شيطان جا هٿيار
هر امت جي لاءِ هڪ فتنو مقرر ٿيل هو ۽ منهنجي امت لاءِ هڪ فتنو مال جي صورت ۾ آهي.
سُستي ۽ ڪاهلي شيطان جي ساٿين جون نشانيون آهن ۽ هو ضرور چاهيندو ته ڪو نيڪ ٻانهو به اها اختيار ڪري.
شيطان پنهنجي جهنڊن سان گڏ ان وقت بازار ۾ گهڙندا آهن جڏهن ان بازار ۾ پهريون ماڻهو داخل ٿئي ٿو ۽ اهي ايسيتائين موجود رهندا آهن جيسيتائين ان بازار ۾ آخري ماڻهو (انسان) موجود رهي ٿو.
اڪيلو انسان سان گڏ شيطان رهندو آهي، جڏهن هڪ کان ٻه انسان گڏ ٿيندا آهن ته هو ڀڇي ويندو آهي.
شيطان اوهان وٽ اچي چوي ٿو ته توکي ڪنهن پيدا ڪيو آهي. جنهن جو جواب ڏنو ويندو آهي ته الله تعاليٰ جي پاڪ ذات. هو ٻيهر وري اهو سوال ڪندو آهي، ۽ جواب ۾ وري الله تعاليٰ پيدا ڪيو آهي چيو ويندو آهي، جڏهن اهڙي ڪيفيت اوهان جي دل ۾ پيدا ٿئي ته توهان چئو “نه الله ۽ ان جي رسول تي ايمان آندو اٿم” اهڙي ڳالهه چوندي ئي شيطان اتان پري ڀڃي ويندو آهي.
شيطان رت جيان رڳن ۾ ڊوڙندو آهي.
شيطان سرُخي کي پسند ڪندو آهي، توهان سرخي کان بچندا رهو (سرخي کان پاسي ڪرڻ جي هدايت مردن جي لاءِ آهي) ۽ ان لباس کان پرهيز ڪريو، جنهن تي دنيا وارا اوهان مٿان کلن.
جڏهن الله تعاليٰ ڪنهن ٻانهي کي ان جي نافرماني سبب فوت ڪرڻ گهرندو آهي ته ان مان حيا (لڄ) ختم ڪئي ويندي آهي. جڏهن حيا (لڄ) ختم ٿي وڃي ٿي ته اهو دنيا کان نفرت ڪرڻ لڳي ٿو۽ دنيا وارن ان کان نفرت ڪرڻ لڳن ٿا. جڏهن اها حالت هوندي آهي ته ان کان امانتداري واري صفت به ختم ڪئي ويندي آهي ۽ جڏهن اها به ختم ٿي ويندي آهي ته پوءِ ان ٻانهي تان رحم جي نگاهه به ختم ٿي ويندي آهي، اهڙي ريت اهو مردود بڻجي ويندو آهي ۽ ان جي ڳچي مان اسلام (مسلمان) جو اعزاز به لاهيو ويندو آهي.
وڏائي 70 سالن جي عبادت کي ختم ڪري ڇڏي ٿي.
ڪاوڙ شيطان جي صفت آهي ۽ شيطان باهه جي ۽ باهه پاڻي سان وسندي آهي، جيتوڻيڪ جڏهن اوهان نيڪ ٻانهن کي ڪاوڙ اچي ته اوهان وضو ڪندا ڪريو.