ڪتاب جو نالو: سياست، تاريخ ۽ ڪردار
مصنف: عيسى ميمڻ
ڇپائيندڙ: سرسوتي ساهت گهر، ڏوڪري
ڪيٽيگري: ڪالم / مضمون
شايع ٿيڻ جو سال: 2013
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اربع، 14 ڊسمبر 2016 ع
پڙهيو ويو: 665 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 234 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
مضمونن ۽ مقالن جي ڪتاب ”سياست، تاريخ ۽ ڪردار“ جو ليکڪ عيسى ميمڻ آهي.
نواز خان زنئور لکي ٿو:
”هن ڪتاب جي هڪ خاص خوبي هيءُ به آهي ته اهو هڪ ئي وقت سياسي فڪر سان به ڀرپور آهي، تاريخ جي پراڻين ڳلين جي مهڪ به ميڙي ٿو اچي، اڀريل مسئلن جي ڇنڊڇاڻ به ڪري ٿو، تجزين جي جهان ۾ به جهاتي پائي ٿو، ادب جي ڪميت کي به کرکڻا هڻي ٿو، ته خاڪانگاري جي صنف کي ڇهندي ان منجهان رنگ رنگ شخصيتن جي خوشبو کي پکيڙي ٿو ڇڏي. هو “وڻان وڻان ڪاٺي” ڪَٺي ڪري هڪڙي گلداڻي نه ٿو سجائي، پر هڪڙو پورو چمن آباد ڪري ٿو ڇڏي. جنهن جي مڌماتي سڳنڌ پڪ سان پڙهندڙ جي پوري وجود کي واسي ۽ معطر ڪري ڇڏيندي.“
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سياست، تاريخ ۽ ڪردار (مقالا ۽ مضمون)
  • حق ۽ واسطا
  • ارپــنــا
  • سنڌ سلامت پاران
  • اداري پاران
  • عيسى ميمڻ: هڪ مختصر تعارف : عزيز منگي
  • مـُھاڳ : سياسي ادب ڏي هڪ نئين وِکَ : نواز خان زئور
  • ٻه اکـر : استاد خالد چانڊيو
  • عيسى ميمڻ کان مسيح ڪالاڻي تائين : ادل سولنگي
  • ليکڪ پاران : عيسى ميمڻ
  • سياسي تجزيا ۽ تاريخ

  • قومي ۽ طبقاتي سوال جو جائزو
  • سنڌ ۾ ڌاري آبادڪاري خلاف مزاحمت: حقيقتون ۽ خدشا
  • سنڌ ۾ ڌاري آبادڪاري : مزاحمت کان خاموشيءَ تائين
  • ”منجھايو ۽ حڪومت ڪريو“ پاليسي ۽ رياست
  • ”6-ڊسـمـبـر“ ٽوپي ۽ اجرڪ جو ڏهاڙو منظر ۽ پسمنظر
  • معاشي بحران جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل رياست
  • ٽوڙهي ڦاٽڪ سانحو ۽ شاگرد سياست
  • سنڌ ۾ تاريخي ٻوڏ: سبب ۽ حل
  • ”ذوالفقار آباد“ سنڌ دشمن رٿا
  • سماج جي ترقيءَ ۾ تعليم جو ڪردار
  • سنڌو درياء تاريخ جي آئيني ۾
  • سنڌو ماٿر تهذيب جو عظيم اهڃاڻ : ” مـُهين جو دڙو “
  • ”بکر“ تاريخ جي پرهه ڦٽي
  • ڪوٽ ڏيجي قلعو
  • مڪلي: خاموش تاريخ
  • سُر سامونڊيءَ ۾ وَهن جون وايون
  • مڌ جو اصل متو ۽ متارا
  • سنڌي ادبي سنگت ڏوڪري جي مختصر تاريخ
  • سياسي، ادبي ۽ سماجي شخصيتون

  • هِند ۽ سِنڌ جو سورمو: هيمون ڪالاڻي
  • ويهين صديءَ جو باغي شاعر: شيخ اياز
  • قومي تحريڪ جو ديو مالائي ڪردار : عرفان مهدي
  • سنڌ جو مزاحمتي شاعر: زخمي چانڊيو
  • ڏاهپ ۽ ويڙه جو سنگم: سائين غلام قادر جوڻيجو
  • تاريخ جي راهن ۾ مارجي ويل : شهيد سميع الله ڪلهوڙو
  • تون هونئن به مرندين .....!؟ (شهيد سرائي قربان ۽ سندس ساٿي)
  • سنڌ جو سک ديو : شهيد ذوالفقار ڪولاچي
  • هڪ عظيم انسان جو وڇوڙو : ”شهيد بشير قريشي“
  • هو دودي سومري جو تسلسل هو: شهيد مظفر ڀٽو
  • گھاٽي بَـڙَ جي ڇانوَ-ڪامريڊ حيدر جويو
  • پرهه جي ٿڌي هير جهڙو شخص : عبدالحميد ابڙو

  • سياست، تاريخ ۽ ڪردار (مقالا ۽ مضمون)

    سياست، تاريخ ۽ ڪردار


    (مقالا ۽ مضمون)


    عيسى ميمڻ

    پبلشر: سرسوتي ساهت گهر، ڏوڪري


    ڊجيٽل ايڊيشن :
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر


    حق ۽ واسطا

    حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ

    ڪتاب جو نالو : سياست، تاريخ ۽ ڪردار
    موضوع : مقالا ۽ مضمون
    ليکڪ : عيسى ميمڻ
    ڇاپو : پھريون-اپـريـل 2013ع
    ڳاڻيٽو : هڪ هزار
    ڇپائيندڙ : سرسوتي ساهت گهر - ڏوڪري.
    ڪمپوزنگ : شيخ رفيق - آزاد ڪمپيوٽر ڪميونيڪيشنز لاڙڪاڻو
    ٽائيٽل : غلام مرتضى ميمڻ- ڪاتب پرنٽرس لاڙڪاڻو
    مُلھه : 121 روپيه


    Name of Book : SEYASAT, TAREAKH AIN KIRDAR
    Subject : Columns & Essays
    Writer : Essa Memon
    Edition : First April 2013.
    Quantity : One Thousand
    Published by : Sarswati Saahat Ghar-Dokri
    Composed by : Azad Computer Communications Larkano.
    Title : Ghulam Murtiza Memon-Katib Printers Larkano


    ڪتاب ملڻ جو هنڌ:
    رابيل ڪتاب گهر، اسٽيشن روڊ، لاڙڪاڻو.
    مھراڻ ڪتاب گهر، گهنٽي ڦاٽڪ، لاڙڪاڻو.
    ضمير سوهو بوڪ اسٽور، ڏوڪري.
    ۽ سنڌ جا سمورا بوڪ اسٽال.
    رابطي لاءِ: عيسى ميمڻ-7553879-0333


    هي ڪتاب علي بخش پٺاڻ ۽ ادل سولنگي، سرسوتي ساهت گهر ڏوڪري پاران
    ڪراچيءَ مان ڇپرائي ڏوڪريءَ مان پڌرو ڪيو.


    ارپــنــا

    ارپــنــا:

    هي ڪتاب
    ارپيم ان ”آهه“ کي جنهن ”آهه“ زندگي
    کي نئون روپ ڏئي ڇڏيو.
    ”ستي سيج هئاس، مون کي ”آهه“ اٿاريو“
    ۽ اڄ به ان ”آهه“ سڪون سان ورهڻ نه ڏنو آهي.
    جڏهن سنجهي ئي ستو آهيان تڏهن اها ”آهه“
    سڏ پڙا ڏو بڻجي ڪنن ۾ گونجندي رهندي آهي.
    منھنجي ”آهه“ اها، ڪڏهن ڪيرائيندي ڪوٽ کي.


    عيسى ميمڻ


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (311) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. مضمونن ۽ مقالن جي ڪتاب ”سياست، تاريخ ۽ ڪردار“ جو ليکڪ عيسى ميمڻ آهي.

    نواز خان زنئور لکي ٿو:

    ”هن ڪتاب جي هڪ خاص خوبي هيءُ به آهي ته اهو هڪ ئي وقت سياسي فڪر سان به ڀرپور آهي، تاريخ جي پراڻين ڳلين جي مهڪ به ميڙي ٿو اچي، اڀريل مسئلن جي ڇنڊڇاڻ به ڪري ٿو، تجزين جي جهان ۾ به جهاتي پائي ٿو، ادب جي ڪميت کي به کرکڻا هڻي ٿو، ته خاڪانگاري جي صنف کي ڇهندي ان منجهان رنگ رنگ شخصيتن جي خوشبو کي پکيڙي ٿو ڇڏي. هو “وڻان وڻان ڪاٺي” ڪَٺي ڪري هڪڙي گلداڻي نه ٿو سجائي، پر هڪڙو پورو چمن آباد ڪري ٿو ڇڏي. جنهن جي مڌماتي سڳنڌ پڪ سان پڙهندڙ جي پوري وجود کي واسي ۽ معطر ڪري ڇڏيندي.“

    هي ڪتاب سرسوتي ساهت گهر ڏوڪريءَ پاران 2013ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون سائين عيسى ميمڻ جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.

    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائيءَ جو منتظر.

    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    اداري پاران

    تاريخ ٻڌائي ٿي ته هر شيءِ ۾ تحرڪ آهي ۽ تحرڪ هميشه تبديليءَ کي جنم ڏيندو آهي. جيڪا شيءِ تبديل نه ٿيندي اها لازمي طور تي فنا ٿيندي. ان ڪري مادي حالتن جي تبديليءَ سان خيالن ۾ به تبديلي اچي ٿي ڇاڪاڻ ته خيال ماري حالتن جو عڪس پيش ڪن ٿا. اهو الڳ سوال اهي ته خيال مادي مان جنم وٺي پيادي جي تبديليءَ ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا.
    خيال، سوچون توڙي شعور مادي حالتن جي تابع ٿين ٿا ته مادي حالتن سان بغاوت به ڪن ٿا. اهو شعور جو سفر آهي جو انسان هر دؤر ۾ بغاوتون ڪندو رهيو آهي نئين سماج اڏڻ لاءِ. اهو انسان جي سفر پيٿاگورس کان وٺي سقراط ، سقراط کان ڪانٽ، ڪانٽ کان مارڪس ۽ مارڪس کان وٺي سائين جي ايم سيد تائين ۽ ان کان به اڳتي ان جو سفر جيئن جو تيئن جاري آهي ۽ جاري رهندو.
    عموماََ دنيا ۽ خصوصاََ سنڌ ۾ سوويت يونين جا زوال کان پوءِ انقلاب ۽ تبديليءَ جو سفر ڍرو ته ٿيو آهي پر ختم ناهي ٿيو، ان ڍرائپ سبب سنڌ ۾ فڪري طور تي اڄ تائين اها ٽھي علمي، ادبي ۽ سياسي ميدان تي بيٺي آهي جيڪا سن 1991ع ۾ تائين تحرڪ ۾ هئي. ان کان پوءِ ايندڙ ٽھي تي اهو ماحول ميسر نه ٿي سگهيو يا اڳين ٽھي، نئين ٽھيءَ لاءِ رستو صاف نه پئي ڪيو بحرحال ٻنھي حالتن ۾ سنڌ جو فڪري سفر اڳ وارو ته نه هيو پر ختم هرگز نه ٿيو آهي، انڪري اسان اداري پاران اهو فيصلو ڪيوسين ته نئين ٽھي کي ڀرپور موقعا فراهم ڪري، انھن جون لکڻيون ۽ ٻيو مواد ترجيحي بنيادن تي ڇپرائينداسين ته جيئن انھن جي فڪري واڌ ويجھه کي مناسب ماحول ملي سگھي.
    هي ڪتاب ”سياست، تاريخ ۽ ڪردار“ ان نوجوان جو آهي جيڪو 15 سالن کان وٺي سياسي، سماجي ۽ ادبي ميدان تي متحرڪ رهيو آهي ته علمي فڪري طور ڪافي برجستو به رهيو آهي. هي ڪتاب نه صرف عيسيٰ ميمڻ جا خيال پيش ڪري ٿو پرنئين ٽھي فڪري طور تي ڪٿي بيٺي آهي ان جو اولڙو پن هن ڪتاب ۾ پسي سگهجي ٿو. هونئن به عيسيٰ ميمڻ پنھنجي ٽھيءَ ۾ گهڻو متحرڪ رهيو آهي ته ڪيترن ئي نوجوانن لاءِ اتساهه جو سبب پڻ رهيو آهي. ان ڪري اسان کي خوشي آهي ته اهڙي نوجوان جو ڪتاب ڇپرائي، اسان ڄڻ ته پنھنجي مقصد طرف هڪ وک وڌائي آهي. اميد ته اسان جي پيارجو پورهيو اوهان کي قبول پوندو. ڪتاب جي ڏس ۾ جن دوستن سھڪار ڪيو، ادارو انھن جو تهه دل سان شڪريو ادا ڪري ٿو.

    ادارو
    سرسوتي ساهت گهر ڏوڪري
    ضلعو لاڙڪاڻو
    تاريخ. 04.03.2013


    عيسى ميمڻ: هڪ مختصر تعارف : عزيز منگي

    سنڌي ادبي سنگت ڏوڪريءَ جي واڳ جڏهن نثار کوکر کي ملي تڏهن ان جي ڪارڪردگي نمايان ٿيڻ لڳي پر نثار تُرت ئي سنڌ يونيورسٽيءَ ڏانھن ماسٽرس ڪرڻ لاءِ هليو ويو. اِها 80ع جي آخري سالن جي ڳالهه آهي. ناصر زهراڻي ان سلسلي ۾ سنگت لاءِ ٻن حوالن سان معتبر نالو بڻجي چُڪو هو. هڪڙو اهو ته هُو ڌڙا ڌڙ ڪھاڻيون لکي تنقيدي ڪلاسن ۾ پيش ڪندو هو ۽ ٻيو ته لياقت ميراڻيءَ جي صلاح سان سنگت جون گڏجاڻيون موهن جو دڙو سوشل ويلفيئر ايسوسيئيشن جي آفيس ۾ منعقد ڪرائڻ لڳو، جتي هُو والنٽيئر استاد به هو ته لائبريري انچارج پڻ. نوي جي شروع ۾ مان به ڏوڪري سنگت جو ميمبر بڻيس ۽ ان کان پوءِ سنگت ڏوڪري شاخ ڪڏهن فعال ته ڪڏهن غيرفعال رهندي پئي اچي، پر گهڻي عرصي تائين ان جون سرگرميون معطل نه ٿيون آهن. ناصر زهراڻي کان پوءِ منھنجي سيڪريٽري شپ ۽ بعد ۾ حاڪم مڱرئي ان تسلسل کي ڀرپور نموني جاري رکيو، پر پوءِ اُهو عيسيٰ ميمڻ ئي هو جنھن سنگت جي سرگرمين کي عروج تي پھچايو، جو اڄ به اهڙي سرگرميءَ جي تاس لاهڻ لاءِ اسان سِڪي رهيا آهيون.
    هي سنھڙو سيپڪڙو ڇوڪرو سنڌي ادبي سنگت ڏوڪريءَ سان سلھاڙيو ته ان جي ڪارڪردگيءَ کي پڻ چار چنڊ لڳي ويا. پروگرام ته پنھنجي جاءِ تي، پر اسان هتان لاڙڪاڻي مان سيڙجي اتي گڏجاڻين ۾ شرڪت وڃي ڪندا هئاسين. گڏجاڻيون ۽ پروگرام اهڙا يادگار ٿيا جو اڄ تائين انھن جو مثال تمام گهٽ ملي ٿو.
    تعلقي ڏوڪريءَ جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ کوھارا ۾ 09 جولاءِ 1985ع تي الله ڏني ميمڻ جي گهر ۾ جنم وٺندڙ محمد عيسيٰ ميمڻ لاءِ ائين بنا هٻڪ جي چئي سگهجي ٿو ته، ڏوڪريءَ پھچڻ کان پوءِ هُن جيڏو نــالــو ڪـڍيـو شـايــد ئـي ننڍي ڄمار ۾ ڪنھن اهڙي سڃاڻپ حاصل ڪئي هُجي.
    عيسيٰ ميمڻ 2006ع ۾ سنڌي ادب ۾ ايم. اي ڪئي ۽ گڏوگڏ 2007ع ۾ ايل. ايل. بيءَ جي سَنَدَ پڻ ماڻي ورتائين. 1998ع ۾ هن ادبي سفر جو آغاز ڪيو ۽ شاعري توڙي ڪالم لکڻ جي مشق ڪرڻ لڳو. ڏسندي ڏسندي عوامي آواز اخبار جي ٻارن جي ٻارن واري صفحي ”جوت“ ۾ سندس تخليق شايع ٿي ۽ ان کان پوءِ سندس تخليقي سفر، هو ڏوڪريءَ جي حلقي مان نڪري سنڌ جو اهم قلمڪار بڻجي ويو.
    ساهتي سفر دوران 1998ع ۾ سنڌي ادبي سنگت ڏوڪريءَ جو ميمبر بڻيو ۽ 2002ع ۽ 2003ع ۾ ساڳي شاخ جو ٻه دفعا سيڪريٽري ٿيڻ جو اعزاز حاصل ڪيائين. ان کان پوءِ ساڳي شاخ ۾ مختلف عھدن تي سرگرميون جاري رکندو آيو ۽ ائين ئي سندس اڳتي جو سلسلو اچي هن وقت سنگت لاڙڪاڻي شاخ جي ميمبر ٿيڻ تي پھتو آهي.
    07-2006ع ۾ سنڌ سنگت ضلعي لاڙڪاڻي جي ترجمان پرچي ”سنگت سماچار“ جو جوائنٽ ايڊيٽر ٿي رهيو جڏهن ته ماهوار ”سارنگ“ ڪراچي جو پڻ 2009ع ۾ جوائنٽ ايڊيٽر بڻيو.
    سنڌو سڀيتا جي قديم اهڃاڻن جي زبون حاليءَ خلاف وس وارن تائين سنڌ جو آواز پھچائڻ لاءِ 2007ع ۾ ادل سولنگي ۽ عزيز منگيءَ سان گڏجي مُھين جو دڙو اڪيڊمي آف سنڌ جو بنياد رکيائين ۽ ان جي ترجمان پرچي ”سمبارا“ جو ايڊيٽر پڻ بڻيو ۽ اڪيڊميءَ ۾ مختلف عھدن تي ڪم ڪري چُڪو آهي. اڪيڊمي کان اڳـ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏوڪري جي پليٽ فارم تان مھين جي دڙي لاءِ سندس پورهيو هميشه ياد رکيو ويندو.
    ادب جي ميدان تي تيز رفتاريءَ سان هلندي هلندي 2007ع ۾ ايڪِٽِو اسٽوڊنٽس ويلفيئر ايسوسيئيشن جو صدر چونڊيو ويو ۽ اتي به لائبريري کي بھتر ڪرڻ ۽ سماجي خدمتن ۾ وڏو اهم ڪردار ادا ڪيائين. هن جون علمي ادبي سرگرميون جاري ئي هيون ته سنڌ جي مظلوم ماڻھن جي حالتِ زار ڏسي اڳتي وِک وڌائي سياسي ميدان تي ڪُڏي ڪاهي پيو. 09_2008ع ۾ جسقم جو ضلعي لاڙڪاڻي جو سيڪريٽري مقرر ٿيو ۽ پوءِ ٿوري عرصي اندر 2010ع م جسقم جو مرڪزي پريس سيڪريٽري ۽ 12-2011ع ۾ مرڪزي ڪلچرل سيڪريٽري پڻ چونڊيو ويو. سياسي ميدان تي پڻ پنھنجو چڱو خاصو اثر ڇڏيو اٿائين.
    جنوري 2012ع ۾ ئي هن ”سرسوتي“ ساهت گهر ڏوڪريءَ جو بنياد رکيو ۽ ڏسندي ڏسندي کوڙ سارا ڪتاب پنھنجي قومي فرض جي پوئواريءَ ۾ اسان تائين پھچائي چُڪو آهي. سندس سياسي سڃاڻپ ”مسيح ڪالاڻي“ آهي ۽ هن جي کاتي ۾ جيڪو سڄي عمر نه وسرندڙ ۽ ساراهڻ جوڳو ڪم آهي سو ڪتابن جي ڇپائيءَ وارو آهي.
    ادبي، علمي، سماجي ۽ سياسي سرگرمين سان گڏ هي پتڪڙو ڇوڪرو ڪتابن جي مواد جي سھيڙ، پروف ريڊنگ، سيٽنگ ۽ پرنٽنگ به ڪندو رهي ٿو ۽ انھن جو مواد هٿ ڪرڻ لاءِ ڏينھن رات مصروفِ عمل آهي. سنڌي ادب، سياست ۽علم جي مورچن تي هن جيڪو پورهيو ٽاڪيو آهي، ان ۾:
    مُھين جو باغي (ڪامريڊ غلام قادر جوڻيجو) ترتيب: مسيح ڪالاڻي- 2012ع
    پرهه جو پيغمبر (سائين جي ايم سيد جون يادگار تقريرون) ترتيب: مسيح ڪالاڻي _ 2012ع.
    سياست، تاريخ ۽ ڪردار (ڪالم ۽ مضمون) (عيسى ميمڻ) 2013ع
    اڻپوري ڪويتا (منتـظر سومرو_شاعري) 2012ع
    فلسفو ۽ زندگي (جوڻيجو عبدالخالق) 2013ع
    سياسي تعليمي نصاب (ڊاڪٽر مير عالم مري) 2012ع
    سياست، سماج ۽ آزادي (خالد چانڊيو) 2013ع
    سماج ۽ ادب جو سفر (سرور منگي جون تخليقون) مرتب: عيسى ميمڻ- 2013ع
    خانا بدوش لفظن جا قافلا (ادل سولنگيءَ جي شاعري) 2013ع
    سنڌ پنھنجي جدا گهرجي (موريل زھراڻيءَ جون تخليقون) 2013ع
    سنڌي ٻولي ۽ ادب جو اهڃاڻ: سراج (خالد چانديو) 2013ع
    اکڙين جي ڀاڪر ۾ (شھمير سومرو-شاعري) 2013ع.
    عيسيٰ ميمڻ جي شاعري لاڙڪاڻي ضلعي جي 16 شاعرن جي گڏيل مجموعي ”مون ڏات انوکي آندي آ“ ۾ شايع ٿي چُڪي آهي، جيڪو رياضت ٻرڙي ترتيب ڏئي شايع ڪرايو آهي.
    هن کي ادبي ۽ علمي ۡخدمتن جي مڃتا طور مختلف اعزاز ۽ سَنَدون به ملي چڪيون آهن، جن مان 2000ع ۾ سنڌي ٻارڙا پبليڪيشن حيدرآباد ٻاراڻي ادب جي ۡخدمت طور محمد ابراهيم جويو جي صحيءَ سان ”مڃتا سَنَدَ“، 2004ع ۾ سنڌي ادبي سنگت ڏوڪريءَ پاران ”سنگت جو بھترين ورڪر“ ايوارڊ نمايان آهن.
    عيسيٰ ميمڻ سان رابطو ڪرڻ تمام سھنجو آهي، هن سان خط وڪتابت ڪاٺياواڙ بوڪ اسٽور بندر روڊ لاڙڪاڻو جي پتي تي ڪري سگهجي ٿي، جڏهن ته سيل فون 0333755389 ۽ essa.memon@ymail.com اٿس.

    عزيز منگي
    لاڙڪاڻو
    31- مارچ 2013ع


    مـُھاڳ : سياسي ادب ڏي هڪ نئين وِکَ : نواز خان زئور

    سنڌ ۾ گذريل ڪيتري ئي عرصي کان سياسي ادب تمام گهٽ لکجي رهيو آهي. ان ۾ به وري معياري سياسي ادب ته صفا نه هجڻ جي برابر آهي. فردن وانگر قومن جي زندگين ۾ به جمود ۽ لاٿ جا ڏينهن ايندا آهن. اهڙن ڏينهن ۾ گهڻو ڪري ته سمورا شعبا، پر جي سمورا نه تڏهن به ڪيترائي اهم ۽ خاص شعبا، ان جمود ۽ لاٿ جو شڪار ٿيندا آهن. دلچسپ ڳالهه هيءَ آهي ته ان جمود جي شروعات به گهڻي ڀاڱي سياست کان ٿيندي آهي، ته ان جو ٽوڙ به اڪثر اِتان ئي نڪرندو آهي. ان ڪري سياسي عمل جي پختائي ۽ سگهه ڪنهن به سماج جي ارتقا ۽ اؤج جي جانچنا جو هڪڙو اهم پئمانو آهي. سياسي ادب جو سرجڻ سياسي عمل جي پختگي، رواني ۽ ڪماليت جو هڪڙو خاص اهڃاڻ آهي. جڏهن سياسي عمل پنهنجي ڪنهن مخصوص سطح تي روان دوان هوندو آهي، تڏهن اهو ان سطح جو سياسي ادب پڻ پيدا ڪندو آهي. اهو جيڏو مؤثر ۽ سگهارو هوندو، ايڏو ئي پختو، وڏو ۽ عظيم ادب پيدا ڪندو. وري ڪڏهن ڪڏهن ايئن ٿيندو آهي ته سياسي عمل بنهه ڪمزور هوندو آهي ۽ انيڪ اندرين توڙي ٻاهرين رڪاوٽن ۾ گهيريل هوندو آهي؛ پر ان مرحلي تي اهو جيئن ته انهن سمورين رڪاوٽن ۽ استحصالي قوتن سان برسرِ پيڪار هوندو آهي، ان ڪري اهو پنهنجي بطن مان تمام سگهارو سياسي ادب جنميندو آهي. البت جيڪڏهن سياسي عمل اڃا پنهنجي اوسر جي ان مرحلي ۾ مس هوندو آهي جو اهو مڙيئي پيرڙا کڻي سگهي، ته ان صورت ۾ وري سياسي ادب ان کي جلا بخشيندو آهي ۽ طاقت ٿيڻ ڏانهن وٺي ويندو آهي. هيءُ عمل به انيڪ ڪائناتي عملن وانگر ٻطرفو، ڪن حالتن ۾ گهڻ طرفو هوندو آهي. هڪ شئي ٻي شئي تي اثر وجهندي به آهي، ته ان جا اثر قبوليندي به آهي. گڏوگڏ اثر وجهڻ ۽ اثر قبولڻ جي ان سڄي ڪارگذاريءَ دوران بنهه نون اثرن، ڪارگذارين ۽ لقائن کي پڻ پيدا ڪندي آهي. ان ڪري هيٺ مٿانهيون ۽ گهاٽيون واڌيون اچڻ جي باوجود ارتقا ۽ اڳڀرائيون رڪجنديون ناهن، ۽ سست رفتارين هوندي به قافلا اڳتي ڪاهيندا هلندا آهن.

    اهڙي ريت سنڌ ۾ سياسي ادب ۾ آيل لاٿ جي باوجود اهو سلسلو هلندو رهي ٿو. جيتوڻيڪ ڪنهن حد تائين پاڻ ان صورتحال کي ڏُڪار سان به ڀيٽي سگهون ٿا، پر صفا ڪاري ڏڪار واري حالت ناهي ۽ نه ئي ڪو “ڇَپني” جهڙو سال آيو آهي. ڏکين حالتن جي هوندي به ڪجهه اديب، دانشور، مضمون نگار ۽ قومي ڪارڪن پنهنجي پنهنجي وس ۽ وت آهر سياسي ادب سرجيندا رهن ٿا. جنهن مان ڪافي قدر لاڀائتو مواد پڻ ملي ٿو. سمورين رڪاوٽن ۽ ڪوتاهين هوندي به سياسي عمل توڙي سياسي ادب جو سرجڻ بند نه ٿيو آهي. اهو وري به رڙهندو هلي پيو. جيڪا هڪ خوش آئند ڳالهه آهي.ڇاڪاڻ جو هيءُ اهم نقطو آهي ته جڏهن به ڪو عمل، ڪا سرگرمي، ڪو پنڌ اڳتي رڙهندو هلندو آهي ته هڪ ڏاڪي تي پهچي وڌيڪ سگهارو، طاقتور ۽ مؤثر بڻجي پوندو آهي. اهو آخرڪار شاندار نتيجا ڏيڻ لڳندو آهي.
    اسان جو دوست عيسيٰ ميمڻ، جيڪو عيسيٰ به آهي ته مسيح به آهي، ميمڻ به آهي ته ڪالاڻي به آهي، پڻ هن ئي سڳر ساٿ جو پانڌيئڙو آهي. ادب هجي يا راڄنيتي، شعر و شاعري هجي يا فڪري نظرياتي ميدان، هو هڪ ئي وقت سڀني طرفن پنهنجي صلاحيتن ۽ توانائين جا ڪؤنتل ڪڏائيندو رهندو آهي. هو پاڻ به سهڻو آهي ته سندس خيال، سوچون ۽ نظريا به سهڻا آهن. ان ڪري مون سميت دوستن جي هڪ وڏي گهڻائي کيس پيار جي نظر سان ڏسندي آهي. اها جدا ڳالهه آهي ته هو حمايتن ۽ مخالفتن کان بي نياز ٿي پنهنجو سياسي، نظرياتي ۽ فڪري پورهيو ڪندو ٿو رهي. سندس زيرِ نظر ڪتاب “سياست، تاريخ ۽ ڪردار” سندس انهيءَ لاڳيتي پورهيي جو نشانبر ۽ نظر ايندڙ اهڃاڻ آهي.
    “سياست، تاريخ ۽ ڪردار” مضمونن جو ڪتاب آهي ۽ بنيادي طور تي هڪ سياسي ڳٽڪو آهي، پر ان هوندي به ان ۾ جيڪا ٻولي جي مِٺاس، سرلتا، رواني ۽ سهنجائي آهي، اها ان جي ادبي اهميت کي تمام گهڻو وڌائي ٿي ڇڏي. هونئن به سٺو ۽ ديرپا اهوئي ادب ثابت ٿيندو آهي، جيڪو فڪري سگهه سان گڏوگڏ فني لوازمات جي نقطي نگاهه کان پڻ ڀرپور هجي. ٻولي جي سونهن ان سلسلي ۾ پهرين گهرج آهي. سياسي ادب تي فن جي نقادن طرفان هڪ اعتراض اهو واريو ويندو آهي ته اهو خشڪ ٿئي ٿو ۽ فني خوبصورتي توڙي ٻولي جي چاشني منجهس ورلي ئي نظر اچي ٿي. جيتوڻيڪ ڪنهن حد تائين ان ڳالهه کي جائز سمجهي سگهجي ٿو، پر هر هنڌ ايئن ناهي. نه رڳو عالمي سياسي ادب، پر خود سنڌ جي اندر سرجيل تمام گهڻي سياسي ادب تي اها ڳالهه ٺهڪي نه ٿي اچي. سائين جي ايم سيد کان وٺي عبدالواحد آريسر تائين، راشدي ڀائرن کان وٺي رسول بخش پليجي تائين اڪثر سياسي لکارين وٽ ٻولي جو اعليٰ درجي جو حُسن رهيو آهي. هاڻوڪي دؤر ۾ ڏسجي ٿو ته اها ساڳي ڳالهه آزاد قاضي، جامي چانڊيي، آصف بالادي، ڊاڪٽر مير عالم مري، نصير ميمڻ توڙي ٻين نوجوان دوستن وٽ به ڏسڻ ۾ اچي ٿي. (آئون هتي انهن ليکڪن جو ذڪر نه پيو ڪريان جيڪي شاعراڻي يا افسانوي ادب وسيلي سياسي خيالن جي پرچار ڪن ٿا.) اهڙي ئي ريت عيسيٰ ميمڻ به ان لڏي ۾ ساڳي حيثيت رکي ٿو. هن وٽ به ٻولي جتي پنهنجي نفسِ مضمون ادا ڪرڻ ۾ مڪمل ريت ڪامياب رهي ٿي، اتي اها پنهنجي ادبي ۽ فني دلڪشي برقرار رکڻ ۾ پڻ سڦل ٿئي ٿي. آئون سمجهان ٿو ته اها مؤثر ابلاغ لاءِ هڪڙي تمام وڏي خوبي آهي، جنهن کانسواءِ سياسي ادب پنهنجو ڪارج ڪُلي طور تي ادا ڪرڻ ۾ گهڻي ڀاڱي ڪامياب نه ٿو ٿئي.
    هن ڪتاب جي هڪ خاص خوبي هيءُ به آهي ته اهو هڪ ئي وقت سياسي فڪر سان به ڀرپور آهي، تاريخ جي پراڻين ڳلين جي مهڪ به ميڙي ٿو اچي، اڀريل مسئلن جي ڇنڊڇاڻ به ڪري ٿو، تجزين جي جهان ۾ به جهاتي پائي ٿو، ادب جي ڪميت کي به کرکڻا هڻي ٿو، ته خاڪانگاري جي صنف کي ڇهندي ان منجهان رنگ رنگ شخصيتن جي خوشبو کي پکيڙي ٿو ڇڏي. هو “وڻان وڻان ڪاٺي” ڪَٺي ڪري هڪڙي گلداڻي نه ٿو سجائي، پر هڪڙو پورو چمن آباد ڪري ٿو ڇڏي. جنهن جي مڌماتي سڳنڌ پڪ سان پڙهندڙ جي پوري وجود کي واسي ۽ معطر ڪري ڇڏيندي.
    هونئن ته هن ڪتاب تي گهڻو لکي سگهجي ٿو ۽ ان مان حوالي طور ڪيترائي خوبصورت ۽ اهم ٽُڪرا کڻي هن مُهاڳ ۾ ڏئي سگهجن ٿا. پر وقت جي اڻهوند ۽ تڪڙ جي ڪري هنن سٽن کي بنهه مختصر ڪندي آئون عيسيٰ ميمڻ کي ههڙو سٺو، ڪارائتو ۽ وقتائو ڪتاب لکڻ تي دلي واڌايون ڏيان ٿو. گڏوگڏ اها به اميد اٿم ته هيءُ ڪتاب قومي ڪارڪنن لاءِ نهايت لاڀائتو ثابت ٿيندو ۽ اهي ان مان مفيد رهنمائي حاصل ڪندا. لاشڪ هيءُ ڪتاب سنڌ جي قومي سياسي ادب ۾ هڪ اهم واڌارو آهي.

    سنڌ سلامت، ساٿ سلامت.

    نواز خان زئور
    10 اپريل 2013ع
    ميرپور بٺورو، ضلعو ٺٽو، سنڌ.


    ٻه اکـر : استاد خالد چانڊيو

    جڏهن ڪامريڊ حيدر جويو سان گڏ آيل سنھڙي سيپڪ نوجوان کي مون ڏٺو ۽ سندس تعارف ڪامريڊ حيدر جويو، عيسيٰ ميمڻ جي نالي سان ڪرائيندي ٻڌايو ته ”عيسيٰ پڙهيل نوجوان آهي ۽ سياسي مطالعو به ڪندو رهي ٿو.“ اڳتي هلي عيسيٰ لاڙڪاڻي سيٽل ٿيو ته ساڻس لڳاتار ڪچھريون ٿيڻ لڳيون. هڪڙي ڏينھن عيسيٰ هڪڙي ڪتاب جي جوڙجڪ تي مشورو وٺڻ آيو. مونکي ڏاڍي خوشي ٿي ۽ مون کيس چيو ته تون بجاءِ سياسي ڪارڪن طور سرگرم ٿيڻ جي هڪ ليکڪ طور اڳتي اچ ۽ پنھنجي صلاحيت جو ڀرپور استعمال ڪري ڏيکار. انوقت همراهه سڌو جواب ته نه ڏنو پر ڪجهه ڏينھن ۾ اچي هڪڙي ڪتاب جا پروف منھنجي اڳيان رکيائين ته چيڪ ڪري ڏيو. اهو ڪتاب سرسوتي ساهت گهر ڏوڪري جو پهريون ڪتاب هيو ۽ هاڻي اهو سلسلو وڃي ڏهن ڪتابن تي پھتو آهي جنھن مان ٻه ڪتاب ته منھنجا لکيل ۽ سھيڙيل آهن.
    عيسيٰ ميمڻ جو هي ڪتاب ”سياست، تاريخ ۽ ڪردار“ سندس لکيل مختلف مضمونن جو ڳٽڪو آهي جيڪي مختلف وقتن تي ڇپيا آهن. هن ڪتاب جو پهريون ڀاڱو سياسي سماجي، تجزين ۽ تاريخ جي اپٽار تي ٻڌل 18 مضمونن تي ٻڌل آهي جڏهن ته ٻيو ڀاڱو 10 شخصيتن تي لکيل مضمونن تي ٻڌل آهي. جيڪي سڀئي جديد سنڌ جا علمي، ادبي، سياسي ۽ مزاحمتي ڪردار آهن.
    عيسيٰ جن سياسي ۽ سماجي موضوعن تي قلم کنيو آهي اهي موضوع اڄ جي سنڌ جا ٻرندڙ مسئلا آهن. قومي جبر ۽ غلامي جي ڏکئي دور ۾ سندس ڪالم نھايت اتساهيندڙ، جذبو پيدا ڪندڙ ۽ معلوماتي پڻ آهن. سندس تحرير ٻڌائي ٿي ته پاڻ هڪ صاحب دل ليکڪ آهي جنهن جي اکين ۾ ٻرندڙ آزادي جي جوت سندس قلم مان وڄ جيئن ورا ڪا ڪري ظاهر ٿئي ٿي.
    هونئن ته سنڌ ۾ لکندڙن ۽ ڪالم نويسن جو وڏو انگ موجود آهي جيڪي پنھنجي قلم سان قومي سياسي ڪارڪنن جي رهنمائي لاءِ چڱو خاصو مواد فراهم ڪري رهيا آهن ۽ عيسيٰ جھڙي سڄاڻ نوجوان جو اضافو به اسان جي سياسي ادب ۾ هڪ سٺو سنؤڻ آهي.
    جديد سنڌي سياسي ۽ مزاحمتي ڪردارن تي لکيل سندس مضمون به اسان کي سنڌ سان ٿيندڙ بي رحمانه ڪار رواين ۽ وارتائن بابت گهڻو ڪجهه ٻڌائين ٿا. رياستي پاليسين، ڌاري آباد ڪاري، قومي ۽ طبقاتي سوال، معاشي بحران، ذوالفقار آباد جھڙي قاتل رٿا، 2010ع واري تاريخي ٻوڏ، ٽوپي اجرڪ واري ڏهاڙي جو تجزيو ۽ ٽوڙهي ڦاٽڪ سانحي جي حوالي سان شاگرد سياست جو تجزيو وارا مضمون سنڌ جي سياسي صورتحال جا سٺا ۽ مناسب تجزيا آهن. جڏهن ته سنڌو درياهه جي تاريخ، مُھين جي دڙي، بکر شھر، ڪوٽڏيجي قلعي ۽ مڪلي جي قبرستان وارا مضمون تاريخ ۽ آثار قديمه جي موضوع سان واسطو رکن ٿا. هن انھيءَ موضوع سان به انصاف ڪرڻ جي سٺي ڪوشش ڪئي آهي.
    ان سان گڏوگڏ لطيف شناسي جي حوالي سان ”سرسامونڊي“ ۾ ”وهن جو وايون ۽ مڌ جو اصل متو متارا“ آرٽيڪل ته نھايت شاندار لکيا اٿائين ۽ ڀٽ ڌڻي جي پيغام کي نئين سر دريافت ڪرڻ جي ڌن ۾ لڳل آهي. سندس تجزيو بي مثال ۽ دليل بهترين آهن. مان کيس صلاح ڏيندس ته ڀٽائي جي ٻين سُرن تي به لکي ته ڏاڍو سٺو ٿيندو.
    سنڌي ادبي سنگت هڪ ترقي پسند ادبي تنظيم آهي جيڪڏهن ٻين شاخن سان واسطو رکندڙ دوست عيسيٰ وانگر به پنهنجي شاخن جي تاريخ لکن ته سنڌ جي ادبي تاريخ ٺھي پوندي.
    پنھنجي طبيعت ۽ سڀاءَ ۾ نھٺو، بااخلاق، مرڪندڙ هي نوجوان جيڪا محنت ڪري رهيو آهي ان محنت سان سنڌي ادب ۾ سٺو واڌارو ٿي رهيو آهي. سندس هي ڪتاب نوجوان سياسي ڪارڪنن جي رهنمائي ۽ ذھن سازي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. ان سان گڏ عيسيٰ مان به اميد آهي ته تحقيق ۽ مطالعي جي ڪم کي جاري رکندو ته جيئن اسان پڙهندڙن جي ذوق مطالعه جي تسڪين ٿيندي رهي.

    استاد خالد چانڊيو
    2013-03-31


    عيسى ميمڻ کان مسيح ڪالاڻي تائين : ادل سولنگي

    سنڌي ادبي سنگت ڏوڪريءَ جي گڏجاڻين ۾ هڪ ننڍڙو سنھڙو سيپڪڙو ٻالڪ عيسى ميمڻ جڏهن شريڪ ٿيندو هو، اڳتي هلي هن لکڻ شروع ڪيو جنھن ۾ شاعري، ان کانپوءِ مضمون وغيره. عيسى ميمڻ جي اکين ۾ هڪ علمي اُڃ مونکي محسوس ٿيندي هئي. لڳاتار ادبي سرگرمين ۾ حصيدار رهندي جڏهن هو پنھنجي شعوري سفر ۾ ميچوئر ٿيڻ لڳو تـڏهـن هـن جـي ســوچ ۽ لــوچ جــو پــنـڌ به تـيـزيءَ سان شروع ٿئي ٿو. 03-2002ع ۾ سنڌي ادبي سنگت ڏوڪريءَ جي سيڪريٽريءَ جي حيثيت سان هن جي جدوجھد اهڙي مثالي رهي آهي جنھن پنھنجي علائقي ۾ خاص ڪري ڏوڪريءَ جي علمي، ادبي ۽ سياسي حلقن ۾ ۽ عام ڪري سڄي ضلعي جي علمي ادبي حلقن ۾ نئون روح ڦوڪيو. موهن جي دڙي جي قيمتي مھرن جي چوريءَ خلاف هن جي جدوجھد ايتري سگهاري رهي جو سنڌ جي سمورن شھرن ۾ قيمتي مھرن جي چوريءَ خلاف سگهارو آواز اُڀريو. ان حوالي سان سنڌي ادبي سنگت مرڪز پاران پڻ اُن جدوجھد کي قبوليت ملي ۽ موهن جي دڙي بابت عاليشان سيمينار ڪوٺايو ويو ۽ جڏهن ته ان ڏس ۾ لاڙڪاڻو ضلع حڪومت پاران پڻ تمام گهڻي پيش رفت ڪئي. منھنجو ۽ هن جو ساٿ سائين جي ايم سيد جي فڪري جدوجھد ۾ رهيو آهي، ڪھڙيون به حالتون رهيون هجن اسان پنھنجي فڪري جدوجھد ۾ هميشه رُڌل رهيا آهيون. توڙي جو مقامي طور تي اسان جي آڏو پنھنجن توڙي پراون ڪافي رڪاوٽون وڌيون، سڌي اڻ سڌيءَ طرح سگهاريون ڌريون اسان مٿان اثرانداز ٿيڻ جون سموريون ڪوششون ڪنديون رهيون آهن تنھن هوندي به اسان جو شيخ اياز جي هِنن سِٽن تي اڃان ايمان پختو ٿيندو رهيو آهي ته:
    جي تون وڙهندي ماريو ويندي،
    هن وَستيءَ تان واريو ويندي،
    دودا تنھنجو ساههُ ته ويندو،
    پر ماڻهوءَ جو ويساهه نه ويندو.
    اسان وقت جي نٽھڻ جو فڪرِ جي ايم سيد جي ڇانوَ ۾ رهندي مقابلو ڪيو آهي، ويڙهاند ڪئي آهي، جدوجھد ڪئي آهي پر ڪڏهن به حوصلو هاريو ناهي ۽ اسان جو ساٿ جيئن پوءِ تيئن گهرو ٿيندو رهيو آهي. عيسى ۽ منھنجي سياسي علمي ۽ ادبي پورهيي اڳيان وقت جا ڄامڙا شڪست کائي ويا آهن.
    ”ينگ ايجوڪيشنل سوسائٽي“، ”موهن جو دڙو اڪيڊمي آف سنڌ“ کان ويندي ”سرسوتي ساهت گهر ڏوڪري“ تائين هن جي شعوري سفر ۾ آءٌ هميشه هن سان گڏ رهيو آهيان. اڄ جڏهن آءٌ گذريل وقت ڏانھن نھاريان ٿو ته عيسى جي جدوجھد ۽ حاصلات اڳتي وڌڻ لاءِ همٿائي رهي آهي. اڳتي هلي جڏهن عيسى ميمڻ ”مسيح ڪالاڻي“ بڻجي ٿو تڏهن مون ڪنھن پروگرام ۾ کيس هنن لفظن ۾ اسٽيج تي گهرايو هو ته، ”هڪ هيو سنڌ جو بھادر پٽ هيمون ڪالاڻي جنھن جو تسلسل آهي ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي جو تسلسل آهي مسيح ڪالاڻي“ ۽ اڄ هو پنھنجي نالي مسيح ۽ ڪالاڻي جو ڀرم رکڻ لاءِ ڪوشان آهي.
    مسيح ڪالاڻي پنھنجي قوم جي مسيحائي سائين جي ايم سيد جي فڪري واٽ تي هلندي ڪري رهيو آهي، سنڌ جي آزادي تائين اسان جي جدوجھد جاري رهڻي آهي، اسان جو ساٿ سدائين لاءِ رهڻو آهي. مون هر ڀيري چيو آهي ته ”جيڪڏهن عيسى ميمڻ جھڙو ڀاءُ هجي ته مونکي ڪابه ڳڻتي ناهي ۽ اڄ عيسى سان گڏ هوندي مونکي فخر به آهي ته پنھنجي ڪلھن جو بار هلڪو به محسوس ڪريان ٿو.“
    سياسي، سماجي، علمي ۽ ادبي سجاڳيءَ ۾ جيڪو ڪردار عيسى رهيو آهي آءٌ سنڌ جي هر نوجوان کان اهڙي گُهرَ ٿو ڪريان ته هو قومي تحريڪ کي سگهارو بنائڻ لاءِ ۽ سنڌي قوم جي آزاديءَ واري ويڙهاند ۾ عيسى ميمڻ جھڙو عملي ڪردار ادا ڪري پنھنجو قومي فرض نڀائي ته سنڌ جي خوشحالي، امن ۽ آزادي جو پنڌ پرانھون به اورانهون ٿي پوندو.

    ادل سولنگي
    (محرابپور)
    3- اپريل 2013ع


    ليکڪ پاران : عيسى ميمڻ

    منھنجو هي ڪتاب مختلف وقتن تي لکيل لکڻين جو ڳٽڪو آهي. جنھن ۾ جنھن معاملي کي جيئن مون سمجهيو آهي ته ان کي ايئن بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم. جيتوڻيڪ ڪجهه لکڻيون گهڻو وقت اڳ لکڻ سبب انهن ۾ ڪجهه ڳالهين سان اتفاق نه به آهي پر اهي منھنجا خيال ان وقت جي عڪاسي ڪن ٿا. جيئن جيئن وڌيڪ پڙهجي ۽ مشاهدو ڪجي ٿو تيئن تيئن خيالن ۾ تبديلي اڻٽر بڻجي وڃي ٿي. ڪائنات ۾ بقا صرف تبديلي کي ئي آهي. جيڪا به شيءِ يا خيال تبديل نه ٿو ٿئي يقيناً اهو پنھنجو ڪارج وڃائي ويهي ٿو. ان ڪري منھنجا هي خيال هن وقت تائين جو سچ آهن ايندڙ دؤر جي سچ جو تعين ايندڙ حالتون ڪنديون، ڇو ته هر دؤر جو سچ پنھنجو ٿيندو آهي. هي لکڻيون صرف تاريخ جي هڪ دؤر جو سچ سمجهيون وڃن.
    ڪتاب جي ڏس ۾ جن دوستن مون سان سھڪار ڪيو انھن ۾ منھنجي بااعتماد ساٿي ۽ بھترين نقاد ۽ نثر نويس علي بخش پٺاڻ، منھنجي وڏي ڀاءُ ادل سولنگي ۽ عزيز منگي، اسان جي محسن خالد چانڊيو ۽ نئين ٽھيءَ جي دانشور ۽ اديب نواز خان زنئور ۽ ناليواري شاعر ڊاڪٽر ادل سومري جا خاص ٿورا جن وقت ڪڍي ٻه اکر لکڻ جي عنايت ڪري منھنجي حوصلي افزائي ڪئي. ڪتاب جي ڪمپوزنگ ۾ ساٿي شيخ رفيق ۽ ٽائيٽل لاءِ مرتضى ميمڻ جا پڻ احسان هميشه ياد رهندا.
    ڪتاب تي مان پنھنجي راءِ ڏيڻ بجاءِ سڀ ڪجهه پڙهندڙن تي ڇڏيان ٿو ته هو ڪيئن ڏسن ۽ سمجهن ٿا. مان پنھنجي سمورن خيالن، سوچن ۽ تجزين جي لفظ لفظ کان وٺي ڪاما، فل اسٽاپ تائين جو ذميوار آهيان تنقيدي، تعريفي يا اصلاحي جيڪو به پھلو سامھون آيو ته ان جي دل کولي آجيان ڪندس.

    اوهان جو پنھنجو
    عيسى ميمڻ
    ڏوڪري


    سياسي تجزيا ۽ تاريخ

    قومي ۽ طبقاتي سوال جو جائزو

    سنڌ ۾ قومي ۽ طبقاتي سوال تي گهڻي وقت کان بحث هلندڙ آهي. جڏهن تضاد موجود هجن ته ان تي بحث تضاد جو سلجهاءُ لازمي بڻيو پوي. شعور مادي حالتن جي پيداوار هوندو آهي. مادي حالتن جي تبديليءَ سان شعور ۾ به تبديلي ايندي آهي. شعور جيتوڻيڪ مادي حالتن جي پيداوار ضرور هوندو آهي پر شعور مادي حالتن جي تبديليءَ ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪندو آهي. اها تبديلي ارتقائي تبديلي هجي يا انقلابي ان ۾ شعور جو عمل دخل ضرور هوندو آهي. ارتقائي عمل ڪڏهن ڪڏهن صدين جو سفر ڪري معاشري ۾ تبديليءَ لاءِ راهه هموار ڪندو آهي. جيئن غلام داري سماج کان جاگيرداري سماج تائين انسان کي صدين جون صديون سفر ڪندي گذريو آهي. جنھن ۾ انسان غلام داري سماج کان بغاوتون ڪندي، پنھنجي جند آجي ته ڪرائي پر وري جاگيرداري سماج ۾ جڪڙجي پيو. جيتوڻيڪ جاگيرداري سماج، غلام داري سماج کان وڌيڪ ترقي پسند ٿيندو آهي، جنھن ۾ سماج هڪ قدم اڳتي سفر ڪندو آهي. پر هڪ خاص عرصي کان پوءِ ساڳيو سماج تبديليءَ جي گُهر ڪندو آهي، جيڪڏهن ان سماج ۾ تبديلي نه ٿي اچي ته معاشري ۾ بگاڙ ۽ ڀڃ ڊاهه شروع ٿيندي آهي. جيئن جاگيرداري سماج کان پوءِ سرمائيداري سماج ۾ تبديليءَ جي مرحلي ۾ سماج ۾ بغاوتون شروع ٿيون. ڇو ته سرمائيداري سماج ۾ پيداواري ذريعن جي تبديليءَ سان پيداواري اوزارن ۾ تبديلي ۽ پيداواري اوزارن جي تبديليءَ سان پيداواري رشتن ۾ تبديلي اڻٽر بڻجي وڃي ٿي. جاگيرداري سماج ۾ پيداواري رشتن ۾ ڏار پئجي ويندا آهن. جڏهن سرمائيدار پنھنجا پير پختا ڪرڻ لاءِ جاگيرداري سماج سان مھاڏو اٽڪايو. سرمائيداري، جاگيرداري کان وڌيڪ، ترقي پسند رجحان ۽ لاڙا کڻي آئي. جنھن ۾ انساني ترقيءَ جي رفتار تيز ٿي ۽ ماڻهن جاگيرداري کان وڌيڪ بھتر سرمائيداريءَ کي سمجهيو. ان ڪري سرمائيداريءَ جي ترقي پسند رجحانن قومن جي تشڪيل ڪرڻ شروع ڪئي. جاگيرداري جي ٻين هزار برائين سان گڏ سڀ کان وڌيڪ برائي اها به هوندي آهي ته ان نظام ۾ ماڻهو ٽڪرن ۾ ورهايل هوندا آهن. سوچ علائقائي دائرن تائين محدود هوندي آهي، جنھن ڪري ماڻهوءَ جا مفاد به علائقائي ٿيندا آهن پر سرمائيداري سماج قومي منڊي جي تلاش ۾ علائقائي سوچ بجاءِ قومي/ اجتماعي سوچ لاءِ هٿ پير هڻندو آهي. جنھنڪري ماڻهن جي مرڪزيت (Centralization) جڙندي آهي. سرمائيدار کي سستي پورهيت، ڪچي مال ۽ منڊيءَ جي سخت ضرورت هوندي آهي. ان ڪري هو مذهبي عقيدي پرستي، علائقائي سوچ بجاءِ ماڻهن کي هڪ قوم هجڻ جا سبق ڏيندو آهي. ان جو مقصد اهو هرگز نه هوندو آهي ته سرمائيدار قوم سان محبت ڪندو آهي پر هن کي پنھنجا معاشي مفاد وڌيڪ عزيز هوندا آهن. ان ڪري هو قومي تحريڪن کي پنھنجي پيرن تي بيھارڻ لاءِ ڪوشان هوندو آهي. ڇاڪاڻ ته سرمائيدار کي عالمي سرمائيدار جي سيڙپڪاري ۽ اثـر رسوخ گهٽائڻ لاءِ قومي تحريڪ جي سخت ضرورت هوندي آهي. جاگيردار ۽ مذهبي انتھاپسندي، ترقي پسندي رجحانن کي پنھنجي لاءِ خطرو محسوس ڪندي آهي. ان ڪري سرمائيدار کي اڀرڻ نه ڏيندي آهي. سرمائيداري، جاگيرداري ۽ مذهبي انتھاپسندي لاءِ موت جو پروانو کڻي ايندي آهي. ان ڪري قومي تحريڪ هڪ ئي وقت عالمي سامراج، جاگيردار ۽ مذهبي انتھاپسنديءَ خلاف ويڙهه وڙهندي آهي. جنھن جي پسمنظر ۾ سرمائيدار هوندو آهي.
    سنڌ ۾ قومي سرمائيدار نه هجڻ سبب، اهو خال ڌارئي سرمائيدار پورو ڪيو. ان جو مطلب اهو به هرگز نه آهي ته سنڌ ۾ قومي سرمائيدار پيدا ئي نه ٿيو. سنڌ ۾ اڪثر جيڪو مڊل ڪلاس انگريز دؤر ۾ ترقيءَ جون منزلون طئه ڪندي سرمائيداريءَ جو ڄار وڇائي رهيو هو. ان کي 1947ع واري ورهاڱي ۾ زبردستيءَ لڏايو ويو. نتيجي طور تي سنڌ ۾ جيڪي مڊل ڪلاس تعليم ۽ صحت جا ادارا کولي عوام ۾ شھري زندگي گذارڻ جا لاڙا پيدا ڪيا، ان کي ترقيءَ جي راهه تي گامزن ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ان ۾ ورهاڱي ڪري رڪاوٽ پيدا ٿي ۽ ان جي جاءِ ڌارئي سرمائيدار پنھنجو سرمايو کڻي ۽ سنڌ جي شھرن تي قابض ٿي ويو. جيڪو سنڌي سماج جاگيرداري کان پوءِ سرمائيداريءَ ۾ داخل ٿيڻو هو ان جو رُخ تبديل ٿي ويو. ڌارئي سرمائيدار نه صرف شھرن تي قبضا ڪيا پر ان سستي مزدور جي تلاش ۾ ڌارئي مزدور کي به پاڻ سان گڏ کنيون آيو ۽ ڌارئي سرمائيدار ڪيترائي خطرا محسوس ڪيا. هڪ ته ڌرتي ڌڻي مزدور، اجوري جي گُهرَ وڌيڪ ڪري رهيو هو، ٻيو اهو يونين سازي به ڪري مطالبا ڪري رهيو هو. جنھن ڪري سرمائيدار ڌارئي مزدور کي وڌيڪ ترجيح ڏني. نتيجي ۾ هڪ ته سنڌ ۾ ڌاري آبادڪاريءَ جو ايترو دٻاءُ وڌي ويو آهي جو سنڌ جا اصلوڪا رهاڪو اقليت ۾ تبديل ٿيڻ واري سيڪڙي تي پھتا آهن ۽ ٻيو ته جيڪو سنڌي سماج جاگيرداري کان ٻاهر نڪري ترقي طرف وڌڻو هو. اهو موقعي نه ملڻ سبب هن وقت تائين جاگيرداري جي ڌٻڻ ۾ وڌيڪ ڦاسي پيو آهي. انھيءَ سبب جي ڪري به سنڌ ۾ قبائلي تڪرار ۽ ذات پرستيءَ جا رجحان تيزيءَ سان وڌي رهيا آهن. جيڪي سنڌ کي خانا جنگيءَ ۾ وٺي وڃي سگهن ٿا. خود رياست جو جياپو به ان ۾ آهي ته جيترو سماج قبائلي ۽ علائقائي تڪرارن ۽ جهيڙن ۾ الجـهندو اوترو رياست جي عمر وڌندي. ان ڪري رياست جاگيردار جي پٺڀرائي به ڪري رهي آهي. جڏهن ته ڌاري آبادڪاريءَ جي نتيجي ۾ سنڌ جي جاگرافي تبديليءَ جا امڪان به پيد اٿي پيا آهن. ڇاڪاڻ ته جتي ڊيموگرافيڪل تبديلي ايندي آهي اتي جاگرافيڪل تبديليون به اينديون آهن. جنھن جو سڀ کان وڏو مثال فلسطين ۽ اسرائيل ۾ ڏسي سگهجي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو بلوچن گوادر پورٽ منصوبي کي به بلوچستان جي ڊيموگرافيڪل تبديلي جي خوف کان رد ڪيو، نه صرف رد ڪيو پر ان خلاف مزاحمت به ڪئي آهي.
    سنڌ ۾ قومي سرمائيدار نه هجڻ سبب به سنڌ جي قومي تحريڪ کي جيڪا سنڌ جي اڏاوت ڪرڻي هئي، اُها نه ڪري سگهي آهي. جنھن ڪري سنڌ جي قومي تحريڪ ڪلچرل محاذ تي سنڌي ماڻهن کي گڏ ڪرڻ ۾ ڪنھن حد تائين ڪامياب وئي آهي ۽ ان محاذ تي مذهبي انتھا پسنديءَ خلاف به قومي تحريڪ تمام گهڻيون ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن. قومي تحريڪ جي جدوجھد جو نتيجو آهي ته جو پاڪستان جي چئن رياستن مان سنڌ اڄ به سڪيولر ۽ مذهبي رواداريءَ جو سڀ کان وڏو مثال آهي. جنھن ڪري جڏهن دنيا مذهبي انتھاپسنديءَ کان خطرو محسوس ڪري ٿي تڏهن وري به سنڌ انهن لاءِ اتساهه جو سبب آهي. باقي قومي تحريڪ کي اڃان گهڻن محاذن تي پنھنجي ويڙهه وڙهڻي آهي.
    سنڌ ۾ هاڻ سوال اچي ٿو ته انھن حالتن ۾ قومي ۽ طبقاتي تحريڪ کي ڇا ڪرڻو آهي؟ منھنجي راءِ آهي ته سڀ کان اول اهو تعين ڪرڻ گهرجي ته سڀ کان اڳ ڪھڙو تضاد اُڀريل آهي، جنھن جي حَل لاءِ ڪوشش/ جدوجھد ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته جيستائين نظرياتي مونجهارا هوندا تيستائين حڪمت عمليءَ ۾ به مونجهارا هوندا. سنڌ ۾ طبقاتي تحريڪ جيڪا سڀ کان وڏي غلطي پئي ڪئي آهي، اُها اِها ته هن وقت تائين قومي تضاد کي يا ته نظرانداز پئي ڪيو ويو آهي يا گهٽ اهميت پئي ڏني آهي. يا قومي تضاد کي طبقاتي تضاد جي متضاد پئي سمجهيو آهي. جنھن سبب قومي تضاد تي جهيڙيندڙ ڌريون ۽ طبقاتي ويڙهه وڙهندڙ ڌريون، نظرياتي طرح ۽ ڪنھن قدر عملي طور تي به هڪ ٻئي خلاف محاذ کڙا ڪنديون رهيون آهن. طبقاتي سوال رکندڙ ڌرين موقعي پرستي جو شڪار هجڻ ۽ انھن جي ادارن ۾ اڪثريت ڌارئي دانشور هجڻ ڪري به انھن قومي سوال کي ڇيهو پئي رسايو آهي. ٻئي طرف قومي سوال جي حَل لاءِ ڪوشان رهندڙن، طبقاتي تضاد کي غير اهم سمجهيو آهي يا ان کي مستقبل جو سوال سمجهيو آهي. جيتوڻيڪ قومي تضاد به بنيادي طور تي طبقاتي تضاد هوندو آهي. ڇاڪاڻ ته هڪ طبقو قوم کي غلام بڻائي ۽ باقي پنھنجي قوم کي مراعت يافته بڻائي ۽ ان استحصال ۾ پنھنجو حصيدار بڻائيندو آهي. جنھن ڪري ان قوم جو عوام يا پورهيت مظلوم قوم/ پورهيت لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ کان لنوائيندو آهي. پاڪستان ۾ پنجاب جي بالادست طبقي، اسلام ۽ وفاق جي نالي ۾ مظلوم قومن کي غلام بڻائي، ان جي وسيلن جي ڦرلٽ ڪري، پنھنجي قوم کي نوڪرين ۽ وسيلن ۾ حصيدار بڻائي ڇڏيو آهي. جنھن سبب سنڌ يا بلوچستان مان جڏهن ڪو پنھنجي حقن لاءِ آواز اٿاري ٿو، تڏهن پنجاب مان ڪو ٻڙڪ به ٻاهر ڪڍڻ لاءِ تيار نه آهي. جڏهن ته پٺاڻن کي پنجاب قومن جي باقي استحصال ۾ ڀاڱي ڀائيوار بڻائي ورتو آهي. اهو ئي سبب آهي جو قومن جي وچ ۾ زبردست تضاد موجود آهن. ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته هتي قومي تضاد اڀريل تضاد آهي. جيستائين قومي تضاد حل نه ٿيندو تيستائين طبقاتي تضاد به حل نه ٿيندو. ان ڪري جيڪي ڌريون قومي تضاد کي نظرانداز ڪري سنڌ ۾ سياست ڪنديون، اُهي ڪڏهن به پنھنجا پير کوڙي نه سگهنديون. ان جو نتيجو طبقاتي تحريڪ جي موجوده بيھڪ مان به لڳائي سگهون ٿا ته هو هيٺين طبقي جي ڳالهه ته ڪن ٿيون پر هيٺين طبقي جو ماڻهو وٽن نالي ماتر به نه آهي. جڏهن ته سائين جي ايم سيد 1972ع ۾ ئي قومي تضاد کي سمجهي ورتو هو. جنھن ڪري قومي تحريڪ پنھنجا گهربل لوازمات پورا نه ڪرڻ باوجود به قومي تضاد سبب عوام ۾ بيٺي آهي ۽ قومي تحريڪ جڏهن به ڪو سڏ ڏئي ٿي ته لکن جي تعداد ۾ ماڻهو روڊن تي نڪري اچن ٿا ۽ ماڻهو قومي تحريڪ کي ئي پنھنجي مسئلن جو حَلُ سمجهن ٿا. ڪامريڊ لينن چواڻي ته ”جيڪو ماڻهو قومي ظلم ۽ نابرابريءَ خلاف لڙائي نه ٿو ڪري سو مارڪس جي انقلابي تعليم جو سچو پوئلڳ ته ٺهيو پر سکڻو جمھوريت پسند به ڪونهي.“ ڇاڪاڻ ته قومي آزاديءَ جو سوال صرف قومپرست جو سوال نه آهي اهو سوال اوترو ئي ڪميونسٽ جو به سوال آهي پر ڪميونسٽ جو ته پھريون سوال آهي، ان ڪري طبقاتي ۽ قومي تحريڪ کي هڪ ٻئي جي ويجهو اچڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته عالمي سامراج، پنجاب جو فوجي ٽولو، جاگيردار ۽ بيوروڪريسي قومن جي استحصال ۾ ٻِٽُ بڻيل آهن. ان ڪري جڏهن دشمن قوتون منظم هجن ته عوام دوست ۽ قوم دوست قوتن کي به هڪ ٻئي کان پري رهڻ نه گهرجي.
    هنن حالتن ۾ قومي تحريڪ کي به پنھنجو نظرياتي ۽ عملي پاسن جو جائزو به وٺڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته قومي تحريڪ جو نظرياتي پاسو، ڪـٿي کٽل ۽ ڪٿي ڌنڌلو آهي، جنھن ڪري نظرياتي مونجهارا، سياسي ميدان تي عملن ۾ مونجهارا پيدا ڪن ٿا. مثال طور هر قومي تحريڪ پنھنجي جوهر ۾ سامراج مخالف هوندي آهي، پر هتي قومي تحريڪ دنيا جي عالمي سامراج آمريڪا ڏانھن پنھنجي پاليسي، سامراج مخالف هجڻ بجاءِ دوستاڻا آهي يا گهٽ ۾ گهٽ ان جي مخالف نه آهي. آمريڪا سڄي دنيا ۾ تباهي پيد اڪري ڇڏي آهي. جپان تي حملي ڪرڻ کان وٺي عراق ۽ لبيا جي لکين ماڻهن جي قتل عام باوجود به آمريڪا جي تلوار مياڻ ۾ واپس نه ٿي وڃي. ان ڪري سڄي دنيا ۾ بک بدحالي، بدامني ۽ مھانگائيءَ جو راڪاس لامارا ڏئي رهيو آهي. سوويت يونين جي دشمنيءَ ۾ ايٽم بم کان پوءِ مذهبي طالبان پيدا ڪري دنيا کي تباهيءَ جي ڪناري تي پھچائي ڇڏيو آهي. آمريڪا جي جيڪڏهن ڪنھن سان دوستي رهي آهي ته اها نظرياتي ۽ انسان دوستيءَ واري نه پر معاشي مفادن واري رهي آهي، جنھن ڪري ان مان آزاديءَ جي اميد رکڻ بجاءِ عوام جي طاقت ۽ جدوجھد تي وڌيڪ ڀاڙڻ جي ضرورت آهي. ان طاقت ۽ ويڙهه جي مرحلي ۾ جيڪڏهن دشمن قوت خلاف ڪا طاقت مدد ڪري ٿي ته ان تي سوچي سگهجي ٿو. باقي آمريڪا کي آزاديءَ لاءِ اپيل ڪرڻ بجاءِ عوام، دنيا جي مظلوم ۽ سوشلسٽ ڏانھن مدد يا امداد جي اپيل ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ پنھنجون پاليسيون طبقاتي جدوجھد ڏانھن به واضح رکڻ گهرجن.


