مذهب

محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول

ڪتاب محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب حلاوة الفم بذڪر جوامع الڪلم حضور ﷺ جي چونڊ حديثن تي مشتمل آهي. سنڌ جو عظيم محدث مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رح هن ڪتاب جو مولف آهي. اسان جي سنڌ جي عالم ۽ محقق ڊاڪٽر عبدالرسول قادري کي الله تعاليٰ وڏا بهرا ڏيندو. جنهن نه رڳو “ حلاوة الفم” جو ترجمو ڪيو آهي پر هر حديث مبارڪ جي ترجمي ۽ سمجهاڻي هيٺان سنڌ جي ولي الله حضر شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي رسالي مان حديث پاڪ جي معنيٰ ۽ مفهوم جهڙا سنڌي بيت به شامل ڪيا آهن. سچ پچ هي پنهنجي نوعيت ۾ هڪ جدارو ۽ تحقيقي ڪم آهي. اسين ٿورائتا آهيون اسلاميه سائنس ڪاليج سکر جي اسٽنٽ پروفيسر محترم عبدالجبار شيخ صاحب جا، جنهن هن ناياب ڪتاب جو نسخو ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ لاء موڪلي ڏنو آهي.
Title Cover of book محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول

ڀلائي آهين، پرين ڀلائي پانهنجي

کُلُّ الصَّیۡدِ جَوۡفِ الۡفَرَی
( هن حديث مبارڪ کي الرامهرمزي ڪتاب “ امثال الحديث” ۾ نصر بن عاصم الليشي التابعي کان روايت ڪيو آهي. سند ان جي جيد پر مرسل آهي ۽ العسڪري به هن کي روايت ڪيو آهي).
ترجمو: سمورو شڪار گورخر جي پيٽ ۾ آهي.
الفري: جهنگلي گڏهه کي چئبو آهي.
سمجهاڻي: اصل ۾ هي عربي پهاڪو آهي جيڪو نبي پاڪ ﷺ جن ان وقت ڳالهايوهو جڏهن ابو سفيان﷦ مسلمان ٿيو هو. ۽ ان وقت پاڻ سڳورنﷺ سان ملڻ لاءِ اجازت گهريائين. ٻين قريشن اڳ ۾ حضور ﷺ جن سان ملاقات ڪئي ۽ ابو سفيان کي آخرت ۾ ملاقات جو شرف حاصل ٿيو. ان تي ان انساني فطرت موجب سمجهيو ته مون کپي سڀني کان پڇاڙي ۾ وارو مليو آهي. سو ملاقات کان رهجي نه وڃان.
ڀلاري رحمت واري نبي ﷺ جي ڳالهه پروڙي کيس دلجاءِ ڏئي فرمايو ته تون مون وٽ ايئن وڏي عزت وارو آهين. جيئن پهاڪو آهي: “گورخر شڪار ٿيو، ته سڀ شڪار ٿي ويو.”
هونئن به زماني جو دستور آهي ته ننڍيون ننڍيون ضرورتون پوريون ٿيون ته به خير آهي. پر هڪ تمام وڏي ضرورت يا ڪم پورو ٿيندو آهي ته ننڍيون ڳالهيون ياد نه رهنديون آهن ۽ گهڻو ڪري تمام وڏو ڪم پڇاڙي مڪمل ٿيندو آهي. مطلب ته ٻيا قريشي ملي ويا ته به چڱو. پر ابو سفيان وڏي ماڻهو جو آخر نويڪلائي ۾ ملڻ ئي سندس شايان شان هو.
“ڀلائي آهين، پرين ڀلائي پانهنجي
سٻاجها سر چڙهيو، ڏوراپو نه ڏين
مون ڏي مديون ٿين، سڄڻ سجاين ۾
(شاهه)