حبيب ساجد جي انٽرويو بابت
ادل سومرو، آغا پير محمد “ڪئلاش” ۽ ڪجهه ٻِيا پڻ هن پروگرام جي ميزباني مختلف سالن ۾ ڪري چُڪا آهن. هن پروگرام جي مقبول سلسلي “ملاقات” ۾ هونئن ته مان هن کان اڳ ڪيترن ئي قلمڪارن سان سندن تخليقي سفر جي حوالي سان ڪچهريون ڪري چڪو آهيان، پر هيل جڏهن پروگرام جي سينيئر پروڊيوسر مسرت علي منگيءَ سنڌي ٻوليءَ جي خوبصورت شاعر ۽ نثر نويس حبيب ساجد کي ڪچهريءَ لاءِ ڪوٺ ڏيڻ جو رٿيو ته مان ڏاڍو خوش ٿيس، جو حبيب اسان جو ويجھو ذاتي دوست به آهي. مونکي احساس هيو ته حبيب سان اهڙي ڪچهري ڪندي مزو ايندو..... ۽ پوءِ ائين ئي ٿيو. وقت جي ڪمي ۽ ڪجهه اداري جي پاليسين سبب انٽرويوءَ جا ڪافي حصا ايڊٽ ٿيڻ کانپوءِ، آن ايئر ٿيڻ کان رهجي ويا. مون سوچيو ته ڇو نه هيءَ ڳالهه ٻولهه اتاري “پوپٽ” جي پڙهندڙن تائين پهچائجي. سو حبيب سان ڪيل هيءَ ڪچهري اوهان پڙهندڙن جي آڏو آهي.
(2012ع)
.........................................................
تو جهڙي طرح سان منهنجو تعارف ڪرايو آ، مان پاڻ کي ايترن سٺن لفظن جي لائق ڪونه ٿو سمجھان.
سائين نديم انصاري منهنجي جديد قسمَ جي شاعريءَ لاءِ چوندو هيو ته، اها ”شيخ اياز واري گروپ“ واري شاعري آهي.
مون نثري نظمَ لکڻَ جي شروعات پارس حميد جي نظمن کي پڙهڻَ کانپوءِ ڪئي.
نثري نظم پنهنجي جوهر ۾ هڪ تمام ڏکي صنف آهي، جيڪا رت ولوڙڻ کان پوءِ ئي لکي سگهبي آهي.
اڳ ۾ اوليت شاعري هوندي هئي، هاڻي اوليت بهرحال شاعري ڪانهَ رهي آهي.
............ سائين محمود مغل منهنجي انهن ڪالمن کي ڏاڍو پسند ڪندو هيو.
بُرا، خراب اسان هوندا آهيون، محبت نه..... اسان پنهنجيون ناڪاميون محبت جي کاتي ۾ وجھندا آهيون.