    سنڌ ۾ ڌاري آبادڪاري خلاف مزاحمت: حقيقتون ۽ خدشا

    ڏاڍو هڪ خوبصورت جملو آهي ته ”جنگ ۾ ڀلي توهان جي دلچسپي هجي يا نه پر جنگ اوهان ۾ دلچسپي رکي ٿي.“ هي جملو بظاهر ته ڏاڍو سادو ۽ خوبصورت آهي پر ان ۾ انتھائي گھري معنى لڪل آهي. جنگ انسان جو اهڙو عمل آهي جيڪو ٻن سببن ڪري ڪندو آهي. هڪ جڏهن انسان جو وجود خطري ۾ هجي تڏهن انسان پنهنجي بقا جي جنگ وڙهندو آهي. جيڪڏهن هو جنگ نه وڙهندو ته هن صفحه هستيءَ تان مٽجي ويندو، ڇاڪاڻ ته هيءَ دنيا وڙهي جيئڻ جو ميدان آهي. جيڪو پنهنجي اندر ويڙهه جي سگهه رکندو اهو ئي هن دنيا ۾ پنهنجي وجود کي بچائي سگهندو. اها جنگ فطرت سان هجي يا انسان جي انسان سان هجي پر اها جنگ هر حال ۾ انسان کي وڙهڻي پوندي. ٻيو جنگ انسان، ٻئي انسان کي هڪ طبقو، ٻئي طبقي يا هڪ قوم ٻئي کي زيردست ڪرڻ لاءِ يا ان جي ڦرلٽ ڪرڻ لاءِ وڙهندو آهي. جيئن آمريڪا يا ان جا ساٿاري ملڪ توڙي سرمائيدار سڄي دنيا جي دولت امن جي نالي تي پنهنجي هٿن ۾ رکڻ لاءِ وڙهي رهيا آهن. جيڪا جنگ ڪنهن به صورت ۾ ا نسان يا فطرت جي بھتري ۾ نه آڻي سگهجي نه ئي وري ان کي جائز سمجهي ان جي حمايت ڪري سگهجي ٿي. پر جنگ ۾ اسان جي دلچسپي ڀلي نه هجي پر جنگ اسان ۾ دلچسپي رکي ٿي، ان ڪري اها جنگ وڙهڻ فطرت جي مطابق هوندي آهي. ان ڪري اها جائز آهي ۽ وڙهڻ کپي.
    اهو ئي سبب آهي جو تاريخ جي ان سڏ کي ورنائيندي سنڌ جي محب وطنن پنھنجي وجود جي جنگ وڙهڻ لاءِ 20 فئبروري کان سنڌي قوم کي سڏ ڏنو آهي. جنهن کي سنڌ جا مڙني طبقن جا ماڻهو پنهنجي زاويي کان ڏسن ۽ تجزيا ڪن ٿا. هي جنگ جيڪا شروع ٿي آهي، ان جو تجزيو ۽ ان جي بھتر رخ ۾ هلائڻ لاءِ سنڌ جي دانشورن ۽ تجزيانگارن کي حقيقي ۽ قوم دوستيءَ وارو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.
    سنڌ ۾ ڌاري آبادڪاريءَ سبب سنڌي قوم جو وجود داوَ تي لڳل آهي. هڪ رپورٽ مطابق هر سال سنڌ ۾ 2-لک ڌاريا داخل ٿي رهيا آهن. جنهن سبب سنڌ ۾ ڌارين جو تعداد 49 سيڪڙ ۽ سنڌي ماڻهن جو تعداد 51 سيڪڙو تي وڃي بيٺو آهي. جيڪڏهن ڌارين جي اها يلغار رهي ته سنڌي پنهنجي ئي ڌرتيءَ تي اقليت ۾ تبديل ٿي ويندا. نتيجي ۾ سنڌي ماڻهن جو اهڙو حشر ٿيندو جيڪو فلسطين ۾ فلسطينين سان ٿيو. آمريڪا م برطانيه ٻي مهاڀاري جنگ ۾ يهودين جي وڏي تعداد ۾ ٿيل قتل عام کانپوءِ انهن جي منتشر قوت کي ڪٺي ڪرڻ لاءِ يهودين کي فلسطين ۾ آباد ڪري فلسطينين کي اقليت ۾ آڻي انهن جي سرزمين کي ٻن حصن ۾ ورهائي ڇڏيو. اهڙي طريقي سان سنڌين جي سرزمين تي ڌارين کي آباد ڪري سنڌين کي پنهنجي ڌرتيءَ تان بيدخل ڪرڻ جي گھري سازش ٿي رهي آهي. اهو ئي ڪارڻ آهي جو سنڌ جون سڀئي ڌريون وڏي عرصي کان ڌاري آبادڪاريءَ خلاف پرامن جدوجھد پئي ڪئي آهي پر هن وقت تائين ان جو ڪنهن به طرح خاطر خواه نتيجو سامهون نه آيو آهي. ان ڳالهه کي سامھون رکي سنڌ جي محب وطنن ڌاري آباديءَ کي ٽن مهينن جو مدو ڏنو ته اهي پنهنجا ٽپڙ کڻي پنهنجي سرزمين ڏانهن موٽي وڃن پر ان جي برعڪس انهن ڌارين سنڌ تي پنھنجو دائمي حق سمجهندي مزاحمت جو فيصلو ڪيو. نتيجي ۾ انهن خلاف ڪارروائين جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي. مان سمجهان ٿو ته هيءَ تحريڪ مھاتما گانڌيءَ طرفان 1942ع ۾ Quit India Movement هندستان خالي ڪريو تحريڪ جو تسلسل آهي. جڏهن انڊين نيشنل ڪانگريس محسوس ڪيو ته ڌارين (انگريزن) کي ڪڍڻ لاءِ هي وقت مزاحمت جو آهي. ٻي مھاڀاري جنگ سبب انگريز حڪومت ڪمزور ٿي رهي آهي ته ان وقت انهن ”هندستان خالي ڪريو تحريڪ“ هلائي. جنهن جو مقصد به سامراج خلاف سڌي جنگ هو ان تحريڪ جا نتيجا بھتر مليا جو انگريز سرڪار ڪانگريس سان ڳالهيون ڪيون ۽ هندستان کي خالي ڪرڻ لاءِ مهلت گهري. اڄ ساڳي تاريخي سڏ کي محسوس ڪندي ڌاريا سنڌ خالي ڪريو تحريڪ (Quit Sindh Movement) شروع ڪئي وئي آهي، جنھن جو رخ پنجاب سامراج ڏانهن ئي آهي. جنهن کي سمجهڻ جي ضرورت آهي. هن تحريڪ کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ دشمن مختلف حربا استعمال ڪري رهيو آهي. اچو ته انهن جي سازشن کي سمجهون ته اهي ڪهڙي نموني تحريڪ کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ نفسياتي حربا استعمال ڪري رهيو آهي. اهڙيون سازشون تاريخ ۾ نئين ڳالهه نه آهي. توهان تاريخ جا ورق اٿلائيندؤ ته توهان کي هر گوريلا جنگ ۾ اڪيلا حُرَ توهان کي نظر ايندا. ان وقت جواهر لعل نھرو کانسواءِ ان تحريڪ کي ڪنھن به پنھنجو نه ڪيو هو. جڏهن ته ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي به ڊائريڪٽر جي حيثيت ۾ سرڪار سان اختلافي راءِ رکي هئي ته حرن کي نه ڪچليو وڃي پر سرڪار حرن کي اڪيلي ڪرڻ ۾ ڪامياب ويئي هئي، هاڻي به اهڙيون سازشون ٿي رهيون آهن.

    پھريون حملو: ”هي وقت جنگ ڪرڻ جو نه آهي“
    سنڌ ۾ ته ڇا پر دنيا ۾ جڏهن به آزادي پسندن تحريڪ هلائي آهي ته ان تي پهريون حملو اهو ڪيو ويندو آهي ته هي وقت جنگ جو نه آهي. جڏهن 1859ع منگل پانڊي، انگريز سرڪار خلاف پھرين گولي هلائي تڏهن به اهو چيو ويو ته هي وقت جنگ جو نه آهي، وري 70 سالن کانپوءِ 1932ع ۾ ڀڳت سنگهه ويڙهه جي ڳالهه ڪئي تڏهن به ان لاءِ اها ڳالهه ڪئي ويئي ”هي وقت ويڙهه جو نه آهي.“، سڀاش چندر بوس ۽ سورهيه بادشاهه سميت ڪنهن به جنگ لاءِ اهو نه ٻڌو آهي ته چوندا هجن ته، وقت تي اهو عمل ٿيو آهي. خود جڏهن 1972ع ۾ سائين جي ايم سيد آزاد سنڌ جي ڳالهه ڪئي تڏهن به چيو ويو ته ”هي وقت نه آهي؟“ ڀلا جنگ جو ڪھڙو وقت مقرر هوندو آهي، اهو ڪير ٻڌائيندو؟ ٻي ڳالهه اها ته ويڙهه جو تعين اسان نه پر اسان جو دشمن ڪندو آهي. دشمن جنهن محاذ تي ڳالهه ٻڌندو ۽ مڃيندو آهي ان محاذ تي ويڙهه لاءِ پاڻ کي تياري ڪرڻي پوندي آهي. هن وقت اسان جو دشمن پيار، محبت ۽ امن واري ٻولي ٻڌڻ لاءِ تيار ئي نه آهي. ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته هي ويڙهه جو تعين اسان نه پر اسان جي دشمن ڪيو آهي.

    ٻيو حملو: ”پارٽي منظم نه آهي ان ڪري نه وڙهڻ کپي“
    ڪڏهن ڪڏهن قوم تي وقت اهڙو ايندو آهي جڏهن وقت جي رفتار کي تيز ڪرڻ لاءِ سڏ ڏبو آهي. پوءِ اهو ڪنهن به شڪل ۾ هجي. هن وقت اهو تسليم ڪجي ٿو ته جيڪا پارٽيءَ جي شڪل رياست اندر رياست واري نه آهي پر ان جو مقصد اهو نه آهي ته اها پارٽي نه آهي. پارٽي جنهن به حالت ۾ آهي اها سنڌ جي جمود واري سياست کي ٽوڙڻ جي هڪ ڪوشش ڪري رهي آهي. سنڌ جيڪا 1843ع کان وٺي غلاميءَ جي هڪ ڊگهي مرحلي مان گذري آهي. جنهن جو حافظو ۽ هاضمو خراب ٿي ويو آهي. ”مڙيا مڇ هزار، ڀاڱا ٿيندي سهڻي“ واري صورتحال ۾ سنڌي قوم جي رفتار کي تيز ڪندو ۽ سنڌي قوم جنهن تاريخ جي سموري عرصي ۾ قبيلائي ۽ گروهي انداز ۾ ويڙهه ڪئي آهي، ان کي نفسياتي ۽ عملي طور تي هڪ قومي شڪل ۾ بيهاري سگهي ٿي. ان ڪري پارٽي منظم نه هئڻ واري ليبل کي سنڌي قوم جو ڪمزور پهلو سمجهي ويڙهه نه ڪرڻ واري صلاح سنڌ دوستيءَ جي ذمري ۾ نه ٿي اچي.

    ٽيون حملو: ”پٺاڻن کي ڌاريو ڇو ٿو سمجھي وڃي“
    سڀ کان اول ته اهو سمجهڻ کپي ته سنڌ مان ڌارين کي نڪرڻ جو سڏ ڏنل آهي. ڌاريءَ جو مقصد ۽ مفهوم به اهو آهي ته 1954ع کان پوءِ سنڌ ۾ جيڪا به آبادي غير قانوني توڙي غير آئيني طرح سان سنڌ ۾ داخل ٿي آهي. جنهن ۾ پٺاڻ، پنجابي، برمي، بنگالي توڙي ٻيون قومون اچن ٿيون، انهن کي ڌاريو تصور ڪيو وڃي ٿو. سرڪار وٽ ڌاري آبادڪاريءَ جو تصور اهو آهي ته پاڪستان کان ٻاهران آيل غيرقانوني ماڻهو ئي صرف ڌاريا آهن، جڏهن ته قومپرستن وٽ ڌاري آبادڪاري جو تصور جداگانه آهي. هو سمجهن ٿا ته نه صرف پاڪستان کان ٻاهران پر پاڪستان جي ڪنھن به حصي، خطي کان آيل ماڻهو سنڌ ۾ ڌاريو آهي. اسان سمجهون ٿا ته پويون موقف درست آهي. انهن ۾ وڏو تعداد سنڌ جي معيشت تي سڌي طرح قابض پٺاڻن جو آهي، باقي ٻيون قومون سنڌ ۾ ايتريون نه اڪثريت ۾ آهن ۽ نه منظم آهن. اهو ئي سبب آهي جو پٺاڻن سنڌ تي مالڪيءَ جي دعوى ڪندي هٿياربندن ويڙهه جوا علان ڪيو آهي. ان ڪري ويڙهه جو مرڪزي نقطو پٺاڻ، پختون بڻجي ويو آهي نه ته ڪراچي سميت سنڌ جي ٻين حصن ۾ پنجابي توڙي ٻين قومن کي به چڱو خاصو نقصان پهتو آهي. تنهن ڪري اهو چوڻ ته رڳو پٺاڻن/ پختونن خلاف ويڙهه آهي اهو غلط پروپيگنڊا جو حصو بڻائي سنڌي قوم کي منتشر ڪرڻ جي ڪڙي آهي.

    چوٿون حملو: ”اردو آباديءَ جي جنگ وڙهي پئي وڃي“
    سڀ کان پهرين ته اهو طئه ڪرڻ کپي ته سنڌ جا اصل وارث ڪير آهن؟ جيڪڏهن اهو طئه ڪبو ته اها ڳالهه سمجهه ۾ اچي ويندي ته اصل وارث اسان آهيون ۽ اسان جو وجود داوَ تي لڳل آهي. ڌاري آبادي جڏهن سنڌ ۾ تيزيءَ سان وڌي رهي آهي، ان جو مقصد به اهوآهي ته ويڙهه جو مرڪز اسان ئي آهيون ۽ 1954ع تائين آيل اردو آبادي جيڪڏهن ان جو شڪار ٿي اسان سان ويڙهه ۾ شامل ٿئي ٿي ته اهو بھتر عمل چئي سگهجي ٿو. ڌاري آبادي نڪرڻ سان جنهن ڌرين کي برابر جا فائدا پلئه پوندا. مون کي حيرت ٿئي ٿي ته اسان جا سڀ ڏاها ان ڳالهه تي متفق آهن ته ڌاريا نڪرڻ کپن پر ان خلاف ٿيندڙ مزاحمت کان ڪن لاٽار ڪن ٿا. اهو الزام ته ايم ڪيو ايم جي ايجنڊا آهي، جيڪڏهن ڌاري آبادڪاري ايم ڪيو ايم جو مسئلو آهي ته ٽن ڏهائين کان وٺي اسان سڀني جو ڌارين خلاف دانهُن ڪُوڪن ۽ هاءِ گهوڙا کي ڇا معنى ڏجي؟ ڌاري آبادي اسان جو مسئلو هئي ۽ آهي، ان مسئلي تي اسان جي وڏي عرصي کان ٿيندڙ جدوجھد ۾ ايم ڪيو ايم سميت ٻي ڪابه ڌر عملي طور تي شامل ٿئي ٿي ته ان کي سٺو سنوڻ چئي قبول ڪرڻ کپي. باقي اهڙي قسم جي پروپـيگنڊا سنڌ دشمن کي فائدو پهچائي سگهي ٿي، ان کان بچڻ کپي.

    پنجون حملو: ”ڌارين کي منظم ٿيڻ جو موقعو مليو آهي“
    دنيا جي اندر اها طئه شده ڳالهه آهي ته جڏهن ڌاريو اقليت ۾ هوندو آهي ته هو پنهنجي وجود جي بقا خاطر منظم ٿيندو آهي. هڪ جماعت ۾ ويهڻ کي ترجيح ڏيندو آهي. سنڌ ۾ ڌاري آبادڪاري جڏهن خطرو محسوس ڪيو آهي ته انهن منظم ٿيڻ شروع ڪيو آهي. منظم ٿيڻ جو مقصد به اهو آهي ته هو هاڻ سنڌ مان پاڻ کي ڪنهن به طرح نڪرڻ لاءِ تيار نه آهن. هو هر مزاحمت ڪندا. هي ساڳيائي ماڻهو آهن جيڪي پنهنجي ملڪن کي ڇڏي ٻئي ملڪ تي مالڪيءَ جي دعوى ڪن ٿا. هنن جا اقتصادي مفاد ئي آهن جيڪي ڪنهن به ريت ڇڏڻ لاءِ تيار نه آهن. اسان جڏهن هنن خلاف احتجاج ڪيو پئي تڏهن به انهن جي ڪن تي ڪا جونءَ ئي ڪانه پئي چري. نڪرڻ بجاءِ انهن پنهنجي مٽن مائٽن کي تيزيءَ سان هتي آباد پئي ڪيو. تڏهن سنڌ جي گهڻگهرن صرف دانهون ڪري خدشا پئي ڏيکاريا ۽ ماتم ڪرڻ ۾ ئي قوم کي رڌل پئي رکيو پر ان لاءِ عملي ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار ئي نه هئا. جنهن سبب ڌاري آبادڪاريءَ پاڻ کي محفوظ سمجهيو پئي.
    منظم ٿيڻ لاءِ هنن ڪڏهن به عملي ڪوشش نه پئي ڪئي ۽ هاڻ جڏهن انهن خلاف مزاحمت ٿي رهي آهي ته انهن جرڳن ڪرائڻ کان وٺي سمورا قدم کنيا آهن جيڪي انهن کي محفوظ بڻائي سگهن. ان ڪري اهو چوڻ ته انهن کي منظم ٿيڻ جو موقعو ڏنو پيو وڃي، اهو تاريخ جو اڌ سچ آهي.

    ڇھون حملو: ”اسان امن پسند/عدم تشدد جا پيروڪار آهيون“
    ان ۾ ڪوبه شڪ ڪونه آهي ته اسان امن پسند آهيون. عدم تشدد هڪ اهڙي پاليسي جيڪا ٻئي انسان کي محفوظ رکڻ لاءِ اختيار ڪئي ويندي آهي. پر جڏهن اسان پنهنجو وجود خطري ۾ محسوس ڪريون ته ان وقت پنھنجي وجود جي بچاءَ طور ويڙهه ڪرڻ خود عدم تشدد جو حصو آهي، ٻي صورت ۾ اهو انسان پنھنجي وجود تان هٿ ڌوئي ۽ مرڻ لاءِ تيار ٿي وڃي. مان سمجهان ٿو ته سياسي پهلوءَ ۾ ڪنهن تي اڳرائي ڪري وڙهڻ تشدد ۽ پنهنجي بچاءَ ۾ وڙهڻ خود عدم تشدد جي دائري ۾ اچي ٿو. ميدان جنگ ۾ جڏهن دشمن توهان تي وار ڪري ۽ توهان ان کي چؤ ته ”تون جيڪو وڻئي مون سان سلوڪ ڪر، تاريخ مون سان انصاف ڪندي، صرف تاريخ جي انصاف جي اوسيئڙي ۾ پنھنجو وجود ختم ڪري ڇڏيو ۽ اتي امن پسندي ۽ عدم تشدد وارو راڳ آلاپي قومن کي خاموش ڪرڻ تاريخ سان نا انصافي آهي. تاريخ جي تقاضا ۽ تاريخ جو سچ اهو آهي ته سنڌي قوم کي ڀاڙيائپ وارو رويو ختم ڪري پنهنجي وجود جي بقا لاءِ هر قسم جي ويڙهه لاءِ تيار رَهڻ کپي. تاريخ انسان جي عملن جو دستاويز آهي، اها ڪا الاهي شيءِ ناهي جو اسان جو وجود ختم ٿئي پيو ۽ اسان تاريخ جي انصاف جي آس لڳايون ويٺا هجون. تاريخ اسان جو عمل هاڪاري هوندو ته تاريخ جو رخ اسان ڏانهن هاڪاري رهندو جي ٻي صورت ۾ تاريخ اهو به لکي سگهي ٿي ته ”سنڌي دنيا جي واحد قوم هئي جيڪا منھنجي انصاف جي انتظار ۾ پنھنجو وجود تباهه ۽ برباد ٿيندي ڏسندي رهي.“

    خدشا: جنگ آرٽ به آهي ۽ سائنس به. جنگ ۾ دشمن سان وڙهڻ جو طريقئه ڪار طئه شده فارمولي مطابق نه پر وقت ۽ حالتن جي تبديليءَ سان مشروط هوندو آهي. وقت ۽ حالتن جي تبديليءَ سان پنھنجون پاليسيون تبديل ڪري وقت ۽ حالتن سان موافق بڻائي وڙهڻ سان ڪي بھتر نتيجا ملي سگهن ٿا. دشمن مان چڱائي جي اميد رکڻ ۽ ايئن چوڻ يا سوچڻ ته، ”دشمن عمل جو رد عمل نه ڪندو.“، اهو احمقاڻو عمل آهي. هن ويڙهه کي دشمن گهڻ رُخي حالتن ۾ وٺي وڃي سگهي ٿو. مثال طور سڀ کان وڏو خطرو اهو نظر پيو اچي ته هنن حملن کي منهن ڏيڻ اسان جي اندر ڪو اهڙو گروپ پيدا ڪن جيڪو اسان سان ئي وڙهي. جيئن افغانستان ۾ آمريڪا اتر اتحادين ۽ عراق ۾ ڪردن سان گڏجي عراقين سان ويڙهه ڪئي ۽ بلوچستان ۾بلوچن جي تحريڪ کي ڪچلڻ لاءِ ڪلپر بگٽين کي استعمال ڪيو ويو. اهڙي طريقي سان هن تحريڪ کي ڪچلڻ لاءِ ڪو اهڙو گروپ پيدا ڪري سگهن ٿا. انهيءَ لاءِ مون کي ٻن ڌرين مان خطرو محسوس ٿئي ٿو، هڪ مذهبي جماعتون، ٻيو پيپلز پارٽي. مذهبي جماعتون ويڙهه جو فن رکن ٿيون ۽ ڌارين جو وڏو حصو مذهبي جماعتن جو باضابطه ميمبر آهي. مذهب جي آڙ ۾ اهي هن تحريڪ خلاف ڪم ڪري سگهن ٿا. اهو ئي سبب آهي جو ميرپور خاص ۾ ٿيل واقعي کي مذهبي رنگ ڏيڻ لاءِ قرآن شريف ساڙڻ جي پروپيگنڊا ڪري ماڻهن ۾ مذهبي جذبات کي اڀارڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي. ان جذبات جي بنياد تي قومي تحريڪ خلاف مذهبي انتهاپسنديءَ جو سڪو استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي. ٻيو وڏو خطرو پيلز پارٽيءَ مان آهي، ڇاڪاڻ ته ڌاري آبادڪاري جو وڏو انگ مذهبي جماعتن کانپوءِ پ پ پ ۾ ويٺو آهي. پ پ پ کي قومي تحريڪ خلاف سياسي محاذ تي استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي. ان جو ثبوت ميھڙ ۾ پٺاڻن سان گڏجي پ پ پ، قومي تحريڪ خلاف وڏو احتجاج ڪرايو ۽ قومي تحريڪ خلاف سخت نعريبازي ڪئي ويئي. دشمن پ پ پ ۽ مذهبي جماعتن جي آڙ ۾ سنڌ کي خانه جنگي طرف ڌڪڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪري رهيا آهن. جنهن کان بچڻ لاءِ قومي تحريڪ کي پنهنجو ۽ حالتن جو جائزو وٺي حڪمت عملي اختيار ڪرڻي پوندي.


    سنڌ ۾ ڌاري آبادڪاري : مزاحمت کان خاموشيءَ تائين

    سنڌ ۾ ڌاري آبادڪاريءَ جو سلسلو پاڪستان ٺهڻ کان به اڳ جو آهي. نادر شاهه ۽ احمد شاهه ابداليءَ جي حملن کان بعد ۾ ايران ۽ افغانستان ۾ ڌارين جا ڪٽڪ ايندا رهيا هئا. مغلن، ارغونن توڙي ترخانن جي دؤر ۾ به سنڌ تي ڌارين جي يلغار جاري هئي. انگريز سرڪار جي ڏينھن ۾ سنڌ جي بمبئيءَ سان ملائڻ کانپوءِ ته ننڍي کنڊ جا رهواسي بنا ڪنھن سرحدي احترام جي سنڌ ۾ داخل ٿيندا رهيا ۽ جڏهن ته ڌارين جو سنڌ جي سرزمين خريد ڪرڻ ۽ ان تي پنھنجي مالڪيءَ جي دعوى سکر بئراج ٺاهڻ سان شروع ٿي. سکر بئراج جي ٺهڻ کانپوءِ پنجاب جو زميندار طبقو انگريز سرڪار جي معرفت سکر بئراج ۽ ان سان وابسته زمينن کي پنھنجي آباديءَ لائق بنائڻ لاءِ زمينون خريد ڪرڻ شروع ڪيون ۽ پنهنجي آباديءَ جو وڏو حصو سنڌ ۾ منتقل ڪري آيا. جڏهن برصغير کي ورهايو ويو ته ان ۾ سنڌ جي سرزمين تي ڌارين جي ماڪڙ لاٿي ويئي. سنڌ جي شهرن ۽ ڪاروباري مرڪزن تي ڌارين قبضا ڪرڻ شروع ڪيا ۽ سنڌي ماڻهو مهمانوازيءَ جي شوق ۾ پنهنجي سرزمين ڌارين جي هٿ ۾ ڏيئي به خوش ٿيندا رهيا. دنيا ۾ ڪٿي به ايئن نه ٿيو آهي ته زمين ڌارين حوالي ڪري ۽ مقدس ڪتاب هٿ ۾ رکي پنهنجي ڌرتيءَ تان دستبردار ٿي ويا ۽ ان کان پوءِ ڌارين جو سلسلو شروع جو ٿيو آهي ته ختم ٿيڻ جو نالو ئي نه ٿو وٺي. هر سال سوين نه، هزارين پر لکن جي تعداد ۾ ايندا رهن ٿا پر انهن کان ڪوبه پڇڻ وارو نه آهي. نتيجو اهو نڪتو آهي جو سنڌي پنھنجي سرزمين تي اقليت ۾ هليا ويا آهن، سنڌ جي وسيلن، روزگار، شهرن توڙي ڪاروبار تي ڌاري آبادڪاريءَ مڪمل طور تي قبضو ڪري ورتو آهي.

    ڌاريو ڪير آهي؟
    اهو به سمجهڻ کپي ته ڌاريو ڪنهن کي چئجي ٿو. سنڌ جي قومپرستن ۽ پ پ پ سميت سمورين وفاق پرست پارٽين وٽ ڌاريي جي حوالي سان مؤقف ۾ تبديلي آهي. پ پ پ سميت وفاق پرست پارٽين وٽ ڌاريي جي حوالي سان موقف آهي ته، ڌاريو صرف اهو آهي جيڪو پاڪستان جي سرحدن کان ٻاهران آيل آهي. جنهن ۾ افغانستان، برما، بنگال، ايران، هندستان ۽ ٻين ٻاهرين ملڪن کان سمورا آيل قانوني توڙي غير قانوني ماڻهو ڌاريا آهن. جن جو به پ پ پ سرڪار سنڌ ۾ انهن جو تعداد ڪڏهن 20 لک ته ڪڏهن 30 لک ٻڌائي ٿي. جيڪو به اڌ ڪوڙ آهي، جيڪڏهن پاڪستان جي حدن کان ٻاهر آيل ماڻهن جي به جيڪڏهن شماري ڪئي وڃي ته به اها آبادي ڪروڙ جي لڳ ڀڳ وڃي بيهندي. جيڪي انگ اکر به NGO’s وارن جا ڏنل آهن. انهن کي ٻاهر ڪڍڻ لاءِ به سرڪار ڪنهن به طرح سان سنجيده نظر نه پئي اچي. ڇاڪاڻ ته انهيءَ ڌاري آبادڪاريءَ جو وڏو ووٽ بئنڪ پ پ پ ۽ مذهبي تنظيمن وٽ آهي. اهي ڌريون انهن خلاف ڳالهائي پنھنجو ووٽ خراب ڪرڻ نه ٿيون چاهين. اهو به نه وسارڻ کپي ته ٻاهران آيل سمورا ڌاريا پاڪستان جي ٻين صوبن ڏانهن وڃڻ بجاءِ سنڌ ۾ رهڻ کي ترجيح ڏين ٿا. جنهن سبب ڌاري آبادڪاريءَ جو سمورو رخ سنڌ طرف آهي.
    ٻئي طرف قومپرستن جو مؤقف آهي ته پاڪستان جي سرحدن کان ٻاهران توڙي پاڪستان جي باقي ٽنهي صوبن پنجاب، بلوچستان، ۽ خيبرپختونخواه مان آيل به سنڌ ۾ ڌاريو آهي. ان ڪري قومپرستن 1988ع ۾ سائين جي ايم سيد جي ڪوششن سان ٺهيل سنڌ قومي اتحاد جي پليٽ فارم تان اهو موقف ڏنو ته 1954ع کان پوءِ آيل سمورا سنڌ ۾ ڌاريا آهن. جنهن ڪري قومپرستن جي مؤقف ۾ وزن آهي ته سنڌ جون پنھنجون سرحدون ۽ تاريخي جاگرافيائي حدون آهن جن مان جيڪڏهن قانوني توڙي غيرقانوني داخل ٿي اچي ٿو ته اهو ڌاريي جي ذمري ۾ اچي ٿو. پاڪستان ۽ مذهب جي نالي تي داخل ٿيل هر ماڻهو ڌاريو آهي. جن جي جيڪڏهن ڳڻپ ڪبي ته به انهن جو تعداد سنڌ جي اصل آباديءَ کان مٿي وڃي بيهي ٿو ۽ سنڌ ۾ سنڌي به اقليت واري حيثيت رکن ٿا. جنهن سبب سنڌي ٻولي، ڪلچر، تاريخ، ادب، سنڌ جا معدني وسيلا، شهر توڙي ڪاروبار داوَ تي لڳي ويا آهن. جنهن ڪري ڌاري آبادڪاريءَ خلاف جدوجھد معنى ته سنڌ جي وجود جي بقا جي جنگ آهي. انهيءَ لاءِ جدوجھد به ٻن قسمن جي هلي آهي. جنهن جو ذڪر ڪرڻ ضروري آهي.

    سياسي جدوجهد: سياسي جدوجھد به ٻن قسمن جي ٿئي ٿي، هڪ اها آهي ته پر امن نموني احتجاج ڪري پنھنجو آواز بلند ڪري رياست تائين پھچائجي ته اها معاملي کي سنجيده نموني حل ڪري ۽ عوام ۾ پيدا ٿيل بي چينيءَ کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪوششون وٺي. پرامن احتجاج جي ڏس ۾ سنڌ جي سمورين ڌرين وڏي عرصي کان احتجاج رڪارڊ ڪرايا آهن پر ان جو اثر نه رياست محسوس ڪيو آهي ۽ نه ئي ڌارئي ان مان خطرو محسوس ڪري واپس وڃڻ لاءِ سوچيو آهي ۽ اڃان به ڌارين پنھنجي مٽن مائٽن کي مستقل هت آباد ڪرڻ لاءِ خاموش نموني ڪم پئي ڪيو آهي. ٻيو سياسي رستو اهو آهي ته اسيمبلين ۾ سنڌ جي نمائندگي ڪندڙ ڌريون پارليامينٽ ۾ وڃي پارليامينٽ رستي ڌارين کي ڪڍڻ لاءِ حڪمت عملي اختيار ڪن پر هتي ته پارليامينٽ ڪڏهن به ان مسئلي کي سنجيده نموني نه کنيو آهي ۽ نه ئي کڻڻ لاءِ تيار آهي. سنڌ جي نمائندگي هڪ ايم ڪيو ايم وٽ آهي ۽ ٻيو پ پ پ وٽ آهي. ايم ڪيو ايم ڌاريو صرف پٺاڻن کي سمجهي ٿي جيڪي انهن لاءِ ڪراچيءَ ۾ مٿي جو سور بڻجي ويا آهن. باقي ٻين ڌارين تي انهن جي اک نه ٿي ٻـُڏي. اهو ئي سبب آهي جو پٺاڻن کي طالبان جو نالو ڏيئي ڪڍڻ لاءِ واويلا ڪري ۽ خاموش تماشائي بڻجي ويئي آهي. ٻيو ته پ پ پ وٽ ڌارين جو صرف تصور ئي آهي ته پاڪستان کان ٻاهران آيل ماڻهو ڌاريا آهن. جن جو انگ به 30 لکن کان وڌيڪ نه ٿا ٻڌائين باقي سرحد پنجاب توڙي بلوچستان مان آيلن کي ڌاريو سمجهن ئي نه ٿا ته ان لاءِ آواز ڪيئن اٿاريندا. اهو ئي سبب آهي جو سرحد ۾ آپريشن دوران لکن جي تعداد ۾ ڌاريا هتي آباد ڪري به سنڌ جو وزيراعلى قائم علي شاهه چوي پيو ته ”ڌارين کي هتي آباد ڪنداسين ڪير روڪڻ چاهي ٿو ته ڀلي روڪي. ڇاڪاڻ ته پاڪستان ۾ رهندڙ سڀئي پاڻ ۾ ڀائر آهن. ان ڪري پختون ڀائرن کي آباد ڪري پنھنجو فرض ادا ڪندا رهنداسين.“ پ پ پ جو هي رويو آهي ڌاري آبادڪاري ڏانهن. ان ڪري پارليامينٽ جي ذريعي ڌارين کي ڪڍڻ ناممڪن آهي ۽ سياسي جدوجھد به هن وقت تائين لاڀائتي ثابت نه ٿي آهي.

    مزاحمتي جدوجهد: ڌاري آبادڪاريءَ خلاف جدوجھد جو ٻيو پهلو آهي مزاحمت. هونئن ته مزاحمت گهڻ طرفي ٿيندي آهي. پر اسان جي مزاحمت جي چوڻ جو مقصد آهي هٿياربند جدوجھد ذريعي هليل تحريڪ يا جنهن ۾ طاقت جو استعمال ٿيل هجي. تاريخ جي اها ستم ظريفي چئبي جو سنڌي جنگجو قوم نه رهيا آهن. جنهن ڪري مزاحمتي ڏس ۾ سنڌين اڪثر ڪري جنگيون هارايون آهن. راجا ڏاهر کان وٺي سورهيه بادشاهه تائين اڪثر ڪري دفاعي جنگيون هيون. جنهن ۾ فوجي حڪمت عمليءَ جا تجربا نه هئڻ سبب جنگين ۾ شڪست مقدر بڻجي ويئي. اڄ تائين ساڳيو الميو برقرار آهي. جڏهن سنڌ جي محب وطنن ڌاري آبادڪاريءَ خلاف سياسي جدوجھد ۾ مايوسيءَ کان پوءِ جڏهن مزاحمت جو اعلان ڪيو ته ڌاري آبادڪاري سڄي ٿرٿلي ۾ اچي ويئي. محب وطنن جڏهن ڌاري آبادڪاريءَ تي حملا ڪرڻ شروع ڪيا ته سنڌ ۾ اتساهه پيدا ٿيڻ لڳو ته ”اڃا ڪا آهن ڪل جڳ ڪاپڙي“ پر جڏهن ننڍڙا مزاحمتي عمل ڪرڻ کان پوءِ ٽن ڏينهن جي هوائي، ريلوي ۽ روڊن رستن کي طاقت جي زور تي بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو ته محسوس ايئن ٿي رهيو هوته سنڌ ڪنهن وڏي تبديليءَ طرف وڃي پئي پر پوءِ جڏهن ٽن ڏينهن جو اعلان مايوسيءَ ۾ تبديلي ٿيو ته هڪ دفعو ٻيهر ڌاريو ۽ رياست به سمجهي ويئي ته اعلان ۽ عمل ۾ ڏينهن رات جو فرق آهي ته رياست تيزيءَ سان باقي به ڌارين کي آباد ڪرڻ م ڪابه ڪسر نه ڇڏي آهي.
    اهو سچ آهي ته سنڌ ۾ ڌاري آبادڪاريءَ کي روڪڻ يا ڪڍڻ جو صرف رستو ئي اهو آهي ته مزاحمت واري دڳ تي هلجي. ڇاڪاڻ ته ڌارين جا هتي معاشي مفاد لڪل آهن، جيڪي سياسي توڙي مهذب نموني پنهنجي مفادن تان هٿ نه کڻندا. ان ڪري مزاحمتي پهلو ئي بھتر رستو آهي؟ پر سوال اهو آهي ته آخرڪار مزاحمت ڪير ۽ ڪيئن ڪندو؟ جيڪي ڌريون هن وقت مزاحمت جون ڳالهيون ڪن ٿيون نه انهن وٽ تنطيم سازي آهي ۽ نه ئي مزاحمت لاءِ مستقل حڪمت عملي آهي. مزاحمت لاءِ جيستائين مضبوط، منظم تنظيم نه هوندي ته مزاحمت، مستقل مزاجيءَ سان نه ڪري سگهبي. ان ڪري جيستائين هٿيار تنظيم جي ماتحت ۽ تنظيم نظريي جي ماتحت هئڻ واري پهلوءَ کي سامهون رکي حڪمت عملي تيار نه ڪبي ته ڪي نتيجا حاصل نه ڪري سگهبا.

    سنڌ جا اديب ۽ دانشور: اديب ۽ دانشور قومن جو دماغ هوندا آهن، جيڪي قومن جي منزل جو تعين ڪندا آهن ۽ سياستدان ان منزل لاءِ رستا هموار ڪندا آهن. سنڌ ۾ اڪثر ڪري اديبن۽ دانشورن موقعي پرستيءَ کان ڪم پئي ورتو آهي. 4- مارچ جا سورما هجن يا ايم.آر.ڊي دور جا هيرا انهن ته پنھنجي ڏاهپ قوم جي ڪتب آڻڻ بجاءِ پنھنجو پاڻ کي ٺاهڻ ۾ استعمال ڪئي. ايتري قدر جو سنڌ جي مزاحمتي ڪردارن کي سرڪار تمغه ۽ ايوارڊ ڏيڻ شروع ڪيا آهن ته اهي تمغه ۽ ايوارڊ وٺڻ ۾ فخر محسوس ڪري رهيا آهن. هنئن نه ته سنڌ ۾ سرڪار يا سرڪار سان لاڳاپا رکڻ عيب جوئي عمل سمجهيو ويندو آهي پر هاڻ اهو فخر لائق عمل سمجهيو ٿو وڃي. ايتري قدر جو ڌاري آبادڪاريءَ خلاف جڏهن سنڌ ۾ مزاحمت جي ڳالهه ٿي ته سنڌ جا چڱا لکيا پڙهيا ماڻهو مزاحمت جي کلي عام مخالفت ڪرڻ لڳا. سنڌ جي ڏاهي محمد ابراهيم جويي ته ڌارين جي آجيان لاءِ پنهنجا نيڻ وڇايا . پ پ پ ۽ مذهبي جماعتن کي ته ڇڏي پر ڪميونسٽن ته انسان ذات سان دليءَ همدرديءَ جي بنياد تي ڪراچيءَ ۽ سنڌ جي ٻين هنڌن تي انٽرنيشنل سوشلسٽ جي پليٽ فارم تي ڌارين لاءِ ڪئمپون هڻي انهن جي آجيان ڪئي. انهن جي کاڌ، خوراڪ ۽ رهائش لاءِ وڏيون ڪوششون ڪيون. ان کان علاوه به باقي سنڌ جي اديبن ۽ دانشورن يا ته ڌاري آبادڪاري خلاف ٿيندڙ مزاحمت ڪئي يا خاموشي اختيار ڪئي. مطلب ته جيڪو تاريخ ۾ اديبن ۽ دانشورن کي تاريخي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ها انهن ڪردار ادا نه ڪيو. ڀلي توهان مزاحمت جي حمايت نه ڪريو پر ڌاري آبادڪاريءَ جي حمايت ڪرڻ سنڌ جي سڄڻائپ جي دائري ۾ نه ٿو اچي.

    سنڌ جا مُحب وطن ۽ خاموشيءَ جي لھر: سنڌ جي مُحب وطنن جي نيت تي ڪوبه شڪ نه آهي نه ئي ڪري سگهجي ٿو، ڇاڪاڻ ته وري به اهي اتساهه جو سبب آهن. باقي انهن جي صلاحيتن ۽ حڪمت عمليءَ تي اختلاف ڪري سگهجي ٿو. سنڌ جي محبت وطنن جي عمل سان سنڌ ۾ بحث جو موضوع ڌاري آبادڪاري بڻجي ويو هو مگر هاڻي چؤطرف خاموشي ڇانئجي ويئي آهي، محسوس ايئن ٿئي ٿو، ڄڻڪ، سنڌ جو اهو مسئلو حل ٿي ويو آهي ۽ سنڌ جي وجود جو بچاءُ ٿي چڪو آهي. اچو ته هاڻ آرام ڪريون! ڌاري آبادڪاري ڪلهه جيان اڄ به ساڳيو مسئلو بڻيل آهي. پر مسئلو اهو آهي ته اسان مسئلي کي مسئلو سمجهڻ ئي ڇڏي ڏنو آهي. سنڌ جا شهر توڙي ڪاروبار اڄ به ڌارين جي هٿ وَس ۾ آهن. سنڌ اسيمبليءَ م پشتو ڳالهائيندڙ ڌاريا وزارت ۽ نمائندگي حاصل ڪري چڪا آهن. ايندڙ چونڊن ۾ 5 سيٽن کان وڌيڪ سيٽن تي پشتو ڳالهائيندڙ جي تعداد جي توقع آهي، ڇاڪاڻ ته پختونن جو تعداد هن سال ٻيڻ تي وڌيو آهي ۽ وفاقي حڪومت ۾ به انهن جو چڱو خاصو اثر رسوخ پيد اٿيو آهي. ٽيون ته پ پ پ جي ناڪاميءَ جي صورت ۾ به انهن جو ووٽ وڌندو آهي يا خود پ پ پ انهن جي انگ کي وڌائڻ لاءِ ڪوششون وٺي ايم ڪيو ايم جي اثر کي ٽوڙڻ لاءِ ڪردار ادا ڪري پئي. جيڪڏهن اهڙي طريقي سان ڌاريا شهرن ۽ ڪاروبار کان اسيمبلين ۾ پهتا ته سنڌ جو وڏو نقصان ٿيڻ جو انديشو موجود آهي. جيتوڻيڪ سنڌ اسيمبلي يا وفاقي اسيمبليءَ ۾ سنڌي ڳالهائيندڙن جي هجڻ سبب سنڌ کي ڪي چڱايون پلئه نه پيون آهن پر پوءِ به سنڌين جي نمائندگي ڳڻپ ۾ اچي پئي سڀاڻي جيڪڏهن ڌاريا سنڌ جي سيٽن تي کٽي آيا ته سنڌ سنڌين جي هجڻ واري مُهر (Stamp) به لهي ويندي، جيڪو سنڌ جو تاريخي نقصان ٿيندو. ڌاريا جڏهن ته سنڌ ۾ خاموش نموني منظم ٿيڻ لاءِ هٿ پير هڻي رهيا آهن، جڏهن ته ڌارين کي روڪڻ لاءِ ٿيندڙ مزاحمت يا سياسي جدوجھد ماٺار جو شڪار آهي، جنهن جو نقصان مستقبل ۾ ٿيڻو آهي. جنهن کي سمجهڻ ايڏو مشڪل به ڪونه آهي جيڪڏهن ماڻهوءَ وٽ ڏسڻ جي اک آهي ته!؟


    ”منجھايو ۽ حڪومت ڪريو“ پاليسي ۽ رياست

    جڏهن سماج ۾ انقلابي قوتون اڀرنديون آهن ته ان سان گڏوگڏ ردِ انقلابي قوتون پڻ سفر شروع ڪنديون آهن. ڇاڪاڻ ته هاڪاري ۽ ناڪاري قوتون، ٻئي هڪٻئي جي متضاد هوندي به هڪٻئي لاءِ لازمي هونديون آهن. شين ۾ تضاد صحتمنديءَ جي علامت آهي. شيون هر وقت تضاد سبب تبديليءَ جي مرحلي ۾ داخل ٿين ٿيون. شين ۾ هڪڙا تضاد دوستاڻا ٿين ٿا ۽ ٻيا دشمناڻا. جيئن سماج ۾ آقا ۽ علامت جو تضاد دشمناڻو ٿئي ٿو. هاري ۽ جاگيردار جي وچ ۾ تضاد دشمناڻو ٿئي ٿو. پر ساڳي سماج ۾ مزدور ۽ هاري جي وچ ۾ تضاد دوستاڻو هوندو آهي پر اهو تضاد حل ٿيڻ جوڳو هوندو آهي. اهي هڪٻئي جي پورهئي جي ورڇ ڪري تضاد ۾ رهن ٿا. سرمائيدار ۽ جاگيردار سماج لاءِ ڄؤر مثل ٿين ٿا جيڪي هاري ۽ مزدور جو رت چوسين ٿا. پورهيو هاري ۽ مزدور ڪري ٿو پر پوءِ به هو گذر سفر لاءِ پريشان حال آهي. پوءِ به ان جا ٻچا لنگهڻ ڪاٽڻ تي مجبور آهن. ان ڪري پورهيت جا تضاد جاگيردار ۽ سرمائيدار سان دشمناڻا ٿين ٿا. پورهيت پنهنجي جياپي لاءِ جاگيردار ۽ سرمائيدار خلاف جنگ جوٽي ٿو. اها جنگ ان جي خاتمي تائين ختم نه ٿي ٿئي. جيستائين سماج ۾ پورهيت راڄ قائم نه ٿئي تيستائين هاري جاگيردار، مزدور ۽ سرمائيدار جو تضاد ختم نه ٿو ٿئي. جڏهن سماج ۾ طبقاتي تضاد ختم ٿين ٿا ته ان وقت فطرت ۽ انسان جي وچ ۾ تضاد، هوندا ته اڳ ۾ ئي آهن پر انهن ۾ طبقاتي تضاد ختم ٿيڻ سان تيزي اچي وڃي ٿي. ڇو ته انسان فطرت کي شروع کان وٺي پنهنجي تابع بنائڻ لاءِ فطرت سان مزاحمت ڪندو رهيو آهي. طبقاتي تضاد سبب باقي ٻئي تضاد ثانوي ٿي وڃن ٿا.
    تضاد رڳو هڪ سماج ۾ نه هوندا آهن پر تضاد قومن جي وچ ۾ به ٿيندا آهن، جڏهن هڪ قوم ٻئي کي غلام بنائي ٿي ته محڪوم ۽ آقا قوم جي وچ ۾ تضاد ٿين ٿا. هميشه آقا قوم، غلام کي زير ڪرڻ لاءِ سموريون حرفتون ڪم آڻي ٿي ڇاڪاڻ ته آقا قوم کي محڪوم قوم جي وسيلن ۽ گذرِ معاش جي ذريعن تي نظر هوندي آهي. ڪنهن قوم جي غلاميءَ جي وضاحت ڪجي ٿي ته اها به تمام سادي آهي ته ”جنهن به قوم جا معاشي وسيلا کسيا وڃن، جنهن قوم جي معاشي وسيلن تي قبضو ڪيو وڃي، بيٺڪيت قائم ڪئي وڃي.“ آئيني طور تي يا نظرياتي طور تي مختلف حربا هلائي انهن کي پنهنجي وسيلن تان بيدخل ڪيو وڃي ته اها قوم غلام آهي.“ اڳ ڪنهن به قوم کي غلام بنائڻ لاءِ سڌيون ڪاهون ڪري، ان کي زيردست ڪري ان جي وسيلن تي سالن جا سال ڦرلٽ ڪئي ويندي هئي. ان قوم جو سڪو ۽ جهنڊو تبديل ڪري ان جون سياسي پاليسيون آقا ٺاهيندا هئا. پر هاڻي غلاميءَ جا جديد طريقا استعمال ڪري قومن کي غلام رکيو وڃي ٿو. جيئن هاڻي عالمي مالياتي سرمائي جي ذريعي جديد بيٺڪيتون قائم ڪيون وڃن ٿيون، عالمي مالياتي سرمائي جي رستي قومن کي قرض ڏئي بنا ڪنهن خوني ڪاهه جي قومن کي معاشي طور غلاميءَ ۾ ڦاسايو پيو وڃي. خاص ڪري سورهين-سترهين صديءَ ۾ آيل صنعتي انقلاب کانپوءِ جڏهن سرمائيدارن پنهنجون ملڪي سرحدون ٽپي دنيا ۾ بيٺڪيتون قائم ڪري پنهنجو سرمايو منتقل ڪرڻ شروع ڪيو. ان ڏينهن کان وٺي غلاميءَ جا جديد طريقا استعمال ڪندي ڪندي جديد بيٺڪيتن تائين معاملو پهتو آهي. ٻي مهاڀاري جنگ کانپوءِ برطانوي سامراج جون ڪڙيون ڪمزور ٿيڻ کانپوءِ آمريڪي سامراج جو دور شروع ٿيڻ سان قومن تي بالادستي قائم ڪرڻ لاءِ وچ اوڀر ۾ اسرائيل ۽ برصغير ۾ پاڪستان جھڙي مذهب جي بنياد تي رياستون قائم ڪري هڪ طرف ايٽم بم جھڙو خطرناڪ هٿيار استعمال ڪيو ويو ته ٻئي طرف مذهب کي پنهنجي جديد هٿيار طور ڍال بڻايو ويو. سوويت يونين جي رستا روڪ لاءِ القاعده ۽ مجاهدين جي پرورش ڪري آمريڪا سڄي دنيا کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي. سوويت يونين جي ٽٽڻ کانپوءِ سرمائيدار ۽ سوشلسٽ بلاڪ جو تضاد اثر ته وڃائي ويٺو پر دنيا ٻن انتهاپسند ۽ بنياد پرستن جي تضاد ۾ هلي ويئي.
    جيڪو تضاد ترقي پسندن ۽ رجعت پسندن جي وچ ۾ هو، جيڪو تضاد سوشلسٽ ۽ سرمائيدارن جي وچ م هو اهو تضاد تبديل ٿي بنياد پرستن جي وچ م شدت اختيار ڪري ويو، جنهن آمريڪا بنياد پرستن کي پالي تاتي وڏو ڪري سوشلسٽ بلاڪ کي بند ٻڌا، اهي بنياد پرست آمريڪا کي ئي اکيون ڏيکارڻ لڳا. ڇاڪاڻ ته سوويت يونين جي ٽٽڻ کانپوءِ آمريڪا کي انهن جي خاص ضرورت نه رهي ۽ نتيجي ۾ انهن مجاهدين مان هٿ ڪڍڻ شروع ڪيا ته انهن جو گذر سفر جيڪو هئو ئي انساني رت وهائڻ ۽ انساني خون چوسڻ تي، اهي ڏند جڏهن آمريڪي ڊالر جي بند ٿيڻ سان کٽا ٿيڻ لڳا ته اهي ڏند مجاهدن آمريڪا کي ڏيکارڻ شروع ڪيا ۽ بنياد پرستن ۽ انسان رت پياڪن جي وچ ۾ هڪ نئون تضاد اڀري سامهون اچي ٿو ۽ هاڻي بنياد پرستن جي جهيڙي ۾ ڦاٿل نظر اچي ٿو. اهي بنياد پرست جن کي پاليو ته آمريڪا هو پر هاڻي اهي بنياد پرست رياست جي سرپرستيءَ ۾ آمريڪا سميت سڄي دنيا لاءِ چئلينج بڻجي ويا آهن.
    جيڪا رياست 1947ع ۾ ٺهي ئي مذهبي بنياد تي هئي اها رياست مذهب کي پنهنجو زبردست اوزار بڻائي مظلوم قومن جي لاءِ قيدخانو بڻائي ڇڏيو آهي. مظلوم قومون جيڪي استحصال جو شڪار آهن. انهن کي وڌيڪ غلاميءَ جي جڪڙ ۾ رکڻ لاءِ رياستي ادارن مختلف رستا اختيار ڪيا آهن. هن رياست ۾ قومن جي وچ م جيڪو تضاد اڀري آيو آهي ان تضاد کي ماٺو ڪرڻ لاءِ ان تضاد جو رخ موڙڻ لاءِ مختلف شڪلين ۾ نظرياتي مونجهارا پيدا ڪيا پيا وڃن. هن وقت رياست جو سڀ کان وڏو مسئلو خود رياست جو وجود آهي، جيڪو قومن جي وچ م پيدا ٿيل قومي تضاد جي ڪري خطري ۾ پيل آهي. ان لاءِ رياست پنهنجي بچاءَ لاءِ ڪڏهن مذهبي شدت پسنديءَ کي اڀاري ٿي ته ڪڏهن پاڙيسري ملڪ سان هلندڙ تضادن ۾ شدت پيدا ڪري ماڻهن کي حب الوطنيءَ جا سبق ڏنا وڃن ٿا. ڪڏهن نيٽو جھڙا مسئلا، ڪڏهن ميمو گيٽ اسڪينڊل، ڪڏهن مهراڻ بينڪ اسڪينڊل جھڙا مسئلا اٿاري عوام کي حقيقت کان غير واقف رکڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي. نتيجي طور تي عوام جي راءِ ۽ شعور ورهائجي مونجهارن جو شڪار بڻجي ويو آهي.
    اڳ بالادست قوتون ”ورهايو ۽ حڪومت ڪريو“ (Divide & Rule) جي پاليسي اختيار ڪنديون هيون ۽ هاڻي بالادست قوتون ان پاليسيءَ سميت نئين هڪ پاليسي به لاٿي آهي ته ”منجهايو ۽ حڪومت ڪريو (Baffle & Rule). جڏهن عوام ۾ نظرياتي مونجهارا پيد اٿيندا آهن ته عمل ۾ به مونجهارا پيدا ٿيندا آهن. جنهن ڪري بالادست ڌرين کي پنهنجو اقتدار طويل ڪرڻ ۾ سهولت پيدا ٿيندي آهي. سنڌ ۾ به ايترا مونجهارا پيدا ڪيا ويا آهن جو اصل معاملو سمجهه ۾ ئي نٿو اچي. توهان ڪي به پنج دوست گڏجي ويھو انهن کان راءِ وٺو ته سنڌ جو سڀ کان وڏو مسئلو ڇا آهي؟ توهان کي پنج ئي دوست الڳ الڳ مسئلا ٻڌائيندا. جڏهن مسئلا الڳ ٿي ويا ته حل به الڳ ٿي ويندا ۽ جڏهن خيال ۽ عمل الڳ الڳ ٿي وڃن ٿا ته عوام ورهائجي وڃي ٿو. پر خود جڏهن مسئلو هڪ ئي ٻڌائجي ته ان جا حل پڻ مونجهاري جي ور چڙهي وڃن ٿا. نتيجي ۾ سنڌ شعوري طور تي اڳڀري ته آهي پر شعور جي ڌارا مونجهارن جو شڪار ٿي ويئي آهي. اهو ئي سبب آهي جو سنڌ جو دانشور پڻ مونجهاري جو شڪار آهي يا خود مونجهارا پيدا ڪري رهيو آهي. بالادست قوتون خود چاهن به اهو ئي ٿيون. ان لاءِ ميڊيا انهن جو بهترين اوزار آهي جنهن وسيلي آسانيءَ سان عوام جي ذهن کي مُڏو بڻايو وڃي ٿو. ميڊيا جي ذريعي عوام کي يا ته اڌوري ڄاڻ ڏني وڃي ٿي يا غلط ڄاڻ ڏني وڃي ٿي. عوام اڌوري ۽ غلط ڄاڻ جي ور چڙهي، غير ضروري يا غير اهم مسئلن تي ڳالهائي ٿو. مثال طور تي اسان وٽ لاتعداد ماڻهو بک، بدحالي، بدامني، دهشتگرديءَ جو شڪار ٿي وڃي ٿو. بلوچستان ۽ سنڌ م سرعام قومي ڪارڪنن کي ماريو ۽ ساڙيو وڃي ٿو. پر ميڊيا وٽ وينا ملڪ جا اسڪينڊل اهم آهن. ميڊيا وٽ ملالا يوسفزئي مسئلو آهي، پر ميڊيا وٽ 40- هزارن کان مٿي ڊرون حملن ۾ مرندڙ ماڻهو مسئلو نه آهن. ان ميڊيا وٽ سنڌ ۽ بلوچستان جي وسيلن تي ٿيندڙ معاشي ڦرلٽ مسئلو نه آهي. ميڊيا سنڌ ۽ بلوچستان جي مسئلي کي بگاڙي پيش ڪري ٿي، ڇاڪاڻ ته ميڊيا انهن ڌرين وٽ يرغمال آهي. ان ڪري بنيادي تضاد لڪائڻ لاءِ غير اهم تضاد اڀارڻ، نوڙيءَ کي نانگ بنائڻ جي مهارت سان ميڊيا ذريعي عوام جي ذهنن ۾ مونجهارا پيدا ڪيا آهن.
    هن وفاق ۾ پنجاب بالادست آهي، سنڌ ۽ بلوچستان جي غلاميءَ کي طويل ڪرڻ لاءِ رياست سڀ اوزار هڪ ئي وقت استعمال ڪري ٿي. ايتريقدر جو کاٻي ڌر جيڪا سدائين مظلوم طبقن ۽ قومن جي سڀ کان وڏي طرفدار هوندي آهي پر رياست جي ٺهڻ کان وٺي هن وقت تائين ان جو ڪردار جماعت اسلاميءَ جي ڪردار کان وڌيڪ بهتر نه آهي. لينن چواڻي ته، ”دنيا جو اهو بدترين غلام آهي جيڪو پنهنجي غلامي لاءِ جواز ۽ دليل ڏيئي ٿو.“ سنڌ ۽ بلوچستان ۾ پيدا ٿيل قومي تضاد کي گهٽائن لاءِ مذهبي ڌرين کي ميدان تي لاٿو ويو آهي اوترو ئي کاٻي ڌر سڌي اڻ سڌيءَ طرح قومي سوال تي موقعي پرستاڻو ڪردار ادا ڪري رهي آهي. کاٻي ڌر جو اهو الميو رهيو آهي ته ان جي سياست جو محور ۽ رويو قومن جي تضاد کي حل ڪرڻ بجاءِ انهن سان ٽڪراءَ وارو رهيو آهي. جنهن ڪري کاٻي ڌر اڄ به عوام کان الڳ ٿلڳ ڊرائنگ رومن تائين محدود ٿي ويئي آهي. قومن جي غلاميءَ لاءِ دليل پيدا ڪري رهي آهي. ڇاڪاڻ ته جيستائين هن رياست ۾ قومي تضاد حل نه ٿيندو تيستائين طبقاتي تضاد به حل نه ٿيندو.
    اڄ بنيادي سوال، پيدا ڪيل نظرياتي مونجهارن کي حل ڪرڻ جو آهي. سنڌ جي ڏاهپ کي قومن جي تضاد کي سمجهڻ جي ضرورت آهي، باقي سڀ مسئلا ان غلاميءَ جي پيداوار آهن. تمام سادي ڳالهه آهي ته هتي قومون غلام آهن، جڏهن هڪ قوم غلام آهي ته مطلب ٻي قوم آقا به هوندي، ان کي ڀلي ڪهڙو به نالو ڏنو وڃي، پر سچ کي کاري هيٺ لڪائي نه ٿو سگهجي. ان ڪري قومن جي غلاميءَ کي طويل ڪرڻ لاءِ جيڪي نظرياتي مونجهارا پيدا ڪيا پيا وڃن، انهن کي خبرداريءَ سان سمجهڻ جي ضرورت آهي. سنڌ ۽ بلوچستان جي آزادي پسندن کي هڪ طرف پنهنجي صف بندي ڪرڻي آهي ته ٻئي طرف جيڪي رياستي ادارن پاران مونجهارا پيدا ڪيا پيا وڃن، انهن کي حل ڪرڻ لاءِ عوام کي حقيقي ۽ درست معلومات پهچائڻ لاءِ عوام سان سڌي رابطي ۾ اچڻ ۽ عوام کي حقيقتن کان واقف ڪرڻ لاءِ ميڊيا جو نعم البدل پيدا ڪرڻو پوندو. نظرياتي ۽ فڪري محاذ تي پنهنجي ادارا سازي طرف ڌيان ڏيڻ جي به اشد ضرورت آهي. ٻي صورت ۾ رياست ۽ رياستي ادارا عوام ۾ وڌيڪ مونجهارا پيدا ڪري قومي غلاميءَ جي زندگيءَ کي وڏي عمر بخشي سگهن ٿا. رياست جڏهن مختلف محاذن تي وڙهي ٿي ته انهن ڌرين کي رياست جي هن پاليسي ”منجهايو ۽ حڪومت ڪريو“ کي ناڪام ڪرڻ لاءِ ڪوششون وٺڻ جي پڻ سخت ضرورت آهي.


    ”6-ڊسـمـبـر“ ٽوپي ۽ اجرڪ جو ڏهاڙو منظر ۽ پسمنظر

    6- ڊسمبر جو ڏهارو سنڌ جي تاريخ ۾ هڪ يادگار ڏينهن طور تي ياد رکيو ويندو. ڇاڪاڻ ته سنڌ جي سموري تاريخ ۾ سنڌي قوم ڪڏهن به عملي طور تي سنڌي قوم هئڻ جي مالها ۾ نه رهي آهي. قبيلائي، ذاتي محور کان سنڌي قوم ڪڏهن ٻاهر نڪتي ئي نه هئي. سنڌي جي سموري تاريخي سفر ۾ سنڌي ماڻهو ٽولن، توڙي قبيلن جي شڪل ۾ مزاحمت پئي ڪئي آهي يا بچاءُ پئي ڪيو آهي. هڪ تاريخي قوم عملي طرح سان پنهنجي قوم هئڻ جو ثبوت 6- ڊسمبر تي ڏنو جنهن ۾ ڪراچي کان ڪشمور تائين سڄي سنڌي قوم پهريون دفعو، ذات، مذهب، سياسي لڳ لاڳاپي کان بالاتر ٿي ڪاون ۽ رنگ برنگي ٽوپي اجرڪ سان رنگين نظر آئي. سنڌي قوم ڪر موڙي پنهنجي ثقافت جي بچاءِ لاءِ ٻاهر نڪري آئي جنهن کي تاريخ جو اهم ڏينهن چئي سگهجي ٿو. هن عمل جي شروعات توڙي منظر ۽ پسمنظر ۾ سنڌي قوم ڇا حاصل ڪيو ڇا وڃايو؟ ڪهڙين ڌرين جا ڪهڙا مفاد ۽ دلچسپيون آهن، ان ڏس ۾ هن ڏهاڙي کي مختلف زاوين کان ڏسڻ جي پڻ ضرورت آهي.
    دنيا ۾ جيڪي به تبديليون آيون آهن اهي ننڍڙن ماڻهن آنديون آهن. جڏهن اهي تبديليون انهن ننڍڙن ماڻهن آنديون تڏهن اهي تاريخ جا وڏا ماڻهو ٿي اڀري پيا ۽ دنيا ۾ شخص ائين ئي ننڍڙي ڪوشش سان وڏا ٿي پون ٿا. اهو ئي سبب آهي جو ٻلهڙيجي جي نوجوان حسن پيرزادي ۽ سندس ساٿين 6- ڊسمبر کي سنڌ جي ثقافت ڏهاڙي ملهائڻ جي ڳالهه ميسيج ۽ اخبار جي هڪ ڪالمي خبر سان ڪئي. اها تاريخ مقرر ڪرڻ جو ڪريڊٽ ان نوجوان کي نه ڏيڻ وڏي ناانصافي چئبي، پر ثقافت کي بچائڻ جو اهو سمورو ڪريڊٽ سنڌ جي ان سيد ڏانهن به وڃي ٿو جنهن لياقت علي خان جي ان لفظن ته ”سنڌي قوم جو ڪلچر گڏهن ۽ اُٺن هڪلڻ وارو آهي.“ جي موٽ ۾ سنڌ جي ڪلچر جي وارثيءَ لاءِ سنڌ جي بزرگن جي مزارن تي ميلا لڳائڻ ۽”سنڌي ڪلچر“ نالي ڪتاب لکي سنڌي قوم کي ثقافتي طرح سان هڪ ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪنهن به طرح سان فراموش نه ٿيون ڪري سگهجن. ان وقت سنڌ جا ساڃاهه وند شايد سيد جي ان ڳالهه کي ٻاراڻو عمل سمجهيو پر پنجاهه سالن کانپوءِ تاريخ ثابت ڪيو ته جڏهن به ڪنهن قوم کي عملي طور تي ڳنڍڻو پوندو ته ثقافت جو ان ۾ اهم ڪردار رهي ٿو ۽ ايئن چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو ته ثقافت قوم کي عملي طرح قوم بڻجڻ جا بنياد فراهم ڪري ٿي.

    اردو ميڊيا جو متعصباڻو رويو:
    ميڊيا ڪنهن به طرح سان غيرجانبدار نه ٿي رهي پر دنيا جو ڪوبه طبقو غيرجانبدار نه هوندو آهي ۽ نه رهي سگهي ٿو. هر طبقي جون پنهنجون دوستيون ۽ دشمنيون رهن ٿيون. ان ڪري اردو ميڊيا کي به غيرجانبدار نه ٿو چئي سگهجي. اردو ميڊيا جو ڪردار شروعات کان ئي اسٽيبلشمينٽ ۽ فوجي قيادت ڏانهن جهڪاءُ ۽ پنهنجائپ وارو رهيو آهي. خود نجي اخبارن توڙي چئنلن تي اسٽيبلشمينٽ توڙي فوجي ٽولي جا پگهاردار رهيا آهن. هن وقت سول حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ ۾ وڏو ٽڪراءُ موجود آهي. سول حڪومت آمريڪي ۽ ٻاهرين قوتن جي مفادن ۾ پنهنجو سڀ ڪجهه داوَ تي لڳائڻ لاءِ آتي آهي. جنهن تي فوجي قوت ڪنهن به طرح سان اعتماد ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي ۽ جڏهن ته آمريڪا ۽ ان سان لاڳاپيل ڌريون وري فوجي قيادت تي ذري جو به اعتماد نه ٿيون ڪن، جنهن ڪري سول حڪومت کي پنهنجو ڪرڻ ان جي مجبوري آهي. اهو هڪڙو وڏو ٽڪراءُ جنهن جي پُڙ ۾ سِول حڪومت پيسجي رهي آهي. تاريخ جو اهو به وڏو الميو آهي ته سول حڪومت عوام تي اعتبار ڪرڻ بجاءِ ڪڏهن آمريڪا ۽ ان جي ساٿارين تي، ڪڏهن فوجي قوت ڏانهن واجهائيندي رهي آهي. ان جي نتيجي ۾ فوجي قوت جي سِول حڪومت خلاف وانگار وهندي اردو ميڊيا اڳ جيان سراپا عمل آهي. ان ڏس ۾ سياسي تنقيد کان وٺي ذاتي تنقيد تائين لهي اچڻ تائين اردو ميڊيا وسان نه گهٽايو آهي، جنهن جو ننڍڙو ثبوت سنڌي ڪلچر تي تنقيد جي روپ م ڏسي سگهجي ٿو.

