جن پنهنجون حياتيون مٽي ۽ ماڻهن جي لاءِ
ارپي وطن پرستيءَ جي جذبي کي نئون رنگ ڏنو.
پبلشر نوٽ:
سنيهو پبلشرس پنهنجي سفر جي شروعات شاعريءَ جي ڪتاب سان ڪري رهيو آهي. جيتوڻيڪ اهو تاثر عام آهي ته شاعري واري ڪتاب جو وڪرو ڏاڍو سُست هوندو آهي پر اسين اها سوچ سامهون رکي آهي ته هر سُٺي شئي پنهنجي جاءِ پاڻهي ٺاهيندي آهي. مشتاق ڦل سنڌ جو اهڙو شاعر آهي جنهن وٽ ڏات به آهي ته ڏانءُ به، هو سادن لفظن ۾ وڏي ڳالهه ڪرڻ جو هُنر ڄاڻي ٿو. هر اهل دل سندس شاعري ۽ خيال کي پنهنجي ترجماني محسوس ڪندو. مشتاق ڦل جي پهرئين ڪتاب ”هوءَ، مان ۽ ڄامشورو“ تمام گهڻي مقبوليت ماڻي هئي. سندس هي ٻيو ڪتاب ”دل ته چوي ٿي...“ به يقينن شاعري پڙهندڙن ۽ محبت ڪندڙن کي مايوس نه ڪندو.
سُٺو خيال خوبصورت گل جيان هوندو آهي جيڪو دل جي ڌرتيءَ مان ڦٽي نڪري ٿو ۽ پنهنجي خوشبوءِ سان سموري ماحول کي مهڪائي ڇڏي ٿو. اسان جي هن خوبصورت شاعر جا خيال به پيار جي خوشبوءِ ڦهلائڻ سان گڏوگڏ اُميد ۽ اُتساهه ۾ يقين ڏيارن ٿا.
سنيهو پبلشرس پيار جو پهريون تحفو اوهان تائين پهچائي اها اُميد ڪري ٿو ته اسان جي تحفي کي نه رڳو دل سان قبول ڪريو پر پنهنجي راءِ توڙي رهنمائيءَ سان به نوازيو.
مرتضيٰ سيال
سنيهو پبلشرس, ڄامشورو
03332606436
شاعر پاران
جديد سنڌي شاعري آسمان ۾ جرڪندڙ ستارن جيان خوبصورت ۽ سهڻن شاعرن سان ڀري پئي آهي، مون کي ته اها به خبرناهي ته ان ڊگهي قطار ۾، مون جهڙي شاعر جو ڪو ذڪر ٿيندو به الائي نه!
خير پاڻ فقير ماڻهو، ان چڪر ۾ پئون به ڇو؟ پاڻ ته هونءَ به ننڍڙا ۽ سيکڙاٽ شاعر ئي رهڻ چاهيون ٿا جن کي سدائين ڪانه ڪا آرزو هجي، پاڻ ته جستجو ۽ جدوجهد جي رستي تي هلندڙ اهڙا مسافر ٿيڻ چاهيون ٿا جن جي لفظ لفظ مان اميد جا گل ٽڙن ۽ تمنائن جا ڏيئا ٻرندا رهن. پر ڇا ڪجي، ڪٿي ڪٿي ڪائنات جا رنگ ڏسي هرڪي به پئون ٿا ته ڪٿي وري ڪائناتي رنگن مٿان ٿيندڙ انيائن تي ڇرڪي به پئون ٿا!
پاڻ بنا ڪنهن پرواهه ڪرڻ جي دل جي ڳالهه دل ۾ رکڻ بجاءِ شاعريءَ جي روپ ۾ پنن تي اوتي ورتي آهي پوءِ کڻي اها پنهنجي ڳالهه هجي يا ماڻهن جي ڳالهه! پر ڳالهه ته وري به درد جي آهي نه! ماڻهن جو درد منهنجو درد ۽ منهنجو درد ماڻهن جو درد آهي، ڇو ته پاڻ سڀئي مٽيءَ جا ماڻهو آهيون، مٽي به اهڙي جنهن جي هزار ها سالن جي تاريخ هجي، جنهن شادابيون ڏٺيون هجن ته سو ڪهڙا به، جنهن تي عاشقيءَ ۽ امن جي گيتن جي گونجار به ٿي هجي ته راتاها به لڳا هجن.
مون کي اها به خبر ناهي ته منهنجي شاعريءَ ۾ ڪو اهڙو پيغام به آهي جيڪو مون ڏيڻ چاهيو هجي، ٿي سگهي ٿو ته دل جي ڳالهه مان چئي نه سگهيو هجان پر هڪ آرزو هڪ اميد، هڪ تمنا منهنجي من کي تڙپائيندي ۽ تنگ ڪندي رهي آهي، اها منهنجي ذاتي درد جي آتم ڪٿا به ٿي سگهي ٿي ته مٽي ۽ مٽيءَ جي ماڻهن جي حالت و زار جو ماتم به!!
بس دل ته چوي ٿي ڪا اهڙي تبديلي اچي جنهن جا اثر اسان ۽ اسان کان پوءِ واري نسل تي اهڙا ته پون جو پيار، امن، ڀائيچاري ۽ رواداري جون ڪي نيون ۽ سهڻيون روايتون قائم ٿين، بهرحال هي ته هڪڙو خواب آهي جيڪو هر پيار ڪندڙ معصوم ۽ نفيس ماڻهوءَ جي دل ۾ بانبڙا ڏيندو ٿو وتي، مون به جيڪو ڪجهه لکيو آهي ان ۾ اهڙي ئي هڪ آس آهي.
مان سنيهو پبلشرز ڄامشورو جي سموري سٿ خصوصاً پنهنجي دوست ۽ محسن مرتضيٰ سيال جو ٿورائتو آهيان جنهن منهنجي شاعريءَ جي پهرئين ڪتاب ”هُؤ مان ۽ ڄامشورو“ کان پوءِ مون کي ٻيهر اُتساهيو ته مان کيس پنهنجي شاعريءَ جي هن ڪتاب ”دل ته چوي ٿي“ جو مواد ڏيان ته جيئن هو پنهنجي پبليڪيشن جي پهرين سوکڙي منهنجي ڪتاب جي صورت ۾ سنگت تائين پهچائي.
دل لڳيءَ کي مذاق سمجهن ٿا
دوستيءَ کي مذاق سمجهن ٿا
هُو نه ملندو ته جي نه سگهنداسين
خودڪشيءَ کي مذاق سمجهن ٿا
ڪنهن نه سمجهيو ته عشق ڇا آهي
عاشقيءَ کي مذاق سمجهن ٿا
سڀني شاعر ڏي آڱريون پي کنيون
شاعريءَ کي مذاق سمجهن ٿا
مڙس ڪنهنجو سهاڳ رات ڪُٺو
زندگيءَ کي مذاق سمجهن ٿا
ڪوڙي غيرت اڳيان، هو عورت جي
هر خوشيءَ کي مذاق سمجهن ٿا
دل کي ٽوڙڻ خراب ڪيڏو آ
دل ٽُٽيءَ کي مذاق سمجهن ٿا
ڳالهه ننڍڙيءَ تي خون هيڏا ٿيا
دشمنيءَ کي مذاق سمجهن ٿا
ماڻهو مشتاق جي اڃا تائين
سادگيءَ کي مذاق سمجهن ٿا.
نظم
---
ٻُڌو آ ته
چون ٿا ته ستارن جي جهول
۽ گُلن جي ٽوڪري ڀَري
صبح کان هُوءَ گهران نڪري وئي آ
ٻُڌو آ ته
ڄاڱري ٻيرن جا وڻ ۽
ٻٻرن جو ڪو ڇو وڪڻي
ستارن جي جهول ۽
گلن جي ٽوڪريءَ سميت
هن جي مجبورين کي
ڪنهن اڻوڻندڙ شخص
ٻنپهرن لاءِ خريد ڪري
پاڻ کي پيار جي راند ۾
چيمپئن قرار ڏياري ورتو آهي
چون ٿا ته
ان سؤدي جو ٻُڌي
شاعر جا لفظ
غم جو ڪارو ويس پائي
پنهنجو پاڻ کي وڪڻڻ لاءِ
بازار مان مايوس ٿي موٽيا آهن!!
ٻُڌو آ ته
اهوئي شاعر
ڇڻيل پنن تي
پنهنجن اکين جا ڳوڙها اوتي
دل جي باغ کي
سرسبز ڪرڻ جي جستجوءِ ۾
اڃا به لڳو پيو آهي
ته من سندس ڏات
وڪامجڻ کان بچي پوي
اچ ويهه منهنجي ڀرسان
منهنجي هٿن جي ڇُهاءَ تي
ڇرڪي پَئينءَ، ڇا تون؟
اقرارُ هي ڪرين ٿي
تنهنجي ذهن، دل ۽ ننڍڙي دماغ ۾
ڪي پيار واريون ڳالهيون
ڪنهن خوبصورت خيال جيان
اوتجي نه ويون هن؟
سچ ٻُڌاءِ سجني
منهنجي هٿن جي ڇُهاءَ سان
ڀوري، ناسي بدن ۾
ڪا برقي لهر ڊوڙي؟!
ڪا چڻنگ، آڳ، ٽانڊا
ڪاوڙ، غصو، ڪراهت!
