان جن پريت ڪئي. مھان آھن اھي انسان، جن جي دلين ۾ پريت درد جي دونھين دکائي، مھان آھي اھو درد جيڪو اشھد آڱر بڻجي سچ جي واٽ ٿو ڏيکاري.“
”ڪير فيصلو ڪري ته ڪھڙي واٽ سچي آھي ۽ ڪھڙي کوٽي.“ سارنگ مونن مان منھن مٿي ڪري چيو.
”من. ماڻھوءَ جي من کي سچ ۽ کوٽ جو فيصلو ڪرڻو آھي. ماڻھوءَ جو من جنھن کي پريت جو دک ڌوئي اجرو ڪندو آھي ۽ پوءِ ھر شيءِ، سچ ۽ کوٽ، ٻئي ڌوتل پوتل نظر ايندا آھن. پريت جو دک مھان آھي.“
”۽ خوشي؟“
”مھان آھي ماڻھوءَ جو من ۽ تن جي خوشي. مھان آھن انسان جون صالح خواھشون. مھان آھي انھن خواھشن مان حاصل ٿيندڙ راحت ۽ لذت.“
”پر تنھنجي ھڪ رشيءَ چيو ھو ته ماڻھو پَٽَ جي ڪينئين وانگر خواھشن جو ڄار اُڻندو ٿو رھي. رغبت مان خواھش ۽ خواھشن مان عمل پئدا ٿيندو آھي. رغبت جي فنا خواھش جي فنا آھي. خواھش جي فنا عمل جي فنا آھي ۽ عمل جي فنا ڏک ۽ رنج جي فنا آھي.“
”خواھشن جي حسن ۽ رنگارنگيءَ کان ڊنل شھزادو سڌارٿ! خواھشون زندگي آھن ۽ زندگي ڏک ۽ سک جي اُس ۽ ڇانوَ. ھن زندگيءَ کان اڳتي ڪجھ ڪونھي. ڪا نئين زندگي، ڪو نئون جنم، ڪا نئين جوڻ ڪانھي. سڀ ڪجھ ھيءَ زندگي آھي. خواھشن کان انڪار زندگيءَ کان انڪار آھي. خواھشن جو اپمان زندگيءَ جو اپمان آھي.“
”دھريو آھين.“
”تون مون کي ڪجھ به سڏي سگھين ٿو. دھريو، ناستڪ، ملحد، سچ جو ڳولائو، ھن ڪائنات، ھن سِرشتيءِ کان ٻاھر ايشور ڪونھي. ايشور ھن ڪائنات ۾ جاري ۽ ساري آھي. قدرت جا نيم ۽ قانون جي تي ھن سِرشتيءَ جو نظام ٻڌل آھي، اھي نيم ۽ قانون ايشور آھن. موت، حياتي، شين جو فنا ٿيڻ ۽ نئين سر وجود ۾ اچڻ، قدرت جي ڪن ازلي ۽ ابدي نيمن ھيٺ پيو ٿئي. دعائن ۽ عبادتن سان اھي نيم نٿا مٽجن. قدرت ڪارڻ ۽ نتيجي جي بي رحم اصول تي پئي ھلي ۽ ڪارڻن ۽ نتيجن جو سلسلو اڻ کٽ آھي.“
”۽ ڪارڻن جو ڪارڻ ڪير آھي؟“
”تون ان کي سھولت لاءِ ايشور سڏي سگھين ٿو جيڪو برھما جو مظھري روپ آھي. پر ھو به قدرت جي نيمن ۽ قانونن جو پابند آھي. تنھنجي منھنجي دعائن يا عبادتن سان ھو پنھنجا قانون نٿو مَٽائي. جيڪڏھين ڪو معجزو ٿو پيش اچي ته اھو پڻ قدرت جي ڪن نيمن پٽاندر ٿو پيش اچي ۽ ڇاڪاڻ ته اسين انھن نيمن کان اڻ ڄاڻ ھوندا آھيون ان ڪري ان کي معجزو سڏيندا آھيون. ھن سرشتيءَ جي ھر شيءِ ۾ ھڪ انڌي قوت موجود آھي جنھن کي اسين سرجڻ جي قوت سڏي سگھون ٿا. اھا قوت عدم مان ڦٽي وجود ۾ اچي ٿي ۽ وجود ۾ اچڻ کان پوءِ اڳتي وڌي ٿي. سمنڊ جي لھرن وانگر جيڪي ھڪ ٻئي کان اڳ کٽڻ لاءِ ھڪ ٻئي تي چڙھنديون، ڪمزور لھرن کي فنا ڪنديون اڳتي وڌنديون آھن، ائين ئي شين ۾ سرجڻ جي قوت جون لھرون طاقتور ھونديون آھن. اُھي اڳتي وڌڻ ۾ ڪامياب ٿينديون آھن ۽ جن ۾ سرجڻ واريون لھرون ڪمزور ھونديون آھن اھي فنا ٿي وينديون آھن. اھا ارتقا آھن.“
”ان جي معنيٰ ته اھو فطرت جو قانون آھي ته ھيڻو ڏاڍي جو کاڄ ٿئي.“
”ھا. پر انسان فطرت جي ان قانون سان وڙھندو ٿو اچي. فطرت جي انڌن ۽ بي رحم قانونن کان بچاءَ جا وسيلا ڳولھڻ تھذيب ۽ ترقي آھي. فطرت اڃان اڻ پوري آھي ۽ پورائيءَ ڏانھن وڌندي پئي وڃي. ارتقا جو عمل جاري آھي. ماده جي ارتقائي صورت حياتي آھي. حياتيءَ جي ارتقائي صورت شعور آھي. شعور کان اڳتي به ڪنھن اڻ چٽي وصف جو ڏس ملي ٿو جنھن جو شعور سان اھڙوئي تعلق آھي جھڙو شعور جو حياتيءَ سان ۽ حياتيءَ جو ماده سان. ان وصف کي اسين ايشوريت يا خدائيت سڏي سگھون ٿا.“
”جيڪڏھن تنھنجو ايشور ڪائنات کان ٻاھر ڪونھي ۽ ڪائنات ۾ جاري ۽ ساري آھي ته پوءِ ايشور به ڪائنات وانگر اڻ پورو ۽ نامڪمل آھي. ھوڏانھن ڪائنات مڪمل ٿي ختم ٿي ويندي ۽ ھيڏانھن تنھنجو ايشور مڪمل ٿي ختم ٿي ويندو يعني ته جيستائين ايشور نامڪمل حالت ۾ آھي تيستائين موجود آھي پر جڏھين مڪمل ٿيندو تڏھين ختم ٿي ويندو.“
”ڪائنات جي ارتقا جو عمل ڪڏھين به ختم نه ٿيندو.“
”ته پوءِ تنھنجو ايشور به ڪڏھين مڪمل نه ٿيندو.“
”جن نيمن ۽ قائدن تي ھي سرشتي قائم آھي ۽ ارتقا جو سفر پئي ڪري، اھي نيم ۽ قائدا ايشور آھن. انھن نيمن جي عمل سان ھر شيءِ مڪمل ٿيندي پئي وڃي ۽ انسان به ڪامل ٿيڻ جي جدوجھد ۾ آھي. مسلمان صوفي چئي ٿو ته ذاتِ احد، جنھن کي ويدانتي پرم ۽ برھم ٿو سڏي، تنھن جو نزول يعني ھيٺ اچڻ جو عمل ٽن مرحلن ۾ ٿيو جن کي ھو احديت يعني ھڪ ھجڻ، ھويت يعني ھو ھجڻ ۽ انيت يعني مان ھجڻ چئي ٿو. انسان اصل ۾ آفاقي عقل آھي جيڪو رت ۽ گوشت جي صورت ۾ ظاھر ٿيو آھي ۽ ھو ذاتِ احد کي ھن طبعي عالم سان ڳنڍي ٿو. صوفي انھن مرحلن مان لنگھي صعود يعني بلندين ڏانھن وڃڻ جو رستو اختيار ڪندو آھي ۽ ڪامل انسان بڻجي، صفتن کان مٿان اُڀري، ٻيھر ذاتِ احد ۾ جذب ٿيندو آھي. مون کي اھڙي ڪامل انسان جو ڏس مليو آھي.“
سارنگ کي جوڳيءَ جي واتان صوفين جي نظرين بابت ڳالھيون ۽ عربي ۽ فارسيءَ جا اکر ٻڌي ڪا حيرت نه ٿي. ھن ڪيترا ھندو عالم ڏٺا ھئا جن باقائدي تصوف جي تعليم ورتي ھئي ۽ فارسيءَ جا شاعر ھئا.
