دنيا جو ڪو به دانشور، ويندي اُستاد اَرسطوءَ جهڙو ڏاهو شخص به شاعريءَ جو صحيح ۽ چٽو مفهوم پيش نه ڪري سگهيو آهي. ڪن پارکن شاعريءَ کي اندر جي اڌمن جو آواز ڪري ڪوٺيو آهي. ڪن شاعريءَ کي پيغمبريءَ جو درجو ڏيئي پير پرستيءَ ڏانهن مائل ڪيو آهي. ۽ ڪن روايتي انداز ۾ جذبن جي پلٽ پلٽان کي سٽن ۾ سرجڻ جو سلسلو ڪري ڄاڻايو آهي. پر خالص شاعري انهن معنائن، مفهومن ۽ مطلبن کان گهڻو مٿي ۽ مختلف آهي.
شاهه لطيف جي رسالي تقليد پوواري ۾ اڄ وري شاعري رسالت جو روپ وٺي رهي آهي. ۽ نئين ٽهيءَ جا ڪي شاعر پنهنجيءَ ڪُليات کي رسالو سڏائڻ جي خام خياليءَ ۾ پڙهندڙن کي ڇرڪائي رهيا آهن. کين شايد ڄاڻ ناهي ته شاعريءَ ۾ رسالت جي رسائي تڏهن ئي ٿي سگهندي آهي جڏهن اها پيغمبريءَ جي حدن کي ڇهندي آهي.
منهنجي نظر ۾ پڻ مختلف گهڙين ۾شاعريءَ جا الڳ الڳ رخ ۽ وهنوار پئي رهيا آهن. جيڪي مبهم ۽ اڻ چٽيا رهيا آهن جو مختلف دورن ۾ شاعريءَ جا رنگ روپ ۽ نّظريا به وقت جي وهڪرن سان وهندا رهيا آهن. انڪري جداجدا دورن جي شاعري رڳو پنهنجي دورن ۽ وقت جي تقاضا پوري ڪندي رهي آهي.
انهيءَ پس منظر ۾ مان نئين شاعريءَ جي نمائينده شاعر نند جويريءَ جي منهنجي سامهون رکيل ”اکر ڪٿا“ جي مسودي جو اڀياس ڪندي جڏهن انهن سٽن تي پهتو آهيان ته مونکي ڪنهن حد تائين شاعريءَ جي ويجهي ۾ ويجهي مفهوم ۽ ان جي روح تائين رسائي ٿيڻ لڳي آهي.
هنن ٽن سٽن ۾ شاعريءَ جي روح کي
اوندهه ۾
منهنجي
ساهه پساهه جو
اڪيلو آواز
روشنيءَ جو
اڪيلو ڏس
ڇهي سگهجي ٿو ۽ ان جي سرير جا سڀ وڳا ۽ وستر لاهي ڦٽا ڪري سگهجن ٿا.
ٽن سٽن ۾ مڪمل شاعريءَ جو نئون اُجاڳر روپ ۽ نند جويريءَ جي شاعري،. ائين به نند جويريءَ جي شاعري هندوري ۾ لولي ڏيئي ننڊ ڪرائڻ واري شاعري ناهي، باوجود ان حقيقت جي ته ترنم واري شاعريءَ جي پورب جي شاعريءَ جي دنيا ۾ تمام گهڻي اهميت رهي آهي، جو ان لاءِ ساڌنا ڪرڻي ٿي پوي پر اڄ جي هن افرا تفريءَ واري دور ۾ ترنم جي روانيءَ هيٺ ايندڙ ننڊ کان وڌيڪ اهميت جاڳ کي آهي ۽ ان جاڳ جو سنئو سڌو تاثر هڪ شاعر جي جلاوطنيءَ جي ڀوڳيل عذاب ۽ پيڙا سان آهي. جلاوطني هڪ اها باهه آهي، جيڪا ساڙيندي گهٽ آهي لهسائيندي وڌيڪ آهي. ۽ ان لهس مان ’ آهه ‘ ۽ ’ دانهن ‘ ته اڀري سگهندي آهي. پر گيت وارو ترنم پئدا نه ٿي سگهندو آهي.
هيءُ گيت ناهي
جنهن کي
سُر ۾ سجائي ڳائي سگهجي
پر پوءِ به
ڪيترن جو
هيءُ گيت پئي رهيو آهي
جنهن کي ڪيترن
پنهنجي پنهجي سُر سان
پنهنجي پنهنجي
جيون جي
سريلن ۽ بي سرن
پلن ۾
پئي ڳاتو آهي.
سدا کان
ڏاهن ۽ ڏڏن
پنهنجي پنهنجي قوت سان
پي ڪويتا ڳاتي آهي
پنهنجي پنهجي راه
پڻ پاتي آهي.
ڪويتا سدا کان
جيون جي چيل
پر پوءِ به اڻ چيل
گاٿا پئي رهي آهي
جلاوطنيءَ جي شاعري فلسطيني شاعر محمود درويش ۽ آرميني شاعر وليم فيرويان ۽ ترڪيءَ جي ناظم حِڪمت جي ترنم واري شاعري، وقت جي اها تقاضا پوري نه ڪري سگهي، جيڪا هنن جي نثري شاعريءَ اڳتي هلي پوري ڪئي جو ڪڏهن ڪڏهن نثري شاعريءَ ۾ پڻ خيال جي اها گهرائي ۽ ڇتائي پئدا ٿي وڃي ٿي، جيڪا ڪنهن رواني ۽ موزونيت جي محتاج ناهي.
جنهن باغ ۾
گلاب کي ڳولهي
خوشبوءِ کي
پنن ۾ قيد ڪيو
جنهن اکر کي
اکر سان اُڻي
شاسترن جو
نرماڻ ڪيو
هو شاستري هو
جنهن
گنجي ٽڪر جي
اَڻ لکيل پنن کي پڙهي
ڀٽ تي ناچ نچيو
هو
ستيم شوم سندرم جو پوڄاري
لطيف هو
(شاستري ــ شاسترن جو رچيندڙ)
نند جويريءَ جي هيءَ ڪوتا روانيءَ سان پُرِ هوندي به ستيم شوم سندرم جي روپ، رخ ۽ رويي کي لطيف جر روپ سان هم آهنگ ڪري خود لطيف جي سُر منڊل واري شاعريءَ کي سرهاڻ بخشي ٿي.
