پورٽ ڊڪسن تي ٽرينگ جا گذاريل ٽي ڏينهن
پورٽ ڊڪسن ۾ يونيورسٽي طرفان نون آيل پي ايڇ ڊي ۾ داخلا وٺندڙ شاگردن لاءِ ٽن ڏينهن جا ٽريننگ ورڪشاپ، پورٽ ڊڪسن ۾ سمنڊ ڪناري هوٽل ۾ رکيا ويا. ان لاءِ شاگردن تي فيس 35 رنگٽ رکي ويئي، ٽوٽل 70 کن شاگرد هوندا جيڪي هليا، ۽ يونيورسٽي وارن طرفان انائونس به ائين ئي ٿيل هيو ته وڌ ۾ وڌ 70 شاگرد جيڪي سڀ کان پهرين رجسٽريشن ڪندا، اهي هلن. سو ائين ٽي ڏينهن پورٽ ڊڪسن ۾ رهڻ ٿيو، ٽوئر بلڪل اڪيڊمڪ به هو ته اسلامڪ به ته وري تفريحي به. هڪ ته هر سرگرمي تي مارڪون مقرر هيون ته آخر ۾ بيسٽ اسٽوڊنٽ انائونس ٿيندو ان ڪري هر ايڪٽوٽي ۾ حصو وٺڻو پئي پيو. سڀ کان پهرين ته هئي نماز، جيڪا صرف 3 وقت پئي پڙهي، جو سفر ۾ هجڻ ڪري ٻيپهري ۽ ٽيپهري گڏي پئي جماعت ڪرايائون، ته وري سج لٿي ۽ سومهڻي جي به گڏ ۽ باقي فجر واري نماز، جنهن ۾ واعظ به شامل هو، يونيورسٽي طرفان هڪ ملازم، واعظ ۽ نماز پڙهائڻ لاءِ گڏ هو. صبح جو 6.30 کان 7.30 سمنڊ ڪناري واڪ ۽ پي ٽي رکيل هئي، ته وري شام جو 6 کان 7 بجي فٽ بال گيم يا وري رڪيٽس، ۽ رات جو سوئمنگ پر ماني کان پهرين. باقي ڏينهن جو 9.30 کان شام 4.30 تائين مختلف ٽريننگ سيشن هوندا هئا. پهرين ڏينهن تي پي ايڇ ڊي جرني ڇا آهي، ان لاءِ ڪيئن محنت ڪجي، پي ايڇ ڊي جو سفر ڏکيو ضرور آهي پر توهان جو فوڪس منزل تي هجڻ گھرجي، جنهن ڏينهن توهان جي هٿن ۾ ڊگري هوندي، ريسرچ ٽاپڪ ڪيئن سليڪٽ ڪجي، ۽ لاڳاپيل فيلڊ ۾ٿيل پراڻي ڪم کي ڪيئن پڙهڻ گھرجي، جهڙا موضوع شامل هئا، ٻئي ڏينهن پهرين پرئڪٽيڪلي پروپوزل ٺاهڻ لاءِ مشق ڪرائي ويئي ان کان پوءِ مختلف موضوعن جهڙوڪ پروفيسر سان ڪئين رابطو ڪجي، ڪيئن ان جي شخصيت کي سمجهجي يا ان کان پنهنجي ڪم ۾ رهنمائي وٺجي، پي ايڇ ڊي ۾ پڙهائي، صحت ۽ تفريح ۾ توازن ڪيئن رکجي، تي به سيشن ٿيا. ٽريننگ جي ٽئين ۽ آخري ڏينهن تي ڪجهه پروفيسرن جيڪي مختلف ملڪن جهڙوڪ آمريڪا، انگلينڊ ۽ ملائشيا مان پي ايڇ ڊي هئا، انهن پنهنجا تجربا شيئر ڪيا، ان کان علاوه ملائشيا جي يونيورسٽين جي پاليسي، طريقي ڪار، ملائشيا جي موسم، قانون ۽ ماڻهن جي مزاج جي باري ۾ به هڪ ويهڪ ٿي. وچ وچ ۾ انٽر ايڪٽو سيشن به ٿيندا رهيا. مطلب ته ڪافي لاڀائتي ٽريننگ هئي. ٽن ڏينهن ۾ نوان دوست به ٿيا ته اعتماد به وڌيو، ويندي پروفيسر مختلف شاگردن جي دلچسپي ۽ ڄاڻ مطابق موضوع به ٻڌائيندا رهيا ته ان تي توهان ڪم ڪرڻ جو سوچي سگھو ٿا، اهڙي قسم جي ٽريننگ نئين شاگرد لاءِ ڄڻ سون تي سهاڳو هئي.