”جيني ۽ ٻوڌي انسان کي سندس عمل جو ذميوار ٿا ڪن.“ جوڳيءَ وري چوڻ شروع ڪيو. ”انسان جو عمل ئي سندس ڏک سک راحت ۽ مصيبت جو سبب آھي. پر ڇا انسان پنھنجي عمل ۾ آزاد آھي. ڇا انسان جو عمل ۽ عمل جو ارادو ھن جبر واري سماج جي حالتن جي دٻاءَ مان پئدا نٿو ٿئي. جيڪڏھين انسان مسلسل جبر ۾ آھي ته پوءِ پنھنجي عمل جو پاڻ ذميوار ڪيئن آھي. انسان جي ڏک ۽ رنج، نيڪي ۽ بديءَ جو ذميوار سماج آھي ۽ مونکي اھڙي ڪامل انسان جو ڏس مليو آھي جنھن انسان کي سماج جي جبر مان آزاد ڪيو آھي.“
”تنھنجو مطلب آھي شاھ عنايت صوفي.“
”ھا. مان ان ڪامل انسان جي سڏ تي ٿو وڃان.“
”تنھنجي خيال ۾ شاھ عنايت پنھنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿيندو؟“
”سوال ڪاميابي يا ناڪاميءَ جو نه آھي، پر نيڪ ۽ صالح قوتن جي ساٿ ڏيڻ جو آھي. نيڪيءَ کي وڏي واڪي ٻڌائڻو آھي ته بديءَ جي ھيڏي وڏي سماج ۾ مان موجود آھيان.“
”شاھ عنايت صوفي جيڪو سماج قائم ڪندو ڇا ان سماج ۾ يزيد پئدا ٿيڻ جو امڪان نه آھي.“
”يزيدن سان وڙھي ته اھو سماج قائم ڪرڻو آھي ۽ جيڪڏھين اھو سماج قائم ٿي ويو ته پوءِ دولت ۽ اقتدار ٻئي بي معنيٰ ٿي ويندا ۽ نتيجي طور يزيد به بي معنيٰ ٿي ويندو.“
جوڳيءَ جون تصور پرستيءَ واريون ڳالھيون ٻڌي سارنگ مرڪي ڏنو. ھن جي ذھن ۾ ڪيترا سوال ۽ جوڳيءَ جي سوالن جا ڪيترا جواب ھئا پر ھو ماٺڙي ڪري اٿيو ۽ جوڳيءَ کان موڪلايائين. جوڳيءَ چيو:
”موڪلاڻي ڪھڙي، پاڻ جھوڪ ۾ ملنداسين.“
”جھوڪ ۾!؟ جوڳي مھاراج مان جھوڪ نه پر ٺٽي ٿو وڃان.“
”تون اڄ جي ڳالھ ٿو ڪرين، مان سڀاڻي جي ڳالھ ٿو ڪيان.“ جوڳيءَ اکيون ٻوٽيون ۽ وائي جھونگارڻ لڳو.
مھاڻي جو آواز آھستي آھستي دور ٿيندو ويو. اوچتو ھن جي پٺيان چانديءَ جي ڪنگڻن جو آواز آيو. ھن ڪنڌ ڦيري ڏٺو. ھڪڙي تِکي سانوري رنگ جي جواڻ جماڻ ڇوڪري، کارو مٿي تي رکي ٻيڙيءَ ۾ اندر آئي. ھن جي چيلھ سنھي ۽ ڇاتيون ماسيريون ھيون ۽ بنا ٽيڪ جي ائين ڪر کڻي بيٺيون ھيون ڄڻ ٻه ڪارڙا تتر ڀڙڪو ڏيئي اڏامڻ وارا ھجن. اکيون وڏيون، پنبڻيون ڊگھيون ۽ وريل. ھيءَ ڪير ھئي؟ ھن کي يادگيري پئي ته ھيءَ اھا ساڳي نوري ھئي جنھن رات ھن کي پلو تري کارايو ھو. نوري ھن کي ڏسي مرڪي. سندس تکي سانوري رنگ تي اڇا اڇا ڏند چمڪڻ لڳا. ھن کي لڳو ڄڻ نوريءَ جي مُرڪ ۾ موتيئي جا گل ٿي کڙيا.
”ھاڻي ڪيئن آھين؟“ سندس آواز به ڪيڏو نه مٺو ھو.
”ٺيڪ آھيان.“
”رات ته سارو بت ٿي سرۡڪيئه، ڦٽ ڪيئن اٿيئي؟“
”ھاڻي سور ڪونھي.“
”ٿورو آرام ڪر، مان ڳوٺ مان ٿي اچان ٿي.“
”مونکي ته وڃڻو آھي.“
”بابي جي موڪل کانسواءِ ڪيئن ويندين. بابو جھلي ويو آھي ته جيسين مان نه اچان تيسين نه ڇڏجائينس، مان ڳوٺ ۾ مڇي ڏيئي موٽي ٿي اچان. مولي واڻئي کان اٽو، گيھ ۽ ڳڙ وٺي اچان. بابي چيو آھي ته بصري پچائي کارائينس. ڪو وڏ گھراڻو ٿو لڳي. رات پلو ۽ چانورن جي ماني ٿي کاڌائين ته گرھ ٿي نڙيءَ ۾ اٽڪيس.“
”تنھنجي ھٿ جي تريل پلي ۾ اھڙو مزو ھو جو مغلي طعام ئي وسري ويا.“
”سچي!“ ھوءَ خوشيءَ ۾ ٽڙي پئي. مٿي تان کارو لاھي ھيٺ رکيائين ۽ ھن جي ڀر ۾ اچي ويٺي. ھن جي ساري بدن مان کِکيءَ جي ڌپ ٿي آئي پر ھن جي ڳالھين ۾ مرڪ ۽ موتيئي جي ھٻڪار ھئي. ھن جي ڪنن ۾ جھُلندڙ چانديءَ جي پنڙن، نڪ جي ڦليءَ ۽ ڪراين جي ڪنگڻن ڄڻ کلڪار ٿي ڪيا.
”عبدل کي به منھنجي ھٿ جو تريل پلو ڏاڍو وڻندو آھي.“
”عبدل ڪير آھي؟“
”عبدل کي نه سڃاڻين؟ سچي. تون ته ھن سان مليوئي نه آھين. صبح بابي کي وٺڻ آيو ته تون ننڊ ۾ ھئين. سانجھيءَ جو بابي سان گڏ موٽندو. ملندينس ته دل خوش ٿي ويندءِ.“
”تنھنجو ڇا لڳي؟“
”ڇا لڳي! سوٽ لڳي ۽ ٻيو.... ٻيو“ ھوءَ ماٺ ٿي وئي ۽ سندس سانورن ڳلن تي حياءَ جي لالي ٽڙي پئي.
”توکي بک لکي ھوندي. نيرن به ڪانه ڪئي اٿيئي. جيسين بصريءَ لاءِ سودو وٺي اچان تيسين دير ٿي ويندي پلو تري ٿي کارايانءِ.“
ھن ھرڻيءَ وانگر ڇال ڏنو ۽ سندس ڪارڙن تترن ڀڙڪو کاڌو. ھوءَ چلھ جي ڀرسان وڃي ويٺي پلو ڇلي صاف ڪري، ترڻ لڳي. سارنگ ماٺ ڪري ھن کي ڏسندو رھيو. ھي به جيئڻ جو ڪھڙو نه عجيب انداز ھو. ھيٺ وڇايل پڙڇ، ٺڪر جو ڪُنيون، ٻه ٽي ٿانوَ، ڄارا ۽ کارا، اھائي ھنن جي ڪائنات ھئي.
نوري اک ڇنڀ ۾ تريل پلو ۽ چانورن جي ماني آڻي ھن جي اڳيان رکي. رات گرھ کنيون ھئائين ته نڙيءَ ۾ اٽڪي پيو ھيس پر ھينئر ھنکي پلي ۽ چانورن جي مانيءَ عجيب مزو ڏنو.
”تو اھو ته ٻڌايو ئي ڪونه ته ڪير آھين.“
”مسافر آھيان، ٻيو ڪير آھيان.“
”مسافر آھين پر ڪٿان آيو آھين، ڪيڏانھن ٿو وڃين. پاڻ ڪير آھين، نالو ڇا اٿيئي. ڪو گھر گھاٽ، ٻار ٻچا، ماڻھو پورا احوال ڏي.“
”پورا احوال ھي آھن ته منھنجو نالو سارنگ آھي، ذات جو سوڍو آھيان. ٻار ٻچا، گھر گھاٽ ڪونھي. ٺٽي مان آيو آھيان ۽ مغل فوج منھنجي پٺيان آھي.“
”آئي گھوڙا. مغل فوج تنھنجي پٺيان آھي! پوءِ ڇا ڪجي؟“
”يڪدم درياھ پار ڪري مونکي ڪيڏانھن ڀڄي وڃڻ گھرجي.“
”پر بابي چيو ھو ته جيسين مان نه اچان تيسين نه ڇڏجائينس.“
”شام تائين ترسيس ته پوءِ سمجھ ته منھنجو خير نه آھي. مغل فوج ھتي پھتي ته مونکي جيئرو نه ڇڏيندي.“
”پوءِ ڇا ڪيون؟“
”مونکي ھينئر جو ھينئر پار پھچاءِ.“
”ھل ته ھلون.“
”تون مونکي پار وٺي ھلندينءَ؟“
”ھا. ان ۾ اچرج جي ڪھڙي ڳالھ آھي.“
ھو ٿوري دير لاءِ ھٻڪيو پر پوءِ نوريءَ جي اکين ۾ اعتماد ڏسي ھو اٿيو ۽ نوريءَ جي پٺيان ھلڻ لڳو. ڪپر سان گڏ ننڍي ٻيڙي ٻڌل ھئي. ھو ٻئي ٻيڙيءَ ۾ ويٺا، نوريءَ ونجھ سنڀاليا ۽ ٻيڙي وچ سير ڏانھن نيئڻ لڳي. ھن ڪڏھين اڳتي جھڪي ۽ ڪڏھين پٺتي وري ونجھ ٿي ھلايا. سندس سارو بُت درياھ وانگر ٿي ڇليو. ھن کي ڇولين جي ڇوھ، سيرَ جي سٽن ڪُنن جي ڪڙڪن جي ڪا پرواھ ڪانه ھئي. نوريءَ کي ونجھ ھلائيندو ڏسي سارنگ سوچيو ته سونھن به ڪھڙي نه اضافي شيءِ آھي. ڪيئن نه ڪاراڻ ۽ ڪوجھائڻ ۾ به موتئي گل وانگر ٽڙي ٿي پوي. ھاڻي ھن کي اھا ڳالھ سمجھ ۾ آئي ته ڪيئن سنڌ جي سمي سلطان ڄام تماچيءَ مھاڻيءَ لاءِ ڄار ڪلھي ڪيو ھو. نوريءَ جو عبدل به ته ڄام تماچي ھو. ڪارو، ڪوجھو ۽ مور نه موچارو! پٻڻ جنھن جي پوشاڪ ھئي ۽ جنھن ککين ھاڻيون کاريون ۽ ڇڇن ھاڻا ڇڄ ڪلھي ڪري، زندگيءَ جي ڪُنن مان ٻيڙي پار ٿي پڄائي. ان ڪني، ڪاري ۽ ڪوجھي مھاڻي ڄام تماچيءَ لاءِ ڪنھن شاعر ڪاموڏ ڇونه لکيو؟
ٻيڙي ڪنڌيءَ سان لڳي. ھن ڪنڌيءَ تي لھي، نوريءَ کان موڪلايو.
”چڱو نوري، ھاڻي موڪلاڻي.“
”چڱو الله تو آھر“ نوريءَ مرڪ سان رابيل جي گلن جي ورکا ڪئي.
”نوري، تنھنجي مرڪ مونکان ڪڏھين به نه وسرندي. تنھنجي مرڪ جا رابيل ھميشہ ھانءَ ۾ ٽڙندا رھندا.
نوري پنھنجي تعريف ٻڌي ٽڙي پئي ۽ ونجھ ھلائيندي، ٻيڙي ڪاھي، سِير ڏانھن ھلي وئي. ھو ڪپر تي بيھي ھن کي ويندو ڏسندو رھيو. نوري جڏھين اکين کان ڏور ٿي وئي تڏھين ھن سوچيو ته ھاڻي ڪيڏانھن وڃان. نه ڪا منزل نه ماڳ، نه اوھي نه واھي. ھن وک وڌائي ۽ اڻ سونھن پيچرن تي پير رکيائين.
.........................................
حصو ڏهون
سارنگ جي اک کلي. سامھون ڀت تي بيبي مريم، ننڍڙي عيسيٰ ۽ حضرت يحيٰ جي تصوير ٽنگيل ھئي. ان تصوير سان گڏ پٿر جي صليب تي حضرت عيسيٰ جي مورتي لڙڪيل ھئي. سامھون دروازي تي سوٽي پردا ٿي لڙڪيا. ساڄي پاسي واري دريءَ مان نيرو آسمان ۽ وڻن جون سايون ٽاريون ٿي نظر آيون. ڀر ۾ ٽپائي پئي ھئي جنھن تي دوايون، ميوو ۽ کير پيو ھو. ھن کاٻي پاسي ڪنڌ ورايو. ھن جي سامھون ڀت سان لڳ، آرام ڪرسيءَ تي سنڌو ويٺي ھئي.
”سنڌو.....!؟“ ھن کان ذري گھٽ دانھن نڪري وئي.
”مان سنڌو نه آھيان. مان گيتا آھيان.“
”تون ڪير آھين، مان ڪٿي آھيان؟“
”تون لاھري بندر ۾ پادري باربوسا جي گھر ۾ آھين.“
”مان ھتي ڪيئن پھتس؟“
”تون درياھ جي ڪپ سان جھنگ ۾ بيھوش پيو ھئين. پاپا سير ڪرڻ ويو ته توکي ڏٺائين ۽ توکي ھتي کڻي آيو.“
سارنگ کي ياد پيو ته نوريءَ کان جدا ٿيڻ کانپوءِ ھو درياھ جي ڪپ سان جھنگ جي پيچرن تي ھلي ھلي ٿڪجي پيو ھو. ھن کي بک لڳي ھئي پر پسگردائيءَ ۾ ڪا وسندي ڪانه ھئي. ھن جي ڦٽ مان وري رت وھي ڇڙيو ھو. پر ھلندو رھيو ھو ۽ پوءِ آخر ٿڪجي ساڻو ٿي ھو ھڪ وڻ جي ھيٺان ليٽي پيو ھو.
”بابا طبيب آھي. ھن تنھنجي ملھم پٽي ڪئي آھي. توکي سخت بخار ھو. ھاڻي ڪيئن آھين؟“
”ٺيڪ آھيان.“
گيتا ڪرسيءَ تان اٿي ھن جي نرڙ تي ھٿ رکيو. گيتا جي ھٿ جي ڇھاءَ سان ھن کي سنڌو ياد پئي.
”ڌڻيءَ جو شڪر آھي جو بخار لھي ويئه.“
ايتري ۾ ھڪڙو قدآور ماڻھو اندر آيو. ھن کي ڊگھي قبا پاتل ھئي. اڇو ڳاڙھو رنگ، سنھا ۽ ڊگھا وار، نيريون اکيون ۽ ھلڪي ھلڪي ڏاڙھي جيڪا کاڏيءَ وٽ وڌيڪ گھري ٿي ٿي وئي.
”منھنجو نالو الفانسو باربوسا آھي. گيتا منھنجي ڌيءُ آھي.“
سارنگ حيرت مان گيتا ڏانھن ڏٺو ۽ پوءِ پادريءَ ڏانھن ڏسڻ لڳو.
”عمر ۾ ھيءَ منھنجي ڌيءُ نٿي لڳي. ڪي ڪي رشتا عمر جي قيد کان آزاد ھوندا آھن. گيتا منھنجي دين جي ڌيءُ آھي. پر ائين نه سمجھجانءِ ته مون گيتا کي عيسائي بڻايو آھي. دين ڌرم کان ھٽي به ماڻھوءَ جو ماڻھوءَ سان رشتو ٿي سگھي ٿو. مان رڳو يسوع مسيح جو پادري نه آھيان. پر ڪرشن مھاراج ۽ حضرت محمد صلعم جو به پادري آھيان. مان ھر ان انسان جو پادري آھيان جنھن چڱائي ڪئي ۽ چڱائيءَ جي سکيا ڏني پوءِ اھو ماڻھو دھريو يا ناستڪ ئي ڇونه ھجي. ان رشتي سان تون به منھنجو ڀاءُ آھين.“ گيتا.
”جيءُ.....“
”ھن لاءِ يخني کڻي آءُ.“
گيتا يخني کڻڻ لاءِ وئي. ھن سارنگ کان پڇيو.
”تنھنجو نالو ڇا آھي؟“
”منھنجو نالو سارنگ آھي. مان.....“
”وڌيڪ تعارف جي ضرورت ڪانھي. تون ھتي پنھنجو پاڻ کي محفوظ سمجھ.“
گيتا يخني کڻي آئي. ھن گرم گرم يخني پيتي ته ھن جو سارو ٿَڪ لھي ويو. ماني کاڌائين ته ھن جي اکين تي ننڊ جا کيپ چڙھڻ لڳا.
پادريءَ جي شفقت ۽ گيتا جي سڪ ۽ محبت مان ھن جي روح کي عجيب راحت ملي. پادري ھن جو دوست ٿي ويو. ٻئي پھرن جا پھر ويٺا ڳالھيون ڪندا ھئا. پادريءَ جون ڳالھيون نون جھانن جون ڳالھيون ھيون. ھن سمنڊ جي ھُن طرف به ڪيڏيون نه دنياؤن آباد آھن. اتان جي ماڻھن جا به ساڳيا دک سور اھنج ۽ ايذاءَ آھن. سڀ ماڻھو ماڻھپي جي مٿاڇري تي ھڪ آھن. پر ھنن ۾ ڪيڏا نه ويڇا ۽ فاصلا آھن.
پادريءَ چيو:
”ڪڏھن ڪڏھن قومن جي خوشحالي ۽ خودڪفالت سندن لاءِ مصيبت جو سبب ٿي پوندي آھي. خوشحاليءَ جي ڪري ڌاريون بکيون ۽ لالچي قومون مٿن حملا ڪنديون آھن ۽ خود ڪفالت جي ڪري ھنن ۾ نيون ايجادون ڪرڻ جي قوت ۽ نيون واٽون ڳولھڻ جي ضرورت ختم ٿي ويندي آھي. سنڌ ھميشہ خودڪفيل رھي آھي. پھرين صديءَ ۾ جڏھين ھڪڙي يونانيءَ موسمي ھوائون ڳولھي لڌيون ته سامونڊي سفر ۾ سھولت پيدا ٿي. سنڌ جي پاتار بندر ۽ ھندوستان جي مالابار جي موچيري بندر جو مغربي ملڪن سان تعلق پيدا ٿيو. اٺين صديءَ جي شروع ۾ سامونڊي واپار تي عربن جو قبضو ھو جيڪي ھتان مال سان ٻيڙا ڀري، قاھره، تيونس ۽ بصره نيندا ھئا. ڳاڙھي سمنڊ ۽ سويز مان اھو مال قاھره، اسڪندريه ۽ اتان اٽليءَ جي بندرگاھ وينس پھچندو ھو. وينس ھندوستاني مال جي مغربي ملڪن سان ڏيتي ليتيءَ مان مالدار ٿيو ۽ وينس ۾ واپاري طبقو پيدا ٿيو جنھن ادب، آرٽ، سائنس ۽ علمي دنيا ۾ انقلاب آڻي ڇڏيو. آھستي آھستي مغربي ملڪ نئين تھذيب ۾ داخل ٿيڻ لاءِ پاڻ پتوڙڻ لڳا. ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ تي اھو به الزام ھو ته ھوءَ ھندوستان مان عيش جو سامان آڻي انگريزن جو نه رڳو اخلاق ئي خراب ٿي ڪري پر انگلستان جو سون به ھندوستان کي ٿي ڏئي. انگلستان ھندوستان جي مال جي منڊي ھو ۽ انگلستان جو پرڏيھي واپار ختم ٿي ويو. انگريز ھنرمندن پارليامينٽ کي درخواستون ڏنيون ته اسان کي تباھيءَ کان بچايو وڃي. انگلستان ۾ سوديشي تحريڪ زور ورتو. عورتن کي اپيل ڪئي وئي ته ھو ھندوستاني مال نه واپرائن. انگريز ڪورين ھڪ دفعو ڪمپنيءَ جي دفتر تي حملو ڪيو. ڪپڙو اڻيندڙ عورتن پارليامينٽ جو گھيرو ڪيو.
