ھن ڪتاب جو ليکڪ ۽ محقق ڊاڪٽر سرور خاصخيلي آھي. ڪووڊ 19 دنيا جي سماجي ۽ معاشي ڍانچي کي تباھ ڪري رکيو آھي ۽ ڏسندي ئي دنيا ۾ لکين ماڻھو ھن موتمار وبا جو شڪار ٿيا آھن. ڊاڪٽر سرور لکي ٿو:
”حقيقت ۾ ھي ھڪ دستاويز آھي جيڪي وبائي بيمارين جي تاريخ ٻڌائي ٿي ۽ ڪووڊ جي ڪري، جيڪي ڪلور ۽ اٿل پٿل ٿي آھي ان جي ھڪ تصوير آھي. مستقبل ۾ جڏھن ۽ جيڪو تحقيق ڪندو ته ھي ڪتاب سندس رھنمائي ڪندو. ھي ڪتاب انٽرنيٽ تي موجود وڪي انسائيڪلوپيڊيا، صحت جي عالمي اداري طرفان موجود ڄاڻ ۽ واٽس ايپ تي آيل بھتر مواد کي ترجمو ڪري ھڪ دستاويز ٺاھڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. “
ضراب جون ڪهاڻيون سراسري ڏسجن ته ڏاڍيون سٺيون ڪهاڻيون آهن. ضراب جون ڪهاڻيون، پنهنجي ٽائٽلس مان ئي پڌريون آهن، ته ڪيتريون نه آرٽسٽڪ آهن. ضراب وٽ فن آهي، ڳالهه پيش ڪرڻ جو ڍنگ آهي، ضراب پنهنجي مشاهدي کي ڏاڍي فنڪاراڻي انداز ۾ ايئن لاهيندو آهي، جو ڄڻ پڙهندڙ پاڻ پيو مشاهدو ماڻي، اِهو ئي سبب آهي جو ضراب، منظرنگاريءَ ۾ ڏاڍو پختو آهي، ضراب جي ڪهاڻين جي اها خوبي آهي ته ڪابه ڪهاڻي فڪري توڙي فني حوالي سان ٻي ڪهاڻيءَ سان مشابهت نه ٿي رکي.
آنلائن پڙهو | پي ڊي ايف سنڌ جي حيواني، معدني ۽ پيداواري وسيلن جي ڄاڻ ۽ ان جي روشنيءَ ۾ قدرتي شاهوڪاريءَ جي تفصيلن سان ذڪر ڪيل هن ڪتاب جو ليکڪ ناميارو تاريخدان ۽ محقق دادا سنڌي آهي.
هو منڍ ۾ لکي ٿو:
”سنڌ هڪ آسودو ۽ خوشحال ملڪ آهي. سنڌ جي معيشت هڪ تاريخي حقيقت آهي ۽ سندس عظمت فخر لائق آهي. مون ڏٺو آهي ته اسان جو نئون نسل ۽ نوجوان طبقو، پنهنجي جنم ڀوميءَ جي تاريخ سان محبت ڪرڻ ٿو چاهي، پر جيئن ته هي سائنسي ۽ معاشي دور آهي ۽ هت هڪ هڪ سيڪنڊ ۽ هڪ هڪ منٽ جي پنهنجي اهميت آهي، ان ڪري وڏا وڏا ڪتاب ۽ ڊگها ڊگها مضمون پڙهڻ لاءِ وقت ملڻ مشڪل آهي، ويتر ٽي وي ۽ ڊش انٽينا جي ميسر ڪيل تفريح، واندڪائي ۾ پڙهڻ واري نظريي کي به گهٽائي ڇڏيوآهي. ان ڪري ئي مان نوجوانن لاءِ مختصر ۽ ننڍن مضمونن ۾ سنڌ جي تاريخ کي سموهي، پنهنجن ديس واسين آڏو پيش ڪريان ٿو.“
هن مجموعي جو ليکڪ ڪاوش ۽ ڪي ٽي اين جو سرواڻ محمد علي قاضي آهي.
