سفرناما

ڀاڳوندن جو ملڪ ملائشيا

شاھمراد چانڊيي هي سفرنامو ملائيشيا ۾ چئن سالن جي پي ايڇ ڊي P hd ٿيسز ڪندي لکيو آھي. ڊاڪٽر شاهمراد سارو ملائشيا خوب گهميو آهي ۽ پنھنجي مشاهدن، تجربن ۽ گهمڻ ڦرڻ جي احوالن کي قلمبند ڪري نون ايندڙن لاءِ رهمنائي ڪئي آهي. الطاف شيخ لکي ٿو: ”سوال ٿو پئدا ٿئي تہ اهو ماڻھو جيڪو ملائشيا ۾ تعليم يا گهمڻ جو ارادو رکي ٿو، يا جيڪو وڃي رهيو آهي، يا اتي رهي ٿو ان کي ڪھڙو هڪ ڪتاب پڙهڻ کپي جنھن مان هن کي هن ملڪ بابت گهڻي کان گهڻي ۽ بنيادي معلومات حاصل ٿي سگهي، تہ منھنجي خيال ۾ ان لاءِ ڊاڪٽر شاهمراد جو هي سفرنامو ”ڀاڳوندن جو ملڪ ملائشيا“ پڙهڻ Best آهي. 

Title Cover of book ڀاڳوندن جو ملڪ ملائشيا

پنانگ هل اسٽيشن ۽ پنانگ هل ڏانهن ويندڙ ٽرين

www.penanghill.gov.my
پنانگ هل هڪ گھمڻ جهڙو خوبصورت عجوبو آهي، جتي ٽرين مٿي جبل تي ائين چڙهي ٿي جيئن ڳوٺن ۾ ڏاڪڻ رکي ماڻهو مٿي گهر جي ڇت تي چڙهندو آهي، بلڪل ائين ئي ٽرين جي پٽڙي وڇايل آهي پر ايترو ته ڪمال آهي جو ٽرين ويٺل کي مٿي چڙهندي ته نظر اچي ٿي پر ويهندي ائين لڳي ٿو، ڄڻ سڄي ٽرين سڌي بيٺل آهي، هي پنانگ هل تي ٽرين ذريعي سفر واقعي اچرج ۾ وجهڻ جهڙو آهي، هڪ منفرد تجربو آهي، پر پنانگ هل تي چڙهڻ کان پوِءِ به گھمڻ لاءِ پنانگ شهر جو نظارو آهي، سمنڊ جو نظارو آهي، ته وري مسجد، مندر، ڏسڻ لاءِ ويو ڊيڪ، به ته وري ٻارن لاءِ هٿ جا ٺهيل ڊائنوسار پارڪ به ته چٻري Owl جو پارڪ به ته وري جهنگ ۾ هلندڙ ڪتا ۽ باندر به، ائين کاڌي پيتي جون مزيدار شيون به ته وري فوٽوگرافي جو ڪمال به، هي هل اسٽيشن سمنڊ جي سطح کان 2732 فوٽ مٿي آهي، ۽ ايشيا جي پراڻي ۾ پراڻي برٽش هل اسٽيشن آهي، ۽ ٽرين جو مٿي چڙهڻ واري حساب سان وڏي ۾ وڏي هل اسٽيشن آهي، جتي ٽرين تقريباَ 2 ڪلوميٽر مٿي چڙهي ٿي. ٽرين کي مٿي پهچائڻ واري ڪوشش 1906ع ۾ ڪئي ويئي پر ٽرين 1923ع ۾ ڪاميابي سان مٿي پهتي. هل اسٽيشن تي ماڻهن جي رهائش به آهي ته وري روزگار به. ساليانو تقريباَ 20 لک جي لڳ ڀڳ ماڻهو هن هل اسٽيشن تي گھمڻ لاءِ پوري دنيا مان اچن ٿا.