ھوڏانھن واسڪوڊي گاما سامونڊي واپار جو نئون رستو ڳولھي لڌو ۽ ھاڻي وينس جي بدران لزبن ھندوستاني مال جو مرڪز ٿيو. ان پرڏيھي واپار ۾ ھندوستان کي سون ملندو رھيو جنھنجي ڪري گھرجون ختم ٿي ويون. گھرج ايجاد ڪرائيندي آھي. گھرج نه رھي ته ايجاد جي ضرورت به ڪانه رھي. اھوئي سبب آھي جو ھند ۽ سنڌ ۾ مھاڀارت جي دور وارو ھرڦار ۽ اوزار استعمال ٿا ٿين. جڏھين ته مغربي ملڪن م ضرورتن کانئن نيون نيون ايجادون ڪرايون. سوداگرن جو طبقو پيدا ٿيو جنھن جاگيرداري ۽ آپيشاھي نظام جو خاتمو ڪيو، ۽ نئين دور جي نئين انسان جنم ورتو. ان نئين انسان جو سڀ کان وڏو ڪارنامو پريس جي ايجاد آھي. ھڪڙي جرمن ڏاھي پندرھين صديءَ جي وچ ڌاري متحرڪ ٽائيپ سان پھريون ڪتاب ڇاپيو. علم تان ڪليسا جي ھڪ ھٽي ختم ٿي ۽ روشن خيال ماڻھن کي پنھنجي خيالن جي روشنيءَ کي عام ماڻھن تائين پھچائڻ جو موقعو مليو. آسماني ستارن ۽ سيارن جي چرپر، دل جي حرڪت ۽ خون جي گردش جا قانون، گئئس جي دٻاءَ جو قانون، خوردبيني، دوربيني، ٿرماميٽر، بئروميٽر، ھوائي ليمپ، پئنڊوليم سان ھلندڙ گھڙيال، نئين انسان جو نئون سفر. اڳتي، اڳتي ۽ اڃان اڳتي!
ھندوستان جي بندرگاھن تي مغرب جي نئين ۽ ھندوستان جي پراڻي انسان جي وچ ۾ ڇڪتاڻ شروع ٿي. ڪرناٽڪ جي جنگ ۾ ھندوستان جي ڏھ ھزار فوجين فرانس جي نوَ سؤ فوجين کان شڪست کاڌي. ھندوستان جي مقدر جو فيصلو ٿي چڪو. تاريخ طاقتور ۽ توانا قوم کي ڳولھي لڌو. فرانسيسي ۽ انگلستاني فوجن مان جيڪي وڌيڪ طاقتور ثابت ٿيندي اھا ھندوستان تي قبضو ڪندي.“
ھاڻي سارنگ وري سفر جي تياري ڪئي.
آسمان ۾ چوڏھينءَ جو چنڊ کڙيل ھو ۽ ھوائن ۾ ٿڌڪار ۽ ھٻڪار رچيل ھئي. رات جي ماني کائي سارنگ ۽ گيتا وکون کڻندا گرجا جي آڳر واري ڇٻر تي اچي ويٺا. ٻارين ۾ گل ٿي مُرڪيا پر اڄ گيتا ڏاڍي اداس ھئي.
”سارنگ“
”جيءُ“
”ڇا سڀاڻي تون ھليو ويندين؟“
”ھا.“
”ڪيڏانھن ويندين؟“
”مونکي پاڻ خبر ڪانھي ته ڪيڏانھن ويندس.“
”ھتي ڇو نه ٿو رھي پئين.“
”اندر جي بي چيني ڪٿي به سک سان ويھڻ نٿي ڏئي.“
”ھڪڙي ڳالھ پڇانءِ“
”پڇ.....“
”سنڌو ڪير آھي؟“
”اڻ پورو خواب“
”ڇا ان خواب جي ڳولھا ۾ ٿو وڃين؟“
”نه. اھو خواب گھڻو پٺتي رھجي ويو. مان پٺتي نه پر اڳتي وڃڻ ٿو گھران.“
”ڪنھنجي ڳولھا ۾؟“
”شايد پنھنجي ڳولھا ۾.“
”ڇا پنھنجو پاڻ وڃائي ويٺو آھين؟“
”پنھنجي سڃاڻپ وڃائي ويٺو آھيان.“
”توکي خبر آھي ته مان وئشيا ھيس؟“
”مون لاءِ تون پوتر گيتا آھين.“
”مان پنھنجي آتما وڃائي ويٺي ھيس. پادريءَ مونکي منھنجي آتما جو احساس ڏياريو ۽ توکي ڏسي منھنجي آتما سٽ کاڌي ۽ مون پنھنجي آتما ڳولھي لڌي. منھنجي آتما کي ڇڏي نه وڃ ته متان وري پنھنجي آتما وڃائي نه ويھان.“
”ھڪ دفعو آتما ڳولھي لھجي ته پوءِ نه وڃائبي آھي. سنڌوءَ چيو ھو ته وڇوڙي کان پوءِ به منھنجو سارنگ ھر وقت مونسان ساڻ آھي. ھو سڀ ۾ سمائجي ويو آھي. ڪڏھين ھو منھنجو مڙس آھي ۽ ڪڏھين منھنجي ئي ڪُک مان جنم وٺندڙ منھنجو ٻار آھي. مان به ھاڻي ان منزل تي پڄندو ٿو وڃان. ھڪ رات مھاڻن وٽ پناھ ورتم. اتي ھڪ ڪاري ڪوجھي مھاڻيءَ ۾ مونکي سنڌو نظر آئي. وري جڏھين توکي ڏٺم ته تو ۾ به سنڌو نظر آئي. اھا آتما کي ڳولھي لھڻ واري منزل آھي.“
”جي توکي مون ۾ سنڌو نظر آئي ته پوءِ سنڌوءَ کي ڇڏي ڇو ٿو وڃين؟“
”ائين ٿو لڳيم ڄڻ عرش تان ڪريو آھيان ۽ وچ پولار ۾ اٽڪي پيو آھيان. ڪو اڻ چٽو آواز آھي جيڪو مونکي پاڻ ڏانھن ٿو سڏي. اھو آواز ڪنھنجو آھي، ڪٿان ٿو اچي، ڪيڏانھن ٿو سڏي، ۽ ڇو ۽ ڇالاءِ ٿو سڏي، تنھنجي مونکي ڪا خبر ڪانھي. مان رڳو اوڏانھن ڇڪبو پيو وڃان. مونکي ان آواز کي ڳولھي لھڻو آھي.“
”۽ ان آواز ۾ توکي ڪنھنجي آتما جو آواز به ٻڌڻ ۾ نٿو اچي.“
”ڪھڙي خبر ته اھوئي تنھنجي آتما جو آواز ھجي.“
ٻئي ڏينھن صبح جو ھو اتان روانو ٿيو. پادريءَ ھن کي گھوڙو ڏنو ۽ جڏھين ڀاڪر پائي موڪليائين ته سارنگ کي ائين لڳو ڄڻ پادريءَ جي وجود جي ساري شفقت ھن جي وجود ۾ سمائبي پئي وڃي. گيتا ھٿ ٻڌي ھن کي پرنام ڪيو. سندس اکيون لڙڪن ۾ آليون ھيون. ھن گھوڙي تي لانگ ورائي ۽ اڻ ڏٺل منزل ڏانھن روانو ٿي ويو.
ھو جھنگن برن ۾ ڀٽڪندو رھيو. ھن ٻاليشاھن جي پَکن ۾ پناھ ورتي. ٻاليشاھن مردار گوشت آڻي ھن جي اڳيان رکيو. ھن کي الٽي اچي وئي. ڪارا ڪارا ٻاليشاھي، پيلا پيلا ڏند ڪڍي کلڻ لڳا. کلڻ سان سندن ڪَنن جا والا ٿي لڏيا. ھو وٺي ڀڳو. مردار گوشت جي ڌپ ۽ ٻاليشاھن جا ٽھڪ ھن جو پيڇو ڪندا رھيا. ھن ڀيلياڻيون، ڪولھڻيون ۽ اوڏڻيون ڏٺيون. ڳاڙھا پَڙا ۽ گھاگھريون. گھاگھرن تي ڀرٿ ۽ ڪوڏيون جڙيل، ڪارن ڪارن ٻانھن ۾ اڇيون اڇيون ٻانھيون. چانديءَ جا ھس، پنڙا، واليون،. سندن ڪارا ڪارا بت اُس ۾ جھرمر ٿي جرڪيا. ڀر ڪڍائي ڪوڏر ٿي ھنيائون ته مٽيءَ جو ھانءُ ڪڍي ٿي ڇڏيائون. ھن کي سميون، سومريون، سوڍيون ۽ مغلياڻيون ياد پيون جن جا بدن ڪنول جھڙا ڪومل ھئا جن کي ھٿ لاءِ ته ڀانءِ ته ڪومائجي وينديون. انھن جي ڀيٽ ۾ ھي ڪارا ڪِٺُ بدن زندگيءَ جي کوري ۾ پچي ٻاھر نڪتا ھئا.
ھن ڪن ڦاڙ ناٿ پنٿي جوڳي ڏٺا جن کي خبر ئي ڪانه ھئي ته جوڳ چاريه ڇا ھو. ناگر برھمڻ جيڪو ڪنشڪ جي نورتنن ۾ شامل ھو ۽ گيڙو الفي پائي ٻڌ ڌرم م شامل ٿيو ھو ۽ ٻڌ ڌرم جي مھاين فرقي جو بنياد وڌو ھئائين، اھو ڪير ھو. مھاين فرقي ۾ يوگ چاريه جو بنياد وجھندڙ منتريه ناٿ ڪير ھو. ھنن کي ٻڌ ڀڪشن وارا گيڙو ڪپڙا پاتل ھئا ۽ پنھنجي گوگي چوھاڻ پير کي ياد ڪري، ڪنھن مگل ٻوليءَ جا منتر اُچاري نانگ ٿي ڦاسايائون ۽ نانگ جي ڏنگيل جو زھر ٿي چوسيائون. ھو سڀ ھندو ھئا پر ھنن جي منترن ۾ الله ۽ رسول جو نالو ھو.