” هن ڪتاب ۾ 2010ع کانپوءِ لکيل صرف اهي مضمون شامل آهن، جيڪي تبديليءَ جي تصور سان جڙيل آهن، ۽ هڪ فرق اهو به آهي ته، اهو ڪتاب صرف تبديليءَ کي پسند ڪندڙن لاءِ ئي ناهي، بلڪه سنڌ کي ماءَ جي هنج جيان بنائڻ لاءِ عملي قدم کڻندڙ يعني تبديلي آڻيندڙن لاءِ به آهي، جيڪي شايد ظاهري طرح نظر نه ايندا هجن پر اهي لکن جي انگ ۾ اڄ اسان جي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ موجود آهن ۽ انشاالله هڪ ڏينهن وري آئون انهن لکن تبديلي آڻيندڙن جي وچ ۾ موجود هوندس. “
مائي بيگم فقيرياڻيءَ جي زندگي، سندس فني سفر، سندس فقيراڻي حالَ جا جيڪي به رنگَ آهن انهن کي تمام گهڻي محنت ۽ اوتري ئي محبت سان سندس لائق پوٽي ۽ سنڌي شاعري ۽ راڳ جي دُنيا جي اِهم نالي، اختر درگاهيءَ هن ڪِتاب جي مالها ۾ موتين جيان پوئيو آهي.
آنلائن پڙهو | پي ڊي ايفمدد علي سنڌيءَ جي فَنَ، فڪرَ، شخصيتَ، زندگي ۽ جدوجهد جي حوالي سان سنڌ جي جن جن قلمڪارن مختلف مضمونن جي صورتَ ۾ اظهار ڪيو آهي، هي ڪتاب انهن سمورن مضمونن جو مجموعو آهي، جنهن کي سنڌي ٻوليءَ جي نئين ٽهيءَ جي انتهائي خوبصورت ۽ سُڄاڻ شاعرَ حبدار سولنگيءَ تمام گهڻي محنتَ ۽ محبت سان مُرتب ڪيو آهي.
آنلائن پڙهو | پي ڊي ايف هن ناول جو ليکڪ ناميارو ڪهاڻيڪار، ناولنگار ۽ اديب ”رسول ميمڻ“ آهي. هو لکي ٿو:
”ناول نجوميءَ جو ماحول اهڙي وقت جو آهي، جيڪو وقت ڪڏهن نه ٿو گذري. اهو وقت پنهنجي سيني ۾ ماضي، حال ۽ مستقبل سمايو بيٺو آهي. هيءُ ناول اهڙي واديءَ جيان آهي جنهن تي ڄميل برف ڪڏهن نه ٿي رجي. برف جا بت به ايڏائي مضبوط آهن جهڙا پٿر جا ــ مان پنهنجي شهر جو اهڙو گواهه آهيان، جنهن اکين سان شهر جڙندي ڏٺو، ڊهندي ڏٺو ۽ وري جڙندي ڏٺو. مون ان شهر جا پنج نسل پنهنجين اکين سان ڏٺا. پر حقيقت اها آهي ته نجوميءَ جا ڪردار اڃان به اوائلي آهن. شايد مان تنهن وقت شهر ۾ موجود نه هيس پر منهنجو روح جسم ڳولهي رهيو هيو. جسم جي غير موجودگيءَ ۾ اهي لقاءَ منهنجي روح ڏٺا. جڏهن اڃان ورهاڱو نه ٿيو هيو ۽ ان کان ٿورو پوءِ جڏهن بانبڙا پائي گهٽين جي خاڪ چَٽي رهيو هوس.“
هي ڪتاب نامياري ليکڪ، ڪهاڻيڪار، ناولنگار ۽ اديب ”رسول ميمڻ“ جو ٻيو ناول آهي. هو لکي ٿو:
”هيءُ ناول موت جي تاريخ آهي. هن جو وقت جي تاريخ سان ڪو واسطو نه آهي. هن ناول جا تاريخي واقعا ڪردار جي گهرج مطابق گهـڙيل آهن. اميد ته تاريخدان هن ڪتاب کي ناول سمجھي پڙهندا. “
هن سفرنامي جو ليکڪ ناميارو پبلشر ۽ ليکڪ قربان منگي آهي. هو لکي ٿو:
”اوهان جي هٿن ۾ موجود هي سفر نامو ”هوائيءَ جي هوائن مان“ منهنجي آمريڪا جي ٻئين سفر جي ڪٿا آهي. آمريڪا ۾ رهي مون اتان جي سماجي لقائن کي جيئن ڏٺو انهن کي تيئن ئي قلمبند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. مون هي سفرنامو لکندي ڪٿي به ڪنهن مبالغي يا وڌاءَ کان ڪم ناهي ورتو. اُميد ته اوهان پڙهندڙ منهنجي گذريل سفرنامن جيان هن سفرنامي کي به دل جي ويجھو جاءِ ڏيندؤ.“
هي ڪتاب نامياري ليکڪ، ڪهاڻيڪار، ناولنگار ۽ اديب ”رسول ميمڻ“ جو پهريون ناول آهي. هو لکي ٿو:
تاريخ هن ناول جو پَس منظر آهي. جڏهن ته پيش منظر خيالي ڪردار آهن. اهڙا ڪردار جيڪي تاريخ اندر گذريل خاص وقت جو الميو پيش ڪن ٿا. ”اڻويهه عورتون“ ناول لڳ ڀڳ تيرهن سوَ سال پراڻي تاريخي واقعي اندر پيش ايندڙ خيالي خاڪو آهي.