ڪيڪ لاڪ سي مندر Kek Lok Si
هي مندر پوري پهاڙي تي آهي، جتي عظيم ٻڌا جو 120 فٽ ڊگهو مجسمو رکيل آهي، هي مندر ستن منزلن تي مشتمل آهي، نهايت ئي خوبصورت ٺهيل آهي، جيڪو 1890ع کان 1930ع تائين ٺاهيو ويو، اسان جي بس مان ئي نظر پئي ته چيوسين ڪير چڙهندو مٿي جڏهن ته گريٽ ٻڌا جو مجسمو هيٺان ئي نظر اچي رهيو هيو ۽ سڄو مندر پڻ، سو عابده چيو ڪيئن هلنداسين مٿي پر منهجو خيال هيو آسان هوندو مٿي وڃڻ، جو ماڻهن جي رش لڳي پئي هئي جيڪي مٿي وڃي رهيا هئا ۽ مٿان هيٺ اچي رهيا هيا، جو مٿي وڃڻ جو رستو هڪ سوڙهي بازار نما ڏاڪڻ مان هيو، جتي چيني ماڻهن جا دوڪان به هئا ٻنهي پاسن کان، ته وري مٿي وڃڻ جو رستو، حالانڪه ان گھٽي جي منهن تي ٽيڪسي وارا به هيا جيڪي مندر تي مٿي پهچائڻ لاءِ ٽيڪسي تي هلڻ لاءِ چئي رهيا هيا، پر جيئن ته مان هن بازار کي به گھمڻ پئي چاهيو سو بازار مان ئي مٿي چڙهياسين، مٿي بازار به کٽڻ واري نه هئي ائين لڳو ڄڻ ٽرين تي پنانگ هل گھمڻ واري سموري قصر هتان نڪري ويئي، رستي ۾ چائنيز عورتون ۽ مرد پنهنجي پنهنجي دڪان تي ويٺي ٻارن جي ڪپڙن وٺڻ لاءِ چوندا رهيا، پر اسين به نيٺ اڌ ڪلاڪ جي پنڌ بعد مٿي پهتاسين جتي مين مندر جي چڙهڻ لاءِ رستو نڪري پيو ۽ اوستائين ئي ٽيڪسي وارا به پئي آيا، اسان اتي ويهي پاڻي ۽ ڪولڊ ڊرنڪس وٺي پيتيون، پر عابده چيو هاڻي هتان کي ڦوٽو ڪڍ پاڻ مٿي ڪونه هلنداسين الائي ڪيترو پنڌ ڪرڻو پئي وڌيڪ. ٻيو مندر جي هيٺين منزل اتان ئي شروع هئي جتي بيهي اسان تصويرون ڪڍيون، ۽ مٿي مجسمي کي جيڪو 120 فوٽ ڊگھو هو ان کي به پنهنجي بيڪ گرائونڊ ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي، پر مون محسوس ڪيو ته مجسمو هتان کان هيٺ روڊ تي وڌيڪ بهتر اچي رهيو هيو. هڪ مندر ۾ گھڙياسين جتي صرف ڏيئا ٻري رهيا هيا جن تي مختلف ماڻهن جا نالا لکيل هئا، انهن ڀرسان پنا ئي پنا پيل هيا، خير وڌيڪ سمجهڻ ۽ سوچڻ عابده ڏنو ئي ڪونه، چيائين ’نڪر هتان پنهنجي مري ويلن جي روح لاءِ ئي ٽوڻا ڦيڻا ڪيا اٿن،‘ سو نڪري وري واپس ساڳي رستي سان آياسين پر هيٺ لهڻ مهل جلدي پهتاسين ۽ سامهون هو پ آن ۽ آف بس اچي رهي هئي جنهن ۾ چڙهي پياسين.