يا پيار جو تصور؟
سچ ٻُڌاءِ سجني
محسوس ڇا ڪيو هُئي؟
تون ٿورڙي گهڙيءَ لئه
پنهنجون اکيون ته بند ڪر
۽ ڏس ته ڪنهنجون آڱريون
ڪيئن ساز کي ٿيون ڇيڙن؟
مکڙي جا بند پئي آ
ڪيئن ان کي اڄ ٿيون ٽيڙن؟
۽ پوءِ چپن جي گرمي
تنهنجي اکين ۾ اوتي
ڪو گيت نئون ٿو ڇيڙي
ها سونهن ٿو سهيڙي
او گلبدن او گُل پري
بند نيڻ ڪر ته مان
نيڻن ۾ رات ترسان
اچ ويهه منهنجي ڀرسان
اچ ويهه منهنجي ڀرسان
ماڻهوءَ کي ماڻهوءَ سان محبت ڪرڻ کپي
ماڻهوءَ کي ماڻهوءَ سان محبت ڪرڻ کپي
تون، مان، ڪمرو وچ تي ٽيبل
ديوارن تي ڪجهه تصويرون
Wall clock ۽ سهڻا پردا
ٽيبل تي ڪجھ وکريل ڪاغذ
ڪاريڊور ۾ ماڻهو، اچ وڃ
هر هر فون جي هلڪي گهنٽي
۽ ڪي Intercom تي نياپا
توکي مونکي Distrub ڪن پيا
پر...
پوءِ به اسان دنيا کان عاري
پنهنجي دنيا ۾ گُم آهيون!!
هلڪي نيري Dress بدن تي
نيل گگن جو ڏيک ڏئي ٿي
۽ تون سوچين ٿي ڄڻ تنهنجو
سالن کان مان واقف آهيان!!
تنهنجي منهنجي وچ ۾ ڳالهيون
ڳالهين جو موضوع به نرالو
ماڻهوءَ جي ماڻهوءَ سان محبت!!
ماڻهوءَ جي ماڻهوءَ سان نفرت
تنهن ڏينهن تنهنجن نيڻن ۾
مون اونهو گهرو سمنڊ ڏٺو هو
سمنڊ به اهڙو جنهن جون لهرون
لوڙهن ٻوڙن تن جي مرضي
ها پر، تو محفوظ ڪيو هو
منهنجو تصور پنهنجي دل ۾
۽ مون تنهنجو عڪس ڇڏيو هو
ذهن جي پردي پويان اوتي
پيار مڌرتا محبت وارو
عشق الستي الفت وارو
۽ ها آخرڪار بحث جو
توئي تَت ڪڍي ورتو هو
ماڻهوءَ کي ماڻهوءَ سان محبت ڪرڻ کپي
ها ماڻهوءَ کي ماڻهوءَ سان محبت ڪرڻ کپي
هي آواره، لوفر سپنا
دروازي کي بند ڪرين ٿي
مان ته کڻي موٽي به وڃان پر
هي آواره، لوفر سپنا
ڪاٿي مُڙندا، موٽي ايندا؟
سپنا جو ٿيا!!
سي به وري آواره، لوفر
رولو، ڳوٺاڻي ماڻهوءَ جا
لوڙها ٽپندا
ڪوٽ به ٽپندا
سيءُ به کين نه ساڙي سگهندو
ڪير به کين نه واڙي سگهندو
هي آواره، لوفر سپنا
جن کي پير، نڪوئي کُر آ
جن جو هڪڙو ئي مقصد آ
تنهنجي پيرانديءَ کان بيهي
تنهنجي سيوا چاهن ٿا
توکي ڏاڍو ڀانئن ٿا
سي آواره لوفر سپنا
مونکي ڏاڍو پيارا آهن
مان ته کڻي موٽي به وڃان ٿو
پر هي آواره ۽ لوفر
سپنا ايندا رهندا تو وٽ
سپنا جو ٿيا!!
سي به وري آواره، لوفر
رولو ڳوٺاڻي ماڻهوءَ جا
ڇا ٿي سوچين؟
مون گاڏي آفيس جي آڏو
روڪيندي محسوس ڪيو هو
دروازي تي بيٺل ماڻهو
ڊرائيور، چوڪيدار ۽ مالهي
مون کي ڏسندي ڇرڪي پيا هيا
۽ تون بالڪنيءَ مان بيهي
مون تي مُرڪي گل ڇٽيا ها
۽ مون پيار مان تنهنجي ڳل تي
هلڪي هلڪي ٿڦڪي هڻندي
توکان هڪڙو سوال پڇيو هو
خوش آهين؟ يا......!!
۽ ها تنهنجو Boss ڪٿي آ
ڇا ٿي سوچين؟
ڏسي وتئين ته
ڇا سوچيندو؟!
۽ تو ڌوڻي ڪنڌ چيو هو
منهنجي باري ۾ ڪو ماڻهو
ڇا ٿو سوچي؟ ان جي مرضي!!
منهنجو اُن سان ڪهڙو ناتو!!
ڏاڍو ٿڪجي پيو هوندين تون
ويهه ته گڏجي چانهه پيئون ٿا
سچ پچ مون کي حيراني ٿي!
ڊڄڻي هرڻي تنهنجي دل ۾
ايڏو پيار اهو به مون لئه!!
پکي
ڍنڍ تي لهندڙ پکي
ڍنڍ ۾ ترندڙ پکي
ڏس ڪنڊيءَ جي لام تي
شام جو لُڏندڙ پکي
۽ پرينءَ جي پارڏي
صبح جو اُڏندڙ پکي
ڪيترا، سهڻا سٻاجها ٿا لڳن!
ڪيترا ٿا پيار وارن کي وڻن!
او مسافر ٿورڙو سوچي ته ڏس:
پنهنجي دل تي هٿ رکي انصاف ڪر
پوءِ ڀلي بندوق کي تون صاف ڪر!!
پوءِ ڀلي بندوق کي تون صاف ڪر!!
ڪربلا ۽ سنڌ
رُڃ سختي سُڃ پياسو قافلو
۽ وري برسات تيرن جي مٿان
هِن انوکي درد کي ڪاڏي ڪجي؟
۽ ٻُڌايو هي ڪهاڻي پورجي آخر ڪٿي
جنهن سڄي ڪائنات کي جهوري وڌو
رات ڇا هي؟ ڏينهن ڀي ڪارو وڳو
پائي حُسيني غم ۾
هاءِ لُڙڪن کي نه روڪي آ سگهيو!!
آسماني بوند جا پڻ، ڏار رستي ۾ ڀَڄي پيا!!
ڪير چاهيندو ته، ننڍڙن ٻارڙن کي
کير ڇا؟ پاڻيءَ جو ڍُڪ ئي نه ملي!!
ڪربلا واري قصي تاريخ کي ٺاهي ڇڏيو
تاريخ ٿي پٿر هَڻي، پئَي شِمر جي ٻوٿ تي
درد جو شايد ته ساڳيو قافلو
اڄ به ماتم ٿو ڪري
سنڌ جي هر ڳوٺ ۽ روهڙي بازار ۾
۽ وري ”سَينگار“ جي آواز جي ساڳي جُنبش
پُل کي پئي ٿي لُڏائي!!
ڪلهه به پاڻي ڪونه هو، اڄ به پاڻي ڪونه آ
هن قصي کي هندو مومن، سنڌ جا ماڻهو سڀئي
هڪ ٿي سوچن پيا
ڪربلا ۽ سنڌ جو، آهي قصو شايد ڳنڊيل!!
(سنڌ جو سريلو راڳي، سينگار علي سليم)
هڪڙو سُندر خواب
شام وڻن جي آڳر ۾ نيرا نيرا خواب اُڻي ٿي
۽ هُو ڪيڏو ڏور، پري کان ڏُور
الائي ڪاٿئون ڪاٿئون؟!
ٿَڪ ڀڄڻ لئه سَڀ پکيئڙا موٽن ٿا
رات ٺرڻ کان پوءِ نه چُرپر ڏارن ۾
گُڙ گُڙ جا آواز، ٻچا ۽ آکيرا
وڻ جي سنهڙي لام جي بستر تي ليٽي
هڪڙو سُندر خواب ڏسن ٿا
ڪويل جو آواز، ڪبوتر جا ٻچڙا
ڳيري جي ڳٽڪار ۽ جهرڪين جي چُڻ چُڻ
ڪنهن به گُليلي، گوليءَ جو ڪِٿ کاڄ نه ٿيا
ننڍڙن ننڍڙ پڃرن جا سڀ سوڙها دَرَ
جئين کُلن ٿا
ڀَڙڪا ۽ آواز، اُڏارون تترن جون
گم ٿيل سنڌ جي قيدين سان گڏ
پنهنجي پنهنجي ماڳ پُڄن ٿيون
۽ پوءِ باک کڻي ٿي هٿڙا
ڪو به شڪاري، ڪوبه نه ماري شال رهي
ڪوبه نه جيئري ايڏا سارا سور سَهي
ڪوبه نه سنڌ جو سهڻو ماڻهو قيد ٿئي.