لا الا لله
سور لاه
درد لاه
محمد رسول الله
ھن ھڪڙي ڪن ڦاڙ جوڳيءَ کي باھ جي اُلن جي اولڙي ۾ منتر پڙھندي ڏٺو.
بِس ڪالي، بس ڪملي
بِس ڪا انت نه ڀيد
(وِهُ ڪارو آھي، وه چٽ ڪمرو آھي، وه جو نه ڪو انت آھي نه ڀيد)
ھتي وه برھم ھو جنھن جو نه ڪو انت ھو نه ڪو ڀيد ھو. ھيءَ وه جي ويدانت ھئي.
ھن مُندن جا رنگ ڏٺا. لڪون ۽ جھولا، کورن وانگر ٻرندڙ ڏينھن، لُڪن ۾ لوساٽيل _ڏٻرا ڏيل.
سرءُ جي پن ڇڻ، پيلا پن، پيليون صبحون، پيليون سانجھيون ۽ پيلا چھرا
سياري جا سيءَ ۽ پارا، ماڻھو لڱين اگھاڙا، نه گندي نه گبرو.
سارنگ ساٺ ڪيا، کنوڻيون کٽڻھار جيان کڙيون، بوندن جي بھار ٿي ۽ درد وندن جو ديس وسي پيو. ھن کوري ۾ ٻرندڙ ڏينھن ۾ لوھارن کي ڌنوڻين جي ڌان ڌان ۾ ھٿوڙا ھڻي، ھر ڦار، ڏاٽا ۽ ڪوڏريون ٺاھيندي ڏٺو. ڪنڀر! جن چاڪ تي مٽيءَ جا بي ڊولا چاڻا رکي انھن کي ڇھيو ٿي ته بي ڊولي ۽ بي شڪل مٽيءَ کي نت نيون شڪليون ٿي ملي ويون.
ڪوري، جن ڇڳل ڌاڳا ڳنڍي، ماڻھن جي اوگھڙ ٿي ڍڪي. اھي به ته ڍڪڻھار ھئا.
ھاري، جن ڌرتيءَ مان سونا سنگ ٿي اُپايا، اھي به ته پالڻھار ھئا.
ھر طرف پورھئي جا آواز ھئا. جنڊَ، چرخا، آڏاڻا، مترڪا، ڌنوڻيون. پورھئي جي انھن آوازن پاڻ ۾ ملي ھڪ نئين نغمي کي جنم ٿي ڏنو ۽ ھڪڙي ڏينھن بڙ جي وڻ جي ڇانو ۾ ويھي ھن پورھئي ۾ پاھ ٿيل، ڌڪيل، لتاڙيل ۽ انسانيت جي رتبي تان معزول ڪيل، ڪارن، ڪوجھن ۽ ڪِين جھڙن انسانن جا ھٿ ڏٺا جن مان تھذيب جو نُور ٿي ڦٽو. ھزارين، لکين ۽ ڪروڙين ھٿ جيڪي ھن ڌرتيءَ جي بي ڊولي، بي شڪل مٽيءَ جي چاڻي کي کڻي بيٺا ھئا ۽ ان کي چاڪ تي چاڙھي ڇھيائون ٿي ته ڌرتي سھڻي ۽ لسي صورت اختيار ڪندي ٿي ويئي ۽ انھن سرجڻھار ۽ صورت گر ھٿن جي ھجوم ۾ ھن صوفيءَ کي ڏٺو جنھن مراقبي مان منھن مٿي ڪري انھن پالڻھار ھٿن ڏانھن آڱر کڻي چيو.
ھمه اوست، سبحاني، ما اعظم شاني
سارنگ سوچيو تصوف ڇا آھي. اڄ تائين ھن جيڪو به علم پرايو ھو سو پنھنجي ھَٺ ۽ اَنا لاءِ پرايو ھو. اڄ ھن پھريون ڀيرو علم کي پنھنجي ھَٺَ سان ھنيون ۽ پنھنجو پاڻ کان پڇيو ته تصوف ڇا آھي. ھمه اوست ڇا آھي، سبحاني ما اعظم شاني ڇا آھي. مان ڪير آھيان. منھنجو ھن ڌرتيءَ جي ڏڪاريلن سان ڪھڙو رشتو آھي الست بربڪم جڏھين منھنجي ڪن پيو ھو ۽ مون قلب سان قالو بليٰ الله چيو ھو تڏھين، تنھن ويل، مون ھنن ويڙھيچن سان وچن ڪيو ھو. اھو وچن ڇا ھو ۽ مون ڇو وساريو ھو. اھو سارنگ ڪير ھو جنھن پنھنجي ويڙھيچن تي راتاھا ھڻي، طاقت سان سندن باغي ڪَنڌن کي مغلن جي اڳيان جھڪايو ھو. ۽ ھي سارنگ جيڪو مان آھيان، مڪمل مان، اھو ڪير آھي. شايد مون جوڻ مٽائي آھي، نئون جنم ورتو آھي. پھرين منھنجي ذھن ۾ اوندھ جون سرحدون ھيون ۽ منھنجو ”مان“ انھن اونداھن سرحدن جي ھن پار ھو. ھاڻي مون پنھنجي ”مان، کي ڳولھي لڌو آھي ۽ مون کي ويڙھيچن سان ڪيل وچن ياد پيو آھي.
غار حرا مان گونجندڙ آواز ھن جي ڪن تي پيو جنھن انسانن جي وچ جا سڀ ويچا ميٽي ۽ ريٽي ڇڏيا. جنھن ڌرتيءَ تي ڪريل انسانن کي کڻي سيني سان لاتو ۽ چيو ته حسب، نسب، رنگ نسل، مال دولت ۾ ڪو ڪنھن کان مٿاھون نه آھي. عجميءَ کي عربيءَ تي ۽ عربيءَ کي عجميءَ تي ڪا فوقيت ڪانھي. سڀ انسان ڀائر آھن. انسانن جو مالڪ صرف الله آھي ۽ الله کانسواءِ ڪو الله ڪونھي. پر اُمين ملڪيت ۽ ملوڪيت وارو معاشرو قائم ڪيو ۽ ان معاشري کي قائم ڪرڻ لاءِ حجاج بن يوسف کي ھڪ لک ويھ ھزار مسلمان شھيد ڪرڻا پيا. ظلم ۽ ڏاڍ جي ان عمل سان فڪري سطح تي ٻه تحريڪون اڀريون. ھڪ مرجيه ۽ ٻي قدريه. مرجيه وارن چيو ته انسان مجبور آھي. جو ڪجھ به ٿئي ٿو سو خدا جي طرفان ٿئي ٿو ان ڪري ھر حالت ۾ شڪر ڪجي. مرجيه وارن اُمين جا ھٿ مضبوط ڪيا.
قدريه وارن چيو ته جيڪڏھين انسان کي مجبور مڃيو وڃي ته پوءِ خدا عادل ۽ منصف نٿو رھي ڇاڪاڻ ته انسان جيڪو بري ڪم ڪرڻ، ظلم سھڻ ۽ ظلم ڪرڻ لاءِ مجبورآھي، تنھن کان سندس ڪمن جي پڇا ڪري نٿي سگھجي. خدا عادل آھي. خدا نه ظلم ڪري ٿو ۽ نه ظلم کي پسند ڪري ٿو. انسان پنھنجي عمل ۾ آزاد آھي ۽ پنھنجي عمل جو پاڻ ذميوار آھي. ظالم کي خدا مقرر نه ڪيو آھي پر ھو پاڻ پنھنجي ظلم سان اقتدار ۾ آيو آھي ۽ ظالم سان وڙھڻ، کيس اقتدار تان لاھڻ، ھر ھڪ مسلمان جو فرض آھي.
ٽيان اھي صوفي درويش پئدا ٿيا جن ظلم جي پوري معاشري کي ڇڏي ڇڏيو ۽ گوشه نشيني اختيار ڪئي. سندس گوشه نشيني رھبانيت نه ھئي پر ظلم جي خلاف احتجاج ھئي. ھنن انسانيت جي رتبي تان معزول ڪيل انسانن کي ربوبيت جو درجو ڏنو ۽ ھي جو حضرت جنيد بغداديءَ چيو ته سبحاني، ما اعظم شاني. ته اھو ڪو سندس ذاتي انا جو آواز نه ھو پر مظلوم انسانن جي اجتمائي انا جي عظمت جو اعلان ھو.
حضرت جنيد چيو ته مون الله کي مديني جي گھٽين مان حاصل ڪيو. مان مديني جي غريبن وٽ وڃي رھيس ۽ مون ڏٺو خدا انھن ۾ آھي.
ھر اوتار، نبي ۽ درويش ملڪيت ۽ ملوڪيت کان انڪار ڪيو. حضرت عيسيٰ جي ملڪيت ھڪڙو پاڻي پيئڻ جو آبخورو ۽ ھڪڙي ڦڻي ھئي. ھڪڙي ڏينھن ڏٺائون ته ھڪڙو ماڻھو ٻڪ ۾ پاڻي ٿو پيئي ته پاڻ آبخورو اڇلائي ڇڏيائون ۽ ٻئي دفعي ڏٺائون ته ھڪڙو ماڻھو آڱرين سان وارن ۾ ڦڻي ٿو ڏئي ته ڦڻي اڇلائي ڇڏيائون.