ائين بس گھمائيندي وري جارج ٽائون واري علائقي ۾ آئي جتي ٽائيم اسڪوائر چونڪ، ڪومتار بلڊنگ جيڪا هتي جي نه صرف شاپنگ مال جي ڪري مشهور آهي پر ان بلڊنگ ۾ پنانگ جي سمورن وزيرن جون آفيسون به آهن، ته وري شهر جو ويو وٺڻ لاءِ پوائنٽ به آهي، خير اسان بلڊنگ جو بس مان ئي مشاهدو ڪيو، اڳين اسٽاپ چيڪو چوراسٽا هيو اتي اچي لٿاسين هي به هتان جي بازار هئي جيڪا ڍڪيل بازار هئي جتي ڪپڙا ۽ کاڌي پيتي جون شيو هيون بازار ۾ اندر گهمياسين عابده پنهنجي لاءِ هڪ اسڪارف ورتو، تقريباَ هن بازار ۾ ملئي دوڪاندار هئا جن ۾ اڪثري عورت ڪم ڪندڙن جي هئي، اسڪارف 15 رنگٽ جو هو، بارگيننگ سان 10 رنگٽ ۾ ورتوسين، ائين گھمندا وري روڊ جي ٻئي طرف پراڻي بلڊنگ هئي جيڪا 1832ع جي ٺهيل هئي ان سان ڦوٽو ڪڍياسين ۽ ڪجهه اڳيان پنڌ هلياسين روڊ سان ته هڪ مندر نظر آيو جنهن ۾ ڪرشن راڌا جي ننڍپڻ هجڻ جا مجسما نهايت ئي سينگاريل رکيل هئا، اتي ويٺل هڪ بزرگ جيڪو به فيملي سان هو. ان ٻڌايو ته 15 آگسٽ تي ڀڳوان ڪرشن جو جنم ڏينهن آهي، ان ڪري ڀڳوان کي ننڍو ٻار جي عمر جو ڪري رکيو ويو آهي. سو ڪرشن راڌا جي پريم ڪهاڻي جي ته خبر هئي، مون چيو سندن ڪردارن کي صرف خدا نه ٿا سمجهي سگھون باقي تاريخي ڪردار آهن، بلڪل عظيم ڪردار، جن کي سلام ڪرڻ يا جن بابت پڇڻ ۽ پڙهڻ ۾ ڪو حرج نه آهي، اسان کي سندن زندگي بابت پڙهڻ سان علم ئي ملندو، جنهن بلڊنگ ۾ مندر هو اها بلڊنگ ته پراڻي هئي پر اندر ٽائلس نيون هيس، ۽ صفائي به هئي. هڪ هندو فيملي اندر هئي، جيڪا هندستان کان آيل هئي، انهن اسان کي ويلڪم ڪيو ۽ اسان جي سلام ڪرڻ تي پڇيو ته انڊيا مان. اسان چيو نه پاڪستان مان. پهرين اتي ويٺل پوڄاري پرساد جو پئي پڇيو پر جيڏي مهل پاڪستاني هجڻ جو ٻڌايوسين ۽ مندر ۾ سلام ڪري تصويرون ڪڍڻ ۾ لڳي وياسين ته سمجهي ويو مسلمان آهن، پوءِ خاموش ٿي ڪري ويهي رهيو ته پرساد کائيندا الائي جي نه. هندستان مان آيل فيملي جي هڪ عورت نڪرڻ مهل اسان کي پاڻ ۾ ڳالهائيندو ٻڌي ورتو جو مون عابده کي چيو پئي ته همراه پرساد ته ڪو نه ڏنو. تنهن تي هن مسڪرائي اسان کي چيو ته بيهو آءٌ پرساد کڻي ٿي اچان. ائين ڪجهه ڪيلا کڻي آئي مون کي لڳو پنهنجي سامان مان کڻي آئي جو پرساد ۾ ڪا مٺائي هجي ها، جيڪا پوڄاري وٽ هجي ها پر اها شايد اها نه کڻي آئي هجي يا وري پرساد ۾ فروٽ ئي هجي. خير. اسان کيس مهرباني چئي ٻاهر نڪتاسين ۽ ٻئي ٻار ڪيلا مزي سان کائڻ لڳا، ۽ ڪرشن راڌا کي باءِ باءِ ڪندي نڪري آياسين، انڊين فيملي به پرجوش نموني سان ٻارن کي هٿ لوڏي باءِ باءِ ڪيو. پوءِ اچي بس اسٽاپ تي بيٺاسين جتي سڱ وٺي کاڌاسين. بس ٿوري دير سان آئي جو اسان پئي سجهيو آخري بس گذري نه ويئي هجي، تقريباَ 7.30 ٿي ويا هيا ۽ آخري بس جو ٽائيم اهو ئي هيو پر بس پوڻا اٺ ڌارا آئي ۽ اسان اڳيئي اسٽاپ يونيسڪو هيريٽج تان گذري اچي ڪلين جيٽيز اسٽاپ نمبر 9 تي لٿاسين. جتان اسان جو هوٽل ويجهو هيو تقريباَ 200 ميٽر پنڌ تي، هونءَ به يونيسڪو هيريٽيج صبح پنڌ گهمي ورتو هيوسين ۽ ڪلين جيٽيز به آءٌ گذريل ڏينهن ٻارن سان گڏ گھمي ورتو هو. وري به هي علائقا سڏ پنڌ تي هئا صبح جو گھمڻ جو سوچي وڃي هوٽل ڀيرا ٿياسين. ٻار ته اڃا نه ٿڪيا هئا پر اسان کي ٿڪائي ضرور ڇڏيو هين. ائين اسان جو هي ڏينهن پنانگ جي سونهن، تاريخ سان گڏ مذهبي ڀائيچاري سان ڀرپور شهر سان سلهاڙجي ويو. اسان هن بس ۾ 12:30 بجي چڙهيا هئاسين سو اڳيان باقي سٽي بس جا ٽي اسٽاپ ۽ بيچ وارو سڄو حصو رهجي ويو، پر اهي ايندڙ ڏينهن 12:30 ائين گھمڻ جو ٽائيم بچيل هو جو اسان جي ٽڪيٽ 24 ڪلاڪ جي هئي ۽ 24 ڪلاڪ ٻي ڏينهن 12.30 تائين پورا ٿين هان. سو ايندڙ ڏينهن اسين سوير اٿي سٽي بس مان گھمندي ڪروز اسٽاپ، سينٽ جارج اسٽاپ جتي مشهور قلعو فوٽ ڪارنيولس به آهي اهو ڏسندا، بلو مينسن ۽ ڪيلاوي کي بس مان ئي ڏسندا هن بس جي اسان لاءِ آخري پر بس جي پهرين اسٽاپ گرني ڊرائيو تي اچي لٿاسين.

باتو فرنگي بيچ
بيچ روٽ ڏانهن ويندڙ بس ۾ چڙهي پياسين ته بس ٽڪيٽ چيڪر هتي اسان جي ٽڪيٽ چيڪ ڪئي جنهن ۾ اڃا اسان جا 2 ڪلاڪ هئا جو ان وقت تي 10:10 ٿي رهيا هئا ۽ اسان کي 12:30 تائين ٽائم هو، اسان کي هن روٽ تي صرف هڪ پوائنٽ باتو فرنگي بيچ تي لهڻو هو، جيڪا مشهور اسپاٽ آهي. اهو به سوچيو هو ته واپسي ۾ دير ٿي ته ان ئي بس ۾ هڪ اسٽاپ تي لهڻ واري ٽڪيٽ وٺنداسين. جيڪا چڙهڻ کان پوءِ ڪنهن به هڪ اسٽاپ تي لهڻ سان ختم ٿئي ٿي، جنهن جي قيمت 13 رنگٽ آهي. پر اهو بعد ۾ مون کي مونجهارو ٿيو ته جي اسين هڪ اسٽاپ ته گرني ڊرائيو تي ضرور لهنداسين ائين نه ٿي جو اتي ئي 13 رنگٽ پورا ٿين ۽ وري ڪلين جيٽي اسٽاپ تي وڃڻ لاءِ سٽي روٽ واري بس ۾ چڙهڻ جا ٻيا 13 رنگٽ ڏيڻا پون، پهرين اها پڪ ڪري چڙهڻ جو سوچي ويٺم پر واپسي ۾ عابده هڪ يورپين گروپ کي پنانگ جي لوڪل بس ريپڊ پنانگ ۾ چڙهندو ڏسي چيو ڪيڏا نه هي هوشيار آهن جو هتي جي لوڪل بسن ۾ چڙهي پيا پيسا به بچائين ۽ وقت به. مون کي به ڳالهه سمجهه ۾ آئي ته جي ڪلين جيٽر وڏي ۾ وڏو بس اسٽاپ جيڪو اسان جي هوٽل ڀرسان آهي ته ضرور هتان ويندڙ لوڪل بسون اتي وينديون