ڪتاب جو نالو: نڪري پيس نيپال ڏانهن
مصنف: اسحاق انصاري
ڇپائيندڙ: پوپٽ پبلشنگ هائوس
ڪيٽيگري: سفرنامه
شايع ٿيڻ جو سال: 2013
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: آچر، 03 جولائي 2016 ع
پڙهيو ويو: 1136 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 315 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هو لکي ٿو “منهنجي ذهن ۾ نيپال ۾ گھاريل ڏ هاڙا فليش بيڪ ٿي گھمندا ر هيا. مون دريءَ مان نظر ايندڙ جبلن جي چوٽين جا فوٽو ڪڍيا، مون سو چيو ته نيپال رڳو پهاڙيين جو ديس آ هي، يا بدر ابڙي چواڻي ڀڳوانن جي ڀونءِ آ هي، يا فقير محمد لاشاري جيان ته هيڻن ماڻهن ۽ سگھاري هماليا جي سر زمين آ هي.
مون سوچيو ته سڀ سچ آ هي پر، انهن سڀني سان گڏ ، پيار، احساسن ۽ فقيري طبيعتن جو ديس آ هي.“
ڪتاب ۾ کوڙ ساريون تصويرون به ڏنل آهن جيڪي اوهان پي ڊي ايف فارميٽ ۾ ڊائونلوڊ ڪري ڏسي سگهو ٿا.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌ سلامت پاران
  • انتساب
  • پبلشر نوٽ : قربان منگي
  • ليکڪ پاران : اسحاق انصاري
  • پُر اِسرار نِيپال ۾ سنڌي ڀِڪشو : بدر ابڙو
  • پهچي ويس نيپال
  • پتن، پاتن يا لليتپور
  • سويم ڀو ناٿ
  • کٽمنڊو جي شام
  • نارائڻ هٽي پيليس ميوزيم
  • نگر ڪوٽ
  • بختاپور
  • پوکرا
  • کٽمنڊو درٻار
  • موٽي آيس نيپال کان

  • سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتا ب نمبر (101) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ”نڪري پيس نيپال ڏانهن“ نامياري ليکڪ ۽ منهنجي استاد سائين اسحاق انصاري صاحب جو نيپال بابت لکيل سفرنامو آهي. اسحاق انصاري ڪهاڻيڪار، ناول نگار هجڻ سان گڏ ادبي سرگرمين ۾ اڳڀرو رهندو آهي ۽ اسان جي رهنمائي پڻ ڪندو رهندو آهي.
    اسين ٿورائتا آهيون سائين اسحاق انصاريءَ جا جنهن هن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي ڏني ۽ ڪتاب سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني. هي ڪتاب پوپٽ پبلشنگ هائوس، خيرپور پاران 2013ع ۾ ڇپائي مارڪيٽ ۾ آندو ويو.


    انتساب

    هي ڪتاب ارپيان ٿو:
    قاضي عابد، الطاف شيخ، تنوير عباسي،
    ڊاڪٽر سليمان شيخ، فقير محمد لاشاري، بدر ابڙي،
    فهميده حسين، اشتياق انصاري، عبدالحئي پليجي،
    مهتاب محبوب، خيرالنساءِ جعفري، مدد علي سنڌي،
    محمد خان سيال ۽ قُربان منگيءَ کي
    جن جا سفرناما پڙهي سفر ڪرڻ جو جنون پيدا ٿيو.


    - اسحاق انصاري


    پبلشر نوٽ : قربان منگي

    پنهنجي ناوِلَ ”خالي بينچ“ ۽ سفرنامي ”پرين هُنَ پارَ“ وسيلي، پڙهندڙن جي دلين ۾ جايون جوڙي ڇڏيندڙ، سنڌي ٻوليءَ جي گهَڻَ ڳُڻي ليکڪ اسحاق انصاريءَ جو نيپال جو سفرنامو ”نڪري پيس نيپال ڏانهن“ اوهان جي هٿن تائين پهچائيندي ادارو ”پوپٽ“ تمام گهڻي سَرهائي محسوس ڪري رهيو آهي. هِن کان اڳ ۾ ”پوپٽ“ پاران جڏهن اسحاق انصاريءَ جي مقبول ناول ”خالي بينچ“ جو ٻيو ايڊيشن شايع ڪيو ويو ته، اُهو ايڊيشن به مارڪيٽ مان ٿورڙن ئي ڏينهن ۾ وڪامي ويو، ۽ پڙهندڙن جي ان ناول لاءِ طلب ۽ تانگهه اڃان به باقي آهي.
    اسان سمجهون ٿا ته لِکڻَ جي دلچسپ ۽ وڻندڙ پيرائي، مشاهدي جي رنگينين، ڄاڻَ جي خزاني، مختصر وقت ۾ اهم ماڳن جي چُونڊَ سبب، اسحاق انصاريءَ جو هي نيپال جو سفرنامو پڻ پڙهندڙن ۾ تمام گهڻي مَڃتا ماڻيندو ۽ ڪيترائي نوان پڙهندڙ پيدا ڪندو.
    پوپٽ پبلشنگ هائوس هميشه وانگر اوهان جي راءِ جي اوسيئڙي ۾ رهندو.


    قربان منگي
    چيئرمين
    پوپٽ پبلشنگ هائوس خيرپور


    ليکڪ پاران : اسحاق انصاري

    جون جي مهيني ۾ نيپال وڃڻ ٿيو، حقيقت اها آهي ته نيپال جڏهن به ماڻهو گھمڻ وڃي ته گھٽ ۾ گھٽ پندرهن ڏينهن جو ٽوئر هجي، ڇو جو نيپال جي سياحت ۾ ثقافتي ۽ تفريحي رنگ ته آهي ئي آهي، پر نيپال جي گھڻي سياحت هائڪنگ يا مائونٽينرنگ(جبل چڙهڻ) آهي. ظاهر آهي ته اسان مان سڀ يا گھڻائي، اهڙي دلچسپي نه ٿي رکي، تنهنڪري نيپال وڃڻ کان اڳ پنهنجو پورو پروگرام ترتيب ڏئي پوءِ وڃجي.
    هن ڪتاب ۾ نيپالي ۽ هندو ميٿالاجي جو گھڻو ذڪر اچي ٿو، ان جو سبب اهو آهي ته اتان جي تاريخي آثارن جو واسطو گھڻو ڪري ٻڌمت ۽ هندو مذهب سان آهي. انڪري ڪن هنڌن تي ٿورا تفصيل ڏيڻ ضروري سمجھيا ويا آهن. پر ان هوندي به جيڪڏهن انهن ۾ ڪا غلطي هوندي ته اها صرف منهنجي ئي هوندي ته مان ان ڳالهه کي ان پيرائي ۾ سمجھي ۽ سمجھائي نه سگھيو هوندس. ان کان علاوه نيپال جي سياست جي باري ۾ سرسري طور تي لکيل آهي ڇو جو هي ڪو مضمونن جو ڪتاب ناهي بس ان موضوع کي ايترو ڇيڙيو ويو آهي جيترو ان سفر ۾ ان ڳالهه جو واسطو پيو آهي. مون ته اهو به سوچيو هو ته هندو ميٿالاجي ۽ اتان جي سياست خاص طور تي گوريلا تحريڪ تي ڪتاب جي آخر ۾ ڪي ضميما ڏجن ها. ڇو جو انهن کي سمجھڻ بنا شايد اهي نالا يا واقعا پنهنجو پاڻ کي صحيح نموني ظاهر ڪري نه سگھن. پر دوستن، منهنجي ان راءِ کي نه مڃيو، سندن چوڻ هو ته هي سفرنامو آهي جيترو ممڪن هجي ته ان سان لاڳاپيل شين کي ڇهجي نه ڪي تحقيقي ڪتاب بڻائجي.
    پنهنجي دوست رکيل مورائيءَ جو ٿورائتو آهيان جنهن هي ڪتاب لکرايو. ٿيو هيئن جو منهنجي واپس اچڻ کان پوءِ هو مون تي زور ڀريندو رهيو ته کيس اهو سفرنامو لکي ڏيان. پر مونکي وقت ۽ اتساهه نه پئي مليو. هڪ ڏينهن هو منهنجي آفيس آيو ۽ چيائين ته نوٽس ته ورتل هوندا يا شروعاتي ته ڪجھه لکيل هوندو اهو مون کي ڏيو. مون کيس اهو ڏنو ته هن عوامي آواز جي مئگزين ۾ هي سفرنامو ڇپي ڇڏيو. اها سندس چالاڪي ۽ مون سان حجت هئي ڇو جو کيس خبر آهي ته مان پنهنجي ڪم سان ڪميٽيد هوندو آهيان. انڪري پوءِ کيس هر ڀيري قسط ڪمپوز ڪري مقرر وقت تي اي ميل ڪري ڇڏيندو هيس. ان سلسلي ۾ ڪجھه ڳالهين جي وضاحت لاءِ مان پنهنجن دوستن ۽ نيپال مان ڊاڪٽر راڻو مل پيرواڻي جي مدد وٺندو رهيو آهيان.
    جيئن ته هن سفر تي اتساهڻ ۾ سائين بدر ابڙي جي ڪتاب ”ڀڳوانن جي ڀونءِ ۾“ جو اهم ڪردا هو، انڪري مون کيس گذارش ڪئي ته هن ڪتاب جو مهاڳ لکي ڏي. جيتوڻيڪ مصروف هوندي به بدر ابڙي صاحب ڪجھه لفظ لکي ڏنا آهن جيڪي مون لاءِ وڏي اهميت رکن ٿا ۽ هن سفرنامي جي ست يا روح کي به واضح ڪن ٿا.
    مان پنهنجي پياري دوست قربان منگيءَ جو به ٿورائتو آهيان جنهن پنهنجي سفرنامي آڻڻ کان اڳ منهنجي سفرنامي کي ڇپڻ جي دعوت ڏني.



    اسحاق انصاري
    ڪراچي
    20 جولاءِ 2013


    پُر اِسرار نِيپال ۾ سنڌي ڀِڪشو : بدر ابڙو

    سنڌ ۽ نيپال جو پاڻ ۾ ڪو پراڻو سنٻنڌ لڳي ٿو. گهڻا سال اڳ جڏهن آئون ساڌ ٻيلو گهمڻ ويو هئس، تڏهن مون کي ٻڌايو ويو هو ته ميرن جي صاحبي دوران (1823ع ۾) هڪ ساڌو بن کنڊي مهاراج نيپال کان هتي اچي ويٺو هو. نِيپال، هماليه جبل تي تبت ۽ هندستان جي وچ ۾ آهي. اهڙي طرح اهو معلوم ٿئي ٿو ته 200 سال اڳ تائين نيپالين لاءِ سنڌ ياترا اهم هئي. بابا بن کنڊي نيپال موٽي نه ويو، پر سنڌ جا سيلاني هاڻي نيپال وڃڻ لڳا آهن.
    چون ٿا ته هِماليه جي جهول ۾ هڪ وشال ڍنڍ هئي، جنهن جو پاڻي هڪ درويش شري منجُو سريءَ وڍ ڏيئي وهائي ڇڏيو. اها فقير جي مهرباني هئي يا نيپال جي ندين پنهنجي زور طاقت ۽ کاڌ (erosion) جي ذريعي پنهنجو رستو ٺاهي جبلن مان جند ڇڏائي؟ هِي ٻه جدا جدا سوچون آهن . سائنسي تشريح ڪيڏي به خوبصورت ڇو نه هجي، ڏند ڪٿائون وڌيڪ دلچسپ ٿين ٿيون ، ڇو ته انهن ۾ غير سائنسي سوچ رکندڙ انسان جي تصور جي اڏام گهڻي اُتانهين ٿئي ٿي. اِها اُڏام ئي ته آهي جنهن ڀڳوانن کي آسمان تان لاهي ڌرتيءَ تي آندو آهي. اهي تصور ماڻهوءَ جي تن، من ۽ سڄي ماحول ۾ عجيب سنسار جوڙين ٿا. اينٿروپالاجيءَ وارن کان پڇو ته چوندا: ”انسان جي ذهن جو جوڙِيل سنسار به اوڏو ئي سائنسي آهي، جيڏو حقيقي!“. انسان جي سوچ جي پويان به نيٺ ڪو سائنسي ڪارڻ آهي.آخر هيءَ سڄي سماجيات، آرڪيالاجي، مذهب، ريتون ۽ رسمون بي سبب ته ڪونه آهن؟
    ترقي ڪيل دنيا ۾ رهندڙ عام ماڻهو ان روحاني سنسار کان شايد گهڻو پري آهي، تڏهن ته هُو جڏهن به اُپکنڊ (جنهن کي ثقافتن جو سمنڊ چئجي ته غلط نه ٿيندو) ۾ داخل ٿئي ٿو ته پاڻ کي ڪنهن ”time tunnel“ ۾ محسوس ڪري ٿو، اهڙي احساس مان خود اسحاق انصاري به لنگهيو آهي، جنهن جو اظهار هن ئي ڪتاب ۾ ڪنهن هنڌ ڪيو اٿس.
    اسحاق ڀلي ته مون کان گهڻي دنيا ڏٺي آهي، مون کان عمر ۾ گهڻو ننڍو آهي، انڪري تڪلف برطرف ڪري حجائتو ٿي لکان ٿو. سندس لکڻين ۾ مشاهدن سان گڏ رومانس جي آميزش تمام دلچسپ آهي، جيئن هن ڪتاب ۾ ’الپنا‘ جو ڪردار آهي. سچ پچ ته مون کي سندس اهو انداز سٺو لڳو. ”هر شخص هڪ ڪتاب آهي ۽ سڄي دنيا هڪ لائبرري.“ مون کي ته الپنا به ايئن ئي هڪ ڪتاب لڳي جيئن وِديا ديوي يا پاربتي! فرق اهو آهي ته ڪي فاني انسان آهن ته ڪي لافاني ڀڳوان!
    هڪڙا روح هوندا آهن ’صابرين‘ ۽ ٻيا ’بيچين‘ هوندا آهن، جيڪي ڪنهن پوئين جنم ۾ اڌوري رهجي ويل خواهش پوري ڪرڻ جي چڪر ۾ هر وقت سنسار ۾ سرگردان هوندا آهن. اسحاق به انهن مان آهي. الائي ڪهڙي پراڻي اڃ اٿس جيڪا ڪنهن به گهاٽ تي نه ٿي اُجهاميس. ڳالهه ته شايد ڪنهن پوئين جنم جي عشق جي آهي، جيئن الپنا ٿي چيو پر اسحاق پنهنجي تڙپ جو سبب پاڻ هنن لفظن ۾ ٿو ٻڌائي ته: ”ٻڌل ڳالهين سان عشق پروان چڙهي ٿو بابو بيکاري ٿيا، ... ۽ بابوءَ کي بر ۾ عشق جو ڪيف چڙهي ٿو وڃي! “. ڳالهيون ته هرڪو پيو ٻڌي، پر ٻڌل ڳالهه تي نڪري پوڻ جي پويان به ته ڪو ڳجهه هوندو! بظاهر، اسحاق کي نيپال گهمڻ جو شوق ٻين کان ٻُڌل ڳالهين تي ٿيو، کيس گوتم ٻُڌ جي جنم ڀومي ڪپل وستو ۽ لُمبني ڇڪ ڪئي. گوتم ٻُڌ اسان لاءِ اوپرو ناهي. اشوڪ اعظم کان سومرن جي بادشاهيءَ جي پڇاڙيءَ تائين سنڌ جي اسٽوپائن ۽ وِهارن (نيپال ۾ استوپ ۽ بِـهاله) ۾ ٻُڌ ڌرم جا شرامڻ ۽ ڀڪشو پنهنجا ڌرمي سوترا ـ منتر پيا ڀُڻڪندا آيا آهن، جيڪي اڃا تائين کنڊرن ۾ پيا گونجن، رڳو ٻُڌڻ وارا ڪَنَ گهرجن. شهزادو سڌارٿ محل تياڳي سنياسي ٿيو، پر هن کان اڳ هڪ ٻيو فقير شهزادو جين مت جو پارس ناٿ محل ڇڏي نڪتو هو، جنهن کي ٻُڌا ناٿ جهڙو ئي روپ ۽ حيثييت آهي، نِيپال ۾ هن جي مورتي هر هنڌان خريد ڪري سگهجي ٿي، پر نيپالي دڪاندار پارس ناٿ کي به ٻُڌا ناٿ چئي وڪڻي ڇڏيندا آهن.
    اسحاق 2012ع ۾ نيپال ڏانهن نڪتو، . مون کي گهڻو اڳ 1991ع ۾ موقعو مليو ۽ مون وٽِ معلومات طور سنڌيءَ ۾ فقط فقير محمد لاشاريءَ جو ڪتاب ’هيڻا ماڻهو، سگهارو هِماليه ‘ موجود هو. ان وقت Google جي سهوليت هئي ئي ڪانه ، جو کڻي گهر ويٺي ڪا ٻي گهربل معلومات وٺجي. اسان سنڌي ماڻهن لاءِ ڪمپيوٽر به اڃا عام ڪونه هو. بس جيڪي اخبارن ۾ خبرون ڇپجنديون هيون، اهو ئي اسان لاءِ سڀڪجهه هو. نيپال جي سياسي تاريخ تي سنڌي ليکڪ نظر رکيو پيا اچن، ابتدائي احوال ف م لاشاريءَ ان وقت ڏنو جڏهن کٽمنڊو لاءِ پي آءِ اي جون اڏامون شروع ٿيون، ان کان پوءِ منهنجو وڃڻ ٿيو ته ان وقت وزير اعظم ڪوئرالا هو. مون 1992 تائين جا واقعا update ڪيا، هاڻي اسحاق ويو ته انهن واقعن کي اڄ تائين update ڪيو اٿس. انڪري پڙهندڙن کي ٽيئي ڪتاب هڪٻئي جو تسلسل سمجهي پڙهڻ گهرجن، سڀاڻي ڪو ٻيو ويندو ته اهو نوان تفصيل لکندو. اهو سلسلو هلندو رهندو. سياحت به عجيب شعبو آهي، ڪنهن کي پنهنجي وقت ۾ ڪي شيون هڪ طرح نظر آيون، ته وري ڪنهن ٻئي کي، ٻئي وقت ۾ ساڳي جاءِ ٻي طرح نظر آئي. ايئن تاريخ جا ارتقائي ڏاڪا به قلمبند ٿين ٿا ۽ پڙهندڙ باخبر رهي ٿو.
    اسحاق بلڪل ٺيڪ لکيو آهي ته جنهن وٽ ڏند ڪٿائن جي اڳواٽ معلومات آهي، انهن لاءِ اهو نيپال ۾ گهمڻ دوران وڌيڪ مزو وٺي سگهندو. پر ڪنهن وٽ ڪيتري معلومات ٿي سگهي ٿي؟ هر شئ جي ڪا نه ڪا حد هوندي آهي. مون جڏهن پنهنجي سفرنامي جو نالو ”ڀڳوانن جي ڀُونءِ“ رکيو تڏهن مون کي چڱيءَ طرح احساس هو ته هتي ڏند ڪٿائن جو ڇيهه ئي ڪونهي. توڻي جو مون هندو ڏند ڪٿائن تي ڪافي پڙهيو آهي، پر هتي ته گِهٽيءَ گِهٽيءَ ۾ هڪ نئين ڪٿا سامهون پئي آئي. نيپال تي لکڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ هڪ جنم گهرجي. اسان ته فقط ڪي glimpses ڏيئي سگهيا آهيون. هتي ڀڳوانن جو ڪو شمار ئي ناهي. هر هنڌ ڪنهن نه ڪنهن ڀڳوان جي مورتي ٺهيل آهي، هر چؤڪ، هر باغ، هر گهر، هر، مندر، هر دڪان، هر محل ماڙي، هر آرائش ۾ ڪا مورتي اڪريل آهي. جيڪڏهن ڪو ڀڳوان نه آهي ته ڪو سورمو بادشاهه آهي. ڪو ڏند ڪٿائي پکي يا جانور آهي. هتي ڪو هڪ ڌرم يا پنٿ نه آهي جو جهٽ ۾ سمجهي وٺجي، يا ڪا هڪ پيرائتي آکاڻي ٻڌجي ته سڀ ڪردار سمجهه ۾ اچي وڃن. هتي ته ڳالهه ۾ ڳالهه آهي، قصي ۾ قصو آهي، ڪردار ۾ ڪردار آهي، هر ڪردار جا ڪيئي ڪيئي روپ آهن، هر ڪنهن روپ جي پنهنجي ڪهاڻي ۽ معني ٰآهي. ٻُڌ مت، جِين مت، شِو پنٿ، وِشنو پنٿ، شڪتي پنٿ، گورک پنٿ، اِندر ديو، جيئري ديوي ـــــــــ ۽ کوڙ سارا تيرٿ، رِشي، مُني، مها پُرش !! ڪنهن ڪنهن جي ڳالهه کڻجي؟ هتي شايد عام ماڻهن کان وڌيڪ ڀڳوان رهن ٿا.
    اسان جنهن معاشري ۾ رهون ٿا، ان ۾ اهي سڀئي قصا ڪهاڻيون خاص سنڌي رنگ ۾ موجود هيون. ماڻهو اهي ريتون ۽ پوڄائون ميلن ۽ ڏڻن ۾ پيا ورجائيندا هئا. هتي سڀڪجهه زندهه هو، هاڻي ڪونهي. اسٽوپا هئا پر کنڊر ٿيا پيا آهن. گرو گورکناٿ، پارس ناٿ، مها وِير، ٻُڌا ناٿ سڀ ڳالهيون کنڊر ٿي ويون آهن. اهي ئي شيون، هاڻي جڏهن نيپال ۾ زندهه سلامت ٿا ڏسون ته ڄڻ وسريل ماضيءَ جا ورق ورڻ شروع ٿي ٿا وڃن.
    اسحاق گُرڙ پکيءَ جي ڳالهه ڪئي آهي، شروع ۾ ان کي گرور ۽ گردا لکيو اٿس پوءَ ڪنهن دوست جي اصلاح تي گرڙ پکي لکيو اٿائين. گرڙ پکي سان منهنجي واقفيت ناني حبل ڪرائي هئي. ننڍا هئاسين ته روز آکاڻي ٻڌائيندي هئي. سندباد سيلانيءَ جي هڪ سفر ۾ سندباد ڪنهن اونهي ماٿريءَ ۾ وڃي پيو هو جنهن ۾ هيرا جواهر هوندا هئا. ماڻهو ان ماٿريءَ ۾ گوشت جا لوٿڙا اڇلائيندا هئا. پوءِ آسمان مان گرڙ پکي اچي اهي لوٿڙا کڻندو هو جنهن کي هيرا جواهر چهٽيل هوندا هئا، سندباد پاڻ کي ان پکيءَ جي پير سان ٻڌي ان اونهي ماٿريءَ مان ٻاهر نڪتو هو، ۽ پوءِ جڏهن ماڻهو گُرڙ پکيءَ جي آکيري مان هيرا جواهر کڻڻ آيا ته سندباد به آجو ٿيو. ڪن ڪتابي ڪهاڻين ۾ ان کي رُخ پکي به لکيو ويو. رُخ معنيٰ اُٺ، کڻي اُٺ پکي چئجي پر اُٺ پکي ته اڏامندو ئي ناهي. سو گُرڙ پکي بنيادي طرح شاهي عقاب آهي، جيڪو ڏند ڪٿائن ۾ وِشنو ڀڳوان جي سواري آهي، ان کي انساني شبيهه ڏني وئي ۽ ڏند ڪٿا ۾ ان کي اڌ انسان ۽ اڌ پکيءَ جي روپ ۾ وِشنو سان ڊگهي جنگ ۾ هار کارائي وئي، ۽ پوءِ هن کي وِشنوءَ جي سواري هجڻ جو اعزاز مليو، بلڪل ايئن جيئن گڻيش ڀڳوان هڪ پِٽيَل ۽ ڀوائتي ڀڳوان ڪرونچ َ(Kroncha) کي ڪُوئي جي روپ ۾ پنهنجي سواري ٺاهي هي اعزاز بخشيو.
    نِيپال ۾ گنگا ۽ جمنا ندين جون مورتيون ڏسي اسحاق صاحب جي من ۾ آيو ته ڇا سنڌو نديءَ جي به ڪا مورتي آهي؟ مون ڪن هنڌن تي سنڌوءَ جي مورتي ڏٺي آهي، اها ڪا ٻي نه خود گنگا جمنا واري آهي، جيڪا ’مَڪرا‘ تي سوار آهي يا ڪڏهن ان کي ٻلهڻ تي سوار ڏيکاريو ويندو آهي. ٻُلهڻ گنگا ۽ سنڌو نديءَ ۾ ٿئي ٿي، ’مَڪرا‘ جي شڪل صورت ڀلي ته ڏند ڪٿائي يا composite هجي، اهو درياهي واڳون آهي جنهن کي مُگر ۽ اردو / هنديءَ ۾ مَگر مَڇ چون ٿا. چوندا ڪونه آهن ته ”مَڪر ٿو ڪري!“ يعني واڳون وارا لڙڪ ٿو هاري، ڍونگ ٿو ڪري! شڪارپور ۾ ڪاٺ جي اُڪر تي ’مَڪرا‘ خوب اُڪريل آهي. هونئن به گنگا، جمنا يا سرسوتي (هاڪڙو) ۽ سنڌوءَ کي الڳ ٿلڳ نه ڏسڻ گهرجي، اهي ماٿريون تهذيبي طرح پاڻ ۾ اصل کان ڳنڍيل هيون. انڪري گنگا نديءَ واري مورتيءَ کي ’درياهه ديوي‘ سمجهڻ گهرجي. ۽ اها سنڌو درياهه جي به انساني شبيهه آهي.
    هر ليکڪ جو پنهنجو انداز هوندو آهي ۽ هر هڪ جو پنهنجو سوچ جو زاويو ٿئي ٿو. هر ڪو پنهنجين محدود حالتن ۾ مشاهدو ماڻي ٿو. اسحاق انصاري بهرحال، هڪ سٺو سياح آهي. کيس خبر آهي ته سياحت ڪيئن ڪجي؟ ڇا ڏسجي ۽ ڪيئن رٿا بندي ڪجي؟ اها اضافي خوبي اٿس ته پنهنجا تجربا ۽ مشاهدا دلچسپ پيرائيي ۾ پڙهندڙن تائين پهچائي ٿو، نه ته کوڙ سارا سياح فقط گهمي ڦري دل وندرائي موٽي ايندا آهن. جن ڏٺو ۽ ٻين تائين ڄاڻ نه پهچائي، منهنجي نظر ۾ اهو وئرٿ ويو.
    اسحاق انصاري، گهڻن ئي ملڪن جو سير ڪيو آهي، ٻين اکرن ۾ ’گهاٽ گهاٽ جو پاڻي پيتو اٿس‘، ان ڪري سياحت جا گُر اچي ويا اٿس. لکڻ جو ڏانءُ ته اڳي ئي اٿس، سُٺو نقاد به آهي. ڪافي سنڀالي سنڀالي لکيو اٿس. کيس خبر آهي ته ڪٿي نان اِسٽاپ هلڻو آهي، ڪٿي فُل اسٽاپ ڏيڻو آهي، ڪٿي سڙٻاٽن ۾ ڳالهائڻو آهي ۽ ڪٿي پاسو ڪرڻو آهي. کٽمنڊو، ٿامل ، ڀگتاپور ۽ پوکرا جو احوال سنڌي ماڻهن لاءِ اتساهيندڙ آهي، ڪاش هو پنهنجو سفر مڪمل ڪري سگهي ها ۽ ڪپل وستو ، لُمبني جو اکين ڏٺو احوال لکي سگهي ها!
    جنهن تحرير ۾ ڪردار، جذبا ۽ واقعن جو تسلسل ٿئي ٿو اهو وڌيڪ دلچسپ ٿئي ٿو، جيئن هن ڪتاب ۾ اڪثر جاين تي آهي ـــ ۽ اهي تحريرون به جاندار ٿين ٿيون جيڪي تاريخ ۽ تعميرات جا تفصيل ۽ انهن جو پسمنظر بيان ڪن. اسحاق اها به ڪوشش ڪئي آهي پر انهن جي فلسفي ۽ گـهِرائيءَ ۾ گهڻو نه ويو آهي. ظاهر آهي ته هُو اشتياق انصاري نه آهي، جڏهن اشتياق اوڏانهن ويندو ته فِيتون ۽ ماپ تور جا اوزار به کڻي ويندو. اسحاق جي پُر شوق اکين ۾ گهڻو ڪجهه آهي، شايد کيس الپنا سان ملاقات لاءِ هڪ ڀيرو ٻيهر نيپال ڏانهن وڃڻو پوي .... ۽ پوءِ موٽ ۾ الپنا کي خوابن جو تعبير ملڻ کانسواءِ اسان کي نيپال بابت ٻي پُراِسرار معلومات به پڙهڻ لاءِ ملي پوي!