    سنڌي ميڊيا جو موقعي پرستاڻو رويو:
    سنڌي ميڊيا جتي سنڌي ڪلچر کي اڀارڻ ۽ سنڌ جي نمائندگي ڪرڻ جي دعوى ڪري ٿي، جنهن جو ثبوت 6- ڊسمبر تي جيڪو ڪردار ادا ڪري ڏيکاريو آهي. ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو پر سوال وري به ساڳيو آهي ته ڇا سنڌي ميڊيا غير جانبدار آهي؟ جنهن جو جواب اسان کي انڪار ۾ ملي ٿو. ڇاڪاڻ ته سنڌي ميڊيا جنهن سنڌ سان نئين عشق جي ابتدا سڏي شروعات ڪري سنڌي ماڻهن کي جذبات جي وهڪري ۾ لوڙهيو آهي ان جي سنڌ سان عشق جي ابتدا ڌاڙيل ڪلچر، خوني جهيڙن ڏيکارڻ کان سواءِ باقي توهان ۽ اسان کي ڇا مليو آهي؟ صبح کان وٺي شام تائين ڌاڙيل ڪلچر ڏيکارڻ سنڌ سان عشق جي ابتدا آهي ته سنڌ سان دشمنيءَ جي انتها باقي ڇاکي چئبو آهي؟ رهيو سوال ته 6 ڊسمبر تي سول حڪومت جي اٿر ۾ رهندڙ سنڌي ميڊيا کي وٺ ئي نه ٿي ڏئي ان جو سبب ڪمرشل مارڪيٽ آهي. ڪمرشل مارڪيٽ ۾ گهڻ قوميون ڪمپنيون اشتهار انهن کي ڏينديون آهن جنهن جا ٻڌندڙ گهڻا هوندا آهن. ان حوالي سان اردو ميڊيا جي وڏي مارڪيٽ آهي، جنهن کي ڌڪڻ لاءِ به سنڌي ميڊيا کي وقتائتو ڌڪ هڻڻ جي ڪوشش ڪئي. ٻيو ته اردو ميڊيا فوجي قوتن جي اثر رسوخ ۽ سنڌي ميڊيا جو سول حڪومت جي سحر ۾ هئڻ واري ماجرا به هيٺ کان وٺي مٿي تائين تفاوت جي صورت ۾ اڀري آئي آهي. جنهن ۾ سنڌي ميڊيا، اردو ميڊيا کي وقتائتي شڪست ڏئي ڇڏي آهي. ان ڪري اقتصادي ۽ سياسي مفادن جي سحر ۾ اردو ۽ سنڌي ميڊيا کي ڏسڻ جي به ضرورت آهي. جنهن ۾ ٻئي ڌريون جڪڙيل نظر اچن ٿيون.

    پ پ پ سرڪار جا مفاد:
    پ پ پ سرڪار جيڪا جمھوريت جي وڏي دعويدار ڌر سمجهي وڃي ٿي. جيڪا اصل ۾ جمھوريت پسند آهي ئي ڪانه، ڇاڪاڻ ته جنهن به ملڪ ۾ جمھوريت ايندي آهي ان لاءِ پهرين لازمي شرط سيڪيولر هئڻ آهي. جيڪا رياست مذهب جي بنياد تي ٺهي هجي، جنهن جي آئين ۾ صلاحيتن آهر ماڻهو چونڊڻ بجاءِ مسلمان هئڻ جو شرط هجي. معنى ته مذهب جي ڇانوَ ۾ رهندڙ جمهوريت، جمهوريت ناهي هوندي. جمهوري قدرن لاءِ رياست جي سيڪيولر روايتن کي جيستائين جنم نه ڏنو ويندو تيستائين جمهوريت جي شڪل بگڙيل رهندي. جمهوريت رڳو ووٽ وٺڻ جو نالو ناهي هوندي. هميشه جمهوريت ۾ عوام کي خواب ڏيکاري جاگيردارن جي حڪومت قائم ڪندڙ ڌر ڪنهن به طرح سان جمهوريت پسند نه آهي. جنهن پارٽيءَ جو سربراهه به خانداني ورثي طور تي منتقل ٿيندو رهي اها جمهوريت جي دعوى به نه ٿي ڪري سگهي. ٻيو ته هن ملڪ ۾ جمهوريت سدائين فوجي مفادن جي تحت نالي ۾ ڏني ويندي آهي. ان ڪري هن حڪومت کي جمهوري حڪومت نه پر سِول حڪومت چئجي ته بهتر ٿيندو. پ پ پ سرڪار جيڪا سدائين سنڌ جي عوام کي جذبات جي بنياد تي ووٽ وٺي سنڌ کي پنجاب جي پيرن ۾ قانوني ۽ آئيني طرح ٻڌي اڇلائيندي رهي آهي. ان کي پنجاب جڏهن به اکيون ڏيکاريندو آهي ته وري سنڌ ڪارڊ استعمال ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندي آهي. جڏهن موجوده سول حڪومت کي پنجاب جي نمائندگي ڪندڙ اسٽيبلشمينٽ تڏا ويڙهائڻ جو پورو پورو فيصلو ڪيو آهي تڏهن هنن کي وري سنڌ ياد اچي ويئي آهي. جڏهن بينظير ڀٽو صاحبه زنده هئي ته نعرو لڳندو هو ته ”چئن صوبن جي زنجير-بينظير“. وري جڏهن پنجاب مان بينظير صاحبه جو لاش پهتو ته پ پ پ وري مؤقف تبديل ڪندي چيو ته ”سنڌ جي راڻي شهيد راڻي“. ڪاڏي وئي چئن ئي صوبن جي زنجير؟ هاڻي به ساڳي حڪمت عملي اختيار ڪندي پ پ پ پنجاب کي اکيون ڏيکاريون ۽ 6- ڊسمبر جي واقعي کي صدر زرداري جي حمايت ۾ سنڌي ماڻهن جي رد عمل طور تي واقعي کي ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي ته سڄي سنڌي قوم سرڪار سان گڏ آهي ۽ پ پ پ سرڪار هڪ دفعو ٻيهر عوام کي جذبات جي وهڪري ۾ آڻي پنهنجي ساک کي بچائڻ جي ناڪام ڪوشش ۾ رڌل آهي.

    قومپرستن جو ڪردار:
    سنڌي قوم جي وسيلن، ثقافت ۽ اقتصاديات جي وارثيءَ جي دعوى ڪندڙ قومپرستن پنهنجي سموري عرصي ۾ جيڪو ڪردار ادا ڪيو آهي. اهو ڪنهن به طرح سان نظرانداز نه ٿو ڪري سگهجي. انهن جي ناڪام حڪمت عملي هوندي به قومپرستن هن وقت جنهن مذهبي انتهاپسندي سان ويڙهاند ڪئي آهي اهو ڪيئن وساري سگهجي ٿو. اڄ تائين جيڪا به ڌر عوام کان ووٽ يا حمايت وٺڻ وڃي ٿي اها ڪنهن به مذهب جي بنياد تي نه پر ”سنڌ“ جي نالي تي پنهنجو پاڻ کي کڻي وڃي ٿي. پنجاب يا سرحد ۾ مذهب جي نالي تي اڪثر ڌريون عوام کان ووٽ وٺن ٿيون پر سنڌ ۾ ڪابه ڌر مذهب جي نالي تي ووٽ وٺي نه ٿي سگهي. ڀلي اهي مذهبي ڌريون ڇونه هجن. اهو ئي سبب آهي جو مذهبي جماعتون سنڌ جي مختلف ٻرندڙ مسئلن تي عوام وٽ وڃن ٿيون. جڏهن ته انهن ڌرين جو پنجاب ۾ مؤقف سنڌ جي ابتڙ آهي. پ پ پ به سنڌ مان پاڪستان جي نالي تي نه پر سنڌ جي نالي تي ووٽ ۽ حمايت حاصلڪري ٿي. معنى ته ”سنڌ“ انهن جي ترجيحات ۾ آهي. اهو سمورو ڪريڊٽ قومپرستن ڏانهن وڃي ٿو جن سنڌ جي سيڪيولر روايتن کي برقرار رکندي ”سنڌ“ ۽ سنڌ جي مفادن کي اوليت ۾ رکيو آهي، جنهن لاءِ قومپرستن کي جس ڏيڻ کان سواءِ نٿو رهي سگهجي. انهيءَ پسمنظر ۾ ئي قومپرستن سنڌي ثقافت جي ڏهاڙي کي پنهنجو ڏهاڙو ڪري جيڪا حمايت ڪئي اها بنا ڪنهن ذات ۽ ڪرسي بچائڻ جي مفادن جي هئي پر افسوس اهو آهي ته قومپرستن وٽ تنظيم ڪاري ۽ حڪمت عملين جي کوٽ سبب اهو ڪريڊٽ يا پيدا ٿيل رجحان کي پنهنجي طرف لاڙي نه سگهيا يا انهن مان ڀرپور طريقي سان فائدو حاصل نه ڪري سگهيا.

    مرتضى ڀٽو ڪيس:
    جڏهن سڄي قوم ثقافتي ڏهاڙي ملهائڻ ۾ مَحو هئي، ان وقت مير مرتضى ڀٽي جي قتل ڪيس جي عدالت فتوى ڏيڻ پٺيان به سرڪار وڏي حڪمت عملي تحت پاڻ بچائي ويئي. مرتضى ڀٽي جي ڪيس سان تاريخ ۾ جيڪا ويساهه گهاتي ٿي آهي شايد تاريخ ۾ ڪنهن سان ٿي هجي ته سرعام ڪنهن ماڻهوءَ کي قتل ڪيو وڃي ۽ ان جو ڪوبه قاتل نه هجي ته بي بي سي جو اهو تجزيو سؤ سيڪڙو درست آهي ته ”پکين ٺونگا هڻي مرتضى ۽ سندس ساٿين کي شهيد ڪيو.“ اهو پ پ پ سرڪار جو وڏو الميو چئبو جو مير مرتضى کي پ پ پ دؤر ۾ شهيد ڪيو ويو ۽ ان جي قاتلن کي به پ پ پ دؤر ۾ باعزت بري ڪري ڇڏيو ويو. 6- ڊسمبر جي لـُڙ ۾ تمام وڏي قتل جي فتوى ننڍي ٿي وئي. جنهن جا فائدا به لاڳاپيل ڌريون حاصل ڪري ويون ۽ قوم پنهنجي ثقافت جي خوشيءَ ۾ مَحو ٿيندي رهي!؟

    زوال پذير هنر ۽ پورهيت لاءِ کليل روزگار جا دروازا:
    سنڌ ۾ هٿ جو هنر زوال پذير ٿيڻ سبب پورهيت جي روزگار ۽ گذر سفر تي لت اچي ويئي هئي. هالن جا اجرڪ ۽ گهر توڙي جيلن جي چؤديواري ۾ قيدين جي هٿن جون ٺهيل ٽوپيون جنهن انداز ۾ وڪرو ٿيون آهن، ان کي خوش آئنده عمل چئي سگهجي ٿو. جيڪڏهن چار ڪروڙ عوام مان صرف ڪروڙ ماڻهن ٽوپيون ۽ اجرڪ پاتا هجن ته به پورهيت جي گهر جي چلهه چڱي عرصي تائين اجهامي نه سگهندي. ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي به آهي ته هن هنر کي هٿي وٺائڻ لاءِ به ڪا حڪمت عملي جوڙڻ کپي. جڏهن ته ثقافت رڳو ٽوپي، اجرڪ تائين محدود نه ٿي ٿئي. ثقافت، موسيقي، شاعري، مصوري، رقص، راڳ رنگ، طرز تعمير، فنونِ لطيفه ۽ معاشري ۾ مروج عادتن، رهڻي ڪهڻي، اٿڻ ويهڻ، احساسن، جذبن ۽ زندگي گذارڻ جو فن به ثقافتي سڃاڻپ جي دائري ۾ اچي ٿو. ٽوپي اجرڪ پائڻ سان ثقافت مڪمل طور تي اجاگر ناهي ٿي پر ثقافت جو هڪ پهلو سامهون اچي ٿو. جڏهن ته ثقافت جا ٻيا پهلو ساڳئي زوال پذيريءَ جي حالت ۾ آهن. ان ڪري ثقافت جي مڙني پهلوئن کي ملهائڻ لاءِ به جدوجھد ڪرڻي پوندي. ان جي واڌ ويجهه لاءِ ڪا حڪمت عملي اختيار ڪرڻي پوندي، ٻي صورت ۾ ثقافت سان پيار جي دعوى اڌ سچ آهي.

    سنڌ جي قومي وجود سان جوڙڻ جو سوال:
    ڪنهن به قوم کي ثقافت ناهي بچائيندي پر قوم ثقافت کي بچائيندي آهي. ثقافت قوم جي اهڃاڻ طور تي ڪم اچي سگهي ٿي پر ڪنهن به قوم لاءِ ثقافت ڪُل جز نه آهي. پر قوم جو جز اقتصاديات ۽ اقتصادي وسيلا هوندا آهن. ڪنهن به قوم جي ترقي، خوشحالي تيستائين ممڪن نه آهي جيستائين ان قوم جا وسيلا محفوظ نه آهن، معاشي طور تي خوشحال قوم ئي بهتر ثقافت ۽ ثقافتي قدرن کي جنم ڏئي سگهي ٿي. سنڌي قوم جا سمورا معاشي وسيلا، سنڌي قوم کان کسيا ويا آهن. کير کي پير سمجهي کپائڻ عيب سمجهندڙ قوم اڄ ان موڙ تي پهتي آهي جو پنهنجا ٻچا وڪرو ڪري رهي آهي. ان ڪري سنڌي قوم کي پنهنجن وسيلن جي تحفظ لاءِ هاڻي اڳتي اچڻو پوندو. خالي پيٽ تهذيبن کي نه پر ڏوهن کي جنم ڏيندو آهي. خالي پيٽ سان دنيا جي ڪابه رنگيني رنگيني ناهي لڳندي. ساهر لڌيانوي چواڻي ته:
    ”مفلسي حِس لطافت ڪو مٽا ديتي هي،
    ڀوڪ ڍل نهين سڪتي آداب ڪي سانچون مين.“

    هاڻ ان ڳالهه جي ذميواري سنڌ جي باشعور سياسي قيادت تي اچي ٿي ته هو هن موڙ تي سنڌي قوم جي رهنمائي ڪري ثقافت کان اڳتي قومي وسيلن، قومي وسيلن کان اڳتي قومي آزادي، قومي آزاديءَ کان اڳتي سوشلسٽ سنڌ ۾ قوم کي داخل ڪرڻ لاءِ پنهنجي حڪمت عملي تيار ڪن. ٻي صورت ۾ ثقافتي ڏهاڙن ملهائڻ سان قوم نه بچي سگهندي نه ئي ڪو ان طريقي سان ڪو سنڌ بچائي سگهجي ٿي.
    اياز چواڻي ته:

    تون جي مون کان پوءِ اچين،
    ڪينجهر کان ڪارونجهر تائين منهنجا گيت ٻڌين،
    مون کي ياد ڪرين.
    سنڌڙي ساري ڳاڙهو کهنبو ٿي ويندين تيسين،
    ۽ جي ان ۾ ڦلڙيون ڦلڙيون منهنجي ڏات ڏسين،
    شال اهو سمجهين،
    ڏات وڏي شيءِ ناهي،
    پر سچ وڏي شيءِ آهي،
    پر جو سچ مچائي مچ،
    سو مچ وڏي شيءِ آهي.


    معاشي بحران جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل رياست

    دنيا هن وقت وڏي مالياتي بحران جو شڪار آهي، ان جو بنيادي ڪارڻ سرمائيداريءَ جو عروج ۽ ان جي سامراجي شڪل اختيار ڪرڻ آهي، سرمائيداري سماج جڏهن انتھا تي پھچڻ شروع ڪندو آهي ته ان ۾ سوين بيماريون پيدا ٿيڻ شروع ٿينديون آهن، جنھن ۾ سماج مالياتي بحران کان وٺي ڪلچرلي، اخلاقي، سماجي توڙي قومي حوالي سان بـرائين جي ڌٻڻ ۾ لهڻ شروع ڪندو آهي، هونئن ته جاگيرداري سماج جي ڀيٽ ۾ سرمائيداري سماج پنھنجي جوهر ۾ وڌيڪ ترقي پسند ڪردار ادا ڪندو آهي، ڇاڪاڻ ته جاگيرداري سماج ۾ مرڪزيت (Centralization) قومي منڊي نه هئڻ سبب نه ٺهي سگهندي آهي ۽ سماج کي ڪٺي ٿيڻ جو موقعو نه ملندو آهي. پر جڏهن سماج جاگيرداريءَ مان سرمائيداري ۾ داخل ٿيندو آهي ته ان جي ترقيءَ جي رفتار تيز ٿي ويندي آهي، قومي منڊي جڙڻ سان ماڻهوءَ جي وچ ۾ گڏيل سوچ (Collective Thinking) پڻ جنم وٺندي آهي، جنهن ڪري سماج جي رفتار تيز کان تيز تر ٿي ويندي آهي. ماڻهوءَ جا پيداواري ذريعا، پيداوري اوزار توڙي پيداواري رشتا به تبديل ٿي ويندا آهن. اهو ئي سبب آهي جو جاگيرداري سماج پنھنجي جياپي خاطر سرمائيداري سان ٽڪراءِ جي شڪل پڻ اختيار ڪندو آهي. پر جاگيرداري پنھنجي جوهر ۾ سرمائيداري سان ٽڪر جي حالت ۾ جاگيرداري جي شڪست لازمي امر بڻجي ويندي آهي. پر جڏهن سرمائيداري سماج ۾ انسان داخل ٿيندو آهي ته ان کان به اڳتي وڃڻ لاءِ انسان جي اندر بي چيني پيدا ٿيندي آهي. اهو سماج سوشلسٽ سماج هوندو آهي، جنھن جي لاءِ سڌي يا اڻ سڌي طرح سان انسان جي اندر ۾ ان لاءِ تڙپ پيدا ٿيندي آهي، سرمائيداري سماج سوشلزم کان خوفزده هوندو آهي. ڇاڪاڻ ته سوشلزم ۾ پيداواري وسيلا وسيع تر عوام جي ملڪيت ٿي ويندا آهن. جڏهن ته سرمائيداري نظا جو بنياد صنعتي پيداوار ۽ ان جي کپت ۽ ورهاست تي مشتمل هوندو آهي، جنھن مان واڌو قدر (Super Value) ذريعي سرمائيدار دولت ميڙيندا رهندا آهن ۽ نتيجاً دولت چند هٿن ۾ گڏ ٿيندي ويندي آهي. سرمائيداري نظام جي هلندڙ ٽرڪل ڊائون معيشت جو هي فارمولو آهي ته پورهيت طبقو ايترو ته گهڻو ڪمائي جو سرمائيدارن جون تجوڙيون ڀرجي وڃن ۽ ڇلڪي پون جو اهي بچيل پئسا پورهيت طبقي کي ملندا، نتيجي طور تي پورهيت طبقو غربت جي هيٺين لڪير کان به گذري ويندو ۽ امير کان امير ترين ٿيندو ويندو آهي، آخرڪار بحران جنم وٺندا آهن، جنھن جي خطرناڪ شڪل 18 آڪٽوبر 2008ع تي سڄي دنيا ڏسي چڪي آهي.
    هي پھريون دفعو ناهي جو دنيا مالياتي بحران جي ور چڙهي آهي پر ان کان اڳ به 1929ع ۾ وڏو بحران (Great Depression) آيو هو، فرق ڇا هو جو شيون تڏهن سستيون هيون. پر انھن کي ڪو خريد ڪرڻ وارو ڪونه هو. ڇو ته ان وقت عوام وٽ ايترو فالتو پئسو موجود ڪونه هو، هاڻي سموري دنيا وٽ پئسو آهي پر شيون تمام گهڻيون مهانگيون ٿي ويون آهن جو ماڻهن جي قوت خريد گهٽجي ويئي آهي. ماڻهن ۾ قوت خريد پيدا ڪرڻ لاءِ قرض ڏيڻ جو وسيلو پيدا ڪيو ويو، يعني سرمائيداري هڪ بحران کي ختم ڪرڻ لاءِ سؤ ٻين بحرانن کي جنم ڏيندي آهي، قرض ڏيڻ واري روايت کي عام ماڻهن جي ضرورت بڻايو ويو آهي. خود آمريڪا جي اندر کپت جو اڀار (Consumer Boom) اوڌر (Credit) وسيلي پيدا ڪيو ويو آهي، قرضن ۾ مختلف ڪيٽيگريز ٺاهيون ويون آهن. جنھن ۾ پھريائين وڏي اهميت وارا ڪسٽمر (Prince Customer) جن کي قرض وٺڻ ۽ واپس ڪرڻ جي تمام سگهه موجود هوندي آهي. جڏهن ته ٻيا (Sub Prince Customers) گهٽ اهميت وارا ڪسٽمر جن کي قرض واپس ڪرڻ جي سگهه مڙيو ئي گهٽ هوندي آهي. قرض واپس نه ڪرڻ جو خطرو وڌيڪ هوندو آهي، ان جي وياج جي شرح وڌيڪ هوندي آهي، نتيجي طور تي قرض وسيلي عوامي ۾ قوت خريد ته پيدا ڪئي ويندي آهي پر اها به گهڻو وقت جٽاءُ نه ڪري سگهندي آهي. ڪارل مارڪس چواڻيءَ ته ”سرمائيدار ناڻي وسيلي ناڻو ڪمائيندو آهي.“ اهو ئي ڪارڻ آهي جو اڄ آمريڪا جا 3 امير ترين ماڻهو دنيا جي 60 سيڪڙو عوام کان وڌيڪ ملڪيت رکن ٿا. آمريڪا جي 358 ارب پتن وٽ اڌ دنيا يعني 3 ارب عوام کان وڌيڪ ملڪيت آهي. آمريڪا جي 50 بئنڪن کي دنيا جي 70 سيڪڙو سرمائي کي هلائڻ جو اختيار آهي، سرمائيدار جي سامراجي شڪل سبب اڄ خود آمريڪا جو مالي خسارو 90 هزار ارب ڊالر ٿي ويو آهي. ان جو پبلڪ خسارو هڪ لک 70 هزار 900 ڊالرن کان به وڌيڪ چڙهي ويو آهي. آمريڪا ۾ هڪ ڪروڙ 90 لکن کان وڌيڪ بيروزگار ٿي ويا آهن.
    آمريڪا ۾ بي گهرن جو تعداد 200000 ٿي ويو آهي. ماڻهن خيما قائم ڪري ڇڏيا آهن، جڏهن ته برطانيه ۾ 2010ع تائين 15 لکن کان وڌيڪ ماڻهو بيروزگار ٿي چڪا آهن، جاپان ۾ 55 لک ماڻهو بيروزگار ۽ جرمني ۾ 51 لک ماڻهو بيروزگار ٿي چڪا آهن. اٽلي جي مرڪزي بئنڪ مالي نقصان کان بچڻ لاءِ 700 ملازمن کي برطرف ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. 80 لک ماڻهو هر سال غربت جي ڪارڻ مرن ٿا، هي سرمائيداري جي انتھائي ڀيانڪ شڪل آهي، جيڪا تاريخ جي انتھائي بدترين شڪل چئي وڃي ٿي. هاڻي بيٺڪيت سامراج (Colonial Impalism) مالياتي سامراج (Financial Impalism ) جي شڪل وٺي رهيو آهي، جيڪو اڃا دنيا کي مڪمل طور تي تباهي طرف وٺي ويندو.
    پاڪستان جي معيشت جيڪا خود اڳ ۾ ئي ڏيوالي جي شڪار هئي، سا هاڻي اڃا به وڌيڪ بدترين شڪل اختيار ڪري رهي آهي، ملڪ جي معيشت مان 65 سيڪڙو ملٽي نيشنل ڪمپنين 25 سيڪڙو فوج ۽ 10 سيڪڙو سول سرمائيدارن جي هٿ وس آهي، ملڪ جي معيشت جا مکيه 44 ادارن سميت ڪل 700 ادارا وڪرو ڪري ڇڏيا آهن، باقي به 16 ادارا بچيا آهن، جن مان اسٽيل مل، پورٽ قاسم، پي آءِ اي، قادر پور گئس فيلڊ وڪري ڪرڻ لاءِ موجوده حڪومت رٿابندي ڪري ڇڏي آهي. ان مان ثابت ٿئي ٿو ته حڪومت عوام نه پر عالمي ادارن، سرمائيدارن ۽ ملٽي نيشنل ڪمپنين جي رحم ڪرم تي هلي رهي آهي.
    آمريڪي جنرل جارج مارشل ٻي عالمگير جنگ کانپوءِ مارشل پلان ڏنو هو (Don’t Fight the Problem) مسئلن سان ويڙهه نه ڪريو. پھرين انھن کي سمجهو ۽ پوءِ حل ڪريو. هتي به پهرين مسئلي کي سمجهڻو پوندو پوءِ ئي ان جي حل لاءِ ڪوشش ڪرڻي پوندي. ملڪ کي ڏيوالي کان نڪرڻ لاءِ غلط فارمولا استعمال ڪندي معاشي بحران کان بچڻ لاءِ حڪومت IMF کان 7.6 بلين ڊالر قرض ورتو آهي، جنھن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ملڪ ڊفالٽ کان بچي ويو، حقيقت ۾ ملڪ وڌيڪ ڊفالٽ ۾ ايندو، ڇاڪاڻ ته قرض بنا شرط جي نه ملندو آهي، ان ڪري جيڪڏهن IMF يا ٻيو ڪو ادارو پئسا ڏيندو ته پاليسيون به ان جي مرضيءَ سان ٺھنديون. وقتي طور تي معيشت کي بچايو ويندو پر مستقبل ۾ ملڪ اقتصادي طور تي مڪمل طور تي تباهيءَ جو شڪار ٿي ويندو. جنھن کي شايد دنيا جي ڪا به طاقت بچائي نه سگهندي. جيڪڏهن ملڪ کي معاشي بحران مان ڪڍڻو هو ته سمنڊ پار پاڪستانين وٽ 184 ارب ڊالر ڪيش ۾ موجود آهن، پاڪستانين جا 14.7 ارب ڊالر پرڏيهه ۾ جڏهن ته ملڪ ۾ 131 ارب ڊالر مخصوص ماڻهن وٽ آهن. جڏهن ته ملڪ کي صرف 10 ارب ڊالرن جي بحران مان نڪرڻ جي ضرورت آهي. رڳو پارليامينٽرين ۽ سياستدان ئي صرف هڪ مھيني لاءِ پرڏيهه ۾ رکيل ناڻو ملڪ ۾ جمع ڪرائن ته هوند بحران مان نڪري سگهجي پيو. پر هتي بنا ڪنھن منصوبابندي جي سفر ڪرڻ سبب يقينن ملڪ کي تباهيءَ ۽ برباديءَ کان فرشتا به بچائي نه سگهندا. جڏهن ته اربين روپيا ملڪ جي وڏين بلائن وٽ ڪرپشن جي صورت ۾ موجود آهن، جنھن جو عڪس اين آر او ۾ ڏسي سگهجي ٿو، هي ته اهي ماڻهو هئا، جيڪي حساس ادارن جي نظر ۾ اچي ويا، پر ان کانسواءِ به ملڪي معيشت جو وڏو ناڻو انھن ادارن کان اوجهل آهي. جن جي واپسي پڻ ڪي قدر عوام جي مفادن ۾ ڪم اچي سگهي ٿي. پر احتساب ڪندڙ ادارا پڻ احتساب جا مستحق آهن، ان ڪري هي رياست گهڻ طرفي خطرن ۾ وڪوڙجي ويئي آهي. دهشتگردي، ڪرپشن، عالمي سازشن کان وٺي آئيني توڙي فوجي سازشن جي گهيري ۾ رهندڙ هي رياست گهڻو وقت جٽاءُ ڪري اهو ممڪن نظر نه ٿو اچي. ان ڪري هنن حالتن ۾ آزادي پسند ڌريون جيڪڏهن تنظيمي طرح منظم انداز ۾ اڳتي وڌي اچن ته رياست هن کان اڳ ۾ ڪڏهن به ايترو ڪمزور نه رهي آهي، جيڪا بنا ڪنھن نظرئي، رٿابندي جي سفر آهي. ان کي منطقي نتيجي تي پھچائڻ لاءِ حالتون مڪمل طرح سان سازگار آهن، پر ڇا اهي ڌريون سنجيده ۽ منظم آهن. جيڪي حالتن جي تبديلي ۽ انقلاب جي ڳالهه ڪن ٿيون؟!


    ٽوڙهي ڦاٽڪ سانحو ۽ شاگرد سياست

    17-آڪٽوبر سنڌ جي تاريخ جو اهو ڏهاڙو آهي، جنھن سڄي سنڌ کي سياسي طرح لوڏي ڇڏيو هو. خاص ڪري سنڌ ۾ شاگرد سياست ۾ 4 مارچ کانپوءِ 17-آڪٽوبر جو ڏهاڙو اهم حيثيت رهي ٿو. باشعور قوم پنھنجي شھيدن جا ڏهاڙا ملهائي پنھنجي سجاڳيءَ جو ثبوت ڏينديون آهن. ڏهاڙا ملھائڻ جا مکيه ٻه مقصد هوندا آهن، هڪ سبب اهو هوندو آهي ته ان جدوجھد، تحريڪ، واقعي ۽ ان ۾ شامل ڪردارن کي مڃتا ڏجي ته جيئن ايندڙ نسل ان مان اتساهه وٺي، جيئن تاريخ ۾ اهڙي قسم جو ٻيهر ڪو ڪردار ادا ڪري سگهي. ٻيو سبب ان تحريڪ جدوجھد ۽ ان جي خوبين توڙي خامين کي اڳيان رکي مستقبل جي رٿابندي ڪري نيون حڪمت عمليون ٺاهجن، پر هتي اسان وٽ روايتي انداز ۾ ڏهاڙا ملهائي واهه واهه ڪري ٻه ٽي لڙڪ وهائي ماتم ڪري گهر ويهي وڃي آرام ڪجي ۽ بس، نتيجي ۾ سنڌ ۽ قومي فڪر توڙي قومي تحريڪ مثبت رخ اختيار ڪرڻ بجاءِ روايتي انداز ۾ لفاظي ۽ ماضيءَ تي فخر ڪرڻ تائين محدود ٿي وئي آهي.

    شاگرد سياست جو پسمنظر:
    مهاتما گانڌيءَ هڪ هنڌ لکيو آهي ته ”ڪنھن به سماجي تبديلي لاءِ عدم تشدد لازمي اخلاقي اصول، حڪمت عملي هجڻ گهرجي ۽ شاگرد سياست ان اصول جي سياسي نقش آهي.“ معنى ته شاگرد تعليم ۽ قوم وسيلي پنھنجي قوم جو وڌيڪ باشعور طبقو ٿئي ٿو. ان ڪري قوم جي تقدير جي تبديليءَ جو بار ان جي ڪلھن تي وڌيڪ پوي ٿو. شاگرد پنھنجي جوهر ۾ جيترو وڌيڪ باشعور ۽ علم سان آراسته هوندو، اوترو ئي جلد قوم پنھنجي پيرن تي بيھندي آهي. اهو سبب آهي جو ڏکڻ ايشيا، ايسٽ تيمور، وينزويلا، انڊونيشيا، يوگو سلاويا ۾ جيڪي تاريخي تبديليون برپا ٿيون آهن انھن ۾ شاگردن جو اهم ڪردار رهيو آهي. هندستان ۽ پاڪستان جي آزادي هجي يا بنگلاديش جي آزادي انھن ۾ شاگردن جي ڪردار کي ڪنھن به طرح سان نظرانداز نه ٿو ڪري سگهجي.

    سنڌ ۾ شاگرد سياست:
    هونئن ته سنڌ ۾ شاگرد سياست جو سنڌ جي تاريخ ۾ ڊگهو سفر رهيو آهي، ترخانن، ارغونن، توڙي مغلن جي دورِ حڪومت ۾ سنڌي ٻولي خاطر پنھنجي زندگيءَ جو نذرانو ڏيئي، پنھنجون زبانون ڪٽرائي، پنھنجي ارڏائي ۽ بھادريءَ جو اعلى مثال قائم ڪيو آهي. پر مان سمجهان ٿو ته سنڌ ۾ شاگرد سياست جا بنياد وڌيڪ مضبوط هيمون ڪالاڻيءَ قائم ڪيا. سکر ۾ جنم وٺندڙ هيمون ڪالاڻي 23 آڪٽوبر 1942ع ۾ گرفتار ٿيو، 2 مھينا 25 ڏينھن انگريز سامراج جي ٽارچر ۾ سختيون سٺيون. کيس ليٽ جي لڪڻ سان اگهاڙي جسم تي ڪُٽڻ کانسواءِ کيس برف جي بلاڪ تي ليٽايو ويندو هو کيس چيو ويو ته جيڪڏهن هو پنھنجي غلطيءَ جي معافي وٺي ته سندس سزا معاف ڪري سگهجي ٿي. پر هن ارڏي انسان آڻ نه مڃي ۽ آخرڪار 21 جنوري 1943ع تي کيس ڦاهي ڏني وئي. اڄ جيڪڏهن هيمون ڪالاڻي تڪليفون ۽ سختيون نه سهي ها ۽ موت کي لبيڪ نه چوي ها ته هو اڄ شآگردن لاءِ اتساهه جو سبب نه بڻجي سگهي ها. شاگردن جي جدوجھد هيمون ڪالاڻيءَ جو رت پي اڳتي سفر ڪيو آهي.

    4-مارچ 1967ع جو واقعو:
    4 مارچ جو ڏهاڙو جڏهن ڪنن تي گونجندو آهي ته شاگردن توڙي سڄي سنڌ جي رت جي گردش تيز ٿي ويندي آهي. ائين کڻي چئجي ته 4 -مارچ شاگرد جدوجھد جي عروج جو زمانو آهي هن دؤر ۾ شاگرد سياست سنڌ جي مڙني طبقن تي پنھنجا اثر ڇڏيا آهن. هن دؤر ۾ جڏهن سنڌ کي سابق سنڌ لکڻ ۽ سنڌي پڙهائڻ تي بندش، مداخلت ۽ ون يونٽ ۾ سنڌ مڪمل طور تي پنجاب جي بيٺڪيت ٿي وئي ته شاگردن پنھنجي حق جو علم بلند ڪيو، پنھنجي جدوجھد جو نعرو حيدرآباد جي ڪمشنر کي هٽايو هڻي شاگردن زبردست تحريڪ هلائي. ڪمشنر حيدرآباد خلاف هلايل تحريڪ سنڌ جي قومي تحريڪ جو اهڃاڻ ٿي وئي. آخرڪار 4-مارچ 1967ع ۾ حيدرآباد جي شاگردن جي احتجاج تي ڪڙڪي پئي. شاگردن جو رت رستن، گهٽين، توڙي گهرن ۾ ريلا ڪري وهڻ لڳو، ڪيترائي شاگرد ٽارچر سيلن ۾ واڙيا ويا. شاگردن جي انھن قربانين جو نتيجو هو جو ون يونٽ جھڙو قهري ڪوٽ ڪري پيو، هي شاگرد سياست ئي هئي جنھن سنڌ ۾ قومي تحريڪ کي سگهه بخشي ۽ اتساهه ڏنو ۽ سڄي قوم کي قومي ڌارا ۾ ڪٺي ڪري بيھاريو. اهو ئي سبب آهي جو سائين جي ايم سيد شاگردن جي جدوجھد، ولولي ۽ قرباني جي جذبي کان متاثر ٿي آزاد سنڌ جو بار شاگردن تي رکيو ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ آزادي جي نعري کانپوءِ پھرين تقرير ۾ واضح چيو ته،”مان سنڌ جي وڏيرن، پيرن، جاگيردارن کي آزمائي چڪو آهيان،مون کي سنڌ جي آزادي ۽ آجپي جي واهه ڪٿي نظر نه آئي. ان ڪري مان سنڌ جو ڪيس توهان شاگردن اڳيان کڻي آيو آهيان.“ سائين جي ايم سيد تاريخ جي وڏن تجربن مشاهدن کانپوءِ ان نتيجي تي پھتو ته سنڌ ۾ وارثي ۽ مالڪي جيڪڏهن ڪري سگهن ٿا ته اهي شاگرد ئي آهن. ان کانپوءِ اهو ثابت ٿيو ته شاگردن نه صرف تاريخ جي ڦيٿي کي اڳتي وڌايو پر ان تاريخي عمل کي نوان گس ۽ موڙ به ڏنا.

    17-آڪٽوبر واقعي جو پس منظر:
    17 آڪٽوبر 1984ع اهو ڏينھن آهي، جنھن ڏينھن شاگردن پنھنجي زندگيءَ جو ٻليدان ڏئي سڄي سنڌ کي واسي ڇڏيو، هي اهو دؤر آهي جو سنڌ ۾ ايم آر ڊي توڙي مڙني مڪتبِ فڪر سان تعلق رکندڙ ڌريون عملي طور تي ويڙهاند ۾ رڌل هيون. هر تحريڪ ۾ شاگردن نمايان ڪردار ادا پئي ڪيو آهي. خاص ڪري جيئي سنڌ جي سموري قيادت، اڳواڻي شاگردن وٽ هئي. ان ڪري قومي تحريڪ ۾ شآگردن جو نئون جوش جذبو ۽ قومي فڪر سان سرشار قافلو جڏهن سنڌ يونيورسٽي، مھراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي ۽ لياقت ميڊيڪل ڪاليج جا 150 شاگرد بسن م سوار ٿي 3.00 وڳي منجهند ٽوڙي ڦاٽڪ وٽ پهتا ته ڦاٽڪ بند هيو ۽ چؤطرف سانت ڇانيل هئي. سول ڊريس ۾ قانون نافذ ڪندڙ اداري جي سربراهه قافلي کي انڊس هاءِ وي کان هيٺ لهڻ لاءِ جيئن ئي حڪم ڪيو ته ريلوي بند جي چؤطرف لڪل قانون نافذ ڪندڙ اداري جي هٿياربندن هٿيارن جا منھن کولي ڇڏيا. 5 ڄڻن جي شھيد ٿيڻ کانپوءِ باقي ٻين زخمين کي بڪتر بند گاڏين ۾ کڻي سينٽرل جيل حيدرآباد ۾ بند ڪيو ويو، جتي به کين سخت تڪليفن سان منھن ڏيڻو پيو. هي سنڌ جي 35 منٽن جي مختصر جنگ هئي. جتي تند تلوارن سان وڙهي هئي.

    اچڻ جو مقصد:
    شاگرد 17-آڪٽوبر تي پنھنجين اکين ۾ ”مھين جي دڙي“ جي بچاءَ جا خواب کڻي چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻو ۾ ”مھين جو دڙو بچايو“ سيمينار ۾ شرڪت لاءِ روانا ٿيا هيا، ڇاڪاڻ ته انھن باشعور شاگردن ڄاتو ٿي ته مهين جو دڙو سنڌ جي عظمت جو تاريخي دستاويز آهي جنھن جو تحفظ ڪرڻ معنى سنڌ جو تحفظ ڪرڻ آهي، جڏهن دنيا اڃا پنھنجو انگ ڍڪڻ نه کي هئي ته تڏهن سنڌ پنھنجي فن، ادب، آرٽ، موسيقي، تجارت، سائنس، ٽيڪنالاجيءَ ۾ سڄي دنيا جي امامت ڪري رهي هئي. ان ڪري دڙي کي بچائڻ کي ماضي جي شاندار حصي کي بچائي خوشحال ۽ آزاد سنڌ اڏڻ برابر آهي. ڇو ته قومون پنھنجي ماضي جي تجربن، مشاهدن ۽ قومي ورثن کي سامھون رکي پنھنجي مستقبل جي اڏاوت ڪنديون آهن.

    ميڊيا جو ڪردار:
    ان وقت ميڊيا ٻن حصن م ورهايل آهي. هڪ سرڪاري ميڊيا ٻي وطن پرست ميڊيا، سرڪاري ميڊيا جنھن جو گهڻي قدر اليڪٽرانڪ ميڊيا يعني ريڊيو، ٽي وي ۽ ٿوري قدر پرنٽيڊ ميڊيا تي واضح اثر هيو، سرڪاري طور اها پروپئگنڊا ڪئي پئي وئي ته ڏوهارين سان ڀريل يونيورسٽيءَ جون ٻه بسون لاڙڪاڻي ويندي، پوليس سان مقابلي ۾ 5 ڏوهاري مارجي ويا ۽ ڪيترائي ڏوهاري گرفتار ڪيا ويا آهن. سرڪاري ان پروپئگنڊا جو سنڌ کانسواءِ ٻين صوبن توڙي عالمي سطح تي وڏو اثـر پيو، ٻئي طرف سرڪاري ٻولڙيا سنڌي عوام کي گمراهه ڪندا رهيا، تنھن باوجود به پرنٽيڊ ميديا ۾ ڪجهه وطن دوست اخبارن توڙي صحافين سنڌ جو ڪيس انتھائي ايمانداريءَ سان وڙهيو ۽ اهي باور ڪرائڻ ۾ ڪامياب ويا ته اهي نج سياسي شاگرد هئا نه ڪي ڏوهاري، جيڪي سنڌ جي آزاديءَ لاءِ وڙهندي شھيد ۽ گرفتار ڪيا ويا آهن، انھن وطن پرست اخبارن ۽ صافين جي مثبت ڪردار سبب سڄي سنڌ اٿلي پئي.

    عوام جو ڪردار:
    عوام سرڪاري پروپئگنڊا جو شڪار ٿيڻ بجاءِ سڌيءَ طرح سان شاگردن ڏانھن پنھنجون سڀ محبتون منسوب ڪيون. اهو ئي سبب آهي جو سڄي سنڌ ڪيترائي ڏينھن ان سوڳ ۾ ورتل نظر آئي ۽ عوام روڊن، رستن، تي سراپا احتجاج بڻجي نڪري آيو ۽ سرڪار خلاف ڀرپور مزاحمت ڪئي. سموري سنڌي قوم هن غم، غصي ۽ سوڳ ۾ متحد ٿي وئي جنھن جو سنڌ جي تاريخ ۾ مثال مشڪل ملي ٿو.

    17-آڪٽوبر جا شهيد:
    1- شھيد عبدالمالڪ خشڪ:
    هن شهيد ٺٽي ضلعي جي تعلقي گهوڙا ٻاري جي ڳوٺ درويش ۾ جنم ورتو، سندس پيءُ جو نالو محمد عيسى خشڪ هو. ذهانت جي لحاظ سان سندس هاڪ شروعاتي تعليم کان ملي ٿي، هن پنجين درجي ۾ ذهانت جو امتحان ٺٽي ضلعي ۾ پھريون نمبر کڻي پاس ڪيو ۽ ان کانپوءِ ميٽرڪ توڙي انٽر ۾ اي گريڊ کڻي پاس ٿيو ۽ ان کانپوءِ مھراڻ يونيورسٽي ۾ داخلا وٺي جساف جو باضابطه ميمبر ٿيو، جتي هن جون سياسي سرگرميون عروج تي پھچي ويون. اهو ئي ڪارڻ هوجو سياسي سرگرمين سبب هڪ دفعو ريسٽيڪيٽ ڪيو ويو، تنھن باوجود به هن جي جذبي، محبت ۾ ذري برابر به ڪمي نه آئي.

    2- شهيد ذڪريا ميمڻ:
    شهيد ذڪريا ميمڻ مھراڻ يونيورسٽي جو شاگرد هيو، هن جو جنم 7 فيبروري 1962ع تي ٺٽي ضلعي جي دڙي شھر ۾ ٿيو، نائين درجي تائين ماڊل اسڪول حيدرآباد ۾ تعليم حاصل ڪيائين، ڏهين درجي ۾ بٺورو هاءِ اسڪول ۾ داخلا ورتائين، انٽر ۾ بھترين پوزيشن حاصل ڪرڻ کانپوءِ مھراڻ يونيورسٽي ۾ داخل ٿيو، جتي جساف جو باضابطه سرگرم اڳواڻ رهيو. سياسي سرگرمين سبب کيس هڪ دفعو ريسٽيڪيٽ پڻ ڪيو ويو، پر پوءِ اهو آرڊر 1983ع ۾ واپس ورتو ويو، تنھن باوجود هن جون تعيلمي سياسي سرگرميون جيئن جو تيئن جاري رهيون.

    3- شهيد انور علي عباسي:
    شهيد انور علي عباسي جو تعلق ڳوٺ پکي تعلقي قمبر سان هو، سندس جنم 12-آگسٽ 1962ع تي سندس والد علي محمد عباسي جي گهر ۾ ٿيو، پرائمري جي تعليم پنھنجي ڳوٺ ۾، ڇهين کان ڏهين درجي تائين گورنمينٽ هاءِ اسڪول وڳڻ ۾، تعليم حاصل ڪيائين. ٻارهين گورنمينٽ ڊگري ڪاليج دادو مان ڪيائين. 1980ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي ڪامرس شعبي ۾ داخلا ورتائين. شھادت وقت فائنل يـيئر جو شاگرد هيو. 17-آڪٽوبر تي گولين لڳڻ ڪري سندس سڄو منھن ۽ جسم چچرجي ويو هو، جنھن سبب سندس سڃاڻپ ڪرڻ انتھائي مشڪل هئي. اهو ئي سبب هيو جو کيس لاوارث ڄاڻائي واپڊا ڪالونيءَ ڄامشورو ۾ کيس دفن ڪيو ويو.

    4- شهيد امان الله وسطڙو:
    نوشھروفيروز ڳوٺ مچر ۾ حزب الله وسطڙو جي گهر ۾ جنم وٺندڙ شهيد امان الله وسطڙي پرائمري تعليم موري ۾، سيڪنڊري تعليم شھدادڪوٽ مان حاصل ڪري سنڌ يونيورسٽي جي جيالاجي جي شعبي ۾ داخلا ورتائين. جساف جو ميمبر ٿيڻ کانپوءِ هن باضابطه سياسي سرگرميون شروع ڪيون. هن جي ولولي ۽ جذبي جو انداز سندس هن آخري آٽوگراف مان لڳائي سگهجي ٿو جنھن ۾ هن لکيو آهي ته،”منھنجي آخري تمنا آهي ته سنڌ جي آزاديءَ جي جنگ ۾ شھادت ماڻيان.“ ۽ هن جي ان خواب جي آخرڪار 17-آڪٽوبر تي ساڀيان ٿي.

    5- مٺو بليدي:
    مٺو بليدي سنڌ يونيورسٽي جو چوڪيدار هو. هن جي مزار ڄامشوري ريلوي اسٽيسن جي ويجهو آهي. 17-آڪٽوبر جي شھيدن ۾ مٺو بليدي جو ڪردار سڀ کان اهم هيو. ڇاڪاڻ ته هو سرڪاري ملازم هوندي به ڌرتيءَ جي محبت هن جي نس نس ۾ سمايل هئي ۽ آخري دم تائين ڌرتيءَ جي آجپي لاءِ ڪردار ادا ڪندو رهيو. يونيورسٽي ۾ سمورا شاگرد اڳواڻ توڙي ڪارڪن سندس سحر ۾ هوندا هئا. سرڪار جڏهن به ڪا شاگردن خلاف ڪارروائي ڪرڻ ايندي هئي تڏهن هي هڪدم اها خبر شاگردن تائين پھچائيندو هو، جنھن سبب ڪيترائي دفعا شاگرد ڳري نقصان کان بچي ويا.

    شاگرد سياست جي ناڪام ٿيڻ جا سبب:

    انقلاب کي آڻڻ لاءِ جيستائين انقلابي فڪر سان گڏ انقلابي پارٽي نه هوندي آهي ته تيستائين انقلاب جي اچڻ جو تصور به نه ٿو ڪري سگهجي. سنڌ ۾ انقلابي فڪر سان تعلق رکندڙ سڀني ڌرين وٽ خاص ڪري سنڌ جي محور ۾ ڪم ڪندڙ ڌرين وٽ انقلابي فڪر ته هو پر انقلابي پارٽي نه هئي، جنھن سبب سموريون سياسي پارٽيون گهڻي وقت تائين سياسي ميدان تي جٽاءُ نه ڪري سگهيون. پارٽيون تيستائين نتيجا نه وٺي سگهنديون آهن، جيستائين انھن ۾ پورهيت جو ڪردار نه هوندو آهي. ڇاڪاڻ ته پورهيت انقلاب ۾ هر اول دستي جو ڪردار ادا ڪندا آهن، جنھن وٽ وڃائڻ لاءِ صرف زنجير ئي هوندا آهن ۽ حاصل ڪرڻ لاءِ سڄي دنيا هوندي آهي. سنڌ م بدقسمتيءَ سان قومي فڪر سان تعلق رکندڙ سڀني ڌرين پورهيت جي تاريخي ڪردار کان لاتعلق ٿي انقلاب جو سمورو بار شاگردن جي مٿان رکيو ويو. جيئن ته شاگرد هڪ عرصي تائين شاگرد هوندو آهي. ان کانپوءِ شاگرد زندگي جي ٻئي شعبن ۾ داخل ٿئي ٿو. ان ڪري انقلاب لاءِ شاگردن تي پوري طرح بار سٺو سنئوڻ ثابت نه ٿيو آهي. انقلابي پارٽي نه هجڻ سبب انھن سياسي شاگردن جي تعليمي ادارن مان نڪرڻ کانپوءِ سنڀال نه ٿي سگهي ۽ اهي سماج ۾ اچي پنھنجي ذاتي زندگيءَ ۾ مصروف ٿي ويا. انقلاب لاءِ معاشي مفاد اهم هوندا آهن، ڇو ته معاشي مفاد ويڙهه لاءِ اتساهه پيد اڪندا آهن، ان ڪري انقلابي ويڙهه ۾ مڪمل طرح سان شاگردن تي ڀاڙڻ سڀني پارٽين جي وڏي غطلي ثابت ٿي آهي، ٻيو ته رياست شاگردن جي سياسي ڪردار کي ڪرمنل فيڪٽر ۾ ملوث ڪري ڇڏيو ته ڪن کي ايجنسين خريد ڪري ڇڏيو.ڪن کي ڪلاشنڪوف ۽ نشي جي ڌنڌي ۾ لاٿو ويو، نتيجي ۾ جيڪي سنجيده ۽ باعمل شاگرد هئا اهي به انھن جي گهيري ۾ اچي ويا، جيڪي گهربل نتيجا نه ڏئي سگهيا ۽ ڏسندي ڏسندي شاگرد سياست پنھنجو اثـر وڃائي ويٺي آهي.

    هاڻ ڇا ڪرڻ گھرجي؟
    لينن چواڻي “One step forward, two step backward” يعني ”هڪ قدم اڳتي ۽ ٻه قدم پوئتي.“ پنھنجي هڪ قدم کي بچائڻ لاءِ ٻه قدم پوئتي موٽڻ خراب ڳالهه نه آهي. ڇو ته سياست ڏاڍي بي رحم ٿيندي آهي. جنھن جي سيني ۾ ڪا به دل ناهي ٿيندي. سياست جا پنھنجا ماڻا ماپا هوندا آهن ان ڪري سياست ڪنھن جي خواهشن جي نه پر مادي حالتن جي تابع ٿيندي آهي. مادي حالتن جي تبديليءَ سان سياست ۾ نوان رخ، رستا، راهون تيار ڪبيون آهن، سنڌ جون حالتون ان نتيجي تي پھتيون آهن ته سڀني کي هڪ دفعو ٻيھر پنھنجو ۽ پنھنجي سياسي پارٽين جو جائزو وٺي سنڌ لاءِ حڪمت عملي تيار ڪرڻي پوندي، سنڌ ۾ سياسي تحرڪ پيدا ڪرڻ لاءِ پنھنجي پارٽي کي پورهيت طبقي سان ڳنڍي پورهيتن کي انقلاب جو محرڪ قوت سمجهي سياسي حڪمت عملي تيار ڪرڻي پوندي. شاگرد هن تحريڪ ۾ ڪنھن حد تائين سياسي پارٽين لاءِ ڪارگر ثابت ٿي سگهن ٿا پر مڪمل طرح سان پنھنجون پارٽيون شاگردن جي اڳواڻي ۾ ڏيڻ هڪ دفعو ٻيهر اسان جي تاريخي غلطي هوندي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته شاگردن جي سياسي تربيت لاءِ ادارا قائم ڪيا وڃن، جيڪي شاگردن جي تربيت ڪن ۽ شاگرديءَ جي دور پوري ٿيڻ کانپوءِ به سياست ۾ انھن کي پارٽي جي ماتحت بڻائجي ۽ شاگردن کي منظم ڪرڻ کان اڳ پارٽي جي انقلابي بيھڪ ضروري آهي. جيڪڏهن انقلابي پارٽي نه هوندي ته انقلاب لاءِ رستو هموار ڪرڻ مشڪل نه پر ناممڪن هوندو.


    سنڌ ۾ تاريخي ٻوڏ: سبب ۽ حل

    ٻوڏ جي تباهيءَ سبب، سنڌ زبردست معاشي ۽ سماجي طرح سان متاثر ٿي آهي. ان کان اڳ ۾ سنڌ ايتري حد جي لڏپلاڻ ۽ تباهيءَ ڪانه ڏٺي آهي. 1947ع ۾ جيڪا لڏپلاڻ ۽ سنڌي ماڻهن جو هڪ ٻئي کان وڇوڙو ٿيو، ڏسجي ته ان کان به وڌيڪ هاڃا هاڻي ٿيا آهن. ٻوڏون پاڻيءَ جون هجن، معاشي بحران جون هجن آباديءَ جون اهي گهڻائي نقصان ۽ سوال کڻي ٿيون اچن. سنڌو درياءُ جتي سنڌي تھذيب ۽ تمدن ۽ سنڌي قوم جي خوشحاليءَ جو ڪارڻ رهيو آهي، اتي ڪيئي تباهيون به پاڻ سان کڻي آيو آهي. وادئ سنڌ جي تھذيب جي اڏاوت ۽ برباديءَ جا سبب به سنڌو دريا جي کاتي ۾ اچن ٿا. هيءَ ٻوڏ جنھن کي سنڌي ماڻهون صدين تائين وساري نه سگهندا، انهيءَ جي تباهيءَ جا سبب قدرتي گهٽ پَر هٿرادو وڌيڪ آهن. ڇاڪاڻ ته سنڌو درياء جي موجن، مستين تي بند ٻڌڻ ۽ ان کي پنھنجي مرضيءَ سان سڪائڻ ۽ آباد ڪرڻ به ڪنھن جي وس جي ڳالهه نه آهي ۽ نه ٿي سگهي ٿو.

    ٻوڏ جا سبب:
    ڪل ست درياءَ آهن جيڪي سنڌو درياءَ جي پيٽ ڀرڻ لاءِ پنھنجو رخ دريا ڏانھن رکن ٿا. جنھن ۾ ٽي درياءَ ستلج، بـياس ۽ راوي هندستان کي پاڪستان سرڪار ايوب خان جي زماني ۾ وڪرو ڪري ڏنا. جنهن جو ملندڙ پئسو پنجاب کي ڏنو ۽ باقي ٻن دريائن مان اٽڪ وٽ ڪابل درياء، جھلم، چناب درياء ۽ سنڌو درياءَ ۾ ٻوڏ جي پاڻيءَ لاءِ رستو ملي ٿو. پر ان کان به وڏا سبب به اونهاري ۾ پيل برف ۽ گلئشيرن جو تيزيءَ سان ڳرڻ، ميداني علائقن ۾ مينھن پوڻ ڪري نئن جي رستي سان داخل ٿيڻ آهي. جـڏهـن ته بـنـگـال ۾ مون سون هوائن جو جبلن تي مينهن وسائڻ، هوا ۽ داٻ (Pressure) گهٽ ڪري مون سون جي بارشن جو سلسلو جون کان سيپٽمبر تائين هوندو آهي، جنهن سبب به سنڌو درياء پنھنجي اوج ۽ موج سان سفر ڪري ٿو.

    ٻوڏ جي سطح:
    آبپاشي جي لحاظ کان ڏسجي ته ٻوڏ جي سطح جا مختلف پئمانا مقر رٿيل آهن، جنھن ڪري اسان اڪثر ڪري ٻوڏن جي سطح جي پرک نه ڪري سگهندا آهيون. ٻن کان ساڍن ٽن لکن تائين ڪيوسڪ پاڻي کڻي ايندڙ درياءَ ۾ هيٺين سطح واري ٻوڏ Low Flood چئبو آهي. ساڍن ٽن کان پنجن لکن تائين ڪيوسڪ پاڻي کي مٿين درجي واري ٻوڏ High Flood چئبو آهي. پاڻي جا وهڪرا جڏهن ستن لکن کان نَون لکن تائين هجن ته ان کي مٿئين سطح واري ٻوڏ Very High Flood چئبو آهي ۽ جڏهن پاڻيءَ جا وهڪرا نَون لکن کان مٿي اچن ته ان کي سپر فلڊ (Super Flood) چئبو آهي. گڊو بئراج جي رڪارڊ مطابق پاڻيءَ جا وهڪرا 1967ع کان 1972ع تائين ڇهه لک ڪيوسڪ، 1973ع ۾ سپر فلڊ جا وهڪرا ڏهه لک 83 هزار ڪيوسڪ، 1975ع ۾ ٻي سپر فلڊ ڏهه لک 52 هزار ڪيوسڪ، 1976ع ۾ چوٽيءَ وارو وهڪرو ٻارنهن لک ڪيوسڪ، 1978ع ۾ چوٽيءَ وارو وهڪرو يارنهن لک ڪيوسڪ، 1978ع ۾ چوٽيءَ وارو وهڪرو ٻارنهن لک ڪيوسڪ، 1986ع ۾ يارنهن لک ڪيوسڪ، 1988ع ۾ پاڻيءَ جا وهڪرا يارنهن لک، 62 هزار، 1989ع ۾ پاڻيءَ جا وهڪرا نوَ لک 44 هزار ڪيوسڪ، 1992ع ۾ ڏهه لک 88 هزار ڪيوسڪ تائين پاڻيءَ جا وهڪرا رهيا آهن. جڏهن ته ان کانپوءِ 2009ع تائين ڪابه سپر فلڊ نه آئي آهي.
    ان عرصي دؤران وڌ ۾ وڌ پاڻيءَ جا وهڪرا 5 لک يا 6 لک ڪيوسڪ رهيو آهي. هن سال پاڻيءَ جو وهڪرو 11 لک 48 هزار ڪيوسڪ رهيو آهي. ڏٺو وڃي ته اهو ڪو ايڏو وڏو پاڻي جو وهڪرو نه آهي جيڪو سنڌ نه ڏٺو هجي پر اصل مسئلو 14 سالن کان وٺي آبپاشيءَ وارن جي لاپرواهي ۽ بدانتظاميءَ سبب سنڌ کي وڌيڪ ڀوڳڻو پيو آهي. نه ته هوند گهٽ نقصان ۾ پاڻيءَ کي گذاري سگهجي پيو.

    ٽوڙيءَ جو معاملو:
    1932ع ۾ سکر بئراج ٺھڻ کانپوءِ انگريز سرڪار جيڪو آبپاشيءَ جو زبردست نظام ترتيب ڏنو اهو سنڌ جي ڪنھن به دؤر ۾ ڏسڻ ۾ نٿو اچي. جيتوڻيڪ ڪلھوڙن جي دؤر ۾ درياء جي پاڻيءَ کي درست استعمال لاءِ ڪلھوڙن واهن جو بھتر ڄار وڇايو پر انگريزن جي دانائي جو ڪو مثال ئي ڪونهي. انهن ڄاڻايو آهي ته جيڪڏهن پاڻيءَ جا وهڪرا وڌي وڃن ته علي واهڻ کان ڪٽ ڏئي گهٽ کان گهٽ نقصان کان ڪم وٺي سگهجي ٿو. روهڙيءَ کان اها ڇنڊڻ، هاڪڙي درياءَ تائين وڃي پوندي آهي. سانگهڙ مان گذري ٿر جي واريءَ جو ڪس ڏئي ڪنري تعلقي جي اولهه ورندو ۽ بدين ضلعي جي ڏکڻ کان ڏيپلي تعلقي جي الھندي ڪنڊ تي سمنڊ ۾ وڃي ڪرندو آهي. جيتوڻيڪ ان پاسي کان ڪافي آبادي به ٿي ويئي آهي. ڇنڊڻ روهڙي مان نڪري اڇڙي ٿر ۾ داخل ٿئي ٿي. اڇڙي ٿر ۾ واريءَ جي ڌٻڻ آهي جنھن ڪري پاڻي گهڻي قدر اتي جذب ٿي وڃي ٿو. وارياسي علائقي ۾ 60 سيڪڙو کان وڌيڪ ته پاڻي جذب ٿي ويندو آهي. جڏهن ته هن رستي سان 120 ڍنڍون اڇڙي تائين، ان کان پوءِ 90 ڍنڍون هٿونگو اڇڙي کان اڳتي آهن. هن رستي سان ٽي لک ڪيوسڪ پاڻيءَ گذاري سگهجي پيو. پر پنو عاقل ڇانوڻيءَ اينگرو جي فيڪٽرين ۽ منسٽر جي 6000 ايڪڙ زمين ۽ 3 فيڪٽرين کي بچائڻ لاءِ ٽوڙي کان غلط ڪٽ ڏياريو ويو يا گهاءُ لڳڻ ڏنو ويو. بي بي سي جي خصوص نمائندي مطابق جڏهن ٽوڙي بند ۾ گهارو هڪ فوٽ هيو ته جيڪب آباد جو ڊي سي او ان کي بند ڪرائڻ لاءِ پھتو پر رينجرس وارن کيس اهو ڪم ڪرڻ کان روڪيو ۽ پاڻي غوثپور، ٺل، جيڪب آباد تائين اک ڇنب ۾ پنھنجي پوري جوڀن سان اچي پھتو ته اتان جي هڪ وزير ان کي بلوچستان لوڙهڻ چاهيو جتي اڳوڻو وزيراعظم ظفر الله جمالي پنھنجي هٿياربندن سان اچي پھتو پر ان جي وَئي کانپوءِ ٻيهر پاڻيءَ کي اوڏانھن ڪٽ ڏنو ويو. پاڻي جعفرآباد، اوستا محمد ٻوڙيندو، قبو سعيد خان، شھدادڪوٽ، قمبر، گاجي کھاوڙ، وارهه، دادو جا گس وٺيو اڌ سنڌ کي ٻوڙيون، بيحال ۽ بي گهر ڪيون بنا ساهيءَ جي پنھنجي سفر تي روان دوان رهيو.

    پنجاب جا مفاد:
    ٻوڏ خيبر پختونخواهه، پنجاب ۽ سنڌ کي زبردست نقصان پھچايو آهي. خيبرپختونخواه جو جاني نقصان ته سنڌ کان به وڌيڪ ٿيو آهي. پنجاب جا به ٽي ضلعا تباهيءَ جو شڪار ٿيا آهن. انهيءَ سموري تباهيءَ جو ذميوار پنجاب خود ئي آهي. ڇاڪاڻ ته ٻوڏ کان اڳ ۾ ڊيم ڀرڻ ۽ ڪئنال وهائڻ جو زبردستي حڪم ڏيندڙ پنجاب، ضرورت وقت سنڌ سڄي سڪندي رهي ۽ پنجاب سي.جي ڪئنال وهائڻ جا زبردستي نادري حڪم جاري ڪيا. جڏهن ته 1945ع جي معاهدي ۾ ۽ 1991ع واري تڪراري پاڻي معاهدي ۾ به واضع لکيل آهي ته ٻوڏ جي واڌو پاڻيءَ وقت ڪئنال ۽ ڊيم ڀريا ويندا پر ان ٺاهه جي ابتڙ زبردستي ڪندڙ پنجاب سڪايو به سنڌ کي ۽ ٻوڙيوبه سنڌ کي. جيڪڏهن هن ٻوڏ واري صورتحال ۾ ڪئنال ۽ ڊيم ڀرجن ها ته هوندي ڪنھن به طرح ايترو گهڻو نقصان نه ٿئي ها ۽ هي ٻوڏ قدرتي زحمت بجاءِ رحمت جا پيغام کڻي اچي ها! پر هي ملڪ شايد ٺهيو ئي پنجاب جي مفادن جي تحفظ لاءِ آهي. ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا جيڏانھن هڻ تيڏانھن کُپي وڃي.

