ڪتاب گهر کي آف لائين ھلائڻ لاءِ ڪتاب گهر جي ائپليڪيشن انسٽال ڪريو | ✖ ٻيھر نہ ڏيکاريو
شاعري
سُڏڪا سُڏڪا سنڌ
هي شاعريء جو ڪتاب سنڌ جي خوبصورت شاعر عبد سنڌي جي شاعريءَ تي مشتمل آهي.عبد سنڌي هن دؤر جو سٺو شاعر آهي، سندس شاعريءَ ۾ سونهن وڇوڙي جون صدائون، رساما، عشق مجازي، عشق حقيقي کانسواءِ اصلاح به آهي. ته مزاحمت ۽ انقلاب به آهي، سندس شاعريءَ ۾ وزن جي بختگي به نظر اچي ٿي پاڻ شاعر سان گڏ سٺا اُستاد به آهن.
2008ع ۾ سرويچ سجاولي اڪيڊمي جو وجود رکي اوهان عقيدتمندن ۽ احترام لائق سڄاڻ ساٿين سان وچن ڪيو هئوسين ته سرويچ سجاولي اڪيڊمي پاران نه صرف سرويچ سجاولي صاحب ۽ ان جي اولاد پر ٻين اديبن ۽ شاعرن جو قلمي پورهيو پڻ ڇپائي اوهان مهربان مداحن تائين پهچائيندا رهنداسين ۽ اڄ ان واعدي جي تڪميل طور سجاول جي ڀلوڙ شاعر محترم سائين ’عبد سنڌي صاحب‘ جو هي شعري مجموعو ”سُڏڪا سُڏڪا سنڌ“ اوهان جي مبارڪ هٿن ۾ آهي.
سائين عبد سنڌي شاعري جي تقريبن سمورين صنفن تي باڪمال نموني لکندڙ شاعر آهي، جنهن عشق محبت کان ويندي سماجي براين، معاشرتي متڀيد ۽ ڌرتيءَ جي ڏکن سورن تي پنهنجي قلم کي ڀرپور نموني استعمال ڪيو آهي، يقينن سندس شاعري سنڌ جي ڏکن، سورن ۽ دردن جو درمان بنبي ۽ پڙهندڙن جي دلين ۾ پنهنجي جاءِ والاريندي.
سائين عبد سنڌيءَ جو شمار سنڌ جي ڀلوڙ شاعرن ۾ ٿئي ٿو، ۽ سندس شاعري سنڌ جي سمورن سٺن رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿيندي رهي آهي، پر باقائده شعري مجموعو پهريون ڀيرو ڇپجي رهيو آهي، ۽ ان کي ڇپڻ جو اعزاز سرويچ سجاولي اڪيڊمي کي نصيب ٿيو آهي، جنهن لاءِ ادارو سائين عبد سنڌي جو بيحد ٿورائتو آهي.
سورج سجاولي
چيئرمين
سرويچ سجاولي اڪيڊمي سنڌ
مُهاڳ:
لُٽيل ڀنڀور جي واهر جو سڏ
مادرِ وطن سنڌ اهلِ دل ماڻهن جو ملڪ آهي، هن ملڪ جا ماڻهو پنهنجي جيءَ جهان ۾ نرالا اسرار رکن ٿا. انهن جي اندر ۾ هڪڙي آڳ هجي ٿي، جيڪا ڪڏهن ڌڳندي ته ڪڏهن ڀڙڪندي رهي ٿي. اها آڳ سچائيءَ جي، محبت جي، عشق جي آڳ آهي، پاڻ ارپڻ جي آڳ آهي. هنن جون دليون انهيءَ آڳ سان منور رهن ٿيون ۽ شاعري انهن دلين جو لباس آهي. هو شاعريءَ کي پنهنجي دل مٿان ولين وانگر ويڙهي انهيءَ روشنيءَ کي نئين جاوداني، نئين چمڪ ڌمڪ ۽ نئين جرڪ ڏين ٿا. اهي ماڻهو جيڪي شاعري نٿا ڪن، جيڪي شاعر نه آهن، اهي به پنهنجي دل جي نگريءَ ۾ ڪوتا جا تيل ڦليل ڏيئا ٻاري رکن ٿا، ۽ جيڪي شاعر آهن، ڪوي آهن، ڪلاڪار آهن، انهن جي ته ڳالهه ئي نرالي آهي، انهن جي اندر ۾ تخليق جي سونهن پنهنجي پوري حسناڪي ۽ ڦوهه جوانيءَ سان کڙيل رهي ٿي، اها آڳ، اها روشني، اها سونهن جڏهن مجسم صورت وٺي لفظن جي شڪل ۾ ڪاڳر جي بدن تي لهي ٿي، تڏهن حُسن، ڏاهپ ۽ معنيٰ جا نوان نظارا پڌرا ٿين ٿا، جيڪي دلفريب، دلڪش ۽ من موهيندڙ هجن ٿا.
سائين عبد سنڌي به تخليقڪارن جي انهيءَ لاجواب برادريءَ جو حُسناڪ حصو آهي، هو سنڌ جو آهي، سنڌ جي به لاڙ جو آهي، ان ڪري سندس ڪوتا جي ڦلواڙيءَ ۾ جيڪا رنگارنگي، نرملتا، سونهن حليمت، نزاڪت، ڪوملتا ۽ سڳنڌ آهي، اها لاجواب ۽ شاندار آهي. هن جي شاعريءَ ۾ محبت جي کٿوريءَ جي خوشبوءَ به آهي، وصال جا سون ورنا رنگ به آهن، وڇوڙي جون دلسوز آهون ۽ دانهون به آهن، پنهنجن ماڻهن جي هيڻي حال تي ملال به آهي، ته پنهنجي ملڪ ۽ قوم جي وڃايل تشخص، وقار ۽ حيثيت جي بحاليءَ لاءِ جاکوڙ جو اونو به آهي.
جيئن ته ڪائنات ۽ زندگي گوناگون آهن، ان ڪري شاعري پڻ گوناگون گهڻ طرفي، گهڻ رنگي ۽ سڀ پاسائين هجي ٿي. اها پاڻ کي ڪنهن هڪ يا ڪن مخصوص موضوعن جي قيد ۾ بند نٿي رکي، اها ڪائنات، زندگي، سماج، انساني رشتن، ڌرتيءَ جي گولي تي ايندڙ اٿلن پُٿلن، روز روشن توڙي پوشيدا حقيقتن، نِت نوَن جنم وٺندڙ لقائن، ننڍي کان ننڍن ۽ وڏي کان وڏن مامرن، مسئلن، اسرارن، رازن رمزن ۽ خدائي توڙي مانسڪ ڳُجهن جي ڀڃ کول کان وٺي حسن ۽ فن جي تخيلق ۽ اظهار جي نون گهاڙيٽن جي دريافت تائين انيڪ، اڻکُٽ ۽ اڻڳڻين موضوعن کي پنهنجو عنوان بناءِ ٿي. انهيءَ موضوعاتي گهڻس سان گڏ شاعريءَ جي هڪڙي تمام وڏي خوبي اها به آهي ته اها تصور جي لاحدن ۾ اتي به جهٽ هڻي ٿي. جتي عام طور تي نثر نه ٿو پهچي، لاحدن ۾ لوچڻ ۽ حدن لهڻ جي ۽ سپيريان جي سونهن جي قدمد تائين رسڻ جي اها حيرتناڪ خوبي ئي شاعريءَ کي عظيم بلندي، اَٿاهه گهرائي، بيڪران ويڪر، وشالتا ۽ لازوال عظمت عطا ڪري ٿي، اهڙي ئي گهرائي وشالتا، بلندي عظمت سائين عبد سنڌيءَ جي شاعريءَ مان پڻ لياڪا پائي ٿي. اها پنهنجي موضوعاتي وسعت، رنگا رنگي، گونا گونيت ۽ تخيل جي اڏام سبب پڙهندڙ جي جيءَ جهان کي سڀ رنگ سانول جهڙين ڪيفيتن ۾ رنگي ٿي ڇڏي.
