مذهب

محمد رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم

هي ڪتاب سابق تعليمي ماهر لال چند امرڏنو مل جڳتياڻي جو لکيل آهي۔ ڪنهن به غير مسلم شخصيت جو محمد رسول الله صه جي زندگيء بابت هي پهريون ڪتاب آهي۔ اسين ٿورائتا آهيون اسلاميه سائنس ڪاليج سکر جي اسٽنٽ پروفيسر محترم عبدالجبار شيخ صاحب جا، جنهن هي ڪتاب ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ لاء موڪلي ڏنو آهي.
Title Cover of book محمد رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم

ڪل عرب مسلمان

ٿورا ڏينهن وچ پيا ته ٿيون حج جون تياريون حضرت محمد ﷺ پاڻ ڪن سببن ڪري مديني ۾ ئي رهجي پيو. حاجين سان گڏ حضرت ابوبڪر رضه ۽ حضرت علي رضه کي پڻ چئي ڇڏيائين ته “رسم حج جي بجا آڻي وهو ته پوءِ مڪي ۾ اشتهار ڦيرائج ته ايندڙ سال کان وٺي مڪي ۾ ڪنهن به بت پرست کي اچڻ جي اجازت ناهي.پڻ آئنده ڪوبه ننگو ٿي ڪعبه جي چوڌاري ڦيرا نه ڏئي.غير مسلمانن جي چئن مهينن جي مهلت آهي تنهن عرصي اندر مڪو ڇڏي هليا وڃن پوءِ سندن ڪوبه عذر بهانو نه ٻڌو ويندو”حضرت علي رضه قربانيءَ جي ڏينهن حڪم جي تعميل ڪئي ۽ اهو اشتهار ڦيرايو نتيجو اهو ٿيو جو ايندڙ سال تائين عرب ڪل مسلمان ٿي پيا.هجري سن 10 شروع ٿيو ته حضرت محمد ﷺ هيءُ ڪم هٿ ۾ کنيو عربن جي هر هڪ قبيلي کي اسلامي تعليم ڏيڻ لاءِ هڪڙو نقيب مقرر ڪيائون جن اوسي پاسي جي بادشاهن اڃا اسلام اختيار نه ڪيو هو تن ڏي ايلچي موڪليائين.
حضرت محمد ﷺ جا سائينءَ سڳوري لايا سجايا ڪيا سندس ڳوٺاين ته اياڻپ جي اونده جي اياڻپ مان نڪري سياڻپ جي سوجهري جو فائدو پي ورتو پرڌارين به اتس ايمان آڻي پنهنجو دين ۽ دنيا ٻئي پي سڌاريو.