نند جويريءَ جو وطن جي سارڻي (Nostalgia) وارو نظم ”او شڪارپور“ سنڌي شاعريءَ جو هڪ اهڙو شاهڪار نظم آهي، جو نند ان نظم کان سواءِ ٻيو ڪو به نظم يا ڪوتا ڪونه لکي ها ته به هن کي سنڌي شاعريءَ ۾ اهو رتبو حاصل ٿئي ها، جيڪو رام پرساد بسمل هن جي هڪ ئي نظم
سرفروشي ڪي تمنا اب هماري دل ۾ هئه
ديکنا هئه زور ڪتنا بازؤ قاتل ۾ هئه
جي ڪري اردو شاعريءَ ۾ حاصل آهي. پر جيئن ته نند جو اهو نظم هن جي پهرين مجموعي ”چوواٽي تي“ ۾ شامل آهي ۽ شيخ اياز ان تي تفصيل سان پنهنجي عالماڻي تجزيي ۾ پيش ڪيو آهي. ان ڪري مان ان تي تفصيلوار لکڻ کان محروم رهجي ويو آهيان.
اڄ جو شاعر بند ڪمري ۾ ويهي رڳو شاعراڻي تخليق ۽ تصور جو سهاري پنهنجن ڪويتائن رچنا نٿو ڪري. پر هو پنهنجي آس پاس اُڻيل ڄار کان ٻاهر نڪري، کليل اکين سان هر اسرار نه رڳو ڏسي رهيو آهي، پر ان جي هر عذاب کي شدت سان محسوس ڪندي ڀوڳي به رهيو آهي ۽ ” معرفت جي ماٺ سين “ پنهنجي پيرا جو علامتي انداز ۾ اظهار ڪري رهيو آهي.
طوطو
لفظ رٽي
مرچ ڪمائي ٿو
حافظ
پنن ۾ پيهي
پاٺ پچائي ٿو
ساکي
مونن ۾ منهن پائي
ماٺ کي به
ماٺ ۾ رکي
معرفت سين
ڏيساندر ڏوري ٿو
نند جويريءَ جي هيءَ ڪويتا پنهنجي ظاهر ۾ ته ڪو احساس جو چٽو ڏيک نٿي ڏئي، پر پنهنجي اندر ۾ هڪ طوطي جي علاامت بڻجي آيو آهي، جتي هو طوطي جيان لفظ رٽي مرچ ڪمائي ٿو ۽ ان مرچ جي آرام واري ڪمائي ڪندي ڪندي هن کي پنهنجي پڃري سان ايترو ته پيار ٿي ٿو وڃي جو جيڪڏهن هن کي پڃري کان ٻاهر ڪڍي تاڙي وڄائي اڏائڻ جي ڪوشش به ڪجي ٿي ته هو آزاديءَ جي اُڏام کان به ڪيٻائي ٿو. ۽ پنهنجا کنڀ کوهي پڃري ۾ آزاديءَ سان مرچ ڪمائڻ پسند ڪري ٿو.
ساڳي حالت هڪ حافظ جي پڻ آهي، جيڪو پنن ۾ پيهي پاٺ پچائي رتبو ڪمائي ٿو ۽ ساکي مونن ۾ منهن پائي معرفت ذريعي وسياندُ (وشواس) رکي ڏوري رهيو آهي. اهو ئي اڄ جي انسان جو الميو (Tragedy) آهي. ۽ ان الميي جو جي اظهار لاءِ نند جويري جي اندر ۾ ويٺل شاعر جو الميو پڻ اجاگر ٿي گهٽ ۾گهٽ شبدن ۾ هن جي اشبد واري ڪوتا جو آڀاس ڪهاڙيءَ جي ڌڪن جهڙن لفظن کان به وڌيڪ چوٽ رسائي ٿو.
جڏهن اَرٿ
ارٿ هيڻ ٿي پوي ٿو
اِڪ ارٿي شبد
بهو ارٿي نشبد ٿي پوي ٿو
سگڻُ شبدُ
نرگڻُ نشبدُ ٿي پوي ٿو
مورت اَمورت ٿي پوي ٿي
اَپاتر سُپاتر ٿي پوي ٿو
جڏهن ارٿ
ارٿ هيڻ ٿي پوي ٿو
هر دورَ جو ادبي مزاج نون نظرين ۽ نون اشتعارن جي تلاش ۾ نون چهرن کي تراشڻ جو هڪ روان دوان عمل پي رهيو آهي. ۽ ٻئي طرف هر دور جو آواز گذري ويل دور جو سڏ ۽ پڙاڏو ئي ناهي پر ان سڏ ۽ پڙاڏي جي گونج کي پنهنجي اندرسمائي هڪ نئون آواز بڻجي اڀري ٿو. انهيءَ گونج طرف سجاڳ نند جويريءَ جي اندر ويٺل شاعر کي اهو احساس آهي ته پراڻن ادبي وهڪرن ۾ ۾ وري وري وهنجڻ سان شاعريءَ جو جسم ڄڻ ڄمي يخ ٿي وڃي ٿو ۽ ان ۾ نئين چُرپُر جي قوت ۽ صلاحيت پڻ پوڻي پئجي ٿي وڃي.
انهيءَ جاچنا هيٺ نند جويريءَ جي هن نئين شعري مجمعوئي جي مَسودي کي پڙهندي مون اڳيان اها حقيقت چٽي ٿي بيٺي آهي ته نند جي ’چوواٽي تي‘ ۾ شامل شاعريءَ کان هن مجموعي جي شاعريءَ تائين ڪيتري مسافت طيءِ ڪري آيو آهي. نند جي ٻن مجموعن واري شاعريءَ وچ ۾ ٻن ڏهاڪن جي وٿي آهي. انهن ٻن ڏهاڪن ۾ هڪ شاعر جي سوچ ڪيترو اڳتي وڌي آهي ۽ گڏو گڏ هو ڪيترو پٺتي پڻ ڇڏي آيو آهي.