(سنڌ جي گمنام قيدين جي نانءُ)
زندگي
زندگي
سوچ پنهنجي سانوڻيءَ جي مينهن ۾ ڪُڏندي رهي
سوچ پنهنجي ساروڻين جي باغ ۾ لُڏندي رهي
هو نه آيو بي رُخي ۽ بي چسي دنيا لڳي
شام جي نيڻن ۾ ڄڻ ڪا آرزو ٻُڌندي رهي
زندگي جيڪا هُئي، رنگين شيشن جو محل
زندگي جيڪا هُئي رابيل، موتيو ۽ ڪنول
زندگي ڄڻ هُئي، ڦُليليءَ جي ڪپر تي ڇانورو
زندگي ڄڻ هُئي، پرينءَ جو رنگ سهڻو سانورو
هو نه آيو دل جي آڳر ۾ سوين ٿوهر ڦُٽا
ڪربلا، هيروشيما، بيروت ٿي وئي زندگي
پنهنجي ميرانجهين اکين ۾ عڪس ڪي آيا تري
ريل جي پٽڙي، سمنڊ جون لهرون، پسٽل، خودڪشي!!
پر وري هن جي چيل لفظن ڏنو هو حوصلو
“مشتاق” منهنجو ٿي قسم، مون کي نه ايڏو سارجان
زندگي آهي ڏکي پرپوءِ به خوش ٿي گهارجان
زندگي آهي سراسر سونهن جو هڪ مُجسمو
زندگي آهي برابر، پيار محبت، دوستي
پر اڃا ڀي زندگيءَ جا کوڙ پهلو هن ٻيا
زندگي آهي، امن ۽ آجپي جي راڳڻي
زندگي آهي دلين جي راضپي جي راڳڻي
جهور پوڙهي پيءُ جي خدمت ڪرڻ آ زندگي
۽ جُهريل ڪنهن جيءَ جي خدمت ڪرڻ آ زندگي
بيوسي، لاچارگيءَ ۾ ڪم اچڻ آ زندگي
ڪنهن دُکي دل جي مٿان مرهم رکڻ آ زندگي
معصوم جي ڪنهن مرڪ کي تحفظ ڏيڻ آ زندگي
ڪنهن به قومي ڪاز« لاءِ مُرڪي مرڻ آ زندگي
لفظ هن جا هي چيل ياد آيا جيئن ئي
سوچ پنهنجيءَ ۾ نئون ڪو ساهه ويو هو ڦوڪجي
سوچ پنهنجي ۾ نئون ويساهه ويو هو ڦوڪجي
سوچ ٻيهر سانوڻيءَ جي مينهن ۾ پسندي وتي
سوچ هر هر چاهه جي لامن مٿان لڏندي وتي
چوين ٿي ته توکي وساري ڇڏيان مان!!
چوين ٿي ته توکي وساري ڇڏيان مان!!
چوين ٿي ته توکي وساري ڇڏيان مان
چوين ٿي ته توکي وساري ڇڏيان مان
اوپياري اوپياري او دنيا کان پياري!!
چوين ٿي ته مان دل جي ويرانَ مندر ۾
نَڪِي گل پوکيان نه خوشبو ئي ڇڻڪيان
چوين ٿي ته بس شهر جي گوڙ وانگر
حياتيءَ جا ڏينهن باقي گهاري ڇڏيان مان!
ها جڏهن دوستيءَ جو نَڪو نانءُ رهندو
نه ئي پريت هوندي نه ئي پيار هوندو
نه اقرار هوندو، نه انڪار هوندو
تڏهن توکي شايد وساري ڇڏيان مان!!
چوين ٿي ته توکي نه پوڄيان نه پايان
نه تنهنجو سڏايان نه توکي ئي چاهيان
چوين ٿي ته پاليل پکي پيار وارا
اکين جي اڱڻ مان اُڏاري ڇڏيان مان!
ها! جڏهن چنڊ جي چاندني ڪير روڪي
۽ واءُ مينديءَ جي خوشبو نه آڻي
نڪي سج اُڀري نه تارا ئي ٽمڪن
تڏهن توکي شايد وساري ڇڏيان مان!!
چوين ٿي ته دل مان تڙي يادگيريون
جيون ڪٿائن کي تيلي ڏيان مان!!
چوين ٿي ته سالن کان سانڍيل سمورا
تنهنجا خط، ڦوٽو به ڦاري ڇڏيان مان!!
ها جڏهن نانءُ سنڌڙيءَ جو مٽجي وڃي ۽
ڀٽائيءَ جي وائي ڪو راڳي نه ڳائي!!
تڏهن سمجهه مشتاق ڀي ڪونه هوندو
تڏهن توکي شايد وساري ڇڏيان مان!!
(مرڪزي خيال نوجوان شاعر امجد دراني)
چنڊ جي چهري ۾ ڪنهن جي چاندني
چنڊ جيڪو ڍنڍ جي پاتال ۾ ليئو وجهي
مڌجهڙي ڇوڪريءَ تي مست ٿي
ٻيڙيءَ سان گڏ گڏ پي هليو!!
ٻيءَ ٻيڙيءَ ۾ وڏو ڪو ڊاڪٽر
ٿا چون ويٺو هيو، هُن پي ڏٺي
چنڊ جي چهري ۾، ڪنهن جي چاندني
اوچتو هن ڇيڳري ڇوريءَ کڻي پٿر هنيو
چنڊ جو چهرو اڌو اڌ ٿي پيو!!
مون ٻُڌو آ حادثاتي طور تي
هن ڪري ڪو آپريشن چنڊ جو
چنڊ جي چهري کي ڪجهه ٽاڪا هڻي
پنهنجي دل جي حادثاتي روم ۾
ڪيترائي ڏينهن داخل هو ڪيو!!
پر جڏهن مجبور ٿي موڪل ڏنائين چنڊ کي
چنڊ جي چهري ۾ هڪڙو داغ هو
ڊاڪٽر جو ساهه ڄڻ نڪري ويو!!
ڇوڪري جاڏهون جي هُئي تاڏي وئي
چنڊ جنهن ۾ هُن ڏٺو هو عڪس ڪو
تنهن به روئي ۽ ڀڄائي عڪس کي
تصوير کي ميٽي ڇڏيو!!
اڄ به ساڳيو ڊاڪٽر
چنڊ جي چهري ۾، ڳولي ٿو پيو تصوير کي
اڄ به ساڳيو ڊاڪٽر
چنڊ جي چهري ۾، ڳولي ٿو پيو تقدير کي!
سنڌ وطن جو خير هجي
بس پاڻ خماريل نيڻن جو
ٿا خير گُهرئون شال خير هجي
۽ پاڻ چَمن جو، خوشبوءِ جو
ٿا خير گُهرئون شل خير هُجي
ها شال ڪنوارن ٽهڪن جو
مُرڪن جي مُندن جو خير هجي
چوڙيون به سلامت هيل هجن
سينڌن جو، سَڳين جو خير هجي
بدغير جي ڪنهن تي نظر نه پئي
چانديءَ جي بدن جو خير هجي
رنگين فضا ۾ جهومي من
مينديءَ جي چِٽن جو خير هجي
تاڙين جي سدائين گونجن ۾
محبوب هٿن جو خير هجي
ڌرتيءَ جي گلابي گيتن ۽
معشوق چپن جو خير هجي
اي وقت توکي هي پارت آ
چاهت ۽ چمين جو خير هجي
چاهت ۽ چمين جا متوالا
توکي به اهائي پارت آ
جي وقت گهري قرباني توکان
چاهت ۽ چمين کي گهور ڪجان
مشتاق جي مَن جي منشا آ
دلبر جي دڳن جو خير هجي
هن سنڌ وطن جو خير هجي
هن سنڌ وطن جو خير هجي.
وساري نه سگهبا
ڪُنوارن گلابي چپن جو چميون ۽
وارن وڏن جي ٿڌي ڇانوَ گهاٽي
عُقابي اکين جي ٻنهين ماڻڪين ۾
ڪي محبت جا منظر نهايت نيارا
وساري ڇڏيئون پر وساري نه سگهبا!!
ڪينجهر جي لهرن سنديون دلفريبيون
۽ ساڙهيءَ کي هن جو ڪري سُڪ بيهڻ
مُرڪي هوا ۾ هُڳائون پکيڙڻ
غضب جون ادائون عجب جا اشارا
سي محبت جا منظر نهايت نيارا
وساري ڇڏيئون پر وساري نه سگهبا!!
کڻي جو ڏٺائون ته پاڻيءَ تي ترندڙ
پکي موهجي پيا پرين جي حُسن تي
هوائن ۾ ٻيهر ٻُريا گيت ڪيئي
۽ ڇولين مان ازخود اٿي کير ڌارا
سي محبت جا منظر نهايت نيارا
وساري ڇڏيئون پر وساري نه سگهبا!!
اسان هن جي وارن منجهان واس ورتو
گلابي بدن تي وري گهور ٿياسين
وڏي هُن سان “مشتاق” جي دل لڳي وئي
چريا ٿي پيا نيٺ چند ۽ ستارا
سي محبت جا منظر نهايت نيارا
وساري ڇڏيئون پر وساري نه سگهبا!!