    بدر ابڙو


    پهچي ويس نيپال

    گھمڻ ڦرڻ جو شوق هونئن ته هر ڪنهن کي ٿئي ٿو پوءِ ڪنهنکي گھٽ ته ڪنهن کي وڌ. ننڍي هوندي کان وٺي مختلف تصويرون به ان شوق جي وڌائڻ جو هڪ ڪارڻ ٿين ٿيون. ٻيو ته ماڻهن کان ٻڌڻ ۽ پڙهڻ کان پوءِ به ڪجهه جڳهون، ڪي ملڪ اهڙا ٿين ٿا، جن جي لاءِ اندر ۾ هڪ خواهش اڀري ٿي ته ان ملڪ يا ماڳ تي پهچجي. هونئن اسان جو هڪ دوست ته ان خيال جو به آهي ته ماڻهوءَ کي پيار يا عشق به گھڻو ڪري ٻين جي ٻڌل ڳالهين جي ڪري ٿئي ٿو جيئن قصن ڪهاڻين ۾ بادشاهن کي وزيرن ۽ مشيرن جي ذريعي ٻڌايو ويندو هو ته فلاڻي مائي چنڊ جو ٽڪرو آهي، مطلب ته هن کي ان عورت جي باري ۾ ايترو ٻڌايو ويندو هو جو هو ذهني طور تي ان کي پنهنجو ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويندو هو. جيئن عمر کي مارئي جي باري ۾ ٻڌايو ويو ته هوءَ ڪيتري سهڻي آهي، اهڙي ريت ٻيا به کوڙ اهڙا مثال آهن.
    ڳالهه ڪرڻ جو مقصد اهو هو ته مون کي به ڪن ملڪن جي باري ۾ پڙهڻ ۽ ٻڌڻ کان پوءِ خواهش هوندي آهي ته اهي ملڪ ضرور گھمان، جن ۾ يونان، مصر، سريلنڪا، انڊيا ۽ نيپال اچي وڃن ٿا. حالانڪ ٻن درجن کان وڌيڪ ملڪن جي سياحت ڪري چڪو آهيان پر سريلنڪا کان علاوهه ٻين ٽن ملڪن يعني يونان، مصر ۽ انڊيا اڃان نه وڃي سگھيو آهيان. نيپال ڏانهن ڇِڪ جو هڪ ٻيو به سبب هو ته اتي ڪپل وستو به آهي جتان سڌارٿ، محلاتن مان نڪري، دنيا تياڳي گيان حاصل ڪيو هو.
    جڏهن به سال گذرڻ وارو هوندو آهي ۽ ڪنهن ٻاهرين ملڪ سرڪاري طرح نه وڃي سگھندو آهيان ته پوءِ اندر ۾ ٻاهر وڃڻ جي بيچيني ٿي پوندي آهي. اهڙي ئي بيچيني اسان جي پياري ليکڪ سائين مشتاق شوري کي به ٿي پوندي آهي ۽ هو هر سال ۽ گھڻو ڪري رمضان ۾ ٻاهر چڪر هڻڻ ويندو آهي. سال 2012 ۾ ڪيڏانهن نڪرڻ جو پروگرام ٺاهي رهيو هيس ته اخلاق انصاريءَ چيو ته هو به مون سان ڪمپني ڪندو، هن سان مليشيا ۽ ٿائلينڊ وڃڻ جو پروگرام ٺهيو پر کيس وقت سِر اين او سي نه ملڻ ڪري مون کانئس اجازت ورتي ۽ نڪري پيس نيپال ڏانهن.
    انٽرنيٽ تي اتان جي گھمڻ وارين جڳهن جي لسٽ تيار ڪندو ويس. فيس بوڪ تي صحافي دوست، امر ڳرڙي جون نيپال جون تصويرون به ڪجھه وقت اڳ ۾ ڏٺيون هيون ، انڪري مون کيس ميسيج ڪيو ته مون کي گائيڊ ڪري ته ڪٿي ڪٿي گھمجي. هن ڪافي گائيڊ ڪيو ۽ هڪ ڏينهن انٽرنيٽ تي چيٽ تي ئي هياسين ته کٽمنڊو ۾ رهندڙ سنڌي ڊاڪٽر سائين راڻو مل پرياڻيءَ سان به چيٽ ڪرايائين جنهن چيو ته ڪا پرواه ناهي توهان هليا اچو.
    ان کان علاوه، ڀاءُ آفاق انصاريءَ جي ڪلاسي، لاڙڪاڻي جي اِندر لعل، جيڪو ڪراچيءَ ۾ منهنجو پاڙيسري آهي ۽ هن وقت کٽمنڊو ۾ پي آءِ اي ۾ فنانس مينيجر طور ڪم ڪري رهيو آهي، سان رابطو ڪيو. جنهن کان مون موسم جو معلوم ڪيو ته برساتين واري موسم ته ناهي ته هن چيو ته موسم سٺي آهي ۽ اچڻ لاءِ زور ڀريو.
    نيپال وڃڻ جو هڪ ٻيو اهم سبب اهو به هو ته اتان جي ويزا اڃان تائين اتي ايئرپورٽ تي ئي ڏني وڃي ٿي. بس وڃڻ جا سڀ سانباها ٿي ويا ۽ مون ٽڪيٽ وٺي ستين جُون 2012 ع تي سيٽ بوڪ ڪرائي. فلائيٽ صبح جو ساڍي يارهين وڳي هئي پر اڌ ڪلاڪ دير سان اڏاڻي، ڇو جو جهاز پشاور کان ئي دير سان ڪراچي پهتو.
    لائونج ۾ پنهنجن همسفرن جا چهرا پڙهي رهيو هيس جن ۾ گھڻائي نيپالين جي هئي، مون کي سمجھه ۾ ڳالهه نه آئي ته ايترا سارا نيپالي پاڪستان ۾ ڇا ٿا ڪن؟ چهرا پڙهڻ وقت منهنجي منهن تي مُرڪ مڙي آئي جو ان لفظ ۽ خيال تي هڪ ڀيرو وڏي تڪرار کان بچي ويو هيس. ٿيو ائين هيو جو سلوواڪيا ۾ هڪ لائبرري ۾ پڙهندي هڪ لاطيني آمريڪا جي ڇوڪريءَ سان ڪافيءَ تي ڳالهه ٻولهه ٿي هئي. مون کي وڻي به رهي هئي هن سان ڳالهين ڪندي مون تي شاعراڻو موڊ طاري ٿي ويو ۽ کانئنس پڇيو هيم ته ايترا سارا ڪتاب پڙهين ٿي ڪڏهن ماڻهن جا چهرا پڙهيا ٿي؟ هُن کلي چيو هو ته چهرا، ڪتاب ٿوري آهن. مون چيو هر شخص هڪ ڪتاب آهي ۽ ساري دنيا هڪ لائبرري، پوءِ مون کيس ٻڌايو هو ته مان ويڪ اينڊ تي هي ڪتاب ڇڏي، ماڻهن جي ميڙ ۾ ڪنهن ريسٽورنٽ يا ڊسڪو ۾ هليو ويندو آهيان جتي ماڻهن جا چهرا پڙهندي پڙهندي ٿڪجي گھر موٽندو آهيان. هوءَ به شايد منهنجين ڳالهين جي سحر ۾ اچي وئي هئي ۽ ويڪ اينڊ تي مون سان ملڻ ۽ ڪنهن هنڌ گڏجي هلڻ جو پروگرام ٺاهي ورتائين. پر جڏهن ويڪ اينڊ تي هوءَ منهنجي هاسٽل جي ڪمري تي آئي هئي ته مان ڪو ٻيو چهرو پڙهي رهيو هيس. اصل ۾ مون کان وسري ويو هيو ته ڪو هن سان ٽائيم آهي. هوءَ حيران ٿي وئي ۽ مان پريشان. پر بنگلاديش جو شوڪت چوڌري، منهنجي لاءِ فرشتو بڻجي آيو، جنهن صورتحال کي سنڀاليو ۽ هُن کي ڪافي پيارڻ وٺي ويو هو.
    خير جهاز ۾ سوار ٿياسين، مونکي سيٽ اڳيان ملي هئي جنهنڪري ٽنگون آرام سان ڊگھيڙي سگھان پيو. جهاز، ڪراچي ايئرپورٽ جي رن وي تي ڊوڙون پائڻ شروع ڪيون ۽ هوائن ۾ اڏامڻ لڳو، ڪراچيءَ جون عمارتون جهاز جي دريءَ منجھان گڏي،گڏيءَ جي گھرن جيان لڳي رهيون هيون، مونکي پنهنجي گُڏي(پُٽ) آدريان انصاريءَ جون موڪلائڻ مهل آليون اکيون ياد آيون. هڪ دعا هن سميت سڀني ڪراچي واسين لاءِ دل مان نڪتي.
    مان جڏهن نيپال جي لاءِ انٽرنيٽ تي سرفنگ ڪري رهيو هيس ته ان ۾ ٻين ڳالهين کان علاوهه کٽمنڊو سميت نيپال جي ٻين ايئرپورٽن کي جهاز لهڻ ۽ اڏڻ وقت خطرناڪ قرار ڏنو ويو هو. اهڙا ڪجھه وڊيو به يوٽيوب تي پيل هيا. ان ئي ايئرپورٽ تي اڳ ۾ پي آءِ اي ۽ ٿائي ايئر جا جهاز ڪري تباهه ٿي چڪا هيا، جن مان ڪوبه مسافر زنده نه بچيو هو. ان کان علاوه ڪجھه ٻين ملڪن جا جهاز به اتي ڪِري چڪا هيا. کٽمنڊو ايئرپورٽ کي خطرناڪ ان ڪري سڏيو وڃي ٿو جو کٽمنڊو جي چوڌاري جبل آهن ۽ شهر وچ ۾ هڪ پيالي جيان آهيان. صرف هڪ هنڌ ننڍا جبل آهن جتان جهاز اندر اچي هڪدم لهڻ شروع ڪري ٿو. کٽمنڊو ۾ دوستن اهو ٻڌايو ته هن طرف اچڻ وارا پائلٽ ڪجھه مخصوص آهن ۽ انهن کي به جهاز هلائڻ کان اڳ ڪافي ڀيرا جهاز تي سکيا طور ٻي پائلٽ سان گڏ نيپال موڪليو ويندو آهي. هنن وڌيڪ اهو به ٻڌايو ته هتي ڪجھه وقت کان رات جي لينڊنگ به بند آهي. پوڻن ٽن ڪلاڪن جي اڏام کان پوءِ جهاز کٽمنڊو ايئرپورٽ تي لهڻ لڳو.
    جهاز مان جيئن ئي هيٺ لٿس ته ڏاڪڻين وٽ، اندر لعل بيٺو هو، گرمجوشيءِ سان استقبال ڪيائين. کٽمنڊو ۾ موجود پي آءِ اي جي ٻين دوستن سان به تعارف ڪرايائين. اتي ڪجھه دير بيٺاسين جو اندر لعل ٻڌايو ته سندن هڪ ٻيو ساٿي به جهاز ۾ آهي. ٿوري دير کان پوءِ اهو به اچي مليو، سندس نالو غلام معين الدين هيو، هو نيپال جو ڪنٽري مينيجر رهي چڪو هو ۽ هاڻي رٽائر هو. هو به کٽمنڊو گھمڻ لاءِ آيو هو. اسان بس ذريعي ٽرمينل ۾ آياسين، جتي ويزا فارم ڀري ۽ ٻه فوٽو پي آءِ اي جي هڪ نيپالي دوست، حُسين کي ڏناسين جنهن ويزا هڻائي، پاسپورٽ اسان جي هٿن ۾ ڏنا. مون انٽرنيٽ تي ڪٿي پڙهيو هو ته نيپالي ويزا جا پيسا آهن، مون پيسن جي باري ۾ اِندر لعل کان پڇيو ته هُن ٻڌايو ته پهرين ڀيري اچڻ سان في نه وٺندا آهن!
    ڪراچي ايئرپورٽ تي ڪسٽم جي عملي، نيپال وڃڻ جو ٻڌي منهنجو سامان ڏاڍي خبرداريءَ سان چيڪ ڪيو هو، مون ڪسٽم واري کي چيو هو مون وٽ ڪا به اعتراض جوڳي شئي ڪونهي، پر پوءِ به هو بيگ چيڪ ڪرڻ لڳو ته مون کيس چيو ته ڀلي ڏسي پر پوءِ بيگ، هو پاڻ مون کي پيڪ ڪري ڏيندو جو مون کي منهنجي زال ئي پيڪ ڪري ڏيندي آهي، مون ۾ اهو سليقو ڪونهي. هن بيگ جي تري، هينڊلن کي به ٺڪي ٺوڪي ڏٺو ته ان ۾ ڪا ڊرگ ته ناهي. پر شابس آهي آفيسر کي ته هن منهنجي چوڻ مطابق احتياط ۽ سليقي سان بيگ کي بند ڪيو. ڪراچي ايئرپورٽ تي اهڙي حالت ٿيڻ کانپوءِ مون کي پڪ هئي ته کٽمنڊو ايئرپورٽ تي به ان کان وڌيڪ سخت چيڪنگ ٿيندي ڇو جو مون ٻڌو هو ته اتان جا ڪسٽم وارا ڏاڍا سخت آهن. اهڙا ئي ڪجھه پروگرام نيشنل جاگرافڪ چينل تي به ڏٺا هيا. پر هتي ته ڪا به اهڙي ڳالهه نه ٿي، اسان پنهنجي بيگ اسڪيننگ مشين مان گذاري ٻاهر هليا آياسين. ان جو هڪ سبب پي آءِ اي جي عملي جو گڏ هجڻ به ٿي سگھي ٿو.
    ايئرپورٽ ٽرمينل، ننڍو، سادو پر خوبصورت هو. ڳاڙهين سرن سان ٺهيل عمارت ۾ دروازا ۽ دريون ڪاٺ جي اُڪر سان ٺهيل هيون. جنهنڪري ٽرمينل، نيپال جي مزاج ۽ ثقافت کي ظاهر ڪري رهيو هو. ايئن گھڻو ڪري هر ملڪ پوءِ اهو ٿائيلينڊ هجي، سريلنڪا هجي، انڊونيشيا هجي يا ڪهڙو به يورپي ملڪ، پنهنجن ايئرپورٽن ۽ انٽرنيشنل ٽرين اسٽيشنن کي ان ملڪ جي ثقافت سان سينگاريندا آهن، پر پاڪستان ۾ ايئن ناهي، هتان جي ايئرپورٽ تي لهڻ سان ماڻهو ڪو به اندازو نه لڳائي سگھندو ته هن ملڪ جي ثقافت ڪهڙي آهي؟
    کٽمنڊو ايئرپورٽ بادشاهه تري ڀون جي نالي سان منسوب آهي، جيڪو 1906ع ۾ ڄائو ۽ 1955ع ۾ وفات ڪيائين. هن پنجن سالن جي عمر ۾ پنهنجي ماءُ جي نگرانيءَ ۾ پيءُ جي وفات کان پوءِ تخت سنڀاليو هو. حقيقت ۾ ان وقت حڪومت جو سڄو ڪنٽرول راڻا فيملي وٽ هوندو هو جيڪي گھڻو ڪري وزير اعظم ۽ ٻين عهدن تي مقرر هوندا هيا. ان تي تفصيل سان اڳتي هلي لکبو.
    اسان کي ٻاهر ڪجهه دير انتظار ڪرڻو پيو ڇو جو پي آءِ اي جي ٻين دوستن کي جيڪي اندر رن وي تي جهاز ۾ مصروف هيا ۽ جهاز کي رواني ڪرڻ کان پوءِ واندا ٿيڻا هيا. هنن کي به اسان سان هلڻو هو. تيستائين اسان ٻاهر هڪ عام اسٽال تي وڃي ويٺاسين، ۽ چانهن جو آرڊر ڏنو. مون ايئرپورٽ تان ئي موبائيل جي سِم خريد ڪري گھر پنهنجي خيريت سان پهچڻ جو اطلاع ڏنو.
    کٽمنڊو ۾ پي آءِ اي، جو هن وقت انچارج، کهڙا، خيرپور جو ذاڪر حسين اڄڻ آهي ۽ اندر لعل فنائنس مينيجر آهي. اڄڻ صاحب جي اچڻ کان پوءِ اسان پي آءِ اي جي ڪار ۾ گھر لاءِ روانا ٿياسين. رستن تي ٽيڪسين ۾ گھڻائي ۾ اسان وٽ هلندڙ سوزوڪي مهراڻ جهڙيون گاڏيون نظر آيون، جيڪي انڊيا جون ٺهيل آهن ۽ انهن جو نالو ”ماروتي“ هو. ماروتي، اصل ۾ هنومان ديوتا جو ٻيو نالو آهي. ان جي معني آهي ته ماروت(هوا جي ديوتا) جو پٽ. ڪاڏي ماروتي جو مطلب، ڪاڏي مهراڻ!
    کٽمنڊو جا رستا ڪشادا ناهن، ان ڪري ٽريفڪ به جام رهي ٿي. ان مهل ته شام جو ٽائيم هو جنهنڪري ڪجھه وڌيڪ ئي رش هئي. رستي تي دوستن پري کان هڪ مندر ڏيکاريو جيڪو پشو پتي جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. مون چيو ته وقت ملڻ تي ضرور ڏسبو، جنهن تي هنن چيو ته متان گھمڻ مشڪل ٿئي ڇو جو ان مندر ۾ رڳو هندن کي وڃڻ ڏيندا آهن. شهر جا رستا به گھڻو ڪري کوٽيل نظر آيا، جو رستن کي ڪشادو پئي ڪيو ويو. دوستن ٻڌايو ته انهن رستن کي ڪشادن ڪرڻ لاءِ حڪومت کي ماڻهن جا گھر ۽ دڪان به ڊاهڻا پيا، چاهي اڳلو کڻي ڪيترو به معتبر هو، پر مجال آهي جو ڪنهن اسٽرائيڪ ڪئي هجي يا ڌرڻو هنيو هجي. ڪجھه ماڻهن سپريم ڪورٽ مان اسٽي آرڊر وٺڻ جي به ڪوشش ڪئي، پر ڪورٽ اهو چئي سندن درخواست رد ڪئي ته غلطي اوهان جي آهي جو حڪومت جي زمين تي اڏاوت ڪئي آهي.
    کٽمنڊو، رستن اکڙيل هجن ڪري ۽ ڪنهن حد تائين جڳهن جي اڏاوت جي ڪري ٿورو ٿورو لاڙڪاڻو لڳي رهيو هو.
    کٽمنڊو ۾ گرمي آهي، هوا به بند آهي. دوستن ٻڌايو ته هونئن هتان جي موسم ٺيڪ هوندي آهي پر گھڻي وقت برسات نه پوڻ ڪري گرمي زورن تي آهي. کٽمندو جي ٽريفڪ به بي ترتيب آهي، روڊ به ڪشادا ڪونه آهن، پاڪستان جيان هارن تي به زور آهي، هڪٻئي کان اڳ نڪرڻ جي ڪوشش ۾ جڳهه جڳهه تي ٽريفڪ جام رهي ٿي. بس هڪ عام رواجي شهر آهي، اهو هو پهريون تاثر کٽمنڊوءَ جو جيڪو منهنجي ذهن ۾ پيدا ٿيو. ٻيو تاثر اهو هو ته هتي عورتن جو تناسب وڌيڪ آهي ڇا؟ ڇو جو تمام گھڻيون عورتون رستن تي نظر اچي رهيون هيون، دڪانن هلائڻ واريون به اهي هيون ته رستن تي به اهي گھڻيون نظر اچي رهيون هيون. عورتن ۽ مردن جي شڪل ۽ هڏ ڪاٺ مختلف آهي شايد مختلف قومن جي ڪري. جيئن نيپال جي زمين مختلف هنڌن تي مختلف آهي ڪٿي ميداني آهي ته ڪٿي وري هماليا جا پهاڙ آهن، ته وري ڪي ماٿريون آهن. ان ڪري انهن جا نسل به مختلف آهن ڪي نوار آهن ته ڪي تبتين آهن ته ڪي وري انڊو آرين آهن. مرد گھڻو ڪري پينٽ شرٽ يا وري نيپالي اسٽائيل وارو ڪرتو،پائجامو ۽ مٿي تي ٽوپي پائن ٿا ۽ عورتون وري ساڙهي، يا شلوار قميص پائن ٿيون ڪي قد جون ننڍيون، ته ڪي عورتون وري قداور، سگھاريون، اڀريل ڇاتين سان قتل ڪرڻ لاءِ آتيون.
    اسان اندر لعل جي گھر پهتاسين. اندر ۽ ذاڪر حسين گڏ رهن ٿا. ذاڪر حسين سان پهرين ملاقات ئي سٺو تاثر ڇڏيو. معين صاحب کي به مهمان ٿي هتي رهڻو هو. مون کي ڊرائنگ روم ۾ جڳهه ملي، جتي بيڊ به رکيل هو .گھر صاف سٿرو هو. مون اندر لعل تي گھڻو زور رکيو هو ته منهنجي لاءِ ڪا هوٽل بوڪ ڪرائي انڪري جو انٽرنيٽ تي ڪا خبر نه پئي پوي ته هوٽل ڪهڙي لوڪيشن ۽ ڪهڙي اسٽينڊرد جو آهي. پر هُن جو زور هو ته مان نيپال پهچان ته پوءِ ئي اهو فيصلو ڪبو. هاڻي وري سندن زور هو ته گھر ۾ رهان، پوءِ ٻي ڏينهن ڏٺو ويندو. خير هڪ رات رهڻ جو مون اتي فيصلو ڪيو.
    ٿوري دير رليڪس ٿيڻ لاءِ ليٽيس ته آذان جو آواز ڪنن تي پيو. معين آذان ڏئي رهيو هو ، پوءِ ٽئي ڄڻا نماز پڙهڻ ۾ مشغول ٿي ويا. نماز کان پوءِ اِندر لعل ۽ مان ٻاهر چڪر تي نڪتاسين، پر وڃڻ کان اڳ هڪ دڪان تان شام جي لاءِ سامان سڙو وٺي گھر رکيو، انڪري جو هتي دڪان اٺين نائين وڳي تائين بند ٿي وڃن ٿا. يارهين وڳي تائين ته ريسٽورنٽ وغيره به بند ٿي وڃن ٿا باقي ڊسڪو يا ڪجھه بار دير تائين کليل رهن ٿا. اهو رڳو نيپال ۾ نه پر ڪافي ملڪن ۾ ڏٺو آهي ته دڪان شام جو ئي بند ٿي وڃن ٿا پوءِ اهي ايشيا جا ملڪ هجن يا يورپ جا، پر اسان جي پياري پاڪستان، خاص ڪري ڪراچيءَ ۾ ته کلن ئي يارهين ٻارهين وڳي ٿا پوءِ بند به رات جو اهڙي ٽائيم تي ٿين ٿا. جڏهن لوڊ شيڊنگ جي ڪري حڪومت انهن کي چيو ته سويل کوليو ۽ سويل بند ڪيو ته واپارين واويلا شروع ڪري ڏني، حالانڪ جي هو ٽائيم تي کولن ته سندن ڌنڌو ايترو ئي ٿيندو.
    اسان ٻئي ڄڻا پنڌ ئي پنڌ، گھران نڪري، هتان جي ٽوئرسٽ هنڌ، ٿامل طرف روانا ٿياسين، جتي گھڻيون هوٽلون، بارون ۽ دڪان آهن. الائي ڇو شهر ۾ گھمندي ڪنهن ڌاريائپ جو احساس نه ٿيو. پر اها حقيقت آهي ته کٽمنڊو منهنجي ذهن ۾ ٺاهيل خاڪن کان مختلف هو. مون ته اهو سمجھيون هو ته پهاڙي شهر هوندو جيئن ڪوهه مري وغيره آهي. پر گھٽ ۾ گھٽ شهر جو اهو حصو ته اهڙو نه هو. کٽمندو جي لفظي معني ”ڪاٺ جو گھر“ ٿيندي. کٽمنڊو جي سمنڊ کان اوچائي 1400 ميٽر يا 4600 فوٽ آهي، هي پيالي جيان شهر آهي ۽ چوڌاري شواپوري، ڦلچوڪي، ناگارجن ۽ چندراگيري جبلن سان گھيريل آهي. کٽمنڊو ماٿري ٽن ضلعن، کٽمنڊو، لليتپور ۽ بختاپور، تي مشتمل آهي. جنهن ۾ 25 لک ماڻهو رهن ٿا، جڏهن ته نيپال جي ڪل آدمشماري اندازي مطابق ٽي ڪروڙ آهي.
    ٿامل سندن گھر کان گھڻو پري نه هو. ٿامل هڪ عجيب ميلاپ آهي قديم ۽ جديد جو، جو علائقو پراڻو آهي پر دڪان، ريسٽورنٽ، بار، مساج پارلر سڀ جديد آهن. سوڙهين گھٽيون هجڻ ڪري ماڻهو هر وقت ڄڻ هجوم ۾ گم رهي ٿو، انهن گھٽين ۾ مختلف ڊريسن وارا يوروپي، امريڪي ۽ ٻين کنڊن جا ماڻهو هر وقت نظر ايندا. ٿامل کي ڏسي مون شڪر ادا ڪيو ته انٽرنيٽ تان هوٽل بوڪ نه ڪرايو. ڇو جو هتي ته سوڙهه هئي ۽ مون وٽ وري نيپال ۽ کٽمنڊو جو تاثر اهو هيو ته ڪمري جي دري کوليندس ته سامهون پهاڙ نظر ايندا يا وري ماٿريون. پر هي ٿامل ته تنگ گھٽين ۽ ڪجھه چونڪن جو هڪ مجموعو هو. ٿامل، اچڻ جو هڪ سبب اهو به هو ته جيئن ڪجھه ٽوئرسٽ ايجنسين کان ٽوئرز جا تفصيل معلوم ڪجن ۽ پوءِ انهن جي روشنيءَ ۾ پنهنجي سياحت جو پروگرام ٺاهجي. مون جيئن اڳ ذڪر ڪيو ته هتي دڪان اٺين وڳي بند ٿي وڃن ٿا انڪري سواءِ هڪ اڌ جي ٻيون ٽوئرسٽ ايجنسيون بند هيون. کليل ايجنسين تان معلومات ورتي ۽ مختلف ٽوئرن جا ڪجھه بروشر ۽ قيمتون لکي پاڻ سان کڻي، ڪجھه دير ٿامل جي گھٽين جو چڪر هنيو. دڪانن جي گھڻائي سووينئير واري هئي ۽ ٻيا وري پشمينا جي شالن جا دڪان هيا.
    ٿوري دير گھمڻ کان پوءِ وري پنڌ ئي پنڌ واپس اِندر جي گھر آياسين. اندر لعل جو گهر ڪمل پوکري جي علائقي ۾ آهي، جتي هڪ ڍنڍ جيڪا هاڻي هڪ تلاءَ جي صورت ۾ آهي، ان ۾ ڪمل يا ڪنولن جي ڪري ان جو نالو ان علائقي تي پيو.
    اهو گھر، هڪ چونڪ کان اندر هڪ گھٽيءَ ۾ آهي جهڙي ريت اسان وٽ عام طور تي محلا ٿيندا آهن، ان ئي اسٽائيل ۾ آهي. گھٽيءَ جي مهڙ وٽ چانهن جي ريسٽورنٽ کان علاوه سيڌي جو دڪان به آهي. چونڪ تي ته هوٽل به آهي ته ڊانس ڪلب به ته، بينڪون به. سڏ پنڌ تي وري هڪ شاپنگ مال سٽي سينٽر به آهي. جيڪو جوانن لاءِ ڊيٽ لاءِ ميٽنگ پليس به آهي.
    رات جو دير تائين ڪچهري ڪرڻ کان پوءِ سمهي پياسين. پر جڳهه تبديل ٿيڻ ۽ گرمي جي ڪري ننڊ ڀڳل ٽٽل آئي.


    پتن، پاتن يا لليتپور

    صبح جو تيار ٿي پي آءِ اي جي آفيس، جيڪا سندن گھر کان هڪ گھٽي پنڌ تي هئي، ويس. جتي اندر لعل، مونکي گھمڻ وارين جڳهن جي باري ۾ معلومات ڏني جيڪا هن منهنجي لاءِ ڪٺي ڪري رکي هئي. ان کان علاوه انهن ماڳن تي وڃڻ جي لاءِ بسن جي باري ۾ ٻڌايو پر مان ٽيڪسي کي فوقيت ڏني. منهنجي پهرين منزل پتن درٻار هئي. رستن تي گاڏين جي هارنن، رش ۽ گوڙ کي برداشت ڪندا اڳتي وڌياسين. سامهون هڪ جلوس وڃي رهيو هو جيڪو مزدورن جو هو ۽ سندن هٿ ۾ ڳاڙها جھنڊا هيا، بينرن تي نعرا نيپالي ۾ لکيل هيا جنهنڪري سمجھه کان ٻاهر هيا. مون ڊرائيور کان به پڇيو پر هو به ٻڌائڻ کان قاصر هو انڪري جو کيس نه هندي پئي آئي، نه وري انگريزي. هتي گھڻن ماڻهن کي هندي اچي ٿي. جنهن ڪري گھمڻ ڦرڻ ۾ گھڻي سهولت ٿئي ٿي. هونئن به ڪلچر کان وٺي معيشيت تائين هتي هندوستان جو گھڻو اثر آهي. نه رڳو اليڪٽرانڪس، گاڏيون پر ميوا ۽ ڀاڄيون به هندوستان کان امپورٽ ٿين ٿا. نيپال جيڪا ٽوٽل امپورٽ ڪري ٿو ان ۾ 83 سيڪڙو هندوستان جو آهي. نيپال وٽ پنهنجو پيٽرول ڪو نه آهي، جنهنڪري پيٽرول به هندوستان مان اچي ٿو. ڪڏهن ڪڏهن ته پيٽرول جي قلت به ٿي وڃي ٿي جنهنڪري گاڏيون بيهجي وڃن ٿيون. نيپال جو، انڊيا سان زميني رابطو آهي ۽ ترائيءِ وارو علائقو انڊيا سان ڳنڍيل آهي. هتي ترائي جي معني ساڳي سنڌي واري آهي ڇو جو نيپال جا ٻيا سڀ هنڌ مٿانهان آهن ۽ اهو هنڌ ميداني آهي جنهنڪري نديون به ان پاسي وڃي ڇوڙ ڪن ٿيون جيڪي پوءِ انڊيا به وڃن ٿيون. ايئن به ناهي ته نيپال وٽ صفا سُڃ آهي، چانور ۽ سڻي آهن جيڪي هو ايڪسپورٽ به ڪن ٿا ان کان علاوه غاليچا، چمڙي جو سامان ۽ گارمينٽس به ايڪسپورٽ ڪن ٿا.
    پتن يا پاتن، لليت پور واري علائقي ۾ آهي، چيو وڃي ٿو ته لليتپور، قبل مسيح کان ٽي صديون اڳ وجود ۾ آيو. ان جو بنياد وجھڻ وارا ڪراتي يا ڪرانتي هيا. جيڪي اصل ۾ انڊيا جي آسام سان تعلق رکندا هيا ۽ پوءِ اچي اتي هماليا جبلن ۾ آباد ٿيا. ان کانپوءِ وري ان شهر کي وسعت ليچاوي ۽ مَلا يا مَل ماڻهن ڏني. هن شهر جي باري ۾ مختلف ڏند ڪٿائون آهن، انهن مان اهم هي آهي ته ڪنهن زماني ۾ کٽمنڊو ۾ برساتن نه پوڻ جي ڪري سوڪهڙو ٿي ويو، فصل سڪي ويا، ماڻهو بک مرڻ لڳا، سندن دارو مدار زراعت تي هو، انڪري هتان جي ماڻهن سوچيو ته ان لاءِ ڪجھه ڪيو وڃي، سڀني هڪ راءِ ٿي اهو فيصلو ڪيو ته ڪنهن نه ڪنهن نموني رام رتي مڇندرناٿ کي آسام، انڊيا مان کڻي کٽمندو اچجي، ان ڪم لاءِ ٽن ماڻهن جو هڪ گروپ تيار ٿيو. ان گروپ ۾ هڪ ڄڻو لليت به هو جيڪو انڊيا کان وٺي کٽمنڊو تائين، پنهنجن ڪلهن تي کڻي آيو. جڏهن رام رتو مڇندرناٿ هتي پهتو ته برساتون شروع ٿي ويون، ماڻهن سک جو ساهه کنيو ۽ ٻنين ۾ ساوا سلا ڦٽڻ شروع ٿي ويا. لليت جي اهڙي ڪم جي ڪري ماڻهن، کٽمنڊو ماٿريءَ جي ان هنڌ کي لليت پور سڏڻ شروع ڪيو. ڪن هنڌن تي ايئن به لکيل آهي ته لليت پور جي معني آهي “خوبصورتيءِ وارو شهر يا فن وارو شهر”. هن وقت به ويساک (اپريل/مئي) مهيني ۾ جڳنناٿ جو ميلو مچايو وڃي ٿو جنهن ۾ هڪ وڏي رٿ ۽ ٻي ننڍي رٿ ڪڍي ويندي آهي جنهن کي جلوس جي صورت ۾ گھمائيندا آهن.
    ٽيڪسيءَ واري مون کي هڪ گھٽيءَ ۾ ڇڏيو پر اتي ته مون کي ڪي اهڙا آثار نظر نه آيا ته هيءَ ڪو پراڻو شهر آهي يا سياحت وارو هنڌ آهي، هن ٻڌايو ته اسان ان ئي جڳهه تي آهيون پر ٻي پاسي کان آيا آهيون ٿورو پنڌ ڪرڻو پوندو پر مون کيس چيو ته نه مون کي اتي ڪٿي ويجھو ڇڏي ڇو جو گھٽين مان مونکي ڪا خبر نه پوندي. پوءِ ان شريف ماڻهو مون کي گھٽين مان وٺي اچي درٻار تي ڇڏيو.
    مان جيئن ئي کٽمنڊو جي پراڻي شهر جون گھٽيون لتاڙي هڪ چوڪ ۾ داخل ٿيس ته ڄڻ هڪ نئين جهان ۾ اچي ويس. ۽ اها دنيا ماڻهو کي تاريخ جي ورقن ۾ واپس گهلي وڃي ٿي ته وري آرڪيٽيڪچر جي ڪاڪ محل ۾ به وٺي وڃي ٿي.
    پتن، پاتن يا پتڻ وارو شاهي ڪامپليڪس سترهين صديءَ ۾ بادشاهه نرسما مَل، جي وقت ۾ ٺهڻ شروع ٿيو جيڪو سندس پٽ شري نواسا جي وقت تائين هليو.
    درٻار ڄڻ ته هڪ وڏو آڳر آهي جنهن جي ٻنهي پاسن ۽ وچ تي مختلف عمارتون ٺهيل آهن، اتي ڪجھه ننڍا ننڍا الڳ احاطا به آهن، جن ۾ وري مختلف عمارتون آهن. انهن احاطن يا چوڪن کي، سنداري چوڪ(1647)، ڪجن لي مُل چوڪ(1666)، ۽ ڪيشاو نارائڻ چوڪ (1734) چيو وڃي ٿو. ان کان علاوهه اشوڪا جيڪو 250 قبل مسيح ۾ نيپال آيو هو، ان هِنَ پتڻ جي چئني ڪنڊن تي اسٽوپا ٺهرايا هيا.
    جنهن عمارت تي منهنجي پهرين نظر پئي اهو مل چوڪ هو. جنهن جي چوڌاري خوبصورت پٿر جي اُڪر ٿيل آهي. ان جي گيٽ وٽ ٻه شينهن بيٺل آهن جيڪي 1662 ۾ باهه لڳڻ ڪري ختم ٿي ويا هيا پر پوءِ سرينواسا مَل 1665 ۾ ان جي مرمت ڪرائي. ان احاطي جي وچ ۾ هڪ مندر بديا (وديا) ديويءَ جي نالي سان ٺهيل آهي. وديا، سرسوتيءَ جو ٻيو نالو آهي، هوءَ برهما جي زال آهي، وديا جي لفظي معني آهي ”صحيح ڄاڻ“. هن ديويءَ لاءِ چيو وڃي ٿو ته کيس اهڙي شڪتي ”پرم پراڪرتي“ آهي، جيڪا ماڻهو کي ڇنڊي ڦوڪي صاف ڪري، هن کي سگھه ڏئي ٿي. هن کي ڄاڻ جي ۽ عقلي ۽ منطقي سوچ جي ديوي سڏيو ويندو آهي.
    تاليجو مندر به ان احاطي جي چوڌاري ٺهيل آهن. تليجو يا تاليجو ديوي کي چار مٿا ۽ ڏهه ٻانهون آهن. اها ديوي نيپال جي حڪمران مَل بادشاهن جي ديوي هئي جن نيپال تي 12 کان 18 صديءَ تائين حڪومت ڪئي تاليجو، درگا ديويءَ جو روپ آهي، ان جو تفصيل ايندڙ صفحن ۾ ايندو. اتي ئي تاليجو گھنڊ به لڳل آهي جيڪو بادشاهه وشنو مَل، 1736ع ۾ فريادين لاءِ لڳايو هو ته جڏهن به کين ڪو آزار هجي ته ان گھنڊ کي وڄائن. خير ان گھنڊ جو وڄائڻ عبادت لاءِ به آهي.
    الائي ڇو گھنڊ، گھنڊڙيون، چڙا، ڀير، اهي عبادت ۾ استعمال ٿين ٿا ۽ خاص ڪري ته مندرن، گرجائن، درگاهن، تي استعمال ٿين ٿا. ڇا اهي ڪنهن هاڪاري شڪتي يا طاقت کي گڏ ڪن ٿا يا ناڪاري طاقتن کي ڀڄائن ٿا! هونئن ته شايد مندرن ۾ اهو گھنڊ ان ڪري وڄايو ويندو آهي ته ناڪاري طاقتون ڀڄي وڃن پر درگاهن تي ڄڻ ڪنهن سواليءَ جي اچڻ جي صدا هوندي آهي. هتي جيستائين ماڻهوءِ کي نيپال جي تاريخ يا هندو مذهب جي باري ۾ ڄاڻ ناهي تيستائين انهن مندرن، انهن ٽاورن يا بتن مان مزو نه ٿو وٺي سگھي. مونکي به ڪا گھڻي خبر ناهي پر وري به ٿوري گھڻي ڄاڻ هئي جنهنڪري لطف اچي پيو. اتي جرمن ٽوئرسٽن جو هڪ ٽولو به هيو، جن کي گائيڊ جرمن ٻولي ۾ ٻڌائي رهيو هو. انهن سڀني مان هڪ جوان هڪ جوڙو بيزار بيزار نظر اچي رهيو هو ۽ ٻين کان الڳ ٿلڳ گھمي رهيو هو. هو ڪرشنا مندر جي سامهون فوٽوگرافي ڪري رهيا هيا ۽ مونکي به فوٽو گرافي ڪندي ڏسي هنن پنهنجي ڪيميرا ڏني ته سندن فوٽو ڪڍان. فوٽو ڪڍڻ کانپوءِ، هنن مون کان پڇيو ته انڊيا جو آهيان؟ جنهن تي مون کين ٻڌايو ته نه مان ته پاڪستان جو آهيان. جوابن مون به هنن کان پڇيو ته جرمنيءَ جي ڪهڙي شهر جا آهن؟ ته هنن موٽ ۾ وراڻيو ته هو جرمن نه پر چيڪ آهن، اتان هن ٽولي سان گڏجي آيا آهن پر هتي گائيڊ سڄي معلومات جرمن ۾ ٿو ٻڌائي جيڪا کين ڪا گھڻي سمجھه ۾ نه ٿي اچي. مون کين چيو ته اوهان کي سلاوڪ گائيڊ کپي ڇا؟ کلي پيا ته سونهري وارن ۽ نيرين اکين واري ڇوڪريءَ جي ڳٽن ۾ ڊمپل وڌيڪ گهرا ٿي ويا. هو سمجھن پيا ته مذاق ڪري رهيو آهيان. هنن چيو ته هتي ڪٿي ملندو چيڪ گائيڊ؟ مون ساڻن سندن ٻوليءَ ۾ ڳالهائڻ شروع ڪيو ته اڃان حيران ٿي ويا. کلڻ لڳا ۽ چوڻ لڳا ته هڪ پاڪستاني، نيپال ۾ سلوواڪ ٿو ڳالهائي اسان لاءِ اها حيرت جهڙي ڳالهه آهي. پوءِ مون کين سربستي ڳالهه ٻڌائي ته مان پي ايڇ ڊي چيڪوسلوواڪيا مان ڪئي آهي. پوءِ ته جيستائين هنن جي ٽولي وارا واندا ٿين تيستائين اسان پراگ ۽ نيپال جي سونهن جي باري ۾ ڳالهائيندا رهياسين. هنن مون کان اتي جي مندرن جي باري ۾ پڇيو مون کي جيتري معلومات هئي ته هنن کي ٻڌائي. ٻئي ڄڻا ننڍي ڊائريءَ ۾ نوٽس به وٺندا رهيا. لڳي پيو ته هنن کي به پنهنجي ٻولي وارو پوءِ ڀلي اهوڌاريو هجي مليو ته مزو اچي رهيو هو.
    مون هنن کي مَل چوڪ جي ڏکڻ طرف گنگا ۽ جمنا جا ٺهيل بت ڏيکاريا، جن ۾ گنگا کي ڪُمي يا ڪڇونءَ تي بيٺل ڏيکاريل آهي ته وري جمنا هڪ ڏندڪٿائي واڳون تي بيٺل آهي. انهن بتن کي ڏسندي مون سوچيو ته ڇا سنڌونديءَ جي به ڪا ڏندڪٿائي شڪل، ڪو تصور يا ڪو بت هوندو؟ خير منهنجي نظر مان ته نه گذريو آهي پر يقينن موهن جي دڙي يا وري ان دور جي تهذيبن ۾ ضرور ڪا نه ڪا شڪل يا تصور سنڌونديءَ جو به هوندو. الائي ڇو پيترا(ڇوڪري) جي ذهن ۾ به اهڙي ڪا ڳالهه آئي ۽ هن هڪدم چيو ته جي ولتاوا(چيڪ ۾ وهندڙ ندي) انڊيا ۾ هجي ها ته ان جو به ڪو بُت ٺهيل هجي ها. هن جي ايئن چوڻ تي مان کلي ويٺس ۽ کين ٻڌايم ته مان به انڊس جي باري ۾ اهو ئي سوچي رهيو هيس. هونئن ته انڊس هتان جي آهي پر ان جي بت جي باري ۾ مون کي ڪا ڄاڻ ناهي ته آهي به يا نه! جنهن تي يوزف، (انگريزيءَ ۾ جوزف ۽ پاڻ وٽ يوسف) وراڻيو ته شايد سياحن جي سوچ ۾ هڪجهڙائي هوندي آهي. هنن مون کان هوٽل جي باري ۾ پڇيو مون کين ٻڌايو ته هوٽل نه پر هڪ دوست وٽ رهان ٿو. هو ٿامل جي هڪ هوٽل ۾ رهن پيا، شام جو پاڻ ۾ ملڻ جو واعدو ڪري موڪلايوسين.
    مون هڪ ڳالهه محسوس ڪئي ته هتي ٻاهريان سياح ته گھمڻ اچن ٿا پر گھڻا نيپالي به هتي اچن ٿا. جن مان گھڻائي ته اهڙن ماڻهن جي لڳي جن کي ڪم ڪار گھٽ هجي پوءِ شغل جي لاءِ هتي اچي مختلف مندرن جي ڀتين، ٿلهن تي يا ڏاڪڻين تي ويهي پنهنجو ٽائيم پاس ڪن ٿا. پر ان کان علاوه ڪافي شاگرد به اسڪول يا ڪاليج مان ٿي هتي اچن ٿا ڪي ته جوڙن جي صورت ۾ به اهڙن هنڌن تي اچن ٿا ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن پراڻي ديوار جي پاڇي يا ڪنهن پراڻي دري يا محراب مان اهڙو جوڙو نظر اچي ٿو ته آرٽ جي ان نموني ۾ اهي زندهه بت پيار جي طاقت سان جان وجھي ڇڏين ٿا.
    ان کانپوءِ جيڪا عمارت پنهنجي اڏاوت جي ڪري سياحن جو ڌيان ڇڪرائي ٿي اها ڪرشنا مندر آهي. هي مندر 1620ع ۾ ٺاهڻ شروع ڪيو ويو ۽ 1637ع ۾ پورو ٿيو. ڏند ڪٿائن موجب، هڪ رات جو بادشاهه ناراسنگھا مَل کي خواب ۾ راڌا ۽ ڪرشنا محلات جي ٻاهريان خواب ۾ نظر آيا. بادشاهه ان ئي جڳهه تي مندر اڏڻ جو حڪم ڏنو. ڪجھه سالن کانپوءِ باڊشاهه جي ٻي ملڪ سان جنگ لڳي ۽ هن ڪرشنا جي مدد سان اها کٽي ورتي. انڪري پوءِ وري هن ان مندر جي هڪ ڪاپي/ريپليڪا سندري چوڪ ۾ به اڏائي. ڪرشنا مندر جو آرڪيٽيڪچر شڪارا، جيڪو چائنيز، تبتين ۽ نيپالي اسٽائيل جو مرڪب آهي. هن عمارت تي انڊين مغل آرڪيٽيڪچر جو به اثر نظر اچي ٿو. عام طور تي اسان يورپ جي ڪري مختلف آرڪيٽيڪچرن جي باري ۾ ٿوري گھڻي ڄاڻ رکون ٿا جن ۾ رومن به آهي، گريڪ به آهي گاٿڪ به آهي، رينيسنس به آهي، بارڪ به آهي ۽ ان کان علاوه ٻيا کوڙ قسم آهن. پر اسان پنهنجي علائقي جي آرڪيٽيڪچر جي باري ۾ گھٽ ڄاڻ رکون ٿا.
    شڪارا آرڪيٽيڪچر يا طرز اڏاوت، اصل برصغير جي آهي. اهو به گھڻو ڪري اترين يا پهاڙي علائقن جي. شڪارا جي سنسڪرت ٻوليءَ ۾ معني به پهاڙ جي چوٽي واري آهي. هن طرز تعمير ۾ ٻه قسم آهن لاطينا شڪارا، جنهن ۾ ٻاهرين شڪل وڪڙن واري، يا گول هوندي آهي ۽ ان تي مختلف پرت يا سليبس رکيا ويندا آهن جيڪي آهستي آهستي سوڙها ٿي ويندا آهن، ۽ فماسانا شڪارا ۾ ٻاهرين شڪل ڪنڊن واري هوندي آهي ۽ مٿان گھنڊ جيان قبو هوندو آهي. ڪرشن مندر ان قسم جو آهي.
    هن مندر جا ٽي طبق آهن، پهرين منزل ڪرشنا جي حوالي سان ته ٻي شوا جي نالي سان، ۽ ٽين وري لوڪيشور جي نالي سان منسوب آهي. مندر جي اندر رامائڻ جي حوالي سان تصويرون آهن.
    مان به ٻين سياحن جيان فوٽوگرافي ڪري ڪجھه دير آرام ڪرڻ لاءِ ان مندر جي هڪ ونگ ۾ اچي ويٺس. مون جڏهن ڪرشن جي باري ۾ سوچيو ته کوڙ ساتريون ڳالهيون ذهن ۾ اچي ويون.
    ڪرشن سان منهنجي واقفيت ننڍي هوندي هڪ گاني جي ڪري ٿي، ان وقت اسان کي فونو هوندو هو جنهن ۾ چاٻيءَ (هينڊل) جي ذريعي اسپرنگ ٽائيٽ ڪيو ويندو هو ۽ پوءِ رڪارڊ جي مٿان هڪ وريل پائيپ جي مهڙ ۾ سئيءَ کي ڦاسائي رڪارڊ تي رکيو ويندو هو. اها ڳالهه سٺ جي ڏهاڪي واري زماني جي آهي. مان سمجھان ٿو ته اهو گانو ڪندن لال سهگل عرف عام ڪي ايل سهگل جو هوندو هو ”مين نهين ماکن کايو...“ اهو گانو وڻندو ته هو پر پس منظر جي خبر نه هئي هڪ ڏينهن خبر ناهي بابا انيس انصاري ڪنهن کي سمجھائي رهيو هو ته اهو ڪرشن جي باري ۾ لکيل آهي. جيڪو چوري مکڻ کائي ويندو هو ۽ مايون وهنجڻ وينديون هيون ته انهن جا ڪپڙا چورائي وڻ تي چڙهي ويندو هو. ان کان علاوه جڏهن مايون کوهه تان دلا ڀرڻ وينديون هيون ته هي لڪي غليل سان انهن کي ڀڃندو هو ۽ پوءِ جڏهن اها دانهن وڌي وئي ته ماين کي پتل جا دلا ٺهرائي ڏنا ويا. ان کان علاوه جوانيءَ ۾ ڪرشنا تي مايون مرنديون هيون. هر ڪا سمجھندي هئي ته ڪرشن جو هن سان پيار آهي. انڪري ڪرشن کي پيار جو ديوتا به سمجھيو ويندو آهي پر سندس پيار راڌا سان هو. انڪري ڪرشن جي هڪ تصوير سدائين راڌا سان گڏ هوندي آهي ۽ هو من موجي هجڻ ڪري بانسري وڄائيندي نظر اچي ٿو. ڪرشن جو گوپال(گئو پال) نالو به آهي. هاڻي به نيپال ۾ ڪرشن جي جنم ڏينهن تي ميلي جهڙو ماحول ٿئي ٿو ۽ ڪنوارين، الهڙ ڇوڪرين کان وٺي پڪين ماين تائين رنگا برنگي لباس ۾ مندر تي اچي پوڄا به ڪن ٿيون ته پنهنجي پيار جي امر ٿيڻ جون دعائون به گھرن ٿيون.
    انکان علاوه مهاڀارت ۽ ڀڳوت گيتا ۾ به سندس ذڪر ملي ٿو. خاص ڪري پانڊون ۽ ڪورن جي وچ ۾ جنگ لڳي جيڪا جوا ۾ ارجن جي گھر واري دروتي جي ڪري لڳي. ان جنگ ۾ ڪرشن پانڊون جي پاسي هو ۽ ارجن جو رٿبان هو انڪري سندس ڪافي بت ۽ تصويرون ان پوز ۾ ملن ٿيون جن ۾ هو رٿ تي سوار آهي ۽ اڳواڻي ڪري رهيو آهي.
    جيئن ته پانڊو ۽ ڪورو پاڻ ۾ سوٽ هيا. هڪ موقعي تي ارجن جنگ ڪرڻ کان لنوايو پئي پر ڪرشن هڪ ڊگھو ڀاشڻ حقَ ۽ باطل جي جنگ تي ڏنو جيڪو ڀڳوت گيتا ۾ آهي. جنهنڪري ڪرشن هڪ طاقت جي به علامت آهي. ڪرشن، وشنو جو ڏهون اوتار آهي. مون کي ياد ٿو اچي سومناٿ مندر ۽ مسجد جي اختلاف وقت ايل ڪي آڏواڻيءَ به رٿ ياترا ڪئي هئي، جنهن ۾ هن جي گاڏي يا ٽرڪ کي رٿ جي شڪل ڏني وئي.
    ان مندر جي سامهون هڪ ٽاور تي گرودا جو مجسمو ٺهيل آهي، اهو هڪ ڏند ڪٿائي پکي آهي جيڪو وشنو جي سواري لاءِ استعمال ٿيندو هو. گرودا، اڇي منهن سان هڪ طاقتور سونهري بدن وارو ماڻهو، جنهنکي ڳاڙها کنڀ، باز جهڙي چهنب ۽ مٿي تي تاج پاتل هوندو آهي يعني اڌ ماڻهو ۽ اڌ عقاب آهي. جيئن ئي گرودا پيدا ٿيو هو ته هن جو جسم وڌڻ لڳو ۽ ايترو وڌيو جو آسمان کي ڇهڻ لڳو. چون ٿا ته هن کي کائڻ لاءِ به گھڻو ڪجھه کپندو هو ۽ ڳوٺن جا ڳوٺ کائي ويندو هو. طاقتور هجڻ ڪري جيڪو به سندس آڏو ايندو هو، ان کي شڪست ڏيندو هو، وشنو سان به هن جو جھيڙو ٿيو پر پوءِ هن سان ٺاهه ٿيس، جنهنجي نتيجي ۾ وشنو وري هن کي لافاني ڪري ڇڏيو ۽ پنهنجي سواريءَ لاءِ به استعمال ڪرڻ لڳو.
    ٿورو اڳتي وري هڪ ٻيو ٽاور آهي جنهن تي وري بادشاهه يوگندرا جو بت آهي جيڪو هٿ ٻڌي گوڏن ڀر ويٺل آهي سندس ڀر ۾ ڪنول جي گل تي سندس راڻي به آهي انهن ٻنهي جي مٿان ڪاريهر جي ڦڻ ڇانو ڪري بيٺل آهي. اهو ٽاور 1700ع ۾ ٺهيو.
    نيپال ۾ پگوڊا به ڪثرت سان آهن، پاتن ۾ به پگوڊا آهن. انهن مان هڪ پنج منزله پگوڊا، ڪمبيشور هتان جي پراڻي ۾ پراڻي عمارت آهي. اهو مندر شِو جي نالي سان منسوب آهي. شروعات ۾ اهو ٻه منزله هيو ۽ 1392ع ۾ تعمير ٿيو پر پوءِ سترهين صديءَ ۾ شرينواسا مَل مٿيون ٽي منزلون ٺهرايون. شِو هندو مذهب ۾ وڏي اهميت رکي ٿو. هو تخليق ڪندڙ به آهي، ته تباهه ڪندڙ به ته سنڀاليندڙ به. اڪثر مندرن ۾ شِو لنگ جي پوڄا به ٿيندي آهي. شِو جا بت يا تصويرون گھڻو ڪري عبادت ڪندي ملن ٿيون. سندس جٽائن مان گنگا وهي نڪتي هئي. ان کان علاوه هن کي نيل ڪنٺ به چوندا آهن ڇو جو هن زهر پيتو هو.
    ان ئي مندر جي ڏکڻ ۾ بگلامکي ديويءَ جو مقبرو آهي، جنهن تي وري ڪاٺ جو ڪم ٿيل آهي. ماڻهو هتي پنهنجي باس باسڻ ايندا آهن. سندري چوڪ وري ڪاٺ جي اڪر جنهن ۾ ديوتا ۽ ديوين جا بت ٺهيل آهن، ۽ پٿر جي اڪر جي ڪري تمام سهڻو لڳي ٿو.
    مطلب ته هن هنڌ تي گھمندي ماڻهو ڪڏهن تاريخ جي گھٽين ۾ گم ٿي وڃي ٿو ته ڪڏهن وري پٿر جي اڪر، ڪاٺ جي اڪر، بتن جي حُسن کي ڏسي هڪ نئين جهان ۾ گم ٿي وڃي ٿو جتان واپس اچڻ ۾ گھڻو وقت لڳي ٿو. ايئن لڳي ٿو ته ماڻهو ڪنهن ٽائيم ٽنيل جي ذريعي ڪجھه صديون اڳ ڪنهن ٻي دور ۾ داخل ٿيو آهي.
    ايئن ئي اتان جي حسناڪين جو مزو وٺندي گھمي رهيو هيس ۽ ان چوڪ جي ڀر پاسي وارين گھٽين ۾ به فوٽوگرافي ڪري رهيو هيس، ڇو جو گھٽين ۾ به مختلف هنڌن تي مندر ٺهيل هيا ته وري ڪٿي ڪا پراڻي عمارت ڪنهن خوبصورت ونگ يا ڪنهن خوبصورت اُڪر سان پئي نظر آئي. خبر ناهي، پراڻڻ شهرن جون گھٽيون سوڙهيون ڇو رکيون وينديو هيون؟ يا ته ان وقت گاڏين جي نه هجڻ ڪري يا موسم جي بچاءَ ڪري؟ جيئن اسان وٽ سنڌ ۾ شڪارپور، روهڙي، لاڙڪاڻي جون گھٽيون به سوڙهيون ملنديون. هڪ هنڌ خالي حوض ٺهيل ڏٺم جنهن ۾ لڳل سرون ۽ نلڪن جو اسٽائيل ٻڌائي رهيو هو ته اهو به ڪنهن پراڻي دور جي نشاني آهي، ان حوض ۾ گھڻيون عورتون بيٺل هيون ۽ هنن پنهنجا دلا لائين ۾ رکي ڇڏيا هيا. مون ڪيميرا ڪڍي فوٽو ڪڍڻ شروع ڪيا پنهنجي پر ۾ اهي سوچي رهيو هيس ته هي ڪو مقدس پاڻي آهي جنهن جي لاءِ هي عورتون ايڏيون وڏيون لائينون ٺاهي بيٺيون آهن. فوٽو ڪڍي جڏهن واندو ٿيس ته ڀر ۾ بيٺل پراڻين شين وارا پنهنجو وکر وڪڻڻ لاءِ ڦري آيا. مون کانئن جان ڇڏائي ۽ انهن مان هڪ عورت جنهن کي انگريزي بهتر پئي آئي ان کان لائين ۾ بيٺل عورتن جي باري ۾ پڇيو ته هڻ جواب ڏنو ته ”اهو ڪو خاص پاڻي ڪونهي پر واٽر سپلاءِ جو پاڻي آهي جنهن جي لاءِ اهي سڀ لائينن ۾ بيٺيون آهن“. مون کي پوءِ اها خبر پئي ته هتي کٽمنڊو ۾ سڀني گھرن ۾ واٽر سپلاءِ ڪونه آهي جنهنڪري اهي گھٽي يا ٻاهرين هنڌن تي جتي واٽر سپلاءِ جا نلڪا لڳل آهن اتان پاڻي ڀري پنهنجي گھرن ڏانهن آڻن ٿا.
    اڄ پنهنجي البم ۾ لڳل اهو فوٽو ڏسندي پنهنجي ڪم عقليءَ تي کِل آئي.


