سفرناما

سِڪ سڄڻ يار جي

”سڪ سڄڻ يار جي“ اصل ۾ 1956ع ۾ پنڌ ڪيل حج جو سفرنامو آهي جنهن جو ليکڪ حاجي عبد الڪريم سنگهار آهي.
هي ڪتاب 2016ع ۾ سچائي اشاعت گهر دڙو پاران ساحل پرنٽرز وٽان ڇپايو ويو آهي. ٿورائتا آهيون مور ساگر ۽ يوسف سنڌيءَ جا جن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
Title Cover of book سِڪ سڄڻ يار جي

ڏات ناهي ذات تي، جو وهي، سو لهي...!

آئون جڏهن 1999ع ۾ ٻگهاڻ ويو هوس ته اوتي مون وڃي هڪڙو نئون جهان ڏٺو هو. منهنجي نياڻي ليليٰ بانو، جيڪا ليڊي هيلٿ وزيٽر آهي، تنهن جي بدلي ٻگهاڻ جي رورل هيلٿ سينٽر ۾ ٿي هئي ۽ آئون ساڻس گڏجي وڃي اسپتال جي اسٽاف لاءِ ٺهيل سرڪاري ڀڳل ٽٽل ڪوارٽر ۾ رهيو هوس. آئون ٻه سال کن اتي رهيو هوس پوءِ منهنجا ڇوڪرا پنهنجي ڀيڻ سان گڏ رهندا هئا. انهن ٻن سالن دوران مون هڪڙو ناول ”لڙڪن آجا نيڻ“ لکيو ۽ ڪيتريون ڪهاڻيون به لکيون ته ساڳئي وقت پنهنجي آتم ڪٿا ”پيهي جان پاڻ ۾“ جي پهرئين ڀاڱي تي به گهڻو ڪم ڪيو هو. انهن ٻن سالن دوران مون کي ڏاڍا بهترين دوست مليا. جن ۾ آدم جا نيارو، محمد حنيف جانيارو، حبيب الله جانيارو، ابراهيم گُلڙي ۽ ٻيا کوڙ سارا دوست شامل هئا. خاص طرح سان محترم سائين غلام حسين گلڙي، جنهن سان اڳتي هلي فيميلي ٽرمس به ٿي ويا. خصوصاً سندس هڪ نياڻي، جيڪا منهنجا ڪتاب ڏاڍي شوق ۽ دلچسپيءَ سان پڙهندي هئي ۽ مونکي پنهنجو ٻيو بابا چوندي هئي ۽ اُن ڳالهه تي فخر ڪندي هئي ته ”گهڻن ماڻهن کي هڪڙو به ڀائيندڙ بابا ڪونه ملندو آهي، پر آئون ڏاڍي خوش قسمت آهيان جو مون کي ٻه بابا پر تمام گهڻو ڀائيندڙ بابا مليا آهن. ”هُن وڪيل ٿيڻ چاهيو، سائين غلام حسين گُلڙي پڙهيو لکيو ۽ سُلجهيل ذهن رکندڙ هڪ ٻاجهاري انسان سان گڏ هاءِ اسڪول جو استاد پڻ آهي، تنهن پنهنجي پياري ڌيءَ کي اڳيان نڪرڻ جا خوب موقعا فراهم ڪيا، پر حياتيءَ سندس نياڻيءَ سان وفا ڪانه ڪئي ۽ هوءَ پنهنجا خواب پاڻ سان کڻي هيءُ جهان ئي ڇڏي ويئي.