هونديون، سو اتي لڳل بورڊ تي بس جا روٽس پڙهڻ لڳس ته اتان گذرندڙ هڪ بس ڪلين جيٽز ته نه پر لٽل انڊيا واري بس اسٽاپ لکيل نظر آيو. سو مون عابده کي چيو پاڻ به هن لوڪل بس ۾ ٿا هلون، پر ڳالهه اها آهي جو اسان کي ٻار آهن ان ڪري محفوظ سفر ٿا ڪريون نه ته انهن گورن جيترا هوشيار پاڻ به آهيون اهڙي ڳالهه نه آهي. جنهن تي هوءَ کلڻ لڳي ۽ چيو ته بس ۾ في الحال ڪونه ٿا چڙهون، پهرين لنچ ڪرڻو آهي، هوٽل باتون فرنگي کان پنڌ ڪري ميڪڊونالڊ آياسين. لنچ ڪري لوڪل بس ۾ ويٺاسين ۽ ان کي لٽل انڊيا جو ٻڌايو ٽڪيٽ صرف هڪ رنگٽ 90 سينٽ ۾ پئي، ٻه ٽڪيٽون وٺي ويهي رهياسين، ائين ان بس جي روٽ ۾ وچ تي مسجد پاڪستان به آئي، جنهن جا مون بس مان ويٺي ڦوٽو ڪڍيا جنهن جي مون کي خبر نه هئي ته ڪا پنانگ ۾ به مسجد پاڪستان آهي، ائين مسجد پاڪستان جي ڀرسان ئي چين جي عظيم رهنما ڊاڪٽر سن يات سين جو ميموريل نظر آيو جنهن کي به بس مان ڏٺو. حالانڪه هن ميموريل جي خبر هئي ته پنانگ ۾ آهي ۽ گھمڻ جي خواهش پڻ هئي سان پوري ٿي. بس شهر لتاڙيندي اچي جارج ٽائون ۾ پهتي ۽ لٽل انڊيا اچڻ شرط اسان سمجهي وياسين ته ڊرائيور به اسان کي هوشيار ڪرڻ لاءِ لٽل انڊيا چيو، ۽ اتان اسان لهي پنڌ ئي پنڌ پنهنجي هوٽل تي پهتاسين. جيڪو ڀرسان ئي هو، ائين هن ڏينهن هوٽل تي اچڻ مهل تقريباَ 4:30 ٿي رهيا هئا، ڪجهه دير آرام ڪري 7 بجي اٿياسين ۽ ڪلين جيٽز وڃي پنانگ ڦيري جو يادگار سفر ڪيوسين، جنهن جو ذڪر پهرين ڪري آيو آهيان. اسان کي باتو فرنگي بيچ مزو ڪونه آيو، عابده چيو پئي ته هن کان ته ڪراچي جي بيچ بهتر آهي. عابده هر هنڌ ائين ئي چوندي آهي چائنا جي چندائو شهر جي بيچ تي ائين ئي چيو هيائين ته وري ملائشيا جي پورٽ ڊڪسن ۽ ملاڪا جي بيچ تي به ۽ هتي پنانگ جي باتو فرنگي بيچ تي به ساڳئي راءِ ڏنائين. حالانڪه هتي پاڻي ٿورو ميرو ضرور هو پر ڪنارو بلڪل صاف سٿرو هو، ٻيو وري هتي پيراشوٽ بوٽ ۽ اسڪوٽنگ به هئي جيڪا ڪراچي ۾ ته ڪانه هوندي آهي پر اسان جي لاءِ هي وندر وارين شين جو هجڻ ڪنهن ڪم جو نه هو، جو اسان انهن تي ڪونه چڙهياسين. البته تصويرون گھڻيون ڪڍيوسين، ٻيو فرق اهو هو ته هتي انگريز نيم اگھاڙا به ڪافي هئا، جيڪي ڪراچي ۾ نه هوندا آهن، ائين ٻه گورا جوڙا جيڪي سمنڊ ڪنارا اونڌا ضرور ليٽيل هئا پر ڪتاب به هٿين ۾ هئين جيڪي وقفي وقفي سان پڙهي رهيا هئا. حسنين هن بيچ تي تمام گھڻو کيڏيو جو سندس کي بيچ ٽوائز وٺي ڏنا هيا، باقي رباب بيچ تي نه جو نه لٿي جو واري ۾ سندس پير خراب ٿي رهيا هئا، ته روئي رهي هئي.