    سويم ڀو ناٿ

    پتن درٻار ۾ فوٽوگرافي ڪندي هڪ زنجير اورانگھي، گھٽيءَ جي ٻي پاسي واري عمارتن جا فوٽو ڪڍي جيئن ئي واپس آيس ته هڪ همراهه ڦري آيو ته ٽڪيٽ وٺان، مون کيس چيو ڇا جي ٽڪيٽ؟ اصل ۾ پتن درٻار ۾ داخل ٿيڻ جي جڳهه اها هئي پر جيئن ته ٽيڪسي وارو مون کي ٻي پاسي کان ڇڏي ويو هو تنهنڪري مون کان ٽڪيٽ جي باري ۾ ڪنهن پڇيو ئي نه هو. ان همراهه کي به چيم ته مان ته ٻن ٽن ڪلاڪن کان اتي گھمان پيو هاڻي ته واپس پيو وڃان. هُن شريف ماڻهو به ضد نه ڪيو.
    ٻاهر بيٺل ٽيڪسين کان مون سويم ڀو ناٿ تي هلڻ جو پڇيو. پر اهي ڳاٽي ڀڳيون قيمتون ٻڌائي رهيا هيا. نيٺ هڪ نوجوان ٽيڪسي ڊرائيور جنهنکي انگريزي به چڱي پئي آئي ۽ ڪرايو به مناسب هيو، ان جي ٽيڪسي تي سويم بو ناٿ يا بندرن جي مندر (اتي ڀولڙا ڪافي تعداد ۾ آهن) طرف روانو ٿيس. ٽيڪسي شهر جي مختلف هنڌن تان گذرندي رهي، ڊرائيور پنهنجي مهارت ۽ مختلف سياحن کي گھمائڻ جي باري ۾ ٻڌائيندو رهيو ٻين لفظن ۾ مون کي هرکائيندو رهيو ته کٽمنڊو ۽ کٽمنڊو کان ٻاهر جيڏانهن به وڃان سندس ئي ٽيڪسي استعمال ڪيان. مان کيس هُون هان ۾ جواب ڏيندو رهيس. 20 منٽن جي سفر کان پوءِ اچي هُنَ ان هنڌ تي ڇڏيو. هُن مون کان پڇيو ته جي گھمڻ کان پوءِ منهنجي واپسيءَ جو ارادو آهي ته هو اتي انتظار ڪري. مون کيس چيو ته سندس مرضي آهي. هن ڪرايو ڪونه ورتو ۽ انتظار ڪرڻ لاءِ ٽيڪسي پارڪنگ ۾ بيهاري ڇڏي.
    ان مندر تي وڃڻ جا ٻه طريقا آهن هڪ ته ڏکڻ طرف کان ٽيڪسي کي مٿي ئي بيهارجي ۽ اتي گھمي وٺجي ٻيو وري هيٺين پاسي کان آهي جتان 365 ڏاڪا چڙهي مندر تائين پهچجي ٿو. گھڻا ياتري ڏاڪڻين واري پاسي کان اچن ٿا ڇو جو هنن جو عقيدو آهي ته ڪشٽ ڪڍڻ جي ڪري سندن دعا جلد قبول ٿيندي. ڏاڪڻين جي شروعات مهل ئي ٻڌ جا ٽي وڏا مجسما رکيل آهن. ان کان علاوهه چوڌاري وڻ به آهن. ۽ ڏاڪن تي مختلف قسمن جا گھورڙيا ويٺل آهن ڪي پينٽنگس، ته ڪي پٿر تي اڪر، تي ڪي وري ڀرت، يا ڪي وري ٻڙا ۽ منڊيون کپائي رهيا هيا. ڊرائيور شايد مون کي به هندو سمجھيو جو مون کي ان طرف کان وٺي آيو. ايترا ڏاڪا ڏسي مون کي ته ڏڪڻي وٺي وئي ته ڪير چڙهندو پر وري به آهستي آهستي ڪري ٽي حصا ڏاڪڻ جا چڙهي ويس پر پوءِ آخري حصو صفا اڀو هو جنهن تي چڙهڻ جي همت نه پئي ٿي. ته اتي ويٺل شين کپائڻ واري چيو ته هڪ ٻيو به رستو آهي جيڪو ايترو اڀو ناهي. پوءِ هن مون کي وڻن جي وچ مان هڪ رستو ٻڌايو جيڪو ٿورو ڊگهو ته هو پر هڪدم اڀو نه هو. اتان چڙهي مندر تائين پهتس. حقيقت ۾ مٿي رڳو هڪ مندر نه پر گھڻيون شيون آهن. جن ۾ اسٽوپا، ٻڌن جي موناسٽري، لائبرري آهي ۽ ٻيا ننڍا ننڍا مندر آهن، ان کان علاوه مختلف دڪان، اسٽال ۽ ريسٽورنٽ به آهن. مٿي پهچڻ سان پوري کٽمنڊو جو نظارو پسي سگھجي ٿو.
    مٿي پهتس ته اتي سياحن جي ٽولي کي نيپالي گائيڊ، تاريخ ۽ جاگرافي جي باري ۾ ٻڌائي رهيو هو، مان به سُري وڃي هنن سان بيٺس ته گائيڊ ڪُرڙين اکين سان مون ڏانهن نهاريو ته سندس خدمتن مان مفت مزو پيو وٺان. هو ٻڌائي رهيو هو ته روايت آهي ته ڪنهن زماني ۾ سڄو کٽمندو هڪ ڍنڍ جيان هو، اتان هڪ ڪنول پاڻ هُرتو پيدا ٿيو، انکان علاوه هن هنڌ هڪ پنهنجو پاڻ ٻرندڙ جوت به هئي جنهنجي مٿان پوءِ اهو اسٽوپا ٺاهيو ويو جنهنڪري ان کي سوامڀو يعني پاڻ هُرتو پيدا ٿيڻ سڏيو ويو. پراڻي زماني ۾ جڏهن هڪ رشي مني مانجوشري کي ان ڪنول جي باري ۾ ڄاڻ پئي ته هو اتي عبادت ڪرڻ لاءِ پهتو ۽ هن جڏهن ڏٺو ته اتي ٻين ياترين کي به پهچڻ گھرجي ته هن هڪ هنڌ ڪٽ ڏئي ڍنڍ جو پاڻي وهائي ڇڏيو. ان ماٿري ۾ پوءِ کٽمنڊو شهر آباد ٿيو ۽ جتي ڪنول جو گل هو اهو ٽڪريءَ جي صورت ۽ گل سوامڀوناٿ جي شڪل وٺي ويو.
    مون کانئنس ڀولڙن، (جن کي پاڪ ڀولڙا به چيو ويندو آهي) جي باري ۾ پڇڻ پئي چاهيو ته مون ڪٿي پڙهيو هيو ته مانجوشري جي وڏن وارن ۾ جوئان پيدا ٿيون هيون جيڪي پوءِ ڀولڙن جي صورت ۾ تبديل ٿي ويون، جنهن ڪري اهي ڀولڙا مقدس ليکيا ويندا آهن. پر مان پنهنجي ان معلومات تي ئي اڪتفا ڪئي ڇو جو ايئن نه ته گائيڊ ڇنڊ پٽي ها ته تنهنجو ڪهڙو ڪم.
    اسٽوپا جو بنياد هڪ اڌ گول جيان يا ايئن چئجي ته پيالو اونڌو ڪري رکيو ويو آهي جنهن تي وري هڪ چئن ڪنڊن وارو ٽاور ٺهيل آهي وري ان جي مٿان ڪُلفي جيان هڪ ٽاور آهي جنهن جا تيرنهن طبق آهن ۽ انهن سڀني جي مٿان نفيل ٺهيل آهي. ان چوڪور ٽاور تي ٻه اکيون ۽ هڪ نڪ نما علامت ٺهيل آهي، جيڪا اصل ۾ نيپالي ٻڌيءَ جي علامت آهي. جڏهن ته اکيون ٻڌا جي ڏاهپ جو مظهر آهن. انهن اکين جي مٿان ٽين اک به آهي ان مطابق اهو چوڻ آهي ته جڏهن ٻڌ تبليغ ڪندو هو ته ان اک مان ڪرڻا نڪرندا هيا ته ڪائنات ۾ جيڪڏهن ڪي ٻيون قوتون کيس ٻڌڻ چاهن ٿيون ته اهي ٻڌي سگھن. ان کان علاوه انهن ڪرڻن جي ذريعي ئي ماڻهن جا اهنج ۽ آزار به ختم ٿي ويندا هيا ۽ سڪون ماڻيندا هيا.
    ٽاور يا مناري جي مٿان جيڪي تيرهن گول طبق آهن اهي عبادت يا رياضت جا تيرهن ڏاڪا آهن جن کي حاصل ڪرڻ کان پوءِ ئي ماڻهوءَ کي نرواڻ حاصل ٿئي ٿو.
    اتي ئي ڀرسان پگوڊا به هو جنهن جي مرمت پئي هلي. ان کان علاوه گوتم ٻڌ جا بت به رکيل هيا جن جي آڏو ماڻهو ميڻ بتيون ٻاري پنهنجي من جي مراد پوري ڪرڻ لاءِ رکن پيا ته هن کي خراج به ڏين پيا. ان ڏينهن به ڪافي ياتري آيل هيا. جيڪي اچڻ سان پهرين ته هٿ سان مخلتف چڪرين کي گھمائي عبادت ڪري رهيا هيا. انهن چڪرين تي عبادت جا ڪجھه منتر وغيره لکيل هيا. انهن چڪرين کي ڏاهپ ۽ پنهنجن چڱن ڪرمن کي گڏ ڪري ناڪاري طاقتن کان ڇوٽڪارو پائڻ لاءِ گھمائبو آهي.
    ان هنڌ تي مون کي سنڌ جي مختلف درگاهن جيان ڪجھه مستانا به نظر آيا پر اسان جي مستانن ۾ مستي هوندي آهي جڏهن ته اتان جا مستانه خاموش طبع ۽ منهن مونن ۾ هڻي وجھڻ وارا هيا.
    مٿاهين تان کٽمنڊو جو نظارو به ڏاڍو من موهيندڙ هو. کٽمنڊو جو ڳتيل شهر اتان هڪ نئين ڏِک ڏئي رهيو هو. ڪجھه ڏاڪڻيون لهڻ کان پوءِ هڪ هنڌ تي ڦوهارو هو، جنهن جي وچ تي ٻڌ جو بت لڳل هو ۽ هيٺان وري هڪ باڪس ٽائيپ هو جنهن ۾ ماڻهو سڪا ڦٽي پيا ڪن. جنهن جا سڪا ان باڪس ۾ پيا ته معني ته دعا اگھامي، اسان جنهن وقت اتي پهتاسين ته شاگردن جو ڪو گروپ آيل هو ۽ اهي سڪا ڦٽي ڪري رهيا هيا. مان سمجھان ٿو ته سندن دعائون ڪي وڏيون نه هونديون. بس امتحان ۾ پاس ٿيڻ جون يا وري ساڻس گڏ آيل گرل يا بواءِ فرينڊ سان هميشه دوستي رکڻ جون. منهنجي خواهش هئي ته سندن سڪا لوٽي ۾ ئي ڪرن پر هڪ کان علاوهه ٻين جا پاڻيءَ ۾ سڪا ڪريا. جيئن ئي فوٽو ڪڍي رهيو هيس ته ٻه ڇوڪريون سينه زوري ڪندي منهنجي ڪيميرا جي آڏو بيهي پوز هڻڻ لڳيون، مون کي سندن همت ۽ حرڪت تي کل آئي. مون سندن مختلف هنڌن تي فوٽو ڪڍيا. هنن پنهنجي ايميل ڏني ته فوٽو ان ايڊريس تي کين موڪليان. هنن ٻڌايو ته هو ڪمپيوٽر جون شاگردياڻيون آهن ۽ اڄ ڪجھه ڪلاس فري هجڻ ڪري هو ٽولو ٺاهي گھمڻ نڪتيون هيون. مون کانئن موڪلائڻ جي ڪئي پر هنن کي شايد پنهنجي انگريزي ڳالهائڻ جي پريڪٽس ڪرڻي هئي ان ڪري هو مون سان ڳالهائڻ پيون چاهن، ان وچ ۾ هڪ ڇوڪري ڀرسان واري اسٽال تان جوس به وٺي آئي پر مان پيئڻ کان انڪار ڪيو. مون کين ٻڌايو ته شاگردن کي خرچ نه ڪرائبو آهي پر انهن تي خرچ ڪبو آهي. پوءِ مون پنهنجي لاءِ هڪ منرل واٽر جي بوتل خريد ڪئي. اسان ڏاڪڻين تي ويهي ڪچهري ڪئي. هنن کي اها جستجو هئي ته پاڪستان ۽ انڊيا جي ڪلچر ۽ رهڻي ڪهڻي ۾ ڪيترو فرق آهي؟ مون کين ٻڌايو ته بنيادي طور تي ڪو گھڻو فرق ناهي پر مذهب جي ڪري ريتن ۽ رسمن ۾ فرق آهي. هنن مون کان هڪ عجيب سوال ڪيو ته سمنڊ ڪيترو وڏو ٿيندو آهي؟ پهريائين ته حيران ٿيس ته ڪهڙو عجيب سوال ڪري رهيون آهن، پر پوءِ اهو سوچي ته نيپال وٽ جيئن ته سمنڊ ڪونهي ۽ لينڊ لاڪڊ ملڪ آهي انڪري سندن اهو سوال غير ضروري ناهي. پر مون کي به سمجھه ۾ نه آيو ته ڪهڙو جواب ڏيان سواءِ ان جي تمام وڏو ٿيندو آهي ۽ ان جي حد جو ڇيهه ئي ڪونهي. لڳو ته هو مطمئن نه ٿيون.
    گرمي به وڌي وئي هئي ۽ ٿڪجي به پيو هيس. جنهنڪري مون کانئن موڪلايو. واپسيءَ ۾ وري اهو وڻن ٽڻن وارو رستو وٺي هيٺ لهڻ لڳس، وڻن جي وچ مان هيٺ ڦهليل کٽمنڊو شهر جو نظارو خوبصورت لڳي رهيو هو. انهن ئي وڻن جي پاڙن جي وچ ۾ ڪي پريمي به ويٺا هيا ۽ منظر کي هڪ معني بخشي رهيا هيا.
    هيٺ پهتس ته ڊرائيور انتظار ۾ هيو. هو مون کي قائل ڪرڻ لڳو ته اڄ ئي ٻڌا ناٿ تي وڃان ۽ پيسا به کوڙ ٻڌائي رهيو هو. هڪ ته گرميءَ نهوڙي وڌو هو ٻيو ته مون کي ڪرايي جو به اندازو نه پئي ٿيو ان ڪري کيس انڪار ڪيم، ۽ سوچيم ته دوستن کان معلومات وٺي سڀاڻي ان طرف نڪرندس.
    واپسيءَ ۾ اِندر لعل جي آفيس آيس، جتي ڪجھه ٽائيم پنهنجي ايميل وغيره چيڪ ڪئي پوءِ گڏجي سندس گھر تي آياسين. وهنجي ڪجھه دير آرم ڪرڻ لاءِ ليٽي پيس.


    کٽمنڊو جي شام

    شام جو اڪيلي سر ٿامل ۽ ان جي آسپاس وارا هنڌ گھمڻ لاءِ نڪري پيس. رستي تي ڪجھه سرڪاري بلڊنگس به نظر آيون، ان کان علاوه خوبصورت گيٽ سان هڪ محل به، جيڪو ڪنهن زماني ۾ بادشاهي محل هوندو هو، هاڻي ميوزيم آهي. ان محل کان ٿوري ئي پنڌ تي سارڪ ڪنٽريز جي سيڪريٽريٽ به هئي جنهن جي گيٽ ٻاهران فوٽو به لڳل هيا جن ۾ سيد يوسف رضا گيلاني، پرويز مشرف ۽ حنا ربانيءَ جا به فوٽو نظر آيا. ٿامل ۾گھڻو وقت چڪر ڏيندو رهيس. ڪجھه ٽائيم اينٽيڪس جي دڪانن تي گذاريو ته ڪجھه وري ڪتابن جي دڪان تي. ڀانت ڀانت جا سياح نظر آيا. مون هڪ ڳالهه محسوس ڪئي آهي ته ٻاهريان سياح جنهن به ملڪ وڃن ٿا اتان جي ڪلچر ۽ ثقافت کي ويجھو کان ڏسڻ چاهين ٿا. جنهنڪري هو اتان جي رنگ ۾ رڱجي ويندا آهن. اتان جي ڊريس پائڻ ۾ فخر محسوس ڪندا، اتي جي کاڌن جو ذائقو چکيندا، گھڻو وقت، ديسي ماحول ۾ گذارڻ چاهيندا. جڏهن ته اسان جهڙن ملڪن جا ماڻهو تبديليءَ ۽ نواڻ کي گھٽ پسند ڪن ٿا، اسان گھڻو ڪري ٻين جي ڪلچر يا شين کي پسند ڪرڻ يا انهن کي پنهنجو ڪرڻ کان لنوائيندا آهيون. ڳولهي ڳولهي پنهنجي اسٽائيل جو کاڌو کائڻ پسند ڪنداسين، ڊريس به اها پائبي ڇو جو اسان پاڻ کان وڌيڪ ٻين جو خيال رکندا آهيون ته ٻيا ڇا چوندا! جڏهن ته ٻيا سياح انهن ڳالهين کان بي نياز هوندا آهن جنهنڪري ڪوشش ڪندا ته ڪنهن رواجي ريسٽورنٽ تي ويهي لوڪل کاڌو کائن، اتان جو ڊرنڪس پيئن ۽ گھڻو ڪري ڊريس به اتان جي پائڻ جي ڪوشش ڪندا، جنهن ڪري اسان وٽ يا هندوستان ۾ شلوار قميص يا وري ڪرتي پائجامي ۾ نظر ايندا ته فار ايسٽ ۾ وري اتان جي پوشاڪ ۾ نظر ايندا ته آفريڪا ۾ وري انهن جي رنگ برنگي ڪپڙن ۾ گھمندي نظر ايندا. سو ٿامل ۾ به نيپالي ڊريس پاتل، چڍين، جينز ۾ سياح گهمندي ڦرندي نظر آيا. اتي ڪجھه دير چڪر ڏيڻ کان پوءِ هڪ ٻي هنڌ تي آيس جتي ڪجھه فيشن ايبل دڪان به هيا ته کٽمنڊو جو ڪيسينو به هو ۽ ڪجھه ويسٽرن اسٽائيل ريسٽورنٽ به هيا. ڪجھه دير ونڊو شاپنگ ڪرڻ کان پوءِ هڪ مارڪيٽ جي مٿان ٺهيل ريسٽورنٽ ۾ ويٺس جنهن جو ڪجھه حِصو کليل به هو ان کان علاوه ڍڪيل به هو. يوزف ۽ مان ملڻ جو ٽائيم به اتي ئي رکيو هو. مون پاسي واري ٽيبل چونڊي جو اتان رستي سميت، سامهون واري ڪيسينو جي گيٽ به نظر پئي آئي، جنهنڪري ماڻهن جي هلچل ڏسي پئي سگھجي. بيرو مخصوص نيپالي ڊريس ۾ مينو کڻي آيو مون کيس چيو ته ماني کائڻ جو في الحال خيال ناهي باقي گرمي آهي ان ڪري پهريائين ته ڀر پاسي ۾ هلندڙ ڪنهن پيڊسٽل فين جو منهن اسان طرف به ڦيراءِ، ٻيو ته گرمي جي ڪري ڪا ٿڌي ڊرنڪ به کڻي اچ. ائين چوڻ سان مونکي ايئن لڳو ته مان سنڌ جي ڪنهن هوٽل ۾ ويٺو آهيان جتي گرميءَ جا سٽيل همراهه اچڻ سان پهريان چوندا آهن “ابا جلدي ڪري ٿڌو پاڻي کڻي آ، پکي کي به تيز ڪر، گاني جو آواز به ٿورو وڌاءِ”
    مون اڃان بيري طرفان آندل گلاس مان سِپ ڀري ئي هئي ته يوزف ۽ پيترا کي ريسٽورنٽ ۾ داخل ٿيندي ڏٺو، پيترا کي ڪاري شرٽ ۽ جينز پيل هئي جنهنڪري سندس ڳاڙهو مُک اڃان وڌيڪ نمايان ٿي ويو هو. مون هٿ مٿي ڪري کين پاڻ وٽ سڏيو. هنن به پنهنجي لاءِ آرڊر ڏنو. هو پتن کان پوءِ بختاپور ويا هيا، جتان جي ڪاٺ تي ٿيل اُڪر جي ڏاڍي تعريف ڪري رهيا هيا. مون کين ٻڌايو ته منهنجو اڃان وڃڻ نه ٿيو آهي، اڄ مان سويم ڀُوناٿ ويو هيس. هنن جو وري سڀاڻي، سويم ڀو ناٿ، ٻڌا ناٿ ۽ پوءِ وري نگر ڪوٽ وڃڻ جو ارادو هو جتي هنن کي رات جو رهي صبح جو (جيڪڏهن قسمت سٺي رهين ته) مائونٽ ايورسٽ جو ديدار ڪرڻو هو. هو ٻئي ڄڻا چارلس يونيورسٽي ۾ فزيڪل جاگرافي ڊپارٽمينٽ ۾ پڙهن پيا. گرمين جي موڪلن جي ڪري ٽوئر تي نڪتل هيا. مون کانئن پروفيسر زدنيڪ پاوليڪ جي باري ۾ پڇيو ته ڪيئن آهي ته هنن ٻڌايو ته هن کي رٽائر ٿي ته گھڻو وقت ٿيو پر اڃان تائين پروفيسر ايميريٽس جي طور تي ڪم ڪري ٿو. پر هو ڊيموگرافي ڊپارٽمينٽ ۾ آهي. مون کين ٻڌايو ته مان پي ايڇ ڊي ته سلوڪيا مان ڪئي آهي پر 1998ع ۾ چارلس يونيورسٽي پاران ڪرايل سمر اسڪول ۾ آيو هيس، جنهن تي هنن چيو ته پوءِ پاڻ يونيورسٽي فيلو به آهيون. اسان ڳالهيون به ڪندا رهياسين، هنن وڌيڪ ٻڌايو ته سندن پروگرام چيتاون، پوکرا ۽ لمبيني وڃڻ جو آهي. منهنجو به انهن طرف وڃڻ جو پروگرام هو پر مان ڪنهن ٽوئر خريد ڪرڻ بجاءِ پنهنجي سِر وڃڻ جو پروگرام ٺاهيو هو. يوزف وارن کي گروپ سان ڪنهن ريسٽورنٽ ۾ ڊنر لاءِ وڃڻو هو، هنن موڪلايو ۽ بيري کي بِل آڻڻ لاءِ چيو ته مون کين منع ڪئي. اصل ۾ چيڪوسلوواڪيا ۾ ۾ مان اهو ڏٺو ته جي ٻه يا ٻن کان وڌيڪ دوست پاڻ ۾ ويٺا هوندا ته بل مهل بيرو پڇندو ته بل الڳ الڳ يا گڏيل ٺاهي، گھڻو ڪري هرڪو الڳ الڳ بل ڏيندو آهي. مون يوزف کي چيو ته اسان وٽ اهو ڪلچر ناهي. هنن مرڪندي، موڪلائيندي چيو ته :”نيپال ننڍو آهي ڪٿي نه ڪٿي وري ملنداسين ته پوءِ تون نه پر اسان بل ڀرينداسين“. پيترا چيڪ اسٽائيل ۾ پنهنجو ڳل منهنجي ڳل سان ملائي موڪلايو.
    آهستي آهستي ماڻهو ريسٽورنٽ مان وڃي رهيا هيا ڇو جو جيئن مان ڪٿي اڳ ذڪر ڪيو ته هتي دڪان ستين يا اٺين وڳي ۽ ريسٽورنٽ ڏهين يارهين وڳي بند ٿي وڃڻ ٿا. بيري کي جڏهن خلاصائي ٿي ۽ مون کي اڪيلو ويٺل ڏٺائين ته سُري اچي ڀرسان بيٺو. هو 40 سالن جو هو پر ڏسڻ ۾ باڊي بلڊر ۽ جوان پئي نظر آيو. هن ڳالهين ڳالهين ۾ پڇيو ته ڪٿان جو آهيان، وري پڇيائين ته اڪيلو آهيان يا گروپ ۾، آخر ۾ اهو چيائين :
    ”صاحب اڪيلي ڪيون هو؟“
    مون کيس چيو: ”بس آئي به اڪيلا اور جائي به اڪيلا“.
    ”ليڪن صاحب گھومني آيا هي، تفريح ڪي لي آيا هي تو اڪيلا اڇا نهين هي“
    مون سمجھي ورتو هو ته هن جو اصل مقصد ڇا آهي. مُرڪي کيس چيم :
    ”پر اب ڪيا ڪرون، ڪوئي ساٿ تو نهين لي آيا“
    ”صاحب ڦر ادهر ڪوئي ساٿي ڪرلو“
    ”ڪوئي واقف ئي نهين هي“
    هُن پنهنجي سيني تي هٿ رکي چيو: ”هم خدمتگار هين نه“
    مان به مزو وٺي رهيو هيس. هن آفر ڪئي ته جي چاهيان ته هو منهنجي مدد ڪري سگھي ٿو. مون به دل لڳي ۾ کيس چيو ته ٺيڪ آهي. هن سڀاڻي پنهنجي ڪنهن واقفڪار کي وٺي اچڻ جو چيو.
    ريسٽورنٽ تان واپسي مهل هڪ ٻي رستي سان گھر لاءِ نڪري پيس پر اڳتي هلي منجھي پيس ان ڪري هڪ ٽيڪسي واري کي چيم ته :”مونکي خبر آهي ته پنهنجي گھر کان پري ناهيان پر نئون آهيان انڪري منجھي پيو آهيان، تنهنڪري مناسب ڪرايو ٻڌاءِ ۽ مونکي ڪمل هوٽل وٽ ڇڏ“. هن ڪرايي جا پنجاهه روپيا چيا ۽ ٿوري ئي جھٽ ۾ اچي هوٽل تي ڇڏيائين، ان ئي هوٽل جي پويان اندر لعل وارن جي رهائش هئي.