اُن سائين غلام حسين گُلڙيءَ ڪجهه مهينا اڳ مون سان موبائيل فون تي رابطو ڪيو، چائين ته، ”اسانجو هڪڙو بزرگ دوست آهي جنهن 1956ع ۾ پيادل وڃي حج ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪئي هئي، جڏهن هُو صرف 22 سالن جو نوجوان هو، مون کيس چوري چوري اِن ڳالهه تي آماده ڪيو ته هُو پيادل حج وڃڻ وارو سفرنامون لکي، سال ڏيڍ جي مٿا ڪُٽ کان پوءِ هُو مس مس راضي ٿيو ۽ 2015ع ۾ سفرنامون لکيو اٿس. سفرنامون ڏاڍو دلچسپ آهي، منهنجو پنهنجو خيال آهي ته اهو سفرنامون آئون پاڻ پنهنجي خرچ تي ڇپرايان. اِن سلسلي ۾ تون اسان جي مدد ڪر، مسودي کي ڏس، جيڪي به ڪميون پيتيون هجن، تن کي درست ڪر ۽ اسان کي ڪتاب ڇپرائي ڏي.“ توڙي جو مصروفيت ۽ صحت اهڙي اجازت ته ڪانه پئي ڏني، پر سائين غلام حسين کي انڪاري جواب ڏيڻ جي به پاڻ ۾ جرئت ساري نه سگهيس، کيس چيم ته ”آئون هفتي کن ۾ ٻگهاڻ ايندس، مسودو مون کي ڏيکارجانءِ، پوءِ باقي فيصلو اتي ڪنداسين.“
سائين غلام حسين کي اڳواٽ اطلاع ڏيئي، آئون ٻگهاڻ ويس، ٻئي ڏينهن هُو مسودو کڻي آيو. رات جو مون ويهي مسودو پڙهيو، مسودو ته پڙهيم ۽ مون کي وڻيو به ڇو ته سفرناما آئون ڏاڍي دلچسپيءَ سان پڙهندو آهيان. الطقف شيخ جا سفرناما پڙهي پڙهي ته وڏا ٿياسين. عبدالحئي پليجو صاحب جا سفرناما، يوسف سنڌيءَ سميت تمام گهڻن سنڌ، ملڪ ۽ دنيا جي دوستن جا سفرناما پڙهياسين. ڪن ٿورو، ڪن گهڻو ۽ ڪن ته تمام گهڻو متاثر ڪيو، اڃان به سفرنامن پڙهڻ واري دلچسپي برقرار آهي. سو جڏهن هيءُ سفر نامو پڙهيم جيڪو هڪڙي اهڙي شخص لکيو آهي، جيڪو سنڌي پرائمريءَ جا صرف 3 درجا پڙهيل آهي ۽ سي به 1950ع کان اڳ ۾ پڙهيل آهي. جيڪو اوڏي مهل هڪ غريب ماڻهو ۽ مال جو دراڙ هو. نوجوان ڇوڪرو هو. يتيم ٻار هو. جنهن کي مال چاريندي، ويٺي ويٺي، اوچتو دل ۾ ”سِڪ سڄڻ يار جي“ (صلم) جاڳي ۽ هُو حج پڙهڻ، وڃڻ لاءِ تيار ٿي ويو هو. تڏهن منهنجا تاڪ لڳي ويا.
ٽئي ڏينهن ٻگهاڻ مان منهنجي پنهنجي ڳوٺ لاءِ واپسي هئي، گاڏي به تيار هئي ۽ ڊرائيور به موجود بيٺو هو. آئون پنهنجي ڇوڪري ساحر پرويز سان گهرو معاملن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪري رهيو هوس، ته هڪ نوجوان موٽر سائيڪل آڻي منهنجي پاسي ۾ بيهاري ۽ پٺيان ويٺل هڪڙو اڇي ڏاڙهيءَ وارو بزرگ لهي مون وٽ آيو ۽ سلام واري چيائين ”پرويز صاحب توهان آهيو؟“ چيومانس ”جي، ها“ چيائين ”آئون حاجي عبدالڪريم سنگهار آهيان“ آئون، جيڪو ڪرسيءَ تان ته پهرين ئي اٿي بيهي رهيو هوس، سو وي وڃي کيس ڀاڪر پائي مليس، پوءِ اڌ ڪلاڪ ويهي رهياسين، مون کيس سٺو سفرنامون لکڻ تي مبارڪ باد به ڏني ۽ کيس يقين ڏياريم ته لکيل مسودي ۾ منهنجي حصي جو جيڪو به ڪم هوندو، سو آئون مڪمل ڪري خوشي محسوس ڪندس، اسانجي ملاقات فيبروري 2016ع جي پهرئين هفتي ۾ ٿي هئي.