ديوار تي
برسات جو پاڻي
اسيم ارٿن سان
اسيم شڪليون جوڙي ٿو
ايندڙ ويندڙ هر ڪوئي
پنهنجي پنهنجي نظر سان
پنهنجي پنهنجي قوت سان
ديوار تي پاتل شڪل ۾
پنهنجي پنهنجي ارٿ سان
پنهنجو پنهنجو سچ پائي ٿو
ديوار تي هڪ شڪل
مون به ڏٺي آهي
پنهنجي ئي ارٿ سان
پنهنجي ئي سچ سان
شايد هڪ شڪل
تو به ڏٺي هوندي
پنهنجي ئي ارٿ سان
پنهنجي ئي سچ سان
۽ هڪ سچ سرجاتا ديوار جو به هوندو
پنهنجي ئي ارٿ سان
مٿين ڪوتا ۾ مختلفت علامتي شڪليون به آهن، عڪس به آهن، پرتوَ () Images به آهن ۽ هر هڪ عڪس جا پنهنجا پنهنجا ارٿ، معنائون، مفهوم ۽ مطلب به آهن. پر جتي شاعر جي اندر جو آئنو اجرو آهي، اتي انهن اسيم ارٿن ۽ اسيم آڪارن جا پنهنجا پنهنجا سچ، پنهنجي ئي ارٿ سان، پنهنجي ئي سچ سان صاف سٿرا ٿي ذهن ۾ کِنوڻ جيان پل جي چمڪاٽ ته ڪن ٿا پر اتي شاعر جي من ۾ هڪ اڄاتو خوف اهو به اُڀري اچي ٿو ته سڀاڻي وري نئين سر برسات پوندي ته سڀ آڪار ۽ شڪليون خوه سچ ۽ ڪوڙ بدلجي ويندا، جن کي برسات جو پاڻي پاڻ سان گڏ لوڙهي ويندو.
هن مشيني دور ۾ هر سک درسي سوچ ڪنهن اڄاتل خوف جي پاڇن جو پيڇو ڪندي پنهنجي ئي پاڇي کان خوف کائڻ ٿو لڳي. پر پوءِ به نند جويريءَ جي اندر ويٺل شاعر وٽ ان نئين ايندڙ برسات جو اوسيئڙو اوس آهي، جو هڪ ڪوتا ۾ اهڙي ئي سوچ جو سلسلو جوڙيندي نند وٽ ڪي قائم دائم قدر اوس آهن.
پاڻي پاڻيءَ ۾ تري
ته جنم چوائي
پاڻي پاڻيءَ ۾ ٻڏي
ته موت چوائي
تري به پاڻي پاڻيءَ ۾
ٻڏي به پاڻي پاڻيءَ ۾
سوئي الهام قدرت جو
قائم آهي قديم
قادر
قائم رکي پاڻ کي
پاڻيءَ ۾ ٻڏي
پاڻيءَ ۾ تري
نند جويري جنهن دورَ ۾ لکڻ شروع ڪيو ان وقت تائين ترقي پسنديءَ واري دورَ جو زور گهڻو گهٽجڻ لڳو هئو ۽ ٻئي طرف نند ترقي پسندن جي وچ ۾ رهندي به انهن کان بنھ الڳ ٿلڳ ئي شاعريءَ ۾ ڪن مخصوص نظرين کان هٽي پنهنجو هڪ رخ اختيار ڪيو جنهن جي نمائيندگي نند جي هيءَ ڪوتا ڪري ٿي.
راڳ ويراڳ جي چونڊ ۾
تو راڳ چونڊي به
راڳ چونڊيو
مون ويراڳ چونڊي به
راڳ چونڊيو
تون
راڳ جي خيمي ۾
راڳ جو ڀوڳي
راڳ جو قيدي
مان ويراڳ جي خيمي ۾
ويراڳ جو ڀوڳي
ويراڳ جو قيدي
هووتراڳي
ناقصئا نڱيو
نه راڳي نه ويراڳي
چئي ويو ساکي
ان هنگامي دورَ ۾ جتي رڳو نئين روشن صبح ۽ انقلاب جون ڳالهيون ۽ لعل نشان جي چمڪڻ جون نعريبازون هيون اُتي نند پنهنجي ذهن جي ڳڙڪين کي کليل رکي تازي هوا جي ڪن نون جهونڪن جو ئي انتظار ڪيو ۽ شايد اهو ئي ڪارڻ آهي جو نند شعر و ادب جي دنيا ۾ پنهنجا قدم تمام دير سان پختا ڪري سگهيو. پر جڏهن هن دير آيت درست آيت واري سچائيءَ سان ڪوتا جي ڪاڪ محل ۾ قدم رکيو ته هن جي شاعريءَ نه ترقي پسنديءَ واري گهن گرج هئي ۽ نه ڪو پيغام پهچائڻ وارو مقصد ــ هن وٽ رڳو خالص شاعري رهجي ويئي. هن سليل کان سليل ٻوليءَ جي دائري ۾ رهندي پنهنجي شاعراڻي اظهار ۾ ڪُل جزو ڪُل جو هڪ نئون Concept (سوچ جي نئين ڌارا) ڏنو.
مان ۽ تون
مان سرير آهيان
ته پڪ سان
تون منهنجو
مالڪ آهين
ڇو جو
تنهنجو ئي ڏنل آهي
هيءُ سرير
مان آتما آهيان
ته پڪ سان
تون منهنجو
پرماتما آهين
ڇو جو
مان ئي تنهنجو جزو آهيان
نند جويريءَ جي شاعري ڪٿي ڪٿي اُن آبشار جيان به لڳندي آهي جتي ڪنهن جبل تان ڪرندڙ آبشار جو ٻه مختلف ڏسن ۾ وهندڙ ڌارائون ڌرتيءَ تي پهچي پاڻ ۾ ملي هڪ نديءَ جو روپ وٺي اڳتي وڌنديون آهن. نند جو اهڙيون ٻه ڪويتائون ’الهام قائم آهي‘ ۽ ’اڄ به‘ ان وهڪري جو عمدو مثال آهن.