عبد سنڌيءَ جي شاعري هونئن ته گهڻ پاسائين، گهڻ طرفي، سڀ رنگي ۽ موضوعي گونا گونيت جي شاهڪاريت سان ڀرپور آهي. پر ان جا جيڪي وڏا، ڇانيل ۽ حاوي پاسا آهن، انهن ۾ سڀ کان ڳرو ۽ وزندار پاسو سندس قومي شاعريءَ وارو آهي، سندس قومي شاعريءَ ۾ جيڪا فني ۽ فڪري اڏام آهي، اها وڏي اثرانگيز آهي ۽ ان کي پائندگي حاصل آهي. سندس قومي شاعريءَ کي ٽن حصن ۾ ورهاءِ سگهجي ٿو. هڪ هو سنڌ ملڪ ۽ سنڌي قوم جي وڃايل قومي آزادي ۽ قومي تشخص جي حاصلات ۽ بحاليءَ لاءِ جاکوڙ جا سڏ ۽ واڪا ڪندو نظر ٿو اچي. سنڌي قوم جي هزارين سالا تهذيب، ثقافت، ٻولي، تمدن، تاريخ ۽ جدا گانا قومي تشخص ۽ ملڪي حيثيت جي بحالي ۽ بچاءُ صرف ئي صرف پنهنجي ”قومي راڄ“ جي صورت ۾ ئي ممڪن ٿو سمجهي. ان ڪري ڪٿي هو ڀاڳ کي جاڳ جي روشني ڏيڻ جي تاڪيد ٿو ڪري، ڪٿي لُٽيل ڀنڀور جي واهر جا سڏ ٿو ڪري، ڪٿي چانڊوڪين ۽ چيٽن جي رکواليءَ جون صدائون ٿوڪري پر هو هرصورت ۾ سنڌ تي سُهائي آڻڻ لاءِ جاکوڙ، جدوجهد ۽ اُميد جا ڏيئا ٻرندا رکڻ گهري ٿو. قومن ۽ ملڪن جي زندگين ۾ آزادي ئي سهائي آهي. جڏهن ته غلامي ٻاٽ اونداهه جي مصداق آهي، ٻاٽ مان جدوجهد جي لاٽ ئي ڪڍي سگهجي ٿي ۽ اها لاٽ آخرڪار وڌي، ويجهي، پکڙي بلند ٿي سهائي سهائي ٿي ٿي وڃي.
سنڌ جي ملڪي قومي عظمت، تاريخي حيثيت، آزاديءَ لاءِ جدوجهد ۽ قومي جبر جي اُپٽار کانسواءِ سندس قومي شاعريءَ جو جيڪو ٻيو پاسو آهي، اهو طبقاتي جبر ۽ ڦُرلٽ کي نروار ٿو ڪري. سنڌ جو جاگيردار ۽ مردار مٿيون طبقو ڪيئن نه ڌارين جي هٿن ۾ ڪَٺ پتلي بڻجي پنهنجي ئي قوم جو مارو بڻيل آهي، ۽ ڪيئن نه ڄئور جيان عوام جو رت چوسي مچي مواڙ ٿي پيو آهي. اهو عبد جي شاعريءَ ۾ روز روشن وانگر عيان ٿئي ٿو. هو سخت ڀوتارڪي وڪڙ ۽ جڪڙيل سنڌي سماج تي زبردست چوٽ ٿو ڪري ۽ ان مان بند خلاصي ٿيڻ لاءِ عوام کي پنهنجن پيرن تي بيهڻ ۽ پنهنجون واڳون پنهنجن هٿن ۾ وٺڻ تي آڀاري ٿو.
سندس قومي شاعريءَ جو ٽيون پاسو خود تنقيدي يا سياسي، سماجي تنقيد وارو پاسو آهي، هر عظيم فنڪار ۽ ڪلاڪار رڳو پنهنجي قوم يا عوام جا ڳُڻ ڪونه ڳائيندو آهي، پر اهو ان تي تنقيد به ڪندو آهي، اها تنقيد ڪنهن ڪوفت، نفرت يا بڇان تي بيٺل ڪانه هوندي آهي، پر ان جي پٺيان شديد محبت جو جذبو ڪارفرما هوندو آهي. قومن جا عظيم محسن، رهنما ۽ ديدآور پنهنجي قومن جي آرسي به هوندا آهن. اها آرسي فقط سونهن، عظمت ۽ خوبيون نه ڏيکاريندي آهي، اها ڪوتاهيون، اوڻائيون، اوڳڻ ۽ سماجي برائيون پڻ پڌريون ڪندي آهي. اها تنقيد ان لاءِ هوندي آهي، جو اهي انسان پنهنجن قومن مان اهي اوڻايون ڪوري ڪڍڻ گهرندا آهن، ڇو ته اهي اوڻايون قومي جسم مٿان ڪنهن ڦٽ وانگر بدنما لڳنديون آهن. ڪنهن به خامي، اوڻائي يا خرابيءَ مان جان تڏهن ڇڏائبي، جڏهن اها شعور جي پڙدي تي پڌري ٿيندي. برائي يا خرابي جيستائين لڪل رهندي، تيستائين زندهه رهندي.ان ڪري جڏهن ڪو ڪلاڪار پنهنجي عوام تي تنقيد ڪري ٿو ته ان جي معنيٰ اها ٿي ٿئي ته هو پنهنجي عوام کي اڃا وڌيڪ سهڻو، لائق ۽ ڳڻوان ڏسڻ گهري ٿو. عبد سنڌي به سنڌي سماج ۾ پيدا ٿي پيل اهڙين اوڻائين جو تذڪرو ڪندي انهن جي خاتمي جي چاهنا ڪري ٿو. ڪنهن به اوڻائيءَ جو خاتمو ڪنهن نئين خوبيءَ جي پئدائش جا در کولي ٿو. سو سائين عبد سنڌي به سنڌي سماج کي سٺائين ۽ چڱائين جي نين رفعتن تي وٺي وڃڻ ٿو گُهري، تنهنڪري سنڌي سماج جي وڻ جو ڇانگيارو ٿي بيهي ٿو. هو سنڌي عوام کي سماجي برائين، سستي، ڪمزوري، خود ارادي ۽ اعتماد جي اڻهوند، ٺهلي ڦونڊ، لٻاڙ، اجاين جهيڙن جهٽن، ڦڏن، فشرين، نفاق، انتشار، اجتماعي شعور جي اڻاٺ ۽ ماٺ جي اوڙاهه مان نڪري قومي جياپي ۽ عوامي جياپي ۽ عوامي خوشحالي جي راهه تي رڙهندو ڏسڻ گهري ٿو.
اوهان جا گلشن اندر گذارا، گلن سان آهي اوهانجي رِلمِل،
اسين پري کان ڏسون به جيڪر اُڀيون اسان تي تکيون تراريون.
چيم هر موڙ تي هر هنڌ، سوا ڏک جي مليو ناهي،
چيائون سچ چوڻ جهڙا، اڙانگا ڪم ڪندو آهين.
نه نعرا نه جلسا، نه هوڪا نه واڪا،
عُمر قيد گهارڻ، وڏي ڳالهه آهي.