    سنڌ حڪومت جي غير ذميواري:
    سنڌ حڪومت جيڪا سنڌ جي پئسن تي به ان لاءِ پلجي ٿي ته جيئن سنڌ جي حقن جو تحفظ ڪري سگهي. پر هن سڄي خطري واري صورتحال م به سنڌ حڪومت جي ناقص ڪارڪردگي رهي. آبپاشي کاتو. جنھن کاتي جو ڪم ئي صرف اهو آهي ته جيئن سنڌ جي آبپاشي نظام کي بھتر هلائي سگهجي، جڏهن ٻوڏ جا وهڪرا داخل ٿيا ته آبپاشي عملو ڪٿي به نظر نه آيو. ماڻهو پنھنجي مڙسيءَ تحت بندن جا گهارا ٻڌندا رهيا، بندن جي چؤڪسي به ڏينھن رات عام ڳوٺاڻا ماڻهو ڏيندا رهيا. جڏهن هر ڪم عام ماڻهو ڪري رهيو آهي ته باقي حڪومت يا ان جي ادارن جي هئڻ يا نه هئڻ جو ڪھڙو فائدو؟ ڪيترائي وزير ته ٻرن ۾ وڃي لِڪا، ڪيترن ئي وزيرن کي گهارا هڻائيندي ڏٺو ويو ته آخرڪار هيءَ حڪومت مرض ڪھڙيءَ جي دوا آهي؟ ماڻهو پاڻيءَ ۾ ڦاٿل رهيا، انهن جي ڪڍڻ جو ڪوبه مناسب انتظام نه هو، ٽرانسپورٽ جو بندوبست به ڪٿي نظر نه آيو. ٻه ويلا ماني ڏيڻ، خيمن جو بندوبست ڪرڻ، دوائون ڏيڻ، تحفظ ڏيڻ تائين سنڌ حڪومت بيوس نظر آئي، ڪراچيءَ ۾ ته سنڌي ماڻهن جي آمد کي روڪڻ لاءِ ڪيترن ئي ٻوڏ متاثرن تي گوليون هليون، ڪيترائي شهيد ڪيا ويا. هيتري بيوَسي ۽ لاچاري ڏسي سنڌ حڪومت تي ترس اچي رهيو آهي!!
    جاگيردارن پنھنجون ڪيٽيون ۽ زمينون بچائڻ ۽ آباد ڪرڻ لاءِ درياء ۽ ڪئنالن جا بند ڊاٿا ۽ ٺاهيا آهن. ٻيلن مان ڪاٺ جي وڍ ٽڪ به جاگيردارن بيوروڪريٽس سان گڏجي ڪئي آهي. جنهن سبب سنڌ جا ٻيلا مڪمل طور تي تباهيءَ جو شڪار آهن.
    انگريزن بندن تي وڻ پوکرايا هئا ڇاڪاڻ ته وڻن سان بند مضبوط رهن ٿا. اهي سڀ وَڻ اڪثر ڪري آبپاشي عملدارن ۽ جاگيردارن ملي ڀڳت ڪري گڏجي وڍرايا. جنهن جو نقصان به سنڌ کي پلئه پيو. ٻيو ته درياء جي اندر پوکون ڪرائڻ، ٽيوب لڳائڻ، شڪارگاهون ايتري قدرجو پنھنجا بنگلا به درياء جي پيٽ ۾ ٺھرائي ڇڏيا آهن. درياءَ مان واري ڪڍڻ لاءِ ڏينهن رات ٽريڪٽر هلندا رهيا. جنهن سبب به درياء جي ڪپرن کي نقصان پھتو جنھن جو به ازالو ٿيڻ گهرجي.

    پرڏيهي سازش:
    ٻوڏ جي تباهيءَ جا جيڪي سبب سامھون اچي رهيا آهن. انھن ۾ هڪ دانشور طبقي ۾ هي بحث به هلي رهيو آهي ته هن ٻوڏ پٺيان پرڏيهي هٿ ملوث آهن. آمريڪا موسميات ٽيڪنالوجي ذريعي گليشيئرن کي ڳارڻ لاءِ پاڪستان جي اترين علائقن ۾ طالبن ۽ القاعده کي شڪست ڏيڻ لاءِ افغانستان ۽ هندستان سان گڏجي هٿراڌو ٻوڏ ڪرائي آهي. ته جيئن القاعده ۽ طالبان جا خيبرپختونخواهه ۾ هٿيار تباهه ڪري سگهجن. پاڪستان جي فوجي ڇانوڻين ۽ ايٽمي اثاثن کي نقصان ڏئي سگهجي. ٻيو ته پاڪستان جا چين سان گھرائي وارا تعلقات متاثـر ڪجن. پاڪستان ۽ چائنا شاھراهه قراقرم جي رستي سان ڳنڍيل آهن. ٻوڏ سبب چين ۽ پاڪستان ڪيترن ئي ڏينهن کان هڪ ٻئي سان ڪٽيل رهيا ڇاڪاڻ ته شاهراهه قراقرم مڪمل طور تي پاڻي هيٺ هو. جنھن سبب ٻنهي ملڪن کي ڪروڙن اربن جو نقصان پڻ پھتو آهي. ٽيون ته هٿرادو تباهي آڻي حڪمرانن تان عام ماڻهن جو ويساهه کڻائجي ۽ بک بدحاليءَ سبب گهرو ويڙهه ٿيندي ان جا فائد عالمي قوتون پنھنجي حَق ۾ کڻي وٺنديون. هن بحث تي سنجيدگيءَ سان سوچڻ گهرجي ۽ پنھنجي حڪمت عملي تيار ڪرڻ کپي.

    دانشورن، سياسي، سماجي تنظيمن جو تاريخي ڪردار:
    هن ڏکئي گهڙيءَ ۾ سنڌ جي اديبن ۽ دانشورن جي ڪردار کي وساري نه ٿو سگهجي جن عوام کي اڪيلائي جي احساس کان آجوڪيو. سياسي ۽ سماجي تنظيمن ته هنگامي بنيادن تي ماڻهن لاءِ ٻه ويلا ماني، دوائون، خيما ۽ ٽرانسپورٽ جي سھولت لاءِ سڀ کان وڌيڪ ڪوششون ڪيون. ٻھراڙيءَ کان ڪراچي ۾ ويندڙن کي آباد ڪرڻ لاءِ قومپرست جماعتن جي تاريخي جدوجھد آهي. جن ڏينھن رات هڪ ڪري عوام کي سهولتون فراهم ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون. سرڪاري سطح تي عوام کي آسرا ڏيڻ کان سواءِ ٻيو ڪجهه پلئه نه پيو ڪجهه ڌرين ته رينجرس ۽ پوليس جي مدد سان ٻوڏ متاثرين مٿان گوليون هلائي، سنڌي ماڻهن کي ڪراچيءَ مان بيدخل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر قومپرستن پنھنجي سر تي اهو بار کـڻي سنڌين کي ننڌڻڪائي کان بچايو جيتوڻيڪ تنظيمي ڏس ۾ منظم نه هئڻ باوجود به هي ڪوششون وساري نه ٿيون سگهجن. ان کان به وڌيڪ عوام وائڙائپ جو شڪار ٿيڻ ۽ حڪومت جي مدد لاءِ واجهائڻ بجاءِ پنھنجي مدد پاڻ تحت به ڏينھن رات هڪ ڪري مصيبت کان نجات حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ان ڪري هن سڄي عرصي ۾ جتي مايوسيون پلئه پيون آهن. اتي اتساهيندڙ ڪردار ۽ عمل به سامهون اچن ٿا. مثال طور تي ويهڙ (ڏوڪري لڳ) جي بچاءِ بند کي ٻڌندي عبدالجبار ملاح ۽ عبدالجبار ڪانڌڙي پنھنجي زندگيءَ جو دان ڏنو ۽ انھن جا لاش لڳندڙ جهلي بند جي روڻ ۾ وڃي ڦاٿا ۽ روڻ بند ٿي ويئي، جنھن سبب ڳوٺن جا ڳوٺ وڏي نقصان کان بچي ويا. اهڙا ڪيترائي ڪردار سامھون آيا جن جون بي لوث ۽ اڻ ٿڪ ڪوششون ڪنھن به طرح وساري نه ٿيون سگهجن ۽ اهڙن ڪردارن کي مڃتا ڏيڻ لاءِ به اسان کي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.

    هاڻ ڇا ڪرڻ گھرجي؟
    ٻوڏ سبب سنڌ جا 19 ضلعا زبردست متاثر ٿيا آهن. جنھن م تقريباً فصل لڙهي ويا آهن. هڪ اندازي مطابق 10 کربن جو نقصان ٿيو آهي ۽ ڪروڙ جي لڳ ڀڳ ماڻهو بي گهر ٿيا آهن. ان ڪري سنڌ کي آفت سٽيل قرار ڏئي سڀئي ڍلون ۽ ٽئڪسون معاف ڪيون وڃن.
    پرڏيهي توڙي ڏيهي ملندڙ امداد جو 50 سيڪڙو سنڌ کي ڏنو وڃي، ڇاڪاڻ ته هن ٻوڏ جو سڀ کان گهڻو نقصان به سنڌ جو ٿيو آهي ۽ ان امداد جي ورهائڻ کي صاف شفاف بنائڻ لاءِ بااعتماد ادارن کي اڳتي آڻڻ گهرجي.
    ڪراچيءَ ۾ لڏي ايندڙن جي مستقل رهائش ۽ روزگار لاءِ حڪومتي سطح تي اپاءَ ورتا وڃن. ڪراچيءَ ۾ ڌارين جي قبضي ۾ آيل پلاٽ ۽ جڳهون سنڌين کي ڏنيون وڃن ۽ صنعتي ادارن ۾ سنڌين کي ترجيحاتي بنيادن تي اپاءَ ورتا وڃن ته جيئن ٻوڏ جي اثرن کان عوام کي جلد رليف ڏئي سگهجي.
    نظرياتي، تنظيمي، سياسي ۽ شخصي اختلافن باوجود به سڀئي ڌريون سنڌي ماڻهن جي حادثاتي لڏپلاڻ واري عمل کي تاريخ جو موقعو تسليم ڪندي، ڪراچيءَ کي سنڌي ماڻهن جو مورچو بڻائي. ”ڪراچي سنڌ آهي.“ نعري کي عملي روپ ڏيارڻ جو هن وقت کان وڌيڪ ٻيو ڪو موقعو ٿي نه ٿو سگهي.
    آبپاشي کاتي جي ناقص ڪارڪردگي ڏسڻ کان پوءِ فوراً آبپاشي سڄي عملي کي تبديل ڪري نئون عملو مقرر ڪيو وڃي ڇاڪاڻ ته نئون عملو نئين جوش ۽ ولولي سان ايندو. ٻي صورت ۾ آبپاشي کاتي کي بند ڪيو وڃي جيڪو ادارو ڪم نه ڪري سگهي، ان کي رکڻ جي ڪھڙي ضرورت آهي؟
    نقصان جو ڪاٿو ڪرڻ لاءِ بااعتماد ادارن کان سروي ڪرائي وڃي ۽ ان نقصان جي ازالي لاءِ ڪوششون ورتيون وڃن.
    جن وزيرن، جاگيردارن يا فردن پنھنجي مفادن خاطر گهارا هڻايا يا هن ڏکي گهريءَ ۾ عوام جو سھڪاري ٿيڻ بجاءِ ٻرن ۾ وڃي لڪا. انھن کي احتساب جي عدالت ۾ آڻي سخت سزا ڏني وڃي ته جيئن ايندڙ وقت ۾ ڪو اهڙا عمل نه ڪري سگهي.
    جن فردن توڙي ادارن عوام جي مفادن ۽ سھولت لاءِ قربانيون ڏنيون انھن جي حوصلا افزائي لاءِ مناسب اپاءَ ورتا وڃن.
    درياءَ جي جهلي بندن جي مرمت لاءِ مخصوص بجيٽ جاري ڪئي وڃي ۽ بندن کي مضبوط ڪري ٻيھر وڻڪاري ڪرائي وڃي. ٻوڏن ۽ برساتن ڪري جهنگلي جيوت لاءِ گاهه، ٻوٽا جهجهي انداز ۾ ٿيندا ۽ ٻيلا پڻ ٻيھر اسرندا انهيءَ لاءِ حڪومتي سطح تي ڪوششون ورتيون وڃن ته جيئن ٻيهر جاگيردار ۽ بيورو ڪريٽ وڻن جي واڍي نه ڪن ته فطرت کي وڌ کان وڌ بچائي سگهجي.
    ارسا (IRSA) جي جوڙجڪ نئين سري سان ڪئي وڃي ته جيئن ٻوڏ کان سواءِ ڊيمن ۽ ڪئنالن ۾ پاڻي نه وهايو وڃي ۽ پنجاب جي بالادستي پاڻيءَ تي نه رهي سگهي.
    ٻوڏ ۾ 4 هزار کان وڌيڪ اسڪول ٻڏي ويا آهن ۽ جڏهن ته 7 هزار اسڪول اڳ ۾ ئي بند هئا. جنھن ڪري لکن جي تعداد ۾ ٻار تعليم کان محروم ٿي ويا آهن انهيءَ ڪري انهن جي کولرائڻ لاءِ جلد عملي قدم کنيا وڃن ته جيئن ٻارن جو مستقبل تباهه ٿيڻ کان بچائي سگهجي.
    ٻوڏ ۾ آمري ميوزم سميت سنڌ جي ننڍن وڏن ثقافتي شين کي زبردست نقصان پھتو آهي ان ڪري ثقافت کاتي کي اهڙن تاريخي شين جي سنڀال ۽ تحفظ لاءِ پڻ متحرڪ ڪرڻ جي ضرورت آهي.


    ”ذوالفقار آباد“ سنڌ دشمن رٿا

    سنڌ ۾ هن وقت سرڪاري ۽ غير سرڪاري ڌرين جي وچ ۾ ذوالفقار آباد جو منصوبو زيرِ بحث آهي. سرڪاري سطح تي سمورا وسيلا ذوالفقار آباد شهر اڏڻ لاءِ راءِ هموار ڪرڻ جي لاءِ استعمال ڪيا پيا وڃن، جڏهن ته سرڪار سان باقي اتحاد ۾ شامل ڌريون يا ته خاموش آهن يا مصلحت خاطر پنهنجي موقف کي اڻ چٽو پيش ڪري رهيون آهن. ٻئي طرف سنڌي عوام سان پنهنجو رشتو جوڙيندڙ ڌريون پنهنجو چٽو ۽ واضح موقف پيش ڪري رهيون آهن. انهن جي چوڻ موجب ته سنڌ کي نئين غلامي ۾ داخل ڪرڻ لاءِ نوان شهر اڏي سنڌي ماڻهن کي پنهنجي ڌرتيءَ تان بي دخل ڪرڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي. ان ڪري سنڌ ۾ ان رٿا متعلق عوامي سطح تي به مونجهارا پيدا ٿي رهيا آهن. ضرورت ان ڳالهه جي محسوس ٿي رهي آهي ته ان رٿا متعلق سهي ۽ تز ڳالهه عوام تائين پهچائجي.
    دنيا جي تاريخ ۾ نوان شهر ٺهڻ ۽ ڊهڻ جوسلسلو اوائلي دؤر کان جيئن جو تيئن جاري آهي. ڪي شهر قدرتي آفتن ته ڪي انساني حملن ۽ انساني سماج جي وحشي پڻي جو شڪار بڻجي تباهه ٿي وڃن ٿا ته ڪي نوان شهر اڏي انساني تھذيب ۽ تاريخ جي سفر کي اڳتي وٺي وڃن ٿا. ڇاڪاڻ ته شهر ئي تھذيبن جو مرڪز ٿين ٿا. جتي تهذيب واڌ ويجهه ڪري ٿي ۽ پنهنجو سفر جاري رکي ٿي. اهو ئي سبب اهي جو دنيا جي ست ارب آباديءَ مان 4 ارب آبادي شهري زندگي بسر ڪري رهي آهي. ڳوٺن ۾ سهولتن جي اڻاٺ سبب اڪثر آبادي شهرن ڏانهن روزگار، تعليم ۽ صحت جي سهولتن خاطر تيزي سان منتقل ٿي رهي آهي.
    هن خطي ۾ جيڪا آبادي شهرن ۾ داخل ٿي آهي اها اڪثر ڪري ڌاري آبادي آهي. جيڪا گهڻو ڪري جنگي حالتن سبب لڏ پلاڻ ۽ ڏڪار ڪري هتي سفر ڪري پهتي آهي ۽ ڪجهه لڏپلاڻ سامراجي تسلط کي قائم ڪرڻ لاءِ ڄاڻي واڻي ڪرائي پئي وئي آهي. جنهن سبب خصوصاً سنڌ ۾ ڌاري آباديءَ جو ايترو ته دٻاءُ وڌي رهيو آهي جو سنڌي ماڻهو پنهنجي ڌرتيءَ تي اقليت ۾ تبديل ٿي ويا آهن. جنهن ڪري جيڪا شهرن کي تهذيبي اڏاوت ڪرڻي هئي اها سامراجي سازشن جي ور چڙهي وئي. سنڌ جي شهرن ۾ ڌاريا واپار، صنعت ۽ گذرِ معاش تي قابض ٿي ويٺا ته ٻئي طرف سياست ۾ انهن پنهنجو چڱو خاصو اثر پيدا ڪري ورتو. نتيجي طور تي سنڌ جي معاشي، سياسي ۽ سماجي صورتحال ۾ زبردست تبديلي آئي آهي.
    سنڌ کي تاريخي طور تي جيڪو سفر جاگيرداري سماج کان سرمائيداري سماج ۾ ڪرڻو هو اهو پنهنجو رخ تبديل ڪري ويو، نتيجي ۾ سنڌ جا صنعتي شهر ڌارين جي حوالي ٿي ويا، صنعت تي اهي ڌريون قابض ٿي ويون ۽ سنڌي سماج جاگيرداري سماج ۾ اڃان به وڌيڪ ڦاسي پيو. جيتوڻيڪ رياست جاگيرداري سماج کي پنهنجي جياپي جو اصل سبب سمجهي ٿي. ان ڪري سنڌ جيستائين جاگيردارن وٽ يرغمال هوندي تيستائين ان کي غلام رکڻ وڌيڪ آسان ۽ سؤلو ٿي پوندو. هڪ طرف صنعتي شهر ڌارين جي قبضي ۾ آهن ته ٻئي طرف جاگيرداري پنهنجي ڀيانڪ شڪل اختيار ڪري رهي آهي. انهن حالتن م نون شهرن اڏڻ جو منصوبو سامراجي سازشن جو هڪ حصو آهي.

    عالمي قوتن جا مفاد ۽ تضاد:
    جيستائين سويت يونين هئي اوستائين دنيا جي طاقت جو توازن برقرار هو. مظلوم قومن ۾ طبقن جو سڀ کان وڏو سهارو سويت يونين هو، جيڪو سڌي اڻ سڌي طرح سان مظلوم قومن ۽ طبقن کي مدد ڏئي رهيو هو. 1991ع ۾ سوويت يونين جي ٽٽڻ کانپوءِ طاقت جو مرڪز آمريڪا ئي بڻجي ويو ۽ باقي دنيا جي مختلف خطن ۾ هلندڙ سامراج مخالف تحريڪون ۽ بغاوتون ماٺار جون شڪار ٿي ويون. اهو ئي ڪارڻ هو جو سوويت يونين جي ٽٽڻ کانپوءِ اشتراڪيت جي راهه تي گامزن چائنا پنهنجون پاليسيون تبديل ڪري سرمائيداري طرف جهڪاءُ پيدا ڪيو، جيڪو چائنا مائوزيتنگ ۽ چو .اين.لاءِ ٺاهڻ پئي گهريو اهو چائنا هڪ ماضيءَ جو خواب بڻجي ويو ۽ طاقت جي ڊوڙ ۾ سرمائيدارين سان وڃي ڪلهو هنيو. اڄ چائنا جا آمريڪا سان تضاد ته آهن پر اهي تضاد به دنيا جي خطن تي قبضا ڪرڻ ۽ معيشت جي بازار ۾ ڌاڪو ڄمائڻ لاءِ آهن. چائنا ٽريڊ وار (Trade War) ۾ ايترو ته اڳتي وڌي ويو آهي جو آمريڪا جي معيشت خود ڏيوالي جو شڪار بڻجي ويئي آهي. چائنا پنهنجي سستي شين جي اگهن جي ڪري خود آمريڪا جي منڊيءَ ۾ وڏو واپاري بڻجي ويو آهي. ورلڊ ٽريڊ آرگنائيزيشن (World Trade Organization) ۾ شامل وڏا مانگر مڇ، هڪ هٽيءَ جي ڊوڙ ۾ چائنا کان خوفزده آهن، جنهن ڪري يورپي يونين ۽ آمريڪا هڪ طرف ته ٻئي طرف چائنا منڊيءَ ۾ سڀني کان ڳورو آهي.
    هن خطي ۾ معيشت ۽ سياست تي چائنا جو اثـر رسوخ آهي. ڇاڪاڻ ته هو خطي ۾ واپار جو مرڪز بڻجي ويو آهي، جنهن ڪري هي خطو تضاد جو به مرڪز بڻجي ويو آهي. ايشيا تائين واپار لاءِ چائنا کي بندرگاهه کپي، جنهن لاءِ پاڪستان جي ساحلي پٽي تي چائنا پنهنجو ڌاڪو قائم ڪرڻ گهري ٿو. پاڪستان جي 11-سئو ڪلوميٽر ساحلي پٽي تي ڪراچي اهم ۽ واحد مرڪز آهي، جنهن تي به آمريڪا جو زبردست ضابطو آهي. جنهن ڪري چائنا گوادر پورٽ ٺاهڻ گهريو پئي پر مستقبل جي خطرن سبب آمريڪا عموماً ۽ خصوصاً بلوچن جي دورانديشي ڪري گوادر پورٽ پايهء تڪميل تي پهچي نه سگهيو. ان لاءِ ئي چائنا، شانزن شهر جي طرز تي ذوالفقار آباد اڏڻ چاهي ٿو. شانزن شهر جي آبادي پهريائين 4 هزار هئي جيڪا هاڻي هڪ ڪروڙ جي آباديءَ ۾ تبديل ٿي ويو آهي. جتي هاڻي چار وڏا پورٽ به ٺهي چڪا آهن. ان پسمنظر کي سامهون رکندي چائنا هتان جي ملٽري سرمائيدار قوتن سان ٺاهه جوڙ ڪري ذوالفقار آباد اڏڻ لاءِ مڪمل طور تي تياري ڪري ڇڏي آهي، جنهن لاءِ سِول حڪومتن کي مُهري طور تي استعمال ڪيو پيو وڃي.

    ترقيءَ جو سراب:
    چيو پيو وڃي ته ذوالفقار آباد رٿا مڪمل ٿيڻ سان سنڌ ۾ کير جون نديون وهنديون، ان شهر ۾ 22 هزار ڪارخانا قائم ڪيا ويندا. 2 هزار ميگاواٽ بجلي پيدا ڪئي ويندي. اسڪول، اسپتالون قائم ڪري سنڌ کي ترقي جي اعلى منزلن تي پهچايو ويندو، ۽ جيڪا زمين سمنڊ ڳڙڪائي رهيو آهي ان کي به روڪيو ويندو. اهڙي قسم جي پروپيگنڊا لاءِ پ پ پ کي عمل جي ميدان ۾ لاٿو ويو آهي، جنهن جي اڳواڻي پ پ پ اڳواڻ تاج حيدر ڪري رهيو آهي. ان سلسلي ۾ پهرين مرحلي ۾ مهم هلائڻ لاءِ حيدرآباد ۾ سول سوسائٽي جي ماڻهن سان ملاقات ڪري، انهن کي اعتماد ۾ وٺڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ان کان بعد ۾ 29-جون 2012ع تي تاج حيدر اسيمبلي ميمبرن کي گهرائي، اعتماد ۾ وٺڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي، جنهن ۾ به ڏسجي ٿو ته 169 ميمبرن جي ايوان مان صرف 17- ميمبر ۽ باقي ميمبر شريڪ ئي نه ٿيا. جنهن ۾ به چيو پئي ويو ته اسان سنڌ جي خوشحالي چاهيون ٿا پر سنڌ جا قومپرست ترقي مخالف آهن ۽ هي ترقي نٿا چاهين. اهڙي قسم جا مختلف الزام هڻڻ پٺيان ڪهڙا سبب ۽ محرڪ آهن اچو ته انهن جو مختصر جائزو وٺون ته تاريخ جي رڪارڊ جي درستگي ٿي سگهي.
    پهريون الزام اهو هنيو پيو وڃي ته قومپرست ترقي مخالف آهن. جڏهن گوادر پورٽ جي اڏاوت شروع پئي ڪئي ويئي ته ان وقت بلوچستان تمام گهڻا خدشا ڏيکاريا ته اسان اقليت ۾ تبديل ٿي وينداسين ۽ سڀني ڏٺو پئي ته گوادر پورٽ جي زمين جي وڪري جا اشتهار چائنا، آمريڪا، يورپي يونين ۽ عربن جي اخبار ۾ ڌڙا ڌڙ شايع ٿي رهيا هئا. ڏسندي ڏسندي زمين جو ملهه آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳو.
    بلوچن خطرو محسوس ڪيو ۽ ان عمل خلاف زبردست مزاحمت ڪئي ته مشرف سرڪار چوڻ لڳي ته ”بلوچ سردار بلوچستان جي ترقي نه ٿا چاهين اهي ترقيءَ جا وڏا دشمن آهن.“ پر جڏهن بلوچن مزاحمت جي ذريعي ان منصوبي کي وڌڻ نه ڏنو ته اڄ ساڳي منصوبي جي پايا تڪميل لاءِ سنڌ جي قومپرستن خلاف واويلا ڪئي پئي وڃي. سنڌ جا قومپرست جيڪڏهن ترقيءَ جا مخالف آهن ته پ.پ.پ سرڪار ٻڌائي ته ان سنڌ به چار ڀيرا اقتدار ۾ رهڻ دؤران ڪهڙا ترقيءَ جا واهڙ وهائي ڇڏيا آهن جو سنڌ جي تعليم، صحت، سماجي ترقي مڪمل طور تي تباهه حال ۾ آهي. سنڌ جا 49-هزار اسڪول مان 10-هزار اسڪول بند پيا آهن. باقي اسڪولن جي حالت به ڪنهن کان ڳجهي ڪانهي. هڪ لک ويهه هزار ڳوٺن مان 18-هزار ڳوٺن کي صرف گئس ملي آهي. جڏهن ته پنجاب جا سمورا وڏا صنعتي شهر ۽ علائقا سنڌ جي گئس ٻاري رهيا آهن. سنڌو درياهه تي پنجاب جي بالادستي هئڻ خلاف پ.پ.پ سرڪار سنڌ کي ڇا وٺي ڏنو آهي جو ڀاشا ڊيم سميت ڊيمن لاءِ بجيٽ رکي پئي وڃي. اقتدار کان ٻاهر رهندي ٿل ڪئنال جو اڳواڻ قائم علي شاهه صاحب اڄ ٻڌائي ته ٿل ڪئنال تارو تار وهي پيو ان لاءِ انهن جو ڪردار ڇا آهي؟ سنڌ جا کربين روپين جا معدني ۽ قدرتي وسيلن جي ڀيل ۾ پ.پ.پ سرڪار ڇا پئي ڪيو آهي. هن وقت تائين!؟ سنڌ جي راڄڌانيءَ ۾ سنڌي ماڻهن جي روزگار ۽ تعليم تي بندش خلاف ٻڙڪ ٻاهر نه ڪڍندڙ ڌريون چون ٿيون ته قومپرست ترقيءَ جا مخالف آهن؟ ان جي معنى ته عالمي قوتن ۽ ملٽري سرڪار جي وانگار وهڻ لاءِ قومپرستن خلاف پروپيگنڊا ڪري، هن سنڌ دشمن رٿا کي پايهء تڪميل تي پهچائڻ جي پ.پ.پ سرڪار ناڪام ڪوشش ڪري رهي آهي.
    تاج حيدر چواڻي ته سنڌي اقليت ۾ تبديل نه ٿيندا ڇاڪاڻ ته سنڌي ماڻهو ٻار گهڻا پيدا ڪري رهيا آهن. مڃيوسين ته سنڌي ماڻهو ٻار گهڻا پيدا ڪري رهيا آهن پر سنڌ ۾ جيڪا آبادي آهي اها سنڌي ماڻهن جي پيدا ڪيل ته نه آهي، اهي ته روز ريلن ۽ ڪوچن وسيلي هزارن جي تعداد ۾ سنڌ ۾ اچن ٿا، انهن کي روڪڻ بجاءِ پ.پ.پ سرڪار انهن جي لاءِ 1973ع جي آئين ۾دروازا کولي ڇڏيا آهن. جڏهن ته باقي به ڌارين جي لاءِ ڪابه قانون سازي نه لکت ۾ آهي نه عمل ۾. نتيجي طور تي سنڌي ماڻهو فلسطينن وانگر پنهنجي سرزمين تي وائڙائپ، ننڌڻڪائپ جي زندگي گذاري رهيو آهي. انهن لاءِ ڪو مستقل روزگار ۽ ترقيءَ جو ڪو رستو کولڻ بجاءِ پروپيگنڊا جي ذريعي ماڻهن جي ذهنن کي مسخ ڪرڻ ڪنهن گھري سازش جو حصو آهي. جنهن کان ڀليءَ ڀت واقفيت رکون ٿا.
    ٽيون اهو چيو ٿو وڃي ته سمنڊ سنڌ جي زمين ڳڙڪائي رهيو آهي، ان کي روڪڻ لاءِ 230 ڪلوميٽر ڀت Dyke اڏي ري ڪليم ڪئي ويندي. ديوار قائم ڪري، سنڌ کي تباهيءَ کان بچايو ويندو. ياد رکڻ کپي ته هن وقت تائين سمنڊ سنڌ جي 24 لک ايڪڙ زمين ڳڙڪائي ويو آهي. روزانه 32-ايڪڙ زمين سمنڊ جي ور چڙهي رهي آهي. ان لاءِ ”اُٺ تڏهن ٿي رڙيا، جڏهن ٻوريا ٿي سبيا.“ وانگر سنڌي ماڻهن شروعات کان وٺي دانهون پئي ڪيون آهن ته سمنڊ ۾ پاڻي جو مقرر مقدار داخل ڪيو وڃي ۽ سنڌو دريا تي ڊيم ۽ ڪئنال نه اڏيا وڃن پر پنجاب جي بالادستي سبب ڊيم ۽ ڪئنال ۾ پاڻي ڇڏڻ، ۽ 1960ع ۾ پنجاب جا 3- دريا وڪرو ڪري هندستان کي ڏيڻ سبب سنڌو دريا سڪي ٺيٺ ٿي ويو آهي. ان لاءِ جڏهن به سنڌي ماڻهن آواز بلند پئي ڪيو آهي تڏهن انهن کي الزام تراشي ڪري چپ رهڻ جا سبق پئي ڏنا ويا آهن. هاڻي سرڪاري سطح تي اعتراف ڪرڻ کانپوءِ ان جو ازالو ڪرڻ بجاءِ اهو چوڻ ته ذوالفقار آباد ٺهڻ کان پوءِ اهو مسئلو حل ٿي ويندو. اهو سراسر سنڌي ماڻهن کي سراب ڏيکارڻ برابر آهي. ڇاڪاڻ ته ان سان 10-لک ايڪڙ زمين ري ڪليم ڪرڻ سان 300-کرب روپين جي ضرورت پيش ايندي. جڏهن ته سنڌ جي موجوده بجيٽ 5-کرب مشڪل سان آهي ته سنڌ جي 50- سالن جي بجيٽ به وڌ ۾ وڌ 300- کرب ٿيندي.
    هن سڄي صورتحال م عالمي ۽ علائقائي قوتن جي گڏيل مفادن سبب سنڌ ۾ ڊيموگرافيڪل تبديلي ۽ جاگرافيڪل ورهاڱي جا امڪان وڌيڪ واضح ۽ چِٽا ٿي سامهون آيا آهن. جنهن کان سنڌ کي محفوظ ڪرڻ لاءِ سنڌ جي سمورن سنڌ دوست ڌرين کي گڏيل لائحه عمل طئه ڪرڻ جي اشد ضرورت آهي.
    ڪارل مارڪس چواڻي ته، ”جڏهن ماڻهو اهڙن خيالن جي ڳالهه ڪن جيڪي سماج ۾ انقلاب آڻين تڏهن اهي ٻيو ڪجهه به نه پر ان حقيقت جو اظھار ڪن ٿا ته پراڻي سماج اندر هڪ نئين سماج جا عنصر پيدا ٿي چڪا آهن. ان ڪري سنڌي سماج ۾ جيڪا خطري جي لهر پيدا ٿي آهي ان لھر ۾ سنڌي سماج کي ٻاهر ڪڍڻ لاءِ منظم انقلابي پارٽي ۽ منظم مزاحمت جي اهميت کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي. ٻيو ذوالفقار آباد رٿا جي تڪميل لاءِ پ پ پ، پنهنجي اتحادين سان حصيدار آهي. ان ڪري اهي رٿا جي تڪميل لاءِ آخري حد تائين وڃي سگهن ٿا. ان سنڌ دشمن عمل خلاف عملي طور تي سنڌ جا قومپرست ئي ڪو بهتر ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. ٻي صورت ۾ سنڌ جي وجود کي ٽڪرا ٽڪرا ٿيڻ کان بچائڻ جا ڪي ٻيا امڪان نظر نه ٿا اچن.


    سماج جي ترقيءَ ۾ تعليم جو ڪردار

    سـمـاج ۾ جـيـتـري قــدر فرد جي تعلق جو سوال آهي ته فرد سماج لاءِ (Foundation Stone) جي حيثيت رکي ٿو. فرد گڏجي پنهنجي خاص مقصد لاءِ سماج کي جنم ڏين ٿا. سماج لاطيني ٻوليءَ جي لفظ Socio مان ورتل آهي جنهن جي معنى آهي ساٿي. فرد تنها زندگي جي سمورن ضرورتن کي پورو ڪري نه ٿو سگهي. انهن ضرورتن جي پورائي لاءِ فرد سماج کي جنم ڏنو. معنى ته:
    “A group of people who join together for particular purpose”
    يا ايئن کڻي چئجي ته:
    “A particular community of people who share the same customs Law”
    گڏجي رهڻ پر ڪنهن خاص مقصد لاءِ پر جيڪڏهن انهن جي گڏجي رهڻ جو ڪو مقصد ڪونهي ته پوءِ اسان ان کي سماج نه پر ماڻهن جو مجموعو (Crowd) چونداسين. انسان جڏهن ڪائنات ۾ قدم رکي ۽ آسپاس جي ماحول کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ان جي زندگيءَ جون ضرورتون وڌڻ لڳيون ته آهستي آهستي انسان هڪٻئي جي ويجهو اچڻ لڳو. گڏيل زندگي بسر ڪرڻ لڳو ته انسان جو گڏجي رهڻ لازمي امر ٿي ويو ته ان کي اسان سماج چئون ٿا.
    اسان جنهن Community کي سماج چئون ٿا، ان سماج جي ترقيءَ ۾ جيترو تعليم جو حصو آهي اوترو شايد ٻئي ڪنهن شعبي جو مشڪل هجي. سڀ کان اول اهو به سمجهڻ گهرجي ته ترقي خود آهي ڇا؟ ترقي آهي ”Work on progress“ يعني جتي توهان بيٺا آهيو، ان کان ٻه قدم اڳتي وڌڻ، بهتر کان بهتر ترين ڏانهن وک وڌائڻ کي اسان ترقيءَ جو نالو ڏيون ٿا. ان ترقيءَ جا پير تعليم آهي. جيڪڏهن تعليم جي اهميت ۽ افاديت لنوائي ڇڏيون ته سماج جي ارتقا جي رفتار سست ٿي ويندي. ڇاڪاڻ ته تعليم انسان کي شعور ڏيئي ٿي، زندگي، فطرت ۽ سماج کي سمجهڻ لاءِ. پر اسان جڏهن لفظ ايجوڪيشن کي ڏسون ٿا ته ان جي معنى بيهي ٿي ٻاهر ڪڍڻ (Draw out) يعني ٻارن جي اندر جيڪي خوبيون ۽ صلاحيتون موجود آهن انهن کي ٻاهر ڪڍي حقيقت جو جامو پهرائڻ، لڪل خوبين کي نروار ڪرڻ نه صرف اهي پر ٻار (فرد) کي زندگي گذارڻ جو ڍنگ ڏسڻ تعليم جو بنيادي مقصد بيهي ٿو.
    Aristole چواڻي ته :
    ”Education is the preparation of body and soul of life“
    (تعليم جسم ۽ روح کي سنوت ۾ آڻڻ آهي) نه صرف اهو پر تعليم جو مقصد فرد جي ذهني، جسماني ۽ اخلاقي تربيت ڪرڻ آهي. تعليم جو ڪم محض معلومات فراهم ڪرڻ نه آهي پر مڪمل طور تي زندگي لاءِ زهن ۽ جسم جي افزائش ۽ فطرت جي اخلاقي تربيت ڪرڻ آهي. ڪنهن ڏاهي جي چواڻي مطابق ”تعليم جو مقصد رڳو ڄاڻ ڏيڻ نه پر سماج مان جھالت ختم ڪرڻ آهي.“
    جھالت ان ڪري موجود آهي جو تعليم موجود ڪونهي. ايئن کڻي چئجي ته اوندهه جو وجود روشني جي غير موجودگيءَ سبب آهي. تعليم ڏيئي مثل آهي. جتي به اونداهي ۾ انساني ڀؤ محسوس ڪري ٿو، اوندهه ڊپ جو سبب بڻجي ٿي، اتي تعليم انسان لاءِ آٿت جو ذريعو بڻجي اچي ٿي. اونداهي سماج ۾ هڪ تعليم اها آهي جيڪا انسان ٻين کان حاصل ڪري ٿو ۽ ٻي تعليم اها آهي جيڪا انسان خود پنهنجو پاڻ کي ڏيئي ٿو. ٻنهي حالتن ۾ انسان پاڻ کي پرسڪون ۽ ڪارگر محسوس ڪري ٿو.
    اوائلي دؤر جي انسان جڏهن شعور جي اک کولي ته هن فطرت جي رازن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي، اها ئي سوچ جي ارتقا جي سفر ۾ لاڀائتي ثابت ٿي، جنهن ۾ انسان پنهنجي جياپي کان سواءِ ٻين معاملن ۽ زندگي توڙي فطرت جي ڳجهه کي سمجهڻ لاءِ اڳتي آيو. ان دؤر کان اڄ جي جديد دؤر تائين انسان جي تعليم حاصل ڪرڻ جا مکيه ذريعا هي رهيا آهن:
    .i مذهب .ii سائنس ۽ .iii فلسفو
    انسان پنهنجي وس آهر نه صرف معاملن کي سمجهڻ شروع ڪيو پر ارتقا جي ڏاڪڻ تي به چڙهڻ لڳو. ڏسندي ڏسندي انسان فطرت سان ويڙهه ڪندي پنهنجي زندگيءَ جي بقا واري ويڙهه ۾ ڪامياب ويو ۽ ڪائنات جي ڳجهن ۾ هٿ وڌا. جيتوڻيڪ مذهب انسان جي خوف ۽ بي سمجهيءَ سبب وجود ۾ آيا پر وقتي طور تي انسان جي اندر ۾ پيدا ٿيل بيچينيءَ کي اطمينان ۾ رکڻ ۾ ڪامياب هٿيار طور تي استعمال ٿيو ۽ اڳتي هلي مذهب انسان جي ذهني پرورش ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو ۽ جڏهن ته سائنس انسان جي وهمن جي حقيقت کي سمجهڻ ۽ زندگيءَ جي ضرورتن کي پوري ڪرڻ لاءِ انساني زندگيءَ کي آرامده بنائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. فلسفي وري ڪائنات جي مسئلن جي سمجهاڻي صاف ۽ تز ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي. فلسفي مبهم مسئلن جو منطقي انداز ۾ مطالعو ڪيو. سُٽَ جيان منجهيل سوالن حل ڪرڻ بجاءِ مذهب عقيدت جي دنيا ۾ ئي انسان کي ڦاسائي ڇڏيو. سائنس موجوده Matter تي غور ويچار ڪيو ۽ فلسفي سمورن شين جو گڏيل نموني شعور جي اک سان انسان کي پنهنجي پيرن تي بيهڻ سيکاريو. اهي ٽئي علم انسان جي لاءِ هر دؤر ۾ رهنما ثابت ٿيا آهن.
    انهن ٽنهي علمن حاصل ڪرڻ جا ذريعا هڪ رسمي آهن ۽ ٻيا غير رسمي. رسمي تعليم اسان ڪنهن مخصوص ٿيل اداري ۽ طئه شده نصاب ذريعي حاصل ڪريون ٿا ۽ غير رسمي تعليم اسان مٿين لوازمات کان ٻاهران پرايون ٿا. غير رسمي تعليم جو ڊگهو تاريخي پسمنظر آهي ۽ رسمي تعليم جو پسمنظر چند صديون پُٺتي ملي ٿو. اسان رڳو جيڪڏهن سنڌ تي نظر وجهنداسين ته سنڌ جا ڪيترائي عظيم ڏاها غير رسمي تعليم حاصل ڪرڻ باوجود به علم و ادب جي افق تي اڄ تائين جڳ مڳائيندا رهن ٿا. انهن ۾ شاهه لطيف، شاهه عنايت شهيد، جي ايم سيد، پير علي محمد راشدي، پير حسام الدين راشدي سميت ڪيترائي ڏاها انساني تاريخ جا روح روان آهن، جيڪي محدود وسيلن هوندي به سماج جي اڏاوت ۾ مثالي ڪردار ادا ڪري ويا. پر اڄ وقت جي نزاڪت کي سامهون رکندي رسمي تعليم ئي جديد دنيا پنهنجي مستقبل جي جوڙجڪ ڪري ٿي.
    چيني قول آهي ته ”هڪ سال جي منصوبابنديءَ لاءِ اناج پوکيو، ڏهن سالن جي منصوبابندي سان باغ لڳايو ۽ سؤ سالن جي منصوبابندي لاءِ پنهنجا ايندڙ نسل پڙهايو.“ اهو ئي سبب آهي جو چيني قوم پنهنجي اڏاوت صدين جي تعليمي منصوبابندي تي عمل ڪري سڄي دنيا کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو آهي. اها قوم جيڪا 1949ع جي انقلاب کان اڳ آفيم به ويهي نه سگهڻ سبب سمهي استعمال ڪندي هئي. اڄ اهي دنيا جي سموري اقتصاديات تي ڌاڪو ڄمايون ويٺا آهن. اڄ چين ۾ 86 سيڪڙو کان وڌيڪ ماڻهو تعليم يافته آهن ۽ دنيا ۾ گهڻي کان گهڻا اقتصاديات جا ماهر چين جا آهن. چين پرائمري تعليم کي بنيادي حيثيت سمجهي، دنيا ۾ گهڻي کان گهڻا پرائمري اسڪول قائم ڪري، پنهنجي قسمت کي تبديل ڪري ڇڏيو آهي.
    ٻي مهاڀاري (1945-1939ع) جنگ ۾ جنهن قوم جو حد کان وڌيڪ نقصان ٿيو اها جپاني قوم هئي. جنهن جا اهم شهر هيرو شيما ۽ ناگاساڪي اک ڇنڀ ۾ سڙي خاڪ ٿي ويا. جپان مڪمل طور تي تباهيءَ جي ڪناري تي پهتو پر جپاني پنهنجي ٿيل نقصان تي ماتم ڪرڻ بجاءِ، حوصلو هاري ويهڻ کان پنهنجي ملڪ جي نئين سر جوڙجڪ ڪرڻ لاءِ ڪم ۾ جنبي ويا. دنيا جڏهن جپانين ڏانهن امداد موڪلي رهي هئي ته انهن دنيا کي چيو ته ”اسان کي خيرات تي نه هيرايو، جيڪڏهن توهان جي اسان سان واقعي به همدردي آهي ته اسان کي سٺا استاد ڏيو، جيڪي اسان جي ايندڙ نسلن کي پڙهائين.“ هنن صحت ۽ تعليم جي شعبن کي سڌاريو ۽ ڏسندي ڏسندي هو پنهنجي پيرن تي بيهي ويا. ڇاڪاڻ ته هنن کي خبر هئي ته تعليم کان سواءِ ڪنهن به قوم جي خوشحاليءَ جو تصور ئي نه ٿو ڪري سگهجي. اڄ جپان دنيا جي خوشحال ملڪن ۾ صفِ اول تي آهي.
    1980ع ۾ ملائيشيا ۾ مھاتير محمد جي اچڻ کانپوءِ ملائيشيا پنهجي خوشحاليءَ جو راز تعليم ۾ پروڙي تعليمي ادارن ۾ سڌارا پيدا ڪيا. جيستائين تعليم بهتر نه هوندي ته واپار، صنعت، ڪلچر، سياست، ادب، سماج ۽ زندگيءَ جي مڙني شعبن ۾ ترقي محال نظر اچي ٿي ۽ اڄ ملائيشيا پنهنجي محدود وسيلن هوندي به پاڻ ڀرو ٿي گلوبلائيزيشن ۾ داخل ٿي دنيا سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺو آهي.
    ڪراچي جي علائقن لالو کيت ۽ ناظم آباد جيتري ملڪ سنگاپور جي بجيٽ پاڪستان جي بجيٽ جي برابر آهي. ان جو بنيادي سبب به تعليم جي شعبي ۾ سنگاپور جو پاڻڀرو هئڻ آهي. اهو ئي سبب آهي جو سنگاپور ۾ 92 سيڪڙو تعليمي شرح آهي. سائوٿ ڪوريا تعليم جي شعبي ۾ 1950ع ۾ پرائمري تعليم کي عام ڪرڻ لاءِ پهريون ڪوششون ورتيون. 1960ع جي ڏهاڪي ۾ نجي ادارا قائم ڪيا. 1970ع جي ڏهاڪي ۾ انجنيئرنگ تي صلاحيتون استعمال ڪيون. 1980ع جي ڏهاڪي ۾ ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن ۽ 1990ع واري ڏهاڪي ۾ تحقيق تي پنهنجي ملڪي توانايون استعمال ڪري پاڻ کي ترقي يافته ملڪن جي صف ۾ بيهاريو آهي.
    پر اسان جيڪڏهن پاڪستان جي حالتن جو غور ڪنداسين ته اسان کي تعليمي ڏس ۾ خاص ڪري مايوسي پلئه پوندي. هن وقت پاڪستان جي تعليمي شرح 36 سيڪڙو کان به گهٽ بيٺي آهي. ڇاڪاڻ ته ملڪ ٺهڻ کان وٺي هن وقت تائين تعليم تي ڌيان ڏيڻ فضول پئي سمجهيو ويو آهي. قومن جي عالمي اداري (U.N.O) جي چارٽر مطابق تعليم تي ملڪي بجيٽ جو 4.5 سيڪڙو خرچ ڪرڻ لازمي آهي. پر اسان وٽ ان جي ابتڙ 2.4 سيڪڙو خرچ ڪيو پيو وڃي. جنهن سبب پاڪستان دنيا جي 206 ملڪن مان انهن 20 بدنصيب ملڪن ۾ شمار ٿئي ٿو جنهن جي تعليمي شرح گهٽ کان گهٽ آهي. تعليم ۽ صحت تي خرچ ڪرڻ بجاءِ بچاءِ جي شعبي تي 73 سيڪڙو خرچ ڪرڻ سبب پاڪستان جا 8 ڪروڙ ماڻهو غربت جي لڪير کان به هيٺ زندگي گذاري رهيا آهن ۽ 18 سالن کان گهٽ عمرجا ڏيڍ ڪروڙ ٻار تعليم ۽ صحت جي سهولتن کان محروم آهن. وڏي ڳالهه ته غربت جي شرح 20 سيڪڙو کان وڌيڪ 46 سيڪڙو تي پهچي چڪي آهي. انهيءَ غربت سبب پنجن کان نَون سالن جي عمر جا 80 لکن کان وڌيڪ ٻارَ اسڪول وڃي نٿا سگهن. ملڪ کي جيڪڏهن تعليم کان اڃان به محروم رکيو ويو ته عين ممڪن آهي ته اسان اڃان وڌيڪ تباهيءَ جو شڪار ٿيون. تعليم کي جيڪڏهن اسان ترجيحات ۾ نه رکيو ته دنيا جي موجوده چئلينجن کي خاص طور تي گلوبلائيزيشن جي راڪاس کي اسان توهان منهن ڏئي سگهون، اهو مشڪل نه پر ناممڪن نظر اچي ٿو.


    سنڌو درياء تاريخ جي آئيني ۾

    سنڌو تي نالو ۽ ان جي معنى:
    جيالاجي جي ٽئين زماني ۾ Tertiary age ۾ سنڌ سميت سڄي اتر هندستان جو وڏو حصو ٽيٿيا نالي سمنڊ هو. هڪ اهڙو دور آيو جو هماليه جبل ۾ اهڙا خطرناڪ زلزلا ٿيا جو ڌرتي مٿي چڙهي آئي ۽ سمنڊ هٽي ڏيهان ڏور ٿي ويو. وقت بوقت تيز طوفان لڳڻ سبب واري پکڙجندي رهي. مينهن سبب واري وهندي رهي، زمين جا حصا وڏا ٿيندا رهيا. پاڻي ٺهڻ سبب جيڪو زمين جو وڏو حصو مٿي اڀري آيو، اهو ”سنڌ“ جي نالي سان اڳي هلي تاريخ ۾ رقم ٿيو. زميني ۽ سامونڊي تبديلين سبب سنڌ جو وجود ۾ اچڻ تاريخ جو وڏو اتفاق هو. سنڌ نالو سنڌو درياء جي ڪري پيو آهي. سنڌو ندي رواجي ندين کان تمام گهڻو وڏي هوندي هئي. سمنڊ جيان ڏيک پيئي ڏيندي هئي. سنسڪرت ۾ سنڌو جي معنى ”وڏو سمنڊ“ آهي. سنڌو لفظ اصل ۾ سنسڪرت ٻوليءَ جو شبد آهي، جنهن جي معنى آهي وهڻ. انهيءَ پسمنظر ۾ سنڌوءَ جي بنيادي معنى آهي اها ندي جيڪا سدائين وهندي رهي. سڪندراعظم سان جيڪي تاريخ نويس هتي آيا انهن به هن ماٿريءَ ۾ رهندڙن کي سنڌو (هندو) اُچار ڦيرائي انڊس (Indus) ڪيائون انڍو، انڊوئي (Indoi) ۽ ندي کي سڏيائون انڊس (Indus) ۽ پوءِ سڏيائون انڊوڪوس ۽ بعد ۾ لاطيني ٻولي ڳالهائيندڙن انڊوس جو اچار ڦيرائي ڪيو ”انڊس“ ۽ هندستان کي ”انڊيا“ سڏيائون.

    سنڌوءَ جا مختلف نالا:
    ٿٻيٽ ۾ هي ندي سنگي ڪباب يعني شينهن ندي جي نالي سان مشهور آهي. پاڪستان ۾ مهراڻ ۽ سنڌو ندي جي نالي سان سڏيو ويندو آهي. پارسين جي زند اوستا ۽ ٻين ڌرمي پستڪن ۾ سنڌوءَ لاءِ ”وهه“ لفظ جو هاڻوڪو پارسي اچار ”ٻهه“ معنى چڱو ڪتب آندل آهي. قديم ايراني لوڪ ”مهراڻ“ ”مهرا“ اچاريندا آهن. ڇاڪاڻ ته ايراني لوڪ ”ڻ“ جو لفظ اچاريندا ئي ڪونه آهن. قراقرم ۽ هماليه جي وچ واري حصي کي جتي وهڪرو سوڙهو ۽ اونهو هوندو آهي. اتي پورو درياء سڏيو ويندو آهي. جبل مان نڪرڻ کان پھرين هن سان ڪيترائي وهڪرا اچي ملندا آهن. تنهن ڪري اتان جا ماڻهو هن کي ”اباين“ يعني ندين جو پيءُ ڪوٺيندا آهن. ڇوڙ وارا ماڻهو هن کي مٺي پاڻي جو سمنڊ سڏيندا آهن.

    سنڌو جي شروعات ۽ پڄاڻي:
    سنڌو ندي جي شروعات متعلق مختلف ماهرن جا مختلف رايا آهن، ڪن جو چوڻ آهي ته سنڌو دريا مانسرور ڍنڍ مان نڪري ڪشمير مان وهندو سنڌ جي ڏکڻ ڪناري تائين 1700 ميل سفر ڪري سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو. حقيقت ۾ سنڌو ندي جي شروعات مانسرور ڍنڍ کان ٽيهه ميل پري سنگي ڪباب جي برفاني ڌارا مان ٿئي ٿي. مانسرور ڍنڍ نيپال جي اولهه واري ڪنڊ جي اتر ۾ تبت جي سرحدن ۾ آهي، اهو علائقو تبت جو ڏکڻ آهي. اتي ڪئلاش پربت واقع آهي. جنهن جي اوچائي 6714 ميٽر يا 22028 فٽ آهي. ڪئلاش جبل جو رنگ گھرو واڱڻائي آهي، پر اهو ڪارو ڏسجي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو ان کي ڪئلاش يا ڪالاش سڏين ٿا. ڪئلاش جبل جي 15000 فوٽ اوچي ماٿري ۾ ٻه وڏيون ڍنڍون آهن هڪ مانسرور ۽ ٻي راڪاس تال. سنگي ڪباب ٿٻيٽ ۾ آهي، جنهن جي معنى آهي، ”شينهن جو منهن“ جنهنڪري اهو وڌيڪ پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته سنڌو ندي ٿٻيٽ کان پنھنجو سفر شروع ڪري ٿي. ٿٻيٽ مان آبي ذريعي مان پاڻي کڻي ٻه سئو ميل هڪ ويڪري ۽ پٿريلي ماٿري مان ڏاٽي واري شڪل ۾ ڀارت ۾ لداخ وٽ پهاڙن کي چيري پنج سئو ميل وهڪرو ڪري پاڪستان جي سرحدن ۾ داخل ٿي پنجاب کي سرسبز ڪندي ڪشمور کان سنڌ ۾ داخل ٿئي ٿي. پاڪستان ۾ سنڌو جي ڊيگهه هڪ هزار پنجاهه ميل آهي. هلندي هلندي عرب ساگر(سنڌي سمنڊ) کي پنھنجو پاڻ ارپي ٿي.

    سنڌو ۾ ڇوڙ ڪندڙ دريا واهه ۽ چشما:
    سنڌو ٿٻيٽ کان ڏکڻ لهنوارو ٿي سمنڊ ڏانھن وهندو آهي، ٿٻيٽ کان تما واهه جي شڪل ۾ هوندو آهي. پر هلندي هلندي ڪيترائي چشما، نديون واهه ۽ مينهن جو پاڻي درياهه ۾ ملي سنڌو جي ڇاتي کي ويڪرو ۽ وسيع ڪن ٿا، اڀرندي ڪناري کان چناب، راوي، بياس، ستلج ۽ جھلم درياهه سنڌوءَ ۾ ڇوڙ ڪن ٿا. قديم دور ۾ گهگهر، جنهن کي هاڪڙو ۽ اڄڪلهه نقشن ۾ ان کي سرسوتي درياهه، جنهن کي وهند ۽ واهڙ به چيو وڃي ٿو، سو به سنڌو ۾ ڇوڙ ڪندو هو. هي درياهه هند ۽ سنڌ جي سرحد سمجهيو ويندو هو. جيڪو اڳتي هلي واريءَ ۾ زميني تبديلين سبب گم ٿي ويو. سنڌ جي اتر اولهه طرف کان وري ڪابل درياهه اٽڪ ۽ زوب (زاب) درياهه ديري اسماعيل خان وٽ سنڌوءَ ۾ اچي ڪرندا آهن.

    سنڌو جي پاڻيءَ جو مقدار:
    سنڌو طاس جي سڀني درياهن جو گڏيل پاڻي 170 ملين ايڪڙ آهي، پاڪستان سرڪار پاران 1960ع ۾ سنڌو طاس معاهدو ڪري بياس، ستلج ۽ راوي جو 33 ملين ايم اي ايف ايڪڙ فوٽ هندستان کي وڪرو ڪري ڏنو ويو، جنهن سبب هاڻ سنڌو ۾ ڪل پاڻي 137 ملين ايڪڙ فوٽ آهي.

    سنڌو ۾ پاڻيءَ جو چاڙهه ۽ لاٿ:
    سنڌو ۾ چاڙهه مارچ کان آهستي آهستي شروع ٿيندو آهي، سيپٽمبر جي پڇاڙيءَ ۾ لهڻ لڳندو آهي. آگسٽ ۾ چاڙهه چوٽ تي هوندو آهي. هر طرح پاڻي ئي پاڻي نظر ايندو آهي. سنڌو سمنڊ جيان ڏيک پيو ڏيندو آهي. پاڻيءَ جو گهٽ ۾ گهٽ مقدار فيبروري ۾ ٿيندو آهي، سمورو سيارو سنڌوءَ ۾ پاڻي تري ۾ نظر ايندو آهي. سانوڻ ۾ چؤماسي جي برساتن ۽ گليشرن جي ڳرڻ سبب سنڌو پنهنجي مستيءَ ۾ اچي ويندو آهي. اهو ئي ڪارڻ آهي جو سنڌو هُن مند ۾ ايشيا ۽ آفريڪا جي سڀني درياهن کان وڏو نظر ايندو آهي.

    سنڌو جا جاگرافيائي رخ:
    جاگرافي توڙي جيالاجي جي ڏس ۾ سنڌ کي اوڀر سنڌ ۽ اولهه سنڌ ۾ ورهائي سگهجي ٿو. اوڀر سنڌ سنڌو درياهه جي اوڀر ورو حصو ۽ اولهه سنڌ وارو ڀاڱو سنڌو درياهه جي الهندي پاسي وارو علائقو آهي. جنهن جو کيرٿر جي اتاهين چوٽين جي حصي ۾ اچي ٿو ۽ ڪجهه حصي تي ندي وهي ٿي. هن نديءَ جا وري ٽي جاگرافي رخ آهن پهريون جابلو جيڪو ڪالاباغ تي ختم ٿئي ٿو، ٻيو ميداني ۽ ريگستاني جيڪو ٺٽي جي لڳ ڀڳ ختم ٿئي ٿو، ٽيون ٺٽي، بدين ۽ ڪراچي سامونڊ کان کارين تي ٻڌل کارين وارو علائقو آهي. سمنڊ کان سٺ ميل پري ۽ ٺٽي کان پنج ميل هيٺ سنڌو ٻن شاخن ساڄي طرف بگهاڙ ۽ کاٻي طرف ساتا (Sata) ۾ ورهائجي ٿو. ساتا جي موڪر هڪ هزار کن ٿيندي سمنڊ ۾ ڇوڙ مهل ستن شاخن ۾ ورهائجي وڃي ٿي. بگهياڙ ٻن واهڙن پٽي ۽ پيٽاڻي ۾ ورهائجي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي.

    سنڌوءَ جي پوڄا:
    سنڌو جتي انساني زندگي جي جياپي جو ڪارڻ آهي، اتي روحانيت جو سبب به ثابت ٿيو آهي، ڇاڪاڻ ته ماڻهو سنڌو درياهه کي ان داتا سمجهن ٿا. جيڪڏهن سنڌوءَ جو پيٽ سڪي وڃي ته هوندي لکين بلڪ ڪروڙين انسانن جو جياپو کسجي وڃي. رگ ويدن ۾ به سنڌو کي ديوتا ڪري پوڄڻ جا آثار واضح نظر ۾ اچن ٿا. هندو ته نريلن، گنگا ۽ ڪرشنا جيان سنڌوءَ جي پوڄا ڪندا آهن. مسلمانن ۾ خدا کان سواءِ ڪنهن ٻئي جي عبادت ڪرڻ گناهه ڪبيره مثل آهي، پر تنهن باوجود به مسلمان سارين جي ٻيجي سان ڀريل ڏيؤ ٻڌي سنڌوءَ کي ارپيندا آهن ته جيئن سنڌو موج ۾ اچي ۽ سڪار پيدا ٿئي. مهاڻا سنڌو کي سلامي ڏيڻ لاءِ پنهنجي بتيلي ۾ سنڌوءَ جو پاڻي هاري رسم ادا ڪندا آهن. عورتون پنهنجي ورن جي واپسيءَ لاءِ ڏيئا موهڻ ۽ جر کي جاٽون ڏيئي اچڻ جا سانگ سجائينديون آهن، جنهن جو عڪس ڀٽائي جي هنن سِٽن ۾ پَسي سگهجي ٿو:

    جا جَرَ جاٽون نه ڏئي، ڏيا نه موهي،
    سڌون ڪوهه ڪري، سا پنهنجي ڪانڌ جون،
    *
    اُڀيون تـڙ پوڄين، وَهُون وڻجارن جون،
    جر ٿر ڏيا ڏي، وڻن ٽڻ ٻڌي وائٽيون،
    جنين ڪارڻ مون، ٿي تـڙ پوڄارا پوڄئا.

    سنڌو سبب سنڌ جي تباهي ۽ سنڌ تي حملا:
    سنڌو جتي سنڌ جي تهذيب ۽ ترقيءَ جو رکوالو ثابت ٿيو آهي، اتي سنڌ جي تباهيءَ جو ڪارڻ به بڻيو آهي. موهن جي دڙي کان وٺي سنڌ جون سموريون تھذيبون سنڌوءَ جو رخ تبديل ٿيڻ سبب پنهنجو شاندار وجود وڃائي ويٺيون آهن. آرين جي حملي کانپوءِ اٽڪل هڪ هزار سال کن پوءِ ايران جي حڪمران سائرس اوڀرندي ڏانهن پنهنجي حڪومت وڌائي اچي هندوڪش سان دنگ ڪيو هو. سنڌو ماٿريءَ جي وچ واري حصي کان فتح ڪري پنهنجي حڪومت سان ملائي ڇڏيو آهي. ايشيا جي وحشي ماڻهن اوڀر ڏانھن وڌي سنڌو پار اڪري ۽ ان جي ٻنهي ڪنڌئين تي وسندڙن کي ڦريون لٽيو ۽ هزارين ماڻهن جا ڪنڌ ڪپيا، هندو راجائن به هن درياهه جي ڪٺار سان شڪار ڪيا. ٻڌ ڀڪشوئن ۽ گروئن هن جي ڪنڌين تي مٺ، مڙهيون ۽ اسٽوپا اڏيا. مقدونيا جي سڪندر به پنهنجي گهل سان سنڌو پار ڪيو هو. عرب به سنڌو ماٿريءَ تي ڌوڪي آيا. عوام کي لٽيو ڦريو. افغانستان جي جابلو قبائيلن به سنڌو جي ڪنڌين ۽ ڪنارن کي تباهه ڪيو. مغل حڪمرانن دهلي ڏانهن وڌندي درياهه پار ڪيو. انگريزن پر ائٽلانٽڪ جي ٻيٽن تان هلي اچي سنڌو تائين پهتا ۽ پوري صدي عوام کي ڦريو ۽ ورهاڱي وقت به ڪٺلن جو رت سنڌوءَ ۾ شامل ٿيو. انهن سڀني ڳالهين هوندي به سنڌو جي سونهن، تاريخ، تهذيب ۽ جياپو هن دريا سان وابسته آهي ۽ خود سنڌي قوم جو وجود به هن سان لاڳاپيل آهي، تنهن ڪري سنڌو درياءَ تي بند ٻڌڻ سان هن تاريخي درياهه جو وجود خطري ۾ آهي. هن درياهه جي تباهه ٿيڻ سان سنڌ ۽ سنڌي قوم جو وجود داءَ تي لڳل آهي، جنهنڪري درياءَ جو وجود بچائڻ هن وقت جو سڀ کان وڏو مسئلو ۽ سوال آهي جنهن لاءِ انتهائي سنجيدگي سان مستقبل کي نظر ۾ رکندي فيصلي ڪرڻ جي ضرورت آهي.


    سنڌو ماٿر تهذيب جو عظيم اهڃاڻ : ” مـُهين جو دڙو “

    بنيادي طور تي انسان وٽ اڪيلائي وري زندگي ترڪ ڪري اجتماعي زندگي بس ڪرڻ پٺيان ٽي مقصد هئا. هڪ فطرت ۽ جانورن کان پنھنجو بچاءُ ڪرڻ، ٻيو هم جنس وارن سان جماعت ۾ رهڻ ۽ ٽيون انساني نسل جي بقا لاءِ ٻار جي پيدائش ۽ پرورش ڪرڻ. انهن ٽنهي مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ انسان کي سماج اڏڻ جي ضرورت محسوس ٿي. اها ضرورت ئي هئي جو انسان هڪٻئي جي ويجهو آيو. تھذيب توڙي تمدن جو هن ڪره ارض تي بنياد وڌو ۽ انسان هڪ تھذيب يافته زندگيءَ جو آغاز ڪيو. هونئن به جيڪڏهن اسان تمدن لفظ کي ڏسنداسين ته اهو عربي ٻوليءَ جو لفظ ”مدينة“ ۽ ”مدن“ مان نڪتل آهي. جنھن جي معنى آهي شھر. تمدن جي معنى آهي پاڻ کي شھري بنائڻ يا شهري زندگي گذارڻ. ان کي سنسڪرت ۾ ”سڀيتا“ يعني جماعتي زندگي چيو وڃي ٿو. جيڪڏهن انسان شھري زندگي گذاري ٿو ته، تھذيب جا بنياد پون ٿا. تھذيب لاءِ علامه آءِ آءِ قاضيءَ وضاحت ڪندي چيو آهي ته، ”تھذيب لفظ ”هذب“ مان نڪتل آهي جنھن جي معنى آهي ”سنوارڻ“. تھذيب جي معنى آهي شائستگي.“ جنھن لاءِ هيٺين ڳالهين جو هئڻ لازمي امر آهي.
    گفتگو جو انداز
    علم
    هنر ۽ فن جي تربيت
    اصول ۽ نظريا.
    تھذيب انساني سماج جو معراج هوندي آهي. جتي انسان زندگي گذارڻ جا سڀئي هنر ڄاڻندو ۽ سکندو آهي، جتي انساني زندگي سڦلتا ڏانهن سفر ڪندي آهي. اهو ئي سبب آهي جو برٽرينڊ رسل تھذيب جي تشريح ڪندي چيو آهي ته، ”تھذيب مان مراد آهي، سائنس جو غلبو ۽ ترقي.“ جنھن جي وسيلي ماڻهو پنھنجي زندگي آرام ۽ خوشيءَ سان گذاري سگهي. تھذيب يافته سماج ۾ انسان جي ترقيءَ جي رفتار تيز ٿي ويندي آهي. پر جڏهن اها تھذيب افراتفريءَ جو شڪار ٿيندي آهي ته، اها پنھنجي موت پاڻ مري ويندي آهي. ڇاڪاڻ ته تھذيب آزاديءَ ۾ سفر ڪري وڌندي ۽ ضابطن توڙي ترتيب ۾ جوان ٿيندي آهي. پر جڏهن سماج انتشار جو شڪر ٿيندو آهي ته تھذيب جو موت فطري هوندو آهي. ڇاڪاڻ ته منتشر سماج ۾ تھذيب جي ارتقا سست ٿي ويندي آهي ۽ تھذيب جي زوال جو آغاز ٿي ويندو آهي. انساني تاريخ جي سڄي سفر ۾ ٽي وڏيون تھذيبون ڳڻيون وڃن ٿيون.
    مصري تھذيب
    سميري تھذيب
    سنڌو ماٿر جي تھذيب
    ٽنهي وڏين تھذيبن جي حوالي سان الڳ بحث ڪرڻ بجاءِ اسان صرف سنڌو ماٿر جي تھذيب تي بحث ڪنداسين ته آخرڪار هيڏي وڏي دنيا جي تھذيب تباهيءَ جي ڪنڌيءَ تي ڪيئن پھتي؟ پر ان کان به وڏو الميو اهو آهي ته، اسان هن تھذيب جي اڃان نالي جو تعين به نه ڪري سگهيا آهيون.