پهرين ڏينهن پهچڻ شرط جيڪا سرگرمي ڪرائي ويئي ڄڻ ان سڀني کي پاڻ ۾ ويجهو ڪري ڇڏيو. ڪيائون هيئن جو سڀني کان هڪ هڪ جوتو لهرائي، وڏي هال ۾ سڀ گڏ ڪيائون، پوءِ هر ڪنهن کي پنهنجي کان علاوه ڪو به جوتو کڻڻ جي اجازت هئي، جنهن کي جنهن جو جوتو هٿ آيو ان سان گڏ ويهي، ان کان سندس باري ۾ معلومات وٺي، ان جو تعارف سڄي ڪلاس سان ڪرائڻو هو، ائين مون کي جنهن جو جوتو هٿ آيو ان جو نالو به اتفاق سان مراد نڪتو، جنهن سان سلام دعا اڄ تائين هلندي اچي هو لبيا جو آهي، ۽ هتي اڪانامڪس ۾ پي ايڇ ڊي ڪري رهيو آهي، منهنجو جوتو هڪ نائيجيرين کي هٿ آيو، جنهن جو نالو امام هو، جيڪو هاڻي پي ايڇ ڊي ڪري واپس وڃي چڪو آهي. هن سيشن کي سڀني انجواءِ ڪيو، ان کان پوءِ ڪڻن ذريعي سڀني کي روم ميٽ مليا. اسان 6 ڄڻن کي هڪ 3 ڪمرن وارو اپارٽمينٽ مليو، پر مزي جي ڳالهه اسان مان هڪ ڄڻي کي وري به ڪڻن ذريعي گروپ ليڊر ٺاهيو ويو ۽ سڀني کي ان جي چوڻ مطابق عمل ڪرڻ جو چيو ويو. اسان جو گروپ ليڊر انڊونيشيا جو سبحان نالي همراه ٿيو، واقعي به ليڊرشپ ڪوالٽي هئس، اتفاق سان ڪمرا ته ٽي هيا پر هڪ ڪمري ۾ سنگل بيڊ هيو ۽ فقط هڪ ڄڻو ئي ان ۾ سمهي سگھيو پئي، اهو ڪمرو ملائشيا جي شاگرد نور جي حوالي ڪيائين، ٻئي ڪمري ۾ برما جي ٻن شاگردن کي رهڻ لاءِ چيائين، ٽئي ڪمري ۾ مون کي ۽ نائيجيريا جي سيد زڪريا يعقوب کي رهڻ لاءِ چيائين ۽ پنهنجي لاءِ هڪ گتو گھرائي ٽي وي لائونچ ۾ ئي سمهي رهڻ جو ارادو ڪيائين. گروپ ليڊر جي ذميواري هئي ته صبح جو سڀني کي ٽائيم تي اٿاري ته جيئن نماز تي ٽائيم تي اچن ۽ پوءِ سمورين سرگرمين کان علاوه ڪنهن کي به ليڪچر ۾ دير نه ڪرڻ ڏيئي. ڪنهن گروپ ميمبر کي ڪا شڪايت هجي ته ٽوئر انچارج تائين اها ڳالهه ٻڌائي. حالانڪه هي سڀ فارملٽيز هيون، پر پوءِ به هرڪنهن ڊسيپلين ۾ هر هدايت تي عمل ٿي ڪيو ۽ ڪا به سختي ڪانه هئي.
هنن دوستن سان رهڻ دوران ڪجهه ڳالهين جو ذڪر ڪجي ٿو.