    نارائڻ هٽي پيليس ميوزيم

    صبح جو مان نارايڻ هٽي پيليس ميوزيم ڏسڻ لاءِ نڪتس. اصل ۾ اهو محل هو جنهن ۾ نيپال جا بادشاهه رهندا هيا. پر هاڻي ان کي ميوزيم ۾ تبديل ڪيو ويو آهي. نارايڻ، وشنو جو هڪ نالو آهي ۽ هٽي معنا پاڻيءَ جو ڦوهارو يا نيسارو. اصل ۾ وشنو جو مندر ۽ اهو ڦوهارو ان محل جي ڀر ۾ موجود آهن.
    اها ميوزيم، ٿامل ويندي رستي تي آهي. مان به 10 منٽن جي پنڌ کانپوءِ اتي پهتس، مک گيٽ بند هئي هڪ ننڍي گيٽ تي قطار لڳل هئي. جن ۾ گھڻائي نيپالين جي هئي پر ٻين ملڪن جا سياح به هيا. ميوزيم جي في نيپالين لاءِ گھٽ هئي. عام نيپالي لاءِ 100 روپيا ته وري شاگردن لاءِ 20 روپيا هئي جڏهن ته چائنيز ۽ سارڪ ملڪن جي شهرين لاءِ 250 هئي ، باقي ٻين سڀني سياحن لاءِ 500 روپيا هئي. واري اچڻ تي ٽڪيٽ ورتي ته اڳيان وري هڪ ٻي دري هئي جنهن ۾ چيو ويو ته پنهنجيون ڪيميرائون ۽ موبائيل وغيره اتي رکو. مون به پنهنجو سامان هڪ لاڪر ۾ رکيو جنهن جي چاٻي مون کي ڏني وئي. اڳيان سيڪيورٽي گيٽ لڳل هو جتي اسڪينر سان گڏ فوجي به تلاشي وٺي رهيا هيا، اندر داخل ٿيڻ کان پوءِ هڪ ميدان هيو، جيڪو ٽپي گيٽ مان اندر داخل ٿيس. هي ميوزيم هئي ته رڳو بادشاهن جي پر منهنجي ذهن ۾ هڪ هڪ ڪمرو ٽپڻ سان نيپال جي تاريخ جا دور، ورق ورق ٿي منهنجي آڏو ايندا رهيا.
    2500 سال اڳ ۾ هتان جا اصلي ماڻهو ڪراتي يا ڪرانتي هتي رهندا هيا. ٻين کان نوين صديءَ تائين هتي لڇوي يا لڇي سلطنت هئي، ان ئي خاندان جي حڪمران، مانا ديو جي دور ۾ ٻڌا ناٿ ۽ سويمڀوناٿ جا اسٽوپا تعمير ٿيا. نائين صديءَ کان ٻارهين صديءَ تائين وري ٺاڪرن جي حڪومت رهي جنهن جو پايو وجھڻ وارو رگھو ديوا هو ۽ آخري حڪمران وجئيڪمار ديوا هو.
    ٻارهين صديءَ ۾ مل يا مالا خاندن جي بادشاهت شروع ٿي جيڪا ارڙهين صديءَ تائين جاري رهي ۽ مغلن جيان هنن جو دور به نيپال ۾ تاريخي جاين جي تعمير جو دور هو. پر جيئن هر دور ۾ محلاتي ۽ خانداني سازشون شروع ٿينديون آهن جيڪي حڪومت تي انهن جي گرفت کي ڪمزور ڪري ڇڏينديون آهن. مل يا مالا خاندن سان به ايئن ٿيو ۽ آخر ۾ پرٿوي نارائڻ شاهه جيڪو گورکن مان هيو ان حملو ڪري حڪومت تي قبضو ڪيو. ان کان اڳ ۾ نيپال جي رياست ڄڻ کٽمنڊو ۽ ان جي آسپاس تائين محدود هئي. پر ان ئي زماني ۾ انگريز به انڊيا ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي ذريعي پنهنجا پير کوڙي رهيا هيا. انهن ڳالهين کي ذهن ۾ رکندي پرٿوي نارائڻ شاهه اهو ضروري سمجھيو ته نيپال جون ٻيون جيڪي ننڍيون ننڍيون رياستون يا علائقا آهن انهن کي ملائي هڪ وڏي ۽ مظبوط رياست جو بنياد وڌو وڃي ۽ ان ڪري هنن هٿيارن ۽ ڳالهين جي زور تي پنهنجي رياست کي وسعت ڏيڻ شروع ڪئي. هن نيپال کي هڪ مظبوط ملڪ بڻايو ۽ اهو ڄاڻندي ته هن جو ملڪ ٻن پهاڙن (انڊيا ۽ چائنا) جي وچ ۾ ڪچالوءِ جهڙي حيثيت رکي ٿو هن پنهنجي ملڪ جي معاشي ۽ خارجه پاليسي اهڙي ٺاهي ته جيئن پاڻ بچائي هلي سگھجي. هن جي اها دورانديش پاليسي نيپال کي گھڻي وقت تائين ڪم ايندي رهي.
    هي محل به ان خاندان جي آخري بادشاهه جي نشاني آهي جنهن کي ميوزيم ۾ تبديل ڪيو ويو آهي. انهن جي آخري بادشاهه بريندرا بير بڪرم شاهه ديو جو محلات آهي. ان بادشاهه کي تي اسان مان گھڻن اخبارن ۽ ٽي وي تي ڏٺو هوندو ڇو جو سارڪ ملڪن جي ايسوسيئشن جي سلسلي ۾ يا ايئن به هو پاڪستان آيو هو. هي بادشاهه پڙهيل ڳڙهيل هيو. هن انڊيا، برطانيا ۽ آمريڪا جي هارورڊ يونيورسٽيءَ مان تعليم حاصل ڪئي. ان کان علاوهه کيس سياحت جو به ڪافي شوق هو، ولي عهد هوندي به هن نيپال جي ڏورانهن علائقن جو سفر ڪيو ۽ سفر دوران اهو کاڌو يا پيتو جيڪو اتان جا عام ماڻهو کائيندا پيئندا هيا ۽ انهن جيان ئي رهندو هو.
    ميوزيم ۾ مختلف هال ۽ ڪمرا سجايل هيا، جن ۾ ڪنهن ڪمري ۾ ٻاهرين حڪمرانن کي رهايو ويندو هو يا وري ڪنهن ڪمري ۾ ڪو معاهدو صحي ڪيو ويندو هو. ان کان علاوهه بادشاهه راڻي سان گڏ ٻارن جا بيڊ روم ته وري اسٽڊي روم به هيو ان کان علاوهه لائبرري به هئي. هتي رکيل ڪتابن مان گھڻو تعداد بين الاقوامي سياست تي هيو. انهن ڪمرن ۾ اهو فرنيچر رکيو ويو هو جيڪو استعمال ٿيندو هو.
    ان ڏينهن سياح به ڪافي تعداد ۾ هيا. ڪمرن ۾ ڪٿي ڪٿي ڪو پيڊسٽل فين هليو پئي نه ته بس تنهن ڪري ٻوسٽ به ٿيو پئي.
    اصلي محل 1885ع ۾ ٺهرايو ويو پر وري 1943ع ۾ زلزلي اچڻ ڪري اهو ڊهي پيو جنهن ۾ بادشاهه تريڀون جون ٻئي ڌيئرون به وفات ڪري ويون هيون. ان کان پوءِ وري نئين سر محل جي اڏاوت ڪئي وئي. ان کان علاوهه جنهن بلڊنگ ۾ هاڻي اها ميوزيم موجود آهي، محل جو اهو حصو 1963ع ۾ ٺهڻ شروع ٿيو ۽ 1969ع ۾ پورو ٿيو.
    هن بلڊنگ کان ٻاهر نڪتاسين ته عمارت جي سائيڊ ۾ جيئن جڳهه ٺهرائڻ لاءِ پلنٿ وجھبي آهي ۽ ڪمرن جا نشان سرن جي ٻن يا چئن بارن جي صورت ۾ ظاهر ڪيا ويندا آهن. اهڙي قسم جا ڪجھه ڪمرا ۽ هال هيا. ڀرسان وڃڻ ۽ بورڊ پڙهڻ تي معلوم ٿيو ته اهو حصو پراڻو محل هو جنهن کي 2001ع ۾ هڪ خوني ويڙهه يا ايئن چئجي ته خوني حملي کان پوءِ ڊاهيو ويو هو.
    پهرين جون 2001 ع ۾ ان محل ۾ هڪ پارٽي هئي، ان پارٽي ۾ ولي عهد دپيندرا ڊرنڪ ٿي هڪ مهمان سان بدتميزي ڪئي جنهن تي ان جي پيءُ بڪرم شاهه کيس پارٽيءَ مان نڪري وڃڻ جو چيو ۽ سندس ڀاءُ شهزادو نرنجن ۽ سوٽ پارس کيس ڪمري تي وٺي ويا، جتان وري هو ڪلاڪ کن کانپوءِ هٿيار کڻي محفل ۾ آيو ۽ اچڻ سان فائرنگ ڪري پنهنجي بادشاهه پيءُ، چاچيءَ ۽ چاچو(جيڪو هن کي روڪڻ لاءِ اڳتي وڌي رهيو هو) کي ماريو. جڏهن ته شهزادي پارس زخمي هجڻ باوجود ڪنهن به نموني صوفي کي اوٽ بڻائيندي ٽن ڄڻن جي زندگي بچائي ورتي. ان کان پوءِ شهزادو دپيندرا ٻاهر باغ ۾ ويو جتي سندس ماءُ ۽ ڀائر موجود هيا ۽ مدد لاءِ واجھائي رهيا هيا انهن ٻنهي کي به اتي ختم ڪيائين پوءِ اڳتي وڌي باغ ۾ ئي ٺهيل هڪ پُل تي پاڻ کي شوٽ ڪيائين جنهن کان پوءِ به هو ٽي ڏينهن ڪوما ۾ رهيو ۽ پوءِ مري ويو.
    ڪن جو ته خيال آهي ته اها ڳالهه غلط آهي، هڪ فوجي آفيسر ته اهو به چيو ته بادشاهي ڪٽنب جي ٻين ڀاتين جي مرڻ کان اڳ هن دپيندرا کي پنهنجي ڪمري ۾ مئل ڏٺو جنهن کي گوليون لڳل هيون. ڪي وري شاهه فيمليءَ جي پراڻن مخالفن راڻا فيملي کي ذميوار سمجھن ٿا. هڪ روايت اها به آهي ته دپيندرا، راڻا فيملي جي هڪ ڇوڪري ديويا راڻيءَ کي پنهنجي زال پئي بڻائڻ چاهيو جنهن جي مخالفت سندس پيءُ ماءُ ڪري رهيا هيا.
    تاريخي طور تي راڻا فيملي شاهي ڪٽنب سان دشمني ۾ رهندي آئي آهي، جڏهن ته اصل پاور انهن وٽ رهيو آهي ۽ گهڻو ڪري موروثي طور وزير اعظم راڻا فيملي مان ٿيندو آيو هو.
    خير ذهن ۾ اهي سڀ واقعا تري آيا جنهن ۾ سازشون ڪري پنهنجن يا پراين حڪمرانن ۽ هنن جي خاندان کي ختم ڪيو ويو آهي پوءِ اهو شيخ مجيب هجي، ڀٽو هجي، اندرا هجي، شاه فيصل هجي، حواري بومدين هجي، قذافي هجي، انور سادات هجي، يا کوڙ ٻيا اهڙا حڪمران.
    گرمي به گھڻي هئي. ماڻهو ڇانو وارا پاسا ڳولهي ڪجھه گھڙيون محل جي باغ ۾ آرام ڪري رهيا هيا مان به باغ ۾ لڳل بتن مان هڪ بت جي ڀرسان پيل بينچ تي ويٺم ۽ بوتل مان ڍڪ ڀري غور سان ڏسڻ شروع ڪيم ته اهو بت ڪهڙي ديويءَ جو آهي، ٿوري دير ۾ ديويءَ اکيون ڇنڀي، نيپاليءَ ٻوليءَ ۾ ڪجھه چيو ته مان شرمسار ٿيس ته ڇا سوچيندي هوندي ته ”مڙسالو ڪيئن نه ٿو هن عمر ۾ به عورتن کي گھوري ڏسي!“
    اصل ۾ اها ديوي، نيپال جي ڊريس پاتل زندهه ديوي هئي.
    ميوزيم مان نڪري، سامهون واري روڊ تي گھمڻ لاءِ نڪري ويس. مان جنهن به ملڪ ويندو آهيان ته اتان جي ليکڪن جا ڪتاب وٺي پڙهڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان. هن دڪان ۾ ڪتابن جي گھڻائي ٽوئرسٽن کي اٽريڪٽ ڪرڻ لاءِ ٽوئرزم ۽ مائونٽيرنگ تي هئي. ڪجھه فڪشن جا ڪتاب به هيا، مون کي نيپالي ليکڪن جي انگريزيءَ ۾ لکيل ڪتابن جي تلاش هئي. نيپالي ليکڪن جا ٻه ٽي ڪتاب ورتم، هڪ ڪتاب جي موضوع مونکي پاڻ ڏانهن ڇڪيو “Arresting God in Khatmandu” اهو ڪتاب سمراٽ اپڌي جو لکيل آهي. مون کي اهو موضوع ڏسي جانڻ چن جو ڪلام ياد اچي ويو ته:

    دم اسم جو ڌاڙو هڻي، اغوا ڪيم الله کي
    فرمان مڃيم فرقان جو، وٺي ويٺم ويساهه کي،
    شريعت طريقت جي تڏي، هينئون حقيقت سان گڏي
    معرفت جو گھر اڏي، ويهاريم الله کي
    لک ڏئي ته به نه ڏيان، توڙي ڪروڙين ڪو ڏئي
    جانڻ چن چئي جوش مان، ساريان انهيءَ صلاح کي،
    دم اسم جو ڌاڙو هڻي، اغوا ڪيم الله کي
    اهو ڪلام مانجھي فقير به ڳائيندو آهي. هي ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ اندازو ٿيو ته ليکڪ موضوع سان انصاف ڪيو آهي ۽ هي ڪتاب اصل ۾ نيپال جي تبديل ٿيندڙ سماج ۾ خواهشن ۽ روحانيت تي لکيل ڪهاڻين تي مشتمل آهي. مونکي سندس ڪهاڻين ۾ رواني نظر آئي ٻيو ته ته نيپال جي عام نفسيات کي سمجھڻ لاءِ مددگار ثابت ٿي سگھي ٿو. بهرحال ڪتاب خريد ڪرڻ جو اصل مقصد ان جو موضوع هو جيڪو صوفياڻو لڳو هو.
    ڪتاب خريد ڪرڻ کان پوءِ بازار ۾ گھمندو رهيس، ڪراچي جيان ويگنن جو رستي تي هلڻ، مختلف هنڌن تي پهچائڻ جا هوڪا ڏيڻ. گھمڻ ۽ گرميءَ ٿڪائي وڌو، انڪري ٻن ٽن ڪلاڪن جي آرام لاءِ گھر آيس. گھر ۾ اندر لعل وارن وٽ هڪ نيپالي مائي ڪم ڪندي آهي، جيڪا گھر کي سليقي سان صاف رکي ٿي ۽ ماني به اها پچائيندي آهي. منهنجي پهچڻ تي هن ماني لاءِ پڇيو ته مون کيس چيو ته رهڻ ڏي. اندر لعل ۽ اڄڻ صاحب وارن کي هڪ شڪايت آهي ته مان ماني گھٽ ٿو کاوان. جڏهن ته مان پنهنجي حساب سان پوري ماني کاوان ٿو، گھڻي وقت کان وٺي مون ماني گھٽائي ڇڏي آهي ۽ سبزيون ۽ مڇي ٿو کاوان جنهنڪري وزن ۾ ڪافي گھٽتائي آئي آهي. اندر کي ڳڻتي هوندي آهي ته مون کي ڪا مرغي وغيره کارائي، ڇو جو هو ٻئي ڄڻا سبزيون کائن ٿا. مون کيس چيو ته نه اهڙي ڪا به ڳالهه ناهي مان پاڻ سبزين کي پسند ڪيان ٿو.


    نگر ڪوٽ

    آچر جي صبح جو دوستن بختاپور ۽ نگرڪوٽ گھمڻ جو پروگرام ٺاهيو. ذاڪر حسين اڄڻ ۽ اندر لعل جو مشترڪه نيپالي دوست بشنو، پنهنجي گاڏي کڻي آيو جيڪا اسان واري الٽو جهڙي هئي. بشنو ڊرائيونگ پئي ڪئي، ان سان گڏ معين صاحب ويٺو ۽ اسان ٽئي يعني مان، ذاڪر حسين اڄڻ ۽ اندر لعل پويان ويٺاسين. سڀ کان پهريائين پروگرام اهو بيٺو ته نگر ڪوٽ هلجي. اسانجي گاڏي، کٽمنڊو جي گوڙ کي ڇڏيندي، شهر کان ٻاهر نڪري رهي هئي. ٿوري دير کان پوءِ اسان هڪ ويڪري ۽ ڊبل روڊ تي چڙهياسي، جنهنجي لاءِ دوستن ٻڌايو ته اهو هاءِ وي، چائنا وارن طرفان ٺاهيل آهي. ان کي فرينڊشپ هاءِ وي يا چائنا_ نيپال هاءِ وي سڏيو وڃي ٿو. اهو 800 ڪلوميٽر ڊگھو آهي ۽ تبت جي گادي جي شهر لاسا يا لهاسا کان، نيپال ۽ چائنا جي بارڊر تي، چائنا_نيپال فرينڊشپ پل تائين اچي ٿو، جتي ٻنهي ملڪن جا شهر زانگمو ۽ ڪوڊاري آهن. جتان وري کٽمنڊو تائين جيڪو روڊ ٺهيل آهي ان کي آرنيڪو راجمرگ سڏين ٿا. منهنجي دل چاهيو ته ان هاءِ وي تي سفر ڪري تبت ۽ پوءِ چائنا تائين وڃجي ها. هاڻي ته چائنا وارن تبت کان ٽرين به شروع ڪئي آهي، جيڪا پنهنجي جڳهه ته هڪ عجوبو آهي. ڪٿي ٽريڪ جبل جي سرنگھن ۾ ٿو وڃي ته ڪٿي وري وڏا ٿنڀا اڏي ان تي پٽڙيون رکيو ويون آهن، جيئن اسان وٽ فلاءِ اورس ٺاهين ٿا. جيئن ته مٿاهون علائقو آهي ان ڪري ڪٿي ڪٿي اوچائي چئن پنجن هزارن ميٽرن تائين به وڃي ٿي. اهو اندازو ائين لڳايو ته مري ۽ نٿيا گلي به 3000 ميٽرن کان گھٽ آهن. ايڏي مٿاهين تي سفر ڪرڻ ڪري گھڻن ماڻهن کي تڪليف به ٿئي ٿي. پر ان ٽرين ۾ هر مسافر لاءِ آڪسيجن جو به بندوبست آهي ان کان علاوه ٽرين ۾ ڊاڪٽر به موجود رهن ٿا. ٽڪيٽ سان گڏ هو صحت جو ڪارڊ به ڏين پر ان لاءِ مسافر کي لکي ڏيڻ ضروري آهي ته: ”پنهنجي صحت جي حفاظت جو ذميوار، مسافر خود آهي“.
    پر جيئن ته اڳ اهڙي معلومات ڪونه هئي انڪري نه ته ڪا اهڙي تياري ڪري آيو هيس نه ئي وري چين جي ويزا هئي. مون خيالن ئي خيالن ۾ پاڻ کي چين ۾ محسوس ڪيو ۽ 2007ع ۾ چين جي ٽوئر جا لمحا ياد اچڻ لڳا خاص ڪري هنگچو جي ويسٽ لينڊ ليڪ تي گذاريل شامون. گاڏي هڪ جھٽڪي سان بيٺي ته مان به پنهنجن خيالن مان واپس آيس. اسان هڪ دڪان تي اچي بيٺاسين جتي دوستن ٻڌايو ته بختاپور جي ڏهي مشهور آهي، دڪان جي اندر ڏهيءَ جا پاٽوڙا توتڙن ۾ رکيل هجن. مون کانئن پڇيو ته اهي ڇا جي ڪري آهي ته دڪان وارن ٻڌايو ته جي ان ۾ پاتوڙا نه ٿا رکن ته ڏهي ڄمي نه ٿي، شايد گرمي گھٽ هجڻ (حالانڪ ان وقت ته گھڻي هئي يا وري ٻيو سبب مٿاهين به ٿي سگھي ٿو! ) خير ڏهي جي ٽيسٽ رٻڙيءَ سان ملندڙ جلندڙ هئي شايد، پهريائين کير کي گھڻي دير ڪاڙهي گھاٽو ڪيو وڃي ٿو. دوستن اهو به ٻڌايو ته اها ڏهي رڳو بختاپور ۾ ئي ملي ٿي.
    هڪ حيرت لڳي ته دڪان جي ٻاهريان هڪ 2 ضربيان 2 فوٽن جو زمين جو خالي حصو هو جنهن ۾ هنن سبزيون پوکي ڇڏيون هيون. مون نيپال ۾ اهو ڏٺو ته هو زمين جي ننڍي ۾ ننڍي حصي ۾ به ڪجھه نه ڪجھه پوکين ٿا ايستائين جو جيڪڏهن ٻن گھرن جي وچ ۾ ڪا ننڍي جڳهه آهي ته اتي به ڪجھه نه ڪجھه پوکيل هوندو آهي. اصل ۾ جنهن ماڻهو وٽ جنهن شي جي کوٽ هوندي آهي ان کي ئي انجي اصل اهميت جي خبر پئي ٿي، نيپال به گھڻو ڪري جابلو آهي انڪري سندن لاءِ زرخيز زمين وڏي اهميت رکي ٿي.
    اسان هاڻي چڙهائي جي طرف وڃي رهيا هياسين، رستي تي ڪنهن پهاڙي اسٽيشن جيان خوبصورت نظارا هيا. اهي ئي لاهيون چاڙهيون، هوا به ٿڌي هئي، رستن تي اس به وڻن مان ڇڻي پئجي رهي هئي. رستو ڪشادو ڪونه هو. بالڪل مري يا نٿيا گليءَ جيان، ان ئي نموني فوجين جي ڇانوڻي. رستي جي پاسن کان ڪن ڪن هنڌن تي چانهن جا ريسٽورنٽ ٺهيل، دل چاهي پئي ته انهن هنڌن تي ماڻهو ترسندو وڃي. اسان هڪ هنڌ پنهنجي گاڏي پارڪ ڪئي. ان هنڌ تي مٿي هڪ پليٽ فارم ٺهيل آهي جتان بيهي نظارو ڪري سگھجي ٿو ۽ موسم صاف هجڻ جي صورت ۾ هماليا يا ايورسٽ جو به نظارو ڪري سگھجي ٿو. هن هنڌ جي مٿاهين 2195 ميٽر آهي تقريبا مري ۽ نٿياگلي جيتري. جتي گاڏي بيهاري سي اتي کائڻ پيڻ جا اسٽال به ٺهيل هيا. هڪ اسٽال تي، هندوستاني فيملي به نظر آئي، جيڪا مون کي کٽمنڊو جي ڪرشن مندر ۾ نظر آئي هئي، مردن توڙي عورتن جي ڊريس مان هُو راجستاني پئي لڳا. خير نيپال ۾ جيئن ته گھمڻ جا مخصوص هنڌ آهن جتي ٽوئرسٽ پيو گھمي ٿو. انڪري ڏسڻ سان به خبر پئجي وڃي ٿي ته اهو چهرو ڪٿي ڏٺل آهي.
    مٿي وڃڻ لاءِ وڏن وڻن جي وچ مان ڏاڪڻيون ٺهيل هيون، معين صاحب ته اڌ رستي تي ئي ويهي رهيو باقي اسان سڀ مٿي وياسين. مٿي پليٽ فارم تي وري هڪ لوهي ٽاور ٺهيل هو جنهن تي ماڻهو چڙهي رهيا هيا ان تي وڃڻ لاءِ ڪا باقاعدي ڏاڪڻ نه هئي پر مختلف پائپن تي پير رکي ماڻهو مٿي پئي چڙهيا. سڀ کان ڏکيو مرحلو پهريون هو جو ٽي يا ساڍا ٽي فوٽ مٿي پائيپ تي بغير ڪنهن سهاري جي پهچڻو هو پر ماڻهو مڙسي ڪري چڙهي رهيا هيا. اسان مان رڳو ذاڪر حسين مٿي چڙهي ويو. هڪ مائي جنهن جو وزن به ماشاءَالله ٺيڪ هو ان به چڙهڻ جي ڪوشش ڪئي، پر چڙهي ڦاٿي جو نه هيٺ جي نه مٿي جي، نيٺ ٻين همت ڪري کيس مٿي وٺڻ پئي چاهيو پر کين انگريزي نه پئي آئي جنهن ڪري سندن اها خواهش اڌوري رهي.
    ان پليٽ فارم کان هيٺ وري هڪ ميدان ٽائيپ جڳهه هئي جتي مختلف ٽولا پڪنڪ ملهائي رهيا هيا انهن جي هوڪرن، ميوزڪ ۽ کلڻ جو آواز مٿي تائين پهچي رهيو هو. اسان به وڻن جي جھڳٽي ۾ ويهي پاڻ سان آندل ڪولڊ ڊرنڪ ۽ بشنو جا آندل پڪوڙا کاڌا. مون معين صاحب جو فوٽو ڪڍيو ته پس منظر ۾ اتان ٻه ڇوڪريون مني اسڪرٽ ۾ گذري رهيو هيون، جنهن تي ساڻس سڀ مذاق ڪري رهيا هيا ته سندس اهو فوٽو هن جي گھر وارن کي پوسٽ ڪيون ٿا پر معين صاحٻ پاڻ کلي رهيو هو ۽ چيو ته سندس ٻارن کي جي اها خبر پوندي ته هو خوش ٿيندا ته بابا ڪجھه ته ڪري رهيو آهي.
    اسان پوءِ پنهنجي واپسيءَ جو سفر شروع ڪيو، مختلف نظارا پسندا اسان هڪ هنڌ چانهن پيڻ جي لاءِ بيٺاسين، جتي اڳ ۾ ٻه ٻيا سياح به ويٺا هيا جيڪي موٽر سائيڪلن تي اتي پهتا هيا ۽ بيئر پي رهيا هيا. ڪناري سان هيٺ دڪان واري ڪرسيون رکيون هيون جتان هيٺ کاهي هئي ۽ پريان پرتي وري ٻي پهاڙي، سڄو علائقو سر سبز هو. تمام خوبصورت نظارو هيو. دڪان واري ڪڪڙ به پاليا هيا ۽ ان کان علاوه هڪ ڪتو به موجود هو. سائي پس منظر ۾ گِري رنگ جو ڪتو مون کي سٺو لڳو، جنهن جو فوٽو ڪڍيو. هتي مون محسوس ڪيو ته ڪتا جيڪي عام طور تي گھٽين ۾ گھمي رهيا هيا اهي به ڪنهن ٻي نسل جا ۽ سهڻا لڳي رهيا هيا، مون دوستن کان به ان نسل جي باري ۾ پڇيو پر هو به مون جيان اڻڄاڻ هيا.
    اهڙا خوبصورت منظر ڏسي، مون دل ۾ سوچيو ته جيڪڏهن ٻي دفعي نيپال اچڻ ٿيو ته هڪ رات نگر ڪوٽ جي ڪنهن هوٽل يا رزارٽ ۾ رهي سج لهڻ جي منظر کان وٺي سج اڀرڻ جي منظر جو مزو وٺبو ۽ رات جو ڪمبلن ۾ لڪي، باهه ٻاري، سرٻاٽين ۾ ڳالهيون ڪبيون ۽ ٻڌبيون.