    دڙي جــو نـالـو: سرڪاري کاتي وارا سمجهن ٿا ته موئن جو دڙو (Mound of Dead) نالو ئي درست آهي، هو چون ٿا ته ”مئن جو دڙو“ غلطي کان ”مئن“ بدران ”موهن“ لکيو ويو آهي، ان جو صحيح اچار مهين جو دڙو ۽ ڪي مُهن جو دڙو چون ٿا. پر ٻنهي جي معنى آهي، مات ٿيلن جو دڙو. ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي لکي ٿو ته سنڌي ۾ ماهو معنى ”خون يا ڪوس“، ڪٿي لٺ لڳي ۽ ماڻهو مري پئي ته چوندا آهن، ماهو ٿيو. ماهو جو ڌاتو سنسڪرت لفظ مش معنى ڪهڻ يا ناس ڪرڻ آهي. پراڪرت ۾ ان جو اُچار ”مهه“ ۽ سنڌي ۾ ”مهو - ماهو“. ان جو واحد ٿيندو ”مھي- ماهي.“ جمع ٿيندو ”مھن، ماهن پر مھين“ به چيو وڃي ٿو. انهيءَ پسمنظر ۾ ڏسبو ته مھن جو دڙو معنى مات يا خون ٿيلن جو دڙو (Mound of the Killed) پر هتي هن انومان کي ان ڪري به درست نه ٿو چئي سگهجي، ڇاڪاڻ ته هن شهر جي ٿيل ڏهه سيڪڙو کوٽائيءَ مان لاشن جو تعداد آڱرين تي ڳڻن جيترو مس وڃي بيھندو.
    سراج چواڻي ته دڙي مان لڌل ٽي چار مھرون اهڙيون آهن جن جي پڙهڻي ”ڪوٽ مون“، ”ڪوٽ غل مون“ ۽ ”ڪوٽ مھن“ لفظ لڳن ٿا. هن جي خيال مطابق دڙي جي پوئين دؤر ۾ يا ٻئي يا ٽئين تهه واري ڪنھن شھر کي ٺل مھن، يا ٺل مون سڏيندا هئا. جنهن کي سميرين ۾ دل مون (دلمون) سڏيو ٿو وڃي. ڪن تاريخدانن اهو به ٻڌايو آهي ته، جڏهن آريا سنڌ ۾ اول آهي ته انهن سامونڊي ڪناري سان سفر ڪندي سنڌو دريا جي ڇوڙ کان داخل ٿي، سنڌو درياءَ جي ڪناري تي آباد ٿيڻ شروع ڪيو ۽ جنھن جاءِ تي آرين اول رهائش اختيار ڪئي، ان جاءِ کي Mohan Jo Daro نالو ڏنو ويو هو. موهن آرين قبيلي جي سربراهه جو نالو سمجهيو وڃي ٿو. جڏهن ته دڙي (Daro) جو مطلب پتڻ (Port) آهي. جنھن کي سنڌي ۾ موهن جو پتڻ چئجي ٿو. اهو قبيلو ڪنھن طرح سان ان نالي سان اسان وٽ مروج نظر اچي ٿو، جنھن ڪري ان کي مھين جو دڙو سڏڻ بھتر سمجهيو وڃي ٿو. سر بئنرجي ان نالي کي انگريزيءَ ۾ (Mohain) يا (Mohen-Jo-Daro) لکيو هو. ڇاڪاڻ ته انگريزن جڏهن کوٽائي ڪرڻ يا ان کان اڳ جڏهن عام ماڻهن کان دڙي جي باري ۾ معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي تڏهن عام لوڪ انهن کي مھين معنى سامھون (Infront) جو دڙو (Mound) ٻڌائيندا هئا. اڄ به توهان ڪنھن عام ماڻهو کان پڇندا ته اهي، ان کي ان مھين جو دڙو ڪري سڏيندا آهن ۽ عام ماڻهو جڏهن دڙي تي گهمڻ ويندا آهن، ته اهي چوندا آهن ته، اسان مھين تي پيا وڃون. اهوئي ڪارڻ آهي جو، دنيا جا مڙيو ئي آرڪيالاجيءَ جا ماهر ان کي مھين جو دڙو ڪري لکن ٿا. ڇاڪاڻ ته جيستئاين دڙي جي نالي جي حقيقت پڌري نه ٿي ٿئي، تيستائين لوڪ ڏاهپ (Folk Wisdom) کي ترجيح ڏيڻ گهرجي. باقي هن کي مئلن جو دڙو سڏڻ تاريخ سان هٿ چراند آهي. ڇاڪاڻ ته هتي لاشن جو انگ ايترو مليو ئي ڪين آهي ته ان لفظ کي بگاڙي پيش ڪرڻ درست عمل نه ٿو چئي سگهجي. هونئن به ڏسجي ته جيڪي به قديم دڙا آهن اهي سڀ مئلن جا دڙا آهن جيئرن جا دڙا ٿيندا ئي ناهن ته رڳو هن کي مئلن جو دڙو چوڻ غير عقلي، غير سائنسي ڳالهه آهي.

    مُهين کي آباد ڪندڙ:
    هتان جا اصل رهاڪو ڪولرين يعني ڪولهي، مهاڻا ۽ گهٽ ذات وارا هئا. پر سائنسي بنيادن تي چون ٿا ته مھين جي دڙي جي هن عظيم شهر جي رٿابندي ڪندڙ دراوڙ هئا، جن دکن مان نڪري سنڌ، پنجاب، بلوچستان ۽ ڪلدانيا تائين بيٺڪون قائم ڪيون. دڙي مان لڌل ڍانچن جي مشابهت سمنڊ جي اوڀر ڪنارن تي رهڻ وارن قديم ماڻهن سان ملي ٿي پر حقيقت ۾ دراوڙ اصل هتان جا ئي سنڌي هئا. سنڌي هندستان ۾ آرين جي اچڻ کان اڳ آباد هئا. ممڪن آهي ته اهي سڄي دنيا ۾ پکڙجي ويا هجن. ڇاڪاڻ ته هي اقتصادي طور تي شاهوڪار هئا. ان ڪري ڏور ڏيساورن سان واپاري ناتا ۽ شين جي مٽاسٽا جو بندوبست به ڪري سگهندا هئا. سنڌو ماٿر جا رهواسي صاف سٿرا، شاهوڪار، فلاحي ۽ منظم سماج جا مالڪ هئا. ڪن ماهرن جو چوڻ آهي ته هن شھر جي اڏاوت آرين ڪئي آهي. جيڪا ڳالهه درست نه ٿي چئي سگهجي. ڇاڪاڻ ته آريا بنيادي طور تي ڳوٺاڻا ماڻهو هئا. جڏهن ته دڙي جا ماڻهو شھري ۽ تھذيب يافته هئا. انهن باقاعده رٿابندي ڪري شھر جي اڏاوت ڪئي. ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته هن شھر جي اڏاوت ڪندڙ دراوڙ ئي آهن.

    فصل، پوکون ۽ جانور:
    هتان جا ماڻهو ڪيتريون ئي پوکون به ڪندا هئا. جنھن ڪري هن تھذيب يافته ماڻهن کي شھري زندگيءَ سان گڏوگڏ زرعي حوالي سان به ماهر سمجهيو وڃي ٿو. ربيع جي فصل جا ته آثار واضع نظر اچن ٿا. پوک اڪثر ڪري سيلابن تي ڪندا هئا. دڙي جي کوٽائي مان ڪڻڪ ۽ جَوَن جا داڻا به مليا آهن. جيڪي ربيع جا فصل آهن، خريف جي فصل ۾ ڪپهه جو فصل سڀ کان اهم ۽ دلچسپ آهي. ڪپهه ۽ ڪپهه مان ٺھيل سوٽي ڪپڙي کي سوميري سنڌو، يوناني سيندان ۽ مصري سندال ڪري سڏيندا هئا. دڙي جي کوٽائيءَ مان سوٽي ڪپڙي جا ٽڪرا به مليا آهن. جنھن مان ثابت ٿئي ٿو ته هتان جا ماڻهو ڪپهه جهجهي انداز ۾ ڪندا هئا. هي علائقو گرم رهيو آهي. جنھن سبب دڙي جي هر گهر ۾ کوهه ملي ٿو. مرڪزي تلاءَ ڍنڍون ڍورا به جهجهي انگ ۾ ملن ٿا. هتي پوکيءَ لاءِ جن اوزارن جا نشان مليا آهن، انهن مان ڏاٽو ۽ هَرُ اهم آهن. ڪوڏر ۽ کوٽڻ جي رنبي جھڙا اوزار به مليا آهن. هر ڪاهيندڙ ڍڳي جون تصويرون به مليون آهن. جڏهن ته مينهون، گينڊا، چيتا، شينھن، ڦاڙها ۽ هاٿي وڏي تعداد ۾ رهندا هئا. ٻلهڻ، ٻلهڻيون (Dolphins) ۽ واڳون درياءَ م عام جام هوندا هئا. درياهن ۽ ڍنڍن ڍورن ۾ مڇي عام هئي. جنھن ڪري هتان جا رهواسي مڇي کائو (Fish Eater) به سڏيا ويندا آهن.

    مذهب:
    مذهب جي ڏس ۾ دڙي جي کوٽائي مان ڪنھن به حصي ۾ اڄ تائين ڪوئي مندر، نه ڪوئي عبادتگاهه ۽ نه وري ڪو اهڙو دستاويز مليو آهي، جنھن جي بنياد تي اهو پڪ سان چئي سگهجي ته، اتان جي ماڻهن جو مذهبي عقيدو ڪھڙو هو؟ باقي اتان لڌل مجسمن، مھرن، پٿرن ۽ نقشن جي آڌار تي قياس آرايون ڪيون ويون آهن. ڪيترن ئي ديوين جا بت توڙي ماتا ديوي جا بت لڌا ويا آهن، جن کي ڌرتي ماتا يا ماتا ديوي جا بت سڏيو وڃي ٿو. هن خطي ۾ ماتا جو تصور (Matri Archal) اوائلي زماني کان ملي ٿو. هو سمجهندا هئا ته ڌرتي اسان جي جياپي ۽ بقا لاءِ مھربان ماءُ وانگر ان ۽ جل ڏئي ٿي. هن وقت هندو ان ديويءَ کي امبا درگا ۽ ٻين نالن سان سڏين ٿا.
    دنيا جي ملڪن ۾ اڄ تائين وڻن ۽ ٻوٽن جي پوڄا به ڪنھن نه ڪنھن صورت ۾ ٿيندي نظر اچي ٿي. جيئن عيسائي نال جي وڻ ڪرسمس ٽري، يھودي شجرالحيات ۽ هندو سوم کي مقدس سمجهي ان جي پوڄا ڪندا آهن. دڙي مان پڻ ڪيتريون ئي مورتيون مليون آهن، جن مان خبر پوي ٿي ته، اتان جا ماڻهو وڻ جي، خاص ڪري پپر جي پوڄا ڪندا هئا. نم جي وڻن جا به آثار پوڄا واري حالت ۾ مليا آهن. هتي وڻن کي پوڄڻ جا ٻه طريقا مروج نظر اچن ٿا. هڪ وڻ کي سڌي طرح پوڄيو ويندو هو، ٻيو وري وڻن کي روحن ۽ ديوين / ديوتائن جي جاءِ سمجهندا هئا.
    جانورن کان خوف سبب انسان جانورن جي به پوڄا ڪندا هئا اوائلي دؤر ۾ خد اجو تصور خوفناڪ جانور يا ديوتا وانگر هو. سنڌو ماٿر جا رهواسي ڍڳي، سانهه، چيتي، هاٿي، گينڊي ۽ واڳونءَ کي ديوتا سمجهندا هئا. ڪن لڌل ثبوتن مان ظاهر ٿئي ٿو ته، نانگ کي به ديوتا سمجهندا هئا پر مان سمجهان ٿو ته هن تھذيب جا رهواسي اڪثر ڪري پاڻيءَ جا پوڄاري (Water worshiper) رهيا آهن. ڇاڪاڻ ته پاڻي انساني جياپي جو وڏو ڪارڻ رهيو آهي. پاڻيءَ جي پوڄا عالمگير مذهبي اعتقاد رهيو آهي. جيئن هندو گنگا، جمنا کي ديوين جي حيثيت ڏيندا آهن. سنڌو ماٿر جا رهواسي به پاڻيءَ کي پاڪ ۽ پوتر سمجهندا هئا. ان جو اندازو هن مان به لڳائي سگهجي ٿو ته، هتي هر گهر ۾ کوهه، غسل خانا، وهنجڻ جي جاين ۽ ٻين پاڻيءَ جي استعمال جي شين ۾ ڪيئن نه محتاط نموني ۽ احترام سان منصوبا بندي ڪئي اٿئون. اهو ئي سبب آهي، جو سنڌو ماٿر جي رهواسين لئه قرآن ۾ ذڪر ”اصحاب رس“ جي نالي سان ذڪر سورة ”فرقان“ ۽ سورة ”ق“ ۾ عاد، ثمود ۽ ٻين قومن سان گڏ آيو آهي. ”اصحاب رس“ ان قبيلي يا ماڻهن لاءِ چيو ويو آهي، جن جو کوهه (يا کوهن) سان واسطو هجي.

    دڙي جي کوٽائي:
    راڪلداس بئنرجي قديم آثارن واري کاتي جي سپرنٽينڊنٽ جڏهن سڪندراعظم جي ٻارنهن ٺلن، جن تي يوناني ۽ هندستاني ٻولين ۾ نوشتا اڪرايا هئا، تن جي ڳولا ۾ بيڪانير ۽ بھاولپور رياستن جا دورا ڪندو، مھراڻ يا هاڪڙي جا سڪل پيٽ ڳوليندو سنڌ ۾ داخل ٿيو هو. تڏهن 1922ع ۾ لاڙڪاڻي جي پاسي دڙي جي آسپاس اچي ٿانيڪو ٿيو هو. جڏهن هتي جي ماڻهن انهيءَ کي ٺڪر جي ٿانون توڙي ٻين لڌل شين جا ڪجهه ٽڪرا ڏنا ته هن ان مان اندازو لڳايو ته، هت ڪا قديم ترين تھذيب لڪل آهي. بئنرجي سياري ۾ اتي کوٽائي شروع ڪرائي. قديم آثارن وارا اڪثر ڪري کوٽائي سياري ۾ ڪرائڻ کي ترجيح ڏيندا آهن. ڇاڪاڻ ته موسم سرد هئڻ سبب کوٽائي ڪرڻ ۾ تڪليف گهٽ ٿيندي آهي. کوٽائي دوران بئنرجي کي عظيم سڀيتا جون ڪيتريون ئي يادگار شيون مليون. ان وقت هندستان جي آرڪيالاجيڪل کاتي جو ڊائريڪٽر جنرل سر جان مارشل هو. هن اهي شيون گهرائي، انھن جا فوٽا السٽريٽيڊ لنڊن نيوز ۾ ڇپايا: جنھن سڄي دنيا جو هن عظيم تھذيب طرف پنھنجو ڌيان ڇڪايو. ان کانپوءِ ان جي وڌيڪ کوٽائي لاءِ 1922ع اٽڪل هڪ هزار مزدور رکيائين. جن مان اڪثر ڪري بروهي ذات سان تعلق رکندڙ هئا. ڪِن ڪمائي خاطر ته ڪِن هن عظيم ورثي سان محبت خاطر ڏاڍو پيار سان پورهيو ڪيو. انهن مزدورن جا نالا توڙي ايڊريسون گم آهن. ضرورت ان ڳالهه جي به آهي ته، انھن پورهيتن کي مان ڏيڻ لاءِ ڪونه ڪو يادگار قائم ڪري انھن جا نالا ۽ ايڊريسون لکرايون وڃن. هن وقت تائين اٽڪل 33 ايڪڙ زمين جي کوٽآئي ٿي سگهي آهي. جڏهن ته دڙي جو وڏو حصو اڄ تائين کوٽائي کان محروم آهي. سرڪار 20-اپريل 1953ع تي دڙي کي 655 گهنٽا ايراضي الاٽ ڪئي هئي. جنھن مان هاڻ چؤطرف قبضا ٿي ويا آهن. 43 ايڪڙ 22 گهنٽا سول ايوي ايشن وارن جي قبضي ۾ آهن. 11 ايڪڙ 16 گهنٽا ايريگيشن وارن والاري درياءَ جو بچاءِ بند اڏي ڇڏيو آهي، باقي به عملدارن ڪافي ايراضي کپائي ڇڏي آهي. اتي مقامي ماڻهو آبادي ڪن ٿا، جنھن سبب دڙي جي ايراضي ننڍڙي ٿيندي وڃي ٿي.

    تباهيءَ جا سبب:
    دڙي جي قدامت جا ڪل 9 دؤر آهن. جڏهن ته هن وقت تائين 8 سائيٽن جي ٽن دؤرن تائين کوٽائي ممڪن ٿي سگهي آهي. هن وقت تائين ٿيل ڏهه سيڪڙو کوٽائيءَ مان هن دڙي جي تباهيءَ جا جيڪي سبب معلوم ٿيا آهن اهي به آخري ته نه آهن، پر اصل سبب تائين پھچڻ لاءِ، راءِ هموار ڪرڻ لاءِ بنياد ضرور ثابت ٿيا آهن. هڪ اهو سبب به برسات جي پاڻيءَ جي ڇوڙن لھڻ سبب زمين دوز ٿيو. يا درياءَ جي رخ تبديل ٿيڻ ڪري هي شھر ان جي وَر چڙهي ويو آهي. ٻوڏن هن شھر کي ڪيترائي دفعا لوڙهيو هو ۽ ساڳي رٿابنديءَ مطابق ٺاهيو ويو هو. ٻيو سبب اهو به ٿي سگهي ٿو ته سم ۽ ڪلر سبب شھر ويران ٿيو آهي ۽ ماڻهو پنھنجا گهر گهاٽ ڇڏي لڏپلاڻ ڪري ويا آهن. لڏ پلاڻ ڪرڻ جو سبب اهو به تصور ڪيو وڃي ٿو ته، جڏهن شھر جي رهواسين جو واپار ختم ٿي ويو ته ڪاروبار به بند ٿي ويو. جنھن ڪري شھر ويران ٿي ويو. هڪ انومان اهو به آهي ته آرين اچي شھر تي حملو ڪيو. حملي آور جيئن ئي شھر ۾ داخل ٿيا ان کان اڳ ۾ ئي ڪافي ماڻهو شھر ڇڏي ويا هئا. آخري دؤر ۾ مردن، عورتن توڙي ٻارن جا گهٽين ۽ جاين ۾ گڏيل ڪجهه لاش مليا آهن. جن ۾ ڪيترن تي گھرا گهاوَ به آيل آهن. انھيءَ کان به وڌيڪ زور سان آخري سبب اهو ڄاڻايو وڃي ٿو ته، هن شھر ۾ ڪا خطرناڪ بيماري داخل ٿي آهي، جنھن سبب ماڻهو پاڻ کي غير محفوظ سمجهندي هتان هجرت ڪري دنيا جي مختلف خطن ۾ ويا آهن. اهو ئي ڪارڻ آهي جو دنيا جي مختلف خطن ۾ هن تھذيب جي باشندن جا آثار اڄ به ڪنھن نه ڪنھن شڪل ۾ موجود آهن. ڪجهه به هجي، پر اڄ تائين هن دڙي جي پڄاڻيءَ جا سبب مڪمل طرح سان معلوم نه ٿي سگهيا آهن. هر محقق پنھنجي انداز سان انومان ظاهر ڪري رهيو آهي.



    ”بکر“ تاريخ جي پرهه ڦٽي

    انسان جي سموري تاريخ جنگين جي تاريخ آهي. ايترو انسان کي ٻي ڪنھن مخلوق نقصان ناهي رسايو جيترو خود انسان هڪ ٻئي کي پهچايو آهي. سگمنڊ فرائيڊ جي اها چواڻي درست ثابت ٿئي ٿي ته، ”تهذيب انسان کي راس ناهي آئي.“، اهو ئي سبب آهي جو انسان پنهنجي ترقيءَ لاءِ ايترو پورهيو ناهي ڪيو جيترو تباهيءَ لاءِ سامان ڪٺي ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات محنت ڪئي آهي. انسان جي وحشي دؤر کان وٺي هن جديد دؤر تائين اهو سلسلو جيئن جو تيئن جاري آهي. جتي انسان جنگي تباهيءَ جا گر هر دؤر ۾ نوان سکي ٿو اتي جنگي بچاءَ لاءِ پڻ ڪوششون وٺندو رهيو آهي. ڪوٽ ۽ قلعا به ان پسمنظرکي سامهون رکندي ٺاهيا ويا. ڪوٽن ۽ قلعن ۾ هڪ ته انسان پنهنجو تحفظ ڳوليندو آهي ٻيو اتي ويهي جنگ ڪرڻ لاءِ مضبوط مورچو سمجهي آرام سان، جنگي تدبيرون جوڙيندو آهي. بکر جو قلعو به ان انساني ڪوششن جي هڪ ڪڙي آهي.
    بکر جو شهر روهڙي ۽ سکر کان به پراڻو شهر آهي. اروڙ جي ويران ٿيڻ کانپوءِ اڪثر اتان جا رهاڪو هتي لڏي آيا. جنهن ڪري بکر جو مقام وڌي ويو. هي شهر سکر ۽ روهڙي وچ تي، سنڌو درياءَ جي ڪشادي پيٽ ۾، ٻيٽن جي هڪ لڙهيءَ مان وڏي ٻيٽ تي اڏيل آهي. هي ٻيٽ چن جي پهاڙيءَ جو آهي. جنهن جي ماپ اولهه اوڀر 800 گز ۽ 300 گز موڪري آهي. ڊيگهه 25 فٽ کن اٿس. اروڙ جي تباهيءَ کان فوراً اروڙ جي ڦٽل آثـارن مان سرون کڻائي بکر جو قلعو تعمير ڪرايو ويو. بکر جي نالي جي ڏس ۾ چيو وڃي ٿو ته سيد محمد شجاع مشهد مقدس ان ۾ رهندو هو. اتان حرمين شريف جي زيارت لاءِ سير ڪندي شيخ شهاب الدين سهرورديءَ جو مريد ٿيو. فرزنديءَ جو تعلق حاصل ڪرڻ کان پوءِ اڳتي هلي سندس ناٺي بڻيو. سيد محمد شجاع جو فرزند سيد محمد مڪي، شي صاحب جي معصوم نياڻيءَ جي اولاد هو. جيڪو مڪي شريف ۾ ڄائو. جڏهن سيد محمد مڪي بکر باک ڦٽڻ مهل داخل ٿيو تڏهن چيائين ته، ”جعل الله بکرتي في القلعة المبارکة“ (الله تعالى منھنجو صبح مبارڪ جاءِ ۾ ڪرايو آهي.) جو اڳتي هلي لوڪ ۾ ”بکرة“ مشهور ٿي ويو. جو بکر ۾گهڻي قدر مروج ٿي ويو. ڪن جو چوڻ آهي ته سيد صاحب کان ڪن پڇيو ته ڪٿي ٺڪاڻو ڪندي ته وراڻيائين ته جتي باک ڦٽڻ مهل بقر (ڍڳي) جو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو. لفظَ وقت سان گڏ عام ۾ پنھنجو لهجو ۽ اچار تبديل ڪندا آهن. اهو ئي ڪارڻ آهي جو ”بقر“ مان ”بکر“ ٿي ويو. هونئن عربيءَ ۾ بکر معنى صبح ۽ بقر معنى ڍڳو. ٻنهي لفظن جو اچار ساڳيو آهي. جيڪو اڄ تائين ساڳي نالي سان هلندو پيو اچي. نه ته ان کان اڳ ۾ بکر کي ”فرشته“ نالي سان سڏيو ويندو هو. پراڻن ڪتابن ۾ هن کي منصوره به چيو ويندو هو. 1544ع ڌاري شير شاهه سوريءَ چڙهائي ڪري ان جو نالو شير ڳڙهه رکيو. ستت سندس قلعي تي قبضو ختم ٿيو ۽ قلعي جو نالو ساڳيو ئي برقرار رهيو.
    بکر جيڪو سکر ۽ روهڙي جي وچ تي قديم وقت کان اهم فوجي اڏو هو. بکر جي ٺهڻ ۽ ڊهڻ جا ڪيترائي دور رهيا آهن. بکر واري قلعي جي ڏس ۾ چيو وڃي ٿو ته 60ع ڌاري هڪ يوناني ليکڪ هن هنڌ کي بـيـهڪر (Behkar) جو ذڪر ڪيو آهي، معنى ته انتهائي پراڻو آهي. 876ع ڌاري بغداد جي حاڪم هارون الرشيد هن قلعي کي نئين سري سان اڏايو. ٻيٽ جي اوچائي 25-فٽ جنهن تي 30-35 فوٽ اوچيون ديوارون ٺاهيون ويون. قلعي کي ڏکڻ ۽ اوڀر طرف ٻه در هئا. قلعي جي مرمت ان کان اڳ نواب غلام صادق خان جي زماني 90-780ع ڌاري پڻ ٿي هئي. سامان مرمت لاءِ اُچ مان گهرايو ويو هو. محمود غزنوي جي سپهه سالار عبدالرزاق هي قلعو 1020ع ۾ فتح ڪيو هو.
    شاهه بيگ ارغون بکر جي قلعي کي نئين سري سان تعمير ڪرائڻ لاءِ ڪانڊيرن واري زمين کي هن ساداتن کي روهڙيءَ ۾ جاگيرون ۽ سندون ڏيئي اروڙ جي قلعي ۽ جاين مان پڪيون سرون ڪڍرائي 25 فوٽ اونچي ٽڪريءَ مٿان ٻٽي ديوارن سان قلعو تعمير ڪرايو هو. مٿس ڪنگرا تعمير ڪرائي، قلعي جي اوڀر ۽ ڏکڻ جي ڪنڊ تي هڪڙوبرج اڏايو . جنهن تان مجرمن کي هيٺ ڪيرايو ويندو هو، جنھن کي اڄ به خوني برج چيو ويندو آهي.
    بکر جي قلعي کي ٻِٽي ديوار هئي پوءِ سلطان محمود ٽين ديوار ڏياري قلعي کي ست برج تعمير ڪرايائين، ست دروازا هڻايائين، جنهن سبب قلعو انتهائي مضبوط ٿي ويو. همايون 1536ع ۾ چوسا ۽ قنوج جي ٻن جنگين ۾ شير خان سوريءَ کان شڪستون کائي لاهور ۽ پوءِ روهڙيءَ پهتو. هن قلعي تي قبضي ڪرڻ لاءِ بکر جي ڀرسان ٻٻرلوءِ جي چار باغ ۾ 18 هزار چورس فوٽن جي ڇانوڻي هڻي ويٺو پر هن لاءِ بکر کي فتح ڪرڻ انتھائي مشڪل بڻجي ويو. نيٺ نااميد ٿي سيوهڻ جي قلعي تي قبضي ڪرڻ لاءِ روانو ٿي ويو.
    91-1590ع ڌاري اڪبر بادشاهه بکر جو علائقو مير معصوم شاهه کي جاگير طور ڏيئي ڇڏيو. هن بکر جي قلعي کي نئين سر تعمير ڪرائڻ لاءِ باضابطه ڪم شروع ڪرايو. قلعي سان داراشڪوهه جي نسبت به جوڙي وڃي ٿي. 1658ع ۾ دارا شڪوهه توبخاني، حرم ۽ ڪارخاني سميت لاهور آيو ۽ اتان ٻيڙين وسيلي سامان کڻائي قلعي ۾ اچي ترسيو هو. 1739ع ۾ نادر شاهه ڪابل کان لاڙڪاڻي آيو. ان کانپوءِ بکر جي قلعي کي ڪيرائي ان جي نئين تعمير پڻ ڪرايائين. هي قلعو ڪلهوڙن کانپوءِ ٽالپرن جي قبضي م پڻ رهيو. 1838ع ۾ انگريزن جي قبضي ڪرڻ وقت 25 زبون عمارتون ۽ 115 ڊٺل عمارتن جا دڙا، جن مان ڪي زمين کان 15 ۽ ڪي 20 فوٽ اوچا هئا. مغلن جي دؤر ۾ عمارت، جنهن کي انگريزن پنهنجي بارود رکڻ جي لاءِ موزون سمهيو. انگريزن 35 هزارن جي خرچ سان قلعي جي مرمت ڪرائي، ان کي جنگي هٿيارن ٺاهڻ جو ڪارخانو قائم ڪيو. پهرين افغاني ويڙهه جي خاتمي کان پوءِ انگريزن هن قلعي کي سياسي قيدين لاءِ جيل طور تي ڪتب آندو. جنهن ۾ 320 قيدين رکڻ جي گنجائش رکي ويئي.
    بکر جي مٿئين حصي ۾ درياهه جي هيٺ لهڻ سان ٻيٽ ظاهر ٿيندو آهي. هي ننڍڙو ڳتيل ٻيٽ جنهن ۾ خواجه خضر جو ٿان چيو وڃي ٿو. خواجه خضر لاءِ اهو تصور ڪيو وڃي ٿو ته مسلمانن جي ندين جي اٿل ۽ پاڻيءَ جي واسطي نگھبان آهي. اڄ تائين خصوصاً مسلمان ان کي باس ۾ ڏيئا ۽ گل ڏيندا آهن. درياءَ جي سوکڙي پلي لاءِ به اها ڳالهه مروج آهي ته پلو بکر جي قلعي کان مٿي ڪونه ٿو چڙهي. پر اهو خواجه خضر کي سلامي ڏيڻ لاءِ اوڏانهن ويندو آهي.


    ڪوٽ ڏيجي قلعو

    ميرن سنڌ لاءِ آخري جنگ 1843ع ۾ حيدرآباد ڀرسان مياڻيءَ جي ميدان ۾ وڙهي هئي. هن محاذ تي ٽالپرن 28 هزار ماڻهو ڪٺي ڪيا هئا. انگريزن جي 2800 فوج ۽ ٻارنهن توپون هيون. جنگ جو طبل وڳو ٽالپرن جي پاسي کان پنج هزار جوان مارجي ويا. انگريزن جي لشڪر مان 256 ماڻهو ضايع ٿيا. انگريزن جي جنگي حڪمت عملي جي نتيجي ۾ اسان جي فوج شڪست کاڌي. ميرن جي فوج ڇا شڪست کاڌي ڄڻ ته سڄي سنڌ شڪست کاڌي ۽ غلامي جي سنگهرن ۾ جڪڙجي ويئي. انگريزن پنهنجي حڪومت جون سرحدون ته وڌايون پر سنڌ جي آزاديءَ جو سج لهي ويو. غلامي ڪيڏي به سهڻي لباس ۾ ڇونه هجي پر ڪڏهن به آزاديءَ جو نعم البدل نه ٿي ٿي سگهي. ميرن جي صاحبيءَ سان سوَ اختلاف رکندي اهو مڃڻو پوندو ته ميرن جتي ڪيترائي يادگار تاريخ جي ورقن ۾ ڇڏيا آهن. اتي ڪوٽڏيجي جو قلعو ڪنهن به طرح سان نظرانداز نه ٿو ڪري سگهجي.
    ڪوٽڏيجيءَ جو قلعو خيرپور ميرس کان ڏکڻ طرف ويهن ڪلوميٽرن تي اتر-اوڀر قومي شاهراه تي ٽڪريءَ تي ڪـَرُ کنيو بيٺو آهي. اها ٽڪري وارياسي چن جي پٿر جي ٺهيل آهي. قلعو ان ٽڪري جي ڇاڙ تي اڏيل آهي. ڪوٽ جي اڏاوت ٿر، جوڌپور ۽ جيسلمير جي ڏڪار جي ستايل ماڻهن صرف هر روز جوئر جي هڪ پاٽيءَ جي عيوض ڪئي. غريب ماڻهن جي رت ۽ پگهر سان ٺهيل هي قلعو 1797ع ۾ مير سهراب خان جي تعميرات جي وزير سرائي محمد صالح زهري جي نگراني هيٺ جڙي راس ٿيو.
    قلعي جي هيٺان قديم ۽ ڦٽل شهر جا نشان آهن. آثارن کي ٻن حصن ۾ ورهايو ويو آهي. پهريون حصو ٽڪريءَ مٿان ۽ ٻيو حصو ٽڪري جي اوڀر طرف لاهين تي آهي. مٿيون حصو شهر پناهه جي اندر اچي ٿو ۽ هيٺيون حصو شهر پناهه کان ٻاهر اڏيل آهي. مٿيون حصو ٻاهرين زمين جي سطح کان اٽڪل چاليهه فوٽ اوچو آهي. اهو حصو اوڀر کان اولهه طرف ڇهه سئو فوٽ ڊگهو ۽ اتر کان ڏکڻ طرف چار سئو فوٽ ويڪرو آهي. قلعي جو نالو احمد-آباد رکيو ويو. هي سڄو ڪوٽ پڪن سرن جو ٺهيل آهي. ڪجهه جاين تي پٿر به استعمال ڪيو ويو آهي. ستر فوٽ بلند هن ڪوٽ جي اڏاوت لاءِ ۽ بچاءُ بنديءَ خاطر ٽي دفاعي لائينو ڏنيون ويون آهن. ٻيو ته ڪوٽ هيٺ کان مٿي اڀو ٿيندو، سوڙهي شڪل اختيار ڪري ٿو. ڪوٽ اڀ ڪپرن تي هئڻ سبب لشڪر جو مٿي اچڻ ناممڪن آهي. جيڪڏهن اتفاقاً ڪو ماڻهو ديوار تائين رسد ڪري ته به خطرو لاحق بڻجي پوي. ڪوٽ جي بيهڪ اهڙي آهي جيڪڏهن ڪو توپ جو گولو هڻڻ چاهي ته به گولو اندر ڪرڻ مشڪل آهي. هن ڪوٽ جي اڏاوت ۾ ڪيترائي سال لڳا، ڇاڪاڻ ته فوجي دفاعي پسمنظر کي سامهون رکي اڏاوت تي سپاهين جي لاءِ مخصوص ڪيو ويو هو. هڪ سپاهه سالار جي هيٺ پنج سئو سپاهين جو جٿو ۽ سئو جي لڳ ڀڳ توپون برجن تي نصب ٿيل هيون. قلعي ۾ داخل ٿيڻ لاءِ شاهي دروازي مان داخل ٿيڻو پوي ٿو. جيڪو انتهائي مضبوط ڪاٺ جو ٺهيل آهي. هاٿين، گهوڙن ۽ ٻين جانورن جي حملي کان تحفظ لاءِ 234 ٿلها لوها نوڪدار ڪِلَ پڻ لڳل اٿس. هن جون چھنبون ٻاهر نڪتل آهن. دروازي جي ڊيگهه پندرنهن فوٽ ساڍا نَوَ انچ ۽ ويڪر ڏهه فوٽ آهي. منجهس دري پڻ رکيل آهي. دروازي پار ڪرڻ کان پوءِ اندر بيضي جي اڌ جھڙو سپاهين جي رهڻ لاءِ جايون ۽ حملي آور کي روڪڻ لاءِ مضبوط مورچا آهن. جڏهن ته ٻيووچ تي دروازو بيهاريو ويو آهي. جنهن ۾ ٻه سئو اٺ لوها چهنبدار ڪل لڳل آهن. در جي اوچائي تيرنهن فوٽ آهي. ٻئي دروازي مان گذارڻ کان پوءِ ٻيو سرنگ وانگي دڳ شروع ٿئي ٿو. ان سرنگ نما رستي کي وري در ڏيئي بند ڪيو ويو آهي. دروازي جي ساڄي طرف کان توپن جي گولن رکڻ لاءِ جايون آهن. جنهن ۾ وڏي تعداد ۾ گولا رکيل هوندا هئا. جنهن ڪري دشمن اندر داخل ٿئي ته زنده واپس ٿيڻ جو امڪان ئي باقي نه بچي. حقيقت ۾ ڪوٽ جو اصل ۽ اهم حصو هتان شروع ٿئي ٿو. قلعي جي چوڌاري برج ٺهيل آهن. برجن جي مٿان توپن ۽ بندوقن لاءِ مارا ٺهيل آهن. اهڙي نموني برجن تي توپون رکيل آهن جو هر طرف آسانيءَ سان گهمائي ۽ ڦيرائي سگهجن ٿيون. ڪوٽ ۾ اهڙا گهٽ ۾ گهٽ پنجٽيهه کن برج آهن. اسان هر برج کي چئن ڀاڱن ۾ ورهائي سگهون ٿا. جيڪي جنگ حڪمت عمليءَ جو شاندار مثال آهن. جڏهن ته انهن ۾ ڪجهه شاهي برج به موجود آهن. جنهن ڪري سڄو ڪوٽ خوبصورت بڻجي پيو آهي. ان تي بيهي ڪوٽ جي هر حصي تي آسانيءَ سان نظر رکي سگهجي ٿي. جڏهن ته ٺل جي هيٺان سرنگ نما گذرگاهه مان آرام سان گذري سگهجي ٿو. اولهائين پاسي جي آخري ڪنڊ تي ويڪرو صفن صفا، ملڪ ميدان برج، ڪوٽ جي اوڀر ۾ جيسلمير برج، اتر پاسي آخري ڇيڙي ۾ مريم برج ۽ ٻيا اهڙا برج، قلعي جي حفاظت لاءِ اهم مورچا آهن. ڪوٽ اندر کليل ميدان ۾ خيما هڻي، فوج کي پڻ رکيو ويندو هو.
    فتح ٺل ۽ صفن صفا برج واري ميدان ۾ ڪوٽ جي اولهه ڪنڊ تي ٻارنهن فوٽ گھرائي، ستٽيهه فوٽ ڊيگهه، ويهه فوٽ ويڪر سان حوض نما کڏ آهي. جيڪا ڪنهن وقت ڍڪيل هئي. هن حوض کي اتر ۽ ڏکڻ پاسي ڪوٽ کان ٻاهرين کوهن کان علاوه مکيه دروازي واري کوهه جي پاڻيءَ سان ڀريو ويندو هو. هي حوض ڪوٽ اندر مٿيئن حصي ۾ رهندڙن کي پاڻي پھچائڻ لاءِ ڪم ايندو هو. جڏهن ته ضرورت آهر باقي استعمال لاءِ به هي پاڻي به ڪتب ايندو هو. شاهي دراوزي وٽ موجوده کوهه مان به ڪوٽ ۾ رهندڙن جي ضرورت پوري ڪئي ويندي هئي. ميرن پورچوگيزن کان 90 کن توپون خريد ڪيون هيون. انگريزن کان به هٿيار ورتا ويندا هئا. توپن جي گولن ۽ بارود رکڻ لاءِ ڪوٽ جي ٽئين ۽ آخري دروازي جي بلڪل سامهون اولهه طرف ٻاهرين ديوار ۾ غلام گردش سان گڏ ميدان ۾ بنا ڇت جي ڪمرا استعمال ڪيا ويندا هئا. ڪوٽ جي مٿئين حصي ۾ اوڀر ڏکڻ طرف ديوار جي وچ تي ميرن جي رهائشگاهه ۽ حرم موجود آهن. لڙائي کان سواءِ امن واري حالت ۾ به مير اچي هتي ترسندا هئا. جيئن مير سهراب خان وفات کان اڳ حڪومت پٽ حوالي ڪري قلعي ۾ رهائش اختيار ڪيائين. حرم جي ٻاهران کليل ميدان جي وچ ۾ ٿلهي کي ڪچهرين ۽ ٻين محفلن لاءِ ڪتب آڻيندا هئا. ڪوٽ جي آخري ڇيڙي جيسلمير برج جي ڀرسان سرن جي ٿلهي کان ٻه فوٽ کن مٿي سهڻي گلڪاريءَ سان تخت نظر اچي ٿو. جتي مير ڪنهن خاص ڏينهن تي درٻار لڳائيندا هئا.
    ڪوٽ جي مٿئين حصي ۾ حرم سامهون هڪڙي بئرڪ آهي. روشني، هوا لاءِ سورخن هوندي اهو اونداهو ڪمرو جنم ٽيپ ۽ عمر قيد جي سزا وارن قيدين لاءِ جيل خاني طور تي استعمال ڪيو ويندو هو.
    اهو به تاريخ جو وڏو اتفاق آهي ته هن قلعي ۾ ڪابه جنگ نه ٿي آهي، ان ڪري به هن قلعي کي ڪنوارو قلعو چيو ويندو آهي.


    مڪلي: خاموش تاريخ

    مڪلي جنھن جي نانءَ ٻڌڻ سان ذهن ۾ سوين تصور اڀري اچن ٿا. مڪلي جيڪا سنڌ جي زنده جاويد تاريخ جو اٽوٽ حصو آهي، جنھن ۾ بظاهر ته خاموش قبرن، مقبرن جون قطارون آهن پر ان ۾ سنڌ جي جيئري جاڳندي تاريخ بيٺي آهي. جيڪڏهن ڪو تاريخدان هن ٽڪريءَ تي ئي صرف تحقيق ڪرڻ گهري ته هوندي سندس سموري ڄمار گذري وڃي پر تاريخ مڪمل نه ٿيندي. مڪليءَ جي ڪک ۾ جتي سنڌ جي عظمت جا رکوال آرامي آهن، اتي اڻ ڳڻيون قبرون اهڙيون به آهن جن سنڌ جي سينڌ کي ميرو ڪيو، داغدار ڪيو پر پوءِ به مڪليءَ انھن کي پنھنجي ڪشادي آڳر ۾ ان اميد سان جڳهه ڏني ته جيئن ايندڙ نسل انهن مان ڪا عبرت حاصل ڪري ۽ پنھنجي مستقبل جي اڏاوت لاءِ ڪو رستو هموار ڪري سگهن. سنڌ جي ڇهن سوَن ورهين جي تاريخ هن ٽڪريءَ ۾ محفوظ ٿيل آهي. ڪراچيءَ کان اوڀر طرف اسي ميلن جي پنڌ تي کيرٿر جبل جي هڪ دور افتاده ٽڪريءَ جو هي ٽڪرو، نيشنل هاءِ وي تي، ٺٽي کان ٻه ڪوميٽر الھندي، ڏکڻ کان پير پٺي جي مزار کان وٺي، اتر ڏانھن ساموئي تائين 25-ڪلوميٽرن جي ڊيگهه تائين هن قبرستان ۾ مقبرن، مزارن ۽ قبرن جو تعداد 10 لک کن ٻڌايو وڃي ٿو. هن قبرستان جي حوالي سان چيو وڃي ٿو ته پهريون ماڻهو شيخ حماد جمالي دفن ٿيو. هي هڪ مشهور بزرگ ٿي گذريو آهي. وفات کانپوءِ کيس مڪليءَ تي اڏيل مسجد ڀرسان دفن ڪيو ويو. ان کانپوءِ ٻين ماڻهن به سندس نقل ڪندي مڪليءَ ۾ دفن ٿيندا رهيا. تنھن ڪري اهو چئي سگهجي ٿو ته هو واحد پهريون ماڻهو هو جيڪو ان ٽڪريءَ تي دفن ٿيو بعد ۾ هر فرقي ۽ هر قبيلي جا ماڻهو اتي دفن ٿيڻ لڳا. ڄام تماچي مڪلي تي وڏي جامع مسجد ٺهرائڻ وارو پھريون ماڻهو هو. جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته هو شيخ حماد جماليءَ جو شاگرد هو. جڏهن سلطان فيروز ڄام تماچيءَ کي دهليءَ قيدي بڻايو هو ته ان وقت ڄام تماچيءَ جي ماءُ شيخ حماد جماليءَ وٽ پٽ جي آزاديءَ لاءِ دعا پنڻ ايندي هئي. چيو وڃي ٿو ته ان کان پوءِ ڄام تماچي ستت ئي آزاد ٿي ويو.
    مڪليءَ جي نالي جي ڏس ۾ به تاريخ ۾ مختلف حوالا سامھون اچن ٿا. مسلمان هن ٽڪريءَ جي نسبت مائي مڪلي (مڪھ لي) سان جوڙين ٿا. جنهن جي قبر ڄام نظام الدين جي مقبري، ڄام تماچي جي ٺهرايل مسجد جي ٻاهرين پاسي الهندي طرف آهي. ٻي روايت ۾ اهو به اچي ٿو ته هڪ درويش وجد ۾ اچي چيو ته: ”هذا مڪھ لي“ (يعني هيءَ جاءِ منھنجي لاءِ مڪو آهي.“ ان کانپوءِ ئي هن ٽڪريءَ جو نالو مڪلي پيو، پر هندو لوڪ مڪليءَ جي ٽڪريءَ کي ڪالي ديويءَ سان منسوب ڪن ٿا. جنھن جو وڏو مندر ۽ تيرٿ آستان، مين روڊ واري وڪڙ ۾ ڏکڻ طرف آهي. جين مذهب ۾ گوسالو ۽ اجيوڪا اهم فرقا سمجهيا وڃن ٿا. انهن مان اجيوڪا فرقي جو باني گوسالو مڪلي پوٽو آهي. مڪلي جي پڙهڻي به جدا جدا پڙهڻ لاءِ ملي ٿي. مڪلي، منگلي، منڪلي. جڏهن ته گوسالو فرقي جي هڪ شاخ ڊيگامبر، مڪلي ٽڪر ۽ هنگلاج ۾ رهندا هئا. انھن جي آستانن، غفائن ۽ آمد و رفت جي سبب ڊيگامبر فرقي جي باني ”منڪلي“ جي نالي پٺيان انهيءَ ٽڪريءَ تي مڪلي نالو پوڻ جو تصور پڻ تاريخ ۾ اچي ٿو. اهو لفظ حقيقت ۾ پالي معنى يوگي/ يا نانگو فقير آهي.
    ڪراچي ويندڙ قومي شاهراهه مڪلي ٽڪريءَ کي ٻن حصن ۾ ورهائي ٿي. ڏکڻ واري اڌ ۾ عيد گاهه، مخدودم محمد هاشم ٺٽوي، ابوالقاسم نقشبندي جلوه گاهه امام پير عالي، سيد محمد يوسف بکري ۽ ڇيڙي تي ڪلان ڪوٽ جو ڊٺل قلعو ۽ ٻيا عجائبات آهن. اتر واري اڌ حصي ۾ شيخ حماد جمالي، عيسى لنگوٽي، ملان عبدالرحمان عباسي (ملان لٽر) جامع مسجد، سيد علي شيرازي، شاهه مراد، سمن سلطانن جا مقبرا، ترخانن جا مقبرا، مغلن جون رانڪون ۽ ٻيون تاريخي جڳهون آهن. اڃان به پنھنجي سهولت خاطر هن قبرستان کي ٻن حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. هڪ حصي ۾ سمن سلطانن جون قبرون ۽ مقبرا آهن ۽ ٻئي حصي ۾ ارغونن ۽ ترخانن جون قبرون آهن. مڪلي ۾ داخل ٿيڻ لاءِ سڀ کان پهرين کاٻي پاسي هڪ چور کوهه آهي، ٻن حصن ۾ سوڙهيون ڏاڪڻيون، هيٺ کوهه جي ڪنڌي تائين وڃن ٿيون. کوهه جي ڪنڌيءَ تي پهچبو ته چؤطرف ورانڊو نظر ايندو، وچ ۾ کوهه آهي.
    مڪليءَ جو نالو مشهور ۽ معروف سمن جي دؤر حڪومت ٿئي ٿو. جڏهن ڄام نظام الدين 866هه کان 914 هه تائين آزاد سنڌ تي حڪومت ڪئي. سنڌي ماڻهو کيس پيار مان ڄام نندو سڏيندا آهن. سندس سنڌ لاءِ امن ۽ سڪون، ايمان، اخلاق ۽ خوشحاليءَ جو دؤر سڏيو وڃي ٿو. سما ڄام انهيءَ ۾ ڪيتريون ئي يادگار جايون ڇڏي ويا آهن. جھڙوڪ تغلق آباد عرف ڪلاڪوٽ جو قلعو اهم آهي. مڪمل طور تي برباد ٿيڻ کانپوءِ سومرن ڪلانڪوٽ تي عارضي گاديءَ طور تي اڏيو. سمن مڪلي جي اتر ۾ نشيبي علائقي ۾ پنھنجي دارالسلطنت ٺاهيو. جنهن تي ساموئي نالو رکيو. ان جو مطلب آهي ته ”سمن جو شهر“. بعد ۾ ان کي تغلق يا تغرل آباد، ڪلياڻ ڪوٽ يا ڪلان ڪوٽ ڪوٺڻ لڳا. ڪن وري ان کي ٺڪر آباد به ڪري سڏيو آهي. جنهن جو مطلب آهي مکيه رهائش گاهه، جنهن جي پيڙهه جو پٿر ان وقت جي ٺاڪر رکيو. اهو قلعو هڪ ٽڪريءَ تي اڏيل آهي. جنهن جو اندازو سوا ميل کن ٿيندو. ان قلعي جي چؤڌاري قدرتي وڏي کاهي آهي جيڪا پاڻيءَ سان هر وقت ڀريل هوندي هئي پر هاڻ اها مڪمل طور تي تباهه آهي. ميڪرا ڍنڍ، قبرستان جي اتر کان شروع ٿي اوڀر کان ٿيندي ڏکڻ ۾ وڃي ڪلان ڪوٽ واري ڍنڍ سان وڃي ملي ٿي. هي قلعو ڪنھن زماني ۾ ڏکئي وقت دوران شهر وارن لاءِ جاءِ پناهه هو. اهو هاڻ تباهه و برباد ٿي ويو آهي.
    سمن جو دؤر جتي سنڌ جي خوشحاليءَ جي علامت طور تي تاريخ ۾ اڀري اچي ٿو، اتي سنڌ جي سرحدن ۽ قومي بچاءِ لاءِ ويڙهه جو وڏو مثال ڄام نندي کان پوءِ دولهه دريا خان جو اچي ٿو. دريا خان لاوارث ڇوڪرو هو پر ڄام نندي سندس قابليت ۽ جوهر ڏسي کينس پنھنجي تربيت ۾ رکي وڃي وزيراعظم جي عهدي تي رسايائينس. سنڌ جي فوجن جي سپهه سالاري به سندس سپرد هئي. يارهين محرم الحرام تي سنڌ لاءِ سر ڏيندڙ سپهه سالار جي قبر ڄام نظام الدين جي مقبري جي ويجهو اولهه پاسي کان آهي. ان چؤديواري ۾ ستاويهه قبرون ٻيون به آهن. رومانوي خيال سان تاريخ جي صفحن ۾ محفوظ ڄام تماچي به مڪليءَ جي عظمت ۾ اضافو بڻيل آهي. چريائپ يا جن کي دورا پون تن لاءِ علاج لاءِ عبدالله شاهه اصحابيءَ جو مقبرو پڻ مڪلي جي آڳر ۾ موجود آهي. تغلق ڪوٽ جي نشيبي ۾ ملان لٽر (ملان عبدالرحمان) جي قبر پڻ آهي، ستين جو قبرون جن لاءِ چيو وڃي ٿو ته اهي ست ڀينرون سومريون هيون. سومرن کان سمن جي تخت وٺڻ کان پوءِ اهي پنهنجن کان الڳ ٿي ويون جڏهن شاهي لشڪر سامهون ايندي ڏٺائون ته پنهنجي عزت غير محفوظ سمجهيائون ته عزت جي تحفظ لاءِ دعائون گهريائون ۽ ان ۾ دفن ٿي ويون.
    ٻئي حصي ۾ هڪ گمنام ڇٽي جاني بيگ جو مقبرو، تغرل بيگ جو مقبرو، باقي بيگ ازبيڪ جو مقبرو اوڀر طرف جان بابا جو مقبرو، سلطان ابراهيم جو مقرو، اهنسا ٻائي، باقي بيگ ۽ عيسى خان ترخان وڏي جا ترتيب وار مقبرا ۽ ڇٽيون آهن. سياست ۽ صحافت ۾ سنڌ جو وڏو ڪردار شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ تاريخدان پير حسام الدين راشديءَ جون قبرون پڻ تاريخدانن لاءِ توجهه جو مرڪز رهيون آهن.
    ٺٽي جي رهواسين لاءِ اها ٽڪري نه فقط دفن گاهه ۽ عبرتگاهه هئي سندن تفريح جو پڻ وڏو مرڪز هئي. مزارن تي ميلا لڳندا هئا هر مڪتبءِ فڪر جو ماڻهو اتي اچي سڪون محسوس ڪندو هو. سترهين صديءَ ڌاري مڪليءَ تي ”کير“ نالي سان هڪ مٺي پاڻيءَ جو تلاءُ هو. مينهن (برسات) وسڻ سان تلاءُ پاڻيءَ سان ڀرجي ويندو هو. ان وقت هندو توڙي مسلمان قطارون ٺاهي تلاءُ سان پنھنجو ٺڪاڻو اڏيندا هئا.رڌپچاءُ به هتي ئي ڪندا هئا. خوشيءَ جو پَھرُ ڀاسجندي محسوس ٿيندو هو. ڏکڻ اولهه ۾ ”عيدگاهه“ آهي جتي ٺٽي جا ماڻهو عيد نماز پڙهڻ لاءِ ايندا آهن. مڪليءَ تي ڪالي مندر ۾ رکيل مورتيءَ کي هنگلاج سڏيو وڃي ٿو. ڪالي مندر ۾ ننڍا ننڍا مندر جن ۾ گڻيش، هنومان ۽ شيو جون مورتيون، هڪ ڌرمشالا، هندن جي مقدس جڳهه طور تي سڃاڻپ رکن ٿيون. جڏهن ته بلوچستان ۾ هندو جوڳين جي مشهور تيرٿ هنگلاج، الهندي طرف ان ماڳ ڏانھن ايندي ويندي ياتري هن ٽڪريءَ تي ڪندا هئا.
    آڳاٽي زماني کان اها رسم ٿي ويئي آهي ته هرهڪ طاقت وارو بادشاهه امير يا دولتمند ماڻهو يادگار طور تي اتي ڪا نه ڪا جاءِ ٺاهيندو هو. اهو ئي سبب آهي جو اڄ مڪلي مقبرن ۽ قبرن جو مرڪز طور تي سڃاڻپ رکي ٿي پر تاريخدانن لاءِ جهجهو مواد فراهم ڪرڻ لاءِ وٽس انيڪ مواد آهي.


    سُر سامونڊيءَ ۾ وَهن جون وايون

    لطيف سائين جي فڪر ۽ فن تي لکڻ توڙي ڳالهائڻ وڏو ڏکيو ۽ تحقيق طلب ڪم آهي. ڇاڪاڻ ته لطيف جي مشاهدي جي اک انتھائي تيز ۽ حالتن جي تز نقشبندي جي مھارت رکي ٿي. لطيف تي لکڻ جا ٽي پھلو آهن، هڪ فني، ٻيو فڪري ۽ ٽيون آهي تاريخي پھلو. فني پھلوءَ جي ڏس ۾ شاعري جي پرک ڪرڻ جنھن تنھن جي وس جي ڳالهه ناهي. لطيف جي فني پھلوءَ جي حوالي سان تمام گهٽ لکيو ويو آهي. اڪثر ڪري فڪري پھلوءَ کي سمجهڻ لاءِ تاريخي حالتن جو جائزو اهم آهي. ڇاڪاڻ ته هر فڪر مخصوص حالتن جي پيداوار هوندو آهي. حالتن جي تبديليءَ سان فڪر ۾ به تبديلي ايندي آهي. ان ڪري فڪر کي سمجهڻ لاءِ حالتن جو ادراڪ هئڻ لازمي شرط آهي. لطيف جن حالتن جي پسمنظر توڙي پيش منظر ۾ جيڪي عڪس چٽيا آهن اهو تاريخ جو هڪ الڳ باب آهن، جنھن مان اسان اندازو يا اشارو ته حاصل ڪري سگهون ٿا پر ان جي چٽيءَ طرح ڄاڻ حاصل نه ٿا ڪري سگهون. ان ڪري اسان انھن ماڳن، فردن، توڙي تاريخي نشانين ڏانھن رجوع ٿيڻو پوندو جن جا اشارا لطيف پنھنجي شاعريءَ ۾ ڏنا آهن.
    سر سامونڊيءَ ۾ جن شين جي چٽبندي ٿيل آهي. اهي ڪيترن ئي قسمن جون آهن. مثال طور تي هن سر ۾ واپار جو پھلو، عورت جي انتظار ۽ بيقراريءَ جي ڪيفيت، سمنڊ توڙي مهاڻن جي حالتن جو پهلو وغيره ملي ٿو. جن کي جانچڻ لاءِ وسيع جاکوڙ جو ڪم آهي. اسان صرف سر سامونڊي جي چند ماڻڪ، موتين جو ذڪر ڪريون ٿا، باقي هيرا ۽ جواهرن جي تلاش جو ڪم ايندڙ ٽھيءَ تي ڇڏيون ٿا.

    وڻجارا: ”وڻجارو“ وڻج واپار (Trade) ڪندڙ کي چئبو آهي. هي وڻجارا عام واپارين کان منفرد آهن، جيڪي هڪ مخصوص موسم ۾ واپار ڪرڻ لاءِ ٻيڙا تيار ڪري گهران نڪرن ٿا ۽ دنيا جي مختلف ملڪن ڏانھن واپار سانگي وڃن ٿا. اهي اڪثر سياري جي هوائن سان جيڪي اتر کان ڏکڻ هلنديون هيون ته سفر تي روانا ٿيندا هئا. جنھن جو اشارو لطيف سائينءَ جي هن بيت مان ملي ٿو:

    وڻجاري ڪانڌاءُ، مون وَر ويٺي گهاريو،
    لڳي اتر واءُ، ڍوليو هلڻ جون ڪري.

    وڻجارا اتر لڳي اسھندا هئا ته وَري بھار ۾ واپس ايندا هئا. هي وڻجارا ٽن قسمن جي ڪرت ڪندا هئا، هڪ ته سمنڊ مان مڇي ماري گذران ڪندا هئا، ٻيا وڻجارا سمنڊ مان موتي ۽ ٻيا جواهر ڪڍندا هئا. جڏهن ته انهن مان ڪجهه واپاري لنڪا ۽ عدن ڏانھن قرقل، ڦوٽا، قيمتي ڪپڙا وڪرو ڪندا هئا ۽ موٽ ۾ ماڻڪ موتي ۽ سون آڻيندا. معنى ته هي وڏا سوداگر هئا، جيڪي عام شيءِ جو واپار نه ڪندا هئا. ٽيان وري ديس به ديس هڪ بندر جو مال ٻئي بندر تي پھچائيندا هئا ۽ ڪجهه وري سوداگري به ڪندا هئا. مجموعي طرح انھن سنڌي ٻيڙياتن جي ڪرت ٽن قسمن جي هئي. انھن وڻجارن ۾ به اڪثريت هندو وڻجارن جي معلوم ٿئي ٿي، ڇاڪاڻ ته وڻجارن جي وهن جيڪي ساٺ ڪيا آهن اهي اشارو ڪن ٿا وڻجارن جو وڏو تعداد هندن سان تعلق رکي ٿو.


    وَهن (زالن) جي ڪيفيت:
    وڻجارا اڪثر ڪري واپار تي وڃڻ دوران پنھنجي وَهن کي ساڻ کڻي نه ويندا هئا. جنھن سبب انھن وهن جي ڪيفيت بيقراري ۽ انتظاريءَ جي عالم ۾ گذري ٿي. لطيف سائينءَ جي هن سڄي سُر ۾ وَهن جي دانهن، ڪوڪن ۽ واين جو وَرلاپ ملي ٿو. پنھنجي وَرن کان وڏي عرصي کان پري رهڻ سبب وهن جو ميلاپ لاءِ من ماندو آهي ته ٻئي طرف پنھنجون اکيون آسروند رکيون ويٺيون آهن ته هنن جا فراق ۾ چاڪ چڪي پيا آهن.
    نه سي تَڙ هوڙاڪ، نه وايون وڻجارن جون،
    سرتيون سامونڊين جا، اڄ پڻ چڪيم چاڪ،
    مارينم فراق، پاڙيچون پرين جا.
    انساني پيڙا جي ڪيفيت شاعر کان سواءِ ٻيو ڪو سمجهي به نٿو سگهي. اندر ۾ وڻجارن سان ملڻ جي اڻ تڻ فراق جي اهڙي ڪيفيت جو ساعت ساعت پھر لڳي جتي انساني صبر جو پئمانو لبريز ٿيڻ لڳي ٿو. سڪ جا سلا وڌي وڻ ٿيا آهن. پر وڻجارن جو ڪو پتو کرو ئي نه ٿو پوي. پر وڻجاري جي وَني تڙ تي وڻجاري جي آس ۾ گذاري ٿي.
    سامونڊي ساري، مَٿي تَڙ گذاريان،
    مون کي ٿي ماري، انهن سندي ڳالهڙي.
    وڻجاري جي وئي کان پوءِ وهون سَوَ سڌو ڪن ٿيون. سَوَ خيال من اندر سمائين ٿيون. وڻجاري سان جهيڙڻ جا خيال، حُجتن جا خيال، ڳلي لڳي ڳالهيون ڪرڻ جا خيال، سوچون وَهن جي سيني ۾ سانڍيل رهن ٿا. جنھن جو اظھار لطيف سائين هيئن ڪري ٿو.
    جيڪر اچي هاڻ، ته ڪريان روح رچنديون،
    آيل ڍولئي ساڻ، هوند ڳر لڳي ڳالهيون ڪريان.


    غربت جو منظر:
    وڻجارن جي واپار سانگي وڃن کانپوءِ گهر ۾ جيڪا غربت جي حالت پيدا ٿي وڃي ٿي، اها به انتھائي ڀيانڪ شڪل اختيار ڪري وڃي ٿي، ڇاڪاڻ ته وڻجاري جي وئي کي وڏو عرصو گذري چڪو آهي. پوئتي رهي کهي پونجي ختم ٿيو وڃي. گهر ۾ ڏڪر واري ڪيفت ٿي ويئي آهي جو گهر ۾ کائڻ لاءِ ڪجهه نه بچيو آهي. آونگ جيڪي مٿي ڍڪڻ لاءِ ڇت جو ڪم ڏين ٿا اهي به ڊهي پٽ ٿي ويا آهن. اهي به اڌارا آڻي سيءَ کان بچڻ لاءِ پناهه ورتي ويئي آهي. انهيءَ آونگن ۾ به ٻين جا وَرَ ڏسي جيڪا وَهن جي ڪيفيت ٿي آهي اها لطيف سائين هيئن اظهاري ٿو.
    اسان اڌارا آڻي، آونگ چاڙهيا،
    منهن ڏئي مون آئيا، سمهان سيارا،
    اڀرن سيڪارا، پسيو وَر ٻين جا.

    هي سموريون ڪيفيتون ڏسي، هانءُ جهريو پوي. تنهن باوجود به عورت جي وفاداري پنھنجي وَر ڏانھن ساڳي رهي ٿي. اڃ ۽ بُکَ ۾، اوکي سُکي ۾ پنھنجي وَر لاءِ واجهون وجهندي رهي ٿي. ڪڏهن به پنهنجي ور سان بيوفائي جو نه ٿي سوچي. اها ته وفا ۽ پنهنجائپ جي انتها ٿي وڃي ٿي. لطيف کي عورت جي ان ادا گهڻو متاثرڪيو آهي. ان عورت وَٽ سياري ۾ نه سَوَڙ آهي نه گبرو آهي. رات جي سرد پھر ۾ مٿي تي اوڍڻ لاءِ چني جا پوَت ريڙهيندي رات گذاري ٿي ۽ لطيف چوي ٿو:
    اتر ڏني اوت، نه مون سَوَڙ نه گبرو،
    چارئي چَنيءَ پوت، ريڙهيندي رات گئي.


    مڌ جو اصل متو ۽ متارا

    جنھن ادب ۾ آفاقيت ۽ ادبيت هجي تنھن کي ڪلاسيڪل ادب سڏيو وڃي ٿو. ادب قومن جو املهه سرمايو هوندو اهي. جيڪا قوم ادب جي حوالي سان غريب آهي اها قوم سوال ئي پيدا نٿو ٿئي ته سياسي، سماجي، تھذيبي يا اخلاقي طور تي سگهاري هجي. ادب قومن جي نمائندگي جي حيثيت رکي ٿو ۽ شعوري طور تي انسان کي پختو ڪري ٿو. سنڌي ادب به پنھنجي ٻن اڍائي صدين جي مختصر عمر ۾ سنڌي قوم جي تعمير ۾ پنھنجو اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. اهو هڪ سچ آهي ته جنھن کان ڪو احمق ئي انڪار ڪري ٿو سگهي.
    لطيف جي سنڌي ادب ۾ منفرد حيثيت رهي آهي. لطيف نه رڳو سنڌي ٻوليءَ کي بچايو پر هن سنڌي تھذيب جي ساک کي نه رڳو نوان موڙ ڏنا، پر ان جي مستقبل جي اڏاوت به ڪئي آهي. لطيف سنڌ جو اهو وڪيل آهي جنھن سنڌ جي ڪيس انتھائي مضبوط ۽ مدبرانه نموني سان وڙهيو اهي. اهو ڪڏهن سسئي جي پنھون ڪاڻ اڻ کٽ جدوجھد جي صورت ۾ ته ڪڏهن پنھنجي لوئي لڄ بچائڻ لاءِ مارئي ته ڪڏهن عشق جي سفر ۾ سھڻي جي درياهه جي دهشتگردن ڪنن ۽ واڳن سان ويڙهه جي روپ ۾ هجي يا سنڌ جي مجموعي سورمن کاهوڙي، رامڪليءَ جا جوڳي يا متارن جي صورت ۾ هجي بھرحال هر لحاظ کان لطيف جو ڪردار مٿڀرو آهي. لطيف جديد ادب جو بنياد ۽ ڪلاسيڪل ادب کي عروج جي انتھا تي پھچايو آهي. هن جي پيغام ۾ امن عالم ترقي بني نوع سمايل رهيو آهي. نه صرف اهو پر مذهب جي اصل روح کي سمجهڻ تي به زور ڏنو آهي، اهو ئي سبب آهي جو لطيف سنڌ جا عوامي ڪردار کڻي هڪ ئي وقت مذهبي تنگ نظري، رجعت پسندي ۽ ڪٽرپڻي خلاف ويڙهه ڪئي آهي. ٻئي طرف پنھنجي ڪلچر جو ڀرم رکيو آهي. مثال طور تي جملي مذهب ۾ شراب حرام قرار ڏنو ويو آهي. پر لطيف شراب کي عالمي حوالي سان مقصد، آدرش طور تي کڻي رجعت پسنديءَ کي ننديو آهي ۽ ٻئي نموني سان ماڻهن ۾ انقلاب جو روح ڦوڪيو آهي. شاهه سائين سر ڪلياڻ ۽ يمن ڪلياڻ ۾ موکي ۽ متارن جو ذڪر ڪيو آهي. جيڪو هڪ غير معمولي ڪردار هو پر لطيف انھن کي نئين رُخ ۾ متعارف ڪرايو آهي. جيئن موکي هڪ ڪلال هئي جنھن کي هڪ انقلابي رهبر اڳواڻ طور ڏيکاريو ويو آهي. متارا ويڙهه ڪرڻ کان پوءِ موکي وٽ اچي پر ساهن ٿا. هونئن ته موکي روايت مطابق مومل جي محل ۾ شھزادن کي اندر وٺي ويندڙ ناتر جي ڌيءُ هئي. جنھن پنھنجي ماءُ جي وئي کانپوءِ پنھنجي ماءُ جو ڪاروبار سنڀاليو هو. جيڪو هڪ شراب جي بٺيءَ طور ڄاتو ويندو هو جتي متارا جيڪي مختلف شھرن ڏانھن واپار سانگي ويندا ها ته ٿَڪُ موکيءَ جي مئخاني ۾ پٽيندا هئا. انھن روايتي ڪردارن کي امرتا ڏئي، لطيف انھن کي انقلاب، آزادي پسند ۽ انھن جي رهبري ۽ آدرش طور تي کنيو آهي.
    جيئن هن بيت ۾ چئي ٿو:
    جي اٿئي سڪ سرڪ جي، ته ونءُ ڪلاڙن ڪاٽي،
    لاهي رک لطيف چئي، مٿو وٽ ماٽي،
    تِڪ ڏئي پِڪَ پيءُ تون، گهوٽ منجهان گهاٽي،
    جي وَرِنَهَه وهاٽي، سو سر وٽ سرو ساهنگو.
    اگر ماڻهوءَ کي پنھنجي آدرش، انقلاب ۽ آزاديءَ سان محبت آهي ته پنھنجو سِر ڪٽي، (ماٽي) پنھنجي رهبر جي ڏسيل واٽ تي رکي. ڇاڪاڻ پنھنجي منزل اڳيان پڪ برابر به سر معنى نه ٿو رکي. آزادي پسند ماڻهوءَ جي زندگي پنھنجي مقصد لاءِ وقف ٿيل هوندي آهي، پر جيڪڏهن سڌڙيا سر ڏيڻ کان ڪيٻائن ٿا ته اهي پنھنجو مقصد حاصل نه ٿا ڪري سگهن. جيئن:

    سڌڙيا شراب جون، ڪُوهه پچارون ڪَن،
    جي ڪات ڪلاڙن ڪڍيا، موٽي پو وڃن،
    پڪون سي پيئن، سر جنين جا سٽ ۾.