سپنو ئي هوندو
چُنري ۽ چوڙين سندا رنگ ڪيئي
۽ مينديءَ جي خوشبوءِ ڦهلائي رُت ۾
غزالي بدن تان وڏا وار کولي
ڀاڳي ۽ سرمد جي آواز وانگر
مڌر ڇوڪري
مشتاق، باغي« ۽ آڪاش جا ڪي
گلابي چپن سان غضب گيت ڳائي
کڻي ڄامشوري جي چنچل هوا کي
ٺٽي جي هوا سان ملي نيٺ ويئي
ڪينجهر ۽ مڪليءَ ”وٺي واسُ وَنَ مان“
پرينءَ جي بدن مان
وڏو آهه جڳ ۾ ڪو معراج ماڻيو
پرينءَ ڪلهه اسان ڏي عجب ريت جو ڪو
هوا جي ذريعي آ نياپو اماڻيو
اچي خيرپور مان اسان سان ملي وڃ
پوءِ مرضي آ تنهنجي
رهي پئه هتي يا اسان کي وٺي وڃ
سوچيان ٿو شايد ڪو سپنوئي هوندو
سوچيان ٿو شايد ڪو سپنوئي هوندو
ٺٽي، ڄامشوري سندي واءُ گڏجي
اسان جي اڱڻ تي ڪٿان هاڻ ايندي؟
اسان خواب جيڪي ملڻ جا لڌا ها
سچي تن جي تعبير پڻ ڪيئن ٿيندي؟
سوچيان ٿو شايد ڪو سپنو ئي هوندو!
سوچيان ٿو شايد ڪو سپنو ئي هوندو!
آجيان
مون ته ٻُڌو آ اڀ ۾ تارن
ڪا گڏجاڻي ڪوٺائي آ
گڏجاڻيءَ ۾ چنڊ به هوندو
سورج کي به سڏايو ويو آ
نيل نديءَ جو پاڻي هوندو
سائيبريا جا چونڊ پکي
۽ سنڌ جا مور، ڪبوتر هوندا
رابيلن جي بارش هوندي
ناچ به ٿيندا!
مون ته ٻُڌو آ چنڊ به هوندو
سج به هوندو تارا هوندا
ساري دنيا وارا هوندا
تن جي وچ ۾ منهنجو ئي
محبوب نرالو بس هوندو!
هر هڪ شيءِ جي دل ۾، چَپَ تي
يار جو نالو بس هوندو!
مون ته ٻُڌو آ منهنجي ئي
محبوب جي آجيان ۾ اُڀ کي
سونهن سموري جڳ جي آڻي
ٺيڪ ڪري بس ٺاهيو ويو آ
آجياڻي ۾ چنڊ به هوندو
سج کي پڻ سڏايو ويو آ
نيڻن جي دلڪشي
هن جي نيڻن جي دلڪشيءَ مان
هن جي نيڻن سندي نديءَ مان
جنهن به هيڪر سُرور ورتو آ
ان جي اکڙين ۾ گؤنچ گل ٻاٽيون
ڪيئي آسُن جا باغ باغيچا
دل جي آسڻ ۾ ڄڻ ڦُٽي نڪتا
هن جي نظرن جي خاص گرميءَ مان
ڪيئي ڪرڻا، شعاع جيئن ڦهليا
پاڻ ان جي عنايتن سان
هر پيار واري جي دڳ ۾
نيٺ سورج مُکيءَ جيان جڳ ۾
مهڪي ٻهڪي ٽڙي پيا آهيون
اڳ ۾ ڏاڍا هياسين بيگانه
هاڻي ٻيهر جڙي پيا آهيون
ڪير هاڻي اسان کي روڪيندو؟
هن جي اکڙين مان جو ڦُٽا آهيون
هن جي نيڻن جي دلڪشيءَ مان
پاڻ ڏاڍو سُرور ورتو آ
پاڻ دلبر جي دوستيءَ مان
شاعري ۽ شعور ورتو آ
نئين سال جي مبارڪ
ٻئي اکيون ٻوٽي
رکي سيني تي هٿ
سوچڻ لڳس
درد منهنجي ۾ نه شايد
درد ڪو آهي رهيو
ڪو لفافو، ڪو به خط
سال پورو ٿي ويو
آيو نه هن جي پارَ کان
ڪابه گهنٽي فون جي
ناهي وڳي
ڪَئي ڏينهن ٿيا!
نئين سال جي
نئين ڊائريءَ ۾
بند لفافي اندر
دل جي ٽٽل تارن سان گڏ
ڪي خواب سونهري سندر
موڪلي هن ڏي ڏنم
ان آسري تي سال شايد
هي به گذري ئي وڃي
ڪنهن فون جي گهنٽي پٺيان
آواز ٻيهر ڪو ٻُري!
“مشتاق” ڪهڙا حال ٿئي؟
وقت گُذرئي ڪئين ٿو؟
۽ مبارڪ سال نئين جي
پاڻ ڏئي پنهنجو ڪري
رندگيءَ ۾ محبتن جا
رنگ ڪي سهڻا ڀري
مون کي من پنهنجو ڪري
مون کي من پنهنجي ڪري
سور تنهنجو سَٺو نه ٿيندو
گلابي رُت، رنگ، روشني ۽
خوشبوءِ جهڙي غزالي جانان
دل ته چاهي گهڻئي ٿي سچ پچ
سموريون ڪَوتائون
گيت، وايون
غزل ۽ دوها، نظم رباعيون
تنهنجا توڏي ئي موڪلي ڏيان
مگر ڊڄان ٿو ته! تنهنجي آڏو
پَوَن نه روئي!
ٽُٽي نه پئي منهنجي دل جي مالها
۽ تنهنجي دل کي
متان جِهٻو ڪو اچي وڃين
تون پوين نه روئي
۽ پاڻ کان هي ڏٺو نه ٿيندو
سور تنهنجو سَٺو نه ٿيندو
ڇا کپي؟
ڪلهه الائي ڪئين ڀُلجي
فون تي نياپو ڇڏيئين
مشتاق کي چئجو ته
ڳالهائي ضروري “شام جو”
هونئن ته اهڙي آرزوءَ ۾
ڏينهن گذريا ڪيترا
کوڙ شامون ٿيون بسر
ڪيترا خط ۽ چٺيون
هن ڏي لکيم ۽ فون ڪيم
پر چري هن ڇوڪريءَ جي
دل پڪي ڄڻ ڪو پٿر
هن تي نه ٿيو ڪوئي اثر
هاڻ ويندي ويندي مون سان
دل پشوري ٿي ڪري
ڪجهه ته ڇوري ٿي ڪري!؟
ذهن ۾ اڀريا هزارين سوال
هُٽ کُٽ ٿي پئي
پر! پوءِ به سڪڻي روح جو
۽ وسڪڻي دل جو خوشيءَ مان
هانءُ ٿو ڦاٽي پيو
کوڙ ساريون فون تي ڳالهيون ڪبيون
روئي ڏ بو
حال پنهنجي دل جو هُن سان
سڏڪي سربستو ڪبو
من کڻي “مشتاق” کي هڪڙو ملڻ لئه منٽ ڏئي
مشتاق کي ٻيو ڇا کپي؟
مشتاق کي ٻيو ڇا کپي؟
شاعر
ڪمال جو شاعر هو
مگر ڪنهن کي خبر هُو؟
دک، درد زماني جا سڀئي پاڻ وٽ رکندو!
هن پنهنجي ڪمائي سڄي ڪائنات کي آڇي
مون ته ٻُڌو آهه، هُن ڪا باس هئي باسي
بيمار ٿئي ڪنهن به امڙ جو نه ڪو ٻچڙو
ڪنهن ڀيڻ جو ڪو ڀاءُ ڪڏهن ڀي نه قتل ٿئي
ڪنهن کي نه مِلن اغوا ۽ تاوان جون ڌمڪيون!!
سونهن کي ۽ پيار کي هن عام ڏسڻ لءِ
۽ پيار جي ويرين کي بدنام ڏسڻ لءِ
پنهنجي سڄي شاعري ۽ ڏات کي جڳ ۾
ڪا ڇير ٻڌي، پنهنجي رت جو تِلڪ لڳائي
موڪليو ماڻهن ڏي امن کي نه ڇڏي ڏيو!
هي پيار جو پيغام زماني کي سڏي ڏيو!
مون آهه ٻڌو هن ڪا اهڙي باس هئي باسي
هو شاعري پنهنجيءَ کي ورهائيندو دنيا ۾
ڪي گيت امن پيار جا ڳائيندو دنيا ۾!
مون آهه ٻُڌو گيت ڪو ٺاهيندي ڪُسي ويو
“زخمي” ته هيو پاڻ اسان کي به ويو گهائي،
ڪمال جو شاعر هو! مگر ڪنهن کي خبر هُو؟
راهه ويندو ري گناهه قتلام ٿي ويندو!!
انسان جي عظمت جو نيلام ٿي ويندو!!
(زخمي چانڊيه جي شهادت جي موقعي تي لکيل)
خوش هُوءَ هجي
چنڊ رات جو چؤنري اڳيان
چانديءَ جهڙو چهرو ڏٺم
سائو وڳو، گج ٽاڪيل
نڪ ۾ ڦُلي چمڪي پئي!
جُهمڪي جي جهرمر ڇا ته هئي؟
کير جهڙي روشنيءَ ۾
هير ٿڌڙي جو گُهلي
گهوراُن جي گَج، ڦَلي، جُهمڪي مٿان
هڪ مان ته ڇا؟
چؤنرا چڙا، گهر ۽ گهڙا
“مشتاق” ٿي پيا وڏ ڦُڙا
ان رات ڪيڏا ٽهڪڙا
واءُ ۾ وکريا هُيا!