جو ڪجهه
ڪرشڻ چيو گيتا ۾
۽ جو ڪجهه
ڪرشڻ ڪونه چيو
گيتا ۾
سو ئي ٻُڌ چيو ڌمپد ۾
جو ڪجهه ٻُڌ
چيو ڌمپد ۾
۽ جو ڪجهه ٻڌ
ڪونه چيو ڌمپد ۾
لطيف چيو بيت ۾
جو ڪجهه لطيف
ڪونه چيو بيت ۾
هرواٽي تي
سنڌ چيو سنڌيءَ ۾
نرگڻ جيون ڌارا
دائم قائم آ
اڄ به وحي
سنڌ تنهنجي ماٺ ۾
ــــــــــــــ
جو ڪجهه هن چيو
۽ جو ڪجهه هن ڪيو
سڀ پنن ۾ موجود آهي
جو ڪجهه هن ڪونه چيو
يا ڪونه چئي به چيو
اُهو ڪٿي آهي
جو ڪجهه هن ڪونه ڪيو
يا ڪونه ڪري به ڪيو
اُهو ڪٿي آهي
جو ڪجهه
هن جي حاضريءَ
ڪونه چيو
يا ڪونه چئي به چيو
اُهو ڪٿي آهي
جو ڪجهه
هن جي غير حاضريءَ
ڪونه چئي به چيو
اُهو ڪٿي آهي
هن جي اَڻ چيل پر چيل کي
هن جي اَڻ ڪيل پر ڪيل کي
پنن ۾ آڻڻ جو
اسان وٽ ڪو اُپاءُ ناهي
پر پوءِ به اُھو سڀ
عام جي رڳن ۾
عام جي جيون ۾
نرگڻ ڌارا بڻجي
وهي رهيو آهي
اُهو اصُلُ
پڪ سان
عام جي نرگڻ جيون ۾
وقت جي اُبتي وهڪ ۾
رڳن ۾ ساه بڻجي
وهي رهيو آهي
ته پوءِ
ڌرتيءَ جو عام
پنهنجي سجاڳ سُرِتِ سان
سگڻ بيتن کي
هڪ طرف رکي
پنهنجي نرگڻ پاڻ ۾ پيهي
اڻ چيل اڻ ڪيل
کان انڪار ڇو ڪري
چاهيندي نه چاهيندي
اڄ به ڌرتي رنڱيل آهي
هن جي چيل اَڻ چيل
هن جي ڪيل اَڻ ڪيل
هن جي حاضريءَ
غير حاضريءَ سان
لطيفي رنگ ۾
ڌرتي رڱيل آهي
نند جويريءَ جي شاعريءَ جا مٿيان ٻه مختلف پهلو الڳ الڳ احساسن جي ترجماني ڪندي به هڪ ٻئي سان ايترو ته لاڳاپيل آهن جو ٻنهي جي رسائي پڙهندڙن جي روح تائين رچجي بسجي ٿي وڃي. پهرين ڪوتا ’الهام قائم آهي‘ ۾ الهامي ڪتاب گيتا ۾ ڪرشڻ طرفان رهجي ويل اڌياءُ اڄ جو احساس آهي. گيتا کي قران، بائبل يا زندهه وبسته جيان آسماني ڪتاب ڪري نٿو مڃي جو اها آسمان مان الهام جيان نازل نه ٿي آهي بلڪ ڪرکيتر جي جنگ جي ميدان تي ڪرشڻ وٽان واتي ويڻي چيل آهي. پر لطيف جو آيتون به سنڌ جي ڌرتيءَ تي واتي ويڻي ئي چيل آهن ۽ وچ ۾ هزارن سالن جو وقفو آهي. نند جي شاعراڻي جاچنا موجب جيڪو ڪرشڻ ڪرکيتر ۾ نه چئي سگهيو اهو لطيف پنهنجي رسالي ۾ چئي ويو. ۽ جيڪي لطيف رسالي ۾ نه چئي سگهيو هر واٽي تي وقت چئي رهيو آهي. ۽ وحي اڄ به دائم قائم آهي. ڪرشڻ هڪ ديومالائي (Mythological)ڪردار آهي ۽ ٻڌ ۽ لطيف تاريخي ڪردار آهن. پر ٽنهي ڪردارن ۾ جي وچ ۾ وقت جو فاصلو آهي. ان کان هن جڳ جي جوڙيندڙ جي پهرين لفظ ’ڪن فيڪون‘ ۽ ’اوم‘ کان اڄ تائين خواهه ازل کان ابد تائين وقت طيءِ ڪندو رهيو آهي. ۽ نند جويريءَ جي الهام قائم آهي جهڙي ڪوتا وقت جي تقاضا پوري ڪري رهي آهي.
اسلام جي وڏي دانشور امام غزالي جو قول آهي ته ”زندگي جي ڪنهن موڙ تي وقت جو سائنسي تقاضائون قران ڪريم جي تعليم جي اڳيان اڏ بڻجن ته سائنس کي درگذر ڪري قران شريف جي پيروي ڪيو. “
اهڙي عظيم دانشور جو قول کي قران ڪريم جي نزول ٿيل نبيءَ بابت ڏس نند جويريءَ جي ڏس ڪوتا ڪيترو نه نفي (Negate)ٿي ڪري.
ڏسُ
رسول
جاهل کي
ماڻهوءَ جو ڏس ڏنو
ته جاهل
مسلمان ٿي پيو
لطيف
سسئيءَ کي
پنهونءَ جو ڏس ڏنو
ته سسئي
پنهون ٿي پيئي
بهرحال نند جويريءَ جي جي شاعري خوبصورت آهي يا خواب صورت ان جو فيصلو ته ذهين پاٺڪ ڪندا. پر مونکي رڳو ايترو چوڻو آهي ته هيءُ مجموعو نند جويريءَ جي شاعريءَ جو ڇيہُ آهي، جو هن جي شاعريءَ جي ترڪش ۾ اڃا گهڻائي تير محفوظ آهن.