    جيڪي سَڌَ ڪري ڄاڻن انهن جو مقصد سان ڪوبه لڳاءُ ڪونهي، ڇاڪاڻ اُهي پنھنجا سر پڪ کان پيارو ڪن ٿا. ڪلاڙين جي ڪات، دهشت، ڏاڍ، ظلم ۽ جبر کي ڏسي ڊڄن ٿا. پر اهي ماڻهو پنھنجو مقصد حاصل ڪندا جن جا سِرَ سٽ ۾ آهن. اڃان به وڌيڪ چئي ٿو ته:

    سنباهج سيد چئي، ڪاٽڻ ڪارڻ ڪَنڌُ،
    هي تنين جو هنڌ، مٽن پاسي مرن جي.
    انقلاب جو پنڌ انتـھائي اڻانگو آهي، جتي موت پنھنجو محبوب آهي. موت جو جامُ گڏوگڏ گردش ڪري ٿو. اتي ڪاٽڻ ڪارڻ ڪنڌُ سنباهي هلڻ گهرجي. هي مقصد انھن کي پلئه پوندو جيڪي پنھنجي مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ موت کي لبيڪ چون. هي ملهه ڪو مھانگو ڪونهي.

    ملهه مھانگو قطرو، سڪڻ شھادت،
    ان عبادت، نظِر نياز پرينءَ جو.

    عشق جي شراب جو قطرو وڏي ملهه وارو آهي. ان جي قيمت شھادت کان گهٽ ڪونهي. پر انقلابي ماڻهو پاڻ کي ان راهه ۾ قربان ٿيڻ ۾ عبادت سمجهن ٿا. هونئن به انقلابيءَ جو دين، ڌرم پنھنجو مقصد ئي هوندو آهي. ان سان ڪمٽمينٽ Commitment هوندو آهي. هُو آخري دم تائين اها ئي عبادت ڪندي گذاري ٿو ۽ انقلابي ڪڏهن به منزل ماڻڻ جي تمنا ۾ ناهن جيئندا. هو صرف جدوجھد جي علامت هوندا آهن.

    مَ ڪَر سڌ شراب جي، جي تون ٽارين ٽوهُه،
    پيتي جا نھن پاسي ٿئي، منجهان رڳن روح،
    ڪاٽي چک ڪڪوهُه، لاهي سر لطيف چئي.
    شاهه انھن کي خبردار ٿو ڪري ته جيڪڏهن تون تڪليف کي ڏسي ڊڄين ٿو ته ان کي حاصل ڪرڻ جي سڌ نه ڪر، ڇاڪاڻ هي اهو شراب آهي جنھن جي پيئڻ سان نسن جو ستُ نڪريو وڃي.
    عشق جي سفر ۾ فنا ٿيڻ ئي بقا آهي. ڇو ته جا شيءِ فنا مان جنم وٺي ٿي سا بقا آهي. اها بقا ستارن جي روح ۾ پٿر ۾ باهه جيان سمايل آهي. ڀٽائي چئي ٿو:

    آڻي اتر واءُ، موکي مٽ اپٽيا،
    متار اتهه ساءِ، اچن سر سنباهيو.

    صبح جو سوير اتر جو واءُ لڳي ٿو، مونکي پنھنجي مڌ جا مٽ کولي ٿي ۽ اچي شراب جي بوءِ سموري فضا ۾ ڦھلجي وڃي ٿي، ان بوءِ کي متارا سڃاڻي وٺن ٿا ۽ سر سنباهيون ٿا اچن، هو وري ويڙهه لاءِ سندرا ٿا ٻڌن، پنھنجي زندگي ارپڻ لاءِ اتاولا ٿا ڏسجن. اها محبت جي انتھا آهي. پياڪن جي اُڃ به عجيب آهي جو هڪ چاڙهين ٻئي جي طلب ڪن ٿا. پر جي سمنڊ منھن ڪن ٿا ته سرڪيائي ڪين ٿي ٿئي. جيئن:

    جهه سي اچڻ آئيا، ته سَرو ڪندا سُڃَ،
    سائي ٿيندين اُڃَ، هي پيتو! هو آڻ ڪي!

    هو جڏهن اڱڻ (ميدانِ جنگ) ۾ اچي ڪٺا ٿيندا تڏهن سارو شراب پي صفايو ڪندا هنن کي تڏهن به اهڙي ئي اُڃ رهندي جو اڃا هڪ پي پورو ڪندا ته مٿان چوندا. ”ٻيو ڪي آڻ.“
    سنڌيءَ ۾ لفظ متارا جون ٻه معنائون آهن، هڪ مت وارو ۽ سمجهه وارو، ٻيو، سپريا پھلوان. اهي پھلوان جڏهن آزادي ۽ انقلاب جي پنڌ ۾ مري وڃن ٿا ته ڀٽائي انھن جي رهبري، انقلاب جو درس ڏيندڙ موکيءَ کي چئي ٿو ته هاڻ تنھنجي رهڻ جو ڪو جواب ڪونھي ڇاڪاڻ ته اُهي پياڪ نه رهيا آهن. هيٺ چوي ٿو:

    متارا مري ويا، موکي! تون ڀي مـَرُ،
    تنھنجو ڏوس ڏمر، ڪونه سھندو ان ريءَ!

    مرشد جو ڏمرُ طالب ري ڪير سھندو. اي ڪلال هاڻ تون به مَرُ ته امر ٿين. خواجه حافظ شيرازيءَ پڻ انهيءَ شراب (آدرش) کي معنى خيز بڻائي ڇڏيو آهي، جيئن چئي ٿو ته:

    بکوي مي فروشانش به جامي درنمي گيرند،
    زهي، سجاده تقوى که يک ساغر نمي ارزد.
    (معنى ته نمازين کي جنھن پاڪ مصلي تي ناز آهي سو اسان مستن (آزاد پسندن) جي دنيا ۾ شراب جي هڪ پيالي جي به مترادف ناهي.)
    بھرحال! ڀٽائي موکي، متارن جي قصي کي ابدي زندگي ڏئي ڇڏي آهي. جدليات ۽ انقلاب جي سائنس مطابق جيستائين انقلابي اديب عوام سان پنھنجي ويجهڙائيءَ وارا لاڳاپا نه ٿو رکي جيستائين هو عوام جي احساسن، آدرشن، خيالن، امنگن جي ترجماني نه ٿو ڪري ۽ سندن مستقبل جي لاءِ ڪا راهه متعين نه ٿو ڪري تيستائين هو ڪوبه مؤثر ڪردار ادا نه ٿو ڪري سگهي ۽ نه ئي وري عوام ۾ پنھنجون پاڙون مضبوط ڪري سگهي ٿو، اهو ئي سبب آهي جو ڀٽائيءَ پنھنجون پاڙون عوام ۾ کوڙيون آهن جنھن کي ڏسي پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته ڀٽائي هر دؤر جو عوامي ترجمان شاعر آهي ۽ رهندو .


    سنڌي ادبي سنگت ڏوڪري جي مختصر تاريخ

    عهديدار (قيام کان وٺي 2006ع تائين)

    1963ع کان 1976ع تائين سيڪريٽري ڪامريڊ حيدر جويو.
    1977ع کان 1980ع تائين سيڪريٽري امداد قاضي.
    1980ع کان 1982ع تائين سيڪريٽري قربان گاڏهي.
    1983ع کان 1986 تائين سيڪريٽري مظفر علي کوهارو.
    02 آڪٽوبر 1987ع سيڪريٽري ديدار سولنگي ۽ جوائنٽ سيڪريٽري صلاح قاضي، آڊيٽر شيراز سولنگي، خزانچي سميع قاسماڻي.
    09 آڪٽوبر 1987ع کان 21 آڪٽوبر 1988ع
    سيڪريٽري ديدار سولنگي،ج س صلاح قاضي، آڊيٽر شيراز سولنگي، خزانچي سميع قاسماڻي، ڪائونسلر انور ابڙو.
    04 نومبر 1988ع کان 08 جنوري 1990ع.
    سيڪريٽري صلاح قاضي، ج س ناصر زهراڻي، خزانچي سميع قاسماڻي، آڊيٽر شيراز سولنگي، ڪائونسلر قاضي آصف.
    15 جنوري 1990ع کان 15 جنوري 1991.
    سيڪريٽري نثار کوکر، جوائنٽ س. ناصر زهراڻي، خزانچي نصرالله ڪولاچي.
    18 جنوري 1990ع کان جنوري 1992.
    سيڪريٽري ناصر زهراڻي، جوائنٽ سيڪريٽري عزيز منگي، خزانچي، گلاب سومرو، آڊيٽر نصرالله ڪولاچي، ڪائونسلر نثار کوکر.
    07 فيبروري 1992ع کان 15 جنوري 1993ع.
    سيڪريٽري عزيز منگي، جوائنٽ سيڪريٽري سڪندر علي هليو، خزانچي گلاب سومرو، آڊيٽر واحد منگي، ڪائونسلر انور ابڙو.
    22 جنوري 1993ع کان 22 جولاءِ 1993ع.
    سيڪريٽري عزيز منگي، جوائنٽ سيڪريٽري عاشق جتوئي، خزانچي واحد منگي، آڊيٽر محمد علي شاهه، ڪائونسلر ناصر زهراڻي.
    (نوٽ: 21 مئي 1993ع تي عزيز منگي لاڙڪاڻي جو رابطا سيڪريٽري چونڊجڻ بعد هيٺين باڊي چونڊي وئي.)
    23 جولاءِ 1993ع کان 31 ڊسمبر 1993ع.
    سيڪريٽري خير چنه، جوائنٽ سيڪريٽري عاشق جتوئي، خزانچي واحد منگي، آڊيٽر محمد علي شاهه، ڪائونسلر ناصر زهراڻي.
    31 ڊسمبر 1993ع کان ڊسمبر 1994ع.
    سيڪريٽري عزيز منگي، جوائنٽ سيڪريٽري ادل سولنگي، خزانچي محمد علي شاهه، آڊيٽر عاشق جتوئي، ڪائونسلر خير چنه.
    13 جنوري 1995ع کان 18 جنوري 1996ع.
    سيڪريٽري خيرمحمد چنه، جوائنٽ سيڪريٽري گلاب سومرو، خزانچي محمد علي شاهه، آڊيٽر شهمير سومرو، ڪائونسلر عزيز منگي.
    19 جنوري 1996ع کان 06 فيبروري 1997ع.
    سيڪريٽري خيرمحمد چنه، جوائنٽ سيڪريٽري شهمير سومرو، خزانچي گلاب سومرو، آڊيٽر رشيد زهراڻي، ڪائونسلر حمز علي سوهو.
    07 فيبروري 1997ع کان 11 جنوري 1998ع.
    سيڪريٽري شهمير سومرو، جوائنٽ سيڪريٽري گلاب سومرو، خزانچي رشيد زهراڻي، آڊيٽر مشتاق بڙدي، ڪائونسلر ڪامريڊ حيدر جويو.
    25 جنوري 1998ع کان 24 مئي 1998ع.
    سيڪريٽري خيرمحمد چنه، خزانچي عيسيٰ ميمڻ، ڪائونسلر حمز علي سوهو.
    (نوٽ: ٻين عهدن تي چونڊ نه ٿي سگهي، بعد ۾ 24 مئي 1998ع تي خير چنه ۽ حمز علي سوهو ذاتي مسئلا ڄاڻائي عهدن تان مستعفي ٿي ويا. جنھن ڪري 07 جون 1998ع تي نئين چونڊ ڪرائي وئي.)
    07 جون 1998ع کان 24 جنوري 1999ع.
    سيڪريٽري شهمير سومرو، جوائنٽ سيڪريٽري حمز علي سوهو، خزانچي گلاب سومرو، آڊيٽر اعجاز ميمڻ، ڪائونسلر انور ڏنگڙائي.
    24 جنوري 1999ع کان 16 جنوري 2000ع.
    سيڪريٽري شهمير سومرو، جوائنٽ سيڪريٽري عيسيٰ ميمڻ، خزانچي گلاب سومرو، آڊيٽر حاڪم منڱريو، ڪائونسلر مشتاق بڙدي.
    30 جنوري 2000ع کان 25 فيبروري 2001ع.
    سيڪريٽري حاڪم مڱريو، جوائنٽ سيڪريٽري گلاب سومرو، خزانچي مظفر منگي، آڊيٽر شهمير سومرو، ڪائونسلر خير چنه.
    04 مارچ 2001ع کان 03 فيبروري 2002ع.
    سيڪريٽري حاڪم مڱريو، جوائنٽ سيڪريٽري گلاب سومرو، خزانچي مظفر منگي، آڊيٽر شهمير سومرو، ڪائونسلر خير چنه.
    04 مارچ 2001ع کان 03 فيبروري 2002ع.
    سيڪريٽري حاڪم مڱريو، جوائنٽ سيڪريٽري عيسيٰ ميمڻ، خزانچي گلاب سومرو، آڊيٽر شهمير سومرو، ڪائونسلر مظفر منگي.
    03 فيبروري 2002ع کان 29 ڊسمبر 2002ع.
    سيڪريٽري عيسيٰ ميمڻ، جوائنٽ سيڪريٽري علي بخش پٺاڻ، خزانچي گلاب سومرو، آڊيٽر منظر ميتلو، ڪائونسلر انور ڏنگڙائي.
    29 ڊسمبر 2002ع کان 18 اپريل 2003ع.
    سيڪريٽري ديدار سولنگي، جوائنٽ سيڪريٽري حمز علي سوهو، خزانچي علي بخش پٺاڻ، آڊيٽر گلاب سومرو، ڪائونسلر انور ڏنگڙائي.
    (نوٽ: 18 اپريل 2003ع تي ديدار سولنگي ذاتي مصروفيتن جو سبب ڄاڻائي مستعفي ٿي ويو.
    20 اپريل تي شاخ جي جنرل باڊيءَ جو هنگامي اجلاس ڪوٺائي نئين باڊي تشڪيل ڏني وئي.)
    20 اپريل 2003ع کان 4 جنوري 2004ع.
    سيڪريٽري عيسيٰ ميمڻ، جوائنٽ سيڪريٽري علي بخش پٺاڻ، خزانچي غفور زهراڻي، آڊيٽر گلاب سومرو، ڪائونسلر انور ڏنگڙائي.
    04 جنوري 2004ع کان 02 جنوري 2005ع.
    سيڪريٽري غفور زهراڻي، جوائنٽ سيڪريٽري احمد جتوئي، خزانچي آزاد جروار، آڊيٽر ديدار سولنگي، ڪائونسلر ادل سولنگي.
    02 جنوري 2005ع کان 19 مارچ 2006ع.
    سيڪريٽري اقرار پيرزادو، جوائنٽ سيڪريٽري مجيد زهراڻي، خزانچي راحيل قاضي، آڊيٽر مظهر ابڙو، ڪائونسلر ادل سولنگي.
    19 مارچ 2006ع کان موجود باڊي.
    سيڪريٽري سارنگ پٽ، جوائنٽ سيڪريٽري عيسيٰ ميمڻ، خزانچي آزاد جروار، آڊيٽر عبدالحق ساريو، ڪائونسلر ديدار سولنگي.

    سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏوڪريءَ جا موجوده عھديدار ۽ ميمبر.
    سارنگ ٻٽ، عيسيٰ ميمڻ، آزاد جروار، عبدالحق ساريو، ديدار سولنگي، ادل سولنگي، انور ڏنگڙائي، اقرار پيرزادو، ڪامريڊ حيدر جويو، احمد جتوئي، مظهر ابڙو، امام الدين ٻٽ، عرفان راهي، ظهير بسمل، غفور زهراڻي، سڄڻ سنڌي، رجب سولنگي، راحيل قاضي، راشد قاضي، منير سومرو، جيئيم سيد جويو، احمد کوسو، حمز علي سوهو، مجيد زهراڻي، علي بخش پٺاڻ ۽ زبير ٻگهيو.

    پروگرام
    ليڪچر: سنڌي شاعري جو تخليقي پهلو. تاج جويو. 18.01.1988ع.
    ڀٽائيءَ جو نظريو – انور پيرزادو. 1988ع.
    سنڌ ۾ دهشتگردي، نسل پرستي ان جا ڪارڻ ۽ حل: انور پيرزادو. جولاءِ 1990.
    سنڌ ۾ نظرياتي گهوٽالو. ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ. 13 نومبر 1992.
    وائي ۽ ڪافي جي فني ڇنڊڇاڻ ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ/سرور منگي. 30.03.1997ع.
    ڪميونزم جو ماضي حال ۽ مستقبل. ڊاڪٽر ارباب کهاوڙ. 13.10.2000ع.
    شاهه جي شاعريءَ ۾ علامت نگاري. ڊاڪٽر غلام نبي سڏايو. 04.11.2001ع.
    افساني جو فن ۽ ٽيڪنڪ. موهن لعل پريمي. 28.07.2002ع.
    سماج ۾ خودڪشيءَ جا وڌندڙ لاڙا، ڊاڪٽر عنايت مگسي. 11.08.2002ع.
    ادب جو سماجي ڪارج. عزيز منگي. 01.12.2002ع.
    مزدور جدوجهد جو تاريخي پسمنظر. اصغر سنڌي. 04.05.2003ع.
    ڀٽائي ۽ کاهوڙي تحريڪ. لطف پيرزادو. 20.06.2003ع.
    تصوف جو سماجي ڪارج– سڪندر علي عباسي. 18.04.2004ع.
    مزدور جدوجهد. عادل عباسي. 02.05.2004ع.
    سنڌ ايڪيهين صديءَ ۾. جاويد قاضي. 30.05.2004ع.
    غزل جي فني بيهڪ ۽ تاريخي پسمنظر. رياضت ٻرڙو. 19.12.2004ع.
    ادب جو انقلابي ڪردار. عاصم آخوند. 10.05.2005ع.

    مشاعرا:
    آگسٽ 1992ع صدارت انور ڏنگڙائي.
    13 آگسٽ 1993ع. صدارت. جواد جعفري.
    14 اپريل 1995ع. صدارت. غلام نبي گل. خاص مهمان وفا ناٿن شاهي.
    30 مارچ 1997ع. صدارت. فيض پيرزادو.
    14 فيبروري 1999ع. صدارت. خيرمحمد چنه. (بسنت مشاعرو).
    06 فيبروري 2000ع. 1999ع واري باڊيءَ کي الوداعي پارٽي ۽ مشاعرو.
    18 ڊسمبر 2001ع. صدارت. گلاب سومرو. (مشاعرو ۽ محفل موسيقي).
    24 فيبروري 2002ع. صدارت. عيسيٰ ميمڻ، (مهين جي دڙي تي مشاعرو ۽ محفل موسيقي).
    19 آڪٽوبر 2003ع. صدارت. اياز گل. (سرور منگي جي ياد ۾).
    04 فيبروري 2004ع. صدارت. ادل سولنگي. (عيد مشاعرو).
    14 نومبر 2004ع. صدارت. آزاد جتوئي. (عيد مشاعرو).
    22 جنوري 2005ع. صدارت. ادل سولنگي (عيد مشاعرو).

    رهاڻ/شام
    واجد سان رهاڻ. صدارت. رزاق مهر. 17 اپريل 1991ع.
    ادل سولنگي سان رهاڻ. صدارت. ڊاڪٽر ادل سومرو. 16 نومبر 2002ع.
    انور ڏنگڙائي سان رهاڻ. صدارت. رياضت ٻرڙو 25 ڊسمبر 2003ع.

    پڪنڪ
    27 جون 2003ع. دادو ڪئنال جي ڪپ تي سونهري پل وٽ.
    11جولاءِ 2004ع. دادو ڪئنال جي ڪپ تي سونهري پل وٽ.
    17 جولاءِ 2005ع تي ................ جي اڳيان سنڌوءَ جي ڪپ تي.

    مـهـورت
    ڏوٿي انهيءَ ڏيهه جا (انور ڏنگڙائي) صدارت. ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي 15 مارچ 1994ع.
    ادبي گل (موهن لعل پريمي) صدارت. ڊاڪٽر بشير احمد شاد. 18 ڊسمبر 2005ع.

    سالگره
    سائين جي ايم سيد جي سالگره. صدارت شهمير سومرو. 16 جنوري 2000ع.
    سائين جي ايم سيد جي سالگره. صدارت اصغر سنڌي. 29 جنوري 2005.

    لطيفي ميڙاڪا
    لطيفي رهاڻ. صدارت سلطان احمد ابڙو. 17 جون 2000ع.
    جشن لطيف. صدارت انور ڏنگڙائي. 28 اپريل 2002ع.


    آجياڻو/الوداعي پارٽي
    عيسيٰ ميمڻ کي 15 جولاءِ 2001ع تي پاڻي ڪيس ۾ جيل ياترا کان پوءِ آجياڻو.
    نون آيل ميمبرن جي مان ۾ آجياڻو. صدارت علي بخش پٺاڻ. 14 آگسٽ 2003ع.
    نون ميمبرن جي مان ۾ آجياڻو. صدارت غفور زهراڻي 17 آگسٽ 2003ع.
    نون ميمبرن جي مان ۾ آجياڻو. صدارت عبدالحق ساريو. 28 مارچ 2004ع.
    ڏوڪري ڪاليج جي نئين پرنسپال جي مان ۾ آجياڻو صدارت ديدار سولنگي 15 مئي 2005ع.
    تعلقي ڏوڪريءَ جي 54 صاحب ڪتاب شخص جي مان ۾ آجياڻو. خاص مهمان نثار احمد کهڙو. 18.03.2000ع.
    سال 2001ع واري باڊيءَ کي الوداعي پارٽي. صدارت حاڪم مڱريو. 17 فيبروري 2002ع.
    سال 2003ع واري باڊيءَ کي الوداعي پارٽي. صدارت غفور زهراڻي. 25 جنوري 2004ع.
    سال 2005ع واري باڊيءَ کي الوداعي پارٽي. صدارت حيدر جويو. 02 اپريل 2006ع.

    ڪھاڻي ويھڪ
    16 سيپٽمبر 1994ع. صدارت ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ.
    29 اپريل2001ع. صدارت منظور ڪوهيار.

    تعزيتي ميڙ
    هدايت منگي جي لاڏاڻي تي. صدارت علي گوهر ٻٽ. 26 ڊسمبر 1999ع.
    سرور منگي جي لاڏاڻي تي. صدارت عيسيٰ ميمڻ. 11 مارچ 2001ع.
    خيرمحمد چنه جي لاڏاڻي تي. صدارت روشن ڪوري. 28 آڪٽوبر 2003ع.
    ڊاڪٽر شمس سومرو جي لاڏاڻي تي. صدارت گلاب سومرو. 21 ڊسمبر 2003.
    شيخ اياز جي ياد ۾ ميڙاڪو. صدارت عبدالحق ساريو. 28 ڊسمبر 2003ع.
    رمضان نول جي لاڏاڻي تي. صدارت ادل سولنگي. 31 جولاءِ 2005ع.

    ورسيون
    شيخ اياز. صدارت شهمير سومرو. 30 ڊسمبر 2001ع.
    سرور منگي جي پهرين ورسي. صدارت امجد منگي. 07 اپريل 2002ع.
    هدايت منگي (پنجين ورسي) صدارت. رضوان عمراڻي. 24 ڊسمبر 2004ع.
    راجا ڏاهر جي 1293هين ورسي. صدارت احمد جتوئي. 19 جون 2005ع.
    حيدر بخش جتوئي. صدارت ديدار سولنگي. 21 مئي 2005ع.
    شيخ اياز. صدارت موهن لعل پريمي. 01 جنوري 2006ع.
    استاد بخاري (13هين ورسي). صدارت ادل سولنگي. 09 آڪٽوبر 2005ع.

    متفرقه
    پنهنجي ڪهاڻي پنهنجي زباني، ڪامريڊ مولوي عبدالله لغاري. 05 نومبر 2000ع.
    مذاڪرو. ادب ۽ سياست جو ڪردار. صدارت استاد گل محمد دايو. 25 جون 2006ع.

    سنگت شاخ ڏوڪريءَ جا ڪهاڻيڪار
    نثار کوکر. قربان سنديلو، صلاح قاضي، ناصر زهراڻي، انور ڏنگڙائي، رشيد زهراڻي، دولهه دريا خان، مختيار ميمڻ، عيسيٰ ميمڻ، ارشد نواب ميراڻي، گلاب سومرو.

    شـاعـر
    ادل سولنگي، فيض پيرزادو، عزيز منگي، شهمير سومرو، خيرمحمد چنو، انور ڏنگڙائي، طارق امر آريجو، مشتاق بڙدي، عاشق جتوئي، مظفر منگي، عبدالحق ساريو، حاڪم مڱريو، منظر ميتلو، رجب سولنگي، سرور منگي، عيسيٰ ميمڻ، قربان جتوئي، سارنگ ٻٽ، احمد جتوئي، احمد کوسو، جيئيم سيد جويو، عرفان راهي، اسد ٻگهيو، جان محمد سومرو، ظهير بسمل، زبير ٻگهيو.

    صحافي/ڪالم نويس/مضمون نويس
    نثار کوکر، قاضي آصف، صلاح قاضي،، ادل سولنگي، گلاب سومرو، حمز علي سوهو، مجيد زهراڻي، علي بخش پٺاڻ، اقرار پيرزادو، عيسيٰ ميمڻ .

    ڏوڪري شاخ پاران ڏنل سندون (2002-03)
    لطف الله پيرزادو، (لطيفيات)، عزيز منگي (ادب)، ديدار سولنگي (تحقيق)، نظر محمد ڪنڀر (تعليم)، نثار کوکر (صحافت) منور ابڙو (آرٽ/مصوري)، ڇٽل زهراڻي (لوڪ ادب)، عطا محمد ڀان (سماجيات)، اصغر مـڱڻهار (موسيقي)، انور ڏنگڙائي(لسانيات)، موهن لعل پريمي (سچل تحقيق)، استاد حيات مڱڻهار (راڳ)، غلام فاطمه ميراڻي (سماجيات)، قربان مـڱڻهار (مٽي نواز)، ڊاڪٽر ضمير منگي (طب)، روشن ڪوري (لوڪ ادب)، الله بخش منگي (تعليمدان)، ڊاڪٽر مظفر کوهارو (طب)، ادل سولنگي (شاعر/اديب)، علي شير ٿهيم (لطيفيات)، حفيظ قاسماڻي (آرٽ)، محمد ادريس سومرو (صحافت).

    ڏنل ايوارڊ
    حاڪم مڱريو (س ا س ڏوڪري لاءِ خدمتن عيوض 2002ع).
    گلاب سومرو ( س ا س ڏوڪري جو بهترين خزانچي 2002ع).
    منظر ميتلو (س ا س ڏوڪري جو نئون شاعر 2002).
    حيدر جويو (س ا س ڏوڪري جو بنياد وجهڻ عيوض 2002)ع.
    عيسيٰ ميمڻ (س ا س ڏوڪري جو بهترين ورڪر. 2004ع)ع.
    حمز علي سوهو (س ا س ڏوڪري جو نقاد. 2004ع).
    جبار ميمڻ (س ا س ڏوڪري جو سهڪاري صحافي طور. 2004).

    ڏنل شيلڊون (ادبي خدمتن عيوض) 2001ع.
    موهن لعل پريمي، ادل سولنگي، انور ڏنگڙائي، سرور منگي، عادل عباسي، منظور ڪوهيار، نثار شاهين ۽ عزيز منگي کي.

    س ا س ڏوڪري پاران ڪيل احتجاج/ بک هڙتالون/مارچ/مظاهرا
    20 جنوري 2001تي منٺار سولنگي ۽ حسين بخش ناريجو جي ڌاڙيلن کان بازيابي لاءِ پرائمري اسڪول کان پريس ڪلب تائين احتجاجي واڪ.
    03 فيبروري ۽ 06 فيبروري 2002ع تي ڏوڪري ۽ لاڙڪاڻي پريس ڪلب اڳيان منٺار سولنگيءَ جي بازيابي لاءِ علامتي بک هڙتال.
    10 فيبروري 2002ع پريس ڪلب ڏوڪري اڳيان ٿل ڪئنال خلاف بک هڙتال.
    مهين جي دڙي مان چوري ٿيل نواردات جي واپسي ۽ چورن جي گرفتاري لاءِ مختلف تاريخن ۽ هنڌن تي احتجاجي ڌرڻا ۽ بک هڙتالون ڪيون ويون جن جون تاريخون ڏجن ٿيون.
    سن 2002ع 29سيپٽمبر 20 آڪٽوبر، 03 نومبر، 17 نومبر، 24 نومبر.
    سن 2003ع، 08 جون، 04 جولاٰءِ، 14 سيپٽمبر، 23 نومبر.
    سن 2004ع. 14 مارچ 2005ع، 17 سيپٽمبر 2006ع سنڌي ادبي بورڊ جي غير سنڌي چيئرمين خلاف مرڪزي سڌ تي علامتي بک هڙتال.
    04 سيپٽمبر 2005ع. س ا س مرڪز جي سڏ تي ڪالاباغ ڊيم خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

    شاخ ڏوڪريءَ لاءِ اعزاز
    1992ع ۾ ضلعي لاڙڪاڻي جي بهترين شاخ جو سرٽيفڪيٽ ڊاڪٽر تنوير عباسي هٿان ان وقت جي سيڪريٽري عزيز منگي وصول ڪيو.
    2004ع ۾ مرڪز پاران سنڌ جي بهترين شاخ طور نامزدگي ٿي.
    05 آگسٽ 2005ع تي ڏوڪري تعلقي جي تعليمي بچاءَ جي سلسلي ۾ مختلف سياسي، سماجي ۽ ادبي تنظيمن جي گڏجاڻي ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ Save Education Forum (SEF) جو قيام عمل ۾ آندو ويو. جنهن جي اڳواڻي س ا س شاخ ڏوڪري ڪري رهي آهي.
    سنگت طرفان هر مهيني جي پهرئين آچر تي لطيف شناسي تي هڪ اڀياسي ميڙاڪو ٿيندو آهي، جنهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ شرڪت 20 هوندي آهي.


    سياسي، ادبي ۽ سماجي شخصيتون

    هِند ۽ سِنڌ جو سورمو: هيمون ڪالاڻي

    شيخ اياز لکيو آهي ته ”مان اڃان تائين اهو فيصلو نه ڪري سگهيو آهيان ته تاريخ شخصيتن کي ٺاهيندي آهي يا شخصيتون تاريخ کي ٺاهينديون آهن.“ بهرحال ٻنهي حالتن ۾ تاريخ کي پنهنجي سفر کي جاري رکڻ لاءِ شخصيتن جي قربانين جي ضرورت رهي ٿي. تاريخ جي ارتقا جو سفر جڏهن سست ٿيڻ لڳندو آهي ته تڏهن تاريخ کي رت جي ضرورت پوندي. تاريخ جو جياپو آهي رت ۽ شايد دنيا جي تاريخ کي ڳولي ڏسو توهان کي تاريخ جي وک وک تي شهيدن جي رت جا نشان نظر ايندا. سنڌ ۾ به راجا ڏاهر، دودي سومري، مخدوم بلاول، دولهه دريا خان،م هوشو شيدي، سورهيه بادشاهه کان هيمون ڪالاڻي تائين شهيدن جو مقدس رتُ، وک وک تي توهان کي نظر ايندو. سنڌ جي سمورن سورمن کي ڇڏي ڪري اسان صرف اڄ هيمون ڪالاڻيءَ جي شهادت جا پيرا کڻنداسين.

    پيدائش ۽ پرورش:
    سکر جي ڪالاڻي ڪٽنب ۾ پيسو مل جي گهر ۾ 23-مارچ 1923ع ۾ جنم وٺندڙ هيمو ڪالاڻيءَ جو اصل نالو ”راهي هيمن“ هو پر پيءُ ماءُ جي اڪيلي پٽ هئڻ سبب کيس پيار ۽ لاڏ ڪوڏ مان ”هيمون-هيمون“ چوندا هئا. هو تڪل ميونسپل اسڪول ۾ پڙهيو. ڪرشن منڊل جيمخانا ۾ ڪسرت ڪندو هو. تيز مينهن ۾ سنڌوندي اڪري پار ڪندو هو. لئنسڊائون پل تان سنڌوءَ ۾ ٽپا ڏيندو هو. سکر ۾ نم جي چاڙهي تي يڪساهي سائيڪل تي چڙهي ويندو هو. ڪٻڏي راند ۾ به سندس ڪو ثاني نه هو. ڦاسيءَ تي چڙهڻ وقت هيمون جي عمر 19 سال هئي. پاڻ مئٽرڪ پاس ڪئي هئائين.

    سياسي تربيت:
    هيمون جو چاچو منگهارام ڪالاڻي نوجوانن کي سياست، انقلاب ۽ آزاديءَ جي تربيت ڏيڻ لاءِ ”سوراج سينا“ نالي جماعت ٺاهي هئي جنهن ۾ 19-20 کان 25 سالن جي عمر جا نوجوان انهيءَ جماعت ۾ شامل هئا. انهيءَ جماعت جو هيمون ڪالاڻي به ميمبر ٿيو. جتي هن تعليم سان گڏوگڏ ترڻ، ڪثرت ڪرڻ کان علاوه پنهنجي هم عصرن ۾ سياسي سجاڳي آڻن لاءِ متحرڪ رهيو. ان ساڳئي عرصي ۾ سکر سينٽرل جيل جي سامهون کرڙي جي تاريخي ميدان تي قومپرستن ۽ ترقي پسندن جي ڪانفرنس ۾ محمد امين کوسي جي تقرير سندس ذهن تي اڻ مٽ اثر ڇڏيا. جڏهن ته سندس آدرشي اڳواڻ ڀڳت سنگهه جنهن جي تصوير سندس گهر ۾ لڳل هئي ۽ ان جا گيت ڳائيندو وتندو. هڪ ڏينهن ته هو پنهنجي ڳلي ۾ رسي وجهي رهيو هو ماڻهن جي سبب پڇڻ تي ٻڌايائين ته مان ڏسڻ گهران ٿو ته ڀڳت سنگهه ڪيئن ڦاسيءَ تي محسوس ڪيو هوندو. اهي سڀ عمل هيمون جي ذهني ۽ سياسي تربيت ڪرڻ ۾ ڪارائتا ثابت ٿيا. جڏهن اڃان اٺن سالن جو مس ٿيو هو ته پاڻ جيڏن جا ٽولا ٺاهي ٽرنگو جهنڊو کڻي سکر جي گهٽين ۾ ٻارن سان گڏ آزاديءَ جا نعرا هڻندو وتندو هو. سندس ماءُ به انگريزن خلاف سندس ذهن تي اثر ڇڏيا. آزاديءَ جي هلچل جيئن تيز ٿي ولائتي ڪپڙي جو بائيڪاٽ ڪيو ويو ته هيمون باندر سئنا سان گڏجي پراڻي سکر ۽ نئين سکر مان روزانو هزارين رپين جو ولائتي ڪپڙو گڏ ڪري ساڌ ٻيلي جي سامهون ساڙڻ ۾ بهرو وٺندو هو.

    ”حر گوريلا جنگ ۽ هندستان خالي ڪريو “
    تحريڪ جا هيمون تي اثر:

    آگسٽ 1942ع ۾ ڪانگريس هندستان خالي ڪريو تحريڪ (Quit India Movement) هلائي، جنهن گوري سرڪار جون پاڙون اکيڙي ڇڏيون. بيشمار فساد ٿيا. سرڪاري آفيسن ۽ عملدارن تي حملا ڪيا ويا. ٿاڻا ساڙيا ويا. گانڌيءَ جي نعري ”ڪرو يا مَرو“ (Do or Die) ٻرنديءَ تي تيل جو ڪم ڪيو. سڄي ڀارت ۾ وڏي انقلابي هلچل مچي ويئي ۽ ان ساڳئي عرصي ۾ سنڌ ۾ حر گوريلا جنگ جو آغاز ٿي چڪو هو. پير صبغت الله شاهه پاڳاري انگريزن کي ٽوٽا چٻرائي ڇڏيا هئا. سنڌ جي پهرين منظم گوريلا جنگ هئي. هنن ته انگريز سرڪار جو قانون به هٿ ۾ کنيو هو. ٽنڊي آدم (ضلع نوابشاهه) ڀرسان لاهور ميل کي حُر گوريلن ڪيرائي وڌو هو. اهوئي ڪارڻ هو جو برصغير تي انگريزن پهرين مارشل لا به ڪراچيءَ کي ڇڏي ڪري سنڌ ۾ لڳائي هئي. ان عرصي ۾ سنڌ اندر حر تحريڪ جا چاليهه هزار سنڌي شهيد ٿيا ۽ ست هزار سنڌي عورتن جي عصمت دري ٿي. انهن واقعن به هيمون تي انگريزن خلاف زبردست اثر ڇڏيا هئا.

    ٽرين کي ڪيرائڻ جي ڪوشش:
    هيمون ۽ ان جي ساٿين کي اطلاع مليا ته انگريز ملٽريءَ سان ڀريل هڪ ٽرين سکر مان لنگهي ڪوئيٽا بلوچن کي ڪچلڻ لاءِ اسلحو ۽ فوجي کڻي وڃي رهي آهي. ته هنن اهو فيصلو ڪيو ته ڪنهن به حالت ۾ ٽرين کي اتي پهچڻ نه ڏيندس. ان وقت سکر پراڻي جي شمشان گهاٽ ۾ هنن جي خفيه گڏجاڻي ٿي. جنهن ۾ ڪيترائي ساٿي شريڪ هئا.گهڻي بحث مباحثي کان پوءِ هيمون اٿي بيهي رهيو ته اهو ڪم مان ڪندس. آخرڪار پرچو وڌيارتي ۽ سندس سؤٽ عيشي وڌيارتي اهي ٽيئي ساٿي گڏجي مخدوم جماڻي پير جي سامهون ڪڙائي سيدن جي گهر وٽ، ريل جي پٽڙي اکيڙڻ لڳا. ٿاڻو ان جي ڀرسان هو. پرچو وڌيارتيءَ پري کان ماڻهو ايندو ڏسي ساٿين کي کسڪي وڃڻ لاءِ چيو پر هيمونءَ ٻُڌي اڻ ٻڌي ڪري ڇڏي، آخرڪار پڪڙجي پيو ۽ جڏهن ته سندس ٻه ساٿي ڀڄي ويا. اها 23-آڪٽوبر 1942ع جي چانڊوڪي رات هئي ۽ رات جا 12 مڪمل ٿي چڪا هئا. هيمون کي پڪڙائڻ پٺيان پنجابي پوليس وارو فيروز خان هو جنهن انگريزن سان نمڪ حلالي ڪندي سنڌ جي سورمي کي پڪڙايو.

    ڪيس، سزا ۽ جيل ۾ ارڏائپ:
    هيمونءَ کي گرفتار ڪرڻ کانپوءِ کيس طرح طرح جا عذاب ڏنائون. ايتريقدر جو سخت سرديءَ ۾ به هيمو تي برف جي ڪينن (ناديون) تي اگهاڙو 21 ڏينھن تائين سزا ڏيندا رهيا پر تنهن باوجود به ٻاهر ٻاڦ نه ڪڍيائين. آخرڪار سکر ڪورٽ مارشل لا ۾ هيمون کي عمر قيد جي سزا ڏني ويئي. سندس اهو فيصلو نظرثانيءَ لاءِ حيدرآباد جي مارشل لا ڪورٽ کي موڪليو ويو. جتي انگريز بي رحم رچرڊسن عمر قيد جي سزا کي سزاءِ موت ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. هن تي مقدمو هلائي پڇيائونس ته توکي ڪجهه چوڻو آهي، چيائين ته، ”مونکي افسوس آهي جو مان ٽرين ڪيرائي نه سگهيس.“ هن کي معافي وٺڻ لاءِ پڻ زور رکيو ويو پر چيائين ته،”معافي وٺن ڪنهن ديش ڀڳت جو وڙ نه آهي.“ جيل ۾ سندس ماءُ به معافيءَ لاءِ آئي هئي پر ان کي به سِڌو چيائين ته،”هڪ تون منهنجي ماءُ آهين ۽ ٻي ڌرتي ماءُ آهي. مون کي ٻنهي جون عزتون پياريون آهن ۽ هاڻي ڌرتيءَ جي عزت خاطر قربان ٿي رهيو آهيان. مون کي نه روڪ.“ هن جي ماءُ به ان عمل مان خوش ٿي ۽ کيس چيائين ته، ”مون کي توتي فخر رهندو ۽ جيڪڏهن تون شهيد به ٿي وئين ته مون کي ڪو ارمان نه رهندو.“
    آخر اهو 21- جنوري 1943ع وارو ڏينهن به آيو جڏهن پرهه ڦٽيءَ جو هيمون کي تختِ دار تي آندوويو. ڦاهي جي ويل، سوير اٿيو، ”گيتا“ پاٺ ڪري، ڦاهيءَ جي جاءِ تي جلاد کان رسي وٺي پاڻ پنهنجي هٿن سان ڳچيءَ ۾ وڌائين. ڦاسيءَ تي چڙهڻ وقت ”انقلاب زنده باد“ جا نعرا هڻي ڦاهيءَ کي سرخرو ڪري ويو.

    ڀارت ۾ هيمون کي مڃتا:
    1947ع ۾ ورهاڱي کانپوءِ هيمون ڪالاڻيءَ جا ماءُ، پيءُ، چيمپور ڪالوني بمبئي ۾ رهائش پذير ٿيا. اتي 1951ع ۾ شهيد هيمون ڪالاڻي يادگار منڊل قائم ڪيو ويو. ان منڊل پاران هر سال هيمون جي شهادت جو ڏهاڙو ملهائڻ لاءِ ڪوششون ورتيون ويون. اتي اکل ڀارت سنڌي پنچائت فيڊريشن بمبئي وارن جي محنت سان چيمپور ڪالوني ۾ هڪ هزار وال پلاٽ تي هيمون جو يادگار قائم ڪرايو ويو ۽ سندس امڙ ماتا ڄيٺي مائيءَ کي ”سنڌو ماتا“ جو لقب ڏنو ويو. سندس امڙ 1986ع ۾ 90- سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪري ويئي. جڏهن ته سندس جيئري سڀ کان وڏو اعزاز ڀارت جي وزيراعظم اندرا گانڌيءَ جي ڪوشش سان 1984ع ۾ هيمون ڪالاڻيءَ جي نالي سان يادگار ٽڪلي جاري ڪرائي. اڄ به سڄي ڀارت م سنڌي رهن ٿا، هيمون ڪالاڻيءَ کي پنهنجو سورمو سمجهن ٿا ۽ انهيءَ جا ڏهاڙا پڻ ملهائين ٿا.

    سنڌ ۾ هيمون ڪالاڻيءَ کي سڀ سنڌي مسلمان خواه هندو پنهنجو سورمو تسليم ڪن ٿا ۽ ان جا ڏهاڙا ملهائڻ پنهنجو فرض سمجهن ٿا. ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته هيمون هند ۽ سنڌ جو سورمو آهي ۽ رهندو. عبدالحڪيم ارشد جي هن خوبصورت سٽن کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي هيمون کي ڀيٽا ڏئي سگهجي ٿي ته:

    اڄ ڀي تنهنجي ياد اچي ويئي،
    اڄ ڀي منهنجا لڙڪ لڙي پيا.
    اڄ ڀي تنهنجون ڳالهيون ساريم،
    اڄ ڀي ساڳي جنگ لڳل آ،
    اڄ ڀي ساڳي باهه ٻري پيئي.
    اڄ ڀي سنڌڙي سڏڪي پيئي،
    اڄ ڀي ڦاهي ماندي آهي.
    اڄ ڀي ڌرتي ماتا جي دانهن،
    مون کي جهنجهوڙي جاڳايو،
    هيمون منهنجا دوست!
    مان تنهنجي روح کي سامهون آڻي،
    سنڌڙي سان ٿو قول ڪريان،
    جيجل جيسين جيئر رهندس،
    تيسين تو لئه لکندو رهندس!


    ويهين صديءَ جو باغي شاعر: شيخ اياز

    شروعاتي دؤر ۾ انسان ٻوليءَ کي رابطي جو ذريعو بڻايو، ڇاڪاڻ ته ٻوليءَ وسيلي اسان پنھنجي خيالن، خوابن، جذبن، احساسن ۽ ضرورتن کي تڪڙو اظھاري سگهون ٿا. هونءَ ته موسيقي، مصوري، ڊانس، فنون لطيف سان لاڳاپيل سمورا موضوع به اظھار جو ذريعو آهن پر ان اظھار سان گهڻي دير ۽ مشڪلات پيش اچي ٿي. جنھن سبب انسان ٻوليءَ کي وڌيڪ ترجيح پئي ڏني آهي. ٻوليءَ جون پاڙون به سماج ۾ ئي هونديون آهن. سماج کان سواءِ ٻوليءَ جو وجود به باقي نه ٿو رهي. ٻوليءَ جي تبديلي سماجي ۽ معاشي تبديليءَ سان مشروط هوندي آهي. سماجي ۽ معاشي تبديليءَ سان نه صرف ٻولي پنھنجي جوهر ۾ ان تبديلي کي کڻندي آهي پر ان تبديليءَ لاءِ اهم ڪردار ادا پڻ ڪندي آهي. ٻولي جڏهن ادب جو رخ اختيار ڪري ٿي ته ان جي وسعت اڃان به وڌيڪ گھري ۽ اهم ٿئي ٿي. ڇاڪاڻ ته ادب نه صرف سماج جو مطالعو ڪري ٿو پر سماج کي هئڻ ڪيئن گهرجي، ان جو تخيل به پيش ڪري ٿو. ان ڪري ئي ادب جو سماج جي سموري تاريخي سفر ۾ اهم حصو ڳڻي سگهجي ٿو. ادب کان سواءِ ڪڏهن به سماج توڙي قوم جي تڪميل جو سوال اڻپورو ڀاسجي ٿو. جيتوڻيڪ سماج توڙي قوم کي پايئه تڪميل تي سياست وٺي وڃي ٿي پر ان جا دڳ، پيچرا ۽ مقصد توڙي منزل ادب متعين ڪري ٿو. ان ڪري سماج جي تبديليءَ ۾ ادب جو سھارو وٺي جن تاريخ جي وڏن ماڻهن ڪردار ادا ڪيو آهي انھن ۾ ويهين صديءَ جا سنڌ ۾ ٻه وڏا نالا، جي ايم سيد ۽ شيخ اياز جي صورت ۾ سامھون اچن ٿا. ويهين صدي سنڌي ادب جي ڏس ۾ اهم صدي ليکي ويندي آهي ڇاڪاڻ ته هن صديءَ ۾ سنڌي ادب عروج جي بلندين کي وڃي ڇهيو آهي. جي ايم سيد سنڌي نثر ۾ اهم ۽ وڏو نالو آهي جنھن وقت جي ضرورت کي محسوس ڪندي سنڌ ۽ سنڌي قوم کي دستاويزي شڪل ۾ شناخت ڏني. هن جي قلم جا موضوع صرف ۽ صرف قوم جي خوشحالي ۽ مستقبل جي اڏاوت رهيا آهن. اياز به ويهين صديءَ ۾ جيڪا سنڌي ادب کي وسعت بخشي آهي اها لطيف کان پوءِ ٻئي ڪنھن دؤر ۾ ڏسڻ ۾ ڪانه ٿي پئي اچي. اياز ۽ جي ايم سيد ان ڪري وڏا ليکڪ نه آهن ته انھن گهڻا ڪتاب لکيا آهن پر ان ڪري به وڏا ليکڪ آهن ڇاڪاڻ ته انھن مروج ريتن، رسمن خلاف بغاوت ڪري سنڌي ادب ۽ سنڌي سماج ۾ جدت پسنديءَ جا نوان لاڙا متعارف ڪرايا آهن. اڄ اسين هتي صرف شيخ اياز جي شاعري ۾ جيڪي بغاوت جا اولڙا نظر اچن ٿا، انھن تي روشني وجهڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا. جنھن مان ثابت ٿئي ٿو ته اياز جديد سنڌ جو باغي شاعر آهي.

    سماج سان بغاوت:
    سماج انساني ضرورتن جي پورائيءَ لاءِ جنم ورتو آهي. شروعاتي دؤر ۾ انسان پنھنجي طريقي ۽ پنھنجي مفادن لاءِ جيئندوهو. اڳتي هلي انسان جون ضرورتون وڌيون فطرت ۽ وحشي جانورن جي خوف سبب اڪيلي سر انھن کي منھن ڏيڻ انتھائي مشڪل ٿي پيو ته ان ضرورت ۾ انسان هڪٻئي جي ويجهو اچڻ شروع ٿي ويا. ائين سماج ٺهيا ۽ سماج جون ريتون رسمون توڙي قانون ٺاهيا. اهي سڀ قانون ۽ ضابطا انسان کي ضابطي ۾ رکڻ لاءِ ٺاهيا ويا هئا پر اڳتي هلي اهي انساني آزادي ۽ جياپي لاءِ زنجير بڻجي ويا. جيئن روسو چيو آهي ته ”انسان آزاد ڄائو آهي پر هو هر هنڌ سنگهرن ۾ ٻڌل آهي.“ ان حالت ۾ انسان پنھنجي حالتن جي تبديليءَ لاءِ بغاوتون به ڪيون آهن. خصوصاً هر جينيئس سماج سان بغاوت جو علم پهريائين کوڙينيدو آهي. اهو ئي سبب آهي جو هر جينيئس پنھنجي دؤر جي متنازعه شخصيت بڻجي ويندو آهي. ڇاڪاڻ ته جيئن عام ماڻهو سوچيندو آهي ائين سماج اندر جينيئس ماڻهو ناهي سوچيندو. جينيئس ماڻهو زمان يا مڪان جون بندشون ٽوڙيندو آهي سڄي تاريخ اهڙن مثالن سان ڀري پئي آهي.
    ”اياز به جينيئس هو. يقيناً سماج سان بغاوت کان پاڻ کي ڪنھن به طرح بچائي نه سگهيو. سندس ادبي، سياسي توڙي شخصي زندگيءَ مان سماج سان بغاوت جا عڪس چٽي طرح سان ڏسڻ ۾ اچن ٿا. جيئن چوي ٿو:
    باغي آهيان، باغي آهيان تنھنجو آءٌ سماج،
    توسان وڙهندو رهندو منھنجو هرهڪ رت ڦڙو.
    اياز جي هي بغاوت سماج کي ڌوڏي ڇڏي ٿي، سماج ۾ هونئن به جيئڻ جا ٻه رستا آهن يا ته سماج سان Compromise ڪري ڇڏجي يا بغاوت ڪجي، اياز پوئين رستي کي اوليت ۾ رکيو. هن جي سموري تخليقي سفر جو مواد ”سماج“ مان ڦٽي نڪري ٿو. پر ”لوڪ وهي لهنوارو ۽ تون اڀو وهه اوڀار.“ واري فلسفي کي رهنما بنائي اياز عمر ڀر سماج سان وڙهندو رهيو ۽ يقيناً اياز هن ويڙهه ۾ کٽيو. جيڪڏهن اياز سماج سان Compromise ڪري ها ته اياز صدين جو پڙاڏو بنجي نه سگهي ها پنھنجي فتح کي محسوس ڪندي اياز چوي ٿو:
    نانءُ ڇڏيوسين،
    ڌرتيءَ تي ٿر ٿانءُ ڇڏيوسين
    پنھنجي من جي پـيڇي ڪارڻ
    ڌن جو پيڇو ڪونه ڪيوسين
    نيڻ ڀڄي پيا ويڻ ٻڌاسين.
    ڪجهه به ورائي ڪونه چيوسين.
    ڪيئي ورهيه وهه پيتي آهي
    ماڻهن ليکي هارائي آ،
    سچ ته بازي جيتي آهي
    اي دل - هاڻي بس ڪر.

    استحصالي قوتن خلاف بغاوت:
    انسان مٽيءَ مان ٺهيو آهي. مٽيءَ سان محبت فطري آهي، جنھن مٽيءَ جي سڳنڌ کي نه سڃاتو اهو وقت جو وڏو منڪر تصور ڪيو وڃي ٿو. جيڪو ماڻهو مٽيءَ سان محبت خاطر پھنجي زندگيءَ کي قربان ڪرڻ لاءِ آتو رهي ٿو. اهو ئي انسان مٽيءَ جو حق ادا ڪري ٿو. مِٽيءَ جي سڳنڌ لٽيندڙ قوتن خلاف انھن ماڻھن جي رت ۾ بغاوت جا عنصر هميشه گردش ۾ رهن ٿا. خصوصاً اديب اهڙن استحصالي قوتن خلاف آواز بلند ڪن ٿا ڇاڪاڻ ته شاعر اديب مٽيءَ جي عظمت جا رکوالا ٿين ٿا. اياز جي شاعريءَ ۾ اهڙن استحصالي ڌرين خلاف بغاوت جي چڻنگ دکندي نظر اچي ٿي، جيئن اياز چوي ٿو:
    اڄ هر ڪنھن جو هي رايو آ، تو نيهن اياز نڀايو آ،
    تو ڳاتا گيت بغاوت جا، تو لاٿا زنگ ضميرن جا.
    جنھن دؤر ۾ ڌرتي جي مان ۽ عظمت جي ڳالهه ڪرڻ ڪاريهر تي پير رکڻ برابر هئي. اياز ان دؤر ۾ پنھنجي شاعريءَ کي زرهه بڻائي وڙهيو. هن پنھنجي ڏات وسيلي تلوارن سان ويڙهه ڪئي. انقلاب ۽ آزاديءَ جو نانءُ وٺڻ سان ماڻهو ڇرڪندا هئا. پر ”اياز“ پنھنجي شاعري کي ايڏو ته رومانٽڪ انداز ۾ پيش ڪيو جو ڳاڙها ڳڀرو پنھنجي سرن تان سانگو لاهي سندرو ٻڌي ميدان عمل ۾ لهڻ لاءِ تيار ٿيو وڃن جيئن چوي ٿو:
    ڪو ڪيئن نه ڊوڙي مقتل ڏي،
    آ رَتُ ۾ خوشبو مينديءَ جي،
    ڪم ڪيئن نه موٽي زندان ڏي،
    ٿا زلف ڇڪن زنجيرن جا.
    اها اياز جي ڪماليت هئي جو هو نه صرف انھن استحصالي قوتن خلاف پاڻ بغاوت ڪئي پر پنھجي قوم کي پڻ ان بغاوت ۾ ساڻ کڻي وڙهيو.
    هن ڪائنات کي هلائڻ پٺيان پورهيت جا هٿ آهن. پورهيت انساني زندگيءَ جي ضرورتن کي پوري ڪرڻ لاءِ هر وقت ڪوشان رهي ٿو. سماج ۾ جڏهن ذاتي ملڪيت جو تصور اڀريو ان ڏينھن کان طبقاتي سماج جا بنياد پيا. بنيادي طور تي ذاتي ملڪيت سبب ئي انسانن جي وچ ۾ ويڇا وڌيا. انھن ويڇن کي ختم ڪرڻ ۾ طبقاتي نظام خلاف جن جدوجھد پئي ڪئي آهي. اياز انھن سان پنھنجو رشتو جوڙيو آهي. لينن چواڻ ته، ”صحيح انقلابيت مان مراد حقيقي حالتن ۾ صحيح پاليسي جي چونڊ ڪري سگهڻ آهي.“ اياز انھن حالتن کي سمجهي پروڙي ۽ درست پاليسيءَ تي عمل ڪندي پورهيت کي سجاڳيءَ جو پيغام ڏيندي چوي ٿو ته:
    ڳاءِ انقلاب ڳاءِ
    جيئن زمين آسمان
    جي کلي پئي زبان
    زندگي اٿي چئي
    انقلاب - انقلاب، ڳاءِ انقلاب ڳاءِ.
    ڌوڏ هن سماج کي
    لوڏ سامراج کي
    ٺاهه ڪو نئون نظام
    جو چڱو چوي عوام
    هي نظام آ خراب
    انقلاب - انقلاب، ڳاءِ انقلاب ڳاءِ.
    اياز هر استحصالي قوت خلاف هو. استحصال ڪھڙي به شڪل ۾ ڇونه هجي اياز ان خلاف بغاوت ڪرڻ لاءِ پورهيت کي سنيهو ڏنو آهي. موٽڻ کي مهڻو سمجهي ٿو هونئن به جيڪي انسان وڙهندي ماريا وڃن ٿا ۽ ترقيءَ تان واريا وڃن ٿا. اهي ئي انسان تاريخ کي پنھنجي سفر تي روان رکڻ ۾ محرڪ ڪردار طور تي اڀري اچن ٿا. هڪ انقلابيءَ کي ميدان جنگ ۾ وڙهندو ڏسي اياز چوي ٿو.
    واجهه نه وجهه تون وَڍ ڏي، رت وهي ته به رڙهه،
    پوئين وير به وڙهه، ويريءَ ساڻ وجود جي.

    رجعت پسندن خلاف بغاوت
    تاريخ ۾ مذهبن انساني بھتريءَ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. انساني ذهن ۾ جڏهن ڪائنات کي سمجهڻ لاءِ خيال پيدا ٿيو، ان وقت ڌنڌلا تصور خوف ۽ عقيدت جي شڪل وٺڻ لڳا ۽ اڳتي هلي عقيدت ۽ خوف مذهب جي شڪل اختيار ڪئي ۽ سماج ۾ سمجهه ۾ نه ايندڙ مسئلن کي مذهب جي ڇٽي هيٺ آڻي انسان کي سڪون ۽ آٿت فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. پوءِ اڳتي هلي مذهب کي سماج جي استحصالي قوتن پنھنجو مورچو بڻائي سماجي ارتقا کي بند ٻڌڻ جي ڪوشش ڪئي نتيجي طور تي سماج ۾ بغاوت اڻٽر ٿي پئي. هر دؤر ۾ سماج جي اندر ڏاهن ماڻهن مذهبي رجعت پسنديءَ خلاف بغاوت جو منصوري آواز بلند ڪيو. ڇاڪاڻ ته سماج جي ارتقا عقيدت، ذاتي پسند يا ناپسند جي بنياد تي نه پر سائنسي انداز ۾ ٿيندي آهي.ا ن ڪري سماج کي ارتقائي مرحلي مان گذارڻ هر ڏاهي جينيئس ماڻهو جي فطرت ۾ شامل ٿئي ٿي.
    اياز به انھن ماڻهن جو تسلسل هو، جنھن مذهبي رجعت پسنديءَ خلاف بغاوت جو ڪلمو پڙهيو. اهو بغاوت جو سڏ ايڏو ته ڀرپور انداز ۾ پيش ڪيو آهي جو هر ماڻهو جي ترجماني محسوس ٿئي ٿي، جيئن چوي ٿو:
    ها کڻو ساري خدا پئي اٿو،
    مون کنيو آهي فقط چنگ و رباب،
    سئو پيغمبر راتـڙي جي خاموشي،
    صحيفا آ مون لئه ماهتاب.
    ڪيڏو شاعراڻو تخيل ملي ٿو ته سؤ صحيفا هن لاءِ مھتاب آهي. صحيفا مقدس ڪتاب فطرتي منظر کان وڌيڪ نه آهن. ڪيڏي نه اياز پنھنجي مهارت کان ڪم وٺندي انھن شين کي رد ڏنو آهي. علي الاعلان انهن کي چوي ٿو ته، ساري خدائي کڻو مون کي اها خدائي نه ٿي کپي فقط چنگ ۽ رباب کپي. جنھن سان ويهي چند پل انسان کي سڪون ملي ٿو ۽ سڪون ئي ساري خدائيءَ کان وڌيڪ معنى خيز بڻجي وڃي ٿو.
    شراب کي مذهب حرام قرار ڏنو آهي، پر اياز شراب کي پنھنجي مذهب ۾ شامل ڪري بغاوت ڪئي آهي. سگمنڊ فرائيڊ چواڻي ته ”شاعر ۽ ڪلاڪار توڙي چريي ۾ ڪوئي خاص فرق ڪونهي پر انھن ۾ بنيادي فرق هيءُ آهي ته چريو تخيل/خيال کي ڪل سمجهندو آهي پر شاعر يا ڪلاڪار ان تخيل/خيال کي حقيقت سان ڳنڍڻ جي ڪوشش ڪندو آهي.“ جڏهن شراب پيئڻ سان ماڻهو تخيل ۽ حقيقت جي وچ ۾ سفر ڪندو آهي، اياز ان جو سهارو وٺي هڪ ته مذهبي پابنديءَ کان بغاوت ڪري ٿو ٻئي طرفان کي فني انداز ۾ ايڏو خوبصورت ڪري سامھون آڻي ٿو جو ائين محسوس ٿئي ٿو ڄڻ ته ساري ڪائنات شراب جو پيالو هجي ۽ انسان جو تخيل ان ۾ مدهوش ٿي اياز جي شاعريءَ جو روپ وٺي اچي ٿو.
    پياليءَ ۾ چانڊوڪي آهي،
    ان ۾ ڪوئي فڪر به ناهي،
    نڪي انهيءَ ۾ آ اسلام،
    پيءُ انهيءَ مان جڳ جڳ جيءُ،
    ڀري ڀري او پياسا پيءُ.
    اڃان به ڪِرڀ واري انداز ۾ مذهبي پوشاڪ پائي انساني ترقي جي مخالف قوتن خلاف ۽ جھالت جي تبليغ ڪندڙ ملن کي چوي ٿو:
    هيءَ ڳاڙهي ڏاڙهي ملان جي،
    هيءَ ڪاري چوٽي پانڊي جي،
    مون لاءِ ٻنهي ۾ ڦير نه آ،
    ٻئي آگ اجهاڻل ٽانڊي جي.
    اياز جي شاعري وک وک تي بغاوت جي خوشبو لڳائي عوام سان مخاطب ٿئي ٿي:
    ڪنھن نئين ڪفر جي ڀني خوشبو،
    شعر منھنجو لڳائي آيو آهه.
    اياز جي سموري شاعريءَ جو سفر، بغاوت جو سفر آهي. اڄ ضرورت آهي ته اياز جي بغاوت کي سمجهون ۽ ان سڏ جو پڙاڏو بڻجي پئون ته هوند نئون سماج اڏڻ ايڏو مشڪل به ڪونهي.