• نائيجيريا جي دوست پهريون ٽاپڪ ئي شادين جو کوليو ۽ منهنجي هڪ شادي تي حيران هو، سندس چوڻ هو ته مسلمان عورت غيرشادي شده نه رهي، ان ڪري مسلمان مرد کي هڪ کان وڌيڪ شاديون ڪرڻ گھرجن پر مون چيو ادا پهرين شادي ۾ ماڻهو خوش آ ته ٻي شادي ڇو ڪري، ٻيو وري اسلام ۾ ٻي شادي ڪرڻ لاءِ پهرين گھر واري جو راضي هجڻ به ضروري آهي يا وري ماڻهو وٽ وسائل به ته هجن، پر منهنجي هر دليل جو وٽس هڪ ئي جواب هو، ۽ سندس چوڻ هو جيئن ته عورتن جي آبادي وڌيڪ آهي، ان ڪري ڪنهن مسلمان مرد کي ضرور هڪ کان وڌيڪ شاديون ڪرڻ گھرجن. مون چيو اسان جي ملڪ ۾ عورت ۽ مرد جي آبادي هڪ جيتري آهي ته چيائين، دنيا جي ڪهڙي به ڪنڊ جي مسلمان عورت هجي، ان کي غير مسلم مردن جي آسري نٿو ڇڏي سگھجي، ان ڪري ٻي شادي ڀلي پنهنجي ملڪ کان ٻاهر ڪرڻي پئي ڪرڻ گھرجي، مون چيو ته شرعيت ۾ ائين ڪونهي، پر نه هو منهنجي ڪنهن ڳالهه تي آماده ٿيو ۽ نه ئي وري مون سندس ڪا ڳالهه مڃي. حقيقت ۾ عرب ۽ آفريڪا جي مسلمانن ۾ گھڻيون شاديون ڪرڻ جي رجحان تمام گھڻو آهي، منهنجي گهرواري عابده جون ڪيتريون ئي آفريڪن ڇوڪريون دوست ٿيون، سي به سڀ پنهنجي مڙسن جون وڌيڪ شاديون ڪرڻ مان الاهي بيزاري جو اظهار ڪنديون هيون يا وري ان خوف ۾ هونديون هيون.
• برما جا ٻئي شاگرد روهينگيا پاسي جا ته نه هئا، پر روهينگيا جي مسلمانن سان همدردي ضرور هُئين ۽ سندن چوڻ هو ته روهينگيا وارن سان ظلم پيو ٿئي ۽ هو به ڊڄن پيا ته ڪٿي اهو مسئلو سڄي ملڪ جي مسلمانن سان نه ٿي، اهو به ٻڌايائون ته سندن پاسپورٽ يا ڪوبه ڪارڊ ۽ ڊاڪومينٽس تي برمي نالو لکندا آهيون، جو برما ۾ اسلامي نالي هجڻ تي اعتراض ڪندا آهن يا تنگ ڪندا آهن.
• هڪ برمي جيڪو عمر ۾ اسان سڀني کان ننڍو هو ۽ بيچلر ڊگري پروگرام ۾ آيل هو ۽ گھمڻ جي چڪر ۾ هن پوسٽ گريجوئيٽ ورڪشاپ ۾ رجسٽريشن ڪرائي هيائين، تنهن ٻڌايو ته سندس پيءُ فوت ٿي چڪو آهي، سندس ماءُ اڪيلي آهي، جنهن کيس پڙهائڻ لاءِ موڪليو آهي، سندس خيال هيو ته هو اسلامڪ بئنڪنگ ۾ ڊگري حاصل ڪرڻ کان پوءِ سعودي عرب، عرب امارات يا ملائشيا ۾ نوڪري حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو، ۽ پنهنجي ماءُ کي به پاڻ وٽ گھرائيندو. مون کان پاڪستان خاص ڪراچي شهر ۾ نوڪرين بابت پڇيائين، مون سوچيو دل ته چوي ٿي ته تو جهڙي معصوم کي پاڪستان ۾ ڀلي نوڪري ملي ۽ تون پنهنجي ماءُ کي پاڻ وٽ گھراءِ، پر اهو ڊپ آهي ته اڳين وانگي تون به پاڻ کي سدائين مهاجر سمجهي ويهي ۽ اسان جي ڌرتي خلاف سازش جو حصو نه ٿي وڃي، ان ڪري تنهنجي لاءِ دعا آهي باقي پاڪستان ۾ اچڻ جي خاص طور ڪراچي ۾ اچڻ جي نه ڪجانءِ جو اتي شهري دهشتگرد تنظيمون يا وري ڪرپٽ حڪمران تنهنجي مٿان حڪمراني ڪندا. بحرحال کيس اهو ئي سمجهايم ته بهتر آهي جي دنيا جي ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ موقعو تلاش ڪجان نه ته وري به برما ڀلي اٿئي ڪراچي کان .