اسين واپس باتو فرنگي هوٽل مان وچان ڪراس ڪري روڊ تي آياسين جو هي هوٽل روڊ جي ٻنهي پاسن ڏانهن آهي ۽ ٻنهي بلنڊگس کي روڊ مٿان پل ذريعو ڳنڍيو ويو آهي، هوٽل جي لان ۾ سوئمنگ ۽ ڀرسان لڳل ڪرسين تي يورپي ۽ عرب نظر آيا ۽ ڪافي يورپين کي ڪتاب پڙهندي يا ليپ ٽاپ استعمال ڪندي اس ۾ ليٽيل ڏٺو، ائين پنانگ ۾ سفر جو هيءُ ڏينهن باتو فرنگي بيچ جي ڪري نه پر پنانگ ڦيري ۾ سفر ڪرڻ طور يادگار رهيو. رات جي ماني اسان جارج ٽائون ۾ مصطفيٰ هوٽل تي کاڌي ۽ اچي سمهي رهياسين.

يونيورسٽي سائنس ملائشيا ۾ دوست امير ٻُرڙي ڏانهن وڃڻ
پنانگ ڏانهن سفر جي پنجين ڏينهن ۽ پنانگ ۾ ٺيڪ چوٿين ڏينهن اسان جي واپسي هئي، جنهن ڏينهن مون يونيورسٽي سائنس ملائشيا گھمڻ جو پروگرام ٺاهيو هو. اسان جو دوست امير علي ٻرڙو فيملي سميت يونيورسٽي اندر ڪواٽرس ۾ رهيل هو، ان سان رابطي ۾ هيس. ان منجهد جي ماني به ڪئي هئي سو صبح جو اٿي ڪري 12 ڌاري هوٽل تان چيڪ آئوٽ ڪري، هوٽل واري کي ئي ٽيڪسي گھرائڻ جو چيو. جنهن ٽيڪسي واري کي فون ڪري گھرايو ۽ 30 رنگٽ ڪرايو ٻڌايو. جيڪو ٽيڪسي وارو آيو اهو به تامل انڊين هو، وار ٻنهي پاسن کان ڪوڙيل، صرف وچ تي وار هيس، سي به گلابي ۽ ڳاڙهي رنگ جا، ڪنن ۾ واليون پاتل ٻانهن ۾ وڏو لوهو ڪنگڻ، پڪو هالي ووڊ فلمس جو گينگ سٽر پئي لڳو، همراه اسان جو سامان کڻي ڊگيءَ ۾ رکيو ۽ اسان کان يونيورسٽي ۾ اندر جي ايڊريس پڇي ته ڪهڙي جڳهه ته وڃڻو آهي پوءِ چيائين ته گيٽ تان هلي پڇا ڪنداسين، ڪواٽر جو ڪو مسئلو نه آهي، ائين همراه ڏسڻ ۾ جيڪو غنڊو پئي لڳو ڳالهائڻ صفا سٻاجهو، اسان کان پنانگ گھمڻ جو پڇيائين. اسان چيو گھمي ڇڏيو اڄ واپسي آ، رستي ۾ ڪجهه پوائنٽ گھمڻ وارا آيا ته ٻڌايائين. ائين وري سمنڊ ڪناري تي رهندڙ چائنيز ماڻهن بابت پڇا ڪيائين ته توهان اهي گھي ڏٺا. مون چيو نه اوڏانهن ڪونه ويا آهيون، ته چيائين اهي گھر گھمڻ وٽان آهي، جتي سمورا گھر چينين جا آهن. حالانڪه سمورا گھر اڳي ئي ورلڊ هيريٽيج ۾ شامل آهن پر هي چائنيز نه ٿا خالي ڪن جو ٽوئرسٽ اچن ٿا ۽ هي پيسو ڪمائن ٿا ۽ توهان کي خبر آهي ته چائنيز پيسا ڪمائڻ لاءِ ڪيڏي محنت ڪندا آهن. واقعي به سمنڊ جي مٿان ٺهيل