    قومي تحريڪ جو ديو مالائي ڪردار : عرفان مهدي

    سياست ڏاڍي بي رحم ٿئي ٿي، جنھن جي سيني ۾ ڪا دل ناهي ٿيندي. احساس، جذبا ڇا ٿيندا آهن، سياست انھن کان بي خبر ٿيندي آهي. ڇاڪاڻ ته سياست ته صرف معروضي ۽ معاشي حالتون ڏسندي آهي. ان جي سيني ۾ دل به ڀلا ڇو هجي؟! دنيا ۾ تبديلي جو محرڪ صرف سياست آهي، دنيا ۾ ڏکئي کان ڏکيو موضوع به سياست. الائي ڇو سنڌ ۾ شيخ اياز ۽ عبدالواحد آريسر کي ته سياست ۾ رومانس نظر ايندو آهي. اياز کي ته مقتل ڏي ڊوڙندڙ نوجوانن کي رت ۾ مھنديءَ جي خوشبوءِ نظر اچي ٿي. زندان ڏي موٽڻ به محبوب جي زلفن سان ڀيٽا ڏيڻ ۽ ٿر جي وارياسي مٽيءَ ۾ جنم وٺندڙ نازڪ ۽ نفيس عبدالواحد آريسر ته آزاديءَ کي ڳاڙهي ڪنوار سڏڻ ۽ ان لاءِ رت ۾ ڳاڙهي ٿي وڃڻ جي نوجوانن کي صلاح ڏيندي خبر ناهي ته سياست ۾ به رومانٽڪ انداز ڪيئن ٿو نظر اچي؟ الائي ڇو سياست جو لفظ ٻڌندي منھنجوته هانءُ ئي ڏڪي ويندو آهي ته هي ڪھڙو مقتل گاهه آهي جتي وڃڻ کانپوءِ به ماڻهو سرخرو ٿي ٿو وڃي. اذيتون به اذيتون نه ٿيون لڳن. محبوب جي زلفن ۾ راتيون گهارڻ بجاءِ جيلن جون راتيون به محبوب جي ادائن جھڙيون لڳن ٿيون.
    يه ڪس ني هم سي لهو ڪا خراج ڦر مانگا،
    اڀي تو سوئي ٿي مقتل ڪو سرخرو ڪرڪي.
    انھيءَ سياست جي رومانس ۾ محبوب جي ٻانھن کي الوداع چئي ايندڙ اهي نوجوان جن ڪڏهن گهر ۾ دڙڪو به نه کاڌو، اهي ايتريون سختيون برداشت ڪندي به سرها ڏٺاسين ۽ ڪيترائي نوجوان پنھنجي جوانيءَ جا ڦوهه ڏهاڙا سياست کي ڏيڻ باوجود به پنھنجي ذاتي زندگيءَ ۾ اڪيلا رهجي ويا. سياست جي بي رحمين جي ڪري ڪٿان جا به نه رهيا. آڪاش انصاريءَ جي هنن سٽن جيان،
    ڦاهيءَ جا ڦندا چمڻ کان به وياسين،
    دنيا جا ڌنڌا ڪرڻ کان به وياسين،
    نه تون ئي ملين نه ڪنھن جا ٿياسين،
    هِتان کان به وياسين، هُتان کان به وياسين،
    مرڻ جي مزي کان به محروم ٿياسين،
    ۽ جيئندا رهياسين اڌورا اڌورا،
    اسين بس رهياسين اڌورا اڌورا.
    اهڙين بي رحمين جو شڪار ٿيندڙ سنڌ جو ڳڀرو عرفان مھدي به آهي. هالن ۾ 31 جولاءِ 1966ع ۾ جنم وٺندڙ عرفان جنھن تيزيءَ سان زندگيءَ ۾ ٻرانگهون پاتيون سو مان ڏسي سچ پڇو ته حيران رهجي ويو آهيان ته ڪو وقت جي وهڪري کي ايڏو به پوئتي ڇڏي سگهي ٿو ڇا؟ هالا جيڪي سنڌ جي اجرڪ ۽ جنڊيءَ جي ڪمن جي لحاظ کان الڳ سڃاڻپ رکي ٿو پر ان لاءِ هي به مشھور آهي ته هالن جا ماڻهو ڏاڍا ڏکيا ٿين ٿا. هالن جي اشتقاق مان معلوم ٿئي ٿو ته ان شھر جو باقي مزاج ڪيئن هوندو. (هالا: ها معنى ها ۽ لا معنى نه) مطلب ته ها به ۽ نه به، ان مزاج رکندڙ شھر ۾ سنڌ جو ڳڀرو جنھن لاءِ شايد شيخ اياز چيو هو ته:
    ڳاڙها ڳڀرو سنڌ جا، تون ئي منھنجو خواب،
    تون ئي آن جواب، صدين جي سوال جو.
    عرفان واقعي به صدين جي سوال جو جواب بڻجي آيو هو. جنھن جي رڳ رڳ ۾ سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن سان پيار ڀريل هو. جنھن ننڍپڻ ۾ ئي سياست ۾ وک پاتي هئي. جنھن جي فطرت ۾ هڪ شاعر، هڪ اديب، هڪ ڪھاڻيڪار، هڪ بھترين مقرر، هڪ بھترين دوست، هڪ بھترين ڀاءُ، هڪ بھترين پيءُ، هڪ بھترين سياستدان هئڻ جون خوبيون هيون. جنھن جي ذاتي لائبريري ۾ ڏهه هزار کان وڌيڪ ڪتاب هجڻ. اهو ڪردار ديو مالائي ٿي سگهي ٿو. ڇاڪاڻ ته 25 سال عمر ۾ ماڻهو اڃان هوش سنڀالي ئي نٿو ۽ عرفان ان عمر ۾ سڄي سنڌ جي سياسي، علمي ۽ ادبي حلقن ۾ ٿرٿلو مچائي ٿو ڇڏي ۽ اڄ جڏهن ڪو چوي ٿو ته عرفان خودڪشي ڪري ڇڏي آهي ته دل ڪيئن مڃي ته سڄي سنڌ کي زندگي سان جھد ڪرڻ لاءِ پتوڙيندڙ، موت جي آغوش ۾ سڪون محسوس ڪيئن ڪري ٿو؟
    خودڪشي لفظ بظاهر ته زندگي جي چرپر رڪجڻ جو نالو آهي. جڏهن اسان مان قوت مدافعت جي گهٽائي ٿي ته خودڪشي لازم امر ٿيو پوي. پر مان سمجهان ٿو ته زندگي جو ڏيئو اجهائڻ رڳو خودڪشي نه آهي. خودڪشي ته اها به آهي جڏهن انسان ۾ بي حساب صلاحتيون هجن ۽ اهي ضايع ڪري ڇڏجن، خوڪشي ته اها به آهي جڏهن انسان پنھنجي علم جو استعمال قوم جي ترقي، خوشحالي بجاءِ پنھنجي ذاتي مفاد ۽ چند سڪن لاءِ استعمال ڪري، خودڪشي ته اها به آهي جڏهن هزارن جي تعداد ۾ ماڻهو توهان تي اعتماد ڪري توهان جي پٺيان لڳن ۽ توهان تاريخ جو بار پنھنجي ڪمزور ڪلھن تي کڻ نه سگهو، خودڪشي ته اها به آهي جڏهن ماڻهو توهان تي اعتبار ڪرڻ ڇڏي ڏيو. خودڪشي ته اها به آهي جڏهن توهان نشي ۾ پناهه وٺڻ شروع ڪيو ٿا ۽ دنيا کان ڪنارا ڪش ٿي وڃو ٿا. سنڌ ۾ توهان کي سنڌ جو ٽيلنٽ خودڪشي ڪندي نظر ايندو ۽ جي نه ته سنڌ جي ٽيلنٽ کي خودڪشيءَ جي وهڪري ۾ لوڙهڻ لاءِ ماحول تيار ڪيو ويندو آهي.
    عرفان مھدي به سنڌ جو ٽيلنٽ هو جنھن کي برداشت نه ڪيو ويو ۽ ان ٽيلنٽ کي دٻائڻ لاءِ عرفان تي ايجنسين جي هجڻ جا الزام هڻي عرفان جي ٽيلنٽ کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، جنھن جو نتيجو توهان ۽ اسان 3-آگسٽ 1991ع تي سنڌوءَ جي لھرن ۾ عرفان جي وجود کي لڙهندي يا ٻڏندي ڏٺو. عرفان جي لاش وصول ڪرڻ کانپوءِ ته اڃان گهڻا سوال هئا جيڪي جواب لھڻن پيا، جن جا جواب اڃان تائين ڪوبه نه ڏئي سگهيو آهي، جڏهن ٻن ڏينھن کان پوءِ عرفان جو هڏائون پڃرو مليو ته ان جي جسم تي ڪابه ڪپڙي جي ڪا ليڙ چنبڙيل نه هئي. ڪنڌ کان مٿي وارو حصو به غائب هو. اهو سڀ ڪجهه ڪنھن ۽ ڪيئن ڪيو؟ ان ماجرا کي به ڪو سلجهائي نه سگهيو آهي!
    اڄ مان اعتراف ٿو ڪريان ته سنڌ جي قومي تحريڪ اها بدنصيب قومي تحريڪ آهي جنھن سنڌ جي ٽيلنٽ کي سنڌ جي آزادي لاءِ درست نموني استعمال نه ڪري سگهي آهي. جنھن ۾ جيڪا صلاحيت آهي ان کان اهو ڪردار قومي تحريڪ ادا نه ڪرائي سگهي آهي ۽ شايد قومي تحريڪ ۾ اها صلاحيت به نه آهي جو صلاحيت آهر ڪم جي ورهاست ڪري قومي تحريڪ کي پاڻ ڀرو ڪري سگهجي. عرفان مھديءَ جھڙا سنڌ جا هزارين نوجوان يا زندگي کي داءَ تي لڳائين ٿا يا پنھنجي صلاحيتن جو ذيان ڪن ٿا.
    عرفان مھدي 31 جولاءِ تي ڄائو هو ۽ 03 آگسٽ تي لھرن حوالي ٿيو. مونکي اردو شعر جي ان معنى مفھوم تي پورو لھندڙ ڪردار نظر آيو جنھن ۾ هن چيو آهي ته:
    عمر دراز مانگ ڪر آئي ٿي چار دن،
    دور آرزو مين ڪٽ گئي، دو انتظار مين.
    هن به شايد ٻه ڏينھن آرزو ۾ گذاريا ۽ ٽئين ڏينھن آرزو ۾ گذارڻ کانپوءِ زنگيءَ جو وڌيڪ انتظار نه ڪري سگهيو. پر ان کان به وڌيڪ عرفان مون کي لطيف جي هن سٽن جي تشريح لڳندو آهي.
    جا ڀون پيرين مون، سا ڀون مٿي سڄڻين،
    ڌڱ لٽبا ڌوڙ ۾، اڀي ڏٺاسون،
    ڏينھن مڙيو ئي ڏون، اٿي لوچ لطيف چئي.
    زندگي شايد لطيف چواڻي صرف ٻه ڏينھن آهي. انھيءَ ۾ سوچڻ لاءِ وقت نه آهي، اهوبه لوچڻ لاءِ لطيف درس ڏئي ٿو ۽ عرفان 31 جولاءِ ۾ جنم وٺڻ کانپوءِ ٻئي ڏينھن بس ڪري نه ويٺو هالن کان ان سفر شروع ڪيو، سن طرف ۽ سن کان ڀٽائي، ۽ ڀٽائي کان ڪينجهر، ڪارونجهر، مڪلي، موهن جو دڙو، رني ڪوٽ، سنڌ جي هزارين سورمن جا دڳ پيچرا ڏسي سمجهي ۽ وري به آخري سن جي سيد جي استاد علامه آءِ آءِ قاضي جي دڳ پيچري تي اچي سنڌوءَ جي لھرن ۾ پاڻ ڇڏيائين. اڄ سنڌوءَ جا نيڻ آلا آهن، سنڌ کان وڇڙيو سنڌي ماڻهن کان ڪٿي وسري سگهندو عرفان. جنھن جي چھري جي مرڪ، ذهن ۾پلجندڙ سنڌ لاءِ پيار، ڪير ڪيڏو به تاريخ جو منڪر هجي سچ کان ڪيئن منهن موڙي سگهندو. عرفان قومي تحريڪ جو اهو سچ آهي جنھن کان منھن موڙي نه ٿو سگهجي. آريسر صاحب چواڻي ته، ”وڇڙڻ فطرت آهي ۽ وسارڻ ڪميڻائپ آهي ۽ اسان شايد ان منزل تي اڃان نه پھتا آهيون. اياز چواڻي ته:
    تون مان دور نه آهيون پيارا!
    توکي مونکي روز ملائي،
    سنڌوءَ جو سپنو.
    منھنجي جوت کڻي جل ڌارا،
    تو تائين پيئي ٽمڪائي،
    سنڌوءَ جو سپنو.
    ڪاري رات ڏئي لامارا،
    چندر مان جھڙو ڳڙڪائي،
    سنڌوءَ جو سپنو.
    پر هي تنھنجا منھنجا تارا،
    جن ۾ ويٺو جوت جلائي،
    سنڌوءَ جو سپنو.
    سنڌوءَ جو سپنو.


    سنڌ جو مزاحمتي شاعر: زخمي چانڊيو

    پهرين مئي مزدرون جي عالمي ڏهاڙي طور ملهائي سڄي دنيا جي مزدور ۽ پورهيت طبقي ۾ انقلاب جو روح ڦوڪيو ويندو آهي. هونئن به ڏسجي ته سڄي دنيا کي هلائڻ جي پٺيان مزدور جا هٿ ئي ٿين ٿا. مزدور ئي اصل ۾ ڪائنات جو خلقيندڙ به آهي ته اڏيندڙ به آهي. جنهن جا جيڪڏهن هٿ بيهي وڃن ته هوند ڪائنات جو سمورو چرخو بند ٿي وڃي. دنيا ۾ ڪي ڪي اتفاق اهڙا به ٿيندا آهن جيڪي پنهنجي جوهر ۾ وڏي معنى رکندا آهن. اهڙو ئي اتفاق پهرين مئي رت سان ريٽيل ڳاڙهي جهنڊي جي عظمت جي ڏهاڙي تي سنڌ جي ننڍڙي شهر ڊکڻ ۾ 1961ع ۾ سنڌ جي حلالي پُٽ ڄام جي نالي سان مولا بخش چانڊيو جي گهر ۾ جنم وٺندڙ ڪالهه جو ڄام ٿوري عرصي ۾ زخمي بڻجي سڄي سنڌ ۾ مزاحمت جي علامت بڻجي اڀري اچي ٿو. تعليمي ڏس ۾ پرائمري اسڪول ڌامراهه کان سفر شروع ڪري، ايم.اي شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور مان پاس ڪري تعليمي کيتر ۾ استاد جي حيثيت ۾ خدمتون سرانجام ڏيندي گذاريا. رت ۾ ريٽو جهنڊو جڏهن زخمي پنهنجي ڪلهن تي کنيو ته وري شهادت تائين هيٺ نه لاٿو.
    زخمي جيتوڻيڪ اسان وٽ موجود نه آهي پر سندس زندگيءَ جو گهڻ طرفو پورهيو اسان جي سامهون آهي. هو هڪ استاد به هو، شاعر، اديب به هو، سنڌ ۽ سيد جو عاشق به هو. هن زندگيءَ جي هر موڙ تي پنهنجي هر پل کي پنهنجي قوم ۽ ڌرتي واسين جي خدمت ۾ گذارڻ کي پنهنجو مشغلو بڻائي ڇڏيو. هن جي شاعريءَ ۾ سنڌ ۽ سيد سان محبت لفظ لفظ ۾ جهلڪندي نظر ايندي هئي. رسول حمزاتوف چواڻي ته ”شاعر ۽ اديب آتش جا رکوالا ٿيندا آهن، جنهن قوم ۾ آتش اجهامي وڃي ته پڪ سمجهو ته اتان جا اديب ۽ شاعر مري ويا آهن.“ اڄ سڄي سنڌ جاڳي پئي، ان جي آتش اجهامي ناهي، ان مان ثابت ٿئي ٿو ته هتي آتش جا رکوالا اڄ به زنده آهن. زخمي چانڊيو انهن آتش جي رکوالن ۾ صفِ اول طور تي سامهون اچي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو سنڌ جو اهو ايڪويهين صديءَ جو پهريون باغي شاعر زخمي آهي. جنهن تي مزاحمتي شاعري پڙهڻ جي عيوض پهرين جنوري 2000ع تي بغاوت جو ڪيس داخل ڪري جيل اُماڻيو ويو. پر هن جي ارڏائپ ۾ ذري برابر به گهٽتائي نه آئي. اياز جي هنن سٽن کي ڪيڏي نه معنى ملي پئي هئي ته:

    مون ڏات انوکي آندي آ،
    ٿي تَندُ وڙهي تلوارن سان.
    ٿا تنهنجا ڀاري بُرج لُڏن،
    تون هيڻو آن هٿيارن سان.
    هن ته جيل ۾ به پنهنجي دشمن کي للڪاريندي چيو هو ته:

    جيل جون سختيون ڇاهن سنڌڙي،
    حاضر آ جند جان به تو لئه.
    هن اڃان به وڌيڪ ڌرتيءَ سان پنهنجي محبت جو اظهار ڪندي، پنهنجو پاڻ کي ارپڻ ۽ سنڌ جي سينڌ کي سنوارڻ جو خواب اکين ۾ سجائي چوي ٿو ته:

    توسان پيار ڪرڻ ٿو چاهيان،
    ورنه آءٌ مرڻ ٿو چاهيان.
    سنڌڙي تنهنجي سينڌ سنواري،
    تنهنجي سينڌ چمڻ ٿو چاهيان.

    اهو وڏو تخيل آهي ته پنهنجي ڌرتيءَ کي پنهنجي زندگيءَ جو جيئندان ڏيئي ان کي سنواري ۽ پوءِ ان جي سينڌ چمجي. منهنجي خيال ۾ سنڌي شاعريءَ ۾ ان کان اڳ اهڙو تخيل اڃان تائين ڪنهن پيش نه ڪيو آهي ۽ اها ته محبت جي انتها به ته آهي. جتي پتنگ آگ کي پاڻ ارپي، ان کي معنى بخشي ٿو ڇڏي. پر زخمي ته آزاد سنڌ جي خاطر پنهنجي گيتن ۾ جاڳرتا ڀري قوم کي غلاميءَ جي ڦندن مان آجوڪرائڻ لاءِ چوي ٿو ته، ”جيڪڏهن ڌرتيءَ جو سڏ ٿئي ۽ مان اتي نه پهچان ته مون کي گهروڙي بجو ڏجانءِ ۽ چوي ٿو ته:

    سڏي سنڌ سڏڪي نه پهچان پرين!
    بُجُو پوءِ مون کي گهروڙي ڏجانءِ.
    اڃان به وڌيڪ ماڻهن ۾ اتساهه پيدا ڪرڻ لاءِ ته مُور سارا مئا ناهن ۽ سنڌ گدڙن کاڌي ناهي جو تصور ڏيندي چوي ٿو ته:
    سنڌ گدڙن کاڌي ناهي اڃان،
    جو گيدي تنهنجي آڻ مڃان.

    زخميءَ جتي سنڌ جي آزادي ۽ خوشحاليءَ جي خواب جي تعمير لاءِ ڪوشان رهيو اتي سماجي برائين خلاف به جھاد ڪندي ڏسجي ٿو. اسان جاگيردار سماج ۾ رهون ٿا. جاگيرداري سماج سموري برائين جو ڳڙهه ٿئي ٿو. سرمائيداري سماج پنهنجي جوهر ۾ ڪيڏو به بدبودار هجي پر جاگيرداري سماج کان وڌيڪ ترقي پسند ٿيندو آهي. ان ڪري جاگيرداري سماج سان بغاوت هڪ باشعور ماڻهوءَ لاءِ فطري اَمُر آهي. جيئن چوي ٿو:

    تون رستن تي قبضا ٿو ڪرين،
    مَن مستن سان چرچا ٿو ڪرين،
    بدمعاش سدائين بدمعاشي،
    تون ذهن ضمير جو آن فاشي،
    تون سنڌ جا حق ڦٻائين ٿو.
    ۽ ڀاءُ به سڏائي ٿو.
    تون ڀاءُ ته ناهين ويري آن،
    اکڙين ۾ ڪوسي ڪيري آن.

    هن سماج ۾ جتي ٻيون هزارين برايون پلجن ٿيون اتي ڪارو ڪاري رسم به سنڌ ۾ ناسور بڻجي داخل ٿي ويئي آهي. زخمي پنهنجي تند کي ان تلوار سان ٽڪرائي ٿو. ايتريقدر جو چوي ٿو ته ماڻهو کي بد دعا نه ڪريو جي بددعا ڪيو ته ان کي ڪاري ٿيڻ جي بددعا نه ڪريو ۽ چوي ٿو:

    هر ماڻهوءَ کي
    ڏسي دعا ڪر
    اگر دعا جي دلجاءِ
    ڏيڻ نه ٿو چاهين
    ته پوءِ
    بد دعا نه ڪجان.
    بد دعا ئي
    ڪرڻي اٿئي ته
    پوءِ
    شل! ڪارو ٿئين واري
    بد دعا نه ڪجانءِ!
    ڇو ته هن فرسوده نظام
    ۽
    دقيانوسي ريتن رسمن پٽاندر
    ڪارنهن جو مارڪيٽ
    چوٽ چڙهيل آهي
    ۽
    پيار نهايت غريب آهي.

    هتي ته ڪارو ڪاري رسم ڪاروبار جي شڪل اختيار ڪري ويئي آهي. هتي ته هاڻي ماڻهو پنهنجون نياڻيون ماري پنهنجي گذر لاءِ راهون هموار ڪري رهيا آهن. ايتريقدر جو ڀاءُ ڀيڻ جھڙو مقدس رشتو به ان ۾ لالچ جو عنصر شامل ٿي ويو آهي. اهو ڏسندي زخمي چوي ٿو ته:
    علڻ ولڻ سان لالچ خاطر،
    ڀيڻ سڳي ڪئي ڪاري ويئي آ.

    سماج ۾ جتي هر شيءِ کي ناڻو سمجهيو وڃي ٿو اتي عورت به بازار جو سودو ٿي ويئي آهي. عورت کي پئسن عيوض وڪري ڪرڻ کي به عيب نه ٿو سمجهيو وڃي. عورت جي پسند ناپسند، خواهشن، ضرورتن، عمر جي نَنڍَ وڏائي جو فرق به نه ٿو رکيو وڃي. اهو سڀ ڪجهه ڏسندي زخمي چوي ٿو:
    جوان پڙهيل کي مڙس ڏنو ويو،
    پوڙهو چرسي، توبھ زاري!!
    توبھ زاري لفظ ۾ ڪيڏي نه ڪرڀ سمايل آهي. يقيناً سمجهه/ڏاهپ ماڻهوءَ ۾ درد پيدا ڪري ٿي. تڪليف ڪنهن به ماڻهوءَ کي پهچي پر ساڃاهه وند ماڻهو اها تڪليف پاڻ تي محسوس ڪندو آهي. اهو ئي ڪارڻ آهي جو ڀٽائي دانهن ڪندي چوي ٿو:

    الا: ڏاهي مَ ٿيان، ڏاهيون ڏک ڏسن.
    ڏاهيون ڏک ڏسن ٿيون ڇاڪاڻ ته ڏاهپ ماڻهوءَ ۾ انسانيت سان پيار ڪرڻ سيکاري ٿي. اهو پيار ئي آهي جيڪو ڪڏهن به ڪنهن تي ظلم ٿيندي ڏسي ٿو ته تڙپي پوي ٿو. زخمي به حساس ماڻهو هو. هن وٽ به شاعراڻا دل هئي. جنهن ڪري هن وٽ به انتها درجي جي تڙپ هئي. جيڪا هن شاعريءَ ذريعي اوڳاڇي آهي.
    جپاني چوڻي آهي ته، ”ڪاميابيءَ جا سَوين وارث ٿيندا آهن ۽ ناڪامي لاوارث ٿيندي آهي. اسان جو سماج هر اڀرندڙ سج جو سلامي ٿيندو آهي. جنهن ڪري ناڪاميءَ کي پنهنجي حصي ۾ آڻڻ ان لاءِ ڏکيو عمل ٿيو پوي. جنهن ڪري سماج ۾ منافقت ۽ مڪاري ڇوليون هڻندي نظر اچي ٿي. اهڙن ماڻهن کي ڏسندي زخمي جي مَن کي مونجهه ٿئي ٿي، هو چوي ٿو ته:
    مَنَ کي مونجهارو ٿي پيو،
    ماڻهو ائٿ ستارو ٿي پيو.

    اسان ڏاڍا بي حس ماڻهو آهيون. جيئري ڪنهن کي مڃتا ڏيڻ، ڄڻ ته اسان جي ڌرم جو حصو ئي نه آهي. زنده ماڻهن ۾ اسان کي ڪا خوبي ئي نظر نه ايندي. مئن ۾ وَري خامي ئي نظر نه ايندي. اها روَش زخميءَ پنهنجي جيئري ئي محسوس ڪئي هئي. جنهن ڪري چيو هئائين:

    ڏاڍو ساريندين،
    منهنجي مُئي کان پوءِ.
    جيئري قدر ڪونه ڪيئي،
    ڳوڙها ڳاڙيندي.
    منهنجي مُئي کان پوءِ.
    زخميءَ لاءِ ماتم ڪري،
    نيٺ وساريندي،
    منهنجي مُئي کان پوءِ.

    سماج جي روين سبب ”ڄام“ کان زخميءَ جو ”زخمي“ تائين سفر يقيناً لاشعوري نه هو پر بيمار سماج جي روين ڄام کي جڏهن ”زخمي“ ڪيو تڏهن هن ان زخم کي محسوس ڪندي پنهنجي سڃاڻپ ئي زخمي بڻائي ڇڏي هئي. آخرڪر هن بي حس سماج زخميءَ کي وڌيڪ زخمي ڪري سندس زندگيءَ جو ڏيئو اُجهائي ڇڏيو. هن جي موت تي سچ پڇو سڄي سنڌ پاڻ کي زخمي محسوس ڪيو. قومي تحريڪ به زخمي ٿي هئي ته سنڌي ادبي سنگت به زخمي ٿي هئي. هن جا رت ڄاوا به زخمي ٿي پيا هئا. شاعري به زخمي ٿي پئي هئي. هر زخم، زخمي ٿي پيو. پر هن جا قاتل اڄ تائين به زخمي نه ٿيا آهن؟؟؟


    ڏاهپ ۽ ويڙه جو سنگم: سائين غلام قادر جوڻيجو

    اسان جڏهن سياست جي سٿ ۾ شامل ٿياسين، تڏهن شعور کان وڌيڪ جذبات جي لهر ۾ لڙهي وياسين. آزادي ۽ انقلاب جو رومانس، جذباتي انداز ۾ رڳ رڳ ۾ سمائجي ويو. جيتوڻيڪ اها لهر سوويت يونين جي ٽٽڻ کانپوءِ اڪيلي سر قومپرستن جي جدوجھد جو نتيجو هئي. ڇاڪاڻ ته جن ڪامريڊن سوشلزم نظام جي شڪست کي سوشلسٽ نظريي جي شڪست سمجهي ڳچين ۾ توا ٽنگي، مئخانن جو رخ ڪري انقلاب کان فراريت اختيار ڪئي هئي پر تنھن باوجود به قومپرست عملي ميدان ۾ اڄ تائين آهن. ڇو ته قومپرستن جنھن نظريي جي واڳ ورتي هئي اهو ڌرتي ۽ ڌرتيءَ جي ماڻهن مان ڦٽي نڪتل هو. ڪامريڊ لينن ۽ ٽراٽسڪائي جي وچ ۾ 1916ع ۾ جڏهن مسلسل انقلاب ۽ مرحليوار انقلاب جھڙا بحث شدت اختيار ڪري ويا هئا تڏهن ڪامريڊ لينن، ٽراٽسڪائي کي جواب ڏيندي چيو هو ته ”انقلاب نه درآمد ٿيندا آهن نه برآمد ٿيندا آهن، اهي ته وقت ۽ حالتن مان ڦٽي پوندا آهن، انقلابي پارٽي يا انقلابي ته صرف انھن جي پرورش ڪندا آهن. سنڌ ۾ کاٻي ڌر جي سياست ڪندڙن پنهنجي قوم ۽ ڌرتيءَ سان محبت ڪرڻ بجاءِ پنهنجو قبلو سوويت يونين کي بڻايو.“ اهو ئي سبب آهي جو سوويت يونين ٽٽڻ کان پوءِ سياسي ميدان تي سڄي دنيا جي انقلاب جي ڳالهه ڪندڙ ٻِرن ۾ وڃي لِڪا آهن. 90ع کان پوءِ جيڪو ڪيڊر پيدا ٿيو آهي اهو ڪريڊٽ قومپرستن جي کاتي ۾ وڃي ٿو.
    قومپرست سياست جو وري الميو اهو رهيو آهي ته شعوري ۽ نظرياتي پختگي پيدا ڪرڻ ۽ تنظيمي طرح فعال ڪرڻ بجاءِ جذبات جي بنياد تي انقلاب جي ڳالهه ڪرڻ، ڪنھن الميي کان گهٽ نه آهي. انهن حالتن ۾ به قومي تحريڪ سان واڳيل جيڪي نظرياتي ڪارڪن رهيا آهن. انھن نظرياتي پختگي ۽ تنظيمي ڍانچي کي بھتر ڪرڻ لاءِ جيڪي ساٿي سڀ کان وڌ جدوجھد ڪندي اسان کي نظر آيا، انھن ۾ ڏوڪري جي ڀرسان سونهري ڳوٺ سان تعلق رکندڙ ڪامريڊ غلام قادر جوڻيجو سرفهرست نظر اچي ٿو.
    هن سان جڏهن پهرين ملاقات ٿي تڏهن هن جو سوال ڪرڻ ته ”قومي تحريڪ وٽ طبقاتي سوال جو ڪهڙو حل آهي؟“ جنهن ذهن جي سرزمين کي لوڏي ڇڏيو هو، ڇاڪاڻ ته اسان سياسي ۽ نظرياتي معاملن کي ان کان اڳ ڪڏهن سنجيدگي سان ڏٺو ئي نه هو. هو جنهن سان به ملي چانهه جي ڪٽ تي ڪنهن مهل هُن هوٽل تي ڪنھن مهل هُن جڳهه تي، ادبي توڙي سياسي ڪچهرين ۽ بحث مباحثي ۾ مشغول نظر آيو. قد جو پورو پنو، اکين ۾ عجيب معصوميت ۽ ڇڪ، حساس ايڏو جو ڪنھن سان وڏي آواز ۾ ڳالهائڻ تي معذرت ڪري، مطالعاتي سگهه جو ته ڪو جواب ئي ڪونه هو. مارڪس کان وٺي سائين جي ايم سيد تائين نظرين جو گھرائيءَ سان مطالعو ٿيل نظر آيو. سڄي عمر سياست کي ڏيڻ باوجود به ڪڏهن ليڊرشپ جو شوق نه رهيس، سدائين ڪارڪن جي حيثيت ۾ ڀڄ ڊڪ ڪندو رهيو. قومي تحريڪ ۾ مارڪسزم ۽ ليننزم جي پرچارڪ طور تي جي ايم سيد کي اڄ جي دؤر جو سچ سمجهي عملي سياست ڪندڙ شخص جو نالو کڻجي ته ڪامريڊ غلام قادر جوڻيجو جو نالو توهان وساري نه سگهندؤ.
    هُن جي ٽھڪن ۾ ته عجيب ڇڪ هوندي هئي، ڪچھريءَ ۾ ڪو لطيفو به جيڪڏهن ٻڌائبو ته ان ۾ سياسي ڏاهپ سمايل نظر ايندي هئي. 60 سالن جو هوندي به ڪڏهن نوجوانن کي عمر جو طعنو ڏئي بحث نه ڪندو هو. سدائين پاڻ کي ذرو سمجهي گفتگو ڪندو. ڳالهه ڪنھن جي به درست هوندي ته دل کولي قبول ڪرڻ جي سندس روايت تمام گهڻي متاثر ڪندڙ رهي جيڪا مجموعي طرح سان سندس شخصيت ڏاهپ ۽ بھادريءَ جو سنگم نظر آئي.
    دنيا جي اندر انقلابي شخصيتن ۾ ڏاهپ ۽ بھادريءَ جا عنصر هئڻ لازمي آهي. ڇاڪاڻ ته جڏهن عوام جي اڳواڻي ڪرڻ جو مرحلو اچي ٿو ته اڳواڻ ۾ ڏاهپ ۽ اڳواڻيءَ جي صلاحيت نه هوندي ته عوام کي منزل تي وٺي وڃڻ مشڪل ترين ڪم ٿيو پوي ۽ جيڪڏهن ڏاهپ، بھادري نه ٿي رکي ته اها ڏاهپ قوم کي خوف جي حالت ۾ گمراهه ڪري ڇڏيندي. سقراط جيڪڏهن سچ تي نه بيهي ها ۽ موت کي قبول نه ڪري ها ته شايد سقراط سڄي دنيا ۾ ڏاهپ جو اهڃاڻ (Symbol) نه بڻجي سگهي ها. سنڌ جي تاريخ ۾ ڏاهپ ۽ بھادريءَ جو سڀ کان اعلى مثال سائين جي ايم سيد آهي ۽ سائين جي ايم سيد جو فڪر جنھن جي به اندر ۾ سمائجي ويو اهو وقت جو سقراط بڻجي ويو ۽ ڪامريڊ غلام قادر مون کي اهو وقت جو سقراط نظر آيو. سائين غلام قادر نظرياتي طرح هيٺين خوبين جو مالڪ نظر آيو؛

    مزاحمتي جنگ جو متوالو:
    1972ع کان وٺي قومي تحريڪ گانڌي واد انداز ۾ سفر پئي ڪيو آهي. قومي تحريڪ پنھنجو تنظيمي ڍانچو انڊين نيشنل ڪانگريس جي طرز جو پئي رکيو آهي. سائين جي ايم سيد کي به سنڌ جو گانڌي پئي سڏيو ويو آهي. اهو به سچ آهي ته ڪانگريس برصغير جي تمام وڏي جماعت هئي. جنهن ۾ هر مڪتبئه فڪر سان تعلق رکندڙ شخص موجود هو پر ان جي جدوجھد ۽ ويڙهه جو انداز نج انقلابي مون کي نظر نه ٿو اچي. جڏهن سڀاش چندر بوس جھڙو مزاحمتي ڪردار انڊين نيشنل ڪانگريس جو اڳواڻ چونڊجي وڃي ٿو ته گانڌي، ڪانگريس کي ڇڏڻ جي ڳالهه ٿو ڪري، سبب صرف اهو ته سڀاش چندر بوس عدم تشدد بجاءِ هندستان کي مزاحمتي دڳ تي وٺي وڃڻ پئي چاهيو. عدم تشدد عقيدت جي حد تائين گانڌي جي رڳ رڳ ۾ سمائجي ويو هو. سنڌ جي قومي تحريڪ ۾ عدم تشدد کي پاليسي بجاءِ سياسي عقيدت جي حد تائين ڏٺو پئي ويو آهي. تڏهن جن ماڻهن مزاحمت جي وسيلي آزاديءَ جو دڳ وٺڻ پئي چاهيو، انهن ۾ ڪامريڊ غلام قادر جوڻيجو سرفھرست هو. پنھنجي نجي ڪچھرين ۾ سدائين مزاحمت کي سهي ثابت ڪرڻ لاءِ سڄي دنيا جي مزاحمتي ڪردارن کي اڳيان رکندو هو. ڪڏهن جنرل گياپ جي ويٽنام ۾ ويڙهه ته ڪڏهن حماس جي فلسطين ۾ جدوجھد ته ڪڏهن ڊاڪٽر چي گويرا، فيڊل ڪاسترو ته ڪڏهن سورهيه بادشاهه ته ڪڏهن ڀڳت سنگهه ۽ سڀاش چندر بوس جا مثال تڪي توري رکندو هو جو بحث ڪندڙ سندس دليلن کان ٻاهر نڪري ئي نه سگهندو هو. مون کي حيرت ٿيندي هئي ته هيڏو حساس شخص، ايڏو وڏو مزاحمتي ڪردار به ٿي سگهي ٿو ڇا؟ سندس ان انداز جي بھادريءَ جو مثال ڏسي، حوصلا بلند ٿي ويندا هئا.

    آزاد سوشلسٽ سنڌ لاءِ جاکوڙيندڙ:
    سنڌ جا اڪثر قومپرست قومي آزاديءَ جي جنگ ۾ طبقاتي سوال کي هميشه گهٽ اهميت ڏيندا رهيا آهن، آزاديءَ کانپوءِ سوشلزم جي نقطي تي اڻ چٽائي به سڀ کان وڏو الميو آهي. سنڌ جا ڪميونسٽ وري قومي آزاديءَ جي سوال کي دليلن سان غلط ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ۾ نظر ايندا. جڏهن ته ڪامريڊ لينن ”رياست ۽ انقلاب“ ۾ چيو آهي ته ”جيڪو ڪميونسٽ قومي آزاديءَ لاءِ وڙهي نه ٿو اهو مارڪسي ته نه آهي پر سکڻو جمھوريت پسند به نه آهي.“ پر سنڌ جا ڪيمونسٽ مارڪسي فلاسافيءَ کي حالتن جي تناظر ۾ ڏسڻ ۽ پرکڻ بجاءِ ڊرائنگ روم طرز جي سياست ڪندي نظر ايندا، جنھن سبب اڄ ڪميونسٽن وٽ نه ماس پارٽي ٺهي سگهي ۽ نه ئي ڪيڊر پارٽي. قوم ۽ قومي سياست جي انحرافي سنڌ جي ڪميونسٽن کان پوءِ جي آهي. قومي آزاديءَ جي معاملي ۽ طبقاتي سوال کي الڳ الڳ نه ڏسڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته قومي آزاديءَ جو سوال ايترو ڪميونسٽ جو به هجڻ گهرجي، جيترو هڪ قومپرست جو آهي. ڪامريڊ غلام قادر جوڻيجو پاڻ کي ڪميونسٽ سڏائيندي به قومي آزاديءَ جو سڀ کان وڏو داعي نظر آيو. قومپرست ملندس ته طبقاتي سوال رکندو، ڪميونسٽ ملندس ته قومي آزاديءَ جو سوال دليلن سان رکندو. سائين غلام قادر ٻنهي ۾ پل وارو ڪردار ادا ڪندي نظر آيو. تنقيد به ٻنهي تي ڪندي نظر ايندو هو. ڪميونسٽ ۽ قومپرستن جي وچ ۾ پيدا ٿيل وڇوٽين کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪوشان رهيو.
    ڪامريڊ اسٽالن تي ٽراٽسڪائي گروپ ڇتي تنقيد ڪندا رهيا آهن. پر اهو به سچ آهي ته جيڪڏهن لينن کانپوءِ اسٽالن نه هجي ها ته سوويت يونين ترقيءَ جون منزلون ايترو جلد طئه نه ڪري سگهي ها. پرولتاري آمريت کانپوءِ پارٽي آمريت ۾ تبديلي اسٽالن جي ڪوششن جو نتيجو هو جو سوويت يونين رد انقلابي قوتن سان منهن مقابل ٿيو ۽ قومي سوال تي ڪامريڊ اسٽالن ته سڀ کان وڌيڪ چٽي نموني لکيو آهي، جنھن ۾ سندس ”قوم ۽ قوميت“ اهم لکڻي آهي، ڪامريڊ غلام قادر پرولتاري آمريت ۽ پارٽي آمريت جي حوالي سان تمام گهڻا بحث ڪيا.
    افسوس صرف اهو آهي ته سندس خيال، سوچون، محفوظ نه ٿي سگهيون آهن. سندس تحريرون به ڪٿي نه ٿيون ملن، تقريرون ته مورڳو ڪندو ئي نه هو. جنھن سبب سندس سياسي پورهيو چند ذهنن تائين محدود آهي. جپاني اها چوڻي بلڪل درست ثابت ٿي آهي ته ،”جڏهن ڪو انسان مري ٿو ته ان سان گڏ هڪ لائبريري (دماغ) به دفن ٿئي ٿي.“ جنهن ڪري چئي سگهجي ٿو ته ڪامريڊ غلام قادر جوڻيجو اڪيلو دفن نه ٿيو آهي پر هڪ گهمندڙ ڦرندڙ سياسي ۽ فڪري لائبريري دفن ٿي آهي!!


    تاريخ جي راهن ۾ مارجي ويل : شهيد سميع الله ڪلهوڙو

    گوئٽي چواڻي ته ”سڀ انسان هڪجھڙا آهن پر ڪو انسان ڪنھن جھڙو ڪونهي.“ بظاهر ته ان سِٽَ ۾ گھري معنى به لڪل آهي پر جڏهن ان جي معنى ۾ پاڻ ڳوليون ٿا ته اهو سچ به آهي ته سڀ انسان هڪجھڙا آهن. کائڻ، پيئڻ، روئڻ، کلڻ، اٿڻ کان وٺي سڀ فطري عمل ڪائنات جي هر ڪنڊ ۾ رهندڙ ماڻهوءَ جا ساڳيا ئي آهن ڪوئي فرق نه آهي. چائنا ۽ سنڌ جي ٻار جي دانهن ۾، مانيءَ لاءِ سڀئي ٻار ساڳي تڪليف محسوس ڪندا آهن، ڌڪ لڳڻ جو درد به ساڳيو ئي سڀني کي ٿيندو آهي پر وَري ڏسجي ته ڪو انسان ڪنھن جھڙو ڪونهي ڪو ظالم آهي ته ڪو مظلوم آهي، ڪو غلام آهي ته ڪو آقا آهي. ڪو نوڪر آهي ته ڪو مالڪ، ڪو سخي آهي ته ڪو ڪنجوس، ڪو ڌرتيءَ جو وفادار آهي ته ڪو غدار. ڪو سوچ جي ڏس ۾ ڏسجي ته هماليه جي بلندين کان به مٿي پرواز ڪري ٿو ته ڪو پاتار جي پيوند ۾ نظر ايندو. ڪي تاريخ جا ڄاڻو تاريخ جا نبض شناس ته سماج ۾ رهندي به سماج کان منفرد ۽ اعلى نظر ايندا. تاريخ ۾ انھن جو ڪردار سڀ کان اتم ۽ منفرد نظر ايندو. تاريخ ۾ انهن جي اها منفرد حيثيت منفرد ۽ مختلف رخن ۾ پسي سگهجي ٿي. ڪي ماڻهو پنھنجي ڏاهپ ۽ سمجهه جو اظھار پنھنجي قلم جي روپ ۾ ته ڪي وري وسيع تر عوام جي تحفظ لاءِ تلوار پنھنجي هٿ ۾ کڻي سفر ڪن ٿا ۽ پوءِ تاريخ جي وِک وِک تي انهن جا نشان انهن جي عظمت جا گواهه بڻجن ٿا، ڪي ڌرتيءَ کي پنھنجا لڙڪ ڦڙا آڇين ٿا، بهرحال ٻنهي صورتن ۾ تاريخ انھن جو پورهيو ضايع نه ٿي ڪري. جيئن اياز چيو آهي ته:
    اي ڌرتي! توکي ڀيٽ ڏنا، ڪنھن لڙڪ ڦُڙا ڪنھن ماڪَ ڦڙا،
    جن توکي پنھنجو رت ڏنو، سي سڀ کان وڌيڪ ڪمائي ويا.
    آءٌ پيغمبر جي انهيءَ ڳالهه سان متفق نه ٿو ٿيان ته ”عالم جي قلم جي مَسُ شهيد جي رت کان وڌيڪ مقدس آهي.“ اهو مفروضو ٿي سگهي ٿو يا هڪ دؤر جي ڳالهه ٿي سگهي ٿي پر تاريخ جو اهو سچ نه آهي. ڇاڪاڻ ته عالم جو قلم درٻاري به رهيو آهي. جنھن تاريخ کي ڌنڌلو ڪري پيش به ڪيو آهي ته منسوخ ڪري به پيش ڪيو آهي پر تاريخ ۾ شھيدن جي رت جا نشان درٻار جي طرفداري نه پر عوام ۽ ڌرتيءَ جو تحفظ ڪندي وهي ٿو ۽ آءٌ سمجهان ٿو ته شهيد جو رت، عالم جي قلم جيان ڪٿي به مصلحت ڪندي نظر نه ايندو. راجا ڏاهر کان شهيد سميع الله ڪلهوڙي تائين تاريخ جو سندن پورهيو وقت جو عالم قلم جي وسيلي لڪائي ته سگهي ٿو پر شهيدن جو رت وَري وَري اُڀري پنھنجا رستا پاڻ ٺاهي ٿو ۽ ٺاهيندو رهندو.
    سنڌ جي جُڳَن جي تاريخ ۾ شھيدن جي رت جا نشان اسان سڀني لاءِ مشعلِ راهه آهن. سنڌ مٿان جڏهن به غلاميءَ جا ڪَڪَر ڇانيا آهن تڏهن سماج کان منفرد ۽ تاريخ جي نبض شناس تلوار جي مُٺئي ۾ ئي عوام جي تقدير جي تبديلي سمجهي آهي. سميع الله ڪلهوڙو به تاريخ جي نصاب ۾ اهو باب آهي جنھن ان وقت هٿ ۾ تلوار کنئي جڏهن تلوار کڻڻ تاريخ جو جرم قرار ڏنو ويو هو ۽ جڏهن سنڌ ۾ ”اسين امن پسند قوم ۽ امن پسند سياست“ جا نعرا هڻي عوام کي صبر جي تلقين ڪندا رهيا، پنھنجي کَلَ بچائڻ لاءِ عدم تشدد کي عقيدي جي کل پائي گهمندڙ سنڌ جا سياستدان محدود دائرن۾ سياست ڪرڻ جا سبق ڏئي رهيا هئا.. تڏهن ميھڙ جي مينديءَ مان رت جي خوشبوءِ کڻي مقتل ڏي، محبوب جي زلفن جي زنجيرن ۾ پاڻ ارپيندڙ سميع الله ڪلھوڙي تلوار جي مُٺئي ۾ هٿ وجهي اڪيلي سر بيھي رهيو. هن کي جڏهن مقتل گاهه ۾ وٺيون پئي ويا. تڏهن وک وک تي سڄي سنڌي قوم جو بار، سيد سان ڪيل وچن ۽ تاريخ جي ميار پنھنجي ڪلھن تي محسوس ڪئي هئي. هن سوچيو پئي جيڪڏهن اڄ مان پنھنجو مؤقف ۽ سنڌ جي فرياد، جابرن اڳيان رکي نه سگهيس ته سالن تائين سنڌ مياري رهندي ۽ سنڌي قوم کي ويڻ سھڻا پوندا. ان ڪري هن اهو فيصلو ڪري ڇڏيو هو ته ”منھنجي اکين پورڻ سان ڪروڙها انسانن جون اکيون کلي ويون ته اهو مون لاءِ سڀ کان وڏو اعزاز ۽ انعام آهي.“ هن پنھنجون نظرون جهڪائڻ کان وڌيڪ ترجيع پنهنجي نظرن کي پورڻ ۾ ڏني هئي. ڇاڪاڻ ته هي سِر محبوب جي قدمن ۾ جهڪي سگهي ٿو يا ڌرتيءَ خاطر ڪپجي سگهي ٿو پر ظالم اڳيان پنھنجو سِرُ جهڪائڻ کان بھتر آهي ته سِرُ ڪٽجي وڃي ۽ پوءِ هن ائين ڪيو. لطيف چواڻي ته:
    مٿي اتي منھنجي هوا، جي سرن سَوَ هزار،
    ته تنھنجي تند تنوار، هَرَ هَرَ وڍيم هيڪڙو.
    سياست جي شروعات ”چڻنگ سنگت“ کان ڪندڙ شهيد سميع الله ڪلهوڙوي جي اندر ۾ سنڌ ۽ سنڌي قوم سان ٻريل چڻنگ ڀڀڙ ٻاري وڌو. سنڌ جي سياست جو مزاج به عجيب قسم جو آهي. جنھن ۾ توهان کي رومانس ملندو. جڏهن ته سياست معيشت ۽ رياست جو علم آهي. سياست ته معيشت جي بنياد تي ٿيندي آهي. معاشي جنگ ئي سياسي جنگ جو سبب بڻجندي آهي. پر هتي سياست رومانس جو روپ اختيار ڪري ويئي آهي. جنھن جي پسمنظر ۾ ته معيشت ئي لڪل آهي پر پيش منظر ۾ عشق ۽ رومانس ئي رهي ٿو. جتي مقتل ڏي ويندي به پنھنجو سِرُ فخر سان اوچو ڪري هلڻو ٿو پوي. اهو ئي ڪارڻ آهي جو مخدوم بلاول گهاڻي ۾ پيڙجڻ وقت به پنھنجي هڏين جا ٽڙڪاٽ پنھنجي ڪنن سان ٻڌڻ ۾ راحت محسوس ڪري ٿو ته هيمون ڪالاڻي جھڙو ڳڀرو به برف جي ڪينن تي محبوب جي چپن جي ٿڌاڻ محسوس ڪري ٿو ته شھيد سميع الله ڪلهوڙو به موت کي محبوب سمجهي ڳل لائي ٿو ۽ پنھنجي محبوب کي لکي ٿو ته ”سنڌ جي آزاديءَ واري جدوجھد ۾ منھنجو سِرُ وڃي ٿو ته مون کي ان کان وڌيڪ ٻيو ڇا گهرجي.“
    اڄ جڏهن سميع الله جي ڪيل پنڌ ۽ ساٿين کي ڏسون ٿا ته اهو پنڌ ۽ پانڌيئڙا اُداس نظر اچن ٿا. جنھن مقصد خاطر شهيد پنھنجو رت ڏنو اهو مقصد ته موجود آهي پر اهي پانڌيئڙا الڳ الڳ راهن تي بيٺا آهن. هڪڙن ان جي راهه کي غلط سمجهيو ۽ ٻين ان جي نالي تي زندگيءَ کي آسائشن ۾ وڃي پاڻ ڦاسايو ته ٽيان وَري اڄ رُڃَ جھڙي سماج ۾ مُور جھڙي رڙ ثابت ٿيا آهن. جن جو آواز ايترو ته آهستي آهي جو ڪو اها دانھن ٻڌڻ لاءِ تيار ئي نه آهي، جيڪا جاءِ شهيد ان اميد سان ڇڏي ته هي ميدان دشمن لاءِ خالي نه ٿيندو، اها جاءِ جيتوڻيڪ خالي ته نه ٿي آهي پر اها جاءِ ايترو ته ڪمزور ٿي ويئي آهي جيڪا اتساهه ڏيڻ بجاءِ مايوسيءَ جي ڌٻڻ ۾ لاهي ٿي ڇڏي. اڄ جڏهن رياست جا سازشي ۽ ظالم چنبا سنڌي قوم تي وڌيڪ پختا ٿي رهيا آهن تڏهن ان خلاف رَدِ عمل ايڏو سخت نه آهي، جنھن ڪري شهيد جي ڇڏيل مشن کي پورو ڪرڻ جو سوال اڃان به جيئن جو تيئن موجود آهي. اڄ شهيد جي پارٽي ساڳي پارٽي نه رهي آهي. جيڪا هوندي ته محدود ماڻهن تي هئي پر سڄي قوم لاءِ اميدجو ڪرڻو ٿي اڀري هئي پر اڄ اها تحريڪ اتساهه جو ڪارڻ نه رهي آهي. اهو ڪيڊر جيڪو شهيد سان گڏ زندگيءَ جو دانُ هن راهه ۾ ڏيڻ لاءِ وچن ڪري نڪتو هو اڄ اهو ڪيڊر مايوسيءَ جي گهيري ۾ آهي. اڄ شهيد جا قاتل سرعام گهمي رهيا آهن پر ان جو پلاند ڪرڻ جي ڪيل ڳالهه تاريخ جي ڪٻاڙ خاني حوالي ٿي ويئي آهي. ان ڪري تاريخ ۽ وقت جي ضرورت به اها آهي ته شهيد سميع الله ڪلهوڙي جي ڏسيل راهن تي هلڻ لاءِ پنھنجي صفن کي درست ڪرڻ جي ضرورت آهي. پنھنجا پيچرا ۽ پنڌ ساڳئي اتساهه ۽ ويساهه سان وٺڻا پوندا، جنھن اميد سان شهيد اهي پنڌ ڪيا هئا ۽ تاريخ جي راهن ۾ پنھنجو سِرُ رکي اسان کي سڏ ڏنو هو ته :
    سُوريءَ سڏٿيو، ڪا هلندي جيڏيون،
    وڃڻ تت پيو، جتي نالو نينهن ڳنهن جي.
    (شاهه)


    تون هونئن به مرندين .....!؟ (شهيد سرائي قربان ۽ سندس ساٿي)

    هُو جڏهن سنڌ جي جمود ڀري سياست ۾ پنھنجي طويل خاموشيءَ کي ختم ڪري لٿو هو ته سنڌ جي روايتي سياست ڪندڙ گهڻائي قومپرست ڇِرڪي ويا هئا. گهڻن کي پنھنجي بت ڊهڻ جو خطرو محسوس ٿيو هو ۽ ڪيترائي وقت جا خدا هن ڏانھن تنقيدن جا تير اڇلڻ لڳا هئا. پر هن وقت گذرڻ سان سنڌ جي سمورين قومپرست ڌرين ۾ پنھنجو اعتماد بحال ڪرايو هو. هن سنڌ جي تاريخ ۾ پھريون ڀيرو سنڌ جي جرنيل شاهه بھاري کان سن جي سيد جي آڳنڌ تائين جڏهن پنھنجن ساٿين سان ”آزادي مارچ“ شروع ڪيو هو تڏهن سنڌ سان عشق ڪندڙ ڪارڪنن محسوس ڪيو ته سنڌ جي آزادي ۽ سنڌ جي مسئلن لاءِ سياست ڪرڻ ۾ ڪيڏو نه فرق آهي. ڇاڪاڻ ته غلامي ”اُم المسائل“ ٿيندي آهي. جنھن مان نجات جو رستو آزاديءَ کان وڌيڪ ٻيو ڪو خوبصورت ٿي به نه ٿو سگهي پر هتي ته روايتي مسئلن تي سياست ڪري آزادي پسند سياسي پانڌيئڙن کي ٿڪايو ويو هو، جنھن مان هِن نڪرڻ لاءِ پھريون پاڻيءَ ۾ پٿر اڇليو هو. هن ته سنڌ جي سرحدن کان ٻاهر نڪري پنھنجي ساٿين جي آزاديءَ لاءِ جڏهن اسلام آباد جي ايوانن ڏانھن پنڌ ڪيو هو تڏهن به گهڻن کان دانھن ڪري ويئي هئي ۽ اتي جڏهن پارٽيءَ جي نمائندگي ڪندڙ کان سوال ڪيو ويو هو ته، ”ڪيا آپ پاڪستان ڪو توڙنا چاهتي هو؟.“ تڏهن ان اڳواڻ کان پگهر شروع ٿي ويا پر هن يڪدم جرئتمنديءَ جو مظاهرو ڪندي وچ ۾ چيو هو ته ”هان هم پاڪستان توڙنا چاهتي هين.“ تڏهن سن جي سيد جي ٻاريل ڏياٽيءَ کي ڪيڏي نه معنى ملي پئي هئي. گهڻن کان ته ڇرڪ نڪري ويا، ”هي ڇا ٿو چوي، سنڌ کي غلام بڻائيندڙن جي سرزمين تي بيهي به ايڏي جرئتمنديءَ به ڪري سگهجي ٿي ڇا؟“ نه ته اسلام آباد ۾ وڃڻ کانپوءِ اڪثر سنڌ جو راڳ آلاپيندڙ، پنھنجون ڪائنچون به آليون ڪري موٽندا آهن. هن ته سنڌ ۾ بلوچستان جي گوريلي بالاچ خان مَريءَ جي وَرسي جو جڏهن پروگرام پنھنجي شھر ۾ ملھايو هو تڏهن به سنڌ جون سموريون ڌريون ماٺ ٿي ويون. هي ڪھڙي ارڏائپ جنم وٺي رهي آهي. جيڪا ظاهر ۾ ته گانڌي جي عدم تشدد جا پيروڪار آهن پر سڀاش چندر بوس جي بندوق به پاڻ وٽ رکڻ کي تاريخ جو سچ سمجهن ٿا. هو جڏهن شيخ اياز جو اهو گيت:

    تون هونئن به مرندين ڪاڇي ۾،
    اڄ ناهَر وانگر ڇال ڏئي،
    تون آءُ پھاڙيءَ پاڇي ۾.
    تون گوليون هيٺ هلائي ته ڏس،
    ۽ ڪنھن پٿر جي اوٽ ڏئي،
    هن ڌرتيءَ کي ڌڌڪائي ڏس!
    جي تنھنجو ڦرندو لاش ڪري،
    نئن گاج مٿان، پرواه ناهي،
    جي ڌرتيءَ تي آڪاش ڪِري.
    هيءَ ڌرتي اُن کان هيڻي آ،
    تون ڏاڍي جو ڏهڪاءُ نه ڏس،
    هر دل بندوق وهيڻي آ،
    هر گوليءَ کي ڪا ٻولي آ،
    جا هرڪو ڄاڻون ڄاڻي ٿو،
    تون چوندين هيءَ پرولي آ....
    پر هيءَ سولي پرولي آ.
    تون ڪنھن جون ٻانهون ناهين ڙي،
    جي گولي تنھنجي گولي آ.

    اڄ ناهَر وانگر ڇال ڏئي،
    تون آءُ پهاڙي پاڇي ۾،
    ۽ ڪنھن جي پر ڍال ڏئي،
    تون گوليون هيٺ هلائي ڏس،
    ۽ ٺا ٺا ..... ٺا ٺا ..... جي سُرَ تي.
    ڳڻ آزاديءَ جا ڳائي ڏس!

    تڏهن به هن جي آواز ۾ عجيب لرزش هوندي هئي. اکين ۾ سنڌ جي آزاديءَ جا سَوَ سپنا جاڳي پوندا هئا. هو آزاديءَ جي نعري تي بندوق جي ٺاٺا کي مَڌُر گيت سمجهي جهومڻ لڳندو هو. بندوق جي ٺاٺا تي آزاديءَ جا گيت ڳائڻ ۽ انهن کي معنى ڏيڻ لاءِ جڏهن تڪليفن جي سفر کي به راحت سمجهندو هو. اسان جڏهن به هُن سان پارٽي اجلاسن توڙي ذاتي ڪچھرين ۾ ملندا هئاسين تڏهن سدائين مُک تي مرڪ هوندي هيس. ڪڏهن به بيزاري يا چِڙَ مان ڳالهائيندي اسان هِن کي نه ڏٺو. سڀني ساٿين جي مالڪي، وارثيءَ جو وٽس انتھا درجي جو ڏانءُ هو. يارن جو يار اهڙو جو يارن تان سِرُ به قربان ڪبو پر ياريءَ تي ڪا ميارَ اچڻ نه ڏبي. سندس بااعتماد دوستن جو سنڌ ۾ تمام وڏو حلقو هو. جيڪي هڪ ٻئي لاءِ هر قرباني ڏيڻ لاءِ مون آتا ڏٺا. جڏهن هِن جو وڇوڙو ٿيو تڏهن سندن يارن جا جيءَ جُهرندي ڏٺا. هو هڪ ٻئي کي ڀاڪرين پئجي آٿت ڏئي رهيا هئا. سندس تدفين جي وقت شھدادڪوٽ ۾ هر اک آلي، چھرا لٿل، هر ماڻهوءَ ايئن پئي محسوس ڪيو ڄڻ ڪه سندس جگر جو ٽڪر ڪٽجي ويو آهي.
    هونئن به ابوالڪلام آزاد چواڻي ته ”غلامي اهو بدنما داغ آهي، جيڪو ڪنھن قوم جي عزت آبرو کي صدين تائين ڪوجهو بڻائي ڇڏيندو آهي ۽ پوءِ اهڙي داغ کي ڌوئڻ ۽ صاف ڪرڻ لاءِ قوم کي رت جي دريائن تي انساني جسمن جا فصل پوکڻا پوندا آهن.“ هن اهو بدنما داغ ڌوئڻ لاءِ رت جي دريائن تي انساني جسمن جي فصلن کي پوکڻ کي به عيب نه پئي سمجهيو ۽ اها ئي تمنا کڻي پنھنجي زندگيءَ جو دان ڏيڻ کي اوليت ۾ رکيو، هي به تاريخ جو عجيب حادثو آهي ته جڏهن حُرن جي رهبر بندوق کڻي ”وطن يا ڪفن“ جو نعرو هڻي گوري سرڪار جون متيون مُنجهائي ڇڏيون هيون ۽ هي اها ئي سانگهڙ سنڌ جي گوريلن جو آماجگاهه رهي هئي ۽ اڄ ساڳي سرزمين تي وطن لاءِ بندوق کڻي گهمندڙ سرائي قربان کھاوڙ جي شھادت جو واقعو درپيش اچي ٿو. سنڌي قوم کي تاريخ جا سمورا مزاحمتي باب ياد ڏيارڻ لاءِ هيءُ واقعو معنى رکي ٿو. هن سانگهڙ ۾ حرن جي رت جا نشان تازا ٿي ويا آهن. ياد تازي ته ڪارونجهر جي ڪُک ۾ گورن سان گوريلا جنگ ڪندڙ روپلي ڪولهي جي به ٿي آهي. جنھن جڏهن ويڙهه جا سندرا ٻڌي ڪارونجهر جي اوٽ ۾ ٺاٺا ڪئي هئي. تڏهن ڪنھن ٿي ڄاتو ته تاريخ وري ڪنهن نه ڪنهن روپ ۾ الڳ سڃاڻپ سان ئي سهي پاڻ کي ورجائيندي آهي. وَري صدين پڄاڻان وارهه جي سرزمين تي عبدالجبار مان روپلي جو روپ وٺي، تاريخ جي ڳوري ذميواري ڪلهن تي کڻندو. هن جڏهن 26-مارچ 2011ع تي لاڙڪاڻي ۾ انور پيرزادو ڪانفرنس ۾ ڪامريڊ سوڀي جي اڳيان اهو اعتراف ڪيو هو ته ”مان ڪو دانشور اديب ته نه آهيان پر سنڌ جي آزاديءَ جو سپاهي ضرور آهيان. توهان ڀلي تاريخ جي ورقن مان دليلن سان ڳالهايو، اها توهان جي ذميواري اهي. پر اسان سنڌ جا جانثار وڙهڻ کي تاريخ جي ذميواري سمجهون ٿا.“ تڏهن مون سميت ڪامريڊ سوڀي جي جهونين اکين ۾ اميد جا ڪرڻا پيدا ٿي پيا هئا. اڄ جڏهن هن جي ڪَئي ڳالهه کي گهڻو وقت نه گذريو آهي تڏهن يقيناً هن پنھنجي قول کي عمل جي شڪل ڏني آهي. ڪنھن شاعر چواڻي ته:
    ڪليون ڪو مين سيني ڪا لهو دي ڪر چلا هون،
    صديون مجهي گلشن ڪي فضا ياد ڪري گي.
    يقيناً صدين تائين تاريخ کين وساري نه سگهندي. جڏهن سنڌ ۽ سَنَ جو ذڪر ٿيندو تڏهن هزارين مرجهايل مکڙين لاءِ اتساهه ۽ ويساهه جو ڪارڻ بڻجي سرائي قربان ۽ روپلي جو رت اڳيان اڀري ايندو. سندس ساٿين لاءِ هيءَ امتحان ۽ غور ويچار جي گهڙي به آهي ته جن دڳن تي سندن ساٿي شھادت جو جام پي اڳتي ويا آهن، انھن جي صفن کي ڪيئن ۽ ڪھڙيءَ طرح مضبوط ۽ مستحڪم رکجي. سنڌ ۾ هي بحث به نئين سري سان ڇڙي پيو آهي ته مزاحمت، عوام ۽ پارٽيءَ کان سواءِ ڪيئن ڪري سگهجي ٿي؟ اسان کي يا سنڌ جي ساڃاهه وند ڌرين کي ان ڳالهه تي ڪوبه اختلاف ڪونهي ته مزاحمت يا ويڙهه نه ٿيڻ کپي. پر سوال حڪمت عملين جو آهي. هن مزاحمت کي عوام سان ڳنڍڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته عوام کانسواءِ مزاحمت، يا جنھن مزاحمت کي عوام پنھنجو نٿو سمجهي اها مزاحمت گهڻو وقت جٽاءُ نه ٿي ڪري سگهي ۽ ان مزاحمت کي منظم ڪرڻ لاءِ تنظيم ۽ ان جي شعبابنديءَ جي به اشد ضرورت آهي، جيڪا اسان مزاحمت، تنظيم کانسواءِ ۽ عوام جي اعتمادي کانسواءِ وڙهنداسين ته يقيناً اها مزاحمت گهڻي عرصي تائين جاري رهي نه سگهندي. جنگي مهارت رکندڙ سن زو جو چوڻ آهي ته ”پھرين پنھنجي دشمن جي طاقت جو اندازو لڳايو، پوءِ پنھنجي طاقت کي ڏسو ۽ پوءِ دشمن تي وار ڪيو. ان طريقي سان توهان دشمن سان بھتر نموني وڙهي سگهندؤ.“ پوئتي هٽڻ به ڪا بزدلي ڪانهي. جڏهن سمجهو ته اسان کان وک تڪڙي يا غلطي ۾ کڄي ويئي آهي ته ان کي سنڀالڻ لاءِ يا بھتر ڪرڻ لاءِ ٻه وکون پوئتي ڪري، دشمن تي وار ڪجي. هن وقت قومي تحريڪ تي تاريخ جي اهم ذميواري عائد ٿي آهي ته هو فيصلا ڪن ويڙهه ڪري پر اهو ڪيئن وڙهجي ان تي غور ويچار ڪرڻ لاءِ اسان سڀني تي فرض بڻجي ٿو. هونئن سنڌين تي اهو الزام به آهي ته سنڌي قوم ڪڏهن منظم مزاحمتي جنگ نه ڪئي آهي ۽ صرف پنھنجي بچاءَ ۾ وڙهي آهي. جن ۾ دشمن قوتن اسان جو نقصان وڌيڪ ڪيو آهي. اڄ اسان کي ۽ شھيد جي ساٿين کي منظم ٿيڻ، تنظيم طرف ڌيان ڏيڻ ۽ عوام کي پنھنجي عملن ۾ شامل ڪرڻ لاءِ وسيع طرف ڌيان ڏيڻ ۽ عوام کي پنھنجن عملن ۾ شامل ڪرڻ لاءِ وسيع ترين ۽ گهڻ رخي جدوجھد جي ضرورت ۽ اهميت آهي.
    هيءَ سڄي سنڌ شھيد سرائي قربان کھاوڙ ۽ روپلي چولياڻي توڙي سندس ساٿيءَ نور الله تونيو جي سوڳ ۾ ورتل آهي ۽ ان جون نظريون پراميد آهن ته سندن ساٿين جا ڇڏيل مورچا خالي نه ٿيندا ۽ ڪامريڊ مائوزيتنگ جي هن چوڻيءَ ۽ جنگي اصولن جي عملي تفسير پيش ڪندا ته:
    ”فوجين کي عوام ۾ ڦھلجي وڃڻ گهرجي ۽ انھن کي دشمن خلاف ڀڙڪائڻ گهرجي. جيڪڏهن دشمن اڳتي وڌي ته پوئتي هٽڻ گهرجي. جيڪڏهن دشمن رڪجي وڃي ته ان کي پريشان ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن دشمن ٿڪجي پئي ته ان تي حملو ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن دشمن واپس ٿئي ته ان جو پيڇو ڪرڻ گهرجي.“


    سنڌ جو سک ديو : شهيد ذوالفقار ڪولاچي

    مون کي اها خبر نه آهي ته نور الهدى شاهه جڏهن هيٺيون نظم لکيوهو، تڏهن هن جي مَن اندر ڪهڙي مزاحمت ۽ ڪرڀ سمايل هئي پر هن مزاحمت جا سلا سنڌ ۾ ڦٽندي ضرور محسوس ڪيا هئا. جنهن ۾ هن چيو آهي ته:
    ”ماءُ
    تو ڇو بغاوت ڪانه ڪئي!؟
    چوندي آهيانس.
    ان ڪري جو منھنجن پيرن هيٺان
    منھنجي ماءُ شڪست جو ٻج پوکيو هو.
    مان تنھنجي پيرن هيٺان بغاوت ٿي پوکيان.“
    هن جي ماءُ جڏهن هن جي پيرن ۾ بغاوت پوکي هئي. تڏهن اها خبر شايد ڪنهن کي به نه هئي ته اها بغاوت کينس ساڙي وجهندي. جڏهن هن پنھنجي ڳوٺ کان شھر ڏي پنھنجا باغي پير کنيا هئا تڏهن ڪنهن ٿي ڄاتو ته هو تاريخ جي تمام وڏي سفر تي نڪتو آهي. جتي اروڙ جو ارڏو باغي راجا ڏاهر ۽ سن جو سيد سندس آجيان ڪندا ۽ کيس فخر مان نرڙ تي چمي ڏيندي چوندا ته، ”اي ذوالفقار! اسان کي توتي فخر آهي. تو اسان جي فڪر ۽ فلسفي جي لڄ رکي.“ اهو ذوالفقار ڪولاچي جنهن جيڪا ڳالهه چئي ان کي عملي جامو پھرائڻ لاءِ جڏهن بندوق ڪلهي تي رکي نئين صبح جي آجيان لاءِ رات جي رهزنن سان وڙهڻ کي تاريخ جو وڏو دليل سمجهيو هو تنھن کي سنڌ ڪڏهن به وساري نه سگهندي.
    اهو به تاريخ جو اتفاق آهي ته هوانا جي هوائن ۾ دنيا جي مزاحمتي ڪردار ڊاڪٽر چي گويرا سان گڏ گوليون هلائيندڙ اليبرٽو گرنادو پنھنجي ڌرتيءَ کي آخري چمي ڏئي رهيو هو تڏهن ساڳئي مزاحمتي جنگ سان پنھنجو ناتو جوڙيندڙ ذوالفقار ڪولاچي موت کي ڌرتي خاطر لبيڪ چئي رهيو هو. اهو ڪو تاريخ جو معمولي حادثو به ڪونهي ته ساڳي تاريخ تي سفاڪ رياست جو کاڄ بڻجندڙ سنڌ جي منگل پانڊي سميع الله ڪلهوڙو جي شهادت ٿي هئي. شايد وقت جي سُڌ شهيد ذوالفقار ڪولاچي انڪاري ٿي نه سگهيو هو. هن هڪل ۾ هڪل ڏئي پنھنجي شهيد ساٿين کي اڪيلائيءَ جي احساس کان بچايو هو.
    سڄي دنيا ۾ ٽي سؤ کان وڌيڪ قومي آزاديءَ جون جنگيون هلندڙ آهن، جيڪي ڪٿي مضبوط حالت ۾ آهن ته ڪٿي ڪمزور وجود رکن ٿيون پر مزاحمت موجود آهي، جيڪا سنڌ توڙي مظلوم قومن جي تحريڪ لاءِ اتساهيندڙ عمل آهي. انهن ۾ جيڪا سڀ کان وڌيڪ بغاوت جي باهه ڀڙڪي آهي اها وچ اوڀر ۽ اتر آفريڪا جي ملڪن تيونس، مصر ۽ لبيا ۾ جن رياستن جي بنياد کي لوڏي وڌو آهي. اهو ئي ڪارڻ آهي جوعرب ملڪن جون بادشاهتون پنھنجي زوال طرف تيزيءَ سان وڌيڪ رهيون آهن. جيتوڻيڪ تيونس ۽ مصر ۾ تبديليءَ جي لھر ڪا الڳ وطن جي گُهر ڪونه پيون ڪن پر اقتدار ۾ عوام جي حڪومت- عوام لاءِ ۽ عوام طرفان هجڻ جو نعرو کڻي نڪتل عوام سڄي دنيا ۾ سجاڳي ۽ تبديليءَ جو تاريخي سڏ ٿي اڀريو آهي. ان ڪري سنڌ جي قومي تحريڪ اهڙي عمل جي آجيان ڪري ٿي ۽ ان عوامي بغاوت جا سڌي يا اڻ سڌي طرح سان سنڌ جي قومي تحريڪ محسوس ڪري رهي آهي. جنهن کي مزاحمت سان دلچسپي رکندڙ سنڌ جا نوجوان وڏو اتساهه وٺي رهيا آهن ۽ شهيد ذوالفقار ڪولاچيءَ ان جدوجھد کي لبيڪ چوندي پنھنجي مزاحمت کي تيز ڪيو ۽ ان جا اثر ڪشمور کان ڪراچيءَ تائين سڄي سنڌ محسوس ڪيا آهن. بلوچستان جي باغين به جڏهن پنھنجي بندوق کي ٿڌو ٿيڻ نه ڏنو آهي ته ان صورتحال ۾ سنڌ جي قومي تحريڪ سان واڳيل ارڏا، جن جي اهليت ۽ حڪمت عمليءَ سان اختلافن باوجود به سنڌ لاءِ اتساهه جو ڪارڻ بڻجي اڀريا آهن.
    سنڌ کي سدائين اهو طعنو ملندو رهيو آهي ته سنڌي بندوق هلائي نه سگهندا آهن. پر جڏهن به سنڌ جي نوجوانن بندوق ڪلهي تي کنئي آهي ته ان کي اڪيلو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي. جڏهن مُکي جي ٻيلي ۾ سنڌ جي سورهيه بادشاهه جي سُورمن بندوق کنئي هئي تڏهن به ان کي مختلف الزام هڻي ان ويڙهه کي محدود ڪيو ويو هو ۽ ان کي سنڌ ۾ اڪيلو ڪري ڪچليو ويو هو ۽ اڄ جڏهن سنڌ جي نوجوانن پنھنجي اڀري سڀري حال ۾ بندوق ڪلهي تي رکي آهي ته انهن کي اڪيلي ڪرڻ جي ڪوشش، سنڌ ۾ ڪنھن به طرح سٺو سنوڻ ثابت نه ٿيندي.
    سنڌ ۾ هڪ طرف سنڌ جي سُورن تي ماتم جاري آهي ته سنڌ سان هي ظلم ٿي رهيو آهي، سنڌ سان هو ظلم ٿي رهيو آهي. تڏهن سنڌ سان ظلم جي حَلَ لاءِ روايتي ڪلچر اپنائي احتجاج، مظاهري ۽ بک هڙتال کان مٿي جدوجھد نه ڪرڻ جا درس ڏيندڙ سنڌ جي اڳواڻن کي پٺي ڏئي جڏهن ڪو نوجوان چي گويرا وارو دڳ وٺڻ گهري ٿو ته ان جي پُٺي ٺپڻ ۽ رهنمائي ڪرڻ بجاءِ ان کي اڪيلو ڪرڻ ڪھڙي سنڌ دوستي آهي!؟ جيڪا ڳالهه اڄ تائين مون کي گهٽ ۾ گهٽ سمجهه ۾ نه ٿي اچي. اهي ساڳيا ماڻهو بلوچن جي ويڙهه تي ڪلما ڀرڻ لاءِ تيار آهن پر سنڌ اندر اڀرندڙ اهڙن خيالن کي ڦٽڻ کان اڳ ۾ دليلن جا پھاڙ ڪيرائي چيڀاٽيو پيو وڃي.
    هو جڏهن ڳالهائيندو هو ته محسوس ٿيندو هو ته سنڌ جي سينڌ سنوارڻ لاءِ هر قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهي ۽ هن جي روح ۾ عجيب قسم جي بيچيني هوندي هئي. جنھن ڪري پارٽي اندر ٿيندڙ سمورين ڏکين ڪمن کي پوري ڪرڻ جو ڪم هميشه اڳڀرو ٿي کڻندو هو ۽ هو جڏهن به ڪم هٿ ۾ کڻندو هو تڏهن پڪ ٿي ويندي هئي ته اهو ڪم ضرور ٿيندو. هو جڏهن به اسان کي نظر آيو تڏهن متحرڪ نظر آيو. سدائين اکين ۾ سنڌ جي آزاديءَ لاءِ اوجاڳا کڻي جڏهن هو سفر ڪندو هو تڏهن چپن تي سدائين انوکي باغي مرڪ ۽ صدين جو ويساهه کڻي نڪرندي هو. سچ پچ ته هو سنڌ جو ديو مالائي ڪردار هو. جيتوڻيڪ جنهن ساٿ ۾ هو هو هيو، ان ساٿ جون صفون ڪمزور هيون ۽ آهن پر سندس ساٿ جي نيتن تي شڪ نه هو ۽ نه آهي. اڄ تاريخ جي ضرورت آهي ته سنڌ جي سياست کي هن مورچي تي وڙهڻ جي ضرورت ۽ اهميت کي سمجهڻ گهرجي. ڪارل مارڪس چواڻي ته ”فلسفين هن وقت تائين صرف دنيا جي تشريح پئي ڪئي آهي پر بنيادي مسئلو ان کي تبديل ڪرڻ آهي.“ ان چواڻيءَ کي سنڌ جي پسمنظر ۾ ڏسجي ته سنڌ جي گهڻگهرن سنڌ ۽ ان جي مسئلن جي تشريح پئي ڪئي، بنيادي ڪم سنڌ جي تقدير تبديل ڪرڻ جي آهي. اها جيڪڏهن سياسي جدوجھد، عوامي جدوجھد ۽ فڪري جدوجھد جي وسيلي تبديل نه ٿي ٿئي ته پوءِ شھيدن جي رت جي ڏسيل واٽ کي ڏسڻ جي به ضرورت آهي. اها واٽ مقتلن ڏي وٺي ويندي آهي. جيڪا رات جي رهزنن کي ڊيڄاري وجهندي آهي. پر جيڪڏهن مقتلن کان ڪوئي باغي يا انقلابي ڊڄي ويهي رهي ته يقيناً تاريخ جي پيرن ۾ ڏاوڻ پئجي ٿا وڃن. تاريخ جي ارتقا جي رفتار سست ٿي وڃي ٿي.
    هن جي تڏي تي جڏهن سنڌ جو اڪيلو چوٿين دنيا جو مفڪر آٿت ڏيڻ لاءِ سندس وارثن تائين اچي ٿو ته ٻين جي دعوائن تي شڪ به ٿيڻ لڳي ٿو ته ڪاڏي ويئي انهن جي انسان ۽ سنڌ دوستي جنهن جي دعوى ڪندي ٿڪبا نه آهن ته سنڌ ۽ سنڌي قوم جا محافظ آهيون پر جڏهن ڪو سنڌ جي عظمت جي رکوالي ڪندي ڪو شھادت جو جام پيئي ٿو ته انهن جي وارثن وٽ لڙي وڃڻ لاءِ به ڇرڪن ٿا. اسان تاريخ جي هن باغي ديوتا جي عظمت اڳيان پنھنجي اکين کي جهڪايون ٿا ته اي شهيد تنھنجي شھادت اڳيان اسان سرخرو به آهيون ته اسان تنھنجي واٽ تي فخر محسوس ڪريون ٿا.
    سنڌ جي اماس تقدير اڳيان ارپنا لاءِ تنھنجي خون جي روشني هميشه رهنما ثابت ٿيندي. تاريخ تنھنجي سلامي آهي.
    اُماس رات روح ۾،
    ترار جيان کپي ويئي،
    ۽ روشنيءَ جا محسنؤ!
    بتين جون بارشون ڪيو!