هتي مونکي ننڍي کنڊ جي وڏي اديب ۽ دانشور مائي ارون ڌتي راءِ ياد اچي وئي آهي. تازو بي بي سي تان نشر ٿيل سندس انٽرويو ۾ جڏهن کانئس اهو سوال ڪيو ويو ته، ”ڇا توکي جيل وڃڻ جو شوق آهي!؟“ ته ان جي جواب ۾ مائيءَ وراڻيو ته، ”نه مونکي هرو ڀرو جيل وڃڻ جو شوق ڪونهي، آئون جيل وڃڻ نه ٿي چاهيان، البت هڪ طرف سرڪاري جيل آهي، ٻئي پاسي ماڻهوءَ جي پنهنجي اندر جو وڏو جيل آهي، جڏهن ڪوئي ليکڪ سرڪاري جيل وڃڻ جي ڊپ کان پنهنجي ضمير جو سڏ نٿو ورناءِ سچ جي ڳالهه نٿو ڪري ته هو پنهنجي اندر جو جيل پنهنجي سِر تي ٿو کڻي. اهڙي جيل ۾ جڪڙجڻ کان سرڪاري جيل ۾ وڃڻ وڌيڪ بهتر آهي.“ سائين عبد سنڌي به اهائي ڳالهه ٿو ڪري، بلڪ ڪنهن حد تائين هن ارون ڌتي راءِ کان به ڪجهه وڌيڪ وزندار ڳالهه ڪئي آهي. هو نه صرف سچ جي ڳالهه، پر سچ لاءِ جدوجهد، جاکوڙ ۽ پتوڙ ٿو چاهي.
جيڪڏهن زندگيءَ ۾ اهو تحرڪ ناهي ته زندگي زندگي نه ٿي رهي. نه فقط ڪوئي ڪلاڪار يا تخليقڪار، پر عام ماڻهو به جيڪڏهن متحرڪ، سرگرم ۽ پنهنجي دؤر جي سچ جو ساٿاري ناهي ته هو پنهنجي جيون کي عمر قيد ۾ بدلاءِ ٿو ڇڏي، جيڪا ڳالهه عبد جهڙي انسان لاءِ اجوڳي اَسونهيندڙ آهي.
جيتريقدر عبد سنڌيءَ جي رومانوي شاعريءَ جو تعلق آهي، ته اها پڻ تمام جاندار، سگهاري ۽ شاهڪار شاعري آهي. سندس رومانوي شاعريءَ ۾ انساني احساسن، امنگن، اڌمن، جذبن ۽ اندر جي آنڌ مانڌ ۽ ولوڙ جي جيڪا اُپٽار ڪيل آهي، اها ايڏي ته لاجواب آهي، جو ماڻهو سمجهي ٿو ته اها سندس ئي من جي ڳالهه ڪيل آهي.
عشق جي نفيس احساسن، عورتاڻي حُسن جي دلفريب چانڊوڪي، ادائُن جي دلڪشي ۽ دل جي دل لاءِ اجهل ۽ اروڪ ڇڪ کي جنهن فنڪاراڻي ڪمال سان لفظن ۾ تراشيو ويو آهي، اهو نهايت ئي وڻندڙ، آفرين لائق ۽ قابل ستائش عمل آهي، جيڪو جهڙي تهڙي شاعر جي وس جي ڳالهه نه آهي. شاعري درد جي سوداگري آهي، شاعري عشق هٿان لڻيل دل جي ٻنيءَ مان احساسن جو چونڊو ڪرڻ جو نالو آهي. تيلو تيلو ڪري گڏ ڪيل درد ۽ احساس جي سٿيءَ کي ڪُٽي ڇنڊي ڦوڪي جيڪي سالم ڪڻا ڪڍجن ٿا، اهي ئي لافاني شاعريءَ جو روپ وٺن ٿا.
جڏهن عبد سنڌي اسان کي اهڙا احساس ڪڻا آڇي ٿو، ته اهي هيئن جرڪندا سامهون اچن ٿا.
اهي ته ڪومل تيوَر نظرون،
ناز نهارون اڃا به اڳتي.
مُرڪي مُرڪي، مون به ڏٺو هو،
تو به کنيا ها، نيڻ نماڻا.
جنونِ حوس مون تي ايڏو ٿيو طاري،
ڪيم جنتن ۾ به حُورن ڏي لاڙو.
تنهنجي در جي دلبر گدائي وڻي ٿي،
وفائي ته ڇا بيوفائي وڻي ٿي.
منهنجي منزل اُڀ کان اڳتي،
چنڊ مٿي مس چڙهيو آهيان.
سائين عبد سنڌي جي رومانوي شاعري جي هڪڙي اهم ۽ وڏي خصوصيت اها به آهي ته اها سماجي نفسيات ۽ سماجي شعور جي زبردست عڪاس آهي. گڏوگڏ هو روايتي اک سان ڏسڻ بدران عشق ۽ محبت جي مامرن کي نئين نظر سان ڏسي ٿو. شيڪسپيئر جي هن ڳالهه ته ”او انگلينڊ! آئون تنهنجي غدارن سان به محبت ٿو ڪريان“ وانگر سائين چئي ٿو ته، ”اي محبوب تنهنجي وفائي ته ڇا بيوفائي به منهنجي دل ۾ لهي وڃي ٿي، وڻي ٿي ۽ مونکي پياري آهي.“ اسان جنهن قسم جي سماج ۽ ذهني سطح ۽ سماجي روين واري ماحول ۾رهون ٿا، اتي ان قسم جي ڳالهه نئين نرالي ۽ جدت سان ڀرپور آهي، اهڙي نواڻ اسانکي سندس شاعريءَ ۾ هنڌين ماڳين نظر اچي ٿي.
جيتريقدر عبد سنڌيءَ جي شاعري جي فني پاسي جو تعلق آهي، ته اهو پڻ ڏاڍو سگهارو ۽ دل آويز آهي، آئون سمجهان ٿو ته ان لاءِ ايترو چوڻ ئي ڪافي آهي ته هو لاڙ جو آهي، لاڙ جتي حاجي احمد ملاح، صاحبڏنو شاهه، ابراهيم منشي، محمد خان مجيدي، سرويچ سجاولي، سيد اڪبر، علڻ شاهه، ارشاد ساگر ۽ محسن عباسي جهڙا شاعر پيدا ٿيا. اڃا به اڳتي شاهه عبدالڪريم بلڙي وارو پيدا ٿيو. اها نالن جي ڪهڪشان جي ڊگهي جهرمٽ آهي، اهو تسلسل جاري وساري آهي، آپا مريم مجيدي، غلام حُسين رنگريز، حافظ محمد نظاماڻي، عبد ماڃوٺي، مانجهي، ڪوي، اياز امر شيخ، جمن سوهو، ديدار شاهه ساپڙي وارو، محمد ٻارڻ حبيب الله سانگي سجاولي، سورج سجاولي ۽ ٻيا ڪئين نالا آهن، جيڪي اُنهي جهرمٽ ۾ جرڪي رهيا آهن. انهي جهرمٽ ۾ سائين عبد سنڌي جو نالو نرالي ۽ منفرد ستاري سمان آهي، جنهن جي جوت ڏاڍي پياري ۽ وڻندڙ آهي.
مون ويجهڙ ۾ پنهنجي هڪڙي تقرير ۾ ٻهڳڻي ڪوي مرهيات حسن درس لاءِ چيو هو ته ”حسن درس شيخ اياز جي دؤر ۾ پيدا ٿيو، پر سندس انفراديت اها هئي ته هن اياز جي اهل ڪرڻ بدران پنهنجو نرالو لهجو، نئون اسلوب ۽ الڳ انداز بيان پيدا ڪيو. هن جي شاعري تي اياز جي ڇاپ ناهي.“ اهڙا آڱرين تي ڳڻڻ جيترا شاعر آهن، جن مان عبد سنڌي به هڪ آهي. هن جي ٻولي، هن جو لهجو، هن جو انداز سڀ هن جو پنهنجو آهي، ان تي ٻئي ڪنهن به پيشرو يا همعصر شاعر جي ڪائي ڇاپ نظر نٿي اچي. هن جي ٻولي عوام لاءِ آهي، عوام جي ٻولي آهي. پر ڏاهپ ۽ فن جي نقطن ۽ رمزن سان سرشار ٻولي آهي، جيڪا هر عام ۽ خاص جي سمجهه وٽان به آهي ته ان جي سمجهه کي هيٺين سطح کان کڻي مٿي آڻيندڙ به آهي.