ڪاٺ جي گھرن ۾ ٻارن سميت رهڻ ڪيڏو خطرناڪ هوندو پر هنن کي پرواه نه آهي، رهيا پيا آهن، ائين ٽيڪسي 20 کان 25 منٽ اندر يونيورسٽي اندر داخل ٿي، گيٽ تي ڪواٽرس جي ايڊريس ڊرائيور پڇي، ۽ اندر آيو پر حسنين اوچتو الٽي ڪري ڇڏي، همراه گاڏي روڪي پاڻي جي بوتل ۽ ٽشو کڻي بيهي رهيو، چيائين ڪا ڳالهه نه آهي، ٻارن سان اهو مسئلو ٿيندو آهي، مون گاڏي خراب ٿيڻ تي معذرت ڪئي ته چيائين ڪو پرابلم نه آهي آءٌ گاڏي صاف ڪري ڇڏيندس ٻار ائين ڪندا آهن. پوءِ چيائين اڳي گھٽي هوندي جتي توهان کي وڃڻو آهي. مون چيو بس هتي بيهون ٿا، مان دوست کي فون ڪريان ٿو، هو اچي ويندو، نه ته حسنين گاڏي ۾ وري پريشان نه ٿي، هن وري ڪنفرم ڪيو ته توهان دوست کي فون ڪيو، مان واقعي نڪران. مون چيو ها توهان جي مهرباني ائين هو ويو ڊرائيور جي گيٽ اپ ۽ سندس ورتاءَ ۾ ڏينهن رات جو فرق هو. پنانگ ۾ هي اسان جو پنجون تجربو هو ٽيڪسي جو ۽ سڀ انڊين ئي مليا هئا، سڀني جو رويو تمام زبردست جيڪا غير معمولي ڳالهه هئي جو ڪولالمپور ۾ ٽيڪسي وارا نه سامان ۾ هٿ وجهن نه وري ڪو ڪچهري ڪن سواءِ ڪجهه پوڙهن انڊين ۽ ملئي ڊرائيورن جي. امير علي کي فون ڪيو ته ٻن منٽن ۾ اچي ويو، سندس گھر لنچ ڪري ان سان گڏ يونيورسٽي گھمي تقريباَ سندس گھران 5 بجي ڌاري نڪتاسين، هن اسان لاءِ اُبَرِ ڪار گھرائي ۽ ٻڌايائين ته هو اڪثر اُبَرِ ئي استعمال ڪندو آهي جيڪا کيس سستي پئي ٿي، اهو به چيائين ته توهان کان ٽيڪسي واري هيستائين 30 رنگٽ ورتا هوندا، پر اُبَرِ جي ڪار ڪيو ها ته 10 کان 12 رنگٽ خرچ ٿين ها. اسان لاءِ به بس اسٽاپ سنگائي نبونگ وڃڻ لاءِ ابر گھرايائين ۽ ٻڌايائين ته اڄ سندس لاءِ اُبَرِ طرفان فري رائيڊ آهي. توهان ڊرائيور کي پيسا نه ڏجو فري ۾ هوندي. گاڏي ته وڏي هئي ۽ ڊرائيور عرب هو، جيڪو ضرور هتي نوڪري يا بزنس ڪندو هوندو ۽ اُبَرِ ڊرائيور طور به ڪم ڪندو هوندو، جنهن کي جڏهن ٻڌايوسين ته اسان جو ننڍڙو الٽي ڪري سگھي ٿو، ان ڪري گاڏي جا پويان شيشا هيٺ ڪري ڇڏيو، قدرتي هوا ۾ الٽي ڪونه ڪندو پر ايئر ڪنڊيشن ۾ ڪري سگھي ٿو ته چڙي پيو ۽ يڪدم ڪاوڙ ۾ چيائين ته پوءِ ٽرين يا بس ۾ ڪيئن سفر ڪندا آهيو اتي به ته اي سي