حضور ڪريم صلي الله عليه وسلم جي پيرن ۾ دنيا جي خزانن جون ڪنجيون رکيون ويون پر پاڻ سڳورن دعا گھري ته ”اي الله! مونکي ھڪ ويلو پيٽ ڀري ماني کاراءِ ۽ ٻيو ويلو بکيو رک.“
ھمه اوست جو آواز غارِ حرا مان اٿيل آواز جو پڙاڏو آھي جنھن انسانن جي وچ جا سڀئي ويڇا ريٽي ۽ ميٽي ڇڏيا آھن. ھمه اوست..... ھمه اوست..... ھمه اوست. ھن کي پَن پَن مان اھي پڙلاءَ ٻڌڻ ۾ آيا. ھو ٿَڪ ۾ چور، واھيءَ جي ڪپ تي اچي ويٺو. واھيءَ مان ٻڪ ڀري پاڻي پيتائين. ھن کي اھا نينگر ياد پئي جنھن ھن کي کوھ تي پاڻي پياريو ھو.س ھن کي نوريءَ جي مرڪ جا رابيل ياد پيا ھن کي گيتا جي قرب جي چانڊاڻ ياد پئي. ھن کي سنڌو ياد پئي جنھن ھر ڪنھن ۾ پنھنجي پرينءَ کي ڏٺو ھو. پرھ جي پکيئڙي جي لات ھن جي ڪن تي پئي. آذان جا ٻول فضا ۾ گونجيا. الله اڪبر، الله اڪبر! ٻانگ جو آواز آسمان سان ٽڪرايو، ستارا ٿڙڪڻ لڳا ۽ ھن جي اندر ۾ الله جي عظمت گونجڻ لڳي اھڙي عظمت جيڪا نسورو نينھن ھئي، جنھن نينھن سان ھن جو وجود ٽمٽار ٿي ويو ۽ ھن ساري سنڌ ۽ سنڌ جي بکين ڏکين کي پنھنجو پاڻ ۾ جذب ڪيو.
ھمه اوست .... ھن آھستي چيو.
ھو الائجي گھڻي دير تائين واھيءَ جي ڪپ تي وڻ کي ٽيڪ ڏيئي، اکيون ٻوٽي ويٺو رھيو. ھن اکيون کوليون صبح جو سوجھرو ھر طرف پکڙجي ويو ھو ۽ سائن سائن ٻنين جي ھن پار جھوڪ جا منگھ ڪر کڻي ھن جي انتظار ۾ بيٺا ھئا.
..................................
حصو يارهون
سارنگ جڏھين جھوڪ ۾ داخل ٿيو ته ھن کي عجيب سڪون محسوس ٿيو. چوڌاري غريباڻا ڪچا گھر، نه محل نه ماڙيون. الله جو گھر به ماڻھن جي گھرن جھڙو ڪچو، سادو ۽ نماڻو ھو. نه سنگ مرمر نه ڪاشي، ڪچي سرن ۽ گاري سان ٺھيل مسيت. ڪنھن گھر ۾ چرخو ٿي چُريو ته ڪنھن گھر مان ڌنوڻ جي ڌون ڌون ۽ مترڪن ۽ آڏاڻن جا آواز ٿي آيا. گھٽين ۾ گھمندڙ ماڻھن جي منھن تي عجيب سک ۽ شانت ھئي. سارنگ کي لڳو ڄڻ ساري سنڌ ڏک جو ڇلندڙ ساگر ھئي ۽ ان ساگر ۾ جھوڪ سُک جو ٻيٽ ھو. ڇا ڏک جي ھيڏي وڏي ساگر ۾ سُک جو ھي ننڍڙو ٻيٽ قائم رھي سگھندو.
مسيت سان گڏ خانقاھ ھئي جتي شاھ عنايت صوفيءَ نماز کان پوءِ درس ٿي ڏنو. ھو به خانقاھ ۾ گھڙيو. پڙڇن تي ماڻھو ويٺا ھئا ۽ انھن ۾ صوفي سائينءَ جو آواز ٿي آيو.
وجود ڇا آھي ۽ وحدة الوجود ڇا آھي؟
ڪابه شيءِ نيستيءَ مان ھستيءَ ۾ ۽ نانھن مان وجود ۾ اچي نٿي سگھي. وجود جو سبب وجود آھي ۽ اھو واجب الوجود آھي. واجب الوجود اھو آھي جيڪو پنھنجي ھجڻ لاءِ ڪنھنجو محتاج نه آھي ۽ ممڪن الوجود اھو آھي جيڪو پنھنجي ھجڻ لاءِ ڪنھن ٻئي وجود جو محتاج آھي. واجب الوجود، ممڪن الوجود جو ڪارڻ آھي. ڪارڻ نتيجي ۾ سمايل ھوندو آھي ۽ واجب الوجود ممڪن الوجود ۾ سمايل آھي.
منصور چئي ٿو ته ڪائنات جي تخليق کان اڳ خدا پنھنجي شان، جلال، حمد ۽ توصيف م ٻڏل ھو. اھا توصيف عشق آھي. پنھنجي وحدانيت جي حالت ۾ ھن جي دل ۾ عشق پيدا ٿيو ۽ ھن پنھنجي ذات جي اظھار ۾ خوشي محسوس ڪئي ۽ آدم پيدا ٿيو. لاھوتَ (خدا جي خدائي) ناسوتَ (آدم) ۾ حلول ڪيو. ان حلول کي ھن ھُوَ ھُوَ سڏيو. انسان ڪامل ھُوَ ھُوَ آھي ۽ اھو رسولِ عربي آھي.
ابن عربيءَ چيو ته ڪابه شيءِ عدم، نيستي ۽ نانھن مان وجود ۾ اچي نٿي سگھي انڪري ھي عالم ازل کان موجود آھي. ھن عالم جون سڀ موجود شيون ڪنھن نه ڪنھن ڳالھ ۾ ھڪ ٻئي کان مختلف آھن. انھن ۾ رڳي ھڪ ڳالھ جي ھڪ جھڙائي آھي ۽ اھا ھڪ جھڙائي وجود جي آھي. انڪري اسان کي وجود جي وحدة کي مڃڻو پوندو.
قديم اھو آھي جيڪو ازل کان موجود آھي ۽ حادث اھو آھي جيڪو پيدا ڪيو ويو آھي. قديم حادث جو سبب ٿي نٿو سگھي انڪري حادث جو وجود حقيقي نه آھي. حقيقي وجود رڳو ھڪ آھي جيڪو قديم آھي. اھو حقيقي وجود خدا آھي جيڪو عالم جي ھر شيءِ ۾ موجود آھي.
قرآن ۾ آيل آھي ته جڏھين خدا ”ڪن“ چيو ته ٿيءُ ڪائنات ٿي پئي (فيڪون) ابن عربي پڇي ٿو ته خدا ڪنھن کي چيو ته ٿي پئه. خدا جو مخاطب ڪير ھو. ڇا خدا مادي کي حڪم ڏنو ته ٿي پئه. ڇا مادو ان وقت موجود ھو. جي مادي کي موجود مڃبو ته پوءِ مادي کي به قديم مڃڻو پوندو ۽ خدا جي ذات کانسواءِ ڪنھن به شيءِ کي قديم مڃڻ شرڪ آھي. ابن عربي چوي ٿو ته خدا پنھنجي صفتن کي حڪم ڏنو ته ٿي وڃ ۽ سندس صفتون ڪائنات جي شڪل اختيار ڪري ويون. انڪري ڪائنات ذات کان جدا نه آھي. خدا جون صفتون خدا جي ذات کان جدا نه آھن، ڪائنات صفتن مان ٺھي، انڪري ڪائنات ذاتِِ خداوندي کان جدا نه آھي.
سالڪ کي جڏھين ذات ۽ ڪائنات جو عرفان ٿيندو آھي تڏھين ھن جي وات مان ڪي اھڙا جملا به نڪري ويندا آھن جن کي اھلِ ظاھر شطحيات يعني خلافِ شريعت چوندا آھن.
حضرت علي رضه خطبو ڏيندي فرمايو:
مان ئي اسم الله جي طرفان لفظ آھيان
مان ئي الله جو جنب آھيان جنھن ۾ اوھان گھٽ ۽ وڌ ڪئي آھي
مان ئي قلم آھيان مان ئي لوح آھيان
مان ئي ست آسمان آھيان
مان ئي ست زمينون آھيان
امام زين العابدين فرمايو:
اي منھنجا رب! جيڪڏھين مان علم جا جوھر ظاھر ڪيان ته مونکي چيو ويندو ته تون انھن مان آھين جيڪي بُتن کي پوڄيندا آھن.
امام جعفر رضه کان ڪنھن پڇيو ته اوھين متڪبر ڇو آھيو؟ پاڻ فرمايائون ته منھنجو تڪبر ۽ پندار ھليو ويو ۽ حق تعاليٰ جو تڪبر اچي ويو.
شيخ معروف عرضيءَ چيو:
وجود ۾ الله کان سواءِ ٻيو ڪو ڪونھيئ
شيخ بايزيد بسطاميءَ چيو:
سبحاني ما اعظم شاني. مان سبحان آھيان منھنجو شان اعليٰ آھي.
سھيل بن عبدالله شتري چيو:
زبان سان ذڪر ڪرڻ بڪواس آھي. دل ۾ ذڪر ڪرڻ وسوسو آھي. صوفي اھو آھي جنھن جو قتل حلال ۽ مال مباح آھي.
حسين بن منصور چيو:
عارف تيستائين مومن نٿو ٿئي جيستائين ھو ڪافر نه ٿي وڃي. ڪنھن پڇيس ته ڇا تون پيغمبريءَ جي دعويٰ ٿو ڪرين. وراڻيائينس:- افسوس تو منھنجو شان گھٽائي ڇڏيو، مان ته خدائيءَ جي دعويٰ ٿو ڪريان.
احمد غزاليءَ چيو:
رسول ٿيڻ اسان جي سنت آھي ۽ خدا ٿيڻ اسان جو فرض آھي.
