علامتي ڪھاڻين جي لکيل مجموعي جو ليکڪ ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار رسول ميمڻ آھي.
جنھن رسول ميمڻ کي ھڪ دفعو پڙھيو سو کيس ڪڏھن بہ وساري نہ سگھندو. ڇاڪاڻ ته هو، جيڪي لکي ٿو ان ۾ ماڻهن جي دردن جون ڪهاڻيون هونديون آهن ۽ ڪو به ماڻهو پنهنجي دردن جو ڳالهيون لکڻ واري کي آسانيءَ سان وساري نه سگهندو آهي. ھو موجودھ دور جي لکندڙن ۾ گھڻو پڙھيو ويندڙ ليکڪن جي فھرست ۾ مٿئين درجي وارو ليکڪ آھي، جنھن قلم ذريعي سماج کي سنوارڻ جو ڪم ڪيو آھي.
ھي ڪتاب نامياري ليکڪ ۽ پبلشر يوسف سنڌيءَ جي يادن، دوستن تي لکيل خاڪن، اخباري ڪالمن ۽ تاريخ جي جهلڪين جو مجموعو آھي.
يوسف سنڌي ڊگهي عرصي کان علمي، ادبي ۽ سياسي تحريڪن سان سلهاڙيل هئڻ ۽ ان دور جي علمي، ادبي ۽ سياسي شخصيتن سان گڏ هئڻ ڪري، هن جي نظرن کان ڪوبه ڪتاب ڏور نٿو وڃي سگهي. ٽيون وري دنيا جي ڪجهه ملڪن جي دورن جي ڪري هن گهڻ رخو مطالعو ۽ مشاهدو حاصل ڪيو آهي. اهڙي طرح هن جا اخباري ڪالم هڪ دُور جي تواريخ لڳن ٿا.
اسحاق انصاريءَ جي لکڻيءَ ۾ بي ساختگي، نفاست ۽ رواني موجود هوندي آهي، جنهن جي ڪري پڙهندڙ تي سندس لکڻيءَ جي گرفت آخر تائين برقرار رهندي آهي. سندس پھرين ناول ”خالي بينچ“ وانگر اسحاق انصاريءَ جي هن ناول ”پيار درياهه“ جو موضوع به ”پيارُ“ ئي آهي.
آنلائن پڙهو | پي ڊي ايف دلبر چانڊيي جي ڪهاڻين ۾ پريم جي پيڙاءَ به آهي ته محبت جون مرڪون ۽ مذاقون به! هن جي ڪهاڻين ۾ ممتا جي اداسي به آهي ته بهتر سماج جي تلاش به! دلبر جون ڪهاڻيون پڙهي ايمان تازو ٿي وڃي ٿو ته: ”سنڌي ڪهاڻي زندهه آهي ۽ زندهه رهندي.“
سنڌي ڪهاڻيءَ جي جُڃَ ۾، دلبر جو هيءَ ڪهاڻي ڪتاب ”جيجل منهنجي قسمت“ امن جو لاڏو آهي. جيڪو هر ڪنهن جي چپن تان آلاپجي ٿو.
سنڌ بابت سوالن جوابن سان سھيڙيل ھن ڪتاب جو مرتب محمد صالح کھڙو آھي. ھي ڪتاب خاص ڪري شاگردن لاءِ گھڻو فائديمند آھي.
آنلائن پڙهو | پي ڊي ايف سنڌ جي ھن سٻاجھڙي ليکڪ امير بخش شر پنھنجي زندگيءَ جي لاھن چاڙھن، ڪاميابين ناڪامين، ڏکن ۽ خوشين کي قلم بند ڪيو آھي، اھو خود ھڪ حوصلي وارو ڪم آھي. ھو لکي ٿو:
”ها اڄ تائين سڀ ڪجھ سچ لکيو اٿم ۽ جيڪي ڪونه لکيو اٿم سو گهڙيءَ کن لاءِ توهان پڙهندڙ سمجهجو ته ڪوڙ آهي، ۽ اهو ڪوڙ آهي منهنجا عشق. هي سٽون لکندي اهي سڀ خوبصورت چهرا اکين آڏو پيا ڦرن. پر مِٺي به ماٺ ته مُٺي به ماٺ. هونئن به ڪير پيو پِيريءَ ۾ زالن جا سُهما سهندو. يا گنجي ٽِڪڻ تي سينڊل سهندو. باقي جي ٿي ملي موڪل ته خوشونت سنگھ جي ڪمپني آف وومين کي ميل نه ماريان ته پنهنجيءَ ڏِس کي گهروڙي ٻنهي هٿن جا ڀونڊا ڏجو.“
وفا صالح راڄپر سنڌ جي انهن ٿورڙن ۽ منفرد ليکڪن منجهان هڪ آهي جن نثر توڙي نظم ۾ هڪ جهڙي پذيرائي ماڻي آهي. وفا صالح راڄپر پنهنجي دؤر جو سجاڳ شاعر آهي تنهن ڪري هُو پنهنجي وقت جي مسئلن کان چڱيءَ طرح با خبر آهي. سندس شاعريءَ ۾ رومانس به ملي ٿو پر اهو به عام رواجي ۽ غير سنجيده ناهي بلڪه سنجيده ۽ اصلاحي آهي.