ڪهاڻين جي هن مجموعي جو ليکڪ ”رسول ميمڻ“ آهي. هو لکي ٿو:
”هن مجموعي ۾ شامل ڪهاڻيون موضوع جي لحاظَ کان مختلف آهن. منهنجين لکڻين ۾ موضوعن جي کوٽَ نه آهي. ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته دنيا جي لکڻين جو سڀ کان وڏو موضوع پيار آهي پر پيار يونيورسٽين تائين محدود نه آهي. اسان کي پيار جي ڪينواس کي وسيع ڪرڻو پوندو.
ڪتاب ”دلبر ﷺ جي ديس ۾“ مڪي ۽ مديني جو سفرنامو آهي،مولوي محمد يامين لکي ٿو؛ ”جيئن ته، ”دلبرﷺ جي ديس ۾“ هڪ مذهبي رنگ ۾ لکيل تاليف آهي تنهن ڪري انهي ٿري لهجي ۾ خشڪ واريءَ تي ديار حبيب جو داستان، تيز وڏ ڦڙي مينهن وارو وسڪارو ڪندي محسوس ٿئي ٿو ته، پرينءَ جي پار جي هُٻڪار ۽ سرور ڀري سُرهاڻ هيءَ ڪتاب پڙهندي هتي محسوس ٿئي پئي! سبحان الله!
آنلائن پڙهو | پي ڊي ايفامر رائيسنگهه راجپوت دردوندي جي ديس جو نوجوان ليکڪ آهي، جنهن جو ڏڪاريل ڏيهه ٿر جي پسمنظر ۾ لکيل پهريون ڪتاب ”منهنجو صحرا سڏڪي ٿو!“ اوهان جي هٿن ۾ آهي. هن ڪتاب ۾ ٿر ۽ ٿر جي ماروئڙن جي ڏکن، ڏولاون، ڏڪار جي موتمار صورتحال سان گڏ وسڪاري جي اڌورين آشائن جون ڪٿائون آهن، جيڪي مضمونن ۽ تاثر جي روپ ۾ بيان ڪيون ويون آهن.
آنلائن پڙهو | پي ڊي ايف ”ذوالفقار هاليپوٽي جو هيءُ ڪتاب ”آمريڪا ياترا“ نئين نڪوري ڊڪشن، نئين دور ۽ نئين انداز جو هڪ دلڪش ۽ نمايان مثال آهي. آهن، دانهن، حسرتن، حسين يادن، ٻٽاڪن ۽ اڻوڻندڙ لفاظيءَ سان ڀريل ڪيترن سفرنامن جي ابتڙ هيءُ سفرنامو دراصل ليکڪ جي سفر سان سلهاڙيل انهن حقيقتن، حالتن، حلقن ۽ دلپذير حادثن جو سرنامو آهي، جيڪي آمريڪا جي مسافريءَ تي اُسهڻ کان وٺي واپس ڳوٺ پهچڻ تائين ليکڪ سان پيش آيا. انهن مڙني صورتحالن دوران هڪ هنڌ به وڌاءَ ۽ پڏاءَ جي گرڪڻ نظر نٿي اچي نه ئي مصنوعيت ۽ نقلي پڻي جي ترڪڻ موجود ٿي لڳي.“
انعام شيخ
”مولابخش چانڊئي جي ڪتاب ”ذڪر زندان جو“ کي جيل ڊائري چوڻ نه رڳو مصنف سان پر تاريخ سان پڻ زيادتي هوندي. ”ذڪر زندان جو“ صرف جيل ڊائري ئي نه آهي پر ايم آر ڊي دور جو هڪ مڪمل تاريخي دستاويز آهي. انهيءَ دور جي تاريخ جو دستاويز جنهن دؤر ۾ ”جمهور تنهنجو نانءُ ورتم، ڄڻ ڪاريهر تي پير پيم“ واري ڪار هئي. جنهن دور ۾ جمهوريت جو نالو وٺڻ ڄڻ پنهنجي پاڻ لاءِ وير وهائڻ هو، پر پوءِ به هر طرف جمهور ئي جمهور جي وات وائي هئي.
آنلائن پڙهو | پي ڊي ايف