مونکي هن موقعي تي عربي جي زبردست شاعر نابغا ذبياني جي هڪڙي شعر جو ترجمو ياد اچي رهيو آهي، هن لکيو آهي ته:
منهنجا محبوب!
مون توکي ان مهل ياد ڪيو،
جڏهن ڪڻڪ رنگيون بڙڇيون،
منهنجو خون پي، ڍاپي، ڳاڙهيون ٿي چڪيون هيون.
آئون سمجهان ٿو ته سائين عبد سنڌي جي هن ڪتاب، ”سُڏڪا سُڏڪا سنڌ“ ۾ موجود هيءَ شاعري ياد رهجي وڃڻ جهڙي شاعري آهي. اها تڏهن به ياد اچي سگهي ٿي، جڏهن محبوب جي گلنار چپن تي چمين جا ڏاڙهونءَ گل کڙندا هجن. ۽ اها تڏهن به گهايل چپن تي اُڀري ٻُري سگهي ٿي، جڏهن بڙڇيون سرخ ۽ جسم رت ۾ لال هجي ۽ انهيءَ گهاءُ گهاءُ لالائي مان اڀري اچي محبوب جي سُرهي سُرهي ۽ مُرڪ ڀري سار.
سنڌ سلامت ساٿ سلامت.
نواز خان زئور
ڳوٺ احمد خان زئور، ميرپور بٺورو
ضلع ٺٽو.
22 سيپٽمبر 2011ع
پنهنجي پاران
1966ع ۾ گورنمينٽ پرائمري اسڪول اوڀاڙا مان پرائمري پنج درجا پاس ڪيم. تن ڏينهن ٻهراڙين ۾ مِڊل اسڪول ڪونه هئا، جيئن هينئر آهن، غربت جي ڪري وڌيڪ پڙهائيءَ جي سهوليت ڪانه ٿي تنهنڪري ٻن سالن تاءِ ڪاٺي، ڦانگي، ٻني ٻاري جو ڪم ڪيم ۽ مال چاريندو هوس. پر الله سائين مرحوم سائين حاجي شير علي شاهه صاحب کي جنت ۾ جايون بخشي جنهن ڳوٺ جي لاءِ مرڪزي سرڪار کان مڊل اسڪول منظور ڪرايو. اسڪول جي بلڊنگ ٺهڻ ۾ چار آنه روز تي مزدوري ڪيم ۽ جڏهن اسڪول ٺهي راس ٿيو ته ان ۾ پڙهڻ ويٺس اتان کان منهنجو اڌ ۾ رهيل پڙهائيءَ جو سفر وري شروع ٿيو، مڊل تائين تعليم پوري ڪري نائين ڪلاس ۾ گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول سجاول ۾ داخلا ورتم. ان زماني ۾ بيٽ آفيسر سائين حُسين بخش مگسي ۽ عثمان شاعر سجاوليءَ جا ڪلام لوڪ فنڪار ماستر احمد ملاح شادين مرادين ۾ ڳائيندو هو، انهن کان متاثر ٿي مونکي به شاعري ۽ ڳائڻ جو شوق ٿيو. ڳائڻ جو شوق پورو ڪرڻ لاءِ اڳتي هلي سجاول ۾ پنهنجو ميوزيڪل ڪلب ”لطيف ميوزيڪل ڪلب سجاول“ جي نالي سان کوليم جنهن ۾ منهنجو ٻانهن ٻيلي جي – ايم سومرو هو. اهو ڪلب مون ڏهه سال هلايو، جتي اُستاد گل حسن مڱڻهار، استاد غلام رسول مڱڻهار المعروف ڀاءُ غلام جاتيءَ وارو، ۽ عثمان مڱڻهار کان راڳ جي سکيا ورتم.
پر جيئن ته آئون هڪ مذهبي گهراڻي جو فرد هُئس انڪري، فنڪار ٿيڻ لاءِ ڪافي رنڊڪون هيون. جنهنڪري فنڪار نه ٿي سگهيس باقي راڳ جي ڄاڻ، تال ۽ لئه ۾ ڳائڻ جي ڪجهه معلومات حاصل ٿي. فنڪار نه ٿيڻ جو اڄ به ارمان اٿم، باقي شاعريءَ ۾ منهنجو پهريون اُستاد محمّد عثمان شاعر سجاولي هو. 1973ع ۾ مون مئٽرڪ پاس ڪئي، علم سائنس پڙهڻ جي ڪري، علم، عقل ۽ شعور ۾ واڌارو ٿيندو ويو.
شاعري نازڪ نفيس جذبن جي احساسن جو اظهار آهي، شاعري اها جيڪا سماجي اُٿل پُٿل جي صحيح عڪاسي ڪري، شاعريءَ ۾ شاعر جو پنهنجو مقصد پهرين شيءَ هوندو آهي. مقصد شاعريءَ جو جياپو هوندو آهي، ۽ فني پختگي يا بحروزن سندس سونهن هوندو آهي. جيئن ڄاول ٻار کي تنجڻ وجهبو آهي، مٿو رکي سهڻو بنائبو آهي، تيئن شاعريءَ ۾ بحروزن سندس تنجڻ هوندو آهي. مون به شاعري، حُسن ۽ راڳ کي پنهنجي زندگيءَ ۾ پسند ڪيو. آهستي آهستي، سونهن، پيار، محبت، انس، سُرت ساڃاهه سان دل لڳڻ لڳي. هر شيءَ ۾ سونهن نظر آئي، سهڻا نظارا، سهڻا ماڻهو سهڻا اکر، سهڻو هلڻ، سهڻو ملڻ، سهڻو نهارڻ سهڻو ڳائڻ وڻندا هئا. راڳ ۽ لئه ۾ يڪسانيت سمجهه ۾ آئي، ته وحدانيت جي رمز به سمجهه ۾ اچڻ لڳي. مون انهن کي اپنايو. انهن سان پيار ٿيڻ لڳو. ڇو ته دنيا جي هر شيءَ ڳالهاءِ ٿي پر ڪو سمجهڻ وارو هجي. اهي سڀ داخلي توڙي خارجي، حالتون ۽ ڪيفيتون مونکي شاعر بنائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيون. ۽ وري جڏهن سماج ۾ سياسي، سماجي ڪاروهنوار ۽ اُٿل پُٿل تي نظر پئي ته ان ۾ هارين، نارين، مسڪين، اٻوجهه ۽ بيوس ماڻهن مٿان جيڪي وڏيرن جا ظلم هوندا هئا، اهي ظلم ماڻهو ڪتابن ۾ پڙهن ٿا، پر مون اکين سان ڏٺا هئا. جنهنڪري دل تمام گهڻو دکي ٿيندي هُئي، دل ۾ خيال ايندا هئا ته انهن ظلمن جي خلاف جدوجهد ڪجي پر طاقت نه هئڻ سبب ڪجهه نه ڪري سگهندو هوس. پوءِ دل جو بار هلڪو ڪرڻ لاءِ انهن واقعن کي ننڍين ننڍين ڪهاڻين ۽ شعرن ۾ لکي ڇڏيندو هوس. جنهن کي ڊائريءَ جا ورق چئي سگهجي ٿو. 1976ع ۾ ڪاليج دوران سائين محسن عباسي ٺٽي وارو اسانکي سنڌي پڙهائيندو هو جنهن کان شاعريءَ ۾ بحروزن ۽ گرامر جي سکيا ورتم.