    بختاپور

    ٿڌين هوائن مان اسان آهستي آهستي هيٺ لهي ڪوسين هوائن جي ساٿ ۾ آياسي ته سائين بدر ابڙي جي سفرنامي ”نيپال، ڀڳوانن جي ڀونءِ“ ۾ پڙهيل اها ڳالهه ياد آئي ته بختاپور ضرور ڏسجي. هونئن بدر ابڙي صاحب ان هنڌ جو نالو ”ڀڳت پور“ لکيو آهي پر مان “بختاپور” نيپالي ماڻهن جي واتان نڪتل اچار، آڌار لکيو آهي، ٻيو ته اتي رهندڙ دوستن کان پڇا ڪرڻ کان پوءِ اهو نالو يعني ”بختاپور“ لکيو آهي نه ته انگريزي ۾ ته ڄڻ ڀڪتاپور لکيل آهي.
    بهرحال، نيپال اچڻ کان اڳ مون هتان جي گھمڻ جي جڳهن جي باري ۾ معلومات پئي ڪٺي ڪئي. ادا بدر ابڙي جو سفرنامو گھڻو اڳ پڙهيو هو پر پوءِ گھڻي ڪوشش جي باوجود ڪٿان نه ملي سگھيو ته کيس فون ڪئي جنهن تي هُن وراڻيو
    “مون وٽ پنهنجي رڪارڊ جي ڪاپي پئي آهي جي پڙهي واپس ڪيو ته اوهان کي ڏيان.”
    مون واپس ڪرڻ جو واعدو ڪيو(اها ٻي ڳالهه آهي ته واپسيءَ کان پوءِ اڃان کيس سندس ڪتاب موٽائي نه ڏنو آهي، پر مون کيس فون ڪري اهو ضرور ٻڌايو ته نيپال جي پنهنجي رڪارڊ ڪيل وڊيو کي ايڊٽ ڪرڻ کانپوءِ ڊي وي ڊي سميت ڪتاب واپس ڪبو). سو مون ڳالهه پئي ڪئي ته بدر ابڙي جي سفرنامي ۾ بختاپور جو جهڙي سهڻي ۽ من موهيندڙ طريقي سان ذڪر ٿيل آهي ان مونکي وڌيڪ بختاپور جو ديوانو ڪري وڌو. پر نه رڳو بختاپور پر نيپال جي باري ۾ بدر ابڙي صاحب جو لکيل ڪتاب تمام دلچسپ ۽ معلوماتي آهي.
    بختاپور ۾ داخل ٿيڻ جا مختلف هنڌ آهن، اسان ذري گھٽ بختاپور جو طواف ڪرڻ کانپوءِ هڪ هنڌ گھٽيءَ ۾ گاڏي پارڪ ڪئي جتان بختاپور جي درٻار اسڪوائر ۾ داخل ٿيڻ جي گيٽ ٺهيل هئي. سچ اهو آهي ته جڏهن اسان اتي گھمي رهيا هياسين ته مونکي ڪجھه لمحن لاءِ اهو محسوس ٿيو ته روهڙي يا شڪارپور ۾ آهيان. ان ئي نموني سرن جون ٺهيل ماڙيون، انهن ۾ لڳل ڪاٺ جي اڪر جون دريون، دروازا، ڇاپرا، گھڻين جڳهن ۾ ته اڃان تائين ماڻهو رهن ٿا. سڀ کان سٺي ڳالهه اها لڳي ته دڪان به پراڻي نموني وارا هيا. انهن جو دروازو ڪو فوٽ ڏيڍ جي ويڪر ۽ 7 يا اٺن فوٽن جي اٺن ڏهن تاڪن تي مشتمل هيو، جيڪي، واري واري سان چانئٺ ۾ ڦٻائي لڳايا پيا وڃن. اسان وٽ، اهڙن درن وارا دڪان به اڻلڀ ٿي ويا آهن وري به ننگرپارڪر جي بازار ۾ ڪجھه اهڙا دڪان آهن. مونکي محسوس ٿيو ته ڪجھه گھڙين لاءِ وقت ڄمي ويو آهي ۽ مان پراڻي سنڌ پيو گھمان.
    ان وقت ٽپهريءَ جي نماز جو وقت ٿي ويو هو ۽ اتي ڪا مسجد به ويجھي هئي جن جي دوستن کي اڳ ڄاڻ هئي انڪري ٻه ٽي دوست ته اوڏانهن هليا ويا باقي، مان، ذاڪر حسين ۽ بشنو، ٽڪيٽون ورتيون. ٽڪيٽ گھر جي دري ۽ ان جي چوڌاري لڳل ڪاٺ تي اُڪر جو ڪم ئي سهڻو لڳي رهيو هو ۽ مون سوچيو ته هونئن اهڙن هنڌن تي جيڪي به جڳهون، اسٽال يا ريسٽورنٽ ٺاهيا وڃن ته اهي اهڙي نموني هجن ته جيئن ان هنڌ جي تهذيب جو حصو لڳن نه ڪي اوپرا اوپرا لڳن. مثال طور موهن جي دڙي تي ٺهيل هينڊي ڪرافٽس جا دڪان، ميوزيم جو ٽڪيٽ گھر يا کائڻ پيڻ جا اسٽال به جھونپڙي يا لانڍ جيان نه ته گھٽ ۾ گھٽ موهن جي دڙي ۾ استعمال ٿيل سرن جهڙا ته ٺهيل هجن ته ڪيڏا نه سٺا لڳن. نه ڪي هاڻي وانگر سيمينٽ مان ٺهيل هجن. وري به ميوزيم سرن جي ٺهيل هجڻ ڪري خوبصورت لڳي ٿي. ٻيو ته ڇڏيو ٿائلينڊ جي هڪ ٻيٽ ڪوهه سموئي جي ايئرپورٽ تي ارائيول ۽ دپارچر لائونج به لانڍي جيان ٺهيل آهن ۽ سياح ان ٻيٽ تي لهڻ سان ئي سحر ۾ جڪڙجي وڃي ٿو.
    ٽڪيٽون وٺي اسان گيٽ کان اندر داخل ٿياسين، گيٽ به ڪاٺ جي ٺهيل هئي جنهن تي هندو ديوتائن جا نقش به اڪريل هيا. هي هڪ ڪشادو پڌر يا چونڪ هو جنهن کي درٻار اسڪوائر يا لائيڪو به چيو وڃي ٿو. هن جي ٻنهي طرفن ۽ ڪجھه وچ تي پراڻيون عمارتون ٺهيل هيون. چون ٿا ته اهو اڳ ۾ وڌيڪ ڳتيل هوندو هو پر 1934 ع جي زلزلي جي ڪري ڪجھه عمارتون ڊهي پيون. هي چونڪ جتامترا ملَ جي دور ۾ ٺهيل آهي.
    مون تفصيل سان هڪ هڪ مندر، بت، گيلري ڏٺي، ڇو جو ڪنهن به ماڻهو جو روز روز ته هن طرف اچڻ نه ٿو ٿئي. گيٽ مان اندر داخل ٿيڻ سان کاٻي طرف پهريائين شينهن جا ٻه وڏا پٿر جا بت نظر اچن ٿا ۽ ٿوري ئي فاصلي تي نيشنل آرٽ گيلري آهي جنهن ۾ خاص طور تي هندو مذهب سان لاڳاپيل تصويرون يا ايئن چئجي ته ديوين ۽ ديوتائن جون تصويرون آهن جن کي ڏسي يا انهن جي باري ۾ پڙهي ماڻهو وڏي ڄاڻ حاصل ڪري سگھي ٿو پر حقيقت اها آهي ته مان سرسري طور تي انهن جو جائزو ورتو ڇو جو ٽائيم گھٽ ۽ مقابلو سخت هو. مان اڃان اهو ڏسي ئي رهيو هيس ته بشنو ۽ اڄڻ جيڪي اڳتي نڪري ويا هيا موٽي مون وٽ آيا ۽ چيائون ته:
    ”اهو سڀ ڪجهه پوءِ ٿا ڏسون پهريائين هلي محلات ڏسي وٺون جو اهو پنجين وڳي بند ٿيڻ وارو آهي ماڻهن جو وڃڻ هاڻي ئي بند ڪري ڇڏيو اٿائون پر اسان بيٺل پهريدارن کان اجازت ورتي آهي ته پري کان آيا آهيون انڪري ڏسي وٺون سو پهريائين اهو هلي ڏسون پوءِ باقي رهيل هنڌ گھمون ٿا.“
    ان محلات کي پنجونجاهه درين وارو محلات سڏيو وڃي ٿو، جيڪو 1769ع تائين محلات طور ڪتب ايندو هو، اها عمارت بادشاه يڪشي مالا 1427ع ۾ ٺهرائي ۽ سترهين صديءَ ۾ بادشاهه ڀپيندرا ان جي مرمت ڪرائي. محل جي اڏاوت فن جو هڪ لازوال مثال آهي، سڄو محل پڪين سرن جو ٺهيل آهي ۽ ان تي وري دريون ۽ گيلريون ڪاٺ جون آهن پر اهي به شاندار اڪر واريون، جن کي ڏسي ڪجھه گھڙين لاءِ ته ماڻهو پنهنجو پاڻ کي وساري ويهي ٿو. هر هڪ دريءَ کي ٻانهيون آهن جن تي اڪر ٿيل آهي ۽ دريءَ جي مٿان ونگ آهن جن تي وري ڪجھه مذهبي تصويرون ٺهيل آهن باقي وچ تي ڪن درين ۾ اٺ ڪنڊا ستارا ته ڪن ۾ وري چوڪور ٺهيل هيا. هتي مون هڪ ڳالهه محسوس ڪئي ته هنن جي پراڻن ماڳن يا سڪن تي اٺ ڪنڊو ستارو ٺهيل آهي جنهنکي ڊيوڊ اسٽار سڏيو ويندو آهي ۽ هن وقت اسرائيل جي جھنڊي ۾ به ٺهيل آهي. مونکي ان جي باري ۾ ڄاڻ نه ملي ته ان جو مقصد ڇا آهي. ايئن ئي ننڍي هوندي هڪ دفعي حيران ٿيو هيس، جڏهن پاڙي جي هڪ پوڙهي هندوءَ جي وِڃڻي تي سواستيڪا جو نشان جيڪو هٽلر استعمال ڪندو هو اهو ٺهيل ڏٺو هو، مون سمجھيو هو ته ڪنهن ٻار شرارت ڪري ان جي وڃڻي تي ٺاهيو آهي نه ته ڪٿي هي پُرامن پوڙهو هندو، ڪٿي هٽلر جو نشان، پر پوءِ مون کي خبر پئي ته اهو ته هندن جو پراڻو نشان آهي ۽ موهن جي دڙي جي هڪ مهر تي به ٺهيل آهي. اهو نشان پوءِ هٽلر آرين جي نشاني طور استعمال ڪيو هو، جڏهن ته هندو مذهب ۾ شڪتي کي اڀارڻ لاءِ اها علامت استعمال ٿيندي آهي يا وري ٻي معنا مٿانهون هجڻ به اٿس. هڪ نظر ۾ درين تي ٺهيل ڪاٺ جو ڪم ڪڏهن ڪڏهن اجرڪ ٺاهڻ ۾ استعمال ٿيندڙ ٺپي جهڙو لڳو جنهن تي به ڪاٺ مان اهڙيون ڊزائنون ٺهيل هونديون آهن.
    محل وٽ هڪ ڪراڙي مائي ۽ ان سان گڏ هڪ نوجوان ڇوڪرو پاڻ ۾ ڊائلاگ هڻي رهيا هيا ۽ هڪ همراهه مائيڪ کڻي انهن کي رڪارڊ ڪري رهيو هو. اسان کي ته گفتگو سمجھه ۾ نه آئي پوءِ بشنوءَ ٻڌايو ته اها ڊرامي جي رڪارڊنگ هڪ ريڊيو اسٽيشن وارا ڪري رهيا هيا. ان محلات ۾ هڪ تلاءُ به هو جنهن کي ناگا پوکري يا نانگ وارو تلاءُ سڏيو پئي ويو. تلاءَ جي ٻنهي پاسن کان ڌاتوءَ جا ٺهيل ٻه وڏا ڪاريهر نانگ هيا جن مان پاڻي نڪرندو آهي. ان کان علاوه تالاب جي چوڌاري ڪناري سان پٿر مان نانگ ٺهيل آهي جيڪو سڄي تلاءَ کي وڪوڙي بيٺو هو. تلاءِ جي اندر چوڌاري ڏاڪا به هيا.
    محل ۾ وڃڻ لاءِ هڪ گولڊن گيٽ آهي جنهن کي سن ڍوڪا به چيو وڃي ٿو. ٿي سگھي ٿو ته مان غلط به هجان پر ڍوڪا نيپاليءَ ۾ گيٽ کي چيو وڃي ٿو. جيئن ته اسان بند ٿيڻ جي خوف کان پهريائين اندر هليا وياسين ان ڪري واپس اچي پوءِ ان گيٽ کي تفصيل سان ڏٺو. اها گيٽ پتل جي آهي جنهن تي ڏاڍو نفيس ڪم ٿيل آهي ۽ نانگ ۽ مختلف ڏند ڪٿائي ڪردار اڪريل آهن. اها گيٽ بادشاه رنجيت مالا ٺهرائي هئي. گيٽ جي مٿان وشنو جي سواري طور ڪم ايندڙ گرڙ پکي ٺهيل آهي (مون عوامي آواز ۾ ڇپجندڙ پنهنجي سفرنامي جي ٽين قسط ۾ ڪراچيءَ جي هندو دوستن کان پڇي، ان پکيءَ جو نالو ”گرور“ لکيو هو، اردوءَ ۾ ان کي گرودا لکن ٿا. پر جيئن ئي قسط ڇپي ته ٿر مان مانواري نند لعل ايس ايم ايس ڪيو ته اهو گُرڙ پکي آهي، انڪري هاڻي انکي گرڙ ٿو لکان. نند لعل صاحب جي مهرباني). هونئن ته گرڙ پکيءَ کي هڪ سختگير ۽ مضبوط پکي ڏيکاريو ويندو آهي، پر هن گيٽ تي ٺهيل اهو پکي ڪنهن حد تائين ڪيوپٽس جهڙو نظر اچي رهيو هو. ان کان پوءِ مرڪز تي تاليجو ديويءَ جي تصوير آهي جنهن جي ٻنهي پاسن کان مون کي لڳو ته جمنا ۽ گنگا جي تصويرون اڪريل آهن ۽ تاليجو جي بالڪل پيرن ۾ هڪ پاسي تي گرڙ پکي نظر آيو باقي ٻي جي باري ۾ خبر نه پئي. وري ان جي چوڌاري ٻانهين تي گڻيش ۽ ڪالي ماتا ٺهيل آهن. ان کان علاوه سٺي سنئوڻ ۽ خوشقسمتيءَ لاءِ گلدستا به ٺهيل آهن. اهڙا ئي گلدستا وري ان گيٽ جي ٻنهي پاسي جي سرن واري ڀتين تي به ٺهيل آهن. ڀت تي ان گلدستن جي مٿان وري هڪ تختِي وانگر ٺهيل آهي جنهن تي ڪو اسڪرپٽ لکيل آهي ڇا جي باري ۾ آهي ان جي باري ۾ ڪا خبر نه پئي.
    مون اڳ به ذڪر ڪيو آهي ته هنن هنڌن جو مزو تڏهن ٿو اچي جڏهن انهن هنڌن يا ان هنڌ تي ٺهيل تصويرن يا بتن جي ٿوري ڄاڻ هجي ٿي نه ته ماڻهو لَس گھمي وڃي ٿو. مون کي وري اهڙن هنڌن تي ٿوري دير لڳندي آهي. ڪوشش ڪندو آهيان ته اڳ ٿوري ڄاڻ هجي نه ته وري اتان جي ملندڙ بروشر يا گائيڊ يا دوستن کان معلومات وٺندو آهيان. پر ان هوندي به ڪي ڳالهيون اهڙيون هونديون آهن جن جي معلومات نه ملي سگھندي آهي جيئن ان گولڊن گيٽ جي ٻنهي پاسن کان لڳل تختي تي لکيل عبارت جي خبر نه پئجي سگھي.
    گيٽ مان نڪرڻ سان سامهون هڪ وڏو ٿنڀو نظر اچي ٿو جنهن جي مٿان بادشاهه بپندرا جو مجسمو لڳل آهي اهو 1699 ۾ ٺاهيو ويو هو. جنهنجون نظرون گولڊن گيٽ تي لڳل آهن. اهو بادشاهه تعميرات جو وڏو شوقين هو. سندس ٺهرايل ڪافي جڳهون آهن جيڪي کٽمنڊو، پتن ۽ بختاپور ۾ ملن ٿيون. اهڙي قسم جو مجسمو پتن واري علائقي ۾ به ٺهيل آهي. ان ٿنڀي جي ڀرسان وري هڪ وڏو گھنڊ لڳل آهي. جنهنکي ڀونڪڻ وارو گھنڊ به سڏيو ويندو آهي هاڻي ان کي صبح جو تاليجو ديويءَ جي عبادت وقت وڄايو ويندو آهي. اصل ۾ ان تي اهو نالو انڪري پيو جڏهن اهو گھنڊ وڄندو هو ته آسپاس جا ڪتا به ان سان گڏ ڀونڪڻ لڳندا هيا جنهنڪري هڪ روايت مطابق ان تي اهو نالو پيو. اهو گھنڊ رنجيت مالا 1737ع ۾ ٺهرايو.
    گھنڊ سان لڳو لڳ هڪ مندر ٺهيل هو جنهن کي ڏسي مون کي لڳو ته شايد ڪرشن جو مندر آهي ڇو جو اهڙي قسم جو مندر پتن ۾ به هو ان جو آرڪيٽيڪچر به اهڙو آهي پر جڏهن ان تي اڪريل تصويرون ڏٺيون ته دُرگا ديوي جون هيون جيڪا ڪاوڙ واري منهن سان بيٺل نظر آئي. ان مندر کي هتي وشتالا يا بپتالا مندر چون ٿا جيڪو درگا جو ئي نالو آهي. هي مندر به سينڊ اسٽون مان ٺهيل آهي ۽ ان جا به ٽي پرت يا ٽي پلنٿس آهن. مٿيون حصو ڪيلاش پربت کي علامتي طور تي ظاهر ڪري ٿو.
    بختاپور گھمندي مون کي اهو شدت سان احساس ٿيو ته مون وٽ ٽائيم گهٽ آهي ۽ ڏسڻ جي لاءِ جڳهون کوڙ آهن. انڪري مان ڪجھه تڪڙ تڪڙ ۾ فوٽو به ڪڍڻ شروع ڪيا جو سج لهڻ وارو هو.
    سِج لهڻ وارو هو، ٽائيم به گھٽ هو ۽ مون کي فوٽو به ڪڍڻا هيا پر بختاپور جي ان مندر تي ٺهيل درگا ديويءَ جي تصوير ڏسي مون کي محسوس ٿيو ته هوءَ ڪنهن زندهه انسان جيان مرڪي رهي آهي ۽ ان مُرڪ جي پويان، فخر، محبت ۽ ميٺاج به نظر آيو، جڏهن مون چوڌاري نظر ڊوڙائي ته گھمندڙ ديويون جيڪي خوبصورتيءَ ۾ ڪنهن به طرح گهٽ نه هيون پر سندن مُرڪ ۾ اها ڳالهه نه هئي. شايد ان مرڪ کي حاصل ڪرڻ ۾ جيڪو وقت يا رياضت گھربل آهي، اهو هر هڪ جو ڪم ناهي. انڪري ئي مونکي درگا جي باري ۾هندو ميٿالاجي ۾ پڙهيل ڳالهيون ياد اچي ويون.
    جيئن عيسائيت ۾ ٽمورتي آهي، پيءُ، پٽ ۽ پاڪ روح، جيڪي اصل ۾ جدا جدا هوندي به گڏ آهن. اهڙي ريت هندو مذهب ۾ به ٽمورتي آهي جيڪا، برهما، وشنو ۽ شوا تي مشتمل آهي. جنهن ۾ برهما تخليقڪار، ته وشنو وري محافظ ۽ شوا وري تباه ڪندڙ يا تبديل ڪندڙ (پُنر جنمڏيندڙ) آهي. شوا جي گهر واري پاروتي يا پاربتي آهي. پاروتي پنهنجي مڙس سان هميشه گڏ رهڻ واري هڪ زال طور نظر اچي ٿي، ڪٿي اهي پنهنجو پاڻ ۾ محبت ڪندي نظر اچن ٿا ته وري ڪڏهن ڪيلاش پربت تي ويهي بحث ڪندي نظر اچن ٿا ته وري ڪڏهن انهن ۾ جھيڙو ٿيندي نظر اچي ٿو. هڪ دفعي شِو هن کي ڪاري رنگ هجڻ جي ڪر “ڪاري” سڏيو ته هوءَ ڪاوڙجي جھنگلن ۾ هلي وئي جتي وڃي هن گھڻيون رياضتون ڪيون ته برهما ظاهر ٿي هن کي فيض عطا ڪيو، جنهن سان هن جو رنگ سونهري ٿي ويو. انڪري کيس ڪڏهن ڪڏهن “گوريءَ” جي نالي سان به ياد ڪيو ويندو آهي. هڪ پُراڻ ۾ وري هن جي وجود جي باري ۾ لکيل آهي ته ڪيلاش پربت تي برهما، شوا سان ملڻ ويو ته هُن کانئنس پڇيو ته “جلدي ٻڌاءِ ته تون هتي ڇو آيو آهين” جنهن تي برهما جواب ڏنس ته “هڪ وڏي اونداهيءَ، ديوتائن کي سخت پريشان ڪيو آهي، هاڻي مان انهن جي شڪايت ٻڌي تو وٽ آيو آهيان” برهما غور سان شوا کي ڏٺو، شوا وري پنهنجي خيال جي طاقت سان وشنوءَ کي به گھرائي ورتو. ٽئي ديوتا هڪٻئي کي نهاريندا رهيا سندن چمڪندڙن اکين جي شعاعن جي ميلاپ مان هڪ خوبصورت نيري آسماني رنگ واري عورت جي پياري پياري صورت جنم ورتو. جنهن کي قيمتي موتين وارا هار پهريل هيا. هوءَ شرميلي انداز ۾ جھڪي برهما، شوا ۽ وشنو کي پُرنام ڪري، حيا کان ڳاڙهي ٿي پاسو وٺي هڪ طرف بيهي رهي. پڇيو ويو ته تون ڪير آهين؟ ۽ تون سفيد، ڳاڙهي ۽ ڪاري رنگ سان ڇو پنهنجو پاڻ کي سينگاريو آهي؟ ته هن جواب ڏنو ته توهانجي تيز نظرن جي ئي پيداوار آهيان ڇا توهان پنهنجن طاقتن کان بي خبر آهيو؟ ان تي برهما، هن جي تعريف ڪندي چيو ته تون ٽنهي زمانن، ماضي، حال ۽ مستقبل جي ديوي ٿيندينءَ. ڪائنات کي قائم ۽ محفوظ رکڻ واري ٿيندينءَ. ماڻهو مختلف نالن سان تنهنجي پوڄا ڪندا ۽ تون پوڄارين جي خواهشن جي پورائي جو سبب بڻجندينءَ. پر اي ديوي! جن رنگن جي ڪري تون ٻين کان ممتاز ٿي آهين انهن جي مطابق تون ٽن حصن ۾ ورهائجي وڃ. هن ائين ئي ڪيو. هن جو سفيد حصو سرسوتي ٿي ويو، پياري من موهڻي صورت واري، جنهن جو برهما جي تخليق ۾ به هڪجيترو حصو آهي. ڳاڙهو حصو لڪشميءَ جو، جيڪا وشنوءَ جي محبوبا آهي ۽ هن سان ملي ڪائنات جي حفاظت ڪري ٿي. هن جو ٽيون ۽ ڪارو حصو پاروتي بڻجي ويو جنهنکي شوا جي قوت به حاصل هئي. ان جو ڪارو حصو سونهري ڪيئن بڻجي ويو اهو اڳ ۾ به ذڪر ڪيل آهي.
    ڪن ٻين هنڌن تي اهو به ذڪر ٿيل آهي ته شوا جي پهرين گھر واري اوما هئي. پاروتي ان جو ٻيون جنم آهي. روايت آهي ته اوما جي پيءُ، هڪ ڀيري ديوتائن لاءِ هڪ قرباني جي دعوت جو اهتمام ڪيو پر هن پنهنجي ناٺي شوا کي نه ٻڌايو. اها خبر جڏهن اوما کي پئي ته هو ناراض ٿي ۽ پاڻ کي باهه ۾ ساڙي ڇڏيو. انڪري کيس ستي به چيو ويندو آهي. اها خبر جڏهن شوا کي پئي ته هو ديوانو ٿي ويو. هن جون اکيون ڳوڙهن سان ڀرجي آيون هُن پنهنجي محبوبا کي مخاطب ٿي چيو:
    ”اٿ، اٿ منهنجي محبوبه ستي، اُٿ مان آهيان تنهنجو شنڪر، تنهنجو پنهنجو شنڪر، تنهنجو مڙس! تون مون سان گڏ آهين ته مان قادر مطلق به آهيان، شين جو خالق به آهيان، ۽ هر طرح جي خوشين ورهائڻ وارو به آهيان. اي منهنجي طاقت، منهنجي شان و شوڪت! هاڻي تون مون کي ڇڏي وئين آهين ته مان هڪ بي روح لاش آهيان، بي حس و حرڪت، بي طاقت ۽ بي قوت. مان ڪجھه به ته نه ٿو ڪري سگھان منهنجي جان!. تون مون کي ڇو ڇڏي وئينءَ. انهن مسڪرائيندڙ چپن سان ڪجھه ته چئه، ان پيار وارين نظرن سان مٺي امرت جا ڪجھه ڳوڙها ئي ڇلڪاءِ. ڳالهاءِ منهنجي روح جا آواز ڳالهاءِ! پنهنجن پيار وارن لفظن جي برسات سان منهنجي سڪل سڙيل دل جي ڪجھه ته اڃ لاهه. غم ۾ ٻڏل روح تنهنجين پيار ڀرين ڳالهين جي بارش جو منتظر آهي. پهريان جڏهن تون مونکي پري کان ايندو ڏسندي هئينءَ ته تنهنجو ڪوئل جهڙو آواز منهنجو آڌرڀاءُ ڪندو هو پر اڄ مان تنهنجي ايترو ويجھو آهيان ته تون ڳالهائين به نه ٿي! تون ڇو پنهنجي دلبر، پنهنجي چاهڻ واري کان ناراض ٿي وئين آهين؟ ڏس مان ڪيترو روئان ٿو، ڪيترو بيحال آهيان تنهنجي غم ۾! اي منهنجي دل ۽ جان جي مالڪ، اٿ اي ڪائنات جي ماءُ، اٿ اي حسينا، تون ته مري ئي نه ٿي سگھين. اي منهنجي وفادار زال، هاڻي تون منهنجو احترام ڇو نه ٿي ڪرين؟ منهنجي راهن ۾ پنهنجيون اکيون ڇو نه ٿي وڇائين؟ ڳالهاءِ، ڳالهاءِ، شاديءَ رات جيڪو تون مون سان ساٿ ڏيڻ جو قسم کنيو هو، انکي تون ڇو ٽوڙي ڇڏيو؟“.
    بهرحال شوا پنهنجا حال برا ڪري ڇڏيا، لاش کي پنهنجي جسم سان چهٽائي دنيا آسمان هڪ ڪري ڇڏيائين. جڏهن ديوتائن اها حالت ڏٺي ته هو وشنو کي وٺي آيا جنهن بي هوش شوا جي مٿي کي پنهنجي جھوليءَ ۾ رکيو ۽ هن جي اها حالت ڏسي زار و قطار روئڻ لڳو. پوءِ هن چيو: ”او شِوا هوش ۾ اچو، ٻڌو مان توهان کي ڇا چئي رهيو آهيان، توهانکي پنهنجي ستي ضرور واپس ملندي ڇو جو شوا ۽ ستي هڪ ٻئي کان الڳ ٿي نه ٿا سگهن بالڪل ان طرح جيئن پاڻي کان ٿڌاڻ، باهه کان گرمي، زمين کان خوشبو، جيئن سج کان چمڪ الڳ ٿي نه ٿي سگھي.“
    اهو ٻڌي شوا آهستي آهستي اکيون کوليون. اکين ۾ ڳوڙها چمڪي رهيا هيا، هن ڏڪندڙ آواز ۾ پڇيو ته توهان ڪير آهيو، توهانجا ساٿي ڪير آهن؟ مان ڪير آهيان، منهنجا ساٿي ڪٿي آهن؟. اهڙين بي ربط ڳالهين تي وشنو به روئي پيو. شوا ته روئيندو ئي رهيو، گھڻي دير کان پوءِ وشنوءَ، شوا کي خاموش ڪرايو ۽ هو ان جي واعدي سان خوش ٿي ويو. هن خيالن ئي خيالن ۾ ڏٺو ته ان جي ستي هڪ رٿ ۾ ويٺي آهي جنهن جي خدمت ۾ کوڙ خدمتگار حاضر آهن، هوءَ زيور ۽ شاهي لباس پهريل آهي ۽ هن جي منهن تي معصوم مرڪ آهي. شوا جي جدائي جو غم ڪنهن حد تائين گھٽجي ويو. پوءِ جڏهن ستيءَ هن سان ڳالهايو ته هو باغ و بهار ٿي پيو. ستيءَ چيس:”ثابت قدم رهو. اي مها ديو، منهنجي روح جا آقا ۽ مالڪ! مان وجود جي جنهن به روپ ۾ هونديس توکان ڪڏهن به جدا نه ٿينديس. هاڻي مان هماوت جي ڌيءُ بڻجي پيدا ٿي آهيان ته جيئن تنهنجي زال بڻجي سگھان. تنهنڪري منهنجي جدائي جو غم هرگز نه ڪريو“. اهو چئي ستي غائب ٿي وئي.
    ستي هماوت ۽ مينا جي گھر جنم ورتو. هوءَ گھڻي خوبصورت هئي. آهستي آهستي جوانيءَ طرف وڌڻ لڳي ته کيس آسمانن مان آواز آيو ته هوءَ شوا کي حاصل ڪرڻ لاءِ رياضت ڪري پر هن ان گھمنڊ ۾ ته منهنجي اڳلي جنم ۾ جيڪو مرڻ وقت ديوانو ٿي ويو هو اهو مون کي پنهنجو ڪيئن نه ڪندو! انڪري ان حڪم کي ٽاري ڇڏيائين ۽ پوءِ ايئن ئي ٿيو کيس ڪافي تڪليفون آيون جنهنکان پوءِ وري به کيس رياضتون ڪرڻيون پيون.
    پاروتي کي هڪ خوبصورت عورت جي شڪل ۾ ڏيکاريو ويندو آهي، هن جا ڪي وڌيڪ هٿ يا ٻيا عضوا ناهن پر جڏهن اها درگا يا ڪاليءَ جي روپ ۾ ظاهر ٿئي ٿي ته پوءِ کيس واڌو عضوا نظر اچن ٿا. ان کان علاوه درگا کي وري 14 مختلف شڪلين ۽ نالن سان به ياد ڪيو وڃي ٿو.
    منهنجن خيالن جو سلسلو تڏهن ٽٽو جڏهن هڪ پوڙهي نيپالي عورت جنهن کي ساڙهي نما ڊريس پاتل هئي ۽ سندس ڪلهن مٿان چادر رکيل هئي. وار اڻڀا ۽ چهري تي گھنجن جو انبار کنيو، پنهنجي جوان جماڻ ڏوهٽيءَ يا پوٽيءَ سان ڏاڪا چڙهي رهي هئي ته منهنجي نظر درگا جي خوبصورت چهري ۽ ان پوڙهي جي چهري جي وچ ۾ ڦري گھري رهي هئي. مون سوچيو ته سونهن ڪاڏي وڃي ٿي؟ سونهن کي بقا ڇو ڪونهي؟ ڇا سونهن کي فنا ٿيڻ کان بچڻ لاءِ ديوي ٿيڻ لازمي آهي! پر اهڙو امرت ملي ته ڪٿان ملي؟ اهڙو ڏس ملي ته ڪٿان ملي؟هڪ عجيب احساسَ منهنجي من اندر ۾ گھر ڪري ويا. مان پوڙهي جي چهري تان نظرون هٽائي لهندڙ سج کي ڏسڻ لڳس!
    منهنجو من الائي ڇو بي سبب بيقرار ٿي ويو، مان ڳورن قدمن سان ٻين مندرن کي ڏسڻ کان اڳ هڪ مندر جي ٿلهي تي ويهي پنهنجي آڏو گهمندڙ ڦرندڙ ماڻهن کي ڏسڻ لڳس، جن ۾ گھڻائي نيپالي نوجوان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي هئي جيڪي پاڻ ۾ ڪچهري ڪرڻ لاءِ اهڙن هنڌن تي اچن ٿا. اڪثر ڪري اهي سڀ پينٽ شرٽ پاتل هيا، انهن مان ڪنهن کي به نيپالي ڊريس پاتل نظر نه آئي، نيپالي ڊريس گھڻو ڪري اڌڙوٽ مرد ۽ عورتون پائن ٿيون. مان جڏهن اها ڀيٽ سنڌي نوجوانن سان ڪئي ته مون کي لڳو ته اسان پنهنجي ڊريس سان وڌيڪ محبت ڪيون ٿا ۽ سٿڻ قميص کان وٺي ٽوپي يا اجرڪ پهريون ٿا. نوڪرين وارا به گھڻا دوست ڀلي آفيس ٽائيم ۾ ڊريس ڪوڊ واري پينٽ شرٽ پائيندا هجن پر شام جو يا تقريبن ۾ هو شلوار قميص پائڻ کي ترجيح ڏين ٿا. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ڪجھه سالن کان اسان وٽ ثقافتي ڏهاڙو ملهائڻ ڪري، ماڻهن ۽ خاص ڪري نوجوانن ۾ جيڪي وڏن شهرن جهڙوڪ ڪراچي يا حيدرآباد ۾ رهن ٿا، انهن کي پنهنجي ثقافت تي ناز ڪرڻ ۽ انهن کي پنهنجو ڪرڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي. اڳ ۾ جيڪي جوان پينٽ شرٽ پائڻ ۾ فخر ۽ سنڌي ڊريس پائڻ کان گھٻرائيندا هيا، هاڻي انهن ڏهاڙن جي ڪري فخر سان پنهنجي ڊريس پائڻ ٿا.
    بختاپور جي درٻار اسڪوائر ۾ ٻيا به اهڃاڻ، مندر ۽ عمارتون هيون پر اسان وارا دوست رڳو منهنجي انتظار ۾ بيٺا هيا انڪري کين وڌيڪ تڪليف ڏيڻ مناسب نه سمجهيم. لڪشمي ديوي ۽ شوا جي مندرن کي پري کان پُرنام ڪيم. چون ٿا ته هن هنڌ ٺهيل شوا جو مندر، اصل ۾ ڀاڳمتي نديءَ تي ٺهيل مندر جو نقل آهي. پشوپتي، جانورن جو خدا آهي ۽ اهو شوا جو ئي هڪ نالو آهي. اصلي مندر، کٽمنڊو ايئرپورٽ جي ويجھو آهي، ڪنهن به طرف ايندي ويندي اهو مندر نظر ايندو آهي پر ان طرف وڃي نه سگهيس ڇو جو ان مندر ۾ رڳو هندن کي داخل ٿيڻ جي اجازت آهي. مون نه پئي چاهيو ته دوکو ڪري اندر داخل ٿيان. اهو مندر، هندن جي متبرڪ تيرٿن مان هڪ آهي، جنهن تي دنيا مان ۽ خاص طور تي هندوستان جا هندو حاضري ڀرين ٿا. هونئن پشوپتي جي شڪل واري مهر موهن جي دڙي مان به ملي آهي.
    پر هاڻي اسان وٽ پشو پتي جهڙي خاصيت رکڻ وارا يا جانورن جي حفاظت وارا ڪٿي ٿا ملن. ها اسلام ڪوٽ ٿر ۾ سنت نيڻون مل جو آشرم جانورن جي لاءِ آهي. جتي مون ڏٺو ته جهڙي ريت انسانن کي کاڌو پئي کارايو ويو اهڙي ريت پکين ۽ جانورن جي سار سنڀال به لڌي پئي وئي. مان انهن ئي خيالن ۾ دوستن وٽ آيس ۽ بختاپور جي سحرانگيز ماحول مان نڪري روڊن تي پهتاسين ته اندازو ٿيو ته زندگي ڪيڏي نه ڇتڪتائي واري آهي.
    گھر ۾ ٿوري دير آرام ڪرڻ کانپوءِ وري مان ويجھي علائقي ۾ گھمڻ نڪري ويس ۽ شام جو وري پنهنجي مخصوص ريسٽورنٽ تي ويٺس ته بيرو مون کي ڏسي ذري گھٽ ڊوڙندو مون وٽ آيو، چيائين: ”صاحب آپ ڪل نهين آيا“
    ”هان مين ڪهين گھومني گيا هوا ٿا“
    پوءِ هيڏي هوڏي نهاري چيائين: ”صاحب وه آيا ٿا“
    ”ڪون”
    ”لڙڪي، جس ڪي ليي هم ني بولا ٿا“
    ”اڇا“
    ”مين نه اسي بٺائي رکا، پر آپ نهين آيا تو واپس ڀيج ديا“
    ”اوه معاف ڪيجئي گا، آپ ڪو زحمت هوئي“
    ”صاحب ڪل بلائون؟“
    ”نهين جي صبح ڪو مين کٽمنڊو سي باهر جا رها هون، واپس آجائون تو ڦر ديکين گي“
    ”اڇا سر“ هن ٿورو مايوس ٿيندي چيو.
    اسان جي بابا جي طرف کان هڪڙي مائٽياڻي هوندي هئي جنهنکي ماسي حسنا سڏيندا هياسين. هوءَ رنگ جي صاف ۽ ڪنهن حد تائين سندس وار سونهري يا ڀورا هوندا هيا. جڏهن هو سگريٽ پيئندي هئي ته الائي ڇو اسان ننڍا ٻار اسڪول ۾ پڙهيل نظم جي آڌار تي هن کي وليم ورڊس ورٿ چوندا هياسين شايد انڪري جو ڏسڻ ۾ يوروپين لڳندي هئي. اها هڪڙي ڀيري مون وٽ آئي، ان وقت مان لاڙڪاڻي ۾ لطيف يونيورسٽي طرفان امتحانن ۾ ايڪسٽرنل ايگزمينر ٿي آيو هيس. ماسيءَ جو ننڍو پٽ به امتحان ڏئي رهيو هو. مان جيئن رائونڊ تي ويس ته ٻين سان گڏ هن کان به ڪاپيءِ وارو پنو يا عرف عام ۾ ڪارتوس پڪڙيو ته رات جو ماسي حسنا اچي نڪتي ۽ شڪايت ڪرڻ لڳي ته مون پنهنجي مائٽ جو خيال ڇو نه رکيو. مون کيس وضاحت ڏيندي چيو ته مون لاءِ اهو ممڪن نه هو ته مان ٻين کي پڪڙيان ۽ هن کي ڇڏي ڏيان ٻيو ڪهڙو مون کيس ڪاپي ڪيس ڪيو آهي. ته ماسيءَ چيو : ”پر ننڍڙو ته مائوس(مايوس) ٿي ويو نه جو مائٽ هوندي هو ڪاپي نه ٿو ڪري سگھي.“ مونکي مائوس وارو لفظ وڻيو هو.
    سو اڄ مون کي بيرو مايوس کان وڌيڪ مائوس لڳو.
    مون کيس آرڊر ڏنو. ڪافي دير اتي ويٺو رهيس ڀرسان واري ٽيبل تي ٻه نيپالي اسٽوڊنٽس پاڻ ۾ بحث ڪري رهيا مون کي سندن زبان ته سمجھه ۾ نه پئي آئي پر جيئن ته هر هر پارليامينٽ يا ڪميونسٽ جو لفظ ٻڌڻ ۾ پئي آيو، ٻيو ته هو جنهن گرمجوشيءَ سان بحث ڪري رهيا هيا ان مان اندازو لڳائي پيو سگھجي ته هو سياست تي بحث ڪري رهيا هيا. مونکي 70 ۽ 80 واري ڏهاڪي جا بحث ياد اچي ويا جيڪي اڪثر ڪري اسان جا جوان ڪندا هيا. جن ۾ سياست به هوندي هئي، ڪتاب تي به بحث ته وري عالمي مامرن تي به بحث شامل هوندو هو. مون، کانئن سندن ٽيبل تي ويهڻ جي اجازت ورتي جيڪا هنن خوشي سان ڏني. هڪٻئي جو تعارف ڪرايوسين، هو يونيورسٽيءَ جا شاگرد هيا. مون جڏهن کانئن سندن بحث جي باري ۾ پڇيو ته هنن ٻڌايو ته هو سياست تي بحث ڪري رهيا هيا، هنن مان هڪ ڄڻو ڪميونسٽ پارٽي جو هيو ته ٻيو وري ڪانگريس جو هو. سندن بحث جو موضوع وزير اعظم بابورام ڀٽاري هو. جيڪو ڪميونسٽ پارٽيءَ جو ميمبر هو. ڪانگريس واري کي هن جي وزير اعظم ٿيڻ تي اعتراض هو ته هو روين ۾ جمهوري ناهي، انڪري ڪميونسٽ پارٽي کي جيڪڏهن ڪو وزير اعظم ڪرڻو ئي هو ته ڪنهن ٻي کي ڪن ها. پر ڪميونسٽ جو چوڻ هو ته هو جمهوري طريقي سان چونڊيل وزير اعظم آهي، انڪري اهو اعتراض اجايو آهي. هنن اهو به ٻڌايو ته هي پارليامينٽ، آئين ٺاهڻ لاءِ چونڊي وئي هئي پر مقرر وقت تي آئين ٺاهي نه سگھي. جنهنڪري وزير اعظم ڀٽاري، پارليمينٽ ڊاهي ڇڏي. پاڻ نگران حڪومت جو به وزير اعظم رهيو. ان مثال جي ڪري ڪانگريس وارو ڇوڪرو پنهنجي نقطي تي وڌيڪ زور ڏئي رهيو هو. مون کانئن وڌيڪ معلومات وٺڻ چاهي. هنن ٻڌايو ته پهرين جمهوري حڪومت 1991ع ۾ ٿي جنهن ۾ ڪانگريس پارٽي کٽي آئي ۽ وزير اعظم ڪوئرالا ٿيو پر 1994ع ۾ عدم اعتماد جي تحريڪ جي ڪري کيس اقتدار ڇڏڻو پيو جنهن کان پوءِ ڪميونسٽ حڪومت ۾ آيا پر اهي به ڪجھه مهينا ئي حڪومت ۾ رهيا. ڪميونسٽن 1996ع کان بغاوت شروع ڪئي جن ۾ سندن خاص مطالبا هيا ته ٻاهرين مداخلت، ٻاهريون پيسو بند ڪيو وڃي، ان کان علاوه ٻين ملڪن سان ٿيل معاهدا جيڪي نيپالي مفادن جي خلاف آهن انهنکي ٽوڙيو وڃي ۽ زمين جي ورهاست ڪئي وڃي. اهڙا 40 کن مطالبا هيا. گوريلا جنگ جي اڳواڻي پراچندا ڪري رهيو هو. هن وقت وارو وزير اعظم ڀٽاري به ساڳي پارٽي ۾ هو. پر هنن ٻنهي جو پاڻ ۾ اختلاف به رهيو. هونئن ڀٽاري بنيادي طور تي آرڪيٽڪچر آهي، هن يونيورسٽي تائين پنهنجي تعليم انڊيا مان حاصل ڪئي ۽ اتائين پي ايڇ ڊي به ڪيائين. 2006 ع ۾ ڪميونسٽن امن ٺاهه ڪيو. نيپال مان بادشاهت 2007ع ۾ ختم ٿي. ڪميونسٽن گڏيل حڪومت ٺاهي جنهنجو وزير اعظم پراچندا هو. ان وچم ٻه ٽي وزير اعظم تبديل ٿيا آخر ۾ ڀٽاري ٿيو. جنهن کي نيون اليڪشن ڪرائڻيون آهن. مون ڪميونسٽ دوست سريش کان سامهون نظر ايندڙ ڪيسينو جي باري ۾ پڇيو ته ڇا نيپال جهڙي غريب ملڪ لاءِ اهو هجڻ صحيح آهي. جنهن تي هن وراڻيو ته اهو نيپال ۾ ضرور آهي پر نيپالين لاءِ ناهي. ڪو به نيپالي اندر نه ٿو وڃي سگھي اهو ڪنهن ٻئي نه پر حڪومت پاڻ ڪيو آهي. اتي رڳو ٻاهريان ماڻهو وڃي سگھن ٿا. هونئن به هتي ٻين ڳالهين ۾ به نيپالين کي اهو سهولتون حاصل ناهن جيڪي سياحن کي آهن. شايد انڪري جو هو هتان جي ماڻهن جون عادتون خراب ڪرڻ نه ٿا چاهن. هنن مون کان پڇيو ته ڇو توهان وٽ ايئن ناهي ڇا؟ مون چيو نه اسان وٽ رجسٽرڊ ڪيسينو يا جوا گھر ڪونهي پر هونئن الائي ڪيترا آهن. ڪنهن زماني ۾ هڪڙو ٺهيو هو جيڪو شروع ئي نه ٿي سگھيو ۽ هاڻي ته اها بلڊنگ به ڊاهي وئي آهي. جنهن تي ڪانگريس واري همراهه چيو ته جيڪڏهن هڪ هنڌ رهي ها ته حڪومت کي گھٽ ۾ گھٽ ٽيڪس ته ملي ها. مون مرڪي ماٺ ڪئي. مونکي خبر آهي ته اسان وٽ رڳو صحي نموني جي ٽيڪس صرف نوڪري وارو ماڻهو ئي ڏي ٿو جنهنجي پگھار مان ڪٽي وڃي ٿي. باقي نه ته ڪارخانيدار هجن يا واپاري يا وري سياستدان اهي ته اهڙا ڪم ڪن ئي ڪو نه. بيرو ماني کڻي آيو مون هنن کي صلاح ڪئي پر هنن انڪار ڪيو انڪري مون هنن لاءِ بيئر گھرايو. مونکان حال احوال وٺڻ لڳا ته ڪڏهن آيو آهيان، ڪيترا ڏينهن اڃان اتي آهيان، ڪهڙا ڪهڙا هنڌ گھميا اٿم ۽ ڪٿي اڃان وڃڻو آهي. کين پنهنجا گھميل هنڌ ٻڌايا. اهو به ٻڌايم ته سڀاڻي پوکرا تياري آهي جتان وري پوءِ چتاون جي جنگهل ۾ هڪ ٻه ڏينهن رهبو ۽ اتان وري لمبيني جتي پراڻو ڪپل وستو موجود آهي اهو ضرور ڏسڻو آهي ته انهن گھٽين انهن هنڌن تي گوتم ٻڌ گھميو هوندو. اتان ئي هن جي خيالن ۾ تبديل آئي هوندي، اهو هنڌ اهو ماڳ، اهو شهر ڏسڻ ضروري آهي. اتي اشوڪا جو ٺهرايل ٿنڀو به موجود آهي. هنن مائونٽ ايورسٽ جي بيس ڪميپ تي وڃڻ جو پڇيو جنهن تي مون کين جواب ڏنو ته نه هن ڀيري اتي وڃڻ جو پروگرام ڪونهي. ماني کائي، هنن کان موڪلايو جو صبح جو منهنجي تياري پوکرا ڏانهن هئي.


