محمد سليمان وساڻ طرفان شامل ڪيل ڪتابَ 11

ٻاويهه سئو ٻاويهه 2222

قاضي فيض محمد
ناول

ھي سائنسي فڪشن تي مشتمل ناول آھي جنھن ۾ هن اهو رقم ڪيو آهي ته دنيا 2222ع ۾ ڪيئن هوندي. ھن ناول جي خاص ڳالھه اھا اھي تہ ان ۾ سائنسي ايجادن ۽ ترقيءَ کي ذھن ۾ رکندي مستقبل جو ھڪ سماجي ڍانچو تشڪيل ڏنو ويو اھي. سنڌ ۾ اهو پهريون ناول آهي، جيڪو مستقل بيني کي متعارف ڪرائي ٿو ۽ سنڌ ۾ مستقل بيني کي قاضي صاحب هن ناول ”2222“ جي ذريعي متعارف ڪرايو. ناول جو جائزو وٺندي محترم محمد ابراهيم جويو لکي ٿو:
”هن ناول ۾ قاضي صاحب پنهنجي پياري وطن ۽ ان جي غريب ماورئڙن جي بهتر مستقبل جو خواب بيان ڪيو آهي. قاضي صاحب جو هي خواب سڄي انسان ذات جي بهتر مستقبل جو خواب آهي.“

آنلائن پڙهو | پي ڊي ايف

جيل جي ڊائري

بدر ابڙو
جيل ڊائري

بدر ابڙو 1980ع ۾ ضياءَالحق جي مارشل لا واري عرصي ۾ ڪميونسٽ پارٽيءَ خلاف ڪارروائيءَ ٿي ته بدر ابڙو پنهنجي دوستن پروفيسر جمال نقوي، ڪامريڊ امر لال، سهيل سانگيءَ، شبير شر ۽ ڪمال وارثيءَ سميت گرفتار ڪيو ويو . ڪميونسٽ پارٽيءَ جي دوستن تي خاص فوجي عدالت ۾ ڪيس هليو، جيڪو ”ڄام ساقي ڪيس“ جي نالي سان مشهور ٿيو، ان ڪيس ۾ ملڪ جا اهم ترين سياستدان محترمه بينظير ڀٽو، خان ولي خان، مير غوث بخش بزنجو، مولانا شاهه محمد امروٽي ۽ ٻيا کوڙ صاحب بچاءَ جي شاهدن طور پيش ٿيا. بدر ابڙو چئن سالن تائين جيل ۾ رهيو. کيس ايمنسٽي انٽرنيشنل پاران ’ضمير جو قيدي‘ قرار ڏنو ويو.ھي ڪتاب سندس ان ئي دور جي جيل ڊائري آھي.

آنلائن پڙهو | پي ڊي ايف

پلصراط (جيل جي ڊائري)

ڊاڪٽر دودو مھيري
جيل ڊائري

ڊاڪٽر دودي مهيريءَ کي جڏهن 1992ع ۾ گرفتار ڪري فوجي حراست ۾ رکي پڇا ڳاڇا ڪئي وئي هئي، هي انهي زماني جي جيل جون يادگيريون آهن، جيڪي پيرائتي نموني سهڻي انداز ۾ بيان ڪيل آهن. کيس ڪڏھن حيدرآباد سينٽرل جيل، ڪڏھن نارا جيل تہ ڪڏھن سينٽرل جيل ڪراچيءَ ۾ رکيو ويو جنھن دوران سندس والد جي وفات بہ ٿي. ڪتاب جو مهاڳ سردار شاهه لکيو آهي، جنهن ڊاڪٽر دودي مهيريءَ جي ڪردار ۽ سنڌ جي ان وقت جي سياسي ۽ سماجي حالتن کي سهڻي نموني چٽيو آهي.

آنلائن پڙهو | پي ڊي ايف

چپ انجيل جي حاشين جهڙا

تاجل بيوس
شاعري

نامياري شاعر تاجل بيوس جي سئو غزلن تي مشتمل ڪتاب ”چپ انجيل جي حاشين جهڙا“ اوهان اڳيان حاضر آهي.

آنلائن پڙهو | پي ڊي ايف

انبن جھليو ٻور

تاجل بيوس
ڊائريءَ جا ورق / نثري ٽڪرا

تاجل بيوس سنڌ جو اهو شاعر آهي جنهن هر لهجي ۾ شاعري ڪري پاڻ مڃايو آهي. سندس نثري شاعريءَ جو پهريون ڪتاب ”انبن جهليو ٻور“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب 1983ع ۾ سنگم پبليڪيشن پاران ڇپايو ويو هو.