ڳوٺ جون ڳهريل ڳليون
ڪيڏيون ته ٿي پيون ڀليون
ان سمي آرس ذهن جو
ٿڪَ روح جا ڪاڏي ويا؟
واهه قدرت حسن، خوشبو
سونهن اوتي دلدار ۾
پيار، محبت، روشني
سڪ وئي وڌي سنسار ۾
شل اسان جا ڏينهن ڀي
هُن کي مِلن، خوش هوءَ هجي!
شل اسان جون سڀ خوشيون
هُن کي ملن خوش هُؤ هجي!
دعا
سوين عيد جا چنڊ
نئين سال جا سج
کڻي کوڙ خوشيون
اوهان جي اڱڻ تي
اچن شال اُڀري
اسان جي اوهان لئه
اها ئي دُعا آ
اوهان جي اڱڻ تي
ڏين ڀؤنر ڀيرا
رابيل، موتئي
گلابن جي خوشبو
سموري دنيا جا
دلڪش نظارا
نديون، چنڊ، تارا
سنڌوءَ جا ڪنارا
اوهان جي اکين جي
مڌر مئڪدي مان
ڪيئي پيار جا ڍڪ
پيئن ۽ پيئارن
دنيا کي جيئارن
اسان جي ته اڄ ڀي
اها ئي دعا آ
سُرخ سپنا
سُرخ سپنا ڪي اميدن سان ڀريل
پنهنجي نيڻن ۾ سجائي
“گيت ڳاڙها ٿو لکان”
گيت اهڙا جن ۾ خوشبو سونهن جي
گيت اهڙا جن ۾ ڪا هلچل هجي
نٻل، هيڻا، ۽ ٻُڍا ماڻهو ٻڌي
شينهن جي گجگوڙ جيان
گرجي پون!
هر ظلم، هر ڏاڍ ۽ ڏاڍي اڳيان
منهنجي گيتن جي گلابي گونج تي
بُزدليءَ جي ٻار کي اُڇلي پري
ماڻهپي، محبت، امن کي
مان ڏين
پر اچي جي ڳالهه ڌرتيءَ ڌوڙ جي
سڀ لُٽائي پنهنجي جواني
جان ڏين
گيت منهنجا سُرخ ڳاڙها هو ٻڌي
شال ڌرتيءَ تي سمورو
ڌيان ڏين
شال منهنجي شاعريءَ کي
شان ڏين
شال سِندڙيءَ جي سَڏن کي
مان ڏين
رهيو نه ڪجھ آ
مون برابر
رکي هئي ويڙهي
سفيد چادر ۾
دل چري پر
سڙي ڏکن ۾
ڀسم ٿي ويئي
۽ هاڻ دل جي
لٽيل چمن ۾
رت سڙيل جا
نشان باقي
۽ تنهنجي پيرن جي
خيالي کڙڪي
سواءِ جانان
رهيو نه ڪجهه آ
شهيدن جو رتبو
پَلئه پنهنجي پوتيءَ جو اجرڪ پنهنجي سان
ڳنڍي هن پڇيو هئس ته ڪئين ٿو لڳئي؟
ٻٽي، لڙڪ پنهنجي اکين مان ئي هاري
سڏڪي چيو هن سُٺو ٿو لڳي!
چون ٿا ته هن جي اکين ۾ اڃا پڻ
ساڳيو شام وارو ئي منظر ٿو ڇُلڪي
ڏئي ڳنڍ پوتيءَ جي ڪنڊ کي اڃا ڀي
اڌ رات کان پوءِ اڌڙوٽ چنڊ سان
ڪري ڪنهنجون ڳالهيون ٿي چنڊ کي رُئاري!
چون ٿا ته
هر رات پنهنجن هٿن کي ميندي ٿي لائي
اجرڪ ۽ پوتيءَ جي ڪنڊ کي ملائي
ستارن سان گڏجي ڪي سِهرا ٿي ڳائي
چون ٿا ته
هن جو مڱينتر مري ويو!!
مٽي ۽ ماڻهن جي حق لاءِ وڙهندي
چون ٿا شهيدن جو رتبو وڏو آ
ستارن جي سردار هن کي چيو هو
چون ٿا ته
تڏهن کان هوا ساڻ گڏجي
مٽي ۽ ماڻهن جا نغما ٿي ڳائي
چون ٿا
تڏهن کان پائي ويس ڳاڙهو
سنڌوءَ جي تهذيب پئي ٿي وڌائي
۽ اجرڪ جي عظمت کي پئي ٿي بچائي
ڄامشوري جي هوا ۽ کير جهڙي ڇوڪري
کير جهڙي شاعريءَ مان ڪي مڌر چونڊي نظم
مون مُڪا، توڏي ته، من احساس ڪو توکي ٿئي
پر تو الائي ڇو پرين ڄاتو نه منهنجي پيار کي؟
پر تو الائي ڇو پرين پاتو نه پوتر پيار کي؟
پاڻ چاهيندا هياسين، ڄامشوري جي هوا
۽ شام ٿڌڙيءَ جيان توکي
پر کير جهڙي ڇوڪري
تون ڄامشوري جي پٿر جهڙي پڪي نڪري پئينءَ!!
عادتون توئي وِڌيون هَر هَر ملڻ جون بانوري
عادتون توئي وِڌيون سِڪڻيون سِڪڻ جون سانوري
فون، نياپو، خط، چِٺي آئي نه تنهنجي پار کان
تون الائي ڇو؟ ڦِري وئي آن ڪيل اقرار کان
ها مڃان ٿو توسان ڪي مجبوريون هونديون مگر
اوهير جهڙي ڇوڪري
تون ڄامشوري جي پٿر جهڙي پڪي نڪري پئينءَ!!
آ ڪنول جا گُل هڻان ڪي تنهنجي چوٽيءَ ۾ وري
رابيل ۽ خوشبوءِ کڻي پرفيوم اوتيانءِ باغ ۾
۽ گلابن جي پتين جو ويس پارايانءِ مان
آ فضا ۾ آنچلن جون ڪي اُڏارون اوت تون
آءُ راڻي باغ ۾ نيڻن نهارون اوت تون
اچ ته نوري ڄام جي آڳر ۾ ڀاڪر پائجي
اچ ته ڪينجهر جي وري ڇولين کي ڪجھ ڇرڪائجي
پر سير جهڙي ڇوڪري
تون ڄامشوري جي پٿر جهڙي پڪي نڪري پئينءَ!!
دل ته چوي ٿي!!
دل ته چوي ٿي ڪنهن به امڙ جو
بيماريءَ ۾، ٻار نه تڙپي!
دل ته چوي ٿي ڪنهن به ٻچي جي
ننڍڙي هوندي ماءُ نه وڇڙي!
دل ته چوي ٿي ڪنهن به ونيءَ جي
مڙس مرڻ جي ڳالهه نه ٻڌجي!
دل ته چوي ٿي اخبارن ۾
خودڪش حملن جو به نه پڙهجي!
دل ته چوي ٿي ٽي ويءَ تي ڪو
هاڻي ٻيهر لاش نه ڏسجي!
دل ته چوي ٿي اسڪولن جي
بدران ڪوئي جيل نه اڏجي!
دل ته چوي ٿي ڪنهن به گهٽيءَ ۾
ڳاڙهو ڳڀرو ڀاءُ نه ڪُسجي!
دل ته چوي ٿي ڪنهن به پکيءَ کي
گوليءَ جو ڪو گهاءُ نه پهچي!
دل ته چوي ٿي ڪنهن به سکيءَ کان
محبوباڻا ويس نه ڦرجن!
دل ته چوي ٿي ڪنهن به وطن کان
آزاديءَ جا ڏينهن نه کسجن!
دل ته چوي ٿي هاڻي جيڪر
هيءَ بندوق به ٽوڙي ڇڏجي!
گولين ساڻ ڀريل هي ٿيلهو
ڪنهن درياءَ ۾ ٻوڙي ڇڏجي!
دل ته چوي ٿي وحشي ماڻهو
توکي هاڻ نهوڙي ڇڏجي!
دل ته چوي ٿي پيار جو ننڍڙو
ڳوٺ نئون ڪو جوڙي ڇڏجي!
ٽوڙجي زندان کي زنجير کي
ڇوڪريون او ڇوڪرا جاڳو نٿا!
ڇو پيا آهيو اڃا تائين سُتا؟
سنڌ منهنجي ڇا؟، امان تنهنجي به آ
تنهنجي منهنجي ماءُ مشڪل ۾ صفا
ڊيم ڪالاباغ ٺاهڻ ٿا گُهرن
سنڌ پنهنجيءَ کي سڪائڻ ٿا گهرن
بند جيڪو پنهنجو اڄ پاڻي ڪري
ها اُٿو ان سان اچو پاڻي ڪري
نيٺ منڇر ۾ ملائي زهر ويو
ڪلهه مهاڻن سان ڪري ڪو قهر ويو
ڄامشوري جون هوائون ٿيون سڏن
پيار مان سڀني کي مائون ٿيون سڏن
ڪنهن کي سنڌ جون بارگاهون ٿيون سڏن
ڪنهن کي سنڌ جون درسگاهون ٿيون سڏن
روز روڪن ٿا هوا ۽ هير کي
ٽوڙجي زندان کي زنجير کي
پرينءَ جو شهر
آهه ننڍڙو نگر، ڄامشورو مگر
آ وڏو پُر اثر!