هوندو آهي، مون چيو نه هن کي ڪار ۾ پرابلم ٿيندو آ ته بدتميزيءَ سان چيائين انوکو ٻار آهي، جنهن ته آءٌ ڪو جواب ڏيان عابده پهرين چيس ته ها انوکو ٻار آ، توهان شيشا کوليو وڌيڪ نه ڳالهيو، جنهن تي هن نه فقط پويان پر اڳيان شيشا به کوليا ۽ گاڏي جي اي سي به بند ڪري ڇڏي. حالانڪه اڪثر ڊرائيورن کي چوندا آهيون ته هو پويان هڪ شيشو کوليندا آهن ۽ اي اسي به آن رکندا آهن پر هي همراه جيئن ته ڪاوڙ ۾ هو، سو اي سي کڻي بند ڪيائين. ائين اسان بس اسٽاپ تي خاموشي سان اچي لٿاسين ته ڊگي کولي بيگ ڪڍڻ لاءِ چيائين اها مون کنئي ته چيائين فري رائڊ هئي توهان وڃون، مون چيو ٺيڪ مون کي دوست ٻڌايو هو، مون کيس خداحافظ ڪيو ته موٽ ۾ پاڻ به خدا حافط چيائين. بس اسٽاپ اندر آياسين ته هڪ ڊبل ڊيڪر بس جيڪا هيٺان ۽ مٿين منزل سميت ڀريل هئي، ان جي ڀرسان ٻه همراه آيا ته بس تيار آهي ڪولالمپور لاءِ، مون چيو اسين نائيس ڪوچ ۾ وينداسين ته هڪ همراه چيو اها رات 11 بجي ويندي. مون چيو نه نائيس جو ٽائيم 6 آهي، ته هڪدم هليو ويو، ۽ ٻي همراه چيو ته نائيس جي ٽڪيٽ آهي توهان وٽ؟ مون چيو نه آفيس ٻڌايو، ته چيائين مٿي آهي، هلو آءٌ توهان کي ڏيکاريان ٿو ائين مٿي چڙهياسين ۽ هن همراه نائيس بس جي آفيس جي ڀرسان اسان کي ڇڏي پاڻ واپس ٿيو. نه آفيس وارن کي ٻڌايائين نه اسان کان ڪا فرمائش ڪيائين. هي اسٽينڊ بهترين ٺهيل هيو هيٺ گاڏيون بيهڻ جي جڳهه، مٿي آفيسون به ته کاڌي پيتي جا هوٽل ۽ دوڪان به ته واش روم به صاف سٿرا هئا ۽ سڄي جي سڄي منزل سينٽرل ايئر ڪنڊيشنڊ. مون عابده جي صلاح موجب 2 ٽڪيٽون ورتيون جو ايندي 3 ٽڪيٽون ته ورتيون هيون پر اڪثر سيٽون خالي هيون ٻيو وري حسنين اسان کان الڳ ته ويٺو به ڪونه هو، سو ائين 2 ٽڪيٽ وٺي پوري 6 وڳي 10 کان 15 مسافرن سان ڪوچ پنانگ مان هلي. نه ڪنهن ٽڪيٽ چيڪ ڪئي نه ڪنهن جو بس انتظار ڪيو، ۽ اسان کي تقريباَ يارنهن بجي ڌاري ڪي ايل سينٽرل اسٽيشن پهچايائين.، جتان اسان ايل آر ٽي ٽرين ذريعي تمن ميلاتي اسٽيشن آياسين جتان کان ٽيڪسي ڪري گھر پهتاسين ته 12 ٿي رهيا هئا. ائين اسان لاءِ پنانگ جي تاريخي شهر جو شاندار علمي ۽ تفريحي سفر اختتام پذير ٿيو.