مذهب

محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول

ڪتاب محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب حلاوة الفم بذڪر جوامع الڪلم حضور ﷺ جي چونڊ حديثن تي مشتمل آهي. سنڌ جو عظيم محدث مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رح هن ڪتاب جو مولف آهي. اسان جي سنڌ جي عالم ۽ محقق ڊاڪٽر عبدالرسول قادري کي الله تعاليٰ وڏا بهرا ڏيندو. جنهن نه رڳو “ حلاوة الفم” جو ترجمو ڪيو آهي پر هر حديث مبارڪ جي ترجمي ۽ سمجهاڻي هيٺان سنڌ جي ولي الله حضر شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي رسالي مان حديث پاڪ جي معنيٰ ۽ مفهوم جهڙا سنڌي بيت به شامل ڪيا آهن. سچ پچ هي پنهنجي نوعيت ۾ هڪ جدارو ۽ تحقيقي ڪم آهي. اسين ٿورائتا آهيون اسلاميه سائنس ڪاليج سکر جي اسٽنٽ پروفيسر محترم عبدالجبار شيخ صاحب جا، جنهن هن ناياب ڪتاب جو نسخو ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ لاء موڪلي ڏنو آهي.
Title Cover of book محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول

ڀري جام جنت جو

سَبَقَکَ بِھَا عُکَاشَۃُ
( هيءَ حديث مبارڪ ابن عباس ﷦ کان البخاري ۽ مسلم روايت ڪئي آهي. ( سڄي حديث خود مخدوم هاشم ٺٽوي جي سمجهاڻي سان ترجمي کان پوءِ آيل آهي.)
ترجمو: عڪاشه توکان اڳرائي ڪري ويو.
عربن سڳورن ۾ هي حديث پهاڪو ان وقت ڏيندا آهن.جڏهن ڪو ماڻهو ٻئي کان اڳرائي ڪري ڪم ۾ گوءِ کڻي ويندو آهي.
مخدوم هاشم ٺٽوي حديث مبارڪ جي هيٺان سمجهاڻي طور پوري حديث هن ريت لکي آهي” هڪ ڀيري نبي پاڪ ﷺ فرمايو: ستر هزار ماڻهو بنا حساب ڪتاب جي جنت ۾ ويندا. اتي اصحابي عڪاشه ﷦ ويٺو هو. ان عرض ڪيو ته يا رسول الله ﷺ الله کان دعا گهرو ته آئون به انهن بغير حساب ڪتاب وارن جنتين مان ٿيان.”
پاڻ سڳورنﷺ کيس فرمايو ته تون انهن جنتين مان آهين.
اها ڳالهه ٻڌي ٻيو شخص به اٿي ساڳئي نموني عرض ڪرڻ لڳو. ان کي نبي پاڪ ﷺ فرمايو ته ( جنت ۾ داخل ٿيڻ بابت اڳواٽ سوال ڪري) توکان عڪاشه اڳرائي ڪري ويو.
سمجهاڻي: حضور ﷺ جن جي زبان ڪُن جي ڪنجي آهي.سندن هر فرمان منڊي تي ٽڪ آهي.
وحده لا شريڪ له، اي وهائج ويءُ
کٽين جي هارائين، هنڌ تنهنجو هيءُ
پاڻان چوندءِ پيءُ، “ ڀري جام جنت جو”
(شاهه)