ڳوٺ اچي مون مسودو پڙهيو، هڪ ڀيرو، ٻه ڀيرا ۽ پوءِ الاجي ڪيترا ڀيرا...! اکر ننڍڙا ۽ سنهرا، گرامر ۽ پنڪچوئيشن جو نالو نشان به نه، ڇا جون پهرائون ڇا جا باب! بس جيئين همراهه گهران نڪتو، تيئن ساڳئي دم (دم جي نشاني (؟؟) ۾ واپس حج پڙهي اچي گهر پهتو، سندس لکيل هٿ اکرن سان 88 صفحن جو مسودو، جنهن ۾ نه هاشيو ڇڏيل، نه پني جو ٻيو پاسو خال ڇڏيل، سٽون هڪ ٻئي تي چڙهيون پيون هيون. درستي ڪجي به ته ڪيئن ڪجي! هاڻ ڇا ڪجي!؟ بس پوءِ ايئن ٿيو جو فيبروري ۽ مارچ 2016ع جي ٻن مهينن ۾ نه ته مون ڪا هڪ نئين ڪهاڻي لکي، نه ٻن ناولن جو پيل مواد فيئر ڪري سگهيس ۽ نه ئي ڪو ٻيو ڪم ڪري سگهيس. بس جيڏي مهل به لکڻ تي ويهان ته ”سِڪ سڄڻ يار جي صلعم“ ۾ گم ٿيو وڃان. پهريائين ٻه ٽي ڀيرا مسودي کي درست ڪيم ۽ پوءِ فيئر ڪيم، اُن هوندي به ممڪن آهي ته ڪٿي چڪون رهجي ويون هجن. هاڻي رهجي ويل غلطين ۾ چُڪِن ۽ گهٽ وڌائين جو ذميوار لکيڪ نه، پر آءٌ پاڻ آهيان، تنهن ڪري انهن لاءِ اڳواٽ ئي معذرت خواهه آهيان. اپريل 2016ع جي پهرئين هفتي ۾ سائين غلام حسين کي اطلاع ڪيم ته مون پنهنجو ڪم مڪمل ڪري ورتو آهي ۽ سچائي اشاعت گهر دڙو جي پبلشر محترم يوسف سنڌيءَ سان به تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي چڪي آهي. هاڻي توهان حاجي عبدالڪريم سنگاهر جي تفصيلي تعارف سان گڏ مواد متعلق به ڪجهه لکي موڪليو ته ڪم شروع ڪرائجي، کانئس اجازت ملڻ تي مواد يوسف سنڌيءَ جي حوالي ڪري پوءِ ئي 10 اپريل 2016ع تي ٻئي پاسي لؤنڻو ڦيريم.