    هڪ عظيم انسان جو وڇوڙو : ”شهيد بشير قريشي“

    جيتوڻيڪ “پروميٿيس” ڪردار، تاريخ جي ڪنهن به دور ۾ حقيقت نه رهيو آهي.پر اهو اهڙو ڪردار آهي، جيڪو پنهنجي همعصر خدائن سان بغاوت ڪري، پنهنجو رشتو انسانن سان جوڙي ٿو ۽ هو انسانن کي جديد ٽيڪنالوجي “ باهه “ ۽ ان جي اهميت کان آگاهه ڪري ٿو. ان گناهه ڪبيره جي عيوض پروميٿيس کي ڳجهين جي حوالي ڪيو وڃي ٿو، پر هو پل لاءِ به پنهنجو رشتو انسانن کان ٽوڙي نه ٿو. ان بغاوت جي سبب اهو افسانوي ڪردار، ڪارل مارڪس کان وٺي، سائين جي ايم سيد، ڪامريڊ سوڀي ۽ عبدالواحد آريسر تائين پسنديده ڪردار بڻجي وڃي ٿو ۽ پروميٿيس کان هليل بغاوت جو سلسلو اڄ جي جديد دور تائين جيئن جو تيئن جاري آهي.
    1972ع ۾ سنڌ جي باغي ديوتا جڏهن وقت جي خدائن کان بغاوت جو اعلان ڪندي، پنهنجو ناتو آڪاش ڇڏي ڌرتيءَ سان لڳايو هيو، تڏهن ڪجهه تاريخ کان ناواقف، بي سمجهه، سمجهو ساٿين ان باغيءَ خلاف پنهنجا ڪات ڪهڙا تکا ڪيا هئا. ان باغي تي”هندوستان جو ايجنٽ” هجڻ کان وٺي اهي سڀ الزام هنيا ويا، جيڪي هڪ باغي جي سر تي تعزيرن جا تاج سجايا ويندا آهن، پر هن چيو ته “ جيڪڏهن اڄ سنڌ ۽ سنڌي قوم جي آزادي خاطر وقت جي خدائن سان بغاوت نه ڪندس ته مان تاريخ جو منڪر ليکبس” ۽ پوءِ هن اڪيلي سر ئي ڀير تي ڏونڪو هڻي بيهي رهيو. اڄ اهو وقت جو باغي سنڌ جو روح روان بڻجي ويو آهي. سنڌ جو ذڪر ان باغي کان سواءِ بي معنيٰ بڻجي وڃي ٿو، جنهن کي تاريخ سائين جي ايم سيد جي نالي سان سڃاڻي ٿي.
    ان باغيءَ سان 1976ع ۾ پنهنجو نينهن جوڙيندڙ رتوديرو واسي اهو ڳڀرو بشير خان قريشي، جنهن لاءِ ڪنهن ٿي ڄاتو ته تاريخ جا ڳرا بار سندس ڪمزور ڪلهن تي پوندا. سن جي باغي ديوتا سنڌ ۽ تاريخ کي اٿلائي پٿلائي جنهن نتيجي تي پهتو هو، هن ان کي پنهنجي اکين تي رکي قبول ڪيو هو، هن اهي سڀ الزام پنهنجي سر تي کڻڻ کان ڪڏهن به عار نه ڪيو، جيڪي الزام سن جي باغي ديوتا تي لڳا ها. هن سنڌ جي تاريخ جو بار خبر ناهي ته ڪهڙي خيال کان کنيو هو، جيڪو بار سر جي سودي ڪرڻ کان سواءِ کڻڻ، ممڪن ئي نه آهي، هن ان وقت ئي پنهنجي سر جو سودو ڪري، ها ۾ ها ڪئي هئي، ڪنهن شاعر چواڻي ته ؛
    نه وهه عيسيٰ نه وه ابن علي، سرمد نه وهه منصور،
    مگر پهر بهي وه ان سب کي شبيهون مي جهلڪتا هي.
    هو ان شعر جي حرف حرف تي سورنهن آنا پورو لهي ٿو. ڇاڪاڻ ته هن ڪي ڪتابن جا اٺ ته ڪونه پڙهيا هئا پر ڪتابن ۾ محفوظ تاريخ جي تسلسل کي اڳتي وٺي وڃڻ لاءِ هن ڪڏهن به پنهنجا سندرا کولي نه ستو هيو.
    سنڌ ۾ هن انهن سڀني کي تاريخي ملهه هنئي آهي، جن مشرق ۽ مغرب جا نظريا ته پڙهيا پر سنڌي سماج جي مزاج کي سمجهڻ کان قاصر رهيا۽ نه ئي وري ڪلچرل روايتن کي پنهنجي مزاج جو حصو بڻائي سگهيا، پر هن سنڌ جي ثقافت کي پنهنجي طبيعت سان ايترو ته هم آهنگ ڪري ڇڏيو، جو جڏهن به هو پنهنجي رهبر جو پيغام کڻي ماڻهن وٽ ويندو هيو ته ماڻهن ڪڏهن به هن مان اوپرائپ محسوس نه ڪئي هئي. هو انگ اگهاڙن، هيڻن، توڙي لاچارن کي جڏهن پنهنجي ڀاڪر ۾ ڀري وٺندو هيو تڏهن ماڻهو صدين جا زخم ڇٽندي محسوس ڪندا هئا. هن سياست ۾ پيار جي فلاسافيءَ کي ايترو ته عام ڪيو جو ماڻهن هن جي پيار تي اعتماد ڪندي هن جي هر سڏ کي لبيڪ چئي پيرين اگهاڙي اويل سويل، آنجهي توڙي مانجهيءَ نڪري ايندا هئا. سنڌ ۾ عام ماڻهن جي ڳالهه ڪندڙ اڳواڻ ڪڏهن به عوام جي ايترو ويجهو نه ويا، جيترو هن ويجهڙائپ جي رشتي ۾ ذري برابر به وٿي پوڻ نه ڏني هئي. جيتوڻيڪ هن وٽ سنڌ ۽ سيد جي پيغام ۽ محبت ڏيڻ کانسواءِ ٻيو ڪجهه به ڪونه هيو، پر هن ته مسقبل جي خوشحال ۽ آزاد سنڌ جا خواب کڻي عام ماڻهن وٽ ويو هيو، جنهن خواب جي پرورش نيڻن جي ننڊ کسي ٿي وٺي. هن ڏکن ۽ دردن جي پيچرن تي هلڻ جو جڏهن ماڻهن کي درس ڏنو هيو، تڏهن به ماڻهن هن جي خلوص ۽ پيار جي ڪري اهي سڀ تڪليفون اکين تي رکيون هيون.
    هو جڏهن ڪشمور کان ڪراچي تائين سفر ڪندو هيو، تڏهن ڄڻ ته عوام جون دليون ۽ اميدون به هن سان گڏ سفر ڪنديون هيون. مسئلو ڪنهن جو به هجي، دانهن ڪنهن جي به هجي، پر هو بنا ڪنهن تفريق ۽ دير جي پهچي ويندو هيو، تيسيتائين سک سان نه ويهندو هيو، جيسيتائين مسئلو حل نه ٿئي ۽ دردن جو درمان نه ٿئي. قبيلائي جهيڙن جڏهن سنڌ جهڙي امن جي رکوال ڌرتي کي تاراج ڪيو هيو، تڏهن هي ڳچيءَ ۾ ڳارو ڪري پيرين پنڌ نڪري ٿو پوي، ٻوڏ جهڙي آفت جڏهن سنڌ مٿان ڪڙڪي ٿي، تڏهن به سڪون هن جو ڦٽل آهي ۽ پنهنجي قومي جهولي کڻي عوام جي در در تي نڪري ٿو پوي ته من ڪو مارن جي ماند هلڪي ٿي پوي. هن ته پنهنجي رهبر جي پت رکڻ لاءِ سڀ دنيا جا ٺٺ ٺانگر ڇڏي سنڌ جي سرفروش ڪارڪنن کي هڪ ئي وقت ماءُ ۽ پيءُ جو پيار ڏنو هيو. ڪارڪنن جڏهن به جيلن ۾ هجن يا روڊن رستن تي تڏهن به هن گانڌي جي عدم تشدد واري فلسفي کي لڄي ٿيڻ نه ڏنو هيو. پر جڏهن ڪارڪن اڻانگي سفر ۾ درد محسوس ڪندا هئا. تڏهن به هن جي ڀاڪرن ۽ چمين جي تاثير سان سفر جا عذاب به، عذاب نه لڳندا هئا.
    هن جڏهن ٽيويهه مارچ تي سنڌ جي راڄڌاني ۾ دنيا جي غير فطري رياست کي الودائي خطبو ڏئي سنڌ جي صدين جو سڏ ورجايو هيو، تڏهن رات جي رهزنن هن جي پيرن جي نشانن تي سخت پهرا رکڻ شروع ڪيا هئا. هن ٽيويهه مارچ تي واضع چيو هيو “ته گهڻو وقت ٿيو آهي جو منصور جو آواز نه گونجيو آهي ۽ سوريءَ سينگار نه ڪيو آهي، ان ڪري اڄ مان منصوري آواز کي ورجايان ٿو”، پر اها تاريخ جي وڏي ستم ظريفي چئبي جو هن کي منصور جي سنت بجاءِ سقراط جيان پيالي ۾امرت ڏئي سدائين جي اگهور ننڊ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر جڏهن هن جي اکين ٻوٽڻ جي خبر سڄي سنڌ ۾ باهه جيان پکڙجي وئي هئي، تڏهن سڄي سنڌ جون اکيون پٽجي ويون هيون، ماڻهن هڪ دفعو ٻيهر پاڻ کي ننڌڻڪائپ جي ڌٻڻ ۾ لهندي محسوس ڪيو هو.
    مون جڏهن ڪشمور کان ڪراچي تائين ۽ ڪراچيءَ کان دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رهندڙ لکن جي تعداد ۾ ماڻهن جون دانهون، ڪوڪون، اوڇنگارون ڏٺيون ۽ ٻڌيون هيون، تڏهن اهو اعتماد ئي نه پئي آيو ته هو اسان جي وچ ۾ نه آهي. اها پڪ ٿي وئي ته هو اسان کان الڳ ٿي به نه ٿو سگهي !! سنڌ اڃان ايڪويهه اپريل 2011ع تي شهيد ٿيل سرائي قربان کهاوڙ، روپلو چولياڻي ۽ نورالله تونيو جي درد کي وساري نه سگهي هئي ته مٿان وري هي دل ڏاريندڙ خبر وڄ جيان ڪڙڪي هئي، سنڌي ماڻهن جنهن نموني پنهنجي محبوبن جا لاش صبر ۽ تحمل سان کنيا آهن ۽ اڃان ڪا ٻڙڪ ٻاهر نه ڪڍي اٿئون اهو پڻ تاريخ جو عجيب ۽ انوکو مثال آهي، پر رياستي ادارن کي شايد اها خبر نه آهي ته درياهه اندر دهشت ڪنهن وقت قيامت ٿي ويندي آهي. ان قيامت ته عرب سامراجيت توڙي برطانوي سامراجيت جا به تڏا ويڙهائي ڇڏيا هئا، هي ته انهيءِ ڀيٽ ۾ سنڌي ماڻهن اڳيان ڪا ايڏي خاص معنيٰ نه ٿو رکي، ان جو منظر سنڌي ماڻهن ايم آرڊي تحريڪ، 27 ڊسمبر 2007، پنج ڊسمبر 2010 ۾ جنهن ڪاوڙ ۽ ڪروڌ جو اظهار انهن هٿين خالي هجڻ باوجود ڏيکاريو آهي تنهن کي ڀلا تاريخ ڪيئن وساري سگهي ٿي. پر شايد وقت جا حاڪم طاقت جي نشي ۾ اڄ تائين اها ڳالهه سمجهي ناهن سگهيا ۽ نه ئي وري شايد سمجهي سگهندا!!.
    هنن حالتن م سنڌ جي قومي تحريڪ جي مڙني ڌڙن جي ذميواري جو به وقت شروع ٿئي ٿو. جيڪڏهن قومي تحريڪ هاڻي به پنهنجي ذميواري محسوس ڪري ۽ مڙي مٺ نه ٿي ٿئي ته سنڌ جي غلاميءَ جو دؤر اڃان به ڊگهو ٿي سگهي ٿو. رياست بلوچستان ۾ هزارن جي تعداد ۾ قومي ڪارڪنن کي شهيد ۽ گم ڪري ڇڏيو آهي، پر بالاچ خان مري ۽ اڪبر بگٽيءَ جي شهادت کانپوءِ بلوچ قومي تحريڪ وڌيڪ باسمجهيءَ سان قدم کنيا آهن. جنهن سبب انهن جو ڪيس عالمي سطح تي ته پهتو ئي آهي، پر انهن جي مزاحمت ۾ به زبردست تيزي آئي آهي. تنهنڪري سنڌ جي قومي تحريڪ کي ان مثال کي سامهون رکندي پنهنجي سموري سگهه کي يڪجا ڪرڻ لاءِ پنهنجا ننڍا وڏا اختلاف ۽ انائون پاسي تي رکي هڪ قوت بڻجي اٿڻو پوندو. فرانز فينن چواڻي ته “ جڏهن اوهان منتشر آهيو، تڏهن توهان جو دشمن منظم آهي ؛ يقين ڄاڻو جڏهن توهان منظم ٿيندوُ تڏهن توهان جو دشمن منتشر ٿيڻ شروع ٿيندو.“ اڄ سنڌ جي قومي تحريڪ منتشر هجڻ سبب ان جون دشمن قوتون منظم آهن. ان ڪري جهڙي نموني 1995ع ۾ سائين جي ايم سيد جي وڇوڙي کانپوءِ سائين جي ايم سيد جي ڏنگن ۽ ڏاهن ٻارن غم کي طاقت ۾ تبديل ڪيو هيو ۽ هاڻي سنڌ جي قداور ۽ متحرڪ اڳواڻ بشير خان قريشي جي شهادت کانپوءِ پنهنجي ڇڙوڇڙ قوت کي يڪجا ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي، ٻئي صورت ۾ رياست قومي تحريڪ کي ان کان به وڌيڪ خطرناڪ وار ڪري سگهي ٿي. جنهن جو ازالو ڪرڻ شايد ڪنهن جي به وس جي ڳالهه نه هوندو. اڄ شهيد بشير خان قريشي جي شهادت لاءِ تامل گيت اسان جي پوري پوري رهنمائي ڪري ٿو جنهن گيت ۾ چيو ويو آهي ته ؛

    تنهنجو آواز،
    اسان جي روحن ۾ محفوظ آهي،
    جيڪو لڳاتار سڏي رهيو آهي،
    پر توسان اهو واعدو آهي،
    اسان تنهنجي آواز جي تڪميل بڻجي،
    پنهنجي وطن جي مٽي محفوظ ڪنداسين
    ۽ تنهنجي دشمن کي سک سان ساهه کڻڻ نه ڏينداسين.


    هو دودي سومري جو تسلسل هو: شهيد مظفر ڀٽو

    سن جي سيد جڏهن پنھنجي سياست جو مزاج گانڌي واد ۽ مسيحي طرز تي رکڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، تڏهن به رياستي ادارن ان مزاج کي ڪڏهن به دل سان قبول نه ڪيو هو، جنھن ڪري سن جي سيد جي سياست نالي ماتر جمھوري دؤر هجي يا آمريت جو سڌو سنئون لانگ بوٽ هجي، ٻنهي حالتن ۾ تاب ۽ عذاب جي هيٺ رهي آهي. اهو ئي سبب هو جو 91 سالن جي عمر ۾ رياست سن جي سيد کي زندان جي جهروڪن کان ٻاهر نه ڪڍيو ويو هو ۽ انهيءَ حالت ۾ به سيد پنهنجي باغي مزاج ۽ باغي سياست، کان تر جيترو نه هٽيو هو. سيد جي لاڏاڻي تي ڳڙهي خدا بخش جي بي سمجهه سمجهو نياڻيءَ اقتداري ڪرسيءَ جي نشي ۾ چيو هو ته ”جي ايم سيد ڪي ساٿ، جيئي سنڌ ڪا نعره ڀي دفن هو گيا“ پر ان جي لاش تي پاڪستان نه کپي ۽ سنڌو ديش جي نعرن ثابت ڪيو هو ته شخصيتون ته دفن ٿي سگهن ٿيون پر ان جا فڪر، خيال، سوچون ۽ تحريڪون دفن ناهن ٿينديون. جيئن ڪارل مارڪس چيو آهي ته،”جڏهن نظريا عوامي نعرا ٿي ويندا آهن يا مقبوليت حاصل ڪري وٺندا آهن ته اهي مادي شڪل اختيار ڪري ويندا آهن. يعني ان کانپوءِ ماڻهو اهڙو هٿيار ٿي وڃن ٿا جو وڏن پھاڙن کي دز ڪري ڇڏين ٿا.“ سائين جي ايم سيد جو فڪر ۽ فلسفو ايترو ته عوامي مقبوليت اختيار ڪري ويو آهي جو سنڌ، هر سنڌيءَ جي ايجنڊا بڻجي ويئي آهي. سنڌ ۾ ڪابه ڌر مذهب يا ٻئي ڪنهن فڪر توڙي فلسفي جي بنياد تي پنهنجا پير کوڙي نه سگهندي جيستائين اها ڌر سنڌ کي پنهنجي اولين ايجنڊا ۾ نه رکندي.
    اهو ڪنهن به نه ٿي ڄاتو ته سيد جي پيروڪارن کي تاريخ گانڌيءَ جي لٺ بجاءِ سڀاش چندر بوس جي ڍنگ طرف وٺي ويندي. انهيءَ ڍنگ ۽ رنگ جي تضاد ۾ قومي تحريڪ پنهنجون صفون الڳ الڳ رکندي به جدوجھد جا سڀ رستا آزمائڻ طرف وڃي رهي آهي. هونئن به ڪارل مارڪس چواڻي ته، ”ويڙهه جو تعين اسان نه پر اسان جو دشمن ڪندو آهي.“ يعني دشمن قوتون ڪهڙي واٽ، رستي ۽ دڳ ذريعي توهان جي مطالبن کي تسليم ڪنديون، اهو دڳ توهان ۽ اسان جو دشمن طئه ڪندو آهي. ان ڪري اسان کي پنهنجي سڀني مُورچن تي وڙهڻ لاءِ تيار رهڻ کپي، ان تاريخ جي ڏنل سبق کي سامهون رکندي قومي تحريڪ سورهيه بادشاهه جي سنت تي عمل پيرا ٿيڻ لاءِ گانڌي واري فلسفي کي طلاق ڏني هئي. انهن ۾ سيوهڻ جي سرزمين سان تعلق رکندڙ مظفر ڀٽو سر فهرست هو. هن کي قومي تحريڪ جي عظيم شهيد سميع الله ڪلهوڙي جي پنجين ورسيءَ جي موقعي تي ميهڙ جي رت گاڏڙ مينديءَ جي خوشبوءِ ۾ مون جڏهن ذاتي ڪچهريءَ ۾ مزاحمت جي حق ۾ دليل ڏيندي ٻڌو هو تڏهن مون کي يقين نه پئي آيو ته هو ان مزاحمتي دڳ تي ايترو ثابت قدميءَ سان بيهندو!! هن جي انهن پيرن کي ڀڳو ويو، جن پيرن صرف سنڌ لاءِ وکون کنيون هيون. جن پيرن سنڌ جا روڊ رستا، واهڻ وستيون جهاڳيون هيون. رياستي ڪارندن انهن پيرن مان خطرو محسوس ڪيو هو. هن جي ان دل کي به گولي هنئي ويئي هئي، جنھن دل هڪ منٽ ۾ 72 دفعا ڌڙڪڻ وقت به سنڌ - سنڌ پئي ڪئي. جنهن دل عشق جو جام پي مست-مست مدام ٿي سنڌ لاءِ جهومڻ پئي چاهيو. ان دل کي به خاموشيءَ جي ننڊ سمهاريو ويو هو. هن جي ان دماغ کي به گولي هنئي ويئي، جنهن دماغ سنڌ ۽ سنڌ جي آزاديءَ لاءِ سوچڻ کان سواءِ باقي ڪفر پئي سمجهيو. ”جو دم غافل، سو دم ڪافر“ وانگر پنهنجي خيالن ۽ سوچن سنڌ ۽ سيد جي ڏنل مشن جي پايئه تڪميل لاءِ پرواز پئي ڪئي. ها گولي ته لينن جي دماغ ۾ به هنئي ويئي، جڏهن هن عوام ۽ عوام جي برابريءَ لاءِ سوچيو ۽ لوچيو هو. اها گولي ته نٿورام گاڊسي گانڌيءَ جي سيني ۾ به داخل ڪئي، جنهن گانڌيءَ عدم تشدد کي پنھنجو رهنما اصول بڻايو هو پر هو به تشدد جو شڪار ٿي ويو هو. اهي هڏ گُڏ بوليويا ۾ ڊاڪٽر چي گويرا جا به ڀڳا ويا هئا؛ گوليون ته ان جي جسم ۾ به داخل ڪيون ويون، جو ان جي زال به ان کي سڃاڻي نه سگهي هئي. دنيا ۾ شايد هر ظالم جا خونخوار چنبا ساڳيا ئي آهن جيڪي مختلف شڪلن ۾ بدلبا رهن ٿا. ڊاڪٽر چي گويرا کان مظفر ڀٽو تائين مزاحمتي ڪردار به ساڳيائي آهن. جيڪي هر دؤر ۾ نئين روپ سان جنم وٺن ٿا.
    مون کي چڱيءَ طرح ياد آهي ته هن ۽ هن جي ٻن ساٿين عدالتي بيان لکي رياستي ادارن کي چئلينج ڪيو هو ته اسان اوهان جا مجرم آهيون، اسان کي سرعام ڦاهي ڏني وڃي. هنن اهو عدالتي بيان سنڌ جي عوام ڏانهن پنهنجي صحيح سان موڪليو هو. جنهن ۾ هنن چٽيءَ طرح چيو هو ته ”اسان سائين جي ايم سيد جي هڪ هڪ اکر جا ذميوار آهيون. سائين جي ايم سيد جا سمورا ڏوهه اسان قبول ڪيون ٿا.“ پر رياست جي ڪمزور ادارن هنن جي ان تاريخي بيان کي قبول ڪرڻ جو ست ساري نه سگهيا هئا. هيءَ سنڌ جي تاريخ ۾ وڏي معياري تبديلي هئي جو رياست جا باغي ڪردار پنھنجو ڏوهه قبول ڪري رهيا هئا پر رياست انهن کي ڏوهاري سمجهندي به سزا ڏيڻ لاءِ تيار نه هئي. اڳي هڪ سيد هو جنهن ”سنڌ ڳالهائي ٿي“ جي روپ ۾ نروار ٿي سامهون آيو هو پر رياست ۽ ان جي ادارن، سيد جي حوصلي همت ۽ تاريخي دليلن جي اڳيان پنھنجا هٿيار ڦٽا ڪيا هئا. ٻيو هي سيد جا ارڏا ٻار هئا جيڪي سيد جي تاريخي سڏ جو پڙاڏو بڻجي اڳيان آيا هئا. جيتوڻيڪ هن جي باقي ٻن ساٿين پنهنجي راهه کي ڇڏي آرامي ٿيا آهن پر هن پنھنجي ازل جي راهه کي رهنما بڻائي، زندگيءَ جو اڙانگو سفر جاري رکيو هو، جنهن ۾ هن جو موڀي ڀاءُ شهادت جو جام پي ويو پر هن ان عمل کي به اکين تي رکيو هو. گهر ۾ روڄ راڙي واري ڪيفيت ۾ به ذري برابر به پنهجي وکن ۽ هٿن کي نه روڪيو هو، ويندي ويندي به پنهنجي سٻاجهي ۽ بهادر ونيءَ کي وصيعت ڪئي هئي ته ”جيڪڏهن مان مارجي وڃان ۽ پوءِ به سنڌي قوم جون اکيون نه کلن ته منهنجي آڪاش کي تيار ڪجانءِ ته هو ڌرتيءَ جي ڇپر ڇانوَ ٿئي.“ هن جي وَنيءَ جي جگر کي به شابس آهي جنهن پهاڙ جيڏا ڪشالا ڪٽڻ کانپوءِ به پنهنجي مڙس جي شجاعت کي لڄي ٿيڻ نه ڏنو آهي. هن جي ننڍي ڀاءُ به هن مزاحمت جي ميدان تي پنهنجا پير رکيا آهن. سنڌ جي تاريخ ۾ دولهه دريا خان ۽ دودي سومري جي خاندان ڪسجڻ جي شاندار روايت کي جنهن نموني مظفر جي گهر وارن برقرار رکيو آهي تنھن کان انڪاري ڪو پٿر دل ۽ احساسن کان خالي ڪو ماڻهو ئي ٿي سگهي ٿو !!


    گھاٽي بَـڙَ جي ڇانوَ-ڪامريڊ حيدر جويو

    واقفيت: 1997ع ۾ مان ستين ڪلاس ۾ داخل اڃان مس ٿيو هئس، ٻاراڻا خيال ۽ سوچون بانبڙا پائڻ لڳيون هيون. علم و ادب ڏانھن ”گل ڦل“، ”ارچڪ مرچڪ“، ”گلستان“ ۽ ”سنڌي ٻارڙا“ جھڙن ٻاراڻن رسالن جي ذريعي لاڙو پيدا ٿي رهيو هو. جاگيرداري سماج ۾ هر شيءِ سست رفتار هلندي آهي، ان ڪري ڪم گهٽ ۽ واندڪائي وڌيڪ هئڻ سبب اڪثر هوٽلن تي پنھنجو وقت گذرڻ معمول جو حصو هوندو هو. رسالا هٿ ۾ به ان نيت سان کڻندو هئس ته پاڻ کي ٻين کان مٿڀرو ڏيکاريان. اهو ئي خيال کڻي هوٽل تي رسالن سميت اچي ويٺس ته ديو مالائي شخصيت به منھنجي ڀرسان اچي ويٺي. پھرين ڏسڻ سان ته ڀئُه پيدا ٿيو ته الائي ڪير آهي، وري اچي به منھنجي ڀر ۾ ويٺو. مون جھڙو جيتامڙو ماڻهو هن جي ڀرسان ايئن محسوس ٿيو ڄڻ ڪو جبل جي ڀرسان ڪا ڪِول بيٺي هجي.
    ”ڪير آهين؟“ رعبدار آواز ۾ پڇيائين.
    مان هيڪاري ڏڪي ويس، ڊڄندي چيم ته ”ڪوري“.
    ”ڇا پڙهندو آن؟“
    ”ستين ڪلاس ۾.“
    ”ٻيو ڇا ڪندو آن؟“
    ”رسالا پڙهندو آهيان.“ جهيڻي ۽ معصوميت واري انداز ۾ وراڻي ڏنم.
    ”واهه ڙي واهه“، ”واهه سائين واهه.“جنهن مهل چيائين دل خوش ٿي ويئي. وري پڇيائين، ”ڪهڙا رسالا پڙهندو آهين؟“
    ”سڀئي رسالا ڏيکاريامانس.“
    ”واهه واهه“ هڪدم حوصله افزائي ڪيائين. تنھن باوجود به دل ۾ شڪ ۽ خوف ٿي رهيو ته ڪٿي مون کي ڦاسائي ته نه رهيو آهي. مون کي ڪهڙي خبر ته هو واقعي به اهڙو ڦاسائيندو جو سڄي ڄمار نه نڪري سگهندس.
    ”پوءِ هتي اديبڙا روز جمع تي ويھندا آهن. ڪهاڻيون ۽ شاعري پڙهندا ۽ ٻڌائيندا آهن، اتي اچ“ هن چيو.
    مون گهٻرائڻ واري انداز ۾ هاڪار ڪئي ۽ چيو ته پوءِ ڪيئن هلبو.
    ”ايندڙ جمع تي هتي ويهجانءِ، مان توکي وٺي هلندس.“ اهو چئي چانهه پياريائين. ڏاڍو خوش ٿيس. تڏهن ادبي سنگت ڏوڪري جون گڏجاڻيون اڪثر ڪري جمع تي ٿينديون هيون. ٻئي جمع تي ڀوَ سبب ڄاڻي واڻي نه آيس. پر هو انتظار ڪندو رهيو. نيٺ ٻيهر اتفاق سان ملياسين. مون کي ڏسندي چيائين، ”واهه ڙي واهه ڪوري ڪٿي آهين؟ مون تنھنجو انتظار ڪيو.“ ڪوڙ ڳالھائيندي چيم، ”ڪم ٿي پيو هو ان ڪري نه آيس.“ وري جمع تي ملڻ جو واعدو ڪيم. آخرڪار جمع تي ساڳئي هوٽل تي مون کان اڳ منھنجي انتظار ۾ ويٺو هو. مون کي ادبي سنگت جي گڏجاڻي ۾ وٺي هليو. اتي سڀني سان تعارف ڪرايائين، پوءِ مون کي خبر پئي ته هن کي ڪامريڊ حيدر جويو چوندا آهن. جنهن لاءِ اڪثر ڪري اسان جا وڏا چوندا هئا ته ڪافر آهي. الله، رسول، پيرن ۽ فقيرن جو منڪر آهي. جنهن لاءِ عجيب تصور ۽ ڳالهيون منهنجي ذهن ۾ اڳواٽ ئي موجود هيون. جڏهن تعارف ٿيو ته گهڙي کن لاءِ منهنجون وايون بتال ٿي ويون. ڪافر هئڻ واري تعارف سبب منهنجي دل ۾ هن لاءِ نفرت جو اُلو اُڀري پيو. اهو هو شروعاتي تعارف ڪامريڊ سان، جنهن منهنجي سڄي ڪائنات ئي تبديل ڪري ڇڏي.

    ادبي تعلق: ڪامريڊ سان اڪثر ڪري ڪچهريون سندس هوٽل تي ۽ ان جي مٿان جڳهه تي ٿينديون هيون. بعد ۾ ادبي ۽ سياسي ڪتاب وغيره پڙهڻ لاءِ ڏيندو هو. ان کان پوءِ آهستي آهستي مون کان بحث ڪرائيندو هو. ادبي سنگت کي ڪامريڊ نوجوانن جو ابتدائي تربيتي اداري طور تي ڪم وٺندو هو. اتي بحث مباحثا ڪرڻ لاءِ ماحول ٺاهي وٺندو هو. اهو ئي ڪارڻ آهي جو ڪامريڊ 64-1963ع ڌاري ادبي سنگت ڏوڪريءَ جا بنياد وڌا، جنھن ۾ هميشه روح ڦوڪڻ لاءِ ڪامريڊ هر اول دستي جو ڪردار ادا ڪندو رهيو آهي. ادبي سنگت ۾ جڏهن محسوس ڪيائين ته نوجوان ڊائيس بنا ڳالهائڻ ۾ هٻڪ محسوس ڪن ٿا ته فوراً پنھنجي پئسن مان ڊائيس ٺھرايائين. سڀني کي ڊائيس تي ڳالهائڻ کان پوءِ اعتماد وڌيو.
    ادبي سنگت ۾ جڏهن به ماٺار شروع ٿي ويندي آهي ته ڪامريڊ متحرڪ ٿي ويندو آهي. مون کي چڱيءَ طرح ياد آهي ته 01-2000ع ۾ سنگت غير فعال ٿي ويئي، ڪامريڊ پروگرام جي رٿ ڏني، جيڪا شايد نه پر پڪ سان سنڌ ۾ اها پهرين دفعو روايت وڌائين ته پوري تعلقي جي صاحبِ ڪتاب ليکڪن جي مان ۾ آجياڻو ڏنو وڃي. صدارت ڪنهن به نه ڪئي. مهمان خاص ۾ نثار کهڙي کي گهرايائين. تڏهن سنڌ اسيمبليءَ ۾ حزب اختلاف جو اڳواڻ هو. سڄي تعلقي جي شاعرن، اديبن، سياستدانن ۾ تحرڪ پيدا ٿي ويو. پهرين ته اسان به مخالفت ڪئي سين ته پروگرام جو مک مهمان ڪو ٻيو هجي پر پوءِ ڳالهه سمجهه ۾ آئي ته ڪامريڊ سڀني ڌرين کي متحرڪ ڪرڻ لاءِ بيٺل پاڻيءَ ۾ پٿر ٿو اڇلي. پوءِ اسان ڏٺوسين ته ڏوڪري تعلقي جون بيمار سياسي، سماجي تنظيمون تضاد ۾ اٿي پيون. سڀني پنھنجي پنهنجي حوالي سان پروگرام رٿيا. ائين تعلقي ۾ سياسي، ادبي توڙي سماجي طرح سان چٽاڀيٽي شروع ٿي ويئي. هر تنظيم ٻي تنظيم کان بھتر پروگرام ڪرڻ جي چڪر ۾ لڳي وئي. نه صرف اهو پر ڪامريڊ سدائين بھتر لکڻ واري کي تحفا توڙي انعام ڏيڻ ڪامريڊ جو عام مشغلو رهيو آهي. اهڙا کوڙ مثال پيش ڪري سگهجن ٿا.

    سياسي وابستگي: ادب کان اڳتي سياست ۾ سماج جي نجات سمجهندڙ ڪامريڊ مون کي چوندو آهي، ”تون سياست لاءِ ٺيڪ آهين. پاڻ کي قوم جي نجات لاءِ تيار ڪر. سياست سماجي تبديليءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. جڏهن ته ادب توڙي ٻيا شعبا ان جا مددگار ٿي سگهن ٿا. ان ڪري سياست کي پنھنجو مشغلو بڻاءِ.“ سڀ کان وڏي ڳالهه جيڪا ڪامريڊ ۾ مون ڏٺي ته هو ڪنهن به ماڻهوءَ جي سياسي رخ طئه ڪرڻ جو اختيار پاڻ وٽ نه رکندو آهي. سدائين چوندو آهي ته ”هجو ڪنھن سان به پر توهان کي خبرهئڻ کپي ته توهان ان سان ڇو آهيو؟ پاڻ کان ۽ سماج کان بي خبر نه رهو.“ اڪثر ڪري چوندو آهي ته ”سچ لاءِ دروازا سدائين کليل رکجانءِ.“ وڌيڪ چيائين ته، ”سچ ٽن قسمن جو ٿيندو آهي هڪ منھنجو سچ، ٻيو تنھنجو سچ ۽ ٽيون اسان جو سچ. هر ماڻهوءَ وٽ هڪ پنھنجو سچ ٿيندو آهي. اهو منھنجو يا تنھنجو سچ انفرادي سچ آهي پر سڀ کان وڏو سچ اسان سڀني جو سچ آهي. ان سچ کي به ڪا معنى ٿيندي آهي. انهيءَ سچ لاءِ پاڻ کي تيار رکڻ کپي. اهو سچ سياست ئي حل ڪري سگهي ٿي.“ مون جڏهن ٻارهين جماعت سڄي لاڙڪاڻي ۾ ٽاپ ڪئي ته سائين جي ايم سيد جي ڪتابن جو سيٽ انعام ۾ ڏنائين. مان حيران ٿي ويس ته پاڻ سدائين ٽريڊ يونين جي سياست ڪيائين، جيلن، ٽارچرن کان وٺي عام تڪليفن سهڻ تائين انهن سان گڏ رهيو پر مون ۾ سائين جي ايم سيد جي فڪر جون ڏياٽيون روشن ڪيائين پئي. مون کي چڱيءَ طرح ياد آهي ته، ڪامريڊ پنھنجي نجي ڪچهريءَ کان وٺي خاص گڏجاڻين توڙي تقريرن ۾ سائين جي ايم سيد جا حوالا ڏيڻ سندس فطرت ۾ شامل آهي. ڪامريڊ جي ڪچهرين ۾ مون ڪڏهن به سائين جي ايم سيد تي تنقيد نه ٻڌي آهي. اهو ئي لاڙو هو جو مون کي سنڌ جي آزاديءَ طرف وٺي ويو. سنڌ آزاد ٿئي پر اهو سوشلسٽ سنڌ هجڻ کپي. سوشلزم کان به اڳتي ڪميونزم طرف سنڌ کي وڃڻ گهرجي. سنڌ ۾ عجيب الميو آهي، قومپرستن ۽ ڪميونسٽن سان، قومپرست طبقاتي سوال کي تسليم ڪرڻ لاءِتيار ئي نه آهي ۽ ڪميونسٽ قومي سوال کان ٽهندا وتندا. ٻنهي ۾ هم آهنگي پيد اڪرڻ لاءِ ڪامريڊ (Catalyst) وارو ڪردار ادا ڪيو آهي. جنھن سبب ڪميونسٽ ڪامريڊ کي قومپرست سمجهندا آهن ۽ قومپرست ڪميونسٽ ٻئي ڌريون ڪامريڊ کي زبردست تنقيد جو نشانو بڻائن ٿيون. پر حقيقت ۾ ڪامريڊ آزاد سوشلسٽ سنڌ ڏسڻ چاهي ٿو. جنهن ۾ هاري، مزدور ۽ پورهيت جو راڄ هجي اها آزادي به ڪهڙي ڪم جي جيڪا جاگيردار ۽ سرمائيدار لاءِ ڦلدائڪ ٿئي پر هيٺيون ڪلاس ساڳيو ئي عذابن ۾ هجي.
    گهر ۾ توڙي ٻاهر ڪنهن کان به غلطي ٿيندي ته ڪامريڊ جو اهو تڪيو ڪلام هوندو آهي ته ”باقي سنڌ آزاد ڪيئن ڪرائيندين؟“ ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ڪامريڊ پنھنجو سياسي قبلو سنڌ کي بڻائي سياست ڪرڻ کي ترجيح ڏيندو رهيو آهي ۽ هر قسم جي غلامي خلاف ويڙهه ڪرڻ ڪامريڊ جي مزاج ۾ شامل رهيو آهي. هڪ دفعو چيائين ته ”غلام ٿيڻ ۽ غلام بنائڻ ماڻهوءَ جي فطرت ۾ شامل ٿي ويو آهي. ان ڪري آزادي پسندن کي پنھنجو مزاج به آزادي سان ٺاهڻو پوندو.“ اهو سچ آهي ته اسان سڀني کي پنھنجي جوهر ۾ به آزادي پسند ۽ غلاميءَ خلاف پنهنجو مزاج ۽ فطرت به ٺاهڻي پوندي.

    اندازِ گفتگو: ڳالهائڻ فن آهي. پنھنجو مؤقف رکڻ بحث مباحثي توڙي تقريرن ۾ انتھائي ذميداري جو ڪم آهي. ڪي ڪي ماڻهو تصنيف و تاليف جا ڪاريگر هوندا آهن پر گفتگو ۾ ماهر نه هجڻ سبب پنھنجو موقف وزنائتي انداز ۾ نه رکي سگهندا آهن. ڪامريڊ بحث مباحثن کان وٺي تقريرن ۾ ڪمال درجي جو فن رکي ٿو. هن جو اندازِ گفتگو تجريدي (Abstract) آهي. جڏهن ڳالهائي ته پنھنجا سمورا حواس (Senses) مرڪوز ڪرڻا پوندا آهن. عام جلسن ۾ عام ماڻهن جي انداز ۾ ڳالهائڻ سبب ڪامريڊ سڄي محفل ۾ حاوي رهندو آهي. هڪ دفعي ڏوڪري ۾ ٻيڙي مزدور يونين وارن پهرين مئي جي مناسبت سان جلسو منعقد ڪيو. سَون جي تعداد ۾ ماڻهن جي شرڪت هئي، ڪامريڊ به پروگرام ۾موجود هو. ڪامريڊ جڏهن پروگرام ۾ موجود هوندو آهي، محسوس ٿيندو آهي ته پروگرام واقعي به آهي. پنهنجي جهولي ڀريل محسوس ڪندا آهيون. ان پروگرام ۾ مزدورن تـَرَ جي وڏيري اڳوڻي ايم اين اي کي به پروگرام ۾ گهرايو هو. عجيب ماحول ٿي ويو. جنهن گاديءَ خلاف ڪامريڊ زندگيءَ جو وڏو حصو ”ڊاهينداسين ڊاهينداسين گـُڏ جي گادي ڊاهينداسين.“ وارو نعرو کڻي ڏوڪري تعلقي ۾ وڏيرن خلاف باهه ٻاري ڏني هئي. اڄ ان گاديءَ جو چڱو مڙس ۽ ڪامريڊ حيدر ٻئي جلسي ۾ ۽ اتفاق سان ٻئي اسٽيج تي. پنڊال ۾ آنڌ مانڌ لڳي پئي هئي ته الائي ڇا ٿيندو؟ هڪ ته دوست چيو ته حسين ۽ يزيد کي اسٽيج تي گڏ ويهاريو اٿائون. لڳي ٿو ته ڪربلا ٿيندي! اهو چؤٻول هلندڙ هو ته اوچتو اعلان ٿيو ته ڪامريڊ حيدر جويو اوهان سان مخاطب ٿيندو. سڄي پنڊال ۾ سڪتو طاري ٿي ويو. سڀني جون نظرون ۽ حواس ڪامريڊ ڏانهن متوجهه ٿي ويا. ڪامريد جنهن عوامي انداز ۾ عوام جي مسئلن ۽ وڏيرن جي ڪردار تي ڳالهايو. سڄي پنڊال ۾ واه واه ٿي ويئي. اسان تيستائين خود وڏيري جو ساهه لُڪي ۾ ڏٺوسين جيستائين ڪامريڊ اسٽيج تي تقرير لاءِ بيٺو رهيو. ڪامريڊ ڏاڍي خوشگوار انداز ۾ پنهنجو مؤقف ٻڌائي لٿو ته وڏيري کي به ساهه پئجي ويو ته ٻيلي اڄ بچي وياسين. پر جيڪڏهن وڏيري ۾ ٿورو Sense هجي ها ته سمجهي وڃي ها ته ڪامريڊ تجريدي انداز ۾ ڪيئن نه سندس بيعزتي به ڪري آيو ۽ کيس خبر به نه پئي.
    اهڙا کوڙ واقعا ۽ پروگرام ڏٺا آهن جيڪي ڪامريڊ جي برجستائپ ۽ ڏاهپ جو واضع مثال آهن. هڪ دفعو ته ڪامريڊ سوڀي جي زندگيءَ تي لکيل ڪتاب ”مھين جو ماڻهو“ جي مهورتي تقريب ۾ اديبن ۽ سندس ڪردار جا ڇوڏا لاهي ڇڏيائين. ڪامريڊ سوڀي جھڙي ماڻهوءَ ڪامريڊ حيدر جي ڇڏيل سوالن کي نظرانداز نه ڪري سگهيو. سنڌ سنگت جو مرڪزي سيڪريٽري ڊاڪٽر ذوالفقار سيال ڦٿڪي پـيو. بهرحال ان پروگرام ۾ ڪامريڊ حيدر جا ڇڏيل اڻ مٽ نشان اڄ به اسان جي ذهنن تي اڪريل آهن. سندس گفتگو ۾ تسلسل، فني انداز، پنھنجائپ، بي ڊپائي، ارڏائي ۽ اعتماد ڪنهن به طرح نظرانداز ڪرڻ جوڳو نه آهي. پر جيڪي ماڻهو ڪامريڊ جي انهن خوبين کان انحرافي ڪن ٿا منھنجي خيال ۾ وقت ۽ سچ جا اهي وڏا منڪر آهن.

    ڪامريڊ تي لڳندڙ الزام: ڪامريڊ حيدر جي جيتري وڏي ديو قامت شخصيت آهي مٿس الزام به اوترا ئي وڏا لڳندا رهيا آهن. هُن جي 1989ع تائين وطن د وست انقلابي پارٽي جي پليٽ فارم تان جدوجھد انتھائي شاندار رهي آهي.جنھن جي ٽٽڻ کانپوءِ اڪثر ماڻهن جو خيال آهي ته هو پنھنجو سياسي قبلو درست رکي نه سگهيو. سندس وڏيرن جي اوطاقن تي موجودگي ڇرڪائيندڙ رهي، جنهن ڪري هو ڪيترن ئي ماڻهن جو سياسي Ideal نه بڻجي سگهيو ۽ نوجوانن ڪامريڊ سان گڏ سياست ڪرڻ کي ترجيح نه ڏني. ڪامريڊ جي ڪردار ۽ شخصيت تي الزام لڳندا رهيا آهن اُهي هُن جهول پائي جهليا آهن ۽ اڳتي به اهڙن الزامن جي وضاحت هو پاڻ ڪندو.


    پرهه جي ٿڌي هير جهڙو شخص : عبدالحميد ابڙو

    جڏهن به ڪو انسان، پنھنجي تڪميل ڪرڻ چاهي ٿو تڏهن هن وٽ ٻه رستا آهن يا ته پھرين پنھنجي ذات کي ٺاهي، پئسو جمع ڪري، بنگلا اڏي، عيش عشرت ڪري خوش زندگي گذاري ۽ بس، ٻئي ماڻهو وري پنھنجي تڪميل لاءِ پھرين سماج جي تڪميل ڪرڻ گهرن ٿا. ڇاڪاڻ ته جيستائين سماج جي تڪميل نه ٿيندي تيستائين ذات جي تڪميل به نه ٿيندي ۽ پوءِ ماڻهو سماج جي تبديليءَ لاءِ پنھنجي زندگي داوَ تي لڳائي ڇڏين ٿا. هنن جو جيئڻ مرڻ سماج جي بھتريءَ لاءِ جاکوڙيندي گذري ٿو. ان جاکوڙ ۾ جيڪا خوشي انسان کي ملي ٿي ان جو ڪو مثال ئي نه آهي. سماج ۾ اهڙ اماڻهو توهان کي وَرلي ملندا جيڪا پنھنجي مٿين طبقي کي ڇڏي هيٺين طبقي سان پنھنجو رشتو ناتو جوڙين ۽ ان ۾ ئي پنھنجي ذات جي تڪميل سمجهن. سنڌ ۾ اهڙا مثال تاريخ ۾ جيڪي ملن ٿا انهن ۾ لاڙڪاڻي ويجهو انتھائي پسمانده علائقي سلطان خان جماراڻي ڳوٺ م سنڌ جي جاگيردار گهر ۾ 5-فيبروري 1943ع ۾ جنم وٺندڙ عبدالحميد ابڙي کي وساري نه ٿو سگهجي. سول جج کان پنھنجي نوڪريءَ جي شروعات ڪندڙ جي زندگي ”آهه“ فلم ڏسڻ کانپوءِ سندس دنيا ئي تبديل ٿي وڃي ٿي. ان تبديليءَ جو اثر اهو نڪتو جو هو سڄي زندگي غريب ۽ مارو ماڻهن سان محبت ڪندي گذاري ٿو. عبدالحميد ابڙو صاحب جو جيڪو تعارف سنڌ ۾ ڪرائي سگهجي ٿو، انهيءَ جا گهڻا ئي پهلو آهن، پر هتي مختصر هيٺ ڏجي ٿو.

    قانوندان: 1971ع کان سول جج کان پنھنج ڪيريئر جي شروعات ڪندڙ اهم هستي هوندي به عام ماڻهن جي ڪيسن ۾ زبردست حمايت ۽ طرفداري ڪندڙ رهيو هو. جڏهن اسي جي ڏهاڪي ۾ سنڌ جي ناليواري شاعر استاد بخاري کي سرڪار بغاوت جا ڪيس هڻي سزا ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ته سڀ کان اول ته عبدالحميد ابڙو صاحب استاد بخاري کي چيو ته ”جيڪو تو عمل ڪيو آهي اهو عمل ساراهه جوڳو آهي، ان ڪري ان عمل تي پڇتاءُ ڪرڻ بجاءِ قبول ڪر ته تون باغي آهين. تاريخ توکي سونھري موقعو فراهم ڪيو آهي“ پر استاد بخاريءَ جي انڪار ڪرڻ تي ڪيس مان جان آجي ڪرائڻ لاءِ پنھنجا سمورا وسيلا ڪتب آڻي، استاد بخاريءَ کي آجو ڪرايائين. ان کانپوءِ به هن انصاف جي ڪرسيءَ تي ويھندي پنھنجي وس آهر ڪرسي جي پرواهه نه ڪندي به عام ماڻهن سان پنھنجو رشتو نڀائيندو رهيو. جنھن جو ٻيو وڏو مثال 2001ع ۾ نظر اچي ٿو. جڏهن جسقم سنڌو درياءَ تي لڳندڙ ڌاڙي خلاف ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي پنجاب جي رسد بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو تڏهن رڳو ڏوڪري تعلقي جا 63 ڪارڪن راقم الحروف سميت مورو- دادو پُل تي گرفتار ٿيڻ کانپوءِ جڏهن سکر سينٽرل جيل ۾ واڙيا ويا. تڏهن به عبدالحيد صاحب چورائي موڪليو ته ”توهان پنھنجو ڏوهه قبول ڪيو ته توهان سنڌ جي پاڻي خاطر هر سزا قبول ڪرڻ لاءِ تيار آهيو.“ حالتن جي نزاڪت کي محسوس ڪندي عبدالحميد رياست مخالف پارٽي جي ڪارڪنن سان ٻاجهاري واٽ وٺندي ٻن مھينن جي اندر سڀني ڪارڪنن کي ضمانت تي آزاد ڪرايائين. جڏهن ته ساڳئي ڪيس ۾ ٻين شھرن کان گرفتار ٿيندڙ ڪارڪن ڪيترائي مهينن جا مهينا جيل ۾ سڙندا رهيا. اڄ تائين اسين سڀ ساٿي عبدالحميد صاحب جو اهو احسان وساري نه سگهيا آهيون.

    لطيف سان محبت: لطيف ۾ هڪ عجيب قسم جي ڪشش آهي. جيڪو ماڻهو هڪ دفعو به ان سَحَر ۾ اچي وڃي ٿو، ان جو نڪرڻ محال ٿيو پوي. 1919ع ۾ جڏهن جليان والا باغ لاهور ۾ جنرل ڊائر پرامن ماڻهن تي گوليون هلائي رتوڇاڻ ڪرائي هئي. ان پسمنظر ۾ ڄيٺ مل پرسرام ”اڳيان اڏين وٽ، پوين سر سنباهيا“ جي عنوان تي اخبار ۾ ايڊيٽوريل لکيو. جنھن تي سرڪار ڏمرجي ان وقت جي منصف ايڇ.ٽي.سورلي جي عدالت ۾ جيٺ مل پرسرام کي پيش ڪيو ويو تڏهن ايڇ.ٽي.سورلي ان کان ان سِٽَ جي معنى پڇي تڏهن دنگ رهجي ويو ۽ لطيف جي سَحَر ۾ ايترو جڪڙجي ويو جو ان تي پي.ايڇ.ڊي ڪيائين، ”ڀٽ جو شاهه“ جي عنوان تي اڄ تائين ان جيترو تحقيق ڪم ورلي ٿيو آهي. تاريخ ۾ اهو وڏو اتفاق آهي ته ايڇ ٽي سورلي قانوندان جي حيثيت ۾ هو ۽ لطيف جي عشق ۾ جڪڙجي ويو ۽ سائين عبدالحميد صاحب به قانوندان جي حيثيت ۾ لطيف جي جڪڙ ۾ آيو ته سڄي ڄمار ان کان نڪري نه سگهيو. اهو ئي سبب آهي جو جج هوندي به لطيف جي درگاهه تي ڪنٺا ڪولابا پائي فقيري ويس ڪري لطيف جي درگاهه تي راتين جون راتيون راڳ ٻڌندو هو ۽ هزارن جي تعداد ۾ لطيف جي فقيرن جي راڳ جون ڪيسٽون رڪارڊ ڪري پاڻ وٽ محفوظ ڪيائين. جڏهن ته خاص ”تنبورو، به ٺھرايائين جنھن تي لطيف جي راڳ تي ويهي رياض به ڪندو هو. ان تي ايتري مھارت ٿي ويس جو شيخ اياز جھڙو بلند پايي جو شاعر به لطيف جي بيتن جي سمجهاڻيءَ لاءِ عبدالحميد صاحب کان رهنمائي وٺندو هو. پنھنجي گفتگو ۾ هر واقعي، مھل ۽ موقعي تي لطيف جو ڪونه ڪو بيت رهنمائي طور تي پيش ڪندو هو. جنھن مان محسوس ٿيندو هو ڄڻ ڪو لطيف سائين اهو بيت ان واقعي، مهل ۽ موقعي لاءِ چيو هجي. ان مان سندس لطيف ڏانھن محبت جو جهڪاءُ ۽ جهلڪ واري نظر پسي سگهجي ٿي.

    لائبريري ۽ ادبي ڪردار: ڪتابن سان ذوق جو حساب ئي نه ٿو ڪري سگهجي. علم جي تاس ماڻهوءَ کي سمنڊ، ڳڙڪائڻ کان پوءِ به پياسو ئي رکي ٿي. جنھن لاءِ لطيف سائين فرمايو آهي ته:
    کامان، پچان، پڄان، پڄران، لڇان ۽ لوچيان،
    تن ۾ تؤنس پرينءَ جي، پيان نه ڍاپان،
    جي سمنڊ منهن ڪريان، ته سرڪيا ئي نه ٿئي.
    اها ئي پياس عبالحميد صاحب کي لائبريري ٺاهڻ جي ڌارا ۾ کڻي آئي. جنھن ۾ ادب، سياست، سماجيات، قانون، نفسيات، تاريخ، جاگرافي، طب، فلسفي سميت مڙني موضوعن تي هزارن جي تعداد وٽس ڪتاب موجود هوندا هئا. سنڌ ۾ جن شخصيتن وٽ وڏي ۾ وڏيون پنھنجون ذاتي لائبريريون هيون انھن ۾ سائين جي ايم سيد، ايم.ايڇ. پنهور، محمد ابراهيم جويو، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي ۽ شيخ اياز کانپوءِ سائين عبدالحميد صاحب جن جي لائبريري ڳڻي سگهجي ٿي. اهي ڪتاب نه صرف هن خريد ڪيا هئا پر پڙهيا به هئا. ڪوبه ڪتاب کڻو، ان جي شروعات ۾ ڪتاب ”شروع“ ڪرڻ واري تاريخ ۽ جنھن ڏينھن ڪتاب ”پورو ٿيو“ اها تاريخ لکيل هوندي نه صرف اهو پر ڪتاب انڊر لائين ٿيل ۽ انھن جي حاشين ۾ نوٽ هنيل نظر ايندا. آخري وقت تائين انهن ڪتابن سان لڳاءُ ۽ محبت گهٽ نه ٿي. پر افسوس صرف اهو آهي ته عبدالحميد صاحب اهي پنھنجا تجربا، مشاهدا ۽ علمي ڏاهپ قلم ذريعي محفوظ ته ڪيا پر ڪتابي صورت نه ڏئي سگهيو. جپانيءَ ۾ چوڻي آهي ته ”جڏهن ماڻهو مرندو آهي ته ان سان گڏ لائبريري دفن ٿيندي آهي ۽ ان جا تجربا، مشاهدا سڀ دفن ٿي ويندا آهن.“ ان ڪري جيڪو انسان پنھنجا تجربا ۽ مشاهدا تحريري يا ڪنھن تخليقي شڪل ۾ جيستائين محفوظ نه ٿوڪري اها لائبريري ايندڙ نسلن لاءِ ڪارگر ثابت نٿي ٿي سگهي. عبدالحميد صاحب ذاتي ڊائري ۽ دوستن ڏانھن لکيل خطن کانسواءِ ٻيو ڪوبه تحريري ۽ تخليقي شڪل ۾ مواد ڇڏي نه سگهيو آهي. جنھن ڪري نئون نسل سندس علمي، ادبي خدمتن کان آشنا نه ٿي سگهيو آهي. ان ڪري جيڪي خط ۽ ڊائريون ۽ ٻيو مواد (جيڪي ضروري سمجهيا وڃن) انھن کي محفوظ ڪرڻ لاءِ ڪم ڪيو وڃي.
    سندس ذاتي دوستن ۾ شيخ اياز، استاد بخاري، سوڀو گيانچنداڻي، محمد علي پٺاڻ، اياز گل، عبدالقادر جوڻيجو، جسٽس عبدالحميد ڊوگر، ۽ جسٽس راڻا ڀڳوانداس جھڙا ماڻهو شامل آهن. ضرورت ان ڳالهه جي به آهي ته جيڪي سندس دوست ۽ساٿي موجوده آهن، انھن کان به لکرايو وڃي ته انھن عبدالحميد صاحب کي ڪيئن ڏٺو ته گهٽ ۾ گهٽ عبدالحميد صاحب جو تعارف ۽ ڪردار محفوظ ڪري سگهجي ٿو. مون سندس ڪجهه ذاتي خط پڙهيا اهن، جن مان اندازو ٿئي ٿو ۽ مان دعوى سان چوان ٿو ته اهي خط شيخ اياز جي خطن ”جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي“ خطن جھڙا شاهڪار خط آهن، انھن کي منظر عام تي آڻڻ پڻ سٺو سنوڻ ثابت ٿيو آهي.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 453
    ڪتابن جو مشاهدو: 343805
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 141623
    2016 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