آنلائن پڙهو | پي ڊي ايف

ولولو ۽ ووڪ

استاد بخاري
شاعري

ھي ڪتاب نامياري شاعر استاد بخاريءَ جي شاعريءَ جو مجموعو آھي. علي دوست عاجز لکي ٿو:
”استاد بخاري سنڌ جي وِکريل سونھن ۽ ثقافت کي سموھي سِٽن جو روپ ڏنو. ان ڪري ئي استاد جي شاعريءَ ۾ برسات جي پھرين ڦڙين تي اُٿندڙ ڪچي ۽ ڪاڇي جي مٽيءَ جو ھُڳاءُ آھي.“
ھن ڪتاب جو پھريون ڇاپو 1994ع ۾ ڇپيو جڏھن تہ ٻيو ڇاپو 1996ع ۾ روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو پاران ڇپايو ويو.

آنلائن پڙهو | پي ڊي ايف

وطن ۽ ويساھہ

استاد بخاري
شاعري

ڪتاب ”وطن ۽ ويساھہ“ اوھان اڳيان پيش آھي. ھي ڪتاب نامياري شاعر استاد بخاريءَ جي بيتن ۽ واين جو مجموعو آھي. ھن ڪتاب ۾ ٻہ مجموعا ”جيئڻ ڪارڻ جيڏيون“ ۽ ۽ سڄڻ ۽ ساڻيھہ شامل آھن.
ھي ڪتاب 1997ع ۾ روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو پاران ڇپايو ويو.

آنلائن پڙهو | پي ڊي ايف

ميلا ملھالا

استاد بخاري
شاعري

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران ڪتاب ”ميلا ملھالا“ اوھان اڳيان پيش آھي. ھي ڪتاب نامياري شاعر استاد بخاريءَ جي شاعريءَ جو مجموعو آھي. استاد بخاري لکي ٿو:
”ھيءُ شاعريءَ جو مجموعو گهڻي ڀاڱي منھنجي محبتي جذبن جو کليل اظھار آھي، جنھن ۾ سونھن جي ساھن جا نفيس ترين ھڳاءَ آھن، چاھ جي چپن جون لذيذ ترين مٺيون ماکيون ۽ جلون جذبن جون بي اختيار جهومريون آھن.“
ھن ڪتاب جو پھريون ڇاپو 1994ع ۾ ڇپيو، ٻيو ڇاپو 1997ع ۾ روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو پاران ڇپايو ويو.

آنلائن پڙهو | پي ڊي ايف

ڳائي پيو جاڳائي پيو

استاد بخاري
شاعري

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران ڪتاب ”ڳائي پيو جاڳائي پيو“ اوھان اڳيان پيش آھي. ھي ڪتاب نامياري شاعر استاد بخاريءَ جي شاعريءَ جو مجموعو آھي.
ھي ڪتاب 1999ع ۾ روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو پاران ڇپايو ويو. اسان ٿورائتا آھيون ”وتايي جي گهر“ ۽ ”پڙھندڙ نسل (پَن)“ جا جن ھن ڪتاب کي پي ڊي ايف ۾ محفوظ ڪيو.

آنلائن پڙهو | پي ڊي ايف

گلدستي ۾ گيت

استاد بخاري
شاعري

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران ڪتاب ”گلدستي ۾ گيت“ اوھان اڳيان پيش آھي. ھي ڪتاب نامياري شاعر استاد بخاريءَ جي شاعريءَ جو مجموعو آھي جيڪو ٽن شعري مجموعن ”نہ ڪم نبريو نہ غم نبريو“، ”لھري لھري ۾ لالاڻ“ ۽ ”زندگي زندگي“ جو گڏيل مجموعو آھي.

آنلائن پڙهو | پي ڊي ايف

ڪوڪڻ يا ڪلياڻ

استاد بخاري
شاعري

ھي ڪتاب نامياري استاد بخاريءَ جي بيتن ۽ واين تي مشتمل آھي.
ھن ڪتاب جو پھريون ڇاپو 1986ع ۾ ڇپيو جڏھن تہ ٻيو ڇاپو 1997ع ۾ روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو پاران ڇپايو وي