1977ع ۾ مون هڪ اُستاد جي حيثيت سان سروس جوائن ڪئي. هاءِ اسڪول ٺٽو کان بدلي ٿي هاءِ اسڪول سجاول آيس جتي هڪ محنتي، روشن خيال اُستاد، سائين عبدالڪريم کٽي صاحب سان صحبت ٿي جنهن کان مونکي لکڻ، پڙهڻ، پڙهائڻ ۽ ڳالهائڻ جو ڏانءُ مليو. سندس رٽائر ٿيڻ جي آخري ڏينهن ۾ ساڳئي اسڪول ۾ هڪ نوجوان غلام محمد سومرو اڳتي هلي جي – ايم سومرو جي نالي سان وقت جي مخلص ۽ ڀلور صحافيءَ جو سنگ نصيب ٿيو. توڻي جو هو مونکان عمر ۽ تجربي ۾ ننڍو هو پر سندس سنگ سٺو لڳو. تنهن نه رڳو شاعري شايع ڪرائڻ لاءِ همٿايو پر شاعري شايع ڪرائڻ ۾ مدد ڪيائين. آئون انتهائي ٿورائتو آهيان، منهنجي دوست، منهنجي محسن محترم عزيز ڀٽي صاحب جو جنهن ڪتاب ڇپرائڻ لاءِ منهنجي هڙان ۽ وڙان مدد ڪئي. منهنجو پهريون مضمون، (علم روشني آهي) گل ڦل ٻارن جي رسالي ۾ شايع ٿيو. ان جي مونکي ايتري خوشي ٿي جو رسالو کڻيو سڀني دوستن کي ڏيکاريندو رهيس. ايئن مختلف شاعريءَ جون صنفون اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيڻ لڳيون مشاعرن ۾ شاعري پڙهڻ لاءِ دعوتون ملنديون رهيون ۽ مشاعرن ۾ شاعري پڙهڻ شروع ڪيم، ماڻهن جي داد ڏيڻ تي همٿ وڌندي رهي.
مشاعرن ۾ شاعري پڙهڻ کا اڳ۾ سائين محمد خان مجيدي، سرويچ سجاولي ۽ عثمان شاعر سجاولي کان هڪ دفعو نظر مان ضرور ڪڍائيندو هوس. هڪ دفعو هڪ شعر سائين محمد خان مجيديءَ کي ڏيکاريندي عرض ڪيم ته سائين هن مان ڪا ڪسر ڪڍو ته پاڻ ڏسي چيائين هن ۾ ڪا به ڪسر ڪانهي جيڪا ڪڍجي ان جو مطلب اهو ڪونه هو ته ڪو شاعريءَ ۾ ڪسر ڪانه هئي، پر اهو سندس منهنجي همٿ وڌائڻ جو انداز هو. ايئن وقت گذرندو ويو. 1989ع ۾ مشتاق هاشماڻي سنڌي ادبي سنگت سجاول جي هفتيوار گڏجاڻيءَ ۾ اچڻ جي دعوت ڏني ۽ مونکي متعارف ڪرايائين. پوءِ باقائدي سنگت جي گڏجاڻين ۾ ويندو رهندو هوس. وقت به وقت سنگت سجاول شاخ جو سيڪريٽري رهيس، ان دؤر ۾ مون سنگت سجاول جي عورتاڻي شاخ جو بنياد وڌو ان جي پهرين سيڪريٽري ادي فوزيه ابڙو هئي. اڄ تائين سنگت سان سلهاڙيل آهيان. اهو ته هڪ ادبي اسڪول آهي، جتان ته تمام گهڻو حاصل ٿيو. ايئن لکندي لکندي ڪتاب جيترو مواد گڏ ٿي ويو. مونکي خواب خيال ۾ به نه هو ته ڪو منهنجو ڪتاب شايع ٿيندو. پر اها سائين سرويچ سجاوليءَ جي فرزند منهنجو پيارو شاگرد ذوالفقار سرويچ (سورج سجاولي) جي محنت ۽ سهڪار آهي جو منهنجو هي ڪتاب توهان جي هٿن ۾ آهي، آئون انتهائي ٿورائتو آهيان، منهنجن دوستن صحافين جو جن ۾ هدايت الله کٽي، اسلم ميربحر، جي ايم سومرو، لڌو مڇارو، جي ايم ميمڻ جن صاحبن وقت به وقت منهنجي شاعري ۽ مضمون کي سندن اخبارن ۾ شايع ڪرايو. آئون سنڌي ادبي سنگت سجاول جي سڀني عهديدارن ۽ ميمبرن جو پڻ ٿورائتو آهيان، جن منهنجو ڪتاب شايع ڪرائڻ لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. خاص ڪري انهن دوستن جو جن منهنجي ڪتاب لاءِ پنهنجا تاثرات هن ڪتاب ۾ قلمبند ڪيا آهن. جن ۾ محمد ٻارڻ جنهن صاحب منهنجي شاعري جي تقطيع ڪرڻ ۾ منهنجي مدد ڪئي، اياز امر شيخ جنهن ڪتاب جو نالو ۽ ٽائيٽل لاءِ منهنجو ٻانهن ٻيلي رهيو. ۽ واحد سوز ملاح ساحل سنڌي، عبدالڪريم کٽي آهن. آئون انهن سڄاڻ، روشن خيال ۽ هم خيال دوستن ۽ محسنن کي به وساري نٿو سگهان جن ۾ سائين غلام حسين رنگريز صاحب، مرحوم قاسم پٿر، مرحوم ڊاڪٽر محمد خان مخمور، عبدالڪريم کٽي، ڊاڪٽر کيمچند لوهاڻه، وقار آغا، جي ايم سومرو، ذاڪر کٽي، مشتاق هاشماڻي، مظفر ميمڻ، عبد ماڃوٺي، رحمت الله ماڃوٺي، مرحوم حسام سومرو جن سان سياسي، سماجي، سائنسي، علمي، ادبي مذهبي ۽ تصوف تي وڏا بحث ٿيندا هئا. جن جي ڪچهرين مان مون تمام گهڻو پرايو، ۽ ٿورائتو آهيان، فرنٽ سجاول جي سرڪرده ڪارڪن ۽ هروقت سنڌ جو درد رکندڙ ڪامريڊ عزيز ميمڻ جو جيڪو ڪتاب شايع ڪرائڻ لاءِ مون کان باربار پڇندو هو.
آئون منهنجي ڀيڻ سانئڻ مريم مجيدي صاحبه جو به تمام گهڻو احسان مند آهيان جنهن ڪتاب جي بئڪ ٽائيٽل لاءِ ٻه لفظ منهنجي نظر ڪيا.
انتهائي ٿورائتو ۽ احسان مند آهيان، منهنجي محترم منهنجي سائين، سنڌ جو درد رکندڙ، سنڌ خاطر جيل جون سختيون ۽ اذيتون سهندڙ، سنڌ جي قومي قافلي جي سرواڻي ڪندڙ قومپرست سائين نواز خان زئور صاحب جو جنهن پنهنجي گوناگون مصروفيتن مان ڪجهه گهڙيون ڪڍي منهنجي ڪتاب جو مهاڳ لکيو.
آئون ڪو وڏو شاعر يا اديب ڪونه آهيان، وڏا شاعر ۽ اديب ته اهي هئا جن جي صحبت ۾ رهي مون انهن کان گهڻو پرايو. آئون پنهنجي شاعريءَ بابت ڪجهه به نه چوندس ته ڪو مون وڏا ڦاڙها ماريا آهن، بس سماجي ۾ جيڪي ڏٺم ۽ جيئن سمجهيم انهن واقعن ۽ حالتن کي لفظن جو روپ ڏنو اٿم، منهنجي شاعريءَ جو هي ڪتاب جيڪو توهان صاحبن جي هٿن ۾ آهي، اهو ڪيتري ٿو مقبوليت ماڻي، اهو توهان اهل ادب دوستن پڙهندڙن تي ڇڏيل آهي، اميد ته مونکي اوڻاين کان واقف ڪندا.
ٿورا نه ٿورا مونتي ماروئڙن جا.