آنلائن پڙهو | پي ڊي ايف هي ڪتاب ھند جي نامياري ليکڪا وينا شرنگي جي مونولاگ جي صورت ۾ لکيل ناول (يادن جو مجموعو) آھي. ھوءَ لکي ٿي:
''منهنجا معصوم سڄڻ'' هي ڪا صرف منهنجي نه پر سڄڻ تنهنجي زندگي آ.... منهنجي زندگي آ.... اسان سڀني جي زندگي سمايل آ.... '' منهنجا معصوم سڄڻ '' ڪنهن هڪ وينا يا وشال جي داستان نه آهي، پر اِنساني زندگيءَ جا اَلڳ اَلڳ روپ آهن. ''منهنجا معصوم سڄڻ'' ڪهڙي وينا جو اِظهار آهي اُن کان ناواقف آهيان جا مون کان منهنجو وجود ڦُري رهي آهي.
اسلامي فڪر تي لکيل دنيا جي وڏن روشن فڪر عالمن ۽ ڏاهن جي تحريرون مشتمل ڪتاب. توحيد رسالي جي 24 شمارن ۾ اسلامي فڪر، قرآني علوم ۽ مختلف ديني موضوعن تي شاهڪار مضمون ڇپيا جيڪي پڙهندڙن بيحد پسند پئي ڪيا. انهن مضمونن جي مستقل اهميت کي پيش نظر رکي طئي ڪيو ويو ته انهن مان چونڊ مضمونن تي مشتمل ڪتاب ڇاپي پڌرو ڪجي. جيڪو اوھان اڳيان حاضر آھي.
آنلائن پڙهو | پي ڊي ايفھي ڪتاب نامياري ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار رسول ميمڻ جي شاعريءَ جو مجموعو آھي رسول ميمڻ بنيادي طور ھڪ ڪھاڻيڪار آھي پر سندس شاعريءَ ۾ ڪيل اظھار بہ گهٽ ناھي.
آنلائن پڙهو | پي ڊي ايفممتاز مصطفيٰ هڪ نوجوان ڪهاڻيڪار طور ڪهاڻين ۾ پنهنجي نفسياتي ۽ روحاني روين سميت پنهنجي سماج جي اصل شڪل بيان ڪرڻ جو ساهس رکي ٿو، جنهن سبب سندس ڪهاڻين ۾ زندگي موجود آهي، جيڪا ڪهاڻي پڙهڻ تي مجبور ڪري ٿي.
آنلائن پڙهو | پي ڊي ايفھند جي مرڪزي ساهتيه اڪيڊميءَ سال 2013ع جو بهترين ڪتاب وارو انعام ” منش نگري“ ڪتاب تي ليکڪ پروفيسر نامديو تارا چنداڻيءَ کي ڏنو.ھن ڪتاب ۾ هڪ ڊگهي ڪوتا آهي ۽ ان ڪوتا ۾ هيءَ سموري سرشٽي آهي، هڪ نهايت سجيده ڪوتا، جنهن ۾ تخليق، فلسفو، گيان ۽ گڏوگڏ جديد ويچار به شامل آهن.
آنلائن پڙهو | پي ڊي ايفسائين چيزل شاهه هڪ اعليٰ شاهه ۽ درويش هو. سندس ڪلام نه رڳو تصوف جي تند تنوار سان بلند آهنگ ۾ آهي، بلڪه شاعريءَ جي روايت سان فن ۽ فڪر موجب ۾ ڳنڍيل آهي. سنڌ ۾ ڪافيءَ جا شاعر گهڻا آهن. سائين رکيل ۽ چيزل به فني لحاظ کان سهڻيون ڪافيون چيون آهن. سائين چيزل شاهه سنڌي ۽ سرائڪي اردو امتزاج سان ڪافيون چيون آهن. عشق بادشاهه سندس ڪافي ڪلام جو خاص ۽ بنيادي موضوع آهي.
آنلائن پڙهو | پي ڊي ايفقرآن ۽ حديث، فقه ۽ تصوف، نبوت ۽ شريعت، فلسفو ۽ سياست، سماجي درجن ۽ موت کان پوءِ جي زندگيءَ متعلق حجة الاسلام امام شاهه ولي اللهؓ جي حڪمت ڀري تعليم جو بنيادي تعارف ۽ تفصيل.
آنلائن پڙهو | پي ڊي ايف ڪتاب ”ماڻھو جيڪي مرڻا ناھن“ اوهان اڳيان پيش آهي. ڊونلڊ ڪلراس پيٽي جي لکيل ڪتاب Lives of Destiny جو سنڌيڪار ناميارو ليکڪ، ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار رسول ميمڻ آھي. ھو لکي ٿو:
”موزارٽ، ليونارڊو ۽ مائيڪل اينجليو اهي شخصيتون آهن جيڪي هڪ ”ديو“ جيان منهنجي سوچن جي بوتل ۾ سالن کان بند هيون. مون نو سال اڳ انهن جو اظهار مختصر نموني ڪيو هيو. مون جڏهن ڊونالڊ ڪلراس پيٽيءَ جو ڪتاب Lives of Destiny پڙهيو هيو ته ان جي لکڻيءَ مونکي ايترو متاثر ڪيو جو مان لکت ۽ گفتگوءَ ۾ پيو ان جا حوالا ڏيندو هوس. ان ساڳي ڪتاب مان ڪجهه چونڊ شخصيتن جو ترجمو ڪري اوهان آڏو پيش ڪري رهيو آهيان.“