آنلائن پڙهو | پي ڊي ايف

ڪائنات جي ڳولھا

اسٽيفن ھاڪنگ / نديم گل عباسي
سائنس، علم ۽ رسالا

ھي ڪتاب دنيا جي مشھور سائنسدان ۽ محقق اسٽيفن ھاڪنگ جي 1988ع ۾ ڇپيل پھرين ڪتاب A Brief History of Time جو سنڌي ترجمو آھي جنھن ۾ ھن ڪائنات ۾ موجودBlack Holes جي پھريون دفعو دريافت ڪئي. ڪتاب جو سنڌيڪار نديم گل عباسي آھي.
اسٽيفن ھاڪنگ کي آئن اسٽائن کانپوءِ دنيا جو سڀ کان وڏو سائنسدان مڃيو وڃي ٿو. ھن ڪتاب ۾ ڪائنات جي باري ۾ اھڙي قسم جا حيرت ۾ وجهندڙ سوالن جا جواب ڏنل آھن، جيڪي نيوٽن کان وٺي آئن اسٽائين تائين پيدا ٿيندا آيا آھن،

آنلائن پڙهو | پي ڊي ايف

رسالو سچل سرمست

عثمان علي انصاري
تصوف

هيءُ رسالو سنڌ جي نامياري صوفي شاعر حضرت سچل سرمست رح جي سنڌي ڪلام تي مشتمل آهي، جيڪو نامور اديب ۽ عالم عثمان علي انصاريءَ مرتب ڪيو آهي. رسالي ۾ عثمان علي انصاريءَ ’عرض حال‘ جي عنوان سان رسالي جي تياريءَ بابت جامع تفصيل ڏنو آهي. رسالي جو مقدمو مرتب جو لکيل آهي. رسالي ۾ ’حقيقة الوجود‘ ۽ ’وحدة الشهود‘ جي عنوانن سان عثمان علي انصاريءَ، سچل سرمست جي مڪتبه فڪر جي ضخيم سمجهاڻي ڏني آهي.

آنلائن پڙهو | پي ڊي ايف

بابائي سنڌ (حيدر بخش جتوئي) جي سنڌ لاءِ جدوجھد

حيدر بخش جتوئي
تاريخ، فلسفو ۽ سياست

ھن ڪتاب ۾ بابائي سنڌ جي سياسي، سماجي ۽ ذاتي زندگيءَ تي سنڌ جي مشھور اديبن ۽ بابائي سنڌ جي عقيدتمند دوستن جي مضمونن کانسواءِ ۽ سرڪاري ملازمت ڇڏي سنڌ ھاري ڪاميٽيءَ ۾ شريڪ ٿيڻ بعد، صدر سنڌ ھاري ڪاميٽيءَ جي حيثيت ۾ پنھنجين ساٿين سان گڏ، سنڌ مٿان ٿيندڙ ظلم ۽ ناانصافين خلاف جيڪا بہ جدوجھد ڪئي آھي انھيءَ جو مختصر تاريخي ۽ معلوماتي جائزو پيش ڪيو ويو آھي، جيڪو سنڌ جي تاريخ ۾ دستاويز جي حيثيت رکي ٿو. ڪتاب ۾ بابائي سنڌ جي شاعري پڻ شامل آھي.

آنلائن پڙهو | پي ڊي ايف

شاهه جي ڪلام ۾ پھاڪا ۽ محاورا

سيد اظھر گيلاني
لطيفيات

سيد اظھر گيلانيءَ جي تحقيق تي مشتمل ڪتاب ”شاهه جي ڪلام ۾ پھاڪا ۽ محاورا“ اوھان اڳيان پيش آھي. ھن ڪتاب ۾ شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي بيتن ۾ استعمال ڪيل پھاڪن ۽ محاورن کي نہ صرف پيش ڪيو ويو آھي ۽ ان جي تشريح ڏني وئي آھي پر ساڳي وقت اھو ثابت ڪيو ويو آھي تہ شاھ جي رسالي ۾ جيترا پھاڪا، محاورا ۽ تشبيھون استعمال ٿيل آھن ايترو خزانو ڪنھن ٻي ٻوليءَ نٿو ملي. ڪتاب ۾ انھن بيتن جي چونڊ ڪئي وئي آھي جن ۾ پھاڪا ۽ محاورا اچن ٿا ۽ ھر پھاڪي کي ڏنگيءَ ۾ رکيو ويو آھي ۽ سامھون ”پ“ لکي ان کي نروار ڪيو ويو آھي.

آنلائن پڙهو | پي ڊي ايف
صفحا: پهريون 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55 56 آخري

انگ اکر

ڪُل ڪتاب: 1153
ڪتابن جو مشاهدو: 3580601
ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 977117
2021 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