توهانجو ساڳيو
عبد سنڌي
15 سيپٽمبر 2011ع
موبائيل: 0333-3220807
تاثر
مونکي عبد سنڌي جي اکين ۾ تهذيب جي تاريخ هر وقت لُڇندي محسوس ٿي آهي. پاڻ اڏول احساسن جو آسمان بڻيل انسان فرقن ۽ روايتن کان پاڪ نظر ايندو آهي. الئه ڇو هروقت من ۾ اهو گُمان عشق جون اکيون کولي اُڀرڻ لڳندو آهي، ته عبد سنڌي جي مٽيءَ کي ڀٽائي پنهنجن هٿن سان پاڻ گهڙي تنبوري جهڙي تار ڏئي سُرن جي سفر تي صدائُن جو سيلاني بڻائي ڇڏيو آهي. جنهن جي ورق ورق ۾ ڌرتيءَ جو درد دڌڪا ڪري وهي رهيو آهي. پاڻ قلندري صف جو اُهو سچو ڪوي آهي، جنهن جي قلم مان حق منصور جئيان ڪنڌ ڪپائڻ لاءِ ڪَر کڻندو رهي ٿو. سندس شاعريءَ ۾ ڏاڍ کي ڏارڻ جا ڏس ۽ سنڌ جي آزاد صُبح جا گهرا گس وارثيءَ جو وطن بڻجي سچ جي سرحدن جي پاسداري جو پيغام ڏئي رهيا آهن. عبد سنڌي سنڌ جو اُهو صوفي شاعر آهي! جنهن جو روح رولاڪين جا رڻ لتاڙي عشق جي الله اڳيان سجدا ڏئي هر فرق کي فنا جي رستن جو راهي بنائي ڇڏيندو آهي. تڏهن ته سندس هر سرجيل سَٽ مان انقلاب جو آواز جرئتن سان جنگ وڙهندي اڄ به ساکائتن قدمن سان اڳتي وڌي رهيو آهي. هن سنڌ جي سُجاڳ صوفي شاعر کي دُعا آهي ته شال صدائين سنڌ جي سُڪل سينڌ لاءِ سنڌ ور جهڙا ريٽا گيت گهڙيندو رهي.
اياز امر شيخ
2011-10-10
تاثر 2
سائين عبد سنڌي بهترين انسان، سٺو اُستاد ۽ ڀلوڙ شاعر آهي، عوامي شاعرن سرويچ سجاولي ۽ محمد خان مجيديءَ جي صحبت ۾ رهندي هن پنهنجي شاعري کي خوب سنواريو ۽ سُڌاريو آهي، سندس شاعريءَ ۾ جتي عشق جا اُلاءُ ۽ پيار جي پالوٽ مهراڻ جي موجن جيان ڇلڪندي نظر اچي ٿي، اتي ڌرتيءَ ماءُ سان محبت ۽ انهيءَ سان ڪيل عقوبتن جي پڻ ڀرپور عڪاسي نظر اچي ٿي، پاڻ جتي ٻالڪ بڻجي ٻالڪپڻي جي موج مستين ۾ مهو نظر اچي ٿو، اتي جواني ۾ زندگيءَ جي اهنجن ۽ آزارن تي احتجاج ڪندي نظر اچي ٿو. هو ٻارن، ٻُڍن ۽ جوانن جي ترجماني ڪرڻ سان گڏ هن ڪائنات جي سڀ کان عظيم ترين ۽ مقدس هستي عورت جي اهنجن آزارن ۽ اِلتجائن کي اندر ۾ اوتي لفظن جي موتين سان مرهم رکڻ جي پڻ ڀرپور ڪوشش ڪندي نظر اچي ٿو، سندس شاعري محبوب جي ماڻن کان ويندي سنڌ ڌرتي ۽ ان جي مارو ماڻهن جي ڏکن، سُورن، اهنجن، آزارن جو داستان هئڻ سان گڏ درمان به آهي، سندس شاعري غلامي لاءِ گار ۽ آزاديءَ جي علامت آهي. پاڻ سنڌ جو ترجمان ۽ بيباڪ شاعر آهي پر وقت آهر ڇپجي نه سگهڻ ڪري گمنامي جي غار ۾ پيل رهيو آهي پر سندس هي شعري مجموعو کيس عزت، عظمت ۽ سُڃاڻپ جي اعليٰ مقام تي ضرور پهچائيندو ۽ سجاول جي گهٽين ۽ ڳوٺن ۾ سڃاتو ويندڙ هي درويش صفت انسان سموري سنڌ ۾ پرهه جي باک جيان پنهنجي سڃاڻپ پاڻ پيدا ڪندو.
سورج سجاولي
تاثر 3
عبد سنڌي هن دؤر جو سٺو شاعر آهي، سندس شاعريءَ ۾ سونهن وڇوڙي جون صدائون، رساما، عشق مجازي، عشق حقيقي کانسواءِ اصلاح به آهي. ته مزاحمت ۽ انقلاب به آهي، سندس شاعريءَ ۾ وزن جي بختگي به نظر اچي ٿي پاڻ شاعر سان گڏ سٺا اُستاد به آهن. پاڻ ذات جو شاعر آهي پر ڏات به وٽس آهي. جيڪا کيس اباڻي ورثي ۾ ملي آهي، سندس ڏاڏو مرحوم حاجي الهڏنو شاعر به شاعري ڪندو هو، سندس وڏو ڀاءُ محمد يوسف لاغر به شاعر هو، ان کانسواءِ مرحوم محمد عثمان ”شاعر سجاولي“ جيڪو سندس سئوٽ هو اهو به ڀلو شاعر هو پر اهي ٻهراڙيءَ ۾ رهائش پذير هئا ۽ ٻيو غربت جي ڪري سندس شاعري منظر عام تي اچي نه سگهي. عبد سنڌيءَ جي شاعري پڙهڻ کانپوءِ معلوم ٿئي ٿو ته هي سندس سئوٽ محمد عثمان ”شاعر سجاوليءَ“ کان گهڻو متاثر ٿو ڏسجي، سندس ڪتاب ”سُڏڪا سُڏڪا سنڌ“ سنڌ جي ادبي کيتر ۾ واڌارو ٿيندو.
هي پهريون دفعو آهي، جو ڳوٺ اوڀاڙا ۾ رهندڙ شاعر خاندان جي هڪ فرد جو ڪتاب منظرعام تي اچي ٿو. مونکي سندس هيٺيون شعر تمام گهڻو وڻندو آهي. جيڪو پاڻ سجاول هاءِ اسڪول ۾ بزم جيلاني ادب طرفان سڏايل مشاعري ۾ پڙهيو هئائين.
ڪُنبا ڇو ٽارکو اپنا حلالي ٻار تي بندش،
ڄڻيندو تون وتين جت ڪِٿ حرامي ٻار واهه ڙي واهه،
ڀلا جي اڻپڙهيل آهين، ته صحافي تون به ٿي ويندين،
لکان ٿو مان، تنهنجي نالي ڇپي اخبار واهه ڙي واهه،
اڄوڪا ڪيسٽي شاعر کٽن دعائون پيا عاشق جون،
نياپو گهر وڃي آهي ڏنو فنڪار واهه ڙي واهه.
هاڻي اهو ڪتاب ڪيتري ٿو مقبوليت ماڻي اهو پڙهندڙن تي ڇڏيل آهي.
عزيز جعفراڻي سجاول
تاثر 4
عبدالله ”عبد سنڌي“ لاڙ جي مرڪزي علائقي ماڃر جي ڳوٺ اوڀاڙا لڳ ٽيماڻي تعلقه سجاول ضلع ٺٽو ۾ جنم ورتو. سندس ڳوٺ جي شاعر ذات جي ماڻهن کي ڏاتار شاعريءَ جي ڏات سان خوب نوازيو آهي. انهيءَ ڏات جي ڪري مٿن شاعر ذات پيئي. عبد سنڌي باشعور، قومپرست، حساس دل ۽ روشن خيال ذهن رکندڙ آهي. جتي به عام ماڻهوءَ ۽ ماڻهوءَ سان معاشري ۾ ظلم يا زور آوري ڏسي ٿو ته ان ظلم جي خلاف بغاوت تي لهي ايندو آهي، ۽ تيستائين سک سان نه ويهندو آهي، جيستائين ان کي پڌرو ڪري.