نشبد
نٿو ڄاڻا مان
ڪنهنجو انش آهي
هيءُ شبد جو جنڪ
نشبد
شايد ڇايا آهي
اُن جي
جنهن اَنام کي
نانءُ ڏنو آهي
بنا ضد
جئي رهيو آ ... اکرُ
بس پاڻ سان
............. پاڻ لاءِ
پانڌي پنڌ منزل
سڀ اَکرُ ئي آهي
هِتِ
ابي ڏاڏي جي ڪائيءَ سان
ٻڌل آهي ماڻهوءَ جي سُرِتِ
ويساه سان ٻڌل آهي
ماڻهوءَ جي ٻُڌي
هن اکرن جي خيمي ۾
ماضي زنده آهي
حالُ جنمي نٿو سگهي
آئيندهَ جو ڏور
ماضيءَ سان ٻڌل آهي
هوا جي تازگيءَ کي
سُرِتِ جي سجاڳيءَ کي
ڪو وجود ناهي خيمي ۾
خيمي جو قانون مظبوط آهي
... مظبوط آهي ... مظبوط آهي
هت اَکر پڙهي ٿو
اکر جي آڪار کي
۽ نِرِاکرُ نٻل آهي
اَڀئه آهي اکرُ
ڀر ۾ ويٺل اَکر کان
پر اَکر کي ڀؤ سو آهي
در جي
تاڪ جي
چير مان
ليئو پائيندڙ
پِرَههَ ڦٽيءَ جي باک کان
دڙي جو اکر
يُگ آيا يُگ گذري ويا
دڙي جي اکرَ سڀ ڏٺو آ
هر يُگ جو هو شاهد آ
دڙي جي اَکرَ
ايمان کي
آسمان مان لهندو ڏٺو آ
ايمان کي
مهراڻ ۾ لُڙهندو ڏٺو آ
دڙي جي اکر
ڪفر کي .... ايمان ۾ ڏٺو آ
۽ ايمان کي ..... ڪُفر ۾ ڏٺو آ
اڄ دڙي جو اکرُ سانت آهي
سانت آهي .... سانت آهي
سانت هن جي چئي رهي آ
نه اکر سچ آهي
نه اکر ۾ سچ آهي
راهه ڪا به
سچ ڏانهن نٿي وڃي
اَزل کان
ازل کان
شُڀ ۽ اَشڀ
جي يوگ سان
سرشٽيءَ جو نرماڻ
پي ٿيو آهي
قبول آهي ...
قبول آهي ...
قبول آهي ...
ٻن اکرن جي ورجاوَ سان
تنهنجو منهنجو يوگ بڻيو هو
جنهن يوگ تي
ٻن اکرن جي ستا
مهر هَڻي
توکي مونکي هڪ ڪيو هو
ٻن اکرن جي سَتا هيٺ
مون توکي ماڻيو
تو مونکي ماڻيو
وقت ۾
پدارٿ جي سنسار ۾
شايد
ٻن اکرن جي سَتا
نرماڻ ستا کي
شئه ڪري ڇڏيو
وقت ۾
پدارٿ بازار ۾
ائين ئي ٿيو آ
ائين ٿي ٿيندو
اکر ستا جي راڄ ۾
هن پدارٿ جي سنسار ۾
سڀاڻي وري
ٻن اکرن جي ستا
ناقبول ناقبول
جي ورجاوَ سان
شُڀ اَشڀ جي ازلي اَدويت کي
دويت ڪري ڇڏيندي
پاڪ سَتا
ناپاڪ ٿي پوندي
ائين ئي ٿيو آهي
ائين ئي ٿيندو
اکر سَتا جي راڄ ۾
هن اکر ستا جي راڄ ۾
ملهه ڏيئي
ماڻڻ جو رواج آهي
ازل جي نرماڻ ستا
اکر جي ستا جي داسي آهي
هت پيار ازل جو جيئڻ ناهي
پوئين پني تي
کليل مُٺيءَ تي
نچندو آهي آسمان
بند مٺيءَ مان
ڇڏجي ويندو آهي
سارو جهان
اکرن جي اُڻتِ مان
ڇڻجي چڪو آ سَچُ
اَڻَ لکيو
پڙهيو اٿم
پاڪ ڪتاب جي
پوئين پني تي
اَنام جيون ڌارا
هر پل
اکرُ ڪروٽ بدلي
هڪ معنى کي کوهي
ٻئي معنى کي پائي ٿو
جيڪو پني تي
پڙهيو ٿو وڃي
سجيو سمجهو ٿو وڃي
۽ بي پڙهيو
دڙي جو اکر
مردو مڃيو ٿو وڃي
اتهاس جا ڪيئين پنا
دڙي جو اکر
پنهنجي سيني ۾ ڌٻائي
ويٺو آ
چاهيندي به
مان هن کي
دفنائي نٿو سگهان
شايد ـــ سڀاڻي
دڙي جو اکر
تنهنجي يا منهنجي
نشبد مان ستا پائي
سجيو ٿي پوندو
پڙهيو ويندو
ڪنهن معنى سان
وقت پڄاڻي
معنى کوهي
وري ڪنهن دڙي جو
نشبد ٿي بيهندو
نشبد کان شبدُ
شبد کان نشبدُ
هن اَنام جيون ڌارا کي
جڏهن ڪوئي سُڃاڻندو
ته شبد ۽ نشبد جو هيءُ دويتُ
اَدويتُ ٿي پوندو
تڏهن شايد ڪوئي
پاڪ ڪتاب جي
اَڻ لکي شبدَ کي پڙهندو
۽ پاڪ ڪتاب جو
لکيل شبد
اَڻ لکيل نشبد جو
ساکي ٿي بيهندو
اکر ڪٿا
صدين کان
دڙي جو اکر
نِرِاکر جي سموري سگهه سان
اَچل ۽ سانت آهي
سانت کي به سانت رکي
ايڪانت سموريءَ کي سَميٽي
هو ايڪانتو
مونن ۾ منهن پائي
انتر هرديه جي سفر تي آ
موٽندو
ته ٻوليندو
جنم موت جو بيان ڪندو
ويد جو آغاز ٻڌائيندي
ٻال رگويد جي
طوطلي زبان جو
ورجاءُ ڪندو
جڏهن دڙي جو اکر ٻوليندو
حق خاموش آ
خدا
نه ويجهو آهي
نه پري آهي
پاڻُ سڃاڻي
