گهريلو زندگي
عورت سان چار شين جي بنياد تي شادي ڪئي ويندي آهي. ان جي مال جي بنياد تي، خانداني شرافت جي بنياد تي، خوبصورتي جي بنياد تي ۽ ان جي دين تي بنياد تي. ته پوءِ اوهان ديندار عورت سان شادي ڪريو، الله تعاليٰ توهان جي ڀلائي ڪندو.
پاڻ ﷺ جن فرمايو: جڏهن توهان وٽ شادي جو نياپو ڪو ماڻهو آڻي، جنهن جي دين ۽ ايمان کي اوهان پسند ڪجا هجو ته ان سان شادي ڪيو. جيڪڏهن اوهان ائين نه ڪندئو ته زمين تي جهيڙو ۽ وڏي خرابي پيدا ٿيندي. (ترمذي)