لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

جَلِي منهنجي جاڳَ

تحقيقَ جي محنت طلب ۽ نور نچوئيندڙَ ڪَمَ سان گڏوگڏ ڊاڪٽر مخمور بُخاريءَ ڪيترو ئي تخليقي ڪَمُ پِڻُ ڪَيو آهي. هن ڪتاب ۾ موجود سندس مضمونَ مختلف اديبن ۽ ڪتابن متعلق آهن. اِهي مضمونَ اڀياسي ۽ تاثراتي نوعيت جا آهن. موضوعن جي رنگا رنگيءَ سبب هي ڪتابُ يقيناً پڙهندڙن جي دلچسپيءَ جو مرڪز بڻجندو. ڊاڪٽر مخمور بخاريءَ هن ڪتاب ۾ موجود مڙني مضمونن ۾ پنهنجي ڏاتِ ۽ مطالعي جو سهڻو اظهارُ ڪيو آهي.
Title Cover of book جَلِي منهنجي جاڳَ

پير عُبيد راشدي: حساسيت، ڪهاڻي ۽ عبيد راشدي

ڪهاڻيءَ جي سمجهاڻيءَ لاءِ مختصر طور ائين چئي سگهجي ٿو ته ڪهاڻي ماڻهوءَ جي جيون جي ڪيترن ئي لمحن، ڪيفيتن، احساسن ۽ جذبن جي عڪاس آهي. ائين کڻي چئجي ته ڪهاڻي اهو آئينو آهي جنهن ۾ ماڻهو پنهنجي کَل ۾ لِڪيل سڀ ڪجهه ڏسي سگهي ٿو. ڪهاڻي خواب آ، ڪهاڻي خواب جي تعبير آ، ڪهاڻي ڪيفيت آ، ڪهاڻي ڪيفيت جو چٽو پٽو اظهار آ، ڪهاڻي خيال آ، ڪهاڻي حقيقت آ، ڪهاڻي سڀ ڪجهه آهي، ڪهاڻي، ڪهاڻيڪار جي پريتڻي يا پيارآ!!
عبيد راشدي ۽ ڪهاڻي جو سنگم به حساسيت جي ڪري ئي ممڪن ٿيندي نظر آيو آهي. حساسيت شعور کي ادراڪ بخشيو ۽ ڏک جنم ورتو ۽ ڏک ڀوڳڻ تي مجبور ڪيو ۽ ڀوڳنا لکڻ سيکاريو. هر تخليقڪار جو جنم حَساسيت، دُک ۽ ڀوڳنا مان ئي ٿئي ٿو. عبيد راشدي جنهن کي من ۾ ازل جي اڪيلائي، حَساسيت ۽ رولاڪي لڪيل آهي؛ جيڪا کانئس شاعريءَ کان ڪهاڻيءَ ڏانهن ڌوڪي آئي. عبيد جيڪو ڪلاکيتر ۾ شاعريءَ جي ديويءَ جي بدن تي پنهنجي آڱرين جو رقص ڪرڻ چاهيندو هو، تنهن کي خبر ناهي ته ڪوتا جي ديويءَ جي ڪهڙي ادا ايترو ته موهيو جو هو سُقراط وانگر وَهَه جو وٽو پنهنجي چَپن تي ڏاڍي خوشيءَ سان رکيو ۽ پوءِ ان وَهَه جي وٽي مان هُن جڏهن به ڪا سُرڪ ڀري آهي ته نئين ڪهاڻي تخليق ڪئي آهي.
عبيد جي ڪهاڻي حقيقت جو عڪس آهي، هو جئين جيڪو ڪجهه ڏسي ٿو اُن جو عڪس پنهنجي اک جي لينس ۾ محفوظ ڪري وٺي ٿو ۽ پوءِ اِهو ئي ڪاغذ تي اُتاري ڇڏي ٿو ۽ پوءِ اِهو سلسلو جاري رکندي هو هر وک تي ڪهاڻي ڳولي ٿو. سمنڊ جو ڪنارو، ڪراچي يونيورسٽي جا ڪاريڊور، ڪلاس رومس، آفيسن، لائبريري، ڪئنٽين، روڊن رستن تي، بهادرآباد، طارق روڊ، دوپٽا گلي، گُلشن اقبال، روفي هيوِن، تلڪ چاڙهي، ڄامشورو، سنڌ يونيورسٽي، آرٽس فيڪلٽي، المنظر ريسٽورنٽ، هالا ۽ پير جهنڊو ۽ ٻيا ماڳ جتان هِن ڪيتريون ئي ڪهاڻيون ڳوليون آهن. ڪڏهن ڪڏهن ائين به ڀائيندو آهيان ته هِن ڪهاڻيءَ کي نه بلڪ ڪهاڻي هِن کي ڳوليو آهي.
