ڪتاب گهر کي آف لائين ھلائڻ لاءِ ڪتاب گهر جي ائپليڪيشن انسٽال ڪريو | ✖ ٻيھر نہ ڏيکاريو
ڪھاڻيون
اکين ۾ رهجي ويل عڪس
پرويز جي ڪهاڻين جو نيٽ ورڪ اصلوڪو، داخلي ۽ خارجي دنيا سان هم آهنگ آهي. هن جي فن جو سنجيدگيءَ سان اڀياس ڪبو ته هن کي سنڌ ۽ ٽين دنيا جي وڏن ڪهاڻيڪارن جي قطارن ۾ بيهاري فخر محسوس ٿيندو. شهرت ۽ پبلڪ رليشنز کان ڏور هي پورهيت ڪهاڻيڪار، جيڪو زمين ۾ گُڏ ڪري ٿو، رونبو هڻي ٿو. پنهنجي فصل جي جهار هڪلڻ سان گڏ ڪهاڻي جي اُفق تي ڇانيل دونهي کي به هٽائي ٿو. هن جو فن ۽ مشاهدو ساهس ڏيندڙ، تُز ۽ ٺهڪيل آهي.
شهيد غزاله بتول صديقي،
شهيد ستار اُنڙ
۽ 22 مئي 2012ع جي ڪراچيءَ واري
“محبتِ سنڌ ريليءَ”
جي ٻين
شهيدن،
زخمين
۽ سمورن شرڪت ڪندڙ
اڳواڻن ۽ ساٿين جي
نالي.
• پرويز جو فن
سنڌ ۾ سنڌي اديبن ۽ فنڪارن سان منهنجي ڏاڍي گهاٽي دوستي رهي آهي. مون وٽ ننڍي وڏي، مشهور يا غير مشهور، مُهان يا غير مُهان جو سنڌو رهيو ئي ناهي. مان نوجوان ۽ نوآموز شاعرن ۽ اديبن سان به پنهنجي عمر ۽ ادبي رُتبي کان بي نياز ٿي ساڻن پيش ايندو آهيان. منهنجي اِنهيءَ مِزاج، منهنجي سڃاڻپ کي چٽيءَ تسڪين سان گڏوگڏ گهڻا ڏنجهه به پهچايا آهن. منهنجي فطري بيباڪي ۽ سادا مزاجي مون کي گهڻو ڪجهه ڏيڻ سان گڏ مون کان ٿورو ڪجهه ضرور کسيو به آهي. جنهن لاءِ مون کي ڪڏهن به ڪو الڪو يا ڳڻتي نه رهي آهي. گهڻن سان رُٺو پرتو هوندم، ته گهڻن مون کي، گهڻو اڳتي وڌي پيار ڏنو هوندو، ۽ منهنجي حجائتي انداز کي نظر انداز ڪندي مون سان بي پناهه محبت ۽ عقيدت جو اظهار ڪيو آهي. منهنجو اِهو اطمينان ئي آهي جو هِن وڏي ڄمار ۾ به سورهن سالن جي نوجوان جيان پورهئي ۾ رڌل آهيان. عشق جو اِهو ئي ته ڪرشمو هوندو آهي. مون کي سنڌ ۽ سنڌ جي قلم ڪارن ۽ گهڻ گهرن سان بي پناهه عشق آهي.
سنڌ ۾ منهنجن اهڙن پيارن دوستن ۾، بٺوري جي ميان علي محمد ميمڻ عُرف پرويز ايترو ته پيار ۽ ساٿ ڏنو آهي، جو ان جو بوجهو مون کي ڏاڍو وڻندڙ ۽ عزيز لڳو آهي. پرويز مون کان ٻه-ٽي سال ننڍو هوندو. پر اسان جو ادبي ۽ سياسي ميدان ۾ لهڻ وارا ڏينهن ذري گهٽ ساڳيا ئي آهن. مون مهڙ ۾ ڪهاڻي ۽ تنقيد ڏانهن رخ رکيو. پر ڪهاڻيءَ جي جاءِ تي شاعري ۽ تنقيد اچي پهتا. ليڪن پرويز مهڙ کان اڄ تائين سنڌي ڪهاڻيءَ کي عروج وٺرايو آهي، هن جي ڪهاڻين جو مک موضوع سنڌ ۽ رومانس رهيو آهي. هو جهڙو ٻاهران خوبصورت آهي تهڙو ئي اندران ۽ هن جا ڪردار به مٿي ڄاڻايل ٻنهي ڪيفيتن جو سنگم آهن.
هو ڏاڍو سادو ۽ معصوم آهي- ڇاڪاڻ ته معصوميت ۽ سادگي فطري طور فن کي بلندين تائين رسائينديون آهن، ۽ پرويز انهيءَ منزل تي پهچي چڪو آهي. اُن جون لِکڻيون ڏاڍيون تکيون ۽ ڌونڌاڙيندڙ هونديون آهن. ان جا لاڙي ڪردار اڏول ۽ عاشق مزاج هوندا آهن. جن جي اثر انگيزي ڊگهي عرصي تائين ذهن ۾ ٻُرندي رهندي آهي.
جيئن مون مٿي عرض ڪيو آهي ته پرويز روماني ڪهاڻيڪار آهي ۽ هن جو رومانس فن جي انهن تجريدي سطحن کي ڇُهي ٿو، جيڪي اعليٰ تخليقي عمل جو بنياد هونديون آهن. هن جا ڪردار ڪنهن خلائي سياري بدران لاڙ جي حسن پرست مٽيءَ مان مهڪيل هوندا آهن. ‘آخري چميءَ’ جي گريشا مارٿر هجي، ‘مرکي ڪولهياڻي’ جي مرکي، جيڪا پنهنجي محبوب راملي ڪولهي جي انتقام لاءِ ويرين جي وجود ۾ ڪرٽ وهائي ڪڍي ٿي، يا سندس سوجهرو ايوارڊ يافته ڪهاڻي ‘اکين ۾ ڄمي ويل لڙڪ’ جو ڊاڪٽر لطيف هجي يا آمنت، جيڪي لازوال ۽ سچي محبتن جون وارتائون آهن.
پرويز جو فن، وقت گذرڻ سان گڏوگڏ ادب جون اُهي ڏسائون آڏو آڻي ٿو، جيڪي نئين ٽهيءَ جي ڪهاڻيڪارن لاءِ لاٽ-واٽ جو ڪم ڪندڙ آهن. اُن ڏس ۾ سندس تازيون ڪهاڻيون ‘آزاديءَ جي صبح جي ويجهو...’ جي سهڻي هجي يا ‘مانکي ياسر سان ڳالهائڻو آهي.’ جو فيميل ڪردار، جيڪو شيزوفرينا جو شڪار آهي يا ‘ڳوڙهن جا ڪبوتر’ جي آسوڙي، اهي سڀ ڪردار ڌرتيءَ مان ڦٽي ڌرتيءَ جي قرض چڪائڻ لاءِ پرويز جي فن ۾ وڏي قوت بڻجي ظاهر ٿيا آهن.
پرويز، پنهنجي روماني انداز سان نيچر ۽ رياستي جبر جي قوتن خلاف مهاڏو اٽڪائي، سونهن جي ازلي رمز کي آشڪار ڪري ٿو ۽ محبت جي لازوال جذبي کي شڪست کائڻ کان پوءِ به فاتح بڻائي ٿو. هن جا ڪردار ميچوئر، ذهين ۽ ڏک سهندڙ ڪردار آهن.
پرويز جي ڪهاڻين جو نيٽ ورڪ اصلوڪو، داخلي ۽ خارجي دنيا سان هم آهنگ آهي. هن جي فن جو سنجيدگيءَ سان اڀياس ڪبو ته هن کي سنڌ ۽ ٽين دنيا جي وڏن ڪهاڻيڪارن جي قطارن ۾ بيهاري فخر محسوس ٿيندو. شهرت ۽ پبلڪ رليشنز کان ڏور هي پورهيت ڪهاڻيڪار، جيڪو زمين ۾ گُڏ ڪري ٿو، رونبو هڻي ٿو. پنهنجي فصل جي جهار هڪلڻ سان گڏ ڪهاڻي جي اُفق تي ڇانيل دونهي کي به هٽائي ٿو. هن جو فن ۽ مشاهدو ساهس ڏيندڙ، تُز ۽ ٺهڪيل آهي.
هن جي ڪهاڻين جا ست خوبصورت مجموعا، هڪ ناول ۽ آتم ڪٿا شايع ٿيل آهن.
پرويز، نيچر جي اُرههَ زورائي ۽ درد جي سلسلي کي جنهن ماڳ تي رسايو آهي، اهڙي منزل ٿورن ڪهاڻيڪارن کي نصيب ٿي آهي.
سالگره جي موقعي تي، “سوجهرو” نماڻي ڪوشش سان کيس ڀيٽا ڏيڻ لاءِ هن ڪارنر جو اهتمام ڪيو آهي.
موڪرو چهرو، وڏيون اکيون، پورو پنو قد، مٿي ۾ مٺو تيل پيل ۽ ڦڻي ڏنل، ۽ اکين ۾ سُرمو. علي محمد پرويز سنڌ جي عام ڳوٺاڻي سونهن جو نمونو آهي. هُو اُن دؤر جي گهرن جي چئيوان Duty full ڇوڪرن جهڙو سدورو لڳندو هو. مون هِن کي شايد پهريون ڀيرو غور سان گاڏي کاتي حيدرآباد ۾ گلزار ماڙي ۽ نظام لاج جي وچ ۾ ‘سردار پرنٽنگ پريس’ تي ‘پناهه جگر’ سنڌيءَ جي ڀرسان ويٺل ڏٺو هو، جنهن کي اسين ان دؤر ۾ ڀوڳن مان ‘جگر ڦڦڙ’ سنڌي به چوندا هئاسين. جتي هُو شايد ڪهاڻيون لکڻ، ترجما ڪرڻ، ماهوار “تحريڪ” جو مواد مرتب ڪرڻ سان گڏ رجسٽر به کوليو ويٺو هوندو هو. شايد حسابن ڪتابن جي چڪر ۾، جن ڦڏن کان پاڻ پري هئاسين ۽ اڄ به ننڍي هوندي جيان حساب ڪتاب نه ڪرڻ اچي، نه ئي وڻي. اسان ته نه دوستين جا حساب ڪيا ۽ نه وري دشمنين جا.
مان اُن دؤر جي (1976ع) چين مان نڪرندڙ ادبي رسالي Chinese Litrature ۾ پنهنجي ڪچي ڦڪي انگريزيءَ ۾ (حال اڄ به ساڳيو آهي) جڏهن چيني هارين ۽ ڳوٺاڻن جون ڪهاڻيون پڙهندو هوس ته مون کي محسوس ٿيندو هو ته اهي ڪهاڻيون ته جهڙيون علي محمد پرويز جون لکيل آهن. هر ماڻهو پنهنجي مطالعي جو Reflection ڏيندو آهي ۽ علي محمد پرويز به ائين ئي تحريڪي، تنظيمي ادب (ڪهاڻيون) لکڻ جو بادشاهه هو.
هن جون ڪهاڻيون پڙهي لڳندو هو ڄڻ چين يا ويٽنام جي ڪنهن ڳوٺ ۾ ويٺا هجون. هن پنهنجي زندگي نه رڳو تنظيمي ادب تي پر تنظيم کي منظم ڪرڻ لاءِ ارپي ڇڏي هئي. اُن ڪري هن جو نالو انهن جوڌن ۾ ڳڻيو ويندو، جن انقلاب لاءِ زندگيون اورچائيءَ سان وقف ڪيون. اڄ به هو برازيلين آرچ بشپ، هيلڊرڪمارا (Helder Camara) جيان محنتي مڙس، ڪڏهن ڪوڏر کڻيو کانٽي پيو کڻي، يا پاليل مينهن لاءِ گاهه پٺو پيو ڪري. پر سک سان ويٺو ڪڏهن ڪونهي.
جدلياتي ۽ تاريخي ماديت جي ڳرن فلسفن جي ڄاڻ نه هوندي به اسين ان ڳالهه لاءِ متفق هئاسين ته ‘انقلاب اجهو ڄاڻ ڪي آيو’ اڄ يا سُڀاڻ.’ انقلاب، جيڪو اسان سمورن جو پهريون ۽ پويون خواب هو- ان ڳالهه کان اڻڄاڻ ته اهو جي آيو به ته ڪهڙا گل ٽيڙيندو؟
علي محمد پرويز جو پهريون ڪهاڻي ڪتاب، ‘سڻي تنهنجو سڏ’ جيڪو مون 80ع واري ڏهاڪي ۾ ئي پڙهيو هو. تڏهن اسين شاگردن جي تنظيم جا پرجوش ڪارڪن ۽ هو وري ‘عوامي تحريڪ’ جو ڪارڪن هو.
افسوس جو هن دنيا جي فطري قانونن کان دنيا جو ڪو به ازم، نظريو بغاوت نٿو ڪري سگهي. سڀ ڪجهه ڪري سگهي ٿو پر Ring جي اندر.
نظريا ۽ ‘ازمس’ ماڻهن جا ٺاهيل هجن ٿا، پر پنهنجي Application کان پوءِ بعد ۾ اهي ٻه-ڌاري تلوار بڻجي، ماڻهن کي ئي ڳترا ڳترا ڪرڻ شروع ڪن ٿا. نظريا مون کي پوڙهيءَ ماءُ جا ناخلف پُٽ لڳندا آهن، جيڪي جوان ٿيڻ کان پوءِ اُن ساڳيءَ ماءُ ڏانهن آڱر کڻڻ شروع ڪن ٿا، ‘امان تون ڪاري آهين’ ۽ ماڻهو تاريخ جي ميدان Arena ۾ ڄڻ بانبڙا پائيندڙ ٻارُ.
ويهين صديءَ جي اڌ-ڌاري کان وٺي ان جي ختم ٿيڻ تائين تاريخ اسان سمورن جو مذاق اڏائيندي رهي، اُها اسان کي اسانجين سستين خواهشن عيوض ميلان ڪنڊيرا جي ناول The Book of Laughter & forgetting جي ڪردار ‘تمينا’ جيان Rape ڪندي رهي، بنان ڪنهن معاوضي جي، صرف سستي خواهش جي تڪميل جي تمنا ۾. ۽ خوابن جون جل پريون اسان جي ڀاڪرن مان ڇڏائجي ويون.
پرويز جي اندر ۾ هڪڙو همدرد، تڙپ رکندڙ ۽ ماٺيڻو انسان لڪل آهي، جيڪو ارادن جو پڪو، وعدن کي پاڻي ڏيڻ وارو، بردبار ۽ روايتي سنڌي ڳوٺاڻي ماڻهوءَ کان هٽي، پڙهيل لکيل هئڻ جي باوجود به هٺ ۽ غرور کان تمام گهڻو پري، بلڪه ڪوهين ڏور آهي. اُهي هن جون ذاتي چڱايون آهن ۽ هن جون ادبي چڱايون ڳڻڻ کان ٻاهر آهن.
پريت نا ڪيجئڳ پنڇي جيسي جل سوکڳ، اڙ جائڳ،
پريت تو ڪيجئڳ ڀونئرڳ جيسي جل سوکڳ، مر جائڳ.
(ڪبير)
اڪبر سومرو
موبائيل: 03003030650
*
(ماهوار سوجهرو جي ٿورن سان)
• سفر جاري آهي
ٽي سؤ سال کن اڳ ۾ شاعرن جي سرتاج شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جيڪا شاعري سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪئي هئي، اُن ۾ رڳو محبوب جي ڳلن ۽ چپن جي واکاڻ ڪانه هئي. پر اُن سان گڏ عشق ۽ محبت، سڪ ۽ اُڪنڍ جي پوشيده اسرارن ۽ رازن جي اپٽار پڻ هئي. سماجي حالتن، معاشي مامرن، مذهبي معاملن، سياسي سوچ، انقلابي اقدامن، مقصد سان سچائي، سچ جي سربلنديءَ لاءِ سر جون سٽون کائڻ ۽ ظلم ۽ جبر سان مهاڏو اٽڪائڻ جهڙن زندگيءَ جي پهلوئن تي لازوال شاعريءَ ذريعي خيال آرائي ٿيل هئي. ۽ اِهو سلسلو لاڳيتو هلندڙ هو. پر وچو وچ جڏهن جبر ۽ ڏاڍ پنهنجا پير پختا ڄمائي ورتا، تڏهن جبر ۽ ڏاڍ سان سينو نه سهائي سگهندڙ شاعرن مصلحت پسندي واري راه اختيار ڪري شاعري ۽ ادب کي رڳو محوب جي جسم جي مختلف حصن کي واکاڻ ۽ ساراهڻ تائين محدود رکيو ۽ زندگيءَ جي ٻين پهلوئن کي جعلي فتواعن ذريعي ادب ۽ شاعريءَ مان خارج ڪري ڇڏيو. ادب براءِ ادب جو کوکلو نعرو هڻي، ادب براءِ زندگيءَ جهڙي حقيقت کي نظر انداز ڪري ڇڏيو. ۽ ان منفي سوچ ڌارا جا اثر گهڻي وقت تائين ادب ۽ شاعريءَ تي حاوي رهيا.
گذريل ستر اسي سالن کان هڪ ڀيرو ٻيهر ادب ۽ شاعريءَ ذريعي زندگيءَ جا مختلف پهلو زير بحث اچڻ لڳا آهن. شاعريءَ جي مختلف صنفن، ڪهاڻي، مضمون، ناول، آتم ڪٿا ۽ ڊرامي ذريعي جيئري انسان سان پيش ايندڙ هر وارتا جو ذڪر ڏاڍي مؤثر انداز ۾ بيان ڪيو وڃي ٿو ۽ اِها هڪڙي خوش آئنده پيش رفت آهي، جنهن سان زندگيءَ جو هر پهلو اسان جي اڳيان واضح ۽ نمايان ٿئي ٿو. نوجوان ۽ سيکڙاٽ اديبن ۽ شاعرن جي ڪاوشن ۾ مٿي بيان ڪيل حقيقت کي نمايان ڏسي سنڌي ادب جي شاندار مستقبل جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو.
گذريل ستر اسي سالن دوران سنڌي ڪهاڻيءَ به وڏا ڇال ڏنا آهن. ماضيءَ جي ڏندڪٿائي ديوَن ۽ پرين، شهزادن ۽ شهزادين جي قصن مان ترقي ڪري، سنڌي ڪهاڻي هاڻي ڌرتيءَ ۽ ڌرتيءَ واسين، نسل در نسل جاري رهندڙ سماجي ناسورن، سنڌ جي اصل وارثن مٿان سياسي ۽ معاشي والار، انساني بنيادي حقن جي لتاڙ، ڌارين قبضه گيرن جي بالادستي، پنهنجن طرفان جاري غدار شاهي، عشق ۽ محبت جون، سڪ ۽ اوسيئڙي جون نيون رمزون ۽ ڏاڍ ۽ جبر خلاف مهاڏو اٽڪائيندڙ جدوجهدن متعلق شادار ڪردار ادا ڪري رهي آهي.
ڪهاڻيءَ جي هڪ سيکڙاٽ شاگرد جي حيثيت ۾ مون به گذريل 40-45 سالن کان اِها ڪوشش پئي ڪئي آهي ته ڪهاڻيءَ ذريعي پنهنجي ڌرتيءَ جي مسڪين ماڻهن ۾ مُکيه طرح سجاڳي آڻڻ جي، پنهنجي حقن ۽ فرضن کي سمجهڻ جي ۽ ڌارين جي والار کان بچاءُ لاءِ جدوجهد ڪرڻ جي نشاندهي ڪريان. اسان کي تباهيءَ جي ڪناري تي پهچائيندڙ سماجي ناسورن جي نشاندهي ڪريان. اسان سان ٿيندڙ ويساه گهاتين ۽ پنهنجن ۽ پراين طرفان ٿيندڙ جبر، ڏاڍ، ناحق ۽ ڦرلٽ جي نشاندهي ڪريان. عورتن سان ٿيندڙ ظلمن جي نشان دهي ڪريان. امن، آشتي، رواداري ۽ برابريءَ واري معاشري جي اڏاوت لاءِ نون گسن، واٽن ۽ ڏسن جي نشاندهي ڪريان. مدي خارج ۽ پراڻين ريتن رسمن جي پوئيواري ڪندي ماحول ۾ پيدا ٿيندڙ ڌپ ۽ گندگيءَ جي نشاندهي ڪريان. پيار، محبت، خلوص، سک، شانتي ۽ سلامتيءَ واري قربائتي معاشري جي اڏاوت لاءِ مون سميت سوين هزارين ڪارڪنن، اڳواڻن ۽ مهندارن جي به نشاندهي ڪريان، جن نه رڳو پنهنجي تحريرن ۽ تقريرن ذريعي، پر عملي جدوجهد ذريعي به بي مثال ۽ لازوال ڪارروائين ۾ حصو ورتو. پر اِن حوالي سان نه مون کي ڪا دعويٰ آهي ۽ نه ئي ڪنهن ٻئي ليکڪ کي دعويٰ ڪرڻ گهرجي ته اسان جي ڪوششن ڪيترو رنگ لاتو آهي. بس اسان کي رڳو ۽ رڳو ڪوشش ئي ڪندو رهڻ گهرجي. جيڪڏهن اسان جي سوچ مثبت ۽ وقتائتي هوندي ته ڪڏهن نه ڪڏهن ضرور ڪارائتا نتيجا نڪرندا.
۽ انهيءَ ئي اُميد جي آسري تي آئون اڃا ڪهاڻي لکندو پيو اچان. هيءُ منهنجو اٺون ڪهاڻي ڪتاب آهي، جنهن ۾ سال 2011ع، 2012ع دوران لکيل ڪهاڻين مان 11 ڪهاڻيون شامل آهن. سال 2012ع ۽ 2013ع ۾ لکيل ڪهاڻين مان ڪجهه ڪهاڻيون ايندڙ ڪتاب ۾ شامل آهن، جيڪو عنقريب اچڻ وارو آهي. هنن ڪهاڻين متعلق پنهنجي راءِ ڏيڻ جو هر پڙهندڙ کي پورو پورو حق آهي. اوهان جي راءِ اسان لاءِ اعزاز کان گهٽ ڪانه هوندي. سنڌ سلامت- ساٿ سلامت.