    پوکرا

    پوکرا جي باري ۾ مون ڪتابن ۽ انٽرنيٽ تي ڪافي تعريف ٻڌي هئي. خاص طور تي اتان جي مشهور ڍنڍ ”ڦيوا” جي باري ۾ ڪافي ٻڌو هو. هتي به جڏهن ٽريول ايجنٽن سان ڳالهه ٻولهه ٿي هئي ته هنن اتي وڃڻ جو زور ڀريو هو. انڪري مون بس ۾ بڪنگ ڪرائي هئي جيڪا صبح جو ستين وڳي وڃڻي هئي. منهنجو هتان هوٽل بوڪ ڪرائڻ جو به ارادو هو پر فيصلو ڪرڻ مشڪل هو ته اهو شهر جي ڪهڙي هنڌ آهي ۽ انجي حالت ڇا آهي. انڪري دوستن سميت منهنجو اهو فيصلو بيٺو ته اتي وڃي ڳولهي پنهنجي پسند جو هوٽل وٺجي. ڇو جو منهنجي خواهش اها هئي ته هوٽل ان ڍنڍ جي ڪناري تي هجي جي نه هجي ته به دريءَ مان اها نظر ضرور اچي. مونکي ڏاڍو سٺو لڳندو آهي ته ماڻهو دريءَ جا پردا هٽائي ته ٻاهريان قدرتي منظر نظر اچي. مون کي ياد آهي ته گھڻن هنڌن تي ايئن ٿيو آهي. جيئن سلوواڪيا ۾ اتان جي هل اسٽيشن تي جھنگ ۾ اندر ڪاٺ جي ٺهيل جھوپڙي نما گھر ۾ رهيو هيس جنهن جي اڳيان هڪ سر سبز وادي هئي ته وري ان جي پويان چيل جي وڻن وارو گھاٽو ٻيلو ۽ رات جو ٻاهر بار بي ڪيو جو مزو ورتو هو. صبح سان دري کولڻ سان وري آسمان کي ڇهندڙ وڻ نظر آيا ته مان سرشار ٿي ويو هيس. اهڙي ئي ٻي ياد وري هانگ ڪانگ جي رينيسنس هوٽل واري ڪمري جي آهي جنهن جي به هڪ ڀت جيڪا شيشي جي هئي، ان تان پردو هٽايو هئو ته سمنڊ ۾ ترندڙ ٻيڙا نظر آيا هيا. چين ۾ به هنگ چو واري ويسٽ ليڪ تي به مون انٽرنيٽ تان ڳولهي ڳولهي اهڙو هوٽل هٿ ڪيو هو جنهن جي دري جي پردي هٽائڻ سان ڍنڍ پنهنجي خوبصورتيءَ سان پئي نظر آئي. انڪري هتي به منهنجي اها ڪوشش هئي ته هوٽل ڍنڍ جي ڀرسان هجي.
    صبح جو اِندر لعل مون کي بس تائين ڇڏڻ آيو. بسن جي هڪ ڊگھي قطار هئي مختلف ڪمپنين جون بسون هيون، ڪي، اي سي واريون ته ڪي نان اي سي، اسان به گولڊن بس سروس جي بسن وٽ پهچي کين پنهنجي ٽڪيٽ ڏيکاري. هنن هڪ پريان بيٺل بس ڏانهن اشارو ڪيو. مون پنهنجو سامان همراهه کي ڏنو جنهن بس ۾ رکيو. مون اندر لعل کان موڪلايو پر هن چيو ته بس جي وڃڻ تائين هو انتظار ڪندو.
    بس ۾ آهستي آهستي ماڻهو ويهندا ويا، مونکي دريءَ جي ڀر واري سيٽ هئي. مون سان هڪ نوجوان همراه اچي ويٺو جيڪو موبائيل تي ڪنن ۾ ايئر فون وجھي گانا ٻڌي رهيو هو. مون دريءَ مان اِندر لعل کان موڪلايو. بس آهستي آهستي چرڻ شروع ڪيو. شهر جي مختلف علائقن مان گذرندي 20 منٽن کان پوءِ هڪ هنڌ تي بس بيٺي، جتان کيس ڪي مسافر کڻڻا هيا ۽ لڳي پيو ته اهو شهر جو آخري اسٽاپ آهي. ايئن ئي هيو ٿوري دير کان پوءِ بس شهر مان نڪتي ته منظر ئي تبديل ٿي ويا ۽ مون هڪ ڊگھو ساهه کنيو.
    شهر کان نڪتاسين ته اسان جي بس رڳو هيٺاهين ڏانهن سفر ڪري رهي هئي ۽ رستو جابلو هجڻ ڪري ورن وڪڙن وارو هو. رستو ڪو ايڏو ڪشادو ڪونه هو، رڳو ٻن گاڏين جي هلڻ جيترو ئي هو جنهن تي ٽريفڪ ٻنهي پاسن کان هلي رهي هئي. هڪ هنڌ ٽرڪ خراب ٿي پئي ته گاڏين کي گھڻي دير انتظار ڪرڻو پيو ۽ نيٺ ڪنهن نه ڪنهن طرح ان خراب ٽرڪ کي اهڙي هنڌ بيهاريائون ته جيئن ٻي ٽريفڪ روان دوان ٿي سگھي. صبح جو ٽائيم هو، گرمي ته هئي پر پهاڙن ۽ وڻن تي لائيٽ شيڊ جي ڪري، اس ڀلي لڳي رهي هئي. بس وارن هر مسافر کي اخبار ۽ پاڻيءَ جي هڪ ننڍي بوتل ڏني هئي. منهنجي ڀر واري جوان، بس هلڻ سان چپس جو چاٻو شروع ڪري ڏنو هو جيڪو آخر تائين ختم نه ٿيو ۽ هن ڪنن ۾ موبائيل جو هيڊ فون وجھي ڇڏيو هو.
    رستي تي رش گھڻي هئي اها به ٽرڪن جي، بسون يا ڪارون گھٽ هيون. مون پاسي واري همراهه کان پڇيو ته ايڏيون ٽرڪون هن رستي سان ڇو آهن؟ هن پنهنجي ڪنن مان ايئرفون ڪڍي، آڱر ڪنن ۾ وجھي، ڪنن کي ڌوڻيو ۽ انهن کي ٻڌڻ جي لائق بڻائي پوءِ مون کان پڇيو ته ڇا پيو پڇان. مون پنهنجو سوال ورجايو. جنهن تي هن ٻڌايو ته هي رستو ترائي واري پاسي وڃي ٿو جتان وري انڊيا سان ملي ٿو ۽ هي ٽرڪون سڀ اتان سامان کڻي کٽمنڊو پهچائين ٿيون ۽ هن ٻڌايو ته اهو سلسلو چوويهه ڪلاڪ هلندو رهي ٿو. هن وري پنهنجي ڪنن کي هيڊفون سان پُر ڪري ڇڏيو. مون وري ٿوري دير کان پوءِ هن کان پڇيو ته هن روڊ جو نالو ڇا آهي؟ پنهنجي ڪنن مان ايئرفون ڪڍي، اڱر ڪنن ۾ وجھي، ڪنن کي ڌوڻيو ۽ انهن کي ٻڌڻ جي لائق بڻائي پوءِ مون کان پڇيو ته ڇا پيو پڇان. مون کي هن جي اها حرڪت مزو ڏئي رهي هئي. هن ٻڌايو ته ان هاءِ وي جو نالو پرٿوي هاءِ وي آهي جيڪو بادشاهه پرٿوي نارائڻ جي نالي سان منسوب آهي. هونئن هي روڊ چائنا جي مدد سان 1974ع ۾ ٺهي راس ٿيو. ان ٻڌائڻ کان پوءِ گھڻي دير تائين هن پنهنجي ڪنن ۾ فون نه وڌا ته متان مان ڪو وري سوال ڪري سندس ميوزڪ جي مزي ۾ مخل ٿيان. ان وقت منهنجي ذهن ۾ ڪو سوال به ڪو نه هو، انڪري مرڪي هن ڏانهن ڏٺم ته ڄڻ کيس سگنل ملي ويو هن وات ۾ چپس وجھندي ڪنن ۾ ايئر فون وڌا. ٿوري دير کان پوءِ مونکي آنڌ مانڌ ٿي ته يار بارڊر ملي ٿو انڊيا سان ۽ وري ٺهرائي ڏي ٿو چائنا، جيڪي هڪٻئي کي ڏٺي نه وڻن! مون، هن کي وڌيڪ تنگ نه پئي ڪرڻ چاهيو. نيٺ مون کان رهيو نه ٿيو. مون هن ڏانهن منهن ڪري رڳو وات چوريو، ڇو جو خبر هئي ته هو آواز ته هونئن ئي نه ٿو ٻڌي، ٻيهر ته ضرور پڇندو. سو ايئن ئي ٿيو پنهنجي ڪنن مان ايئرفون ڪڍي، اڱر ڪنن ۾ وجھي، ڪنن کي ڌوڻيو ۽ انهن کي ٻڌڻ جي لائق بڻائي پوءِ مون کان پڇيو ته ڇا پيو پڇان. مون کانئنس پڇيو ته انڊيا سان ملائڻ وارو رستو چائنا ڇو ٺهرائي ڏيندو؟ هن ڪنهن ماهر انٽرويو ڏيندڙ جيان چيو،گڊ ڪوسئچن. پوءِ ٻڌايائين ته اڳتي هڪ هنڌ هي رستو مڙي وڃي ٿو ۽ پوکرا، ترائي ۽ انڊيا تائين ٻيو رستو مهيندرا هاءِ وي آهي. ڳوٽ ڀڃڻ تي مون خوش ٿي ساڻس هٿ ملايو ۽ هن وڏو ساهه کڻي ڪنن ۾ ايئر فون وڌا ۽ مان دري ڏي منهن ڪري مرڪندو رهيس. اصل ۾ مون کي هڪ ڳالهه ياد اچي وئي ته اسانجي آفيس ۾ هڪ ٻوڙي همراهه ٻڌڻ واري مشين ورتي. هن سان سندس ڪليگ ۽ دوست هن جي نه ٻڌڻ ڪري مذاق ڪندا هيا ۽ گار گند به ڪڍندا هيا، هڪ ڏينهن جيئن هو آفيس آيو ۽ جيئن ئي هنن کيس گار ڏني ته هن هڪل ڪري هنن کي موٽائي گار ڏني ۽ ڪن ۾ وڌل مشين ڏانهن اشارو ڪري چيائين:
    “هي ڏسو... جو .... وٺي آيو آهيان”
    سڀئي چپ ٿي ويا پر کين مزو نه پئي آيو جو هن سان مذاق نه پئي ڪري سگھيا، هڪ ٻه ڏينهن گذريو ته سندس دوستن هڪ ٽل سوچي. جيئن ئي اهو همراه سندن ڪچهري ۾ آيو ته هو سڀ بي آواز رڳو چپ چوري پاڻ ۾ ڳالهائڻ لڳا. هن همراهه ڏٺو ته سندس دوست ڳالهائين ته پيا پر کيس آواز نه ٿو اچي ته هن ڪن مان، ايئرفون ڪڍي، مون سان گڏ ويٺل همراه جيان پهريان ته ڪنن ۾ اڱر وجھي ڪن صاف ڪيا جڏهن اڃان به کيس آواز ٻڌاڻ ۾ نه آيو ته هن مشين کي هٿ سان ڌڪ هڻي وري ڪن ۾ وڌائين ته نتيجو تڏهن به ٻُڙي. جنهن تي دوستن اشاري ۾ پڇيس ته ڇا آهي؟ جواب ۾ ڪاوڙ ۾ چيائين مشين خراب ٿي پئي آهي آواز ئي نه ٿو اچي، وڌيڪ ڊاڪٽر تي ڇُوهه ڇنڊڻ لڳو :
    ”حراميءَ کي چيم به ته چائنا واري مشين نه ڏي، شام ٿيڻ ڏيو ته وڃي منهن تي ٿو هڻانس. ”دوست اندر ئي اندر ۾ کلندي هن سان سُر ملائيندا رهيا.
    رستي ۾ بس جي هڪ پاسي تي ته جبل هيا ٻي پاسي کاهي هئي، اسان جي بس کاٻي پاسي يعني جبلن واري پاسي هئي (هتي به ٽريفڪ جو نظام پاڪستان جيان آهي، کاٻي تي هلڻ وارو) ۽ جيڪي بسون هيٺاهين کان مٿي پيون آيون انهن جي پاسي کاهي هئي ۽ ٻي پاسي گاڏيون. انڪري به هيٺ وڃڻ وارا مسافر ڪنهن حد تائين مطمئن هيا. ڪلاڪ، ڏيڍ جي اڀي لاهي کان پوءِ هڪ هنڌ بس بيهاري وئي جتي ٻيون به بسون بيٺيون هيون. اتي هرڪو لٿو جن همراهن يا ماين بس ۾ ورن وڪڙن جي ڪري ٿيلهي ۾ الٽي ڪئي هئي انهن به اتي ٻاهر وڃي انهن کي ڦٽو ڪيو. اتي ٽين جي ڀتين ۽ ڇتين وارو ٽوائلٽ به هيو هڪ مردن لاءِ ۽ ٻيو عورتن لاءِ. ٻاهرين حالت ئي هن جي اندرين حالت جو احوال ٻڌائي رهي هئي، تنهنڪري مون ته ڪنهن وڻ جي اوٽ ورتي. پاسي ۾ ڪجھه جوس، بوتلن، بيئر ۽ چپس وغيره جا دڪان هيا جتان ماڻهو خريداري ڪري رهيا هيا. پندرهن منٽن جي وقفي کان پوءِ بس وري پنهنجو سفر جاري رکيو. مونسان گڏ ويٺل همراهه پنهنجو سامان کڻي پوئين خالي سيٽ تي وڃي ويٺو، شايد سمهڻ ۽ آرام ڪرڻ جي خيال کان يا وري الائي مون کان تنگ ٿي. بهرحال مون کي به خلاصي سيٽ ملي وئي.
    هتان کان رستو ايڏو اڀي لاهي وارو نه هو جيئن اڳ هو، مونکي لڳو ته ان هنڌ تي ڊرائيور رڳو پهرين يا ٻي گيئر ۾ ئي گاڏي هلائي سگھندا هوندا. صبح جي ڪري اڳ ۾ اي سي ڪم ڪري رهي هئي پر هاڻي جيئن سج چڙهيو ته اي سي به جواب ڏيڻ شروع ڪيو، ساڳو ئي حال لاڙڪاڻي واري روٽ تي هلندڙن بسن وارو، رڳو پيو فين هلي نيٺ ماڻهو چئي چئي ٿڪجي پيا جنهن ڪري مجبورن دريون کولڻيون پيون جتان هوا ته آئي پئي پر ڪا خاص ٿڌي ڪو نه هئي انڪري گرمي لڳي رهي هئي. ڪنهن ڪنهن وقت سفر ۾ اک به لڳي پئي وئي. اسان واري بس ۾ گھڻائي نيپالي مسافرن جي هئي رڳو هڪ جوڙو ڪو يوروپين، هڪ جپاني ڇوڪرو ۽ ٻيو مان ٻاهريون هيس.
    هاڻي اسان سان گڏ سفر ۾ ندي به هئي جنهنجي پاڻي جو رنگ اسان جي ندين جي پاڻيءَ کان مختلف هو ۽ ان جو رنگ ٿاڌل(بادامين واري) جهڙو هو. منظر تبديل ٿي ويا هيا. هاڻي ڪنهن حد تائين منظر سوات ۽ ڪاغان جهڙا هيا. ٿڌ اوتري نه هئي. پر چڱي خاصي گرمي هئي. ڇاڪاڻ جو اسان هاڻي هيٺاهين طرف وڃي رهيا هياسين ۽ پوکرا کٽمنڊو کان هيٺ آهي. ٿوري دير لاءِ ننڊ اچي وئي تقريبن يارهين وڳي اسانجي بس اچي هڪ هنڌ بيٺي. جتي اسان کي ٻڌايو ويو ته 30 منٽن جو اسٽاپ آهي ناشتو وغيره ڪري وٺو. اتي رڳو هڪ ريسٽورنٽ هيو پر هيو خوبصورت جڳهه تي، بالڪل نديءَ جي ڪناري سان وڻن جي وچ ۾، ٻاهر وڻن هيٺان به ويهڻ جو بندوبست هو ته اندر به، پر گھڻن ماڻهن ٻاهر ويهڻ کي ترجيح پئي ڏني. مان به اندر ويس ته جيئن کائڻ لاءِ ڪجھه وٺي سگھجي. اتي ڪافي کاڌا ٺهيل هيا، جن ۾ چانور، ڀاڄيون، ڪڪڙ، دال وغيره هئي. اهڙن هنڌن تي ماڻهو گھڻين مشڪلاتن کان آزاد ٿيو پئي جو ڪنهن به ٻوليءَ ۾ نالن مان کاڌي جي باري ۾ ڌُڪو لڳائڻ ڏکيو آهي. سو سامهون پيل کاڌن مان، مون دال ۽ ماني ورتي ته جنهن سان گڏ هنن ٿوري سبزي به ڏني. مان ٻاهر اچي ڪا ويهڻ لاءِ جڳهه ڏسڻ لڳس ته هڪ هنڌ مونکي خالي ڪرسي نظر آئي. اتي ٻيا نوجوان بڪشو به پنهنجي مخصوص ڊريس ۾ ويٺا هيا. ساڻن هڪ ڇوڪري به هئي شايد ڪنهن هڪ جوان جي دوست هئي. هنن مون کي جو ڏٺو ته هي پنهنجي لاءِ رڳو دال ماني وٺي آيو آهي ته هنن پنهنجي مختلف کاڌن مان کائڻ جي آفر ڪئي جيڪا مون مهربانيءَ سان موٽائي. هنن مونکان انڊيا ۾ رهڻ واري هنڌ جي باري ۾ پڇيو ته مون کين ٻڌايو ته مان پاڪستان جو آهيان. کانئن پڇڻ تي معلوم ٿيو ته هو ٻڌمت جي تعليم انڊيا جي شهر ديرادون ۾ پرائي رهيا آهن، هاڻي هو ويڪيشن تي پنهنجي گھر آيا آهن. سندن گھر پوکرا جي پاسي ۾ ڪنهن ڳوٺ ۾ هو. هنن مونکي چيو ته پوکرا جي ڀرسان به ٻڌن جي تعليم گاهه آهي جيڪا ضرور گھمڻ وڃان. اسان جي پريان ويٺل ٽيبل تي جپاني ڇوڪري سان هڪ نيپالي ڇوڪِري ويٺي هئي، جيڪا کيس ٻڌائي رهي هئي ته هن نديءَ جو نالو تِرشُولي ندي آهي. پر مونکي لڳو ته جپاني ڇوڪرو کيس نظر انداز ڪري پنهنجي فوٽوگرافي ۾ لڳل هو. مونکي افسوس ٿيو ته اهڙي حسين هنڌ تي حُسن جي توهين ٿي رهي آهي. ته مون اتان ويٺي ويٺي ان ڇوڪريءَ کان پڇيو ته “ان نديءَ جو نالو اوهان ڇا ٻڌايو؟”
    ته هن وراڻيو “ترشولي“،
    مون چيو مطلب، جنهن تي هُن آڱوٺي ۽ آڱرين جي مدد سان ڪجھه سمجھائڻ جي ڪوشش ڪئي. مون کي سمجھه ۾ نه آيو ته ٻڌ بڪشن پڇيو ته مان هندو آهيان يا مسلمان؟ مسلمان. مون کين ٻڌايو ته ان تي چوڻ لڳا پوءِ توکي خبر نه هوندي. اها ڇوڪري اٿي مون وٽ آئي ۽ پنهنجي هٿ ۾ منهنجو هٿ ۾ وٺي ريسٽورنٽ اندر وٺي وئي ۽ شوا جي لڳل فوٽوءَ ۾ هن کي هٿ ۾ پڪڙيل ترشول جي باري ۾ چيائين ته :
    ”هماليا ۾ ويهي جڏهن شوا ترشول زمين ۾ هنيو ته اتان ٽي چشما نڪتا جن مان هي ندي آهي ”تِرشُولي“.
    مون کيس داد ڏيندي چيو :”ايئن سمجھاءِ نه فقيرياڻي!“.
    مونکان پڇيائين: ”توکي شوا جي باري ۾ خبر آهي؟ ”مون کيس وراڻيو ته ٿوري ٿوري. جنهن تي هن چيو:
    ”ته پوءِ تون ان وقت ڇو نه سمجهو جڏهن مون توکي نالو ٻڌايو ترشُولي“. جنهن تي مون کيس چيو ته اسان ترشول چوندا آهيان (پيش کان بغير)، سو انڪري نه سمجھي سگھيس.
    مون مرڪي کيس چيو ته ”ٻيو جيستائين مون کي ڪوئي سختيءَ سان نه سمجھائيندو آهي ته سمجھه ۾ نه ايندو آهي جيئن هاڻي تون ڪاوڙ ۾ منهنجو هٿ پڪڙي هن تصوير جي آڏو آڻي مونکي باتصوير سمجھايو.“
    هن مرڪي چيو ”ڪاوڙ ۾ ڪٿي هيس“
    ”الائي سٽڪو ته منهنجي ٻانهن کي ايئن ڏنئي جيئن ماسترياڻي پنهنجي شاگرد کي بورڊ آڏو آڻي سمجھائيندي آهي“
    ”يو آر وِٽي“
    ”نه نه مان صحيح ٿو چوان“
    هن کلندي ۽ ريسٽورنٽ کان ٻاهر نڪرندي چيو ته: ”توهان صحيح سڃاتو، مان ماسترياڻي آهيان، موڪل تي گھر پوکرا پئي وڃان“
    ”صدقو“ منهنجي وات مان بي اختيار نڪتو.
    ڪنهن به خوبصورت شئي کي ڏسڻ، ڪنهن خوبصورت آواز يا شاعري کي ٻڌڻ سان يا وري ڪو خوبصورت منظر ڏسڻ سان منهنجي اندران امالڪ اهو آواز نڪرندو آهي “صدقو“. ان تي منهنجي هڪ سنگتياڻي به ڪاوڙجي پئي هئي جڏهن هن ڪنهن خوبصورت ڇوڪريءَ جو نالو کنيو هو ته مونکان اوچتو نڪري ويو هو
    “صدقو“
    جنهن تي هن خار ۾ چيو هو ”هر ڏائڻ تان صدقو وڃڻ صحيح ناهي، صدقي جي معنا جي خبر ٿي، تون ڇو ٿين ان بلا تان صدقي“
    ريسٽورنٽ مان نڪري، پسمنظر ۾ ندي ۽ پهاڙ نظر ايندڙ وڻ هيٺيان بيهي هُن پڇيو:
    ”وات يو سي“
    ”نٿنگ جسٽ آءِ واز ايڪسٽائيڊ“
    ”ايڪسٽائيڊ ابائوت وات“
    ”ابائوٽ پوکرا“
    مان ڳالهه لنوائي ويس. پر هن جي مرڪ مان لڳو ته هوءَ ”صدقو“ جو مطلب سمجھي چڪي هئي. منهنجي من اندر به چڻنگايون تيليون ٻرڻ لڳيون هيون.
    بس ۾ ويهڻ وقت مون دعا گھري
    ”ميري خدا، مجهي اتنا تو معتبر ڪر دي
    مين جس مڪان مين رهتا هون اس ڪو گھر ڪردي“.
    سڀ مسافر بس ۾ ويٺا، مون سمجھو ته هاڻي منهنجو پاسو به ڀريل هوندو پر ايئن نه ٿيو هوءَ وڃي ساڳي هنڌ تي ويٺي. بس، زندگيءَ جيان ڪڏهن آهستي، ڪڏهن تيز هلندي رهي. مان به ڪڏهن گھيرٽ ۾ ته ڪڏهن سجاڳ، ڪڏهن گرمي پئي جاڳايو ته ڪڏهن جھاڪن. هتي مون کي نديءَ جي ڪناري سان مختلف هنڌن تي پاڪستاني ٻولي ۾ بجري يا واري لاءِ ٺهيل “دِڪا” نظر آيا، جيڪي نديءَ مان پٿر ڪڍي ان کي ڪريش ڪري رهيا هيا ته وري ڪٿي نديءَ مان واري، عمارتن ٺاهڻ لاءِ ڪڍي پئي وئي. مون کي نديءَ مان پٿر يا واري ڪڍي ان کي ڪرش ڪري ڪم آڻڻ وارو ڪم بنسبت ٽڪرين يا پهاڙين کي ڪٽي ڪوري، ڊائناميٽ سان اڏائي، پٿر ڪڍي ڀور ڀور ڪري انهن کي عمارتي ڪم ۾ ڪتب آڻڻ کان بهتر لڳو. ڇو جو نديءَ جي کوٽائي خود نديءَ لاءِ بهتر آهي. اونهي ٿيندي ته ٻوڏ گھٽ ايندي. هونئن ان نديءَ ۾ ڪجھه وقت اڳ پاڻي وڌي وڃڻ ڪري، نيپال ۾ ٻوڏ به آئي هئي ۽ ڪيترا ماڻهو بي گھر ٿيا هيا، مئا هئا. پر مونکي ڪٿي سنڌ جيان ٻوڏ متاثرين جي ڪا به ڪيمپ نظر نه آئي.
    هڪ ڳالهه مون محسوس ڪئي ته مسافر پاڻ ۾ ڳالهائي گھٽ رهيا هيا، نه ته جيئن اسان وٽ ٻه ڄڻا ويجھو ويٺي به پاڻ ۾ ايتري وڏي آواز سان ڳالهائيندا آهن جو پوءِ سندن سڄي بڪواس پوري بس کي ٻڌڻي پوندي آهي. مصيبت اها آهي ته جي چئه ته چوندا ته اسان پنهنجي سيٽ تي ويهي پاڻ ۾ ٿا ڳالهايون توکي ڇا آهي. بهرحال بس ۾ خاموشي هئي. جيڪڏهن ڪنهن کي ميوزڪ ٻڌڻي هئي ته پنهنجي ڪن ۾ هيڊ فون وجھي موبائل تان يا ايم پي 4 تان گانا ٻڌي رهيا هيا. خير ڪڏهن ڪڏهن ان شور ۽ بس ۾ گانن جو مزو به پنهنجو آهي ۽ خاص طور تي جڏهن رات جو سفر هجي. مونکي ياد آهي ته تفتان ۽ ڪوئيٽا جي وچ ۾ بس ۾ سفر ڪري رهيو هيس. تفتان، مان سلوواڪيا مان ٽرين ذريعي ۽ بس وسيلي سفر ڪندي، هنگري، رومانيا، بلغاريا، ترڪي ۽ ايران ڪراس ڪري پهتو هيس. اهو 1990ع جو زمانو هو، ان وقت هاڻي جيان اي سي بسون نه هلنديون هيون. رڳو فورڊ جون ڪُمي ٽائيپ بسون ۽ هفتي ۾ ٻه دفعا پاڪستان ريلوي جي ٽرين هلندي هئي. سو جنهن ڏينهن مان پهتو هيس ته ان ڏينهن ٽرين ڪونه هئي. مون بس ۾ سفر ئي شروع ڪيو، بارڊر تي مونکي ٻه سوئزرلينڊ جا ٽوئرسٽ به مليا هيا، جيڪي ڪوئيٽا گھمڻ کانپوءِ مون وٽ لاڙڪاڻي، موهن جو دڙو ۽ ڪوٽ ڏجي به گھمڻ آيا هيا.(هاڻي ته ٻاهريان سياح پاڪستان ۾ ڳولهيو نه ٿا لڀن). سو بس ۾ پهريان ته اسان ٽئي ڄڻا مٿي وڃي ويٺا هياسين اهڙي نموني سفر ڪرڻ ڪري هنن کي ته ڏاڍو مزو اچي رهيو هو پر برپٽ، بيابان مان هلندي مون کي به ڏاڍو مزو اچي رهيو هو. رات جو هيٺ لهي اچي بس ۾ اندر ويٺاسين جيڪا سٿي پئي هئي سيٽن جي وچ ۾ به ماڻهو ويٺا هيا ۽ انهن سان گڏ ٻڪريون به هيون. سو مون ڳالهه پئي ڪئي ته چانڊوڪي هجي چوطرف ڪجھه به نظر نه پئي آيو رڳو اسان جي بس سفر ڪري رهي هئي ۽ ان وقت بس ۾ لتا جا گانا تمام گھڻو لطف ڏئي رهيا هيا. تنهنڪري ڪڏهن ڪڏهن گوڙ شور به ضروري آهي.
    ڪلاڪ ڏيڍ جي سفر کان پوءِ وري اچي بس هڪ ريسٽورنٽ تي بيٺي جنهني کي هاءِ وي ريسٽورنٽ پئي سڏيو ويو ۽ بورڊ تي جڳهه جو نالو گونادي يا گوناري لکيل هو، انگريزي ۾ ته ڊي لکيل هئي انڪري پڪ نه هئي ته د آهي يا ر. بهرحال اهو ريسٽورنٽ سٺو ۽ وڏو ٺهيل هو. هيٺ نيپالي کاڌو پئي مليو ته مٿي وري انڊين ۽ ڪانٽينينٽل، مون کي بک ڪو نه هئي جو ڪجھه وقت اڳ ۾ ته ماني کاڌي هئي. انڪري مان پنهنجو وقت فوٽوگرافيءَ ۾ گذارڻ لڳس ۽ ٽنگون به ساهڻ لڳس. اتي هڪ تلاءَ ۾ ڪنول جي گل جو فوٽو ڪڍي رهيو هيس ته پويان آواز آيو:
    ”دو يو لائيڪ ڪمل“
    ”ييس ويري مچ“
    مون مڙي ڏٺو ته“صدقو” بيٺو هو.
    ”اسين هن کي پسند ڪرڻ سان گڏ مانُ به ڏيندا آهيون جو اسان جي هندو مذهب ۾ ديوتائن سان ڪنهن نه ڪنهن نموني اهو گل جڙيل رهي ٿو. ڀڳوت گيتا ۾ آهي ته ماڻهوءَ کي به ڪنول جيان ٿيڻ کپي، جيئن ڪنول گندي پاڻي کان مٿاهون هوندو آهي ۽ پاڻي کي نه ڇهندو آهي اهڙي ريت انسان کي به گناهن جي ڇهاءَ کان پري رهڻ کپي“
    ”اسان وٽ به ڪنول خوبصورتي جي علامت آهي ۽ اسان جي شاعري ۾ به ان جو ذڪر گھڻو ملي ٿو. پر اسانجي هڪ شاعر ٻي نموني ان کي پيش ڪيو آهي ته
    ”هن سَر جي گدلي سينور ۾ هي نيل ڪنول به ته ڏوهي آهي“ يا وري اسان جي عظيم شاعر چيو آهي ”ڪنول پاڙون پاتار ۾، ....“ انکان علاوه به اسان جي شاعري ۽ ادب جي ٻين صنفن ۾ ان کي وڌيڪ اهميت آهي“
    ”نيپالي ادب ۾ به ايئن آهي، پر اتفاق سان مون کي هن وقت ڪو حوالو ياد نه ٿو اچي“
    ”ڪا ڳالهه ناهي، باقي اسان ڪنول جي گل، پتي کان وٺي ان جي پاڙ به کائيندا آهيون“
    ”اسان وٽ به ڪنهن حد تائين ايئن آهي”پوءِ هن ٻڌايو ته هو بِهه به کائن ٿا.
    مون پنهنجو نالو کيس ٻڌايو ته هن هٿ ملائيندي چيو ”الپنا“
    مون جواب ۾ کيس چيو ته ”مائٽن نالو چونڊي رکيو اٿو“
    ”توهان کي الپنا جي معنا جي ڄاڻ آهي؟“
    ”منهنجي حساب سان ته ان جي معنا “خوبصورت” ٿيندي“ هن جي مک تي مرڪ تري آئي.
    ”جي بالڪل“
    بس هارن ڏيڻ شروع ڪيو. مسافر بس ۾ ويهڻ شروع ٿي ويا هيا، مان به بس ۾ وڃي ويٺس، بس ۾ پنهنجي سيٽ تي ويٺس ته ٿوري دير ۾ الپنا اتان گذري جنهن چيو ته هو پنهنجو سامان کڻي مون وٽ اچي ٿي، مون پنهنجي دعا مڪان سي گھر بنادي واري جي ايتري جلدي قبوليت ڏسي پنهنجو پاڻ کي پهتل محسوس ڪرڻ لڳس.
    الپنا، منهنجي سيٽ تي اچي ويٺي لڳو ته ڄڻ پاروتي ديوي ڪيلاش پربت تان هلي اچي پاڻ سان اتان جي جابلو گلن، پهاڙي جھرڻن، چوٽين جي عظمت کڻي مون سان ويٺي آهي. ٻاهر جا منظر به ڄڻ هڪدم بدلجي ويا. مون الپنا کان پڇيو ته :
    ”توهان جو جپاني دوست ته ناراض نه ٿيندو.“
    تنهن تي هن چيو ”ڪهڙو دوست هو ته مون سان رڳو بس ۾ ويٺو هو. اڪيلو سمجھي مان کيس هتان جي باري ۾ ٻڌائي رهي هيس پر لڳي ٿو ته هن جي دلچپسي انسانن کان وڌيڪ پهاڙن ۾ آهي. يا اهو به ٿي سگھي ٿو ته مان هن سان ڳالهيون ڪري کيس ڪنهن ڏچي ۾ نه وجھان. انڪري لنوائيندو هجي“
    ”ٿي سگھي ٿو“
    ”پر توهان هتان جي هر ڳالهه ۾ دلچسپي وٺو ٿا“
    ”خاص ڪري زنده ۽ خوبصورت انسانن ۾“ مون ٽهڪ ڏيندي چيو ته هن به کلي ڏنو.
    الپنا، مون کان پڇيو ته پوکرا ۾ ڪٿي رهندس جنهن تي مون چيو ته مون کي ڪا خبر ناهي اتي وڃي جاچ ڪندس ڇو جو مون کي ليڪ جي ڀرسان رهڻو آهي جنهن تي هن وراڻيو ته ليڪ جي ڀرسان ته کوڙ هوٽل آهن. پنهنجي لاءِ ٻڌايائين ته هو پوکرا شهر کان ٿورو ٻاهر ويٺل آهي. وري پڇيائين ته مون ڪنهن کي گائيڊ لاءِ چيو آهي ته مون ننهنڪر ڪئي جنهن تي به ان چيو ته نئين ماڻهو کي گائيڊ ڪرڻ ضروري آهي جو ٿوري وقت ۾ چڱيون جڳهون گھمي سگھي ٿو. چيائين ته سندس هڪ سهيلي آهي جيڪا گائيڊ طور تي به ڪم ڪندي آهي، ان جو نمبر هن وقت ساڻ ڪونهي گھر وڃي اتان ڳالهائي ٻڌائينديس. مون کيس چيو ته توکي گائيڊ ٿيڻ ۾ ڪهڙو اعتراض آهي؟
    ”مان ڪا پروفيشنل گائيڊ ناهيان، انڪري انهن جڳهن جي باري ۾ تفصيل سان نه ٻڌائي سگھنديس“
    ”مان به ڪو پروفيشنل ٽوئرسٽ ناهيان“ انتي هوءَ کلي ويٺي ته سندس ڊمپل وڌيڪ گھرا ٿي ويا. مون کيس چيو ته:
    ”اها ڪا وڏي ڳالهه ناهي“
    ”چڱو اتي پهچي توکي ٻڌايان ٿي“
    ڳالهين ڳالهين ۾ هن ٻڌايو ته هتان جي ماڻهن جي آمدني ٿوري آهي هتي وچون طبقو تمام گھٽ آهي يا ته ماڻهو امير آهن يا وري غريب. انڪري هتان جا گھڻا مرد ٻاهرين ملڪن ۾ ڪم ڪرڻ وڃن ٿا جتي به اهي ٻين کان گھٽ پگھار تي ڪم ڪن ٿا. تنهنڪري هتي اهڙيون کوڙ ڪمپنيون آهن جيڪي ٻاهرين ملڪن ڏانهن ماڻهن کي موڪلن ٿيون. مونکي پي آءِ اي جي جهاز ۾ ايتري تعداد ۾ نيپالين جو نظر اچڻ جو مطلب سمجھه ۾ اچي ويو. پي آءِ اي جي دوستن به ٻڌايو ته هتي اسان جي ڪمپني مقابلي ۾ ٻين کان بهتر آهي. ڪرايو به گھٽ اٿس ۽ هن جا گلف جي ملڪن سان ڪراچي مان فلائيٽس به آهن جنهنڪري گھڻو ڪري فلائٽس فل ملن ٿيون.
    رستي ۾ ننڍا ننڍا واها نظر آيا جن جو پاڻي به جوهي جي دلن جهڙي مٽيءَ جهڙو هو. مون الپنا کان پڇيو ته هي نالا ترشولي نديءَ مان نڪتل آهن. هن جواب ۾ وراڻيو نه اهي سيتي ندي مان آهن، سيتي جو مطلب آهي سفيد، پاڻي جي رنگ ڪري ان کي ان نالي سان سڏيو ويندو آهي. هاڻي آثارن مان لڳي پيو ته منزل جي ويجھو آهيون. الپنا ٻڌايو ته هوءَ ايندڙ اسٽاپ تي لهي ويندي، جو اتان سندس ڳوٺ لاءِ بس ملندي، 20 منٽن کان پوءِ پوکرا جو بس اسٽاپ به اچي ويندو.
    هوءَ موڪلائڻ لڳي ته مون کيس چيو ته:
    ”ڪو نان پروفيشنل گائيڊ هجي ته منهنجي لاءِ هٿ ڪجان“
    هن کلي مون کي ڀاڪر پاتو.
    بس پوکرا جي اڏي تي پهتي، اڏو هڪ ميدان ٽائيپ هو ۽ ان هنڌ تي مختلف هوٽلن وارا پنهنجا نالن ۽ ڪي وري مسافرن جي نالي وارا پلي ڪارڊ کڻي بيٺا هيا مون انهن طرف نهاريو ئي ڪونه جو مون کي خبر هئي ته منهنجي انتظار ۾ ڪوئي نه هوندو. بس مان سامان اڃان ڪڍان ئي پيو ته هڪ جوان منهنجي ڀرسان آيو ۽ پڇيائين ته:
    ”توهان کي هوٽل جي ضرورت آهي؟“
    مون چيو ”آهي ته سهي پر، مونکي ليڪ تي رهڻو آهي ۽ مان پاڻ وڃي ڏسي ڳولهي پوءِ هوٽل پسند ڪندس“
    ”هن چيو ته ليڪ جي ڪناري سان صرف هڪ فائيو اسٽار هوٽل آهي، باقي ٻيا هوٽل ڪناري سان ٺهيل روڊ ڪراس ڪرڻ کان پوءِ ئي آهن. اسانجو هوٽل به اهڙي هنڌ تي آهي، اوهان مون سان منهنجي گاڏي ۾ هلو، جي هوٽل پسند هجي ته رهجو نه ته ٽيڪسي سمجھي اسان کي ڪرايو ڏجو“
    مون کي هن جي اها راءِ سٺي لڳي. ساڻس گڏ گاڏي ۾ ويهي رهيس. ٿوري جھٽ کان پوءِ روڊ شروع ٿيو ان جي کاٻي پاسي ڦيوا ليڪ ۽ ساڄي پاسي دڪان، رسٽورنٽ ۽ هوٽل هيا. ڏهن منٽن جي پنڌ کان پوءِ ديپڪ وارن جي هوٽل تي لٿاسين. روڊ ڪراس ڪرڻ سان ليڪ هئي سڀ کان پهريائين هوٽل جو ننڍو باغيچو ۽ ريسٽورنٽ هيو. ننڍي بلڊنگ ٺهيل هئي ٻه ماڙ جنهن جي هر ماڙ تي چار ڪمرا هيا. مونکي ٻي ماڙ تي ڪمرو ڏيکاريائون جنهن جي اڳيان ٻاهر ويهڻ لاءِ آڳر هيو، ڪمرو ۽ باٿ روم به صاف سٿرو ۽ ان ۾ اسپلٽ لڳل هو. مون کي وڻيو. قيمت پڇا ڪيم 1500 روپيا ٻڌايائين، مون پڪائي ڪئي ته 300 گھٽ ڪيائين. مون اهو ڪمرو ورتو. ڇو جو ٽيرس ۾ بيهڻ سان هڪ طرف ليڪ پئي نظر آئي ته ٻي ڀر وري پهاڙ نظر اچي رهيا هيا. ڪمري ۾ ٻنهي طرفن کان وڏيون شيشي جون دريون ۽ انهن مٿان اڇا ريشمي پردا هيا. مطلب ته صفائي، لوڪيشن ۽ سجاوٽ ۾ مون کي وڻيو، ٿوري دير ۾ هڪ ڳيرو اچي ڪمري جي سامهون واري ڀت تي ويٺو.
    سڀ کان پهريائين ته وهنجي سهنجي آرام ڪيو، پر ٿڪ هوندي به ننڊ نه پئي آئي. مون نيپال ۾ اچي هڪ ڳالهه محسوس ڪئي ته مونکي ننڊ گھٽ پئي آئي. هڪ ته جڳهه تبديل ٿيڻ جي ڪري ٻيو وري هتي صبح جي روشني جلدي پکڙجي وڃي ٿي، ان ڪري به جاڳ ٿيو پئي. تنهن ڪري ٿڪ ته ڄڻ لهي ئي نه ٿو. ڪلاڪ ڏيڍ جي رليڪس ٿيڻ کان پوءِ ڪيميرا واري بيگ ڪلهي ۾ وجھي، پاسپورٽ ۽ ٻيون شيون ڪمري ۾ رکيل سيف ڊپازٽ ۾ رکي ٻاهر نڪري پيس. سڀ کان پهريان ته ڍنڍ تي هليو ويس، جنهنجو پاڻي ڏاڍو سانت، ڪناري تي گھاٽا ساوا وڻ، چوڌاريون پهاڙيون به وڻن ڪري سايون، انهن جا پاڻيءَ ۾ پوندڙ عڪس گھڻو دل لڀائيندڙ هيا. ليڪ جو ڪنارو وٺي اڳتي وڌندو ويس هڪ هنڌ پتڻ تي ٻيڙيون بيٺل هيون جيڪي سياحن لاءِ هونديون پر شام ٿي وڃڻ ڪري بند ڪيون ويون هيون انهن جا رکوالا صفائي وغيره ڪري رهيا هيا.
    اڳتي ڍنڍ جي وچ تي ننڍو ٻيٽ نظر اچي رهيو هو جنهن تي ريسٽورنٽ ٺهيل هو ۽ ڪناري تي بيٺل ٻيڙي گراهڪن کي اتي ڇڏي ۽ کڻي پئي آئي. واڪ وارو رستو به ڪناري سان ٺهيل هو جنهن جي ڀر ۾ پيل بينچن يا وڻن هيٺيان رکيل بينچن تي پريمي پيار ڪري رهيا هيا. بهرحال هڪ خوبصورت منظر هو، جيستائين اوندهه نه ٿي اتي موجود هيس. اتان اٿي پنڌ ئي پنڌ فوٽ پاٿ وٺي اڳتي نڪري ويس، ڇو جو مون کي محسوس ٿيو ته اسان وارو هوٽل يا ته شروعات ۾ هو يا پڇاڙي ۾ هو. اڳتي مختلف دڪان ۽ ريسٽورنٽ هيا. مونکي سٺو لڳي رهيو هو. آسمان تي ڪار ا ڪارا ڪڪر ٺهي آيا هيا ۽ ڪنهن به وقت برسات پوڻ جو امڪان هو انڪري هڪ ريسٽورنٽ جي ڏاڪڻ چڙهي مٿي ويهي رهيس جتان ريسٽورنٽ به نظر پئي آيو ته پريان ليڪ ۽ پهاڙ به پئي نظر آيا. ٿور ي دير ۾ تيز برسات شروع ٿي وئي. ماڻهن دڪانن جي ڇپرن ۾ پناهه وٺڻ شروع ڪئي. منهنجي سرشاري کي اڃان سرور ملي ويو. ان ئي وقت موبائيل جي گھنٽي وڳي، کنيم ته الپنا هئي. پڇا ڪيائين ته ڪٿي آهين، مون کيس ٻڌايو ته هنڌ ته الائي ڪهڙو آهي پر منظر خوبصورت آهي کيس پوري منظرڪشي ڪري ٻڌائي ته چيائين: ”پوکرا جي مان به آهيان پر اهڙو منظر ته مون ڪٿي ڏٺو ئي ناهي.“
    مون چيو ته ان ۾ ڪجھه موسم، ڪجھه ڪيف ۽ ڪجھه تنهنجي خوشبوءِ جو آهي جيڪا مون سان چُهٽي پئي آهي. ٻئي طرف وري کِل وسيلي جھرڻن جي موسيقي شروع ٿي وئي. چيائين ته هوءَ مون وٽ صبحاڻي صبح جو پهچندي ته پوءِ گڏجي اتان جا ٻيا هنڌ گهمنداسين. مان پرجوش نموني کيس چيو ته ضرور ۽ هن کي پنهنجي هوٽل جي لوڪيشن ٻڌائي.
    اونداهي ٿيڻ شروع ٿي وئي هئي، برسات ڪنهن وقت زور گھٽايو پئي ته وري ڪنهن وقت وڌايو پئي. ٿوري دير کان پوءِ پريان ميوزڪ جو آواز ٻڌڻ ۾ پئي آيو مون بيري کان پڇيو ته اهو ڇا جو ۽ ڪٿي آواز آهي؟ جنهن تي هن وراڻيو ته اهو پريان نديءَ جي ڀرسان ريسٽورنٽ آهي جتي ڪلچرل ڊانس وغيره ٿيندي آهي. ٿوري دير کانپوءِ منهنجا قدم ان ريسٽورنٽ ڏانهن کڄي رهيا هيا. ريسٽورنٽ نديءَ جي ڪناري تي باغيچي جي وچ ۾ هو. ان کان اڳ ۾ لانڍي نما هال ۾ ٽيبلون ۽ ڪرسيون رکيل هيون برسات جي ڪري ماڻهو اتي ويٺا هيا، ڪي گھڻا ماڻهو ڪونه هيا. مان به ان ڇاپري جي ٻاهران واري پاسي کان ٿي ويٺس، سامهون هڪ ننڍي اسٽيج ٺهيل هئي جنهن ۾ فنڪارن جو ٽولو نيپالي ڊريس ۾ هو. هڪ همراهه مائيڪ کڻي تعارف ڪرايو ته ڪهڙو گيت ڳايو ويندو سچ اهو آهي ته اها نيپالي لهجي واري انگريزي ٺپ سمجھه ۾ نه آئي. پر جڏهن به نيپالي ڇوڪريون اسٽيج ته اچي ڊانس ڪرڻ لڳيون ته سمجھه ۾ اچي ويو. سندن ڊريس به ڪنهن حد تائين ٿرين جهڙي هئي ۽ جيڪو لوڪ گيت ڳايو پئي ويو ته ان جي ڌن به اوپري نه پئي لڳي. تمام سٺي ڊانس هئي. مزو اچي ويو. ان کان پوءِ وري هڪڙي ڇوڪري جنهن کي ڪرتو ۽ چوڙي دار پاجامو پيل هو ان غزل ٻڌايو، آواز ان جو ايڏو سٺو ڪونه هو. هارمونيم تي جيڪو همراهه هو، اهو سڀني جو استاد لڳي پيو. کيس اڇي پينٽ شرٽ پاتل هئي ۽ ڪلين شيو هو، مونکي ڪنهن حد تائين پراڻي بنگالي اداڪار رحمان جهڙو لڳو، شايد شبنم جي پهرين فلم ۾ هيرو به اهو هو، ان فلم جو نالو شايد درشن هو. اسٽيج جي ڀرسان هڪ دٻو رکيل هو جنهن تي ٽِپ لکيل هو مطلب هو ته جيڪڏهن فنڪارن کي ڪو داد پيسن ذريعي ڏيڻ چاهي ته ان دٻي ۾ وجھي. مون به بيري کي سڏي کيس ان دٻي ۾ وجھڻ لاءِ پيسا ڏنا. پهرين ٻوهڻي ئي شايد مون ڪرائي. انجو اندازو اهو ٿيو جو هو مون ڏانهن ڏسي رهيا هيا. وري سي ڊي تي ڪو لوڪ گيت هلايائون جنهن تي پڻ ڇوڪرين ۽ ڇوڪرن ڊانس ڪئي. ان مان هڪ ڇوڪري ۽ ڇوڪريءَ جا اسٽيپس سٺا هيا. باقي ٻيا شامل باجا هيا. جڏهن رحمان واندو ٿيو ته مون بيري کي چيو ته ان کي مون ڏانهن موڪلي. هو مون وٽ آيو مون کيس ڪجھه پيڻ جي صلاح ڪئي هن پهريائين ته ننهڪر ڪئي پر منهنجي زور ڀرڻ تي وهسڪي لاءِ چيو. مون کانئنس معلومات ورتي ته اها ڪهڙا گيت آهن، گھٽ ۾ گھٽ انهن جو تعارف ته انگريزيءَ ۾ ٻڌائن جنهن تي هن چيو ته سندس اصل ڪمپيئر اڄ نه آيو آهي ۽ ٻين جي انگريزي مڙئي پوري ساري آهي. انڪري کين اها مشڪلات پيش اچي رهي آهي. گانو پورو ٿيڻ وارو هو هن مون کان موڪلايو. اهڙي ريت مختلف گانا ۽ ڊانس تمام ڀرپور ۽ جاندار نموني پيش ڪيون ويون، هنن هڪ ٻه هندي غزل ۽ گيت به ڳايا. هر 15 منٽن کان پوءِ منهنجي طرفان بيرو ٽپ باڪس ۾ ٽپ وجھي رهيو هو. وچ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر مون وٽ اداڪار رحمان آيو، مون هن لاءِ وهسڪي جو آرڊر ڏنو. مون کان پڇڻ لڳو ته شو ڪيئن آهي مون تعريف ڪئي. هن کي مون چيو ته مون کي معنا سمجھائي يا وري پروگرام پوري ٿيڻ کان پوءِ مون کي ٽائيم ڏي. جنهن تي هن حامي ڀري ته پروگرام پوري ٿيڻ کان پوءِ گڏجي ويهون ٿا. مون کي پنهنجي پويان سنڌيءَ ۾ڳالهائڻ جو آواز آيو، مون ڏٺو ته هڪ ٿلهو همراه پنهنجي گھر واري سان گڏ هو. مون کي اهي کٽمنڊو به نظر آيا هيا. هو پاڻ ۾ ڳالهائي رهيا هيا ته هي صحيح پروگرام آهي نه، جنهن ۾ فيملي انجواءِ ڪري سگھي ٿي نه ته ٻيا پروگرام ته الائي ڇا آهن. مون هنن ڏانهن ڏسڻ کان بغير پٺيرو ئي پڇيو ته سائين ڪٿان جا؟ مون سمجھيو ته چوندا انڊيا جا، ڇو جو سندن لهجو هندو ڀائرن جهڙو هو. همراهه ٻڌايو ته “شهدادڪوٽ“،
    هن وري مونکان پڇيو ”توهان ڪٿان جا؟“
    ”لاڙڪاڻو“
    ”سائين ڇا ڪندا آهيو؟“
    ”انجنيئر آهيان آن فارم واٽر مينيجمينٽ ۾“
    الائي ڇو مون کي ياد اچي ويو ته اسانجي دوستن جو هڪ دوست به ان ڊپارٽمينٽ ۾ آهي. مون کانئنس پڇيو:
    ”سائين بِي اِي ڪٿان؟“
    ”مهراڻ مان“ مونکي پڪ ٿي ته هي اهو ساڳو شخص آهي.
    ”سائين سر سيد هاسٽل ۾ رهندا هيا؟“
    ”جي“
    ”سائين ٺارومل ته ناهيو؟“