سندس شاعري ڏاڍي پختي، پابند ۽ پياري آهي، پاڻ وحدة الوجودي شاعر به آهي، سندس خيال ۾ جت ڪِٿ وحدت جي وَسڪار پيئي وسي، يعنيٰ جرٿر تک تنوار ۽ تنهن واحد جي وائي پيئي ورجائجي.
پاڻ غزل ۽ نظم جي صنفن ۾ ڏاڍو بختو شاعر آهي. سندس شاعريءَ ۾ بختگي آهي، ڪٿي به بحروزن يا ماترائن وغيره ۾ هروڀرو ٿڙي ٿاٻڙجي نٿو.
عبد سنڌي ڏاڍو خوددار شخص آهي، ڪڏهن به ڪنهن وڏيري يا ڪاموري جي خوشامند ڪندي کيس نه ڏٺو اٿئون، سندس شاعريءَ ۾ ڌرتيءَ سان عشق به پڌري پٽ آهي، چويٿو:
مَرسُون مَرسُون، سنڌ نه ڏِيسُون،
واين ۾ ورجايان ويٺو.
عبد سنڌي جنهنجي دل سنڌ ديس جي محبت ۾ مهراڻ وانگي ڇوليون پئي هڻي، پورهيت ڪڙميءَ جا سور ڏسندي سندس دل جهڄيو ٿي پوي ۽ چوي ٿو.
نانگ لتاڙي پوک پچاءِ، تنهن وٽ ڪونهي کاڌي لاءِ،
کنيو وڃي ڏس خالي جهولي، هاري سهندو سور هتي.
۽ وري ڌارين جي ڌانڌلين ۽ ڦرلٽ کي ٿو ڏسي ته پنهنجن جذبن کي هيئن ٿو لفظن جو روپ ڏئي:
’عبد‘ جو ويڙهو ويڙهي ويئڙا، مايا ملڪيت ميڙي ويئڙا،
پڙ پاڏا ٿيا پرڏيهي ۽ ڏيهي منهنجا ڏور هتي،
هي ڪهڙو آ دستور هتي، هي ڪهڙو آ دستور هتي.
جڏهن رهبر! رهزن ٿا بنجن ۽ اڳواڻ اکيون ٻوٽيو مايا ميڙڻ جي چڪر ۾ هوندا آهن ۽ حرامخوري زورن تي هوندي آهي، تڏهن عبد کي به سک نٿو اچي ۽ وڏي واڪي چوي ٿو:
لڳو آ راڄ رشوَت جو مري مسڪين ويا ماڻهو،
وٺي رشوَت نٿو جيڪو، اهڙو افسر نٿو ڏسجي.
پئي هنڌ وري هينئن ٿو ٻاڪاري.
سياست ۾ ڪري سياست، هڻي ڌاڙا ڪروڙن جا،
انهيءَ کي ڏس گلابن جا گلي ۾ هار واهه ڙي واهه.
مطلب ته، انياءَ ۽ ناانصافيءَ خلاف جت ڪٿ سراپا احتجاج ڪندي شعر جي وسيلي ڄڻ ته ايف، آءِ، آرون پيو داخل ڪراءِ ته من ڪو حرامخور جهلجي پر پاڪستاني سرڪار آهي، جنهن جي ڪن تي جُونءَ ئي ڪانه ٿي سُري.
ٻئي هنڌ وري سائين محمّد خان مجيديءَ جي ڪردار کي ساراهيندي مٽيءَ جو قرض چڪائڻ لاءِ پڙهندڙن کي پيو ڏس ڏئي ته:
پڙهيو پنهنجي قوم جي خاطر، ڪڙهيو پنهنجي قوم جي خاطر،
مير نه جنهنجي من ۾ هو سو، قومن جو ڪردار مجيدي.
مطلب ته غزل، بيت، وائي، گيت، نظم، ڪافي ۽ دوها جهڙين صنفن ۾ ڪامياب طبع آزمائي ڪئي اٿس، سندس سموري شاعري پابند آهي.
آئون نه اديب آهيان، ۽ نه شاعر، سو شاعريءَ جي ڏات سان مالا مال ’عبد سنڌيءَ‘ جي شاعريءَ تي ڪنهن به قسم جي ٽيڪاٽپڻي نٿو ڪري سگهان منهنجي دعا آهي، ته سندس ڏات ۽ فڪر کي سنڌي ادب ۾ مڃتا ملي، جيڪو سندس حق آهي، عبد سنڌيءَ جي شاعريءَ واري مجموعي جو عنوان ”سُڏڪا سُڏڪا سنڌ“ شاعريءَ جي حوالي سان واقعي قومي درد واري پڙهندڙ کان ڪٿي ڪٿي سڏڪا ڀرايو ڇڏي.
مطلب ته عبد سنڌي ساري سنڌي معاشري ۾ جيڪو انياءُ ٿيندي ڏسي ٿو ان کي طنزيه انداز ۾ پڌرو ڪري ٿو. ۽ لکي ٿو:
ڪرڻ هو چور کي قابو، مگر ڀاڳيو ويو بند ٿي،
اسان جي حد جي صوبيدار جا پرڪار واهه ڙي واهه.
ٻئي هنڌ سياستڪار کي مخاطب ٿيندي هيئن ٿو چوي.
چوين ٿو ووٽ ماڻهن جا امانت قوم جي آهي،
مگر هُت تون ضميرن جا ڪرين واپار واهه ڙي واهه.
مطلب ته معاشري ۾ جيڪي اوڻائيون پسي ٿو انهن کي ڏاڍي دليريءَ سان پڌرو ڪيو اٿس.
عبد سنڌي فطري طرح ڏاڍو حساس دل شخص آهي.
شاه عبد الطيف ڀٽائيرح کي به ڏاڍي ڳوڙهي نظر ۽ فهم سان پڙهيو اٿس. تنهنڪري لطيف سرڪار جي رسالي ۾ شاعريءَ جي حوالي سان گهڻا غوطا هنيا اٿس، حساس دل انسان ته اڳيئي آهي، سو شاهه جي رسالي مان علمي طرح سٺي مايا ميڙي اٿس، جنهنڪري هروڀرو مذهبي سوچ کي انا جو مسئلو نٿو بناءِ ۽ آزاد راءِ پيش ڪرڻ ۾ ڪابه هچڪچاهٽ محسوس نٿو ڪري، پنهنجي شاعريءَ ۾ ايڪي ۽ اتحاد جو ڏس ڏيڻ لاءِ به سنڌي قوم کي چوي ٿو.
اياز چيو آهي ته:
مون ڏات انوکي آندي آ،
ٿي تند وڙهي تلوارن سان.
ڏات خالق ڪائنات طرفان عطا ٿيندڙ اهڙي باڪمال شيءَ آهي، جنهن جي هڪ تند ڇڙڻ سان تجلا ڏيندڙ تلوارون به شڪست کائي وينديون آهن، ۽ جن خوشنصيب ماڻهن کي اُها پُر ترنم ڏات نصيب ٿيندي آهي، اُهي پنهنجي خاص رڌم ۽ لئه سان هن سڄي وايو منڊل کي پُر رڌم ۽ رنگين بنائي جُڳن تائين جڳمڳائيندي جيئندا آهن.
منهنجو ساٿي، منهنجو پيارو، منهنجو محسن، ”عبد سنڌي“ به انهن ڏات ڌڻي شاعرن مان هڪ آهي، جنهن جي شاعري هر اهلِ دل جي اڱڻ تي اوتارا اڏي ٿي، ۽ انهن اوتارن ۾ نيون نيون محبتون، مُسرتون، اُمنگون، اميدون ۽ آجپي جي نوَن روشن رنگين رنگن سان سجائي ٿي.
عبد سنڌي بظاهر هڪ سٻاجهو ۽ صوفي منش آهي ئي پر هُن جي اندر ۾ هڪ مردِ مجاهد به رهي ٿو، جيڪو هر پل ستارن کان اوچي منزل ماڻڻ لاءِ به نه رڳو پاڻ پنهنجي اَٽل قدمن سان اڳتي وڌي ٿو پر هو نئين نسل لاءِ به راهن ۾ روشنيون وکيريندو ٿو رهي.
عبد سنڌي لاءِ هميشه اِهائي دعا آهي، ته هو سدائين ڏات ديوي جي آغوش ۾ ڊگهي ۽ صحتمند ڄمار ماڻي ۽ سندس سمورن حسين سپنن جون سڳنڌون ۽ سُندرتائون اسان جي حواسن ۽ اکين کي به نصيب ٿين.
محمد ٻارڻ
2011-9-19
تاثر 6
هڪ عظيم شخصيت جو فرمان آهي، ته ٻن قسمن جي نظرن سان شيون تمام ننڍڙيون نظر اينديون آهن!، هڪ غرور سان ۽ ٻيو دُور کان!.
منهنجي خيال ۾ ته هن فقير تن انسان کي به صرف دور کان ئي ڏٺو ويو آهي، ڇو ته آئون پڻ شروع ۾ کانئس ڇرڪندو هوس ڇو ته سندس باري ۾ ماڻهن جي راءِ مثبت نه هوندي هئي، پر جڏهن مون کيس ويجهڙائيءَ کان ڏٺو مونکي سائين ’عبد سنڌي‘ فقير عبدالله جي نظر ۾ آيو، ڇو ته اهڙا پيارا انسان گهٽ ۾ گهٽ مصنوعي مرڪن ۽ مڪار روين کان پاڪ هوندا آهن.
باقي سندس شاعريءَ تي هڪ ڏاهو انسان ئي ڪجهه لکي ۽ چئي سگهي ٿو، مونکي سندس هڪڙي تخليق.
پڙهيو آهيان، ڪڙهيو ناهيان، ڪاٺ اڃا اڌ گهڙيو آهيان ئي ڪيئي ڪتابن جي برابر لڳندي آهي.
شال مالڪ سندس علم ۽ عمل کي ايتري سگهه بخشي جو پاڻ اسان جهڙن انسانن لاءِ هڪ مثال بنجي وڃن وڌيڪ وقت وڏو منصف آهي.
ساحل سنڌي سجاول
2011-9-10
تاثر 7
اُستاد، شاعر، موسيقار ۽ اديب ”عبد سنڌي“ سنڌي ادب جي آڪاس جو اُهو وهائو تارو آهي، جنهن جي شاعريءَ ۾ سونهن، سچائي، خلوص ۽ ڌرتيءَ جي مسڪين اٻوجهه ماروئڙن جو درد سمايل آهي، لطيف جي هن پارکو، ارڏي ۽ اڏول شاعر جي خوبصورت لفظن ۾ هرڻيءَ جي ڇالن جهڙي مستي ۽ مور جي ٽهوڪار جهڙي حسناڪي به آهي، هن ڌرتيءَ تي ناپاڪ ارادن سان رهندڙ هزارين غيرن کي للڪار آهي.
سندس غزلن، نظمن، واين ۽ بيتن ۾ ٻلوانن جي ٻانهن جهڙو ٻل آهي، لهندڙ سج جي ڳاڙهاڻ جهڙو درد آهي، سندس شاعريءَ ۾ جلترنگي رنگت چانڊوڪيءَ جي چيٽن جهڙي چانڊاڻ ۽ سرهاڻ جهڙن لفظن، تشبيهن ۽ استعارن ۾ دود ڦلن جهڙو ميٺاس آهي، ته مارن لاءِ چڪور جي چنڊ سان اُٿاهه چاهت جهڙي حب الوطني پڻ شامل آهي.
سندس قومي انقلابي گيتن ۾ موج ڀريل مهراڻ جهڙي گجگوڙ به آهي. دردمند دلين جي دردن تي آٿت ۽ دلاسن جا پها به رکيل آهن، ته سڳداسي چانورن جهڙي خوشبو ۽ سرمئي شام جو وڻن جي اوٽ ۾ اڏامندڙ ڀنڀورين جهڙا نفيس ۽ دلڪش عڪس پڻ چٽيل نظر اچن ٿا.
ڌڻيءَ در دعا آهي ته جهانگيئڙن جي جهول ۾ خوشين ۽ مُرڪن جا گلابن جهڙا انقلابي امن جا گيت ارپيندڙ، مايوس دلين کي قومي ايڪي ۽ جڳ ۾ اوچي ڳاٽ سان جيئڻ جو اُتساهه ڏيندڙ ۽ سنڌ ۾ غلاميءَ جهڙي گار کي لفظن جي تيرن سان للڪاريندڙ، روح کي راحت بخشيندڙ، هن فقيردل، يارن جي يار هردل عزيز فقير عبد سنڌي جي انقلابي ۽ شعوري قلم مان هميشه سچائي خلوص، وفا ۽ امن جي لاٽ ٻرندي رهي، سندس پرخلوص جذبن سان ڀريل هي پورهيو شال سنڌ واسين لاءِ لاڀائتو ثابت ٿئي (آمين).
واحد سوز ملاح سجاول
2011-09-11
تاثر 8
عبد سنڌيءَ جو شمار لاڙ جي پٽ ۾ ڀلوڙ شاعرن ۾ ٿئي ٿو، پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ جي ڪِرت سان لاڳاپيل هن ڏات ڌڻيءَ وٽ موسيقي روح جي سچائي آهي، ان ڪري هن جي شاعريءَ ۾ عنائيت ۽ موسيقي جو ميلاپ ايئن رچيل آهي جيئن بُت ۾ ساهه سمايل هوندو آهي، سندس شاعري جي هر صنف ۽ حُسن ۾ استعارن، تشبيحن ۽ تجنيسن جو استعمال وڏي سيبتائي سان ڪيل نظر اچي ٿو.
هن جي شعرن ۾ ڌرتيءَ تي جيئڻ جو حق حاصل ڪرڻ لاءِ انساني حيات جي جدوجهد جا اهڃاڻي روپ نشانبر ۽ چٽا سهڙيل ڏسبا 1986ع کان وٺي هيل تائين عبد سنڌي چانڊوڪيءَ ۾ اڏامندڙ چڪور جهڙا شعر جڳ مان اوندهه ٽارڻ، ڏاڍ ڏارڻ کان ويندي هر گهر جي چلهه ٻارڻ واري انو مان هيٺ لکي ٿو. سندس جمالياتي شاعريءَ ۾ به نينهن جي سونهن سان گڏ زميني وابستگي جون حڪايتون شامل آهن. اجتماعي درد ۽ پيڙا جو احساس هن جي ڪويتا جو محور بنيل آهي، جنهن کي لاڙي لهجو وڌيڪ سلوڻو ڪري ۽ ڏات جي خوبين جو نج فطرتي سهڻائپ جو اسلوب ۽ سٽاءُ اعليٰ قدرن واري شاعري ۾ ڳڻائڻ جي سگهه ڏيئي وڃي ٿو.
اسين ته سنڌ جا پٽ حلالي، اسين ته سنڌ جا وارث والي،
جوڌا جانٺا جنگ جلالي، اسان جو سنڌ سان قرب ڪمالي،
ڪنڌ ڪٽايون پر نه جهڪايون، مام پروڙي سين منصوري،
سڏڪا سڏڪا سنڌ سموري.