ڄامشورو اسان جي پرينءَ جو شهر!!
ڪوئي چند سال خاموش گهاري ويو!
ڪوئي پنهنجي به دل هت وساري ويو!
مون ڏٺيون ڪيئي بيحس حسين ڇوڪريون
۽ ڏٺا ڪيئي ڇُڙواڳ هِت ڇوڪرا!
مون ٻُڌيون ڪيتريون ئي ڪهاڻيون هتي
پڻ ڏٺيون تڙپندي ڪيئي راڻيون هتي
مون ڏٺو عاشقيءَ جو اکين ۾ اثر!!
ڄامشورو اسان جي پرينءَ جو شهر!!
مون مڌمست هيرون هوائون ڏٺيون!
پپر، بيد مُشقن جون ڇانئون ڏٺيون!
شفق شامن جو گهمندي ڪي جوڙا ڏٺا
۽ اکين سان الاهي وڇوڙا ڏٺا
ڪِن اکين جا اکين سان اشارا ڏٺا
ها ڪُهڻ ۽ ڪُسڻ جا نظارا ڏٺا
۽ ڏٺو شام جو پيارو وارو پَهر!!
ڄامشورو اسان جي پرينءَ جو شهر!!
نرم هٿڙن تي مينديءَ جا چٽڙا ڏٺا!
لب ڳاڙها ۽ ڳڀرو ڪي ڳٽڙا ڏٺا!
۽ ڏٺم ڪو ڪتابن ۾ قابو هيو!
ها ڏٺم ڪو حجابن ۾ قابو هيو!
قرب مان ڪنهن ٿي پارائي ڪنهن کي مُنڊي
پيار مان ڪنهن ٿي پرفيوم ڪنهن کي هنئي
مون ڏٺو سونهن سوڀيا جو سهڻو سفر!!
ڄامشورو اسان جي پرينءَ جو شهر!!
ميٺ محبت جا پُر ڪيف منظر ڏٺا!
۽ دلين جا دلين ۾ گهڻئي گهر ڏٺا!
ڪاٿي چُنري ۽ چوڙين جي چاهت ڏٺي
ڪاٿي وارن جي وڪڙن جي راحت ڏٺي
۽ ڳلا گيت ڳائيندي ڪيئي ڏٺا
مون ڏٺو چاهتن جو وڏو ڪو چڪر!!
ڄامشورو اسان جي پرينءَ جو شهر!!
مگر منهنجي محبوب جي ڳالهه ٻي آ
باغي«ءَ جي گيتن جهڙي ڇوڪري آ
”بند وِسڪيءَ جي بوتل جيئان ٿي لڳي“
مون ته هن کي پنهنجو پاڻ ارپي ڇڏيو
مگر دل جا دروازا ٽوڙي هلي وئي!!
منهنجا خواب هٿن سان مروڙي هلي وئي!!
مگر پوءِ به “مشتاق” آ منتظر!!
ڄامشورواسان جي پرينءَ جو شهر!!
وساري نه ڇڏجو
اسان کي او سهڻا وساري نه ڇڏجو
ڏئي پيار دل مان ڌڪاري نه ڇڏجو
ادل« سومري جي سُريلي غزل کي
سرمد جي مٺڙي آواز کان پوءِ
وري ڪالهه ڪينجهر تي ڪنهن گنگنايو
ٻُڌي جنهن کي ٻيڙيون به بيهي رهيون هُون
چون ٿا مهاڻن به روئي ڏنو هو
”اوهان پنهنجي گهر جي ڪشادي اڱڻ مان
پرين جي پکين کي اُڏاري نه ڇڏجو“
چون ٿا ته اڏندڙ ۽ ترندڙ پکي پڻ
ٻُڌي سُر اهڙو صفا مست ٿي پيا
چون ٿا ملاحن جا ڄارا ٽٽي پيا
چون ٿا ته عاشق ويچارا ٽٽي پيا
چون ٿا دلين ۾ نوان درد جاڳيا
چون ٿا پٿر جون دليون ميڻ ٿي پيون
چون ٿا ته نوريءَ نئون ويس پائي
تماچيءَ جو تڙپڻ ڇڏيو هو وڌائي
چون ٿا درازن جي پاڙي جو هڪڙو
لهرن ۾ ماڻهو لڙهڻ جيئن لڳو هو
چون ٿا چنبيلي چُمين جو قسم ڏ ئي
وري پيار مان ڪو وڏو پائي ڀاڪر
پرينءَ خوش رهڻ جي هدايت ڪئي هَس
چون ٿا ته مشتاق ان ڏينهن کان پوءِ
گهڻئي خوش رهڻ جي به ڪوشش ڪري ٿو
« ادل سومرو ، سنڌ جو سريلو شاعر
اڄ به توکي چَوان ٿو موٽي آ
رات هيڏي ڊگهي ڊسمبر جي
سيءُ، ڏڪڻي، بارشي موسم
۽ پارو ڄَمي ويو ٿانون تي
ٿڌ اورانگهي گهر جون ديوارون
منهنجي ڪمري ۾ پڻ ٽپي آئي
بلب زيرو جو نيرڙو ڀت تان
هورڙيان هورڙيان وسامي ويو
ڪُئائل هيٽر جا پڻ ٿڌا ٿي ويا
ننڊ منهنجي اکين جا ڳوڙها پي
تنهنجي نيڻن جي بند تي پهتي
کيس ڳوليان پيو وهاڻي ۾
ڄڻ ته بستر سُڪون کائي ويو
تون جي ناهين ته هي سُڪا ميوا
مون کان ڪاٿي چٻاڙجن ٿا!!
گرم ڪافيءَ جو ڪوپ آڌيءَ جو
ڪير ٺاهي ڏئي ڀلا مون کي؟
اڄ به سوچيان ٿو هر سياري ۾
گرم ڪپڙا، ڪوٽ ۽ سُئيٽر
مون کي تون ئي سنڀالي ڏيندي هُئين
ياد هوندئي بٽڻ ڇڄي پيو هو
شرٽ منهنجيءَ جو ته ڪا جلدي هُئي
۽ پوءِ سُئيءَ سان بٽڻ کي ٽاڪيندي
منهنجي ڳل تي چُمي ڏني هُئي تو
شاعريءَ جا پنا، ڪتاب، بوڪ شليف
خط، تحفا، فريم ۽ ڦوٽو
بي ترتيب ڪئين پيا آهن
ڊائري، ڊيڪ، ڪمپيوٽر
سڀني تي دَز چڙهي وئي آ
اڄ به توکي چوان ٿو موٽي آ
گرم ڪافيءَ جو ڪوپ ٺاهي ڏي
منهنجي زندگيءَ جا سڀ بٽڻ ٽٽي پيا آهن!!
۽ ها!
شال تنهنجي پسند جي آندي ٿَم
اچ ته اوڍيانءِ سيءُ ڏاڍو آ
اڄ به توکي چوان ٿو موٽي آ
اڄ به توکي چوان ٿو موٽي آ
عشق زورا وَر
نديون ٿي تار وَهنديون ۽
نَئين ۾، نينهن ٻوڙيندو
اسان کي وهڪري ۾ روز
ڪنهنجو پيار لوڙهيندو
۽ پوءِ عشق زوراوَر
اچي دل جي ڪچي گهر ۾
ڪندو ڀڃ ڊاهه ڇا ٿيندو!!
پکين جا سُر مٺا هوندا
لَئي جي لامَ پئي لڏندي
فِضا ۾ گيت ڪي ٻُرندا
اکين ۾ سونهن پئي ڊُڪندي
۽ پوءِ عشق زوراوَر
ڀڃي دل جون سڀئي تاڪيون
اچي دل جي ڪچي گهر ۾
ڪندو ڀڃ ڊاهه ڇا ٿيندو!!
ستارا جڳمڳائيندا
ٽُٻيون چنڊ سمنڊ ۾ هڻندو
اسان کي ڪائناتي سونهن جو
هر رنگ پيو وڻندو
۽ پوءِ عشق زوراوَر
اسان جي روح ۾ پيهي
اچي دل جي ڪچي گهر ۾
ڪندو ڀڄ ڊاهه ڇا ٿيندو!!
انبن ۾ ٻور جئين ٿيندو
ڪُچا ڏوڪا رَسي پوندا
اسان جي حافظي ۾ خيال
تنهنجي پيار جا ڊُڪندا
۽ پوءِ عشق زوراوَر
انا الحق جا هَڻي نعرا
اچي دل جي ڪچي گهر ۾
ڪندو ڀڄ ڊاهه ڇا ٿيندو!!
اسان کي ماڻهپو پيارو
اسان کي پيار ماڻهوءَ سان
پرين تخليق ۾ شامل
پُڇي ڪو شخص شاعر کان
۽ پوءِ عشق زوراوَر
بدن جي جيوَ گهرڙن ۽
اچي دل جي ڪچي گهر ۾
ڪندو ڀڄ ڊاهه ڇا ٿيندو!!