حضرت محبوب سبحاني شيخ عبدالقادر جيلانيءَ فرمايو:
جنھن خدا جي وصال کان پوءِ عبادت ڪئي تنھن تحقيق خدا سان شرڪ ڪيو.
شاھ عالم کان ڪنھن پڇيو:
”اوھان جو نالو ڇا آھي؟“
چيائين ”محمد“
”اوھان جو حال ڇا آھي؟“
چيائين ”الله الصمد“
”اوھان جي صفت ڇا آھي؟“
چيائين ”لم يلد ولم يولد“
”اوھان جو قدر ڇا آھي؟“
”لم يڪن لہ ڪفوا احد“
ڪائنات جي ھر شيءِ واجب الوجود يا حسنِ ازل ڏانھن حرڪت ٿي ڪري. انھيءَ عشق سان ئي ڪائنات جو تناسب قائم آھي. عشق ئي ھن ڪائنات جي تخليق ۽ اسان جي روحاني تڪميل جو سبب آھي. حواسن کان سواءِ به عشق جي ھڪ ڪيفيت آھي ۽ جڏھين ان ڪيفيت ۾ تون ۽ مان جا ويڇا ختم ٿي ويندا آھن تڏھين سالڪ جي واتان اھڙا اکر نڪرندا آھن جن کي اھل ظاھر شطحيات چوندا آھن.
سارنگ ڪنڌ جھڪائي صوفي سائينءَ جو درس ٻڌندو رھيو ۽ پوءِ جڏھين خانقاه مان نڪتو ته ھن کي ساري ڪائنات بدليل نظر آئي. ھر طرف کان ھمه اوست جون صدائون ٿي آيون. ھر دل ڪعبة الله ھئي ۽ ھر انسان کي ربوبيت جو رتبو حاصل ھو.
سارنگ پنھنجي خيالن ۾ ھو ته ڪنھن ھن جي ڪلھي تي ھٿ رکيو. ھن ڪنڌ ڦيري ڏٺو. ھن جي سامھون ھڪڙو نوجوان بيٺو ھو. ڪاري ڏاڙھي، وڏا وار، گيڙو ڪپڙا، چپن تي مرُڪ.
”مونکي سڃاتئه؟“
”نه“
”منھنجو نالو ماڻڪ آھي. مان اھو جوڳي آھيان جيڪو ھڪ رات توسان ڦِٽل مڙھيءَ ۾ مليو ھو ۽ جنھن اڳڪٿي ڪئي ھئي ته پاڻ جھوڪ ۾ ملنداسين. اڄ مان تنھنجو ھتي آڌرڀاءُ ٿو ڪيان.“
ماڻڪ سارنگ کي پنھنجي جھڳيءَ ۾ وٺي آيو. ھن کي پڙڇ تي ويھاري، ٺڪر جي ڪُنيءَ ۾ ساڳ ۽ چانورن جي ماني پچائي آڻي ھن جي اڳيان رکيائين. ٻئي ماني کائي رھاڻ ڪرڻ لڳا.
ھاڻي صبح جي نماز کانپوءِ خانقاه ۾ صوفي سائينءَ جو درس ٻڌي ھو ٻنيءَ ۾ ڪم ڪار ڪرڻ ويندا ھئا. ٻنھي رڳو قلم ھلايو ھو. سارنگ تلوار به ھلائي ھئي پر ھاڻي کيس خبر پئي ته ھر ھلائڻ ٻنھي ڪمن کان ڏکيو ھو. ڪوڏر ته چيلھ ٿي ورتي. ٻئي پرائي پورھئي تي پليا ھئا ۽ ھاڻي پاڻ پورھيو ڪيائون ته کين خبر پئي ته پورھيو به عبادت آھي. ٻئي ٿورڙو ڪم ڪرڻ سان ٿڪجي پوندا ھئا. پر ان ٿَڪ ۾ به عجيب مزو ھو. زندگيءَ جا سمورا سُور وسري ويندا ھُين. آھستي آھستي کين ڪم ڪرڻ جي عادت پوندي وئي. ھرڦار ھلائڻ به سکي ويا. اڻ سڌي زمين سڌي ٿي. اڃايل مٽيءَ پاڻي پيتو ۽ ساوا ساوا سَلا اُسريا ته ٻنھي جا ھانوَ ٽڙي پيا. اھو سندن پگھر جو پورھيو ھو.
شاھ عنايت ڏکويل، ايذائيل ۽ ڏاڍ جي ماريل سنڌ جو مسيحا ھو. ظلم کان ڀڄي، گھرگھاٽ ساڙي، برن ۾ ڀٽڪندڙ سنڌين جا راڄ، پنھنجي مسيحا جي سڏ تي، قافلن ۾ جھوڪ اچڻ لڳا. اُٺن، گھوڙن، گڏھن، بيل گاڏين تي ۽ پنڌ، جبل جھاڳيندا، جھوڪ ٿي پھتا. سڀني گڏجي سندن سامان ٿي لاٿو. رات جو لنگر ۾ رھائي صبح جو مَنھ ٺاھي ٿي ڏنائون ۽ پوءِ سڀني کي سندن وِتَ آھر ٻني ٿي ملي. ھاري ناري، واڍا، لوھر، ڪوري، موچي سڀ اچي گڏ ٿيا. ھنڌ ھنڌ ھوڪارا ۽ تڙ تڙ تي تنوار ھئي ته جھوڪ ھلو.
ھڪڙي ڏينھن جبل تان نومڙين جو قافلو لٿو. مڙسن جا ڏونگرن جھڙا ڏيل، ڀنڀيون ڏاڙھيون، وٽيل شھپر، اکين ۾ اھڙي حشمت جو گھوري نھارين ته ڪنبڻي وٺي وڃي پر جي سِڪ سان ڏسن ته اندر ۾ قربن جا ڪوٽ اڏجي وڃن. جبل جيڏي آن، ارڏا ۽ اڻموٽ. پر مٺڙو ڳالھائجين ته مکڻ وانگر پگھري پون. ماکيءَ کان به مٺا، ٻاھران کھرا ۽ اڻ گھڙيل پر اندران نسورا پَٽُ. سندن زالن کي ڏسي جابلو پٽن جون چانڊوڪيون ٿي ياد پيون. سندن جوڀن ڄڻ چانڊوڪيءَ ۾ جھلندڙ ٻاجھريءَ جون ٻنيون ۽ سندن سَتُ ۽ عصمت ڄڻ چانڊاڻ ۾ جبل جون اڀيون چوٽيون جيڪي پنھنجيون محافظ پاڻ ھيون.
سڀئي گڏجي نون آيل مھمانن جو سامان لاھڻ لڳا. سارنگ ۽ ماڻڪ به ھڪڙي بيل گاڏيءَ جي ڀر ۾ اچي بيٺا. بيل گاڏيءَ تي رکيل سامان جي مٿان زالون ويٺيون ھيون. زالون لٿيون. آخر ۾ ھڪڙي جواڻ جماڻ ڇوڪري ٽپ ڏيئي لٿي. ھن جي بت ۽ منھن تان چني ترڪي وئي. پازيبن ۽ ڪنگڻن جو ڇمڪو ٿيو. پنڙا لڏيا ۽ ڇوڪريءَ ڇرڪي سارنگ ڏانھن نھاريو. سارنگ جون اکيون سندس اکين ۾ کپي ويون. دل جي لام تي پره پکيئڙو لات لنوڻ لڳو. پکين جا ولر اڏاڻا ۽ ڪونجون ڪرڪڻ لڳيون. عنايتيءَ جو آواز آيو. سر لوھيڙا ڳڀيا...... اتر لڳا آءُ پرين...... آيل ڪريان ڪينئن، منھنجو نينھن اُپليو نه رھي.
سياري جي چوڏھينءَ جو چنڊ سھاڳڻ جي جوڀن جھڙو ٿي لڳو. چنڊ کي ڏسي سارنگ کي سنڌو ياد پئي. شاديءَ رات سنڌو به چنڊ جھڙي لڳندي ھوندي. وري ھن کي مھاڻيءَ جي موتئي جھڙي مُرڪ ۽ گيتا جو قرب ياد پيو. ھن کي اھا جابلو ڇوڪري ياد پئي جنھن کي ڏسي ھن جي دل جي لام تي پره پکيئڙي لات لنوڻ شروع ڪئي ھئي.
”سارنگ.....!“ ھن جي پٺيان آواز آيو. ھن ڪنڌ ڦيري ڏٺو. ماڻڪ ھن جي پٺيان بيٺو ھو.
”اندر ھل، ٻاھر سيءُ نه لڳي وڃيئي.“
ماڻڪ ھن کي منھ ۾ وٺي آيو ۽ باھ ۾ ڪاٺيون وجھي، مچ مچائي، بت کي کٿو ويڙھي، وھاڻي کي ٽيڪ ڏيئي سارنگ کان پڇيائين:
”ڇا واقعي تنھنجو ان جابلو ڇوڪريءَ سان موھ ٿي ويو آھي؟“
سارنگ ھن کي جواب نه ڏنو ۽ ماٺ ڪري باھ جي مچ ڏانھن ڏسندو رھيو.