جيستائين سفرنامي جو تعلق آهي ته مون هيءَ حقيقت چٽيءَ طرح محسوس ڪئي آهي ته گهڻُ لکيل پڙهيل، گهڻي سمجهه، ڄاڻ ۽ شعور رکندڙ ماڻهوءَ جي لکڻين جو ڏانوِ ۽ مزو پنهنجو هوندو آهي. پر تمام گهٽ پڙهيل ۽ تمام گهٽ ڄاڻ رکندڙ ماڻهوءَ جي لکت ۾، جنهن کي اُها لکڻي لکڻ کان اڳ ۾، اِها خبر به نه هجي ته ڪو آئون به هي سفرنامون لکندس، جيڪو مزو آهي، اُن جي ڪيفيت ۽ سرور ئي نرالو آهي. حاجي عبدالڪريم سنگهار صرف 3 درجا سنڌيءَ جا پڙهيل آهي. ۽ جيستائين سال 2015ع ۾ سائين غلام حسين گلڙيءَ چوري چوري کيس سفرنامو لکڻ تي آماده ڪيو، تيستائين کيس پڪ ته ڇا، خبر ئي ڪانه هئي ته ڪو هُو به ڪتاب لکي سگهي ٿو! ۽ جڏهن لکيو اٿس، تڏهن خوب لکيو اٿس. پاڻ 1956ع ۾ حج پڙهڻ ويو هو. ۽ سفرنامون لکيو اٿس 2015ع ۾، يعني تقريباً سٺ سالن کانپوءِ پاڻ جڏهن حج تي ويو هو، تڏهن 22 سالن جو خوبرو ۽ ٺاهوڪڙو نوجوان هو ۽ اڄ هو 82 سلان جو بزرگ آهي. لیکن آج بھی کھنڈرات بتا رہے ہیں کہ عمارت اچھی تھی۔ سٺ سال پراڻيون ڳالهيون، واقعا، وارداتون، گس پنڌ، شهرن جا نالا، مختلف ملڪن جون حدون، ماڻهن سان ميل جول، ماڻهن جا رويا، عربي لباس اختيار ڪرڻ، عربي ٻولي سکڻ، لکڻ، پڙهڻ ۽ ڳالهائڻ ۽ ٻيون تمام گهڻيون شيون ياد رکڻ ۽ انهن کي هڪ خوبصورت انداز ۾ بيان ڪرڻ ۽ لکڻ وڏو ڪمال آهي. چون ٿا ته منهنجو ڏاڏو حاجي عمر به ٻه سؤ روپيه کڻي پيادل حج پڙهڻ ويو هو هُو منهنجي ولادت کان اڳ ئي گذاري ويو هو. پر مون ڪڏهن به بابا جي زباني يا منهنجن ٻن چاچن جي زباني ڏاڏا جو حج وڃڻ وارو ذڪر ڪونه ٻڌو هو. شايد ڏاڏا مرحوم پنهنجي سفر جو احوال اهڙي دلچسپ انداز ۾ نه ٻڌائي سگهيو هجي، جو ماڻهو ان کي ياد رکن ۽ ٻين تائين منتقل ڪن، بهرحال حاجي عبدالڪريم سنگهار پنهنجي سفر دوران شين، واقعن ۽ لقائن کي جنهن گهرائپ سان ڏٺو، محسوس ڪيو ۽ سٺ سالن کان پوءِ قلمبند ڪيو، اِهو وڏوڪارنامو آهي.
هيءُ جديد دؤر آهي، هينئر سفر جون سڀ سهوليتون موجود آهن. هر سال لکين ماڻهو، حج ۽ عمره جي سعادت هاصل ڪرڻ لاءِ رڳو پاڪستان مان سعودي عرب وڃن ٿا. هوائي جهاز ذريعي جده ۾ لهن ٿا ۽ پيڪيج جي بسن ۾ پهريائين مڪي شريف ۽ پوءِ مدينه منوره ۾ زيارتون ڪن ٿا. فرض ۽ سنتون ادا ڪن ٿا. مهيني سوا ۾ موٽي اچن ٿا. ايئرڪنڊيشنڊ هوٽلن ۾ رهائش هجي ٿي. زيارتن ڪرڻ لاءِ به اُتي گهٽ ۾ گهٽ سواري يعني ٽوڊي ڪار ۾ وڃن ٿا. پاڻ سان گڏ منرل واٽر ۽ جوسن جون بوتلون کڻن ٿا. پنهنجي پسند جي هوٽل ۾، پسند جا طعام کائن ٿا. لکن جون خريداريون ڪن ٿا. ۽ موٽي اچي آجيان ڪندڙن کان هار ۽ اجرڪون وصول ڪن ٿا. ساڳئي نموني ۾ آئون به سال 2013ع