ڄاتو هو منصور
ـــــــ منصور کي
تنهن تي
دوزخ جي ڌڙڪي
جنت جي دلاسي
ماري ڇڏيو منصور کي
اکر جو خطرو
اڄ به قائم آهي
شايد تنهنتي
حق
ڪنهن نٻل جي
آسري خاموش آهي
گاٿا ڪويتا جي
شبد جي اَرٿ پار
نشبد جي اَرٿ سان
پرڪاش جي مورت
ڪويتا انڌڪار آ
راهه آهي
منزل به آهي
پر راهه جو منزل ڏانهن
ڪو ڏس ناهي پانڌيءَ لاءِ
شبد جي اَرٿ پار
نشبد جي اَرٿ سان
ڪويتا اَمورت انڌڪار آ
ڪوئي نشان ناهي
پانڌيءَ جي کنيل قدم جو
پر پوءِ به
نشبد مان
شبدن جو هيءُ جوڙ
ڪيترن جي
راهه پئي رهيو آهي
ڪيترن بنا قدم کڻڻ جي
اِتان
پنهنجي پنهنجي منزل
پئي پاتي آهي
هيءُ گيت ناهي
جنهن کي
سُر ۾ سجائي ڳائي سگهجي
پر پوءِ به هيءُ
ڪيترن جو
گيت پئي رهيو آهي
جنهن کي ڪيترن
پنهنجي پنهنجي سُر سان
پنهنجي پنهنجي
جيون جي
سُريلن ۽ بي سُريلن
پَلن ۾
پئي ڳاتو آهي
سدا کان
ڏاهن ۽ ڏڏن
پنهنجي پنهنجي قؤت سان
پي ڪويتا ڳاتي آهي
پنهنجي پنهنجي راه
پڻ پاتي آهي
ڪويتا سدا کان
جيون جي چيل
پر پوءِ به اَڻَ چيل
گاٿا پي رهي آهي
ڪويتا سچ ٿي آهي
ڪويتا لکندي
نه تون هئين
نه مان هوس
نه ئي ڪوئي شبد هو
رڳو منهنجو
نرگڻ مان هُئو
تڏهن ته
ڪويتا سچ ٿي آهي
۽ هاڻ
ڪويتا پڙهندي
جڏهن مان نه هوندس
نه تون هوندين
نه ئي ڪوئي شبدُ هوندو
هوندو ته رڳو تنهنجو
نرگڻ مان هوندو
ته ڪويتا
ازخود
سچ ٿي پوندي
مون ڪٿي چيو هو
مون ڪٿي چيو هو
ته تون
منهنجي پُٺيان اچ
شايد تون منهنجي
اُچاريل شبدن کي ٻڌي
منهنجي پُٺيان آيو آهين
پر شبد ته
سَڀَ جا سَڀُ
ٺَڳَ ٿيندا آهن
مقرر معنى سان هوندي به
تنهنجي منهنجي احساسن سان
الڳ الڳ راند پيا رمندا آهن
نراڪار ڪجهه ٿي سگهي ٿو
ته صرف آڪار ئي ٿي سگهي ٿو
پر پوءِ به
آڪار ڪڏهن به نراڪار نٿو هجي
ته پوءِ ڀلا
منهنجو سَگڻ شبد
نِرگڻُ نِشبد
ڪيئن ٿي سگهي ٿو
مون شبد کي
اُچاريو ضرور هو
پر اُهو منهنجو
نرگڻ نشبد ڪون هئو
مون ته صرف
نرگڻ ڪويتا جو پاٺ ڪندي
ڪجهه شبدن کي
گنگنايو هو
ڪوري ڪاغذ تي
ڪجهه ليڪون ليڪي
نشبدَ کي شبدَ سان
چٽڻ جوجتن ڪيو هو
نرگڻ جي چاهه رکندي
سگڻ ڪويتا اُچاري هئي
پنهنجي نرگڻ پاڻُ کي پائڻ لاءِ
شبدن ۾
جو ڪجهه مون چيو هو
اُهو منهنجو نشبد کي
پائڻ جو جتن ئي ته هُئو
نشبد ڪويتا ڪون هئي
۽ جنهن شبد کي تو پاتو هو
اُهو تنهنجي ئي
نشبد ڪويتا جو پڙاڏو هو
مان
هوس ئي ڪٿي
جڏهن ڪويتا جو
نرماڻ ٿيو هئو
نه مان هوس
نه تون هئين
نه ئي ڪوئي شبد هو
هُئو ته رڳو
منهنجو نرگڻ مان هُئو
نشبد هُئو
جو ڪجهه
ڪرشڻ چيو گيتا ۾
۽ جو ڪجهه
ڪرشڻ ڪونه چيو
گيتا ۾
سو ئي ٻُڌ چيو ڌمپد ۾
جو ڪجهه ٻُڌ
چيو ڌمپد ۾
۽ جو ڪجهه ٻڌ
ڪونه چيو ڌمپد ۾
لطيف چيو بيت ۾
جو ڪجهه لطيف
ڪونه چيو بيت ۾
هر واٽي تي
سنڌ چيو سنڌي ۾
نرگڻ جيون ڌارا ۾
دائم قائم آ
اڄ به وحي
سنڌ تنهنجي ماٺ ۾
لطيف جي ڌرتي
جو ڪجهه هن چيو
۽ جو ڪجهه هن ڪيو
سڀ پنن ۾ موجود آهي
جو ڪجهه هن ڪونه چيو
يا ڪونه چئي به چيو
اُهو ڪٿي آهي
جو ڪجهه هن ڪونه ڪيو
يا ڪونه ڪري به ڪيو
اُهو ڪٿي آهي
جو ڪجهه
هن جي حاضريءَ
ڪونه چيو
يا ڪونه چئي به چيو
اُهو ڪٿي آهي
جو ڪجهه
هن جي غير حاضريءَ
ڪونه چئي به چيو
اُهو ڪٿي آهي
هن جي اَڻ چيل پر چيل کي
هن جي اَڻ ڪيل پر ڪيل کي
پنن ۾ آڻڻ جو
اسان وٽ ڪو اُپاءُ ناهي
پر پوءِ به اُھو سڀ
عام جي رڳن ۾
عام جي جيون ۾
نرگڻ ڌارا بڻجي
وهي رهيو آهي
اُهو اصُلُ
پڪ سان
عام جي نرگڻ جيون ۾
وقت جي اُبتي وهڪ ۾
رڳن ۾ ساه بڻجي
وهي رهيو آهي
ته پوءِ
ڌرتيءَ جو عام