”ماڻھو ڪڏھين ڪڏھين پنھنجي جذبن کان دوکو به کائيندو آھي. ڪي اکيون، ڪا صورت جيءَ ۾ جڙجي وينديون آھن. پر ماڻھو رڳو سھڻيون اکيون ۽ سھڻي صورت ته نه آھي. ماڻھو ننڍيون ننڍيون ڪميڻ پايون، ڪوتاھيون، اوڻائيون، اوڳڻ ۽ عيب به آھي. اکڙين يا صورت جي سونھن ماڻھوءَ جي شخصيت جو رڳو ھڪڙو رخ آھي. ھن جي شخصيت جا ٻيا به گھڻا رخ آھن. سھڻا ۽ بڇڙا، اُجرا ۽ ميرا، وڻندڙ ۽ اڻ وڻندڙ، بلند ۽ پست. پر محبت ڪرڻ وارو پرينءَ جي اکڙين ۽ صورت کي ئي ھن جو پورو وجود سمجھندو آھي پر جڏھين پرين پنھنجي وجود جي سموري خامين ۽ خوبين، چڱائين ۽ مندائين سان حاصل ٿيندو آھي ته محبت ڪرڻ وارو سندس مندائين کي قبول نه ڪندو آھي ۽ پوءِ پرينءَ جون انساني مندائيون، پرينءَ جي سونھن تي حاوي ٿي وينديون آھن ۽ پريت ختم ٿي ويندي آھي. دنيا جي ساري عظيم شاعري پرينءَ کي حاصل ڪرڻ جي تڙپ ۽ حاصل نه ڪري سگھڻ جي بي وسيءَ مان ڦٽي آھي. روح ۽ جسم جڏھين ڍاپجي ٿو تڏھين ڪجھ ڪونه ٿو رھي. عشق مجازيءَ کان عشق حقيقيءَ جو سفر به ان ڪري آھي ۽ عشق حقيقي اھڙي طرح حاصل نٿو ٿئي جو ماڻھوءَ جو روح ۽ جسم ٻئي ڍاپجي وڃن. ميران ٻائيءَ جي شاعري اڃايل آتما ۽ اڃايل جسم جي شاعري آھي. جيڪڏھين ميران کي ڪرشن جسماني روپ ۾ ملي ھا ته ميرا جو تصور ڪنھن ٻئي تصوراتي ڪرشن جي مورتي تراشي ان جي پوڄا ڪري ھا. جيڪڏھين واقعي توکي ھن سان موھ ٿي ويو آھي ۽ اھو موھ جذبن جو فريب نه آھي ته پوءِ مان سڀاڻي ئي نومڙين سان سڱ جي ڳالھ ڪندس.“
ٻئي ڏينھن ماڻڪ چار چڱا گڏ ڪري نومڙين سان سڱ جي ڳالھ ڪئي. ھنن کي ڪھڙي ناھڪار ٿي ٿي سگھي. ھتي ڪو ڪنھن کان مٿڀرو نه ھو. ڪو بدو، عيوضو نه ھو. ڪو ذات پات ۽ ننڍ وڏائيءَ جو ويڇو نه ھو. ھنن ھاڪار ڪئي ۽ سڀني وات مٺو ڪيو.
سارنگ جو ڪو مِٽ مائٽ نه ھو. ڪا ڀيڻ يا ڀاڄائي نه ھئي جيڪا شاديءَ جا سگن ساٺ ڪري. پر سارنگ ڏٺو ته ھتي سڀ ھن جا مائٽ ھئا. سڀ زالون ڀينر ڀاڄايون ھيون. سھاڳڻين ڳيچ ڳائي ھن کي ميندي لاتي. سُجاتيءَ جي سڳي، لوھ جي ٽن ڇلڙن ۽ سُرھي موڙيءَ وارو ڳاڙھو ڳانو ھن جي ڪرائيءَ ۾ ٻڌو. سرھي تيل ۽ ماکيءَ ۾ آڱريون ٻوڙي، سندس مٿي سان ڇھي، کيس منجيءَ تي ويھاري، ساٺ ڳيا ڳاتائون. دوستن ھنکي ڏک ويھاريو. ڪيسريي ۽ ڀرٿ ڀريل بوڇڻي جي ٻٽ ڪرائي کيس موڙ ٻڌائون.
ڄڃ رواني ٿي. ڍڳي گاڏيون، اُٺ، گھُوڙا. ڍڳن کي موڙ، سِڱن ۾ مھرا ۽ ڳچين ۾ چنگ. مھري اٺن کي جھلون ۽ جھاٻا، گوڏن ۾ ڇيريون ۽ گھنگھرا، گھوڙا پنج سنجيءَ سان سينگاريل. سارنگ گھوٽ ٿي ماڻڪ سان گڏ مھري اٺ تي ويٺو. ڪنواريتن ۾ چئن سھاڳڻين گھوٽ مٿان چادر جھلي ۽ ٻيون سھاڳڻيون ڳيچ ڳائينديون گھوٽ کي ڳوٺ کان ٻاھر ڀرو وٺي ويون. گھوٽ ڪنڊي وڍي ۽ وڍيل ڪنڊي ڪنواريتن جي در تي آڻي کوڙيائون..... آڌيءَ رات جو نڪاح پيو. زالون ڳيچ ڳائينديون، گھوٽ جا ڪپڙا، تيل ۽ ميٽ ڇني ۾ ڏيئي ويون. گھوٽ وھنجي سھنجي ڪپڙا پائي، ڪلھن تي اجرڪ ۽ مٿي تي پَڳ پاتي. ماڻڪ ھن کي ڇڪي سيني سان لاتو ۽ ٻنھي جون اکيون آليون ٿي ويون.
گھوٽ کي ڪنوار جي در تي، منجيءَ تي ويھاريائون ۽ سندس ٻُٽ لاھي وڃي ڪنوار جي مٿان وڌائون. گھوٽ چانئٺ ٽپيو ته ھڪڙي سھاڳڻ پنھنجي چنيءَ جي ڇانوَ ھن جي مٿان ڪئي. ڏانوڻ ڏائڻ ۽ ٻيا ٻرٻ پورا ڪري گھوٽ ڪنواز لائون لڌيون ۽ پوءِ کين منھ ۾ نويڪلو ڇڏي آيا.
ٻاھر ٿر مان چارڻ فقير آيا ھئا تن ڄاڃين جي وندر لاءِ ڍولا ماروءَ جي ڳالھ کنئين. اندر گھوٽ ۽ ڪنوار سھاڳ ٿي ماڻيون ۽ ٻاھر چارڻن جو آواز ٿي اُڀريو:
اڄ به ساڳيو ڏيک ھو لکين لکنؤ کان لڙيا ھئا. ساڳيا ايران ۽ توران جا کٿا کڙيا ھئا. پوربي ۽ پڇمي امرائن جو ڪو انت نه ھو. ڪڪا، ڪارا ۽ ڪابلي، ڪڏندا آيا ھئا ۽ نو لک ڏھ ڇلين جھوڪ کي وڪوڙيو ھو. اڄ الادين جي بدران ٺٽي جو نواب اعظم خان آيو ھو، آلا ڪاٺ ٿي ٻريا ۽ دودي جي بدران ”جنھن تنھن وائي وات ۾ پيا صوفي صوفي ڪن“ خدا آباد مان ڪلھوڙي حاڪم جو ڀاءُ ۽ سندس سپھ سالار مير شھداد خان ٽالپور ۽ سنڌين ۽ ٻروچن جو لشڪر وٺي آيا ھئا. بلڙيءَ جا سيد ۽ پليجا به پنھنجا راڄ وٺي پڄي ويا ھئا. جيستائين نگاھ ٿي وئي رڳا فوجي سپاھين جا مٿا ھئا. پر ماڻھن ۾ ڪو ڊپ ڊاءُ نه ھو. سندن منھن تي ساڳيو سُک سانت ھو. ساڳيا جنڊ پيھڻ، چرخي ڪَتڻ، ڏڌ جي چاڏين جي ولوڙڻ جا آواز گيت بڻجي ٿي گونجيا. ڌنوڻن جي ڌون ڌون ۽ آڏاڻن جي ٺڪ ٺڪ! صوفي سائينءَ جا ساڳيا درس. لفظ لفظ ڄڻ ڏيئو جنھن اونداھي اندر کي روشن ڪري ٿي ڇڏيو.
سارنگ ماڻھن ۾ ايڏي سک ۽ سانت کي ڏسي سوچيو ته جيڪڏھين ماڻھوءَ جي آڏو ڪو اعليٰ مقصد آھي ته پوءِ جيئڻ ڪيڏو با معنيٰ ۽ موت ڪيڏو نه بي معنيٰ ٿيو وڃي. ھن کي مخدوم بلاول ياد پيو جيڪو ھن دردوندي ديس لاءِ گھاڻي ۾ پيڙجي ويو. گھاڻي ۾ پيڙجڻ جو ايذاءُ ان ماڻھوءَ کان سواءِ جيڪو ان ايذاءَ مان لنگھي ٿو، ٻيو ڪوبه محسوس ڪري نٿو سگھي. جيڪڏھين جيئڻ با معنيٰ ھجي ته پوءِ موت ۽ موت جو ايذاءُ بي معنيٰ ٿيو وڃي. ھن تصور ۾ مخدوم بلاول جي منھن تي سُک ڀري سانت ڏٺي، اھڙي سانت ھن ھتي صوفي سائين ۽ جھوڪ جي ھڪ ھڪ ماڻھوءَ جي منھن تي ڏٺي. ھن کي منصور ياد پيو جيڪو سوليءَ کي ڏسي ٽھڪ ڏيڻ لڳو ھو جڏھين ھن جا ھٿ وڍيائون ته پنھنجي روٺن ٻانھن مان وھندڙ رت پنھنجي منھن تي مَلڻ لڳو. ماڻھن پڇيس ته ائين ڇو ٿو ڪرين. چيائين ته رت وھڻ سان منھنجو منھن ھيڊو ٿي ويو ھوندو ۽ ماڻھو سمجھندا ته شايد موت جي ڊپ کان مان ھيڊو ٿي ويو آھيان.
مون کي قتل ڪيو ته جيئن اوھان کي انعام ۽ مونکي سڪون ملي
اوھين خدا جي راھ ۾ مجاھد ھوندؤ ۽ مان شھيد ھوندس.
موت ڇا آھي. موت جو ايذاءُ ڇا آھي. ڇا ماڻھو موت ۽ موت جي ايذاءَ کان به مٿاھون ٿي ٿو وڃي. ھن کي سيدزادي صوفيءَ جو بيت ياد پيو جيڪو ھڪ رات ماڻڪ ھن کي ٻڌايو ھو: