سجاد علي طرفان شامل ڪيل ڪتابَ

امر راڳي امر گيت - سرمد سنڌي

ڪوثر ٻرڙو (مرتب ڪندڙ)
شاعري

ھن ڪتاب ۾ سنڌ جي امر راڳي مرحوم رحمان مغل (سرمد سنڌي) پاران ڳايل مختلف شاعرن جي شاعريءَ کي ھڪ ڪتاب ۾ سھيڙي ڀيٽا ڏني وئي اھي.

آنلائن پڙهو | پي ڊي ايف

مان جي مئس پنڌ ۾

رکيل مورائي
شخصيتون ۽ خاڪا

سنڌ راڻي شھيد بينظير ڀٽو جي شھادت تي سنڌ جي تخليقڪارن مختلف صنفن ۾ مختلف وقتن تي شھيد محترمه بينظير ڀُٽو کي جيڪا ڀيٽا پيش ڪئي آھي ان کي سھيڙي محترم رکيل مورائيءَ سھيڙي ڪتابي شڪل ڏني آھي. ھن ڪتاب ۾ اھي ڀيٽائون آھن جيڪي دلين مان دانھن جي صورت ۾ نڪتيون ھيون ۽ جن جو عمل اڃان تائين جاري آھي. جيڪو ڪجھ ھن ڪتاب ۾ آھي اھو آھي پيار، ڏک، غصو ۽ ڪجھ ڳوڙھا جيڪي ھر تخليقڪار پنھنجي شھيد اڳواڻ کي ڀيٽا طور آڇيا آھن.

آنلائن پڙهو | پي ڊي ايف

خط ٻن اُستادن جا

محمد ابراھيم جويو – غلام نبي چنا
شخصيتون ۽ خاڪا

ھي ڪتاب محمد ابراھيم جويو ۽ غلام نبي چنا پاران 1968ع کان 2001ع تائين لکيل خطن جو مجموعو آھي، جيڪو سنگرام سھيڙيو آھي.
سنڌي ٻولي ۾ خطن جا ڪي خاص مجموعا موجود ناھن، انھي لاءِ ھن ڪتاب جي اھميت کي سمجھندي، ڊجيٽل ڪتاب جي صورت ۾ اوھان دوستن سان ونڊ ڪجي ٿو.
ھن ڪتاب جي ھڪ ٻي خصوصيت ھن ڊجيٽل ڪتاب ۾ استعمال ٿيندڙ فونٽ ”باک“ آھي ھي فونٽس پراڻي پرنٽنگ طريقي ليٿو ۾ استعال ٿيندڙ فونٽ آھن. اھو فونٽ سنڌ سلامت ڪتاب فونٽ سرور تي دستياب آھي.

آنلائن پڙهو | پي ڊي ايف

چنڊ رهين ٿو دور

قمر شهباز
شاعري

”قمر شهباز جيڪو لکيو آهي، سو ڏات جي ڏيئن جي اُنهيءَ ”جوت مان جلندڙ جوت“ جو تسلسل آهي، جنهن جي پهچ امرتا کي اورانگهي ٿي. سندس شعر توڙي نثر، پنهنجي مورچي مان اُڇلايل آهي زهريلا ٻاڻ آهن، جن جو چُڀڪو هڪ طرف ويرين کي ويساهي نٿو ڏئي ته ٻئي طرف اُنهن جو تجلو پري پري تائين پکڙيل ساٿين جي ذهنن ۾ عزم ۽ اعتماد جو سوجهرو ڀريو ڇڏي.
”چنڊ رهين ٿو دور“، قمر جي شروع کان اڄ تائين ڪيل معياري شاعريءَ جو مجموعو آهي، جيڪو مٿي بيان ڪيل قومي سجاڳيءَ واريءَ تحريڪ جي پس منظر سان گڏ، سندس ذهني اوسر جو پيش منظر به ڏيکاري ٿو.“

آنلائن پڙهو | پي ڊي ايف

پيار جي پهرين بارش

رضوان گل
شاعري

ڪتاب “پيار جي پهرين بارش” لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙ بهترين شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ مضمون نگار رضوان گُل جي شاعريءَ تي مشتمل آهي.

آنلائن پڙهو | پي ڊي ايف

جـلاوطـن نـنـڊون

مصطفيٰ آڪاش
شاعري

مصطفيٰ آڪاش جي سموري ڪويتا فني ۽ فڪري فريم ۾ موهيندڙ منظرنامو آهي. جنهن ۾ ٻوليءَ کان موسيقيت تائين ۽ تشبيهن کان استعارن تائين، نئين ٽهيءَ جي نواڻ رکندڙ کيپ جو رهيل خزانو دريافت ٿيل ملي ٿو. سنڌي شاعريءَ جي خوشحال دور ۾، مصطفيٰ آڪاش جي جلاوطن ننڊون جي موجودگي، پنهنجي اندر ۽ ٻاهر هڪ الڳ سڃاڻ ۽ حسناڪيءَ جو سفر آهي. (سعيد سومرو)

آنلائن پڙهو | پي ڊي ايف

دليون درسگاهون

عائشه ميمڻ
شاعري

هي ڪتاب ”دليون درسگاهون“ سنڌ جي بهترين شاعره عائشه ميمڻ جي شاعريءَ تي مشتمل آهي. عائشه ميمڻ تمام ٿوري عرصي ۾ اهو ثابت ڪيو آهي ته هو رخسانه پريت ۽ روبينه ابڙو کان پوء به عورت شاعرائون پختي شاعري ڪري رهيون آهن.

آنلائن پڙهو | پي ڊي ايف

درد جي ساڳي ڪٿا

بخشل باغي
شاعري

بخشل باغي جي شاعري پنهنجي شاعراڻين حُسناڪين جي رنگن سان سماعتن ۾ سمائجي ويندڙ ۽ بند دلين جي دروازن تي دستڪ ڏيڻ جو ڀرپور ساهس رکي ٿي، فڪري گهرائي، خيال جي اوچي اُڏام، اندازِ بيان جهڙا اهم گُڻ بخشل باغي جي شاعريءَ جا اُهي زيور آهن جن جي ميلاپ سندس شاعريءَ کي نکاري، اُجاري ڌيان جو مرڪز بڻائي ڇڏيو آهي.

آنلائن پڙهو | پي ڊي ايف

شعور

ڊاڪٽر محبت ٻرڙو
تاريخ، فلسفو ۽ سياست

سنڌي ٻولي ۾ اسان وٽ ورلي ڪي اهڙا ڪتاب لکيا ويا آهن جن ۾ موضوعن تي سائنسي انداز ۾ مضبوط دليلن سان ڳوڙهو بحث ڪيو ويو هجي ۽ شعور اهڙن ڪتابن مان هڪ آهي.

آنلائن پڙهو | پي ڊي ايف

برکا بـوند بهار جي

گڏيل شاعري
شاعري

“برکا بوند بهار جي” سنڌ جي 16 شاعرن جي شاعريء تي مشتمل گلدستو آهي. پياري دوست ۽ مرڪ پبليڪيشن شهداد ڪوٽ جي سرواڻ مرتضى لغاريءَ کي جس هجي جنهن هن ڪتاب جي سهيڙ ڪئي آهي.

آنلائن پڙهو | پي ڊي ايف

روشنيءَ جون اکيون

پريم پتافي
شاعري

ڪتاب ”روشنيءَ جون اکيون“ ڀلوڙ شاعر پريم پتافي جي شاعريءَ تي مشتمل آهي.

‘پريم پتافيءَ’ جي شاعريءَ ۾ ڪيترين ئي محرومين جو درد جهلڪي ٿو، اُهي محروميون هُن جون ڪي ذاتي ناهن، اقتصادي، سماجياتي، نفسياتي، شخصي ۽ جبلي تجزيو ڪنداسين ته خبر پوندي ته اُهي محروميون سموري سنڌي قوم جون محروميون آهن.

آنلائن پڙهو | پي ڊي ايف

ڌِيمي وَهِڪَ درياهه جي

مشتاق سعيد
شاعري

ڌِيمي وَهِڪ درياء جي سنڌ جي خوبصورت شاعر مشتاق سعيد جي شاعريءَ تي مشتمل آهي

آنلائن پڙهو | پي ڊي ايف

هوائن مٿان گهر

سيال حيات
شاعري

هوائن مٿان گهر ۔۔۔۔ پياري شاعر محترم سيال حيات جي خوبصورت غزلن تي مشتمل آهي. محترم سيال حيات سنڌ جو بهترين شاعر ، ڪهاڻيڪار ۽ ڊرامه نگار آهي پر وسائل نه هجڻ سبب هو مٿي اڀري ڪونه سگهيو ۽ کيس اها پذيرائي ڪانه ملي۔ جيتوڻيڪ سندس ڊرامه مختلف چينلن تان نشر ٿيا آهن ۽ سندس شاعري به اعلى پائي جي آهي۔ سندس لازوال شاعري خاص ڪري غزل تمام گهڻو وڻندڙ آهن۔

آنلائن پڙهو | پي ڊي ايف

ٽُٽَل ٽُڪرا وجود جا | نثري احساس

اياز امر شيخ
ڊائريءَ جا ورق / نثري ٽڪرا

اياز امر شيخ جو هي نظماڻي نثر جو ڪتاب، جنهن کي هن ”نثري احساس“ جو نالو ڏنو آهي، نهايت خوبصورت ۽ دلپذير نثر سان گڏ، نازڪ، نفيس ۽ جذباتي خيالن جو پڻ نمونو آهي ۽ هن ڪتاب ۾ جيڪي احساس سمايل آهن، اُهي هڪ شاعر جي مشاهداتي اک جا احساس آهن، جيڪي هن ”نظم“ بدران ”نظماڻي نثر“ ۾ لکيا آهن.

آنلائن پڙهو | پي ڊي ايف

ڀرپور سمندر گرجي ٿو

مشتاق سعيد
شاعري

هي شاعريء جو ڪتاب سنڌ جي خوبصورت شاعر مشتاق سعيد جي شاعريءَ تي مشتمل آهي.

آنلائن پڙهو | پي ڊي ايف
صفحا: پهريون 1 2 آخري

انگ اکر

ڪُل ڪتاب: 1153
ڪتابن جو مشاهدو: 3580735
ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 977140
2021 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