• ان وقت برما ۾ اليڪشن ٿيڻ واري هئي، هي ٻئي آنگ سانگ سوچي جا حمايتي هئا، سندن چوڻ هو ته سوڪي يا سوچي ايندي ته امن ٿيندو. منهنجي پڇڻ تي ته هو هن وقت مسلمانن جي حمايت ۾ ته ڪو به بيان نه ٿي ڏيئي ته سندن چوڻ هي ته احتياطن نٿي ڏي، ڇو ته نه حڪومت ۾ آهي ۽ نه وري سندس هينئر ڪجهه چوڻ سان فرق پوندو، ٻيو ان سان فوجي حڪمران کيس انتهاپسند ٻڌن جي ذريعي مارائي به سگھن ٿا، ان ڪري سندس حڪمت عملي اها هوندي ته اقتدار ۾ اچي ملڪ ۾ امن امان لاءِ ڪجهه ڪندي، ڇو ته مسئلو انتهائي نازڪ آهي ۽ هو هن وقت ڪو به رسڪ نه کڻي ڀلي. اها ٻي ڳالهه آهي ته سوڪي اليڪشن کٽي به روهينگيا وارن لاءِ ڪجهه به نه ڪيو آهي، ۽ هينئر لکين روهينگيا بنگلاديش جي بارڊر تي دربدر آهن ۽ دنيا آنگ سانگ سوچي کان امن جو نوبل پرائيز واپس وٺڻ جا مطالبا پئي ڪري.
• هي ٻئي برمي مسلمان مهانڊن ۾ بلڪل اسان انڊين ۽ پاڪستانين جهڙا هئا ۽ ڪجهه اردو به سمجهن پيا، هندستاني فلمون به شوق سان ڏسڻ وارا هئا.
• ترنگانو ٽوئر تي روهينگيا جي شاگردياڻي اسان سان گڏ ٽوئر تي هئي، جيڪا محترمه بينظير ڀٽو صاحبه جي باري ۾ ۽ سندس شهادت جي باري ۾ مون کان پڇندي رهي. ان ٻڌايو ته جڏهن سوڪي جيل مان آزاد ٿي هئي ته هنن پنهنجي خاندان سميت سندس ريلي ۾ شرڪت ڪئي هئي، پر سوڪي اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ مايوس ضرور ڪيو آهي پر کيس اڃا به آسرو هو ته حالتون وقت سان گڏ صحي ٿينديون.
• پورٽ ڊڪسن تي ڪيترا ئي ڪنارا آهن، جتي ماڻهو گھمڻ وڃن ٿا، پر سڀ کان مشهور ۽ مصروف بيچ تلوڪ ڪمانگ بيچ (Teluk Kemang Beach) آهي، جتي کاڌي پيتي کان ويندي خريداري جا اسٽال به آهن، ته گاڏين جي پارڪنگ به. هن جڳهه تي تمام گھڻي رش ٿئي ٿي، هتي ڪيلي جي شڪل جهڙي ٺهيل تير رفتار ٻيڙي به هلي ٿي، جنهن کي بنابا بوٽ چون پيا، جيڪا ماڻهو کڻي ڪجهه سمنڊ ۾ چڪر ڏياري اچي، ڪناري ڀرسان ننڍي پاڻي ۾ تيزيءَ سان ڪلٽي کائي ٿي، جنهن سان سڀ بوٽ ۾ ويٺل ماڻهو پاڻي ۾ ڪري ٿا پون. ان قسم جي ائڊوينچر ڪرڻ تي هتي پيهه لڳي پئي هئي. ان کان علاوه اسپيڊ بوٽ به آهن، ته وري واٽر جيٽ اسڪلنگ به ٿئي ٿي.
• ننڍن ٻارن واري فيملي لاءِ ننڍي پاڻي واري ڪناري تي انجواءِ ڪرڻ لاءِ بهترين بيچ آهي سوئجانا بيچ (Saujana Beach)، هن بيچ تي ئي هوٽل هئو، جتي مون 2014 آڪٽوبر ۾ ٽرينگ ڪئي ۽ هن ئي بيچ تي وري 2016ع ۾ فيملي سان وڃڻ ٿيو، جو اسان ٽن فيمليز گڏجي پروگرام ٺاهيو هو جنهن ۾ امتياز بروهي، سائين جنيد مغل جي فيملي ۽ منهنجي فيملي شامل هئي. اسان سڀ هڪٻئي جي ڀرسان ادامن سترا پلازه ۾ ئي رهون ٿا ۽ اسلامڪ يونيورسٽي جا شاگر به آهيون، هنن ٻنهي وٽ پنهنجون گاڏيون هجڻ ڪري آساني سان هڪ ڏينهن گھمي آياسين، ٻارن کي تمام گھڻو مزو آيو، جو 2 ٻار جنيد جا ۽ 3 ٻار امتياز جا ۽ 2 منهنجا جيڏي مهل گڏ ٿيا ته اسان مردن جو ٻارن جي نگهباني ڪرڻ ۾ وقت گذريو، عورتون ته ڪچهري ڪندي اسان کان پري پاڻيءَ ۾ وڃي بيٺيون، باقي اسان ٻار سنڀالڻ واري ڊيوٽي بهتر نموني سان نڀائي.