پنهنجي سجاڳ سُرِتِ سان
سگڻ بيتن کي
هڪ طرف رکي
پنهنجي نرگڻ پاڻ ۾ پيهي
اڻ چيل اڻ ڪيل
کان انڪار ڇو ڪري
اميءَ جو نُسخو سولو هو
ايمان جو ڊوز مِٺو هو
عادتان
مون ايمان کي قبول ڪيو
پر فطرتان
بوتل سان نباهڻ ڏکيو ٿو لڳي
مون ور ور
اميءَ کان
سوال پي ڪيو آهي
ائين ڇو آهي
ڪفر
ايمان کان اڳ
جنم ورتو آهي
شايد ايمان
اڳين ايمان کي ماري
پاڻ کي سِڌ ڪيو آهي
ته پوءِ
اُهو ڪهڙو ايمان هوندو
جيڪو بهشت کي ماڻيندو
ڪهڙو ڪفر هوندو
جيڪو دوزخ کي ڀوڳيندو
عادتان اَمي خاموش آ
ايمان کي غرور آ
هر پني تي
هو موجود جو آ
فطرتان
ڪفر پنهنجي مشڪ سان
ايمان جي سڃاڻپ لاءِ
بهشت ۾
اڳ ئي موجود آ
ديوار تي
ديوار تي
برسات جو پاڻي
اَسيم ارٿن سان
اَسيم شڪليون جوڙي ٿو
ايندڙ ويندڙ هر ڪوئي
پنهنجي پنهنجي نظر سان
پنهنجي پنهنجي قوت سان
ديوار تي پاتل شڪل ۾
پنهنجي پنهنجي اَرٿُ سان
پنهنجو پنهنجو سچ پائي ٿو
ديوار تي
هڪ شڪل
مون به ڏٺي آهي
پنهنجي ئي اَرٿ سان
پنهنجي ئي سچ سان
شايد هڪ شڪل
تو به ڏٺي هوندي
پنهنجي ئي ارٿ سان
پنهنجي ئي سچ سان
۽ هڪ سچُ
سرجاتا ديوار جو به هوندو
پنهنجي ئي ارٿ سان
تنهنجي منهنجي
سچ ڪوڙ کي سانڍي
تنهنجي منهنجي سچ ڪوڙ جي
حرڪتن کي سانڍي
حرڪت هيڻ ديوار بيٺي آهي
نِر جيو ديوار بيٺي آهي
سچ ڪوڙ جو ٻج بڻي
سچ ڪوڙ جي ڪُکَ بڻي
نرجيو ديوار بيٺي آهي
تنهنجي منهنجي سچ ڪوڙَ کي
ڪُلهو ڏيندي
نرجيو ديوار بيٺي آهي
سڀاڻي
وري برسات پوندي
پڪ سان
سڀ آڪار مٽجي ويندا
سڀ شڪليون بدلجي وينديون
سڀ سچ ـــ سڀ ڪوڙَ
بدلجي ويندا
نه منهنجو سَچُ رهندو
نه تنهجو سَچُ رهندو
سڀ کي کائي ويندو
برسات جو پاڻي
تنهنجي منهنجي
قبوليت سواءِ
سچ ڪوڙ کي کائي ويندو
برسات جو پاڻي
پوءِ به
اَچيتن نرجيو ديوار
بيٺي هوندي
پنهنجي ئي
گوچر اَگوچر سچ سان
تنهنجي منهنجي
چيتن جي سچ جو
آڌار بڻي
اَچيتن ديوار بيٺي هوندي
جيئن
پرڪرتي بيٺي آهي
پرش جو آڌار بڻي
سُلوڪُ
صَليبُ
شَهادتَ جي نشاني
قَبر
جيون جي پُڄاڻي
وڻُ
جنم موت جنم
گولاڪار جيون جي
گتيءَ جو
سناتن سُلوڪُ
بي سبب
بي سبب
سج اُڀري ٿو
بي سبب انُ پچي ٿو
بي سبب
هوا لهرائي ٿي
بي سبب
سرشٽي ساه کڻي ٿي
بي سبب
بادل بوند بوند ٿي
پاڻ وڃائي
نير نديءَ جو بڻجي ٿو
برسي ٿو
بي سبب ئي ندي
ساگر ۾ سمائي ٿي
بي سبب ساگر
ڌرتي تياڳي
بادل بڻجي
برسي ٿو
بي سبب سرشٽيءَ جو
ستيم شوم سندرم
بي سَبَبَ هن پيار ڪيو
بي سبب ئي
پيار هن جو مري ويو
پر ڪنهن سبب وس
هن پيار جو سِراڌُ ڪيو
سبب وس
تاج جوڙي
هن پيار جو اظهار ڪيو
جنهن کي
تو ۽ مون
ستيم شوم سندرم
چيو
شايد ڪنهن سبب وس
سندرتا
روشنيون جيڪي
اونداهيون کڻي اچن
اوندهيون جيڪي
روشنيون کڻي اچن
اهڙي نرآڌار سندرتا ۾
نه رهي ڪوي
نه رهي ڪويءَ جي ڪويتا
نه رهي خالقُ
نه رهي خالقَ جي خلقَ
اهڙي سناتن سندرتا ۾
گم ٿي وڃي ٿو
ڏيکُ
ڏسڻ
ڏسندڙ
شِوالو
چئن ديوارن
۽
هڪ ڇت کان سواءِ
شوالو
ممڪن ڪٿي آ
پُرش
پرڪرتيءَ کانسواءِ
مڪمل ڪٿي آ
قادر
قدرت کانسواءِ
مڪمل ڪٿي آ
ائين ئي آهي
هر ڪوئي
پنهنجي پنهجي چڍيءَ ۾
سرشٽيءَ جو ٻجُ
کڻي گهمي ٿو
اَساڌ جي جنم سان
اَساڌ جي جنم سان
جنمي ٿو ساڌُ
رام جي جنم سان
جنمي ٿو ڌوٻي
ڌوٻيءَ جي جنم سان
سڌ ٿئي ٿو رام راجيه
اوندهه جي جنم سان
جنمي ٿو پرڪاش
دويت
سِڌِ ڪري ٿو
اَدويت کي
موٽڻ
ڌيري ڌيري
اوندهه
گهٽجي
ٿئي ٿي روشني
ڌيري ڌيري
روشني
گهٽجي
ٿئي ٿي اوندهه
آد کان
بي وٿيءَ
قائم آهي
هيءُ سلسلو
نه زمين
نه زمان ئي
ليڪي سگهيو آ
ڪا ليڪ
