ثقافت کاتو حڪومت سنڌ جا ڄپايل ڪتاب

شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ درد جو جمال

ڊاڪٽر فياض لطيف
لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

لطيفيات جي موضوع تي شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ سمايل درد جي جمال بابت مختلف سنڌي ۽ اردو مقالن ۽ مضمونن جي مجموعي جي ترتيب ۽ تدوين نامياري محقق ۽ شاعر ڊاڪٽر فياض لطيف جي محنت جو ثمر آھي. ڪتاب ۾ 26 سنڌي ۽ 6 اردو مقالا شامل ڪيا ويا آھن. اڪبر لغاري لکي ٿو:
”ڊاڪٽر فياض لطيف نوجوان محقق ۽ سُچيت نقاد آهي. هُن شيخ اياز جي جمالياتي شاعريءَ تي پي ايڇ ڊي ڪئي آهي، سندس اهو تحقيقي ڪم پنهنجي حوالي سان وڏي اهميت جو حامل آهي، پر هُن وٽ شاهه لطيف جي شاعريءَ جي اڀياس ۽ ڇنڊڇاڻ جي حوالي سان پنهنجي بصيرت ۽ هڪ پنهنجو نقطه نظر آهي. هُن لطيف جي مختلف فني ۽ فڪري نقطن تي جديد تحقيق ۽ تنقيد جي روشنيءَ ۾ چڱو ڪم ڪيو آهي، پر درد جي موضوع تي مختلف عالمن جي ترتيب ڏنل مقالن/ مضمونن( جنهن ۾ هن جو پنهنجو هڪ مقالو به آهي) تي محيط سندس هي ڪتاب، ”شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ درد جو جمال“ پڻ انتهائي قيمتي ۽ ڪارائتو آهي.“

آنلائن پڙهو | پي ڊي ايف

لطيفي سئر

ڀيرومل مھرچند آڏواڻي
لطيفيات

نامياري ليکڪ ۽ محقق پروفيسر ڀيرومل مهر چند آڏواڻي پاران دنيا جي عظيم شاعر شاهه عبد للطيف ڀٽائيءَ جي شاعري ۽ سندس ڪيل سئرن جي تحقيق تي مشتمل ڪتاب ”لطيفي سئر“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هي ڪتاب ڪيترائي دفعا ڇپيو آهي، پهريون شمارو 1928ع ۾ ڇپايو ويو، جڏهن ته آخري شمارو سنڌ حڪومت جي ثقافت کاتي پاران 2012ع ۾ ڇپايو ويو آهي.

آنلائن پڙهو | پي ڊي ايف

ڪچهريءَ جا مور

ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو
لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

هي ڪتاب ڪچهريءَ جا مور ليکڪ ۽ محقق ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جو لکيل آهي، جڏهن ته حڪومت سنڌ جي ثقافت کاتي پاران ڇپايو ويو آهي. اسان ٿورائتا آهيون مانواري ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جا جنهن هن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي ڏيڻ سان گڏ ڪتاب سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.

آنلائن پڙهو | پي ڊي ايف

انگ اکر

ڪُل ڪتاب: 946
ڪتابن جو مشاهدو: 3032556
ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 790282
2020 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