جي مارچ جي 11 تاريخ ڪراچي مان پنهنجي زال ۽ وڏي ڌيءَ سان عمره ڪرڻ ويو هوس ۽ 1 اپريل 2013ع تي واپس اچي ڪراچي ايئرپورٽ تي لٿو هوس. آئون ته پڙهيل ڪڙهيل هوس. ساڳئي وقت لکيڪ پڻ پر مڪي شريف ۾ حرم پاڪ، ڪعبة الله شريف، صفا مروا غارِ ثور، غارِ حرا، منيٰ جو ميدان، رحمت جبل، عرفات جو ميدان، شيطان جي جاءِ ۽ مدينه منوره ۾ حصور سائين صلعم جن جي روضي مبارڪ، مسجد نبوي ۽ ٻين جاين جي زيارت ڪري پيڪيج ختم ٿيڻ مهل روبوٽ وانگر بسن ۽ جهاز ۾ن مقرر وقت تي واپس اچي ٺڪاءُ ڪيوسين. انهن پاڪ جاين، ماڳن ۽ مڪانن جي زيارتن مان ڪير ڪيترو ٿو روحاني سڪون حاصل ڪري سگهي، اُهو سندن دلين ۾ موجود عقيدت ۽ لڳاءَ تي منحصر آهي. باقي سفرنامي لکڻ مهل، سفر دوران پيش ايندڙ لقائن جو ذڪر هرڪو ماڻهو ٻڌل ۽ ڏٺل معلومات جي بنياد تي ڪندو آهي. يا زباني طرح به هاصل ڪيل معلومات مطابق انهن شين جي باري ۾ ٻڌائي سگهندو آهي. حاجي عبدالڪريم سنگهار کي اتي جي شين متعلق وڌيڪ ڄاڻ حاصل ڪرڻ جا ٻه سبب هئا، جن کيس شين کي ويجهڙائيءَ کان ڏسڻ ۽ سمجهڻ ۾ مدد ڏني. هڪڙو سبب هو سندس عربي لباس ۽ ٻيو سبب عربي ٻولي ڳالهائڻ ۽ سمجهڻ هو. سامونڊي سفر توڙي خشڪيءَ جي سفر دوران، پوءِ خشڪيءَ جو سفر پيرين پنڌ جو هجي يا ٽرڪن تي چڙهي هلڻ جو هجي، هُن هر شيءَ جي باري ۾ اتي جي مقامي ماڻهن کان عربي زبان ۾ دلچسپ معلومات حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ۽ سٺ سالن کانپوءِ به، جيڪو ڪجهه کيس ياد هو، سو قلمبند ڪيو. اِها ڪا معمولي ڳالهه ناهي، تمام وڏي ڳالهه آهي. لاڳيتو لکڻ مهل، کائنس ڪافي ڳالهيون لکڻ کان رهجي ويون هيون، جيڪي هُن پوءِ ضميمي طور لکيون هيون. جيڪي آخري باب ۾ ڏنيون ويون آهن ۽ بنهه دلچسپ معلومات مهيا ڪندڙ آهن.
منهنجي خيال ۾ حاجي عبدالڪريم سنگهار جي هيءَ ڪوشش، يا هيءُ سفرنامون پنهنجي نوعيت جي بنهه اهم ڪوشش آهي، جنهن ۾ هُن صاحب پنهنجي محدود علم، محدود شعور جي باوجود به دلچسپيءَ جو ڪافي سامان مهيا ڪيو آهي. جيڪو يقين سان چئي سگهجي ٿو ته پڙهندڙن کي بي انتها متاثر ڪندو. آئون دعويٰ سان چوان ٿو ته جيئن ابراهيم منشي پنج درجا سنڌي پڙهيل هجڻ جي بوجود به ۽ سرويچ سجاولي ٻه ٽي درجا سنڌي پڙهيل هجڻ جي باوجود به لازوال شاعري ڪري سنڌ جي تاريخ ۾ پنهنجو اعليٰ ۽ اوچو مقام ٺاهي ويا، تيئن حاجي عبدالڪريم سنگهار، جيڪو رڳو ٽي درجا پڙهيل هو، جو هيءُ سفرنامون پڻ سنڌي ادب ۾ اهم جاءِ والاريندو. موڪلاڻي ڪانهي. گڏ آهيون.

ساٿ سلامت .... سنڌ سلامت.

15- اپريل 2016ع
پرويز
سنڌ ميڊيڪل اسٽور
ميرپور بٺورو- سجاول
سنڌ
موبائيل: 03083065201
*