عبيد ڇا وڃايو آ، ڇا حاصل ڪيو آ، ان جو درست جواب ته عبيد خود ئي ڏئي سگهي ٿو؛ پر الائي ڇو مون کي ائين محسوس ٿيندو آهي ته حساسيت هيمشه ماڻهوءَ کي ڀوڳڻ تي مجبور ڪري ٿي. ڏک ۽ پيڙاءُ جو ذائقو هر ڀوڳڻ واري فرد لاءِ مختلف ٿئي ٿو. جواني ۾ وڇڙي ويل پنهنجي نوجوان وڏي ڀاءُ جي ڏک کان ويندي، مٽن مائٽن، دوستن، عزيزن ۽ هڪ جيڏن جي روين، محسوساتن، احساسن ۽ جذبن تائين هن گهڻو ڪجهه ڀوڳيو آهي. مڃجي به کڻي ته تخليق جي عمل لاءِ ڀوڳنا لازم آهي پر جيستائين ڪو وڏو گهاءُ، پڇتاءُ يا وڇوڙو تخليقڪار جي پلئه نه ٿو پوي، تيستائين ڏات جي ديوي مهربان نه ٿي ٿئي. عبيد جي آوارگي، رولاڪي، لُڇڻ، تڙپڻ، ڀوڳڻ ڪنهن ڏانهن اشارو ٿا ڪن؟ اُن لاءِ اسان جي سامهون هِن جون ڪيتريون ئي ڪهاڻيون موجود آهن، جنهن ۾ عبيد جي شخصيت، سوچ، محسوسات سڀ واضح آهن.
عبيد حقيقي زندگيءَ ۾ ادا ڪيل ڪيترن مختصر ڊائلاگ تي به ڪهاڻيون لکيون آهن، جن ۾ ”گلابن به جهومي چيو قبول قبول قبول“، ”رفوگر“ ۽ ”ڀئونر ڀري آڪاس“ خاص طور ذڪر لائق آهن. عبيد جون هي ڪهاڻيون ڪن ننڍن ڊائلاگن جون پسمنظر آهن. شعور جي وهڪري ۾ لکيل سندس ڪهاڻي ”گلابن به جهومي چيو قبول قبول قبول“ رومانس جي چوگرد ڦري ٿي. ساروڻين سان ڀرپور هي ڪهاڻي عبيد جي ڪيترن رولاڪ ۽ وڃايل لمحن جو عڪس آهي. هو ڪهاڻيءَ ۾ ڪهاڻيءَ کي عڪس ڪري ٿو اهو سندس ڪمال آهي. هن جي ڪهاڻي ”روپ جي رِڻ ۾ پُرفِضا پاسو“ سندس حَساسيت جي عڪاسي ڪري ٿي. هو پراڻين شَين سان پيار ڪري ٿو، ڇاڪاڻ ته هو هر پراڻي شيءِ پوءِ اِها ڪا جاءِ هجي، گهٽي هجي، فرنيچر هجي اُنهن متعلق سوچي ٿو؛ انهن جي ٺهڻ جي وقت، انهن سان سلهاڙل ڪيفيتن، جذبن، احساسن ۽ خوابن کي محسوس ڪري ٿو ۽ پوءِ ئي لکي ٿو. هن جي ڪهاڻي ”روپ جي رِڻ ۾ پُرفِضا پاسو“ ۾ سندس اهڙين ڪيفيتن جو اڻکٽ اظهار موجود آهي:
”ورهين پڄاڻا تنهنجي ڳوٺ پهتو آهيان، ايترن ورهين ۾ سڀ ڪجهه بدلجي ويو آهي، پراڻا گهر، پراڻيون ڀتيون ۽ گهٽيون ڊهي نيون ٺهي ويون آهن. ڳوٺ ۾ ڪو پراڻو گهر يا پراڻي ڀت، نئين ٺاهڻ لاءِ ڪيرائي ويندي آهي ته ڏک ٿيندو اٿم. لڳندو آهي ڄڻ انهن ڊٺل ڀتن سان آئون به ڊهندو ٿو وڃان.“