    هن کان دانهن نڪري وئي. هن جي شريمتي جي چهري تي به فخر جون ريکائون نظر آيون ته منهنجو مڙس ملڪان ملڪ مشهور آهي. مون کيس ٻڌايو ته اسانجو دوست نديم گل عباسي به ان هاسٽل ۾ رهندو هو ۽ توهان سان هن جي گھڻي حجت هوندي هئي. ٺارومل پنهنجي ذهن تي گھڻو زور ڏنو پر ڏسن پتن باوجود، مونکي سڃاڻي نه سگھيو. ٿوري دير کان پوءِ هو به روانا ٿي ويا ڇو جو پروگرام ختم ٿي ويو هو. هتي به يارهين وڳي ريسٽورنٽ بند ڪيا پئي ويا. آهستي آهستي ماڻهو روانا ٿي ويا.
    مون بيري کي سڏي پڇيو ته ”ڇا وڃڻ ضروري آهي ڇا؟“. ته هن چيو :
    ”توهان کي جيڪي شيون کپن ته اهي وٺو، ڇو جو پوءِ اسان ٻاهريون در بند ڪنداسين اوهان ڍنڍ ڪناري باغيچي ۾ ويهي سگھو ٿا“.
    مون رحمان کي سڏيو ته هنن سڀني کي جيڪو کپي تي ٻڌائي ته جيئن وٺي ڇڏيو. هن چيو ته بس هڪ وهسڪيءَ جي بوتل وٺو سڀ پيئندا. مون ٻه گھرايون.
    سڄو ثقافتي ٽولو ۽ مان وڃي ليڪ ڪناري رکيل ڪرسين تي هڪ گول جي صورت ۾ ويٺاسين. رحمان هارمونيم کڻي پنهنجي آڏو رکي. هر هڪ سپ ڀريو، پوءِ سنگيت جي شروعات ٿي. هنن سڀني گڏجي هڪ لوڪ گيت ٻڌايو. مون کي ٽرانسليٽ ڪري ٻڌائڻ واري هڪ ڇوڪري هئي جيڪا ڊانس ۾ سٺي هئي مون سندس ڊانس جي تعريف ڪئي ته هو شرم ٻوٽي بڻجي وئي. هن مون کي اهو ضرور چيو ته لوڪ گيتن جو هڪ پس منظر ٿيندو آهي، لفظن جي پويان هڪ گھرو مطلب هوندو آهي پر ترجمي ڪرڻ سان اهو روح مريو پوي. هن پوءِ ان جو ترجمو ٻڌايو
    Kukura lai kuti kuti biralo lai suri
    (ڪتي لاءِ گُلر، گُلر لاءِ ٻلي، ميائون ، ميائون
    اسانجو پيار چوواٽي تي انتظار ٿو ڪري)
    Resham phi-ri-ri, Resham phi-ri-ri,
    Udera jau ki dan-dama-bhanjyang Resham phi-ri-ri.
    (جيئن ريشمي رومال هوا ۾ آزاديءَ سان اڏامي ٿو
    تيئن مان به پهاڙين جي مٿان اڏامڻ چاهيان ٿي )
    Ek nale bunduk, dui nale bunduk, mirga lai take ko.
    Mirga lai mailey take ko hoeina maya lai dau key ko.
    (هڪ نالي بندوق، ٻه نالي بندوق هرڻ جي نشاني تي
    اها هرڻ تي نه پر منهنجي پيار جي نشاني تي آهي)
    Resham phi-ri-ri, Resham phi-ri-ri,
    Udera jau ki dan-dama-bhanjyang Resham phi-ri-ri
    Resham phi-ri-ri, Resham phi-ri-ri,
    Udera jau ki dan-dama-bhanjyang Resham phi-ri-ri.
    Sano ma sano gaiko bachho bhirai ma, Ram, Ram
    Chodreh jauna sakena mailey, baru maya songhai jaum
    (وَڇڙي منهنجي پهاڙي اڀي چوٽيءَ تي خطري ۾
    مان انکي اتي ڇڏي نه ٿي سگھان، هل ته منهنجا سڄڻ گڏ هلون)
    Resham phi-ri-ri, Resham phi-ri-ri,
    Udera jau ki dan-dama-bhanjyang Resham phi-ri-ri.
    Resham firiri Udera......resham firiri
    Kukura lai....suri
    timro hamro.....kuri
    هوءَ هر هر چوندي رهي ته ان جو مطلب اهو لفظي نه ڪجھه ٻيو آهي. مون کيس چيو ته دنيا ۾ اهو هر ٻوليءَ جو الميو آهي ته ان کي ان روح سان ڪنهن ٻي بوليءَ ۾ ترجمو نه ٿو ڪري سگھجي پر تون وري به گھڻي ڪوشش ڪئي. مون کيس اهو به چيو ته هونئن گاني ٻڌڻ وقت لفظ سمجھه ۾ نه ٿا اچن پر جڏهن انهن کي تحت اللفظ پڙهجي ٿو ته پوءِ ڪافي لفظ سمجھه ۾ اچن ٿا. جيئن ڪتي، اڊيرا، اڪ نالي، دونالي بندوق، چڌر جائون، سڪينا وغيره.
    نيپالي گانن کان پوءِ هنن هندي گيت ڳائڻ شروع ڪيا. پهريائين ته هنن جگجيت جو غزل ڳايو:
    تم ڪو ديکا تو يي خيال آيا
    زندگي ڌوپ تم گھنا سايا
    پوءِ رڳو ڪشور ڪمار ۽ مڪيش جا گانن جا دور به هلندا رهيا. انهن ۾ ڪي جلد ئي مست ٿي سن باٿ لاءِ رکيل پلاسٽڪ جي لائونجن تي سمهي پيا.
    منهنجي ترجمي واري دوست پنهنجو نالو ڀاگيشري ٻڌايو جنهن تي مون کانئس پڇيو اهو نالو اٿس يا ڳائڻ ۽ ڊانس جي شوق جي ڪري پاڻ تي اهو نالو رکيو اٿائين، ڇو جو اهو ته راڳ جو نالو آهي. جواب ۾ هن چيو ته منهنجي پيءُ ماءُ اهو نالو رکيو آهي.
    ”ڀاڳيشري راڳ خبر ٿي ڪڏهن ڳائبو آهي؟“ مون هن کان پڇيو ته چيائين
    ”رات جو دير سان، جيئن هاڻي رات جو پهر آهي“
    ”ڀلا، انجو روح يا مقصد ڇا آهي؟“
    ”ها، عورت جي جذبن جي نمائندگي ڪري ٿو جيڪا پنهنجي محبوب سان وصل جي لاءِ بيتاب آهي“
    ”توکي ان راڳ ۾ ڪجھه ڳائڻ ايندو آهي؟“
    ”نه نه، مونکي ڪو راڳ نه ايندو آهي، باقي ڪجھه جھونگاريندي آهيان“
    ”فقيرياڻي پوءِ خدا جي ڏني مان اسان کي به ڪجھه ٻڌاءِ“
    هن گھڻي ننهن ننهن ڪئي، نيٺ هن هڪ غزل ٻڌايو
    وه عشق جو هم سي روٺ گيا
    اب اس ڪا حال بتائين ڪيا
    وه عشق جو هم سي روٺ گيا
    اب اس ڪا حال بتائين ڪيا
    ڪوئي مهر نهين، ڪوئي قهر نهين
    ڦر سچا شعر سنائين ڪيا
    وه عشق جو هم سي روٺ گيا
    اب اس ڪا حال بتائين ڪيا
    هوءَ غزل ڳائي رهي هئي ۽ سندس نظرون مون سان ملي رهيون هيون ته ڪڏهن وري ڦيوا جي پاڻيءَ ڏانهن نهاري رهي هئي. هن مونکان پڇيو ته اهو هندي غزل مون ٻڌو آهي ته مون وراڻيو:
    ” اهو هندي نه پر اردو غزل آهي مون کي فريده خانم جي آواز ۾ وڻندو آهي پر ان کان وڌيڪ مونکي پنهنجي هڪ سهيليءَ جي آواز ۾ گھڻو وڻندو هو ٻيو وري اڄ تون به سٺو ڳايو آهي. باقي مونکي راڳ جي خبر نه پوندي آهي پر لڳي ٿو ته اهو راڳ ڀيروي ۾ آهي“
    هن جي نيڻن ۾ هڪ چمڪ، هڪ احساس يا ايئن چئجي ته احساسن جا آبي پکي هيا جيڪي هن جي اکين جي ڍنڍ تي تري رهيا هيا. مون سندس نيڻن ۾ نهاريو ته الائي ڇو شمشير ياد اچي ويو
    تنهنجي نيڻن ۾ جو نهاري ويو
    ڄڻ ته سنڌو جي ٻي ڪناري ويو
    ان وقت مونکي لڳو ته اتي شمشير سنڌوءَ کي استعاري طور ڪم آندو آهي نه ته ٻي ڀر، ڪجھه ٻيو آهي. هونئن اهي تير، اهي ڀالا جيڪي نظرن جا هجن يا نخرن جا اهي ئي منزلون طئي ڪرائن ٿا. منزل به اها جيڪا ٻي منزل جو ڏس ڏي ٿي. پوءِ آهي سفر ۽ رڳو سفر، پاڪ سنڌوءَ مانسرور ڍنڍ کان نڪري، لداخ مان ٿيندي ايڏو سفر طئي ڪري جڏهن سمنڊ سان جنگ جوٽي سمنڊ ۾ گم ٿي پنهنجي سفر جي پڄاڻي ڪري ٿو. هتي ذڪر ان سنڌوءَ جو آهي. اهي سنڌو هر ماڻهوءَ جي زندگي ۾ آهن.
    مون کي لڳو ته ڦيوا ليڪ به هڪ دريا آهي جيڪو پاڻ سان الائي ڪيترا دريا گڏ کڻي هلي ٿو ڪي يادن جي دريا ڪي پيار جا دريا ۽ ڪي وري محبت ڪندڙ جي ڇڏيل داستانن جا دريا. ڀاڳيشري ۽ مان به ان ڏينهن گھڻن داستان جو گواهه ڦيوا کي بڻايو. صبح جو ٻين وڳي اتان واپس ڪمري تي آيس.
    ٻن ٽن ڪلاڪن جي ننڊ کانپوءِ وري جاڳ ٿي وئي، هوٽل مان نڪري ڦيوا تي آيس اتي ڪي ماڻهو واڪ لاءِ اچي رهيا هيا ته ڪي وري عبادت ڪري رهيا ۽ ڪي جوان فشنگ ڪري رهيا هيا. هڪ ننڍي بتيلي ۾ چپوءَ سان هڪليندي هڪ فارينر نظر آئي جيڪا ايڪسرسائيز جي خيال کان بوٽنگ(روئنگ) ڪري رهي هئي. مان مٿي ۾ گھڻو سور ۽ لوندڙيون ڌنوندي محسوس ڪري رهيو هيس، سوچيم ته گھٽ ننڊ جي ڪري آهي. پر ٿوري دير کان پوءِ نڪ تي هٿ لڳائڻ سان احساس ٿيو ته نڪهير به اچي رهي آهي. ان ڳالهه مون کي پريشان ڪيو ته اهو سڀ ڪجھه هاءِ بلڊ پريشر جي ڪري ته ناهي. ڪجھه وقت کان مون کي اها شڪايت رهي ٿي اصل ۾ مون کي ڪا به شڪايت نه رهي پر ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن سبب ڪري بلڊ پريشر چيڪ ڪرائيندو هيس ته اهو هاءَ هوندو هو. انڪري مون هوميوپيٿي جو ڪجھه دوائون شروع ڪيون هيون.
    ڪمري تي اچي تياري ڪرڻ لڳس اڄ مون هڪ ٽيڪسي ڪرائي تي ڪئي هئي جنهن تي مون کي پوکرا جا مشهور هنڌ ڏسڻا هيا. ٿوري دير ۾ در تي ٺڪ ٺڪ ٿي، در کليو ته حسن جي ديوي اڇي ڊريس ۾ هٿ ۾ چمپا جا گل کنيو بيٺي هئي. مون پنهنجون ٻانهون کوليون ته ٻانهون هٻڪارجي ويون.
    ”ويلڪم ماءِ گائيڊ“ مون الپنا کي ڀليڪار ڪندي چيو
    ”نو نو، ڊونٽ سي لائيڪ دس، سي ويلڪم ماءِ فرينڊ“
    ”اوڪي ويلڪم ماءِ فرينڊ“
    ايتري دير ۾ ديپڪ به آيو جنهن ٻڌايو ته گاڏي اچي وئي آهي. اسان ٻئي گاڏي ۾ ويٺاسين ته ڊرائيور چيو ته ڪٿي هلڻو آهي مون کيس چيو:
    ”هوٽل واري اڳ ۾ توهان کي ٻڌايو آهي ته ڪٿي ڪٿي هلڻو آهي انڪري توهان پاڻ طئي ڪيو ته پهريان ڪٿي ۽ آخر ۾ ڪٿي؟“
    ”ييس سر“ گاڏي پوکرا جي رستن تي هلڻ لڳي.
    اسانجي گاڏي هڪ مندر جي آڏو بيٺي. ڊرائيور چيو ته اوهان ٿي اچو.
    مندر مٿي هو، اسان ڏاڪا چڙهندا وڃي رهيا هياسين مان پنهنجو پاڻ کي پوئتي رکيو جو هندن جي ريتن رسمن جي مون کي ڪا گھڻي خبر نه هئي. الپنا، اڳتي هلي رهي هئي. اتي ئي گيندي جا گل، ڪي وري ٺهيل ٺڪيل ٿالهيون وڪڻي رهيا هيا، جن ۾ عبادت ۾ استعمال ٿيندڙ گھڻيون شيون پيل هيون. هڪ عورت اهڙي ٿالهي الپنا جي طرف وڌائي ته هن مون ڏانهن ڏٺو. مون کيس ڪنڌ جي هلڪي اشاري سان هاڪار ڪئي. مندر ۾ اندر الپنا آرتي وارا سڀ انگ پورا ڪيا. پوءِ منهنجي آڏو اچي هن ٿالهي ۾ رکيل سيندور/رنگ مان آڱر ٻوڙي منهنجي پيشانيءَ تي لڳائي ۽ هڪ پتاشو منهنجي وات ۾ وڌو. خبر ناهي ڇو اهو سڀ ڪجھه سٺو لڳي رهيو هو ۽ هن جي چهري تي به انڊ لٺ جا رنگ لهي چڙهي رهيا هيا. هونئن ان نشان جي ڪري منهنجي عجيب ڪيفيت ٿي وئي ڇو جو لڳو ته اها جڳهه روشني ڏئي رهي آهي. مونکي احساس ٿيو ته واقعي به پيشانيءَ جي ان نقطي تي ڪجھه آهي. ڇو جو ٽين اک به اتي ڏيکاري ويندي آهي، ٻيو اسان جون مائرون به ٻارن جي پيشانيءَ تي سُرمي سان ٽڪو ضرور ڪڍنديون هيون.
    ٻاهر نڪرڻ سان وري مونکي نڪهير آئي. جنهن تي الپنا پريشان ٿي وئي. مون کيس چيو ته گرميءَ جي ڪري آهي. پر حقيقت ۾ مان به پريشان ٿي ويس. مان زندگي ۾ گھٽ بيمار ٿيندو آهيان. جڏهن پاڪستان ۾ ويدن اهو ٻڌايو ته مونکي هاءِ بلڊ پريشر آهي ته پريشاني به ٿي ته هن جوانيءَ (51 سالن ۾) مون کي بيماري ٿي آهي. خير، هن کي دلاسو ته ڏنم پر مونکي پاڻ پريشاني ٿي. مندر تان هيٺ لهي الپنا ڊرائيور کي چيو ته ته ڪنهن ڊاڪٽر وٽ هلي، هو اتان ئي هڪ گھٽيءَ ۾ اسان جي محلي جي ننڍين ڪلينڪن جيان تي هليو. جتي هڪ ڪمپائونڊر ويٺل هو جنهن ٻڌايو ته ڊاڪٽر ڪونهي. مون کيس پنهنجو عارضو ٻڌايو هن بلڊ پريشر چيڪ ڪيو ته 190 ۽ 110 هو. هن چيو ته ڊاڪٽر ڪونهي هو مونکي رڳو اهڙي دوا ڏئي سگھي ٿو جيڪا پيشاب آڻي ته جيئن پريشر گھٽجي. جڏهن مون کيس نڪهير جو ٻڌايو ته هن چيو ته ڪنهن اسپتال وڃو. ان وچ ۾ مان هوميوپيٿي جي دوا جيڪا منهنجي ڪيميرا واري بيگ ۾ رکيل هئي اها پيئندو رهيس. هڪ اسپتال پهتاسين اها به خانگي هئي بلڊ پريشر وغيره چيڪ ڪيو ويو ته ٿورو گھٽ هو پر هنن چيو ته هنن وٽ به ڊاڪٽر دير سان ايندو. ته ٽيڪسي وارو وري هڪ ٻي ڪلينڪ تي وٺِي هليو اها ايريا، حيدرآباد جي صدر جهڙي هئي جتي ڊاڪٽرن ۽ ميڊيڪل اسٽورن جي جمعا بازار لڳل هئي. هڪ ميڊڪيل اسٽور تي وياسين هنن ڪنهن کي فون ڪئي ۽ ٻڌايائون ته ڊاڪٽر 15 منٽن ۾ ايندو. جيڪو 20منٽن کان پوءِ آيو. هن منهنجو بلڊپريشر چيڪ ڪيو جيڪو 180 ۽ 100 تائين اچي چڪو هو. هن مون کي ٻڌايو ته اهو ٿڪ جي ڪري، اوچائي جي ڪري يا گرميءَ جي ڪري به ٿي سگھي ٿو.
    هن وڌيڪ چيو ته: ”اهو فزيڪل ريزن جي ڪري نه ٿو لڳي. انڪري مان توهان جي اِي سِي جِي به نه ٿو ڪيان.“
    ڊاڪٽر نوجوان هو. هن ٻڌايو ته هو آمريڪا ۾ پڙهي آيو آهي ۽ سندس ڪافي دوست پاڪستاني آهن. الپنا هن کان پڇيو ته”هي پنهنجي ٽوئر ته برقرار رکي سگھي ٿو نه؟“ جنهن تي ڊاڪٽر چيو:
    ”بلڊ پريشر جون دوائون کائيندو رهي بس ڪو مسئلو ناهي سڄي دنيا ائين ٿي هلي“
    هن کان موڪلائي، دوا وٺي ٻاهر نڪتاسي. ڊرائيور پڇيو: ”سر هوٽل“ مون چيو نه پروگرام تحت اڳتي هلو. اسان اتان ٿي هڪ هنڌ آياسين جنهن جي گيٽ تي لکيل هو ”سيتي رور گورج، ڪي آءِ سنگھه پول“. سچي ڳالهه اها آهي ته گورج جي مون کي خبر نه هئي پوءَ مون موبائيل واري ڊڪشنري ۾ ڏٺو ته انجي معنا هئي ته ٻن جبلن جي وچ ۾ سوڙهي ماٿري ۾ وهندڙ چشمو. هتي به ايئن هو، اسان کي هيٺ جبلن جي وچ مان پاڻي ڪرڻ جو آواز پئي آيو پر ڪٿي ڪٿي نظر پئي آيو. اتي هڪ ٽنيل مان پاڻي پئي آيو جيڪو ڪجھه مفاصلو طئي ڪري. وري ٽنيل ۾ پئي ويو. پاڻي اهو ئي جوهي جهڙو جنهن ڪري ان کي سيتي يا سفيد سڏيو پئي ويو. گھمڻ لاءِ لوهي پل ٺهيل هئي اتي هندوستان جا ڪجھه سياح به نظر آيا.
    اتان نڪرڻ سان ڊرائيور ٻڌايو ته سامهون ئي گورکا ميوزيم آهي اها ڏسي وٺو. اسان ٻئي ان طرف وڌياسين. ميوزيم اندر گورکن جي زندگي جي باري ۾ خاص طور تي انهن جي انگريزن جي فوج ۾ ڪيل خدمتن تي فوٽو ۽ هٿيار پيل هيا. انگريزن ۽ گورکن جي وچ ۾ 1814ع ۾ جنگ لڳي جنهن ۾ هو ڏاڍي جوانمردي سان وڙهيا، سندن نعرو هوندو هو ”جي مها ڪالي، آيو گورکالي“، هنن جي ان بهادري سان وڙهڻ انگريزن کي متاثر ڪيو ۽ پوءِ هنن انڊين آرميءَ ۾ گورکن کي ڀرتي ڪيو جيڪي پوءِ هر محاذ تي وڙهندا رهيا. ايستائين جو جنرل ڊائر جي حڪم تي جليانوالا باغ ۾ عام شهرين تي گوليون هلايون، اها ٻي ڳالهه آهي ته ان ۾ سک، پٺاڻ، بلوچ ۽ سنڌ رائفلز جا جوان به شريڪ هيا.
    ٽيڪسي ڊرائيور جيڪو پاڻ به گورکو هو ان ٻڌايو ته هن وقت به هتان جا ماڻهو انگريزن جي فوج ۾ شامل آهن ۽ اتي انهن کي شهريت به ڏني وڃي ٿي. اسانجي ٽيڪسي هاڻي پوکرا شهر جي جي ايئرپورٽ واري پاسي وڃي رهي هئي جتي پهاڙي ميوزيم آهي. ميوزيم خوبصورت ۽ هڪ ڪشادي هنڌ تي هئي. چوڌاري ساوڪ ۾ گھريل هئي ۽ ان کان علاوه ميوزيم جي بلڊنگ به سٺي ٺهيل هئي. ان ميوزيم ۾ دنيا جي مختلف ملڪن ۾ پهاڙي ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي جي باري ۾ معلومات هئي. ان کان علاوه نيپال جي ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي، جبل تي چڙهڻ ۾ استعمال ٿيندڙ اوزار، مختلف چوٽين جا فوٽو لڳل هيا. ان ميوزم جي ٻاهران ٺهيل ريسٽورٽ به ڌاڍو سٺو ٺهيل هو، جنهن ۾ ڪافي پيڻ جو پنهنجو هڪ مزو هو. الپنا مون کان اڳتي جو پروگرام پڇيو، مون کيس چيو ته:
    “هونئن ته منهنجو پروگرام هتان چتاون جنگل ۽ پوءِ لُبيني وڃڻو هو جو اتي گوتم ٻڌ جو شهر ڪپل وستو ڏسڻو هو. پر صبح ئي هوٽل واري بڌايو ته ان طرف زوردار برساتون پئجي رهيون آهن، انڪري اوڏانهن وڃڻ جو پروگرام ڪينسل ٿو ڪيان“
    ”ته ڇا توهان هتان وڃڻ ٿا چاهيو ڇا؟“ سندس منهن لهي ويو هو.
    ”ها، هتي جي لاءِ ٻه اڍائي ڏينهن کوڙ هيا“
    ”يا ڪو ٻيو سبب آهي؟ توهان بلڊ پريشر جي ڪري ته پريشان نه ٿي آهيو؟“
    ”ها ڪجھه ايئن به آهي“
    ”پريشان ڇو ٿا ٿيو، مان توهان سان گڏ آهيان؟“
    ”مهرباني، پر هتان پاڪستان لاءِ ٻه فلائٽون آهن، هڪڙي پرينهن ويندي، ٻي وري ٽن ڏينهن کان پوءِ، انڪري مان پرينهن واري ۾ واپس وڃڻ چاهيان ٿو“
    ”توهان جي مرضي“ ائين چئي هوءَ خاموش ٿي وئي.
    ٽيڪسي واري اسان کي هوٽل تي ڇڏيو. مون ديپڪ کي چيو ته هو سڀاڻي. کٽمنڊو وڃڻ جي لاءِ ڪا فلائيٽ بوڪ ڪرائي“
    اسان ڪمري تي آياسين تڏهن به الپنا خاموش ئي رهي. مون کانئنس پڇيو ته ناراض آهين ڇا؟ جنهن تي هن وراڻيو ناراض ته نه پر اداس ضرور آهيان.
    ٻاهر تيز برسات شروع ٿي چڪي هئي دري جي سنهن پردن مان شيشن تي بارش جا ڦڙا نظرا چي رهيا هيا.
    ديپڪ ٿوري دير ۾ اچي ٻڌايو ته رڳو هڪ سيٽ ملي رهي آهي، ان ڪري بوڪ ڪرائڻ هاڻي ضروري آهي نه ته پوءِ اها به نه ملندي. مون کيس بوڪ ڪرائڻ لاءِ چيو.
    الپنا اٿي بيٺي، چيائين ته :
    ”مان وڃان ٿي“
    ”ڇو؟“
    ”پوءِ ڳوٺ جي بس نه ملندي“
    ”تون رڳو ايتري ٽائيم لاءِ آئي هئينءَ ڇا؟“
    ”نه، پر تو وٽ به ٽائيم ڪونهي، ته پوءِ رهي ڇا ڪيان؟” سندس اکين ۾ ميگھه مهار شروع ٿي چڪو هو.
    مون کيس پرچائيندي چيو: ”سمجھڻ جي ڪوشش ڪر، باقي اڄ شام ته مان آهيان هتي، شام جو گڏجي ڊنر ڪيون پوءِ سڀاڻي تون وڃجان“
    هو ڪجھه دير خاموش رهي ۽ دريءَ کان ٻاهر برسات ڏسندي رهي.
    برسات جي ڍري ٿيڻ سان الپنا چيو: ”اچ ته ڦيوا تي هلون“
    اسان ٻئي ڄڻا هوٽل مان نڪري روڊ ڪراس ڪري، ڦيوا جو ڪنارو ڏئي واڪ ڪري رهيا هياسين ته هُن پڇيو
    ”تنهنجو جُوڻ بدلجڻ واري ڳالهه ۾ ڪيترو يقين آهي؟“
    ”ڪو گھڻو نه پر، سائنس جو شاگرد هجڻ جي ناتي مادي جي تبديل ٿيڻ واري نظرئي ته مادو نه ڪڏهن پيدا ڪري سگھجي نه ان کي ختم ڪري سگھجي ٿو پر ان جي شڪل کي تبديل ڪري سگھجي ٿو، ۾ يقين آهي“
    ”ڀلا، ان ۾ ڪيترو يقين اٿي ته ڪي ماڻهو پهرين نظر ۾ سٺا ۽ پنهنجا لڳندا آهن، ڪي وري پهرين نظر ۾ زهر لڳندا آهن“
    ”ها ايئن ته هر ڪنهن سان ٿئي ٿو، ڇو جو هر ماڻهو جي پنهنجي هڪ ميگنيٽڪ فيلڊ ٿئي ٿي، جنهن مان نڪرندڙ ڪرڻا جي اڳلي سان ميچ ڪن ٿا ته هو هڪٻئي لاءِ مثبت سوچ رکن ٿا نه ته ان جي ابتڙ آهي“
    هوءَ اوچتو ريلنگ جي سهاري بيهي رهي، سندس پس منظر ۾ پاڻي ۽ وچ ۾ ٻيٽ جي وڻن جا عڪس پاڻي ۾ پئجي رهيا هيا، مون ڏانهن منهن ڪري، منهنجين اکين ۾ گھوريندي هن چيو:
    ”ڪنهن زماني ۾ مونکي انهن ڳالهين ۾ گھڻي دلچسپي هوندي هئي، مان رياضتون ڪندي هيس، منهنجي خيالن ۾ کوڙ واقعا ۽ لقاءَ جنم وٺندا هيا. هڪ ڏينهن مان لمبيني وئي هيس، توکي ته خبر آهي ته اتي جي گھٽين ۾ هڪ عجيب احساس جنم وٺندا آهن. مونکي لڳو هو ته ان هنڌ تي مان اڪيلي نه آهيان مونسان گڏ ٻيو به هڪ همسفر آهي پر جيڪو نظر نه اچي رهيو هو. اتي اشوڪا جي ٺهرايل ٿنڀي وٽ ته مون کي پنهنجي ڪياڙي تي هن جي ساهن جو احساس به ٿيو مڙي ڏٺم ته ڪوئي ڪو نه هو. اتي مون کي هڪ ساڌو مليو، جنهن جون جٽائون پاڻ ۾ ملي ويو هيون اهي وار گھٽ وگ يا ٽوپي وڌيڪ لڳي رهيا هيا. مون سندس چرڻ ڇهيا ته هن پنهنجون اکيون کوليون. سندس اکيون ڳاڙهيون لعل هجن پر انهن ۾ هڪ عجيب چمڪ، هڪ زندگي هئي. هن مون کان پڇيو ”ڏسندينءَ ڇا؟“
    مان ته پهريائين ڊڄي ويس ۽ خبر نه پئي ته هو ڇا جي باري ۾ پيو پڇي. پوءِ وري هن پڇيو:
    ”ڏسندينءَ؟“ مون وري حيراني مان هن ڏٺو ته هن پنهنجي سوال کي واضح ڪندي چيو
    ”ان کي ڏسندينءَ ڇا جيڪو توسان گڏ گڏ هلي رهيو آهي؟“
    منهنجي جسم مان ڄڻ ساهه ڇڏائجي پيو هجي. هن مونکي هٿ سان سڏيو، مان ڊڄندي ڊڄندي هن وٽ ويس ته هن پنهنجي ڳچيءَ مان هڪ مالها لاهي، ان جي پتلي ۾ ڏسڻ لاءِ چيو. ان ۾ مون ڏٺو ته ڪجھه نظر نه آيو، هن پڇيو ته نظر آيو ته مون انڪار ڪيو ته هن منهنجي مٿي تي هٿ رکي چيو ته :
    ”هاڻي ڏس!“ مون ڏٺو ته هن ڀيري مون کي اتي هڪ ڌنڌلي تصوير نظر آئي جيڪا پوءِ چٽي ٿيندي وئي، هڪ بڪشو نظر آيو، مخصوص ڊريس ۾ ڏاڙهي، مٿو ڪوڙيل، منهن تي هڪ مُرڪ، مون پنهنجي ذهن تي زور ڏنو ته ڇا ڪڏهن اهڙي شڪل واري ماڻهو سان ملي آهيان؟مونکي ڪو به جواب نه سجھيو. ان ڏينهن کان پوءِ اهو بڪشو منهنجي خيالن ۾ نظر ايندو هو. خوابن ۾ ايندو هو ۽ هو مونکي سڏيندو هو. هڪ ڀيري مون کي خواب ۾ نظر آيو ته ترشولي ڪناري هڪ وڏي وڻ هيٺيان هن سان بيٺي آهيان. جڏهن ان ڏينهن توکي مون ترشولي ڪناري ڏٺو، ۽ توکي هٿ کان وٺي ريسٽورنٽ ۾ ترشول جي تصوير ڏيکارڻ وئي هيس ته ان وقت تائين مونکي ڪو احساس نه هو پر جڏهن تون مون سان ڳالهايو ۽ مان غور سان توکي ڏٺو ته منهنجي تصور ۾ ساڳو بڪشو اچي ويو. فرق رڳو اهو هو جو توکي وار، مڇون هيون ۽ جينز ۽ ٽي شرٽ پهريل هئين. منهنجي حيرت جي حد نه رهي گھر وڃي ته تنهنجي ۽ ان بڪشو جي تصوير هڪٻئي جي مٿان اوور ليپ ٿيڻ لڳيون.
    انڪري مون کي گھڻي خوشي ٿي هئي ۽ لڳو ته مون کي اهو ساٿي يا رهبر مليو آهي جنهن جي تلاش مون کي صدين کان هئي. انڪري ئي توسان ملڻ لاءِ هتي هلي آيس ۽ اهو سوچيو هو ته توسان رهنديس ۽ توساڻ رهاڻيون ڪنديس پر تون ته وڃڻ جو پروگرام ٺاهي ڇڏيو آهي، پر خير آهي، ان ۾ به ڪا منشا هوندي“.
    ايئن چئي هو وري هلڻ لڳي. مونکي هن جي ڳالهين حيرت ۾ وجھي ڇڏيو ۽ سوچن ۾ اڳتي وڌي رهيو هيس ته اڳتي ٻيڙيون بيٺل نظر آيون. هن چيو ”هل ته بَراهي مندر گھمي اچون“.
    هڪ ٻيڙيءَ واري سان پيسا طئي ڪري ڍنڍ ۾ وڌڻ لڳاسين. پاڻي ڏاڍو ماٺو هو، ڀرپاسي جي وڻڪاري ڪري سائو لڳي رهيو هو. اسان هڪ ٻيٽ طرف وڃي رهيا هياسين ٻيٽ ويجھو ايندو ويو ڏاڍو خوبصورت هو، وڻن سان ٽمٽار، خاموش. جيڪي ياتري هيا اهي به خاموش هيا. مندر جي زيارت ڪئي سين، ننڍو مندر هو ان جو آرڪيٽيڪچر به نيپالين اسٽائل وارو هو. مون مندر ڏٺو، الپنا عبادت ڪئي ان کان پوءِ اسان هڪ شاهي وڻ هيٺيان اچي ويٺاسين. هن ٻڌايو ته هو اڪثر ڪري هن مندر ۾ اچي عبادت ڪندي هئي ۽ ميڊيٽيشن به هن هنڌ تي ڪندي هئي هوءَ خيالن ۾ گم ٿي وئي. مون کانئنس ان مندر جي باري ۾ پڇيو ته ڪنهن ٺهرايو ۽ ڪنهنجي نالي سان آهي؟ هوءَ ته ڄڻ ڪا آتي ويٺي ئي هن تفصيل سان ٻڌائڻ شروع ڪيو ته:
    ”ڪنهن زماني ۾ هڪ ڳوٺ ”پانچاسي“ ۾ ٻه ديوتا بَراهه ۽ ڀاير رهندا هئا. ماڻهو انهن ٻنهي جي پوڄا ڪندا هيا، انهن جو پاڻ ۾ هڪ ڀيري بحث ٿي پيو ته هنن مان وڌيڪ طاقتور ڪير آهي؟ نيٺ هنن پنهنجين پنهنجين شڪتين جي وسيلي هڪٻئي کي چِت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. اها جنگ سالن تائين هلي، جيڪا آخر ۾ ڀاير کٽي ويو. براهه کي پنهنجي شڪست تي شرمساري ٿي ۽ هو اتان لڏي ”ماٿم“ هليو ويو. جتي هڪ هنڌ پاڻي جي تلاءَ جي وچ ۾ هڪ دڙي تي مندر ٺاهي رهڻ لڳو، ڪجھه وقت کان پوءِ هڪ سنت به پنهنجي گھر واريءَ سان اتي اچي رهڻ لڳو ۽ براهه جي عبادت ڪرڻ لڳو. ان سنت وٽ هڪ سنک هوندو هو جيڪو ٻين عام سنکن بجاءِ کاٻي طرف کلڻ جي ساڄي طرف کلندو هو. هن کي داهن سنک يعني ساڄو سنک چيو ويوندو هو. اهو سنک برهه ديوتا جي عبادت وقت وڄندو رهندو هو ۽ ڪنهن ڏينهن عبادت ۾ وقفو پئجي ويندو هو ته اهو سنک مختلف آواز ڪڍندو هو جنهنڪري اهو سنت ڊڄندو هو ته اهو آواز ڪنهن مصيبت ڏانهن اشارو ٿو ڪري انڪري هو پنهنجي عبادت ۾ خلل نه وجھندو هو. ڪنهن به حادثي کان بغير ڪافي ڏينهن گذري ويا ان سنک کي چورائڻ لاءِ ٻه ڦورو تيار ٿيا، هونئن ته ان ڳوٺ جا ماڻهو ان سنت جي عز ت ڪندا هيا ۽ هن کي پوڄا پاٺ لاءِ گھرائيندا هيا. پر سنت اتي وڃڻ کانپوءِ عبادت جي ٽائيم تي واپس اچڻ نه وساريندو هو.
    هڪڙي ڀيري ڳوٺ ۾ هڪ وڏي عبادت ”ياگا“ جو بندوبست ڪيو ويو سنت جيئن ئي اوڏانهن ويو ته اهي ٻئي ڦورو هن جي گھرواري وٽ آيا ۽ ان کي چيائون ته اسان کي سنت، سنک کڻي اچڻ لاءِ موڪليو آهي. پهريان ته هن جي گھر واري حيران ٿي ته هو ڪڏهن به اهو سنک کڻي ڳوٺ ۾ پوڄا تي نه ويو آهي پر پوءِ اهو سوچي ته شايد اڄ وڏي عبادت آهي انڪري کيس ضرورت پئي هجي. هُن اهو سنک کڻي انهن ڦورن کي ڏنو. شام جو واپسيءَ تي جڏهن سنت کي سنک نه لڌو ته هن زال کان پڇيو، جنهن کيس سربستي ڳالهه ٻڌائي. ان ڳالهه ٻڌڻ کانپوءِ سنت کي يقين ٿي ويو ته ڪانه ڪا مصيبت اچڻ واري آهي انڪري هن کائڻ پيڻ ڇڏي ڏنو ۽ پورن 21 ڏينهن کانپوءِ مري ويو. زال جڏهن اهو ڏٺو ته هن به ايئن ڪيو ۽ هو به وڃي سرڳواسي مڙس سان ملي.
    انهن پنهنجن عبادت گذارن جي مرڻ تي ديوتا براهه پريشان ٿيو، انکان علاوهه ڳوٺ جي گندگيءَ جي ڪري تلاءُ به خراب ٿيڻ لڳو انڪري هن ان جڳهه کي ڇڏڻ جو سوچيو ۽ ان خيال کان پنهنجو روپ مٽائي هڪ ساڌو بنجي پوکرا طرف آيو، اهو هن کي وڻيو ۽ سوچيائين ته اتي رهندو ۽ مندر به ٺاهيندو. هڪ ڏينهن هو ڳوٺ ۾ گھمي رهيو هو ته اوندهه ٿيڻ شروع ٿي هن ٻن ٽن گھرن ۾ وڃي اجھو ڳولهڻ چاهيو پر ڪنهن به هن کي سر لڪائڻ جي جڳهه نه ڏني جنهن تي هو گھڻو حيران ٿيو نيٺ هڪ مهربان ٻڍيءَ کيس ماني به ڏني ۽ رهڻ لاءِ به چيو، هو ان مائي مان متاثر ٿيو ۽ پوڙهيءَ کي چيائين ته:
    ”هن ڳوٺ ۾ ماڻهن لاءِ ڪا به عزت ڪونهي، نه ئي وري ڪو اخلاق يا مذهب کي اهميت ڏين ٿا، انڪري هي ڳوٺ تباهه ٿي ويندو. سڀاڻي ڏينهن جي ڏهين حصي ۾ چشمو هڪ وڏي ڍنڍ ۾ تبديل ٿي ويندو ۽ سڀاڻي شام تائين سڄو ڳوٺ پاڻيءَ جي اندر هوندو. تنهنڪري ڳوٺاڻن کي ٻڌائي ڇڏ، جيڪو تنهنجي ڳالهه مڃي ان کي ساڻ وٺي هتان لڏي وڃ.“ ايئن چئي ساڌو سمهي پيو.
    صبح سان اٿي مائي ڏٺو ته سنت وڃي چڪو هو ۽ ٻهاري ڏيندي کيس حيرت ٿي ٿه جيتري ماني هن کي ڏني هئانين ان ئي ماپ جي سون مان ٺهيل ماني پئي هئي. کيس يقين ٿي ويو ته سنت ڪا معمولي ڳالهه ڪو نه هو انڪري ڳوٺ ۾ گھر گھر وڃي هن ماڻهن کي ڳوٺ ٻڏڻ جي باري ۾ ٻڌايو پر ڪنهن به هن جي ڳالهه تي ڌيان نه ڏنو اٽلو هن تي ٺٺوليون ڪيون. مائيءَ پنهنجو سامان کنيو ۽ اتان لڏي وئي. سنت چواڻي شام تائين ڳوٺ پاڻي ۾ ٻڏي ويو رڳو وچ تي هڪ دڙو بچيو جنهن تي براهه ديوتا مندر ٺاهي رهڻ لڳو. هڪ سڱ واري وڏي مڇي سدائين ديوتا سان گڏ گھمندي هئي. هڪ مهاڻي انکي ماري وڌو، جيئن ته اها مڇي هن جو روپ هئي، انڪري ديوتا تي هن کي ڪاوڙ آئي ۽ مهاڻن کي پاراتو ڏيندي چيائين ته جيئن مان هڪ هنڌ نه ٿو رهي سگھان تيئن اوهان به ڪٿي آرام سان رهي نه سگھندئو، انڪري اهو سمجھيو ويندو آهي ته مهاڻا ان بد دعا جي ڪري هڪ هنڌ نه رهي سگھندا آهن. ديوتا اتان وڃڻ جو سوچي ڇڏيو ۽ پنهنجي ڌيءُ براهي کي چيائين ته هوءَ سندس جاءِ تي رهي ۽ مندر جي مالڪي ڪندي رهي. پوءِ اتي اها رهڻ لڳي ۽ هاڻي به خاص موقعن تي اها مڇي جيڪا براهه ديوتا جو پنر جنم سمجھي ويندي آهي اها نظر ايندي آهي. انڪري چوندا آهن ته ڦيوا ليڪ ۾ وهنجڻ سان مڪتي ملي ويندي.“
    مون هڪ ڳالهه محسوس ڪئي هئي ته نيپال ۾ ”و“ جي جڳهه تي ”ب“ استعمال ٿئي ٿو، جيئن وشنو ٿيو بشنو، وديا ٿيو بديا، وستالا ٿيو بستالا وغيره، انڪري براهه نالو ٻڌي منهنجي ذهن ۾ هڪ هندو نالو آيو ”وراها“ يا ”وراهه“ اچي ويو، جنهن لاءِ چيو ويندو آهي ته اهو وشنو جو ٽيون اوتار آهي، ان کان پهريان ٻه اوتار متسيا (مڇي) يا ڪُوما(ڪڇون) وانگر هي به جانور جي شڪل ۾ آهي، هن جي شڪل سوئر يا مِرون واري آهي. هڪ روايت آهي ته هڪ ديو، هرن يڪشا، ڌرتي (ڀُوديوي) کي چوري ڪري وڃي پاڻي جي هيٺِان لڪايو هو ته وشنوءَ، وراها جو روپ ڌاري، ان ديو کي ماري ڇڏيو ۽ ڌرتيءَ کي سمنڊ مان مٿي کڻي آيو.
    ”هو ڏس اڄ به اها براهه واري مڇي نظر اچي ٿي“ مون مذاق مان پاڻي ڏانهن اشارو ڪندي کيس چيو.
    الپنا ڇرڪ ڀري، ان طرف ڏٺو ۽ مرڪي ڏنائين ۽ چيائين اهو مڇيءَ جو سڱ نه پر ڪاٺي آهي. اسان پوءِ اتي ڪافي دير ويٺا رهياسي.
    اوندهه ٿيڻ تي اسان اتان واپس آياسين ۽ ڀرسان ئي هڪ ٻي ننڍي ٻيٽ تي ريسٽونٽ ٺهيل هيو، جنهن تي تي وڃڻ جو سوچيو ته ڪناري تي هڪ باوردي خلاصي اسان جي لاءِ ٻيڙي ڪاهي آيو، اسان ٻيڙيءَ مان هيٺ پير ڌريو ته وڻن جي جھڳٽن ۾ لڪل بتين جي روشني اسان جو آڌر ڀاءُ ڪيو. ريسٽورنٽ جو ماحول ڪافي خوبصورت هيو اندر به ٽيبلون پيل هيون پر اسان ڪناري سان رکيل ڪرسين تي ويٺاسين، جتان پاڻي ۾ شهر جي روشنيءَ جا پوندڙ اولڙا نظر اچي رهيا هيا. ريسٽورنٽ ۾ اسان کان علاوهه گھڻائي يوروپين ٽوئرسٽن جي هئي ڇو جو گھڻو ڪري جرمن زبان جي گفتگو ٻڌڻ ۾ اچي رهي هئي. مون الپنا کان پڇيو ته هوءَ ڪڏهن جرمني يا ڪنهن يورپين ملڪ وئي آهي؟
    جنهن تي هن جواب ڏنو ته هو اڃان ڪنهن ٻاهرين ملڪ نه وئي آهي باقي نيپال جا گھڻو ڪري سڀ گھمڻ لائق هنڌ گھمي چڪي آهي. هن ٻڌايو ته هوءَ مائونٽينرنگ به ڪندي آهي ۽ ٻه سال اڳ هوءَ چوٽي سر ڪرڻ واري هڪ مهم ۾ به شامل هئي. پر بيس ڪيمپ تائين پهچڻ کان پوءِ کين واپس اچڻو پيو جو موسم مسلسل خراب هئي اڳتي وڌڻ ۾ کين خطرا هيا. ان ڀيري حادثا به ڪافي ٿيا هيا. هن وري مونکان پڇيو
    ”ڪڏهن گلائيڊنگ ڪئي ٿي؟“
    ”نه“
    ”هتي پوکرا ۾ ٿيندي آهي، سڀاڻي توکي نه وڃڻو هجي ها ته منهنجو پروگرام گلائيڊنگ تي هلڻ جو هو. اهو به عجيب آهي ماڻهو ڪنهن پکي جيان هوا ۾ اڏامي ٿو ۽ آسمان ۽ زمين جي وچ تي رهڻ ۾ هڪ عجيب احساس آهي. ان کي ٻڌائي نه ٿو سگھجي رڳو محسوس ڪري سگھجي ٿو.“
    مان کيس ڏسي رهيو هيس، اهو سوچي ته ايتري ننڍي ملاقات ۾ هن ڪيڏا نه پروگرام ٺاهي رکيا هيا ڪيڏو نه ويجھو محسوس ڪرڻ لڳي هئي. پوءِ مان پنهنجو پاڻ کي ئي سمجھائڻ لڳس ته شايد هن جون اهي ساڌوءَ واريون ڳالهيون صحيح هجن تنهنڪري ئي هوءَ مونکي پنهنجي ويجھو وڌيڪ محسوس ڪرڻ لڳي هئي.
    رات ٺرندي وئي، ڳهرجندي وئي، بند ٿيل هوا گھلڻ لڳي هئي.
    صبح جو هوٽل وارو اٿارڻ آيو. ٻڌايائين ته ايئرپورٽ تي هلڻ لاءِ گاڏي به تيار بيٺي آهي. اسان تيار ٿي هيٺ آياسين، ايئرپورٽ ڪو گھڻو پري ڪو نه هو. اسانجي گاڏي، پوکرا شهر کي ڇڏيندي وڃي رهي هئي. الپنا چيو ته پهريائين مون کي ايئرپورٽ تي ڇڏي، پوءِ هوءَ بس تي ويندي. موڪلائڻ مهل الپنا جا نيڻ پُسيل هيا، هن چيو:
    ”توکي شايد هي سڀ ڪجھه، منهنجو مطلب آهي، توکي پنهنجو ويجھو سمجھڻ. عجيب لڳندو هجي پر اهو منهنجي وس ۾ ناهي، بس مون کان ٿي ٿو وڃي، وري ڳالهين کي ورجائينديس پر حقيقت اها آهي ته تون مون سان اڳ واري جنم ۾ مليل آهين“
    مون کيس چيو :”مان تنهنجن جذبن جو احترام ٿو ڪيان ۽ ڪڏهن به انهن کي اجايو يا ڏيکاءُ نه ٿو سمجھان پر ظاهر آهي، اسان جا رستا پنهنجا پنهنجا آهن، اسان کي پنهنجن پنهنجن ماڳن تائين پهچڻو آهي، پر ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته تنهنجي انهن احساسن جي پنهنجي اهميت آهي، جيڪا شايد منهنجي پوري زندگيءَ ۾ مونکي نيپال جي ياد ڏياريندي رهندي، شايد ايئن ئي ٿيڻو هو ته جيئن، مان نيپال کي ايترو جلد وساري نه سگھان“
    ايئرپورٽ اچي ويو، الپنا به گاڏي مان لهڻ جي ڪئي، مون کيس منع ڪئي، پنهنجو ننڍڙو رُڪ سيڪ کڻي، وڏا وڏا قدم ڀريندو ٽرمينل ۾ داخل ٿيس. ٽرمينل ۾ مختلف پرائيويٽ ڪمپنين جا ڪائونٽر هيا، منهنجي ٽڪيٽ اگني ڪمپني جي هئي. هتي نيپال ۾ ڪافي ڪمپنيون آهن جيڪي نيپال جي مختلف هنڌن ڏانهن پنهنجا جهاز هلائن ٿيون. ڪائونٽر تان بورڊنگ ڪارڊ ورتو ۽ جهاز جي ٽائيم ٿيڻ جو هڪ هنڌ ويهي انتظار ڪرڻ لڳس. اوچتو آواز آيو :
    ”سائين! توهان به واپس پيا وڃو ڇا؟“
    مون ڪنڌ کڻي ڏٺو ته ذاڪر حسين اڄڻ هو، جيڪو پاڪستان مان آيل پنهنجن دوستن سان هتي آيو هو، هن ٻڌايو ته هو به ساڳي فلائيٽ ۾. واپس وڃي رهيا آهن. جهاز ننڍو هو، جهاز ۾ هڪ پاسي ٻن سيٽن واري لائين هئي ته ٻي پاسي هڪ واري، بورڊنگ ڪارڊ تي سيٽ نمبر به ڪو نه هيا، انڪري ”جيڪو اڳي سو تڳي“ جي بنياد تي جنهن کي جتي وڻيو پئي اتي ويٺو پئي. مون کي ٻن واري سيٽ ملي جنهن تي هڪ ماءُ پنهنجي ننڍڙي کير پياڪ ٻار سان ويٺي هئي. ننڍي جهاز هجڻ ڪري جهاز ۾ شور وڌيڪ هيو، شروع شروع ۾ ايئر هوسٽيس ڪپهه کڻي آئي جيڪا مسافرن کنئي پئي، مونکي سمجھه ۾ نه آيو ته ڇا جي لاءِ آهي. ٿوري دير کان پوءِ ڏٺم ته ڀرسان ويٺل عورت ڪپهه پنهنجن ۽ ننڍڙي ٻار جي ڪنن ۾ به وڌي. رستي ۾ مختلف پهاڙي چوٽين جا نظارا نظر اچي رهيا هيا پر مان ٻي طرف ويٺل هيس. ان وقت مونکي سمجھه ۾ آيو ته ٽوئرسٽ تڪڙ ۾ چڙهي سنگل سيٽن تي ڇو ويهي رهيا هيا، هاڻي ڏٺم ته سڀ پنهنجين ڪيمرائن سان ڪلڪ ڪلڪ ڪري رهيا هيا. مون به نيٺ ڪيميرا کڻي ان طرف وڃي هڪ ٻه فوٽو ڪڍيو. ٽيهن چاليهن منٽن کانپوءِ، کٽمنڊو ايئرپورٽ جي ڊوميسٽڪ ايئرپورٽ تي لينڊ ڪيو. ڊوميسٽڪ ٽرمينل عجيب هو، نه ڪا گھڻي سيڪيورٽي نه ٻيو ڪجھه، لڳي پيو ته ڪنهن بس اسٽيشن تي پهتا آهيون. اسان جو سامان به اسان واري بس جي پويان ٽرالي ۾ هڻي اسان سان گڏ ئي ٻاهر پڌر تي رکيائون ته هر ڪو پنهنجو سامان سڃاڻي کڻي.