(سچل مشاعري دوران مليل طرح جي نسبت سان لکيل)
اهو آ شهر
ها لڳي ٿو ته ساڳيو اهو آ شهر!!
جنهن ۾، گهاريون جوانيءَ جون مون ڪي گهڙيون
خوبصورت جوانيءَ جا ماڻيل مزا
۽ پرچڻ، رُسڻ جا هزارين قصا
مون ڀرپور پنهنجن اکين سان ڏٺا!
ها لڳي ٿو ته ساڳيو اهو آ شهر!!
جنهن ۾ تخليق منهنجي نئين سِرجُڙي
جنهن جو منهنجي سڄي شاعريءَ تي اثر
ها لڳي ٿو ته ساڳيو اهو آ شهر!!
جنهن ۾ مشتاق جي مٺڙي محبوبه پڻ
وار کولي ساهيڙين سان گهمندي هئي
ڄامشوري جي نازڪ ۽ چنچل هوا
پيار ڏاڍي مان ڳل هُن جا چُمندي هئي
ها لڳي ٿو ته ساڳيو اُهو آ شهر!!
جنهن ۾ سرمد جي پُرسوز آواز تي
نينگرين جا سوين ڪنڌ جهوميا هيا
ڪيترن ئي رَوَن جو ٿيو لال رنگ
۽ نعرا مٺي سنڌ جا گونجيا هيا
ها لڳي ٿو ته ساڳيو اهو آ شهر!!
جنهن ۾ سَنَ جا سپاهي ڪي رهندا هيا
ها انهيءَ شهر سان يادگيريون سوين
چند سالن سنديون يا گهڙي کن جون
شرابي اکين ۽ گلابي چپن
ڪنهن الهڙ ڇوڪريءَ جي مٺي من جون
ڪنهن گلابي بدن ۽ سنڌؤ سن جون
۽ انهيءَ شهر سان يادگيريون سوين
ها پڪ ساڻ ساڳيو اهو آ شهر!!
جنهن جو منهنجي سڄي شاعريءَ تي اثر!!
ڇا ٿي پيو
ڇا ٿي پيو جي تو منهنجي جسم ۾ زهر اوتيو آ
جدائيءَ جو ڪڙو جاني!!
ڇا ٿي پيو؟ جي تو منهنجي تَتَل هِن تَن جون تارون
تنبوري جيان ڇڏيون ٽوڙي!!
ڇا ٿي پيو؟ جي تو منهنجي اندر ۾ آڳ کي اوتي
ڦَٽن تي لوڻ ٻُرڪيو آ!!
ڇا ٿي پيو؟ جي تون منهنجو سمورو ساهه هڪ مُٺ ۾
ڪري قابو الڳ ٿي وئين!!
تنهنجي مرضي آ، توکي ڪير چوندو
جيئن وڻئي، تيئن ڪر!!
مگر توسان ملڻ جي آرزو
دل مان ڪڍئون مشڪل!
ها!
جڏهن ڀي ڪرڻا ۽ سورج
جڏهن ڀي روشني ۽ چنڊ
جڏهن ڀي رنگ ۽ خوشبو
جڏهن بادل ۽ برساتون
جڏهن بلبل سنديون لاتون
جڏهن يارن مان ياراڻي
جڏهن اکڙين منجهان پاڻي
ختم ٿي ويو ته پوءِ شايد
اسان ئي ڪو نه هونداسين!!
اوهان کي ڪير پوءِ ڏيندو
ميارون او مٺا ماڻهو!
ته ڇو مشتاق جي من ۾
اوهان هي زهر اوتيو هو!؟
اوهان ڇو هُن جي زخمن تي
هٿن سان لوڻ ٻُرڪيو هو!؟
اوهان کي ڪونه ڏيندو ڪو
ميارون او مٺا ماڻهو!!
او محبوبه منهنجي ڪراچي
ٻار نچيا پي بس جي ڇت تي
وڻ ڀَڳا پي لارين پويان
ماءُ بيٺي هئي گهر جي در تي
پيءُ ڪُڏيو پي روڊ جي ڀرسان
ڌيءُ ڏٺو پي سارو منظر
ڳڀرو ڀائرن جي اکڙين سان
نعرا، تاڙيون، شور، شرابا
چوڙيون، چمڪا وار اُڏاڻا
اجرڪ، ٽوپي، شال ڪلهن تي
پٽڪا پائي جهور ڪُراڙا
ٻن ڏينهن کان اڃ ۽ بک تي
ڪا ٿئون ڪاٿئون ڪئين پڳا ها؟!!
هر ماڻهوءَ جو خواب سندر هو
هر ماڻهوءَ جي سوچ نرالي
ڪنهن پي اُڏاريا خواب امن جا
ڪنهن پي نفرت کي للڪاريو
هر ماڻهوءَ جي آشا ميڙي
هر ماڻهوءَ جا خواب سهيڙي
۽ مون ويهي تَتُ ڪڍيو هو
ڪنهن به نه سمجهيو ڪنهن کي ڌاريو
ڪنهن به نه نفرت کي کيڪاريو
محبت جا هي سڀ پانڌيئڙا
عشق جي راهه وٺيون پي آيا
۽ پوءِ آڌيءَ جي آڳر ۾
نعرن، تاڙين، احساسن کي
باهه جا شعلا پڪڙيندا ويا
روڊ تي پکڙيل لاش سِسيون ۽
ٻانهون ٻوٽيون، چيخون آنهون!!
ڪو ڪاڏي ويو! ڪو ڪاڏي ويو!
ساري سنڌ جون اکڙيون جاڳيل
رت جي هولي، لاشا سڙيل
ڏسندي ڏسندي سوال پڇن ٿيون
او محبوبه منهنجي ڪراچي
تو روڊن کي ڇو سينگاريو؟!
۽ بجليءَ جا ڳَهه پارائي
ننڍڙا وڏڙا گهر سينگاري
رت سان رستن کي وهنجاري
تو چاهت کي ڇو چيٿاڙيو؟!
او محبوبه منهنجي ڪراچي!!
او محبوبه منهنجي ڪراچي!!
(18 آڪٽوبر 2007 تي ڪراچيءَ ۾ محترمه شهيد بينظير ڀٽو جي قافلي تي ٿيل حملي جي مناسبت سان لکيل)
مِس ڪالون
اچن ٿيون کوڙ مِس ڪالون
مگر ڪنهن ڪال ۾ اهڙي
صفا ڪا ڇڪ ئي ناهي
اچي جا دل کي تڙپائي
اچي جا روح گرمائي!!
ٽٽي ويا رابطا سارا
خبرناهي ته آخر ڇو؟
نڪي گڊمارننگ جي ڪِس
نه ئي مئسيج راتين جو!
منهنجي موبائل جا ڳوڙها
اگهڻ وارو نه آهي ڪو!
لڳي ٿو ساهه جي تند کي
وڇوڙو هاڻ ٽوڙيندو
لڳي ٿو ذهن جي ٿَڪ تي
نه گورين جو اثر ٿيندو!
لڳي ٿو آخري ڀيرو
چئي گڊباءِ چپڙن سان
پنهنجي موبائل جو نمبر
مٽائي هُن ڇڏيو آهي!!
مگر مان ڀي ته مان آهيان
منهنجي انتظار جي ڪيفيت
۽ منهنجي عادتن کان هوءَ
واقف آ ته هي پاڳل
سمهندو ڪونه جيستائين
هُن جي ڪال يا مِس ڪال
آڌيءَ جو وري ايندي
۽ مون کي پيار مان چَوندي!
چريا مشتاق سُمهه هاڻي!
هلي آ! ٻانهن منهنجيءَ تي
۽ پوءِ هلڪيون ٿڦڪيون ڏئي
اکين منهنجن کي آڍيندي
سمهاريندي ابد جي ننڊ!!
منهنجا ڳوڙها، وهاڻي، ڇِوَ
۽ هُن جي ٻانهن کي آلو
ڪري ڪو گيت ڳائيندا
۽ پوءِ موڪليندا!!
۽ پوءِ مان سمهي پوندس
۽ پوءِ مان سمهي پوندس
هليو ويو سو به وڻجارو
هليو ويو سو به وڻجارو
جنهن جي گيت گونجڻ سان
سَنڌن ۾ ساهه پوندو هو
سمورو سچ چوندو هو
نظم جون ٻئي اکيون جنهن وٽ
جنهن وٽ گيت نچندا ها
جنهن جي مڌر لفظن سان
نماڻي شاعري پلجي
ڪنواري ڪنهن ڪنعيا وانگي
هٿن کي ميندڙي لائي
ڪو شرميلو وڳو پائي
اسان وٽ سنبري ايندي هئي!!
نئون اُتساهه ڏيندي هئي!!
هليو ويو سو به وڻجارو
جنهن جي درد جي ڪيفيت
نماڻي آرزؤ سان گڏ
نسورو پيار هوندي هئي
جنهن جي ڄڻ ته ڪانبي ۾
ٽُٽل چوڙيون ڦَٽيل هٿڙا
ڦُٽين ۽ سونگڙين سان گڏ
سڄڻ جي سار هوندي هئي
نمن جي اوٽ ۾ پيهو
هڪل ۽ هور هوندي هئي
۽ اڌڙوٽ چپڙن سان
وڄائي سُر مان ٻوڙيندو
اسان کي ڄڻ سڏيندو هو
سبق سنڌڙيءَ جو ڏيندو هو!