هن ئي ڪهاڻيءَ جو هڪ ٻيو جملو به ڪيترو نه حقيقت پسنداڻو، ڀرپور ۽ اثرائتو آهي:
”اڳ ماڻهن جا گهر، اڱڻ ڪشادا، ته دليون به ڪشاديون هونديون هيون ۽ هاڻ گهر سوڙها ته دليون به سوڙهيون.“

هن جي ڪهاڻين ۾ ڌرتيءَ سان محبت جا عڪس موجود آهن. ”اگهو انقلاب“ جي مرڪزي ڪردار ميان الهام الدين سنڌ جو اهو سچو ڪردار آهي جيڪو وڏيرڪي نظام ۾ نپجي وڏو ٿي يونيورسٽي ۾ پهچي ٿو ته هڪ آدرشي انسان بڻجي وڃي ٿو، پر اهي آدرش، نظريا سڀ عارضي ثابت ٿين ٿا ۽ اهو ئي فرد ان بدبودار سماج ڏانهن موٽ کائي ٿو ۽ هڪ روايتي وڏيرو بڻجي وڃي ٿو. ان الهام الدين جو حقيقي عڪس عبيد هن طرح چٽيو آهي:

”ميان الهام الدين منجهند ٻنيون گهمندي ڇا چيو ته: خيال ڪندا ڪريو، هت آس پاس سرن جي پراڻي بٺي ۾ نانگ بلائون نه هجن.“
”هُون هُون ڪٿي ميان الهام الدين ٻارن ۾ بيٺل پاڻيءَ ۾ پنهنجو عڪس ڏسي ته ڪونه چيو“

ڪهاڻي ”پرتو پنهونءَ جو...“ ۾ عبيد، سنڌ جي خوشحالي ۽ وسڪار جو ذڪر ڪجهه هن طرح ڪيو آهي:
”ڪيترا سال ته مينهن ڦُڙي لاءِ سڪي ويا هئاسين.“
”ڀيڄ ڀيڄ مولا، ڪارڙو ڪمارڙو، اَنَ پاڻي ڏي ته مينهن وسن. نار تي واڍو، مينهن آيو ڏاڍو“

عبيد راشدي جي ڪيترن ئي ڪهاڻين خاص ڪري ”زندگيءَ جو ڪلاسيفائيڊ پيج“، ”اَگهو انقلاب“، ”ته سَنگهارن سُک ٿئي“، ”کَل لهڻ جو سُک“، ”وردي“، ”پنجن آڱرين جي پڪڙ ۾ آيل ڪچهري“ ۽ ٻين ڪهاڻين ۾ ڪيترائي عڪس اهڙا آهن جن ۾ اسان ڪيترن کي پنهنجا پاڇا به نظر اچن ٿا. هڪ تخليقڪار جي اِها مهانتا چئبي جو هِن جي لکڻين سان پڙهندڙن جي اندر ۾ جذبن، احساسن جو آتشفشان ڦاٽي پوي. عبيد راشدي اُهو ڪهاڻيڪار آهي جنهن جي نصيب ۾ پڙهندڙن جي محبت آئي آهي. عبيد راشديءَ جون ڪهاڻيون سماجي ڀڃ ڊاهه جو ردِ عمل آهن. انهن خلاف ڀرپور آواز آهن، اخلاقي، معاشي، تمدني، علمي ۽ نفسياتي حالتن جو ڀرپور تجزيو آهن. معاشرتي، سياسي ۽ سماجي سطح تي اسان جي شعور ۾ جيڪو فقدان آيو آهي اُن ڏڪار جي تاريخ جو پرتوو عبيد جي ڪهاڻين ۾ موجود آهي، ڇاڪاڻ ته هو ڌرتيءَ جو قلمڪار آهي، اُن جو خمير هِن ئي مٽيءَ مان ڦٽي نڪتو آهي، هو لوچيندڙ ۽ سوچيندڙ تخليقڪار آهي.
(ماهوار سوجھرو، آڪٽوبر 2007)