    کٽمنڊو درٻار

    ايئرپورٽ تان ٽيڪسي ڪرائي سڌو پي آءِ اي جي آفيس ويس، جتي اِندر لعل خير مقدم ڪيو، ساڻس پوکرا مان به ٽيليفون تي رابطي ۾ هيس. هن ٻڌايو ته معين صاحب واپس هليو ويو جو سندس طبيعت صحيح نه پئي رهي. مون اتي پنهنجون ايميل چيڪ ڪيون ۽ ان کان علاوه فيس بوڪ تي به آن لائين ٿيس. مون کانئنس ڊاڪٽر راڻي مل پرياڻيءَ جي باري ۾ پڇيو ته کيس سڃاڻي ٿو ته هن چيو بالڪل کيس سڃاڻي ٿو. جھٽ ۾ ڊاڪٽر صاحب سان فون ملائيائين، جنهنکي منهنجي باري ۾ به ٻڌايائين، ساڻس ڳالهه ٻولهه ٿي ته هن چيو ته ڪلاڪ ٻن کان پوءِ هو پهچي ويندو. اندر لعل ٻڌايو ته ڊاڪٽر صاحب هتي ڪافي ايڪٽو آهي ۽ مختلف تقريبن ۾ ساڻس ملاقات ٿيندي رهندي آهي.
    جڏهن راڻو مل آيو ته سندس پنهنجائپ واري ملڻ جلڻ جي ڪري لڳو ته هن سان ڄڻ پراڻي ملاقات هجي. هو کٽمنڊو جي هڪ اسپتال ۾ نوڪري ڪري ٿو ان کان علاوه، پنهنجي تعليم کي به اڳتي وڌائي ٿو، نه رڳو اهو پر مختلف ڪانفرنسن ۾ ريسرچ آرٽيڪلز پڙهي ٿو. ڊاڪٽر صاحب سان نيپالين جي رهڻي ڪهڻي، معيشيت ۽ سياست جي باري ۾ ڪافي ڪچهري ٿي. هن نيپالي ٻوليءَ ۾ هندي، انگريزي ۽ سنڌي ٻوليءَ جي هڪجهڙن لفظن جي باري ۾ به ڪم ڪيو آهي. جيڪو هتان جي ادبي ادارن ڇپائڻ کان لنوايو پئي ته هن اهو ڪتاب انڊيا جي هڪ اداري طرفان ڇپرايو آهي. گھڻي دير ڪچهري ڪرڻ کان پوءِ ڊاڪٽر صاحب موڪلايو ته اسپتال ۾ سندس رائونڊ هڻڻ جو ٽائيم ٿيڻ وارو آهي. آفيس مان اٿي گھر آياسين، جتي ٻن ٽن ڪلاڪن جي آرام کان پوءِ، شام جو اِندر لعل چيو:
    ”هلو ته کٽمنڊو درٻار ڏسي اچون، هتي کٽمنڊو ۾ اوهان جي گھمڻ لاءِ صرف اها جڳهه رهيل آهي“.
    اسان گھر مان پنڌ نڪتاسين ۽ ٿامل جي بازار مان نڪري اڳتي وڌياسين، اها بازار، خيرپور جي مير علي بازار جيان هئي. جنهن ۾ رش به تمام گھڻي هئي اتان پاڻ بچائيندا هلندا رهياسين، بازار ڪافي وڏي هئي. نيٺ اسان هڪ هنڌ پهتاسين جتان قديم عمارتن جو سلسلو شروع ٿيو. هڪ مُک چوڪ تي پهتاسين، جتي به نيواري طرز جي مندرن اسان جو استقبال ڪيو. اهي مندر گھڻو ڪري 15کان 18 صديءَ جي وچ ڌاري ٺهيل آهن. بختاپور ۽ پتن وانگر هتي به مختلف ديوين ۽ ديوتائن جا مندر نظر آيا. ان حصي کي هنومان ڪامپليڪس به چيو وڃي ٿو. شاهي محلات جي مکيه دروازي تي هنومان جو بت به ٺهيل آهي. هنومان جو هندو مذهب ۾ اهم مقام آهي. چون ٿا ته هڪ حسين آسماني پري جيڪا پوءِ زمين تي رهڻ آئي اها اڪثر ڪري وارن ۾ گل سجائي، شوخ رنگ جا ريشمي وڳا پهري، پهاڙين جي چوٽين تي گھمندي رهندي هئي. هڪ ڏينهن اهڙا ئي خوبصورت ڪپڙا پهري هڪ پهاڙيءَ تي بيٺي هئي ته اتان هوا جي ديوتا ”وايو“، جو گذر ٿيو جنهن کي هوءَ ڏاڍي پياري لڳي ۽ هوا سان هن کي ڪتڪتايون ڪڍڻ لڳو. ديوتا هن جي لباس کي ٿورو هٽايو ته هو مست ٿي پيو ۽ هن جي پوري جسم کي هوا جي هلڪن هلڪن ٿپڪين سان مالش ڪرڻ لڳو. پوءِ هو سرشار ٿي ويا. جنهن تي هُن ديوتا کي چيو ته ”ڪنهن وفا شعار گھرواري کي هن ناپاڪ محبت داغدار ڪري ڇڏيو“ جنهن تي ديوتا کيس چيو: ”منهنجي محبت توکي گناهگار نه ڪيو آهي پر توکي ان مان هڪ طاقتور، داناءُ ۽ بي مثال صلاحيتن وارو هڪ پٽ پيدا ٿيندو“
    جڏهن وقت پورو ٿيو ته کيس هڪ پٽ ڄميو جنهن سج کي ڏسڻ سان ڪنهن وڻ جو ميوو سمجھي پٽڻ چاهيو ته 900 ميلن تائين مٿي هليو ويو. هڪڙي موقعي تي اندرا هن تي تير هلايو ته هو زخمي ٿي جبل تي ڪري پيو جنهنڪري هن جا ڳِٽا ڦاٽي پيا، ان ڏينهن کان وٺي هن جو نالو هنومان يعني وڏين ڄاڙين وارو پئجي ويو. اهو ڏسي هن جو پيءُ وايو ديوتا ناراض ٿي ويو ۽ هوائون هلڻ بند ٿي ويون جنهن تي ٻيا ديوتا وايو ديوتا وٽ پهتا ته هو ڪجھه ڪري جنهن تي هُن کين ٻڌايو ته هن اهو سڀ ڪجھه پاڻ ڪيو آهي ڇو جو هو هنومان جي زخمي ٿيڻ تي ناراض آهي. برهما ساڻس واعدو ڪيو ته هنومان ڪڏهن به جنگ ۾ نه ماريو ويندو ۽ اندرا به واعدو ڪيو ته سندس تير هن کي ڪڏهن به زخمي نه ڪندو.
    هنومان پوءِ رام جي وڏي خدمت ڪئي. اهڙي ريت لنڪا کي تباهه ڪرڻ ۽ ٻين جنگين ۽ ڪمن ۾ هن وڏي همت ڏيکاري. هن جي ڪري ڀولڙن جي به هندو ڌرم ۾ عزت ڪئي ويندي آهي.
    ان درٻار ۾ هن جي بت رکڻ سان به اهو سمجھيو ويندو آهي ته هو ان جي حفاظت ڪندو رهندو آهي.
    هڪ هنڌ ڪالا ڀيروا جو بت هو جنهن کي به ڪاليءَ وانگر گھڻا هٿ هيا، زبان ڳاڙهي هئي، جنهن کي مرد، عورتون ۽ ٻار ڀيٽا ڏئي رهيا هيا. ڀيروا، شوا جو روپ آهي، هڪ ڀيري، وشنوءَ، برهما کان پچيو ته هن ڪائنات جو مها تخليقڪار ڪير آهي ته برهما کيس چيو ته هو(وشنو)، هن(برهما) جي عبادت ڪري، ڇو جو هو ئي مها تخليقڪار آهي. ان ڳالهه شوا کي ڪاوڙائي وڌو ۽ ڪالا ڀيروا جو روپ ڌاري، هن ترار سان برهما جو هڪ مٿو ڪٽي ڇڏيو(ان کان پوءِ برهما جي چار مٿا آهن)، پر هڪدم کيس غلطي جو احساس ٿيو پر کيس ان جي سزا اها ڏني وئي جو سالن تائين هو پنهنجي هٿ ۾ اهو مٿو کڻي بکارين جيان رلندو رهيو جيستائين وڃي سندس اها سزا معاف نه ٿي.
    جڳنناٿ (دنيا جي مالڪ) جو به هڪ مندر آهي جيڪو وشنو جو اوتار هو، پر ڪجھه هن کي وشنو جو مظهر به سمجھن ٿا. گھڻن اهو به امڪان ظاهر ڪيو آهي ته هي سنڌو ماٿريءَ جي پراڻن رهواسين جو ديوتا هو، جيڪو پوءِ هندو مذهب ۾ داخل ٿيو. هي ديوتا ٻڌن لاءِ به اهميت رکي ٿو. جڳنناٿ جي مندر ۾ کاجورا جيان جنسي عملن جون تصويرون به اڪريل آهن. جن جي لاءِ چيو وڃي ٿو ته سيڪس، پيار جو انداز آهي جيڪو مڪتي ڏانهن وٺي وڃي ٿو.
    جيئن ته ٻيا گھڻو ڪري اهي مندر هيا جن جو ذڪر مان اڳ به ڪري آيو آهيان جيئن شِوا جو، تاليجو ديوي جو، بت به ڪي گرودا جا هيا ته ڪي وري ٻين ديوين ۽ ديوتائن جا، انڪري انهنکي ورجايان نه ٿو. پر هن هنڌ ٻه مختلف عمارتون نظر آيون. هڪ ته يوروپين آرڪيٽڪيچر ۾ ٺهيل هڪ اڇي رنگ جي عمارت هئي. جنهنکي گدي بيٺڪ پئي سڏيو ويو. اها عمارت، بادشاه پرٿوي بير بڪرم شاهه جي زماني جي وزير اعظم چندرا شمشير 1907ع ۾ ٺهرائي هئي. ان جي بالڪوني مان ان پوري درٻار جو منظر ڏسي سگھجي ٿو ڪنهن زماني ۾ بادشاهه اتي ويهي مختلف فيسٽيول ڏسندو هو ۽ هاڻي به وزير امراءَ اتي اچي نظارو پسيندا آهن. ٻي جنهن ڳالهه ڌيان ڇڪايو هو، اهو “ڪماري گھر” ان گھر ۾ جيئري ديوي رهي ٿي جنهن کي ڪماري سڏيو ويندو آهي. ڪماري ديوي، ننڍي ڇوڪري ٿئي ٿي ۽ جڏهن بلوغت کي پهچي ٿي ته ان جو اهو رتبو ختم ٿي وڃي ٿو. ڪماريءَ جي چونڊ، هڪ خاص قبيلي شاڪيا مان چونڊي وڃي ٿي. بزرگ ان قبيلي جي سوين ڇوڪرين جي جاچ ڪن ٿا ۽ جن ۾ سندن گھربل 32 روحاني علامتون ملن ٿيون ته انهن کي شارٽ لسٽ ڪيو وڃي ٿو. ديوين جي ان ننڍي گروپ کي هڪ اونداهي ڪمري ۾ رکيو وڃي ٿو جنهن ۾ تازو ڪپيل مينهن جو منڍيون رکيو وڃڻ ٿيون ۽ مختلف ماسڪ پاتل ماڻهو ڊانس ڪري انهن کي ڊيڄارڻ جي ڪوشش ڪن ٿا جيڪي نه ٿيون ڊڄڻ انهن جي چونڊ ڪئي وڃي ٿي ڇو جو ڪماري، درگا ديوي جو روپ ٿئي ٿي. آخر ۾ جيڪا ڪماري چونڊجي ٿي ان کي ان گھر ۾ منتقل ڪيو وڃي ٿو. جتي هن کي ڪماري هجڻ تائين رهڻو پئي ٿو رڳو ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن مذهبي ڏڻ جي موقعي يا ڪماري ياترا جي موقعي تي ان گھر مان نڪري ٿي. هن جو سڄو خرچ نيپالي حڪومت ڀريندي آهي. جڏهن رٽائر ٿيندي آهي ته هن کي پينشن به ملندي رهندي آهي انڪري جو هوءَ پوءِ سڄي عمر ڪنواري رهي ٿي. انڪري جو اها عام چوڻي آهي ته هوءَ جيڪڏهن ڪنهن سان شادي ڪندي ته اهو مرد مري ويندو.
    ڪجھه دير فوٽوگرافي ڪرڻ کان پوءِ اسان واپسي ڪئي، هن ڀيري ان بازار جي بجاءِ ٻي پاسي کان ٽيڪسي ڪرائي گھر ڏانهن آياسين.


    موٽي آيس نيپال کان

    ٻي ڏينهن منجھند جو منهنجي فلائيٽ هئي ، اندر لعل به آفيس جي ڪنهن ميٽنگ جي سلسلي ۾ ان فلائيٽ ۾ ڪراچيءَ آيو هو، انکان علاوهه ذاڪر حسين جا ٻيا دوست به ان ئي فلائيٽ ۾ هيا، فلائيٽ اوور لوڊيڊ هئي، ڪجھه ماڻهن کي ته واپس ڪيو ويو، اسانجي ٽڪيٽ هئي ته اڪانومي جي پر جيئن ته بزنس ڪلاس خالي هو ۽ هنن وٽ ماڻهو به گھڻا هيا انڪري اسانکي بزنس ڪلاس جو بورڊنگ ڪارڊ ڏنائون. نيپالين جي پنهنجي چيڪنگ ته هئي پر جهاز جي ڏاڪڻ ڀرسان هڪ عارضي اسڪينر به لڳايو ويو هو ۽ پاڪستان جا محافظ سڀني مسافرن جي جھڙتي وٺي رهيا هيا. جيئن ته نيپال اهڙي هنڌ تي آهي جتي انڊيا، چائنا ۽ تبت جا بارڊر ملن ٿا انڪري هتي سيڪيورٽيءَ جو خيال گھڻو رکيو وڃي ٿو.
    جهاز ۾ ويهارڻ کان پوءِ ذاڪر حسين اسان کان موڪلايو ۽ اسان به آهستي آهستي مٿي ويندي، نيپال جي سرزمين کان موڪل ورتي. مونکي گوتم ٻڌ جي جنم ڀومي تي نه وڃڻ جو هڪ خال محسوس ٿي رهيو هو ۽ مون دل ئي دل ۾ پهه ڪيو ته ٻي ڀيري ان خاص مقصد لاءِ ضرور اچبو.
    منهنجي ذهن ۾ نيپال ۾ گھاريل ڏهاڙا فليش بيڪ ٿي گھمندا رهيا. مون دريءَ مان نظر ايندڙ جبلن جي چوٽين جا فوٽو ڪڍيا، مون سوچيو ته نيپال رڳو پهاڙين جو ديس آهي، يا بدر ابڙي چواڻي ڀڳوانن جي ڀونءِ آهي، يا فقير محمد لاشاري جيان ته هيڻن ماڻهن ۽ سگھاري هماليا جي سر زمين آهي.
    مون چيو ته سڀ سچ آهي پر، انهن سڀني سان گڏ، پيار، احساسن ۽ فقيري طبيعتن جو ديس آهي.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 453
    ڪتابن جو مشاهدو: 345153
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 142525
    2016 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