ڪير آ جنني
ڪير آ جنميو
نه پرڪاش کي
نه ئي اوندهه کي
آهي ڪا ڄاڻ
نه اوندهه کي آ ابتدا
نه پرڪاش کي آ انتها
شايد
پاڇو آ هيءُ سلسلو
ڪنهن سناتن جو
نفرت جي احساس سواءِ
پيارَ جو احساس
ٿي نٿو سگهي
پيار جي احساس سواءِ
نفرت جو احساس
ٿي نٿي سگهي
تنهنجو سچ اهو آهي ته
راند راند ۾
تو ڄاتو
تو کٽيو
ــ مون هارايو
سچ جو سچ اهو آهي ته
راند راند ۾
مون توکي ماڻيو
تو مونکي ماڻيو
نرماڻ جي راند ۾
انادي سچ
سڀ بي انتُ
بي اَنتُ جي
گهيري ۾ آهي
اَٿاه
اَٿاه جي
گهيري ۾ آهي
ٿاهُ
ٿاهُ جي
گهيري ۾ آهي
زرو
زري جي
گهيري ۾ آهي
تَتُ
تَتَ جي
گهيري ۾ آهي
بي انتُ
هڪُ تتُ
جيڪو ٿيو آ سڀ
وڃڻ کان اڳ
وڃڻ کان اڳُ
مهاتما چيو هو
منهنجي سَرَ تي
جيڪي به ايندا
هر ڪنهن کي
پنهنجو پنهنجو
سبب هوندو
مان به
ڪنهن سبب وَس
ارٿيءَ تي سوار هوندس
بي سبب
ڪوئي هوندو
ته
اُها ڪاٺي هوندي
چڻگ هوندي
جنهنکي
بي سبب هوا
ڦوڪي ڀنڀٽ ڪندي
۽ سو ئي ڀنڀٽ
بي سبب مونکي ساڙي
ناه سان ناه ڪندو
پر پڪ اَٿم
تون
ڪنهن سبب وَس
منهنجي سَرَ تي ايندين
منهنجي ياد ۾
ڪنهن سبب وَس
ڪو يادگار کڙو ڪندين
۽
منهنجي پتلي تي
ڪيئين ڪبوتر ايندا
منهنجي سِرَ تي وهندا
۽ وِٺيون لاهيندا
بي سبب
وڃڻ کان پوءِ
وڃڻ کان پوءِ
مهاتما چيو
منهنجي پڳڙين تي
سڀ هئا
چنگهو منگهو
لُچ لوفر ــ پيادا سوار
راجا رنڪ ــ سڀ هئا
مان به هوس
سڀ آيا
سڀ موٽي ويا
منهنجي نالي جي
ٽوپي سان
پنهنجي پنهنجي
جُتيءَ سان
منهنجي جُتي
جِتِ هُئي
اُت ئي رهجي ويئي
نه راجا کنئين ــ نه رنڪ کنئين
نه چور ئي چوري ڪئي
منهنجي پڳڙين تي
منهنجي جُتي
جِتِ هُئي
اُت ئي رهجي ويئي
گونگو پيار
منهنجي مٺڙي ماءُ
مان من ئي من
ڳائي ته سگهان ٿو
پر اُچاري نٿو سگهان
تنهنجا پيار
تنهنجا قرب
او منهنجي مٺڙي ماءُ
شايد تون به
مون وانگر لاچار آهين
کيتن ۾ نچين ته سگهين ٿي
سنڌو ساڻ ڳائي ته سگهين ٿي
ٿر جي تپت سان
روئي ته سگهين ٿي
منهن ۾ ٿڃ ڏيئي
پيار ڪري ته سگهين ٿي
پر جتائي نٿي سگهين
ائين ڇو ڪيو آ
گونگي پرماتما
شايد لاچار آ پرماتما
ٻولي به
ٻولي نٿو سگهي
تو وانگر
مون وانگر
هيءُ ڪهڙو
دويت آ پريم جو
جنهن ۾
دُويت هوندي به
دُئي ناهي
هيءُ ڪهڙو آهي پيار
جنهن ۾ شبد
نشبد آ
نه هن جي
نه تنهنجي
نه منهنجي
زبان تي
ڪو اقرار آ
شايد
اهو ئي ته پيار ناهي
جنهن کي اُچارڻ منع آهي
ابتدا کان
مان من ئي من
ڳائي ته سگهان ٿو
پر اُچاري نٿو سگهان
تنهنجا پيار تنهنجا قرب
او منهنجي مٺڙي ماءُ
ائين ئي آهي
ڪاغذ جي گلن تي
اعتبار ڪري
ڪوئي ڪيئن ٿو
بهار کي پائي سگهي
نقشي تي
اختيار پائي
ڪوئي ڪيئن ٿو
ملير کي
ماڻي سگهي
مان پَلَ پَلَ جو پانڌي
هر کن نئين هئي
مقابلو نشچت هو
پيسو پٽ تي پيو نه هو
پيسو پٽ ۾ پوريل هو
مون هٿَ هلائي
پيسو ڪڍيو پٽ مان
پيسي ورتم گاهُ
ڪجهه گاهُ ڏنو گانءِ کي
گانءِ ڏنو کير
کير ڏنم اَما کي
اَما ڪئي آسيس
ڪجهه گاهُ ڏنم پيٽ کي
پيٽ ڏني همٿ
همٿ ۽ آسيس سان
مون کنيو ڇَٻو
ڇَٻي کان پِڙي
پِڙيءَ کان هٽڙي
هٽڙيءَ کان هٽُ
مون هٽُ جوڙي
جوڙيا اسڪول ڪاليج
۽ انيڪ اسپتالَ
اسڪول ڪاليج ۽ اسپتال
مون ڏنا پرجا کي
پرجا ڪونه ڏنو ڪو گهوڙو
مون به
ڪٿي چاهيو ٿي گهوڙو
هر کن نئين جو هئي
مقابلو نشچت جو هو
کِنَ سُڃاڻي
نِتُ ڇڏي
مان اَنِتَ جو پانڌي ٿيس
اَنِتَ ۾ مون
نِتَ جو نرماڻ ڪيو
اَسُرَ ۾ سُر جو نرماڻ ڪيو
شَرنارٿي هوس
پر پُرشارٿ جي ڇانوَ ۾
آشرم جو نرماڻ ڪيو
پنهنجي پرائي
ويساهي ۽ بي ويساهي
سڀني کي شرڻ ڏني