هليو ويو سو به وڻجارو!!
جنهن جي درد جي ڪيفيت
نوان ڪي ڏس ڏيندي هئي
نڪورا گس ڏسيندي هئي
هليو ويو سو به وڻجارو!!
جنهن جا چنگ جهڙا سُر
نوان آلاپ ارپيندي
سنڌوءَ جي سُر جيان اُڀري
بنان ڪنهن موڪلاڻيءَ جي
نگاهن کي نهوڙي ويا
انوکي دُک ۾ ٻوڙي ويا
هليو ويو سو به وڻجارو!!
ڊسمبر جي ٿڌين راتين ۾
جنهن جا گيت ڳائيندي
جسم کي گرمي ملندي هئي
رڳن ۾ خون ڊُڪندو هو
مٽيءَ سان پيار وڌندو هو
هليو ويو سو به وڻجارو!!
ڪٿي هن سور کي سانڍيون
ڪٿي هِن سور کي سانڍيون؟!!
ڪٿي هن درد کي ٻوڙيون؟!!
ڇڏي ويئي اڪيلو آ
اسان کي اڄ به راهن ۾
ڀري ڀاڪر ۾ رکندي ۽
هُئي رکندي جا ٻانهن ۾
لڳي ٿو ڄڻ اثر ڪونهي
رهيو شايد ڪو دانهن ۾
توڙي جو درد جا شعلا
ٻرن ٿا پيا نگاهن ۾
ڪٿي هن درد کي ٻوڙيون؟!!
ڪٿي هن سور کي سانڍيون؟!!
وري ڪا سانوري ڇوري
برهه جي باهه ٻاري وئي
وري ڪا ياد ماضيءَ جي
ڏکويل دل کي ڏياري وئي
امالڪ پيار پنهنجي ۾
مرڻ کان اڳ ئي ماري وئي
اسان کي عشق جا لاها
۽ چاڙها سڀ سيکاري وئي
ڪٿي هن درد کي ٻوڙيون؟!!
ڪٿي هن سور کي سانڍيون؟
هتي ڪنهن ماءُ کي ماريو
هُتي ڪنهن ڀيڻ کي ماريو
ڪُڌن ڪارنهن جي الزامن
ڏکيءَ جي ڏيل کي ڏاريو
پسند جي پيار پرڻي ڀي
سَکيءَ کي خوب سيکاريو
سڳا مائٽ ڇڏي آئي
سڏن ٿا کيس سڀ ڌاريو
ڪٿي هن درد کي ٻوڙيون؟!!
ڪٿي هن سور کي سانڍيون؟
نچي ٿي ڪا رقاصا ۽
مٿان نوٽن جا وسڪارا
سندس ڇاتيءَ جي ڇلڪي تي
ڏئي وحشت ٿي لامارا
روئن ٿا پير ۾ گهنگهرو
مرن ٿا خواب موچارا
ڄڻي ڪنهن هيءَ ڀي هوندي
اڙي ڪجھ سوچ او پيارا
ڪٿي هن درد کي ٻوڙيون؟!!
ڪٿي هن سور کي سانڍيون؟
اسان آخر وڃئون ڪاڏي؟
اسان کي ڪوته سمجهائي
اسان جو ساهه ٿو نڪري
وٺو هي درد موٽائي
کڻي هن سور کي اڇلي
کڻي ڪو يار ڳل لائي
چريءَ دل کي سڪون ڪونهي
ويو ڪو چئن چورائي
ڪٿي هن درد کي ٻوڙيون؟!!
ڪٿي هن سورکي سانڍيون؟!!
ڪئمپس ۽ ڇوڪريون
ڇانوَ جهڙيون ڇوڪريون
سانوڻيءَ ڪَڪرن جيان
ڪالهه ڪئمپس ۾ وري
وار کولي پي گهميون
يادگيريون کوڙ ساريون
ذهن ۾ آيون تري
ڪيئن ڪئمپس ۾ اڳي
گهمندي هئي ڪا اَپسرا
ڪو ڏکيو پيپر کڻي
ذهن جي پردي پٺيان
سمهندي هئي ڪا اَپسرا
ڪئين ڪاريڊور ۾
ڪاڪل سُڪائيندي هئي
۽ ساهيڙين کي سڏي
“مشتاق” جون ڳالهيون مٺيون
ٻهڪي ٻُڌائيندي هئي
ڪئين ڪتابن وچ ۾
سارون ۽ سپنا کڻي
گيت ڳائيندي هئي
محبت ورهائيندي هئي
هن کي هڪ مشتاق ڇا؟
دنيا به چاهيندي هئي!1
اڄ به ساڳيون ڇوڪريون
اڄ به ساڳيا ڇوڪرا
پر الائي ڇو اسان جي
دل کي ناهي سا خوشي
هوءَ انگورن جي سريلي
سُرڪ جهڙي ڇوڪري
هوءَ چنبيلي، چاندني
۽ مرڪ جهڙي ڇوڪري
هوءَ نه آهي ڄامشوري جون
گهٽيون مايوس هن!!
هوءَ نه آهي ڄامشوري جون
سَکيون مايوس هن!!
ياد توکي به ڪئين نه هوندو
ياد توکي به ڪئين نه هوندو؟
پپر پاڻيءَ ۾ ٻئي پُسائي
هلندي ٻيڙيءَ ۾ گيت ڳائي
تيز ڇولين کي ڇرڪ ڏيئي
پيار مان ڪي پکي اُڏائي
گلاب جهڙن ڀنل چپن ۽
رَحل جهڙن ٻنهين هٿن کي
ڳلن منهنجن تي کڻي رکيو تو
ياد توکي به ڪيئن نه هوندو!!؟
تو اکين ۾ پاڻي آڻي
چيو هُيو “مشتاق” شايد
ٿي سگهي ٻيهر نه ملجي
مان رنو هُس، لڙڪ منهنجا
ڪيئن ڪينجهر ۾ ڪِريا هيا
ياد توکي به ڪئين نه هوندو!!؟
تو رَئي جي ڪُنڊ پڪڙي
نرڙ منهنجي تي تري ڏئي
منهنجي لڙڪن کي اگهيو هو
۽ ٿڌي هڪ ساهه سان گڏ
ڳيت ڏئي سڀ لڙڪ پنهنجا
پي ڇڏيا ها تو پرين!
ياد توکي به ڪئين نه هوندو!!؟
تو هٿن سان زلف پنهنجي
چنڊ چهري تان هٽائي
پَرس پنهنجي مان ڪنول جي
گل جون پتيون ڪڍي
آسرو مون کي ڏنو
مشتاق ملبو رو نه تون
ان ڏينهن کان ان آسري تي
آءٌ زنده ٿو رهان
نيٺ تون ايندين پرين!
موسان ملي ويندين پرين!
ڪير چوي ٿو آهي ڪاري
ڳاڙهي ڳڀرو، ڪونئري ڪُنواري
ڪير چوي ٿو آهي ڪاري؟
هن کي پئسن عيوض وڪڻي
شايد ٻي ڪا ٻانهن هُئي وٺڻي
هن کي مڙس ڏنن پي پوڙهو
اڇي ڏاڙهي، گونگو، ٻوڙو
ڄنگهه کان منڊڙو، اک کان ڪاڻو
ٿڪل، ٿوڪو، ساڻو ساڻو
هن کي مڙس ڏنن ڀي ننڍڙو
ڪارو ڪوجهو، لُولُو لنگڙو
هن روئي انڪار ڪيو هو
ملندڙ مڙس کي ٻار چيو هو
هن هلڪو انڪار ڪيو هو
ڄڻ ڪو ڳڀرو يار ڪيو هو
بي غيرت جي غيرت جاڳي
ماري پنهنجي ڌيءُ سڀاڳي
ڏاڍي غيرت وارو ٿي ويو
تر ۾ نالي وارو ٿي ويو
سُهڻي سندر ڌيءَ ڪُٺائين
ڌيءَ جي بدلي زال وتائين
ڌيءَ جيڏيءَ سان جيئن سُتو هو
چُهٽيو چنبڙيو ڄڻ ته ڇِتو هو
دل ئي دل ۾ هُوءَ ٿو ڪاري
ويٺي لڙڪ اکين مان هاري
هُن جو ڇاتيءَ ڇوهه مري ويو
هُن جي من جو موهه مري ويو
ويٺي ويٺي هُن جي من ۾
باغي ماڻهو جاڳي پيو ڪو
ڀڙڪو ڏيئي هُوءَ اُٿي هئي
دڙڪو ڏيئي هُوءَ اُٿي هُئي
در قانون جو کڙڪائيندي
جا ٿي هُنجي دل چاهيندي
شادي تاٿي هُوءَ ڪندي
رسمن جي زنجير کي ٽوڙي
باغي ٿي هُوءَ ڳالهائيندي
در قانون جو کڙڪائيندي
سُوليءَ جذبا چاڙهيو ڇو ٿا؟
ڪنهن جو چاهه چيٿاڙيو ڇو ٿا؟
ڇو ٿا ڀيڻ ۽ ڀاءُ کي ماريو؟
غيرتمندو غيرت ڌاريو
غيرتمندو غيرت ڌاريو
هُوءَ جو هٿ سان وئي آ ماري
ڪير چوي ٿو آهي ڪاري؟